سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري نقاد ۽ محقق حزب الله آءِ سومري جي تحقيقي لکڻين جو مجموعو ”تنقيدي جائزا“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ھن ڪتاب ۾ شامل حزب ﷲ آءِ سومري جا تنقيدي جائزا سنڌ جي موجودہ دور جي ڪجهہ ليکڪن ۽ سندن لکيل مقالن/مضمونن بابت آھن جن ۾ ھن سندن لکڻين جي تاريخي ۽ تنقيدي حوالي سان ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آھي. جن اديبن تي ھن لکيو آھي انھن ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا، سوڀوگيانچنداڻي، ڊاڪٽر فھميدہ حسين، اياز گُل، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، ۽ تاج جويو شامل آھن.
ھي ڪتاب 2007ع ۾ اين اي جان فائونڊيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حزب ﷲ آءِ سومري صاحب جي ٿورن سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ : ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.