ٻاراڻو ادب

ڳاڙھي لوئي

ھن ڪتاب ۾ ٻارن لاءِ پرڏيھي ادب مان چونڊ 10 ڪھاڻين تي مشتمل آھي. اشاعتي حوالي کان هي ترجما، انگريزيءَ ۾ ڇپيل ڪتابن مان مارچ 1975ع کان 1984ع تائين ٻارن جي رسالي ”گُل ڦل“ ۾ ڇپيل آهن ۽ انھن جي پنھنجي اھميت آھي. 

  • 4.5/5.0
  • 185
  • 51
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Gaa’rhi Lo’i

سڀ حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

Amarta’s Book No.75

ڳاڙهي لوئي
]ٻارن لاءِ پرڏيھي ادب مان ترجما[
مترجم: محمود مغل
ايڊيٽنگ ۽ لي آئوٽ: فقير محمد ڍول
ٽائيٽل: عرفان علي ميمڻ
ڪمپوزنگ: راز محمد لغاري
ڇاپو پھريون: جنوري 2023ع
ڇپيندڙ: امرتا پبليڪيشنس، امرتا ڇاپ گهر،
1-باسم چيمبرس حيدر چوڪ حيدرآباد
amartachhapghar@gmail.com
ڇپرائيندڙ: ڍول فقير فائونڊيشن - سنڌ
قيمت: 300.00 روپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2025ع

Gaa’rhi Lo’i
[Translations for Children]
By: Mehmood Mughal
Editing & Lay Out: Faqir Muhammad Dhol
Title: Irfan Ali Memon
Composing: Raaz Muhammad Laghari
First Edition: January 2023
Printed by: Amarta Publications Hyderabad,
Amarta Chhap Ghar, 1-Basim Chambers, Hyder Chowk Hyderabad.
Published by: Dhol Faqeer Foundation-Sindh
ISBN: 978-969-7954-38-4
Price: Rs.300.00

ارپنا

پنھنجي
والدِ محترم جيان
قبلا محمد شفيع ابڙو
’انور هالائي‘
صاحب
جي نانءِ

قدمن جي خاڪ پاران...

- محمود مغل
(پھرين جنوري 2023ع)

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار، ناول نگار، ڊراما نگار، ڪالم نگار، مترجم ۽ براڊڪاسٽر محمود مغل پاران ٻارن لاءِ پرڏيھي ادب مان ترجمو ڪيل ڪھاڻين تي مشتمل ڪتاب ”ڳاڙھي لوئي“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ھن ڪتاب ۾ ٻارن لاءِ پرڏيھي ادب مان چونڊ 10 ڪھاڻين تي مشتمل آھي. اشاعتي حوالي کان هي ترجما، انگريزيءَ ۾ ڇپيل ڪتابن مان مارچ 1975ع کان 1984ع تائين ٻارن جي رسالي ”گُل ڦل“ ۾ ڇپيل آهن ۽ انھن جي پنھنجي اھميت آھي.
ھي ڪتاب جنوري 2023ع ۾ امرتا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون سائين محمود مغل ۽ امرتا پبليڪيشن جي سرواڻ فقير محمد ڍول جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

جهيڻِي جوت جو سُھائو (اداري پاران)

’امرتا پبليڪيشن‘ پاران ٻاراڻي ادب جو هيءُ پھريون ڪتاب آهي، جيڪو پنھنجي پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪجي پيو.
ٻاراڻو ادب، ڪھڙي بہ ٻوليءَ جو هجي، اهو هر ٻوليءَ ۾ اهميت جو حامل هجي ٿو ۽ جھڙوڪر اهو ئي ادب جو بنياد يا ٿُوڻي هجي ٿو، جنھن تي سموري ادب جي ترويج ٿئي ٿي.
هڪڙي زماني ۾ سنڌي ادب، ٻاراڻي ادب جي حوالي کان تمام گهڻو شاهوڪار هو، جنھن ۾ سڀني کان اهم ڪم سنڌي ادبي بورڊ ڪري رهيو هو. بورڊ پاران ماهوار ’گُل ڦُل‘ باقاعدي پڌرو ٿيندو رهندو هو ۽ ٻارن ۾ ان جي مقبوليت بيحد و بيڪنار هئي. ’گُل ڦُل‘ جي چاهيندڙن ۾ هن فقير جو بہ شمار ٿيندو هو. ان کان سواءِ ادا اياز پاٽولي، پنھنجي اداري ’ادارهءِ گلشنِ ادب ٽنڊي محمد خان‘ پاران ٻارن لاءِ مختلف نالن سان سوَن جي تعداد ۾ رسالي نُما ڪتاب ڪڍندو هو، اسرار شام ’سنڌي ٻارڙا‘ سموري حياتي ڪڍندو رهيو، ويندي پنھنجي بيماريءَ واري حالت ۾ بہ هُن رسالو بند ٿيڻ نہ ڏنو. ويجهي ماضيءَ ۾ شبير ساگر جي ادارت ۾ ’گلڙا‘ نڪرندو هو، جيڪو پڻ سالن جا سال نڪرندو رهيو. اردو ادب ۾ تہ الاءِ ڪيترا رسالا نڪرندا هئا ۽ انھن مان ڪيئي اڃا تائين پڌرا ٿيندا رهن ٿا. ’ٽوٽ بٽوٽ‘ کان وٺي، ’نونھال‘، ’بچون ڪي دنيا‘، بچون ڪا باغ‘، ’ساٿي‘ وغيرہ وغيرہ... ’ساٿي‘ تہ بعد ۾ سنڌيءَ ۾ بہ ساڳئي اداري پاران نڪرڻ شروع ٿيو. تنھن کان سواءِ وچوواڙي وارا سنڌي ٻاراڻا رسالا بہ خاشا نڪتا، جھڙوڪ ’روشن تارا‘، ’روشن دنيا‘...
هڪڙي گُل و گلزاري هئي، سنڌي توڙي اردو ادب ۾ ٻاراڻن رسالن جي حوالي کان، پر هن مهل اهڙي گلزاري ڪونھي، خاص طور سنڌي ٻاراڻي ادب جو ڏيئو تہ ڪڏهوڪو اُجهامي چڪو آهي، بس هلڪڙي لاٽ آهي، جيڪا اڃا تائين ’گُل ڦُل‘ جي صورت ۾ جاري آهي.
ادا محمود مغل پاران ٻارن لاءِ ترجمن تي مشتمل هن ڪتاب جو اصل ڪريڊٽ بہ ’سنڌي ادبي بورڊ‘، ’گُل ڦُل‘ ۽ ان جي ايڊيٽر سائين ’انور هالائي‘ ڏي وڃي ٿو، جن جي ڪري، هُن هنن ڪھاڻين جا ترجما ڪيا ۽ اهي ترجما مستقل طور ’گُل ڦُل‘ ۾ ڇپبا رهيا.
هيءُ ڪتاب ’ڳاڙهي لوئي‘ پيش ڪندي، ’امرتا پبليڪيشنز‘ کي تمام گهڻي سَرهائي آهي تہ اسان جي اداري پاران ٻاراڻي ادب جي ڪا جوت هن ڪتاب جي صورت ۾ جلائي وئي آهي، ڀل تہ پبليڪيشنز جي هن وقت ان اڪيلي ڪتاب جي ڪري اها جوت جهڪِي ئي سھي، پر پوءِ بہ ڪا ڪوشش تہ ڪئي وئي آهي تہ هن حاضر دؤر ۾، حاضر وقت جي اُسرندڙ نسل لاءِ اهي ڪھاڻيون ڪتابي صورت ۾ گڏ ڪري پيش ڪجن پيون، جيڪي ٻہ پيڙهيون اڳي واري نسل ’گُل ڦُل‘ ۾ وقتن فوقتن پڙهيون، ٿي سگهي ٿو تہ اها پيڙهي بہ هن ڪتاب کي ڏسي، پنھنجين ٻاراڻين وَهين جا وراڪا ورائي سگهي. دراصل اهي ٻہ ڳالھيون ٿيون تہ بہ سمجهبو تہ هيءَ جهڪِي جوت بہ ڪو سُھائو ڪري وئي.
جتي بہ هجو، سُکيا سَتابا آسُودا نؤبنا ۽ آباد سلامت هجو - آمين.


فقير محمد ڍول
3 جنوري 2023ع
’امرتا پبليڪيشنز‘ آفيس
حيدرآباد

پنھنجي حصي جو ڪم (مترجم پاران)

اشاعتي حوالي کان جيتوڻيڪ هي ترجما، مارچ 1975ع کان 1984ع تائين ڇپيل آهن، پر انھن ڏهن ئي ترجمن جو هڪ وڏو جھان آهي، جيڪو منھنجي اندر ۾ برپا رهيو آهي. ياد اچيم ٿو تہ ’محترم آپا نذير ناز‘ پاران ’ناري پبليڪيشنز‘ جي بينر هيٺ هن ڪتاب جي ڇپائيءَ جو ذڪر 1985ع کان ڪيو ويو هو ۽ من اندر ۾ اها لوچ بہ هئي تہ جلد کان جلد هن کي شايع ڪجي، پر وقت ۽ بخت پنھنجي وقت جا هوندا آهن. اٺٽيھن سالن کان پوءِ اوهان جي هٿن تائين نيٺ ’ڳاڙهي لوئي‘ پھچي رهيو آهي.
ستر وارو ڏهاڪو عجيب هو. ذوالفقار علي پنھور، انعام علي ملاح، عبدالرحمان سيال، پرويز پٺاڻ ۽ محمودالحسن مغل ادب جي دنيا ۾ پير پائي رهيا هئا. ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي عمارت ’سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ‘ جي ڄڻ تہ ڀاڪر ۾ ڀريل هئي. اتي ئي علم و ادب جا وڏا نالا ’جويو صاحب‘، ’گرامي صاحب‘ ۽ ٻيا صاحبِ علم و هُنر موجود هوندا هئا. اسان بہ حاضريون ڀرڻ شروع ڪيون. منھنجي ڀاڳ ۾ ’محترم قبلا انور هالائي صاحب‘ جي شفقت لکيل هئي. هڪ والد جيان هُنن مون کي پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو ۽ مون تيزيءَ سان ’گُل ڦُل‘ ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ گڏوگڏ وڏن جي لاءِ ڪھاڻين لکڻ جي تربيت بہ کانئن ورتي.
انعام علي ملاح جلد ئي علم و ادب جي دنيا کان پاسو اختيار ڪيو، پرويز پٺاڻ بہ ڪجهہ اهڙو ئي بھتر سمجهيو ۽ ڪجهہ ڪھاڻيون لکي، پنھنجي تحقيقي پورهئي ۾ مصروف ٿي ويو. عبدالرحمان سيال ڪجهہ عرصو لکيو، پر پوءِ هُن بہ ڊاڪٽريءَ جي ميدان ۾ پير ڌريا. ذوالفقار علي، ’نياز پنھور‘ بڻجي ويو ۽ مان اهو ئي محمود رهيس. ها، محمودالحسن مغل مان ادبي نالو ’محمود مغل‘ سامھون اچي ويو.
مرحوم انور هالائي صاحب کي، منھنجي لکڻ تي بيحد ڀروسو هو. ياد اچيم ٿو تہ ناول ’هٿ ريکائن کان خالي‘ جي مھاڳ ۾ هُنن لکيو هو، ’هن نوجوان جو ادبي سفر ڊگهو لڳيم ٿو، منجهس وڏو ڪھاڻيڪار بڻجڻ جا سڀ ڪَڻا موجود آهن. اهو وقت پري نہ آهي، جو محمود، سنڌي ادب ۾ وڏو ڪھاڻيڪار شمار ٿئي.‘
سائينءَ جي دعا پنھنجي جاءِ تي، مان الاءِ وڏو ڪھاڻيڪار ٿي سگهيس الاءِ نہ... پر بھرحال هنن جي هر حڪم جي مون پوئواري ڪئي. ياد اچيم ٿو تہ پاڻ چيو هئائون تہ، ”محمود، جڏهن طبعزاد ڪم نہ ڪري سگهين تہ ترجمو ضرور ڪجانءِ، تنھنجي انگريزي ڏاڍي سٺي آهي. جيڪڏهن آمد نٿي ٿئي تہ بہ تنھنجي قلم کي بيھڻ نہ گهرجي.“
مان پنھنجي وِت آهر، ڪوشش ڪندو رهيو آهيان. جڳ مشھور آتم ڪٿا ‘Alive’ جي سنڌي ترجمي ’اسين جيئرا آهيون‘ ڪرڻ ۾ مون کي ساڍا چار سال لڳا ۽ تنھن کان سواءِ عالمي ادب جي تقريبن ٽيھارو کن ڪھاڻين جا ترجما منھنجي ڀاڳ ۾ آيل آهن.
’ڳاڙهي لوئي‘ جيتوڻيڪ ٻارن جي لاءِ آهي، پر هنن شروعاتي سِٽُن لکڻ جو مقصد اهو آهي تہ 1975ع کان 2023ع تائين اٺيتاليھن جي سفر جي شروعات انھن تحريرن کان ٿي، استادِ محترم جو سبق هنيين سان هنڍايم ۽ اڄ اوهان جي سامھون موجود آهيان. ان سرخوشيءَ سان تہ هي ترجما عالمي ادب جي حوالي کان اسان جي ٻارن لاءِ بيحد اهم آهن.
ڪريم ربُّ جلشانہ اوهان کي دامَي، درمَي، ڪرمَي، سُخنَي صرف پنھنجو محتاج رکي - آمين.


محمود مغل
3 جنوري 2023ع
’امرتا پبليڪيشنز‘ آفيس
حيدرآباد

آکاڻيون

سمنڊ جو سونُ

(انگلستان جي لوڪ ڪھاڻي)

________________________
انگلستان
انگلستان، يونائيٽيڊ ڪنگڊم جو هڪ حصو آهي، جنھن جون سرحدون، اولھہ ۾ ’ويلس‘ ۽ اتر ۾ ’اسڪاٽلينڊ‘ سان ملن ٿيون. ’آئرش سمنڊ‘ اُتر اولھہ ۽ ’ڪئلٽِڪ سمنڊ‘ ڏکڻ اولھہ ۾ گهيرو ڪيل اٿس. يورپ کنڊ کان ’نارٿ سمنڊ‘ کيس اوڀر کان ۽ ’انگلش چئنل‘ ڏکڻ کان جدا ڪري ٿو.
گاديءَ جو هنڌ: لنڊن
ايراضي: 130279 چورس ميل
سِڪو: پائونڊ اسٽرلنگ
آبادي: 55.98 ملين
سرڪاري ٻولي: انگلش ]انگريزي[
ٻيون ٻوليون: هتي ٽي سئو کان مٿي ٻيون ٻوليون بہ ڳالھايون وڃن ٿيون
________________________

انگلستان جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ هڪ ننڍڙي ڇوڪري رهندي هئي، جنھن جو نالو ’سيرينا‘ هو، هُوءَ پنھنجي نانيءَ سان گڏ رهندي هئي. سندس ناني صبح جو سويل اٿي پاڙيوارن وٽ ڪم ڪار ڪرڻ ويندي هئي. جڏهن سيرينا جي ناني گهر مان نڪري ويندي هئي تہ سيرينا پھرين گهر جي صفائي ڪندي هئي، پوءِ پنھنجي ننڍڙي گهر جي ٻاهر دروازي وٽ ويھي رهندي هئي ۽ سامھون ميدان ۾ ٻارن کي راند کيڏندو ڏسندي هئي. جيئن تہ سيرينا جي ناني هڪ غريب عورت هئي، ان ڪري کيس نڪي سٺا ۽ قيمتي ڪپڙا ملندا هئا ۽ نہ سٺو کاڌو، تنھن ڪري ٻار مٿانئس کلندا هئا.
ان ڳوٺ ۾ هڪ هاري بہ رهندو هو، جنھن جو نالو ’اوبرين‘ هو. هُو هر هفتي پنھنجي گهوڙي گاڏيءَ ۾ شھر ويندو هو ۽ ٻيا ٻار بہ ساڻس گڏ ويندا هئا. ڪن وٽ بيدا هوندا هئا. ڪن وٽ ڪا ٻي شئي. ٻار اهي شھر ۾ وڪڻي ايندا هئا. جيئن تہ سيرينا وٽ وڪڻڻ ڪاڻ ڪا شئي نہ هوندي هئي. ان ڪري هُوءَ دروازي تي بيھي اوبرين جي گاڏيءَ کي ڏسندي هئي.
هڪ ڏينھن جيئن ئي اوبرين جي گاڏي سيرينا جي در وٽان لنگهي تہ اوبرين دستور خلاف سيرينا کان پڇيو تہ ”ننڍڙي ادي، جيڪڏهن تون شھر هلي سمنڊ جو سير ڪرڻ چاهين تہ گاڏيءَ ۾ ويھي رھہ.“
سيرينا چاهيندي هئي تہ هُوءَ بہ شھر وڃي. هن ڪڏهن بہ جبلن جي پار وارو شھر نہ ڏٺو هو. ان ڪري اوبرين جي ڳالھہ ٻڌي، هن پنھنجي نانيءَ طرف ڏٺو. هن کي ڊپ هو تہ ڪٿي ناني کيس شھر وڃڻ کان نہ روڪي، مگر نانيءَ کي تہ سيرينا سان ڏاڍي محبت هئي. هن پروڙيو تہ سيرينا پاڻ وڃڻ گهري ٿي، تنھن ڪري هن کيس شھر وڃڻ جي اجازت ڏني ۽ کيس هڪ ڳاڙهو صوف، ٻہ ڪيڪ ۽ هڪ بوتل ۾ مزيدار جام ڀري ڏنو تہ متان هن کي شھر ۾ بک لڳي ۽ هوءَ پريشان ٿئي.
ٻئي شيون پنھنجي ڳاڙهي رومال ۾ ٻڌي سيرينا اوبرين جي گاڏي ۾ چڙهي ويٺي. پوءِ جڏهن اوبرين جي گاڏي ٻارن سان ڀرجي وئي تڏهن اوبرين ڳوٺ کان ٻاهر نڪري گهوڙي کي چھبڪ هنيو ۽ گهوڙو ٽاپ ٽاپ ڪندو تيزيءَ سان ڊوڙڻ لڳو. ڪجهہ دير کان پوءِ هن جي گاڏي شھر ۾ داخل ٿي وئي. اوبرين گاڏيءَ کي وڏي گهنٽا گهر جي ڀرسان بيھاريندي چيو: ”هاڻي توهان سڀ اهي پنھنجيون شيون وڪڻي اچو، مگر هڪ ڳالھہ ياد رکجو تہ جيئن ئي سج لھڻ تي هجي، توهان گاڏيءَ وٽ پھچي وڃجو.“
سڀ ٻار گاڏيءَ مان لھي پنھنجيون پنھنجيون شيون وڪڻڻ ويا. هي شھر جيئن تہ سمنڊ جي ڪناري تي هو، ان ڪري سيرينا جلد ئي سمنڊ تي پھچي وئي. پري پري تائين پاڻي نظر اچي رهيو هو، سمنڊ جي ڪناري تي ڪيترائي رنگين پٿر ۽ ڪوڏ پيا هئا. سيرينا ڪجهہ پٿر ۽ ڪوڏَ کڻي راند ڪرڻ لڳي. سيرينا کي راند ڪندي چڱي دير ٿي وئي هئي. هاڻي هن کي بک بہ ستائڻ لڳي. هن هڪ وڏي پٿر تي ويھي پنھنجو رومال کولڻ شروع ڪيو. هن اڃا رومال پورو بہ نہ کوليو هو تہ هن هڪ رڙ ٻڌي. هن چؤطرف ڏٺو تہ کيس هڪ کڏ نظر آئي. ان کڏ ۾ ٿورو سمنڊ جو پاڻي هو ۽ ان ۾ هڪ ٻارڙو پئي تريو. هن جي پوئين ڌڙ کي ڏسي سيرينا سمجهيو تہ هي سامونڊي ٻار آهي. ان ٻار جي ڳچيءَ ۾ هڪ پٿر پيل هو. هن ٻار جي نيرين اکين ۾ ڳوڙها هئا ۽ هن جا ڳوڙها ٽپ ٽپ ڪري ان کڏ جي پاڻيءَ ۾ ڪِري رهيا هئا.
سيرينا کي ڏاڍو قياس آيو. هن ٻارڙي کان پڇيو: ”ادڙا، تون ڇو ٿو روئين؟“ نينگر چيو: ”مان رات جو ان وقت هتي آيس، جنھن وقت سمنڊ جو پاڻي چڙهيل هو ۽ هي سڀ پٿر ان ۾ ٻڏل هئا. آرام جي جڳھہ ڏسي مون کي هتي ننڊ اچي وئي، پوءِ جڏهن منھنجي اک کلي تہ سج نڪري چڪو هو ۽ سمنڊ جو پاڻي هٽي چڪو هو. هاڻي مون کي سمنڊ تائين پھچڻ لاءِ پنڌ ڪرڻو پوندو ۽ مان پنڌ ڪري نہ ڄاڻان ڇو جو مون کي اوهان وانگر پير نہ آهن. هاڻي مون کي سمنڊ جا جانور کائي ڇڏيندا ۽ هوڏانھن سمنڊ ۾ منھنجي ماءُ مون کي ياد ڪندي هوندي.“ ائين چئي هو ٻار وري روئڻ لڳو.
سيرينا کي ڏاڍو قياس آيو ۽ چيائين: ”تون نہ گهٻراءِ، مان توکي سمنڊ تائين پھچائينديس.“
ائين چئي سيرينا سمنڊ جي ٻار کي پنھنجي هٿن ۾ کنيو ۽ ان کي سمنڊ ۾ اوستائين پھچايو، جيستائين سندس گوڏن تائين پاڻي ٿَي آيو. سمنڊ ۾ پھچندي ئي ننڍڙي ڇوڪر پنھنجي ڳچيءَ ۾ پيل پيلي رنگ جو پٿر لاهي سيرينا کي ڏنو ۽ چيو: ”اهو منھنجي پاران تولاءِ تحفو آهي.“
”هي تون مون کي ڇو ٿو ڏين؟ ڇا تنھنجي ماءُ ڪونہ ڪاوڙبي؟ آءٌ ان پٿر کي ڇا ڪنديَس؟“ سيرينا پڇيو.
ننڍڙي جواب ڏنو تہ ”هي پٿر نہ پر سمنڊ جو سون آهي. هي پٿر ڏاڍو قيمتي ٿيندو آهي، ان کي وڪڻي تون ڪيتريون ئي شيون وٺي سگهين ٿي ۽ اهو مان توکي ان لاءِ ٿو ڏيان جو تو منھنجي جان بچائي آهي. هي سون جيڪڏهن مان توکي ڏئي ڇڏيان تہ منھنجي امڙ ڪونہ ڪاوڙبي، ڇاڪاڻ تہ هُوءَ چوندي آهي تہ جيڪو اوهان سان نيڪي ڪري ان سان نيڪي ڪريو. تحفي ڏيڻ سان دوستي پڪي ٿيندي آهي. تون سٺي ڇوڪري آهين، ان ڪري مان توسان دوستي رکڻ ٿو گهران. آئيندي جڏهن بہ تون شھر اچين تہ مون کي سڏيندي ڪر. مان هن ئي جڳھہ تي توسان ملندس.“ ائين چئي ننڍڙو خوشيءَ کان پڇ لوڏيندو پاڻيءَ ۾ هليو ويو.
هاڻي سيرينا جيئن ئي نگاھہ مٿي ڪئي تہ ڏٺائين تہ سج لھڻ وارو آهي. هن جلدي جلدي کاڌي جون شيون رومال ۾ واپس رکيون ۽ شھر ڏانھن موٽي. جڏهن هُوءَ گاڏيءَ ۾ چڙهي، تڏهن ٻين ٻارن چيو: ”سيرينا گهر وڃڻ لاءِ ڪا شئي نہ ورتي آهي ۽ هُوءَ گهر خالي هٿين هلي رهي آهي.“
سيرينا چيو تہ، ”نہ، مان ڪانہ ٿي خالي هٿن سان نہ هلان. مون وٽ سمنڊ جو سون آهي.“
سڀئي ٻار سون کي ڏسي ڏاڍو حيران ۽ خوش پڻ ٿيا.
”هيءُ تہ ڏاڍو قيمتي آهي! تون ان مان گهڻيون شيون وٺي ٿي سگهين.“ اوبرين چيو.
گهر پھچي سيرينا پنھنجي نانيءَ کي سڄي ڳالھہ ٻڌائي ۽ سمنڊ جو سون ڏنو. سون ڏسي هن جي ناني ڏاڍي خوش ٿي ۽ پوءِ انھن جا ڏينھن سٺا گذرڻ لڳا.
سيرينا پوءِ جڏهن بہ شھر ويندي هئي. تڏهن پنھنجي سامونڊي دوست سان ضرور ملندي هئي.


(ڇپيل: ’گُل ڦُل‘ مارچ 1975ع)

ڳاڙهي لوئِي

(چيني لوڪ ڪھاڻي)

___________________________________
چين
چين، اُتر ايشيا کنڊ ۾ واقع آهي ۽ دنيا جو آباديءَ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو ملڪ آهي.
گاديءَ جو هنڌ: بيجنگ
ايراضي: 9.597 ملين چورس ميل
سِڪو: ’يوآن‘ جنهن کي رينمنبي [renminbi] به سڏبو آهي
آبادي: 1.412 بلين
سرڪاري ٻولي: مندارِن،
جنهن کي ’پوٽنگئا‘ [Putonghua] به سڏبو آهي
ٻيون ٻوليون: ڪئنٽونيز [Cantonese]، هُنانيز [Hunanese]
___________________________________

لوئي ڏاڍي سٺي هئي.
چائِي وِي، اها دڪان تي ڏٺي هئي. انھيءَ لوئيءَ کي پاسن کان ڳاڙهي رنگ جَي ٿُلھي بارڊر عجيب سونھن بخشي هئي. اها لوئي پري کان ڏسڻ ۾ ئي نرم ۽ گرم نظر اچي رهي هئي ۽ اهڙي تہ خوبصورت هئي جو دل ڏسڻ سان ڏانھنس ڇڪجي رهي هئي. چائِي وِي، پنھنجي ماءُ کي انھيءَ لوئيءَ کي هٿ لائيندي ڏٺو. هن جي ننڍڙي دل بي اختيار چاهيو تہ، ’ڪاش مان اها لوئي پنھنجي ماءُ کي وٺي ڏئي سگهان.‘
چائِي وِي جا وڏا اصل ۾ آفريڪا جا ويٺل هئا. انھيءَ ڪري چائِي وِي جا وار گهنڊيدار ۽ رنگ ڪارو هو. هو جڏهن آفريڪا مان لَڏي چين آيا تہ هن جو پيءُ بخار ۾ مري ويو. هاڻي چائِي وِي جي ماءُ، پاڙي جي ٻارن کي پڙهائيندي هئي. کيس ٻارن کي پڙهائڻ جي عيوض ۾ جيڪو اَن ملندو هو، سو وڪڻي ڪجهہ ڪپڙو وٺندي هئي ۽ ڪجهہ اَن پاڻ لاءِ رکندي هئي. هن ڀيري جڏهن چائِي وِي ۽ هن جي ماءُ خريداريءَ لاءِ نڪتا تہ هنن وٽ رڳو ماکيءَ جون برنيون هيون. ڇاڪاڻ تہ هن مھيني چائِي وِي جي ماءُ بيمار هئڻ ڪري ٻارن کي پڙهائي نہ سگهي هئي.
چائِي وِي ۽ هن جي ماءُ پيڪنگ جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ رهندا هئا. هُو هر ڀيري پنھنجي ڳوٺ جي هڪ هاريءَ چَن چُو جي ڍڳي گاڏيءَ ۾ شھر ايندا هئا ۽ انھيءَ گاڏيءَ ۾ ئي واپس ڳوٺ ويندا هئا. اڄ جڏهن چائِي وِي ۽ هن جي ماءُ شھر آيا تہ جيئن ماکي وڪڻي، اَن ۽ ڪپڙو وٺن. ان لاءِ انھيءَ دڪان تي آيون، جتي اها لوئي هڪ سھڻي شيشي جي ڪٻٽ ۾ رکيل هئي. چائِي وِي، پنھنجي ماءُ کان پڇيو: ”امان! ڇا تون اها سھڻي لوئي خريد ڪندينءَ؟“
هن جي ماءُ کيس ڏک وچان ڏٺو: ”ڌيءُ، اسان وٽ رڳو اَنَ ۽ ڪپڙي جا پئسا آهن، اسان اها لوئي نٿا خريد ڪري سگهون.“
چائِي وِي چيو، ”پر امان، توکي تہ ان لوئيءَ جي ضرورت آهي. ڏس نہ اسان کي تہ ڪو سھارو بہ ڪونھي. بابا ڪونھي جو توکي اها لوئي وٺي ڏئي سگهي. تون هي لوئي ضرور وٺ، ڏس نہ تون سياري ۾ ڇا پائيندينءَ؟“
چائِي وِي جي ماءُ وراڻيو، ”ڌيءُ، مون توکي اڳ ۾ بہ ٻڌايو تہ مون وٽ اَنَ ۽ ڪپڙي جا پئسا آهن، جيڪڏهن اسين اها لوئي خريد ڪنداسين تہ پوءِ سڄو مھينو ڇا کائينداسون“ ۽ پوءِ هوءَ دڪاندارن سان کنڊ ۽ اٽي جي اگهن جي باري ۾ ڳالھائڻ لڳي.
چائِي وِي، ٽِڪ ٻڌي انھيءَ لوئيءَ کي ڏسندي رهي. جڏهن هن جي ماءُ ڪجهہ شيون خريد ڪري ٻاهر بيٺل چَن چُو، جي گاڏيءَ ۾ رکڻ وئي تہ چائِي وِي، سرڪي دڪاندار وٽ آئي. دڪاندار هڪ شفيق انسان هو ۽ هميشہ چائِي وِيءَ سان سٺي نموني سان پيش ايندو هو.
”او، هن لوئيءَ جي قيمت گهڻي آهي.“ چائِي وِي دڪاندار جو توجھہ لوئيءَ ڏانھن ڇڪائيندي چيو.
”صرف ڇھہ ڊالر ننڍڙي ادي.“ دڪاندار وراڻيو.
چائِي وِيءَ جي اکين مان مايوسي بَکڻ لڳي. هن پنھنجي چولي جا ٻہ مٿيان بٽڻ کوليا ۽ هڪ هار ڪڍي دڪاندار کي ڏيکاريندي چيائين، ”ڏس، هي ڪھڙو نہ سٺو هار آهي. هن جو رنگ گلابي آهي. جڏهن سج آسمان جي وچ تي اچي ويندو آهي تہ انھن موتين جو رنگ بدلجي نيرو ٿي ويندو آهي. منھنجو خيال آهي تہ هيءُ هار ڏاڍو سٺو آهي.“
دڪاندار هار کي پنھنجي هٿن ۾ وٺي ڏٺو ۽ چائِي وِي کي چيائين، ”ها، هن جا مان توکي ٻہ ڊالر ڏئي سگهان ٿو.“
چائِي وِيءَ جي منھن جو پنو لھي ويو. ”ٻہ ڊالر منھنجو مطلب آهي تہ... توکي خبر آهي تہ... مان هي لوئي خريد ڪرڻ ٿي گهران.“
”مون کي افسوس آهي پياري نينگر،“ دڪاندار چيو، ”اها لوئي ڏاڍي مھانگي آهي ۽ آءٌ توکي هيءَ لوئي، هن هار جي بدلي ۾ نٿو ڏئي سگهان.“ چائِي وِيءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو، هُوءَ ماٺ ڪري وڃي گاڏيءَ تي ويٺي. هن جي دل ۾ رڳو اهو خيال هو تہ هُوءَ ڪھڙي طرح بہ پئسا ميڙي پنھنجي ماءُ کي لوئي وٺي ڏي. هن وٽ وڪڻڻ لائق بہ ڪا شئي نہ هئي سواءِ ان هار جي، جنھن جي قيمت ان دڪاندار ٻہ ڊالر ٻڌائي هئي.
ٻئي ڀيري جڏهن چائِي وِي انھيءَ ساڳئي دڪان تي وئي تہ کيس اها لوئي شيشي جي ڪٻٽ ۾ رکيل نظر نہ آئي. هن سوچيو، ’يقيناً ڪو پئسي وارو اها لوئي خريد ڪري ويو هوندو.‘ سندس اکيون ڀرجي آيون هن دڪاندار کان پڇيو، ”ڇا اها لوئي وڪامجي وئي؟“
”لوئي“ دڪاندار غور سان هن کي ڏٺو، هن کي اها ڳالھہ ياد اچي وئي ۽ چيائين، ”اها لوئي، نہ اها لوئي ڪونہ وڪي اٿم، ڇا تون ان کي خريد ڪندينءَ؟“
”ها، مان ان کي خريد ڪرڻ چاهيان ٿي، پر مون وٽ پورا پئسا نہ آهن.“ چائِي وِيءَ هڪدم وراڻيو. هن پنھنجو هار لاٿو ۽ دڪاندار کي ڏيندي چيائين، ”مان ٻئي واري توکي ٻي رقم آڻي ڏينديس، ڇا تون منھنجو انتظار ڪندين؟“
هن جي سٻاجهڙي آواز ۾ اهڙي تہ بيقراري ۽ اکين ۾ اهڙي تہ درخواست هئي، جو دڪاندار هن ڏانھن نھاري نہ سگهيو. هن پيار سان چائِي وِيءَ جي مٿي تي هٿ رکيو ۽ کانئس پڇيو: ”ننڍڙي نينگر، تنھنجي عمر ڪيتري آهي؟“
”منھنجو خيال آهي تہ منھنجي عمر ست سال آهي. ها ست سال ئي آهي. منھنجي ماءُ تہ ائين چوندي آهي.“ چائِي وِي چيو.
”آھہ“ دڪاندار ڏکارو ٿيندي چيو: ”جيڪڏهن منھنجي ڌيءُ جيئري هجي ها تہ اها بہ تو جيتري هجي ها. ها منھنجي مٺي ڌيءُ، مان هيءَ لوئي تولاءِ اوستائين رکندس، جيستائين تون ٻيا پئسا نہ آڻيندينءَ.“
اهو مھينو چائِي وِي ڏاڍي محنت ڪئي. هن ماءُ کان لِڪي وڻن تي چڙهي ماکي لاهي ان جي هڪ وڏي برني تيار ڪئي. ٻئي ڀيري جڏهن هُوءَ دڪان تي آئي ۽ جنھن وقت هن اها برني دڪاندار جي حوالي ڪئي ان وقت هن جي دل زور زور سان ڌڙڪي رهي هئي. هن کان اهي سڀ تڪليفون وسري ويون، جيڪي هن ماکي هٿ ڪرڻ لاءِ سَٺيون هيون. هُوءَ ماکيءَ جي مکين جا ڏنگَ وساري ويٺي، اهي ڪنڊا جيڪي کيس وڻن تي چڙهڻ مھل هٿن ۾ لڳا هئا، سي وساري ويٺي هئي. هن دڪاندار کي چيو، ”مان هي ماکيءَ سان ڀريل برني کڻي آئي آهيان تہ جيئن لوئيءَ جي قيمت ادا ٿي سگهي.“
ماکي وٺندي دڪاندار ڪجهہ پريشان نظر آيو، هُو برني وٺي هڪ انگريز سان ڳالھائڻ لڳو پوءِ هن چائِي وِي ڏانھن مُنھن ڪيو ۽ کيس چيو تہ: ”مون وٽ ڪيتريون ئي لويون آهن. هن انگريز تو واري لوئي خريد ڪري ڇڏي آهي. تون فڪر نہ ڪر مان توکي ٻي لوئي ڏيندس، ان لوئيءَ کان بہ سٺي.“
چائِي وِي هن کي ڪجهہ نہ چيو، ماٺ ڪري چَن چُو جي گاڏيءَ ۾ وڃي ويٺي ۽ ڳوٺ موٽندي بہ هُوءَ سوچي رهي هئي تہ هي انگريز ڪيڏا نہ ظالم آهن. اسان ڪارن ماڻھن تي ڪيئن نہ ٿا ظلم ڪن. گهر وٽ لھڻ وقت هن جي ماءُ هن کي هڪ ننڍڙو پُڙو ڏنو. پُڙو ڏيڻ وقت هن جي ماءُ کيس چيو، ”اچي وٺ هي پُڙو، هن انگريز تہ چيو پئي تہ هي تو خريد ڪيو آهي.“
ائين چئي هن جي ماءُ چَن چُو جي گاڏيءَ مان ٻيو سامان لاهڻ وئي. چائِي وِيءَ جڏهن ان پُڙي کي ڦاڙيو تہ ان ۾ انھيءَ لوئيءَ جي مٿان هن جو هار پيو هو ۽ هار جي هيٺان هڪ ڪاغذ پيل هو. چائِي وِيءَ اٽڪي اٽڪي انھيءَ ڪاغذ تي لکيل اکرن کي پڙهيو. ڪاغذ تي لکيل هو:
”منھنجي ننڍڙي ادي، توکي پنھنجي ماءُ سان ايتري محبت آهي، جو تون ان لاءِ انھيءَ لوئيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ محنت ٿَي ڪَئي. هي انھيءَ جو انعام آهي. تو جھڙي پياري ڇوڪري مون کي ڏاڍي پسند آهي. ڪوئي اڇو انگريز هجي يا ڪارو، دل سڀني جي هڪجھڙي هوندي آهي.“
هاڻي لوئي چائِي وِي ۽ پوءِ هن جي ماءُ جي هٿن ۾ هئي. چائِي وِيءَ جي اکين ۾ خوشيءَ جا ڳوڙها هئا. سندس ماءُ اڃا تائين اها ڳالھہ نہ سمجهي سگهي هئي، مگر چائِي وِي سمجهي چڪي هئي تہ سڀ ڪجهہ رنگ ۽ نسل تي ڇڏيل ڪونھي پر دل جي اُجراڻ ئي انسان جو اصلي گڻ آهي.


(ڇپيل: ’گُل ڦُل‘ جنوري 1976ع)

چانديءَ جو ٻيڙو

(هالينڊ جي لوڪ ڪھاڻي)

__________________________________________
هالينڊ
هالينڊ، اُتر اولھ يورپ ۾ واقع آهي، جيڪو پنھنجن ڪئنالن، ڪنول جي پوک، پن چڪين جي ڪري مشھور آهي.
گاديءَ جو هنڌ: ايمسٽرڊئم
ايراضي: 41543 چورس ميل
سڪو: ڊچ ڊالر
آبادي: 17.53 ملين
سرڪاري ٻولي: ڊچ
ٻيون ٻوليون: يِدِش ]Yiddish[‎،
روماني ]Romani[، انگلش ]انگريزي[
__________________________________________

هيءَ ڪھاڻي هالينڊ جي آهي. اهو ملڪ، جنھن مان دٻن ۾ بند ٿيل کير ايندو آهي. هي ملڪ ڏاڍو ٿڌو ٿيندو آهي، خاص طور تي سياري ۾ جڏهن هتي برف پوندي آهي تہ هر هنڌ برف جو ٿُلھو تھہ ڄمي ويندو آهي. تڏهن هتان جا ماڻھو برف تي ڪونہ هلندا آهن، پر ڪاٺ جا سليپر پائي برف تي ترڪندا آهن.
هالينڊ کي جانڊَهُن جو ملڪ بہ چوندا آهن، ڇاڪاڻ جو هتي هر هنڌ جانڊهون هونديون آهن، جيڪي هوا جي زور تي هلنديون آهن. ڪارل بہ هڪ جانڊھہ واري جو پٽ هو. هو پنھنجي ماءُ، پيءُ ۽ هڪ ننڍڙي ڀيڻ جوليءَ سان گڏ رهندو هو، هن کي برف تي ترڪڻ جو شوق هوندو هو، پھرئين ڏينھن جڏهن ڪارل برف تي ترڪڻ چاهيو تہ هو ڏور وڃي پٽ ۾ برف تي ڪريو. هن جي پيءُ، هن کي سھارو ڏئي اٿاريو ۽ چيائين تہ، ”پٽ شروع شروع ۾ سڀڪو ائين ئي ڪِرندو آهي، پر پوءِ جڏهن عادت ٿي ويندي آهي تہ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بنا ٿَڪَ جي ماڻھو ڊوڙندو رهندو آهي.“
جلد ئي ڪارل کي تِرڪڻ اچي ويو، هن کي تِرڪڻ ۾ خاص مزو ايندو هو. ڇو جو پنڌ هلڻ جي نسبت تِرڪڻ آسان آهي ۽ برف ۾ تہ ماڻھو رڳو تِرڪي ئي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪو هلڻ چاهي تہ ڏاڍي تڪليف ايندس.
ڪارل هڪ فرمانبردار ڇوڪرو هو، هُو ڪڏهن ڪڏهن پنھنجي استاد جي گهر وڃي هن جي گهرو ڪمن ڪارين ۾ مدد ڪندو هو. هن کي پنھنجي استاد جي خدمت ڪندي ڏاڍو لطف ايندو هو. هن کي پنھنجي استاد جي گهر ۾ رکيل چانديءَ جو ٻيڙو ڏاڍو وڻندو هو. هُو دير تائين ان کي ڏسندو رهندو هو. هن جي استاد هن کي ٻڌايو هو تہ هن اهو ٻيڙو اسڪيٽنگ (برف تي تِرڪڻ) جي مقابلي ۾ پھرئين نمبر اچڻ تي حاصل ڪيو هو.
”ڇا توهان ان وقت مون جيتري عمر جا هئا؟“ هُو پنھنجي استاد کان پڇندو هو.
”ها، مان ايترو ئي هوس.“
۽ ڪارل خوابن جي دنيا ۾ گم ٿي ويندو هو. هُو سوچيندو هو تہ ڪڏهن مان بہ اهو انعام حاصل ڪندس. هُو جڏهن بہ پنھنجي ماءُ سان ذڪر ڪندو هو تہ هن جي ماءُ چوندي هئي، ”ها پٽ، هڪ نہ هڪ ڏينھن تون ضرور اهو انعام حاصل ڪندين.“
ٻن سالن کان پوءِ، هڪ ڏينھن هن کي استاد ٻڌايو تہ سڀاڻي اسڪيٽنگ جو مقابلو ٿيڻ وارو آهي. اهو مقابلو ’هورن ڳوٺ‘ کان، ’والڪر ڳوٺ‘ تائين ٿيندو. ڪيترائي ماڻھو شرڪت لاءِ ۽ ڪيترا ان مقابلي کي ڏسڻ لاءِ ايندا.
ان شام ڪارل جڏهن پنھنجي پيءُ کان مقابلي ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت ورتي تہ هن مشڪي ڏنو. هن چيو ”ڪارل پٽ، تنھنجو مقابلو ملڪ جي مشھور اسيڪيٽرن (برف تي ترڪڻ وارن) سان ٿيندو.“
تنھن تي جوليءَ هڪدم وراڻيو، ”بابا، ڪارل بہ تہ سٺي اسڪيٽنگ ڪندو آهي. هُو تہ ائين هلندو آهي ڄڻ هوا ۾ پيو اڏامي.“
هن جي والد ڪارل کي چيو تہ، ”ٺيڪ آ پٽ، تون ڀلي قسمت آزماءِ، جيڪڏهن تون هارائي بہ وئين تہ بہ پرواھہ نہ آهي.“
ڪارل جي استاد هن جو نالو بہ مقابلو ڪندڙن ۾ لکايو.
مقابلي واري ڏينھن موسم خاص سٺي ڪانہ هئي. جڏهن ڪارل مقابلي لاءِ پھتو تہ هن کان اڳ ئي سڀ رانديگر جمع ٿي چڪا هئا، اهو مقابلو، ’هورن ڳوٺ‘ کان ’والڪر ڳوٺ‘ تائين هو. جتان موٽي وري ’هورن ڳوٺ‘ اچڻو هو.
جڏهن مقابلو شروع ٿيو تہ ڪارل سڀني کان اڳيان هو. هن کي اميد هئي تہ هو سڀني کان پھرين والڪر ڳوٺ پھچندو ۽ ٿيو بہ ائين ئي. هُو سڀني کان پھرين پھتو، هاڻي اڌ مقابلو باقي هو، واپسي ۾ رانديگرن کي ٻئي رستي سان ”هورن ڳوٺ“ پھچڻو هو.
هُو جڏهن موٽيو تہ هر طرف ڪوهيڙو ڄمي ويو. ڌنڌُ هر طرف ڦھلجي وئي. هر شئي دونھاٽجي وئي. هن کي خبر هئي تہ جيڪڏهن هُو صحيح رستو نہ ڳولي سگهيو تہ پڪ ڀلجي ويندو. هُو احتياط سان هلڻ لڳو ۽ اتفاق سان هن کي صحيح رستو ملي ويو ۽ هُو موٽڻ لڳو. موٽندي هن جي ڪنن تي اوچتو آواز پيو، ”مدد، مدد، خدا جي واسطي ڪو مدد ڪري.“
هن جڏهن اهو ٻڌو تہ هُو سوچڻ لڳو تہ ڪاش اهو آواز منھنجي ڪنن تي نہ پوي ها، پر پوءِ ان بي سودي خيال تي هن جو ضمير هن کي ملامت ڪرڻ لڳو.
”ڪير آهي؟ مدد لاءِ ڪير پڪاري رهيو آهي.“ هن زور سان چيو. هن جو آواز ٻڌي هڪڙو مرد ڌنڌ ۽ ڪوهيڙي جي ديوار کي ٽوڙيندو هن وٽ آيو. هُو هڪ پوڙهو هو جنھن ڏڪندڙ آواز سان چيو، ”منھنجا پٽ، شڪر آ خدا جو، جو تون ملي وئين. منھنجي زال ڪوهيڙي جي ڪري برف ۾ ترڪي ڪرِي پئي آهي. ڪرڻ ڪري هن کي چڱو ڌڪ لڳو آهي. مان پوڙهو هن کي سھارو نہ ٿو ڏئي سگهان. ڇا تون هن کي کڻائي هلڻ ۾ منھنجي مدد ڪندين؟“
”بلڪل سائين، ڇو نہ“ هن وراڻيو. هن پوڙهي جي مدد سان ان ڪريل زال کي کنيو. جيڪا منڊڪائي آهستي آهستي هلي رهي هئي، جلد ئي هن جي پاسي کان ڪي ڇوڪرا لنگهي ويا. هُو اها ڳالھہ سمجهي ويو تہ اهي مقابلي وارا ڇوڪرا هئا. هن جي نڙيءَ ۾ ڪا شئي اٽڪڻ لڳي ۽ اکيون پاڻيءَ سان ڀرجڻ لڳيون. هن ڳيت ڏئي نڙي کي آلو ڪيو ۽ منھن ڦيري ڇڏيائين. پوڙهي ويچاري بيمار هئي، ان ڪري هُوءَ ٻہ قدم هلي رهي هئي ۽ هڪ قدم بيٺي پئي. آخر خدا خدا ڪري هُو مَس مَس هڪڙي جانڊھہ وٽ پھتا. ”توهان بيھو تہ مان ڪنھن کي اندران وٺي اچان.“
ائين چئي هُو اندر ويو ۽ جانڊھہ واري کي وٺي آيو. جنھن جي مدد سان هنن پوڙهيءَ کي کڻي اندر پھچايو.
جڏهن ڪارل هلڻ لڳو تہ پوڙهَي هن جا ٿورا مڃيا ۽ دعا ڪئي ”خدا تنھنجي عمر ۾ برڪت ڏئي.“
جانڊھہ واري هن کان پڇيو ”شايد تون اسڪيٽنگ جو مقابلو ڏسڻ پئي وئين.“
ڪارل ڪجهہ ملول ٿي ويو. هن ڏکارو ٿيندي چيو، ”جي، ائين نہ آهي... مان... مان دراصل ان مقابلي ۾ شريڪ هئس.“
جانڊھہ وارو حيران ٿي ويو. ”ڇا، تون بہ مقابلي ۾ شريڪ هئين؟“
”ها، پر هاڻي شايد مقابلو ختم ٿي ويو هجي.“ هن وراڻيو.
جانڊھہ واري چيو، ”آفرين آهي توتي ۽ تنھنجي نيڪدل مائٽن تي، جن توکي اها تعليم ڏني، مون کي اميد آهي تہ تنھنجا مائٽ تنھنجي ان ڪارنامي تي ضرور خوش ٿيندا.“
ڪارل جڏهن ’هورن ڳوٺ‘ پھتو تہ هن جي استاد هن کي چيو، ”مون ٻڌو آهي تہ والڪر ڳوٺ تون سڀني کان پھرين پھتو هئين، مون کي افسوس آهي جو تون رستو ڀلجي وڃي، ڪنھن ٻئي هنڌ تي پھتين.“
ڪارل ڪجهہ ڪونہ ڪڇيو. هُو چپ رهيو.
ان کان پوءِ ڪجهہ ٻيا مقابلا ٿيا. انھن ۾ ملھہ، وزن کڻڻ، نيزو اڇلائڻ وغيرہ شامل هئا. آخر ۾ ڪمشنر صاحب انعام ورهائڻ لڳو. ان مھل سڀ رانديگر هن جي چوگرد اچي ويا. ٺيڪ ان مھل هڪڙو ماڻھو ميڙ کي چيريندو ڪمشنر صاحب وٽ پھتو. ڪارل سڃاتو اهو ساڳيو جانڊھہ وارو هو. ان ڪمشنر صاحب سان ڪجهہ ڳالھايو. ڪمشنر جي اشاري سان هڪڙو ماڻھو اسڪيٽنگ ڪندو ويو ۽ جلد ئي موٽي آيو. هن جي هٿ ۾ سونھري دٻو هو، جيڪو هن ڪمشنر صاحب کي ڏنو. جڏهن انعام ورهائڻ جي تقريب ختم ٿي وئي تہ ماڻھو وڃڻ لڳا. ڪمشنر صاحب هنن کي چيو تہ ”ترسو، اڃان تقريب ختم نہ ٿي آهي. مان اوهان کي هڪ اهڙي جوان جو ڪارنامو ٿو ٻڌايان جنھن جي جذبي جو هميشہ قدر ڪيو ويندو. اهو نوجوان ڪارل آهي. جيڪو سڀني کان پھرين والڪر ڳوٺ پھتو پر موٽيو سڀني کان پوءِ. اسان اهو سمجهو تہ هو ڪوهيڙي جي ڪري رستو ڀلجي ويو هو، پر اصل ۾ ائين نہ هو، هُو هڪ بيمار پوڙهيءَ جي مدد ڪرڻ لاءِ ترسي پيو هو، هن هڪ ضعيف عورت جي مدد ڪئي ۽ پھرين نمبر اچڻ جو موقعو هٿان وڃائي ڇڏيو. مان ان نيڪ ۽ بھادر ڇوڪري کي خاص انعام ڏيڻ گهران ٿو، اچ ڪارل پٽ، تون اسٽيج تي اچ.“
ڪارل جو منھن خوشيءَ کان ٻھڪڻ لڳو، هُو آهستي آهستي اسٽيج وٽ پھتو. ڪمشنر صاحب دٻو کوليو ۽ ان مان چانديءَ جو ٻيڙو ڪڍيو ۽ تاڙين جي آواز ۾ اهو ڪارل کي انعام طور ڏنو، هن چيو، ”پٽ، تون ان مدد جو عيوض سمجهجانءِ جيڪا تو پوڙهيءَ سان ڪئي. ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ سان نيڪيءَ جو اجر ضايع ٿي نہ ويندو، پر ائين سمجهجانءِ تہ تون هڪ امتحان ۾ ڪامياب ٿيو هئين.“
ڪارل جي ماءُ پيءُ کي اهو ڪارنامو ٻڌي بيحد خوشي ٿي، ليڪن سڀ کان زيادہ خوشي ڪارل کي ٿي.
هن ڪمشنر صاحب جا لفظ سدائين ياد رکيا.


(ڇپيل: ’گُل ڦُل‘ نومبر 1977ع)

ننڍڙو شڪاري

(رومانيا جي لوڪ ڪھاڻي)

____________________________________
رُومانيا
رُومانيا، ڏکڻ اوڀر يورپ جو ملڪ آهي.
گاديءَ جو هنڌ: بخارسٽ
ايراضي: 238397 چورس ميل
سڪو: رَون
آبادي: 19.12 ملين
سرڪاري ٻولي: رُومانيَن
ٻيون ٻوليون: هنگريَن [Hungarian] ۽ روماني (Romani)
____________________________________

گهڻو زمانو اڳ رومانيا ۾ هڪ شڪاري رهندو هو، هو شڪار جي فن ۾ ايترو تہ هوشيار هو جو سڀ ماڻھو کيس هنرمند شڪاري جي نالي سان ڪوٺيندا هئا. هن کي هڪ پٽ هو، هن چاهيو ٿي تہ هو پنھنجي پٽ کي پاڻ وانگر وڏو شڪاري بڻائي ۽ هن پڪو ارادو ڪيو تہ جڏهن هن جو پٽ وڏو ٿيندو تڏهن هو هن کي شڪار جا سڀئي طريقا سيکاري ڇڏيندو. قضا سان هن ويچاري کي پنھنجي اها آس پوري ڪرڻ جو موقعو ئي نہ مليو. ڇاڪاڻ جڏهن هن جو پٽ اڃا ننڍو ئي هو تہ هو شڪاري پاڻ گذاري ويو.
ننڍڙو ڇوڪر جڏهن وڏو ٿيو تہ هن جي ماءُ هن کي هڪ اسڪول ۾ داخل ڪيو، جتي هن تعليم سان گڏ ڪيترائي هنر سکيا، هو سڀني هنرن ۾ ڏاڍو هوشيار ٿي ويو. سڀئي هن جي هوشياري ڏسي دنگ ٿي ويندا هئا. پر هو ڪڏهن بہ ڪنھن هنر مان فائدو نہ وٺي سگهندو هو، ان جو کيس ڏاڍو ڏک هو. هڪ ڏينھن هن پنھنجي ناني سان اها شڪايت ڪئي.
”ناني مان هينئر جوان آهيان، امان مون کي اسڪول ۾ موڪليو، جتان مان هر هنر سکي آيو آهيان. مان صبح کان وٺي رات تائين ڪم ڪري سگهان ٿو. مان جڏهن ڪو ڪم ختم ڪري ڪنھن کي ڏيکاريندو آهيان تہ اهو ڏاڍو خوش ٿيندو آهي، پر مان بيحد ڏکارو آهيان. ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ صحتمند ۽ طاقتور آهيان، ۽ اڪيلي سر ڏهن ماڻھن جيترو پورهيو بہ ڪري سگهان ٿو تہ پوءِ مون کي اهو ڪم ڇو نہ ٿو ڏنو وڃي.“ ”ڏک نہ ڪر منھنجا ٻچڙا.“ ناني چيو. ”تنھنجي زندگي ضرور سھڻي گذرندي، وڃ وڃي ايتري محنت ڪر، جيڪا اڳ ۾ پئي ڪيئي، محنت مان دل کٽي نہ ڪر، خدا تنھنجي محنت ساب ڪندو، تون ايمانداريءَ سان ڪم ڪندو رھہ پوءِ ڏس تہ قسمت ڪيئن نہ ٿي ساٿ ڏئي.“
”ناني هڪ ڳالھہ ٻي بہ ٻڌاءِ“ ڇوڪر چيو، ”پر سچ ٻڌائجائين.“
”پٽ مون کي جيڪا خبر هوندي سا مان توکي ضرور ٻڌائينديس.“ هن جي نانيءَ چيو.
”منھنجو پيءُ ڇا ڪندو هو؟“ ڇوڪر پڇيو.
”پٽ، تنھنجو پيءُ هڪ مشھور شڪاري هو، هو شڪار تي جڏهن بہ ويو. ڪڏهن بہ خالي هٿين نہ موٽيو هن ڪيترن ئي خوفناڪ جانورن جو شڪار ڪيو، جيڪڏهن هو جيئرو هجي ها تہ توکي بہ ضرور هڪ بي ڊپو شڪاري بڻائي ها.“ نانيءَ وراڻيو.
”ناني مان امان کان جڏهن بہ شڪار بابت ڪجهہ پڇندو آهيان تہ هوءَ ڪوبہ جواب نہ ڏيندي آهي، آخر ڇو؟“ ڇوڪر نانيءَ کان سوال پڇيو.
”انڪري ٻچا جو هو هڪ خطرناڪ ڪم آهي، ۽ هوءَ توکي ان سکڻ لاءِ ڇڏڻ نٿي گهري تنھنجو پيءُ جڏهن بہ شڪار تي ويندو هو، تہ هو سدائين پئي روئيندي هئي ڇاڪاڻ جو شڪاريءَ جي زندگي تي ڪوبہ اعتبار نہ هوندو آهي، هوءَ جڏهن بہ اهو ٻڌندي هئي تہ ڪو شينھن ۽ ڪو جهنگلي جانور ڪنھن شڪاريءَ کي کائي ويو تہ هراسجي ويندي هئي، ان ڪري هوءَ سدائين تنھنجي پيءُ کي شڪار کان روڪيندي هئي، هوءَ توکي بہ شڪار بابت ڪجهہ بہ نہ ٿي ٻڌائڻ گهري تون ان جو هڪڙو ئي ٻچڙو آهين، پنھنجي اکين جي تاري کي هوءَ ڪيئن شڪار سيکارڻ لاءِ پنھنجين اکين کان پري موڪليندي.“ نانس چيو.
”شايد اهو ئي سبب آهي ناني.“ ڇوڪر چيو، ”پر ماڻھو ڇا چوندا تہ هڪ مشھور شڪاري جو پٽ شڪار بابت ڪجهہ بہ نہ ٿو ڄاڻي. ناني، مان شڪار ڪرڻ گهران ٿو، ڇاڪاڻ جو مون کي ڪنھن بہ ٻئي ڌنڌي مان فائدو نہ ٿو ٿئي، ۽ جنھن مان فائدو ئي نہ ٿو ٿئي ان ڌنڌي کي مان ڪيئن ڪندو رهان؟“
”مان توکي ڪيئن روڪيان يا سمجهايان.“ ناني چيو، ”پر تون بہ سچو آهين. تون بہ تہ ائين ٿو سوچين جيڪا سوچ مان رکان ٿي، مون کي توتي اعتبار آهي.“
”ناني جيڪڏهن تنھنجو اهو مطلب آهي تہ تون بہ مون لاءِ فڪرمند آهين تہ پوءِ مون کي اهو ضرور ٻڌائي، تہ منھنجي پيءُ جا هٿيار ڪٿي آهن؟“ ڇوڪري نماڻائيءَ سان چيو.
”ابا، مون کي تنھنجي پيءُ جي هٿيارن جي باري ۾ ڪابہ خبر نہ آهي.“ هن جي نانيءَ هن کي صاف جواب ڏئي ڇڏيو.
”تہ پوءِ مان ڪٿان اهي هٿ ڪريان؟“ ڇوڪرو روئڻھارڪو ٿيندي چيو.
ناني جي دل نرم ٿي وئي. هن ڇوڪري کي روئڻھارڪو ڏسندي دلاسو ڏئي چيو تہ ”انھن هٿيارن جي رڳو تنھنجي ماءُ کي خبر آهي، هوءَ توکي ڪڏهن بہ انھن جي باري ۾ نہ ٻڌائيندي، تون جيڪڏهن هن جي اڳيان روئين، ۽ پاڻ کي بيمار ظاهر ڪري ڏکارو ٿين تہ هو لازمن توکان ان جو سبب پڇندي، پوءِ تون اهو چئجائين تہ مون خواب ڏٺو آهي تہ مان جهنگل ۾ اڪيلو بنا هٿيارن جي آهيان ۽ مون کي جانور کائڻ ٿا اچن، تنھنجي ماءُ اهو ٻڌي ڊڄي ويندي ۽ سوچيندي تہ متان اهو خواب سچو ٿئي، ان ڪري هوءَ توکي تنھنجي پيءُ جا هٿيار ڏيندي.“
اهو ٻڌي ڇوڪر سڌو گهر آيو جتي اچي هن اهو ئي ڪجهہ ڪيو، جيڪو هن جي ناني هن کي ٻڌايو هو. ۽ ٿيو بہ ائين ئي، هن جي ماءُ هن کي هٿيار ڏنا.
جيڪي هن صاف ڪري پاڻ سان گڏ کنيا ۽ جڏهن هو کاڌي جو ٿيلھو پاڻ سان ٻڌي پورو تيار ٿيو تہ پنھنجي ماءُ وٽ آيو، ۽ چوڻ لڳو:
”امان مان وڃان ٿو، مون کي اميد آهي تہ منھنجي موٽڻ مھل بہ تون خوش هوندينءَ ۽ مان موٽي اچي توکي خوش ئي ڏندس.“ ماڻس هن کي دعائون ڏيندي چيو:
”پٽ! خدا تنھنجي مدد ڪندو جيڪڏهن تون پنھنجي پيءُ جي پيروي ڪندين تہ ضرور سڦل ٿيندين، منھنجي هڪ ڳالھہ غور سان ٻڌ منھنجا ٻچا! تون ڀلي شڪار ڪر، پر ڪڏهن بہ عاج جي ڏندن واري جانور جو شڪار نہ ڪجائين ۽ ڪڏهن بہ ائين ڪيو ئي تہ نقصان ۾ ويندين.“
هن ماءُ جي نصيحت کي ڌيان سان ٻڌو، ۽ موڪلائي اتان روانو ٿيو.
رستي تي هو پنھنجي شڪار بابت سوچڻ لڳو، ”مان ڪھڙا جانور ماريان، خوفائتا جانور، مثلاً چيتو، گينڊو، شينھن، سانڀر، يا وري پکين مان، ڦوسڙي، ڪبوتر، ڳيرا، باز ۽ ٻيا پکي ماريان، ڇو نہ مان هاٿي ماريان، پر نہ امان روڪيو هو، مان ائين نہ ڪندس. پر... ٺيڪ آهي، مان اهو ئي جانور ماريندس، جيڪو منھنجي راھہ ۾ پھرين ايندو.“
سوچيندي سوچيندي، هو ڀلجي هاٿين واري جهنگ ۾ اچي نڪتو، هن جڏهن پنھنجي راھہ ۾ پھريون جانور ڏٺو (جيڪو هڪ هاٿي هو)، هن سوچيو تہ ڇو نہ مان پنھنجي شڪار جي شروعات هن کان ئي ڪريان، هن پنھنجي ماءُ جي نصيحت وساري هاٿيءَ جو شڪار ڪيو، هاٿيءَ کي ماري هن هاٿيءَ جي کل لاٿي، ۽ هاٿيءَ جا ڏند کنيائين ۽ گهر موٽيو.
واٽ تي هن کي بادشاھہ جو خاص نائب مليو، هن ڇوڪر کان پڇيو:
”ڇوڪرا، اهي ڪھڙي جانور جا عضوا آهن؟“
”سائين، اهي هاٿي جا آهن.“ ڇوڪري ڊپ مان وراڻيو.
وزير چيو، ”ڇا تون انھن کي وڪڻندين؟“
”بلڪل نہ.“ ڇوڪري وراڻيو.
”ڀلا ڏهن گينين ۾؟“ نائب وري پڇيو.
”نہ سائين، سؤ گينين ۾ بہ نہ.“ ڇوڪري وراڻيو.
نائب کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، هن ڪاوڙجندي چيو ”تون هڪ خسيس ڇوڪرو جي سک سان رهڻ ٿو گهرين تہ اهي منھنجي حوالي ڪر! ڇوڪر ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنو، ماٺ ڪري گهر هليو آيو، گهر اچي هن پنھنجي ماءُ کي سڄي ڳالھہ ڪري ٻڌائي.
ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ بادشاھہ هن کي سڏايو، بادشاھہ پڇيو ”ڇوڪرا! مون ٻڌو آهي تہ تو ايترا هاٿي ماريا آهن، جو انھن جي ڏندن مان هڪ محل ۽ انھن جي کلن مان هڪ وڏي ڇت ٺھي سگهي ٿي! ڇا تون اسان کي اهڙو محل ٺاهڻ لاءِ هاٿي ماري ڏيندين؟“
ڇوڪر ادب مان وراڻيو، ”جيئندا قبلا! جنھن توهان کي اها ڳالھہ ٻڌائي آهي سو وڏو ڪوڙو آهي. هو مون کي رڳو ذليل ڪرڻ ٿو گهري پر خدا جي مدد سان مان هن جي ان ڪوڙ جي صفائي ضرور ڪندس، مان توهان جي سوال جو جواب سڀاڻي ڏيندس. بادشاھہ هن کي هڪ ڏينھن جي مھلت ڏني.
ڇوڪر اتان سڌو نانيءَ وٽ آيو، هن نانيءَ کي شڪار ڪرڻ، نائب سان ملڻ ۽ بادشاھہ جي خواهش جو سمورو احوال ٻڌايو. نانيءَ هن کي هڪ ترڪيب ٻڌائي، ۽ چيائين تہ ”وڃ ۽ وڃي ائين ئي ڪر، جيئن مون چيو. خدا تنھنجي مدد ڪندو.“
ٻئي ڏينھن ڇوڪر بادشاھہ جي درٻار ۾ حاضر ٿي چيو، ”سائين، اوهان جي خواهش ضرور پوري ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن توهان مون کي گهربل شيون ڏيو؟“
”تنھنجي هرڪا ضرورت پوري ٿيندي.“ بادشاھہ چيو.
”مون کي ان ڪم ڪرڻ لاءِ هڪ هزار دٻا شراب ۽ هڪ سؤ اسپرٽ جا گهرجن، توهان پنھنجا ماڻھو هاٿين جي جهنگ ۾ مون سان موڪليو، جيڪي مون سان گڏ اتي هلي ٿنڀا کوڙيندا.“ ڇوڪر چيو.
”توکي هرڪا شئي مھيا ڪئي ويندي!“ ۽ پوءِ بادشاھہ حڪم ڏنو، ۽ ڇوڪر جي ضرورت جي هرڪا شئي مھيا ٿي وئي.
ڇوڪر ماڻھن جي مدد سان جهنگ ۾ ٿنڀا کوڙيا ۽ انھن جي وچ ۾ شراب ۽ اسپرٽ ملائي انھن جا پيپ لڳايا، ۽ پاڻ ماڻھن سان گڏ، اتان هٽي ويو. هاٿين جي جهنگ ۾ پاڻيءَ جي ڪمي هئي. هاٿي پاڻيءَ جي ڳولا ۾ اچي اتي نڪتا. انھن جڏهن شراب جي بوءِ سنگهي تہ سمجهي ويا تہ اهو پاڻي نہ آهي، ۽ هو سڀ دٻن جي ڀرسان ويھي رهيا، ويٺي ويٺي ٻہ ڏينھن گذري ويا. هاٿين کي اُڃ اچي ستايو ۽ ڪجهہ کائڻ جي لاءِ جهنگ ۾ بہ نہ پئي ويا. هنن وري شراب ڏانھن ڏٺو، شراب جو رنگ ٻن ڏينھن ۾ ڦريو ڪين هو. هاٿين ان کي پاڻي سمجهي پيتو، پيئڻ سان هڪ ٻئي ڀرسان ليٽندا ويا.
ڇوڪر انھن هاٿين جون کلون لاٿيون، ڏند وڍيائين ۽ اهي سڀ کڻي اچي بادشاھہ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. بادشاھہ اهو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن کي هزارين گنيون انعام ۾ ڏنيون. ڇوڪر خوش ٿي گهر ڏانھن موٽيو.
ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ، بادشاھہ هن کي وري گهرايو، ۽ چيائينس تہ ”ننڍڙا شڪاري، مون ٻڌو آهي تہ تو ٻيڙين ۾ چڙهي وڏن وڏن شھرن مان ڪاريگر آڻي، ڪيترن ئي بادشاهن جا محل ٺھرايا آهن، ۽ مون کي بہ اهڙو محل ٺھرائي ڏئي، هن کان اڳ ۾ ڪڏهن بہ اهڙو ٺھيل نہ هجي! اهو محل انھن هاٿين جي عضون مان ٺھندو، جيڪي تو آڻي ڏنا آهن، جيئن تنھنجي محنت بہ تہ ڪنھن ڪم اچي.“
”حضور“، ڇوڪر وراڻيو ”مان تہ اها ڳالھہ سوچي بہ نٿو سگهان، پر جيڪڏهن اها ئي خدا جي مرضي آهي تہ مان توهان جي ان بدنيت نائب کي ثابت ڪري ڏيکاريندس تہ انسان جيڪڏهن ڪو عزم ڪري تہ جبل بہ ڏاري سگهي ٿو. مان توهان جي خواهش جو جواب سڀاڻي ڏيندس.“
هو اتان سڌو نانيءَ وٽ آيو، نانيءَ سان صلاح ڪري، هن نانيءَ کان ضروري شيون پڇيون ۽ ٻئي ڏينھن بادشاھہ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو.
”مون کي توهان جي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ وري بہ توهان جي مدد جي ضرورت آهي؟“ ڇوڪر چيو.
”تنھنجي ضرورت جي هرڪا شئي مھيا ڪئي ويندي.“ بادشاھہ وراڻيو.
”مون کي سؤ ٻيڙيون لوڻ سان ڀريل ڏنيون وڃن.“ ڇوڪر چيو.
بادشاھہ ڇوڪر کي سؤ ٻيڙيون لوڻ جون پھچائي ڏيڻ جو حڪم ڪيو. ڇوڪر بادشاھہ کان موڪلائي انھن ٻيڙين سان گڏ، سمنڊ جو سفر جاري رکيو.
اڌ رات جو جڏهن چنڊ آسمان جي وچ تي هو ۽ ٿڌي ٿڌي چانڊوڪي چؤطرف پکڙيل هئي. هو ان وقت سوچڻ لڳو، ”مان بادشاھہ جو اهو حڪم ضرور پورو ڪندس! انسان جي همت ۽ ارادو، جي پختو آهي تہ پوءِ ان جي اڳيان ڪابہ ڳالھہ ڏکي نہ آهي، پوءِ هو تارن بابت سوچڻ لڳو، هن هڪ چمڪندڙ تاري کي ڏسي دل ۾ چيو تہ جيڪو تارو چمڪي پيو سو منھنجو تارو آهي، هو بادشاھہ جو، ۽ هو بدنيت نائب جو تارو آهي.“ اهو سوچيندي سوچيندي لھرن جي لوڏن ۾ هن کي ننڊ اچي وئي.
هن جا تجربا هن جي مدد ڪري رهيا هئا. هو هر ڳالھہ غور سان محسوس ڪندو رهيو. هن جو عزم پختو هو ۽ هن کي يقين هو تہ هو ضرور پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ويندو، آخرڪار هو اچي هڪ وڏي شھر وٽ پھتو، ۽ هن شھر جي ٻاهران لنگر هنيو، ۽ سپاهين کي پنھنجي اچڻ جو اطلاع ڪيو. ان شھر جا رازا مشھور هئا، ۽ انھن جو فن ايترو تہ مشھور هوندو هو جو ماڻھو چوندا هئا تہ هو فن پرين کان سکيل آهن. جيئن تہ ان شھر جا سپاهي ماڻھن کي ٻاهر ئي روڪي ڇڏيندا هئا، ۽ بنان اجازت ڪوبہ اندر داخل نہ ٿيندو هو. ڇوڪر سپاهيءَ کي چيو.
”وڃ ۽ وڃي پنھنجي بادشاھہ کي چئو تہ مان سؤ ٻيڙيون لوڻ سان ڀرائي آيو آهيان.“ هن جو ايترو چوڻ ۽ سپاهين وٺي شھنشاھہ جي محل ڏانھن رخ رکيو. هنن کي پنھنجي ڪنن تي بہ اعتبار نہ پئي آيو. حقيقت ۾ ان شھر ۾ اوچتو لوڻ جي کوٽ پئجي وئي هئي ۽ ماڻھو ويچارا لوڻ لاءِ پريشان هئا. بادشاھہ جڏهن اها خبر ٻڌي، تڏهن هڪدم ڇوڪر کي پاڻ وٽ گهرايائين. جڏهن ڇوڪرو آيو تہ هن چيو:
”ننڍڙا، تون جلدي ٻڌاءِ، توکي ڪنھن موڪليو آهي؟“
”سائين“، ڇوڪري وراڻيو، ”مون ٻڌو تہ اوهان وٽ لوڻ جي کوٽ آهي، ان ڪري مان اوهان جي مدد ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيس. مون اها مدد ان ڪري ڪئي آهي جو مون کي بہ ڪجهہ گهرج آهي.“
”تون جلدي لوڻ جي قيمت ٻڌاءِ؟“ بادشاھہ بيتاب ٿيندي چيو.
”جيڪا قيمت چوندين سا توکي ادا ڪئي ويندي، رڳو مون کي لوڻ ڏي. اهو لوڻ هتان ڪنھن ٻئي هنڌ کڻي نہ وڃ.“
”بادشاھہ سلامت!“ ڇوڪر چيو، ”اهو لوڻ وڪري لاءِ نہ آهي، مان ان جي عيوض سودو ڪرڻ نٿو گهران، منھنجو ارادو آهي تہ لوڻ جي بدلي مون کي اوهان وٽان رازا ملن، يعني جيڪڏهن اوهان لوڻ خريد ڪندا تہ ان جي بدلي مون سان گڏ هتان جا رازا هلندا، جيڪي اتي هلي اسان جي مرضي وارو محل ٺاهيندا.“
تنھنجي خواهش پوري ٿيندي! اها خواهش جيتوڻيڪ اهڙي آهي، جو مون کي پنھنجا رازا پاڻ کان جدا ڪندي ڏک پيو ٿئي، پر لاچاريءَ کان اسان کي ائين ڪرڻو ٿو پوي!“ بادشاھہ چيو.
ان کان پوءِ بادشاھہ پنھنجن رازن کي گهرايو. ڇوڪر انھن مان ٻہ سؤ رازا چونڊيا ۽ بادشاھہ کي لوڻ ڏئي ان جو ٿورو مڃيو.
ان کان پوءِ ڇوڪر رازن سان گڏ، سامونڊي ٻيڙي ۾ چڙهيو. موٽندي هن بادشاھہ سان انجام ڪيو تہ جيڪڏهن ڪم ختم ٿيڻ کان پوءِ جيڪڏهن رازن واپس موٽي اچڻ چاهيو تہ مان ضرور واپس موڪليندوسان. هوا سڻائي هئي، هنن واپسيءَ جو سفر جلد پورو ڪري ورتو، ۽ پنھنجي ملڪ ۾ پھچي ويا. اتي اچي هن محل ٺھرايو، ۽ پوءِ رازن کي واپس پنھنجي ملڪ موڪليائين. ڪم ختم ٿيڻ کان پوءِ هن محل جو جائزو ورتو ۽ پوءِ بادشاھہ کي اهو ڏيکاريو. بادشاھہ محل ڏسي بيحد خوش ٿيو. هن ڇوڪر کي تمام گهڻو انعام ڏنو ۽ ڇوڪر خوش ٿي گهر موٽيو.
هن کي گهر آئي اڃا ڪجهہ ڏينھن مس ٿيا تہ بادشاھہ وري هن کي پاڻ وٽ گهرايو.
”ڇوڪرا، مون ٻڌو آهي تہ تو اها لٻاڙ هنئي آهي تہ تون گل سھڻا پٽيندو آهين؟ وڃ ۽ وڃي ايڊن شھر جي وچ تي بيٺل باغ جي وچ واري وڻ جو ڇڳو پٽي اچ! جيئن منھنجي نئين محل ۾ وڻن جي ڇانو ٿئي. ان حڪم جي پوري نہ ٿيڻ تي تنھنجو سر ڌڙ کان جدا ڪيو ويندو!“
”شل سائين جن جي خدمت ۾ ڪڏهن منھنجو وارو بہ اچي، جو مان اوهان کي ڪنھن جون ٻٽاڪون ٻڌايان!“ ڇوڪر چيو.
”تون اهو ئي ڪر، جيڪو مان چوان ٿو، ٻي ڳالھہ پوءِ ڏٺي ويندي.“ بادشاھہ چيو.
”سائين، مون تہ ڪڏهن اهڙي ٻٽاڪ هنئي بہ ڪانھي، مان توهان جي سوال جو جواب سڀاڻي ڏيندس.“
”مان پوري ڪوشش ڪندس، خدا جي مدد سان هي لڪ بہ لنگهي ويندس!“ ڇوڪر چيو.
هو اتان سڌو نانيءَ وٽ ويو. نانيءَ کان صلاح وٺي ٻئي ڏينھن بادشاھہ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ چيائين، جيئندا قبلا، اهو سفر بيحد ڏکيو آهي، جيڪڏهن سائينجن مون کي صحيح سلامت واپس ڏسڻ ٿا گهرو تہ مون کي سئو ٻيڙيون اَن سان ڀريل ۽ سئو ٻيڙيون گوشت سان ڀريل ڏنيون وڃن، مان هڪ ڀيرو وري پنھنجي قسمت آزمائيندس.
بادشاھہ هڪدم هن جي ڳالھہ کي پورو ڪرڻ لاءِ حڪم ڪيو، جڏهن ٻيڙيون ڀرجي ويون، ۽ لنگر کڄڻ لڳا تہ ڇوڪر هڪ ٻيڙي ۾ ويٺو ۽ هن اولھہ طرف سفر ڪرڻ جو حڪم ڏنو، واٽ تي بہ هن جا سڄا خيال بادشاھہ ڏانھن هئا، سوچيائين تہ ڇا، اهو ضروري آهي تہ اسان جو بادشاھہ بيوقوف آهي، ايتريقدر جو هر ماڻھو جي ڳالھہ قبول ڪيو ڇڏي، جيڪڏهن ڪوبہ بادشاھہ ٿئي تہ هو اعليٰ دماغ سمجهو ۽ هوشيار هئڻ گهرجي، انھيءَ کي اهو خيال رکڻ گهرجي تہ آئون ڇا ٿو چوان ۽ ٻيا سڀ ڇا ٿا چون، هن کي هر ماڻھو جي ڳالھہ خيال سان ٻڌڻ گهرجي. ڇا بادشاھہ کي اهو سمجهہ ۾ نہ ٿو اچي تہ خوشامدي ڪڏهن هن جي حڪومت جو ٻيڙو نہ ٻوڙين؟ پر نہ ائين نہ ٿيڻ گهرجي، اسان جو بادشاھہ تہ بيحد شريف ماڻھو آهي، مان هن کي انھن ذليل خوشامدڙين جي حوالي ٿيڻ نہ ڏيندس هن اهي ڳالھيون سوچي، دل ۾ بادشاھہ کي سمجهائڻ جو پڪو پھہ ڪيائين، جيئن تہ سفر تمام ڊگهو هو، ان ڪري سامونڊي سفر ڪندا اچي هڪ ڪبوترن جي سرزمين تي پھتا، اتي ڇوڪرو انھن جي بادشاھہ سان مليو.
”ڀلي آيا“ ڪبوترن جي شھنشاھہ چيو. ”توهان جو هتي ڪھڙو ڪم آهي.“
”منھنجي بادشاھہ طرفان مون تي هڪ ڪم رکيل آهي. اهو اُهو آهي تہ مون کي ايڊن جي باغ مان وڻن جو ڇڳو پٽڻو آهي، ڇا توهان مان ڪنھن کي ان رستي جي خبر آهي، جيڪو ان باغ ڏانھن وڃي.“ ڇوڪرو وراڻيو.
”تہ چئبو، تہ توهان ايڊن باغ ڏانھن، ايتريون ٻيڙيون، رسن سان ٻڌي، جهڳٽا ٺاهي نڪتا آهيو؟ هي توهان جو وڏو ٻيڙو ڪيترو نہ خوبصورت پيو لڳي.“ ڪبوترن جي بادشاھہ ٽوڪ مان چيو.
”سائين! مون ڪيتريون ئي شيون پاڻ سان آنديون آهن، جيڪي منھنجي سفر ۾ منھنجون ساٿي رهيون آهن، منھنجو کاڌي جو بندوبست اهڙو آهي جو مان هر صورت ۾ ڪنھن جي بہ خدمت جو پلئہ ڏيئي سگهان ٿو.“
هن جڏهن ٻڌو تہ هن جي ٻيڙين ۾ هنن سان کاڌو بہ آهي تہ ڪبوترن جي بادشاھہ هن جي خوشامند شروع ڪئي. هن ڇوڪري کي روڪڻ لاءِ ڪوشش ڪئي تہ جيئن هن کي ڪنھن ٻئي هنڌ، ان وڪڻڻ لاءِ نہ وڃڻو پوي، ڇوڪر وري بہ پنھنجو مطالبو دهرايو، تہ جيڪو بہ باغ جي باري ۾ ٻڌائيندو ان جي مدد ڪئي ويندي. اهي سڀ پکي اتفاق سان بکايل هئا، اهو ٻڌي اتان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪبوتر اچي گڏ ٿيا.
بادشاھہ چيو، ”جنھن کي بہ ايڊن باغ ڏانھن ويندڙ رستي جي خبر آهي سو مھرباني ڪري هن کي ٻڌائي.“
ڪيترن وراڻيو اسان کي خبر آهي اهو باغ ڪٿي آهي.“
بادشاھہ چيو ”توهان هن ڇوڪري سان گڏ ويندؤ. ان باغ ۾ داخل ٿي، سڀني جي وچ واري وڻ مان ڇڳو پٽي، هن کي ڏيندؤ. ڇاڪاڻ تہ اهو هن جي گهرج ۾ آهي.“
ڇوڪر سڀ سامان هن کي ڏنو ۽ ايترو کاڌو ڏسي. سڀ پکي بيحد خوش ٿيا، سڀني ڇوڪري جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ڇوڪرو بادشاھہ جي موڪليل ڪبوترن سان گڏ باغ ڏانھن روانو ٿيو.
رستي تي ڪبوترن پڇيو ”اسان هاڻ ڇا ڪيون؟ ڇاڪاڻ جو اسان کي واٽ تي ڳجهن جي ملڪ مان لنگهڻو آهي.“
ڇوڪر چيو ”فڪر ئي نہ ڪريو مان انھن جو منھن بند ڪري سگهان ٿو.“
”پر ڪيئن؟“ ڪبوترن پڇيو. ”بس توهان ماٺ ڪري ڏسجو.“ ڇوڪر چيو.
ڪجهہ سفر ڪرڻ کان پوءِ، ڳجهن جي گوڙ جي ويجهو اچڻ تي ڇوڪر ڪبوترن کي ٻيڙيءَ ۾ لڪائي ڇڏيو. جيئن هو هن جي ڀرسان لنگهيو تہ ڪيتريون ئي ڳجهون اچي هن جي ٻيڙي جي ڀرسان اڏامڻ لڳيون، هنن جون رڙيون ايتريون تيز هيون، جو ڪابہ ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ پئي آئي. هڪ ڳجهہ چيو ”شڪاريءَ جا پٽ، تنھنجو ڇا مقصد آهي، ڇا تون اسان کي مارڻ آيو آهين. يا اسان جي بادشاهت ختم ڪرڻ آيو آهين؟ ڇا تون نہ ٿو ڄاڻين تہ تون وڌيڪ وقت جيئرو رهي نٿو سگهين، ۽ جيڪڏهن جيئرو بچئين تہ بہ موٽي ڪونہ ويندين.“
”منھنجي ڳالھہ غور سان ٻڌو مان توهان جو دوست ٿي آيو آهيان مان توهان جي ملڪ مان لنگهي، ٻئي پاسي ويندس، ۽ موٽي ايندس اهڙيءَ طرح جو منھنجو وار بہ ونگو ڪونہ ٿيندو. مان ڪوبہ تير نہ هڻندس. ۽ توهان بہ مون کي ڪجهہ نہ چئجو.“ ڇوڪر کي چيو، ”تون اڃا بہ خوش فھميءَ جو شڪار آهين.“ ڳجهن کليو، ۽ هنن لامارن ڏيڻ لاءِ ٻيڙين جي چوڌاري ڦرڻ شروع ڪيو.
”ترسو“ ڇوڪر رڙ ڪئي، ”غور سان ٻڌو، مون کي خبر هئي اوهان بکايل آهيو. انھيءَ لاءِ مون اوهان لاءِ کاڌو آندو آهي توهان ان جي بدلي ۾ منھنجي مدد ڪيو.“
ڳجهن جي بادشاھہ کي اها ڳالھہ ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي، هن ڇوڪر جي ڳالھہ مڃي ڳجهن کي پري رهڻ جو حڪم ڪيو.
ڇوڪر بادشاھہ کي چيو مان توهان کي سڀ گوشت ڏيندس، پر ان جي بدلي اوهان مون سان گڏ پنھنجو بہ هڪ پکي موڪليندا. سڀئي ڳجهون ان ڳالھہ تي راضي ٿي ويون. ڇوڪر پنجاھہ ٻيڙيون گوشت جون ڏنيون. ۽ ڳجهون لامارا ڏيئي ان کي کائڻ لڳيون. جڏهن هنن کائي ڍؤ ڪيو تہ ان کان پوءِ ڇوڪر انھن مان هڪ ڳجهہ کي ساڻ کنيو. هن رستي تي ئي ڳجهہ کي اهو سمجهائي ڇڏيو. تہ جيڪڏهن ڪنھن بہ حڪم جي انحرافي ڪئي تہ هو هڪدم ڳجهہ کي ماري رکندو. ڳجهہ ڏاڍو ڊني ۽ چپ چاپ هن جي حڪم تي عمل ڪرڻ لڳي. آخرڪار هو باغ جي ويجهو پھتا، پر ويجهو وڃي تہ ڪير وڃي؟ اهو وڻ اهڙي نموني جو هو، جو ان جي چوڌاري اوندھہ هئي، ۽ هو پاڻ ڏينھن وانگر روشن ۽ چمڪدار هو، ڇوڪر ڳجهہ کي چيو ”غور سان ٻڌ. مان هڪ ڪبوتر توسان گڏ ڇڏيان ٿو. تون ڪبوتر کي چنبن ۾ کڻي، مٿي ويندينءَ ۽ پوءِ هن کي ڇڏي بھاني سان هن جو شڪار ڪرڻ لاءِ پٺيان لڳندينءَ. هو اڳيان ۽ تون پويان هوندينءَ، پر خبردار جو ماريو اٿئي، نہ تہ ٻي صورت ۾ منھنجو تير بہ تنھنجي نڙيءَ جي پار هوندو.
پوءِ هن ڪبوتر کي ڳالھہ سمجهائي ۽ ٻنھي کي اڏائي ڇڏيو.
ٻنھي پکين ائين ئي ڪيو، جيئن هنن کي چيو ويو هو. آخرڪار ڪبوتر پکيءَ ٿڪجڻ جھڙي حالت ڪري وڻ جي هڪ ڏار تي ويھي رهيو. ان وڻ جي هيٺان جن هوندا هئا ۽ ڪنھن کي بہ ويھڻ ڪونہ ڏيندا هئا. هنن جڏهن ڪبوتر کي ٿڪل ڏٺو تہ ڪجهہ نہ چيو. باقي ڳجهہ هن کي شڪار ڪرڻ جي بھاني سان وڻ تي ڦرندي رهي، ڪجهہ دير کان پوءِ ڪبوتر پنھنجي چھنب سان وڻ جي ٻور جو ڇڳو ٽوڙيو ۽ ان کي کڻي اڏاڻو، ڪجهہ دير کان پوءِ هو ڇوڪر جي ڪلھي تي اچي ويٺو.
وڻ جي ٻور جي ٽاريءَ کي ڏسي ڇوڪر بيحد خوش ٿيو، هن پنھنجي وطن ڏانھن واپس سفر اختيار ڪيو.
واپسيءَ جو سفر بيحد وڻندڙ هو، رستي تي هن ڳجهن ۽ ڪبوترن کي پنھنجي ملڪ واپس ڇڏيو ۽ هنن جي بادشاھہ جو بيحد شڪريو ادا ڪيو.
سندس بادشاھہ جڏهن اهو ٻڌو تہ ڇوڪرو هن جي حڪم کي پورو ڪري واپس موٽيو آهي تہ هن ڇوڪر کي پاڻ وٽ گهرايو، ۽ ڇوڪر جو ڏاڍي سھڻي نموني سان آڌر ڀاءُ ڪيائين.
ڇوڪر چيو: ”خدا توهان جي عمر وڏي ڪري توهان جي محل کي سچ پچ تہ هن گل جي بيحد ضرورت هئي“.
”ها- ان ڪري تہ مون توکي موڪليو هو!“ بادشاھہ چيو.
اهو وڻ جڏهن محلات ۾ لڳي وڏو ٿيو تہ ايترو تہ چمڪيدار هو، جو ڪابہ اک هن تي بيھي نہ سگهندي هئي ڄڻ تہ سج هجي. بادشاھہ هن کي ان ڪم جو بدلو اهو ڏنو، جو هن جي شادي پنھنجي ڌيءُ سان ڪرڻ جو اعلان ڪيائين. اهو اعلان ٻڌي ڇوڪرو ادب سان بادشاھہ جي سامھون جهڪيو ۽ پوءِ سڀني درٻارين جي سامھون چيائين ”جيئندا قبلا، مون ٻڌو آهي تہ توهان جو هڪ نائب اها ڳالھہ وڏي واڪي چوندو آهي تہ هو ڳچيءَ ۾ رسو وجهي ڊينوب دريا تري سگهي ٿو. اها ڳالھہ هن ڪيترن سان ئي ڪئي آهي، هو ائين ئي هٿ پير ٻڌائي جن پرين جي راڻيءَ کي پڪڙي حضور جن لاءِ آڻي سگهي ٿو. ان راڻيءَ جو جسم سونھن ڇلرن جو ٺھيل آهي.“
”هي ڪوڙو آهي، سائين“ نائب چيو، ”مون ائين ڪونہ چيو آهي.“ هي اهو ئي نائب هو، جنھن ڇوڪر بابت بادشاھہ کي ڪوڙيون خبرون ٻڌايون هيون. بادشاھہ هن جي جواب ڏانھن ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو. هن هڪدم حڪم ڏنو تہ هن جيڪا ٻٽاڪي هنئي آهي اها ڏٺي وڃي پوري ڪري سگهي ٿو يا نہ؟ ٻي ڪابہ راھہ نہ هئي نائب ڏاڍو رنو، ٻاڏايو پر بادشاھہ هڪ بہ نہ ٻڌيس. هن جي ڳچيءَ ۾ رسو وجهي ڊينيوب درياءَ ۾ ڪيرايو ويو، هو ڪجهہ دير بہ تري نہ سگهيو ۽ ٻڏي مري ويو.
بادشاھہ ڇوڪر جي شادي پنھنجي ڌيءَ سان ڪرائي ۽ هو خوش زندگي گذارڻ لڳو، اها شادي ايتري تہ سٺي هئي جو پوءِ ماڻھو ورهين جا ورهيہ هن کي ياد ڪندا رهيا ۽ پوءِ بادشاھہ خوشامدڙين جي ڳالھين تي ويساھہ ڪرڻ ڇڏي ڏنو.


(ڇپيل: ’گُل ڦُل‘ فيبروري / اپريل 1978ع)

جاني لاثاني

(هالينڊ جي لوڪ ڪھاڻي)

_______________________________________
هالينڊ
هالينڊ، اُتر اولھہ يورپ ۾ واقع آهي، جيڪو پنھنجن ڪئنالن، ڪنول جي پوک، پن چڪين جي ڪري مشهور آهي.
گاديءَ جو هنڌ: ايمسٽرڊئم
ايراضي: 41543 چورس ميل
سڪو: ڊچ ڊالر
آبادي: 17.53 ملين
سرڪاري ٻولي: ڊچ
ٻيون ٻوليون: يِدِش ]Yiddish[‎،
روماني ]Romani[، انگلش ]انگريزي[
_______________________________________

گهڻو وقت اڳي هڪ بادشاھہ ۽ هڪ راڻي هڪ ملڪ تي حڪومت ڪندا هئا. خدا جي قدرت سان هنن کي پٽ جو ڪوبہ اولاد ڪونہ هو. رڳو ٽي ڌيئرون هونديون هين. بادشاھہ ۽ راڻي الله جو شڪر بجا آڻي انھن ڌيئرن کي پنھنجي پٽن وانگر پالڻ لڳا. هڪ ڏينھن محلات ۾ جن گهڙي آيا. ۽ اهي ٽنھي شھزادين کي پاڻ سان گڏ کڻي ويا. بادشاھہ شھزادين جي گم ٿيڻ جي ڪري بيحد غمگين ٿي ويو. هن جي ڏک جي باري ۾ ڪوبہ اندازو نٿي لڳائي سگهيو. آخرڪار هن هڪ فوج تيار ڪئي ۽ جنن جي مقابلي ڪرڻ لاءِ پنھنجين ڌيئرن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ روانو ٿيو. جڏهن هو پنھنجي بادشاهت جي حد وٽ پھتو تہ رستي ۾ هڪ درياءَ آڏو آيو ان ڪري بادشاھہ ان تي پل ٺاهڻ جو حڪم ڏنو پل ٺاهڻ جو ڪم ٽي سال هليو تہ بہ اها ٺھي نہ سگهي. ڇاڪاڻ جو ڏينھن جو جيڪي ٺاهيندا هئا. رات جو جن اچي ڊاهي ويندا هئا. ويچارو بادشاھہ ڪجهہ بہ ڪري نہ ٿي سگهيو. هن جي دل ۾ بدلي وٺڻ جي باھہ پي ڀڙڪي. هو جنن کي ڪوبہ نقصان نہ ٿي پھچائي سگهيو. نيٺ هن پنھنجي بادشاهت ۾ اعلان ڪرايو (پڙهو گهمايو) تہ جيڪو بہ انھن جنن سان مقابلو ڪري شھزادين کي آزاد ڪرائيندو انھن کي اڌ بادشاهت ڏني ويندي.
ڪوبہ ماڻھو ان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نہ ٿيو. ڀلا ڪير جنن سان مقابلو ڪندو. بادشاھہ انعام جي رقم وڌائي، پر ڪوبہ ماڻھو جان جوکي ۾ وجهڻ لاءِ تيار نہ ٿيو.
نيٺ هڪ ٻڍڙي عورت، هڪ اک کان ڪاڻي، هڪ ٽنگ کان منڊي، جنھن جي پٺيءَ تي وڏو ڪُٻ هو. بادشاھہ جي سامھون آئي ۽ چوڻ لڳي: ”جيئندا قبلا، خدا شل اوهان جو رتبو وڌائي ۽ توهان تي رحمت نازل ڪري، مان انھي پل ڊاهڻ وارن جنن جو پتو لڳائيندس ۽ توهان کي انھن جي حقيقت کان آگاھہ ڪنديس.“
”جيڪڏهن تون ڪامياب ٿيندينءَ.“ بادشاھہ چيو ”تہ توکي هڪ شھزاديءَ جھڙو رتبي وارو ڪيو ويندو ۽ تنھنجي سڀني ڏکن کي دور ڪيو ويندو.“
”مان پوري ڪوشش ڪندس تہ جيئن هنن جنن کان پنھنجي مڙس جو بدلو وٺان، جنھن کي هنن جواني ۾ ئي ماري ڇڏيو هو.“ پوڙهيءَ چيو.
”خدا تنھنجي مدد ڪندو.“ بادشاھہ چيو ۽ پوڙهي اتان رواني ٿي ويئي.
بادشاھہ کي پوڙهيءَ جي انھيءَ ڳالھہ تي تہ هوءَ جنن کان بدلو وٺندي ڏاڍي کل آئي. هن سوچيو تہ ملڪ جا بھترين بھادر نوجوان مقابلو نہ ٿا ڪن اتي هيءَ ويچاري پوڙهي ڪھڙو ڪارنامو ڪندي.
پوڙهي هڪ وڻ جي جهڳٽي ۾ اهڙي طرح لڪي ويھي رهي جو هن جي سامھون بادشاھہ جي سپاهين جي ڪوشش سان لڳايل پل جا ٿنڀا هئا.
پوڙهي ان جهڳٽي ۾ ڪرونڊڙي ٿي ويھي رهي. هو سڄي ڏڪي پئي ڄڻ سيءَ ۾ ڏڪڻي ورتل هجيس. هن جيئن جيئن انتظار پئي ڪيو. تيئن تيئن هن جو حراس ۽ ڊپ وڌندو پئي ويو. هن جي دل ڄڻ تہ بيھڻ واري هئي، هوءَ ڏاڍو ڊڄڻ لڳي، ۽ ان گهڙيءَ کي پٽڻ لڳي، جنھن مھل هوءَ هتي آئي. هن سوچيو ”ڪھڙي کٽيءَ کنيم جو هتي آيس. هاڻي هتان ڪيئن وڃان.“ هن کي اهو ڊپ هو تہ هتان هن جهڳٽي مان نڪران ۽ جن کڻي وٺن تہ پوءِ ڇا ٿيندو. ان مھل اوچتو ڌڌڪن، سوسٽ ۽ گجگوڙن جا آواز اچڻ لڳا. اهي آواز سچ پچ تہ رت نسن ۾ ڄمائڻ جھڙا هئا. پر هي هڪڙي ڪنڊ ۾ ڪرونڊڙي ٿي ويٺي ۽ جنن جون ڳالھيون ٻڌڻ ۽ هنن جي چرپر کي ڏسڻ لڳي، ڇاڪاڻ تہ اهي آواز ۽ گوڙ گهمسان جنن جا ئي هوا. هنن هر شئي کي تباھہ ٿي ڪيو. ايتريقدر جو ڪاٺ جو ننڍڙو ٽڪر بہ بچيل نہ هو. هر شئي کي تباھہ ڪرڻ کان پوءِ هو پاڻ ۾ ڪچهري ڪرڻ لڳا. هنن جي مشڪڻ جو آواز ايترو تہ ڀوائتو هو جو ٻڌندڙن جا وار اڀا ٿي وڃن. سڀ بادشاھہ جي مٿان ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. الائي ڇا ڇا چئي ويا. اوچتو هنن مان هڪ نوجوان جن اٻھرائي سان چوڻ لڳو ”ڀائرو، اهو ڪھڙو هوشيار ماڻھو هو جنھن اهو چيو تہ بادشاھہ اسان جو دشمن ايستائين اسان تي قابو حاصل ڪري نہ سگهندو، جيستائين هو هڪ ڄار سان سونھري مڇي ماري پنھنجي زال کي کارائي. هاڻي هو جيستائين پنھنجي زال کي اهو پاڻ رڌي نہ کارائيندو، تيستائين هن درياھہ تي پل ٺاهڻ جو ڪو سوال ئي پيدا نہ ٿو ٿي سگهي.“
”چپ ڪر، بيوقوف ۽ احمق، پنھنجو وات بند ڪر. تون صفا ڪو واهيات ۽ بي عقل آهين. هتي جيڪڏهن ڪو اها ڳالھہ ٻڌي ۽ بادشاھہ کي وڃي ٻڌائي تہ پوءِ اسين ڇا ڪنداسين؟“ هڪ وڏي جن ڪاوڙجندي چيو.
”پر ٻڌو تہ سھي ڪنھن کي ايتري همت آهي جو هتي اچي اسان جون ڳالھيون ٻڌي.
ٻي چيو ”ڇڏ، ٻار جي ڳالھين تي ايترو نہ سوچ.“ ۽ اهو هئو بہ سچ، ڪير هو جيڪو هنن جون ڳالھيون ٻڌي ۽ خير سان موٽي وڃي. هو سڀ وحشي هئا. سڄيون ماٿريون ۽ جهنگ ڄڻ تہ هنن جي آواز سان گونجندا هئا. هو سڀ گڏجي هڪ ئي وقت ڳالھائيندا هئا. ايڏو گوڙ سچ پچ تہ مٿي ڦيرائڻ لاءِ ڪافي هو. ويچاري پوڙهيءَ، مس مس ساھہ پئي کنيو. نہ تہ ڊپ ۾ ذري گهٽ مري وڃي ها. هن جي سڄي عمر ۾ اهڙي ڀوائتي رات نہ آئي هئي.
صبح جو جن موٽي پنھنجن گهرن ڏانھن هليا ويا، پوڙهيءَ جي دل ٻاهر نڪرڻ تي نہ پئي ٿي. هوءَ ڊڄندي ڊڄندي جهڳٽي مان نڪتي، پھرين جهاتي پائي ٻاهر ڏٺائين ۽ پوءِ هڪ هڪ وک ڏڪندي وڌائڻ لڳي ڄڻ هن کي وري بہ جنن جي موٽي اچڻ جو ڊپ هو. جيئن تيئن ڪري پوڙهي خير سان واپس بادشاھہ وٽ آئي، هن بادشاھہ کي سڄي ڳالھہ ڪري ٻڌائي تہ هن ڇا ڏٺو. ان کان پوءِ هن ملڪ جا بھترين ملاح ۽ ٽوٻا گهرائي انھن کي سمنڊ مان سوني مڇي آڻڻ جو حڪم ڏنو. ملاح ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ اها مڇي پڪڙي آيا، بادشاھہ ان مڇيءَ کي کنيو. ان کي پاڻ تري پنھنجي زال کي کارايائين، ڪجهہ وقت کان پوءِ راڻيءَ کي هڪ پٽ ڄائو، جنھن جو نالو جاني رکيائين. ان ساڳئي ڏينھن هڪ ڪتيءَ کي ٽي گلر بہ ڄاوا، ان ڪتيءَ بہ ڪو ان تريل مڇيءَ جا هڏا کاڌا هئا.
جاني، تيزيءَ سان جوان ٿيندو رهيو، هو هڪ سال ۾ ئي ٻين ٽن سالن جي ٻارن جيترو نظر ايندو هو، جڏهن هو ڪجهہ وڏو ٿيو تہ مائٽن هن کي مڪتب ۾ داخل ڪيو ۽ هو سڄي ملڪ ۾ هوشيار مڃيو ويو، هن جي بھادريءَ، هوشياري ۽ لڙائيءَ ۾ ڪوبہ هن جو ثاني نہ هو.
سورهن سالن جي عمر ۾ هن هڪ ڏينھن پنھنجي ماءُ کان پڇيو ”امان، ڇا منھنجو ڪو ڀاءُ يا ڀيڻ نہ آهي.“ ماڻس هن کي سڄي ڳالھہ ڪري ٻڌائي تہ ڪيئن هن جون ٽي ڀينر آهن، جن کي جن کڻي ويا، اها ڳالھہ ٻڌي هن کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، هن فيصلو ڪيو تہ هو پنھنجين ڀينرن کي ضرور آزاد ڪرائيندو. هن جي ماءُ هن کي ڏاڍو سمجهايو تہ هو جنن جي مقابلي ۾ ڪمزور آهي، پر هو پختو ارادو ۽ مضبوط عزم سان جنن سان مقابلي جي لاءِ تياري ڪندو رهيو. هن جي مائٽن هن کي ڏاڍو روڪيو، پر هن جي ضد کي ڏسي آخرڪار هن کي مقابلي تي وڃڻ جي موڪل ڏنائون. هن کي ڪجهہ ڪپڙا ۽ پئسا بہ گڏ، سفر تي ڪم اچڻ ۽ خرچڻ لاءِ ڏنا، موڪلائڻ وقت هن جي ماءُ ۽ پيءُ ٻنھي جي اکين ۾ ڳوڙها هئا، پر جانيءَ کلندي هنن کان موڪلايو. هن سان گڏ سفر ۾ اهي ٽي گلر بہ گڏ هليا. جيڪي ٺيڪ هن جي ڄمڻ جي ڏينھن تي هن سان گڏ ڄاوا هئا. اهي گلر بہ هاڻي وڏا ڪتا هئا. جاني سدائين انھن سان گڏ شڪار تي ويندو هو. ان سفر ۾ هن کي ٽي سال لڳا، تڪليفون سھندو نيٺ هو جنن جي گهرن وٽ اچي پھتو. هن جون ڀينرون انھن جنن جي گهرن ۾ قيد هيون. هو جنھن مھل اتي پھتو ان مھل جن پنھنجي گهرن کان پري برف جي گولن سان راند ڪري رهيا هئا. هن جي وڏي ڀيڻ هن کي پري کان ڏٺو تہ دل ۾ چوڻ لڳي ”پڪ اهو ڇوڪرو منھنجو ڀاءُ آهي.“ ڇاڪاڻ جو جاني ان مھل شاهاڻي لباس ۾ هو. اهو شاهي لباس انھن ڇوڪرين جي پيءُ جي درٻار سان تعلق رکندو هو. هن جي ڀيڻ سوچيو ”پڪ اهو منھنجو ڀاءُ آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو لباس اسان جي بادشاهيءَ جو آهي.“ جاني ويجهو آيو تہ هن پنھنجي ڀيڻ کي سڃاڻي ورتو، هن کي ماءُ پورا پار پتا ڏسيا هئا، هن جي ڀيڻ هن سان ملي ڏاڍي خوش ٿي پر هن پنھنجي پيءُ ۽ ماءُ جي باري ۾ ڪجهہ نہ پڇيو. ڊڄندي ڊڄندي هن کي چوڻ لڳي ”ادا، هتان جلدي هليو وڃ، يا ڪٿي لڪي وڃ، ڇاڪاڻ جو جن هينئر اچڻ وارو آهي. هن جيڪڏهن توکي هتي ڏٺو تہ توکي مارڻ کان سواءِ ڪونہ ڇڏيندو.“
”ادي، مان هتي چرچو ڪرڻ تہ ڪونہ آيو آهيان. هو ڪٿي آهي؟“ جانيءَ پڇيو.
”هو صبح ساڻ برف جي جبلن ڏانھن ويو آهي ۽ هينئر هن جي موٽڻ جو وقت ٿيو آهي، خدا جي واسطي ڪٿي لڪ“ ڀيڻ چيو.
اوچتو ان مھل هوا جو زوزاٽ وڌي ويو ۽ ظالم جن وڏا وڏا ٽھڪ ڏيندو گهر ۾ داخل ٿيو. جاني هن سان در وٽ مليو. جڏهن هن جن ڏانھن ڏٺو تہ جن ڏاڍو ڪاوڙيو، جاني هن کي گهوريندو رهيو. جن وڏي آواز سان ٽھڪ ڏئي هن کي ڊيڄارڻ لڳو. پر هو وري بہ بھادريءَ سان اتي بيٺو رهيو، جن ڏاڍو حيران ٿيو. هن پنھنجي طرفان جانيءَ کي آڇ ڪئي. ”اسان ڪھڙي نموني وڙهون بھادر جوان؟ تلوار بازي، تيراندازي، يا زور آزمائي جو مقابلو ڪريون يا ملھہ وڙهون؟“
”منھنجي خيال ۾ ملھہ مناسب رهندي. ڇاڪاڻ جو بھادر انسان ملھہ کي ٻين مقابلن تي ترجيح ڏيندا آهن.“ جانيءَ وراڻيو.
”جيئن تون پسند ڪرين.“ جن چيو.
هنن ملھہ شروع ڪئي. ٻئي زور آزمائي ڪندا رهيا پر ڪوبہ ڪنھن کي نہ ماري سگهيو. هو ٻئي طاقت ۾ هڪ جيترا هئا. نيٺ شام ٿي وئي هو وڙهندا رهيا. هاڻي جانيءَ جي ٻانھن ۾ سور ٿيڻ لڳو. هن جي سڄو ڏينھن جي محنت ڄڻ ناس ٿيڻ واري هئي. هن هڪ ڀيرو وري پنھنجي طاقت کي ميڙيو ۽ پوري زور سان جن کي پنھنجي ڀاڪر ۾ آڻي هيٺ ڪيرايو. هيٺ ڪرندي جن جو مٿو زور سان ٽڪرايو ۽ سور کان هن جي رڙ نڪري وئي. تڪليف کان جن جي ڄڀ ٻاهر نڪري آئي ۽ جانيءَ هن کي ٽڪر هڻي سندس مٿو ڦاڙي وڌو نيٺ جن مري ويو. هن ٻن ٻين جنن سان بہ ساڳي ڪار ڪري پنھنجن ڀينرن کي ڇڏايو.
ڀيڻن کي آزادي ڪرائڻ کان پوءِ هن ٽنھي کي هڪ هنڌ گڏي اها خوشخبري ٻڌائي تہ هو سندن ڀاءُ هو. پوءِ تہ هنن جي ڀينرن جون خوشيءَ کان رڙيون نڪري ويون ۽ پوءِ هنن جانيءَ کان گهر، ماءُ پيءُ سڀني جي پڇا ڪرڻ شروع ڪئي. جانيءَ واري واري سان سڀني کي جواب پي ڏنا.
ڀيڻ جي واتان جانيءَ کي خبر پئي تہ هتي هڪ گلن جو بادشاھہ رهندو آهي، جنھن جو نالو ”فلورا ٽيزل“ آهي، جانيءَ کي ان بادشاھہ سان ملڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ هو اتان هن ”گلن جي بادشاھہ“ سان ملڻ لاءِ روانو ٿيو.
واٽ تي هن کي هڪ سھڻو باغ نظر آيو، باغ ۾ گهمندي هن جي نظر ”فلورا ٽيزل“ تي پئي جيڪو هڪ وڻ جي ڇانو ۾ ستو پيو هو. جانيءَ هن کي اٿارڻ مناسب نہ سمجهيو ۽ پاڻ بہ هن جي ڀرسان سمھي پيو. اوچتو ”فلورا ٽيزل“ ننڊ مان جاڳيو. هن جي نظر جڏهن ڀرسان ستل جانيءَ تي پئي تہ هو ٽپ ڏئي اٿيو. تلوار ڪڍي جانيءَ کي مارڻ تي هو تہ خيال آيس ”مان ڇو ٿو هن کي ماريان؟“ هن مون سان ڪھڙي دشمني ڪئي آهي. ڇا هي بہ مون کي ستل سمجهي مارڻ آيو هو جو مان هن کي مارڻ ٿو گهران.“ هن تلوار واپس مياڻ ۾ رکي. اوچتو ان مھل جاني بہ جاڳيو ۽ پوءِ هڪ ٻئي سان حال احوال ڪري هو ٻئي هڪ ٻئي جا دوست بنجي ويا.
هو ٻئي شڪار تي گڏ وڃڻ لڳا. فلورا ٽيزل هڪ بھادر شخص هو. هو سڀ ڪم وڏي دليريءَ سان ڪندو هو. پر جانيءَ هڪ ڳالھہ محسوس ڪئي تہ جڏهن بہ هو شڪار ڪرڻ لاءِ ويندڙ رستي تي وڻن جي جهڳٽي وٽان لنگهندا هئا تہ فلورا ٽيزل الائي ڇو ڏکارو ۽ اداس ٿي ويندو هو. آخرڪار جانيءَ هن کان هڪ ڏينھن پڇيو ”ڀاءُ، ڪھڙي ڳالھہ آهي جو پاڻ جڏهن بہ هتان لنگهندا آهيون تہ تون ڏکارو ٿي ويندو آهين؟“
”اها ڳالھہ نہ پڇ دوست جيڪڏهن مون توکي ان ڏک جو ڪارڻ ٻڌايو تہ منھنجي زندگي ختم ٿي ويندي يعني مان مري ويندس.“ فلورا ٽيزل وراڻيو.
”پر ڇو“ جانيءَ پڇيو، ”تون ڇو مرندين، ڇا تنھنجي زندگيءَ تي بہ ڪنھن جو سايو آهي.“
”نہ ادا“، فلورا ٽيزل جواب ڏنو اهڙي ڳالھہ نہ آهي، پر مان سوچان ٿو تہ جيڪڏهن مان توکي انھن وڻن بابت ڪجهہ ٻڌائيندس تہ جن مون کي جيئرو نہ ڇڏيندا.
”فڪر نہ ڪر، تون مون کي ٻڌاءِ انھن وهمن ڏي ڌيان نہ ڏي. مون کي ٻڌاءِ هن سان ڪا تنھنجي مدد ڪري سگهان.“
هن جي گهڻي زور تي فلورا ٽيزل هن کي هڪ واقعو ٻڌايو. ڪيئن هو شڪار تي ويو ۽ هن سان ڪھڙو واقعو پيش آيو. جاني اها ڳالھہ ٻڌي پنھنجي ڪتن کي گهرايو ۽ ان رستي تي شڪار ڪرڻ نڪتو جنھن تي فلورا ٽيزل سان اهو واقعو پيش آيو هو. هن انھن وڻن جي جهڳٽن وٽ ٻہ پکي شڪار ڪيا ۽ اتي ئي انھن کي ڪاٺ جي بنڊن کي ٻاري پچائڻ لڳو. انھن کي پچائڻ دوران هن کي هڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو ”فلورا ٽيزل سان بہ ساڳيو واقعو پيش آيو هو ۽ هن بہ ائين ئي آواز ٻڌو هو.“ ”پنھنجا ڪتا گهراءِ هن ڌاڳي سان انھن کي ٻڌ، مان هڪ ٻڍڙي آهيان، وڻ تي ويھڻ جي ڪري مون کي ڏاڍو سيءُ ٿو ٿئي. مھرباني ڪري پنھنجا ڪتا ٻڌ تہ مان هيٺ اچي باھہ تي گرم ٿيان.
”تون جيڪا بہ آهين هيٺ اچ. منھنجي باھہ مان هرڪو گرم ٿي سگهي ٿو.“ جانيءَ وراڻيو ان کان اڳ جو ڏائڻ هيٺ اچي گرم ٿئي ڇاڪاڻ جو اها هڪ ڏائڻ هئي، جنھن جو ان وڻ تي واسو هو جانيءَ ڪتن کي پاسيرو ڪري ڇڏيو. هن ڪتن کي فلورا ٽيزل وانگر ٻڌو ڪونہ.
هيٺ لھي ڏائڻ باھہ جي ويجهو سرڪي آئي ۽ باھہ تي گرم ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.
جانيءَ ”چيو نہ، بلڪل نہ، پوڙهي تون باھہ جي ويجهو نہ اچ. ويجهو آئينءَ تہ مان تنھنجو منھن ان سان ساڙي ڇڏيندس هتي توکي تئہ وٺڻ لاءِ باھہ ڪونہ ٻاري اٿم.“
ڏائڻ هن جي ڳالھہ ڏانھن ڪوبہ توجھہ نہ ڏنو. آخرڪار هن مجبور ٿي ڏائڻ جو منھن ساڙيو ڏائڻ هڪدم ٽپ ڏنو ۽ جانيءَ تي منتر پڙهي شوڪاريو. (جيئن اڳي فلوراٽيزل تي شوڪاريو هئائين) پر جانيءَ هڪدم ڪتا هن تي بڇيا. تن وڃي ڏائڻ کي ورتو. ڏائڻ هڪدم پنھنجي ڌاڳي کي سڏيو، ”ڌاڳا ڙي ڌاڳا“، هنن ڪتن کي ٻڌ. هنن کي روڪ، هنن جو منھن ٻڌي ڇڏ. پر ڌاڳو تہ پري هڪ وڻ سان ويڙهيل هو. اهو ڌاڳو هن جي حڪم کي ٻڌي وڻ سان وڌيڪ ويڙهجي ويو. آخرڪار ڪتن ڏائڻ کي هيٺ زمين تي ڪيرائي بيوس ڪري ڇڏيو. جاني چيو ”تون جيڪڏهن جيئرو رهڻ گهرين ٿي تہ منھنجي دوست تي پڙهيل منتر جو ٽوڙ ڪر.“
”نہ، مان نہ ٿي ڪري سگهان.“ ڏائڻ چيو تہ ”منترن جو ڪتاب منھنجي ڀيڻ وٽ آهي. جيڪا هتان 9 بادشاهيون ۽ 9 سمنڊ پري آهي. ان ڪتاب ۾ ئي ان منتر جو ٽوڙ آهي.“
”هن کي هتي گهرائي.“ جاني چيو. ”نہ تہ مرڻ لاءِ تيار ٿي.“
آخر ٻي واھہ نہ ڏسي ڏائڻ مجبور ٿي پنھنجي ڀيڻ کي گهرايو. اها تہ ڄڻ باھہ ٿي آئي هن کي ان ڳالھہ تي ڪاوڙ لڳي هئي تہ هن جي ڀيڻ (ڏائڻ) هن کي بيوقتو ڇو گهرايو.
جانيءَ هڪدم تير ڪمان سڌو ڪري هن کي چيو ”مھرباني ڪري آرام سان ويھہ نہ تہ مان هي تير تنھنجي دل مان پار ڪندس.“ هن رڙ ڪري چيو.
”ڪھڙو ڪم اٿئي؟“
جانيءَ ڏائڻ کي چيو ”پنھنجي ڀيڻ کي هيٺ گهراءِ، مان هن جون رڙيون سمجهي ڪونہ ٿو سگهان.“
ڏائڻ ڀيڻ کي هيٺ گهرايو ۽ هوءَ هيٺ زمين تي لٿي تہ جانيءَ هڪ ڪتو هن جي مٿان بہ بيھاريو. جيڪو هن جي مٿان ڏند ڪڍي بيھي رهيو. ”هاڻي ٻڌاءِ تہ منتر وارو ڪتاب ڪٿي آهي“ ڏائڻ جي ڀيڻ چيو، ”ٻڌايانءِ ٿي پنھنجو ڪتو تہ پري ڪر.“
جاني چيو ”پھرين ٻڌاءِ پوءِ ڪتو پري ڪندوسانءِ.“
”چڱو ڀلا ٻڌ“ هن چيو اهو ڪتاب منھنجي ڀاءُ وٽ آهي، جيڪو هتان 90 سمنڊ ۽ 9 بادشاهيون پري آهي ۽ اهو ڪتاب تون هن کي مارڻ کان سواءِ حاصل نہ ڪري سگهندين. هن جي مارڻ جي صورت اها آهي تہ جيڪڏهن تون هن جي محلات ۾ ويندين تہ توکي هڪ سھو ملندو، سھي کي ماريندين تہ اندران هڪ ڳيرو نڪرندو ۽ ان ڳيري کي مارڻ سان هڪ پيتي نڪرندي جنھن مان اهو ڪتاب نڪرندو.“ اهو ٻڌي جانيءَ ڪتي کي انھن جي مٿان بيھاري پاڻ هن جي ڀاءُ جي محلات ڏانھن هليو. هنن کي هاڻي منترن جو ڪتاب ڳولي هٿ ڪرڻو هو. هن 3 مھينا سفر ڪيو. اهو سفر هن جو ڏينھن رات هليو ۽ آخرڪار هو ڏائڻن جي ڀاءُ وٽ وڃي پھتو. جانيءَ ڏاڍي مزي سان هن کي هيٺ ڪيرائي هن جا هٿ پير ٻڌا پوءِ محلات جي باغ ۾ وڃي سھو پڪڙي ان کي ڪٺو. اندران ڳيرو ۽ ڳيري جي اندران اها پيتي هٿ آئي جنھن ۾ منترن جو ڪتاب هو. هو اتان وري ٽن مھينن جو سفر ڪري فلوراٽيزل وٽ آيو. هتي اچي هن پيتي کولي ڪتاب ڪڍيو ۽ فلوراٽيزل کي ڏنو. فلوراٽيزل اهو ڪتاب ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. هو خوشيءَ کان ٽپا ڏيندي نچڻ لڳو. ڇاڪاڻ جو هاڻي هو بہ ٻين وانگر آزاد هو، ٿورن ڏينھن کان پوءِ فلوراٽيزل پنھنجي ڀيڻ جي شادي جاني سان ڪئي. شاديءَ کان پوءِ هن جي زال هن کي ڀاڻس کان جادوءَ جو چھبڪ گهرڻ لاءِ چيو. فلوراٽيزل پھرين تہ تيار ڪونہ هو. پر نيٺ ڀيڻ ۽ ڀيڻوئي جي محبت کان مجبور ٿي هن اهو کيس ڏنو.
پوءِ جاني هن کان موڪلائي زال سان گڏ اتان هليو. هو اتان سڌو ڀيڻين وٽ ويو. جتي وڃي هن جادوءَ جي چھبڪ سان جنن جي محلن کي صوفن ۾ تبديل ڪيو. پوءِ پنھنجي ڀيڻن، زال صوفن، ۽ جادوئي چھبڪ سان گڏ پنھنجي وطن موٽيو.
هن جا ماءُ پيءُ هن جي موٽڻ جو ٻڌي بيحد خوش ٿيا. هنن جانيءَ جو شاندار استقبال ڪيو. هزارين عورتون ۽ مرد هن کي خوش آمديد چوڻ لاءِ آيا هئا. وطن پھچي جانيءَ پنھنجي محل جي چوڌاري آندل صوفن تي چھبڪ ڦيرائي ٽي شاندار محل بنائي ڇڏيا ۽ ٽيئي محل ڀينرن جي حوالي ڪيا. ڪجهہ ڏينھن کان وري پوءِ جانيءَ جي شاديءَ جو جشن ملھايو ويو، جيڪو اٽڪل ٻہ مھينا هليو. هن جھڙي سٺي شادي شال هر ڪنھن جي ٿئي.


(ڇپيل: ’گُل ڦُل‘ مارچ/ اپريل 1979ع)

گم ٿيل ٻيڙي

(آسٽريليا جي لوڪ ڪھاڻي)

______________________________________
آسٽريليا
آسٽريليا، عام طور ’ڪامن ويلٿ آسٽريليا‘ سڏبو آهي، جيڪو آسٽريليا کنڊ، تسمانيا ٻيٽ
۽ مختلف ننڍن ٻيٽن تي مشتمل آهي.
گاديءَ جو هنڌ: ڪئنبرا
ايراضي: 7.688 ملين چورس ميل
سڪو: آسٽريليَن ڊالر
آبادي: 25.74 ملين
سرڪاري ٻولي: انگلش (انگريزي)
______________________________________

سمنڊ جي ڪناري تي، هڪ ميرانجهڙي ڪاٺ جي جهوپڙيءَ ۾ پوڙهو مائڪ رهندو هو. سانوري رنگ وارو اهو پوڙهو چاچو، جنھن جي ڏاڙهي وريل هئي، سڀني ۾ پوڙهي مائڪ جي نالي سان مشھور هو. سندس اڳوڻي نالي جي ڪنھن کي بہ خبر ڪونہ هئي ۽ جيڪڏهن ڪو پراڻو واقف بہ هو تہ بہ وساري ويٺو هو. هن جو گذر سفر ڪاٺ جي ٻيڙين تي ٿيندو هو. هن جو روزگار ئي اهڙو هو. مختلف ماڻھو ”چاچي ماڻڪ“ وٽ اچي هن کان سمنڊ ۾ سير ڪرڻ لاءِ ٻيڙيون ڀاڙي تي وٺندا هئا. هو بہ کين سندن پسند واري ٻيڙي ڏئي پاڻ ڪناري تي ويھي هنن کي خوش خوش سمنڊ ۾ ويندي ڏسندو هو. ڪڏهن ڪو ماڻھو ٻيڙي ڪلاڪ لاءِ ڀاڙي تي وٺندو هو تہ ڪو ٻن ڪلاڪن لاءِ. ۽ ڪڏهن ڪڏهن تہ ڪو ماڻھو ٻيڙي ٻن ٻن ڏينھن لاءِ بہ ڀاڙي تي کڻندو هو. چاچي مائڪ وٽ ٻارهن ٻيڙيون هيون، جيڪي سندس جهوپڙيءَ جي پاسي کان لڳل ڪاٺ جي ٿلھي سان ٻڌل هونديون هيون.
سياري جي مند ۾ هن جو ڌنڌو جهڪو ٿي ويندو هو، هوا جڏهن حد کان وڌيڪ ٿڌي ٿي ويندي هئي ۽ ڪناري تي ڄايل سامونڊي گاھہ جڏهن پاري جو پوڻ سان اڇو ٿي ويندو تہ ”پوڙهو ماڻڪ“ پنھنجن ٻيڙين کي پنھنجي جهوپڙيءَ ۾ بند ڪري پاڻ پنھنجي ڀيڻ ڏانھن شھر هليو ويندو هو. پوءِ سڄي مند گذاري واپس وري سمنڊ جي ڪناري تي موٽي ايندو هو.
هن جو موٽڻ بھار ۾ ٿيندو هو. غير موجودگيءَ ۾ هن جي جهوپڙي دز سان ڀرجي ويندي هئي. سامونڊي ڪناري تان اڏاميل واري هن جي جهوپڙيءَ جي ڪاٺ وارين چيرن مان اندر هلي سندس ٻيڙين ۽ ننڍڙي ڪوٺيءَ کي اصل ڄڻ ناس ڪندي هئي. ويچاري کي اچڻ ساڻ پنھنجي ڪوٺي صاف ڪرڻي پوندي هئي.
هن ڀيري بہ جڏهن هو شھر مان موٽيو تہ هن پھرين پنھنجي جهوپڙي ڌوئي صاف ڪئي. پنھنجو هنڌ ڪڍي ڪاٺ جي تختي تي وڇائي ۽ پنھنجن ٿانون کي ڌوئي، ڪرسيون صاف ڪري، ٽيبل جو پوش ڌوتو. ويچارو پوڙهو ٿڪجي تہ ڏاڍو پيو پر ڇا ڪري اڪيلو جو هو.
ٻئي ڏينھن تي هن پنھنجن ٻيڙين کي ٻاهر ريتيءَ تي آندو، انھن کي رنگ روغن ڪري تيار ڪيائين، ڪن کي سائو رنگ ڏنائين، ڪن کي آسماني ۽ ڪي وري ناسي رنگ ۾ رنڱيائين، ۽ پوءِ انھن کي سڪائڻ لاءِ رکي پاڻ وري ٻئي ڪم کي لڳي ويو.
نيٺ اونھارو بہ اچي ويو. هي مند چاچي مائڪ جي ڪمائيءَ جي هئي. هاڻي تہ روز ڪيترائي ماڻھو هن جون ٻيڙيون ڀاڙي تي وٺڻ لڳا. ڪن کي پڪنڪ ڪرڻي هئي تہ ڪي وري پنھنجن ٻارن ٻچن سان گڏ مڇي مارڻ لاءِ سمنڊ ڏانھن ٿي ويا. مطلب تہ ڪنارو ماڻھن سان ڀريل هوندو هو ۽ چاچي جي هڪ بہ ٻيڙي واندي نہ بچندي هئي. هر واري هر گراهڪ کي هو ڌڪي ٻيڙي سمنڊ ۾ لاهي ڏئي مرڪي خدا حافظ چوندو هو. سڀئي هن جي ان انداز کان واقف هئا تہ هاڻي هو ٻيڙي کي ڌڪي سمنڊ ۾ لاهي چوندو ”خدا حافظ، هيءَ هڪ بھترين ٻيڙي آهي.“
هڪ رات چاچو ٿڪجي ٽٽجي پنھنجي جهوپڙيءَ ۾ ستو پيو هو. ٻاهر پاڻي چنڊ جي ڪرڻن تي ڄڻ ناچ ڪري رهيو هو. لھرون اڇلجي اڇلجي اچي ڪناري تي پيل واريءَ کي آلو ڪري، ڄڻ ان کي ٿڌو ڪري واپس ويون پئي. سامونڊي ريتي چمڪي پئي ۽ هرڪا شيءِ سانت ۾ هئي، سواءِ انھن ٻيڙين جي جيڪي ٿلھي سان ٻڌل هجڻ جي باوجود لھرن جي ڪيڏي ڪيڏي مھل ڪناري تي ڪاهي اچڻ ۽ کين لوڏڻ تي ڄڻ رڙيون ڪنديون هجن.
چنڊ جهوپڙيءَ جي کليل در مان جهاتي پائي چاچي مائڪ جي منھن تي چانڊوڪي جون لھرون موڪليون. انھن چاچي جي منھن تي لڪ لڪوٽي کيڏڻ شروع ڪئي پر چاچو ٿڪل ٽٽل هو، سو سجاڳ ڪٿان ٿو ٿئي. ٻاهر واريءَ تي قدمن جا آواز اڀريا پر اهي بہ چاچي کي اُٿاري نہ سگهيا. ٻاهر ڪو آيو، جنھن چاچي جي ٻيڙين ڏانھن رخ رکيو. چاچو اگهور ننڊ ۾ ستل هو، هن چاچي کي کلي ڏٺو ۽ پوءِ هن جي ٻيڙين مان سڀ کان سھڻي ٻيڙي ”بليو برڊ“ ڪاهي هليو ويو.
جڏهن چاچي جي اک کلي تہ سج ڪافي مٿي چڙهي چڪو هو. ٻيڙيون ٻڌل هجڻ جي باوجود لھرن جي ڪيڏي ڪيڏي مھل اچڻ تي لڏي لڏي انھن کي صبح جو سلام ڪري رهيون هيون. چاچي فخر سان پنھنجين ٻيڙين ڏانھن ڏٺو، سڀئي تمام نفيس سھڻيون ۽ نازڪ هيون. پر ”بليو برڊ“ پڪ سان پنھنجي جڳھہ تان هتيل هئي، ٻي هرڪا ٻيڙي ساڳي جڳھہ تي ٻڌل هئي، جتي چاچي هن کي گذريل رات ٻڌو هو. چاچو حيرت ۾ پئجي ويو.
هن سوچيو، ”هي ٻيري تہ مون ڪالھہ ٿلھي جي اُتر طرف کان ٻڌي هئي اڄ ڏکڻ طرف ڪيئن اچي وئي.“
پر وري پنھنجو پاڻ کي ئي مطمئن ڪرڻ لڳو. ”متان مون کان ڪا ڀل چڪ ٿي هجي. ٿي سگهي ٿو، مان هن کي ڏاکڻي ڪنڊ تي ٻڌو هجي.“
ان مھل ئي هڪ ماڻھوءَ هن کان ٻيڙي گهري ۽ هن ”بليو برڊ“ بابت وساري پنھنجي ڌنڌي کي شروع ڪيو.
ٻي رات وري اهو ساڳيو واقعو ٿيو. جيئن ئي چاچو ستو، پويان ڪو آهستي آهستي هلندو آيو، ”بليو برڊ“ وٽ ترسي، چئن ئي طرفن ڏسي، هن رسي کولي ۽ ”بليو برڊ“ هن مسافر کي کڻي، لھرن جي سفر تي رواني ٿي وئي.
صبح جو جڏهن پوڙهو مائڪ ٻيڙين کي سفر لاءِ تيار ڪرڻ آيو تہ ”بليو برڊ“ وٽ پھچي هن جي دماغ ۾ وري ڄڻ ٺڪاءُ ٿيڻ لڳا.
اها تہ عجب جھڙي ڳالھہ آهي، ”بليو برڊ“ کي ڇا ٿو ٿيندو وڃي. مون ڪالھہ هن جي حفاظتي پٽين کي پوئينءَ سيٽ تي رکيو هو، اڄ اڳئين سيٽ تي ڪيئن اچي ويون!“ هو ويچارو وري پريشان ٿيو.
ٽئين رات چاچي هڪ ترڪيب ڪئي. هن ٻيڙيءَ جي ٻنھي ونجن کي پاڻ ۾ ملائي، انگريزي لفظ V جي شڪل ٺاهي ڇڏي. هن سوچيو، جيڪڏهن سڀاڻي اهي ونجهہ انھيءَ شڪل ۾ نہ هوندا تہ پوءِ پڪ، ڪو آهي جيڪو ”بليو برڊ“ کي رات جو کڻي صبح جو موٽائي ٿو وڃي.“
ٻئي ڏينھن، اهي ونجهہ ان شڪل ۾ ڪونہ هئا، جنھن ۾ چاچي انھن کي رکيو هو. هاڻي تہ هن کي پڪ ٿي وئي تہ ڪو آهي جيڪو ”بليو برڊ“ رات لاءِ کڻي ٿو. ڪيتريون ئي راتيون چاچي ڀرپور ڪوشش ڪئي تہ ان چور کي پڪڙيان، پر هو پوڙهو هو، ڪم جي گهڻائيءَ ڪري ٿڪجي پوندو هو، بس پوءِ روز جاڳڻ جي ڪوشش جي باوجود بہ هن کي ننڊ اچي ويندي هئي ۽ پوءِ صبح جو ”بليو برڊ“ کي ڏسڻ سان خبر پوندي هئي تہ ڪو آيو هو، جنھن اها کنئي هئي. ڪڏهن اها صحيح جاءِ تي بيٺل نہ هوندي هئي تہ ڪڏهن هن جا ونجهہ کليل هوندا هئا ۽ ڪڏهن تہ وري هن جون حفاظتي پٽيون پنھنجي جڳھہ تان کليل هونديون هيون، ڪڏهن ڪڏهن هن کي ”بليو برڊ“ جي فرش تي ڇلر ۽ ڪنڊا بہ ملندا هئا. هو سوچيندو هو ”ڪاش مان ڄاڻان ها تہ اها کڻي ڪير ٿو اي ڪاش.“
هڪ ڏينھن جڏهن هو پنھنجي جهوپڙيءَ جي در وٽ ويھي سگريٽ ڇڪي رهيو هو تہ هن جي نگاھہ اوچتو وڃي ”بليو برڊ“ تي پئي اڄ اها ڪنھن ڀاڙي تي بہ ڪونہ ورتي هئي. اوچتو هن جي دماغ ۾ خيال آيو، ”پڪ اهي پريون هونديون.“
هن ڀڻڪيو ۽ پوءِ خوشي وچان رڙيون ڪرڻ لڳو.“ پڪ اهي پريون هونديون، ٿي سگهي ٿو اهي سمنڊ گهمڻ وينديون هجن، ٿي سگهي ٿو اهي منھنجي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي پنھنجا ”راتين وارا ناچ“ ڪنديون هجن.
هو خوش ٿيڻ لڳو تہ اهي پريون آهن جيڪي ”بليو برڊ“ استعمال ٿيون ڪن. هاڻي تہ هن جي سڀني سوچن کي ڄڻ خاتمو اچي ويو هجي. هن جو سانورو منھن ٻھڪڻ لڳو. ڏينھن ۾ ڪيترائي ڀيرا چاچي پنھنجي ڏاڙهي تي هٿ ڦيري مرڪندي ڀڻڪيو. ”اهي پڪ پريون هونديون.“
ان رات سمھڻ کان پھرين هن کاڌي جو هڪ ٿيلھو تيار ڪري ان ٻيڙيءَ ۾ پرين لاءِ رکيو. هن ان کان سواءِ هڪ پليٽ ۾ هڪ ڳاڙهو سھڻو صوف ۽ مانيءَ تي جام لڳائي رکيو.
ٻئي ڏينھن صبح جو چاچي اها پليٽ خالي ڏٺي ۽ کاڌي جو ٿيلھو اتي ڪونہ هو تہ هو ڏاڍو خوش ٿيو. اهو سڄو ڏينھن ڪم ڪندي بہ هن خوشيءَ مان پئي جهونگاريو.
ان کان پوءِ جڏهن بہ چاچو شھر ۾ خريداري ڪرڻ ايندو هو تہ سدائين ڪجهہ نہ ڪجهہ پرين جي کائڻ لاءِ ضرور وٺندو هو. ڪڏهن صوف يا چاڪليٽ يا بسڪوٽ تہ ڪڏهن جام ۽ جيلي. هر رات هو ڪانہ ڪا شئي ٻيڙيءَ ۾ ضرور رکندو هو. روز هن کي اها پليٽ صبح جو خالي ملندي هئي، حفاظتي پٽيون هٽيل هونديون هيون ۽ ونجهہ پنھنجي جڳھہ تان ٽڙيل هوندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن هن کي ڪا تازي تواني مڇي پليٽ ۾ پنھنجي ڪمائي لاءِ رکيل ملندي هئي.
هڪ صبح جو، اڃان پرھہ بہ ڪونہ ڦٽي هئي تہ هڪ طوفان آيو اهو هڪ سخت طوفان هو. سمنڊ جون لھرون اڇلجي اڇلجي مٿي اچڻ لڳيون. مٿي اچڻ جي ڪري واريءَ تي بيٺل ٻيڙين جي واري هيٺيان کسڪي وئي ۽ اهي پاڻ ۾ ٽڪرائجڻ لڳيون، پوڙهو مائڪ آواز تي ڇرڪي اٿي کڙو ٿيو.
ٻاهر هوا جا زوڪاٽ، لھرن جو ٽڪرائڻ ۽ ٻيڙين جو هڪ ٻئي سان لڳڻ زور شور سان جاري هو.
چاچي سوچيو ”رنگ تہ بلڪل لھي ويو هوندو، ٻيڙيون هڪ بئي سان ٽڪرجن جو پيون.“ هن پنھنجو ڪوٽ پاتو ۽ اوندھہ ۾ نڪري پيو. هڪ هڪ ڪري هن ٻيڙين کي ٿلھي تي چاڙهيو تہ جيئن لھرون مٿانھينءَ تائين نہ اچي سگهن، ”بليو برڊ“ انھن ۾ ڪانہ هئي.
”ويچاري بيوقوف پري“ چاچي ڀڻڪيو، ”رات هن تي ڪيتري نہ ڳري آهي.“ ۽ وڃي واپس سمھي پيو.
هن کي وري جاڳ ان مھل ٿي، جڏهن سج اڌ کان مٿي چڙهي چڪو هو. طوفان تہ لنگهي ويو هو، پر هوا اڃان بہ تيز هئي. هن هڪ نظر ٻيڙين تي وڌي. ”بليو برڊ“ اڃا ڪونہ موٽي هئي.
”منھنجي خيال ۾ اها محفوظ آهي، اها منھنجي پياري ۾ پياري ٻيڙي آهي. منھنجا خدا، ان کي مون کان جدا نہ ڪجانءِ.“ هن ڀڻڪيو.
ان ڏينھن ڪوبہ ٻيڙي کڻڻ ڪونہ آيو. هوا تمام تيز هئي ۽ لھرون تمام اُڀيون پئي آيون. پوڙهي مائڪ کي فڪر ٿيڻ لڳو، ”ٿي سگهي ٿو تہ پرين ان کي ڪٿي ڦٽي ڪيو هجي يا ٿي سگهي ٿو اها ترندي وئي هجي ۽ ڪنھن ان کي کڻي ورتو هجي. اهو بہ ممڪن آهي تہ هوءَ سمنڊ جي ڪنھن لڪل ٽڪريءَ سان ٽڪرائجي ٻہ اڌ ٿي وئي هجي.“ چاچو ڏاڍو ڏک ڀانئڻ لڳو.
چاچي کي سڄي رات ننڊ نہ آئي. مختلف قسمن جا خيال هن کي وڪوڙيندا رهيا. هو ڪيڏيءَ مھل ڪو جهوٽو کائي پيو تہ هڪدم وري هن جي اک کلي پي وئي. ٻاهر هوا جهڪي ٿي وئي هئي، رات آهستي آهستي ماٺيڻي ۽ سھڻي ٿيندي وئي پر چاچو ڄڻ بيقرار هو. آخر جڏهن جڏهن چنڊ اڌ کان وڌيڪ سفر ڪري ويو ۽ سامونڊي واري سونھن ۾ سرس ٿي، چانديءَ وانگي چمڪڻ لڳي تہ چاچي کي ننڊ اچي وئي.
ٻئي ڏينھن صبح جو پرھہ ڦٽيءَ مھل چاچي جي اک کلي وئي، هو ڊوڙندو پنھنجي جهوپڙيءَ کان ٻاهر نڪتو تہ ڏسان تہ ”بليو برڊ“ موٽي آئي ڪين نہ.
هائو، اها ٿلھي جي پاسي کان ٻڌل هئي. سامونڊي لھرون ڪيڏيءَ ڪيڏيءَ مھل اچي هن جي پاسن کان ڪتڪتائيون ڪري رهيون هيون. هن جو رنگ، بريءَ طرح سان رهنڊجي ويو هو ۽ اها ڄڻ سست ۽ بيمار لڳندي هجي.
چاچو ٻيڙيءَ کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، هن هڪدم ڊوڙ پاتي ۽ ڪاٺ واري ٿلھي ڏانھن ڀڳو. ٻيڙيءَ وٽ پھچي، هو هڪدم بيھي رهيو. اندران ڪو آواز پئي آيو، ڪنھن جي ٿڪل ٿڪل ساهن کڻڻ جو آواز. پڪ ٻيڙي ۾ ڪو هو. ڇا اها ڪا پري هئي؟
چاچي آهستي آهستي ٻيڙي ۾ قدم رکيو ۽ اندر ڏٺائين، اها ڪا پري ڪانہ هئي، اهو هڪ ننڍڙو نينگر هو، گھري ننڊ ۾ ستل. هن جا ڪپڙا ڦاٽل هئا ۽ پير اگهاڙا هئس. هن نينگر جا ناسي ڪڪا وار، وکريل ۽ ميرا هئا.
”تہ اهو تون آهين؟“ چاچي مائڪ ڪاوڙ مان چيو. ”اهي پريون بلڪل ڪونہ هيون، اهوتون هئين، جنھن سڄو اونھارو منھنجي ٻيڙي چورائي. هاڻي ڏس اها ڪيئن نہ ڀڳل ٽٽل آهي، ڪيڏي نہ هيڻي حالت اٿس، هان- اچ ڏس.“
ٻار هڪدم جاڳي پيو، هن ٽپ ڏئي ڊوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پوڙهي مائڪ هن کي ٻانھن کان جهلي ورتو. نينگر تمام ننڍڙو ۽ سنھڙو هو. هن جي ناسي وڏين اکين مان خوف جهاتيون پائي رهيو هو. چاچي کي هن تي ڏاڍو رحم آيو. هن کي محسوس ٿيڻ لڳو تہ هن اجايو هن غريب ۽ معصوم ٻار کي ڳالھايو.
”ڇا تون طوفان ۾ ڦاٿل هئين؟“ هُن، هِن ڀيري نرميءَ سان ڇوڪري کان پڇيو.
”هائو.“ ڇوڪر ڀڻڪيو.
”اڪيلو.“
”هائو.“
”اها هڪ وڏي ٻيڙي آهي، تو جھڙو ننڍو، پتڪڙو ٻار تہ ان کي سنڀالي ئي مشڪل سگهندو، ڇا تون جبلن ۾ ڦاسي پيو هئين؟“ چاچي هن کان ڄڻ آڏي پڇا ڪئي.
”هائو.“
”مان سمجهان ٿو، تون ٿڪل آهين.“ چاچي هن جي حالت مان اندازو لڳايو.
”هائو.“
”۽ بکيو پڻ ٿو لڳين.“
”هائو.“
”توکي ٻيو ڪجهہ ڳالھائڻ نہ ٿو اچي ڇا؟ چڱو، مون سان گڏ منھنجي جهوپڙيءَ ۾ هل.“ چاچي چيو. ”مان تنھنجي لاءِ نيرن ٿو ٺاهي وٺان، پاڻ پوءِ ڳالھائينداسين. ڀلا تنھنجو نالو ڇاهي؟“
”پئٽرڪ“ ننڍڙو ڄڻ ڀڻڪي رهيو هو.
چاچي مائڪ هن کي جهوپڙيءَ ۾ آندو. ۽ هن کي ڪنڊ ۾ پيل هڪ ڪرسيءَ تي ويھڻ لاءِ اشارو ڪيو. پئٽرڪ ويھي رهيو. هو چپ ڪري چاچي مائڪ کي پاڻي گرم ڪندي، مڇي تريندي ۽ ڊبل روٽي ڪپيندي ڏسڻ لڳو. هو سڀ ڪجهہ ڏسي رهيو هو، پر هن ڪجهہ بہ نہ چيو. پوڙهي مائڪ هن جي ناسيءَ اکين ۾ جهاتي پاتي تہ هن کي محسوس ٿيو تہ ان ڇوڪر اهڙي ماني ڪيترو عرصو ٿيو آ تہ ڪونہ کاڌي آهي.
جڏهن هن چانھن جو ڪوپ ۽ نيرن پئٽرڪ جي سامھون رکي تہ پئٽرڪ ان کي گهورڻ لڳو ڄڻ هو نيرن کي ڇهڻ کان گهٻرائيندو هجي. ڪجهہ پلڪ رکي هن هڪدم جهٽ هنيو ۽ تيزي سان کائڻ کي لڳي ويو. چاچو مائڪ صرف مشڪندو رهيو.
ڪجهہ ترسي، جڏهن هنن ٻنھي نيرن ختم ڪئي تہ چاچي مائڪ سخت آواز ۾ پڇيو.
”هاڻي، ننڍڙا پئٽرڪ، مان ڄاڻڻ ٿو گهران تہ تو ڇو منھنجي ٻيڙي هر رات، سڄو اونھارو چورائي.“
”نہ، چورائي نہ هئم“، پئٽرڪ تڪڙو تڪڙو چيو، ”اڌاري کنئي هئم.“
”ڪنھن کي ٻڌائڻ کان سواءِ ڪا شيءِ اڌاري کڻڻ چوري چئبي آهي. تون ان کي ڪيڏانھن ڪندو هئين.“
”اوڏانھن کڻي ويندو هئس، جتي ڍنڍ، سمنڊ سان ڇوڙ ڪندي آهي.“
”ڇا لاءِ تہ؟“
”مڇيون مارڻ لاءِ، ٻيو ڇا لاءِ“، پئٽرڪ معصوميت سان چيو.
”پر تو، ان مقصد لاءِ صرف ”بليو برڊ“ ڇو چونڊي هئي، اها جيڪا منھنجي سڀ کان بھترين ۽ نئين ٻيڙي هئي.“
”ڇاڪاڻ تہ اها تمام هلڪي هئي ۽ هلائڻ ۾ سولي هئي.“ ننڍڙو معصوميت سان جواب پئي ڏيندو ويو.
”چڱو، تہ اها ڳالھہ آ.“ چاچي مائڪ ٿڌو ساھہ کنيو.
”مھرباني ڪري، ڪاوڙ نہ ڪجانءِ“ پئٽرڪ هڪدم تڪڙو ڳالھائيندي چيو. ”مون کي خبر آهي تہ مون کي اها ٻيڙي نہ کڻڻ گهرجي ها. پر تون پاڻ چئو، مان مڇيون رات جو ماريندو هئس، ۽ تون ڪمائي ڏينھن جو ڪندو هئين. مون کي پئسا گهرجندا هئا تہ جيئن مان کاڌو خريد ڪري سگهان، ۽ سياري لاءِ ڪانہ ڪا بچت ڪري سگهان، سچي اها جڳھہ بلڪل مناسب هئي جتي مان مڇيون ماريندو هئس.
جڏهن مان طوفان ۾ ڦاٿس، تہ ٻيڙي منھنجي قبضي مان نڪري وئي، مان تقريباً ٻڏڻ تي هئس، مان تو ڏانھن واپس بہ نہ پئي اچي سگهيس، ان ڪري مان ڍنڍ جي ٻئي ڪناري ڏانھن هليو ويس، ان ڪري تون مون کي ڏسي نہ سگهئين، جو جنھن صبح مون کي موٽي اچڻو هو، ان مھل مان ڍنڍ جي ٻئي ڪناري تي هئس. گذريل رات مان ”بليو برڊ“ کي جلدي آندو، ڇاڪاڻ تہ مان ڏاڍو ٿڪل هئس ۽ مڇيون ماري نہ سگهان ها. مون ڪجهہ دير لاءِ آرام ڪرڻ چاهيو، مون کي ڪھڙي خبر تہ اهڙي ڪا اگهور ننڊ ايندم. تون جيڪا ماني روز ٻيڙيءَ ۾ رکندو هئين، سا پرين لاءِ هوندي هئي، ها نہ؟ مان اها سڀ کڻي کائي ڇڏيندو هئس.“
هن هڪدم ڳالھائڻ بند ڪيو. بلڪل ائين جيئن هڪدم ڳالھائڻ شروع ڪيو هئائين. ڪجهہ دير رکي هن چيو، ”مون کي معاف ڪر، چاچا.“
”تون هڪ بھادر ڇوڪرو آهين.“ چاچي مائڪ چيو. ”توکي پيءُ ماءُ آهن.“
”نہ.“
”ڪير بہ تنھنجي سار سنڀال لھڻ وارو ڪونھي؟“
”نہ.“ ڇوڪر وراڻيو.
چاچي مائڪ ڏاڙهيءَ کي کنھيو. ڪافي ديرهو ڇوڪري ۾ جوهو وجهي ڏسندو رهيو. پوءِ هن کي چيائين. ”تو اڌاري ڪونہ کنئي هئي، ڇاڪاڻ جو تو ٻڌايو ڪونہ هو.“
”ها، اها بلڪل اوڌر نہ هئي.“ ڇوڪر ڀڻڪيو.
”تہ پوءِ اها ڇا هئي، نہ چوري هئي، نہ اوڌر هئي، تہ پوءِ باقي ڇا هئي.“
”اهو منھنجو حق هو.“ پئٽرڪ چيو.
”ڇا؟“ پوڙهي حيرانيءَ مان رڙ ڪئي.
”ها، مون توکي پنھنجو ڏاڏو ڪيو هو. مان روز ائين ئي سمجهندو هئس ڄڻ تون مون کي مڇيون مارڻ لاءِ موڪليندو هجين، مان ائين ڀائيندو هئس، ڄڻ تون در وٽ بيٺو هجين ۽ مون کي چوندو هجين ”خدا حافظ پئٽرڪ مون تنھنجي ماني رکي ڇڏي آهي.“
۽ جڏهن بہ مان سمنڊ ۾ ويندو هئس تہ تنھنجي جهوپڙيءَ ڏانھن منھن ڪري ”خدا حافظ، ڏاڏا سائين“ ضرور چوندو هئس.“
”ڇا، سچ پيو چوين.“ چاچي کي اعتبار نہ آيو.
”ها، بلڪل.“ ڇوڪر معصوم نموني سان هن ڏانھن ڏٺو. چاچو سوچ ۾ پئجي ويو. ڪجهہ پلڪ رکي چيائين، ”تون حقيقت ائين ڏسڻ پسند ڪندين.“
”ڇو نہ.“ پئٽرڪ پھريون ڀيرو مرڪيو.
”مان تنھنجي خوب مدد ڪندس، مان توکي ٻيڙيون رنڱي ڏيندس، اهي پاڻيءَ ۾ ڌڪي ڏيندس، ماڻھن کي ڀاڙي تي کڻائيندي ڌڪي ڏيندس، مان تنھنجي لاءِ خريداري ڪري ايندس ۽......“
”۽ مون سان گڏ سياري ۾ منھنجي ڀيڻ وٽ، گهمڻ بہ هلندين.“ چاچي پڇيو.
”ها بلڪل، مان تنھنجي اولاد کان بہ سٺو ثابت ٿيندس.“ ننڍڙي خوش ٿيندي چيو.
”مان سوچان ٿو مون وٽ ڪافي ڪاٺ آهي، جنھن مان تو لاءِ هڪ کٽ بہ ٺھي ويندي.
اچ مون سان گڏجي ٻيڙيون سمنڊ ۾ لھراءِ، پوءِ پاڻ ٻيو ڪجهہ سوچينداسين.“
پئٽرڪ بيتابيءَ سان اٿيو، ۽ ڊوڙندو ٻيڙين کي ڌڪڻ لڳو، تہ جيئن مائڪ هنن کي لاهي ٿلھي سان ٻڌي سگهي. سمنڊ جون ڇوليون ڄڻ مرڪي رهيون هيون، ڄڻ هوا هلڪي هلڪي هئي.
”پئٽرڪ“ چاچي مائڪ ڇوڪر کي سڏيو.
”جي ڏاڏا.“
”مان سوچان ٿو، تہ اهو بھتر ٿيندو تہ تون ”بليو برڊ“ کي ڪاهي ڪناري جي مٿان واريءَ تي رکي اچين، جيئن مان ان کي ٺاهي سگهان، پوءِ پاڻ گڏجي ان کي رنڱينداسين.“
”حاضر ڏاڏا سائين.“
پئٽرڪ ٻيڙيءَ کي ڌڪڻ لڳو ۽ چاچو مائڪ گم ٿيل ٻيڙيءَ کي پنھنجي ٻيڙي ۾ موجود ڏسي فخر سان ڳاٽ اوچو ڪيو، کيس وڌيڪ خوشي ان ڪري بہ ٿي جو کيس هڪ سٺو ۽ نھايت برجستو ساٿي بہ ملي ويو.


(ڇپيل: ’گُل ڦُل‘ مئي / جُون 1980ع)

روپ جي واپسي

(رُومانيا جي لوڪ ڪھاڻي)

___________________________________________________
رُومانيا
رُومانيا، ڏکڻ اوڀر يورپ جو ملڪ آهي.
گاديءَ جو هنڌ: بخارسٽ
ايراضي: 238397 چورس ميل
سڪو: رَون
آبادي: 19.12 ملين
سرڪاري ٻولي: رُومانيَن
ٻيون ٻوليون: هنگريَن [Hungarian] ۽ روماني ]Romani[
___________________________________________________

گهڻو عرصو اڳ هڪ موچي پنھنجي زال سان گڏ هڪ وڏي شھر ۾ رهندو هو. هو روز پنھنجي دڪان ۾ جيڪو گهٽيءَ جي ڪنڊ ۾ ٺھيل هو، ويھي پنھنجو ڌنڌو ڪندو هو. هن وٽ روز ڪيترائي بوٽ ۽ ٻيا چمڙي جا ٺھيل پٽا وغيرہ ٺھڻ لاءِ ايندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن، جڏهن هن کي ڪنھن نئين بوٽ ٺاهڻ لاءِ ڪو چوڻ ايندو هو تہ هو نوان بوٽ بہ تمام بھترين قسم جا ٺاهيندو هو، پر ان ويچاري کي هڪڙي پريشاني ٿيندي هئي، غريب هجڻ ڪري هو بوٽن لاءِ اوچي قسم جو چمڙو اڳ ۾ وٺي نہ سگهندو هو ۽ ان جي ڪري ئي هن جي دڪان ۾ چمڙي جو ڪو خاص ذخيرو نہ هوندو هو. سندس زال بہ ڀاڄيون ۽ ميوو وڪڻي، جيڪو هوءَ پنھنجي گهر جي در سامھون هڪ ننڍڙي زمين ٽڪري ۾ پوکيندي هئي، هن جو هٿ ونڊائيندي هئي. کانئس ڪيترائي ماڻھو ڀاڄيون وٺندا هئا، ڇاڪاڻ جو هوءَ هڪ صاف ۽ سھڻي نموني واري عورت هئي. ايماندار ۽ بااخلاق هجڻ جي ڪري هن جون ڀاڄيون سٺو نفعو ڪمائينديون هيون.
هنن ٻنھي نيڪ اٻوجهن کي هڪ تمام سھڻو، ڊگهو ۽ مضبوط بدن وارو پٽ هو، جنھن جي عمر ٻارهن سال هئي. هو ننڍڙي عمر ۾ ئي ٺاهوڪي هاٺيءَ جو مالڪ هو. کيس صرف ڪو ڪو ڪم ڪرڻو پوندو هو، گهڻو ڪري هو پنھنجي ماءُ سان گڏ دڪان تي ويٺو هوندو هو يا ڪڏهن ڪڏهن ڪن معزز عورتن ۽ مردن کي سندن خريد ڪيل ڀاڄيون گهر تائين پھچائي ايندو هو. هو جنھن بہ در تي ويندو هو ان گهر جا ماڻھو هن ننڍڙي جوان کي ڏسي ڏاڍا خوش ٿيندا هئا ۽ کيس سدائين ڪونہ ڪو تحفو ڏيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ڪو اهڙو اتفاق ٿيو هو جو هو ڪنھن بہ گهر مان سواءِ ڪنھن گل، ڪيڪ ٽڪر يا سڪي کان سواءِ موٽيو هجي.
هڪ ڏينھن روزانو وانگر موچيءَ جي زال پنھنجي دڪان ۾ ويٺي هئي، سندس اڳيان مختلف ڀاڄيون ٽوڪرين ۾ پيل هيون. ڪا ٽوڪري گوبيءَ سان ڀريل هئي تہ ڪنھن ۾ تازا ۽ نوان آيل ميوا پيل هئا. ننڍڙو جيڪب (سندس پٽ جو نالو اهو ئي هو) بہ سندس پاسي کان ويٺو هوڪا ڏئي رهيو هو.
”اچو وٺو، ادا ۽ اديون، اچو وٺو. ڪير اچي منھنجي پسنديدہ وڏي گوبي وٺندو؟ نيون ۽ تازيون ڀاڄيون وڃنوَ پيون. هنداڻا، صوف ۽ ٻيا ميوا. اچو اچي وٺو. سڀ شيون سستيون آهن. اچو وٺو، اچو وٺو.“
ٺيڪ ان مھل، جڏهن هو پنھنجي ماءُ جي ڀر ۾ ويھي هوڪا ڏئي رهيو هو، هڪ پوڙهي عورت هن ڏانھن وڌندي آئي. سندس ڪپڙا ڦاٽل ۽ چتين لڳل هئا، منھن ننڍڙو ۽ اڀريل هئس. منھن جا گهنج سندس پيريءَ کي وڌيڪ واضح ڪري رهيا هئا. هن جي منھن جون خاص ڳالھيون سندس ڊگهو نڪ ۽ ڳاڙهيون اکيون هيون. نڪ ايترو تہ ڊگهو هئس جو سامھون ڏسڻ سان هن جا چپ بہ ڍڪيل ٿي نظر آيا. هوءَ پنھنجي ڊگهي لٺ جي مدد سان هلي رهي هئي. هن جو هلڻ، هلڻ نہ هو الائي ڇا هو. ڪيڏي مھل هوءَ لنگڙائي پئي تہ ڪيڏي مھل تکي ٿي پئي وڃي، ڄڻ کيس ڦيٿا لڳل هجن، تڏهن بہ ڊپ هو تہ متان هوءَ ڦيٿن تي ڦرڪيءَ وانگر ڦري ڪٿي ڪنھن گند جي ناليءَ ۾ نہ وڃي ڪري.
موچيءَ جي زال هن جي منھن تان پنھنجون نظرون باوجود ڪوشش جي بہ هٽائي نہ سگهي. کيس هن بازار ۾ ڀاڄيون وڪڻندي سورهن سال ٿيا هئا، پر هن ڪڏهن بہ اهڙي عجيب مخلوق ڪونہ ڏٺي هئي ۽ شايد ان ڪري ئي کانئس ان مھل ڇرڪ نڪري ويو، جڏهن اها ساڳي عورت هن جي دڪان تي اوچتو ٽپ ڏئي چڙهي پئي.
”ڇا تون ئي اها ”هانا“ آهين، جيڪا ڀاڄيون وڪڻندي آهي.“ ان پوڙهيءَ ڪرخت ۽ ڀوائتي آواز ۾ کانئس پڇيو. ”ڳالھائڻ مھل سندس منھن اڳيان پويان حرڪت ڪري رهيو هو.
”ها، اهو منھنجو ئي نالو آهي.“
موچيءَ جي زال ٿورو ٿورو ڊپ محسوس ڪندي آهستگيءَ سان وراڻيو. ”مان تنھنجي ڪھڙي خدمت ڪري ٿي سگهان؟“
”ڏٺو ويندو، ڏٺو ويندو، تہ تون ڇا ٿي ڪري سگهين. خير، پھرين مون کي ڀاڄيون تہ ڏسڻ ڏي. ڇا تو وٽ اهي ڀاڄيون آهن، جيڪي مون کي گهرجن.“ پوڙهي ڀاڄيءَ جي ٽوڪرين تي جهڪندي، پنھنجي ناسي ناسي بدصورت هٿن سان انھن کي ڦڦوليندي چيو. هوءَ صاف ڌوتل ڀاڄين کي آنڱرين جي مدد سان مٿي کڻي سونگهي ٻئي پاسي رکندي وئي. موچيءَ جي زال پنھنجي ڀاڄين جو اهو حشر چپ ڪري ڏسندي رهي. ويچاريءَ کي ڪجهہ چوڻ جي همٿ بہ ڪونہ هئي. هونئن بہ اهو گراهڪ جو حق هوندو آ تہ جيئن وڻيس تيئن ڀاڄي ڏسي.
جڏهن پوڙهيءَ، سڄي ڇٻيءَ کي چڱي طرح ڦولھي ورتو تہ چوڻ لڳي ”بيڪار- بلڪل بيڪار- تو وٽ ڪابہ اها شيءِ نہ آهي، جيڪا مون کي گهرجي، اهو پنجاھہ سال اڳ جو دؤر هو جنھن ۾ هر ڪا شيءِ سٺي ملندي هئي. اڄڪلھہ تہ بيڪار ئي بيڪار شيون ٿيون ملن.“
ان مھل ننڍڙي جيڪب رڙ ڪئي ”تون، ڊيڄاريندڙ پوڙهي، پھرين تو پنھنجن سڙيل آڱرين سان اسان جون بھترين ڀاڄيون ٽيڙيون پکيڙيون، جو اهي هاڻي خراب لڳيون پيون آهن، وري تو انھن کي پنھنجي ڊگهي نڪ سان سونگهيو، هاڻي ان سڄي چڪر کان پوءِ ڪير اسان جون ڀاڄيون وٺندو. وري بہ تون چوين ٿي تہ اسان وٽ بيڪار مال آهي. کولي ٻڌ، هتان جي بادشاھہ جو بورچي بہ اسان کان ڀاڄيون وٺي ويندو آهي.“
پوڙهيءَ ننڍڙي کي غور سان ڏٺو ۽ پوءِ هڪڙي ڳري آواز وارو ٽھڪ ڏئي چوڻ لڳي: ”ٻارڙا، ٻاڙا، چئبو تہ تون منھنجو نڪ پسند ٿو ڪرين، هونئن منھنجو نڪ آهي بہ ڊگهو ۽ سھڻو. توکي وڻي ٿو نہ، چڱو کڻي توکي بہ اهڙو ئي نڪ ڄمي پوندو، بلڪل ڊگهو ۽ چپن کي ڍڪيندڙ.“
ائين چوڻ کان پوءِ، هوءَ گوبين جي ڇٻيءَ کي ڏسڻ لڳي. هن هڪ بھترين اڇي گوبي ڪڍي هٿن ۾ جهلي، آهستي آهستي هن پن لاٿا، سڀئي پن اڇلي، گوبيءَ کي ٺوڙهو ڪري ڪجهہ دير تائين ڏسي ان کي واپس ڇٻيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيائين ۽ وري ڀڻڪڻ لڳي:
”بيڪار- بيڪار. هي سڀ ڀاڄيون بيڪار آهن.“
”پنھنجو مٿو هيڏي هوڏي نہ ڪر.“ جيڪب رڙ ڪئي. ”اڳئي تنھنجي ڳچي گوبيءَ جي ڏانڊيءَ جيان سنھري آهي. ائين نہ ٿئي جو تنھنجو مٿو تنھنجي نازڪ ڳچيءَ کان ڀڄي وڃي گوبيءَ جي ڇٻيءَ ۾ ڪري. ائين ٿيو نہ، تہ پوءِ ڪير بہ اهي ڀاڄيون وٺڻ تي راضي نہ ٿيندو.“
”تون سنھڙيءَ ڳچيءَ جي پرواھہ نہ ڪر“ پوڙهيءَ وري ڀڻڪيو.
موچيءَ جي زال گهڻي دير تائين اها کٽ پٽ برداشت ڪري نہ سگهي. هن پوڙهيءَ کي چيو: ”ٻار سان خيال سان ڳالھاءِ. ڪا شيءِ وٺڻي اٿئي تہ وٺ، ڇاڪاڻ جو منھنجا ٻيا گراهڪ تنھنجي ڪري پري بيٺا آهن.“
”ٺيڪ آ، جيئن تون چوين ٿي.“ پوڙهي ڪاوڙ مان چيو. ”تيئن مان ڪيان ٿي، مون کي ڇھہ گوبيون ڏي پر جيئن تہ تون ڏسين پئي مان لٺ تي ٿي هلان ان ڪري مون کان اهي ڪونہ کڄنديون. پنھنجي پٽ کي چؤ تہ مون کي گهر تائين کڻائي هلي. مان کيس سٺي مزوري ڏينديس.“
جيڪب وڃڻ نہ چاهيو، هو پوڙهيءَ کان ڪافي ڊنل هو، پر کيس پنھنجي ماءُ جو چيو مڃڻو پيو. هن جي ماءُ بہ اهو سوچيو جيڪڏهن ڪمزور پوڙهي اهي ڀاڄيون اڪيلي سر کڻندي تہ ماڻھو ڇا چوندا.
تقريباً رئندي هن ڀاڄيءَ جي ڇٻيءَ کي ڪپڙي سان مٿان ڍڪيو ۽ ان پوڙهيءَ جي پويان پويان هلڻ لڳو.
هوءَ تيز نہ پئي هلي سگهي. ايتريقدر جو کين تقريباً منو ڪلاڪ رڳو ننڍڙي شھر جي ٻئي حصي ۾ پھچڻ ۾ لڳو. آخرڪار هوءَ هڪڙي ڀڳل ٽٽل جاءِ جي هيٺان اچي بيٺي کيسي مان هڪ پراڻي رنگ لڳل چاٻي ڪڍي جڏهن قلف ۾ هنيائين تہ دروازو هڪڙي چيڪاٽ سان اندرئين طرف کلي ويو. تاڪن جا چيڪاٽ، جڳھہ جي زبون هجڻ جو مڪمل منظر هئا. جيڪب ڊڄي ڊڄي اندر ويو. پر اندر تہ ڄڻ دنيا ئي ٻي ۽ ڀتيون اوچي پٿر جون ٺھيل هيون. شيشن ۽ بلوط سان ٺھيل ڪاچ جي فرنيچر تي سون ۽ چانديءَ جا پڙڇ لڳل هئا ۽ فرش تہ ايترو ترڪڻو هو جو ويچارو جيڪب ڪيترا ڀيرا پئي ترڪيو.
پوڙهي اندر پھچي، کيسي مان هڪ چانديءَ جي سيٽي ڪڍي ان مان هڪ ڏڪائيندڙ آواز ڪڍڻ لڳي. اهو آواز جڏهن پڙاڏو ڪري ڪمري جي ڀتين سان ٽڪرائڻ لڳو تہ ننڍڙي جيڪب کان ڇرڪ نڪري ويو. ان مھل الائي ڪيترا رڇ جا ٻچا ڏاڪڻيون لھندا آيا. انھن کي انسانن وانگر ڪپڙا پيل هئا ۽ اهي پوين ٽنگن تي هلي رهيا هئا. سندن مٿي تي جديد ٽوپلا ۽ پيرن ۾ نئين فيشن جا بوٽ پيل هئا. اهو سڀ جيڪب کي ڏاڍو عجيب لڳو.
”منھنجا ترڪڻا بوٽ ڪٿي آهن؟“ پوڙهيءَ رڙ ڪري پڇيو. هوءَ پنھنجي لٺ جي سھاري هجڻ جي باوجود بہ ڪاوڙ ۾ ڏڪي رهي هئي. ”مون کي گهڻي دير ٿي آ ڀيڻ؟“
ننڍڙا رڇ هڪدم ڏاڪڻ چڙهي مٿي ويا، ۽ موٽڻ مھل سندن هٿن ۾ ترڪڻن بوٽن جو هڪ جوڙو هو. جنھن تي چمڙي جو ڪم ٿيل هو، پوڙهيءَ هڪدم بوٽن ۾ پنھنجا پير وڌا ۽ ترڪڻ شروع ڪيائين، فرش اڳ ۾ ئي ترڪڻو هو، ويچارو جيڪب بہ هن سان گڏ ئي ترڪندو رهيو، آخرڪار پوڙهي هڪڙي ڪمري جي سامھون بيھي رهي، جيڪو پريان کان رڌڻي وانگر نظر اچي رهيو هو. جيتوڻيڪ ان ڪمري ۾ ڪرسيون ۽ صوفا پيل هئا پر تڏهن بہ ان جي ڊزائين ۽ نمونو ڪجهہ ان طرح جو هو جو اهو رڌڻو پئي لڳو.
”ويھي رھہ“ پوڙهي دوستاڻي نموني چيو. هن جيڪب کي ڪنڊ واري صوفي جي وچ تي ويھڻ جو اشارو ڪيو. جيڪب کي ويھاري هن هڪ ميز هن جي سامھون آڻي رکي، اها ايتري تہ ڳري هئي جو ان جي پويان ويھڻ کان پوءِ جيڪب ان کي پري ڌڪي بہ نہ پئي سگهيو.
”هاڻي آرام سان ويھو، ننڍڙا توکي وڏا بار کڻڻا آهن ۽ مردن جون ڳچيون ايتريون ڪونہ هونديون آهن، نرم ڪونہ هونديون آهن.“
”تون چوين ڇا پئي.“ ننڍڙو تقريباً روئڻھارڪو ٿي ويو. ”تنھنجو ڪھڙو مطلب آهي مادام، مان ٿڪل ضرور آهيان، پر مون تہ صرف گوبيون کنيون هيون. تو اُهي منھنجي ماءُ کان ورتيون هيون، توکان وسري ويون ڇا؟“
ويڙهيل ڪپڙو کوليو ۽ ان ڇٻيءَ مان هڪ انساني مٿو، وارن کان جهلي ٻاهر ڪڍيائين. جيڪب ڏاڍو ڊنو. کيس سمجهہ ۾ نہ پئي آيو تہ اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي. هڪدم کيس سندس ماءُ جو خيال آيو. ”جيڪڏهن ڪنھن کي ڀاڄين جي جڳھہ تي انساني مٿن جو وڪرو ڪرڻ جي خبر پئجي وئي تہ امان تي تہ پڪ الزام ايندو.“
”خير. هاڻي... تون هڪ سٺو ڇوڪر آهين توکي تنھنجو انعام ضرور ملڻ گهرجي.“ پوڙهيءَ ڀڻڪيو. ”ڪجهہ دير ترس، مان توکي هڪڙو رس ٿي پياريان. ڏسجانءِ سڄي عمر ان کي ڪونہ وساريندين.“ اهو چئي، هن پنھنجي سيٽي وري وڄائي. پھرين، رڇن جو هڪ وڏو تعداد انسانن وانگر ڪپڙن پاتل اندر داخل ٿيو. هنن کي پنھنجي چيلھہ جي چوڌاري ڊگها چولا پاتل هئا ۽ اتي ئي خنجرن وانگر چاقو ٻڌل هئا. انھن جي پويان ڪيترائي نوريئڙا ايندا ويا. هر نوريئڙي کي اڇو ترڪي چولو ۽ سائي ٽوپي پاتل هئي. اُهي سڀ بورچين وانگر پئي لڳا.
اندر داخل ٿي انھن، ڪٻٽن کي کوليو ڪن انھن مان ترڻي، لئا، آنا ۽ مکڻ ڪڍيو، ڪن اٽو ۽ ٻوٽيون ٻي خاني مان ڪڍيا ۽ سڀ گڏجي هڪ ديڳ ۾ وجهندا ويا، جنھن جي هيٺان باھہ ٻري رهي هئي. پوڙهي پاڻ پنھنجي سر ان شيءِ کي باھہ ۾ پچائي رهي هئي ۽ ننڍڙي جيڪب کي پڪ ٿي وئي تہ پڪ ڪا زبردست شيءِ تيار پئي ڪري.
باھہ تيز کان تيز ٿيندي وئي ۽ آخرڪار هڪ بھترين خوشبو ڪمري جي هوائن ۾ رچي وئي. پوڙهي، رڇ ۽ نوريئڙا ديڳ جي چوڌاري ڦري رهيا هئا. جيڏي مھل بہ پوڙهي، ڪنيءَ جي ويجهو ٿي آئي تہ هن پنھنجو ڊگهو نڪ ان ۾ ئي داخل ڪيو ۽ ڪجهہ سنگهي وري ڦرڻ کي لڳي ٿي وئي. آخرڪار، ديڳڙي اڀامڻ لڳي ۽ ان مان ڪجهہ ڦڙا ٻاهر نڪرڻ لڳا. پوڙهي هڪدم ان تيار ٿيل رس کي باھہ تان لاٿو، ان مان ڪجهہ هڪ چاندي جي ٿانو ۾ ڪڍيائين ۽ کڻي ننڍڙي جيڪب جي ويجهو هلي آئي.
”هاڻي ننڍڙا“ هن چيو: ”پي اهو شربت، پوءِ تون منھنجي بدن جي جنھن بہ حصي جي تعريف ڪئي هئي، سو تنھنجو ٿي ويندو، پوءِ مان توکي هڪڙو بھترين بورچي ٺاهيندس. خير اهو تہ پوءِ ٿيندو. پھرين تون اهو پي....“
”هڪ ڳالھہ تہ ٻڌاءِ. اهڙي شربت ٺاهيندڙ ڀاڄي تو ڪڏهن بہ وڪي آهي، نہ، ڪڏهن بہ نہ تنھنجي تہ ماءُ بہ اهڙي ڀاڄي ڪڏهن ڪونہ وڪي هوندي ائين نہ.“
جيڪب بلڪل ڪونہ سمجهيو تہ هوءَ چوڻ ڇا ٿي چاهي. بس هن جو ڌيان تہ رس ڏانھن هو. اهو لذيذ هو. سندس ماءُ کيس ڪيتريون ئي لذيذ شيون ٺاهي ڏنيون هيون پر هن اهڙي شي ڪانہ ڏٺي هئي.
هن شربت وانگيان شوروو پيئڻ شروع ڪيو. اهو هڪ لذيذ ۽ مٺو شرت هو ۽ ان کي پيئڻ سان اندر کي عجيب طاقت پئي آئي. ان مھل جڏهن ه شربت جا آخري ڍڪ پيتا، ڪمري ۾ موجود رڇن باھہ جي سڙيل ٽانڊن مٿان ڪجهہ ڇرڪي وري باھہ ڏني ۽ سڄو ڪمرو آسماني رنگ جي دونھين سان ڀرجي ويو. ننڍڙي ڏاڍيون رڙيون ڪيون تہ هن کي پنھنجي ماءُ وٽ پھچڻو آهي، پر هن جو ذهن آهستي آهستي ختم ٿيندو ويو. آخرڪار هو اتي ئي صوفي تي ڪري سمھي پيو.
جيئن ئي هو ستو، تہ ننڊ ۾ کيس هڪ عجيب خواب نظر آيو. هن ڏٺو تہ پوڙهي هن جا ڪپڙا لاهي هن کي نوريئڙي جي کل ۾ ويڙهي ڇڏيو آهي، هو هاڻي نوريئڙن وانگر ڪُڏي ۽ ٽپي بہ سگهيو ٿي. پر انھن سڀني جانورن وانگر هو بہ پوڙهيءَ جو غلام هو. پھرين تہ هن کي صرف بوٽ صاف ڪرڻا پوندا هئا جنھن مان ظاهر هو تہ هن کي گهٽ ڪم هو. اهي بوٽ تہ هو گهر ۾ ئي آرام سان صاف ڪري ترڪڻ جي قابل بڻائيندو هو. پوءِ هن کي محسوس ٿيو ڄڻ کيس ائين ڪندي پھريون سال گذري ويو هجي.
پھرئين سال گذرڻ کان پوءِ هن کي ننڍڙن رڇن ۽ نوريئڙن سان گڏ ٻاهر سمنڊ جي ڪناري تائين وڃڻو پوندو هو، اتي وڃي هو سامونڊي گانگٽ ماري انھن جون کلون ۽ منڍيون ڌار ڪري انھن جي گوشت مان پوڙهيءَ لاءِ کاڌو تيار ڪندا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو نرم کاڌو کائيندي هئي. پوڙهي هجڻ جي ڪري کيس ڏند نہ هئا ۽ هوءَ چٻاڙي نہ ٿي سگهي ۽ انھن ڪمن ڪارين ۾ کيس ڄڻ ٻيو سال بہ گذري ويو هجي.
ٽئين سال ۾ ننڍڙي کي پوڙهيءَ لاءِ پيئڻ جو پاڻي آڻڻو پوندو هو. سڄي گهر ۾ ڪوبہ ٿانو يا ٻي ڪابہ اهڙي شيءِ نہ هئي جنھن ۾ پاڻي جمع ڪيو وڃي ۽ ان کان سواءِ پوڙهي عام پاڻي بہ ڪونہ پيئندي هئي. هوءَ صرف برسات ۽ ماڪ جو پاڻي پيئندي هئي ۽ ويچاري جيڪب کي صبح ساڻ اهو پاڻي وڻن تان ڇنڊي، جمع ڪري آڻڻو پوندو هو.
چوٿين سال ۾ هن جي نوڪريءَ ۾ ڄڻ ترقي اچي ويئي. هاڻي هو اندريان گهرو ڪم ڪرڻ لڳو هو. هاڻي هن جو ڪم فرش کي صاف رکڻ هو. فرش تہ اڳ ۾ ئي شيشي جو ٺھيل هو، ترڪڻ جي ڪري هن تي بيٺل هلڪي مٽي بہ هوا جي ڪري اڏامي ويندي هئي، پر تڏهن بہ هن کي ٻين جانورن سان گڏ فرش کي صاف ڪرڻو پوندو هو. پھرين هو فرش کي برش هڻندا هئا ۽ پوءِ ان تي پاڻي هاري، پنھنجن پيرن کي ڪپڙو ٻڌي جيئن هو ترڪن نہ، پالش ڇڙڪي، ڊوڙون پائيندا هئا تہ جيئن پالش چؤطرف پکڙجي وڃي ۽ فرش پالش پوڻ سان چمڪي اٿي.
چوٿين سال جي آخر ۾ هن کي رڌڻي جو ڪم سونپيو ويو اهو سڀني کان مٿانھين درجي وارو ڪم هو، جيڪو ڪنھن پراڻي خدمتگار کي ئي ڏنو ويندو هو. جيڪب پنھنجو ڪم هڪ معمولي مددگار جي حيثيت سان شروع ڪيو ۽ هڪ ڏينھن هو هيڊ بورچي بنجي ويو، هينئر هو ٻن سون کان مٿي ڀاڄيون چاڙهڻ ڄاڻندو هو. ڪڏهن ڪڏهن کيس پنھنجي حالت تي کل بہ ايندي هئي. هاڻي تہ هن جي سامھون جيڪڏهن ڪنھن مشڪل تيار ٿيندڙ کاڌي جي ڳالھہ ڪئي ويندي هئي تہ هو منٽن ۾ ان کي بھترين انداز ۾ تيار ڪري وٺندو هو.
هڪ ڏينھن، ستن سالن کان پوءِ پوڙهيءَ جو ٻاهر وڃڻ جو ارادو ٿيو. هن جيڪب کي هڪ بھترين ڀاڄيءَ جو ٻوڙ تيار ڪرڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ ٻاهر هلي وئي. ننڍڙي کي اهو ٻوڙ هن جي اچڻ کان پھرين ٺاهڻو هو. هن پوڙهيءَ جي چوڻ مطابق بدڪ جي منڍي مروڙي ان کي پاڻيءَ ۾ اوٻاري اڌ ڪچو ڪري لاٿو. هن بدڪ جي کل سونگهي، اڃا هوءَ ڪجهہ ڪچي پڪل هئي. هن بدڪ کي لاهي پاسي کان رکيو، ۽ پاڻ مصالحو کڻڻ لاءِ ٻاهر هليو آيو. ان ڪمري ۾ جنھن مان هو سڪل ڀاڄيون ۽ سائو مصالحو کڻي آيو هو، هڪ ٽجوڙي پئي هئي جيڪا هن اڄ تائين ڪونہ ڏٺي هئي، هن ٽجوڙي جو در کليل هو. هو ٽجوڙيءَ جي ويجهو هليو ويو مقصد صرف اهو هئس تہ ان ۾ ڏسان تہ اندر ڇا اٿس ويجهو وڃي هن ٽجوڙي کولي اها پوري مختلف قسم جي طاقتور ٻوٽن جي ڇٻين سان ڀريل هئي. انھن مان هڪ ڇٻي کولي جڙي ٻوٽيون خوشبوءِ سان ڀرپور هيون. جيڪب ڏڪندڙ هٿن سان هڪ ڇٻي کولي، ان ۾ بھترين ٻوٽي پيل هئي. ان جي ڏانڊيءَ ۽ پنن جو رنگ آسماني مائل سائو هو، گل جو رنگ ڳاڙهو ۽ مک پيلو هو. جيڪب گل کي غور سان ڏسندو رهيو، اوچتو هن گل کي سنگهي ورتو. ان گل مان بھترين خوشبوءِ پئي آئي پياري پياري خوشبو جيڪا اڳ ۾ تيار ٿيل ٻوڙ مان بہ پئي آئي.
اها خوشبو ايتري تہ تيز هئي جو هن کي جهوٽا اچڻ لڳا هو جهوٽا کائيندي ڪرڻ لڳو اوچتو سندس مٿو ڪنھن شيءِ سان لڳو، هو ڇرڪي پيو ۽ ائين ئي هن سجاڳي اچي وئي.
هي اڃان اتي ئي صوفي تي ستل هو. پاڻ کي ڏسي دل ئي دل ۾ کل اچڻ لڳس ”ڪمال آهي، مان هتي پئي پئي خواب ٿي ڏٺو، پر ڪو خواب اهڙو سچو بہ ٿي سگهي ٿو، مان قسم کڻي ٿو سگهان تہ مان هڪ ننڍڙو نوريئڙو هئس ۽ پوءِ هڪ بورچي بڻجي ويس، امان ڪيئن نہ کلندي جڏهن مان کيس اهي ڳالھيون ٻڌائيندس. پر هوءَ مون کي مار ڪڍندي ڇو جو مان هن ڏي اڃا ڪونہ موٽيو آهيان، هن مارڪيٽ واپس اچڻ لاءِ چيو هو، نہ ڪي صوفن تي ننڊون ڪرڻ لاءِ.
اهو خيال ايندي ئي هن پنھنجا ترڪڻ بوٽ پاتا، ۽ گهر مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ ترڪڻ شروع ڪيو. هو بلڪل سجاڳ هو، خاص طور تي سجاڳي هن سندس ڳچيءَ ڏياري هئي هن محسوس ڪيو هو. ڳچيءَ کي هو صحيح نموني سان چوري پوري نہ پئي سگهيو. هن کي پنھنجي نڪ کان بہ ڊپ پئي لڳو، جيڪو بار بار وڃي ڪنھن نہ ڪنھن شيءِ سان ٽڪرايو ٿي. ايتري قدر جو هو جيڏي مھل تڪڙ ۾ ڪا ڦيري پائي رهيو هو تہ سندس نڪ ڀتين يا در جي تاڪن تي ضرور ٿي وڃي لڳو ۽ کيس پنھنجو پاڻ تي کل پئي آئي.
ڪيترائي نوريئڙا ۽ رڇ هن جي چوڌاري مڙي ويا، ڄڻ هو بہ هن سان گڏ وڃڻ چاهيندا هجن، جڏهن هو وڏي دروازي وٽ پھتو تہ کين اچڻ لاءِ چيائين، پر هو هڪدم پنھنجن ترڪڻن بوٽن تي ترڪندا واپس ڀڄي ويا. ۽ جيئن ئي جيڪب گهر کان ٻاهر قدم رکيو تہ هن پويان انھن جانورن جو روئڻ ٻڌو، هو شايد هن جي وڃڻ تي غمگين هئا.
پوڙهيءَ کيس ايترو تہ ڦيرائي گهيرائي پنھنجي گهر ڏانھن وٺي وئي هئي جو پھرين تہ هن کي صحيح رستو نہ مليو، جو مارڪيٽ موٽي سگهي پر آخرڪار جڏهن هو مشڪل سان رستو ڳولي مارڪيٽ وٽ پھتو تہ گهٽيون ماڻھن سان ڀريون پيون هيون، هن سمجهيو پڪ ڪو عجب شڪل وارو ماڻھو هوندو تڏهن تہ ماڻھو کيس ڏسڻ بيٺا آهن.
”هي ڪوجهو ڊينڊو تہ ڏسو.“ هن هڪڙي ماڻھوءَ کي چوندي ٻڌو.
”هن جي هيڏي ساري نڪ ڏي تہ ڏس، مٿو تہ ڄڻ ڪلھن جي وچ ۾ پيھيو پيو اٿس. ۽.... ۽.....۽ هٿ تہ ڪھڙا نہ ڪوجها ۽ ناسي اٿس.“
جيڪڏهن ڪو ٻيو وقت هجي ها تہ جيڪب بہ ماڻھن سان گڏ ڊينڊن ۽ عجيب قسم جي ماڻھن جن ۾ ڪونہ ڪو عيب هجي ها، ڏسڻ ضرور وڃي ها، پر کيس هن مھل تڪڙ هئي، ڇاڪاڻ جو ماڻس وٽ جلد پھچڻو هئس.
هن کي ڏاڍن فڪرن اچي واريو جڏهن هو مارڪيٽ وٽ پھتو، هن جي ماءُ اڃا اتي ويٺي هئي، پاسي ۾ اڃا بہ ڪافي ڀاڄيون بچيل هئس، ۽ ان ڳالھہ مان ئي پڪ ٿي هئي تہ جيڪب پوڙهيءَ وٽ گهڻو وقت نہ گهاريو هو. جيڪب کي اهو ڏسي بيحد ڏک ٿيو تہ ماڻس هاڻي خوش نہ هئي هوءَ اداس ويٺي هئي، چپ چپ. ايتري قدر جو پاسي کان لنگهندڙ ماڻھن کي ڀاڄيءَ وٺڻ لاءِ سڏيائين بہ ڪونہ ٿي. جيڪب ماءُ وٽ پھتو تہ بہ هو مٿي تي هٿ رکيو ائين ئي ويٺي رهي. هن جيڪب ڏانھن نھاريو بہ ڪونہ.
جيڪب بيھجي ويو. ڇا ڪري، هن هڪدم پنھنجون همٿون گڏ ڪيون، آهستيءَ سان ماءُ جي ٻانھن کي ڇھندي چيائين:
”ڇا ڳالھہ آ امڙ، تون مون کان ڪاوڙي آهين ڇا؟“
هن جي ماءُ مڙي ڏانھنج ڏٺو ۽ هڪدم ڪاوڙ مان رڙ ڪندي چيائين: ”ڇاهي، او ڪوجها ڇوڪرا هليو وڃ هتان، مون کي اهڙيون مشڪريون پسند نہ هونديون آهن.“
”پر امان ڇا ٿيو“ جيڪب کلندي پڇيو، ”ڇا توسان ڪا ويڌن ٿي آ ڇا تون ايتري پريشان آهين جو پنھنجي پٽ کي پاڻ پري وڃڻ لاءِ پئي چوين.“ ”مون اڳ ۾ ئي توکي چيو آ تہ هتان ٽري وڃ، مون کان توکي ڪابہ رقم تنھنجن انھن ٽرڙين حرڪتن ڪونہ ملندي.“
”او منھنجا خدا، مون تي رحم ڪر“ جيڪب ڏکارو ٿي ويو، ماءُ کي ليلائيندي چيائين، ”امان، هوش ڪر. مون کي ڏس، ڏس تہ مان تنھنجو پٽ آهيان، جيڪب.“
”هاڻي هيءَ مذاق وڌندو ٿو وڃي.“ هانا پنھنجي پاڙي ۾ ويٺل هڪ ٻي ڀاڄي وڪڻندڙ ساٿياڻيءَ سان ڀڻڪيو، ”هن ڪوجهي کي تہ ڏس. منھنجين سڀني گراهڪن جو خانو خراب ڪري ڇڏيو اٿئين هتي بيھي بيھي ۽ هاڻي منھنجي بدقسمتيءَ تي وري کلي ڪيئن نہ ناز مان ٿو چئي ’مان تنھنجو پٽ جيڪب آهيان، هونھن هن ڪوجهي مخلوق کي شرم اچڻ گهرجي، شرم.“
۽ پوءِ سڀئي ڀاڄي وڪڻندڙ مايون پنھنجن پنھنجن هٽن تان هيٺ لھي آيون ۽ پوءِ هڪ طوفان بدتميزي شروع ٿي ويو. هو جيڪب تي ٽوڪون ڪرڻ لڳيون، هو سڀ ان ڳالھہ تي ٽوڪن ۾ شروع ٿي ويون هيون تہ هن ڪوجهي ويچاري هانا جا پراڻا زخم کولي وڌا هئا، ڇاڪاڻ جو جيڪب کي گم ٿئي تہ ست سال ٿي ويا هئا.
هنن سڀني گڏجي ڪنو فروٽ ۽ ڀاڄيون جيڪب تي اڇلائڻ شروع ڪيون، ۽ جيڪب ويچاري کي اتان ڀڄڻو ئي پيو.
ويچارو جيڪب بيحد پريشان هو ڇا ڪري، ڇا نہ ڪري. جيتري قدر هن کي خبر هئي تہ هميشہ جيان جمع جو سوير اٿي، ماءُ سان گڏ مارڪيٽ جو رخ رکيو هو ائين ڪجهہ ڀاڄيون وڪيون هيون، جو پوڙهي اچي وئي ۽ جيڪب ڀاڄيون کڻي سندس گهر هليو ويو هو. جتي هن ڪجهہ منٽ تہ گذاريا هئا، رڳو ٿورو شربت پيتو هئائين ۽ بس موٽي آيو هو. پر هتي تہ مارڪيٽ ۾ سڀ مايون چون پيون تہ جيڪب کي گم ٿئي تہ ست سال ٿي ويا هئا. ۽ هو هن کي ڪِنو ۽ بيھودو ڪوجهو سڏي رهيون هيون.
جڏهن هن کي پڪ ٿي وئي تہ سندس ماءُ هڪ اکر بہ ڪونہ ٻڌندي تہ سندس اکين مان ڳوڙها وهي آيا. هن اداسيءَ مان پنھنجا ڳوڙها اگهندي هيٺ هڪ گهٽيءَ جو رخ رکيو جتي سندس پيءُ سڄو ڏينھن جتين کي ٺاهڻ ۽ چتين هڻڻ ۾ لڳو پيو هوندو هو، ڏسان هو مون کي سڃاڻي ٿو ڪين نہ؟ جيڪب سوچيو مان رڳو دروازي جو ٻيڪڙ کولي، اندر منڍي ڪري، ٻہ لفظ ڳالھائيندومانس ڏسان ڇا ٿو ڪري؟
جڏهن هو موچيءَ جي دڪان تي پھتو تہ در کولي چپ ڪري اندر منڍي وجهي ڏٺائين موچي پنھنجي ڪم ۾ ايتري قدر تہ مشغول هو جو کيس ڪنڌ کڻڻ جي فرصت بہ ڪونہ هئي، پر اتفاق سان جڏهن در تي نظر وڌائين تہ هٿ مان ڌاڳو ۽ گپچي ڇڏائجي ويس، ۽ ان سان گڏ اهو بوٽ بہ پرڀرو وڃي پيو، جنھن کي هو ٺاهي رهيو هو.
هن هڪدم رڙ ڪئي ”خدا جي واسطي هتي ڇا رکيو آ جو تون جهاتيون ٿو پائين.“
”ڪھڙا حال آهن استاد.“ جيڪب دڪان ۾ گهڙندي پڇيو ۽ توسان گڏ تنھنجي پٽ جا ڪھڙا حال آهن.
”سٺا ناهن، ننڍا سائين.“ جيڪب وڌيڪ حيران ٿي ويو. هي بابا ڪيئن پيو ڳالھائي. معنيٰ تہ خود هن جي پيءُ بہ هن کي نہ سڃاتو. هوڏانھن پڻس، ڳالھين ۾ لڳو رهيو.
”ڌنڌو اهڙو ناهي جھڙو هجڻ گهرجي. مان هاڻي بلڪل اڪيلو آهيان ۽ وقت گذرڻ سان گڏ پيري مون کي وڪوڙيندي ٿي وڃي. پر مان ان لائق ناهيان جو ڪم ڪرائڻ لاءِ ڪو ماڻھو پاڻ وٽ رکان“.
”پر توکي تہ هڪ پٽ بہ آهي. اهو تنھنجي مدد نہ ٿو ڪري.“ جيڪب پڇيو.
آھہ، مون کي گهڻو اڳ هڪ پٽ هو نالو هئس جيڪب، هجي ها تہ هاڻي ڊگهو جوان هجي ها، عمر ويھہ ورهيہ کن ٿي وڃيس ها ۽ منھنجي خوب مدد ڪري ها. پوءِ منھنجي زندگي بہ سک سان گذري ها، هو ڏاڍو سٺو ڇوڪر هو. ٻارنھن ورهين جي عمر ۾ ئي پاڻ ڏاڍو چالاڪ ۽ محنتي هو. کيس منھنجي ڌنڌي جي ڪافي ڄاڻ هئي، هو ڏاڍو سھڻو ۽ پرڪشش نوجوان هو، ايتريقدر جو ڪيترائي گراهڪ هن ايتري ننڍڙي عمر ۾ ئي پاڻ سان ٺاهي ڇڏيا هئا. هو جيڪڏهن هجي ها تہ اڄ مان چتيون هڻي بوٽ مرمت نہ ڪندو وتان ها، بلڪ نوان بوٽ ٺاهيان ها. هو پراڻن جي مرمت ڪري ها. خير، اهو تہ دنيا جو دستور آ، ڪيترا ئي هليا ويا آهن.“ ”تنھنجي پٽ کي ٿيو ڇا؟“ جيڪب پڇيو. سندس آواز ڏڪي رهيو هو. ”خدا کي خبر.“ موچيءَ وراڻيو. ”ست سال اڳي هو مارڪيٽ ۾ الائي ڪيئن وڃائجي ويو هو.“
”ست سال اڳ.“ جيڪب کان رڙ نڪري ويئي.
”ها، ست سال اڳ، ننڍڙا سائين مون کي تہ ائين ٿو لڳي ڄڻ اهو واقعو ڪالھہ ئي ٿي گذريو هجي. ڪيئن نہ منھنجي زال روئندي ۽ رڙيون ڪندي گهر آئي هئي ڇوڪرو سڄو ڏينھن ٿي ويو الائي ڪيڏانھن ويو هو. هن کيس ڳوليو ۽ هر جڳھہ تي سندس پڇا ڪئي ويئي هئي. پر هو تہ الائي ڪيڏانھن ويو هو. ڪڏهن ڪڏهن مان سوچيندو آهيان تہ هن سان ڇا وهيو واپريو هوندو مون پنھنجي زال کي ٻڌايو. اسان جو جيڪي هڪ سھڻو جوان هو. ۽ منھنجي زال مٿانئس اول گهول ويندي هئي. هو چاهيندي هئي تہ ماڻھو جيڪب جي تعريف ڪن. هوءَ کيس ڪن گراهڪن سان گهرن ۾ ڀاڄين سميت موڪليندي هئي خير ان ۾ تہ ڪو نقصان ڪونہ هو، ڇو تہ هو هميشہ کٽي ڪمائي ئي ايندو هو.“ ”پر تون خيال ڪندي ڪر“ مون هميشہ کيس چيو ڇاڪاڻ جو شھر وڏو آ، ڪيترا ئي خراب ماڻھو هوندا جيڪي ان تي بري نظر رکندا هوندا.“ پر هن خيال نہ ڪيو ۽ ائين ئي هڪ ڏينھن اهو ڪجهہ ٿيو جيڪو مون چيو هو. هڪ ڪوجهي عورت منھنجي زال جي هٽ تي آئي اچڻ ساڻ ئي ڀاڄين ۽ فروٽ تي ٽوڪون ڪيائين، ۽ آخر ۾ ايترو ڪجهہ خريد ڪيائين جو اهو کڻي نہ پئي سگهي، منھنجي زال اٻوجهہ پنھنجي ڇوڪر کي گڏ موڪلي ڇڏيائين ۽ ان کان پوءِ اسان جي اکين ڪڏهن بہ پنھنجو ٻچو نہ ڏٺو.
”ڇا توکي پڪ آ، اهو واقعو ست سال پھرين ٿيو هو.“ جيڪب پڇيو.
”ها ابا، ست بھارون گذري ويون. اسان تہ پڙهو بہ ڏياريو، هڪ در کان ٻئي در تائين وياسين ڪيترائي ماڻھو اسان جي جيڪب کي سڃاڻندا هئا، انھن ويچارن بہ ڳولا ڪرڻ ۾ اسان جي مدد ڪئي پر سڀ ڪجهہ ختم ٿي چڪو هو، ڪنھن کي بہ ان پوڙهيءَ جي خبر ڪانہ هئي تہ ڪٿي رهندي هئي. سواءِ هڪ تمام ٻڍي 90 سالن جي پوڙهيءَ جي جنھن چيو ٿي سگهي ٿو تہ اها شيطاني پوڙهي هجي، جيڪا هر پنجاھہ سالن کان پوءِ شھر ڀاڄيون وٺڻ لاءِ ايندي آ.“
جيئن جيئن جيڪب پنھنجي پيءُ جون ڳالھيون ٻڌندو ٿي ويو، کيس خبر پئي پوندي وئي تہ حقيقت ۾ ڇا ڇا ٿي گذريو هو. پوڙهي ڌاڳي کي ميڻ هڻندي ۽ جتين کي ڪوڪا هڻندي، هن سان خوب ڪچهري ڪئي.
تہ چئبو تہ اهو خواب نہ هو، مان سچ پچ ست سال ان نوريئڙي جي شڪل ۾ اتي رهيم.“ جيڪب سوچيو.
۽ انھن سوچن ڄڻ هن جي دل ڏاري وڌي. پوڙهي کائنس سندس حياتيءَ جا ست بھترين سال کسيا هئا ۽ موٽ ۾ ڇا ڏنو هئائين هو صرف بادام جي کل جي سليپرن سان ئي شيشي جي فرش کي ئي صاف ڪري پئي سگهيو. پوڙهي جي رڇن هن کي رڌ پچاءُ سيکاريو هو.
جيڪب ائين ئي اداسي ۾ وڪوڙيل رهيو. کيس پنھنجي ڦٽل قسمت تي ڏک اچي رهيو هو. اوچتو پڻس جي آواز ڇرڪائي وڌس. مان تو لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهان، ننڍا نوجوان بوٽن جو جوڙو، ڏيانءِ يا... پر ٿي سگهي ٿو تون پسند ڪرين تہ مان توکي هڪ ڊگهو چمڙي جو غلاف ٺاهي ڏيان جنھن ۾ تون پنھنجو نڪ لڪائي سگهين.“ هن مرڪ سان آخري جملو ادا ڪيو.
”ڇا مطلب آ تنھنجو.“ جيڪب پڇيو، ”مون کي ان جي ڪھڙي ضرورت.“ ”هر ڪنھن کي اختيار آ.“ موچيءَ وراڻيو. ”پر مان ضرور چوندم، مون کي جيڪڏهن تو جھڙو نڪ هجي ها نہ، تہ مان پڪ ان لاءِ سھڻي گلابي چمڙي جو غلاف ٺھرايان ها. ڏس مون وٽ هينئر بہ خوبصورت چمڙو پيل آ، بيشڪ تون ان مان بوٽ بہ ٺاهرائي سگهين ٿو. پر خود سوچ، غلاف ڀلو نہ آ جو تنھنجو نڪ جو بچاءُ ڪري توکي پڪ پنھنجي نڪ کي دروازن ۽ هر پاسي کان لنگهندڙ گاڏيءَ سان ٽڪرائڻ لاءِ ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪرڻو پوندو هوندو.“
جيڪب تيزيءَ سان جيئن ئي مڙيو، تيئن ئي سندس نڪ ڀت ۾ وڃي لڳو. هن پنھنجي نڪ کي محسوس ڪيو. اهو وڏو ۽ ٿلھو هو. ۽ اهو ئي ڪارنامو هو جيڪو پوڙهيءَ هن سان ڪيو هو. اهو ئي سبب هو جو سندس ماءُ ۽ پيءُ کيس نہ سڃاڻي سگهيا هئا ۽ ماڻھو هن کي ”ڪوجهو بونو“ ڪري سڏي رهيا هئا. ”استاد“ هن روئڻھارڪي لھجي ۾ موچيءَ کان پڇيو. ”ڇا تو وٽ ڪو هٿ جو آئينو آهي مان دراصل ان ۾ پنھنجو منھن ڏسڻ ٿو گهران.“
”ننڍڙا سائين“ موچيءَ وراڻيو، ”تون مشڪل سان ڪي پنھنجا مھانڊا پسند ڪرين ۽ هونئن بہ تو وٽ ڪا سونھن تہ ڪونھي جو تون آئينو پڇائيندو وتين، پنھنجي ان عادت جو علاج ڪراءِ اهو آئيني ۾ هر هر ڏسڻ خراب آ خاص طور تي تو جھڙن ماڻھن لاءِ.“ ”مون کي آئيني ۾ ڏسڻ ڏي.“ ڇوڪر ٻاڏايو، ”اها منھنجي عادت نہ آ.“
”پر مون وٽ تہ ڪو آئينو ئي ڪونھي. منھنجي زال وٽ هڪ ننڍڙو آئينو هوندو آ پر خبر ناهي تہ اها، اهو آئينو الائي ڪٿي لڪائي وئي آ، تون سچي پچي پنھنجو منھن ڏسڻ ٿو چاهين تہ هيئن ڪر، جو سامھون گهٽيءَ ۾ اربن حجم جو دڪان اٿئي، اتي هڪ آئينو تنھنجي منھن کان بہ وڏو پيل آ ان ۾ وڃي پنھنجو منھن ڏس آءُ ۽ هاڻي خدا حافظ.“
اهو چوندي ڄڻ سندس پيءُ کيس آهستگيءَ سان ٻاهر ڌڪي ڇڏيو هن کيس ڪڍي در بند ڪيو ۽ وري پنھنجي ڪم کي لڳي ويو. ۽ ويچارو جيڪب اربن جي دڪان ڏانھن وڌيو، جنھن کي ننڍي هوندي کان سڃاڻندو هو.
”صبح جو سلام، اربن“ هن چيو. ”تون مون لاءِ ڪجهہ ڪندين، منھنجو مطلب آ تہ مون کي پنھنجي آئيني ۾ منھن ڏسڻ ڏيندين.“
”شوق سان اهو پيو اٿئي آئينو.“ هن اشارو ڪندي کليو. ۽ ساڻس گڏ ٻيا بہ سڀ ماڻھو کلي پيا هئا.
”تون ڪيڏو نہ سھڻو جوان آهين. ٻگهہ جھڙي تنھنجي ڳچي، راڻيءَ جھڙا هٿ ۽ اهڙو خوبصورت نڪ مون تہ اڄ تائين نہ ڏٺو آ. هاڻي آئيني ۾ ڏسي وٺ وري مان توکي ڏسڻ ڪونہ ڏيندم. بس صرف هڪ موقعو اٿئي. مون کي ڪو تنھنجي حسن جي ڪري پنھنجو آئينو ڀڃائڻو ڪونھي.“ الائي ڪيترن ٽھڪن سان گڏ حجم اهي جملا پئي چيا. ويٺل کلي کلي کيرا ٿي پيا هئا، پر جيڪب ڪوبہ ڪن نہ ڌريو بلڪ آئيني ۾ وڃي ڏٺائين.
”ڪائي ڳالھہ ڪانھي جيڪڏهن تو پنھنجي ننڍڙي جيڪب کي نہ سڃاتو امڙ.“ جيڪب ڀڻڪيو، ”مان اهڙو ڪوجهو تہ ڪونہ هئس، خوشين جي ڏينھن ۾ جڏهن تون مون تان فخر ڪندي هئين.“ هن جون اکيون رت جھڙيون هيون، سندس نڪ بيحد ٿلھو ۽ ڊگهو هو، ڊگهائيءَ جي ڪري هن اڳيان جهڪي سندس ڄاڙيءَ کي ڍڪي ڇڏيو، هن جي ڳچي ڄڻ قدرتاً هئي ئي ڪونہ، ۽ ان ڪري ئي سندس مٿو ڄڻ ڪلھن ۾ گپجي ٿي ويو. ۽ هن کي سچ پچ تہ ڪنڌ کي ساڄي کاٻي موڙڻ ۾ بيحد تڪليف پئي ٿي هن جو قد تہ ست سال اڳ واري قد کان بہ ڪجهہ ننڍو ڏسڻ ۾ پئي آيو.
ٻارنھن کان ويھن سالن تائين ماڻھو ڊگها ٿيندا آهن پر جيڪب تہ ٿلھو ٿي ويو هو. هن جو ڪُٻَ نڪتل ۽ پاسا وڌيل هئا، ايتري قدر جو هڪ ڦوڪيل ڦوڪڻو ٿي لڳو، جيڪو ڪيڏي مھل بہ ڦاٽڻ تي هجي.
هيڏو ٿلھو جسم سنھين ٿلھين جھڙين ٽنگين تي قائم هو. هن جون ٻانھون بيحد ڊگهيون هيون، سندس هٿ گول ۽ پيلي مائل ناسي هئا. هٿن جون آڱريون سنھيون ۽ ڊگهيون هيون، ائين پئي لڳو جيڪڏهن هو چاهي تہ بنا جهڪڻ جي ئي زمين کي ڇُھي ٿي سگهيو. ها، ننڍڙو جيڪب هڪ ڪٻڙي ڪوجهي انسان ۾ مڪمل طور تي تبديل ٿي چڪو هو.
هاڻي هن اهو صبح ياد ڪيو جڏهن گهڻو اڳ هن جي ماءُ جي دڪان تي اها منحوس پوڙهي آئي هئي. هن جيڪب کي هر اُن عيب ۾ وڌو هو، جنھن جي لاءِ هن اُن پوڙهيءَ تي اُن ڏينھن ٽوڪون ڪيون هيون. ڊگهو نڪ، ڪوجهيون آڱريون. بس ڪمي هئي تہ ڳچيءَ جي، جيڪا پوڙهيءَ جي ڏانڊڙيءَ جھڙي ۽ جيڪب جي ماڳيان هئي ئي ڪونہ.
”خير، توهان پنھنجو جائزو مڪمل ڪيو حضور اعليٰ“ حجم ويجهو ايندي کيس غور سان ڏسندي کلندي چيو. ”ڪوبہ ماڻھو جيڪڏهن خواب ڏسي تہ بہ اوهان جھڙي مورت نہ ڏسي سگهي، توهان تہ خوابن ۾ بہ نظر نہ ايندڙ آهيو. خير ڪيئن بہ مون وٽ تو لاءِ هڪ مشورو آ نوجوان، مون وٽ هتي ڪافي گراهڪ آهن پر ايترا نہ جيتري منھنجي خواهش آ ۽ مون کي خبر آ ائين ڇو آ، منھنجو دشمن سڊسي هجي، ڪٿان ڪو عجوبو وٺي آيو آ ۽ اهو عجوبو ئي سندس گراهڪن جي ڪشش جو مرڪز آ. خير، ان عجوبي هجڻ ۾ ڪو نقصان بہ ڪونھي، بلڪل ڪونھي، پر تون تہ ماڳھين ان عجوبي کان بہ وڏو آهين، اچ ۽ هتي اچي ڪم ڪر. هتي توکي هرڪا ضرورت جي شيءِ ملندي، ڪپڙا، کاڌو، رهائش ۽ موٽ ۾ توکي در جي ٻاهران بيھي گراهڪن کي سڏڻو پوندو. تون صرف گراهڪن کي ڏاڙهي جي ڪريم ۽ ٽوال هڻندين ۽ مون کي پڪ آ تون ۽ مان گڏجي سٺو ڪم ڪنداسين. مون وٽ سڊسي ۽ هن جي عجوبي کان وڌيڪ گراهڪ ايندا ۽ توکي بہ خوب انعام ملندو.“
حجم جي ان ڳالھہ کي ٻڌي جيڪب کي ڏاڍو ڏک ٿيو. پر هن سوچيو تہ هن کي سندس شڪل صورت جي ڪري اهڙيون تہ الائي گهڻيون ڳالھيون ٻڌڻيون پونديون. هن حجم کان انڪاري ٿي چيو تہ کيس ڪو شوق ڪونھي ان ڪم ڪرڻ جو ۽ پاڻ هتان هليو ويو.
شيطاني پوڙهيءَ سندس شڪل صورت تہ بدلائي پر سندس عقل کي ڪجهہ نہ ڪري سگهي هئي. هو بلڪل هوش حواسن ۾ هو ۽ ڪنھن سمجهہ واري انسان جيان سوچي سمجهي ٿي سگهيو. هن پنھنجي ان سونھن جي زبان تي ڪوبہ گوڙ نہ ڪيو ۽ نہ ئي وري پنھنجن هنن ڪوجهن نقشن جو ڪو ماتم ڪيو. هن کي ڏک هو تہ اهو سندس ماءُ پيءُ کيس ڌڪاري ڇڏيو.
هن هڪ ڀيرو وري ماءُ ٻاڏائڻ لاءِ سوچيو هو پنھنجي ماءُ وٽ موٽي ويو ۽ کيس سندس احوال ٻڌڻ لاءِ ٻاڏايائين. هن کيس ٻالڪپڻ جا واقعا ٻڌايا ۽ ان ڏينھن جو بہ ذڪر ڪيو جڏهن هن کي اها ڪوجهي پوڙهي پاڻ سان گڏ وٺي ويئي هئي. ان کان پوءِ هن ماءُ کي سڄو احوال ٻڌايو تہ ڪيئن هن پوڙهي پاڻ تي ٿيل ٽوڪن جو بدلو کيس ڪوجهو ڪري ورتو آ ۽ ڪيئن هن پوڙهيءَ جي ست سال نوريئڙو ٿي خدمت ڪئي.
سندس ماءُ کي بلڪل خبر ڪونہ ٿي پئي تہ هو چئي ڇا پيو. هن جيڪي ڪجهہ پنھنجي ٻالڪپڻ لاءِ چيو، سندس ماءُ مڃيو. پر جڏهن هن اهو چيو تہ هن ست سال نوريئڙو ٿي پوڙهيءَ جي خدمت ڪئي تہ هوءَ پت نہ ڪري سگهي.
”اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي. هن دؤر ۾ پرين جو ڪو وجود ئي ناهي.“
سڀني کان وڌيڪ تہ جڏهن هن جيڪب تي نگاھہ ٿي وڌي تہ هڪدم ٿي چيائين، هي ڪوجهو، ڪنو ڪو منھنجو پٽ ٿي ٿو سگهي ڇا. آخرڪار هن چيو تہ بھتر اهو آ تہ مان پنھنجي مڙس سان مشورو ڪيان ۽ پوءِ پنھنجون ڇٻيون ميڙي جيڪب کي وٺي مڙس جي دڪان ڏانھن هلي آئي.
”ٻڌ“ هن مڙس کي چيو، ”هي بونو چئي ٿو تہ هيءُ ئي اسان جو گهڻو اڳ گم ٿيل پٽ جيڪب آ.“ هي چوي ٿو تہ هو ست سال اڳ اسان وٽان کڄي ويو هو ۽ ان ڪوجهيءَ پوڙهيءَ سندس روپ کي ڪوجهو ڪيو آ.“
”ڇا پيئي چوين.“ موچيءَ رڙ ڪئي. ”ڇا اهو ئي هن توکي ٻڌايو آ. تون ترس، صبر ڪر، هي سڄي ڳالھہ تہ مان کيس ٻڌائي چڪو آهيان، اڃا ڪلاڪ ڪن بہ ڪونہ ٿيو آ، ۽ هي توکي بيوقوف بڻائڻ آيو آ، هونئن، بدليل روپ، بيھہ منھنجا ٻچا تہ مان توکي ٻڌايان تہ روپ ڪيئن بدلائبو آ.“
اهو چئي هن چمڙي جو هڪ پٽو کڻي ۽ ڪوجهي جيڪب جي ٻانھن ڪُٻَ ۾ اهو وهائي ڪڍيو، هو جيڪب کي اوستائين ماريندو رهيو جيستائين هو رڙيون ڪري ٻاهر نہ ڀڄي ويو.
ان شھر ۾، هر شھر وانگر ڪيترائي رحمدل ماڻھو رهندا هئا، جيڪي ڪنھن ڏکويل روح تي رحم ڪري سگهن پر ويچاري جيڪب کي تہ سندن خبر ئي ڪونہ هئي ۽ نہ ئي وري هو ڪنھن سان بہ مليو هو، سو ويچارو مسڪين ڪوجهو، بنا کاڌي پيتي سڄو ڏينھن گذاري. رات جو ڪابہ جڳھہ نہ ڏسي هڪ چرچ جي ٿڌن ۽ سخت ڏاڪن تي ئي سمھي رهيو.
جڏهن سج جي تکن ڪرڻن کيس ٻئي ڏينھن جاڳايو تہ هن سوچيو تہ هاڻي ڪيئن رهان جڏهن تہ امان بابا ٻنھي مون کي گهران تڙي ڪڍيو آهي. کانئس اهو نہ پئي پڳو تہ هو مذاق ۽ مسخريءَ جي نشاني بڻجي حجم جي ٻاهران بيھي گراهڪن کي سڏڻ واري نوڪري ڪري.
پوءِ هو ڇا ڪري.
۽ آخر هن کي ياد آيو، پاڻ رڌ پچاءُ سکيو هئائين، جڏهن ست سال نوريئڙو ٿي رهيو هو، کيس اميد محسوس ٿي شايد ڪٿي بورچي بيھجي وڃان.
جيئن ئي ڏينھن ٿيو ۽ ماڻھن جي اچ وڃ گهٽين ۾ شروع ٿي وئي تہ جيڪب چرچ ۾ ويو ۽ عبادت ڪيائين ۽ پوءِ عبادت پوري ڪري هو پنھنجي سوچيل راھہ تي هلڻ لڳو.
سندن ملڪ جو بادشاھہ کاڌي پيتي جو بيحد شوقين هو ۽ ان مقصد لاءِ هو هر سال الائي ڪٿان ڪٿان بورچي گهرائيندو هو. جيڪب بہ پنھنجي قسمت آزمائڻ لاءِ بادشاھہ جي محل ڏي راهي ٿيو. محل جي در تي پھتو تہ دربان کيس ڏسي سندس ڪم ڪار پڇيو ۽ مٿانئس ڏاڍو کليو. جيڪب آخر ڪيئن بہ ڪري هن کي سمجهايو تہ هو وڏي بورچيءَ سان ملڻ ٿو گهري.
دربان سندن ڳالھين تي بيحد کليا، پر هو کيس وٺي محل جي اندر گهڙيا جتان بہ جيڪب لنگهيو ٿي، محل جا خادم کيس گهوري ڏسي رهيا هئا ۽ مٿانئس کلي بہ رهيا هئا تان جو هڪ وڏو ميڙ ڪٺو ٿي ويو، هو سڀ مٿانئس چٿرون ڪندا، ساڻس گڏ محل جا ڏاڪا چڙهڻ لڳا.
دربان پنھنجا هٿيار جهلي بيٺا رهيا پوچي ڪندڙن کان پوچي ڪرڻ وسري وئي، ڀتين صفا ڪندڙن پنھنجو ڪم روڪي ڇڏيو، هر ڪو چئي رهيو هو. اڙي ڪوجهو بونو، ڪوجهو بونو.
آخرڪار شھنشاھہ جو خاص خادم ٻاهر نڪري آيو. هو ڏاڍو ڪاوڙيل پئي نظر آيو، اچڻ سان ئي سڀني کي دڙڪا ڏيندي چيائين ”ڇو پيا گوڙ ڪيو، خبر نہ اٿو، بادشاھہ سلامت اڃا آرام پيا ڪن.“
”سائين“ نوڪرن وراڻيو، ”ڇا توهان ڪوجهو بونو ڪونہ ڏٺو ۽ اڄ تہ هتي اهڙو بندو آيو آهي جو ڪنھن ڏٺو ڪونہ هوندو، سڄي عمر نہ توهان نہ اسان.“
خاص خادم کي بہ جيڪب کي ڏسي ڏاڍي کل آئي پر هن پنھنجي کل کي روڪيو ڇاڪاڻ جو ٿي سگهيو ٿي، تہ هيٺ بيٺل ملازمن تي ان جو اثر پوي. هن نوڪرن کي اتان ڀڄايو ۽ جيڪب کي وٺي محل اندر داخل ٿيو. ۽ جيڪب کان پڇيائين تہ کيس ڇا ٿو گهرجي.
”مان هيڊ بورچيءَ سان ملڻ ٿو گهران.“ جيڪب نماڻائيءَ سان عرض ڪيو.
”نہ نہ، منھنجا ٻچا، تون دراصل مون سان ملڻ آيو آهين.“ دربان خاص چيو. ”مان هتي خاص ملازم آهيان، تو چاهين ٿو تہ بادشاھہ جو ذاتي مسخرو بڻجين، ائين نہ.“
”نہ سائين“ جيڪب وراڻيو. ”مان هڪ هوشيار بورچي آهيان، مان هر نموني جو کاڌو پچائي سگهان ٿو. مھرباني ڪري مون کي هيڊ بورچيءَ سان ملاءِ، ٿي سگهي ٿو هو مون مان صحيح فائدو وٺي سگهي.“
”خير، هر ڪنھن جي پنھنجي پنھنجي پسئہ آ. ننڍڙا تون هڪ بيوقوف نوجوان آهين، ڇا ڪندين جي رڌڻي ۾ ڪم ڪندس ابا، بادشاھہ جو ذاتي مسخرو ٿي توکي ڪو ڪم نہ ڪرڻو پوي ها. رڳو خوب کائڻ ۽ پھرڻ لاءِ ملئي ها، خير پاڻھي ڏسندين، منھنجي خيال ۾ تہ تون بادشاھہ جي رونگ ۾ ڇڏيل بورچين جھڙو بہ ڪونہ پچائي سگهندين لڳيم ٿو توکي شايد رڌڻي جو ٻيو ڪم ڪار ڪرڻو پوي.“
اهو چئي خادم خاص کيس هيڊ بورچيءَ ڏانھن وٺي آيو.
”جناب عالي: ڇا توهان کي ڪو سٺو بورچي گهرجي.“ جيڪب تعظيما جهڪندي چيو ۽ جهڪڻ مھل کيس ائين لڳو ڄڻ سندس نڪ، غاليچي سان وڃي لڳو هجي.
هيڊ بورچيءَ کيس پيرن کان وٺي مٿي تائين ڏٺو. ڏسندي ئي کل ۾ ٻڏي ويو، کلندي چيائين:
”اڙي تون بورچي ٿيندين، جنھن جو قد بہ چڱي خاصي ديڳ کان ننڍو نہ آ.“
هن پنھنجي ڳالھہ کي جاري رکندي چيو.
”جنھن بہ توکي اهو چئي هيڏانھن موڪليو آ تہ تون سٺو بورچي آهين ۽ بادشاھہ جي محل ۾ نوڪر ٿي سگهين ٿو، اُن توسان سٺو چرچو ڪيو آهي. اهو چئي شاهي بورچي کِل ۾ ٻڏي ويو ۽ ساڻس گڏ خادم خاص ۽ بيٺل ملازم بہ کلڻ لڳا.
پر انھن سڀني جي کلڻ ساڻ بہ جيڪب جي اعتماد ۾ فرق نہ آيو.
”ڇا هي جيڪڏهن ڪو بيدو يا ڪا ٻي شيءِ مون هٿان خراب ٿئي.“ هن چيو. ”ڪو شربت، ڪجهہ آنو يا جوَ. هن محل جي خزاني تي ڪھڙو اثر پوندو اوهان مون کي ڪابہ شيءِ ٺاهڻ لاءِ ڏيو، پوءِ ڏسو تہ مان ڪيئن ٿو ان کي تيار ڪيان. اهو سڀ ڪم مان سڄي اکڇنڀ ۾ ڪري سگهان ٿو.“
هن جي لھجي ۾ اعتماد هو. اهو هڪ عجيب منظر هو، جڏهن ننڍڙو ڪوجهو جيڪب ڳالھائي رهيو هو، سندس ننڍڙيون اکيون اميد سان ڀريل هيون، سندس ڊگهو نڪ، وات هلڻ ساڻ اڳتي پوئتي ٿي رهيو هو ۽ سندس هٿ، گفتگوءَ سان گڏ اشارن ۾ سمجهاڻيءَ لاءِ هيٺ مٿي کڄي رهيا هئا.
”چڱو.“ هيڊ بورچيءَ چيو. ”چرچي طور اهو تجربو بہ ڀلو آهي.“ هن خادم خاص ڏانھن مڙي چيو، ”اچو تہ رڌڻي ۾ هلون.“
هو ڪيترن ئي دروازن ۽ دالالن مان هلندا آيا ۽ آخرڪار رڌڻو بہ اچي ويو. وچ تي وري بہ نوڪر جيڪب تي کلندا رهيا، اُتان جو رڌڻو هڪ وڏو ۽ ويڪرو ڪمرو هو، جتي ضرورت جو هر سامان موجود هو، ويھن چلھن ۾ باھہ ٻري رهي هئي، هڪ طرف هڪ پاڻيءَ جي ننڍڙي حوض ۾ مڇيون تري رهيون ۽ سڀئي رڌ پچاءَ لاءِ ضروري ڀاڄيون ۽ شيون، ڪاٺ ۽ پٿر جي ٺھيل خانن ۾ پيل هيون، ساڄي ۽ کاٻي پاسي ڏھہ ڏھہ ننڍا ڪمرا هئا، جن ۾ هر ذائقي لاءِ رکيل شيءِ ملي پيئي سگهي.
رڌڻي ۾ نوڪر هيڏي هوڏي ڊوڙي رهيا هئا، ڪي چمچا کڻي رهيا هئا ڪي ڪفگير صاف ڪري رهيا هئا ۽ ڪن فرائي پانن ۽ ڪوپن کي گڏ پئي ڪيو.
جيئن ئي شاهي بورچي اندر داخل ٿيو تہ هو سڀ خاموش ٿي بيھي رهيا، هاڻي بلڪل خاموشي هئي، صرف باھہ جي ٻرڻ ۽ پاڻيءَ جي ڪڙهڻ جو آواز پئي آيو.
”شھنشاھہ معظم، ناشتي لاءِ ڇا حڪم ڪيو هو.“ شاهي بورچيءَ ناشتي تيار ڪندڙ خاص بورچيءَ کان پڇيو. اهو هڪ تجربيڪار ۽ ٻڍو بورچي هو.
”سائين، سرڪار وڏيءَ، ڊينمارڪ جي اوٻاريل گوشت ۽ ڳاڙهن اوٻاريل گوشت جي ٽڪرن لاءِ حڪم ڪيو هو.“ بورچيءَ ٻڌايو.
”سٺو بيحد سٺو.“ شاهي بورچيءَ جيڪب ڏانھن ڏٺو. ”ڇا تو اهو ٻڌو ڪوجها ڇا تون سمجهين ٿو تہ تون اهڙا خاص طعام تيار ڪري سگهندين ڇاڪاڻ جو ڳاڙها گوشت جا ٽڪر تيار ڪرڻ جي ترڪيب تہ ڳجهي آ، ان جي تہ ڪنھن کي بہ خبر ڪونھي.“
”ڪا شيءِ ڏکي نہ آ“، جيڪب وراڻيو، ۽ سندس وراڻيءَ هر ڪنھن کي حيران ڪري وڌو. جيڪب کي خبر هئي، هن اهڙا الائي ڪيترا طعام تيار ڪيا هئا، جڏهن هو نوريئڙو هو.
”ڪا شيءِ ڏکي نہ آ، سھڻا سائين، اوٻاريل گوشت لاءِ مون کي فلاڻي ۽ فلاڻي جڙي ٻوٽي کپي ۽ فلاڻو گوشت ۽ فلاڻا مرچ، جهنگلي رڇ جو سڻڀ، پاڙن واريون ڀاڄيون ۽ بيدا... ۽ ڳاڙهي گوشت لاءِ“ ۽ هن مھل هن آهستگيءَ ۽ آرام سان ڳالھايو جيئن رڳو ناشتو تيار ڪندڙ ۽ شاهي بورچي ٻڌي سگهن. ”۽ ڳاڙهي گوشت لاءِ مون کي گهرجن، چئن قسمن جو گوشت، سُرڪو، بدڪ جو سڻڀ، ۽ هڪ خاص ٻوٽي جنھن جو نالو آ ’ٽمي ڪمفرٽ‘.
”خدا جو قسم، ڪھڙي جادوگر توکي اهو سيکاريو.“ پوڙهي بورچيءَ حيرت منجهان رڙ ڪئي. ”بلڪل، بلڪل، اهي ئي شيون هيون جيڪي هن ڀاڄيءَ لاءِ گهرج ۾ آهن، پر اسان کي ’ٽمي ڪمفرٽ‘ جي خبر ڪانہ هئي، اها ٻوٽي پڪ گوشت کي لذيذ ڪندي هوندي، ڇا تہ زبردست بورچي تون آهين، ننڍڙا ننيگر.“
”مون تہ ان لاءِ سوچيو ئي ڪونہ هو.“ شاهي بورچيءَ چيو، ”پر اچو تہ ڏسون تہ هي رڌي ڪيئن ٿو. هن کي هرڪا اها شيءِ ڏني وڃي، جنھن جي کيس طلب هجي ۽ کيس شھنشاھہ جو ناشتو تيار ڪرڻ لاءِ ڏنو وڃي.“
نوڪرن بلڪل ائين ڪيو جيئن شاهي بورچيءَ حڪم ڪيو، ۽ جيڪب کي هر اها شيءِ اچي ملي جنھن جي کيس ضرورت هئي.
جيڪب جو قد چلھي کان بہ ننڍڙو هو. سو نوڪرن، ڪجهہ ڪرسيون گڏي بيھاريون ۽ ان مٿان ماربل جو ٺھيل هڪ تخت رکي، ننڍڙي بورچيءَ کي ڪم ڪرڻ لاءِ چيو. بورچي، ۽ رڌڻي جا نوڪر، سڀ چئن ئي طرف هڪ گول ٺاهي بيھي رهيا، هو سڀ ڏسي رهيا هئا تہ جيڪب ڪيئن ٿو اهو ڪم ڪري، هو سڀ بيحد محظوظ ٿيا، جڏهن کيس جلدي جلدي ۽ صفائيءَ سان ڪم ڪندي ڏٺائون، ۽ ڪيڏي نہ مھارت سان هن کاڌي جي جزن کي پئي ملايو.
جڏهن جيڪب سڀني جزن کي ملايو تہ هن رڌڻي جي نوڪرن کي چيو ”هاڻي اهي ٻئي، فرائي پانن ۾ وجهي باھہ تي رکو ۽ انھن کي پچڻ ڏيو، جيستائين مان نہ روڪيان.“
پوءِ هن ڳڻڻ شروع ڪيو ”هڪ، ٻہ، ٽي“ ۽ جڏهن هو پنج سؤ تي پڳو تہ چيائين ”بس.“
فرائي پان باھہ تان لاٿا ويا ۽ جيڪب شاهي بورچيءَ کي کين چکڻ جي دعوت ڏني.
بورچين مان هڪ رڌڻي ۾ ملازم نوڪر کي سوني چمچي کڻي اچڻ لاءِ چيو. چمچو آيو تہ ان کي ٻاڦ ۾ ڌوئي شاهي بورچيءَ کي ڏنو ويو. شاهي بورچيءَ ڏاڍي ناز ۽ انداز سان اڳتي وڌيو. ٿورو کاڌو چمچي ۾ کنيائين، ان کي چکي، پنھنجون اکيون بند ڪري، چپ ڀڪوڙي، خوشيءَ مان چيائين.
”لذيذ بيحد لذيذ، بادشاھہ جي وقار جو قسم، بيحد لذيذ.“ هن چيو ”ڇا تون هڪ چمچو چکندين، خادم خاص.“
خاص خادم اڳتي وڌيو چمچو کنيائين ۽ کاڌي کي چکڻ لڳو. هو ڏاڍو خوش ٿيو. ”منھنجا پيارا ناشتي وارا بورچي، آهين تون بہ استاد، پر ھھڙو لذيذ ۽ ذائقي دار گوشت ڪڏهن تو بہ عمر ۾ تيار نہ ڪيو هوندو.“
ناشتي تيار ڪندڙ بورچيءَ پاڻ کاڌو چکي ڏٺو ۽ وڌي جيڪب سان هٿ ملايائين.
”ننڍڙا ڪاريگر“ هن چيو. ”بيشڪ تون پنھنجي فن جو استاد آهين، بيشڪ تون رڌي ڄاڻين.“
۽ ان مھل ئي بادشاھہ جو نوڪر ناشتي کڻڻ لاءِ اندر آيو. ٻئي طعام چانديءَ جي ساسرين ۾ سينگاري بادشاھہ جي خدمت ۾ پيش ڪيا ويا، شاهي بورچي جيڪب کي پنھنجي ڪمري ۾ وٺي آيو. اڃان هو ڪجهہ دير ويٺا هئا جو هڪ قاصد وڏي بورچيءَ کي بادشاھہ آڏو حاضر ٿيڻ لاءِ چيو. وڏي بورچيءَ ڏاڍي ٺٺ سان پاڻ کي تيار ڪيو ۽ قاصد سان هليو ويو.
بادشاھہ بيحد خوش نظر اچي رهيو هو. هن ٻئي پليٽون صاف ڪري ڇڏيون هيون ۽ ان مھل پنھنجو منھن پئي اگهيائين، جڏهن شاهي بورچي اندر داخل ٿيو.
”مان هميشہ تنھنجي بورچين کان متاثر رهيو آهيان.“ شاهي بورچيءَ کي بادشاھہ چيو، ”پر ٻڌاءِ تہ ڪنھن اڄ منھنجو ناشتو ڪيو، مون اڄ تائين اهڙي شيءِ نہ چکي آ، جڏهن کان وٺي مان توکي رکيو آهي، مون کي ان بورچيءَ جو نالو ٻڌاءِ. اسان فوري طور تي کيس ڪجهہ سونا رپيا انعام ۾ ڏينداسين.“
”اها هڪ عجيب ڪھاڻي آ، جناب اعليٰ“، شاهي بورچيءَ چيو.
۽ پوءِ هن بادشاھہ کي سڄي ڪھاڻي ڪري ٻڌائي تہ ڪيئن اهو سڀ ڪجهہ ٿيو.
بادشاھہ سڄي ڳالھہ ڪري ٻڌي بيحد خوش ٿيو ۽ جيڪب کي گهرائي کائنس پڇيائين تہ هو ڪٿان آيل هو ۽ ڪٿي جو ويٺل هو. جيڪب بادشاھہ کي سڄي ڳالھہ ڪري ٻڌائي، پر هن ڀيري هن اهو اضافو ڪيو تہ کيس نہ ماءُ آ ۽ نہ پيءُ ۽ هن رڌ پچاءَ جي تربيت هڪ پوڙهيءَ کان حاصل ڪئي. بادشاھہ وڌيڪ ڪجهہ نہ پڇيو. هو پنھنجي نئين بورچيءَ جي عجيب شڪل تان نظرون ئي نہ پئي هٽائي سگهيو.
”جيڪڏهن تون مون سان گڏ رهندين.“ بادشاھہ چيو. ”تہ مان توکي پنجاھہ سونا رپيا هر سال ڏيندس. هڪ شاهي چوغو ۽ ٻہ جوڙيون شھنشاهي جوراب بہ توکي ملندا ۽ موٽ ۾ هر روز پاڻ پنھنجي سِر، مون لاءِ ناشتو تيار ڪرڻو پوندو، ۽ ان کان سواءِ ٻين بورچين کي بہ ٻڌائيندين تہ ڪيئن منھنجي رات جي ماني تيار ڪن. تون هينئن ڪر جو منھنجي رڌڻي جو مڪمل انتظام پنھنجن هٿن ۾ کڻ. جيئن تہ مان پنھنجي هر نوڪر کي ڪونہ ڪو نالو ڏيندو آن، ان ڪري اڄ کان تون ’لَڪِرُ‘سڏبين. ۽ تنھنجو درجو هيٺئين شاهي بورچيءَ جي برابر هوندو.“
لَڪِرُ جيڪب بادشاھہ سامھون اَمظيماً جهڪيو، سندس پير چميا ۽ قسم کنيو تہ سندس خدمت وفاداريءَ سان ڪندو.
۽ پوءِ ننڍڙي جيڪب پنھنجي فن سان ڪمال ڪري ڇڏيو. اها ڳالھہ سڀ خادم شرط سان چوندا هئا تہ بادشاھہ ان وقت کان بدلجي ويو هيو، جڏهن کان لَڪِرُ بورچي هن محل ۾ گهڙيو هو. اُن کان اڳ بادشاھہ ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن کاڌي کي ناپسند ڪري بورچين کي ڪاوڙ ۾ اچي ٿانوَ وهائي ڪڍندو هو. هڪ ڀيري تہ بادشاھہ شاهي بورچيءَ جي پيشانيءَ تي کاڌي جو هڪ طباق وهائي ڪڍيو هو ۽ ويچاري شاهي بورچيءَ کي ٽي ڏينھن هند ۾ بسر ڪرڻا پيا هئا. بادشاھہ هميشہ پنھنجي ڪاوڙ جهڪي ٿيڻ تي زخمي ٿيل کي معاف ڪري کين ڪجهہ انعام بہ ڏيندو هو. اڄ تائين ڪوبہ بورچي سندس ڪاوڙ کان يا ٻي صورت ۾ مار کان بچيل نہ هو.
پر جڏهن کان ڪوجهو نَڪِرُ، سندس محل ۾ داخل ٿيو، هر ڪا شيءِ ڄڻ جادوئي طور تي بدلجي وئي هجي. بادشاھہ هاڻي ٽن وقتن بجاءِ پنج وقت ماني کائڻ لڳو هو ۽ اهو سڀ جيڪب جي پورهيي جو ڪمال هو، بادشاھہ سندس هر رڌل کاڌي جي وڌ کان وڌ تعريف ڪندو هو ۽ ڏينھون ڏينھن کائي کائي ٿلھو ٿي رهيو هو.
ڪڏهن ڪڏهن هو شاهي بورچيءَ ۽ نَڪِرُ جيڪب کي، کاڌو کائيندي گهرائي وٺندو هو. هڪ کي ساڄي پاسي ۽ ٻئي کي کاٻي پاسي بيھاري، سندن وات ۾ لذيذ کاڌي جو گرھہ پنھنجن هٿن سان وجهندو هو ۽ هونئن بہ اهي حقي طور تي اهڙن انعامن جا مستحق هئا.
ڪوجهو بونو سڄي شھر لاءِ هڪ عجوبو هو. پري پري کان ماڻھو شاهي بورچيءَ وٽ ايندا هئا تہ جيئن کانئس موڪل وٺي هن عجيب بورچيءَ کي ڏسي سگهن. شھر جي ڪيترن ئي مشھور ۽ امير ماڻھن بادشاھہ کي عرض ڪري پنھنجن بورچين کي رڌ پچاءُ سکڻ لاءِ ڪوجهي بورچيءَ وٽ موڪلڻ شروع ڪيو. ان ڪري ڪوجهي بوني کي وڌيڪ پئسا ملڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ هر بورچي سکڻ جو اڌ سونو رپيو روز ڏيندو هو.
ڪوجهو جيڪب پنھنجن ٻين دوست بورچين ۽ رڌڻي جي نوڪرن جي موڊ سٺي رکڻ لاءِ ڪنھن کي بہ حسد نہ ڪرائڻ لاءِ اها سڄي مليل رقم انھن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو.
اُن ئي نموني سان، نَڪِرُ آرام سان پنھنجا ٻہ سال گذاريا، مٿس بادشاھہ جون مھربانيون هيون. بس ڪو ڏک هئس تہ پنھنجي والدين جو. اهو سڄو عرصو ساڻس ڪابہ خاص ڳالھہ يا ڪو خاص واقعو نہ ٿيو.
هڪ ڏينھن هو بازار ۾ هنج پکي وٺڻ لاءِ ويو. نَڪِرُ خاص طور تي خريداريءَ لاءِ مشھور هو ۽ جڏهن بہ کيس وقت بچندو هو، هو پنھنجو پاڻ وڃي مارڪيٽ مان ميوا ۽ پکي وغيرہ وٺي ايندو هو.
هڪ ڏينھن صبح جو هو هنج پکين جي مارڪيٽ ۾ ٿلھن متارن هنج پکين جي وٺڻ لاءِ ويو. اهڙائي سگها جھڙا بادشاھہ کائڻ لاءِ پسند ڪري. هن ڪيترائي ڀيرا وڪامندڙ هنجن جو معائنو ڪيو. هاڻي هن جي شڪل و صورت تي کلڻ وارو ڪوبہ نہ هو، ڇاڪاڻ جو هو هر هنڌ بادشاھہ جي خاص بورچيءَ جي نالي سان مشھور هو. هاڻي هر هنڌ سندس عزت هئي، هر ڪا هنج مادي پنھنجي خوشقسمتي سمجهي رهي هئي، جڏهن نَڪِرُ جو ڊگهو نڪ ڏانھنج ٿي مڙيو.
هڪ قطار جي بلڪل آخر ۾ هن هڪ عورت کي ڏٺو، جيڪا پاڻ هنج وڪڻڻ لاءِ ويٺي هئي، پر هوءَ ٻين گراهڪن کي سڏڻ لاءِ رڙيون نہ ڪري رهي هئي. نَڪِرُ ان عورت ڏانھن ويو ۽ سندس وڪامندڙ هنجن کي غور سان ڏسڻ لڳو. اهي بلڪل اهڙا هئا، جھڙن جي کيس ضرورت هئي. هن ٽي هنج خريد ڪيا. سندن پڃرن سميت، کين پنھنجن ڊگهين ٻانھن ۾ کنيو ۽ واپس محل ڏي موٽيو.
کيس ان مھل بيحد عجب لڳو جڏهن ٻہ هنج تہ پنھنجن عادتن موجب گوڙ ڪرڻ ۾ لڳا رهيا، پر انھن مان هڪ بلڪل خاموش هو. ائين پئي لڳو ڄڻ ڪو انسان خاموش ويٺو هجي.
”هي پڪ ڪو بيمار هنج آ.“ هن ڀڻڪيو، ”هن کي ڇو نہ پھرين وڍي، تيار ڪري شھنشاھہ جي ميز تي سينگاريان!“ ۽ ان مھل ئي ان وڏي ۽ صاف آواز ۾ چيو.
”مان توکي چڪ هڻندس، جيڪڏهن تو مون کي ڇُھيو بہ.“ نَڪِرُ هڪدم ڇرڪجي ويو، هن پڃرو پٽ تي رکيو. مادي هنج پنھنجين خوبصورت ۽ ڀرپور اکين سان ڏانھنج ڏٺو. ”ڇا تون ڳالھائي سگهين ٿي.“ ڪوجهي پڪاريو، ”ها، تون ڳالھائي سگهين ٿي، ڊڄ نہ، مان توکي نہ ماريندم، مون کي لڳي ٿو تہ تون ڪو پکي ناهين مون وانگر، هڪ ڀيري مان بہ نوريئڙو ٿيو هيم!“
”تون بلڪل صحيح چئي رهيو آهين، مان هڪ پکي ٿي نہ ڄائي هيم.“ پکيءَ وراڻيو. ”۽ مون کي اها بہ پڪ آ، تہ منھنجي ساهيڙي بادشاھہ جي محل ۾ ڪنھن رڌڻي ۾ ڪم اچي وئي.“ ”ڪو فڪر نہ ڪر.“ نَڪِرُ چيو، ”مون تي ڀروسو ڪر، مان هتان جو ننڍو شاهي بورچي آهيان، هتي ڪوبہ تنھنجي ڳچيءَ تي چاڪو نہ هلائيندو، مان توکي پنھنجي ڪمري ۾ رهائيندس، توکي خوب کائڻ لاءِ ملندو. فرصت ۾ اچي مان توسان خوب ڪچهري ڪندس، ٻين بورچين کي مان اهو چئي ڇڏيندس تہ مان بادشاھہ لاءِ خاص پکي وٺي کارايان پياريان پيو تہ جيئن ڪنھن خاص موقعي تي بادشاھہ کي پيش ڪري سگهان. ٺيڪ آ نہ ۽ پوءِ مان توکي ڪو موقعو ڏسي آزاد ڪري ڇڏيندس.“ ماديءَ هنج ، اکين ۾ ڳوڙهن سان سندس ٿورا مڃيا ۽ ڪوجهي ائين ئي ڪيو، جنھن جو وعدو ڪيو هئائين. هن مادي هنج لاءِ هڪ ننڍڙو آکيرو تيار ڪيو، سڀني ۾ اها ڳالھہ مشھور ڪئي تہ هو هڪ پکي بادشاھہ لاءِ خاص پالي رهيو آهي، هن مادي هنج کي ڪو عام کاڌو نہ پئي ڏنو، بلڪ کيس ڪيڪ ۽ پيسٽريون کائڻ لاءِ پئي ڏنائين. جڏهن بہ کيس وقت ملندو هو تہ هُو وڃي اُن پکيءَ سان ڪچهري ڪندو هو ۽ سندس آرام جو پورو پورو خيال ڪندو هو.
موٽ ۾ پکيءَ کيس پنھنجي پوري حقيقت ڪري ٻڌائي هئي ۽ نَڪِرُ کي خبر پئي تہ هوءَ ڪا مادي هنج نہ هئي، پر هوءَ تہ بڪڙين جي ملڪ جي والي ٻَڪَرَ جي ڌيءُ هئي، پر ان ٻڪر جو هڪ پوڙهي ڏائڻ سان جهڳڙو ٿي پيو هو، جنھن جي نتيجي ۾ هن پيءُ ۽ ڌيءُ کي جادوءَ سان بدلائي ڇڏيو هو.
ويچاري مِمي، اها ٻڪري هينئر هنج پکي ٿيو، پنھنجي وطن کان گهڻو گهڻو پري هتي ويٺي هئي.
جڏهن نَڪِرُ ڪوجهي پنھنجي ڪھاڻي ڪري ٻڌائي تہ هنج پکيءَ چيو: ”منھنجو پيءُ بہ جادو ڄاڻندو هو ۽ مون کي ان چڪر جي ڪجهہ ڪجهہ خبر آ. منھنجيون ڀينرون بہ گهڻو ڪجهہ ڄاڻنديون هيون، بابا ڪڏهن ڪڏهن کين ڪجهہ ٻڌائي ڇڏيندو هو. تنھنجي ڪھاڻي موجب جنھن ٻوٽيءَ جي تو ڳالھہ ڪئي آ، شايد ان جي خوشبوءِ سان تنھنجي شڪل بدلي آ ۽ جيتري قدر مون کي لڳي ٿو، ان پوڙهيءَ توتي انھن ٻوٽين جي مدد سان مَنڊُ منڊيو آهي. ها، جيڪڏهن تون اهڙيون ساڳيون جڙي ٻوٽيون ڳولي ڪڍين، جيڪي هن پوڙهيءَ استعمال ڪيون هيون تہ توتي ڪيل جادو ٽٽي سگهي ٿو.“
هي سڀ ڳالھيون جيڪب جي سک لاءِ عظيم پيغام هو. سندس اندر ۾ اُڌما اٿڻ لڳا، پاڻ هنج پکيءَ جي مھرباني ادا ڪري هليو تہ ويو پر سندس دل ۾ هاڻي اميدن جا ڏيئا ٻري چڪا هئا.
ان وقت ئي بادشاھہ جو هڪ دوست، جيڪو پاڙيسري ملڪ جو شھزادو هو، دوري تي اچي نڪتو، بادشاھہ هڪدم نَڪِرُ کي گهرائي چيو وقت اچي ويو آ تہ تون اهو ثابت ڪرين تہ تون منھنجو صحيح خدمتگار ۽ پنھنجي فن جو صحيح ڄاڻو آهين. هي شھزادو هڪ هوشيار انسان آ ۽ مون وانگر کاڌي جو بيحد سٺو ڄاڻو آ. مان چاهيان ٿو تہ تون منھنجي ميز تي اهڙا طعام سينگارين جو هو هميشہ تعريف ڪري. جيستائين هي هتي آ مان توکي حڪم ٿو ڪيان تہ ڪوبہ کاڌو ٻيھر نہ پچايو وڃي. منھنجو خزانچي تنھنجي ضرورت جي هر ڪا شيءِ توکي مھيا ڪندو، ايتريقدر جو جيڪڏهن تون سون ۽ هيرا ترڻ چاهين تہ تَر. مان غريب ٿيڻ اُن کان بھتر ٿو سمجهان جو شھزادي سامھون شرم کان ڪنڌ جهڪايان.“ ۽ ڪوجهي جيڪب هاڪار ۾ ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
۽ ننڍي بورچيءَ پنھنجي هنر کي هڻي هنڌ ڪيو. سڄو ڏينھن هو دونھي ۽ ٻاڦ ۾ ويڙهيل نظر ايندو هو، جڏهن تہ هن جو آواز پڙاڏو ڪندو، شاهي رڌڻي ۾ ڊوڙندو وتندو هو. سڀئي رڌڻي جا ملازم ۽ ننڍا بورچي سندس هٿ هيٺ مشن جي پرزن وانگر ڪم ڪندا رهندا هوا.
شھزادي ٻہ هفتا، بادشاھہ جي محل ۾ بسر ڪيا. هو ڏينھن ۾ پنجن وقتن کان گهٽ نہ کائيندا هئا ۽ بادشاھہ پنھنجي ان ڪوجهي بورچيءَ کان ڏاڍو خوش هو، ڇاڪاڻ جو هن ڏٺو پئي تہ سندس مھمان ڏاڍو متاثر ٿي رهيو هو.
شھزادي جي دوري جي پنڌرهين ڏينھن تي بادشاھہ بورچيءَ کي گهرائي شھزادي سان ملايو ۽ پڇيائين تہ هن جا ڪھڙا خيال آهن، هن جي فن جي بابت.
”بلڪل بلڪل تون هڪ مڪمل ۽ ماهر بورچي آهين.“ شھزادي چيو پر توکي ڄاڻ آ تہ هڪ سٺي ميز ڪيئن سينگارجي، سڄو وقت مان جيترو هتي رهيو آهيان، تو ڪوبہ کاڌو ٻيھر نہ تيار ڪيو آ ۽ هر ڪا شيءِ نفاست ۽ خوبصورتيءَ سان تيار ٿيل هئي. پر هڪ ڳالھہ ٻڌاءِ، تو ڇو نہ اسان کي سڀني طعامن جو بادشاھہ طعام ’شاهي پاوا‘ کارايو آ؟“
ڪوجهي نَڪِرُ جا ڪن اُڀا ٿي ويا. ڇو تہ هن اڳ ۾ ڪڏهن بہ اهڙي طعام جو ذڪر ڪنھن جي بہ واتان ڪونہ ٻڌو هو.
خير، هن ڪيئن نہ ڪيئن ڪري عرض ڪيو.
”جناب عالي، مون اهو سوچيو تہ اوهان ڪجهہ وڌيڪ قيام فرمائيندا، ان ڪري مون هيستائين ’شاهي پاوا‘ حاضر نہ ڪيا. ’شاهي پاوا‘ اوهان کي رخصتي تقريب ۾ حاضر ڪيا ويندا.“
”بلڪل“ بادشاھہ هاڻي مرڪندي مداخلت ڪئي. ”مان سمجهان ٿو تہ تنھنجو مطلب آ تہ منھنجي موت جو انتظار ڪيو وڃي جو منھنجي مرڻ کان پوءِ الودائي طور تي تون اها شيءِ حاضر ڪرين. ان ڪري تہ اڄ تائين تو مون کي بہ ’شاهي پاوا‘ نہ کارايا. خير، مان اهو طعام سڀاڻي پنھنجي ميز تي ڪنھن بہ صورت ۾ ڏسڻ چاهيان ٿو.“
”اهو حاضر ڪيو ويندو، جناب اعليٰ.“
ڪوجهي وراڻيو ۽ ڪمرو ڇڏيندي کيس ائين محسوس ٿيو تہ ڄڻ خوشيون کانئس بيحد پري هلي ويون هجن. هن جي بدنصيبي جو ڏينھن اچي پھتو هو. کيس بلڪل اندازو نہ هو تہ اهي ’شاهي پاوا‘ ڪيئن تيار ٿيندا آهن. هن پنھنجي ڪمري جو رخ ڪيو ۽ هڪ ڪنڊ ۾ اداس ويھي چپ چاپ ڳوڙها ڳاڙڻ لڳو.
مادي هنج ، مَميءَ کيس روئندي ڏٺو تہ اڳتي هلي آئي ۽ کانئس روئڻ جو سبب پڇيائين ۽ جڏهن جيڪب کيس سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي تہ هن چيو: ”پنھنجا ڳوڙها اگهي ڇڏ. مان ۽ منھنجو بابا بہ ڪڏهن ڪڏهن گهر ۾ ’شاهي پاوا‘ ٺاهي کائيندا هئاسين. مان گهٽ ۾ گهٽ ايترو تہ ڄاڻان ٿي تہ توکي رڌڻ لاءِ ڇا ڇا گهرجي. تون هيئن ڪر جو هي ۽ هو کڻ.“ هوءَ ترڪيب ٻڌائڻ ۾ شروع ٿي وئي ۽ جيڪب دل ئي دل ۾ ان ڏينھن کي دعائون ڏيڻ لڳو جڏهن هن مھربان پکيءَ کي گهر آندو هئائين.
پھرين هن هڪ ننڍو ٽڪر ’شاهي پاون‘ جو تيار ڪيو. اهو هڪ خاص گوشت جو قسم هو، جنھن ۾ پاوا بہ شامل هئا. ان جو ذائقو بيحد لذيذ هو ۽ شاهي بورچيءَ ان کي چکيو تہ هو بہ بيحد حيران ٿي ويو.
ٻئي ڏينھن جيڪب ’شاهي پاون‘ جو وڏو ڊش تيار ڪيو ۽ ان کي ٻاڦ نڪرندي ئي گرم گرم ميز تي موڪليو، پوءِ هن بھترين لباس پاتو ۽ کاڌي جي ڪمري جو رخ ڪيو.
جيئن ئي هو اندر داخل ٿيو تہ بادشاھہ ان مھل پھريون گرھہ کڻي رهيو هو.
بادشاھہ گرھہ کڻي، اکيون پوري ڇڏيون ۽ جڏهن پورو گرھہ ڳھيائين تہ ڀڻڪڻ لڳو.
”بيشڪ هي ’شاهي پاوا‘ آهن. حق تي اهو نالو پيو اٿن منھنجو هي ڪوجهو بلڪل بورچين جو بادشاھہ آهي، ڪيئن پيارا دوست.“
سندس دوست آهستي آهستي گرھہ کڻندو رهيو. هو هر گرھہ آهستگيءَ سان کڻي ۽ چکي چکي کائي رهيو هو، ڪجهہ لمحن کان پوءِ سندس منھن تي مرڪ تري آئي. عجيب مرڪ، هن ٽوڪ طور چيو.
”هي کاڌو بلڪل سٺو آ.“ هن پنھنجي پليٽ پاڻ کان پري گسڪائي ”پر ڪوبہ مشڪل سان ان کي شاهي پاوا، سڏيندو.“
بادشاھہ هڪدم ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو، گجندي چيائين، ”تون ڪوجها نَڪِرُ، تنھنجي ڪھڙي مجال جو تو اها گستاخي ڪئي، ڇا مان تنھنجو اهو ڪنو ڌڙ سسيءَ کان جدا ڪري ڇڏيان، تنھنجي ان ڪني ۽ مڪروھہ رڌڻ پچائڻ تي.“
”جناب عالي! مون هي طعام بلڪل ائين تيار ڪيو، جيئن منھنجي فن ۽ ان جي اصولن ۾ آيل آ. هن ۾ ڪابہ شيءِ رهيل نہ آهي، هر ڪو جزو ان ۾ شامل آهي.“ ڪوجهي ليلائيندي چيو.
”اهو ڪوڙ آ، او فريبي.“ بادشاھہ کيس ٿڏو هڻندي چيو. نہ تہ منھنجو مھمان ائين ڪڏهن ڪونہ چئي ها! تہ ان ۾ ڪا شيءِ کٽل آ. مان توکي ئي شاهي پاون ۾ تبديل ڪندم.“
”رحم“ ننڍڙي بورچيءَ بادشاھہ جي پيرن کي چنبڙي ٻاڏائيندي چيو. ”ٻڌايو تہ سھي تہ ان ۾ ڪھڙو نقص آ. مون کي خدارا ائين نہ ماريو.“
”جيڪڏهن مون توکي ٻڌايو بہ توکي ان مان ڪو فائدو نہ ٿيندو.“ شھزادي کلندي چيو، ”مون کي ان ڳالھہ جي ڪالھہ ئي خبر هئي، مون کي پڪ هئي تون اهو طعام ائين تيار ڪري نہ سگهندين، جيئن منھنجو بورچي ڪندو آهي. پر مان توکي ٻڌائي ٿو ڇڏيان، ان ۾ هڪ جڙي ٻوٽيءَ جي کوٽ آهي اها ٻوٽي هن ملڪ ۾ ٿيندي ئي ڪونھي، ان ٻوٽيءَ جو نالو آ ”سينزوٽ“، اهو طعام ان ٻوٽيءَ کان سواءِ بلڪل مزو نہ ڏيندو ۽ تنھنجو بادشاھہ ڪڏهن بہ اهو طعام کائي نہ سگهي.“
ان مھل بادشاھہ هڪدم جوش ۾ اچي ويو.
”پر مان ڪيئن بہ ڪري شاهي پاوا کائيندم.“ هن رڙ ڪئي، سندس اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون هيون. ”مون کي پنھنجي پيءُ جو قسم يا تہ سڀاڻي تون هتي اها ڊش ڏسندين بلڪل اهڙي ئي جھڙي تون پنھنجي گهر کائيندو آهين، يا ٻي صورت ۾ مان توکي هن بورچيءَ جو ڪنڌ ٻاهر نيزي تي ٽنگيل ڏيکاريندم. وڃ هتان ڪتا. مان توکي صرف چوويھہ ڪلاڪ ٿو ڏيان، ان وچ ۾ وڃي شاهي پاوا تيار ڪر“.
ويچارو ڪوجهو پنھنجي ڪمري ۾ ويو ۽ وڃي سڄي ڳالھہ هنج پکيءَ کي ڪري ٻڌايائين. ڳالھائڻ سان گڏ رنائين بہ پئي، ڇاڪاڻ جو کيس پڪ هئي تہ هاڻي مرڻو ئي پوندم جو اها ’سينزوٽ‘ ڪٿان ايندي.
”جيڪڏهن ائين ئي آهي“ پکيءَ چيو، ”تہ مان تنھنجي مدد ڪري سگهان ٿي، منھنجي بابا مون کي ٻوٽيون سڃاڻڻ لاءِ بہ سيکاريو هو، ٻيو ڪو وقت هجي تہ تون مري وڃين ها، پر هاڻي نہ مرندين. ڇو جو اڄ اتفاقاً چنڊ جي پھرين تاريخ آهي ۽ ان ٻوٽيءَ جا گل صرف چنڊ جي پھرئينءَ تي نڪرندا آهن. ٻڌ تہ، ڇا هتي ڪٿي سمنڊ جي مٿاڇري جي برابر سوپارين جو وڻ آ؟“
”ها بلڪل.“ ڪوجهي جلديءَ سان چيو، ”هتان کان ٻہ سؤ کن قدم پري، نديءَ جي ڪناري تي اهڙا ڪيترائي وڻ آهن، پر تون ان کي ڇا ڪندينءَ؟“
”ها سينز وٽ“ ٻوٽي، صرف انھن وڻن جي پاڙن ۾ ٿيندي آ.“ مميءَ چيو، ”هاڻي وقت ضايع نہ ڪر، هل تہ هلي ان جي ڳولا ڪيون مون کي محل کان ٻاهر کڻي هل ۽ اتي ڇڏي ڏي، مان تنھنجي مدد ڪندم.“
هن بلڪل ائين ڪيو جيئن مميءَ چيو ۽ ٻئي گڏجي محل جي دروازي ڏانھن هليا، پر دربان، در تي کين بندوق سان روڪيندي چيو، ”توهان جا سڀ حق کسجي ويا آهن، غريب نَڪِرُ.“ هن چيو.
”تون محل کان ٻاهر نٿو وڃين سگهين اهو بادشاھہ جو حڪم آهي.“ ”پر مان باغ ۾ تہ وڃين سگهان ٿو.“ ڪوجهي وراڻيو، ”تون مھرباني ڪري ڪنھن کي موڪل تہ خادم خاص کان موڪل وٺي اچي تہ جيئن مان ڪجهہ جڙي ٻوٽيون ميڙي سگهان.“
دربان ائين ئي ڪيو ۽ اجازت ڏني وئي. ڇاڪاڻ جو باغ جي چؤگرد اهڙي وڏي ڀت هئي جيڪا ڪوبہ ٽپي نٿي سگهيو.
جيئن ئي نَڪِرُ ۽ هنج باغ ۾ گهڙيا، نَڪِرُ پکيءَ کي پَٽ تي رکيو ۽ هوءَ سوپاريءَ جي وڻن ۾ ان ٻوٽيءَ جي ڳولا ۾ لڳي وئي. ويچارو بورچي بہ سندس ڪَڍ بيتابيءَ سان ڊوڙي رهيو هو. ڇاڪاڻ جو اها سندس زندگيءَ جي آخري اميد هئي، هن سوچي ڇڏيو هو تہ جيڪڏهن اها ٻوٽي نہ لڌي تہ هو ان ڍنڍ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيندو ۽ اهو مرڻ منڍي ڪپرائڻ کان تہ بھتر هو.
مادي هنج اوندھہ ۾ ڳولا ڪندي رهي. هن پنھنجي چھنب سان هر گاھہ جي ٽڪر کي کوٽيو، ڪو ذرو بہ نہ ڇڏيائين، پر اڃان تائين کيس گهربل شئي نہ پئي ملي ۽ پوءِ هن ڏک ۽ ڊپ کان روئڻ شروع ڪيو، ڇاڪاڻ تہ چنڊ جي پھرين رات هئي، اوندھہ وڌندي ٿي وئي ۽ ڳولا ڄڻ ناممڪن ٿيندي ٿي وئي. اوچتو، ڪوجهي جي نظر ڍنڍ جي پريان بيٺل سوپارين جي اڪيلي وڻ تي پئجي وئي.
”ڏس- ڏس، پريان هو بہ هڪ وڻ آهي، هل تہ هلي ان ۾ ڳولا ڪيون، ٿي سگهي ٿو اتي قسمت ياوري ڪري.“ پکي اڏامي هُن پار هليو ويو ۽ ڪوجهي پنھنجين سنھين سنھين سنگن کي گھلڻ شروع ڪيو.
اهو وڻ اونداهو پاڇو ٺاهيو، عجيب انداز سان بيٺو هو ۽ اتي ڪنھن بہ شيءِ کي ڳولڻ ڏاڍو عجيب هو. اوچتو مادي پکي بيھي رهي. خوشيءَ مان پنھنجا پرڙا هڻي، پنھنجي منھن ۾ ڪا شيءِ زمين تان چونڊي کنيائين ۽ پوءِ اها چھنب نَڪِرُ ڏانھن وڌائي چيائين:
”اها آهي ٻوٽي ۽ هتي هن جو ڪافي تعداد آهي. پنھنجين ضرورتن کان بہ وڌ اها اتي موجود آهي.“
پر ڪوجهو ٻوٽيءَ کي غور ۽ سوچ ويچار سان ڏسي رهيو هو، ان ٻوٽيءَ ۾ هڪ خاص ۽ ڀرپور بو هئي. هن کي ڪا شيءِ ياد اچي رهي هئي، ڪا خاص ڳالھہ، ڪو خاص واقعو. ان ٻوٽيءَ جي ڏانڊي، پاڙ ۽ پن آسماني مائل ساوا ۽ باقي گل جو رنگ ڳاڙهو ۽ مک پيلو هو.
”ترس تہ“ هن رڙ ڪئي، ”ڪھڙو نہ عجيب آهي، مان سمجهان ٿو. مون کي لڳي ٿو..... ها بلڪل، هيءَ تہ اها ئي ٻوٽي آهي، جنھن مون کي ماڻھوءَ مان نوريئڙي جھڙي ڪوجهي ۾ تبديل ڪيو، ڇا مان ان کي پنھنجي شڪل صورت بدلائڻ لاءِ وري استعمال ڪيان.“
”هاڻي نہ.“ پکيءَ چيو، ”پھرين ضرورت موجب اها پٽي ڪمري ۾ کڻي هل، پوءِ ان ٻوٽيءَ جا ڪرشما ڏسنداسين.“ هو موٽي ڪوجهي جي ڪمري ڏانھن ويا. ڪوجهي جي دل جذبات جي ڪري تيز تيز ڌڙڪي رهي هئي. هن پنجاھہ يا سٺ سونا سڪا، جيڪي هن گڏ ڪري رکيا هئا ڪجهہ ڪپڙا ۽ بوٽ گڏي هڪ هنڌ رکيا ۽ چيائين، ”اي مالڪ، هي سڀ قبول ڪر ۽ موٽ ۾ منھنجي هي مشڪل آسان ڪر.“
هن پنھنجي نڪ کي ٻوٽيءَ ۾ ٻوڙيو ۽ ان جي خوشبوءِ سان ڀريل هڪ ڀرپور ساھہ کنيو.
اوچتو، هن جون سڀ ٻانھون ۽ ٽنگون ڄڻ ڇڪجي ويون. کيس پنھنجو مٿو ڪلھن کان نڪرندي محسوس ٿيو ۽ سندس نڪ ننڍو ۽ ننڍو ٿيندو ويو. هن جو سينو مردانو، پٺ مضبوط ۽ ٽنگون فولادي ٿي ويون.
مادي هنج غور سان کيس ڏسندي رهي.
”تون ڪيڏو نہ ڊگهو ۽ خوبصورت آهين.“ هن خوشيءَ وچان چيو، ”تون تہ بلڪل بدلجي ويو آهين.“
هاڻي جيڪب خوشين جي هندوري ۾ هو. هن پنھنجا هٿ ٻڌا ۽ خدا کي ٻاڏايو، پر پنھنجي ان خوشيءَ ۾ هن هنج کي بلڪل ڪونہ وساريو. هن سڌو پنھنجي مائٽن ڏانھن وڃڻ لاءِ سوچيو، پر هو ايترو تہ شڪر گذار ٿي ويو، جو هڪدم وڃڻ جو ارادو ملتوي ڪري ڇڏيائين.
”مان تنھنجو بيحد شڪر گذار آهيان جو تو ان جادوءَ کي ٽوڙيو.“ هن چيو، ”توکان سواءِ مان ان ٻوٽيءَ کي نہ ڳولي سگهان ها ۽ سڄي عمر ائين ڪوجهو ٿي رهان ها. مان توسان ساٿ ڏيندس، توکي تنھنجي پيءُ وٽ وٺي ويندس، جيڪو هڪ هوشيار جادوگر آهي ۽ هو توکي تنھنجي سحر کان آزاد ڪرائيندو.“
اکين مان خوشيءَ جا ڳوڙها وهائيندي، پکيءَ سندس مشورو قبول ڪيو.
پوءِ خوش و خورم جيڪب، پکيءَ سان گڏ محل جي در جو رخ رکيو. کيس ڪوبہ نہ سڃاڻي سگهيو ۽ هو آسانيءَ سان اتان نڪري آيو. اتان اچي هو سامونڊي جھاز تي چڙهيا تہ جيئن پکيءَ جي گهر پھچي سگهن.
هنن هڪ آرامدہ سفر ڪيو ۽ پکيءَ جي پيءُ مٿانس ڪيل جادوءَ کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ جيڪب کي بيحد انعام و ڪرام سان نوازيو. جيڪب اتان سڌو پنھنجي گهر ويو ۽ سندس مائٽ هن خوبصورت نوجوان کي پنھنجو گم ٿيل پٽ سمجهيو ۽ بيحد خوش ٿيا، جيڪي تحفا هن پکيءَ جي پيءُ وٽان آندا هئا، ان جو هن هڪ دڪان کوليو ۽ پوءِ سڄي عمر آرام ۽ خوشيءَ سان گذاري.
هوڏانھن هن جي غير موجودگيءَ ۾ بادشاھہ جي محل ۾ تباهي مچائي وئي، بادشاھہ کي پنھنجو قسم پورو ڪرڻو هو. ڀاڄي تہ ڪونہ ٺھي مرڳو بورچي ئي گم هو. هجي ها تہ منڍي بہ لھيس ها نہ.
شھزادي بادشاھہ تي الزام هنيو تہ هن پنھنجي بورچيءَ کي سزا ڏيڻ کان بچائڻ لاءِ لڪائي ڇڏيو آهي. هن اهو بہ چيو تہ بادشاھہ قسمن جو ڪوڙو آهي ۽ اهو ئي سبب هو جو ٻنھي ملڪن ۾ جنگ شروع ٿي وئي جيڪا اڄ بہ ڪتابن ۾ ”ڀاڄين جي جنگ“ جي نالي سان مشھور آهي. ڪيتريون ئي جنگيون وڙهيون ويون. پر نيٺ امن ٿي ويو. ان امن جو نالو ”امن پاوا“ رکيو ويو. ڇاڪاڻ جو شھزادي جي بورچيءَ ’شاهي پاوا‘ جنگ بندي ۽ صلح جي جشن تي رڌا، جيڪي بادشاھہ بہ کاڌا ۽ کائي بيحد خوش ٿيو.


(ڇپيل: ’گُل ڦُل‘ مارچ / ڊسمبر 1981ع)

ڄِڀَ ڪَپيَل جهرڪي

جاپاني لوڪ ڪھاڻي

_______________________________________
جاپان
جاپان، اُتر ايشيا ۾ آهي ۽ ڏکڻ اولھہ ’پئسيفڪ سمنڊ‘ ۾ واقع آهي.
گاديءَ جو هنڌ: ٽوڪيو
ايراضي: 377915 چورس ميل
سڪو: جاپانيز يَون
آبادي: 125.7 ملين
سرڪاري ٻولي: جاپانيز
ٻيون ٻوليون: امامي [Amami]، ڪِيُوڪو [Kyukyu]،
ڪِڪائِي [Kikai]، مِياڪو [Miyako]
_______________________________________

اهو ڏاڍو خوبصورت ڏينھن هو، جڏهن ناسي رنگ جي هڪ ننڍڙي جهرڪي، هڪ وڻ تان ڪِري پئي ۽ سندس کنڀڙاٽيون ڀڄي پيون. ويچاريءَ کي ڏاڍو ڌڪ لڳو ۽ جڏهن کيس محسوس ٿيو تہ هوءَ بلڪل اڏامي نٿي سگهي تہ هوءَ اتي ئي زمين تي ليٿڙيون کائي رڙيون ڪرڻ لڳي.
”اوھہ، آهي ڪير، جيڪو منھنجي مدد ڪري منھنجي مدد ڪري؟“ ان مھل الائي ڪٿان هڪ چھنبدار ڏاڙهيءَ وارو مھربان پوڙهو اچي نڪتو هو شايد ڪنھن ڪم سان ڪيڏانھن ويو پئي، ننڍڙي جهرڪيءَ کي ڏٺائين تہ بيھي رهيو. هو جهرڪيءَ جي ويجهو آيو ۽ کيس کنيائين.
ننڍڙو پکي هلڪي هلڪي آواز ۾ ڪنجهي رهيو هو ”چُو، چُو، چين چين.“
”معصوم جهرڪڙي!“ مھربان پوڙهي چيو، ”مان تنھنجو خيال ڪندس.“
پوءِ ان پوڙهي ان ننڍڙي ناسي جهرڪيءَ کي پنھنجي گهر آندو. ان گهر ۾ هو پنھنجي زال سان گڏ رهندو هو گهر آڻي هن ننڍڙي جهرڪيءَ جي ڏاڍي خدمت ڪئي. هُن هڪ نرم گهر ٺاهي هن جي زخمي کنڀڙاٽين کي ٻَڌو. پوءِ ان جي مرهم پٽي ڏاڍي خيال سان ڪيائين. روز هو پر کولي، دوا هڻي، جهرڪيءَ جي پٽي وري ٻڌي ڇڏيندو هو. ڪجهہ ڏينھن رکي، جهرڪيءَ جا پر ڪجهہ وڃي جڙيا ۽ هو ان لائق ٿي تہ ڪمري ۾ ڪجهہ اڏام ڪري سگهي. پوڙهي هن جو نالو”سوزو ميسان“ رکي ڇڏيو. جنھن جي معنيٰ آهي، ننڍڙي جهرڪڙي ۽ جهرڪيءَ موٽ ۾ پوڙهي جو نالو رکيو هو ”اوجيسن“ جنھن جي معنيٰ آ پيارو ڏاڏو.
هاڻي اوجيسن ۽ سوزو ميسان ۾ ڏاڍو قرب ٿي ويو هو. سوزو سيلن اوجيسن سان گڏ سمھندي هئي، هن جي پليٽ ۾ ماني کائيندي هئي.
۽ هو ٻئي گڏجي رانديون رهندا هئا. هنن جي پسنديدہ راند لڪ لڪوٽي هئي. سوزو ميسان کي تہ لڪڻ لاءِ جام جايون هيون. بس پوءِ سڄي گهر ۾ سوزو ميسان جي چون چون ۽ اوجيسن جون رڙيون پکڙيل هونديون هيون.
اوجيسن جي زال کي سوزو ميسان ٺپ نہ وڻندي هئي. ڇاڪاڻ تہ سڄو ڏينھن هوءَ ۽ اوجيسن گڏ گڏ هوندا هئا. خاص طور تي اوجيسن تہ سوزو ميسان سان کيڏڻ مھل ڏاڍو خوش هوندو هو.
”اچ اوباسان.“ پوڙهو اوجيسن زال کي سڏيندو هو، ”اچ، اچي اسان سان گڏ راند رھہ.“
پر پوڙهي اوباسان پنھنجي ڪمري جي دريءَ کي زور سان بند ڪري هلي ويندي هئي ۽ ويچاري اوجيسن کي سندس رويہ تي ڏاڍو شرم ايندو هو.
هڪ ڏينھن اوجيسن کي هڪ ضروري ڪم سان هڪ سفر تي وڃڻو پيو. ۽ جيئن تہ هو پاڻ سان گڏ سوزو ميسان کي نہ پئي وٺي وڃي سگهيو، ان ڪري کيت اوباسان وٽ ڇڏيائين.
”ڏس سٺي جهرڪي ٿجانء، خاموش چپ چاپ، گهڻو گوڙ نہ ڪجانءِ، ۽ ها، اوباسان کي تنگ نہ ڪجانءِ. پوڙهي اوجيسن کي سمجهايو ”مان گهڻو ڪري جلد ئي موٽي ايندم.“
سوزو ميسان کي ڏاڍي اڪيلائپ محسوس ٿيڻ لڳي. هاڻي تہ هنن سان ڪو ڳالھائڻ وارو بہ ڪونہ هو هوءَ سڄو ڏينھن اوباسان جي اڳيان پٺيان پئي ڦرندي هئي. ڪڏهن هوءَ ڪنڌ هونئن ڪندي، ڪڏهن هيئن. پر اوباسان تي سندس معصوم حرڪتن ڪوبہ اثر نہ ڇڏيو هو، هوءَ اها ئي ساڳي هئي. خاموش الڳ ٿلڳ.
هڪ ڏينھن اوباسان ڪپڙا ڌوئي رهي هئي. هن ڪپڙا ڌوئي نشاستي ۾ ڀڄايا پئي ۽ پوءِ انھن کي سھڻو ٿي وڌائين، نشاستو هڪ پيالي ۾ پيل هو، جيڪو اس ۾ ڏاڍو سٺو پئي لڳو. سوزو ميسان کي اهو پيالو ڏاڍو وڻيو. هن ان پيالي مان چھنب ڀري هڪ ڍڪ ڀريو. آھہ ان ۾ واھہ جو ذائقو هو هن ٻيو ڍڪ ڀريو. آھہ ان ۾ واھہ جو ذائقو هو هن ٻيو ڍڪ ڀريو. واھہ واھہ ۽ پوءِ آهستي آهستي ڍڪن ڀرڻ ساڻ اهو سڄو پيالو ختم ٿي ويو.
۽ ان مھل ئي اوباسان رڙيون ڪندي آئي.
”تون ڪني، ڪوجهي تو منھنجو سڄو قيمتي نشاستو کائي ڇڏيو.“ هن رڙ ڪري، سوزو ميسان کي هٿن ۾ کڻي ورتو. پوڙهيءَ کي لڳو ڄڻ ڊپ کان سوزو ميسان جا پر ڏڪندا هجن ۽ دل زور زوز سان ڌڙ ڌڙ، ڪندي هجي.
ننڍڙي جهرڪي آهستي آهستي رڙيون ڪري رهي هئي. ”چن، چن، چن“ جنھن مان هن جي مراد هئي. ”مون کي معاف ڪر، معاف ڪر، ڪر“ پر توهان کي خبر آ. ان ظالم عورت ڇا ڪيو.
هن سوزو ميسان جي چھنب کولي الائي ڪٿان ڪا ڪئنچي آندي ۽ سوزو ميسان جي ڄڀ ڪپي ڇڏي.
الا، ان ۾ ڪيڏو نہ عذاب هو. سوزو ميسان رڙ ڪئي ۽ اڏامي وئي، تڙپندي، ان جڳھہ کان پري، پري، ڇتين مٿان، وڻن ڏي، آسمانن ۾.
اوباسان کيس ويندو ڏسي ظالمانہ نموني سان مرڪيو. ”هونھن مس مس وڃين جان ڇٽي آ.“
۽ وڃين پنھنجي ڪم کي لڳي. ۽ هڪ ڏينھن اوجيسن موٽي آيو.
”تاديما“ هن چيو. جنھن جو مطلب آ، مان اچي ويو آهيان پر، ڪٿان اچي سوزو ميسان جيڪا کيس خوش آمديد چوي، هاڻي تہ صرف اوباسان هئي جيڪا ڏاڍي خوش پئي ڏسڻ ۾ آئي.
اوجيسن ان ڳالھہ جو ٻڌي ڏک محسوس ڪيو. هن زال کي اکر بہ ڪونہ ڪڇيو، ۽ سفر جي ٿڪ جي باوجود بہ ان مھل ئي ٻاهر نڪري پيو. جبلن ڏانھن، وڻن جي جهڳٽي ۾، جتي جام وڻ هئا، جن ۾ جهرڪيون رهنديون هيون. الائي ڇو کيس لڳو تہ سوزو ميسان اتي ئي هوندي ٻين سان گڏ. پنھنجي ويڙهي ۾، ۽ سڄي رستي هو چوندو ويو ”شٽيڪاري سزومي“ او منھنجي ننڍڙي زبان ڪپيل، جهرڪي، تون ڪٿي آهين، ڪيڏانھن وئي آهين؟“
الائي ڪيترو هلندي، هو هڪ بانس جي وڻ وٽ اچي پھتو، هتي هن کي الائي ڪيترين جهرڪين جي چڻ چڻ پئي ٻڌڻ ۾ آئي. ڇاڪاڻ تہ جاپان ۾ جهرڪيون گهڻو ڪري، پانس جي وڻن ۾ آکيرا ٺاهي رهنديون آهن. ۽ اوچتو هن کي لڳو ڄڻ سندس سوزو ميسان کيس سڏيندي هجي.
”اوجيسن! اوجيسن! منھنجي گهر ڀلي ڪري آئين، مٿي هليو اچ.
۽ هر هنڌ کيس الائي ڪيترا آواز اچڻ لڳا. ”ڀلي ڪري آئين، اکين تي خوش آمديد.“
اوجيسن ڏاڍو خوش ٿيو. کيس سامھون ئي سوزو ميسان نظر آئي هو پاڻ ئي سندس هٿ تي اچي ويٺي ۽ کيس پنھنجي گهر وٺي آئي. اوجيسن کي اهو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي تہ سوزو ميسان جو زخم هاڻي ڀرجي ويو هو. پوءِ هو، هن جي پيءُ ۽ ماءُ سان بہ مليو.
اتي هن کي سوين پکيئڙا خوشين ۾ رقص ڪندا نظر آيا. هوائن ۾ خوبصورت موسيقي هئي، هن اتي خوب ماني کاڌي ۽ بھترين شربت پيتو اهو شربت ڏاڍو سٺو هو. مٺو مٺو جھڙي مصري هر ڪمري ۾ هن ڏٺو تہ ڏاڍا سھڻا شوپيس ۽ خوبصورت تصويرون لڳل هيون. سوزو ميسان جو گهر سچ پچ بہ تہ ڏاڍو خوبصورت هو.
آخر ڏينھن بہ اچي ختم ٿيڻ تي پھتو. اوندھہ ٿي تہ اوجيسن گهر واپس ورڻ جو سوچيو هڪدم الائي ڪٿان ٻہ وڏا جهرڪ اڏامندا آيا، هڪ وٽ وڏو دٻو هو ۽ ٻئي وٽ هڪ ننڍڙو ”تو لاءِ هڪ سوکڙي آ، اوجيسن.“ سوزو ميسان جي پيءُ چيو.
جيڪو دٻو وڻئي سو کڻ.
اوجيسن پھرين وڏي دٻي کي ڏٺو ۽ پوءِ ننڍي ڏانھن نظر کنيائين. هو سامھون تعظيما جهڪيو ۽ چيائين ”هن سھڻي وقت لاءِ مھرباني منھنجا پيارا پکيئڙو ۽ هن خوبصورت ويڙهي جا رهواسيو. مان توهان سڀني کي ڪڏهن بہ وساري نہ سگهندم. توهان جي هن سوکڙي جي مھرباني. مان ان کي گهر کڻي وڃي مٿانھين هنڌ تي رکندم تہ مان جيئن ئي سمھان يا اٿان تہ ان تي نظر پئيم ۽ اوهان جون مھربانيون ياد ڪيان. هونئن اوندھہ بہ ٿي وئي آ ۽ ڪجهہ پير مرد بہ آهيان، ان ڪري اهو ننڍڙو دٻو ئي مون لاءِ ڪافي هوندو.
سڀني جهرڪين خوشيءَ منجهان مرڪيو ۽ اوجيسن ننڍي دٻيءَ کي پنھنجي پٺيءَ کڻي، هنن کي کلندي خدا حافظ چيو ۽ هر جهرڪ هن کي موٽ ۾ کنڀ لوڏي خدا حافظ پئي چيو. سوزو ميسان تہ هن کي در تائين بہ ڇڏڻ آئي.
”مھربان اوجيسن، تون ايندو هجانءِ، ضرور اچجان.“
اوجيسن جيڪي ڪجهہ ڏٺو ان تي حيران رهجي ويو هن پنھنجي اکين کي هر هر پئي مهٽيو، کيس سڀ کان وڌيڪ حيراني گهر اچي ٿي، جڏهن هن اهو ننڍڙو دٻو کوليو.
منھنجا خدا، اهو سڄو ڀريل هو، مختلف زيورن سان سونن سڪن سان ۽ الائي ڇا ڇا سان.
اوباسان کي اهو ٻڌي ڏاڍي ڪاوڙ آئي تہ اوجيسن ننڍو دٻو کنيو هو جيڪر وڏو کڻي ها تہ الائي ان ۾ ڇا ڇا هجي ها.
بس اها ئي لالچ هن کي کنيو بيٺي هئي، ۽ ٻئي ڏينھن صبح جو هن بہ وڻن جي ان ويڙهي جو رخ رکيو، جتي ڪالھہ اوجيسن جي مھماني ٿي هئي.
هلندي هلندي هوءَ بہ ساڳي ئي هنڌ وٽ اچي پھتي پهاڙن درميانم وڻن جي جهڳٽي ۾.
پکين رڙيون ڪري آسمان مٿن تي کنيو. ۽ وڻن پٺيان لڪي ويا. اوباسان سوزو ميسان جي در تي پھچي ڪڙو کڙکائڻ لڳي.
جڏهن اوباسان کي گهر اندر نيو ويو، تہ هن چؤطرف هڪ ڪرڙي نظر وڌي، الائي ڇو هن کي هتي مزو نہ پئي آيو. سوزو ميسان تہ هن کي ڏسندي ئي گهر اندر وڃي لڪي هئي. باقي ٻين پکين کيس سٺو مان ڏنو ۽ بھترين کاڌا ۽ شربت پيش ڪيو.
اوباسان کي تہ بس رڳو پيتي کڻڻ لاءِ ئي لڳي پئي هئي. سڄو وقت هن تنھن لاءِ پئي واجهايو ۽ جيئن ئي سندس موٽڻ مھل ٻہ جهرڪ ٻہ پيتيون کڻي آيا تہ هن هڪدم جهٽ هڻي وڏي پيتي کنئي ۽ پکين کي خدا حافط چيو.
وڏي پيتي ڏاڍي ڳري هئي. ايتري ڳري جو هن جو هلڻ بہ ڏکيو ٿي پيو. ٿورو ئي پنڌ ڪيائين تہ پگهر ۽ اڀ ساهيءَ ۾ ڄڻ وڪوڙجي وئي هئي رستو بيحد ڏاکڙن وارو هو ۽ الاءِ ڪيترا چھنبدار پٿر سندس سينڊل ۾ لڳا پئي هن ڪيترائي ٿيڙ کاڌا، پر پيتيءَ کي ڪنھن بہ صورت ۾ هيٺ نہ لاٿائين.
”خدايا، مان تہ هاڻي وڌيڪ انتظار بہ نٿي ڪري سگهان، هونئن بہ مون کي ڏسڻو تہ آهي ڇو نہ ڍڪڻو کولي هينئر ئي ڏسان تہ اندر ڇا پيل آهي.“
هن سوچيو، ۽ گوڏن ڀر ويھي، پيتيءَ کي پنھنجي سامھون رکيائين: ’خبر اٿو تہ هن پيتي کولي تہ اندر ڇا هو.
او منھنجا خدا ساوا نانگ جن جون ڳاڙهيون ڄڀون هيون، وڏا وڏا ڏيڏر ۽ اڪ مڪڙيون.
هنن پھرين ڄڀ ڪڍي کيس چٽڻ چاهيو، پوءِ ڪيترائي نانگ هن کي وڪوڙڻ لاءِ اٽامرا هئا، ڏيڏرن تہ هر ٽپ سان ڀٿرن جي ٽڪرن کي زور سان ريڙهيو پئي، هو سڀ کيس ڪري رهيا ۽ سندس حالت تي زور زور سان کلي رهيا هئا.
اوباسان ڏاڍي هراسجي وئي مدد لاءِ رڙيون ڪيون. جانورن پاڻ کي پري ڪرڻ لاءِ هٿ پير لڳي، پر هو ڏنگيس نہ پيا هيسائينس پيا.
ويچارو اوجيسن هن کي ڳولھڻ نڪتو هو. کيس ڪھڙي خبر تہ هوءَ وڏي پيتي کي وٺڻ گهران نڪتي هئي. جيئن ئي اوباسان جون رڙيون ٻڌيون تہ هن کان جيترو ٿي سگهيو اوترو تيز لڳو، کيس ڏاڍو ڏک ٿيو، جڏهن اوباسان جي اها حالت ڏٺي، جنھن ۾ ويڙهيل بيوس، لاچار.
هن اوباسان کي ڇڪي ٻاهر ڪڍڻ ۽ هو ٻئي ماٿريءَ ڏانھن ڀڳا تہ اڃان بہ تيز.
اوجيسن تہ ڏاڍو سهڪيو جيئن جيئن گهر پھتو تيئن سهڪو وڌيس پئي.
باقي اوباسان، ان جي ڇا ڳالھہ ڪجي، جيئن ئي هوءَ گهر پھتي تيئن ئي گوڏن ڀر ويھي، هن پنھنجو منھن ڍڪي ڇڏيو ۽ رڙيون ڪرڻ لڳي.
”مون کي معاف ڪر، معاف ڪر.“ هن رڙ ڪئي ”مان هڪ ظالم عورت آهيان. مون الائي ڇا ڇا ڪيو تون مون کي معاف ڪر. ڪلينڊر؟“
اوجيسن مرڪيو، حالانڪه هن کي اڀ ساهي هئي ۽ سندس ٽنگون ڏڪيون پئي، پر کيس لڳو ڄڻ هوءَ سچ پچ معافيءَ جي خواستگار هجي. پنھنجي خود مطلبي لالچي ۽ حساس هجڻ لاءِ.
سو اوجيسن کيس معاف ڪيو، ۽ پڪ ڄاڻو، اوباسان پوءِ بلڪل وئي، بس اهو ئي وقت هو، جو هنن جون محبتون وڌنديون ويون، خلوص هجي تہ حسد جي ڪھڙي جاءِ.
۽ ها، هڪ ڳالھہ اوهان کي ٻي بہ ضرور ٻڌايانوَ، تہ ٻيءَ بھار ۾ اوجيسن اوباسان کي ساڻ وٺي، سوزو ميسان جي گهر ويو. جتي ٻنھي جي هڪ جھڙي خاطر ڪئي وئي ۽ توهان کي خبر آ، ڪو خراب نہ هجي تہ پکين جون اکيون تہ سڀني لاءِ هڪجھڙيون هونديون آهن.
خبر آ ڇا، هن ڀيري تہ سوزو ميسان بہ اوباسان کي ڏسي ڪونہ لڪي هئي. بلڪ خوب ڪچهري ڪئي هئائين.


(ڇپيل: ’گُل ڦُل‘ مئي 1982ع)

ڪُئِيءَ جي شادي

(جاپاني لوڪ ڪھاڻي)

__________________________________
جاپان
جاپان، اُتر ايشيا ۾ آهي ۽ ڏکڻ اولھہ ’پئسيفڪ سمنڊ‘ ۾ واقع آهي.
گاديءَ جو هنڌ: ٽوڪيو
ايراضي: 377915 چورس ميل
سڪو: جاپانيز يَون
آبادي: 125.7 ملين
سرڪاري ٻولي: جاپانيز
ٻيون ٻوليون: امامي [Amami]، ڪِيُوڪو [Kyukyu]،
ڪِڪائِي [Kikai]، مِياڪو [Miyako]
_________________________________

اوٽوسان ۽ اوڪاسان، جاپان جي هڪ اسٽور هائوس ۾ رهندڙ ٻہ پوڙها ڪوئا ڪئي هئا. اوٽوسان ڪوئو ڪافي امير هو، هن وٽ چانورن جو هڪ گودام هو جيڪو هن چانور ميڙي ميڙي پنھنجي ٻرً جي ڀر ۾ تعمير ڪيو هو.
اوڪاسان سندس زال بہ ڏاڍي هوشيار ڪئي هئي. هوءَ بہ سندس ٻانھن ٻيلي هئي.
ساڻن سندن نانءَ جو مکيہ سبب سندن ڌيءَ هئي. اڇي، اجري، نرم، سھڻي.... ان ڪئيءَ جون اکيون بيحد خوبصورت ۽ چمڪ ڀريل ۽ نازڪ گلابي نڪ ڏاڍو پيارو هو. هوءَ ايڏي تہ سھڻي هئي جو پري پري جي رياستن جا ڪوئا سندس هٿ ڪرڻ لاءِ ڪھي ايندا هئا. پر اوٽوسان ۽ اوڪاسان، ان ڳالھہ جي حق ۾ ئي ڪونہ هئا تہ پنھنجي پرين جھڙي ڌيءَ جو هٿ ڪنھن عام ڪوئي جي هٿ ۾ ڏين.
”اهو ناممڪن آ. ڪوبہ عام ڪوئو اسان جي نياڻيءَ جي لائق ڪونھي.“ هنن رڙ ڪئي. ”اسان کي ڪنھن خاص وَرَ کي ڳولڻ گهرجي. اسان پنھنجي نياڻيءَ جو رشتو جاپان جي طاقتور ترين هستيءَ سان ڪنداسين.“
سو هنن چئن ئي طرفن ڳولا شروع ڪئي ۽ اوچتو سندن نظر اڀ ۾ چمڪندڙ محبتن ڀرئي سج تي پئي.
”سج کي ڇو نہ پنھنجي نياڻي ڏيون.“ هنن خوشيءَ وچان نعرو هنيو اهو خيال تہ واھہ جو هو.
بس سائين، هنن پنھنجي ڌيءُ کي هڪ بھترين وڳو ڍڪايو. اهڙي خوبصورت ڪنوار، ڪوئن پنھنجي سڄي عمر ۾ ڪونہ ڏٺي هئي.
هاڻي مون کي اها خبر ڪانھي تہ سفر اهو ڪيئن ٿيو، باقي ٽئي سفر ڪندا رهيا، تان جو وڃي سج تائين پھتا.
پيءُ سج اڳيان جهڪندي، جيھڻي آواز ۾ عرض ڪيو، ”عزت ماب ۽ رحمدل سج، تون هن ڌرتيءَ تي طاقتور ترين هستي آهين، اسان جي ڌيءُ قبول ڪر، ڇو جو اسان جي اها خواهش آهي تہ تون اسان جي نياڻيءَ جو گهوٽ ٿئين.“
سج مسلسل مرڪندو رهيو. ڏانھن ڏسندي چيائين ”توهان ڏاڍا رحمدل آهيو، مان توهان جي ان رشتي لاءِ ٿورائتو آهيان، پر مان هن ڌرتيءَ تي طاقتور ترين هستي ناهيان، اها اڃا بہ ٻي شيءِ آ.“
اوٽوسان ۽ اوڪاسان، جا وات حيرت مان ڦاٽي ويا ”اهو وري ڪيرآ؟“
”اهو ڪيومو آ يعني ڪڪر، مان تہ ڌرتيءَ کي گرمي ٿو پھچايان، پر جيڏي مھل ڪڪر ٻاهر نڪري اچن ۽ مون کي ڍڪيو وجهن تہ مان بلڪل بي وس هوندو آهيان.“
”خير، خير.“ اوٽوسان ۽ اوڪاسان هڪٻئي ڏانھن ڏٺو، ”اهو سچ بہ آهي ان ۾ ڪھڙو شڪ آ!“
سو، هُو، سج اڳيان جهڪي ۽ پنھنجي ڌيءَ کي وٺي ڪڪر وٽ آيا.
”ڪيوموسان، ڪيوموسان (ڪڪر سائين، ڪڪر سائين) تون هن ڌرتي تي طاقتور ترين هستي آهين، اسان جي ڌيءَ کي پنھنجي زال قبول ڪر.“
”مون لاءِ سوچڻ جي مھرباني“ ڪڪر وراڻيو. ”پر هتي تہ مون کان بہ طاقتور هستيون ويٺيون آهن. مان هونئن تہ ڪافي طاقتور آهيان، پر اوستائين جيستائين ڪيز (هوا) نٿي اچي. بس هن جو اچڻ ۽ منھنجو ڀڄڻ.“
”بلڪل بلڪل“ اوٽوسان ۽ اوڪاسان کي ڳالھہ سمجهہ ۾ اچي وئي هو سڌا هوا وٽ هليا آيا.
”ڪيزسان، ڪيزسان (هوا سانئڻ، هوا سانئڻ) تون جاپان جي طاقتور ترين هستي آهين، اسان پنھنجي ڌيءَ توکي پرڻائڻ لاءِ آندي آ.“
”مھرباني ننڍڙا ڪؤو، پر مان طاقتور ترين ناهيان، مان مڃان ٿي تہ مان ڏاڍا گهوگهاٽ ڪري هلندي آهيان، پر جڏهن بہ مان ڪنھن طاقتور ڀت سان ٽڪرائيندي آهيان تہ مون کي ئي شڪست ٿيندي آهي، هاڻي مان طاقتور ترين ٿيس؟“
”اوھہ، اهو تہ بلڪل سچ آ“ مائٽن ٿڌو ساھہ کنيو.
”اسان کي ڀت سان ملڻ گهرجي.“
خير سائين، هڻندا ماريندا هو ڀت وٽ پھتا ۽ کيس سندن ڌيءُ سان شادي ڪرڻ لاءِ چيائون.
”مھرباني.“ هن وراڻيو، ”پر اڃا بہ هڪ ٻي هستي آ، مان هونئن تہ ڪافي سخت ۽ مضبوط هوندي آهيان، پر جيڏي مھل ڪوئا مون کي ٽڪين ٿا، ان مھل مان بلڪل بي وس ٿيو پوان، تان جو مون ۾ ٻر ٺھيون پون. مان ڪوئن کي ڪٿان ٿي پڄان؟“
۽ ان مھل، غريب ڌيءَ ڪئي بلڪل ٿڪجي پئي، سندس ڳل لڙڪي پيا ۽ اکيون ڳوڙهن سان ٽمٽار ٿي ويون.
”امان بابا، مان پنھنجي پاڙي واري ڪوئي چُوسُوڪيءَ جي زال ٿيندس. ڇا ٿيو جيڪڏهن هو، هڪ عام ڪوئو آ.“
پر ان مھل پيءُ ماءُ جا خيال ڪجهہ ڦريل هئا.
”بلڪل نہ، ڪير ٿو چئي تہ هو عام ڪوئو آ! ڪجهہ ڏينھن اڳين تہ هن (ڪيب سن (Kabe-san يعني ڀت سانئڻ ۾ هڪ وڏو سوراخ ڪيو هو. هاڻي ٻڌاءِ، هو طاقتور ترين ڪوئو ڪونھي؟“
بس سائين، هاڻي هو چوسوڪيءَ تي ڏاڍو نازان هئا، هو رهندو بہ تہ بلڪل ڀت پريان هو.
اها شادي ڏاڍي بھترين ٿي، ۽ چون ٿا، ان ڏينھن ڪنھن مھل سج ٿي نڪتو، تہ ڪيڏي مھل ڪڪر ٿي آيا، ۽ ڪيڏي ڪيڏي مھل تہ هوا بہ ٿي گهوگهٽ ڪيا.
ها سائين، ڀت سانئڻ بہ پاڻ ۾ ٿيل ٻَرَ ۾، ان شاديءَ کي ڏسي، خوش پئي ٿي.


(ڇپيل: ’گُل ڦُل‘ سيپٽمبر 1982ع)

پَسو پکيئڙن

(روم جي لوڪ ڪھاڻي)

________________________________________
رُوم
روم، اٽليءَ جو گاديءَ جو هنڌ آهي.
ايراضي: 1285 چورس ميل
سڪو: آريئس [Aureus]
آبادي: 2.873 ملين
سرڪاري ٻولي: اطالوي ]اِٽاليَن[
ٻيون ٻوليون: گِرِيڪ [Greek]، فرينچ French]، اسپينش [Spanish] ۽ لئٽِن [latin]
________________________________________

ڀائرو، ڪڏهن توهان ان ڳالھہ تي ويچار ڪيو آهي تہ جڏهن هنج پکي قطارون ڪري اڏامندا آهن تہ هنن جون ڳچيون فخر سان اڀيون ڇو هونديون آهن! هو سدائين ڳچيون تاڻي ڇو هلندا آهن! ان لاءِ تہ جيئن هو پري پري تائين ڏسي سگهن، نہ بلڪل نہ. هنن جي ان نموني سان هلڻ جو سبب ڪو ٻيو آهي. روم ملڪ جا ماڻھو انھيءَ ڳالھہ جي باري ۾ هڪ ڪھاڻي بيان ڪندا آهن. اها ڪھاڻي سوين سال اڳ جي آهي. اچو توهان بہ ٻڌو.
گهڻو اڳ ڪجهہ هنج پکي روم جي هڪ باغ ۾ رهندا هئا. اهو باغ جبل جي چوٽيءَ تي ٺھيل هو. اهي سڀ پکي اتي بيحد خوش هوندا هئا، ڇاڪاڻ تہ اتي کاڌي جي ڪابہ کوٽ نہ هوندي هئي. يعني هنن کي ڪوبہ ڪم نہ ڪرڻو پوندو هو ۽ نہ وري کاڌي جي تلاش ۾ ڪيڏانھن وڃڻو پوندو هو، اتان جا ماڻھو روز باغ ۾ اچي مانيءَ ٽڪر اڇلائي ويندا هئا. اهي هنج پکي تہ بس سڄو ڏينھن اس ۾ ويٺا ڪچھري ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ڪي جهنگ جا هنج بہ اتي اچي نڪرندا هئا ۽ پوءِ حال احوال ڪري اڏامي ويندا هئا. هنن جون ڊگهيون ڳچيون نياز ۽ نوڙت سان جهڪيل هونديون هيون ۽ هنن جا حسين پر آسمان جي پس منظر ۾ تمام سٺا لڳندا هئا. باغ ۾ ويٺل هن انھن کي ڏسي بيحد خوش ٿيندا هئا. هو سوچيندا هئا تہ آسمان سدائين آسماني رهندو، سدائين محبت ۽ امن هوندو، کاڌي جي ڪابہ کوٽ نہ هوندي، مطلب تہ زندگي تمام سک سان گذري ويندي.
پر هڪ ڏينھن اوچتو هرڪا شيءِ بدلجي وئي، هوا دونھاٽجي وئي. فضا آهن ۽ پڪارن جي آواز مان گونجڻ لڳي، ناسي رنگ جو دونھون آسمان تي اچي ڪڪر ٺاهڻ لڳو، آسمان بارود جي ڳولن جي ڦاٽڻ ڪري ڳاڙهو ٿي ويو، هنن هڪٻئي کان پڇيو ڇا ٿيو آهي؟ مگر ڪنھن وٽ بہ ڪو جواب نہ هو. سڀ بيحد ڊنل هئا، هنن کي ڪابہ ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ آئي. جلد ئي جهنگلي هنج اتي اچي نڪتا. ”توهان جيترو بہ پري اڏامي سگهو اڏامي وڃو، هتي بيحد خطرو آهي.“ هنن باغ وارن هنجن کي پڪاريندي چيو. باغ وارن هنن هڪٻئي کي ڏٺو ۽ وري آسمان کي ڏسڻ لڳا، جيڪو دونھاٽجي ڪارو ٿي چڪو هو. ”آخر ٿيو ڇا آهي.“ هنن جهنگلي هنجن کان پڇيو، ”فرانس جي فوجن حملو ڪري ڇڏيو آهي. هو سڀ گهڻا طاقتور ۽ جنگجو آهن، روم جا بھادر هنن سان وڙهي رهيا آهن، پر فرانسيسر کان هارائي رهيا آهن، هو سڀ شھر کي ساڙين پيا، هلو، هتان نڪري هلو، ايترو پري نڪري جو ڪوبہ خطرو نہ پھچي سگهي.“ جهنگلي هنجن وراڻيو ۽ اهو ئي چيو. هو دونھي جي ڪڪرن مان رستو ٺاهيندا نڪري ويا، باغ جا هنج اتي ئي بيٺا ڳاڙهي آسمان کي ڏسندا رهيا. پوءِ هنن پڇيو، ”ڇا اسين بہ اڏامي وڃون ۽ هن ملڪ کي ڇڏي هلون؟“
هڪڙي هنج چيو ”اسان هتي سدائين خوش رهيا آهيون، شايد جنگ ڪجهہ وقت اندر بند ٿي وڃي، شايد رومي هنن فرانسيسين کي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن، ۽ شايد وري بہ امن ٿي وڃي.“
ٻئي چيو، ”۽ ها، مينوئل بہ تہ ڪونہ ويو آهي، ڇاڪاڻ جو هن جي گهر جو در بہ اڃان کليل آهي؟“ هن جي ايترو چوڻ سان سڀني مينوئل جي گهر ڏانھن ڏٺو، جنھن جو در کليل هو. مينوئل هڪ اشراف ماڻھو هو، جيڪو هنن کي ماني ڏيندو هو. هو سڀ هن جا دوست هوندا هئا، اها دوستي مانيءَ جي ڳڀن جي ڪري هوندي هئي، مينوئل روز مانيءَ جا ڳڀا ڪري هنن ڏي اڇلائيندو هو.
”جيستائين مينوئل هتي رهندو، اسين بہ هتي رهنداسين، هنن مان سڀني کان ڊگهي ڳچيءَ واري هنج اهو فيصلو ڪندي چيو ۽ سڀني اها ڳالھہ قبول ڪئي.
جنگ ڪيترائي ڏينھن هلي، ڪيترائي گهر سڙي ويا، ماڻھو بي گهر ٿي ويا، شھر سنسان ٿي ويا، پر باغ جيڪو چوٽيءَ تي ٺھيل هو ۽ جتي هنج رهندا هئا، اتي ڪجهہ گهر بہ هئا، محفوظ هو. ڇاڪاڻ جو اهو هڪ اهڙي جبل جي چوٽيءَ تي ٺھيل هو جنھن تي چڙهڻ ڏاڍو ڏکيو هو. اهو جبل تمام اوچو هو ۽ ان تي چڙهڻ جو بظاهر ڪوبہ رستو نہ هو. فرانسيسين پوري ڪوشش ڪئي تہ ڪو رستو ملي سگهي پر هو ڪوبہ رستو لھي نہ سگهيا. ”مٿي وڃڻ لاءِ پڪ ڪو خفيہ رستو هوندو.“ هنن چيو، ”اسان ان کي ڪنھن نہ ڪنھن اٽڪل سان ڳولي لھنداسين.“ هوڏانھن ملڪ ڇڏيل ماڻھو بکن جو شڪار ٿيڻ لڳا، هو سڀ سوچڻ لڳا ”اهي ماڻھو جيڪي مٿي باغ ۾ رهن ٿا، انھن کي ڪيئن پيغام پھچائجي. انھن تائين مدد جو قاصد ڪيئن موڪلجي، مٿي وارا ماڻھو سکيا هوندا، هنن تائين ڪيئن اها ڳالھہ پھچي تہ اسين زندھہ آهيون مگر بکن ۾ ۽ ڏکن ۾.“
ٻئي پاسي مينوئل وارا بہ کاڌي جي گهٽتائيءَ جو شڪار ٿيڻ لڳا. مينوئل هنجن کي مانيءَ ڳڀا موڪليندو هو پر اها ماني اڳ جي مقابلي ۾ گهٽ ٿيڻ لڳي، سڀ هنج گهٽ مانيءَ جي ملڻ ڪري سنھڙا ٿيڻ لڳا. پر تڏهن بہ هنن جو ڪو ارادو هو تہ جيسين مينوئل هتي رهندو، اسين بہ رهنداسين، هن جو ساٿ ضرور ڏينداسين. هو پنھنجي فيصلي تي ڄميل هئا.
شھر ڇڏيل رومين مدد لاءِ هڪ بھادر سپاهيءَ کي باغ وارن رومين ڏانھن موڪليو. رات جو اهو سپاهي جبل جي دامن ۾ رهيل فرانسيسي فوج کان لڪندو ڇپندو لڪل رستي کان مٿي چڙهي آيو، باغ وارا رومي هن کي ڏسي بيحد خوش ٿيا ۽ هن جي خوشي ان مھل ٻيڻي ٿي وئي جڏهن هنن کي اها خبر پئي تہ شھر مان نڪتل رومي خيريت سان آهن.
صبح جو فرانسيسي وري جاچ شروع ڪئي. اوچتو انھن مان هڪ، پير جو نشان ڏسي ورتو. اهو نشان رات واري سپاهيءَ جي پير جو هو، فرانسيسيءَ ان نشان کي ڏسڻ ساڻ رڙ ڪئي ”هڪ رومي رات هتان مٿي چڙهيو آهي.“ هن جي ايتري چوڻ سان ڪيترائي سپاهي اتي اچي نڪتا، پوءِ سڀني گڏجي ڪيترائي پيرا ڏسي ورتا ۽ آخرڪار فرانسيسين اهو رستو ڳولي لڌو جيڪو مٿي باغ ڏانھن ويندو هو.
”اڄ رات جڏهن اوندھہ هوندي.“ هنن چيو، ”اسان شب خون هلنداسين ۽ رومين تي پيش قدمي ڪري هنن کي حيران ڪري ڇڏينداسين، اسان هنن جا گهر ساڙينداسين، پوءِ اهو جبل وارو اغ اسان جي قدمن جي هيٺان هوندو.“
آخرڪار رات آئي. اها هڪ گهگهہ اونداهي رات هئي، چنڊ ڪڪرن جي پويان لڪل هو، ايتريقدر جو تارا بہ ستل هئا. هر طرف ڪاراڻ ۽ اوندھہ هئي. هوا بہ زوردار هئي هر طرف هوا جا گهوگهٽ هئا. باغ واري حصي ۾ ماڻھو ننڊ پيا هئا، مينوئل پنھنجي گهر ستو پيو آهي. هنج بہ پنھنجي گهرن ۾ ننڊ پيا هئا، سپاهيءَ جون اکيون بہ ننڊاکڙيون ٿيڻ لڳيون، هو باغ جي چوڪيداريءَ تي مقرر هو، هر رات هڪ سپاهي پھرو ڏيندو هو. هن سوچيو ”اسان بلڪل محفوظ آهيون، فرانسيسي اسان کي بلڪل ڪونہ پھچي سگهندا، اسان کي ڪوبہ نقصان نہ پھچندو.“
هو آرام ڪرڻ لاءِ هڪ هنڌ ترسيو سوچيندي سوچيندي هن کي جهوٽو اچي ويو ۽ هو سمھي پيو.
فرانسيسي چپ، چپ ڪري مٿي چڙهندا رهيا. هو پٿرن تي چڙهندا، ٻوٽن کي هٽائيندا مٿي، مٿي ۽ مٿي چڙهندا آيا. هو ايترو آهستگيءَ سان مٿي چڙهندا رهيا جو ڪنھن کي بہ خبر نہ پئي، گهرن ۾ ماڻھو ستا پيا هئا، مينوئل بہ ننڊ ۾ پيو هو، پھريدار بہ ستل هو، ائين پئي محسوس ٿيو تہ روم هاڻي مرڻ ڪنڌيءَ تي آهي.
پر باغ ۾ هنج جاڳي پيا، هنن هوا جي گهوگهٽ ۾ بہ مٿي چڙهندڙ قدمن جو آواز ٻڌي ورتو.
هنن فرانسيسين کي ويجهو ۽ ويجهو ايندي محسوس ڪيو. هنن ائين محسوس ڪيو ڄڻ فرانسيسي هاڻي چوٽيءَ تائين پھچڻ وارا آهن. هنج هڪدم پنھنجين ٽنگن تي ئي بيٺا، ڳچيون اڀيون ڪري، پوري طاقت سان رڙيون ڪري ماڻھن کي خبردار ڪرڻ لڳا، ڄڻ ملڪ کي خطري کان بچائيندا هجن.
هنن جي پڪارن تي مينوئل جاڳيو، هن هڪدم هٿيار کنيا ۽ ٻاهر نڪتو، هو جلديءَ مان جبل جي ڪنڊ وٽ پھتو تہ پھريون سپاهي اڃان مٿي چڙهيو پئي. مينوئل هن کي ڪرائي هن جي سسي ڌڙ کان جدا ڪئي، هن رڙيون ڪري ماڻھن کي سجاڳ ڪيو ۽ پوءِ ٻئي سپاهيءَ سان مقالو ڪري ان کي بہ جبل کان هيٺ اڇلائي ڇڏيو. هنج پکي تيستائين ماڻھن کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ رڙيون ڪندا رهيا. هنن جي پڪارن تي ٻئي پاسي جا رومي سپاهي بہ اچي پھتا ۽ پوءِ سپاهين ۽ ماڻھن گڏجي فرانسيسي فوجن جو مقابلو ڪري هنن کي هارايو ۽ جنگ کٽي ورتي.
ائين روم جو هڪ سھڻو شھر هنج پکين جي پڪارن ڪري تباھہ ٿيڻ کان بچي ويو.
هاڻي توهان کي سمجهہ ۾ آيو تہ ڇو هنج پکي فخر سان ڳچي تاڻي اڏامندا آهن، شايد ان ڪري جو هنن جون مائرون هنن کي ننڍي هوندي اها آکاڻي ٻڌائينديون هونديون تہ انھن هنج پکين جا وڏا ڪھڙا نہ وفادار هئا ۽ هنن ڪيئن روم جي شھر کي تباھہ ٿيڻ کان بچايو.


(ڇپيل: رسالو نامعلوم 1984ع)