سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ نثرنگار ايوب کوسي جي آتم ڪٿا تي مشتمل ڪتاب ”تاريخ جو ٻاريل ماڻھو“ اوھان اڳيان حاضر آھي.
ايوب کوسو سنڌ جو يگانو شاعر ۽ نثرنگار آھي جنھن سنڌ جي حُرمت خاطر وقت جون اذيتون سٺيون، بي رخيون ڀوڳيون ۽ قيد ڪٽيا آھن. ھن انتھائي ڏکين حالتن ۾ رھي بہ ٻوليءَ ۽ قوم سان عشق جو پاند پختو رکيو آھي. ھي آتم ڪٿا شاعراڻي نثر ۾ انتھائي حسناڪيءَ سان لکيل آھي. ايوب کوسي واقعن، لقائن ۽ سچاين کي بيباڪيءَ سان لکيو آھي. ھيءَ آتم ڪٿا ڪٿي اسان کي کِلائي ٿي تہ ڪٿي روئاري ٿي. ھيءَ ڪا عام ڪٿا نہ پر وقت جو سگهارو آواز آھي.
ھي ڪتاب 2021ع ۾ سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي ٿورن سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي