سنڌسلامت پاران
سنڌسلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ محقق مير حاجن مير جي شاعريءَ جو ٻيو شعري مجموعو ”نيرا خواب“ اوھان اڳيان حاضر آهي.
مير حاجن مير ھڪ سٺي شاعر ھجڻ سان گڏ يارويس، مھربان، ھڏ ڏوکي، باھمت تنظيم ڪار ۽ کاھوڙي محقق آھي. سندس شاعريءَ ۾ پنھنجي ڌرتيءَ سا پيار، ڌرتيءَ جي حسناڪين جي تعريف ۽ ھو يارويس، رومانس ڀري شاعري شامل آھي. ھن مجموعي ۾ غزل، نظم، وايون ۽ ٽيڙو شامل آھن. ھر صنف ۾ سندس خوب وڻندڙ ۽ مَن کي موھيندڙ مواد موجود آھي.
ھي ڪتاب 2012ع ۾سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي صاحب خان سورھہ ميراڻيءَ جي سھڪار سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي