مختلف موضوع

ڪچ ڪوڏيون (فڪري مضمون)

” ڪچ ڪوڏيون “ نامياري ليکڪ عطا حسين موسوي صاحب جي مضمونن جو مجموعو آهي جيڪو 1958ع ۾ سنڌ پرنٽنگ پريس، حيدر آباد پاران ڇپايو ويو.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو:

”ڪچ ڪوڏيون“ ھڪ سنڌي شخصيت جي فڪر جو نتيجو آھن ۽ عام سنڌي ٻوليءَ ۾ ورجايل آھن. ھنن ۾ نه ڪنھن ٻئي جي خيالن جي نقالي آھي ۽ نه ترجمو، عبارت ۾ نڪا جڙتو علمي ڪڇ وھٽ آھي ته نڪا عقل ٺلي ٺاھ ٺوھ. ھي دل جا دليل ۽ خلوت جا خيال آھن جي جيئن زبان تي چڙھيا آھن تيئن سئون سڌو سپڪ سنڌي ٻوليءَ ۾ ظاھر ڪيا ويا آھن. مصنف بلڪل عام عنوانن کي نھايت دلچسپ پيرايه ۾ پيش ڪيو آھي. سلوڻن لفظن، ٺيٺ سنڌي محاورن ۽ ننڍن سپڪ جملن سندس اسلوب بيان کي ھڪ انوکي نوعيت ڏني آھي. سندس عبارت ۾ اختصار آھي نه اپٽار. مگر مختصر عبارت جي باوجود معنيٰ مبھم نه رھي آھي.
  • 4.5/5.0
  • 4956
  • 806
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڪچ ڪوڏيون (فڪري مضمون)

نذر عقيدت

مان ھي چند پريشان خيالات
الله جي انھن پيارن جي پيزارن ۾ پيش ڪريان
ٿو جن جي پيرن پڻي پارس آھي.

”پليء پائي ڪچ، آڇيندي لڄ مران“

به يادگار

جناب والد مرحوم سيد وڌيل شاھ موسوي
اعليٰ الله مقامه
جن جي
نظر فيض اثر مان ڪجھ سِکي ۽ لکي سگھيو آھيان.

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (233) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ” ڪچ ڪوڏيون “ نامياري ليکڪ عطا حسين موسوي صاحب جي مضمونن جو مجموعو آهي جيڪو 1958ع ۾ سنڌ پرنٽنگ پريس، حيدر آباد پاران ڇپايو ويو.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو:

”ڪچ ڪوڏيون“ ھڪ سنڌي شخصيت جي فڪر جو نتيجو آھن ۽ عام سنڌي ٻوليءَ ۾ ورجايل آھن. ھنن ۾ نه ڪنھن ٻئي جي خيالن جي نقالي آھي ۽ نه ترجمو، عبارت ۾ نڪا جڙتو علمي ڪڇ وھٽ آھي ته نڪا عقل ٺلي ٺاھ ٺوھ. ھي دل جا دليل ۽ خلوت جا خيال آھن جي جيئن زبان تي چڙھيا آھن تيئن سئون سڌو سپڪ سنڌي ٻوليءَ ۾ ظاھر ڪيا ويا آھن. مصنف بلڪل عام عنوانن کي نھايت دلچسپ پيرايه ۾ پيش ڪيو آھي. سلوڻن لفظن، ٺيٺ سنڌي محاورن ۽ ننڍن سپڪ جملن سندس اسلوب بيان کي ھڪ انوکي نوعيت ڏني آھي. سندس عبارت ۾ اختصار آھي نه اپٽار. مگر مختصر عبارت جي باوجود معنيٰ مبھم نه رھي آھي.
اسان ٿورائتا آهيون سائين شاهنواز سومري صاحب جا جنهن ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي.
اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com

پيش لفظ

ورھين کا وٺي سنڌي ادب جي واڌاري تي ويچار پئي ٿيا آھن. سَڌون ڪندي سال گذري ويا آھن. ھيءُ وقت آھي جو انھن ويچارن کي عملي جامو پھرائجي. ھٿ ھٿ ڪرڻ سان ڪم ٿي پوندو ورنه ھي نازڪ موقعو ھٿان وڃائي ھميشہ لاءِ پڇتائڻو پوندو.
ھن وقت سڀني سمجھدارن کي سنڌ جي بھبودي ۽ بھتريءَ جي اون آھي. ھي احساس سنڌي ادب جي ترقيءَ لاءِ به ھڪ نيڪ فال آھي مگر ان جي خاص ذمه واري اھلِ علم تي آھي. نھايت خوشيءَ جي ڳالھ آھي جو جناب عطا حسين شاہ صاحب موسوي پنھنجي طرفان جو حال سو حاضر جي مصداق، ھي ”ڪچ ڪوڏيون“ به آڻي سنڌي نثر جي نذر عقيدت ڪيون آھن.
سنڌي ادب جي بنياد مضبوط ڪرڻ لاءِ سنڌي نثر کي زور وٺائڻ ضروري آھي. اول ته سنڌي نثر جو سرمايو ٿورو آھي؛ ٻيو ته ان جو وڏو حصو ڌارين ٻولين ۽ خيالن جو ترجمو آھي ٽيون ته وري ان کي سنڌ جي شھري ٻوليءَ جو لباس پھرايل آھي. آينده ترقيءَ لاءِ ضروري آھي ته سنڌ جا نثر نويس ڪو پنھنجو ذاتي وَکر پنھنجي عام ٻوليءَ ۾ پيش ڪن.
”ڪچ ڪوڏيون“ ھڪ سنڌي شخصيت جي فڪر جو نتيجو آھن ۽ عام سنڌي ٻوليءَ ۾ ورجايل آھن. ھنن ۾ نه ڪنھن ٻئي جي خيالن جي نقالي آھي ۽ نه ترجمو، عبارت ۾ نڪا جڙتو علمي ڪڇ وھٽ آھي ته نڪا عقل ٺلي ٺاھ ٺوھ. ھي دل جا دليل ۽ خلوت جا خيال آھن جي جيئن زبان تي چڙھيا آھن تيئن سئون سڌو سپڪ سنڌي ٻوليءَ ۾ ظاھر ڪيا ويا آھن.
مصنف بلڪل عام عنوانن کي نھايت دلچسپ پيرايه ۾ پيش ڪيو آھي. سلوڻن لفظن، ٺيٺ سنڌي محاورن ۽ ننڍن سپڪ جملن سندس اسلوب بيان کي ھڪ انوکي نوعيت ڏني آھي. سندس عبارت ۾ اختصار آھي نه اپٽار. مگر مختصر عبارت جي باوجود معنيٰ مبھم نه رھي آھي.
معنوي لحاظ سان به مضمونن جو ھي مجموعو نھايت قيمتي آھي. ھر مضمون ۾ مصنف جي طبع داد خيالن ڪو نئون نڪته نروار ڪري نئين ڪيفيت پيدا ڪئي آھي. مصنف پنھنجو مزاحيه طرز بيان سان چپي چپي سماج جي ڪن عام براين تان پَن لاھي انھن کي اھڙيءَ طرح پنھنجي اصلي روپ ۾ ڏيکاريو آھي جو پڙھندڙ جي دل ۾ ازخود انھن جو احساس پيدا ٿئي ٿو. درحقيقت سندس مذاق ۾ ھڪ تلخ تنقيد سمايل آھي. ”جي نوٽن جو مينھن وسي ته“ ھوند پئجي وڃن ”ماڻھن جون رڙين مٿي رڙيون اڙي اھو سو روپئي جي نوٽن جو ڪڪر شل ھتي وسي ته بُک ڀڄي پوي. او خدا! ايڏانھن نه موڪل اھي اڳيئي ڍاول اٿيئي. ڀريا پيا ڀربا“ مضمون پڙھندي جيڪڏھين مصنف جي شخصيت جو اندازو لڳائجي ته معلوم ٿيندو ته: زبان تي ٽھڪ مگر دل ۾ درد ۽ اکين ۾ آنسو اٿس.
دل چڙھيا خيال ۽ زبان چڙھيا الفاظ ڪٿي مِٺا ھوندا آھن ته ڪٿي کھرا. ساوا سلا ضرور کيڙيءَ جي کڙن ۾ اسرندا ۽ قيمتي ھيرا ضرور پٿرين سان گڏوگڏ ملندا. ھي ”ڪچ ڪوڏيون“ ۽ کرکڻا آھن جن ۾ نظر وارن کي سوين موتي ۽ امل ماڻڪ نظر ايندا.

اپنے پہ کر رھا ھون قیاس اھل دھر کا
سمجھا ھون دلپذیر متاع ھنر کو مین

خادم العلم
نبي بخش

حضرت انسان

اي حضرت انسان تو ۾ ٻل ڪيترو جو تون رکين ايڏو شان! ڦنڊين ۽ ڦوڪجين تون گھڙيءَ جو مھمان! ڇو توکي ايڏيءَ وڏائيءَ وڪوڙيو ۽ ورايو آھي . تو ۾ اھا طاقت نه آھي جو کڻين مڇر سان منھن ڏين . پوءِ ڇو پيو بي سود پاڻ ھلاڪ ڪرين؟ سياڻن چيو آھي ته ” اھو ڪي ڪجي جو آئيءَ ويل ڪم اچي. “ تون به اھو ڪجھ ڪر جو ھن دنيا مان لاڀ لھين . تنھنجو ته ايترو وت آھي جو ھتان نڪتين خوش چڱو ڀلو، ھتي اوچتو جھڙپ آييءِ ته مائٽ مٽ سنگتي ساٿي به ڪين رسييءِ جو کڻي پاڻيءَ ڍڪ ڏيني ، اکيون وٺني ۽ ھٿ پير ٺاھني . سبحان الله! خبر ئي ڪانھي ته ڪٿي انسان جو مٽيءَ پنوڙو جاءِ لھي. ڌڻيءَ جي جوڙ جو انت ئي ڪونھي. ڪو ويچارو ويس وڳا ڪري شاديءَ تي ھليو ۽ سمجھيائين ته شادي خانه آبادي ٿيندي ، پر انھيءَ پل ھن واسطي بربادي ۽ ناشادي . ڪو وري سک سمھيو ۽ سمجھيائين ته اھيئي ڳالھيون مھاڙيون آھن .

” ستين ڪھڙي سار ، وڄ کوندي ويسرا ،
تو جيڏا تو يار ، لھرين لھوارا ڪيا .“

پر ڪيترو سک سمھڻ ۽ ڪھڙا شادمانا ڪرڻ! گھڙيءَ جو چٽڪو۽ لٽڪو، دنيا جا دور پيا خبر ڏين ته جو اڳي ھو سو ھاڻي نه آھي ، ۽ جو ھاڻي آھي سو پوءِ نه ھوندو. يار! سدا بھار!!اڄ جو تون ڦڻي ڦوڪارو ڪري ٺٺ ٺانگر سان رستن تي رھاڻيون پيو ڪرين ڪيتري نه خلقت جي دلين کي دونس ڏيندو ھوندين ڪيترين جانين کي جنجال ۾ جھوريندو ھوندين . آھي ڪو پتو؟ ڪک ھيٺان لک پيو آھي . ذرا ڪنڌ ھيٺ ڪري ڏس ته ڪيترا جيوَ تنھنجي پيرن ۾ پيا چيڀاٽجن . ڪا نظر ڌر. ڪين رڳو نازڪ خرامي! اھا ٽور۽ اھو ٽلڻ ڪيستائين؟ اڄ البيلائيءَ جا انگل ۽ آر، سڀاڻي جوانيءَ جا ڏار ڦاڙ ته پوئين پيريءَ جي پڇاڙ. ٻن چئن ڏينھن ۾ ئي خاتمون!

” سالڪن سمجھي چيو ايءَ آھه دنيا ڏينھن ڏون “

سردار! تون دنيا ۾ سڀ مخلوق جو سردار آھين . تون سر خدائي ڪري ڪوٺيو ويو آھين . تون اخلاقي پتلو ۽ سھڻو ۽ تنھنجي صورت ۾ ثاني ڪونه . ڀلا ڇا نه تو ۾ آھي؟ ڇا نه ، سڀ ڪجھ . اخلاق ۽ حسن ، ڪرم ۽ رحم، مروت ۽ جوانمردي ، سڀڪجھ اندر ۾. وڻيئي ته نھال ۽ باغ بھار ٿي نھار۽ وڻيئي ته شوخ ستمگر ٿي ڪر ڪم ڪار، ٻئي تنھنجي اختيار . اڄ تون گل ٿي خندہ پيشاني ٿيندين ته ٻيا ٻه چار به توکي ڏسي خوش ٿيندا ، مگر جي ڪانڊيري وانگر ڪنڊا ھوندءِ سڀ ڪو پيو پري ڀڄندءِ . جي سونڊ پائي ھلندين ته ڇا ڪنھن کي وڻندين؟ سڀ ڪو منھن ڦيرائي ھليوويندو.ڏس! باھ گرم آھي ته ڪيتري قدر ماڻھو ان کان پري رھندا آھن . تون گرم مزاج نه ٿيءُ ، نه ته پوءِ توسان ڪنھن جي به مروت ۽ محبت نه ٿيندي . سختي ۽ سخت ڪلاميءَ کي ماڻھن ھميشه ننديو آھي . ڏس ته جوڳي ڪيئن مرليون وڄائي نانگ جھڙي خوفناڪ جيوَ کي ريجھائي ٻر مان ٻاھر ڪڍندا آھن ۽ ان کان لھر ڪرائيندا آھن . ھاٿي ڪيڏو نه پربت جيڏو جانور آھي، تنھن کي ماڻھو وٺي پيا نچائن . تون پنھنجي مٺي آواز جون مرليون ، اخلاق ۽ مھربانيءَ سان ڀريل وڄاءِ ، ته ماڻھو تنھنجا ٿين ۽ اھا آھي تنھنجي سرداري!
رازدان الاھي! تون خدا پريمين يا محبن سان راز و نياز سان ھل . ڏس ته ھن جھان ۾ ڪھڙا نه راز رکيل آھن . تون به الله جو عاشق آھين . عشق مان ئي ڪائنات جي رازن جون راھون ۽ قادر جي قدرت جون ڪنجون ھٿ ايندءِ . پکين کان پريت پراءِ .

” وڳر ڪيو وتن ، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن ، ماڻھنان ميٺ گھڻو .“

محبت جو سدا صاف گل ھٿ ڪر، پيار سان اٿ ويھ ، پيار سان ھل چل ، پريت جو پيالو پيءُ، ۽ پيار سان پڙھ ۽ پرجھ . اھو آھي راز!
دنيا ۾ داس ٿي ھل . دنيا دورنگي آھي . ھو ٻھروپڻ وانگي ويس بدلائي موھڻي پئي ڏيکاري ۽ بار بار پئي موھي . آخر ۾ پنھنجي بدزيبي شڪل ڏيکاري توتي ڀي کلندي ، تڏھن تنھنجا نشا ٽٽندا ۽ دماغ جا پردا کلندا . ھلي قبرستان ۾ ڏس ته توکي عبرت وٺندي ۽ حيرت لڳندي ، جتي اميرن جي قبرن تي زربفت جا پڙ پيا پون ۽ مجاور پيا سٽون ڏين . شايد چاپلوس پيا ڦيرو پائيندا ھوندا . اھي ته جاڏي ڏسن ڍيري تاڏي پائن ڦيري . يا ته ڪي ماڻھو نقش نگار ۽ چٽسالي ڏسڻ لاءِ قبن ۾ پيا نظر ايندا . ھيڏانھن ديناناٿ ديالوءَ جي داسن جون ڏيوريون ۽ فقيرن جون زيارت گاھون ڏس ته سوين امير اچي پيا پيشانيون گسائين ، آزيون نيازيون ڪن ، مٿو پيا ٽيڪين ، سکائون پيا باسين ، ۽ دعائون پيا گھرن .

” جاڳي جنھن ياد ڪيو ، ساري رات سبحان ،
ان جي عبدالطيف چئي ، مٽيءَ لڌو مان ،
ڪوڙين ڪن سلام ، اچي آسڻ ان جي .“

ڏس ته ڪيڏو نه فقيرن جو مرتبو آھي، جو فقط سندن پويان ٻاھر پير ڪڍن ته سوين پيا سلامي ٿين ، ۽ اڪير وچون پيا چون ته ھي فلاڻي پير جو گادي نشين آھي ، ھي فلاڻي مسند يا ٻائي جو گادي سر آھي . سبحان الله! ايڏو اثر ۽ رعب فقيرن جو! ڪھڙي مجال شاھاڻي شان ۽ شوڪت کي جو سامھون ٿي بيھي . اي سر جا وار ، چمڪيدار ، آخر مٽيءَ ۾ خوار. ڪاڏي ويندءِ اھو چمڪاٽ ته ڪاڏي ويندءِ اھو ڦڻي ڦوڪار؟ اڄ ڪارا ته سڀان اڇا ، ڪڏھن ڳاڙھو گھوٽ ته ڪڏھن مڙھ مقام ۾، ڪڏھن تخت تي ته ڪڏھن تختي تي ، منھن مقام ۾ پاءِ ته ڪھڙو نه رنگ رچيو پيو آھي! آھي ڪو پتو سھڻي من موھڻي جو؟ آھي ڪو نشان ڪني ڪاري ڪوجھي جو؟ نه ، سڀڪو پوتي تاڻيو پيو آھي . تڏھن حضرت انسان! نوڙت ۽ نمرتا سک . سَرن کان سبق سک، ھو واءُ جي جھوٽي مھل نِوڙي ڌرتيءَ تي ڪنڌ نمائيندا آھن ته سلامت رھن . نِم جو ڪيڏو نه ڳورو وڻ آھي پر جئن جو واءُ لڳڻ مھل سڌو سنئون ٿي بيھندو آھي ته ھو پاڙون پٽبو آھي . ” نوڙت منجھان نھال ، تون البت ٿيندين آدمي .“ سَرن جي نوڙت ڏٺيءِ ۽ نم جي خودي ، ٻنھي جي پڇاڙيءَ جو قاضي تون ٿيءُ . اي حضرت انسان! اي سر رحمان! تو گل جو مثال وٺي خندءِ پيشاني ٿيءُ . سَرن کان نياز سک . پکين کان پريت پراءِ ته ائين ڪوٺبين حضرت انسان! ۽ اھو آھي دنيا جو لاڀ .

حياتيءَ جي حيرت

سرءُ جا ڏينھن آھن . تپاولي ملڪ کي گھيري ويئي آھي . شاھوڪار پنھنجي شاھاڻي پوشاڪ ۾ ڪنبل ۽ لويون ويڙھيو تپ جي توَ ۾ به دنيا جا خواب ڏسي رھيا آھن. مگر غريب ويچارا ڦاٽين ٽٽين رلين ۽ گودڙين ۾ پاڻ کي لڪايو ھڙ ھڙ ڪندا وتن . غريب زالون ۽ ٻھراڙيءَ واريون ته ويچاريون مٿي جي سور کان پٽي ٻڌيو ڦرنديون گھرنديون وتن . ڪڏھن تپ سخت لوڏو ڪڍين ته ڊھي پون . ڇا جا حڪيم! ڇا جا طبيب!! چي الله مڙيئي چڱي ڪندو . وسوئي ڪونھي . سرءُ سکيري آھي ، رڳي ليٽ پيٽ ، سڀان تي نوبه نو . ڪاٿي ڪاري پئي ٿئي ٿي ته ڪاٿي ڪاري پئسي لاءِ پيٽ کي پٽيون ٻڌيو گذر پيا ڪن، پاڻي ڪانجھي لھي رھيا آھن . وڻن ٽڻن جا پن به ڇڻي ڇڻي رھيا آھن ۽ ھوا انھن کي ڌوڪي ڪٿان جو ڪٿان جا سير پئي ڪرائي . پنن تان پير گسائيندو، سر سر جا آواز سڻندو ھيڏانھن ھوڏانھن واجھائيندو ، عجيب عجيب خيالن سان دل کي بھلائيندو اچي دريا جي ڪپ تي نڪتس . ڪپ تي ويھي پاڻيءَ ۾ ٿپ ٿپ ڪري ھٿ ڇاڇلائڻ لڳس . ايتري قدر جو ان جا ڇنڊا منھن ۾ ٿي پيا . وري ڪنھن مھل ھوريان ھوريان اندر ھٿ ٿي وڌم جو وڃي تر ٿي ورتائون ، ڪنھن مھل ھٿ جو بند ٺاھي پاڻيءَ کي ٿي جھليم. مگر پاسن کان پاڻي وھي ٿي ھليو. ڪنڌيءَ کان پاڻي ھوريان ھوريان ٿي وھيو، پرتي ڪجھ تکو ۽ وچ سير ۾ تيز تکو .ڪٿان ڪٿان ننڍا وھڪرا ٿي ڦٽا ، ڪٿي ڪُن ٿي ڏسڻ ۾ آيا ته ڪٿي چادرون ٿي ڦاٽيون . وري سير کان پوءِ پاڻي ماٺيڻو ٿي وھندڙ ڏسڻ ۾ آيو. انھيءَ مھل خيال آيم ته ماڻھوءَ جي حياتي به ائين آھي . پاڻيءَ کي زور سان ٿپ ٿپ ڪرڻ مان اھو انومان ڪڍيم، ته جي فطرتي زندگانيءَ کي ڇاڇولبو ته ضرور آڏو ايندي ، جو جئَن مون کي ڇنڊون ٿي پيون . وري ھوريان ھوريان ھٿ ھيٺ ٿي ڪيم ته ھٿن تر ٿي ورتو ۽ جيڪي تر ۾ ھو سو ھٿن تي ٿي لڳو. انھيءَ مان معلوم ڪيم ته دنيا جي انڌوڪارن ۾ وچئون، جو ماڻھو ھوريان ھوريان چپ چپاتيءَ ۾ ڪم ڪري ٿو ۽ ڪم آزار رھي ٿو، سو ضرور لعل لھندو ۽ منزل مقصود تي رسندو. وري ھٿن سان پاڻي جھلجي نٿي سگھيو.

انھن خيالات ۾ غلطان ھيس ته اوچتو گويا جاڳي پيس ۽ ”ھون“ ڪري ڪنڌ مٿي کڻي چيم ته مار! قادر جي قدرت!! اھا ڳالھ ته عالم آشڪار آھي جو اسين وقت کي زنجير وجھي نٿا سگھون . ھي ته فقط خدا تعاليٰ پنھنجا اسرار ڪائنات تي وڇائي ڇڏيا آھن ته سچا سورمان سڀ جو سچ ڏسندڙ، قاعدو ڪلي سرشٽيءَ جي ھر ھڪ جزي مان ڏسن . سو پاڻيءَ جو وھڪرو آھي عمر جو وھڪرو . سو جيئن ھو نه پي جھلجي سگھيو تيئن ھي به ڪيئن ٿيندو. ڪنڌيءَ کان جو پاڻي ماٺيڻو ٿي وھيو، انھيءَ مان سمجھيم ته ٻاراڻي اوستا ۾ ائين ماڻھوءَ کي راند روند ۾ وقت گذرڻ جو پتو ئي ڪونه ٿو پوي ۽ ماٺ ميٺ ۾ وقت لنگھي وڃي ٿو. حياتيءَ جي درياھ ۾ جي اڳتي ويو ۽ نفساني خواھشن جي وھڪرن اچي ورايس، ۽ اڍنگن سڍنگن ٽپن ڏيڻ لاءِ تيار ٿيو ، ته امڪان آھي ته نفساني وھڪرا کيس پنھنجي قبضي ۾ آڻي ڪنھن ٽڪر سان ٽڪرائي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏينس . سير تي جو نظر پئي ھيم ته اوچتو ڦوھ جوانيءَ جو خيال آيم ته ھائو! ھائو! جيئن حياتيءَ جو وچ جواني، تيئن درياہ جو وچ سِير. سير ۾ پاڻي ڏاڍي زور شور سان پيو وھي ، آواز چوڌاري پيو پکيڙي . انھيءَ مان خيال آيم ته سچ ڪين جوانيءَ جي وقت رت بدن ۾ پنھنجي پوري زور شور سان تنديون ڏيکاري وھندو آھي، تنھنڪري ان جو اثر ٻاھرين ڦرڻ ٽڙڻ تي پيو پوي . اتي عشق ۽ عقل جون لھرون اچي ھٿين بجين پون، پوءِ جيڪو ڏاڍو سو گابو. مگر انھيءَ ھاءِ ھوءِ جي آوازن جو پڙلاءُ ھيڏي ھوڏي وڃي وڌندو ۽ عالم ۾ ظاھر ٿيندو. جھڙي طرح سير جي لھرن جو آواز پرتي پيو ٻڌڻ ۾ اچي. انھيءَ زماني ۾ انھيءَ واڄٽ جو آواز ماڻھوءَ کي اھڙو ته ٻوڙو ۽ بي سمجھ ڪريو ڇڏي ، جو پنھنجي ٻيڙي ٻڏڻ ۽ ترڻ جو پتو ئي ڪونه پويس . تان جو اھا دنيوي سير اھڙو ڇو ڇو ڪري ڇڏيس جو پوءِ پئي خبر پويس ، ته اڙي ھي چار ڏينھن ڇا جا ھوا! اھو ويلو ھٿ نه آيو جو کڻي ھوش اچي ھا . جيترو ماڻھو وڌيڪ ڪم ۾ رڌل ھوندو اوترو ھن جو وقت تکو گذرندو. سو اھو ويلو ته آھي وھانو وڳي ۽ عيش عشرت جو. انھيءَ خيال ۾ مونکي وڌيڪ پري پيريءَ جي پنڌ ۾ نھارڻ لاءِ آنڌ مانڌ ٿي . اتي خيال آيو ته پيريءَ جي رنجھ ڪنجھ ڪانه ٻڌي اٿئي؟ اتي ڏسين ڪين ٿو ته سير کان پوءِ درياھ ڌيمي ڌيمي ٿو ھلي .

اھا آھي حياتيءَ جي پيريءَ جي منزل . جنھن مھل پوئتي موٽڻ جو وقت آيو ته دم به پٺتي ھلڻ لڳا ۽ ان سان نبض به اھڙي . بدن جي باھ ۽ رطوبت به گھٽ ٿي . انھيءَ حياتيءَ جي دوري ۾ سمجھ ، ٻوجھ ۽ ٻڌي سڌي سڀ پويان پير وٺڻ لڳيون . سنج سڀيئي ساڻ پر جوڀن ريءَ جڏا ٿيا . پوءِ وايون ٿيو ولڙيون ، ڍڍر ٿيا ڍرا ، ڇڪا پيا ڇڙي ، رڳي آنڌ مانڌ! ” ھيئن ٿو ھٿ ھڻي جڏھين آيس ڪال ڪرپال چوي“. ڪري سو ڪري ڇا! پنھنجون اڳيون ڳالھيون ياد ڪريو پيو افسوس کائي! جوان مڙسن کي ڏسي اکين ۾ آب پيو آڻي . جڏھن ھڪ ڀر تي آھي ته ٻيءَ ڀر جا ليڪا ڏسڻ ۾ پئي آيا مگر ھو جڏھن سير لنگھي ٿو تڏھن اھي ليڪا صاف صورت وٺي ٿا بيھن ۽ جھڙا دليل ھوندس ۽ سودا سمايل ھوندس، اھي سمورا پنھنجون پنھنجون شڪليون وٺي منھن پوندس . اھا آھي حياتيءَ جي حيرت! جو ھو به ھو درياھ جي علحدہ علحدہ وھڪرن جا وارا پئي منھن تي وجھي .

” برسر جويبار بنشين و گذران عمر ببين “

دوست

انجيل مقدس ۾ لکيل آھي ته ” خدايا! مونکي منھنجن دوستن کان بچاءِ! “ چوندا آھن ته دل جي خبر ھڪ چوندڙ کي ٻي دلين جي مالڪ کي . چوڻيون ۽ ڪھاڻيون به وقت ۽ سمي سان پيون ڦرن ، خيال ۽ ويچار ھر ھڪ دور ۾ مختلف طرحن سان ٿا گھڙجن ۽ جڙن ، ھر ھڪ دين ۽ ڌرم ۾ الڳ الڳ پھاڪا ۽ اصطلاح پيا ايجاد ٿين . تنھنڪري راز ۽ لِڪ جي سٽا ۽ مامَ عام کي پئجي نٿي سگھي . پر تڏھن به ٿوري گھڻي غور ۽ فڪر کان پوءِ ڪن نڪتن تي روشني پئجي سگھي ٿي .
دنيا ۾ يار ٽن قسمن جا چيا وڃن ٿا . زباني ، ناني ۽ جاني . زباني جي نالي چيو وڃي ٿو ، ته انھن سان مروت ، مھرباني ۽ خُلق سان پيش اچو ۽ ان کان اڳتي نه وڌو. ناني کي ماني ٽڪر کارائي، مھمانداريءَ جا حق ادا ڪري ، خدا حافظ چئو ۽ جانيءَ جي مٿان سر ساھ صدقي ڪريو . ظاھر آھي ته ايڏي ساري پاڪ آسماني ڪتاب ۾ ارشاد، پھرين ٻن قسمن جي دوستن لاءِ نه آھي ، ڇا لاءِ جو اھو ھڪ کليل راز آھي ، ته انھن مان لاڀ ليکي جي اميد ڪانھي . پر ھيءَ منشا ۽ مراد ٽئين قسم جي دوستن لاءِ آھي جن جي سچائيءَ ۾ رتي ماتر به ڦير ڪونھي . پر اھي ڏاڍيءَ سادگيءَ يا محض بيوقوفيءَ کان اھڙو نقصان ٿا پھچائين ، جن جو ھنن کي خواب خيال به نه ھوندو. اھڙا ماڻھو ٿوري ۾ ٿورو ته پنھنجي دوست جي حد کان زيادہ ساراھ ڪري ھن لاءِ ٻين وٽان حسد ۽ ھوس جاڳائين يا گھٽ ۾ گھٽ وقت وڃائين . ھتي اھڙا چند واقعا ڏيڻ بي جا نه ٿيندا .
مثلاً، ڪنھن وقت الف کي ڪاٿي تقرير ڪرڻي ھوندي . ب ھن جو خاصو دوست آھي . ھيءُ صاحب تمھيدي تعارف ۾ الف جي ساراہ ۾ ڌرتي آسمان ھڪ ڪندو ، جو ٻڌندڙ ائين سمجھندا ته ”اڳي ڪونه آيو ڀير تنھنجي ڀان.“ وري الف يعني مقرر خيال ڪندو ته ساراہ جي پد ۽ پائي جي مقابلي ۾ ضرور ڳالھائي . پوءِ ويٺو سٺي ڳالھائڻ ۽ خيالن ظاھر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، تان جو خيالن ۾ اھڙو منجھي ويندو، جو جيڪي ھونءَ چوڻو ھوندس ، تنھن جو اڌ به نه ڳالھائي سگھندو، يا ته مورڳو ھيسجي ويندو . مڙيئي اھا فلڪ ڪانه ڏيکاريندو. اھڙا ڪئين واقعا ٿيا آھن .
ٻيو واقعو ملاحظه لاءِ عرض آھي . ھڪڙي وقت مونکي ڪجھ لکڻو پيو، جو ڪٿي پڙھڻو ھو. سو سھي سنڀري ويٺس لکڻ ، ايتري ۾ ھڪڙو صاحب لٺ زمين تي ھڻندو، ٿو ٿو ڪندو اچي وارد ٿيو. مون سمجھيو ته پھرين ٽڪي کير ڀري. ھاڻي ھي صاحب مٿو کائي ويندو. سو خوش خير عافيت
ڪري پني ۽ مس ڏانھن ڏٺم. جنھن مان ظاھر ھو ته صاحب سمجھي ته مونکي ڪجھ لکڻو آھي ۽ وڃي ٻئي ڪمري ۾ جائيتو ٿئي . پر ھتي ته ھو، ” اڄ نه اٿان سڀان اٿان.“ ميرن ۽ پيرن جي ڳالھين ۾ اچي ڇٽو. چي عليمراد ڪون سڏاوي؟ اھڙو توبچي نه ٿيو نه ٿيندو.جيترا جانور لنگھندا اھي ماربا. ھر ھڪ لاءِ چئبو ته ھنکي مٽ ۾ لڳي . ھن کي ڪن جي پاڙ ۾ وغيرہ . بندوقن جو کرو اڳيان پيو ھجيس . ھڪڙيون پيون ڀرجن ۽ ٻيون پيون خالي ٿين . بندوق اڏيءَ تي آئي نه آھي، عزرائل جانور کي سٽ ڏني نه آھي! وار خالي نه ويندو. لَڙھندڙ ڏيئي مان وٽ اڏائيندو ھو! شڪاري پکي ته پنھنجي ليکي، باز، باشا ، زرا ، شڪرا ، ھر ھڪ تي نظر ھوندي ! ماءُ وري اھڙو نه ڄڻيندي . شاہ سائين پير به پير ھئا! امير ھئا! پنھنجو مٽ پاڻ ھئا! سڄو ڏينھن ڪچھريون لڳيون پيون ھجن . ھڪڙا اُٿن ته ٻيا اچن ، پر پاڻ نه ٿڪجن . وڏن جي ڪمائي آھ . لڏي ويا پر پوين کي اڏي ويا . مون به چڱو وارو وٺايومانس ته ڪيئن مرحوم مير صاحب ولر جو شڪار ٿر ۾ ڪيو. سٺ ھرڻ آيا ته ھڪ به واپس نه وريو! ورائي ھٿ ٻڌي عرض ڪيو ته سرڪار! ھن مڙھيءَ ۾ اھي ھرڻ ھئا . حضور جن ٻئي ھنڌ ويھن ته ھي ٻانھو حاضر آھي . مير صاحب کيس ۵۰۰ رپيا روڪ عطا ڪيا ، لونگي پھرائي ۽ چيلھ سان ترار ٻڌائي . ھا سائين! ڏيڻ وارا به اٿي ويا! غم ڪونه ، خوشي گھڻي ، ھوس، حسد، نالي ڪاڻ نه لھ . ست ۽ سيل، سستائي ڏس ته ڏھين رپئي خرار، گيھ چارسير رپئي! گيھ به گيھ! گھڙين
پيو وڪامجي، چڻ چڻ رکيو آھي! پوءِ ماڻھن جون عمريون وڏيون ڇو نه ٿينديون؟ خير مس مس خدا دل ۾ وڌس جو چيائين ته سائين مان ته وڃي ڪوٺيءَ ۾ ٿو اھلان . مون دل ۾ چيو شڪر ٿيو جند ته ڇٽي .
اڃا ” صاحبو مان اوھان جو دل سان شڪر گذار آھيان جو “ تائين لکيم ته ڪڙمي آيو. چي سائين، اوھان جي پيرين پوڻ آيو آھيان . رسمي خوش خوش ڪري خبر چار لاءِ جيءُ چيومانس . چي سائين کير مٺو پيءُ .ڪمن ڪارين کي لڳا پيا آھيون . واٽر بند ٿي پيو آھي، سو البت پوکن کي سوڪھڙو آيو آھي . فصل به شڪر آھي چڱو موچارو ٿيو آھي . مڙئي ٻج ڀت لٿي چار داڻا بچندا . ھي چووايو ٿوري کس ڪندو . مھڙين لنبر مان لاھ ڪڍي ڇڏيا اٿم وغيرہ . مون پنھنجا احوال ٻن ٽپن ۾ ڏنا . ڀلا انگريزي دان ڇا ڄاڻن ، سوٽ بوٽ ۽ ڦڻي ڦوڪاري ۾ پورا . ھر ھر پيا عينڪ صاف ڪندا . مطلب ته ٽپڙ کٿل ، نظر چٽ ، ھڏائون پڃرو ، تندي ۽ تيزي . خودي ۽ خوءِ ، دين ڌرم کان آزاد ۽ آوارو. خير اھو اٿيو، ته پري سڏ ٿيو مانيءَ جو، خيال ڪيم ته ماني کائي ، پوءِ ٿو ڪجھ رھڙي وٺان . ماني کائي بس ڪيم ، ته ڇوڪر چيو ته ابا! ھڪ ماستر بيٺو آھي . مون سمجھيو ته ٻه ڪلاڪ چٽ . ڀلا ماستر ويچارا غريب! غريب جو ڀاڳ به غريب! بکيو شينھن سان گڏ کائي . ڪاڻيارا، ھٿ چيو نه ڪن سو ڇا ڪن . اڄ ڪلھ ڏني جو پٽ ڇٽو، ذات جو سکيو. اڻڀي سان پيٽ ڀرين پوءِ دماغ خالي نٻل ۽ نستا. زور رکن ڳالھائڻ تي . سو نه انجي ڳالھ مڪي ۽ نه جند ڇٽي . اڄ ڪلھ زمانو آھي ننڍ جو . قد ننڍا ، وار ننڍا ، قميص ننڍي ۽ سٿڻ ٻه تختي ، سو مطلب به ننڍو ھئڻ گھرجي . سو ڇا ڪريان؟ چوانس ته بس ٺھيو! ته به بد اخلاقي . خير ڏٽو ڏئي چيومانس ته سڀاڻي آفيس ۾ ملنداسين . دنيا آھي ڪوڙ. سو جيسين ڪوڙ نه گڏ ، تيسين سچار ڪونه چويس . اگرچ سچ جي ٻيڙي لڏي لڏي ، ڪين ڪڏھن سا ٻڏي ٻڏي .پر اڄ ڪلھ جي چاليءَ دانا ديوانا ڪري ڇڏيا آھن! چون ته سچ مرچان، ڪوڙ ڳڙ، پير پئسا، جوءِ گر.
سو ويھي دل ۾”شل اٿي، شل اٿي“ جو ورد ڪيم. ايتري ۾ ھڪ زميندار دوست اچي سھڙيو. اسلام عليڪم، وعليڪم سلام! ڀلي آيا، سدا آيا، جيءُ آيا، نچ آيا! ماستر صاحب کي اٿڻ لاءِ ڪافي سبب ھو، پر ويٺو رھيو. نيٺ منھان لاھي چيومانس، ته سائين سڀاڻي آفيس ۾ ملنداسين. خدا جا لک شڪر. اڍائي ڪلاڪن کان پوءِ اٿيو. پوءِ وڏيري سان خوشان خوش ڪيم. چي سائين!موٽر وٺي آيو آھيان. مرون جو الڙ آھي. ھل سائين ڪتن جون ٻھڪارون ته ٻڌ. بس سائين ھنج ۾ ويھاري کارائجن. جيءَ ست انھن جا؛ جو نڪا ڪن ھم نڪا ڪن تم، ڌو وڃي منجھ پوندا. ھنن جو مشاھدو ته ڏس. مون چيو ته سائين مونکي ڇڏ مونکي ڪجھ لکڻو آھي. چئو سائين! انھين ڪوڙين ڪاڳرين ڪنون ڪجھ نه ٿيسين؟ ڇا ڪريان؟ ڪاڏي وڃان؟ ڪيئن ڪريان؟ جنڊ کڻ ته جنڊ ڳورو، پُڙ کڻ ته پُڙ ڳورو.خدا جو نانءُ، قسم قران، زوريءَ وٺي ھلندوسانءِ، ماڻھو ڇا چوندا ته شاھ نه آيس، اھا منھنجي گھٽتائي آھي. ھي عزت جو سوال آھي. مار! اڃان ته ڪو ڪم کڻي ڪونه آيو آھيان. سٽ پنڌ جي آھي، موٽر اڳيان ٻه منٽ. رات جو ٻه لفظ لکي ڇڏجانءِ. مھيم کي مٿو ٿورو ڏيڻو آھي. ڄڻ ته ايندا پلوفيسل جو مڙس کي ويھي خيال ڪرڻو آھي. بابا! اصل نه ڇڏيندوسانءِ. ھل، نه ته گار کڻندس.
خير، قھردرويش برجان درويش. موٽر جھٽ ڪري ورتو. چڱو جو آيس. راڄ ماڻھن جا اکيون لاتيون بيٺا ھئا. الڙ ٿيو پورو. مون موڪلائڻ جو خيال ڪيو. چيائين ته ائين وري ڪيئن ٿيندو؟ اڃان سُڪر سڻائي آھي. اَنن جا اگھ به چڱا آھن. لنگھڻ شل دشمن به نه وڃي. بس ماني تيار آھي. ماني رکجي وئي. ڏٺي ڍو ٿي ويو. اڇو ڀنو، ڪوفتا، ٻن ٽن قسمن جا ٻيا ٻوڙ، دولمو، تتر پڪل، ڇيلو سجي ٿيل ۽ ٿھو اڦراٽن ۽ ست پڙن جو، ٻه قاب قلاءُ ۽ دم پخت جا، چاشني، ڏوھو کير جو! مڙئي کائڻ وارا ٻه، ھڪ مان ٻيو وڏيرو. مان کائڻ جو ڏچر، ماني کٽائڻ جي ڪانه، بس پٺاڻ ڪو منھن ڏيس! مٿان وري وڏيري جي پئي پوي سائين شڪ نه ڪجانءِ. ماني الله جي موڪ آھي. ڌڻي، دشمن، دوست، درند، چرند، پرند ۽ جيت جڻي کي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ روزي رسائي ٿو. سائين ڏٺو ڪين اٿو، ته ڪوريئڙي جھڙي ضعيف جيءَ کي سندس تاڃيءَ ۾ مک کي ڦاسائي رزق رسائي ٿو. انجي انت جو پرو ڪونھي. ٻه ٽي گرھ وجھي ھٿ ڌوئي موڪلايم. چيائين ته سائين فقير آيا آھن دس جا، ٻه ٽي ڪلام ٻڌي وڃ. ھي ويچارا اسانجو نانءُ ٻڌي آسائو ٿي آيا آھن. ھننجي دل به راضي ڪريو. جھنگ ۾ ٻي ڪھڙي ورونھ آھي؟ مونکي خيال ھو لکڻ جو، سو آخر موڪل ورتم.
گھر آيس ته يارنھن لڳي ويا. ڏٺم، ته سج کي ڀتر ھڻي سڀ ڀاتي سمھي پيا آھن. منھنجي اچڻ تي ڄڻ ته ھڪ سوپو ڪري اٿيا. ھن مھل کانپوءِ ڀلا ڇا لکبو. اکيون ننڊ کان پوربيون پيون وڃن. ويٺس ته جھوٽي سان مٿو وڃي ميز سان لڳو. اَن ۾ آھي نشو، سو وڃي ھنڌ ۾ ڊٺس. سڄي ڏينھن جو ٿڪ، ٻي ويھڪ. چيم ته سڀاڻي جا ڀاڳ سڀان سان. اھي به دوست آھن، جن جي سچائيءَ ۾ ڦير ڪونه آھي، پر منھنجي ناقص خيال ۾ ته ھن دنيا دورنگيءَ ۾ ھر قسم جا دوست بي بقا آھن. تنھنڪري،

” ڇاکي وڃي ڇو، ٻيلي رھين ٻين جو،
وٺ تون ڪنجڪ ڪريم جي، جڳ جو والي جو،
سھڪو ھوندو سو، جنھن جو عشق الله سان.“

ھي مٿيون بيت ڪافي آھي. ڪنھن وقت مون ھڪ ماڻھوءَ کي ھيٺيون بيت گھڻي سوز سان چوندي ٻڌو.

”دل جو دلبر ھڪڙو، گھڻا تان نه ڪجن،
دل ڏجي ھڪڙي کي، مر سوين سڌون ڪن،
اھي چلولا چئجن، جي در در لائن دوستي.“

ھن صاحب شايد دنيا جي رھندڙن کي تنبيھ ڪئي آھي ته آوارہ گردي ڇڏي، مستقل مزاجي ۽ پائداري اختيار ڪريو. پر مان انجي معنيٰ اھا ڪڍندس، ته يار اتي روحاني طرح خدا تعاليٰ کي ڪري وٺجي، يعني ھنجي ياري ۽ ياوريءَ کانسواءِ ٻيو سڀ ڪوڙ ۽ بي سود آھي. تنھنڪري مان شاھ صاحب جي ھيٺين بيت تي مضمون ختم ٿو ڪريان.

”ماڻھو گھرن مال، آن سڀ ڏينھن گھران سپرين،
دنيا تنھن دوست تان، فدا ڪريان في الحال،
ڪيو نام نھال، مونکي محبوبن جي.“

دنيا مڙيوئي ڌوڙ، ڌوڙ دنيا جي منھن ۾

جھوناڳڙھ، ڪاٺياواڙ ۾ ھڪ رياست آھي. اتان جو نواب ھڪ مسلمان آھي. سندس ماتحت ننڍيون ننڍيون گھڻيئي جاگيرون آھن. کيس ”سورٺ سرڪار“ به چوندا آھن. شاھ صاحب به سورٺ جي سر ۾ سورٺ، جھونا ڳڙہ ۽ گرنار شعر ۾ ڪم آندا آھن. جئن ته ” جھوناڳڙہ جھرندو، پوندي جھانءِ جھروڪ ۾.“ ”ٿيو غلغلو گرنار ۾، ته ڪو عطائي آيو.“ جنھن مان سمجھجي ٿو ته ان وقت ڪي ھندو راءَ راڄ ڪندا ھئا. ھونئن سورٺ علائقو به آھي. جنھن ۾ جھوناڳڙہ، پوربندر ۽ جيت پور به اچي وڃن ٿا. اتان جي وزير مرحوم بھاءُالدين پنھنجي نالي سان شاندار ڪاليج برپا ڪيو آھي، جنھن ۾ مسلمانن کان في وٺڻ ۾ نه ايندي آھي. اتي سستائي به گھڻي آھي، انڪري سنڌ جا شاگرد اوڏانھن به پڙھڻ ويندا آھن، مان به مئٽرڪ پاس ڪري ڪاليج جو پھريون سال اوڏانھن پڙھڻ ويس.
ڪاليج شھر جي قلعي جي ٻاھران آھي. اوڀر ۾ گرنار جو جبل اٿس، جنھن جي ٻئي پاسي گير جو ٻيلو آھي جتي ڪيھر، ٻيلائي ۽ چيتا رھندا آھن. انھيءَ گرنار جبل جو نالو داتارآھي. گرنار جي چوٽي تمام اوتاھين ۽ سمنڊ جي مٿاڇري کان اٽڪل ميل کن مٿي ٿيندي. ان جي چوٽيءَ تي وشنو مھاراج جو پڳ آھي. جبل جي لاھين، پاسن، پلون ۽ دامنن ۾ ڪيترائي مندر آھن. واٽ تي سوين، ھزارين پانڌيڙا، زيارتي ۽ ياتري، جوڳين جو درشن ڪرڻ، مندرن ۽ ڏيورين ۾ مٿو ٽيڪڻ ويندا آھن. انھن جي سک ۽ سھوليت لاءِ جناب نواب صاحب پٿر جا وڏا ۽ ويڪرا ڏاڪا ٺھرائي ڇڏيا آھن. جي تخميناً اٺ ھزار کن ٿيندا. اھڙي طرح داتار تي وڃڻ لاءِ پنج ھزار ڏاڪو ٿيندو.
شھر ۾ ڏسڻ جھڙيون جايون، محل ۽ ماڙيون وغيرہ ڏسي، ھڪ ڏينھن خيال ٿيو، ته جيڪر داتار جي زيارت ڪريون، سو ڀنڀرڪي جو ٻه چار ڄڻا گڏجي نڪتاسين. واٽ تي چرچا گھٻا ڪندا، راڳ روپ چوندا، جھنگ مان ڀانت ڀانت جا وڻ ٽڻ، پکي، پرند ڏسندا اچي ڏاڪڻ جي ھيٺين ڏاڪي تي پھتاسين. ڏاڪڻ جي ٻنھين پاسن کان اھڙي ته ساوڪ لڳي پيئي ھئي، جو ان جو اڇو پٽو ھڪ عجيب زيب رکيو بيٺو ھو. آخر ڳچ وقت کان پوءِ ڪنڌ ورائي ڏٺم ته مار! جھوناڳڙھ جو شھر مورڳو اکين اڳيان پيو نظر اچي. تنھن کان پوءِ جئن اڳتي مٿي چڙھندو ويس، ته شھر ننڍي گولي وانگر پيو اکين اڳيان ڏيکارجي. خير اچي چوٽي تي پھتاسين. اتي سخت بارش سببان پير جي آستاني اندر پناھ ورتي سين. مجاورن چڱي کيڪاري، چڱي توجھ سان چانھ پياري تازو توانو ڪيو. اتي ڪوٺيءَ ۾ غار کانسواءِ ٻيو ڪجھ ڪونه ھو. چون ٿا ته ”پير صاحب جن دنيا جي ڌوڪي، فريب، ظلم ۽ تعديءَ کان تنگ اچي، جئن غار ۾ غائب ٿيا، تيئن وري ٻيھر ٻاھر نه آيا“. اتاھون موٽڻ تي جئن لھندو آيس تئن اک شھر ۾ رکندو آيس، جو ويو ٿي وڌندو ۽ وڏو ٿيندو. ۽ نيٺ اچي منجھس پيس. ڪاليج ۾ آرام وٺي، شام جو شھر ۾ گھمڻ نڪتس. ماڻھن جا ھشام لڳا پيا ھوا، ھرڪو پنھنجي رنگ ۾ رنڱيل ۽ مستيءَ ۾ مست. ”پادشاھان مال مست و ما غريبان حال مست.“ ڪي اميريءَ جي عياشيءَ ۾ ته ڪي فقيريءَ جي فاقه ۽ فڪر ۾! ھرڪو ڪنھن نه ڪنھن چاھ ۾ چريو! ھٻس ايڏي جو ھيانو پيو منجھي. ڪٿھين قرار نه اچي. ٻوسٽ ۽ سوڙھ ايڏي ھئي، جو ذري گھٽ ماندو ٿي ويس. اتي خيال آيم ته جي ماڻھو ٻاھر ٿو رھي، ته روح کي وڌيڪ راحت ٿي اچي. ڇو جو روح جنھن جي معنيٰ واءُ آھي، سو ضرور بند رھڻ پسند نه ڪندو ۽ ھميشہ پيو مٿي چڙھن لاءِ اڇلان کائيندو ۽ آزاد ۽ وائکي رھڻ لاءِ واجھائيندو. ھاڻ دماغ ۾ آيو، ته فقير ۽ ساڌو جي ٻاھر ڪٽيائون ٺاھي دنيا جي ماڻھن سان گھٽ واسطو رکڻ چاھيندا آھن، سو به شايد ان ڪري جو اھي مٿين ڳالھ ڌيان ۾ رکن ٿا. جئن شھر کان ٻاھر فرحت ھئي ۽ شھر مان جئن ماڻھو مٿي چڙھندو ٿي ويو، ته شھر ننڍو پئي نظر آيو، تيئن جي ماڻھون دنيوي دز ۽ ڌوڙ کان اکيون صاف ڪري، قلب تان ڪوڙ بدوڙ جي ڪس ڪوري، منزلون طي ڪري مٿي ٿيندو ويندو، ته دنيا جا وھنوار کيس اکين اڳيان اڇا ڪارا پيا نظر ايندا. پوءِ جئن ماڻھو ھوائي جھاز ۾ مٿي ويندو آھي، ته آدمي ڪڪڙين جيترا ڏسڻ ۾ ايندس، ۽ آخر مٿي ٿيندي ھيٺ رڳو اوندھ انڌوڪار، مٽي، خاڪ ۽ ڌوڙ جو غباري گولو ڏسندو. جو وڃي نيستي نموني بيھندو. تيئن اتاھون دنيا ۾ مڙئي ڌوڙ ئي ڌوڙ ڏسبي.
اھڙي صورت ۾ ڪاملن ۽ ولين جي نظر ۾ جو دنيا ڌوڙ آھي، سو به ائين آھي، جو جڏھن سندن روحاني منزل اتم ۽ اعليٰ پد تي ٿي پھچي.
”مٽي ويئي من مون، سامي ممتا مل،
آتم پد اچل پرچي لڌو پاڻ ۾.“
سياڻن دنيا کي ھڪ رنگين خواب ڪري ڪوٺيو آھي. جو اک کلڻ سان ڪجھ ڪونھي. ھيءَ دنيا رڃ مثل آھي، جنھن جي مرگھ ترشنا ۾ ڪئين ڇڙيون ھڻي مري ويا. ھن جو ظاھر خاصو ۽ باطن راسو آھي. ھي مصيبت جو ميل ۽ درد الم جو گھر آھي.
يا الله! تون دولتمندي ۽ دنيا جي مستيءَ کان پناھ ڏي! ھيءَ ھڪ اھڙي مستي آھي، جو ان ۾ ويران ٿيڻ مھل، تمام دير سان سجاڳ ٿبو آھي. ھان! پنھنجيءَ مستيءَ ۾ مست رک. آمين.

فلسفه موت

سوال ٿو اٿي ته جيڪڏھن موت نه ھجي ھا، ته جاندار مخلوق ڪھڙي شمار کي پھچي ھا؟ ھي سايون ٻنيون، گھاٽا جھنگ، کليل ميدان ۽ ماٿريون، مطلب ته رستا ۽ سڙڪون به ماڻھن سان ڀرپور ھجن ھا. جو پير پائڻ جي جاءِ نه لڀي ھا. سرنھن جا داڻا کڻي ڦٽا ڪجن ھا، ته اھي به جيڪر ماڻھوءَ تي بيھي وڃن ھا. ڌرتي ويچاري داڻن جي شڪل لاءِ پيئي سڪي ھا.
سڀ ڪنھن ھنڌ جھوپڙيون ۽ جايون نظر اچن ھا. جي ھڪ پاسي حيوان بي زبان بي شمار ڏسجن ھا ته ٻئي پاسي ماڻھو به پنھنجي ڳاڻاٽي ۾ گھٽ ڪين پون ھا. ڪراڙا، جوان، ٻار۽ زالون. بس رلھي ڪلھي تي الھ واھي. جتي رات پيئي اتي گھر. سياري ۾ ته ڪڪڙين جي کڏين جيترين کڏن ۾ سر لڪائي سمھن ھا ۽ ڪرونڍڙا ٿي پون ھا. اھڙا عاليشان محل ۽ ماڙيون، باغ ۽ بنگلا ته خواب خيال ۾ به نه اچن ھا ۽ شاھي سڙڪن جو ته ڪو نالو ئي نه ٻڌجي ھا. رڳي پير واٽ ھجي ھا. اھڙي گھمسان ۾ جي ڪو اڪيلائي پسند ڪندڙ آدمي پنھنجي لاءِ جاءِ ڳولي ھا، ته وڻن جي چوٽين ۽ جبلن جي ڦوٽين ۾ اک رکي ھا. مگر اتان! پکي پرند، جيوجنتر، ڍورڍڳا ۽ چرندہ درندہ کيس تڙي ڪڍن ھا. بادشاھن کي صلح سانت ۽ بندوبست قائم ڪرڻ لاءِ، ھلندڙ زماني کان ڪئين بار ڪروڙھا رپيا وڌيڪ خرچ ڪرڻا پون ھا. پاڻيءَ تي پھرا بيھي وڃن ھا. باھ لاءِ باھ ٻرڻين جي اڻاٺ ڪري آدمي ھڪ ٻئي کي ڇنن، ڦاڙين، ٻارين ۽ ساڙين ھا. پوري صاف ھوا نه ملڻ ڪري مريضن جا بسترا ڏينھون ڏينھن ائين وڌن ھا، جو ڄڻ ماڪوڙين جي ڏر تي پاڻي پيو. مزو وري اھو جو نه مري ۽ نه وري چاق چڱو ڀلو ٿي منجو ڇڏي. زمين جي تنگي، ٻنيءَ ٻاري کان تنگ ٿي پوي ھا. مگر جي ڪا ٽولي ارھ زوري ڪري ٻج به کڻي ڇٽي ھا، ته ديري کڻڻ کان اڳ، ھزارين ٽوليون ماڪڙ وانگي اچي ڪڙڪن ھا. پوءِ فصل ته فصل جي ماڳ، پر کين به جيڪر سڄي لڱين ڪين ڇڏين ھا. جھنگلي جانور پنھنجي ليکي ڏند ڪرٽيندا اچن ھا. مطلب ته اھڙو گوڙ گھمسان مچي وڃي ھا، جو ڪئين ننڍيون حڪومتون انھيءَ دز ۾ دز ٿي وڃن ھا. ھزارين نه پر لکين، انھيءَ انساني جنگ جي آھيءَ ۾ اچي وڃن ھا. ڪڏھن انسان حيوانن کي ماري ڊيڪائي ڪڍن ھا، ته ڪڏھن وري حيوان به پنھنجي حمله ۾ انسانن کي ٻه ٽي قدم پٺتي ھٽائين ھا. مطلب ته ڏھ ويھ اھڙيون جنگيون لڳي وڃن ھا.
پوءِ آخرڪار ٻن چئن صدين بعد ضرور ساڻا ٿي پون ھا. منھن ڀيلا ڪري ضرور ٺھراءَ جي ڳالھ چون ھا، ۽ چار چڱا گڏجي ڌرين کي سرچائي پرچائي ڇڏين ھا. واپار به زور، محبت به وڌون وڌ. ٻڍا سرير، جن ڪئين زمانن ۽ دورن جون ھوائون کاڌيون ھونديون، سي به لٺ تي ٽيڪ ڏئي ٽرن ڦرن ھا. باغ باغيچا، بنگلا بستان وري نئين سر شروع ٿين ھا. مگر آدم ذات جي ٻارن جي واڌ جنڙن جئن پئي وڌي ھا، ته وري جاءِ جو مسئلو پيدا ٿئي ھا. کڏ تي کڏ به ڪيترا ٺھندا. پوءِ ته کڻ ڏنڊو، ته لاھيون ھڪ ٻئي جو کنڌو. ماڻھو جئڻ کان عاجز ۽ آتا! وڙھن ۽ جنگ به نه کٽن، جو انھيءَ جنجالي جئڻ کان جند ڇٽي پوين. پوءِ ته کوھن ۾ ٽپا ڏين، درياه ۾ پاڻ اڇلائين، جبلن ۽ وڻن جي چوٽين تان پاڻ کي ڪيرائين ۽ ڊگھي حياتي کي ضرور گناھ سمجھن. دنياوي ڌنڌن کان ڪيئن آجا ٿين. رات جو رات ۽ ڏينھن جو ڏينھن ھر ڪنھن کي پنھنجا پنھنجا خيال ۽ کٽڪا ھوندا. ڪن ويچارن کي اولاد جي لاغرضيءَ ۽ بي پرواھيءَ جا پٽڪا. نوڪر مالڪ جي زور زبردستيءَ جي مصيبت ۾، ته وري مالڪ نوڪر جي بي خياليءَ ڪري اوسيڙي ۾. غريب ويچارا ھڏ گسائي روئڻ ۽ روڄ کي وٺي وھن ھا. بيمارن کي سالن جا سال ھنڌن تي سمھندي لسڻ لڳي وڃن ھا. ڪھڙي ڳالھ ڪجي! ڪھڙو پاسو کڻي ڪھڙو بند ڪجي! جنڊ کڻ ته جنڊ ڳورو، پڙ کڻ ته پڙ ڳورو.
تڏھن قدرت کي ضرورت ٿي ته ھڪ اھڙو ناظم پيدا ڪري جو مخلوق کي پوري طرح آرام ۽ آسائش پھچائي. اڻ سھائيندڙ ۽ اڻ سھو صدمن کان ماڻھن کي بچائي ۽ اھڙن ارادن ۽ خيالن کان باز رکي جي دين ڌرم ۾ به بي جا نظر اچن. انھيءَ ڪري حياتيءَ سان موت ۽ ان جا پار پيدا ڪياءِ. جھڙوڪ آخري پساھن مھل سڪرات ۾ ماڻھو جي حالت، مائٽن جو دان ڪرائڻ، قرآن بخشائڻ، عزيزن ۽ دوستن جو روڄ راڙو ڪرڻ، سينا سٽڻ ۽ مٿا ڪٽڻ، ڪفن دفن ڪرڻ يا سنسڪارڻ. اھي سڀ خداتعاليٰ انسان لاءِ پيدا ڪيا ته ڪي زندہ انسان مئن جي مرڻ مھل ۽ مرڻ کان پوءِ حال ڏسي، ڪجھ سکن ۽ سبق پرائن. سڀ کان سخت غم دنيا اھو آھي جو موت مٿي تي اچي بيھي ۽ نيڪيءَ جو نالو ئي نه لھ، ھٿ مھٽيندو رھ.
ياالله! تون منتظم حقيقي آھين! جيڪڏھن تون موت پيدا نه ڪرين ھا ته انسان ڪيترن مصيبتن کان تنگ اچي ڪفر ٻولي ھا ۽ ڪي جو ڪي بڪي ھا. غنيمت انھن ماڻھن لاءِ آھي جي قبر جي گھري ننڊ ۾ ستا پيا آھن. مگر زبان سان چئي رھيا آھن.” اي بندا جنھن کي تون حياتي سمجھي آھي، اھا جھان جي خواھشن جو قيد آھي، مگر جنھن کي تو موت سمجھيو آھي، سو پورو پورو حياتيءَ جو مقصد ۽ مطلب آھي.“
خيالات

بادشاھ حقيقي! تو بشر کي ڪھڙي باھ مان ڪڍي، ڪھڙيون تانوڻيون ڏئي، ڪھڙو ٺاريو، ڪھڙو پاڻي ڏنو، ڪھڙو ٺپي ٺاھي، ٺاھ ٺوھ مان ٺاھيو، جو نه ٿڌي سھي نه ڪوسي! ڪڏھن ته انسانن جھڙو ته ڪڏھن حيوانن کان به پري. ڪڏھن ته اکين ٺار۽ ڳچين ھار، ته ڪڏھن حيا سوز۽ مڪار. پاري وانگر پيو پاسا ورائي ۽ شڪليون وٺي، ڪاٿھين ٽڪاءُ ڪونه، ڪاٿھين قرار ڪونه! ڪڏھن صبرکان ڪم نه وٺي، ڪڏھن بردبار ٿي بار نه کڻي، اٽلو پنھنجو بار پيو ٻين تي رکي ۽ اڇلي.
بادشاھ ازلي! تو انسان کي دادلو ڪري پاليو، تڏھن پيو اھي ڪٽ مستيون ڪري! تو ان کي ملائڪن کان سجدو ڪرايو تڏھن پيو اھي ارڏايون ھلي. افسوس! ھن نه ڄاتو ۽ نابڪار دنيا تي سيس نوايو. تو ان کي اشرف المخلوقات ڪري ڪوٺيو، مگر شرافت ڪانه ڏيکاريائين۽ ضرور شروآفت ٿي رھيو. تو ان کي محبت جو پتلو ڪري پيدا ڪيو، مگر ھن ان بي بھا چيز جو قدر نه ڪيو. سندس اک دنيائي بتن تي آئڙي. تڏھن شاھد لامڪاني۽ شاھ لم يزلي! تون پنھنجي شاھي ڏيکار، اسانجي اوڻاين ڏي نه ڏس، تون پنھنجي شان کي ڏسي اسانجي شرارت درگذر ڪر. اسان تنھنجون املھ امانتون صحيح نه سڃاتيون. لعلن جي لالاڻ تي لالچجي لياقت ڪانه لڌي سين. ڀلا اسان فاني چيز، تو محبت جھڙي باقي چيز جو بار ڪيئن کڻي سگھندا ھئاسين؟نه، نه، تنھنجي آر اسانکي ائٿرو ڪيو، تنھنجي ڀلاين ڀلايو، تنھنجي مدد اسانکي مٺو، تنھنجي انگلن کڻڻ اسان کي آزاد رکيو.
”رحمت تيري ني مجھکو گنھگار کر ديا“
”کر مھائي تو مارا کرد گستاخ“
ھاءِ! اسانجي خيالن ۾ خمار آيا نه ته اسانکي ڪھڙي مجال جو تر جيترو به سينو ساھي سگھون ۽ توسان قد ڪڇون ۽ برميچون. تون اک ڇنڀ ۾ الٽ پلٽ ڪري ڇڏين. اھا سڀ تنھنجي ننگداري آھي، اسان نانگن کي نانگو نٿو ڪرين. اھي سڀ تنھنجون ڀلايون آھن جو برن کي برو نٿو بڻائين. تو پردہ پوش جي عالي سرڪار ۾ سڀڪو ڍڪيو گھمي. اھي اسان آھيون جو ھڪ ٻئي کي سھي نٿا سگھون ۽ پيا مڇيءَ مان ڪنڊا ڪڍون. تڏھن، ياور حقيقي!! اھڙي ڪن کان آجو ڪر، اوکيءَ ۾ اولو ٿيءُ، تک تيز ۾ ترھو ٿي پنھنجي تاريءَ تڳاءِ. ڪنھن کي ياراڻي جو تو جھڙي ياوري ڪري؟ ڪنھن کي مجال جو تو جھڙي مدد ڪري؟ ھان! اڻ ڏٺي، ڳجھ ڳوھ ۾، سڏ ۾ ساڻي، ھڪل ۾ حامي تون ئي آھين. بشر ويچارو بيوس ڇا ٿو ڪري سگھي. ان کي ڪھڙي پيئي، جو ڪنھن لاءِ ھن اونھي اجھاڳ سمنڊ ۾ ڇڙو تختو به ٺھي پوي.انسان ڪنھن جي تر جيتري سھي نٿو سگھي، رڳو پيو پچاري. مگر تون! ته تنبو ۽ ترھو ٿي وچ سير ۾ ککين ھئين کارين ۽ ڇڇيءَ ھئين ڇڄن وارن لاءِ حياتي ٿي ٿو ٺھي پوين. مگر، رھنما حقيقي! اسان ڪافر نعمتن تنھنجي بن کي بالائي طاق رکي، پنھنجي اصلي طاقت ۾ فنا ڪئي سي. اسان کان ته ڪجھ نٿو اڄھي. تون سيکار، تون من ۾ وجھ ته اسانجو ھيئون دنوي حيرتن ۽ حيرانين کان ھلڪو ٿئي. فاني چيز جي روڄ راڙي، رنجھ ڪنجھ، رسڻ رسامي کان باز اچي تنھنجي راحت تي روح ريجھائي ۽ رنگ رچائي، دنيائي دني جي ھڻ ھڻ کان پاسو ڪري، تنھنجي تڻ تڻ ڏانھن تيار ٿي، تنھنجي مشغوليءَ ۾ رھي، رضا تي راضي رھي، موت فانيءَ کي مات ڪري، حيات جاودانيءَ جي تات ڪري اھنج اوکايون سھي، صبر سان سر تي کڻي، ھٿ ھاج ۾ ۽ دل يار ۾ ڪري، قدرت جي ڪرشمي کي ڏسي ان مان سبق پرائي ۽ ان جا راز پروڙي، تنھنجي ياد سان شاد رھي، اصل چيز کي آباد ڪري. قيامت جي ڊپ ڊاءَ کي پيش نظر رکي، دنيا ۾ ڊپ ڊاءَ سان ھلي. قيامت جو پڇاڻو دل ۾ رکي ھت ھت پرورڙي پير پائي، يڪ دل يگانو ٿي توکي ساري، ته سڀ ڪم پار ۽ مشڪل آسان، اھا آھي بشارت ھن بندي لاءِ.

دل جا دليل

ھاءِ! مان توکي گل به ڪيئن چوان؟ گل ته ڏسندي ڏسندي ڪومائجي ٿو وڃي. صبح جو ٽڙي ٿو ته شام جو سڪي وڃي ٿو. بھار ۾ ڪنڊن سان ڇانيو پيو آھي. ماڻھو ان کي ھڪ ھڪ ڪري پٽيو پيا وڃن. ھن ويچاري جي زندگي به ماڪ جي بوند وانگر گھڙي پلڪ آھي. ڪھڙو غضب! گل ته ھرجائي به آھي، پر تون ان کان بلند ۽ بالا آھين.
مگر مان توکي چنڊ به ڪيئن چوان؟ چنڊ ته داغ دار آھي. ھن غريب کي ته فقط ھڪ رات جي ڪماليت نصيب آھي. گدا آھي، پينو آھي، جو سج ڏانھن روشني وٺڻ لاءِ ھٿ ڊگھو ڪرڻو ٿو پويس. واه! تون ته ھميشہ سخي ۽ فياض آھين.
سج به ڪھڙي منھن ڪوٺيانءِ! اھو به سخت اُلي وانگر ڏنڀي پيو. ھر ڪنھن تي تتو بيٺو آھي. ھنکي ڪڏھن ڪڏھن گرھڻ لڳڻ جو به عارضو آھي، مگر تنھنجي ڏسندي ته نيڻ به ٺري ٿا پون. جيءَ کي جياپو ملي ٿو، دل کي فرحت اچي ٿي، جو تون کلمک ۽ خنده پيشاني آھين.
توکي ڏئي جي تمثيل ۾ به ڪڏھن آڻي نٿو سگھان. بتيءَ جي توسان ڪھڙي برابري؟ شمع شرم کان ڳوڙھا پيئي ڳاڙي. ھن ويچاري جي روشنائي پڻ ٻئي جي ھٿ وس آھي. پر ھاءِ! تون ته چشم ڪور کي روشني بخشيندڙ آھين. ڏئو پاڻ ٻري ٿو، جلي ٿو، کامي ٿو، اندر ڪارو اٿس. مگر تون! تون اندر اجارين ٿو. تنھنجي ڏسڻ سان سيني ۾ سرور سمائجي ٿو. دل دل ۾ پنھنجي اصلوڪي جاءِ ٺھرٺاپر سان وٺي ٿي ۽ قلب کي قرار اچيٿو. ھن جي دل ھٺ جي دونھين ڪري ڪاري آھي ۽ ھميشہ بت جو بت بڻيو بيٺو آھي. نظر ڪبس ته اکيون خراب ڪندو. مگر تنھنجو سينو بي ڪينه، پاڪ ۽ صاف آھي. جو فقط نرمل نيڻ کڻڻ سان بھشت جي دري کلي ٿي پوي.
ڀلا تون ڪير؟ ڪھڙن سھرن سان توکي سينگاريان، ڪھڙو نانءُ وٺي توکي ھر ھر سنڀاليان ۽ پنھنجي دل کي ڌيرج ڏيان؟ حيران، پريشان، سرگردان، ڪھڙو مثال وٺان؟ اھڙي ته چيز ئي ڪانھي جا تنھنجي جاءِ ڀري، مٽُ ٿئي، ثاني سڏجي، ھمسري ڪري، من جو مونجھارو لاھي، اکين جو ٺار ٿئي، دکيل درديلي دل جي دوا ٿئي، زمين تي! نه نه،
” چه نسبت خاک را با عالم پاک “
تون! تون لاثاني آھين. تون ئي آھين جنھنجي آسري جيان ٿو. جنھن جي نانءَ تي نھال، باغ بھار رھان ٿو. تنھنجي نالي ڳنھندي مکڙي اميد جي ٽڙي ٿي. نه ته سڄي رات تارن ڳڻيندي گذري ٿي.
” تڪيندي ٿڪي پيام تارن ۾ تارا “
بيتاب، بيقرار، پاسن ڦيرائيندي، اوٻاسين ڏيندي، شب دراز، بنا ڪنھن محرم راز، گھڙيون گھڙيون، پھر پھر، پلڪ پلڪ ڪري پيو ڪاٽيان. نه اٿندي آرام، نه وھندي آسائش، نه گھمندي راحت، نه سمھندي فرحت. آرام مڙيوئي حرام، ڇا جو طعام، ڇا جو ڪلام؟ نه گفتار، نه رفتار. ائين دل پيئي چوي ته ڪو اچي تنھنجي ساراھ ۾ گيت ڳائي، تنھنجون نراليون ڳالھيون ٻڌائي ته ڪجھ آرام اچي.
اف! ڇا ڪريان؟ رات گذري ويئي، پرھ ڦٽي ويئي! پکي پرندہ مٺيون مٺيون لاتيون پيا لنون. ڪھڙيون لاتيون؟ سڀ تنھنجي ساراھ، تنھنجي سڪ. دل بي چين انھيءَ خيال تي ئي بيٺي آھي! ماڻھو ڪمن ڪارين لاءِ اٿيا، پر مان بيقرار، ھر دم يار تان نثار، نسورو نينھن ۾ نروار، بت کان بيزار، انھيءَ خيال ۾ بت بڻيو بيٺو آھيان، ته تون ڪير؟ ھاءِ! تون ھن جھان ۾ پر جھان کان جدا. وقت جي واري ۾ اڻ والاريل، جاين جي جڙت کان ٻاھر، تون گوھر پاڪ، زيور پاڪ، جان جھان، ماہ مھمان، سنسار تنھنجي سير واسطي آباد، آدم زاد تنھنجي ديدار ۾ دلشاد، ۽ رخ واسطي مشتاق.
تڏھن تون ڇا؟ مرشد حقيقي! انھن لفظن تي مون ڪنڌ کنيو. ته مار! ڪڪر ڪڪوريل آھن، بادل بھاريا بيٺا آھن، ٿوري ٿوري ٽم ٽم پيئي ٿئي، جو اوچتو سنگتي ساٿي گھمڻ لاءِ وٺڻ آيا. ڪو چلڻ ۾ چست، ڪو مدھوشيءَ ۾ مست، ڪو کل ۾ کيکو، ڪو چرچن ۾ چور، ڪو ڀوڳن ۾ ڀورڙو، ته ڪوئي ڌناسريءَ جي ڌن ۾، ڪو وات ڦاٽوڙو، ڪو چلولو، ته ڪو سودائي سخت. مگر مان پنھنجي آہ زاريءَ سان ھيٺيان لفظ پيو چوان.
” يا رھبر رحماني! يا مرشد حقاني! ھن بندي کي جھان جي جنجلن لاءِ چريو ڪري چوراءِ، مگر پنھنجي لاءِ سياڻو ڪري سنڀال.“

دلبر ۽ دنيادار آھن اکر ھيڪڙي

دنيا ۾ دلبر به رھن ۽ دنيادار به. ٻنھي جي ڪارنامن ۽ ڪمالن سان دفتر ڪارا آھن. سڀ ڪنھن ائين سمجھيو ھوندو ته ٻئي الڳ ٿلڳ آھن، ٻنھي جو ھڪ ٻئي سان ويجھو يا ڏور جو ڪوبه لاڳاپو ڪونھي، پر ھتي روزمرہ جي روئدادن مان ڏيکاريندس، ته دنيا جو حسن ۽ ان جي دنيا ھڪ آھي. انجا حسين ۽ دنيادار به ھڪ وجه ۽ لھ جا آھن، انھن ۾ ڪوبه ڦيرو ڪونھي.
پھرين ڳالھ ته سڀڪو سھڻو سڏائڻ به چاھيندو ته دنياداربه، يعني انھن ۾ ڪي عام ذاتي ڳالھيون آھن جن لاءِ سڀڪو پيو سڪي. ڪا ته ليءِ ۽ نشو آھي، جنھن ڪري جيڪڏھن ڪو حسين ۽ دنيادار نه آھي ته به حسينن ۽ دنيادارن جي درشن ۽ ملاقات لاءِ پيو واجھائيندو ۽ نالي ٻڌڻ لاءِ ڪن کڙا ڪندو. ڪا ته ضرور ڪشش آھي، جيڪا ايڏي اڻ تڻ ۽ انتظار پيدا ڪري ٿي. زبان ۾ ڪئين اھڙا محاورا آھن، جي رڳو عضون سان فعل ڳنڍڻ سان ٺھيا آھن، يا صرف انھن عضون جي نالي سان معنائون ڪڍيون ٿيون وڃن. ھاڻي جنھن صورت ۾ ٻنھي کي انساني جامو آھي، ان صورت ۾ اچو ته ٻنھي لاءِ ساڳين محاورن ۽ عضون جي ڀيٽ ڪريون.
انساني صورت مٿي کان پيرن تي پوري ٿيندي آھي، تنھنڪري پھريائين مٿي کان شروع ڪرڻو پوندو.
ھي ٻئي صاحب دماغ رکي ڄاڻن. جي دماغ نه رکن ته پوءِ انھن لاءِ ايترو شرف ۽ شوق ڪيئن ھجي. دنيادار به ھنڌ ھنڌ پيو ھلندو، ته پوءِ ان مان ڪھڙو سود! ڪو ڪونه ليکيندس، نه ته ھونئن سوين سلامي پيا ٿيندس. حَسين به ھر جاءِ ھوندو، ته ڪير اک کڻي به نه نھاريندس. پر ھڪ جاءِ جھليو ويٺو ھوندو، ته ھزارين ھڪيا حاضر ھوندا. گل کي به جيڪا سونھن ۽ سوڀيا، حسن ۽ ھٻڪار چمن ۾ ھوندي سا بازار ۾ نه ھوندي. انھن کي دماغ به ھوندو آھي، جي دماغ نه ھجين، ته جيڪر دنيادار نوان نوان طريقا پئسن ڪمائڻ جا ڪيئن ڪڍي سگھي. گدي ڪا والارڻي ڪانه اٿس، مگر وسائڻي اٿس. پئسي مان پنج پئسا ڪڍڻا اٿس. نيون دماغي چالاڪيون پيو ڳوليندو ته ڪيئن آفيسرن کي خوش رکي، مروت حاصل ڪري، روپئي مان ڏھ ڪري، ڏيساور وڌائي، ملڪان ڏيھان نالو نروار ڪري. مطلب ته سانڊي وانگر ست رنگ پيو ڪندو. ھي سڀ دماغ آھي. ھو بد دماغ به آھي. ذرا سندس مرضيءَ موجب ڪم نه ٿيو ته بس! پوسرجي ويندو۽ ليڪو لنگھي ڪي جو ڪي چئي وجھندو. انھيءَ نموني دلبر به نئين قسم جون دلبريون پيو ڳوليندو. گاھي وار گھنڊيدار بڻائي، گھنڊين ۾ ماڻھن کي وھي وانگر پيو لٽڪائيندو. ” تنھنجي زلف جي بند ڪمند وڌا، زندان ھزارين، مان نه رڳو.“ ته گاھي ڇتا ڇوڙي ” سر سونھين پوشاڪ گلابي موھيو مسيءَ ۽ پان “ڪري پيو ھلندو.
جھڙا گل گلاب جا، تھڙا مٿن ويس،
جھڙا پاتن پن، تھڙيون شالون مٿن سايون. ( شاھ )

ھو زاھد به يا ته فقير بيدل وانگر منھن لڪائي ھلن يا ته زھد جي تسبيح کي زنار بڻائي نڪري نروار ٿين. اھي دلبا دلاسا، مڪر فريب کريب، اھڙا ڳولي ڪڍندو جو. ” ساچي کو جوڻھا کھي “ وارو معاملو ٿي پوي. سڀڪو پيو پنھنجو پنھنجو سمجھي، مگر نه منھنجو نه تنھنجو، رڳو ھوندو پنھنجو. ۽ بددماغ به اھڙا آھن، جو ذرا ذرا ڳالھين ۾ زون ٿي وڃن. بس اڀري الھي جو انھن تي. ڪيترا انھن جي گھور ۾ گھائجي وڃن، چشمن چالي ۾ چيرجي وڃن. اوھ! اوچي ڳاٽ اچن، ته نيچا ٿي نون. ڪئين آس پائي اچن، ته نراس ٿي وڃن. مطلب ته:-

ھوئين برباد لاکھون آرزوئين،
تمھاري ايک چھوڻي سي ”نھين“ سي.

جئن حسين جي ھڪ نظر سان ڪئين نوازجي وڃن ۽ دل گھريا دان وٺن، تيئن دنيادار جي ھڪ اشاري سان گدا مان شاھ ٿي وڃن. جئن سھڻن جي چپ چورڻ سان ماڻھو گد گد پيو ٿئي ۽ پنھنجا چوڏھن طبق روشن سمجھي، تيئن دنيادار جي ھڪ لفظ تي سون جون صدائون پوريون ٿين. جيئن حسين جي دست بوسيءَ لاءِ ھزارين انڌا اونڌا ٿي ڪرن، تيئن دنيادار جي ھٿ وٺڻ لاءِ به ڪئين آتا آھن. ڪئين ٻنھي جي ھٿ ھلائڻ سان سڀ سک پائن، ۽ ڪيترا انھن جي دستگيريءَ لاءِ خواھان ٿين. جئن حسين جي قدمن جي ٽور ۽ ٽلڻ تي ماڻھو اکيون پايو بيٺا ڏسن، ته ڪي ڀت بڻجي وڃن، تيئن دنيا دار جي قدمن تان قربان پيا ٿين، ڇاڪاڻ ته سارو جھان ڪاري ڪوجھي دنيادار کي سانورو سڏي، انھيءَ جا عيب، ثواب ڪري وٺي، مثلاً، پتي کيڏڻ کي ورونھ ۽ وندر،۽ شراب خوريءَ کي غم غلط ڪرڻ سمجھي، ھان! انھن جي وعدہ کي وسيلو وٺي، انھن جي ڪفر کي اسلام سمجھي.
” ڪفر گيرد ڪا ملي ملت شود،
ھر چه گيرد علتي علت شود .“
اھڙيءَ طرح دلبر به جيڪي ڪري، سو نسورو ناز ۽ جيڪي چوي سو سيتارامي سون. پوءِ توڙي ھجنس دل ۾ ھزار حيلا ۽ حرفتون. انھن جي گفتار ۽ رفتار کي ڪير روڪي ۽ ٽوڪي.سوين بيدم دم ۾ دم ڪڍي ڇڏنس. ٻنھي وٽ ڪنھن چيز جي ڪمي ڪانه، بس جتان تتان ماڻھو پيا ٽٽن، پئسا پيا پاڻيءَ وانگر ھارجن. مطلب ته لھڻي وارا رلي وڃن ۽ ھي صاحب جا سنواريا پيا ڀرجن. آخر ته انھن تي خدائي راز ۽ راضپو آھي، تنھنڪري سڀڪو پيو سربراھي ۽ سرخروئي ڪري، نه ته ڪو غريب ۽ ڪوجھي سان ته ٻه لفظ ور ڪري ڳالھائي. اھو ويچارو ڳالھائيندو ته ٻوٿ چٻو ڪري جواب ڏيندس. پر ھنن سائن سان ته تون سائين ويٺو آھين! انھن صاحبن جو ڪتو مري ته ماڻھو عذرخواھيءَ لاءِ ور ور ڪري پيا ويندا، پر ڀر پاڙي ۾ غريب مري، ته سندس بيوھ زال کي پرچاڻي به ڪو مشڪل ڏئي.ڪنگال ۽ ڪارو ڪوجھو جو ٿيو، ان ۾ ٻئي ڪنھنجو ڪھڙو مطلب؟ مطلب ته دنيا مطلبڻ ۽ مطلب پرست!
ھاڻي سڀ ڳالھ کي ڇڏي، ٻنھي جي دل تي ٿا اچون. دنيا جا ماڻھو دلبر کي ڪافر دل، سنگدل وغيرہ وغيرہ چون، مگر موم دل ڪنھن ڪونه چيو.ڪافر ان کي چئبو آھي، جو ڪنھن جو احسان نه مڃي۽ سچ کي لڪائيندو اچي. سنگدل چئبو آھي سخت دل کي، جنھن جي اڳيان ڪوبه آزيون نيزاريون ڪري روئي رڙي، دين دنيا لٽائي، کامي پڄري، پچي، مري، ته به ڪرم ۽ رحم بدران کل ۽ ٽھڪ ٻڌي، ۽ چٿرون ۽ ڇڙٻون سھي. اف! ڪاڻيارو جو ٿيو ۽ محتاج بندو! دلبرن جي اھڙي روزانو ھر ڪو عاقل بالغ ڏسي ٿو ۽ اھڙا ڪرشما ۽ کيل پڙھي ۽ پسي ٿو. اھي ماڻھو ساڳي وقت روئائن به ۽ کلائن به. پر دنيا دارن کي ڪن ڀاپيو ھوندو. ”ھردو دنيادار جو، پاھڻ کان به پري.“ مشھور چوڻي آھي. ھتي ان کي کولي لکان ٿو. ھي سدا سوڀارا مال مليدا ۽ ست رڇون کائيندا ته بکئي کي لوڌي ڪڍندا. پاڻ ڪرسي ۽ لقب وٺڻ تي لک لٽائيندا، ته ڪنھن گھرڄائي سان اھڙو ڳالھائيندا جو ڀل نيڻ نير وھائيندو رھي ۽ ڏھ ڏھ ڳوڙھا ڳل تي ڳاڙيندو رھي. شاديءَ تي دف، دھل، طائفا ۽ ناچو ھوندا ۽ مٺيون ڀري پئسن جون اڇلائيندا، ته ھوڏانھن ڪو شاديءَ لاءِ چار ڏوڪڙ گھرندن ته چوندس،” شاديءَ جو ڪھڙو ضرور؟ تو جھڙا ڪئين آيا ڪئين ويا، تون به ھڪڙو.“ پوءِ ڀل ڇا به ڪري، دين ڌرم جي خلاف ڪن ته ڇا؟ ٻين جا لوڙھا ٽپن ته ڇا؟ انھن جي اک سور، ڪافر دل ۽ سنگدل جو ٿيا. خدا جي نالي پئسو گھرندن ته منھن ڦيرائي چوندا ته اھو ميان ٺڳ آھي. مگر اھو خيال نه ڪندا، ته خدا تعاليٰ اسانجون ٺڳيون، ڪارمھايون، خواريون ۽ خرابيون ڏسي به اسان کي ماءُ پيٽ کان قبر جي ڪنڌيءَ تائين روزي ۽ رزق رسائي ٿو. ۽ اسان ان جي عطائن جي کرب ۾ کرب پتي به خيرات ڪري نٿا سگھون، ته به ويھي وات ھڻون! افسوس!!
خدايا! انھن بي ديدن کي ديد ۽ دل ڏي، ته داداگيريءَ کان باز اچن. اي الله سائين! تون اھڙن دنيادارن ۽ دلبرن کان پناھ ڏي. داورا! پنھنجي دادلن جي صدقي، پنھنجي درد جو قطرو عطا ڪر ته دل جي دنيائي ڌوڙ دفع ٿئي ۽ قلب منور ۽ ايمان ڪامل رھي. آمين!

بيبي ننڊ سان ٻه اکر

رات جا ڏھ لڳا آھن. اکيون ننڊ سان گھوماٽبيون پيون وڃن. اوچتو دل ۾ خيال آيو ته اڄ بيبي ننڊ سان ٻه چار ڳالھيون ڪجن. امان ننڊ! تون روز پئي پنڌ ڪرين، اچين ۽ وڃين، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺي ھجين، مگر مان ھرگز تنھنجي شڪل ڪانه ڏٺي آھي. جڏھن تنھنجي اچڻ جو وقت ٿئي ته سمھي پوان ۽ اک کولڻ سان غائب ٿي وڃين. گاہ گاہ جاڳڻ وقت به ته اچ، ته تنھنجي انھن نشي دار نيڻن ۽ موھڻي مورت جو درشن ڪريان. اھا به خبر ڪانه ٿي پوي ته ڪٿان ٿي اچين ۽ ڪاڏي ٿي وڃين. مگر اھو سو پتو پيوپوي ته چانھ ۽ سگريٽ کان بڇان لڳندي اٿيئي، تنھن مان اھو انومان پيو ڪڍان ته ولايتي پتلي به نه آھين.
تو ۾ ٻه چار خاصيتون ڏاڍيون چڱيون آھن جو تون ٿَڪن ماندن سان حتي المقدور ھمدردي پئي ڪرين. ٻارن کي ماءُ جي جھوليءَ وانگر لولي ڏيئي پئي سمھارين ۽ جنھن مھل ماڻھو سمھن ته انھن کي مزي مزي جون آکاڻيون کڻي پئي ٻڌائين، وري ڪي ته تو ۾ خرابيون به آھن، جو تون خوشيءَ ۾ خوش رھين ۽ دک ۾ دور. تندرست ۽ نوجوانن کي ته ھر ھر تنوار ڏئي پئي تاڻين. پر ويچارن ٻڍن ۽ بيمارن وٽ ته ليئو به نه پائين. تنھنجو رعب ايڏو آھي جو جنھن وٽ ويٺي ھجين ته ان ڏانھن ماڻھو پٻن تي پيا ھلن ۽ چپن ۾ پيا ڳالھائن ته متان ڪو آواز ٿئي ۽ اڳلي جو آرام ڦٽي ۽ توکي خلل رسي.
تون معشوقن جي اکين ۾ ويھي انھن کي ننڊ اکڙيون ڪري نشيليون ۽ خوبصورت بنائين.
ماڻھو انھن کي ”نيم باز نيڻ“ ڪري ڪوٺين. تو ۾ ھڪ ڳالھ عجيب آھي، جو تون غريبن سان غريب ٿي رھين، ڇالاءِ ته نه گرميءَ ڪري گرم مزاج رکين ۽ نه مڇرن کان منھن موڙين ۽ نه وري منگھڻن کان پري رھين: مگر اميرن جي دروازن تي ته ٽلندي ٽمندي ھڪ ھڪ قدم تي سؤ سؤ ناز، جو پير پائڻ سان چوٽي وڃي آسمان سان لڳي. ٿوري گرمي زيادہ ٿئي ته بس پکي يا خس ٽٽيءَ کان سواءِ اک نه ڏيکارين. مڇرن جي آواز کي ته پري کان پئي ڪنائين. ٿورڙوئي ڀڻڪاٽ ٿيو ته ڳولي نه لڀين، پتو ئي نه لھ. اجھو ھتئون وئي، اھا وئي!!
الله الله! تنھنجيون ريتيون، رسمون ۽ شوخيون شرارتون به قھر جون آھن. مان ويچارو بتيءَ اڳيان پيو تنھنجي تعريف لکان ته تون ھورڙيان ھورڙيان پير پير ۾ پائيندي، سُرندي ۽ سرڪندي پئي اچين. اڃا ٿورڙو ئي چُريس ته وئي ڙي وئي! نڪو پير نه کر!!
اجھو وري اھو شرارتي شيوو اختيار ڪيءِ، مذاق ئي ڪر، مگر اھا چنچل چال ۽ البيلي اک ته ڏيکار! لاحول ولا قوة! وري اھا ئي ڳالھ!! خير تون اڄ به لکڻ نه ڏيندينءَ. خير جتي تنھنجي مرضي. تون................تون................. ختم ڪر.

جي نوٽن جو مينھن وسي ته

دنيا کي سياڻن جيجل ماءُ ڪري سڏيو آھي، يعني ته دولت مٺڙي امڙ مثل آھي. ماءُ ان ڪري کيس ڪوٺيو ويو آھي، جو ڪنھن کي جيڪو ماءُ پيار ڪري ٿي، جھڙو گھڻو گھري ٿي، تھڙو نه پيءُ نه چاچو نه ڀاءُ نه ڀيڻ. بلڪ زال، جنھن کي پنھنجو ” بھتر اڌ “ ليکيو وڃي ٿو، اھا به اوتريءَ ڪڙيءَ تي نه ٿي پھچي، پر وري ماءُ جي مھر ۽ محبت کي زور وٺائڻ لاءِ جيجل ماءُ سڏيو ويو آھي: يعني ماءُ ته ٿي ماءُ، پر جي ڪا ھزارن لکن ۾ ڏائڻ صدقي ڪئي، نڪري پوي، ته ان کي به الڳ ۽ علحدہ ڪري مٺڙي ماءُ سان خصوصيت ڏني ويئي آھي. پيغمبر اسلام عليه السلام ماءُ جي پيرن ھيٺان جنت جو ھجڻ فرمايو آھي، تئن ھن جيجل ماءُ وٽ به ھيرون ۽ حورون حاضر آھن. تريءَ تي بھشت ڪري ڏيکاري، پر جي اھا امان رسي وڃي ته منور شاھ واريون ٻڙيون! سڀڪو شڪاريءَ (ڀنگي) وانگر پري پري ۽ ڇو ڇو پيو ڪندو. زال جنھن سان عمر جو پلوءَ اٽڪيل ھوندس سا به ڳچ مانيءَ ڦٽو ڪري ويندس.
خير ماھيءَ جا لال پيا آھن، جن لاءِ ملڪ وسي پيو. ٻج کوٽي ڪانھي. پر گھڻو ڪري ۽ اڪثر ائين آھي. ڪلھي ڪانڌي به شل ڪو ٿئيس. اھڙو ماڻھو جنھن کي پئسو ناھي پلي، تنھن کي پل پل پيا پور پوندا. درياھ جي لھرن وانگر ھڪڙا پيا لھندا ۽ ٻيا پيا چڙھندا. حسرتن ۽ ارمانن جي ڪنن ۾ پيو ڦيريون پائيندو ۽ ٻڏندڙ ماڻھوءَ وانگر گاھي ھيٺ گاھي مٿي پيو ٿيندو. اھڙو ماڻھو ھڪڙي ڏينھن شوڪارو ڀري ٿڌو ساھ کڻي پيو چوي، ”ھاءِ! اڄ ڪو نوٽن جو مينھن وسي!“ ڪاملن چيو آھي ته ” ڪا مھل ڪنھن نه جھڙي “ ڪي گھڙيون مقبول ٿينديون آھن جن ۾ جيڪي گھر سو ملي، تنھنڪري ھميشہ ٻٽيھن ڏندن مان خير گھرجي ۽ سٺو ٻولجي. بس ھن جو چوڻ ڪو اگھي ويو جو جان ڏسي ته ٻاھر جھڙ ٿي ويو. ھي ويچارو اڳيئي کٽل، ڪنگال ۽ مفلس، سو سندس تمنائن جا ڦٽ ڦاٽي پيا، آرزوئن جا چاڪ چڪي پيا ۽ ارمانن جا ناسور رسي پيا. جھڙالو ھجي پئسي سان. پوءِ ته موالي ۽ مشتاق، ” گھرڙ گھوٽ تنھنجو اجھو تنھن جي اوٽ “ جي صدا ھڻي، ڏاڍيون پيتيون الوٽ ٿي پيا گھمن. يا ته ڪن وٽ وري دارون نڪري وڃن، ٻڪريون پيون سيخ ٿين ۽ طنبور پيا ڇڙن. سو ھي ويچارو اھڙو سمو ياد ڪري، ذري گھٽ ھوش کان نڪري ويو ۽ وات مان نڪتس:-
” زندگي گر اس شکل سي گذري غالب،
ھم بھي ڪيا ياد کرينگي، که خدا رکھتي تھي “
توبه! آدم جو ٻچڙو نه ڪوسي سھي نه ٿڌي.
” سردي سالم نه رھان، گرميءَ رھان گداز.“
ڀريو به روئي ته سکڻو به. چڱائي توڙي لڱائيءَ ۾ ڪي جو ڪي بڪي وھي. ڪفر ۽ اسلام جو سَنڌو ڪونه رکي. ھي ويچارو وٽ ويٺو کائي. ايترو ۾ خيال آيس، ته ڀلا نڪري ٻاھر ويھان. من ڪو نصيبن سھڻو لانگھائو ٿئي! من ڪو مٺو ۽ سريلو آواز ڪن تي پوي! ڪنھن نه ڪنھن نموني اندر جي اداسي دور ٿئي. ائين ڪندي ٻاھر آسمان ڏي نظر ڪري ته ڪڪر نوٽن جا ٺھي آيا آھن. اکيون مھٽي وري وري پيو ڏسي ته کيس دوکو ته نه ٿيون ڏين. بس! ڪڪر پيا ھلن، ڪي رپئي جي نوٽن جا، ڪي پنجين جا، ڪي ڏھين جا. مطلب ته ھر رقم جي نوٽن سان ڪڪر ڪڪوريل ڏسڻ ۾ پيا اچنس. ڀو کان ٻئي کان به نه پيو پڇي، متان ” چريو چريو “ ڪري چريو ڪري ڇڏينس. ماڻھو ھميشہ جي عادت موجب ” ڀيڄ مولا چاندي ڪا گولا “ پيا چون. ايتري ۾ ماڻھن جون رڙيون ٻڌائين. اڙي نوٽ! اڙي نوٽ! پوءِ ته ماڻھو، زالين مڙسين ۽ ٻارين ٻچين ٻاھر نڪري، قدرت جو ڪرشمو پيا ڏسن. کڙپيل پوڙھا به لٺ جي ٽيڪ تي ٻاھر اکين مٿان ھت ڏئي پيا ڏسن ۽ سائينءَ کي پيا ساراھين. مطلب ته ھر انسان ضروري غيرضروري ڪم ڇڏي، ھي نظارو بيھي پسڻ لڳو. ڇا جو رڌ پچاءُ، ڇا جو ھلڻ چلڻ، ڪم جو ٿيو ڀلو. ماڻھن جو رڙين مٿي رڙيون! اڙي اھو سو روپئي جي نوٽن وارو ڪڪر شل ھتي وسي، ته بک ڀڄي پوي! او خدا! ايڏانھن نه موڪل. اھي ڍاول اٿيئي. ڀريا پيا ڀربا. مطلب ته اک آسمان ۾، ۽ من مايا ۾. ڪڪرن جي چرپر تي ماڻھو به پيا ھلن. پوءِ ته ڪن انڌ ۾ کڏن تان ڪري عضوا ڀڃايا، ڪي کڏن ۾ ڪريا، ڪي کوھن ۾ گار ٿيا، ته ڪي وري ھوس جا بندا درياھ ۾ گھڙي پيا، ته متان اتي ڪو ڇڇڪو ڏيئي وجھي، ته ڪي جھٽي وٺون، ڪن پوتيون پٿاري وڌيون، ته ڪن ڌوتين جا پلو ويڪرا ڪيا. پر جيڪي ڪريا، ڌڪيا، ضربيا ۽ غوطن کائڻ ۾ رھيا، انھن جي دانھن ھيٺ دانھن مٿي لڳي ويئي. پر ٻڌي ڪير؟ ھر ڪو مايا ۾ مست. توبه! نفسانفسي لڳي ويئي. ڪو ڪنھن جو ڪونه ٿئي!
ايتري ۾ ٻُٽ لٿي، واءُ جو جھلڪو لڳو ۽ وس شروع ٿي. بس پوءِ ته ويتر ماڻھو تيارين ۾: ھاڻي ماڻھن کي اچي زوري دماغ ۾ ويٺي. سو ڪي بندوقون ڀرڻ لڳا، ڪي رائيفلون ڪڍي ويٺا، ڪي پستول تيار ڪري ويٺا، ٻيا وري لٺيون، لوڙھيون، ڪھاڙيون، ڏنڊا، ڌڪا، گھوٻاٽا ۽ سرون گڏ ڪندا رھيا. ھر ڪو پنھنجي حد ۾ مھاڏو ٺاھي بيٺو. شاھوڪار وري ماڻھن کي ڪي جو ڪي باسي ويٺا، چي ميان ڀلا اڌ تنھنجو اڌ منھنجو. تون ئي راضي ٿيءُ. ڪامورا قاعدا ۽ قانون جاچڻ لڳا، ته ڪيئن رستن ۽ گھٽين ۾ ڪريل نوٽ پنھنجا ڪريون يا سرڪار کي رسايون. زميندار مھاڳ جاچڻ لڳا، غريب ويچارا ڏسندا رھيا ته من انھن ڏائڻن جي اک کان بچي، من ڪو نيساري ۾ رھجي وڃي، شل ڪو موريءَ ۾ اٽڪي پوي! ڪو ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪنھن کان کڻڻ وسري وڃي، ته ڪو ڏينھن پيٽ ڀري سکي سڻڀي، ستابي روٽي کائون. ھان! الله لوڪ مشڪندا رھيا! پوءِ سائين ٽولين جون ٽوليون نڪري پيون. بندوقن جا فير، ڏنڊن جي ڌم، ماڻھن جو ريھون ۽ ڪيھون، فرياد يا رسول الله! رس پير دستگير! واھگرو! ھري برھما! گھوڙا ڙي! الاڙي! وغيرہ!! ان سان گڏ لاشن جا ڍير ۽ رت جا ريلا، قيامت جو نظارو! سڀڪو پيو ڦلي وانگر ٽپي. ڪو ڪنھنجو ڪونه. ڦورن ماڻھن جا گھر اھڙا ٻھاريا، جو ڄڻ راتاھو اچي ويو. لڄون لڪائڻ، ننگ ناموس ڍڪڻ، پاڻ بچائڻ، ان مھيءَ لوڙ کي منھن ڏيڻ! ماڻھو الامان الامان ڪرڻ لڳا. ڏاڍو سو گابو! ڪٿان ويچاري سسي ڪڍي ته متان متان ٿي وڃي. اچيئي ٿي ڪنڙو ڀڄي پاسو ڪجانءِ. ڪن حاسدن حسد وچون کڻي تيلي ڏني. چي ڪو ڪونه کڻي، مايا اچڻي وڃڻي آھي. ڪڏھن ڪنھن جي ڪانھي. پئسي کي آھن پر ۽ پير، سو ڀل ته ڪنھن جو ڪونه ٿئي، سڙي خاڪ ٿي وڃي. ھاڻي ھڪ پاسي کان باھ، ٻئي پاسي کان قتل عام. ماھي پٺيان ماھو، ڄڻ بادشاہ گردي ٿي وئي. ڪنھن کي سرت ڪان! ڪنھن کي ھوش ڪون! تان جو باھ پنھنجو ڪم تمام ڪيو ۽ ماڻھن پنھنجو خاتمو ڪيو. پوءِ ڇا رھيو، جنھن تي وڙھيا ٿي.
مطلب ته اھو غريب ڪنھن کاري ھيٺان ويھي، اھو خونخوار ۽ خونريز نظارو ڏسندو رھيو، ۽ چوندو رھيو ته اي الله سائين! اسان جي زبان مان اھو ڪجھ چواءِ، جنھن ۾ پنھنجو۽ پرائو خير ھجي. اي الله سائين! تنھنجا رنگ نيارا آھن. تون انھيءَ مينھن جي ڦڙيءَ مان موتي ٺاھين، مھراڻ ڀرين، پٽن پٽ پھرائين، ماڻھن مٿان ڏولائي جا ڏينھن لاھين! اسان کي ڪھڙي مجال، جو تنھنجي ڪئيءَ ۾ درڪ ڏيون. خير مھر جو وسائين! آمين!!

انڊلٺ جو ارٿ

موڪل جي مند، مينھوڳي موسم، دل فارغ، ” نه کس کا لينا نه کس کا دينا. “ ڏنڊم، مشٽنڊم، کٽ تي طول وھاڻو ٽيڪ ڪيو ويٺو آھيان ته امالڪ جيءَ ۾ جاڳيم ته جيڪر ٻاھر نڪري ٽڪرين جو سير ڪريان! ڪوٽ ڪلھن ۾، محو خيالن ۾، ڀانت ڀانت جو ڳالھيون دل ۾ ڪندو ھلندو رھيس. مينھن وسي رھيو ھو، وڻن ٽڻن کي رنگ جو نئون ھٿ اچي ويو ھو جو سڀ پي ٻھڪيا. ڪنھن مان جھرڪين جي جھرمر، ته ڪٿان ڳيري جي ڳٽڪار. مطلب ته طرحين طرحين قسمن جا آواز شام جي مھل کي ھڪ خاص قسم جي سازن سرودن سان سينگاريل مجلس بڻايو ويٺا ھئا. ٽڪريون به ڌوپي ڌوپي صاف ٿي پنھنجو اصلوڪو رنگ ڪڍيون بيٺيون ھيون.
ھڪ ٽڪريءَ تي چڙھي نظر ڪيم ته اوچتي اک انڊلٺ تي پئي. دل جھلي پڇيومانس ته ڀيڻ تو مان اسان کي ڪھڙو فائدو رسي ٿو، ڪھڙو سبق پرائي ٿا سگھون؟ تون ته فقط جدا جدا رنگ ڏيکاري رھي آھين، جي جيڪر ماستر پنھنجن ننڍڙن ڇوڪرن کي وٺي اچي ڏيکاري ۽ سيکاري. ٻيو ڇا؟ منھنجي انھيءَ سوال تي مشڪي چيائين ته ڳالھ ڪين ٻڌي اٿئي ته ھي جيڪي دنيا ۾ ڏسي رھيو آھين تن مان ھر ھڪ مان ماڻھوءَ کي سبق سکڻ گھرجي. ڇا تارا، آسمان، ڌرتي وغيرہ وغيرہ. مون دل ۾ ويچاريو ته فائدا ته فطري شين ۾ آھن مگر انھن کي ڏسي سبق پرائڻ ته مان ھن جي واتان ٿو ٻڌان. اڃان ايتري ۾ ھوس ته ادي انڊلٺ جا مونکي غور سان نھاري رھي ھئي، تنھن کي اھا ڳالھ ککي سو مونکي چيائين ته ادا ويھ ته مان پنھنجي سموري حالت ٻڌايانءِ. چيائين ته ڏس مان سج جي روشنائي آھيان. مون ۾ اصل سڀ رنگ ذاتي مليل آھن مگر منھنجي اڳيان سنھي پردي اچڻ ڪري رنگ رنگ ظاھر ٿيو پون. مان به وري انھن رنگن سان شامل آھيان. جيئن ھڪ جو انگ سڀ ڪنھن سان شامل آھي جو جيڪڏھن ان سان ضرب يا ونڊ ڪبي ته انگ اوتري جو اوترو رھندو.
جئن جو مونتي رنگين قالب آھي مگر اصل ۾ روشنائي آھيان، تئن آدمي به اصل ۾ نُور آھي ۽ فقط ان تي رنگن جو قالب چڙھيل آھي. اھي رنگ سڀ انھيءَ بيرنگيءَ جا آھن ” يار رنگيلو ھڪ رنگ نه آھي ڪوڙين رنگ سندس ڪيئي.“ جيئن منھنجي رنگن توکي مائل ڪيو تئن دنيا جا رنگ به توکي ڇڪين ٿا مگر تون اصل کي وٺ ۽ ڪوڙن رنگن تي روح نه ريجھاءِ.
عشقھاي کز پيءِ رنگي بود
عشق نبود عاقبت ننگي بود
جئن منھنجي زندگي فقط ٻه ٽي گھڙيون آھي. زندگي به وري ڪھڙي، رڳي رنگن واري: ۽ اھي رنگ غائب ٿي وڃن ۽ انھن جي اصلوڪي روشني اتي رھي، تئن اسانجا رنگ به اھي رنگ فاني آھن، ۽ سندن اصلوڪي روشني يعني روح بقادار آھي. ماڻھو رڳو رنگن تي ريجھي موھت ۽ مستانا ٿي ٿا پون ۽ پنھنجي اصلوڪي ذات کي وساري ٿا ڇڏين.
سو توکي گھرجي ته عارضي رنگ ڇڏي ذاتي رنگ سان ھم رنگ ٿي ۽ ان ۾ فنا ٿي ھڪ ٿي ڏس ته تون انھيءَ ذات جو ھڪ جزو آھين. تڏھن ڇونه ٿو انھيءَ ۾ گم ٿين جو ھڪ سڏجڻ ۾ اچين.
جيڪڏھن ھن جھان ۾ اچي توسان پليتي شامل ٿي تڏھين به ڇا؟ ڏٺو ڪين اٿيئي ته گڏھ جڏھن لوڻ جي کاڻ ۾ پوندو ته آخر ڳري اھو به لوڻ ٿي ويندو. تڏھن تون به سڀيئي سڱ ڇڏي، لاڳاپا لاھي، ھڪ منو ٿي رنگ روپ پاسيرو ڪري، ھڪ ڪرو ٿي اصلوڪيءَ روشنيءَ سان روح رلاءِ.
سندس چوڻ چڀي ويو، سو امالڪ چيومانس ته ادي تو ۾ ته عقل جا ڪوٽ آھن. مان ته جيڪر روز اچي توکان ڪي پرايان. چيائين ادا! لک بسملاھيون ڪري سيکاريانءِ پر اچڻ ٿو ٿئي قسمت قضاني. وري جڏھن آيس ته چار ڳالھيون ڪنديس.
اھو آواز منھنجي ڪنن ۾ سمايوئي ڪين ھو جو ھوريان ھوريان ادي انڊلٺ جي عماري ھلڻ لڳي. ھلڻ ھاري چيائين، ” ھي ھنئين سان ھنڊائج: ٻاھرين ڏيک ويک کي ڏسي نه ھرکج، مک وانگر ماکي ڏسي نه ڦاسج. نوان نوان نمونا نھار پر اندر ۾ جھاتي پاءِ ته:- تون جوئي آھين سوئي آھين.
’ نائي نيڻ نھار ته، تو ۾ ديرو دوست جو‘
چڱو ڀلا ھاڻي الله جي امان

ڪاري عينڪ

ڪو به انسان پاڻ وٽ حسن ۽ عقل جي ڪمي نه سمجھندو آھي، ۽ انھن جي ڏيکاءَ لاءِ سوين سٽائون سِٽيندو آھي، ۽ نوان نوان نمونا ڳولي ڪڍندو آھي. پنھنجي سونھن جي داغن ۽ عقل جي اوڻاين کي لڪائڻ لاءِ لکين يتن ڪندو ۽ پاڻ پتوڙيندو آھي. پاڻ کي سياڻو ڪوٺائڻ لاءِ ڪئين پستڪن جون پٺارڪون گڏ ڪندو، جبا ۽ قبا پھريندو، مگر
اين سعادت بزور بازونيست- گر نه بخشد خدائي بخشندہ.
۽ وري پنھنجي صورت کي سينگارڻ لاءِ سوين فن ۽ ھنر ھلائيندو آھي.
آڳاٽي زماني ۾ زالون منھن کي اٽو زور سان ملي ۽ مھٽي، منھن ۾ سرھائي ۽ لالائي پيدا ڪنديون ھيون. اکين ڪارائي ۽ آب لاءِ سرمون ۽ ڪجل ڪم آڻينديون ھيون، ته چپن جي لالاڻ لاءِ لالي ۽ مساڳ، ۽ ڏندن جي اڇاڻ لاءِ مساڳ ۽ مسي ۽ وري وارن لاءِ تيل ڦليل ۽ ڪپڙن لاءِ کٿوري ۽ عطر عبير. ايران ۾ ھار سينگار ۽ ڦڻي ڦوڪاري لاءِ خاص زالون ھونديون ھيون، جن جو ڪمال نه رڳو حسن کي دوبالا ڪرڻ ۾ ھو پر عيبن کي لڪائڻ ۾ به. مثال لاءِ تر، جو حسن جو شان آھي، جنھن لاءِ شاعرن فرمايو آھي ته ” ھي ڪھڙو نه عجيب آھي جو دارو جو داڻو باہ جي مچ تي بيٺو آھي.“ سو جي منھن تي ڪونھي، ته پوءِ اھڙو ھٿرادو ٺاھي بيھارينديون ھيون، جو ماڻھو ڀنڀلجي وڃي. ھتي مونکي اھڙن استادن جي ڳالھ ياد آئي آھي، جو لکڻ کان دل نٿي رھي ۽ اميد ته دلچسپيءَ کان دور نه رھندي. اڳ جڏھن سفر جا ڀو ڀلڪارا ۽ ڪٺن ڪشالا ھوندا ھئا، ته بادشاھ ۽ امير پنھنجن نقاشن کان پنھنجون تصويرون چٽائي، پنھنجي جيس ۽ جوڙي جي ڳولھا ۾ پرڏيھ موڪلايندا ھئا. اھڙي طرح شھزادين ۽ اميرزادين جون تصويرون به وينديون ھيون. جيئن خسرو ايران جو بادشاھ شيرين جي تصوير، جا ھڪ سوداگر وٽس آندي ھئي، ڏسي اتس پرپٺ عاشق ٿي پيو ۽ کيس شاديءَ لاءِ پيغام موڪليائين. پر ڪن وقتن تي شاه ڪاريگر اھڙي طرح عيب ڍڪي ڇڏيندا ھئا، جو استاد به ڌوڪو کائي وھندا ھئا.
ڪنھن بادشاھ جي ڳالھ ڪندا آھن، جو اک کان ڪاڻو، ھٿ کان لولو ۽ ٽنگ کان منڊو ھو. پر ھيو بادشاھ. اچي شاديءَ لاءِ شائق ٿيو. شادي به مٽ خاندان مان. پر ھي عيب جي چغل ٿيا بيٺا ھئا، تن کي ڇا ڪري ۽ ڪيڏانھن ڪري. سو پنھنجي بادشاھيءَ ۾ پڙھو گھمارايائين، ته جو شخص منھنجي اھڙي تصوير ڪڍندو، جنھن ۾ اھي ظاھري عيب ميٽيل ۽ ميساريل ڏسڻ ۾ اچن، سو منھنجي خزاني جي اڌ جو انعام طور حقدار ٿيندو. ڪئين نقاش مانيءَ مثال اچي ڪٺا ٿيا. پر سڀ شھ کائي بيٺا. ڪنھن جي ڪوڏي ڪانه ڦرڪي، جو سينو ٺوڪي، سندرو ٻڌي، ڏونري تي ھٿ ھڻي، اچي ميدان ۾ ٽپو ڌئي. پر چوندا آھن ته ٻج کوٽي ڪانھي. ماھيءَ جا لعل گھڻائي لڪل پيا آھن. ڪک ھيٺان لک وسي. استاد جي جاءِ به ڪڏھن خالي ڪون ھوندي آھي. سو ھڪڙي کي ڳالھ خيال ۾ ويٺي. تصوير ڪڍي پيش ڪيائين. سڀني طرفن کان واہ! واہ! ۽ سبحان الله جا آواز نڪتا ۽ قبوليت جي درجي کي رسي. پر ڪيئن ڪڍيائين جو بادشاھ کي شينھن جي شڪار جي موقعي ۽ مھل ۾ بيھاريائين. بندوق ھڻڻ مھل شست وٺڻ تي ھڪ اک پوربي آھي، سا ڪاڻي اک پوريل ٺاھيائين. وري جڏھن ڪو خاص نشان چٽڻو ھوندو آھي، ته گوڏو ڀڃي، فير ڪبو آھي، سو اھا منڊي ٽنگ بندوق جي واسطي اڏيءَ طور ڪڍيائين ۽ لولي ٻانھن بندوق جي قنداق جي اندرين پاسي ڪڍي ڇپايائين، اھڙيءَ طرح پنھنجي ڪار استادي ڏيکاري انعام کٽيائين.
اھڙي نموني اڳ ڪاڻا ماڻھو ڪاري عينڪ پائيندا ھئا، ته ڪوکين سھي ڪري نه وٺي ۽ ھي مڇون مروٽيندا گھمندا وتن. ڪي ڇوڪرا به امتحان وقت ڪارو چشمو پائيندا آھن، ڇالاءِ ته شيشي جي ٻاھران اک، اک جھڙي نظر اچي، پر اندران اکين جو ڦيرائڻ ۽ ڦرڪائڻ نظر نه اچي ۽ انھيءَ آڙ ۾ ھو ڀر واري ڇوڪري تان ڏسي، پنھنجو ڪم ڪڍن ۽ مٿان نظرداري ڪندڙن جي اکين ۾ سرمون پائي ڇڏين. مگر اڄڪلھ ته آفيسر ۽ ديوان، سھڻا ڪھڻا، ڪارا ڪوجھا، شيدي گورا، ڄٽ ٻٽ، واڻيا وڪال، ڪراڙا، جوان، ڇوڪر ۽ ننڍا وڏا، بنا ڪنھن سيڙھي سنڌي، صبح سانجھي، وقت ڪوقت اھي ڪارا کوپا چاڙھي ڦرنا ٿيا پيا وتن،خبر نه آھي ته ڇو؟ شايد اکين جي ڪچائي ڪري، اس کان بچاءَ لاءِ ٿا پائين.ڇالاءِ ته اڳ مائرون ٻار کي ننڍي ھوندي، ٻاروتڻ ۾ اٽي ۽ تيل سان مھٽي صفا ڪري، بدن کي چمڪيلو بڻائي، اکين ۾ سرمون پائي، سڄي بدن کي سوٽي، سڊول ٺاھي، دڪو کارائي، پينگھي ۾ سمھاري، ويھي لولي ڏينديون ھيون. سرمي جي ڪري، ٻار جي اک پڪي ٿيندي ھئي، دڪي ڪري ڦٽرو ٿيندو ھو ۽ تنجڻن ۽ ٻنڌڻن ڪري، بدن پوري بيھڪ ۾ رھندو ھو، تڏھين ٿيندو ھو ماءُ کي ٻار لاءِ پيار ۽ پريتڻو ۽ ٻار کي ماءُ لاءِ سڪ ۽ اڪير. ان ڪري ماءُ ديويءَ سمان ليکيل آھي ۽ ماءُ جي پيرن ۾ بھشت چيل آھي. پٽ به آگيا ڪاري ۽ فرمانبردار ھوندا ھئا، جي مائن مٿان سر ساھ صدقي ڪندا ھئا. اسان وٽان ته ھاءِ به وئي، ته ھوءَ به. اڄڪلھ ٻين ڳالھين سان سرمون به ويو، جنھن ڪري نظر جي عينڪ ۽ ڌوپ ڇانو جي چشمي جي ضرورت ٿي. پر ھي ڪھڙو غضب! جو ڪاري عينڪ صبح سانجھيءَ چڙھي پيئي ھجي! سو ڪنھن رھاڻ ۾ ھڪ صاحب کان پڇيو، ته سائين! اڃا ته سويل آھي، پوءِ ڇو ڪاري عينڪ لڳائي اٿو؟ مشڪي چيائين ته ” ڪاري عينڪ سان حسن وڌي ٿو“ سياھي باسفيدي نقش بندد، مگر انھن نين ڪٽاري ۽ چشم خماري تي ته پڙدا چڙھي ويا. اکيون جنھن کي شاھ صاحب ۽ ٻين شاعرن ھيٺين طرح ساراھيو آھي.
(۱) ” عقابيل اکين ۾ توکي تکا تير،
ساجن انھم سينڱ سين ڦٽيئي گھڻا فقير،
ٻيو م مارج مير، تنھنجو پھريون ئي پورو ٿيو.“
(۲) مومل کي مجاز جا اکين ۾ الماس،
نڪا عام نه خاص، جي ويا سي وڍئا.(شاھ)
(۳) کڻ سلوڻا نيڻ نرگس، نيم خوابي پرخمار،
نت نقاب اندر نماڻا، ناز پرور ڪيم ڪر.
(مصري شاھ)
(۴) وڌءِ چيري ۽ چچري، دل ھڻي پيڪان پنبڻين جا،
نه ڪيءِ ڪو خوف ۽ خطرو خداوند جي خدائيءَ جو.
شاعرن اکين جي آب ۾ باب ڀري ڇڏيا آھن، سي دفتر ته ڇٽا. ٻئي صاحب چيو،”اک جي پڪائي سکين ته ڪاري عينڪ پاءِ. سڀ ڪجھ ھڪ رنگو ڏسندين پوءِ جيڪي وڻيئي سو چو.“ اک آھي حيا ۽ مرم. ان تي پردا چڙھي ويا ته پوءِ سڀني طرفين خير. ٽين صاحب چيو ته ” ھنن گھرن گلابي نيڻن کي نظر نه لڳي.“ ان لاءِ ڪاري عينڪ پاتي اٿم. ڇو جو ھر ڪو ماڻھو سھڻي شيءِ ۾ نظر وجھندو آھي. سائين نظر ماري يا کاري يا گھر وھاري.
”اچھي صورت بھي کيا بري شيءِ ھي،
جس ني ڊالي نظر بري ڊالي.“
ان ڪري چشم بد کي دور ڪرڻ لاءِ ڪاري عينڪ پائيندو آھيان. اڄ ڪلھ ماڻھن ۾ قرب ڪونھي، ڪام آہ. محبت ڪونھي موھ آہ. پر اک ته اندر جو آئينو آھي. جيڪي به دماغي ڪيفيات ۽ دلي تاثرات آھن، سي سڀ ان مان ظاھر ٿا ٿين .
”کڻي نيڻ خمار مان ناز ڪيائون نظر“ (شاھ)
ڪيترن ماڻھن اک ڏيکارڻ سان ڪم ورتو آھي ۽ ڪيترن نيڻ ٽمائي، نماڻي صورت بڻائي ڪم ڪڍيو آھي. پوءِ ڇونه انجي ھر ڪنھن اشاري کان ڪم وٺجي. ڀلا ھن ملنگ کان ته پڇو، ته ھن ڪاري عينڪ ڇو پاتي آھي؟ ملنگ آواز تي بيھي رھيو. ھن جو دنيا جي دلبن ۽ دلبرين سان ڇا؟ ملنگ چيو ته بابا ” مان سڀ ڪا شيءِ ڪاري ٿو ڏسڻ گھران، ته متان کليلن اکين سان روح نه ريلو ڏي ۽ دل نه ڇڪي ڏي.“ مون چيومانس ته ” اھا ڳالھ به نه ٺھي. ٻاھرين اکين تي ڇو ٿو ايترو خيال ڪرين ۽ مغز مارين؟ تنھنجو ڪھڙو ڪم؟ ڪاري عينڪ ھجي ته ڇا، ڀوري ھجي ته ڇا، رنگ به رنگي ھجي ته ڇا! پر جي ھجي ته ڇا، نه ھجي ته ڇا. تون ته اھا اندر جي اک کول جنھن ۾ جنھن وقت به جھاتي پائين، ته جھڙو آھين، اھڙو پاڻ پسين. تون اندر جي اک تان ڪارو کوپو لاھي، آئينو بڻاءِ ته پوءِ،
”ھاري حق رکيج، سانڀارا ساھڙ جا،
خواب خيال خطرا، تن کي ترت ڏئيج،
اندر آئينو ڪري، پر ۾ سو پسيج،
انھم راھ رميج، ته مشاھدو ماڻئين.“
اتي ماڻھو اشارن ۾ ڳالھائڻ ۽ مشڪڻ لڳا ۽ مان ان خيال ۾ غرق ھوس ته ڀلا ڪاري عينڪ پائڻ جو ڪو ته سبب ھوندو. ڪو ٻڌائيم ته مھرباني.

ڪافي

رساله مھراڻ جي اپريل 1946ع واري پرچي ۾ ڪن اديبن جا ڪافيءَ بنسبت رايا چپيل آھن. انھيءَ کان اڳ جو مان پنھنجا خيال اھل علم اڳيان پيش ڪريان، ھن ڳالھ جي ڪوتاھي ڌيان تي آڻڻ ضروري سمجھان ٿو ته جيسين ڪا مستند لغت اسان جي زبان ۾ تيار نه ٿي آھي، تيسين خيالات جا اختلاف ھلندا ايندا، تنھنڪري اسان سڀني کي گھرجي ته انھيءَ ڏَس ۾ ڪوشش ڪري، ڪا مستند لغت تيار ڪريون.
ھر ڪنھن ملڪ جي زبان ۽ تمدن تي فاتح ملڪن ۽ حڪمران قومن جو گھرو اثر پوي ٿو. مثلاً عربن جي اچڻ ڪري عربي رسم الخط جاري ٿيو. ماڻھن گول مھريدار پَٽڪا ٻڌڻ شروع ڪيا. کجيون پوکيون ويون. قبا، تجرون ۽ منڊ جون جايون ٺھڻ لڳيون. عربي لفظ گھڻي قدر رائج ٿي ويا، جن مان ڪيترا بلڪل بگڙيل صورت ۾ نظر اچن ٿا. مثال لاءِ:- رجة- راڄ، ڪراز- ڪراڄ وغيره. وري مغلن ۽ ايرانين جي اچڻ ڪري پارسي زبان جو اثر پيو. جئن زونه مان جود، خر مان کر، بھوش بھوش مان پوش پوش وغيره. انگريزن جي اچڻ ڪري ڪيترا انگريزي لفظ سنڌيءَ ۾ گڏجي ويا. جئن ته جيل، ٽڪٽ، اسڪول ۽ ماستر وغيره. عربن جي جن صاحبن تاريخ پڙھي ھوندي، تن کي چِٽيءَ طرح معلوم ھوندو ته عربن ۾ بلند پايه شعري ھئي، ۽ گھڻي ڀاڱي عشقيه به، انھيءَ ڪري دڦن تي راڳ ڳائڻ جو تمام گھڻو رواج ھو ۽ آھي. عربيءَ ۾ ڪفہ جي معنيٰ آھي دڦ جي ڪاٺي جنھن ۾ گھنگھرو پيل ھجن (قاموس) ۽ ”استکفوا“ جي معنيٰ آھي خيرات وٺڻ يا گھرڻ لاءِ ھٿ ڊگھيرڻ ۽ فقير جي ھٿ جي تريءَ تي پئسا پنڻ- عربستان ۾ فقير دڦ وڄائي، پوءِ خيرات لاءِ ھٿ ڊگھو ڪندا آھن ۽ جئن دستور به آھي. ھتي ان جو اھو اثر پيو، جو دڦ جي بجاءِ کنجري، يڪتارو، پڪواز کڻي، گھنگھرن واريون چپڙيون وڄائي، خيرات گھرڻ جو سلسلو چالو ٿيو. جامع لغات وارو صاحب لکي ٿو، ڪافي ھڪ راڳ جو قسم آھي يا پنجابي زبان ۾ ھڪ شعر جو قسم. غياث الغت وارو صاحب لکي ٿو ته ڪافي ھڪ راڳڻي آھي، ۽ وري موسيقيءَ جي باب ۾ ڪافيءَ کي ديپڪ راڳ جي شاخ ڪري لکيو آھي جا سارنگ سان گڏ ڄيٺ ۽ آکاڙ مھينن ۾ ڳائبي آھي. جيڪڏھن آواز ( جنھن ۾ ريڊئي جو پروگرام شامل ھوندو آھي) ملاحظه ڪندا ته معلوم ٿيندو ته ڪي گويا ڪافي راڳڻي ڪري ڳائيندا آھن. سنڌ ۾ ڇاڪاڻ ته مھر جي ڪمھري آھي، تنھن ڪري ممڪن آھي، ته ھتي جي ماڻھن اندر ديوتا کي ريجھائڻ ۽ برسات آڻڻ جي خيال سان ڪافيءَ کي زيادہ اھميت ڏني ھجي، ۽ ھي جيئن جو سارنگ سان لاڳاپو رکندڙ راڳڻي آھي، تيئن ھن تي فقيرن زور رکيو ھجي، ۽ پوءِ رفته رفته ٻين سرن ۾ ڳائڻ جو رواج پيو ھجي، جو ھينئر ڪافي تمام گھڻن سُرن ۾ ڳائي وڃي ٿي، جھڙوڪ: جوڳ، پيلو، تلنگ، ڪوھياري، سورٺ، ڀيروين وغيره. ۽ اھڙين راڳڻين ۾ ڳائي وڃي ٿي، جن سان ديپڪ جو ڪوبه واسطو ڪونھي. ان ڪري حڪومت جو اثر يعنيٰ ڪفہ يا استکفوا جو ملڪي اثر ٻئي گڏجي پيا.
ڪافيءَ جو دعاي ڪاف سان ڪوبه واسطو ڪون ٿو ڏسجي، جو ڪافي مداح ۽ مولود کان ھڪ علحدي چيز آھي. ڇوته جيڪي به ڪافيون ٻڌبيون آھي، سي درد ۽ سوز سان ڀريل ھونديون آھن، ۽ سندن مضمون به عشقيه ٿيندو آھي، ۽ نه وري قناعت سان ڪو تومل اٿس، ڇوته راڳ ۽ شعر جي محويت ۾ بس جو باب آھيئي ڪونه.
ان جو وائيءَ سان به ڪو واسطو ڪونه آھي. ڇالاءِ ته ڪافيءَ ۾ ٿل کانسواءِ گھٽ ۾ گھٽ ٽي مصرائون ٿينديون آھن. ازانسواءِ وائي جو ٿل يا مصرع ھڪ سٽو آھي، پر ڪافيءَ جي ھر ھڪ مصرع ۾ ان جي برعڪس ڏيڍ سٽ، ٻه سٽون، ٽي سٽون ۽ چار به ٿينديون آھن. ھت ھيٺ وائي ۽ ڪافيءَ جا مثال ڏجن ٿا.

وائي

اھکي آڳھ آھي – مونکي تان نه ڇڏيندو تک ۾
پڇي پوءِ ٻين کي – لڪن ۾ لڏ لاھي
آري اگھاڙن کي – پنھون ڄام پراھي
(شاھ - سر سسئي آبري- فصل پنجون)

ڪافي (مثال پھريون)

سور سختيون عاشقن ڏي يا مھماني مڪا،
اھنج اوکيون سالڪن ڏي يار مھماني مڪا.
(1) ڪم نه آھي ڪو دڪن جو برھ ۾ ھت بات ڪا
سر ڏيڻ، سوري چڙھڻ، ليءِ دوستن ڌوڻا ڌڪا.
(2) زڪريا، جرجيس، يحيٰ سيئي ٿي پرتان پڪا،
نا مڙيا منصور جيان، توڙي ٿيا تولا تڪا،
(3) اڃ نه اوڏي عاشقن کي، بيک بيراڳين نه ڪا،
وحدتي واصل الاھي، وتن لاھوتي لڪا.
(4) صاحبڏنا سڪ سوز ۾ ٻي نا وٺج تون راھ ڪا،
ريءَ اسم الله جي ٻولي نه ٻولج ٻي نڪا.

ڪافي (مثال ٻيون)

ٿل: يار سڄڻ تنھنجي ماڻن ماري ماري آھيان،
ڳالھين ڳاري آھيان.
ونحن اقرب ڏس ويجھو ئي،
پرين پراھون پنڌ نه ڪوئي،
وٽ ويھي تو وساري آھيان.

ٻانھيون سائڻ گڏ ٿيون گذران،
تو جئن ماڻن سين نه مارن،
دور رين ٿو شايد ڌاري آھيان.

دلبر تنھنجي دور رھڻ جا،
سي ٿيا منھنجي سور سھڻ جا،
انھن حيران ڪئي آن، ھيڪاري آھيان.

واءِ اميد علي وارو يجھائي جو،
گھوريو جانب جل جدائي جو،
آءُ ته فراق آزاري آھيان.

ڪافي (مثال ٽيون)

ٿل: مذھب ملت عشق الاھي،
محبت ريءِ ٻي سڀ گمراھي.
(1) چارئي مذھب دين وارن،
مذھب محبت جو وره وارن،
عشق اجاري قلب ڪارن،
بي پروڙن بي ويساھي؛
(2) چار ڪتاب سبب سڪ آيا؛
سڀ صحيفا حب ھلايا؛
سچن نبين سي سمجھايا؛
امر نھيءَ جي تن آگاھي.
(3) مالڪ شافعي حنبل حنيفو؛
ھر مذھب جو عشق خليفو؛

علم حلم سڪ ورد وظيفو؛
ھادي ڏنين حق ھمراھي.
(4) اشرف ڪئڙا پرت پسارا؛
ھي جڳ ھو جڳ عشق الارا؛
وير وڄائن وحدت وارا؛
عشق نقارو شاھن شاھي.

مٿين مثالن مان ڏسبو ته وائي ۽ ڪافيءَ ۾ گھڻو تفاوت آھي؛ جو پڙھڻ سان سمجھي سگھبو. سيوھڻ ۾ قلندر شھباز جي فقيرن جي رھڻ جون جيڪي جايون آھن، تن کي به ڪافيون سڏيندا آھن؛ جيئن پٺاڻن جي ڪافي. خبر ناھي ته انھن تي اھو نالو ڪيئن پيو. پر قياس چوي ٿو ته فقير انھن جاين ۾ ٽولا ڪري ڪافيون ڳائيندا ھئا ۽ رفته رفته اتي رھڻ شروع ڪيو ھوندائون. تان جو انھن جاين کي جتي ڪافيون ڳائيندڙ رھندا ھوندا؛ سي ڪافين جي نالي سان مشھور ٿي ويون ھونديون. والله اعلم بالصواب. جيئن ته سنڌي نظم ۾ ڪافين جو ڪافي حصو آھي؛ تنھنڪري ان جي کوجنا به ڪرڻ گھرجي.

ڪتو

ڪتو ڪنھن نه ڏٺو ھوندو؟ دنيا جي ھر طبقه جي ھر ھڪ شھر، ڳوٺ، وسنو ۽ وانڍ ۾ ضرور لڀندو، پوءِ توڙي ھجي ڪوسو ڪمربند يا ٿڌو. ھر درجه جي ماڻھن وٽ رھي ٿو، بادشاھ کان غريب پينار تاءِ بلڪ الله لوڪن وٽ به. اھو جانور پلنگن ۽ پوشن ۾ به رھي، ته خراب ۾ خراب جڳھن ۾ به. تمام سٺن ٿانون ۾ به خدمتگارن ھٿان گوشت ۽ مال مليدا به کائي، ته وري ڪڏھن چوسيل ھڏو ڪرٽي به وقت ڪاٽي. ھنجا ڪيترائي قسم ۽ رنگ آھن. شايد ڪنھن زماني يا جڳ ۾ ڪتو، بگھڙ، لوڪڙ ۽ گدڙ ھڪ ئي نسل مان ھجن. ھن جو قد ڇھن انچن کان چئن فوٽن جي وچ ۾ ٿيندو آھي. ڪن کي بدن تي ڏاڍي گھڻي بَج ھوندي آھي.ھن کي ۴۲ ڏند ٿيندا آھن، جن مان ڪي ڊگھا ھوندا آھن ۽ ڪي ننڍا. ڊگھا ڪاڻيٺا سڏبا آھن ۽ ننڍا پٻيون.
شوقين خفتي ھن جي چند بڻ قائم رکڻ لاءِ سوين پيسا ھاريندا آھن ۽ ڪوشش وٺي ھن جي اصل نسل جي باقائدي تاريخ رکندا آھن ۽ مٿا مونا ھڻي ھن جا گلر ٻسر سڏجڻ کان بچائيندا آھن. اسلامي شريعت ھن کي پليد ۽ نجس ٺھرايو آھي، جو ھن جي زبان جو لعاب يا گگ بلڪل زھردار آھي. ھن جي پيٽ ۾ قاتل ڪيڙا ٿيندا آھن ۽ ڪنھن به وقت ڇتي ٿيڻ ۾ ويرم ڪانه ڪندو آھي. انڪري ھن جي چڪ جو فوراً علاج ڪرايو ويندو آھي.
ھن ۾ ڪيئي بد عادتون آھن، جنھن ڪري انھن تي بي شمار محاورا ۽ چوڻيون ٺھيون آھن.
” ڪتو ڪرٽي ھڏيون، جوان مرد جگر کاءِ،
” ڪتو طالب ڍونڍ جو، ” الدنيا جيفةً و طالبھا ڪلاب، ايءُ ھيئين سين لاءِ.“
ڪتي جو پڇ نڙ ۾ ٻارنھن مھينا وڌو ھئائون ته به سڌو نه ٿيو، يعني ڪنھن جي طبيعت خرابي ڪڏھن ڪانه ويندي آھي. اڍنگي ماڻھوءَ جي اڳيان وڃڻ نه گھرجي، جو چوندا آھن ته ” نه ڪتو ڏسي نه ڀونڪي.“ ڪتو ڪڙم جو ويري. فقير فقير کي نه سھي. ڪتي جي بک ۽ ڪتي جو حرص مشھور آھن. چوندا آھن ته کائي ته سوا مڻ نه ته ڪنو چٽي وھي. سياڻن نفس کي ڪتي جي مشابھت ۽ ڀيٽ ۾ آندو آھي. درويش چون ته نفس ڪتي کي ٽڪر ڏيڻو آھي. نر جڏھن بالغ ٿيندو آھي ته ٽنگ کڻي مٽندو آھي.
جي خاميون اٿس ته خوبين کان به خالي نه آھي. سندس زبان ساڙي ناسور جو مرھم ٺاھيندا آھن. بعضي ته ناسور جا ڦٽ چٽائي چيٺيا ويندا آھن. ھيءُ ھڪڙو بھادر جانور آھي. شڪار لاءِ ھن جھڙو ٻيو ڪونھي. ھي اھڙو سونجھو آھي ۽ ھن جي سنگھڻ جا حواس اھڙا تيز آھن جو جھنگ ۾ گھاٽين ڄارين، ويڙھين، مور، لد ۽ ڪھڙ مان نوسي شڪار کي ٻاھر ڪڍندو يا ٽوڪندو آھي. مِرن جي شڪار ۾ جتي ڏسندو آھي ته مرون ڇڙيو، چڙيو ۽ شوراڻيو بيٺو آھي، ۽ سندس ساٿي آھن ڪپن سان ڪپيل، ڳل چيريل، واڇ ڦٽيل، ڪنڌ کاڌل، پيٽان آنڊا لڙڪيل، ته به بيٺو باھيندو ۽ بيٺو سٽون ڏيندو. بس سرڳيءَ مان ڇٽو ناھ، چھٽيو ناھ! سنئون اچي دوناڙ ۾ چڪ وجھندس، يا جي سياڻو ھوندو ته ڪن ۾. ڇا جون ھڏڪارون ٻڌڻ، ڇا جا وڄ ڏسڻ، مري مٿو ڏيندو. چڪ اھڙو وجھندو جو جنڊا مڙي وڃن. پوءِ ڪاٺيون وجھي پيا چڪ ڇڏائين، ڪن ۾ ڦوڪون ڏين يا ڪا ٻي اٽڪل ويڙھائن. مطلب ته منھن ڏيئي مرندو، پٺ ڏيئي نه ڀڄندو.
ھڪ لڱا ھنجي بھادري ۽ دليري ڏسڻ لاءِ مرحوم مير علي مراد خان شينھن ٻنڌائي ڪتا ڇڏيا. ڀلا شينھن شير خدا جو، جھنگل جو بادشاھ، ھر ڪا شي ڪنبندي وتي. ان جي گاج ۽ پڇ جي ٺڪاءَ تي ته جانورن جي مٽ مٽان لڳي وڃي. مجال جو ڪو انجو مٽ اورانگھي لنگھي سگھي. ھنجي شڪار ۾ دھشت کان مچان ۾ ماڻھو مٽي ڏين. ڪن جون بندوقون ھٿن مان ڪري پون. خير، سو ڪي ته پريان ئي سڪي پيا. ڪي ڪن ڦڙڪائڻ لڳا. پر جڏھن مالڪن وٽان ” گھوري، گھوري مکڻا! شابي، شابي سنھڻا!“ ٻڌائون تڏھن دلھيري ڇڏي دلير ٿيا: ۽ چريا ٿي، اکيون پوري چڙھي ويا. اگرچ ھڪ به سلامت نه بچيو، پر سندن دليري ۽ وفاداري اڃا پئي ڳائجي! چورن جون ڪھاڙيون ۽ لوڙھيون سھندا، ته به ڀونڪڻ ۽ باھڻ کان ڪين مڙندا ۽ پيا ٽون ٽون ڪندا.
اسڪولي ڪتابن ۾ ھنجا پنج قسم لکيا ويا آھن. سينٽ برنارڊ جا ڪتا، ڪالي، تازي، گري ھائوڊ ۽ رولو. سينٽ برنارڊ جي مڙھيءَ جا ڪتا آلپس جبلن تي گھمندا آھن. ڪيترا مسافر وندر ۽ ھوا بدلائڻ لاءِ ويندا آھن، سي اوچتو برف وسڻ ڪري ڀلجي، ٿڪجي مرڻ ھارا ٿي پوندا آھن. اھي ڪتا جن جي ڳچيءَ ۾ لالٽين کان سواءِ ترت علاج جون دوائون به ٻڌل ھونديون آھن، سي ائين ڪيتريون جانيون تلف ٿيڻ کان بچائيندا آھن. ٻيو قسم رڍن جا ڌڻ سنڀاليندو آھي. مجال جو ڪو جانور پاسو ڏئي لنگھي ڏسي. تھبارون نه ڪڍي ڇڏنس! ڪي ڪتا ٿڌن ملڪن ۾ بنا ڦيٿي گاڏيون گيھيندا آھن. اتان جا ماڻھو اھڙين گاڏين تي چڙھي شڪار ڪندا آھن، ٽپال ورھائيندا آھن ۽ ٻيا ڪيترا گھرو ڪم ڪندا آھن. سرڪس ۾ ڪيئي ڪم ۽ ڪرتب سندن سمجھ ۽ ھوش آھر وٺندا آھن جو عقل دنگ ٿيو وڃي. سندس وفاداريءَ جو بلند ۾ بلند مرتبو اصحاب ڪھف جي قصي مان ثابت آھي. خواجه حسن بصري ڪتي جون ھيٺيون ڏھ خاصيتون لکيون آھن.

1. ھو جي بکيو ۽ ڏکيو ھوندو آھي ته به ٿوري گھڻي ٽڪر تي راضي ٿيو ويٺو ھوندو آھي. نه جھڙپ ڏئي ٽڪر کسي نه وري گرڪي. اھي نشانيون صالحن ۽ صابرن جون ھونديون آھن.
2. ھنجو ڪوبه مڪان ڪونھي. ھي خصوصيت اگرچ رولو ڪتن جي آھي، جو جتي اچين تتي ڳڀي مانيءَ تي وقت ڪاٽيندا ھلن، تڏھن توڪل رکندڙن جي شمار ۾ آھن.
3. رات جو يا ته سمھندو نه آھي، يا ته رڳو اکيون ٻوٽيو پيو ھوندو آھي. ٿوري ئي کڙڪي تي ھوشيار ٿي ويندو آھي. ھنکي ننڊ، جا موت جي ڀيڻ ليکبي آھي، سا ڪڏھن به نه ٿي نھوڙي نئين. ھيءَپر شب بيدارن ۽ محبن جي آھي، جي ”ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو“ جي دائري ۾ اچن ٿا. ” نيڻن ننڊ نه انکي، خوشي خواب نه ڪن“.
4. جڏھن مري ٿو ته ڪابه ميراث ڪانه ٿو ڇڏي. جھڙو آيو، تھڙو ويو. اھا صفت زاھدن جي آھي، جي دنيا کي ٽي طلاقون ڏئي، ھٿين خالي اڇين ڪڇين وڃي پار پون.
۱- ” گندي ۽ گراہ جن سنياسن سانڍيو،
انھن کان الله اڃا آڳاھون ٿيو. “
۲- ” نه گندي، نه گبري، نه لاگوٽيءَ لک،
جيڏانھن ڀرين وک، تيڏانھن صاحب سامھون.
5. ھي پنھنجي مالڪ کي ڇڏي نه ويندو آھي. ڏٺو ويو آھي ته بعضي بي قدرا مارون ڪڍنن، ته به در ڇڏي نه ويندا. ھي خاصيت صالح مريدن جي آھي، جي ھميشہ ادب ۾ رھندا آھن.
6. جھڙي جاءِ اچين اتي ويھي رھن. مٽي، واري، گپ، چلھ مڙيئي وھندا. اھا خاص وصف نياز ۽ نوڙت وارن جي آھي.
7. ھن جي جاءِ، جي ڪو ٻيو والاري وھي ته ويچارو ھليو ويندو. اگرچ گرندو ۽ گرڪندو به. ھت نه پڪي ھت پڪي. ھي علامت انھن ماڻھن جي آھي، جي ھر ھنڌ راضي رھن ٿا.
8. ھن کي ماري ماري وري کن مانيءَ جو وجھي ڪور ڪور ڪبو، ته پڇ لٽڪائيندو ايندو. ان جي معنيٰ آھي ته ھن کي ڪينو ڪونھي. اھي خصلتون ۽ اھڃاڻ خاشعن ۽ عاجزي ڪندڙن جا آھن. ” خيئون خشعت خوف ۾ ڪيائون ڪيني کي قتلام.“
9. کاڌو سامھون رکيو ھوندو ته ويٺو ڏسندو. ھي صفت مسڪينن جي آھي.
10. ڪنھن به مڪان کان ھليو ٿو وڃي، ته وري اوڏانھن نه ٿو اچي. اھي پار ۽ خاصا آثار، ڏکويلن ۽ درد وندن جا آھن، جي راتو ڏينھان درد ۾ رھن ٿا.

ھن زماني ۾ ھر مذھب ۽ ملت جا ماڻھو ڪتو ڌارڻ زماني بازيءَ جي ضرورت سمجھن ٿا. ھو ھر ھڪ فيشن پرست ماڻھوءَ وٽ ضرور ھوندو، جو کيس شام جو ضرور پاڻ سان گڏ گھمائيندو. گويا ھن جو دوست ۽ محافظ آھي. نفيس ۽ نازڪ بدنن لاءِ زيب ۽ زينت آھي. حافظ عليه الرحمة به ھڪ ڏينھن پنھنجي محبوب کي عرض گذاريو ته تون ڪتي کي شڪار لاءِ وٺي وئين، پر مونکي وساري وئين. يعني عاشق، معشوق جي ڪتي ٿيڻ ۾ به عيب نٿو سمجھي. ڇاڪاڻ ته معشوق ڪنھن وقت ڪتي کي ماريندو يا ڌت ڪندو، ته ٻئي وقت مشڪي پٺي به ٺپريندو. ظاھر آھي، ته اھي ٻئي ڳالھيون عاشق ويچاري لاءِ غنيمت آھن. اھڙي طرح مجنون به ليليٰ جي ڪتي کي چمندو ھو، جو دلبر جي در تان ايندو ھو. ٻئي ھنڌ ڪنھن شاعر ڪتي کي پٽو ڳچيءَ ۾ ڏسي چيو آھي،” اھڙو ڳٽ غلاميءَ جو جيڪر منھنجي ڳچيءَ ۾ نه وجھين ھا.“ ڪھڙو نه عاشق آسائو ٿي چيو آھي! شاھ صاحب پڻ فرمائي ٿو،” ٻانڀڻ ٿي ٻوٽيون، ته ڪتا کيني ڪيچ جا.“ ” ڪتا کيني ڪيچ جا، سندا جي پنھون.“ ”ڪتو جي ڪانءُ پريان سندي پار جو- انھيءَ جي مٿان آءٌ ڪوڙئين قرباني ٿيان.“ جھانگير بادشاھ ھميشہ پيرن فقيرن، ساڌن جوڳين سان مجلسون ۽ رھاڻيون ڪندو ھو. جي ڪي گوشه نشين وٽس نه ويندا ھئا ته پاڻ انھن وٽ وڃڻ کان عار ڪين ڪندو ھو. ھڪڙي وقت ڪنھن خدا رسيدہ بزرگ وٽ سندن وڃڻ ٿيو. ٻاھران ڪتو ويٺو ھو جو بادشاھ کي ڏسي ڀونڪيو. بادشاھ سلامت جي طبيعت رنجيدہ ٿي ۽ پاڻ فرمايائون ” در درويش را دربان نه بايد “ يعني درويش جي در تي دربان نه ھئڻ گھرجي. فقير ٺھ ٺپ جواب ڏنو، ” به بايد تا سگي دنيا نه آيد.“ ھئڻ گھرجي جو دنيائي ڪتو نه اچي. الله الله! ڪيڏو نه آزادانه ۽ بي باڪانه جواب ۽ ڪيڏي نه شھنشاھ جي بردباري ۽ سھن شڪتي! ڪاش، اھڙو زمانو موٽي اچي!
ھي جانور آئيندہ جي واقعات جي به خبر ڏيندو آھي. جيئن جو ڪٿي موتي فوتي، آفت يا مصيبت اچڻي ھوندي آھي ته ھي اونائيندو آھي. ھن جي اونائڻ کي بد شگون ڪري ليکيو ويندو آھي. ڪيترا ماڻھو ننڊ مان اٿي، گرم ۽ نرم ھنڌ ڦٽو ڪري به ھن کي تڙي ڪڍندا آھن، ۽ الله کان امانَ پناھ ۽ خير سلامتي گھرندا آھن. مطلب ته ھنکي آگاھ جي اک آھي. ھڪڙي درويش چيو آھي ته ” ھيچ مي داني که سگ راچيست شوري با گدا- منع مي سازد که جز حق بر در ديگر مرو.“ يعني ته خبر اٿيئي، ته ڪتو گداگرن جي پٺيان ڇو ڀونڪندو آھي، ھو ان پينوءَ کي ٿو چوي ته ”ڌڻي تعاليٰ جي در کان سواءِ ٻئي در نه وڃ.“ ” در داتا مڱ مڱتا، ٻئي جي ڪڍ مَ ڪاڻ.“ شاھ.
الله سائين! تنھنجي قدرت جو ڪاٿو ئي ڪونھي. تو ايڏا گن ۾ گڻ ھر ھڪ چيز ۾ خلقيا آھن، جو انھن کي سمجھندي، پرجھندي نه، پر رڳو شمار ڪندي عمر خضري ھجي ته به تڇ سمان آھي.
خالق منھنجا! تون جمال لا زوال! پنھنجي جمال جي جوت ڏي ته ھر چيز ۾ تنھنجو جلوو جمال ڏسان پسان ۽ پرجھان.
” مڱان ڪھڙي مت سين نسورو نادان،
سو داتا ڏيارج دان، جو طمع کي ترڪ ڪري.“

شِڪار

شڪار جو شوق به عجيب آھي. جي ان کي عشق سان ڀيٽ ڪجي ته به جيڪر ٺھي اچي، جو نه گرميءَ جي خبر، نه لوءَ ۽ لڪ لوڏي جي پرواھ. نه مينھن، واءُ، واچوڙي جو خيال ۽ نه سرديءَ جي سٽ جو سماءُ. ھليو ھل، وھڻ وھ، ته آرام حرام. ھيڏي ھوڏي پيو ڪنائيندو، اکيون پيو ڦيرائيندو. گاھي جوھن ۾، گاھي ڌرتيءَ تي پيو کر ڏسندو ۽ سٽون ڏيندو.طلب ته ” تتي ٿڌي ڪاھ، ڪانھي ويل وھڻ جي.“ انھيءَ انڌ ۽ آزار ۾ ڪن سر وڃايا ته ڪن عضوا. ڪن جايون گروي رکيون ته ڪن زمينون نيلام ڪرايون. پر نه انھيءَ ناسور جو ڦٽ مڙي ۽ نه جند ڇٽي، نه اھو مرض ھٽي نه ويساھين ملي. مطلب ته چري ويرون وير وڌ. جئن ٿڌ تئن وڌ.
ھڪڙي ڏينھن پنج اٺ ناسوري مليا، ۽ ھڪڙو ڏينھن شڪار لاءِ مقرر ڪيائون. انھيءَ سوداءَ ۾ وري وھم ۽ ويچار به وڏا ٿيندا آھن. چي، ڪو ندورو منھن نه پوي، شل ڪو گدڙ نه گڏجي، خالي وار نه وڃي، جمع نه ھجي. پر ڪئين ڀرم ۽ ڀولا خيال ۾ رکڻا ٿيندا آھن. وري دنيا ۾ ندورا ته ندورا، پر ڪي انھن جا به آقا. جو اھڙن جي شڪل ڏسڻ ته ٺھيو، پر صبح جو خدانخواسته، ڀلي ڀلائي ڪو نالو ڳنھي ته سڄو ڏينھن مانيءَ کان نرھ. حرام جو ڪٿي پاڻيءَ جو ڍڪ به نصيب ٿئي. ٻيو مڙيوئي خير! ٿيو ڀلو! سارو وقت ڌڪا ۽ ٿاٻا، ڄڻ ته ملائڪن روزي آسمان تي کڻي ورتي ۽ خواجه خضر پاڻيءَ تي پھرو بھاري ڇڏيو. اھڙي آقا سائينءَ کي به اسان مان ھڪ صلاح ھنئين. ھن ويچاري چيو ته شڪار تي منھنجو پکو ڪونھي ۽ جي مان ھلندو آھيان، ته شڪار نه لڳندو آھي. سو مونکي نه وٺي ھلو. مان شايد ڪباب ۾ ھڏي ٿيان. ڀلا اسان کي ڪھڙي خبر ته ھو ڪو ترڙ نڀاڳو ۽ چونڪ چنڊو آھي. اسان سمجھيو ته ھيترن ماڻھن جي مقابلي ۾ ھنجي نحوست ڇا ڪندي؟ سو مڇڏو ٿي بيٺاسين. چي، تنھنجا عذر بھانا ۽ نٽ نٽاءُ ڪو ٻڌنداسون؟ توکي ضرور ھلڻو پوندو.
خير! مقرر ڏينھن تي جان ڏسان ته نوڪر ٺھيئي ڪونه. معلوم ٿيو ته رات کان غائب آھي. ڀلا نيرن ڪيئن ٺھي؟ سوير ڪيئن نڪرون؟ الله الله ڪري پن منگ تي نوڪر گھرايوسين، جنھن سيون ٺاھيون ته نلو ڀت. خير سور پي، الله تو آھار ڪري ھلياسين. ھن اشراف وري به چتايو، پر اسان نفي واري ناڪار تي سندرو ٻڌي بيٺاسين. چي تنھنجو خيال ضرور ٽاريون ۽ وھم ڀلايون. پوءِ ته ھل ھلان. مجال جو ڪٿي پن به لڏي، ڳيرو به لاتي. زمين پٽ رکي آھي، نه کر نه پير. ڪسيون ڪورون ٽپندا، بت رھڙائيندا، ڪپڙا ڦاڙائيندا، سڙندا، پڄرندا، ڌوڪيندا ھلياسين. پر توبه! ٿڪا ماندا، اچي ڏينھن لڙيو. ايتري ۾ اسان مان ڪنھن ڪجھ ڏٺو. ماٺ ڪري بيٺاسين، ته ڪنھن چيو گدڙ! خار مان ھڪڙي بندوق سنئين ڪري ٺڪاءُ ڪڍايو. اسان سڀ ماٺ ۾، ڇا لاءِ ته جيسين پنھنجو ساھ نه منجھائبو، تيسين ٻئي جو ساھ ڪيئن وٺبو؟ بندوق ٻٽي ٻڌڻ ۾ آئي. سمجھيوسين ته سومٿ جو مٿو ڪپيوسين. سھدار اھڙو ڪريو، جو ڇڙي نه ھنيائين، ڊوڙندا وياسين، ته پريان ٻروچ لٺيون کنيو ڀڄندا ٿان اچن. مڄاڻ اھو گدڙ رنگ ڪتو ڪو انھن ٻروچن جو ھيو، جو مارجي پيو. پوءِ ته اسان سمجھيو ته خير ڪونھي. ھنن مجھولن سان ڪير پڄندو؟ گارين جا وسڪارا مچائي ڏنائون.ڪو ڪيڏانھن لنوين، ڪو ڪيڏانھن. ڪو ڇا چوي ڪو ڇا. پوءِ ته دم دلاسا ڏئي، دڙڪا دھمان ٻڌي، ۽ ڪجھ ڏئي جند ڇڏائي سين. ھو چون ته اسان جو ڪتو مينھن لھي. دستگير سنھن! ڇھ ويھون ته فلاڻي زميندار جون موٽايون سين. مرشد ۽ چڱن مٺن جي ميڙ موٽائي سين. نه نه ھي به کڻو. خير، ڪن ڇٻا ڪري، ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ھلياسين. بک ڇتو ڪتي وڌو ۽ اڃ ماندو. ھاڻي ته واءُ به واءُ شروع ٿيو. پوءِ ساڙ ۾ ساڙ. شڪار ته آھي شڪار. جو لڳو ته دل ٺار، نه بيڪار ۽ بيگار، بندوقون به بار، پنڌ ۾ بار، سور ۾ سور. اڳتي وڌياسين، ته پويان ڪنھن شي جو دئو نظر آيو. اڇائي پيو. ٻيلي آھن ته جھڙا سيھڙ جا ڪن!
ماٺ! بس بسم الله ڪري ڪو ھڻي ته ڪا چھر ڪريون. ” بک بڇڙو ٽول، داناءَ ديوانا ڪري.“ حرام به حلال ٿيو پوي. ڪنھن ڪپ ڪڍيو، ڪنھن ماچيس: ۽ ڪنھن ڪاٺيءَ لاءِ اک ڦيرائي. ايتري ۾ ٺڪاءُ ٿيو. ڊوڙندا وڃون، ته حيرت جي حد ئي نه لھ! ڏسون ته ڇا ڏسون! ھڪ پراڻي اڇي بوٽ جا پادر ڪنھن ٻوڙي ۾ ڦٽا ڪيا آھن. سڀني کان ٽھڪ نڪري ويو. پر اندر ۾ ته ھئا چاڪن جا چھڪ. سور پي اڳتي ھلياسين. اتي ان ھمراھ چيو ته ڏٺو منھنجي ڪرامت؟ ڪرامت ته نه چئو پر شامت! جيڪر ڪچو کائي وڃونس. پر گناھ ڪنھن جو؟ چيائين ته چڱو ٿيو جو ٿوري ۾ ڇٽا آھيو. ڪا وڏي چٽي نه پئي اٿو. اسان سمجھيوسين ته ھن کان وڌ ڇا ٿئي ھا، جو ھي مڙس اھڙي طرح للڪاري ٿو. اتي سج لاھو ٿيو. بس ڪجھ به ٿئي، بنا شڪار ڪئي مور نه ھلون. من ڪو چاڙھا ڪو لڳي! ايتري ۾ پريان ڪنھن ڪجھ ڏٺو. وڻن جي جھڳٽي ۾ ڪجھ دئو پيو. ڪنھن چيو ته اتي سھدار آھي. ڪنھن چيو ته ڪا بلا آھي جو پنن جو کڙڪو پيو ٻڌڻ ۾ اچي. سڄي ڏينھن جي ساڙ چيو، ته بس بندوق سڌي ڪر، ھٿ ٺار ۽ دڦ ۾ ھڻ. اسان مان ھڪ بندوق سنئين ڪري اڃا لب لبي کي ڇڪڻ وارو ھو ته ايتري ۾ھڪ ٻائو اٿي کڙو ٿيو، جو شايد جھنگ جي خيال آيو ھو. اڙي، تنھنجي ٻيڙي سائي ٿئي! ساھ وڃي پيرن ۾ پيو ۽ رت ڇڏائي ويو. خدا جا شڪرانا بجا آنداسين ۽ آقا سائين جي اڳيان سيس نوايوسين. پوءِ حرام، جو ڪنھن سان ڪو ڳالھائي. پيٽ ۾ بک، وات ۾ اڃ، بدن چور، دل ۾ خار. رڙھندا اچي گھر رسياسين ته اتي اسانجي ھڪ دوست رات جي مانيءَ لاءِ دعوت ڪئي ھئي. چيوسين، ته سڄي ڏينھن جي ڪسر وڃي ٿا ڪڍون. وڃون ته رڳي اسان جي دير ھئي. ڍاڪئان ڍڪيا رکيا ھئا. ڇا جو ھٿ ڌوئڻ، وڃي ويٺاسين. ڍاڪئان کوليون، ته رڳو ٺڪر ۽ ڀتر ۽ مٿان چٽڪيءَ تي ” اپريل فول “ لکيو پيو آھي.
بس، ” قھر درويش برجان درويش “ سور پي، اچي بکئي پيٽ گھر ڪرياسين.
يا الله! تون پنھنجن پيارن جي صدقي ڪو مندو منھن نه چاڙھ ۽ ساعت سولي ڪر.

نشو

گشت جي موسم، آفيسرن جي بريز بريز، آفيس جا دٻناما ۽ تاڪيد، چي ڪم پورو ڪري ڏيو. اسڪولن جا پئسا رھجي ويندا. ھن جنگي ڏڪر جي زماني ۾ جڏھن روپئي جي قيمت وڃي چار آنه رھي آھي، تڏھن ھر ھڪ کي پئسي جو قدر ٿيو آھي، سو ھل ھلان لڳي پئي ھجي.
” صبح سفر، اور شام سفر،
اس دنيا کا ھي نام سفر “
اڃا اٿئي نه، ته اٺ لڳي وڃن. ڏندڻ پاڻي ڪري چالو زماني جي فرض عين يعني ڏاڙھي لاھڻ مان واندو ٿي، چانھن جو ڍڪ پئبو ته گھڙيال ۾ ڏھ ڏسبا. بس، گاڏيءَ جو وقت ٿيو، مان به سھڪندو سھڪندو اچي اسٽيشن تي پھتس. ڇا ڏسان! ته ٽڪيٽ تي ماڻھن جي پيھ ۽ گپا گيھ لڳي پيئي آھي. جنگ ڪري سڀ ڪنھن ھنڌ ڪتر لڳي پيئي آھي، سو رڳو ھڪ ئي ماڻھو ٽڪيٽ پيو ڏئي. اھڙي ڀيڙ ۾ ٽڪيٽ ڪيئن وٺان؟ کيسي جو به خيال پيو ٿئيم. بابو صاحب به ڪو بنھ سست ۽ ڍرو ھو. ليکي ۾ اھڙو ڀڙ ھو، جو ڪنھن روپيو ڏنس ته ان کي اٺ ٽڪيٽون ٻي آني واريون ڏيئي چار آنا مٿان اڇلايائينس. ويٺو آڱرين تي حساب ڪري! ماڻھو ويچارا اڄ ڪلھ جي پڙھائي ڏسي پيا کلن ۽ وري رڙيون پيا ڪن. ”بابو صاحب! ٽڪيٽ ڏي، گاڏي ڇٽي ويندي.“ ” بابو صاحب ٻار ٻچا ساڻ آھن.“ ” او سھڻا، ٽڪيٽ ڏيوين.“ ٻڌم ته اندر چرپر ٿي. ھڪ ماڻھوءَ چيو ته ” سائين ڪرسيءَ جو نشو آھي! ٽڪي ٽين پئسين واري ڪين ٿو سڻي.“ ھڪڙي اڳتي وڌي چيو، ته ٻيلي ڏسانس ته! ڇا ڏسي! چتن چچريل، چپ ڊولا، نڪ بينو ۽ اکيون چنجھيون! رڙ نڪري ويس. چي، ” الله سائين جي ڪنڀر به جوارو لولو ٿپيو آھي.“ ماڻھن ۾ ٽھڪڙو مچي ويو. واھ ڙي نشا! ” ڪرسي پئي اليندي اي. “ مون سوچيو ته ڪرسيءَ جو نشو به ڪو نشو آھي، ڄڻ ته پاءُ گھنڊين جو يا دنگ دارونءَ جو چاڙھيون ويٺو آھي. اکين تي کيپ چڙھيل، لاٽ جي پرواھ ڪانه. ٻڌا ڇوڙائي ته ڇٽل ٻڌائي. سيٽيو ويٺو ھجي، اک ڇت ۾، ھٿ پتلون ۾. ڄڻ ته لھي اڀري اٿس ڦوڪ شوڪ ۽ آڪڙ: ڏاڙھي مڇون چٽ، ڀرون شاھ بچايون. ھان مڇون ماڪڙ يا مڇانگ. ڪو معتبر آيو ته ويٺي ھٿ ڏيندس، ڄڻ ته ڪرسيءَ سان سبيو پيو آھي. اھو آھي خمار جنھن ۾ سڪن گڏ آلا به سڙي وڃن. ادب ۽ اخلاق، سمجھ ۽ ساڃنھن ڪا وڃي ڪولين رھي. اھڙو ڇڙيو ويٺو ھوندو، جو ڄڻ گھران وڙھي آيو آھي. اھڙو جھڙو ڪو سنھون سڪو سامھون آيس، ته اڳين پوئين ڪسر ڪڍي ڇڏيندس. جئن چوندا آھن ته: ” يارن جون باھيون ٻارن مان ڪڍجن.“
مطلب ته اڳين ديون وانگر آدم بو، آدم بو پيو ڪندو.ھن بابو تي به اھو نشو غالب ھو. سو ماڻھن کي چھڙون پيو ڏئي. ريزو ڪونھي. ھي نوٽ پراڻو آھي. ھي روپيو ٻيو ڏي. ھي گاڏي ڇٽي وڃي ته اڪوئي ڇٽي وڃي. تنھن ۾ منھنجو ڇا؟ اھڙي مسافري ڇو ٿا ڪريو؟ بت کان بيزار، وڙھسون وڙھسون پيو ڪري. نيٺ رڙ ڪري سيڪنڊ ڪلاس جو نالو ڪن تي وڌومانس تڏھن ڪن ڦرڙايائين. پاسي، صاحب کي ٽڪيٽ وٺڻ ڏيو. خير سان ٽڪيٽ وٺي ھيٺ پلئٽفارم تي آيس. گاڏيءَ ۾ ڏسان، ته ھڪ ڀڪ خدا جي ويٺي آھي. سمجھيم ته گاڏيءَ ۾ پاسيرو ٿي لنگھيو ھوندو! ھڪ ڀوري مينھن ھئي. آواز ايڏو ڳرو ھوس، جو ڄڻ پاڏو ٿي ڍڪيو. ٻاھران ٻه چار ماڻھو حڪم جا بندا امر ۾ بيٺا ھوا. ھڪ کي ته اھڙي ڌمال ڪڍيائين جو لڙڪ ڪري پيس ۽ ٿڌو ساھ نڪري ويس. مونکي ان وقت مايا ۽ دولت جي نشي جو خيال دماغ ۾آيو. دولت عربي لفظ آھي جنھن جي معنيٰ آھي ڦرندڙ ۽ زماني جو انقلاب. ۽ مايا سنسڪرت لفظ آھي جنھن جي معنيٰ آھي ڌوڪو، فريب ۽ ڇل. انھيءَ مان ڏسجي ٿو ته ڌن ھڪ ڌپ ڇانو آھي.
” اقبال را چو قلب کني لا بقا شود. “ اقبال کي پٺيان پڙھبو ته ”لابقا“ پڙھيو ويندو. سياڻن ان کي کينھون سان مشابھت ڏني آھي. جئن کينھون ھڪ ھنڌ نٿو ٽڪي، تئن لڇمي به گھڙيءَ ھت گھڙيءَ ھت. ڪنھن سان نيبھ ڪان. چوندا آھن ته،

ميءَ خوردن و ھشيار نشستن سھل است-
چون بدولت برسي، مست نگر دي مردي.
شراب پي ڪري ھوشيار ٿي وھڻ سولو آھي، پر ڌنوان ٿي مست نه ٿيڻ مرد جو ڪم آھي.
دولتمند ھن نشي ۾ غريبن جو رت چوسي، پنھنجو ڀڀ ڀرين، ڪاڻيارن کي ڪٽي، ڪک ڪانا بڻائن. پاڻ اطلس ۽ ڪيمخواب پائين ته ولھن ويچارن کي ليڙن ۾ ليٽائين. پاڻ موٽرن ۾ سير ڪن، ته گھرجائن کي ھلائي ھلائي پيرن ۾ پٿون پوائين. پنھنجي ھر ھڪ اميد جا خالق ۽ مالڪ، پر بي واھن جون واھون بند ڪن ۽ اميدون خاڪ ڪن. ھي اھي آھن، جي ٽپري گيھ تي وياج تي وياج چاڙھي، ڳئون وٺن. سو ڏيئي ھزار لکائي وٺن. ھي اھي آھن جي گارين ۽ بدخلقي سان پيش اچڻ کان موشو ڪون ڪن. چوندا به ائين ته ھل، پڻھين ڏاڏنھن جي ڌراوت رکي آھي ڇا؟ ٽراکين اڳيان.” ھردو دنيادار جو پاھڻ کان به پري.“ پئسا ڪارا ٿيا سھندا پر ڪنھن پرميشور جي پياري کي پئسو ڏيڻ ٻرو پيو چڙھندن. ھي اھڙا ئي نردئي آھن، جو ” ڀر ۾ مري ڀاءُ، ته به ٻاجھ نه ٻرڙي کي پوي.“ وڏن وڏن لکيسرن وٽ ڪنھن چندي لاءِ وڃبو ته رقم چاڙھيندي ھٿ پيا ڏڪندن. ڏاڍي ميءِ ۽ مگر سان چوندا، ته ” ڀائي، دنيا ڪا اسان وٽ پاڻھي رڙھي ٿي اچي ڇا؟ اسان به رت پت ڏئي پيا آڻيون. “ چوندا آھن ته شاھوڪار اھو ٿي سگھندو جو کل کائي ۽ کل پھري. گذارو ڪندو کل ککڙيءَ تي، ته پھريندوکل جھڙو ٿلھو ڪپڙو. مطلب ته ان نشي ۾ جيڪي ڪن سو ٺھين ۽ ڦٻين. رڳو خدا نه ٿو ڪوٺي سگھجين. پنھنجا عيب پيا ڍڪين ۽ ڪارج پيا سڌ ڪرائين. سيٺ به گاڏيءَ ۾ مون اھڙو انگين اکرين ۽ آرين پارين ڏٺو.
گاڏي ڇٽي ھلي ته ٻيو ڪونه چڙھيو. مون سمجھيو ته وقت الائي ڪيئن ڪٽبو. ايتري ۾ منھن ورائي پڇيائين ته صاحب! اوھان ڪيڏانھن ويندا؟ چيم ته مان صاحب نه آھيان. صاحب پاڻ خدا آھي ۽ اسين سڀ انجا بندا. چيائين ته اھو مان سمجھان ٿو. پر دنيا جو صاحب سائين! مون چيو ته دنيا ۾ ڪن خاندانن ۾ زالن کي صاحب سڏيندا آھن. ٿورو مشڪيو، چيائين ته انھن جي ڳالھ نه پڇ. انھن ته ملڪ کي روليو آھي. اوھان ديوانن ته انھن جي دل وڌائي ڇڏي آھي. چي سٺي ساڙھي ھجي، ٽه انچو بوٽ گھرجي، سو به ھڪ نه پر درجن. نت نئين سج نئون. منھنجي نه پادشاھي ھجي ته انھن کي سڄو ڏينھن ڪم ۾ رنڀايان. ڪا ويسند نه ڏيان. بس انھن جو مرڪ آھي چڪي، چلھ، چرخو ۽ چادر مٿي لاءِ. ڇو سيٺ صاحب انھن ويچارين تي ڪاوڙيا آھيو؟ اھي ته دنيا ۾ مرد لاءِ راحت آھن. انھن ۾ مردن کان وڌيڪ سھن شڪتي آھي. اھي مرد جو نالو مٿي ٿيون ڪن ۽ ناماچار ٿيون وڌائن. حقيقي ڇورو ٻار اھو آھي، جنھن جي ماءُ مري وڃي ۽ نه پيءُ. ڇو جو ماءُ پورھيو ڪري پاڻ نه کائيندي پر پٽ کي کارائيندي ۽ پاليندي. مرد کي ڪھڙي پيئي آھي جو اھڙا خفا ڪري. مرد ڪھڙو به ٻاھران تتو ايندو، مايوس ايندو، ته به زال اھي منٽين ڪافور ڪري ڇڏيندس. انھن جي ڳالھائڻ ۽ ڇھڻ ۾ برقي اثر آھي. اھي جيڪي سور سھن ۽ سانڍي سگھن ٿيون، مرد تن جي پتيءَ ۾ به اچي نٿو سگھي. سيٺ صاحب اوھان شايد انھن جي خرچ ڏي ٿا ڏسو. ورايائين ته سچ سائين جنھن مھل اھي ٺڪ ٺڪ ڪري ھلن ٿيون، ته منھنجي سيني تي به ٺڪ ٺڪ ٿئي ٿي. ديوان اوھان کي پئسا ٿا ملن ٺالھي ٻڌا. سو اوھان کٽيءَ گھرئون ڇو. اسان ته نور نچوئي، ڪوڏي ڪوڏي ڪري ٿا گڏ ڪريون. اوھان وٽ نوڪر ھوندا. ھڪڙا رسوئي ٺاھيندا، ته ٻيا آڻيندا. ڪڏھن بيمار ٿيو ته زال جيڪر ڀر ۾ ويھڻ ته ٺھيو، پر جيڪر پاڻي به نه پياريوَ. اڄڪلھ جي ھوا آھي! اڳين سمين زالون مڙسن کي ناٿ ۽ سوامي ڪري سمجھنديون ھيون ۽ ھاڻي مڙس آھن جتيءَ جوڙي ڏيڻ وارا. چئجين ته ڪاوڙ ڇنڊي وري ويھي ميڪنديون. ڳوڙھا ته ڄڻ ڳنڍ ۾ ٻڌا پيا اٿن. اڙي سائين! انھن جا ڳوڙھا بنگال جو جادو آھن. سوين وڍ وجھندا، ترار نه وڍي، پر اھي وڍي تڪا تڪا ڪندا. انھن جا ڳوڙھا ھزار واعظن مقررن کان به وڌيڪ اثر ٿا رکن. جتي انھن جي ڳوڙھن ڪري دل نه ڀڄي، اتي ڪوبه ڪونه ٿو پھچي سگھي. انھن جا رڳو ڪوڙا ڳوڙھا به دليرن جي ڪمر جھڪايو وجھن. سائين! انھن وٽ ٻه نشا آھن، ھڪ حسن جو ۽ ٻيو ول ڇل جو. امير ، فقير، وڪيل ۽ وزير سڀ کٿا نه ٿا پورا پون، ۽ ڪنھن مھل سنت ۽ ساڌو به ڪري پون.
ھا سيٺ صاحب! ھر ھڪ ماڻھوءَ ۾ ڪونه ڪو نشو آھي. آفيسريءَ جو، شاھوڪاريءَ جو، حسن ۽ نزاڪت جو، ھنر ۽ فن جو، علم ۽ حڪمت جو ۽ فقيري ۽ درويشيءَ جو.
ايتري ۾ گاڏي اسٽيشن تي آئي ۽ مان موڪلائي لٿس. حڪمت جي نشي جي ڳالھ ياد پيم سا ھيٺ ڏيان ٿو. ديوجانس ڪلبي ھڪ وڏو فيلسوف ٿي گذريو آھي. ھڪ ڏينھن سڪندر پادشاھ جنھن کي عام طرح سڄي زمين جو پادشاھ ڪري چوندا آھن. سو پنھنجي وزير سان ھن حڪيم وٽ ملاقات لاءِ آيو. پادشاھ انجي سامھون اچي بيٺو. سڪندر اعظم سمجھيو ته حڪيم سندس تعظيم لاءِ اٿي بھندو پر ھن پرواہ به نه ڪئي. ھي حالت ڏسي، وزير چيو ته سڪندر اعظم، فاتح دنيا، اوھان سان ملڻ آيو آھي. حڪيم مٿو مٿي ڪري، مشڪي چيو ته جنھن سڪندر کي دنيا جي ھوس در در ڀٽڪائيندي ٿي رھي، سو به پادشاھ ڪري ڪوٺبو! نه ھو دنيا جو غلام آھي. ھنجا دلي جذبات ھنجي اختيار ۾ نه آھن تڏھن ته ھو ھنکي جتي تتي ۽ جيڏانھن ڪيڏانھن نچائيندا ٿا وتن. ھن جي دل جو اندر ڏسبو ته طرح طرح جي غلاميءَ جا نشان ملندا. بادشاھ مان آھيان، جو من وس ۾ آھي ۽ پنھنجي دل کي اختيار ۾ رکان ٿو. سڪندر ھن لاپرواہ حڪيم جي حالت ڏسي، سخت تعجب کاڌو. وزير چيو ته پادشاھ سلامت اوھان لاءِ سوکڙيون ۽ سوغاتون ۽ مال اسباب آندا آھن. اوھان اھي قبول ڪريو. ھن جواب ڏنو، ته مون وٽ سڀ ڪجھ آھي. مونکي ڪنھن به چيز جي ضرورت نه آھي. آخرڪار سڪندر نياز سان عرض ڪيو ته ڪا ڪار خدمت منھنجي لائق ھجي ته مان حاضر آھيان. حڪيم کلي، جواب ڏنو ته تون تڙڪي جي آڏو بيٺو آھين. ذرا پري ٿي بيھ، اس جھٽڻ ڏي. تنھنجي اھا خدمت بس آھي. سڪندر پڇيو ته ثواب ڪھڙي طرح حاصل ٿو ٿئي؟ ھن چيو ته خير جي ڪمن سان. ڇالاءِ ته توکي انھن جي لاءِ ايڏي طاقت آھي، جو جنھن جيتري رعيت کي ساري عمر ۾ ناممڪن آھي. ھي اھي آھن جي پڙھيا، ڪڙھيا ۽ ٺريا. باقي آفيسر ته رڳو پڙھيا ۽ نه پرجھيا.

” پڙھڻ پرجھڻ پاڻ ۾ وڏو فرق ڦير،
ڪاڏي منھن محبوب جو ڪاڏي اکر اير،
ساڻ سھائي سج جي ڇا موافق ٿيندو مير،
جن صحيح سڃاتو پير، روحل رات نه تن کي.“

پر ٻين نشن کان وري ولين ۽ درويشن جي ليءِ ۽ ميءِ الڳ آھي. ” جنھن ۾ نشو نينھن جو، سا ڪا ڪوٺي پٽ. “ اھي ماڻھو الستي نيھن ۾ اھڙا الوٽ ۽ اموٽ آھن، جو دنيا کي تڇ سمان ٿا سمجھن. اھڙي بيخوديءَ ۾ بيخود آھن جو ڪنھن ڏانھن اک کڻي به نه نھارين. ھي انھيءَ خمار ۾ چور ۽ مخمور آھن، جو موجودہ عالم جي ڪابه وٿ انھن کي سجاڳ ڪري نٿي سگھي. ھي جڏھن مراقبي ۾ ويھي، منھن مونن ۾ وجھي، محبوب حقيقي ۾ محو ٿا ٿين، تڏھن جھان جي اعليٰ ۾ اعليٰ قيمت واري شيءِ ۽ حسين ۾ حسين عورت به ھننکي ھرکائي نٿي سگھي. جئن شاھ عليه الرحمته نالي چيو ويو آھي.

” ڪاڪ نه جھليا ڪاپڙي، موھيا ڪنھن نه مال،
جي ڇورين ڏنا ڇال، ته به لاھوتي لنگھي ويا. “

ڪوڙ

انساني خيالات جي سوچ جو اعليٰ نتيجو، پوليس جو واھر ۽ وسيلو، وڪيلن جو روزگار، ڪامورن ۽ نوڪرن نواز، شاگردن جو مار موچڙي کان ماسترن وٽ مددگار، گنھگارن جو جو ڍڪڻ ھار، عاشقن جو پشت پناھ، ۽ آخر ۾ ھر ڪنھن جو بچاءُ آھي، ڪوڙ!
ھان! اھو ھڪ اھڙو لفظ آھي جنھن کان نفرت ڪرڻ ۽ پري رھڻ سيکاريو ويندو آھي، ۽ جنھنجي بدين ۽ بڇڙاين جي بيان ۾ اخلاقي ڪتاب ڪارا ٿيا پيا آھن. شايد انسان جي فطري ضرورت اھا آھي ته ھو فريب ڏيڻ ۽ ٺڳڻ وارن کي پسند ڪري ٿو، ڇا لاءِ جو جيڪڏھن ڪوبه انکي دوکو نه ٿو ڏئي ته ھو پنھنجو پاڻ کي جئري جاڳندي فريب ۾ ڦاٿل ٿو سمجھي. سبب تنھن جو ھي آھي، جو کيس ٺڳجڻ ۾ تعليم ٿي ملي ته ھو فريب ڏيڻ ۾ ڀڙ ٿو رھي. عام طرح ڏٺو ويو آھي ته بري ۾ برو شخص ۽ خراب ۾ خراب ماڻھو به چاھيندو آھي ته ٻيا ماڻھو ھنکي چڱو سمجھن، يا ڪم از ڪم کيس چڱو چون. مگر جڏھن ھو پنھنجي اھا مراد نه ماڻي مايوس ٿو ٿئي، ته پنھنجن ڪڌن ڪرتوتن جي خبر ھوندي به، پاڻ کي چڱي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندو آھي يعني جڏھن ٻين کي ڪوڙ ڳالھائڻ کان باز آڻي نٿو سگھي ته پوءِ پاڻ ڪوڙ ڳالھائي ٿو. ماڻھو ڪوڙ ڳالھائين ٿا، ڪوڙ ٻڌڻ پسند ڪن ٿا، مگر تنھن ھوندي به ڪوڙ کي خراب نه ليکين ٿا. ڪوڙ حقيقت ڪري سچ جو مضبوط دليل آھي. ڪوڙ اھو ڪوڙ آھي ۽ ڪارگر ٿئي ٿو، جو بلڪل سچ جي ڏِک ڏئي. ۽ جي ڏک نه ڏنائين ۽ پڪڙجي پيو ته ڪوڙ جو مزو ڪھڙو رھيو، پوءِ ڪوڙ ڪري ليکجي به نه. اھڙي طرح ڪو ڪوڙ ڳالھائي نٿو سگھي، جو ٻين کي سچ جي اصلي صورت چٽي ڏيکاري، ته گويا اھو ڪوڙ ڳالھائڻ ۾ اڃا ٻاراڻو ٿو پڙھي.
ڪوڙ ته مشڪلاتن جو حل ڪندڙ ۽ دک درد ميٽيندڙ آھي. ڪوبه سمجھو انسان ھن کان پاسو ڪري نه ٿو سگھي، مگر ھر وقت ھردم ان کان مدد ٿو وٺي ۽ ان ۾ ٿو لڪي، اگرچه ھنکي ڪوڙ جو لفظ وات تي آڻڻ خود ڏکيو ٿو لڳي ۽ جي ٻيو ڪو چويس ته چڙيو پوي.
ڪوڙ کي ھنر کڻي چئجي ته بجاءِ رھي. ھو علم ۽ ادب ۾ ھڪ ڪاريگر آھي ۽ سياسي ڪمن ۽ ملڪي معاملات ۾ معزز لفظ ۽ ” تدبير “ جي نالي سان سڏبو آھي، مگر اصل ۾ ته ڪو ڦير ڪونه ٿو پويس. وري عشق و محبت سان ته اصل ڪو خاص تعلق اٿس. جيڪڏھن عاشق محبوب کي اھڙوئي سمجھي، جھڙو حقيقت ۾ ھجي، يا معشوق پنھنجي محبت ڪرڻ واري کان پنھنجي حسن جي ايتري تعريف ٻڌڻ پسند ڪري، جيتري ھنکي ٻڌڻ گھرجي. ته ظاھر آھي ته ٻنھي جي وچ ۾ جيڪر اھا الفت ۽ پريت نه رھي، جا ھونئن انھن ٻنھي کي ھيتري انبوھ کان جدا ڪري ٿي ۽ عاشق معشوق جا نالا ڏياري ٿي. ڀلا خسيس ڳالھ، ته جي عاشق معشوق جي انجام جي وقت کان ٻه منٽ دير ٿو ڪري وڃي، ته بس! دنيا ھيٺ مٿي ڪري ڏيندو ته ڪاڏھون ڪو ڪوڙ ٺھي، زبان اڪلي، ۽ محبوب مکه مان مرڪ نڪري. ماڻھو حيران ھوندو، صدھا خيالي گھوڙا ڊوڙائي چڪندو، وري جي معشوق دير ڪئي، ته جھٽ اھڙو بتاءُ اچي ڏيندو جو دل ٺري ڳڱ ٿي پوندي ته نه ٻيلي محبت آھي سھي.

دل تو انکا چاھتا ھي ميري ملني کي لئي
کچھ عدو کا خوف ھي کچھ شرم دامنگير ھي.

انسان صرف ان ماڻھوءَ لاءِ ڪوڙ ڳالھائيندو آھي جنھن کي پنھنجو ڪري سمجھندو آھي. مان ته اڃا ڪنھن کي اھڙي ماڻھوءَ لاءِ ڪوڙ ڳالھائيندو ڪونه ٻڌو آھي جنھن جي رضامندي يا ناراضگي اڳلي وٽ ڪا معنيٰ نه ٿي رکي. يعني ڪوڙ صرف ٻين کي خوش رکڻ ۽ راضي ڪرڻ لاءِ ڳالھايو ويندو آھي. وڪيل صاحب ته اھڙا اظھار ٺاھيندا، جو سچ سمجھڻ ۾ اچي، پنھنجي اصيل کي نيٺ به ڇڏائين. ھاڻوڪي زماني ۾ جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪنھن کي ڪوڙ ٺاھي، دلاسو ڏيئي راضي نه ٿو ڪري ڪڍي، ته کيس جڏو ٿا سمجھن. پوءِ ڀلا ٻين کي راضي ڪرڻ چڱي ڳالھ نه آھي؟ ٻين جي چڱائي ڳولڻ چڱو متو نه آھي؟ شاديءَ کان پوءِ اڪثر زال مڙس تڏھن سرچي ھلن ٿا ۽ محبت ونڊي سگھن ٿا جڏھن ھو ٻئي ڪوڙ ڳالھائڻ ۾ ڀڙ ۽ ماھر آھن. ڀلا ٿورڙي ڳالھ ته ڪنھن وقت مڙس ڪاٿھين چار پئسا ڀري ٿو ۽ زال وٽ ڪوڙ نه ٿو ڳالھائي ته پوءِ . . . . . . سڀ کان ڪامياب شاعر اھو آھي، جو خيالات کي سڀ کان زيادہ خوبصورتيءَ ۾ مرچ مصالح گڏي ڪوڙ چوڻ ٿو سيکاري سگھي. يعني ھڪ جا ڏھ ۽ ڏھن جا ويھ نه وڌائي لکي، تيسين نه انعام اڪرام، نه کل، نه چرچو ۽ نه داد ۽ واہ واہ.
چڱو! ٻار جو معصوم آھي، بي گناھ آھي،اڃا زماني جي سڌ ڪانه اٿس، تنھن کي به شيءِ جي حقيقت جي معلوم ھوندي به ظاھري ڏسي وائسي، ڪوڙ ڪرڻ مان مزو ٿو اچي، جو ھڪ ڪاني کي گھوڙو سمجھي، لانگ ورائي، چمڪي ھڻي، ٻچڪ ٻچڪ ڪري ھلائي ٿو: اگرچه سمجھي به ٿو ته آھي رڳو ڪانو. ڇوڪر ھڪ ٻئي جي چولي کي پٺيان وٺي ڪُو ۽ ڇڄ ڇڇ چئي ھڪڙو پاڻ کي انجڻ سمجھي ٿو ۽ ٻين پٺين کي گاڏا. عاقل ۾ عاقل انسان کي به اھي ڪوڙ دل سان لڳندا ھوندا. ۽ پوءِ جيئن وڏو ٿيندو ٿو وڃي، ته ان ۾ واڌارو ۽ سڌارو ڪندو ٿو وڃي. شاگرديءَ جي حالت ۾ به ٿوري ۾ ٿورو ڪوڙ، ته جي ” في “ وسري ويئي ھوندس ته چوندو ته ڀائو يا دادا يا بابا گھر ڪونه ھو.
ڪوڙ کي يقين سمجھڻ ايترو مشڪل نه آھي، جيتري قدر ڪوڙ ڳالھائڻ ڏکيو آھي. ان ڪري ڪيترائي ماڻھو جي شايد انھيءَ ھنر کان ارادتاً پرھيز ٿا ڪن، ته به انھيءَ فن ۾ جي ڪوڙن جا ڏاڏا نه ٿا ٿين، تڏھن به ٿورو گھڻو شريڪ ٿا ٿين.
ڪوڙ ڳالھائڻ لاءِ حافظو ۽ يادگيري ڏاڍي ھئڻ گھرجي. ۽ جي استعمال سان يادگيري سڌري ھا، ته جيڪر دنيا ۾ يادگيري لاءِ پھرين نمبر ۾ دوا، ڪوڙ ئي ٿئي ھا.
بعضي بعضي وڏين وڏين جنگين ۽ جھيڙن ٽارڻ لاءِ مصلحتاً ڪوڙ ڳالھائي جھيڙو ٽاريندا آھن. ”دروغ مصلحت آميز به از راستي فتنه انگيز.“ پر آھي تڏھن به ڪوڙ ۽ ڪوڙ جي مدد. جيڪڏھن ڪو ماڻھو سمجھي ته مان ڪوڙ ڳالھائڻ ۾ ڪاريگر بڻجان، ته پوءِ اھو ٿورو ڳالھائي ۽ تقرير ۾ مختصر رھي، گفتگو کي گھڻو نه پڇاڙي، جو گھڻو ڳالھائڻ ھن جون ڪي ڳالھيون پڌريون ڪندو. دروغ گو را حافظه نه باشد.
ھاڻي مٿئين لکڻيءَ موجب مضمون به ٿورو ھئڻ گھرجي. مگر ھي لکڻ ضرور سمجھيم، ته منھنجي ھن مضمون لکڻ مان ھي مراد نه آھي، ته مان ڪوڙ کي ساراھيان ٿو. ايترو سڀڪو چوندو، ته جي ڪنھن چيز ۾ خرابين جي کاڻ آھي، ته چار چڱايون به اٿس. مونکي ھتي ڪوڙ جي باري ۾ ڪي سچيون ڳالھيون لکڻيون ھيون، سي لکي پڙھندڙن کان رخصت وٺان ٿو، جو رات جا ٻه لڳي چڪا آھن ۽ اھڙي وقت ڪوڙ جي پچار چڱي نه ٿي لڳي.
ياالله! تون مُنھن جي ڪوڙي ۽ دل جي دغاباز کان بچاءِ!

مِٽي

دنيا ۾ سائنس دانن اڳوڻي جڳ کان چار مشھور عناصر يا تتو ڪري ليکيا آھن. اگرچه ھاڻوڪي زماني ۾ ۹۲ کان به مٿي شمار ڪيا ويا آھن، تاھم اھي سڀ گويا انھن چئن مان ڦٽا آھن يا لڳ ڀڳ انھن سان ميل جول رکن ٿا.
اھي شروعاتي عناصر پاڻي، مٽي، باھ ۽ ھوا آھن. انھن مان اڄ ڪجھ مٽيءَ ذرڙي جو ذڪر لکڻ ضرور ڄاتم. انسان ذات مٽي آھي، تنھن ۾ ڪو شڪ ڪونھي، ڇو جو ھو جڏھن مري ٿو ۽ ھنکي قبر ۾ داخل ڪيو وڃي ٿو يا سنسڪاريو وڃي ٿو، ته ٻنھي ڳالھين ۾ ھو ٿوري يا گھڻي وقت کان پوءِ مٽي ٿي ٿو وڃي. شاھ ھجي توڙي گدا، يوسف ھجي توڙي شيدي، مگر آھي مڙيوئي مٽي.
” ڌڱ لٽيا ڌوڙ ۾ اڀي ڏٺا مون. “
رڳو انسان مٽي نه آھي پر جيڪي به ھن جھان ۾ جنسار ڏسجن ٿا، سي ھڪ نه ھڪ وقت مٽي ٿيو پون. ڇا تارا جي آسمان ۾ اھڙو جرڪن ۽ چمڪن ٿا، تڏھن به جڏھن اھي ھيٺ ڪرن ٿا ته مٽي آھن. تڏھن چئبو ته مٽي ڪا اھڙي چيز آھي، جا دنيا جو مول مت آھي جنھن تي سڀ ڪجھ منحصر آھي. آدميءَ کي پاڻي گھرجي، باھ کپي، ھوا ڪم اچي، سڀ ٺيڪ، مگر جيسين مٽي جنھن جي گھڻي حصي مان انسان ٺھيو، نه ھوندي ته ٻيا ڪھڙي ڪم ايندا. مثال لاءِ بدن کي ڇڏي خوراڪ پوشاڪ اجھو سڀ مٽي جي پيدائش آھن ۽ جن تي انسان جي جياپي ۽ جيوت جو مدار آھي.
تڏھن چئبو ته مٽي ھڪ اھا شي آھي، جا سڀ ڪنھن کي، سڀ ڪنھن ھنڌ ۽ سڀ ڪنھن حالت ۾ کپي ٿي. ڀلا ماڻھو کي روزانه ڪم ڪاج کانسواءِ ٻيو ڪھڙي صورت ۾ ٿي گھرجي؟ جي اسان چئون ته مٽي اسان جي حياتي آھي، ته انھيءَ ۾ ڪو عجب ڪونھي، ڇو جو پيدائش ۽ خورش لاءِ ته اسين چئي آيا آھيون، باقي رھيو ان ۾ اھو نورالاھي جو قطرو روح يا آتما، جنھنڪري ھن کي وڌيڪ درجو ملي ٿو. ھاڻي ڏسون ته اتي مٽي ڪھڙي صورت ۽ معنيٰ ۾ ٿا وٺون جو اسانجو اندر اجري. آئينو وٺو: ٿورو خراب ٿيو ته مٽي ذري سان ملي صاف ڪجيس ٿو. پوءِ ڇونه دل جو شيشو به مٽيءَ سان صفا ٿي ٿو سگھي. سوال اٿندو ته پوءِ اتي مٽي ڇا ڪري وٺجي؟ جواب ته مٽي اتي خاڪساري، تواضع، عجز، نياز، نوڙت ۽ نمرتا. ۽ ھوا آھي غرور يا ھٺ، ڪنھن چيز کي پنھن جي ڪلھن تي چاڙھي، ھڪڙي ھنڌان کڻي ٻئي ھنڌ رسائي. ڪنھنکي چوٽيءَ تان لاھي پٽ پھچائي. چڱي ھنڌان کڻي لڱي ھنڌ رسائي. ماڻھو جڏھن انجي گھوڙي تي چڙھي ٿو، ته سندس مغز ڦريو وڃي ۽ بيوس ٿيو پوي. مگر مٽي ان جي مقابلي ۾ بارگير آھي سا پنھنجو ھنڌ جھليو بيٺي رھي، باھ آھي ڪينو، حسد ۽ ساڙ، سا جيسين ٻين کي ڇٻي ڪڍي ساڙي ئي ساڙي، ان کان اڳ پاڻ پيئي وٽ سٽ کائي ۽ ڪوئلا ڪرنڊ ٿئي. پر جي مٽيءَ ٻڪ پيس ته اتي ئي پوري. اتي به نياز ساڙ کي نوائي ٿو. مٽي ٿڌي ٿاھري، سڀڪنھن کي ڏئي پر ڏکوئي نه. ويچاري لتن ۾ لتاڙجي، پر ڪڇي اھڙي جھڙي ڀِت. اھو آھي ان جو صبر جنھن کي ھميشہ اجر ۽ عيوضو آھي. ڪنڀر ويچاريءَ کي لتن سان ڪٽي، سوٽين سان سٽي، باھ ۾ ساڙي ته به اوڇڻ ۽ آجڪو پئي ڏئيس. واھ ڙي مٽي واھ! توکي ڪير چئي ۽ ڪير نئين. ” سک سمھي ڪنڀاري جو چور نه نئين مٽي. “
پاڻي آھي ھستيءَ جو جوش. جاتي نيونس تاتي سوين ايڪڙ آباديءَ جا چٽ. ھزارين ماڻھو ۽ مال غرق. جتان ٽٽي ته ٻيڙا تختا تختا ۽ اسباب دف. پر واھ ڙي مٽي! بس گھاري ۾ اچي وڃي ته ڪم ئي راس ۽ ٻيڙائي پار، ڪارج ئي سڌ، مشڪل ئي آسان. اتي مٽي بردباريءَ جو ڪم ٿي ڏئي. اھا مٽي آھي، جا ٻين جا لوڙھ ڏيکاري اسان کي پئي خبردار ڪري. اھا مٽي آھي جا اسان جي اکين ۾ بار بار اڏامي اچي چتائي ٿي، ته آخر مان آھيان ۽ مون سان اوھانجو ڪم آھي، تنھنڪري منھنجي خاصيت اختيار ڪريو. دنيا ۾ جيڪي اوھان کي ذري پرزي شيون ملن ٿيون، سي مون مان ۽ مون وٽان. تنھنڪري اوھان به پنھنجي ذات لاءِ اھڙا ڪارگر ٿيو. پنھنجو ماس ڳاري، ٻين جو ڀلو ڪريو، جئن مان پنھنجا ڳچ اوھان لاءِ ڳاريان ٿي. مون جئن پنھن جي جاءِ جھلي وھو، ته ٻيا اچي اوھان جا سلامي ٿين. پٿر به پنھنجي جاءِ ڳورو آھي. ھر چيز کي پنھنجي جاءِ تي عزت آھي. جي اوھان کي ڪو ستائي، ته ست ڌاري ڌڻيءَ تي ڀاڙيو. جئن مان ماٺ ۾ آھيان، ته آخر منھنجو نذر ٿا ٿين.
” خاک مي خورد يم عمري در غذا،
خاکه مارا خورد آخر در جزا. “
(رومي)

ساري عمر خوراڪ ۾ خاڪ کاڌيسين ته آخر ۾ انھيءَ عيوضي ۾ خاڪ اسان کي کاڌو. پنھنجي ھستي وڃائي نيست ٿيو، ته اوھان مان مٺا ميوا نڪرن.

” دو بھاران کي شود سر سبز سنگ،
خاک شو تا گل برويد رنگ رنگ. “
(رومي)

ڏسو ته بھار ۾ به پٿر سرسبز نٿا ٿين. سو خاڪ ٿيءُ ته تومان گل ڦل نڪرن.
آدم ذات! تون مٽي آھين، تڏھين پنھنجي ھم جنس کان سبق ڇونه ٿو سکين؟ ان کان پرھيز نه ڪر. ڪيڏي به اوج کي رسين تڏھن به پاڻ کي مٽي سمجھ ۽ مٽي ٿي ھل. نا جنس کان پرھيز ڪر. ڏس، ته تيل ۾ پاڻي وجھبو ته ڏيئو ٽڙ ٽڙ ڪندو. اھوئي سبق بس آھي، ته غير جنس سان ملڻ ڪري ڇا ٿو ٿئي. ڏس ته منھنجو مرتبو رڳو تنھنجي حياتيءَ تائين نه آھي، مگر جي تون چڱو ٿي ھلندين ته تنھنجي مٽيءَ جو به مان ٿيندو.

” جاڳي جنھن ياد ڪيو، ساري رات سبحان،
ان جي عبداللطيف چئي، مٽيءَ لڌو مان،
ڪوڙين ڪن سلام، اچي آسڻ ان جي. “

منھنجا پروردگار! جڏھن تو منھنجي خلقت پرورش مٽي ڪئي آھي، تڏھن مونکي مٽي بڻاءِ ته ٻين کي ڪم اچان ۽ ٻين جي ڏکوئڻ کان پري رھان. آمين!