سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران پنهنجي دور جي قادرالڪلام شاعر ۽ نثرنگار رئيس شمس الدين ”بلبل“ جي مزاحيا لکڻين جو مجموعو ”مزاحيات“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو مرتب غلام محمد گرامي آھي.
سنڌ ۾ عروضي شاعريءَ ۾ مزاحيہ طرز نگارش جو باني مرحوم رئيس شمس الدين بلبل آھي. ھن ڪتاب ۾ ظرافت ۽ دانش سان ڀريل سوال جواب، گُفتا ۽ مزاحي ڳالھيون ڏنل آھن. ھنن لکڻين ۾ نہ رڳو خوش طبعي ۽ ظرافت آھي، پر عبرت ۽ نصيحت کانسواءِ دماغي ترقيءَ جو بہ ذريعو آھن. ھي ڪتاب مختلف ننڍڙن ڪتابچن جو مجموعو آھي، جنھن ۾ لطيفا ۽ مزاحي ڳالھيون ڏنل آھن.
ھي ڪتاب 1977ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي