ايوب کوسي کي اخبار ۾ هڪ خط (ڪالم) لکڻ تي نہ رڳو جيل موڪليو ويو هو، پر جنھن اخبار ’الک‘ ۾ اهو خط ڇپيو، ان تي بہ بندش وڌي وئي هئي. ايوب کوسي، سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد واري عرصي دوران پنھنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار، وقت جي حالتن ۽ حادثن جي عڪاسي نثر ۾ انتھائي بيباڪيءَ سان ڪئي آهي. ھن جيل ڊائريءَ ۾ ايوب کوسي احساساتي طور تي خوبصورت ٻولي، نازڪ خيالي ۽ تخيل جي اڏام ذريعي جيل جي واھيات ۽ ڪسيل ماحول کي شاعراڻي رنگ ۾ رچيو آھي، ايتري قدر جو نثر ۽ شاعريءَ جي وچ ۾ ليڪ نہ ٿي ڪڍي سگهجي.
جيل ڊائري
ديوارن جي دنيا پويان
- 5.0/5.0
- 116
- 37
- ھڪ ھفتو اڳ
- 0
![Title Cover of book Dewarun jy Dunya Poyan](https://books.sindhsalamat.com/assets/images/books/02022025_679f23633ed58.jpg)
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ نثرنگار ايوب کوسي جي جيل ڊائريءَ تي مشتمل ڪتاب ”ديوارن جي دنيا پويان“ اوھان اڳيان حاضر آھي.
ايوب کوسي کي اخبار ۾ هڪ خط (ڪالم) لکڻ تي نہ رڳو جيل موڪليو ويو هو، پر جنھن اخبار ’الک‘ ۾ اهو خط ڇپيو، ان تي بہ بندش وڌي وئي هئي. ايوب کوسي، سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ ڊسمبر 1999ع کان آڪٽوبر 2002ع تائين قيد واري عرصي دوران پنھنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار، وقت جي حالتن ۽ حادثن جي عڪاسي نثر ۾ انتھائي بيباڪيءَ سان ڪئي آهي. ھن جيل ڊائريءَ ۾ ايوب کوسي احساساتي طور تي خوبصورت ٻولي، نازڪ خيالي ۽ تخيل جي اڏام ذريعي جيل جي واھيات ۽ ڪسيل ماحول کي شاعراڻي رنگ ۾ رچيو آھي، ايتري قدر جو نثر ۽ شاعريءَ جي وچ ۾ ليڪ نہ ٿي ڪڍي سگهجي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 2003ع ۾ ۽ ٽيون ڇاپو 2022ع ۾ سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي ٿورن سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مصنف ايوب کوسو
- ڇپيو ويو 2022
- ڇپائيندڙ سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر
- ڇاپو ٽيون
- عالمي ڪتاب نمبر 978-627-7569-09-9
- آن لائين ٿيو 05/Feb/2025
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
- لاٿو ويو 37 ڀيرا