تصوف

ڪبير جو فلسفو

ھن ڪتاب ۾ ھندو مذھب جا اصول ۽ ارتقا، ڀڳت ڪبير جي طرز زندگي، ڀڳت ڪبير جي فلسفي، سندس تعليم ۽ ھدايت، صوفي ڪبير ۽ اتر ھند جي صوفين بابت تفصيلي طور لکيو ويو آھي.

Title Cover of book Kabir Jo Filsifo

سنڌسلامت پاران

سنڌسلامت ڪتاب گهر پاران ماڻڪ ڪنگراڻيءَ جو لکيل ڪتاب ”ڪبير جو فلسفو“ اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.
هر دؤر ۾ اهڙا روشن دماغ ۽ اعلى خيال بزرگ پيدا ٿيندا رهيا آهن جن دنيا جي مقرر ٿيل واٽ کان هٽي ڪري پنھنجو دڳ گهڙيو ۽ فرسودہ رسمن ۽ رواجن کي ننديو ۽ دنيا کي مذهبي رياڪاري کان هٽي ڪري حق پرستيءَ جي تلقين ڪيائون ۽ انھن حق پرستن جي گروهہ ۾ صوفي ڀڳت ڪبير صاحب جو مقام پڻ نھايت اعلى ۽ ممتاز آهي. ھن ڪتاب ۾ ھندو مذھب جا اصول ۽ ارتقا، ڀڳت ڪبير جي طرز زندگي، ڀڳت ڪبير جي فلسفي، سندس تعليم ۽ ھدايت، صوفي ڪبير ۽ اتر ھند جي صوفين بابت تفصيلي طور لکيو ويو آھي.
ھي ڪتاب 2003ع ۾ سنڌ بڪ ڪلب پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

 

نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي