سنڌسلامت پاران
عابد مظھر جي شاعريءَ ۾ پيار جا احساس بہ آهن تہ وڇوڙي جا درد بہ. پاڻ هڪ حساس دل رکندڙ انسان دوست شاعر آهي. ھن سندس شاعريءَ ۾ پنھنجي دل جون سچايون پيش ڪيون آهن. هي ڌرتيءَ سان محبت ڪندڙ شاعر آهي. ھن ڪتاب ۾ نعت، غزل، وايون، نظم، آزاد/نثري نظم، دوھا ۽ ٽيڙو شامل آھن.
ھي ڪتاب 2000ع ۾ رچنا پبلشرز ڪراچي يونيورسٽي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي ٿورن سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي