سنڌسلامت پاران
سنڌسلامت ڪتاب گهر پاران ٻارن لاءِ شاھ لطيف جي رسالي مان چونڊ ڪلام تي مشتمل ڪتاب ”اکر پڙھ الف جو“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون جنھن جي چونڊ اسحاق سميجي ۽ نياز نديم ڪئي آھي.
شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ ڪمال فڪر ۽ خيال سمايل آھن. سندس شاعري ھر مڪتبہ فڪر ۽ ھر طبقي جي لاءِ ڪيل آھي. ھن ڪتاب ۾ ٻارن جي پڙھڻ لاءِ ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي رسالي جي سڀني سُرن مان چونڊ بيت شامل ڪري پيش ڪيا ويا آھن.
ھي ڪتاب 2012ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو۽ سارنگا پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي