ڪھاڻيون

سوچن جي سانوڻيءَ ۾

ھن ڪتاب ۾ 53 مختصر ڪھاڻيون شامل آھن جيڪي معاشري جي مختلف رخن سان گڏ روزمرھ جي مسئلن کي نروار ڪن ٿيون. ڪھاڻين جا ڪردار اسان جي آسپاس رھندڙ ماڻھو آھن. سادي ۽ آسان ٻوليءَ ۾ لکيل ھي ڪھاڻيون سوچن، خوابن، ڏکن، خوشين ۽ احساسن سان ڀرپور آھن.

  • 4.5/5.0
  • 72
  • 20
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 2
Title Cover of book Sochun Jy Sanweni'a Mein

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران بھادر ٽالپر جي ڪھاڻين جو مجموعو ”سوچن جي سانوڻيءَ ۾“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ھن ڪتاب ۾ 53 مختصر ڪھاڻيون شامل آھن جيڪي معاشري جي مختلف رخن سان گڏ روزمرھ جي مسئلن کي نروار ڪن ٿيون. ڪھاڻين جا ڪردار اسان جي آسپاس رھندڙ ماڻھو آھن. سادي ۽ آسان ٻوليءَ ۾ لکيل ھي ڪھاڻيون سوچن، خوابن، ڏکن، خوشين ۽ احساسن سان ڀرپور آھن.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 2015ع ۾ سنڌي ساھت گهر پاران ۽ ھي ٻيو ڇاپو اي ايڊيشن جي صورت ۾ سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ساحل پرنٽرس جي سھڪار سان 2025ع ۾ آڻي رھيا آھيون. ٿورائتا آھيون مور ساگر جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪلي.

 

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي) 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

حق ۽ واسطا

ساحل پبليڪيشن جو ڪتاب نمبر ڇاهٺ هون

ڪتاب جو نالو: سوچن جي سانوڻي ۾
موضوع: ڪھاڻيون
ليکڪ: بھادر ٽالپر
ڇاپو پھريون: 2015ع
ڇاپو ٻيو؛(اي ايڊيشن) جنوري 2025ع
لي آئوٽ/ ٽائٽل ڊزائن: مور ساگر
ڪمپوزنگ: نعمان جوڻيجو
ڇپائيندڙ: ساحل پبليڪيشن حيدرآباد. 03332634650
ڇپيندڙ: ساحل پرنٽر، رابعہ اسڪوائر حيدرآباد 03002634650

قيمت: -/120 روپيا


ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2025ع

تساب

همعصر عھد جي
سنڌي ڪھاڻيءَ
جي نالي

اداري پاران

بھادر ٽالپر اسان جو پراڻو رفيق ۽ ساٿي آهي، جيڪو ڪينجهر ۾ لاڳيتو لکندو رهيو ۽ ڪينجهر جي گهڻو ڪري سمورن ساليانن پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو ان زماني کان هو لاڳيتو لکندو رهيو آهي ۽ سندس ڪھاڻيون توڙي شاعري مختلف رسالن جي زينت بڻجندا رهيا آهن.
سوچن جي سانوڻيءَ ۾ سندس ڪھاڻين جو مجموعو آهي، جيڪو سنڌي ساهت گهر طرفان ايندڙ سندس پھريون ڪتاب آهي. جيڪو لائق پڙهندڙن آڏو ان اُميد سان آندو پيو وڃي تہ هو ان کي اهڙي ئي محبت ۽ چاهت سان پڙهندا، جنھن جذبي سان بھادر ڪھاڻيون تحرير ڪيون آهن.

ناز سنائي
03003946518
حيدرآباد ، سنڌ
28 مئي 2015ع

ليکڪ پاران

خير! اها بہ تہ هڪ ڳالھہ آهي!

سال 2008ع جي ڳالھہ آهي، جڏهن پھريون ڪھاڻيءَ ڪتاب ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ هئو، تڏهن ٻيو نہ تہ ڪنھن ڪھاڻيءَ جو منجهيل ڪردار تہ اوس ئي پئي لڳس! ڄڻ مون کي اڳيان هلي ڪنھن گهر جو رنگين ڪڙو کڙڪائڻو هئو يا ڪنھن بنگلي جي ٻاهرئين گيٽ وٽ بيھي ؛- ”گهنٽي وڄايان ........ يا نہ ......!-“ جهڙين ڪيفيتن مان گذرڻو هئو!
ڪيفيتن جي جيڪر ڳالھہ ڪجي تہ ان ئي زماني ۾ منھنجي تصور جي تاڪن تي جبل ۽ انھن تي ڄميل برف بہ هئي ......!!- ۽ آئون ڪما حقہ اهڙي گرمي لاءَ سرگردان هوس جيڪا ان کي رجائي سگهي!
انھن ئي ڪيفيتن ۾ ڪنھن ڪھاڻيءَ اچي بيساختہ ڪڙو کڙڪايو تہ ”زندگي جو رستو“ عنوان ڏيئي ويٺس! ۽ ائين ڪھاڻيءَ حادثاتي طور سرجي، ان پھرئين مجموعي جو عنوان / ٽائيٽل ٿي پئي – جنھن لاءِ آئون ڪو ٻيو عنوان اڳ ئي تلاشي چڪو هوس!
ان ڪھاڻيءَ ۾ ٻين شين کان علاوہ جبل ۽ مٿن ڄميل برف بہ هئي .......! ۽ ان برف کي ڪردر جي گفتگو واري گرمي رجائي رهي هئي ”ڏسندي ڏسندي لفظن ۾ حرارت اچي ويس، ڄميل برف وگهرڻ شرو ع ٿي وئي .......“
هي سال 2014ع آهي – جنھن ۾ آئون ائين محسوس ٿو ڪريان ڄڻ سال 2008ع ۾ بيٺو هجان .......! اهي پھاڙ ئي منھنجي تصور ۾ آهن – جن تي هاڻ برف رجي چڪي آهي ....... ۽ اها برف منھنجي احساسن جو سنڌو بڻجي مون ۾ وهي رهي آهي .......!! جڏهن تہ آئون جبلن ڏانھن ڏسان ٿو تہ انھن تي برف بدران انيڪ ضروري ۽ غير ضروري قسم جون ٻوٽيون اڀري آيون آهن .......!!- انھن ئي ڪيفيتن ۾ ڪجهہ عرصو پھريان مون – ”حسن حجم“ ڪھاڻي سرجي هئي – جيڪا هن ٻئين ڪھاڻيءَ ڪتاب ۾ آهي !- ” ....... انھن پھاڙن جي چوٽين تي ڪيتريون فضول قسم جون ٻُوٽيون اڀري آيون آهن ....... آءٌ بہ تہ هن ڌرتيءَ جو حجم آهيان .......! ڇو نہ انھن پھاڙن تي بدلاءُ اچي .......!!
”رانديڪن جو گهاءُ – ڪھاڻيءَ ۾ بہ پھاڙن جو تذڪرو آهي پر ٻي طرح!- ” ....... ڀيڻس جون اکيون جيڪي پھرين سطحي قسم جون هيون – جن ۾ ڪنھن بہ قسم جي ڪا ڇوليءَ نہ هئي1 ڪو ننڍڙو دٻو پاڻيءَ جو بہ نہ هو کيس محسوس ٿيو تہ انھن ۾ سمنڊ جڙي رهيو آهي ۽ انھن ئي اکين م ڪيترا پھاڙ وجود وٺي رهيا آهن .......“ – ممڪن آهي اوهان جي تصور ۾ بہ ڪيترائي پھاڙ هجن – جيڪي نرم ۽ و نازڪ وجودن ۾ پلجندي پسي رهيا هجو! خير! اها بہ تہ هڪ ڳالھہ آهي!!
۽ منھنجي تصور ۾ ٻيون بہ ڪيتريون ڳالھيون آهن – جيڪي پوپٽن وانگر فڪر جي ڦلواڙيءَ ۾ پر هڻي رهيون آهن ....... ۽ دل چاهي پئي تہ ان پوپٽ جو تذڪرو بہ ڪريان – جيڪو، ”پوپٽ جو خواب“ – ڪھاڻيءَ ۾ پنھنجو خواب ماکي جي مک کي ٻڌائي ٿو .......!- ماکيءَ جي مک – جنھن وٽ ڏنگ آهي – اها، ڪھاڻيءَ ۾ ڪنھن ضمني ڪردار کي ڏنگي سڄائي ٿي وجهي .......! هي ڪھاڻي شايد فطرت جي عميق پس منظر ۾ ڏٺي وڃي .......!! – هونئن فطرت کي ڳولڻ سان اها ڪنھن ٻي ڪھاڻيءَ ۾ بہ ملي پوي شايد !!
”پردي جي پويان“ – ڪھاڻيءَ لکندي ڄڻ مڌ جا خمار محسوس ٿيا هئم .......! ان ۾ بہ غالبن فطرت ۽ فطري ڪردارن جي ذائقي واري محسوسات آهي .......! پر ٻي طرح!
”اڄ“- هر ماڻھو پنھنجو پاڻ ڳولي ٿو.......! ان ڳولڻ پٺيان ڪھڙي اڇا/ خواهش آهي .......؟- عام ماڻھو تہ عام، پر ڪنھن خواص کان بہ – پڇجي تہ هُو پنھنجو پاڻ کي آخر ڇو ٿو ڳولي رولي؟!- تہ هُو ان سوال کي ئي هيڪر ٽاري ڇڏيندو ....... ڇاڪاڻ تہ سندءِ ”ذات“ سان لاڳاپيل سوال کانئس ڇو پيو پڇيو وڃي .......؟!
هونئن تہ عام طرح ۽ ڪراچي ۾ خاص طرح هر پرامن انسان اداس آهي ....... ۽ هُو پاڻ سان گڏ ان ڪراچيءَ کي ڳولي رهيو آهي جيڪا ڪنھن ڪنوار وانگيان سندس سپنن جي سيج تان ڪڏهوڪو رسامو ڪري وئي آهي .......! ان ڳولا جا ڪجهہ نشان/اهڃاڻ ڪھاڻيءَ ”ڪلاچي“ ۾ پسي سگهجن ٿا.......!!
هر ماڻھوءَ اڳيان زندگيءَ جو هڪ پھاڙ آهي! ڪير نہ چاهيندو تہ هُو ان کي ٽُڪي، ان مان ڪو اهڙو رستو ٺاهي جيڪو اڳتي سھنجو هئڻ سان گڏ، صاف سٿرو بہ هجي .......! پر ڇا ٿو ٿئي؟ - اڳتي هلي انسان ڏاڍو مايوس، حيران ۽ پريشان ٿي پوي ٿو !!
مايوسيون، حيرانيون ۽ پريشانيون جيڪر نہ هجن تہ پوءِ زندگيءَ کي ڪيئن زندگي چئي سگهبو ....... ۽ انسان کي ڪيئن انسان.......! هر ماڻھو پنھنجي پنھنجي جبلت موجب سوچي ۽ عمل ڪري ٿو! ۽ هر ماڻھو پنھنجي ڍنگ جي زندگي جيئي ۽ مري ٿو، ان ”جيئڻ“ ۽ ”مرڻ“ جي وچ ۾ هڪ رستو آهي جتان دنيا- جهان جا ڪيترائي ماڻھو پنھنجي پنھنجي چال ۽ هلت موجب هيڏانھن هوڏانھن اچي وڃي رهيا آهن! هُو ڪٿي ٿاٻڙجي وري پنھنجو پاڻ سنڀالي ٿا وٺن تہ وري ڪٿي ڪنھن موڙ تي ڪِري بہ پون ٿا ۽ پنھنجا ڪپڙا ڇنڊي وري ”هلڻ هارا“ ٿين ٿا!! – ”آءٌ ۽ رستو“ ”ڪھاڻيءَ ۾ ممڪن آهي اهڙو ڪو اڻ – لکو ذائقو هجي .......! خير! اها بہ تہ هڪ ڳالھہ آهي.......!!

بھادر ٽالپر
خميس 24 جولاءِ 2014ع
25 رمضان 1435ھہ
Cell No. 0347-3701671

حسن حجم

هُن حسن حجم جي واتان پھريون ڀيرو ”بدلاءُ“ لفظ ٻڌو حسن اهو لفظ اچاريندي ان تي ايترو تہ زور ڏنو جو هُن کي محسوس ٿيو تہ حسن ان لفظ ۾ ضرور ڪنھن نہ ڪنھن قسم جي دلچسپي رکي پيو .......!! نہ تہ اڳ سندءِ زبان تي اهڙي قسم جو غير معمولي لفظ هوند ڪڏهن بہ نہ آيو. ”بدلاءُ“ هن لاءِ بہ هڪ وسيع پس منظر رکندڙ لفظ هئو .......!! اها ٻي ڳالھہ هئي تہ من جي کوٽ کوٽان ڪندي هن جي لاشعو مان تحت الشعور ۽ پوءِ شعور جي سطح تي ڪيترائي اهم ۽ غير اهم لفظ آيا ....... ۽ ويا ٿي ....... پوءِ تہ ڪيترائي ڏينھن بلڪہ هفتا مھينا ۽ سال هُو حسن حجم جي واتان ئي اهو ”لفظ“ هر هر ٻڌندو رهيو!! هوُ ان ورجاءُ کان ڪڏهن بہ خفا نہ ٿيو! خفا نہ ٿيڻ واري منطق تي غور جي فرصت بہ ڪڏهن هن کي نہ ملي هن کي فقط اها فرصت ميسر ٿيندي رهي تہ هوُ جاچي تہ واقعي ”بدلاءُ“ ڪٿي آهي بہ يا نہ .......؟!!
حسن حجم هُن جو هجائتو يار هو، ٻنھي غربت ۽ ڪسمپرسيءَ جو بار ڍوئي ڍوئي پنھنجين جوانين جون جوڳون ڏئي ڇڏيون! حسن جي حال جي هن کي سڌ هئي ۽ حسن بہ تہ سندءِ سماچار کان پوري ريت واقف هئو .......!! هنن ٻنھي وچ ۾ ”فقط اهوئي رشتو هئو ۽ ان رشتي جي راھہ ۾ ڪي بہ ڪنڊا حائل نہ هئا ۽ اهوئي رشتو هئو، جيڪو کين ائين ڳنڍيو بيٺو هئو جيئن ”ڳنڍيون منجهہ ڳنڍير“! هنن ٻنھي فضول ڳالھين جا فصل نہ ڪڏهن پوکيا....... ۽ نہ ئي ڪڏهن لڻيا.......!!اِن ڪري هن کي پڪ هئي تہ حسن ”بدلاءُ“ لاءِ لفظ ضرور سنجيدگيءَ مان وٺي رهيو آهي .......!!!
حسن جڏهن اڃا حجم نہ بڻيو هئو، تڏهن پھاڙن جي چوٽين کي تصور ئي تصور ۾ وتو تراشيندو هئو.......! هن کي سڌ هئي تہ پھاڙن جي چوٽين تي ڪيتريون ئي غير اهم ٻوٽيون ڄمي پونديون آهن هُو اهو عمل تصور ئي تصور ۾ ڪندي ڄڻ ماڻھن جي مٿن تان فضول وار ڪتريندو وتندو هئو .......!! هُن ڌنارن کي ڌرتيءَ جا حجم سمجهي، پاڻ بہ ڪھاڙي کڻي وڻن ۾ وڌي ويل فضول ٽارين کي ڪٽي ڇڏيو هئو.......! پوءِ ماڻھن هن کي هرو ڀرو بہ ڌنار ڪوٺڻ شروع ڪيو هئو جيڪو پنھنجين رڍن ۽ ٻڪرين لاءِ ڄڻ ٽاريون ڪٽيندو ٿي وتيو.......! حالانڪه هُن جي هانو ۾ تہ هڪ هوشيار حجم بڻجڻ واري حسرت هئي!!
حسن پنھنجي يار کي نئون نئون هيئر ڪٽنگ سيلون (دڪان) کوليندي مايوسيءَ مان ٻڌايو هئو تہ هُن جو مقدر زندگيءَ جي ڪنھن موڙ تي مري چڪو آهي .......! شايد هن ڌنڌي سان اهو وري زنده ٿي سگهي.......!! هُن حسن جو اهو جملو ٻڌي کيس معصوميت مان ڏٺو هئو ....... ۽ ڪجهہ چوڻ گهرندي بہ نہ چئي سگهيو هئو، پر پنھنجي مٿي جي وارن تي ضرور هٿ ڦيرايو هئاسين ....... ڄڻ چوندو هجي هاڻ هنن وارن سان ويڙهاندڪر تہ ڪو مئل مقدر جيئرو ٿينئي.......!!!
پنھنجو مئل مقدر جيئرو ڪرڻ لاءِ هونئن هُن زندگيءَ ۾ ان کان اڳ بہ تہ ڪيترين ئي قبرن جا ڪتبا پڙهيا هئا....... پر ڪنھن بہ قبر ۾ اهو مڙدو ئي نہ ملي سگهيس، جيڪو هوند پنھنجو مقدر مڃي سگهي ها.......!! حسن جڏهن کان پنھنجو مقدر مئل سمجهڻ شروع ڪيو هئو ....... تڏهن کان ئي سندءِ گهر واريءَ مرثين جي موھہ ۾ مرڻ لڳي هئي ۽ پنھنجو رواجي زنانو لباس لاهي ڪارو پائڻ لڳي هئي.......!! سندن گهر ۾ ڄڻ ڪائي موت جي موسم هئي .......؟!! هونئن انھن ڪارن لٽن مان ڪيترا اهڃاڻ ۽ معنائون پيون معلوم ڪري سگهجن .......!! پاڙي پتيءَ وارن جو پل پل ڏڪڻ لڳو تہ هيءَ ڇا.......؟!! هر ڪو اندر اندر ۾ اِنﷲ ....... جو ورد وظيفو پيو پڙهي!!
هُن پنھنجي گهر واريءَ کي تہ گهڻو ئي سمجهايو تہ اڃا تہ آءٌ جيئرو آهيان.......!! منھنجي مُئي پڄاڻان ئي مرثيا پڙهجانءِ ....... ڪارو ويس ڪجانءِ.......!! هن ڪابہ ورندي ڪانہ ڏني هوس البتہ ڏانهس ڏسندي آلانيڻ ئي آڇيا هوس.......!! انھن نيڻن مان حسن ڄڻ پنھنجي ئي ڪھاڻي پئي پڙهي .......!! اها ڪھاڻي جنھن ۾ ڪيترائي ڪاما، اڌ ڪاما، پنڪچيوئيشن مارڪس ۽ فُل اسٽاپون هيون .......!! اُن ڪھاڻي جو ڪئنواس ايترو تہ ڪشادو هئو، جنھن مان ڪيتريون ئي انفرادي توڙي اجتماعي ٽرئجڊيون سمايل پيون محسوس ڪري سگهجن. حسن تڏهن بدلاءُ لفظ جي ”ب“ سان آشنا نہ هئو ....... ۽ نہ ئي هن کي اها سُڌ هئي تہ هو پنھنجي مئل مقدر جي جيڪا مِٽي تلاشي رهيو آهي ان اسرار ۾ بہ ”بدلاءُ“ جي تمنا تڙپي رهي آهي.......!!
حسن حجم جي ننڍڙي دڪان واري ڪائنات ۾ ڪيترائي ماڻھو آيا ۽ ويا ٿي .....!! حسن جي هانوَ واري حسرت تہ حجم ٿيان1 پڪ سان پوري ٿي هئي .....!! حجم بہ اهڙو، جنھن جي ذمي صحيح معنيَ ۽ مفهوم ۾ سنوار سڌار جو ڪم هئو .....!! ۽ اها سنوار سڌار ۽ ٺاھہ جوڙ هُو بخوبي پنھنجي بِلي سمجهي بيٺو هو .....! هُو رکي رکي ڪنھن ڪنھن پل وار ٺاهيندي ماضي ڏانھن موٽ کائي پيو تصور ئي تصور ۾ پھاڙن جا مٿا ڇليندو هو..... ۽ اندر ئي اندر ۾ پيو پھہ پچائيندو هو تہ انھن پھاڙن جي چوٽين تي ڪيتريون فضول قسم جون ٻوٽيون اڀري آيون آهن ..... آءٌ بہ تہ هن ڌرتيءَ جو حجم آهيان .....! ڇو نہ انھن پھاڙن تي ”بدلاءُ“ اچي .....!! ڌرتيءَ تي اڀريل وڻن ۾ وڌيل ۽ فضول ٽاريون ڪپڻ بہ تہ منھنجو ئي ڪم آهي .....!! ماڻھن جي سنوار سڌار ۽ حجامت بہ تہ منھنجو ڪم آهي .....!! بحيثيت بورچيءَ جي مون کي کاڌا اهڙائي پچائڻ کپن جن ۾ ڌرتيءَ جو درد، دک ۽ سُورن جي سماءُ وارو سواد هجي .....!!
هُو هاڻ پنھنجي يار حسن ۾ عملي طور ”بدلاءُ“ جي بُوءِ محسوس ڪرڻ لڳو .....!! نہ رڳو حسن ۾ پر حسن جا گراهڪ بہ تہ بدليل ئي محسوسجڻ لڳا هئا.....!!! پوڙها جڏهن حسن جي هيئر ڪٽنگ سيلون مان واپس ويا ٿي تہ نئين معنيٰ ۽ مفهوم ۾ جوان ٿي ويا ٿي .....! ۽ جڏهن جوان سندءِ سنوار سڌار مان گذري واپس ويا ٿي تہ ڄڻ آڪاس ۾ اڏامندا ٿي ويا .....!! ڪيترن ماڻھن کي ڏس ٿي ڏنائون تہ جيڪر وار ٺھرائڻ ۽ سنوار سڌار جو ارادو هجيو تہ وڃو حسن حجم جي دڪان تي! ائين هر طرف حسن حجم .....!! حسن حجم .....!! جو هو ڪو پوندو ويو .....! حسن حجم جي حوالي سان آيل ان ”بدلاءءُ“ تہ ڪيترن حجامن جون ننڊون ئي ڦٽائي ڇڏيون .....! ڇاڪاڻ تہ هوُ بنھہ روايتي حجام هئا.....!! حسن حجم جا اوزار تہ خوشيءَ ۾ ڄڻ روئي رهيا هئا .....!! ”خوشيءَ وارو رُئڻ، ڪنھن ڏک ۾ رئڻ کان هزار ڀيرا بهتر آهي .....“ البتہ انھن جي رُئڻ جي سڌ ڪنھن کي بہ نہ هئي؟ نہ ئي حسن حجم جي هن يار کي! جيڪو ”بدلاءُ“ جي حوالي سان پنھنجي يار حسن حجم جي شخصيت جو مطالعو ڪندو پئي هليو.....!!! حسن جي اوزارن جو پنھنجي ئي پر ۾ ڄڻ خوشيءَ ۾ رُئڻ هڪ عجيب ڳالھہ هئي..... ان کان عجيب ڳالھہ اها بہ هئي تہ هڪ پاسي حسن جي دڪان ۾ بظاهر خوشي ئي خوشي هئي تہ ٻئي پاسي اُتي سندءِ اوزارن ۾ ڄڻ ماتم هئو.....!! ”ايبنارملٽي“ شايد هر شيءَ کي ائين في الحال ڊيڄاري وجهندي آهي جيئن حسن جي اوزارن کي .....!! انھيءَ وچ ۾ حسن حجم جي يار توڙي پاڙي پتيءَ وارن کي اها سُڌ بہ نہ پئجي سگهي تہ حسن حجم جي گهر واريءَ جي اکين مان لڙڪن جو سيلاب سُڪي چڪو آهي .....! ۽ هُو هڪ اهڙي مسرت ۾ مامور ٿي چڪيون آهن، جن کي حسن حجم جي خود گهر واريءَ جي تن تي پيل ڪارو لباس بہ رنگين ئي محسوسجي رهيو آهي.....!! ڇاڪاڻ تہ انھن اکين کي معلوم ٿي چڪو آهي تہ حسن تہ زندگيءَ جو شهيد اهي.....!! هُن پنھنجي زندگي پنھنجي ئي ڌنڌي ۾ انتھائي ايمانداريءَ سان فنا ڪري حيات جا ودان ماڻي آهي .....!!!1 نہ رڳو پاڻ جا ودان ماڻي اٿس پر ٻين ڪيترن کي هُن حيات جاودان وارو فلسو بہ تہ سمجهايو آهي .....!! انھن اکين کي اهو بہ تہ معلوم آهي تہ حسن جون اکيون جڏهن جڏهن بہ مُرڪن ٿيون تڏهن تڏهن ڪانہ ڪا ٽرئجڊي کين پس منظر ۾ اتي ئي رُئاري بہ ٿي .....!! ڇاڪاڻ تہ حسن جون اکيون مُرڪندي مُرڪندي بہ ڄڻ زندگيءَجي فلسفي ۾ پيون ٻڏنديون ترنديون آهن .....!! اِن ڪري حسن حجم جي يار کي پڪ هئڻ کپي تہ هُن حسن جي واتان جيڪو ”بدلاءُ“ لفظ ٻڌو هئو يا اڳتي هلي هُوڪي ٻيا غير معمولي ”لفظ“ هن جي واتان ٻڌندو تہ ضرور انھن ۾ بہ ڪونہ ڪو فلسفو ۽ ڏاهپ هوندي .....!!!!

سوچن جي سانوڻيءَ ۾

هُو جن لمحن ۾ پنھنجي گهران نڪرڻ جو سوچي نڪري رهيو هو .....! هُن کي بس ايتري سُڌ هئي تہ هاڻ شھرجون بازارون ۽ سڻڪون ماڻھن سان انبوهجي ويون هونديون .... سج جيڪو آني جي ڄميل زرديءَ جھڙو مھانڊو کڻي اڀريو هو ..... تنھن لاءِ اهو ضروري نہ هو تہ هُو هر ڪنھن کي پنھنجو اهو زرديءَ مائل چھرو ڏيکاري ..... جنھن چھري ۾ نہ ڄاڻ اڃاڪيتريون صديون بلڪہ هزارين سال روشنيءَ جي راحت موجود رهڻي هئي ..... هونئن اهو سج جيڪو اڀريو هو تنھن جي روشني تہ روايتي هئي، پر اهو ڏينھن غير روايتي ڏينھن هو جنھن ۾ گهر مان نڪرڻ واري شخص کي هر نگاھہ ٻي ادا سان ڏسڻ جي متمني هئي .....!!
هُن گهر مان نڪرندي ئي سوچيو ؛ ”هر نگاھہ ڪو ڪو هوندي جيڪا منھنجي وجود جي تابوت ۾ ٽنبجي مون کي ايذائيندي ..... اذيتون ڏيندي ..... اهو سوچيندي ئي هن جي وجود مان ڄڻ بجلي جو ڪرنٽ گذري ويو ..... هُن کي ويندي ويندي مگهن ميگهواڙ بہ ياد اچڻ لڳو ۽ سندس اڳيان ڳنڍجڻ لاءِ رکيل پادر، ڪوڪا ۽ ٻيا اوزار بہ ..... مگهن جي نگاھہ بہ سندءِ ڪوڪن جيان تيز ..... ائين ٿي تاڙي جو شڪار ٿيندڙ کي پڪ ٿيو وڃي تہ هاڻ لڪڻ جي واھہ ڪٿي .....؟! ڪو چار ڏوڪڙن جو قرضي هوندس تہ ڊوڪڙي پائي ڊِھہ هڻي وڃي کانئس پئسا گهرندو .....!“
ڪَلو قصاب جڏهن جوان هو تہ گهر مان نڪرڻ واري شخص سان دلي دوستي هوس ..... ڪَلو جو پيءُ قيصر تڏهن ڪا سائڪو ڌنڌو ڪندو هو انھيءَ ڪرت ۾ راڄن جا واڙا ئي سُڃا ڪري ڇڏيس ..... ڪھڙو سڀاڳو ٿي سُجهو جيڪو قيصر قصاب کي ڇڏي پنھنجو پھرو ڪنھن ٻئي کي وڪڻي ..... ڪَلو بہ پيءُ جيان ڪا سائڪي ڌنڌي ۾ تہ ڀڙ ٿي ويو هو ..... پر حرامپائي ۾ بہ جهڙس ڪو مٽ نہ هو ..... نہ ڪنھن جي ڀيڻ ڏسي نہ ڪنھن جي ماءُ.....؟! ماس جي موھہ ۾ ايترو تہ مڌ مست ٿي ويو ..... جو الھڙ وڇيري وانگر وتي ٽپندو ڪڏندو ..... اها ٽِپ ٽپان ۽ ڪڏڪڏان ٻين تہ ٻين پر هن شخص لاءِ خاص اک جو ڪنڊو بڻجي پئي ..... هن ڪلو قصاب جي دوستيءَ جا هڙئي رستا پنھنجي وجود جي ويراني ۾ بدلجندي ڏٺا ..... هن پنھنجي جيون ۾ هڪ اڀري آيل حسين سج جي سونھري ڪرڻن کي ڪلو ڪاسائي جي ڪاتن ۾ زخمي ٿيندي ڏٺو ..... هن پنھنجي چاهت جي چنڊ ۾ بہ چير ايندي ڏٺا..... هُن آڪاس ۾ بادلن کي ڀوکان ڀڄندي ڏٺو ..... هن پنھنجي وجود ۾ دوستيءَ جو جيڪو وڻ پوکيو هو ان کي ظاهري دوستي واري دولاب جي طوفان ڊاهي وڌو هو .....!!
هُن کي مانڊڻي تي ويٺل محبوب جي نگاھہ جو بہ اونو هو. جيڪو ڪڏهن کيس چوندو هو تہ ”ڪلو ڪاسائي کان بچ چريا ..... ان ڪاسائيءَ جن جا سَر سُڃا ڪيا سي ساوائي نہ ٿيا ..... ”محبوب ۾ ماڻھوءَ کي پرکڻ جي ساڃاھہ ڪيڏي نہ سرس آهي“ هن ڊگهو ۽ ٿڌو ساھہ اندر ۾ اوتيندي سوچيو.
هُو هاڻ سوچن ئي سوچن ۾ ڊاڪٽر زوهيب جي ڪلينڪ (جيڪا سندس ئي گهر واري ڳلي ۾ هئي) وٽ پھچي ويو هو ڊاڪٽر زوهيب ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي پري کان ڏسي ٻڌائي سگهندو هو تہ کيس فلاڻو مرض لاحق آهي ..... پر هن کي تہ اهڙي خواهش هئي ۽ نہ ئي هُن چاهيو ٿي تہ ڊاڪٽر زوهيب جي نگاهن جو شڪار ٿئي ..... هُن کي هڪ تہ اها سُڌ هئي تہ ڪنھن بہ ڊاڪٽر جي نگاھہ کان پھرئين هر ماڻھو صحتمند ئي هوندو آهي ..... پر جڏهن مٿس ڪنھن ڊاڪٽر جي نگاھہ پوندي آهي تہ هُو بيمار ٿي پوندو آهي ..... ۽ هن کي تہ يقين هو تہ ڊاڪٽر زوهيب اڄ کيس ضرور هڪ نئين ادا سان ڏسڻ جو متمني هوندو ۽ اها نئين ادا واري نگاھہ منجانئس ڪانہ ڪا بيماري کوٽي ڪڍندي ..... اُن ڪري هو هڪ ئي جهٽڪي سان هوا جو جهونڪو بنجي اتان گذري ويو..... جيتوڻيڪ سندءِ نگاهون هيٺ هيٺ هيون ..... پر الاجي ڇو کيس اڻ تڻ جاڳي تہ انھن چوري چوري ڊاڪٽر زوهيب کي ڪرسي تي ويٺل ڏسي ورتو آهي ۽ ڊاڪٽر زوهيب جي نظر واري چشمي پويان تاڙيندڙ شڪاري نگاهن جو هُوبہ شايد شڪار ٿي ويو آهي .....
اهڙين سوچن جي سانوڻيءَ ۾ پُسندي هن کي علي محمد استريءَ وارو بہ ياد اچڻ لڳو هو، جنھن ڪيترن ئي ماڻھن جي انگن جي لٽن جا سر ڪڍي کين ڄڻ سنئين لڱين ڪيو هو. علي محمد جيتوڻيڪ پاڻ بظاهر خوش خوش نظر ايندو هو پر سندس ڳالھين مان اداسيءَ جا پکي الاجي تہ ڇو اڏام ڪري اچي هن شخص جي وجود ۾ آکيرو ٺاهي ويھي رهندا هئا..... هُو شخص پوءِ سوچيندو هو تہ ”آخر ڪھڙي ماجرا آهي جو لوڪ تہ کانئس نہ رڳو پنھنجي لٽن جا پر گناهن ثوابن جا گهُنج بہ ڪڍرايو وڃن ..... ۽ آءٌ .....“ ۽ پوءِ هو اهو سوچي ٿڌو ساھہ کڻي پنھنجي ئي سائي پنھنجو پاڻ تي ملامت ڪرڻ لڳندو هو .....
هُو علي محمد استريءَ واري جي دڪان واري ڳلي ڇڏي ٻي ڳلي ۾ اچي ويو ..... هن ٻي ڳليءَ واري واٽ رڳو ان ڪري ورتي جو کيس گمان هو تہ اڄ علي محمد واري استريءَ وڌيڪ تتل هوندي ۽ اُن جو تاءُ منھنجي وجود کي جلائي رک ڪري ڇڏيندو ..... جيتوڻيڪ هن جو وجود اڳ ئي ڪلو قصاب جي ڪرتوتن رک بنائي ڇڏيو هو ..... ۽ هُو ان ۾ پنھنجي وجود جا رهيل ڪي اهڃاڻ تلاشڻ جي جستجوءَ ۾ هو .....
نئين ڳليءَ واري واٽ وٺندي هن کي نياز حجام جو دڪان ۽ سندس نوڙت ياد آيا ..... هن کي يقين هو تہ نياز حجام جي پاڪيءَ وانگر اڄ سندءِ نگاھہ تيز تيز هوندي ..... نياز حجام پنھنجي نوڙت وساري اڄ اهڙي ادا سان مون کي ڏسندو ..... جيئن پاڪي کڻي ڪن فضول وارن کي ڪاٽڻ جو سوچيندو هجي ..... هن تصور ئي تصور ۾ پاڪيءَ سان پنھنجي وجود جو انگ انگ وڍجندي ۽ رت ٺينڍا ڏئي وهندي محسوس ڪيو ..... هن کي نياز حجام ۽ ڪلو قصاب ڄڻ هڪ ئي وجود جا ٻہ پاڇا محسوس ٿيا ..... ٻنھي جي هٿن ۾ انگ وڍيندڙ اوزار .....!!
هُو جيئن اڳتي وڃي رهيو هو تيئن شھر ۾ گاڏين جو شور ۽ ماڻھن جي پيھہ پيھان وڌي رهي هئي هُو هاڻ ڇاڪاڻ تہ شھرجي مصروف ترين علائقي صدر ۾پھچي ويو هو. اتان ڪجهہ خريداري ڪري کيس واپس بہ ورڻو هو، پر ان کان اڳي جو هُو خريداري ڪري واپس وري ..... هُن هڪ نگاھہ آسپاس اڇلائي ؛ هر ڪو پنھنجي هڻ هڻان ۾ هو ... ڪوبہ کيس هڪ نئين ادا سان ڏسڻ جو متمني محسوس نہ ٿيو .... لڄي ٿيندي سندءِ نگاھہ ڄڻ سجد ي ۾ هلي وئي .....
اندر ۾ اڻ وڻندڙ اتساھہ جي لھر ماٺي ٿيندي محسوس ڪيائين ..... ۽ کيس محسوس ٿيو تہ هُو انھن ئي لمحن ۾ واپس اچي ويو آهي ..... جن لمحن ۾ هو گهران نڪرڻ جو سوچي رهيو هو ..... اصل ۾ اڃا هو پنھنجي گهر ۾ ئي موجود هو ..... ۽ گهر اڱڻ ۾ بيٺل نم جي وڻ جا پن هوا ۾ لڏي انڪار ڪري رهيا هئا تہ ڪو هُو هتان گهر مان نڪري بازار مان واپس ٿي بہ آيو آهي .....

رانديڪن جو گهاءُ

ننڍي هوندي ڪيترن ئي رانديڪن جي خواهش ڪيائين پر غربت سبب هڪ رانديڪو بہ سندءِ هٿن ۾ نہ اچي سگهيو....! هونئن زندگيءَ جي بازار ۾ ڪيترائي رانديڪا ٽنگيل ڏٺائين .... گُڏيون، گُڏا، موٽر ڪارون، سائڪلون، اسڪوٽر.... پر هُن جون خواهشاڻيون اکيون پنھنجي اڇي اُجري نگاھہ انھن ڏانھن اڇلائي مايوس ٿي موٽنديون هيون.... ايئن مايوسي پنھنجي پاند ۾ ناڪامين جا سوين ستارا سھيڙيندي وئي .... هن پنھنجي اکين کي پوءِ بہ ناڪام آرزوئن جو نوحو بڻجڻ نہ ڏنو .... ها پر اهي ئي اکيون اُن ڏينھن ضرور رُنيون هونديون جنھن ڏينھن سندءِ ماءُ پيءُ کانئس ايترو وٿيرڪا ٿي ويا هوندا جو دنيا جهان ۾ هُو سواءِ پاڻ کي يتيم ظاهر ڪرڻ جي ٻيو ڪجهہ ظاهرنہ ڪري سگهيو هوندو ....!!
هُو جڏهن آهستي آهستي وڏو ٿيڻ لڳو .... پاڻ کان ڪجهہ ننڍي ڀيڻ وانگر .... تڏهن محسوس ٿيڻ لڳس تہ ڀيڻس کانئس وڏي ٿيڻ ۾ ڪجهہ مڙئي گوءِ کڻي رهي آهي .... تڏهن سندءِ اندر ۾ دٻيل خواهش، ”ڪاش جلدي ۾ وڏو ٿي وڃان تہ رانديڪن واري خواهش جي قيد مان ڪار هائي مليم ....“ کي ڄڻ ناڪامي نصيب ٿي رهي هئي. هُو پاڻ رانديڪن لاءِ ايترو سنجيده نہ هو پر ٻاراڻي فطرت کيس انھن جي حاصلات لاءِ خواهش جي سمنڊ ۾ اُڇليندي هئي ....!! هو ان سمنڊ ۾ ڪڏهن ٻڏي تہ ڪڏهن تري رهيو هو. موقعو ملندي ڪڏهن ڀيڻس سان راند ڪُڏي وٺندو هو پر پوءِ اچانڪ ٻاراڻيءَ فطرت ۽ مزاج ۾ نئين گهرج جو گهنڊ وڄڻ لڳندو هوس .... ۽ هن جي حِس زندگيءَ جي بازار ۾ ٽنگيل رانديڪن جي حاصلات لاءِ هوشيار ٿي ويندي هئي.
هو پنھنجي ڀيڻ جي اکين توڙي ظاهري بدني بناوت کي نظرن جي فوڪس ۾ رکي رهيو هو .... ۽ کيس ڪجهہ عرصو گذرڻ پڄاڻان انھن ۾ روشنيءَ جي رفتار وانگيا ڄڻ تڪڙي تبديلي مهسوس ٿي رهي هئي .... پنھنجي بدني بناوت کي ڏسي هن کي هيڪر لڳندو هو تہ هو ڪو گُڏو آهي جنھن ۾ فطرت ڀلجي الائجي ڪيئن پنھنجي خواهش جو روح ڦوڪي ڇڏيو آهي ڀيڻس جون اکيون جيڪي پھرين سطحي قسم جون هيون جن ۾ ڪنھن بہ قسم جي ڪا ڇولي نہ هئي! ڪو ننڍرو دٻو پاڻيءَ جو بہ نہ هو، کيس محسوس ٿيو تہ انھن ۾ سمنڊ جُڙي رهيو آهي ۽ انھن ئي اکين ۾ ڪيترائي پھاڙ وجود وٺي رهيا آهن ۽ پوءِ هڪ ڏينھن هن پنھنجي ڀيڻ جي سيني ڏانھن ڏٺو تہ ڀاسيائينءَ اکين واري سمنڊ ۾ سرجندڙ پھاڙ سندم ڀيڻ جي سيني مان جهاتيون پائي رهيا آهن .... اهو منظر ڏسي هن کي آهستي آهستي پنھنجي ڇاتيءَ ۾ خارش ٿيڻ لڳي .... هن پوءِ پنھنجين نگاهن کي انھن پھاڙن جي ڏسڻ کان مورڳو ئي پلي ڇڏيو هو، جو کيس گمان هو تہ انھن جي ڏسڻ سان ئي کيس شايد اهو مرض لاحق ٿي ويو آهي ....! نہ ڏسڻ باوجود بہ اهو مرض تھائين وڌي رهيو هوس....!!
هن کي هڪ ڏهاڙي واٽ ويندي آرسيءَ جو ڀڳل ٽڪرو هٿ اچي ويو .... هن اهو ٽڪرو کڻي پنھنجن اکين آڏو آندو تہ کيس پنھنجيون اکيون ڀيڻس جي اکين وانگيا ئي ڀاسيون ....!! هن اُتي زندگيءَ جي بازار کي تصور ۾ آندو .... تہ اتي کيس رانديڪا ٽنگيل نظر نہ آيا.... زندگيءَ جي بازار ۾ حسين چھرا هيڏانھن هوڏانھن اچ وڃ ڪري رهيا هئا ۽ ڪيتريون ئي نوجوان دليون رانديڪن جي جاءِ تي ٽنگيل نظر آيس .... هُن کي محسوس ٿيڻ لڳو هن جي دل بہ انھن ئي دلين سان گڏ رانديڪن جي جاءِ تي ٽنگيل آهي .... ان احساس سان ئي پوءِ ڇاتيءَ جي ٻنھي پاسي کاڄيءَ جي اهڙي لھر پيدا ٿيس .... جو انھيءَ کي کنھندي ٽِڪ جو اهو ٽڪرو کانئس هٿ مان ڪري مٽيءَ ۾ ملي ويو .... اتي هن هڪ وڏو ڇرڪ بہ ڀريو .... پنھنجو پاڻ کي هاڻ هن زندگيءَ جي هٿ ۾ هڪ رانديڪي وانگيان محسوس ڪيو ....! رانديڪن جي خواهش رکندڙ ماڻھو پاڻ رانديڪو بڻجي پوي. ائين ئي جيئن ڪو چنڊ کي پائڻ جي تمنا ۾ پاڻ چانڊوڪي بڻجي پوي ....!!
هُن کي هاڻ هڪ رات جي تلاش هئي جنھن کي ستارن جو چولو پاتل هجي ۽ هن جي وجود جي چانڊوڪيءَ ان رات سان رقص ڪري .... هُو هڪ رات بس ايئن ئي ننڊ نہ ڪرڻ جي خيال سان پنھنجي بستري تي ليٽيو .... ننڊ هن کي اچڻي هئي سا اچي وئي .... ڪيئي سپنا سندءِ اکين جي آڪاس ۾محو پرواز هئا.... هُن ڏٺو تہ هُو هڪ اهڙي وينگس ڊريسر جي هٿ ۾ هڪ اهڙو ”نشتر“ هو جيڪو زندگيءَ جا زخم وڌيڪ گهرا ڪري رهيو هو.... زندگيءَ جي نس نس مان رت سَمي رهيو هو .... هن کي لڳو تہ اهو ڪيترن ئي ايندڙ نوجوان نسلن جو رت آهي! هن ٻئي هٿ آڏا ڏئي اهو رت بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي .... ۽ وينگس کي وينتي ڪيائين؛“ خدارا آءٌ تنھنجي هٿن جو نشتر نہ ٿو بڻجڻ چاهيان .... آءٌ چانڊوڪي ضرور هوس پر اهڙي نہ جيڪا ايندڙ نسلن لاءِ غلط روايت ڇڏي اونداهيون پکيڙي وڃي .... آءٌ پويان روشني ڇڏي وڃڻ ٿو چاهيان! هڪ اهڙي روشني جنھن سان منھنجو سارو ڏيھہ جڳمڳائي ....! آءٌ پھريان ٻار هوس جنھن کي رانديڪن جي تمنا هئي، پوءِ اهي رانديڪا بہ گولين جي شڪل ۾ ئي ڇو نہ هجن ....؟! شڪر ٿيو جو اهي اهڙي قسم جا رانديڪا هِتي يا هُتي مون کي نظر ڪونہ آيا .... ڇاڪاڻ تہ آءٌ هڪ اهڙي سرزمين تي ڄميو هوس جنھن کي صوفين ۽ درويشن جي ڌرتي چيو ويندو آهي. ٻڌين پئي وينگس! آءٌ هڪڙو نہ پيو ڳالھايان .... هڪ ڄڻ پورو نسل پيو ڳالھائي .... جنھن سان ڪيتري نہ ويڌن ٿي چڪي آهي ....؟!! فلسطين جي سرزمين جي نسلن وانگيان جن کي يھودي ڳڙڪائي هضم ڪري ويا .... جيئن منھنجي خواهش آهي تہ آءٌ نوجوان نسل لاءِ هڪ مثال قائم ڪري وڃان .... ائين توکي بہ ٻين وينگسن لاءِ مثال ڇڏي وڃڻ کپي .... آءٌ اهڙي پل نہ ٿو بڻجڻ چاهيان ۽ نہ ئي تون بہ بڻج، جتان ڪيئي مجرم سولائيءَ سان لنگهي وڃن .... گهٽ ۾ گهٽ پنھنجي مٿان هڪ اهڙو بورڊ ضرور هئڻ کپي تہ رڳو خوابن ۽ رومانس ۾ نہ جيئو پر حقيقي زندگيءَ کي بہ خوب درست حوالي سان انجواءِ ڪيو ....“ وينگس اهو ٻڌي هڪ وڏو ٽھڪ ڏئي ٿي تہ هن جون اکيون کلي وڃن ٿيون.... هو آسپاس ڏسي ٿو، اها عورت تہ کيس نظر نہ آئي پر ڀيڻس سندس کٽ جي ڀر ۾ رکيل ٽيبل تي چانھہ جو ڪپ ۽ پاڻيءَ جو گلاس آڻي رکيو ....
هو اکيون مھٽي وري هڪ ڀيرو ڀيڻس ڏي ڏسي ٿو .... هن کي ڀيڻ جي ڇاتيءَ ۾ اڳي کان وڏا اوچي اوچي ڳاٽ ۾ پھاڙ نظر ٿا اچن ....! پل لاءِ سوچي ٿو ”انھن پھاڙن تي بہ ڪڏهن بادل برسندا، زندگيءَ جا ڪارونجهر ڪڏهن اڃا رهيا آهن .... ”جيتوڻيڪ هو پاڻ ننڍي لاڪون رانديڪن جي لاءِ اُڃو رهجي ويو....
هن کي پوءِ پنھنجي روزگار جي سوچ آئي جو ڪجهہ مھينا پھرين ئي هڪ آفيس ۾ چوڪيدار طور ڀرتي ٿيو هو.... ايمانداريءَ سان ڊيوٽي جي ادائگي هن جو معمول هو ۽ هيڏانھن گهر ۾ پھاڙن جي پڪار ٻڌندي هڪ ٻي چوڪيداري بہ مٿس عائد ٿي وئي تہ ڪٿي اڻائي سڻائي مند ڪو وسڪارو نہ وسائي وڃي....؟! هن چانھہ پيئندي سوچن ۾ پاڻ کي هڪ ڪوپ وانگر محسوس ڪيو، گرم گرم چانھہ سندس وجود کي آويءَ جيان اندر ئي اندر جلائي رهي هئي .... ان کي بہ هيڪر هن لنوائي ڇڏڻ چاهيو جو جلاءُ بہ زندگيءَ جو حصو هو .... پر هن لاءِ اُن خواب وارو جلاءُ ڏاڍو ڏکيو هو جنھن ۾ هو هڪ وينگس ڊريسر جي هٿ ۾ ”نشتر“ جيان هو ۽ نشتر زندگيءَ جي زخم کي گهرو بڻائي رهيو هو ....البتہ هن لاءِ پنھنجي ئي طرفان ڳالھايل اهي جملا آٿت ڀريا هئا.جن ۾ هن چيو تہ هو هڪ پورو نسل هو جنھن جي زخم مان رت وهي رهيو هو. هن کي ياد آيو تہ زندگيءَ جي ڪنھن موڙ تي سندس اها سوچ هئي تہ هُو هڪ ئي وقت ڪيترين ئي وينگسن جي مٿي جو رئو ۽ مردن جي پٽڪن جي ورن جو هڪ ور بہ هو جيڪي سندس سوچ جي خوابگاھہ مان اکيون مھٽي اٿي پيا هئا ۽ هو انھن کي هڪ باشعور نوجوان جي اک سان ڏسي رهيو هو .... وقت گذرندي وچ ۾ هو حادثاتي طور الائجي تہ ڪيئن شادي شدہ بہ بڻجي ويو هو....!! ۽ ڀيڻس جنھن جي ڇاتيءَ مان ليئا وجهندڙ پھاڙن تي بادل برسڻا هئا، سا اوچتو ئي اوچتو پاڻ بادل بڻجي وئي هئي .... هن پڪ ڪرڻ لاءِ تہ ڀيڻس هتي ڪٿي ضرور هوندي! اکيون مھٽي آسپاس نھاريو.... پوءِ ڪمري مان نڪري پري پري تائين ڏسڻ لڳو! آڪاش ۾ ڏٺائين اتي ڪوبہ ڪڪر ڪونہ هئو ۽ نہ ئي ڪو پھاڙ ....؟ هن جي وجود جو صحرا چوطرف! هُو اهو ڏسي هڪ وڏي اوڇنگار ڏئي روئڻ لڳو، هر طرف کان روئڻ جا پڙاڏا سندس ڪنن سان ٽڪرائڻ لڳا..... ۽ هُو پنھنجي ور مان نشتر ڪڍي زندگيءَ جي زخم کي وڌيڪ گهرو ڪندو روئيندو رهيو!!!

امان درياھہ ٿو اچي؟

زندگي..... مايوس ..... ويران ..... اُداس پوءِ بہ زندگي! ماڻھن جي چھرن تي مايوسي ..... انتھائي اداس ..... هاڻ ڇا ٿيندو .....؟! ”پاڻي جي سُرڪيءَ لاءِ سڪياسين ٿي ..... هاڻ تہ ”دهشت دم درياھہ ۾، ڪُنن جو ڪڙڪو .....“ ڪنھن کي گمان ۾ هو تہ درياھہ شاھہ ائين وهندو ..... جو ڪچو ٻوڙي اچي پڪي سان پريتون جوڙيندو..... بابا سنبرو پاڻي آيوڪي آيو پاڻ وارن پڊن کي پائڻ .....! زندگيءَ پوءِ بہ زندگي ڪچا اگر ڪري بہ پيا تہ مڙئي خير آهي ..... ٻانھن ۾ ٻل هوندو تہ وري جڙي ئي پوندا ..... اڙي ڪڍو ٽپڙ ٽاڙي جيڪي ڪڍي سگهو .....سر سان سِر لڳي..... هلو ..... هلو .....هلو.....!!“
چوطرف ماڻھن ۾ ڀاڄ ..... حيرت مان هڪ ٻئي کان پڇ پڇان ”اڙي ڇورا! سنڌو تہ سُڪو ٺوٺ لڳو پيو هو ..... پوءِ لھرون لس ليٽ ڪنديون ڪٿان ڪاهي آيون .....؟! هاڻ تہ ٻڌون ٿا سکر بئراج بہ ويو پيو آهي ..... “ ”اڙي ادا! ائين نہ چئو ..... اڀاڳي ٻولي نہ اور ..... سکر بئراج توڙي گڊو ۽ ڪوٽڙي اسان جي جياپي جا اهڃاڻ ..... مولا ڪندو تہ پاڻي پار ٿي ويندو انھن بئراجن مان بنان ڪنھن هاڃي جي ..... ڪنھن ٻئي چيو ”ها ادا! تون سچ ٿو چئين ..... ڪيترا ورهيہ اڳ سنڌو ۾ سانوڻيون آيون هيون ..... پر اهي بئراج بچي ويا هئا..... “ ٽئين وچ ۾ ڳالھايو چوٿين همراه وري کين حسرت مان نھاريندي آکيو“ ۽ اسان .....“ زندگيءَ حيرت جو درياھہ جنھن ۾ ڪيترائي جيوَ ٻڏندي ۽ ترندي هڪ ٻئي کان پيا حال احوال وٺن پنھنجي ۽ پنھنجي ٻارن ٻچن ۽ مال ملڪيت جي ڳڻتيءَ ۾ ڳھن .....
سنڌو جو سڪل پيٽ جڏهن کين اوچتو ياد اچي تڏهن مالڪ جي مھر تي کن پل لاءِ خوشين هاڻا لڙڪ بہ لاڙي وٺن. ” ڏيھن جو ڏاتار سنڌو سدائين سائو ستابو هجي ..... شال نہ هي اکيون کيس سڪل ڏسن.....“ سنڌو کي سدائين سائو ستابو ڏسڻ لاءِ دعائن مٿي دعائون پيا گهرن .....!! وري بہ ٻار ٻچا، مايون مرد، پوڙها پڪا ۽ جانٺا جوان سڀ حراس ۾ ..... ڇاڪاڻ تہ جياپي جو ذريعو پاڻي اڄ ٻوڙڻ پيو اچي .....! هنن پنھنجن نسلن لاءِ الاءِ تہ ڪيترا خواب ڏٺا هئا .....؟! زندگيءَ جي شادابي جا خواب ..... علمي آگهيءَ جا خواب ..... درسگاهون اڏڻ ۽ انھن ۾ علمي شمعون جلائڻ جا خواب..... پنھنجا ويران ٿيل کيت وري وسائڻ جا خواب ..... هنن کي پڪ هئي تہ پاڻي ائين نہ ڪندو ..... سنئين واٽ وٺي اسان جي خوابن جي ساڀيان جو سرچشمو بڻجندو ..... پر افسوس! تہ ائين نہ ٿي سگهيو ٽوڙي بندٽٽي ويو ..... يا ٽوڙيو ويو..... ”زميندار پنھنجون زمينون ۽ فصل بچائڻ ۾ پورا ..... انھن کي پنھنجن ٻارن ٻچن جو ڪوبہ اُلڪو وغيرہ نہ ..... ڪراچيءَ جي پوش علائقن ۾ انھن جا بنگلا ۽ سريتون ..... سنڌوءَ کي پنھنجن زمينن کان ٻئي پاسي ڪٽ ڏئي پنھنجا فصل فرڙا بچائي ..... وڃي بنگلن ڀيڙا ٿيندا ..... هي زميندار ۽ وڏيرا غريبن جي نسلن کي لوڙهڻ ٿا گهرن ..... هنن جي من ۾ ڪڏهن سڻائي سوچ آئي ئي ناهي ..... ؟! هنن ڪڏهن گهريو آهي تہ سندن بنگلي جي ڀر ۾ غريب جي جهوپڙي بہ هجي..... ۽ ان جهوپڙيءَ مان هڪ باهوش نسل تيار ٿي سامھون اچي..... ۽ جيڪڏهن اهڙو نسل تيار بہ ٿي اچي تہ هوند هنن جون ننڊون ئي حرام ڪري ڇڏي .....! شابس هجي ڪشنچند بيوس کي جنھن ڪيترائي ورهيہ اڳ غريباڻي جهوپڙيءَ لاءِ پنھنجي شاعريءَ ۾ دعا گهري “ الا! جُهري مہ شال، غريباڻي جهوپڙي .....“ هاءِ هاءِ سنڌو ..... تنھنجي سانوڻين تان سر قربان پر ائين نہ ڪر..... اسان جا بہ سنھا ٻچا آهن، انھن تي ڪھل ڪر..... اسان جا بہ ڪي خواب آهن جيڪي اسان انھن ٻچڙن جي نيڻن ۾ ٽمڪندي ڏٺا آهن ..... او سنڌو! تو اسان جي عظيم تھذيب کي جنم ڏنو ..... موئن جي دڙي واري عظيم تھذيب کي ..... اسان کي سڃاڻ! اسان ان تھذيب جا وارث آهيون ..... اسان کي ٻوڙ نه! اسان ئي رگ ويد جا اهي رشي آهيون..... جن رگ ويد جي شعرن کي رچيندي تنھنجي ساراھہ جا گيت ڳاتا ..... سنڌو! پنھنجي جوش کي ماٺو ڪر! هنن وڏن زميندارن جي چال کي سمجهہ ..... تون تہ اسان کي نہ ٻوڙ سنڌو!“
وارو..... او ..... وارو..... سوچيو پوءِ پاڻي اچي ويو..... ولوءَ جو پٽ پاڻيءَ ۾ لڙهندو وڃي. .....ان کي ڪڍو ..... وارو ..... ڙي ..... وارو.....“ هڪڙو ٻئي کان ٿو پڇي؛ ”ڀلا ولو پاڻ ڪيڏانھن ويو؟!“ ” هو ٻني ڏانھن نڪري ويو هو ..... خدا ڪري هُو سڻائو موٽي.....“ ٻئي وراڻيس انھن ئي لمحن ۾ ولو گوڏي جيتري پاڻيءَ مان پريان ڪاهيندو اچي ولوءَ جي پٽ سوڍي کي پاڻيءَ مان ڪڍي ڪناري ڪيو اٿن..... ۽ وڏي آواز ۾ پيا واڪين“ ولو ور تو وارو سوڍو ساھہ ڏئي ويو.....!!“ سوڍل ماءُ جون اڀ ڏاريندڙ ريھون ..... او سوڍل منھنجا ساھہ سيباڻا سوڍل ..... ڪجهہ تہ ڳالھاءِ ..... تنھنجو رانديڪو آسائتو تنھنجي طھر واريءَ گوڏ آسائتي ..... موڙ آسائتا..... مينديون آسائتيون..... او منھنجا سوڍل ايڏو تڪڙو نہ وڃين ها ..... منھنجي ڪائنات ۾ قھر ٿي ويو..... سوڍل او سوڍل! ٿوري ورندي ڏي .....منھنجي نيڻن جي سنڌو کي ڏس ..... اِن کان اڳي جو ڳوٺن جا ڳوٺ ۽ شھرن جا شھر اجڙن ..... هن اڀاڳي جي اجڙيل ڪائنات ڏس ..... منھنجا سوڍل .....!!“ سوڍل جو بي ساهو وجود ڪا بہ ورندي نہ ٿو ڏئي ..... ولوءَ جي وات مان بہ اوسارون ۽ اولاڻا ..... ”سھڻا سوڍل مون تہ توکي هاڻ ئي اسڪول ۾ مُڪو هو تہ هوند پڙهي ڪي پنھنجن جا اهنج گهٽائيندين ..... ڪنھن سٺي عھدي تي پھچندين ..... ابا سوڍل! هيءُ تنھنجي وڃڻ جي ويل تہ نہ هئي .....“ ۽ پوءِ ولوءَ تي بي هوشيءَ جا دورا!! سوڍل ماءُ بہ جھڙوڪر سڪرات ۾.....!! ماڻھن جي احساسن ۾ اُڇل.....“ اڃا تہ ڪيتريون ئي مائرون پٽن جي سوڳ ۾ سڙنديون ..... ۽ ڪيترين سھاڳڻين جا سھاڳ اجڙندا.....؟! سنڌوءَ ۾ چاڙھہ ڏينھو ڏينھن سرس آهي ..... ڪُنن جا ڪڙڪا آهن ..... اجهل سنڌوءَ جون لھرون چون ٿيون تہ ڇڏيو تہ هتان نڪرون ..... پڪي جي پار ڏي ..... خاصن لوڪن کي خبر پويِ تہ سُڪا پيٽ ڪيئن ساوا ٿيندا آهن ..... ؟! وارو ..... ڙي ..... وارو نڪرو ...... هاڻ تہ پاڻي گوڏن کان مٿي چڙهندو وڃي.....!
ننڍن ٻارن ۾ ڪيھاٽ ..... انھن کان ٿورو وڏڙا ٻار حراس ۾ ..... پنھنجن مائرن ۽ پيئرن کان پيا پُڇن: ”او امان..... ابا اسان تہ ولوءَ جي پٽ وانگر ڪونہ ٻڏنداسين.....؟! اسان جا پتڪڙا رانديڪا بہ اسان وانگر سنڀارجوء ..... متان اهي لڙهي وڃن.....“
”ابا شل اهڙو اڀاڳو ڏينھن نہ اچي ..... وڏي ڄمار ماڻيو ..... خدا نہ ڪري ولوءَ جي پٽ وانگر ..... اهڙي وائي نہ ڪريو ابا .....!!؟“
”امان ڀلا هي پاڻي اچي ڪٿان پيو.....؟! ”ابا پاڻي ڪونہ پيو اچي درياھہ ٿو اچي“ ”سچ ٻڌاءِ امان! درياھہ ٿو اچي“
”ها پٽ! درياه ٿو اچي! اهو درياه جيڪو ڪيترائي سال سڪو ڀڙڀانگ ٿيو پيو هو..... اهو درياھہ ٿو اچي .....!! ” ” هان تڏهن درياھہ ٿو اچي.....“ پوءِ هُو سڀئي گڏجي ڳائڻ ٿا شروع ڪري ڏين بابا درياھہ ٿو اچي ..... امان درياھہ ٿو اچي..... بابا درياھہ ٿو اچي امان درياھہ ٿو اچي.....“
سڀ ماڻھو ٻارين ٻچين ڍڳن ڍورن ۽ مال ملڪيت سميت (جيڪو ڪجهہ کڻي ٿي سگهيا) کڻي پنھنجن اباڻن ڪکن کي الوداع ڪري.... نڪرن ٿا! سندن سماعتن تي ٻارن جي آوازن جو اڃا بہ پراڏو پيو گونجي ..... بابا درياھہ ٿو اچي امان درياھہ ٿو اچي ..... امان درياھہ ٿو اچي ..... امان درياھہ ٿو اچي.....!!

اکيون آرزوئون

”هر ڪا اک پنھنجي وضاحت پاڻ هوندي آهي، ڪي ڪي سوال پيدا ئي تڏهن ٿيندا آهن جڏهن انھن جا جواب نہ ملي سگهندا آهن.“
هُن دل ئي دل ۾ احساسن جي ناوَ تي سوار ٿي سوچڻ شروع ڪيو سوچون جيڪي سونيءَ زنجير جيان هيون سوني زنجير جي چمڪ ڪيڏي نہ ڪشش واري هوندي آهي .....!! ماڻھوءَ کي پاڻ ڏانھن چقمق وانگيا ڇڪيندي آهي اها ..... ”سوني زنجير ۽ سونو لاڪيٽ بہ تہ پنھنجي وضاحت پاڻ هوندا آهن“ ٻن آڱرين جي وچ ۾ جهليل سگريٽ کي چپن تي آڻي هن ڪش هڻي وري سوچيو. ڊرائنگ روم ۾ ويٺي سندس نظرون دروازي ڏانھن کجيون. پوءِ درين ڏانھن ..... درين جو سونھري يا بسڪيٽي ڪلر سندس اکين ۾ اوتجي ويو ڄڻ! ديوارن جو گيڙو – رتو رنگ بہ سندس اکين جي اسڪرين تي محو رقص ..... ۽ پوءِ درين ۾ لڳل شيشا سندءِ نظرن ۽ احساسن جي فوڪس ۾ ..... ” اهي شيشا ڪيڏي فنڪاري سان جوڙي فٽ ڪيا ويا آهن انھن شيشن مان ٻاهر ليئو پائجي تہ منظر ئي ٻيا ڏسڻ ۾ اچن ..... دوربين ۾ لڳل لينس بہ تہ هڪ شيشو ئي آهي، پر اهو ننڍين شين کي ڪيئن نہ وڏو ڪري ڏيکاري ٿو ..... اهو ان شيشي جو ڪمال آهي يا اسان جي اک دوکو کائي ٿي ..... نہ رڳو اک پر اڪثر دل بہ دوکو کائي ويھي ٿي“ هن گهري سوچ مان نڪرندي وري بہ درين جي شيشن ڏانھن ڏٺو ..... جن تان سرڪيل ريشمي پردا ڄڻ سلوار جي چونڊيل سرن وانگيا هڪ ٻئي ۾ جڪڙيل هئا. هن جي سوچ اچانڪ اڇل کائي هڪ وينگس جي تصور ۾ درين مان ٻاهر ليئا وجهڻ لڳي ..... شيشا رنگين ..... سوچ رنگين ..... لباس رنگين ..... هر منظر رنگين ..... ٻاهر جي دنيا اندر ۾ اُهاءُ ڪرڻ لڳي ..... هُو ڄڻ ڏسي رهيو هو کيس جيڪا رنگين شيشن مان ٻاهر ڏسي رهي هئي.
”هر ڪا اک پنھنجي وضاحت پاڻ هوندي آهي مون هن کي پھرئين وار ائين ڪونہ ڏٺو هو جيئن هينئر آءٌ کيس ڏسان ٿو، اڳ بہ تہ مون کيس دورانديشي واري دوربين مان ڏٺو هئو ..... پر الائجي تہ ڇو هوءَ ننڍي نظر آئي هئم! تہ پوءِ .....!؟“ سندءِ من جي غفائن مان هڪ ٻئي سوال ڪاريھر جيان ڪر کنيو. اهو سوال پنھنجي ئي جوهر ۾ هڪ جواب هئو..... تہ ”ڪي ڪي سوال پيدائي تڏهن ٿيندا آهن جڏهن انھن جا جواب نہ ملي سگهندا آهن“
هن کي تڏهن محسوس ٿيو هو تہ ننڍيون شيون واقعي ئي ڏهاڳ ڏينديون آهن ۽ اهي وڏيون نہ ٿي سگهنديون آهن. مٿان وري هُن اهو بہ سوچيو هئو .....“ ٿي سگهي ٿو ..... ٻي ڪنھن اک کي هوءَ وڏي نظر آئي هجي .....“ تڏهن سندس سوچ ڄڻ زخمجي پئي هئي ڪنھن آهيڙيءَ هٿان زخميل پکي جيان! زخمجي بہ ڇو نہ ها؟! آخر سندءِ نينھن ڪن نيڻن تي اجاره داري جو دعويدار هئو تڏهن اک ڇنڀ ۾ پنھنجي هانوَ تي هٿ رکي کڻي ورتو هئائين. هانوَ ۾ دل ڄڻ تتل صحرا ۾ ڊوڙندڙ ڪنھن هرڻ جيان ڀاسيس! هُو پاڻ جيون جي صحرا ۾ تڏهن ڏاڍو ڊڪيو هئو .....هُن ڊُڪڻ ۽ نہ ڊُڪڻ ۾ ڪوبہ فرق نہ پاتو هئو، ائين ئي جيئڻ ۽ نہ جيئڻ ۾ ڪي ماڻھو فرق نہ ڪري سگهندا آهن. هن لاءِ پوئين گذريل جيون جي شاهراه ۾ سايون ۽ ڳاڙهيون بتيون ٻئي برابر هيون ..... سائي ٻري تہ ڇا جي ڳاڙهي ٻري تہ ڇا؟! پر اتساھہ اڃا باقي هوس ..... پنھنجو پاڻ چيو هئائين ”ناڪاميون ئي تہ ڪاميابين جا دروازا کولينديون آهن.“ ۽ پوءِ هُو سچ پچ ناڪامين جي پويان ڊوڙڻ لڳو هئو .....۽ نہ بہ لڳو هئو ڇاڪاڻ تہ اميد اڃا زندھہ هوس جيڪا سندءِ اکين جي ڍنڍ ۾ ڪنھن ٻيڙي جيان تري رهي هئي. هونئن بہ ڏسجي تہ اميد شيءِ ئي اهڙي آهي جيڪا جياري بہ ٿي تہ ماري بہ ٿي دريءَ وٽ پنھنجا سونھري وار ڇوڙي بيٺل وينگس! (سوچ) بہ ائين ئي کيس جياري رهي هئي ۽ هُو جي رهيو هئو! پوئين گذاريل لمحن پھرن، ڏينھن، مھينن ۽ سالن جا ٿڪ وسري ويا هوس“ آسپاس کان بي نياز ٿي جيئڻ ۾ ڪيڏو لطف آهي) هي منظر، هي لمحا ڪيڏا نہ امر آهن ڪاش! مون وٽ جادوءَ واري عسا هجي تہ انھن منظرن ۽ لمحن کي قيد ڪري ڇڏيان ..... تڏهن هوءَ ڪنھن بہ سبب ڪري ننڍي هئي. تمام ننڍي ۽ هاڻ هنن منظرن ۽ لمحن مان ڪو کيس چورائي نہ ٿو سگهي) هن اهو سوچي گهرو ساھہ کنيو، وينگس ٻاهران نظرون چورائي دلبند ادا سان ڄڻ کيس گهوريو..... اوچتو پيرن جي ٺڪ ٺڪ تي هن نظرون دريءَ وٽان هٽايون تہ سامھون جوڻس بيٺي هئي، هن کي ڏسي کانئس وڏو ٽھڪ نڪري ويو ..... پوءِ دري ڏانھن ڏٺائين اتي ڪوبہ نہ هو کليل درين جا ريشمي پردا لڏي رهيا هئا ۽ ڪمري اندر تازي هوا داخل ٿي رهي هئي .....

اُپٽيان تہ انڌيون ....!!

هُن هيڪر اکيون اپٽيون .... ڪمري جي ڇت ۾ گهوريائين ....! هڪ ڪوريئڙو پنھنجي ئي اڻيل ڄار مان جندآجي ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو هو. هُن ڪڏهن اهو بہ ڏٺو هو تہ ان ئي ڪوريئڙي ڪنھن وقت ۾ ڪن اوچتو اڏامي ايندڙ جيتن، مکين ۽ مڇرن کي ان ئي ڄار ۾ سوگهو ٿي ڪيو .... پر اڄ....؟!
هُن جون اکيون وري بي اختيار پورجي ويون .... ننڊ اها محبوبا آهي جيڪا پنھنجن زلفن جي ڇانو ۾ ڪيترن ئي زندگيءَ جي ٿڪايلن جا ٿڪ لاهيندي آهي. اکيون پوريندي هن جي وجود مان زندگيءَ جا ٿڪ ڄڻ پکين جيان ولر ڪري اڏامڻ لڳا .... پر پوءِ ستت ئي سجاڳيءَ سور آڇيندي اکيون اپٽائي وڌس .... ”اپٽيان تہ انڌيون، پوريان پرين پسن“
مٿي ڇت ۾ نھاريندي شاھہ جي سٽ اچاريائين. مٿي هاڻ ڪوريئڙو نظر نہ آيس ۽ نہ ئي ڪوريئڙي جو ڄار....؟!“ ”ڀڻسان ڪي پل اڳ مون اهو منظر ڏٺو اهو حقيقي هو يا خيالي ....؟!“ هُو پنھنجي ساڄي هٿ جي چئن آڱرين کي ڏندن جي وچ ۾ ڏيندي سوچيندو رهيو .... ان ئي سوچ واري ڪڙيءَ ۾ ٻي ڪا سوچ بہ اچي سلھڙي؛ بيمار پاڙيسريءَ کي جڏهن آءٌ ڏسڻ ويو هوس .... چيو هئائين ؛ ادا! حال ناهي .... هاڻ تہ وقت کي ياد ڪيون ٿا، اهو وقت جيڪو ٻاروتڻ، نوجوانيءَ ۽ جوانيءَ ۾ گهاريوسين .... اهو وقت بہ ڄڻ سنڌو هئو! سنڌو جنھن ۾ لھرون لس ليٽ هيون .... هاڻ ٻڌون ٿا تہ سنڌو بہ خشڪ ٺوٺ ٿيندو پيو وڃي .... الائجي تہ ڪھڙي اڀاڳي نظر لڳس ابا! ۽ پوءِ اکيون ٻوٽي بي پرواھہ ٿي سڪرات جي سائي ۾ هليو ويو هو .... سڪرات جيڪا ڪيترن ئي سريرن مان ساھہ نڪرڻ کان اڳ وارد ٿيندي آهي جيستائين سرير مان ساھہ نڪري ئي نڪري ماڻھو ان کي ڀوڳيندو رهندو آهي .... ان ڀوڳنا جي ڪيفيت ڀلا ڪھڙي هوندي .... ؟!“ سوچيندي ۽ پنھنجو پاڻ سوال اٿاريندي هن جون اکيون وري ٻوٽجي ويون .... ڄڻ هُو سڪرات ۾ هليو ويو هجي .... ان جي ڀوڳنا واري ڪيفيت کي محسوسڻ لاءِ ....!!
ڪمري ۾ ٻرندڙ انرجي سيوَر بلب خود ”انرجي“ جي زندگيءَ وڌائڻ لاءِ ڪوشان آهي لڳي ائين ٿو تہ ڄڻ ملڪ جي زندگيءَ بہ ان ئي انرجي سان مشروط هجي جيڪا انرجي اهو سيوَر بچائي رهيو آهي. ائين پنھنجي زندگيءَ جو هر شيءَ کي اونو ۽ الڪو رهي ٿو. پر هو تہ ان جي ابتڙ سوچي رهيو هو. شايد پنھنجو پاڻ مرڻ لاءِ ئي سڪرات جي ڀوڳنا جي سڌ هوس.
پنھنجي پاڙيسريءَ کي جيئن ئي هو ڏسي آيو هو ان پڄاڻان تہ هن جون ڪيفيتون ئي اوپريون ٿي ويون هيون گهر واريءَ ڳلي کان ويندي چاندني چوڪ تائين ۽ اتان هلندي غريب آباد تائين روڊن رستن تي هر شيءَ سندس نظر ۾ ڄڻ سڪرات ۾ هئي ....!! تصور ئي تصور ۾ نہ مرڻ ۽ نہ جيئڻ وارو جھان! خودڪش حملي آورن جون منڍيون ۽ انھن هٿان مارجي ويل ماڻھن جا مسخ ٿيل چھرا ۽ وجود اخبارن ۾ ڇپيل ڏسي هانو ئي هاربو وڃيس ....
هن وري اکيون کولي مٿي نھاريو تہ محسوس ٿيس ڪو خطرناڪ چھري وارو شخص مٿانئس گهوري رهيو آهي ....!! ” هي ڪير آهي هن وقت؟“ سندءِ ڪيفيتن پاڻ ۾ سُس پُس ڪئي .... هُن اٿڻ جي ڪوشش ڪئي پر اُٿي نہ سگهيو. هن جي اٿي نہ سگهڻ جو سبب خوف هو .... هن ان خوفناڪ چھري واري شخص کان نظرون چورائي آسپاس ڪمري ۾ ڏٺو ....
جوڻس، سندس ٽي پٽڙا ۽ ٻہ ڌيئرون آرام ۽ سڪون سان ڌار سمھيل هئا. هن ڪمري جي ڏاکڻئين دروازي واري ديوار جي مٿئين حصي ڏانھن ڏٺو جتي گهڙيال پنھنجن ڪانٽن جي هلڻ مان پيدا ٿيندڙ آواز ۾ ٻڌائي رهيو هو تہ انسان جي زندگيءَ پل، سيڪنڊ، منٽ، ڪلاڪ ۽ ڏينھن رات ٿي ڪيئن گذري رهي آهي ....؟! ۽ تہ ڪالھہ جيڪو گذري ويو ۽ اڄ جيڪو گذري ويندو اهي ساڳيا وري زندگيءَ ۾ نہ ايندا ....!! هن اتان وري نگاه ڦيرائي جوڻس کي ڏٺو بلڪل پرسڪون کيس کن لاءِ محسوس ٿيو ”ڄڻ هوءَ سڪرات واري ڀوڳنا مان حظ حاصل ڪندي هجي ....“ ننڊ کي سڪرات سان ڀيٽڻ بہ هن جي سوچ جو هڪ انداز هو ....! هن جواهو خيال بہ هو تہ ماڻھو ساري ڄمار جيڪي ڪجهہ ڀوڳي ٿو .... سور ۽ صدما سھي ٿو .... جوڀن جوانين ۾ مزا وٺي ٿو. حياتيءَ جي آخري حصي ۾ هي سڀ کيس ياد اچن ٿا ۽ ائين اوچتو ئي اوچتو هُو سڪرات ۾ هليو ويندو آهي ....
هن هاڻ هڪ ڀيرو ٻيھر ست ساري پنھنجي مٿان بيٺل شخص ڏانھن ڏٺو .... تہ اهو کيس اُتي نظر نہ آيو....!! ”اڙي ڀڻسان1 هي وري ڇا....؟! اهو خطرناڪ چھري وارو شخص ويو ڪيڏانھن ....؟! ”هُو ڀڙڪو ڏئي اٿي ويھي رهيو.... گهڙيال ۾ گهوريندي وقت ڏٺائين ”وڃ ڀيڻسان رات جو هڪ! تھہ سياري جي رات ڪڏهن ٿي گذري....؟! اڃا بہ ڇھہ ڪلاڪ کپن .... ”سوچن ئي سوچن ۾ هن وري جوڻس ۽ ٻارڙن ڏانھن ڏٺو .... ٻارڙن ڏانھن ڏسندي کيس پنھنجو ”ٻالڪپڻو“ ياد آيو ۽ اهي رانديون بہ جيڪي هن ان وهيءَ ۾ وندرندي کيڏيون هيون .... ان سان گڏ هُو دل ۾ تيز ڌڪ ڌڪ محسوس ڪري رهيو هو! ٻالڪپڻي وارو سونھانو سمو ياد ڪري ڄڻ هُو وڌي ويل دل جي ڌڪ ڌڪ ۾ توازن آڻڻ پيو گهري! خطرناڪ چھري وارو شخص اڃا بہ کيس کٽڪي رهيو هو تہ اهو هتي هتي ضرور هوندو....؟! هُو اهو خوف ساڻ کڻي پنھنجو بيڊ ڇڏي اچي جوڻس واري بستري تي سندءِ ڀر ۾ ليٽيو .... تہ عجيب احساس واري واچوڙي ۾ ونگجي ويو .... هاڻ وري ڇت ۾ گهوريئين تہ اهوئي ڪوريئڙوکيس نظر آيو پر اڳ جيان اهو پنھنجي ئي ڄار مان آزاد ٿيڻ واري چڪر ۾ نہ هو.... اٽلندو هڪ اڏامي آيل جيتامڙي کي پنھنجي ڄار ۾ سوگهو ڪري رهيو هو .... هن اهو ڏسندي جوڻس کي ڀاڪر ۾ ڀري هڪ مٺي ڏني .... ٻي ....ٽين ۽ پوءِ کيس سڪون جي ننڊ اچي وئي....!!

اڳيون موڙ مُڙڻ پڄاڻان ...!!

تتي ڏينھن هُو گهر مان نڪتو هو .... سندءِ پاڇو ان ويل هُن جي پيرين پئجي رهيو هو .... ڄڻ منٿ ڪندو هجي : هيءُ ويلو گهر مان نڪرڻ جو ڪونھي، واپس هلي آرام ڪر! پر اهو ڏينھن شايد سندءِ آرام لاءِ نہ هو .... ۽ وڏي ڳالھہ تہ پويان پنھنجي پيءُ ۽ نہ ئي ماءُ کي ٻڌايائين تہ دراصل هُو وڃي ڪيڏانھن رهيو هو ....؟! اڳ هو گهر مان جڏهن بہ ڪيڏانھن ويو ٿي تہ ٻڌائيندو ٿي ويو: اڄ هيڏانھن ٿو وڃان .... يا اڄ هوڏانھن ٿو وڃان ....!
مُرڪندڙ منھن مھانڊي وارو جوان، جنھن جي چھري ۾ جوانيءَ جو جوُالا مکي پئي اڀاميو! پاڙي پتيءَ جا پکي سندءِ وجود جي وڻ مان واس وٺڻ جي لاءِ واھہ جو آتا هئا .... پر هو کين کنگهندو بہ ڪونہ هو .... سندن سپنن جي ڪائنات ۾ هُوئي هُو هئو ....؟!
هُو جيڪو تتي ڏينھن گهر مان نڪتو هو .... دراصل هن کي پاڻ بہ ڪو پتو نہ هو تہ هُو وڃي ڪيڏانھن پيو .... کيس بس ايتري سُڌ هئي تہ هو وڃي پيو .... هن ويند ي ويندي ايترو ضرور سوچيو هوندو تہ کيس وکون انتھائي احتياط سان کڻڻيون پونديون .... نہ تہ هُو ڪٿي ٿاٻڙجي ڪِري نہ پئي .... يا ڪنھن ماڻھو سان اوچتو سندءِ ٽڪراءُ نہ ٿي وڃي .... يا اڳيان ڪو اهڙو کڏو يا کليل گٽر بہ اچي پيو سگهي جنھن ۾ هو ڌُو ڪري متان وڃي ڪري ....
اهڙيون احتياطون سوچيندي بہ هُو الاءِ تہ ڇو وائڙو پئي ڏٺاڻو .... اهڙو وائڙو ڄڻ تہ هو ڪنھن بند گهٽيءَ ۾ اچي ڦاٿو هو .... جتان ڪنھن بہ گُذر جو ڪو امڪان نہ هو....!! آسمان مان سج هُن کي ائين پئي گهوريو جيئن ڀاڳيو ڪنھن شڪي ماڻھو کي گهوريندو آهي. سج جنھن مان باھہ جا اُلا پئي نڪتا اهو البتہ هن کي ڪو دهشتگرد ئي محسوس پئي ٿيو .... جنھن کي ڄڻ ماڻھن جي ماس جي تلاش هئي .... هن کي سوچ آئي ؛ ماڻھو جو ماس ٻئي هر جِيوَ جي ماس کان ڪيڏو نہ سستو .... هاءِ ڙي زمانا تنھنجا رنگ! پوءِ هن وقت جاچڻ خاطر پنھنجي اڳين کيسي مان موبائيل ڪڍي تہ اسڪرين تي No space for new message لکيل ڏٺائين ڏانهس ڪو ايس ايم-ايس اچي رهيو هو . پر سندءِ موبائيل جي ان باڪس ۾ اسپيس نہ هئو .... هُن کي هيڪار محسوس ٿيو تہ هاڻ هن دنيا ۾ ماڻهپي لاءِ بہ ڪو اسپيس ناهي بچيو .... هن ان اسڪرين واري عبارت کي نظر انداز ڪري وقت ڏٺو .... ڏينھن جو پورو هڪ وڄي رهيو هو .... هن پنھنجو پاڻ ڏانھن ڏٺو تہ پاڻ کي بہ ”هڪ“ محسوس ڪيائين .... هڪ جنھن سان ٻيو ڪو ساڻ نہ هئو .... سندءِ چنڊ چھرو پگهر ۾ ٽُٻ! اها پگهر هيٺ وهي سندءِ وجود کي وهنجاري رهي هئي .... آسپاس ۾ الائجي تہ ڪيترا ماڻھو هئا جيڪي اچي ۽ وڃي رهيا هئا .... پر هو پنھنجي معنيٰ ۾ ”هڪ“ هو جيڪو ٿڙڻ ٿا ٻڙجڻ کان پاڻ بچائي وڃي رهيو هو.
هن جي دل جي ڌڪ .... ڌڪ .... هاڻ وڌي رهي هئي ؛ “ ايندڙ ميسيج ڪھڙو ۽ ڪنھن جو ٿي سگهي ٿو ....؟! ڪٿي عاشق جو ميسيج نہ هجي متان جيڪو ڪراچيءَ ڪمائڻ لاءِ ويل آهي .... نہ .... نہ ان جو نہ ٿو ٿي سگهي .... عاشق فضول ميسيج تہ ڪنھن کي ڪندو ئي ناهي ....! ڪٿي بابا جو نہ هجي! پڇڻ چاهيندو هجي تہ هينئر آءٌ ڪٿي هوندس؟! نہ .... نہ .... بابا مون لاءِ ايترو فڪر مند نہ هوندو .... هن کي بخوبي سُڌ هوندي تہ اڳي وانگيان آءٌ اڄ بہ خير سان واپس ئي وري ايندس ....
هن بھرحال ڪيترائي امڪان سوچيندي اِن باڪس واري فائل ۾ اڳ آيل ايس – ايم – ايسز مان هڪڙو ميسيج زندگيءَ مان ڪنھن فصول وٿ وانگيا مائنس ڪيو .... تہ نئين ميسيج سندءِ سماعتن ۾ اچي گهنٽي وڄائي .... هن دل جي ڌڪ .... ڌڪ .... سان ميسيج جي مھورت ڪئي .... جيڪو اڄاتل نمبر تان آيو هو .... ” هڪ شخص جيڪو گهران ڌر تتيءَ جو نڪتو آهي .... کيس خبر ئي نہ آهي تہ وڃي ڪيڏانھن رهيو آهي .... ان شخص کي آءٌ التجا ڪندس تہ هُو واپس موٽي وڃي .... جونہ رڳو سندءِ والدين پر پاڙي پتيءَ وارا بہ سخت پريشان آهن .... ڪراچي جھڙي سيچوئيشن ڪٿي بہ ورجائجي سگهي ٿي .... منھنجي التجا آهي تہ هُو ....!“
ميسيج جي مھورت ڪندي، هن جو وجود ئي لڏي ويو .... دل جي ڌڪ .... ڌڪ .... تھائين وڌي ويس کيس هيڪار سوچ آئي تہ موبائل کي ميدان تي مٿان ڪري هڻي ”ڪميڻي ڪٿان جي .... نئين نسل کي جيترو نفعو هن مان .... اوتروئي نفسياتي نقصان .... موسميات کاتي وارن وانگر مَاڻھن جو مٿو رولڻ واري .... موسميات وارا بہ هر سال ڪنھن نہ ڪنھن سامونڊي طوفان جي پيا اڳڪٿي ڪندا .... ۽ هاڻ وري موبائيل .... “ پر پوءِ ماٺ ميٺ ۾ موبائل کي اڳئين کيسي ۾ ٿو وجهي ڇڏي .... ۽ سوچن جي سمونڊ ۾ ڪنھن پل غوطا کائيندو تہ ڪنھن پل ترندو اڳتي وڌندو ٿو وڃي .... ”اسان خلاف نفسياتي جنگ وڙهي پئي وڃي ڪراچيءَ ۾ قتل و غارت آهي .... اوهان کي اوڏانھن نہ وڃڻ کپي .... عاشق کي بہ ڪيترائي ميسيج آيا .... ڪراچي نہ وڃ .... پر جڏهن ڪراچي ويو .... ڌنڌي کي لڳو تہ چيائون جيترو جلدي ٿي سگهي .... اتان نِڪر .... نفسياتي جنگ هر ٻي جنگ کان وڌيڪ هيبتناڪ هوندي آهي .... شينھن پري کان ايندڙ هجي نہ هجي پر اسان کي جيڪڏهن ڪو چئي تہ بابلا! پريان کان ڪيھر شينھن گجگوڙ ڪندو اچي رهيو آهي .... تہ دهلجي وينداسون .... ۽ ساھہ ئي مُٺ ۾ اچي ويندا .... عاشق جھڙن لکين جوانن ۽ لکين گهراڻن کي ڪراچي وڃڻ کپي .... نہ رڳو وڃڻ .... پر پنھنجي روزگار جا وسيلا بہ هٿ ڪرڻ کپن .... مون تہ بابا کي چيو هو جيڪڏهن ٻھراڙيءَ مان لڏون ئي ٿا تہ هلي ڪراچي وسايون .... پر افسوس! بابا منھنجي هڪ بہ نہ ٻڌي .... بابا ڪراچيءَ ۾ هاڻوڪي زماني ۾ لساني ڌرين وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ کان پيو ڊڄي ....“
هن کي هاڻ ٽنگن ۾ سور بہ وڌندو پئي ويو .... پر هن کي هلڻو هئو بنان ڪنھن سبب جي شايد! ۽ هن لاءِ اهو ضروري بہ نہ هو تہ ڪو سبب هجي تہ هلي .... نہ هجي تہ ڪٿي ويھي زندگيءَ جو ٿڪ ڀڃي .... زندگيءَ جو هُو هروڀرو ٿڪايل بہ نہ هئو .... ڇاڪاڻ تہ هو جوان جو هئو .... البتہ هن کي پنھنجي حاصل ڪيل علم جي نتيجي ۾ پلئہ پيل ڊگرين ڪڏهن ٿڪايو هجي .... تہ ٻي ڳالھہ هئي يا ڪڏهن يونيورسٽيءَ پھچڻ لاءِ ڪنھن پوائنٽ بس جي انتظارجي پيڙا پلئہ پئي هجيس .... تہ اها علحدہ ڳالھہ هئي ....
هُو وري هڪ ڀيرو ٻيھر موبائيل سان منھان مُنھن ٿيو تہ وري بہ No Space for new message ئي پڙهڻو پيس ۽ ان عبارت جي مٿان لفافو ڪنھن ننڍي ٻار وانگيان لوڏ لُڏي رهيو هو. هن جي دل جي ڌڪ .... ڌڪ وري بہ وڌي وئي .... دل تي ساڄو هٿ رکيائين اها کيس ڄڻ ٻاهر نڪرندي محسوس ٿي رهي هئي .... ”ڪو مسئلو ڪونھي چري دل گهٻراءِ نہ“ هن پنھنجي دل سان گڏ ڄڻ پنھنجو پاڻ کي آٿت ڏني .... ۽ پوءِ ميسيجن جي ڊگهي فھرست مان فقط هڪ ميسيج آئوٽ ڪيائين .... نئين ميسيج جي گهنٽي ترت ئي سندءِ سماعتن سان اچي ٽڪرائي .... هُو ميسيج کولي پڙهڻ لڳو : جيڪو وري بہ اڄاتل نمبر تان آيل هو ” هڪ چريو جوان پنھنجي ماءُ پيءُ کي ڪو ڪم ڪار ٻڌائڻ بنان ڪافي وقت اڳ گهران نڪري پيو آهي .... سندءِ والدين جي بيچين ۽ پريشان سوچ سندس پاڇي جيان هن جي پويان پويان آهي .... سندس والدين کي شايد انديشو آهي تہ ڪٿي هُو ڪنھن حادثي يا ڪنھن خودڪش حملي جو شڪارنہ بنجي وڃي .... آءٌ کيس صلاح ٿو ڏيان تہ هُو هڪدم واپس گهر موٽي .... سندءِ والدين جي آواره سوچ سندس پويان شھر جي گلين محلن ۽ رستن تي ڊوڙي ڊوڙي سسڪيون هڻي رهي آهي .... ”آءٌ کيس وري بہ ....“ هُون! هي اڄاتل شخص ڀوائتا ۽ غير لاڳاپيل ايس – ايم – ايس اماڻي، مون کي وري بہ پيو ڊيڄارڻ چاهي .... آءءٌ ڪو ٻار تہ ناهيان ....!! هُو اهو سوچي ئي ٿو تہ سندءِ موبائل تي ڪنھن جي رنگ اچي ٿي. اسڪرين تي نالو پڙهي ٿو .... پڻھنس جي فون! اوڪي ڪري هيلو ٿو چوي .... ”پٽ احسان! هينئر ڪٿي آهين بابا،“ ” آءٌ شھر ۾ ئي آهيان ....“ ” پُٽ جلدي اچ“ ” پر بابا ڇو ....؟!“ ” بس بابا جلدي اچ“.... ” بابا هي جيڪو روڊ ڏئي آءُ وڃي رهيو آهيان اڳيان هڪ موڙ آهي .... ان موڙ کانپوءِ ڪابہ شيءَ نظر نہ ايندي آهي .... آءٌ اهو موڙ ڪراس ڪري ترت ئي واپس ورندس .... اوهان دل جاءِ ڪريو ....“
هُو فون بندڪري تيز ٻرانگهون ڀريندو ان موڙ ڏانھن وڌندو پئي ويو .... دل ۾ هاڻ ڪابہ ڌڪ .... ڌڪ .... ڪانہ هوس .... ڄڻ فريش .... تازو توانو .... جنھن کي هاڻ ٽنگن ۾ بہ ڪو سُور وغيرہ محسوس نہ پيو ٿئي .... هن هڪ نگاھہ پويان وڌي ....“ ڪافي پنڌ ڪيو اٿم هاڻ مون کي واپس ورڻ کپي ....“ اندر جي ڪنھن ٻي ڪنڊ مان آواز آيس: موڙ بس ٻہ وکون ئي تہ آهي ....“ ۽ پوءِ هن محسوس ڪيو تہ ڪا اڄاتل ازغيبي طاقت کيس واپس ورڻ نہ ٿي ڏئي .... ۽ هُو بي اختيار اُن موڙ کان اڳتي ڄڻ هڪ اونھي پاتال ۾ لھندو ٿو وڃي .... هڪ اهڙو پاتال جيڪو جيون ۾ هن اڳ ڪڏهن بہ نہ ڏٺو هو .... نوراني چھري وارا کيس ٻانھن کان آڌر ڏئي آهستي آهستي هيٺ وٺي پيا وڃن .... هن پنھنجون اکيون بہ پُوريل محسوس ڪيون ....
ايتري ۾ سندءِ موبائل تي ڪو ميسيج دستڪ ڏئي ٿو: والدين جو اڪيلو پُٽ احسان بنان ڪنھن سبب جي ڌر تتيءَ ويل گهران نڪتو .... هُو شھر ۾ آواره گردن جيان هلندو رهيو .... شام جيئن ويجهي ٿيندي وئي ....تيئن سندءِ زندگيءَ جي بہ شام .... ”سندءِ والدين جي بي چين ۽ پريشان سوچ جيڪا سندس پويان پويان هئي .... سِسڪين ۾ هئي .... ۽ ان سان گڏ احسان جي موبائل تي آيل ميسيج کان بہ ڄڻ اوڇنگار نڪري وئي هئي .... ڇاڪاڻ تہ ان کي هاڻ ڪوبہ پڙهڻ وارو ڪونہ هئو ....

ڪارٽونسٽ پيٽر ...!!

آرٽسٽ ۽ ڪارٽونسٽ پيٽر پنھنجي ئي قلم مان پينٽ ڪيل تصوير ڏسي، پاڻ ئي حيرت ۾ پئجي ويو : ”اهڙي تصوير جھڙي اڄ مون سرجي آهي ڀانيان ٿو تہ منھنجي پوئين سڄي فني زندگيءَ ۾ بہ اهڙو شھڪار نہ جُڙي سگهيو هوندو!“ اهڙي احساس سان سندءِ وجود مان اُن تصوير سرجڻ وارا سارا ٿڪ ئي ڪافور ٿيندا ويا....
اصل ۾ هُن جڏهن بہ ڪنھن موڙ تي ڪا تصويرپينٽ ڪئي هوندي يا ڪو ڪارٽون پنھنجيءَ ڪلا جي ڪئنوس تي چٽيو هوندو تہ ضرور سندس اندر مان اهو ئي آواز آيو هوندو تہ ” هن جھڙو شھڪار شايد ئي مون اڳ ڪو پينٽ ڪيو هجي ....!! ” ۽ پوءِ ڪجهہ وقت جي وٿيءَ پڄاڻان پاڻ ئي پريشان ٿيو هجي .... ۽ سوچ آئي هجيس تہ فن جو ڪمال ڪو اُن ئي ڪارٽون تي ڇيھہ ڪندو ڇا ....؟! فن تہ مسلسل جستجو ۽ اُتساھہ جو نانءُ آهي هڪ اهڙي جستجو جنھنجي زنجير ۾ تصورن ۽ احساسن جون سونيون ڪڙيون جِرڪن ٿيون .... !!
پيٽر کي پل لاءِ سوچ آئي تہ هو پنھنجي گهر واري پالن کي ننڊ مان اُٿاري،جيڪا ساري ڏينھن ۽ رات جي ڪجهہ ڪلاڪن جو ٿڪ سھيڙي اچي بستري ڀيڙي ٿي هئي! سندس گهر واريءَ پالن بہ پڪ ئي پڪ هڪ آرٽسٽ هئي ۽ هُن چاهيو تہ پنھنجي اڄوڪي شاهڪار کي گهٽ ۾ گهٽ جوڻس کي تہ ڏيکاري ....!! پر پوءِ کيس الائجي تہ ڪھڙي سوچ آئي جو پنھنجي ٺاهيل تصوير هن پنھنجي ڊرائنگ روم واري اُن ئي ٽيبل تي رکي ڇڏي جنھن تي ئي رکي هُن اها تصوير پينٽ ڪئي هئي.
پيٽر ويٺي ويٺي پوءِ ڪيئي پھہ پچائڻ لڳو .... ننڊ ۾ ستل پنھنجي گهر واريءَ کي گهوريندي هُن کي خيال آيو تہ هُو ضرور فن جي حوالي سان ڪو خواب ڏسندي هوندي ....!! ماڊلنگ بہ تہ هڪ فن ئي آهي. مون پنھنجي جيون ۾ بہ ڪيترائي خواب ڏٺا....ڪي ريشمي چمڪندڙ ۽ وڻندڙ .... تہ ڪي وري صفا کُھرا.... جيڪي اندر جي احساسن کي گهائيندا ٿي ويا ....!!
پيٽر کي ياد آئي پنھنجي اُها سِرجيل تصوير، جنھن ۾ هڪ پادري ڪنھن حَسين ڇوڪر کي نوڙي چمي ڏئي رهيو هو ۽ انھيءَ ڪارٽون هيٺان هن لکيو هو ”پادريءَ جي عبادت جو هڪ نمونو ....“ پيرس جي ڪنھن اخبار اُن ڪارٽون کي وڏي اهتمام سان شايع ڪيو هئو. اصل ۾ انھن ڏينھن ۾ پادرين طرفان عبادتگاهن ۾ موجود ڇوڪرن سان جنسي تشدد جون خبرون ميڊيا ۾ رپورٽ ٿي رهيون هيون .... ۽ پيٽر اُنھن خبرن مان اُتساھہ وٺندي اهڙي قسم جو ڪارٽون اهڙي تہ جذبي ۽ اُتساھہ سان سرجيو هئو جو اهو ڪارٽون ان وقت جي دلين جي ڌڙڪن سان اهڙو تہ برميچجي آيو .... جو ماڻھن جي وات مان بي اختيار واه .... واه.... واه وارا لفظ نڪري ويا هئا!
هُن پنھنجيءَ پَر ۾ ٻيا بہ ڪيترائي اهڙا ڪارٽون ٺاهيا هئا، جن کي هن عام نہ ڪيو هو .... جيتوڻيڪ پيرس ۾ فن، فڪر توڙي سوچ جي زبردست آزادي هوندي بہ الائجي تہ ڇو هن پنھنجن انھن ڪارٽونن کي ڪن اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپائڻ مناسب نہ سمجهيو ....!!
اهڙي قسم جا ڪارٽون ٺاهيندي هن کي اهڙين تہ سوڙهين ۽ قديم غارُن مان گذرڻ جو احساس ٿيو هو .... جو سندس احساس بہ ڄڻ انھن ئي سوڙهين ۽ قديم غارُن جھڙا ٿي ٿي ويا ....!
هُو ڪارٽون ۽ تصويرون ٺاهيندي پاڻ بہ تہ انھن جھڙو ئي پئي ٿيندو ويو جنھن کي سندءِ گهر واري پالن بہ ڪڏهن ڪڏهن سڃاڻي نہ سگهندي هئي ....تہ واقعي اهوئي سندءِ مڙس آهي. اصل ۾ هو پاڻ بہ پنھنجي گهَر واريءَ کي ڪڏهن ڪڏهن سڃاڻي نہ سگهندو هئو ....!! ان جو شايد اهم سبب اهو هئو تہ هو ٻئي پنھنجي فن جي دنيا وارن احساسن ۾اهڙيءَ طرح وڃائجي ويا هئا .... جيئن ڪن والدين جا ڪي ٻار ڄڻ ماڻھن جي جهنگ ۾وڃائجي ويا هجن ....!!
پيٽر کي انتھائي اهميت تہ اڳ ئي تڏهن ملي چڪي هئي جڏهن هن تڏهوڪي آمريڪي صدر بل ڪلنٽن ۽ سندءِ محبوبہ مونيڪا ليونسڪي جي معاشقي کي پنھنجي هڪ ڪارٽون ۾ پينٽ ڪيو! ان ڪارٽون ۾ بل ڪلنٽن مونيڪا ليونسڪي کي گلي سان لڳائي بيٺل هئو ۽ بل ڪلنٽن جي گهر واريءَ هليري ڪلنٽن پري کان حسرت سان ٻنھي کي ڏسي رهي هئي ۽ هُن پنھنجي ٺاهيل ڪارٽون هيٺان ڪيپشن ڏنو هئو تہ ”هليري تون بہ تہ آزاد آهين چاهين تہ ڪو اسڪينڊل ڪو عشق ڪري سگهين ٿي....“
ان ڪارٽون تہ ڪيترين اخبارن ۽ رسالن جي اهميت کي تہ پنجوڻ تي وڌائي ڇڏيو هئو!! پيٽر پنھنجن فني احساسن ۾ ايترو تہ مدغم ٿي چڪو هو جو هُن کان پنھنجو وجود ئي زري گهٽ وسري ويو هئو. هن ۽ پالن کي ڪوبہ اولاد ڪونہ هئو .... نہ ئي پُٽاڻو ۽ نہ ئي ڌياڻو ....! پيرس جي ڪيترن ئي ماڻھن کي شڪ هئو تہ پيٽر ۽ پالن ٻئي سنجوڳ جي حوالي سان صفا نِل هئا....! انھن جا جنسي جذبا فن جي جهنگ ۾ ڪٿي وڃائجي چڪا هئا .... ۽ انھن جي خودي سندن پنھنجي پنھنجي فن خريدي ورتي هئي ....!! جڏهن هنن وٽ اهڙي خودي ئي نہ هئي تہ پوءِ هو ٻئي ڪيئن ۽ ڇو پنھنجي جنسي جذبن کي اڀاري انھن جو ڇيد ڪري ٿي سگهيا .... يا هُو هڪ ٻئي سان سنجوڳ ڪري ٿي سگهيا....!!
پيٽر جي فنپارن جي نمائش شھر جيڪيترن ئي ڪلبن ۽ نمائش گهرن ۾ ٻين ڪلاڪارن جي شھپارن سان گڏ ٿي چڪي هئي هُو جڏهن ڪنھن بہ نمائش ۾ پنھنجن شھپارن سان گڏ شريڪ ٿيو ٿي .... تہ سندءِ اکين مان بي اختيار لڙڪ لڙي پوندا هئا....! هُو نمائشن ۾ آيل ماڻھن سان گڏ ننڍڙن ٻارن کي ڏسي سندن مٿي تي شفقت جو هٿ ڌريندو هئو .... ۽ ماڻھو سمجهندا هئا تہ هن کي اولاد ڪونھي. ان لاءِ ئي هو ٻارن کي پيار ڪري ٿو. پر اصل ۾ ائين قطعي نہ هو. هن انھن ئي ٻارن ۾ اها آشا ٿي رکي تہ اهي وڏا ٿي ڪلا ۽ آرٽ جا وڏا نانءُ بڻجندا ۽ پنھنجن متقدمين جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندا ۽ ٻيو تہ پيٽر ۾ پاڻ حد درجي جي معصوميت هئي ۽ هن جي معصوميت ڄڻ ٻارن جي معصوميت سان هم آهنگ پئي ٿيڻ چاهيو!!
پيٽر هونئن بہ پالن سان شاديءَ واري پھرين رات کان معصومن وارو رويو رکندو ٿي آيو ....! پالن کي بھرحال شاديءَ وارن شروعاتي مھينن دوران سخت اوسيئڙو هئو تہ هُو ڪنھن نہ ڪنھن طرح پنھنجي معصوميت مان نڪري اهڙي مرداڻي موڊ ۾ ايندو .... جيڪو ئي موڊ سندءِ جوانيءَ واري جوش کي تسڪين واري طلب سان همڪنار ڪندو....!! پر جڏهن پھريون ٻيون ٽيون ۽ پوءِ ڪيترائي مھينا ويا گذرندا تہ پالن بہ منجهانئس پنھنجون هڙئي آشائون ڀلي ماڊلنگ جھڙي ڏنڌي فن سان وڃي پنھنجو پيچ پاتو....!!
پيٽر کي پيرس ۾ رهندي شھزادي ڊائنا ۽ ڊوڊي جي معاشقي جي بہ بخوبي معلومات هوندي ۽ پوءِ ڊائنا ۽ ڊوڊي جي موت واري ڪھاڻي جي روئداد بہ سندءِ سماعتن ڪنھن نہ ڪنھن طرح ضرور ٻڌي هوندي ....! ليڊي ڊائنا ۽ ڊوڊي جي پويان پاپا رازي فوٽو گرافرن جي ڀڄ ڀڄان وارا منظر بہ سندءِ فوڪس ۾ آيا هوندا .... پوءِ ان اهم معاشقي جي تصوير بہ هن ضرور پنھنجي ڪلا جي ڪئنواس تي چٽي هوندي هڪ اهڙي تصوير جيڪا ڏسندڙن جون ڏھہ ئي حِسون روشن ڪري ڇڏي .
هُو پھہ پچائيندي پچائيندي اوچتو پنھنجي ئي بستري تي آ هلي پيو. پريان سج جا ڪرڻا بہ پيٽر ۽ پالن جي ڪمري جي اوڀارين دريءَ مان اندر اچڻ جا سانباھہ ڪري رهيا هئا .... ۽ ڪمرو پيٽر جي ئي ڪنھن شاهڪار جو ڏيک ڏئي رهيو هو ....

پردي جي پويان ...!!

اُها هن جي بدقسمتي چئجي .... يا خوشقسمتي .... تہ هوءَ هڪ اهڙي گهراڻي ۾ پيدا ٿي .... جنھن جا ماءُ، پيءُ اڪيلي ڌيءَ هئڻ ڪري هرو ڀرو ڪنھن کي پنھنجو نياڻو تہ ڪجا .... اهو تصور بہ نہ پيا رکن ....! هونئن سندءِ ماءُ پيءُ جو پرڻو بہ تہ هڪ حادثو ئي هئو .... جيئن ڪو پوپٽ ۽ پوپٽي اچانڪ ڪٿي پاڻ ۾ گنگا جمنا وانگر ملي وڃن .... ٻن نيڻن ۽ ٻن جيون وچ ۾ هڪ پريم ڪھاڻيءَ جو ڦهلاءُ ڪنھن ريشمي اطلس جھڙي پردي جيان لھرائڻ لڳي ....!!
پنھنجين اکين جي عميق ساگر ۾ هنن هڪ ٻئي جو پيار اُن زماني ۾ ڪنھن پريشان پاڇولي جيان پسيو هو .... جڏهن هو ٻئي ڪنھن فلمي ٿيٽر ۾ فلم ڏسڻ ڪاڻ پنھنجي پنھنجي دنيا کڻي پھتا هئا. ماڻس جي چانڊوڪيءَ جھڙي چولي تي سُرخ ستارن جھڙو ڀرت هو .... ۽ پڻس جي جاڙن ڀروئن هيٺيان جوانيءَ واري نشي ۾ ڌُت اکين ۾ ازلي خمار هئا....۽ بدن تي جوانيءَ وارو جنوني لباس....! جنھن مان سندءِ انفراديت جو عڪس ٿي جرڪيو ....! هڪ پاسي فلم ۾ ڪردا هئا .... تہ ٻئي طرف تماشائين درميان هي ٻہ ڪردار .... هڪ ٻئي کي ائين ڏٺائون جيئن واقعي ئي کين ڏسڻ گهربو هو .... حجاب جي نازڪ تند ۾ رفتہ رفتہ گهاريون پونديون ويون .... نيٺ هڪ ڏهاڙي سئنيما هال جي ٻاهران وقفي وقفي دوران هنن بہ پنھنجي حجاب ۾ مڪمل وقفو ڪري، فلمي ڪردارن جي گفتگوءَ کان الڳ پنھنجي پنھنجي احساس جي دنيا جو تاڃي پيٽو اُڻي .... هڪ ٻئي اڳيان رکيو ....! هيڪار هُو ٻئي ڄڻ پنھنجي پنھنجي اندر جي دنيا کي فنڪاريءَ سان فوڪس ڪندڙ اهڙا فنڪار ٿي سامھون آيا هئا .... جو لڳو ٿي تہ فلم جي پردي پويان چُرپُر ڪندڙ مڙئي فنڪار ڄڻ فنڪار نہ هئا .... ۽ تہ انھن ئي فنڪارن کي هنن ٻن جيون کان ڪجهہ نہ ڪجهہ استاديءَ مان پرائي پوءِ ئي ڄڻ اُن دنيا ۾ اچڻو هو ....!!
اُن سئنيما ۾ ايندڙ ويندڙ تماشائين لاءِ ڇا چئجي ....؟! تہ اهي ڪيئن هئا اهي مختلف وقتن تي فلمون ڪيئن ڏسندا رهيا ....؟ پردي پويان چُرپُر ڪندڙ ڪردار ئي سندن فوڪس ۾ هئا .... يا ٻي ڪا دنيا بہ سندن ذهنن ۾ هئي .... هنن پنھنجي احساسن جي نازڪ تندن سان پنھنجا خيال ۽ جذبا ڪيئن ٿي هم آهنگ رکيا....؟! پردي پويان چُر پُر ڪندڙ ڪردارن جي عمل پويان سندن رد عمل ڪھڙو ٿي جُڙيو....؟! اهي ٻہ جيو جن جي ڪھاڻي سئنيما هال توڙي ٻاهر وقفي دوران مٺي ڪڙي درد سان ڪيئن ٿي سرجندي رهي ....؟! ڪنھن هڪ تماشائي کي ڪاش! ڪو مٺو ڪڙو احساس اتپن ٿيو هجي....!! ۽ هُو پنھنجي گهر هڪ اهڙي احساس سان پھتو هجي ها.... جو سندءِ گهر جي ڪائنات ئي کيس بدليل بدليل محسوس ٿي هجي ها.... اُن اڪيلي تماشائي کي اهو احساس بہ ٿيو هجي ڪاش! تہ اُن ناري جي پيٽ ۾ اهڙي مُکڙي ٽڙندي .... جنھن کي ڄمڻ پڄاڻان جوانيءَ جي ڦلواڙي ۾ ئي سڪون ملي سگهندو .... ڦلواڙيءَ جو مالھي کيس گُلن جي نيڻن سان ڏسي گد گد ٿيندو .... ۽ مالھي کي خواهش ٿيندي .... تہ هوُ اُن مکڙيءَ سان وهانءُ رچائي .... گُلن جي گود ۾ کيس پنھنجي امانت طور ڏيئي ان گلستان کي پاڻي وغيرھہ ڏيندو رهي .... ۽ڪاش اُن تماشائي کي اهو احساس بہ اتپن ٿيو هجي ها .... تہ اُن مُکڙي جي روايتي / غير روايتي وهانءُ تي اهي ٻہ پريم ڪھاڻي سرجيندڙ پابندي لڳائي ڇڏيندا .... هُو اهڙا تہ سنگدل ٿي ويندا .... جو کانئن سندن پنھنجو ماضي بلڪل بہ وسري ويندو....! البتہ هو کيس ڦُلواڙيءَ ۾ وڃڻ ۽ گلن سان کيس گفتگو ڪرڻ کان نہ جهليندا....! ۽ پوءِ هڪ ڏينھن اهڙو بہ ايندو .... جو هوءَ ڳورهاري ٿي گهر موٽندي .... ۽ هو ٻئي جيو پنھنجي پريم ڪھاڻي تي روئڻ شروع ٿي ويندا .... ۽ سندن ڌيءَ کين گلن ۽ مالھيءَ جو قسم ڏئي پرچائڻ شروع ٿي ويندي ....!

پوپٽ جو خواب

ماکيءَ جي مک ڪنھن گل تي ويھي اُن مان مزي مزي سان رس چوسي پنھنجي توڙي پنھنجن ٻچڙن جي گذر بسر لاءِ هٿ پير هڻي رهي هئي .... تہ پريان کان هڪ رنگين ۽ دلڪش پوپٽ پنھنجا نازڪ ۽ نفيس پرڙا هڻندو اچي ٻئي ڀرسان واري گُل تي ويٺو. ماکيءَ جي مک هُن کي پنھنجي هڪ مخصوص نگاھہ سان ڏسندي بي ساختہ ٽھڪ ڏنو ....!! پوپٽ پنھنجن نفيس ۽ نازڪ پرن کي ڦهلائي ڏانهس وڏي انھماڪ سان ڏٺو ....!! پوءِ گلن جي مھڪ جھڙا ڪيترا ئي خيال سندس من ۾ پر هڻڻ لڳا.... پوپٽ جي معصوم سماعتن ۾ اڳ اهڙو ٽھڪ ڪڏهن بہ نہ ٻريو هو ۽ نہ ئي کيس اها سُڌ هئي تہ ماکي جي مک اهڙو تھڙو ٽھڪ بہ ڪڏهن ٻُرائي سگهي ٿي .... پوپٽ جي خيال ۾ اهو ماکي جي مک جي زندگيءَ جو انتھائي اهم ڏينھن هو .... جو هوءَ کِلي رهي هئي.... نہ تہ اڪثر هن کيس سندس پوئين زندگيءَ ۾ڪاوڙيل ئي ڪاوڙيل ڏٺو هو ....!!
”ماکي جي مک کي ممڪن آهي تہ ڪا اهڙي ڳالھہ ياد آئي هجي .... جيڪا واقعي ئي کيس کلائي پئي سگهي ....! يا شايد ان ئي مک ڪنھن ماکي لاهيندڙ کي ڏنگي سُڄائي وڌو هجي .... اهو حادثو کيس ياد آيو هجي .... يا ممڪن آهي هي مک جنھن ماناري ۾ رهندي هجي اُتي ڪو دنگو فساد ٿيو هجي .... ڪي نااهل ۽ سُست مکا پاڻ ۾ ماکيءَ جي رس تان هڪ ٻئي سان مُنھن مقابل ٿيا هجن .... ۽ هي مک پنھنجي دانائيءَ ڪري انھن مکن جي بيوقوفي تي کلندي هجي ....!“
هو پنھنجن نازڪ نفيس ۽ انڊلٺي رنگن جھڙن خيالن جو ڄار اُڻيندو رهيو پر ڪنھن نتيجي تي نہ پھچڻ ڄڻ سندس مقدر هو ....! اُن ماکي جي مک سان پوپٽ اڳ ڪڏهن بہ گفتگو نہ ڪئي هئي .... البتہ هُو کيس ڏسندو روز هو .... هوءَ ڪنھن نہ ڪنھن گُل تي ويھي رس چوسي اُڏامي هلي ويندي هئي. ويندي ويندي پوپٽ کي ان جي اُڏام مان البت ڌيمي ڌيمي موسيقيءَ جو احساس ٿيندو هو.... ڄڻ ڪي اُداس اجنبي روح پنھنجو پاڻ ۾ سُرٻاٽن ۾ ڪجهہ سليندا هجن....!
اجنبي پوپٽ ان ڌيمي ڌيمي موسيقيءَ ۾ پنھنجو سيس هيڏانھن هوڏانھن هلائي ڄڻ پنھنجي مسرت جو تاثر پيو ڏيندو هو .... هونئن کيس بخوبي سُڌ هئي تہ اُن ماکي جي مک وٽ گُلن جي رس چوسڻ جي ڏانءُ سان گڏ ڏنگڻ جو هنر بہ هو .... جيڪو کيس فطرت پاران گفٽ ۾ هو ۽ پوپٽ کي پاڻ ڏي ڏسندي اهو احساس بہ هو تہ هُو ڏنگ نٿو رکي ....! ان ڪري کانئس ڪنھن کي ڪنھن بہ قسم جو ڪوبہ خطرو لاحق نٿو ٿي سگهي .... پر کيس تہ ڪيترائي خطرا لاحق هئا ....!!
گُلن واري اُن ڦلواڙيءَ جي اترئين پاسي سنگدل انسانن جو هڪ ڳوٺڙو هو جنھن ۾ سواءِ چند ماڻھن جي باقي پٿر دل هئا .... جن جي وجود جي مٽي شايد هماليه جھڙي سخت جبل جي دامن مان کنئي وئي هئي .... اُهي هر جيو کي ڏکوئيندا رهندا هئا .... چون ٿا تہ اُن ڳوٺ ۾ ڪولن جي هڪ بستي هئي .... جنھن ۾ هزارين لکين ڪِوليون رهنديون هيون .... اهي جڏهن ڪنھن ڪم سانگي پنھنجي بستيءَ مان نڪرنديون هيون تہ قطار .... در قطار .... نڪرنديون هيون اها ڳالھہ ان ڳوٺ جي پٿر دل لوڪن کي پسند نہ هئي انھن ڪولين جي اتحاد انھن کي سخت مڇرائي وڌو هو .... نيٺ هڪ ڏينھن ٺھراءُ ڪيائون تہ اهي گرم گرم پاڻيءَ سان انھن ڪِولين جو خاتمو آڻيندا .... جيڪي سندن بستيءَ ۾ بيجا مداخلت ڪري بستيءَ ۾ بستي جوڙيون ويٺيون آهن .... هن بستيءَ ۾ حڪومت اسان جي ؟قائدا قانون اسان جا“ هي وري ڪھڙو نسل اچي هتي وارد ٿيو آهي .... ۽ نيٺ هڪ ڏينھن هنن گرم گرم پاڻي جا لوٽا هاري ڪيتريون ئي ڪِوليون ماري وڌيون....!!
هِن پوپٽ کي جڏهن اها ڄاڻ پئي هئي تہ هُو گُلن جي نيڻن سان رنو هو ۽ ڦُلواڙيءَ جي سوڳ نما مھڪ ۾ پنھنجو وجود ڍڪي هڪ ڪُنڊ ۾ پل لاءِ سانتيڪو ٿي ويو هو سندس نس نس ۾ گرم پاڻي جو احساس ڏکندڙ زندگيءَ جي لمحي جيان ڊوڙي رهيو هو اُن ڏينھن پنھنجي اکين ۾ هُن عجيب قسم جي لباس جا تاڪيا کلندي محسوس ڪيا هئا ڦلواڙيءَ جي هر گل جي دل ۾ هڪ گهرو ڏک ڪنھن تکي تاءُ جيان محسوسيو هوس ....
هُن کي فطرت جي ديوي آسمان جي ڪنھن ڪناري تي سوڳ وارو راڳ آلاپيندي محسوس ٿي هئي .... فطرت جي ديوي جي اکين ۾ لڙڪن جا ٽانڊاڻا هئا....اهي هيٺ ايئن ڪِري رهيا هئا ڄڻ آڪاس مان ستارا ٽٽي ڇڻندا هُجن....!!
هُن پنھنجي سوچ جي سونھري مگر افسردہ رنگن جي رعنائي سان ڪنڌ مٿي کڻي وري ماکيءَ جي مک ڏانھن ڏٺو .... هاڻ ماکي جي مک بہ کيس ئي ڏسي رهي هئي .... ۽ سندس چھري تي ٻُرايل ٽھڪ جي چڻنگن جي رکَ باقي هئي پوپٽ گهڻو گهڻو لڄي ٿي سوچي رهيو هو تہ کانئس ڪھڙيءَ ريت سندس ٽھڪ ٻُرائڻ وارو ڪارڻ معلوم ڪري....!
پوپٽ ۾ حد درجي جو حيا ۽ لڄ هئي جيڪا کيس گلن جي غلامي ۽ فطرت جي فنڪاريءَ مان پلئو پئي هئي .... پر کيس تہ مجبور ٿي بہ اهو معلوم ڪرڻو هو تہ آخر ماکيءَ جي مک بي ساختہ ٽھڪ ڇو ڏنو ....؟! نيٺ پوپٽ جي چھري تان حيا وارا سڀ پردا پاڻمرادو هٽندا ويا.... ۽ کانئس پُڇي ورتائين : ”اي مک! اڄ ڏاڍي خوش خوش آهين .... آخر ڳالھہ ڇا آهي؟!“
ماکيءَ جي مک پنھنجن چپن تي شرير مُرڪ آڻيندي آکيو؛ ” ڪالھہ وڏي ڌِڱ کي ڏنگيو اٿم هُو منھنجي ماناري ڏانھن وڌي رَس لاهڻ جي جستجو ۾ هو تہ وڃي ڪياڙيءَ ۾ ڏنگ لاٿومانس .... وري بہ نہ پيو هٽي .... تہ سامھون ساڄي اک واري جهالر ۾ چُھٽي پيس. اهڙي تہ دانھن ڪيائين جو مون کان ٽھڪ نڪري ويو .... هاڻ تہ جنھن ويل ٿي اها ڳالھہ ياد اچيم تہ ٽھڪ نڪريو وڃي ....“
”اي ماکيءَ جي مک! تو تہ وڏي ڳالھہ ڪري ڇڏي ....! توکي ڪھڙي ڪل تہ هُن ڪھڙي مقصد ڪاڻ پئي رس لاهڻ گهُريو .... هُو هو ڀلا ڪٿي جو ....؟!“
”هُو شايد هِن ڦلواڙيءَ جي اُترئين پاسي واري ڳوٺ مان پئي آيو ....! توکي تہ خبر ئي هوندي .... تہ اهو سنگدلن جو ڳوٺ آهي .... اهي ڪنھن ٻئي نسل واري کي برداشت ئي نہ ٿا ڪن .... اسان اُن ڳوٺڙي ۾ جهوني وڻ ۾ مانارو اڏيو .... تہ هڪ ئي ڌڪ سان ڏَلھي واري مشين جي مدد سان وڻ ئي ڪيرائي وڌائون .... مون کي ان ڏينھن ايترو غصو آيو هو جو چاهيم تہ سڀني مکن سان گڏجاڻي ڪري، ان ڳوٺ تي حملو ڪري سڀني کي سزا وار ڪجي .... پر پوءِ الائجي تہ ڪيئن هيڪر ٿڌي ٿي ويس....!! منھنجي ساٿي مکن مان بہ ڪيترن کي ڪاوڙ آئي هئي .... هنن پنھنجن ڏنگن کي اهڙي نموني پئي موڙ ڏنا.... ڄڻ انھن کي تکو ڪندا هجن مون کي بہ محسوس ٿيو تہ منجهن زبردست زهر هو .... پوءِ اسان ڦلواڙيءَ جي ڏاکڻي پاسي پري پري هڪ تازو توانو وڻ ڏٺو .... اُتي وڃي پنھنجا پکا اڏياسين .... اهو وڻ فطرت جو اهڙو تہ حسين شھڪار آهي .... جو اُن جي پنن ۽ ٽارين ۾ عجيب قسم جي خوشبو آهي ان وڻ تي انھن حاسدن جي اڪثريت جي اڃا نظر نہ پئي آهي .... جيڪڏهن پئي بہ هوندي ....تہ بہ هُو اڃا پنھنجن ڪن ٻين خفن ۾ جُٽيل هوندا ....!!“ ”اي ماکيءَ جي مک! سنگدلن جي ڳوٺ ۾ ڪي نرم دل بہ تہ هوندا.... مون تہ ڳالھہ سُئي آهي تہ اُن ڳوٺ ۾ هڪ مسيحا پيدا ٿيو هو .... جيڪو ڪيترن ئي قسمن جي بيمارين جو علاج ڪندو هو .... کين شفاياب ڪندو هو. اُن ڳوٺ جا اڃا بہ اڪثر ماڻھو ڪيترين ئي بيمارين ۾ ورتل آهن .... اي ماکيءَ جي مک! توکي خبر نہ آهي تہ تُنھنجي رس ۾ فطرت ڪيتري شفا رکي آهي .... اهو ماڻھو جيڪو تنھنجي ماناري مان رس لاهڻ آيو هو.... اُهو ان ڳوٺ جو مسيحا هو .... آئون راتوڪي رات خواب ۾ ان مسيحا جي گهر وٽان لنگهيو هوس .... تہ ان مسيحا جي گهرواريءَ .... ٻہ چار مريض.... جيڪي سندءِ دوا مان شفاياب ٿيڻ لڳا هئا .... ۽ ٻيا اهي جيڪي منجهس آسون اميدون پيا رکن .... ڏاڍيان روئي رهيا هئا .... خواب ۾ مونکان بہ وڏي اوڇنگار نڪري وئي هئي .... منھنجي وجود ۾ خوفنائتو زلزلو اچي ويو هو .... هڪ اهڙو شخص جيڪو اُن ڳوٺ لاءِ مسيحا بڻجي آيو هو.... سندءِ هٿ جي شفا مان سارو ڳوٺ بھرہ مند ٿئي ها تہ ڪيڏو نہ چڱو هو ....ماکيءَ جي مک! تو قھر ڪري ڇڏيو .... هُن جھڙو مسيحا هاڻ تہ شايد صدين ۾ بہ نہ پيدا ٿئي ....!! توکي تہ وڏي وڏي آواز روئڻ گهربو هو .... مون کي گلن ڦلن ۽ منھنجي سونھن جو قسم .... تہ زندگي ايئن ناهي ٿيندي .... زندگي تہ ٻين لاءِ جيئڻ ۾ ئي زندگي آهي .... تون ڇڏين ها اهڙي درويش صفت مسيحا کي .... تہ پنھنجو ڪم ڪري وڃي ها.... ان ڳوٺ جو بيمار سماج صحتمند ٿئي ها.... تون ئي هاڻ ان مسيحا جي گهر واريءَ توڻي ٻين جي اکين ۾ اونداه جي ذميوار آهين .... ان مسيحا جي گهر واريءَ چيو پئي .... هاڻ اُن ڦلواڙيءَ جي نگهباني ڪير ڪندو... جيڪا فقط منھنجي مڙسالي جي ئي مرهون منت هئي. چري مک هاڻ هي ڦلواڙي بہ اُجڙي ويندي ....“ پوپٽ گلن جي ماتمي سرهاڻ ۽ پنھنجا لفظ سميٽي ماکيءَ جي مک جي سماعتن تائين آندائي مس تہ پريان ڪو شخص هٿ ۾ ڪھاڙي کنيون ڊوڙندو پئي آيو .... ماکي جي مک پنھنجي ڏنگ کي موڙو ڏنو .... پوپٽ پنھنجا نفيس ۽ نازڪ پر ٽيڙي اڏاڻو ان ويل ماکيءَ جي مک جي سماعتن ۾ هڪ وڏي اُوڇنگار بہ ٽڪرائي پوپٽ دور دور فضا ۾ اڏامندو پئي ويو.... تيستائين ماکيءَ جي مک بہ پڇتاءُ وارا پر هڻندي پري نڪري وئي....!!!

هن تي سڀ حيران

بظاهر چھري تي سنجيدگيءَ جا آثار! پر جڏهن ڳالھائي تہ سنجيدگي تہ سنجيدگيءَ جي ماڳ، پر هر اها حد اورانگهي وڃي .... جنھن جي وارنگهڻ پڄاڻان مڄاڻ تہ ڪھڙو نتيجو نڪري ....؟ بھرحال ڊڄندڙ ماڻھن کي ئي نتيجن جي پرواھہ هجي ٿي .... ۽ بس !!
هُن پنھنجي هانوَ ۾ بھرحال ڪڏهن بہ ڪنھن بہ حوالي سان ڪا هيڻائي محسوس ڪا نہ ڪئي هئي ....!! هُن کي خبر هئي تہ هيڻا ماڻھو زندگيءَ ۾ ڪيتريون ئي شڪستون کائيندا آهن رستي تي پيل پٿر کي هُو اِن ڪري هٽائي نہ سگهندا آهن ڇاڪاڻ تہ هُو پنھنجو پاڻ کي هيڻو سمجهندا آهن....!
هُو ننڍڙو هئو تڏهن البتہ ڏاڍو ڊڄندو هو ڊيڄڙي سبب هُو اڪثر ننڊ مان رڙيون ڪري اٿندو هو. پوءِ هُو جيئن جيئن وهيءَ ۾ ويو چڙهندو تيئن تيئن سندس خوف اميد ۽ همت ۾ بدلبو ويو. اهڙي اميد ۽ همت جيڪا سندس نگاھہ ۾ زندگيءَ جو لازمي عنصر هئي. گهڻ ڳالھائو هئڻ ڪري هُو ماڻھن ۾ جک مارڻ واري جوان طور مشھور هو. سندس نالو منصور هو پر اهو منصور نہ جيڪو تاريخ ۾ ”اناالحق“ جي نعري هڻندر طور مشھور آهي. منصور محبتي بہ ايترو هو جو چئي وڃي دنگ ڪجي.... جنھن سان بہ محبت ڪيائين ان سندس صحبت جا سھرا ڳاتا .... رڳو ائين بہ نہ هو تہ هُو سڀني ماڻھن جي نگاهن ۾ صفا جک هڻندڙ جوان هو. ڪن جي خيال ۾ تہ هو بيحد ڀوڳائي مڙس هئو. جنھن رنجيدہ روحن کي خوشين وارا کوڙ لمحا ميسر ڪيا هئا. ڪاليج جي زماني ۾ هو ڪيترن ئي شاگردن جي نظرن ۾ جک هڻڻ وارو جوان هئو.... جنھن پنھنجو املھہ وقت وئرٿ ۽ فضول ڳالھين ۾ ٿي ڳاريو!! جڏهن تہ ڪن ظريف طبع استادن ۾ هُو پسند پيل هو جيڪو کين واندڪائي واري وقت ۾ کل ڀوڳ ۽ چرچا گهٻا ٻڌائي پيو وندرائيندو هئو .... ڪنھن استاد کي ڪنھن بہ مامري تان ڪاوڙيل محسوس ڪندو هو تہ هرو ڀرو بہ اهڙي اٽڪل سوچيندو هئو جيئن استاد جي مزاج ۾ ماٺائي بلڪہ سندس چھري تي بہ مرڪ مڙي اچي.... هُو هونئن بہ اهڙو ماڻھو ٿي ڏٺاڻو جنھن زندگيءَ ۾ ڪافي ماڻھن کي کلايو .... پر پوءِ الائجي تہ ڪھڙو ڪارڻ هئو جو سندءِ ڪلاس ميٽس ۽ ٻيا شاگرد هن جي حوالي سان ڪو سٺو تاثر نہ پيا رکن....
هڪ دفعي ڪاليج ۾ ڪنھن موضوع تي ڪو تقريري مقابلو ٿيڻو هو .... تہ منصور جو نالو بنا ڪنھن پڇا ڳاڇا جي تقريري مقابلي ۾ متوقع شريڪ ٿيندڙن جي فھرست ۾ ٽاپ تي رکيو ويو. شاگردن جڏهن چٽا ڀيٽي واري ڏهاڙي منصور جو نالو اسٽيج سيڪريٽري واتان ابتدا ۾ ئي ٻڌو تہ سڀ جا سڀ حيرت ۾ وٺجي ويا ۽ لڳا هڪ ٻئي کي گهورڻ! کين سُڌ هئي تہ جنھن موضوع تي تقريري مقابلو رٿيو ويو هو. منصور تہ ان حوالي سان صفا ڪورو هو هن کي ان موضوع جي پس منظر توڙي پيش منظر جي تہ ڪا ڄاڻ ئي نہ هئي....!! جڏهن تہ هنن پنھنجو پاڻ کي ان حوالي سان صفا فٽ ٿي سمجهيو....! ۽ هنن تياري بہ تہ اهڙي ورتي هئي جو هر ڪنھن پئي سمجهيو تہ اصل چٽا ڀيٽي تہ آهي ئي هنن وچ ۾ .... باقي منصور ويچارو تہ آهي ئي هُش ۾ خوش!! ڪنھن قدر اِهو تاثر لڳو بہ واجبي پئي جو منصور بظاهر اڳ وانگيان ڳالھين جا ڳوٺ ٻڌيندو ۽ لوڪن کي کلائيندو خوش پئي رکيو وتيو ....
تقريري چٽا ڀيٽيءَ وارو پروگرام سھڻي سٽاءُ سان خير وخوبيءَ سان ٿي گذريو. جنھن ۾ منصور سوڌو ڪن ذهين شاگردن زبردست اتساھہ جوش ۽ جذبي سان بھرو ورتو .... منصور جڏهن تقرير لاءِ اسٽيج تي آيو هئو تڏهن سندس پرسنلٽي ۾ زبردست تبديلي پئي محسوس ٿي. منصور پنھنجي تقرير اهڙي تہ ڍنگ سان شروع ڪئي جو سڀني ويٺلن جو ڌيان پاڻمرادو ڏانهس ئي ڇڪجي ويو ۽ سندس زبان مان نڪتل لفظن جي تلفظ ۽ ٻوليءَ جي استعمال بہ کين وڌ حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو .... هنن جي دلين ۾ هيڪر اهو احساس اُڀريو تہ هُو اٿي اهڙير تقرير ڪرڻ تي کيس بي ساخت داد ڏين ....!!
ان تقريري چٽا ڀيٽيءَ ۾ منصور پھريون نمبر آيو ۽ ٻيا شاگرد جن بظاهر سخت محنت ۽ موضوع جي سنگينيءَ کي سمجهندي وڏي تياري ورتي هئي انھن مان ڪو ٻئين تہ وري ڪو ٽئين نمبر تي آيو .... تہ ڪي ويچارا وري ان چٽا ڀيٽيءَ مان ئي ڄڻ آئوٽ سمجهيا ويا....!
بعد ۾ جڏهن اڳتي هلي شاگردن جي حلقي پنھنجي ئي پر ۾ مصوريءَ جو مقابلو منعقد ڪرڻ جو سوچيو .... تہ دلئون نہ چاهيندي بہ منصور کي ان ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪيائون .... جو کين سڌ هئي تہ جي ان مقابلي ۾ منصور شامل نہ ٿيو تہ ان چٽا ڀيٽي جو ڪو مقصد نہ رهندو .... هنن چاهيو ٿي تہ جي منصور مصوريءَ جي حوالي سان مات کائي ويو تہ پوءِ ڪاليج ۾ ڪنھن بہ پر ڪنڌ کڻڻ جھڙو نہ رهندو.... ۽ پوءِ اجائي سجائي جک هڻڻ وارو جولان بہ ماٺو پئجي ويندس.... !! رنگن ۽ برش سان هونئن بہ هُن ڪڏهن روح ريجهايو ئي ناهي .... هن کي مصوريءَ جي مامرن جي خبر ئي ڪھڙي....؟! هن جک ماريندي کل ڀوڳ ڪندي هيستائين ڪيترن ئي ماڻھن کي کلايو اهي.... پر ڇا هو پنھنجي من اندر ڪنھن موڙ تي اهو سوچي رُنو ڪونہ هوندو.... تہ ٻيلي تو علم کي اهميت نہ ڏئي پنھنجو وقت وئرٿ ئي وڃايو.... اسان جي حوالي سان بہ کيس ضرور سوچ آئي هوندي تہ ڪيتري نہ ڌيان ۽ گيان سان هنن علم کي اهميت ڏني ....
تقريري چٽا ڀيٽيءَ ۾ وڏي ڪاميابيءَ پڄاڻان تہ هنن منصور سان حسد جي حد ڪري ڇڏي هئي.... پر منصور جي من ۾ هنن لاءِ ڪابہ باھہ ڪانہ ٿي ڀڙڪي....!! البتہ هو پاڻ سان هڪ اهڙي ڪائنات گڏ گڏ کنيو پئي هليو .... جيڪا ظاهر واري کل ڀوڳ، مذاق ۽ گهڻو ڳالھائڻ جي دنيا کان بنھہ مختلف هئي، هن جو اندر آوي جيان ڌڳندو ٿي رهيو ۽ ”نھائينءَ کان نينھن سک منھنجا سپرين“ واري ڪار هئس هُن جي اندر ۾ ازلي مصور ڪيترائي اُڌما اوتي ڇڏيا هئا.... جيڪي مختلف مرحلن تي تصوراتي تصويرون بنجي کيس تڙپائيندا هئا.... پر هُو ٻاهر اُن حوالي سان تہ ڪابہ ٻڙڪ نہ ٻوليندو هئو .... بھرحال پوءِ بہ هو پنھنجي تصور جي ديوار تي ڪيتريون ئي المياتي تصويرون پنھنجن اکين ۽ احساسن جي رنگن ۽ بُرش سان چٽيندو ٿي ويو....
هن زندگيءَ کي فٽ پاٿن تي ننگو ٿي نچندي ڏٺو هو .... ۽ هن ئي ڏٺو هو تہ هڪ وئشيا پاڻ وٽ ايندڙن جا پير ڇهندي بہ اندر ئي اندر ۾ ڪيترين ئي المين سان منھان منھن هئي .... زندگيءَ ۾ سندس چاھہ جي چانڊوڪي جهيڻي پئجي رهي هئي.... سندس آڳاٽو مري ويل مڙس سندس تصور ئي تصور ۾ قبر مان ڪنڌ مٿي ڪري مٿانئس ڀُونڊن جي برسات وسائيندو ٿي رهيو.... ۽ هُو کيس چوندي ٿي رهي تہ هيترو ڪيڙ جو پويان ڇڏي ويو آهين .... اهو ڪمائڻ جيڏو ٿئي تہ بس!
هن ئي ڏٺو هو تہ ڪاري رات جنھن کي ڪيترن ئي ماڻھن قبيح ٿي ڪوٺيو ڪيڏي نہ خوبصورت هئي ۽ ان رات کيس دانھيو هو تہ منھنجي فطري حسن ۽ تارن جي جهرمر کي وقت جا جلاد سنگسار ڪرڻ گهرن ٿا.... تڏهن هو هڪ وڏي اوڇنگار ڏئي روئي پيو هو.... هن هيڪر چاهيو تہ هو روايتي رنگ ۽ بُرش کڻي پنھنجو ئي چھرو ويھي پينٽ ڪري.... ۽ ان سان گڏ رات جو رنجيدہ روح بہ ان ئي تصوير جي آس پاس اهڙي تہ انداز سان رنگن ۾ رلمل ڪري اوتي ڇڏي .... جو سڀئي شاگرد بلڪہ استاد بہ حيران ٿي رهجي وڃن .... پر پوءِ هن ان سوچ کي نظر انداز ڪري هن ڀيري ٻين شاگردن کي چٽا ڀيٽيءَ ۾ سرس ڏسڻ جو سوچيو.
چٽا ڀيٽي واري ڏهاڙي هُو واقعي بہ سرسي ۾ هئا .... هُو هڪ ٻئي کي واڌائي ڏئي رهيا هئا .... سندن نظر ۾ جک مارڻ وارو جوان ميدان خالي ڇڏي ويو هو.

ڪلاچي

هيءُ انھن ڏينھن جي ڳالھہ آهي جڏهن آءٌ اڃا ننڍي هوس .... مٿي تي ڪڏهن اتفاقن گندي پائيندي بہ سُڌ نہ هئم تہ اها ڇاڪاڻ پائبي آهي پيرن ۾ جُتي هجي يا نہ – البتہ منھنجو ڌيان ان طرف ڪڏهن بہ نہ ويو تہ اها جُتي پائبي ڇالاءِ آهي ....؟! امان جي ٻانھن ۾ چمڪندڙ چوڙيون ڏسي مون کي بہ شوق جاڳيو هئو تہ آءٌ بہ چوڙيون پايان ...!
بابا جي مٿي تي گندي نہ ڏسي بہ آءٌ گهٻرائجي ويندي هئس .... تہ بابا سان هي ڪھڙي ٽرئجڊي آهي .... جو نہ گندي پائي ۽ نہ ئي چمڪيليون چوڙيون ....! پوءِ هڪ ڀيرو جڏهن ٻاهراڙيءَ وياسي پنھنجن مٽن مائٽن ۾ تہ اتي تہ رنگ ئي ٻيا هئا .... چاچا کي ڏٺم تہ سندءِ سر تي ڀوسڪيءَ جي وڏي دستار ۽ مرد مٿير جي مُنھن ۾ شھپر ڪنھن مارڻي ڍڳي جي سڱن جيان اڀا هوس .... اهو ڏسي آءٌ حيرت جي درياھہ ۾ ڪڏهن پئي ٻُڏان تہ ڪڏهن پئي تران.... ترڻ ۽ ٻُڏڻ جي وچ ۾ سوچن واريون ڪيتريون ئي سنگهرون مون کي سوگهو جهليو بيٺيون رهيون ....! پنھنجي پيءُ ڏانھن پئي ڏسان تہ نہ هُن جي مُنھن تي شھپرن واري شوخي ۽ نہ ئي سندس مڻيادار مٿي تي دستار!
بابا ويھہ پنجويھہ سال پھريان اچي ڪراچيءَ جي کاري دار واري علائقي ۾ پنھنجا پکڙا اڏيا هئا.... بابا ڳالھہ ڪندو آهي تہ تڏهن نہ ئي کاري در وارا ۽ نہ ئي باقي ڪراچيءَ وارا ڪي ايترا کارا هئا.... ميٺ ۽ محبت وارو ماحول هئو ....! ماڻھو پنھنجن قدرن تان قربان ٿيڻ ڄاڻندا هئا .... جيتوڻيڪ عمارتون تہ عاليشان هيون .... پر ايتريون وڏيون بہ نہ هيون جن مان هَٺ ۽ غرور اڀري انسانن کي ايذائي سگهي.... انھن عمارتن ۾ وڏا وڏا ماڻھو رهندا هئا .... جيڪي اڄ شھر جي قبرستانن ۾ ابدي آرامي آهن .... اهي قدر جيڪي انساني عظمت جا اهڃاڻ هئا .... اهي بہ غالبن انھن سان گڏ ابدي آرام ۾ ڄڻ سمھي پيا آهن .... اڳ عمارتن ۽ پلازائن جي درين ۽ کڙڪين تي امن جا اڇا پکي اچي ويھندا هئا .... پر هاڻي انھن ئي عمارتن ۽ پلازائن مان اهڙا تہ ٺڪا ٿا ٻڌجن .... ڄڻ سانوڻ – مينھن واريون ڪي گوڙيون کنوڻيون ....!!
بابا شھر جي روڊن رستن، گهٽين ۽ پارڪن، آفيسن ۽ ٻين ماڳن مڪانن سان مُنھان مُنھن ٿيندي الائجي تہ ڪيئن پنھنجي اسٽائيل ۾ اور نموني جي ادل بدل آڻيندو ويو .... جو کيس بہ صحيح نموني ۾ سُڌ نہ پئجي سگهي .... تہ ساڻس هيءَ ڪھڙي ويڌن ٿي رهي آهي ....؟! چاچا جي دستار ۽ شھپر ڏسي تڏهن امان کان پئي پڇان .... ڙي امان! بابا جيڪڏهن مٿي تي گندي ۽ ٻانھن ۾ تو وانگيان چوڙيو نہ ٿو چمڪائي .... تہ گهٽ ۾ گهٽ مٿي تي پڳڙي تہ رکي .... ۽ مُنھن تي شھپرن واري شوخي سجائي ....!! تہ امان امالڪ هڪ وڏو ٽھڪ ٻرائي ڊرائينگ روم مان رنڌڻي ڏانھن لوھہ پائيندي هئي .... ڄڻ رنڌڻي ۾ پيل ٿانو پاڻ ۾ وڙهي پيا هجن .... ۽ هوءَ انھن وچ ۾ ٺاھہ ڪرائڻ لاءِ ڊوڙي هجي ....!! هونئن بہ امان ۽ بابا واتان ڪيترائي پھاڪا ۽ چوڻيون ٻڌبا رهبا هئا .... جيئن ٻہ ٺڪر ٺهڪندا رهندا آهن وغيرہ اها ٻي ڳالھہ هئي تہ امان ۽ بابا بھرحال ڪڏهن بہ ڪنھن مامري تان نہ اٽڪيا هئا .... ان جو اهم سبب شايد سندن ٻنھي جو پڙهيل لکيل هئڻ ئي هجي!
بابا ڪراچيءَ ۾ نوڪري سانگي جڏهن اچي رهيو هئو تہ آءٌ اڃا ڄميل تہ پري شڪم مادر ۾ منھنجي رُوح جي هوا بہ ڪانہ گهُلي هئي....!!
مون ننڍي وهيءَ کان ئي امان ۽ بابا واتان ”ڪلاچي“ جو لفظ پئي هر هر ٻڌو .... ان کانپوءِ اسڪولي ۽ ڪاليجي زندگيءَ واري وهنوار ۾ بہ هِتان هُتان ان لفظ جو پڙاڏو پئي منھنجين سماعتن سان ٽڪرايو ....!! البتہ ان زماني کان پھرين ننڍي وهيءَ ۾ ڪلاچي کي تلاشڻ ۾ مون ڪمال ڪري ڇڏيو .... جڏهن بہ بابو امان ”ڪلاچي“ لفظ اچارين تہ آءٌ پئي آسپاس ڏسان.... اجهو هِتان يا هُتان مائي ڪلاچي ڄڻ اچي رهي هجي .... ! بابا ٻڌايو هئم تہ ڪلاچي اصل ۾ هڪ مائي هئي .... اهو ٻڌي مون کي هيڪاري وڌيڪ تجسس جاڳندو هئو تہ ان کي ڏسان ڙي ڏسان .... اها ڪلاچي بہ امان وانگر ”مٿي تي گندي رکندي هوندي .... ۽ سندءِ ٻانھن ۾ چمڪيدار چوڙيون هونديون ....!! جڏهن بابا ۽ امان سان ڪڏهن بازار وڃان تہ پئي ڪلاچي ڳوليان .... امان ۽ بابا کان پئي پُڇان ”مون کي ڪلاچي تہ ڏيکاريو“ آءٌ ڪلاچي ۾ پئي گهمان ڦران .... پر سُڌ نہ هجيم تہ ڪلاچي ڪا اهڙي بہ ٿي پئي سگهي. جيڪا هڪ عورت مان بدلجي هڪ وڏو شھر بڻجي وئي هجي .... هڪ اهڙو شھر جنھن ۾ ڪروڙين مرد عورتون رهندا هجن .... اهي مرد عورتون گهرن ۾ .... بازار .... ۾ آفيسن ۾ .... ايئرپورٽن تي .... ٻيڙين ۾ .... مئخانن ۾ .... ڪٽي پھاڙيءَ تي .... جوڙيا بازار ۾ .... منگهو پير تي .... ڪلفٽن .... ڪياماڙي.... منھوڙو .... چڪرا ڳوٺ .... گلشن حديد .... ملير .... لياري .... ۽ ٻين مختلف هنڌن تي ....!
آءٌ هاڻ وڏي آهيان .... پر جڏهن مون ڪراچي پھرين اک سان ڏٺي هئي پھريان پھريان ڏٺي هئي .... ڇا چوان تڏهن ڪراچي ڪيئن هئي....؟! ڪراچي مون کان ڪيترو زمانو اڳ وڌي وڻ ٿي وئي هئي ۽ پيدا ٿيس تہ سچ تہ آءٌ ان کي ڳولي رهي هوس .... هي جي ڳالھيون بابي مون کي ٻڌايون هيون سي ڪوڙيون تہ نہ هيون .... سر غلام حسين هارون، حسن علي آفندي ۽ ٻين ڪيترين هستين هت پنھنجا پنھنجا پير گهمايا هئا. آءٌ شايد پنھنجي لاشعوريت وارين وادين ۾ اها ڪراچي ڳولي رهي هوس.... ان ڳولا ۾ ڳھندي مون سج جي سونھري ڪرڻن ۾ ڪراچي کي ڪوتا ڳائيندي ڏٺو .... مون هن جي هٿن ۾ اهڙي بانسري ڏٺي جنھن مان امن جا گيت ٻري رهيا هئا منھنجين سماعتن سان مڌر موسيقي ٽڪرائجي مون کي مدهوش بڻائي رهي هئي شھر جي ڪنھن شاهراه جي فٽ پاٽ تان ويندڙ پنج ست ڄڻين جيڏين سرتين ۾ ڪانہ ڪا ”ڪلاچي“ هوندي .... آءٌ پئي انومانن مٿان انومان هڻان هاڻ تہ مون وانگر ڪيترائي ماڻھو هوندا.... جيڪي ڪراچي جي ڳولا ڪندا هوندا .... اها ڪراچي جيڪا سندن سپنن جي سيج تان ڪڏهوڪو اٿي ڪنھن ڪنوار وانگر رُسامو ڪري وئي آهي .... هاڻ ڪراچي جي مٿان چمڪندڙ هر سج ڄڻ ڪو ٻُوٿ ٻڌل دهشتگرد هجي.... ۽ کيس ماڻھن جي ماس جي تلاش هجي.... اهو سج ڪڏهن ڪڏهن اهڙا تہ اُلاٿو اڇلي جو ماڻھو پنھنجن ئي گهرن ۾ محصور بڻجيو وڃن .... شھر جي روڊ رستن جا ڏامر بہ تپي ٽانڊا بڻجيو وڃن زندگيءَ ۾ ايترو خلل پئجيو وڃي جو ماڻھو ماڻھو مان بيزار بڻجيو وڃي....!!
امان ۽ بابا هاڻ وري وري مون ڏانھن ٿا ڏسن ڄڻ آءٌ انھن لاءِ ڪلاچي هجان ”جنھن جو شان ۽ شوڪت مٽيءَ ۾ مٽي ٿي ويو هجي.... عزت ۽ آبروتي ڌاڙو لڳي چڪو هجي.... گهر ۾ پنج ڇھہ غنڊن داخل ٿي مون کي اغوا ڪري گينگ ريپ جو شڪار بڻايو هجي.... آءٌ ڪلاچي جنھن جي باعصمت هئڻ جو خواب منھنجن وڏن ڏٺو هو .... انھن جي اڳيان سسڪيون هڻي رهي هجان....منھنجي مٿي جي گندي لھي چڪي .... ۽ بابا پنھنجي پڳ لاءِ سڙندي پوسرندي ساھہ ڏئي چڪو .... اسان جي گهر واري گهٽيءَ ۾ ڏاڍو گوڙ شور .... امان اسان کي ڏسي لڙڪ روڪي نہ پئي سگهي .... ٻاهر ڪيترائي آواز ”ڪلاچي“ جي وجود تي ٽانڊا رکي ٽھڪن مٿان ٽھڪ ڏئي رهيا هجن....!!

سِرو مليو نہ ئي ڇيڙهو!

”وقت ڪيئن ٿو گذري ....؟! ڪنھن چھري تان پردو کڄي اُمالڪ هيٺ ڪري يا اکين جا ڇپر کُڄي وري هيٺ ٿين ....! مينھن سمي شام مھل آڪاس ۾ ڀانت ڀانت رنگي ڪا وسا ورني ڪر موڙي .... ۽ ڪو بادل برھہ جا بانورا ڳيت ڳائي.... ۽ ڪنھن جي چپن تي مينھن مند جو ڪو گيت چڻنگ وانگي چمڪي اجهامي وڃي ....!“
هُن پنھنجي گهر واري گهٽيءَ ۾ بس ائين ئي پٽ تي ويھي اُبتا سبتا ليڪا ڪڍي پئي دل وندرائي .... دل پئي وندرائي يا واقعي هن ابتا سُبتا ليڪا ڪڍي انھن ۾ پنھنجي قسمت يا گذريل وقت جي ڏسائن جي نشاندهي ٿي ڪئي ....!! جيڪڏهن هُن گذريل وقت (جنھن کي هو واپس ورائي نہ ٿي سگهيو) جي ڏسائن جي نشاندهي ڪرڻ ٿي چاهي.... تہ ڇا سندءِ لاءِ اهو طريقو جوڳو ۽ مناسب هو.... تہ هُو وڏو سارو پٽ تي ويھي ابتا سبتا ليڪا ڪڍي .... يا ان کان علاوہ سندءِ لاءِ اهو صحيح نہ هو تہ هو پنھنجي گهر جي پنھنجي مقدر جيان ڇنل ٽٽل ڪنھن کٽ تي ويھي پنھنجي هٿن جون ريکائون ڏسي ها .... ۽ پوءِ فيصلو ڪري ها تہ انھن ۾ ڀلا ڪھڙي گهٽ وڌائي هئي.... جو ”وقت“ هُن سان ڪي ڀال ڀلائي ويو.... يا ڪجهہ اهڙو ڪري گذريو.... جو ”اڄ“ سوڌو هُو ان کي وساري يا ڀُلائي نہ ٿي سگهيو....!!
هُن هڪ ليڪ اوڀر کان اولھہ طرف ڪڍي .... جتان اولھہ ۾ سج وڻن ٽڻن پويان پنھنجي لالائيءَ واري لباس ۾ تازو لھي پويان شفق جي شوخي ڇڏي ويو هو ....! ٻي ليڪ هُن اتر کان ڏکڻ طرف ڪڍي.... هُن جي ذهن ۾ هڪدم ان طرف سڏ پنڌ تي ڳوٺ وارو اهو تاريخي کوھہ اچي ويو جتان ڪنھن زماني ۾ وينگسون وندر ۽ ورونھن ڪندي پاڻي ڀرينديون هيون ....!! پاڻيءَ لاءِ گهران نڪرندي سندن هانوَ ۾؛ ”منھنجي ٻارڙي کي لوڏو ڏيو مان پاڻي تي ٿي وڃان“ جھڙو ڪو سندر ۽ سريلو لوڪ گيت ضرور هُريو هوندو .... ۽ پوءِ احساسن جي شدت سبب ان لوڪ گيت سندن چپن جي چانئٺ کي ضرور چميو هوندو....!! هُن پنھنجي ان اتر کان ڏکڻ ليڪ ڏانھن ٻيھر وڏي انھماڪ سان ڏٺو .... کيس محسوس ٿيو تہ هو ان ڏسا ۾ ان ليڪ سان گڏ اُن کوھہ ڏانھن بي اخيار ڇڪبو ٿو وڃي .... جتان سندءِ بلوغت واري بهار واري زماني ۾ وينگسي حُسن وڄ وراڪا ڏيندو هو....!! هُن اهو وقت ياد ڪري پنھنجن احساسن جي تلاءُ مان ڄڻ پاڻيءَ جو ٻڪ ڀري پنھنجي مُنھن تي وڌو ۽ شديد روئڻھار ڪو ٿي ويو....!
هُن پنھنجو پاڻ کي ان کوھہ جو ڏول ئي سمجهيو ٿي .... جنھن کي ڪن حَسين هٿن ماضيءَ ۾ ان کوھہ مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ هيٺ لاٿو ٿي .... ۽ پوءِ وري خالي ڪري اونداهين اجگر کوھہ ۾....!!
هُو ان کوھہ ۾ وهنجندو رهيو .... اهڙيءَ ريت! اهو تاريخي کوھہ جنھن مان سندءِ وڏن اوجل ۽ شفاف پاڻي پيتو هو .... جنھن مان مئه ۽ خمار وارا نشا ڪيترن تي چڙهيا هوندا .... ۽ اهي مستيءَ مان ازخود مئخوار بڻجي ويا هوندا....!!
سوچيندي سوچيندي اوچتو سندءِ وات مان بي اختيار لفظن جو وهڪرو ڦٽندو ويو، وقت ڄڻ حسين ٻانھن جي چوڙين جو چمڪو ....! چھري تي جوانيءَ جو جولان بہ ڄڻ وقت! وقت شين جي نسبت ۾ ڪيڏو نہ معنيٰ خيز ۽ مفھوم جو حامل ۽ وقت جي گهرائي ڄڻ اُن کوھہ جي گهرائي .... جنھن ۾ ڪنھن زماني ۾ آءٌ ڪن هٿن مان ڄڻ ڏول بڻجي هيٺ ٿي لٿس. هُن انھن ئي ڪيفيتن ۾ پنھنجي ٻانھن ۾ ٻڌل پاڻ جيان پُراڻي واچ ڏانھن ڏٺو ۽ اُن جي سيڪنڊي ڪانٽي جي چڀن ڄڻ پنھنجي سرير ۾ محسوس ڪئي ....!!
هُن پٽ تي ڌيان ڌريو تہ ڏٺائين تہ هُو بي خبريءَ وچان ٻيا بہ ڪيترائي ليڪا زمين تي ٻار جي ڪنھن راند جيان ڪڍي چڪو هو .... انھن گڏ وچڙ ليڪن مان وري سندءِ سوچ ماضيءَ جي افق تي ڪر موڙڻ لڳي ....“ چون ٿا تہ گهڻو پراڻي زماني ۾ اُن تاريخي کوھہ جي آسپاس ”چندن“ واڻئي جو خوبصورت باغ هو جنھن ۾ هر سال هر قسم جا ميوا لڳندا هئا....! چندن واڻيون واقعي بہ ”چندن“ هو .... ڪڏهن بہ ڪنھن کي ميوو کائڻ کان نہ پليائين.... اُن باغ جو هر ميوو فطرت جي ديويءَ جي اُڀريل اُرھہ جيان هو .... جنھن ۾ ايتري تہ مٺاس ۽ لذت هئي .... جو ماڻھو مست ٿي پوندا هئا .... ۽ هر هر پيا اُن باغ ڏانھن ايندا هئا .... ۽ گيت ڳائيندا.... چندن واڻيون تہ موسيقيءَ ۽ فنونِ لطيفه جي ٻين شعبن جو زبردست چاهڪ هو .... هُو اهڙن متوالن کان ڳيت ڳانا ٻڌي وجد ۾ اچي ويندو هو.... هُو هر ٽئين چوٿين مھيني ڀڄنن ۽ صوفياڻن گيتن جي بزم سجارائيندو هئو....!!“
هُن پنھنجي سوچ واري ڪتاب تان ڌيان هٽائي وري پنھنجي ئي ڪڍيل بي ترتيب ۽ سُٽ جھڙن منجهيل ليڪن ڏانھن ڏٺو ۽ انھن جي مٿان ڏکڻ کان اتر طرف هڪ ڊگهي ليڪ ڪڍي ڇڏي .... ۽ ان تي پنھنجي سوچ کي سوار ڪري اڳتي وڌڻ لڳو“ آءٌ پنھنجي اُن جوانيءَواري زماني ۾ جيتوڻيڪ بستري تي شروعات ۾ هن لڪير وانگر ئي سڌو سمھندو هوس .... پر الائجي تہ ڇو بعد ۾ پاسا ورائيندي ورائيندي ائين ئي رات گذري ويندي هئي ....! ڄڻ ڪا ڏائڻ مون سان منھنجي بستري تي گڏ سمھي مون کي گهُٽا ڏيندي هئي .... ۽ آئون مرڻ جي خواهش جي باوجود بہ مري نہ سگهندو هوس....!!
انھن جوانيءَ وارين راتين ۾ ڪنھن جي الفت جي انڌ سان اُلجهندي مون کي بخوبي سُڌ پئي هئي تہ وقت ڪيئن ٿو گذري....؟! وقت جي جبر کي اُمالڪ اکين مان نير وهائي بہ ظاهر پئي ڪري سگهيس .... پر امان جي حساس طبيعت جو شديد اونو هئم .... امان جي اڪيلي ۽ سِڪي پني ڄاول پٽ هئڻ جي ناتي منھنجو ڏُک ڄڻ مادر جو دک بڻجي وڃي ها .... هونئن بہ هوءَ ان کان اڳ ڪيترين ئي ڳالھين ۽ رد عمل مان پنھنجي منھنجي حوالي سان حساسيت پوشيده نہ رکي سگهي هئي.... مثلاً هُن مون کي کوھہ ڏانھن وري وري وڃڻ کان جهليو هو .... ۽ پڻ منھنجي بي خوابيءَ مان بہ کيس محسوس ٿيو هو تہ دال ۾ ضرور ڪجهہ ڪارو آهي “
ان کان علاوہ سندم پڦيءَ ٻڌايو هئم تہ جڏهن آءٌ شڪمِ - مادر ۾ هوس تڏهن بہ امان منھنجي حوالي سان فڪرمند ئي رهندي هئي .... ۽ کيس منھنجي صحيح سلامت ڄمڻ جون ڳڻتيون دامن گير هيون ....!! منھنجي ڄمڻ وارا ڏينھن جيئن جيئن ويجها ايندا ويا تيئن تيئن گهر اڱڻ اڳيان بيٺل نم جو سائو چهچ وڻ غير محسوس طور تي سوڪھڙي ڏانھن مائل پئي ٿيندو ويو ....! امان کي جڏهن ان جي سوڪھڙي ڏانھن مائل هُئڻ جو احساس ٿيو تہ هوءَ پيرن کان چوٽيءَ تائين سڄي ڪنبي وئي.... هُن پاڙي پتيءَ وارين پوڙهين پڪين! جن جو تجربو کانئس وڌيڪ هو، سان اها ڳالھہ اوري جن کيس ٻڌايس تہ وڻ جو سُڪڻ ادي ڪو سٺو سؤڻ ڪونھي .... وڃ ڪو تائيٿ ٻائيٿ (تعويذ ٻاويذ) ڪرائي پاڻ بہ ٻڌ ۽ ان وڻ کي بہ .... ائي ادي ﷲ پٽڙو ڏينديئي ان ڪم ۾ دير ڪرڻ نہ جڳائي....!!
منھنجي قسمت بس اِها ئي هئي تہ آءٌ شڪم .... مادر ۾ هجان .... ۽ گهر اڱڻ وارو وڻ سوڪھڙي جو شڪار ٿيندو وڃي.... يا منھنجي قسمت اِهائي هئي تہ آءٌ هر هر اُن کوھہ ڏانھن وڃان .... ۽ اتي ڪن هٿن جو (پنھنجي ليکي) ڄڻ ڏول بڻجي هر هر هيٺ وڃان ۽ مٿي چڙهان .... يا منھنجي قسمت رڳو اِهائي هئي تہ آءٌ بستري تي سمھي ننڊ جي نور مان پنھنجون اکيون روشن ڪري سگهان .... پر ناڪام رهان....! پوءِ آخر منھنجي قسمت ڇا هئي....؟ بستري تي سمھان ۽ بي آراميءَ واري ڏائڻ اچي مون کي گهوگها ڏيڻ لڳي .... ۽ مرڻ چاهيندي بہ آءٌ مري نہ سگهان .... انھن نيڻن جي قسمت ڀلا ڇا هئي....؟! جن کوھہ تي مون ڏانھن پھرين نظر ۾ ڏٺو هو.... ۽ منھنجا طاق لڳي ويا هئا .... آءٌ بہ آخر اُن ماءُ جو پٽ هوس .... جنھن شايد پويان ماضيءَ ڏانھن (جڏهن آءٌ اڃا ٿڃ پياڪ هوس) ليئو نہ پاتو هو .... هُن مون کي ڪھڙيون سُتيون وڌيون؟ - ۽ ڪھڙا تعويذ پارايا ....؟! هُن ڪھڙي قسم جو سُرمو ۽ ڪجل منھنجين اکين منجهہ اوتيا .... جو جڏهن جوان ٿيس .... تہ صفا شرير بڻجي پيون ....!! ۽ امان جي قسمت ڇا هئي ....؟! ۽ امان جي امان (يعني مھنجي ناني) کيس ڪھڙيون ستيون وڌيون ....؟!- جو اهڙي ٻار کي نپائي وڏو ڪري .... تہ بہ سندءِ لاءِ اهو ننڍوئي هجي .... ۽ هوءَ کيس هيڏانھن يا هوڏانھن وڃڻ کان روڪيندي رهي .... ۽ اهو سدورو لڄ مان کيس پنھنجي دردن جو داستان بہ نہ ٻڌائي سگهي ....!! ۽ اُن کوھہ جي قسمت ڇا هئي ....؟! – ڀريو ڀڪليو آهستي آهستي سُڪندو ويو .... ڪنوارا پير، نھٺا نيڻ سڀ جا سڀ اتان ڪنھن خواب جيان گم ٿيندا ويا....! .... اهو کوھہ جيڪو پنھنجن بي نور اکين سان رُنو هوندو .... پر اُن جو روئڻ ڪنھن ڏٺو هوندو.... اي ڪاش! ڪي اهڙا با نور نيڻ هجن ها .... جيڪي اُن جو روئڻ ڏسي سگهن ها....!! اي فطرت تون اُن مھل ڪٿي هئينءَ؟ - جڏهن اهو کوھہ پنھنجي سوڪھڙي جي سوڳ وارو داستان توکي ٻڌائي رهيو هو ....!! اي فطرت! تون ڪيڏي نہ بي رحم هئينءَ جو اُن کوھہ جي وجود کي پوءِ آهستي آهستي ديوين لَيُن ڪِرڙين ۽ ڪانڊيرن جي وجود سان ڍڪيندي وئين ....! اڄ آءٌ ڪيترين ئي قسمتن (کوھہ جي قسمت سميت) کي پٽ تي ليڪا ڪڍي تلاشي تلاشي ٿڪي پيس .... پر نہ ڪنھن جو سِرو ۽ نہ ئي ڇيڙو ملي سگهيو. اِن ڪري تون کلندي رھہ اي فطرت! تہ مون جھڙو دکي ۽ بدنصيب انسان نہ اڳ ڄمي سگهيو هو .... ۽ نہ ئي بعد ۾ ڄمي سگهندو ....“

سيلابي سال

هُن ڏانھن جڏهن مون پھريون خط لکيو هو .... ۽ ....۽ ....۽ سچ تہ اهو ڏانھس مون پاران پھريون ۽ آخري خط هو ....! ۽ اها ڪجهہ سال اڳ جي ڳالھہ آهي.... ممڪن آهي اهو ڪو سوڪھڙي وارو سال ئي هجي.... يا ممڪن آهي اهو ڪو سيلابي سال هجي ....! (ڪي ڪي يادگيريون شڪن ۽ شبهن جي دز ۾ ڌنڌلجي وينديون آهن، ائين ئي جيئن ڪي چھرا تصورن جي تاريڪين ۾ هيٺ مٿي ٿي ويندا آهن ....!) خط لکندي هٿ ڏڪيا هئا.... دل ڌڪ .... ڌڪ ڪئي هئي....“ ڪٿي هوءَ .... منھنجي معنيٰ ۾ ناراض تہ ڪانہ ٿيندي .... ڪٿي هوءَ خط پڙهڻ پڄاڻان پنھنجي معنيٰ ۾ مون کي پاڳل تہ ڪانہ سمجهڻ لڳندي .... يا متان هوءَ اهو خط عام تہ ڪا نہ ڪري ڇڏيندي ....!!“ لفظ ڊڄي ڊڄي قلم مان ڪاڳر جي ڪينوس تي ائين لکجي رهيا هئا .... لفظن جو مقدر بہ تہ الائجي ڪھڙو هو .... کين سندن پڙهڻ واري جي ناراضگي نصيب ٿيڻي هئي.... يا کين هن پاران پڙهڻ وارا لمحا ناقابل بيان مسرت ۾ مٽجي وڃڻا هئا .... ڪا خبر ڪا نہ هئي....!
منھنجي دل جي ڌڪ ....ڌڪ.... سميت اندر ۾ ڪيترائي انومان ۽ انديشا جابلو ٻوٽين جيان ڪَر کڻي رهيا هئا .... ۽ آءٌ اندر ئي اندر هتي هُتي پنھنجي تسلي لاءِ هٿ پير هڻي رهيو هوس .... هونئن نفسياتي طرح مون ۾ڪيتريون ئي بيماريون هيون .... ننڊ ۾ خوفناڪ خواب ڏسڻ .... لڇڻ .... ڦٿڪڻ .... وڻن تي چڙهي وڃڻ.... اتان ڌوُ ڪري اچي پٽ تي پوڻ .... گاڏيءَ جي ٽائرن هيٺان اچي وڃڻ ٺينڍا ڪري رت وهڻ .... ۽ پوءِ ڪنھن پاران اچي ملم پٽي ڪرڻ اوچتو اکين جو کلڻ .... مڙني حادثن جو هوائي توائي ٿي وڃڻ ....!!
کيس ڪڏهن ٻڌايو هئم : ”منھنجي زندگيءَ ائين آهي .... مون کي ڊيڄاريندي نہ ڪر .... مون کي ڪي سونھاڻا خواب آڇيندي ڪر .... آءٌ ڀيانڪ خوابن جو ڊيڄاريل شخص آهيان .... هڪ ڀيري خواب ڏٺم تہ ڪا مائي فوت ٿي وئي آهي .... ٻئي ڏينھن سچ تہ ماءُ موڪلائي ويم .... وري هڪ دفعي خواب ۾ حادثاتي موت ۾ مري ويس.... تہ ناڪام زندگيءَ جي نوحي واري ڪھاڻي لکيم....“
تہ هن هڪ وڏو ٽھڪ ڏنو .... سندءِ ٽھڪ ڄڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جي پٿريلن رستن سمان هو .... جن تي اسان ٻئي زندگيءَ جي مختصر ساعتن جيترا لمحائي گڏ گڏ هليا هئاسين .... ۽ پوءِ .... ڄڻ ڪنھن ڊرامي جو سين هو .... اکين اڳيان ترورائي ترورا هئا .... هڪ اڻ کٽ خلا هو .... ۽ هاڻ به....! ۽ شايد اڳتي بہ ....!
نوٽ بُڪ تي ڪجهہ هيئن لکيو هئم : رياضيءَ جو منجهائيندڙ حساب ....
اکين کي سمجهي نہ سگهندڙ اکيون ....
دل کي سمجهي نہ سگهندڙ دل ....
لفظن جي مٺاس ۾ مري ويندڙ....
دل کي ڪھڙي خبر .... تہ اڳئين
جي دل ۾ ڇا آهي ....؟
زندگي ....باوَسن جي ديس ۾
بي وسيءَ جو ڪشڪول ....
ڪير سچا سڪا وجهي تہ ڇا....
ڪير ڪوڙا وجهي تہ ڇا....
پوءِ بہ زندگي ....!
۽....۽ ....۽ .... پوءِ .... آسپاس ڏسندي! متان ڪو ڏسندو هجي ....! نوٽ بُڪ ائين بند ڪيو هئم .... ڄڻ پنھنجي ئي زندگيءَ جو دفتر بند ڪندو هجان ....!
ڪنھن گاڏيءَ جو هارُن وڳو هو .... شايد ڪنھن کي وٺي وڃڻ واري گاڏي هئي .... مون فيڪلٽي جي سيڙهي تان ڇرڪ ڀري اُٿي ڏانھس ڏٺو هو .... گاڏي منھنجي ويجهو اچي رهي هئي .... جيئن ئي ويجهو پھتي .... ايمبولنس.... اندر ڪو بيمار ماڻھو ليٽيل هو .... ٻہ زائفائون کيس وڃڻو هڻي رهيون هيون.... منھنجي وات مان فقط ايترو نڪتو .... ” اي ڪاش! ....!“
دل جي ڌڪ .... ڌڪ ٻڌائي رهي هئيم : شايد ڪو شاگرد هجي .... يا شايد ڪا شاگردياڻي .... علم سان الجهندي ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن ڪنھن سان ڪو مرض بہ ملاقي ٿي پوندو آهي .... جيئن .... ۽ .... دل جي ڌڪ .... ڌڪ اهو بہ تہ ٻڌائي رهي هئم تہ ڪنھنجي موھہ سان مُنھان مُنھن ٿيندي بہ تہ ڪو مرض لاحق ٿي سگهي ٿو .... ۽ ماڻھو اُن وڻ سمان ڏِک ڏي ٿو جيڪو بظاهر تہ چهچ سائو ئي هوندو آهي ليڪن اندران ئي اندران کيس ڀُنگ لڳي چڪو هوندو آهي ....!
ڪنھن جي اندر جي ڪھڙي خبر ....؟ اکيون جيڪي ظاهر ظھور ڏسڻ ۾ ٿيون اچن .... انھن جي اسرار جي بہ تہ سڌ نہ ٿي پئي .... ۽ چپ جيڪي چُمن ٿا .... ۽ چپ جيڪي چمجن ٿا .... انھن بابت بہ الاس! ڪا سُڌ .... نہ ئي پتو....؟
ڪٿي چميا ويا .... ڪٿي چميائون ....؟! ۽ هوءَ بہ تہ ائين ئي ڪا اسرار هئي .... جيڪا اکين جي رستي سندم دل ۾ پوکجي وئي .... ( ڪي ڪي فصل واقعي بہ لڻڻ لاءِ پوکيا نہ ويندا آهن ....)
صنوبر جي سائي ۾ بيھندي هُن مون کي چيو هو: تون سونھاڻن خوابن جي ڳالھہ ٿو ڪرين .... اهي تہ عارضي هوندا آهن .... انھن کي پنھنجي زندگيءَ جيان ڪوبہ دوام ڪونھي ....البت محبت جيڪڏهن سچي هجي تہ دائميت پائي سگهجي ٿي ۽ فنا بہ نٿي ٿي سگهي .... پر ....!“ هوءَ پر.... پڄاڻان پنھنجي ڳالھہ اڌوري ڇڏي هيڏانھن هوڏانھن ڏسڻ لڳي هئي .... ۽ .... ۽ آءٌ سندءِ ان انداز تي حيران ۽ پريشان ٿي ويو هوس ....!!
حيراني .... ۽ پريشانيءَ کي جيڪڏهن پاڻمرادو ڪا معنيٰ ڏجي تہ ڏئي بہ سگهجي ٿي .... نہ ٿي بہ ڏئي سگهجي.... مون انھن حيرانيءَ پريشانيءَ وارن گڏيل احساسن وچ ۾ من ئي من اندر شيخ اياز جي شاعري جنھن ۾ صنوبر جي سائي جو ذڪر اچي ٿو ....جهونگارڻ شروع ڪئي:

صنوبر جي سائي ۾ ويھي رهون
چُمي جيئن سگهي چنڊ تنھنجون چڳون
گهڙيءَ لئه گناھہ محبت ڪريون
نہ شايد وري زندگيءَ ۾ ملون
ان شاعريءَ کي اندر ئي اندر جهونگاريندي رکي رکي ڪنھن ويل چپن کي بہ جهٽڪو ٿي آيو .... تہ هُن کي بہ شڪ پئي پيو .... آءٌ ڪجهہ نہ ڪجهہ چئي رهيو هوندس .... آءٌ ڪو اهڙو برملا اظھار ڪرڻ چاهيندو هوندس .... جيڪو اظھار بذات خود مون کي بہ ڊيڄاري رهيو هوندو .... ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڊڄڻو اصل کان ئي هوس ....!!
۽ .... ۽ .... هُن کي بہ بخوبي سڌ هئي تہ آءٌ ڊڄڻو آهيان ....
.... شڪ پڄاڻان هوءَ مون کي چئي رهي هئي.”ڊڄڻا ماڻھو زندگيءَ ۾ خودڪشي جو بہ سوچي نہ سگهندا آهن .... جڏهن تہ وڏيءَ دل وارا ماڻھو بلند پھاڙن جون چوٽيون سر ڪري ويندا آهن ....!“ سندس آواز ۾ جيتوڻيڪ ڪجهہ تلخي هئي .... پر پوءِ بہ الائجي تہ ڇو سندم سماعتون ان کي گوارا ڪري رهيون هيون .... انھن سماعتن لاءِ سندس لفظ گلاب جي ٻوٽي مان ڇڻندڙ ڄڻ ڪي پنکڙيون هيون .... ” ڪي ڪي اذيتون لزت بڻجي وجود مٿان ڪرنديون آهن ....!“ مون چپن ئي چپن ۾ ڀڻڪيو! گلاب جي ٻوٽي مان پنکڙيون اڃا بہ ڇڻي رهيون هيون .... هوءَ ڳالھائي رهي هئي .... ۽ اذيت، لذت بڻجي وجود مٿان ڪري رهي هئي ....!
۽ .... ۽ .... پوءِ اسان وچ ۾ ٻن ڏينھن جو وقفو پئجي ويو هو .... تہ محسوس ٿيو هئم .... زندگيءَ جي ريشمي ڪپڙي ۾ ڪا گهاري پئجي وئي آهي .... ۽ ان جي عيبن کي آسمان تڪي رهيو آهي .... انھن ٻن ڏينھن دوران آسمان جي بي نور اکين ۾ الائجي تہ ڪٿان نُور اوتجي آيو هو .... ۽ هُو پنھنجي بانور اکين ۾ ڄڻ مُرڪ جا موتي پوئي مُرڪي رهيو هيو ....!! فيڪلٽيءَ واري لان تي ٽھڪن جا ڌوڙيا پئجي ويل هئا ....!!
” ڪير ڪنھن جو هو .... ڪير ڪنھن جو نہ هو.... سماعتون ٻڌي شل پئجي رهيون هيون .... زندگيءَ ڄڻ ٻن پريمين جي ڊش مان پيٽ ڀري هٿ مُنھن ڌوئي طنز جي ٽشو پيپر سان پنھنجو چھرو اُگهي رهي هئي ....! ٻن ڏينھن پڄاڻان هوءَ وري اچي مون سان ملي هئي تہ آسمان جو رنگ زرد پئجي ويو هو .... ۽ زندگيءَ جي گهڙيال گهنٽي وڄائي وصل جي واڌائي ڏني هئي .... پر هوءَ ڏاڍي مايوسي ٿي ڏٺاڻي.... پڇيومانس ”خير تہ آهي .... زندگيءَ جھڙوڪ مشڪل حساب تہ پڙهائي دوران درپيش نہ آيو“.... ”چيائين تہ نہ پُڇ تہ ڇا پيش آيو ....! پر آءٌ ايترو ضرور ٻڌايان ٿي تہ منھنجو يونيورسٽيءَ ۾ اڄ آخري ڏينھن آهي ....!“ ” آخري ڏينھن.... !!!“ مون سندس ئي لفظ ورجايا ” ها آخري ڏينھن ....!!“ هن ٻيھر پنھنجائي لفظ ورجاياَ منھنجين سماعتن مان سندءِ اهي لفظ پڙاڏا ٺاهينداوجود جي ويراني ۾ لھندا ويا.... آخري ڏينھن .... آخري ڏينھن !! ۽ .... ۽ .... ۽ پوءِ.... هُن پنھنجو ڏس پتو ڏنو هو .... پر تاڪيد سان چيو هوس: خط نہ لکجان .... ”منھنجين يادين سان ضرور وندرجان ....!!! .... ۽ .... ۽ .... ۽ پوءِ .... منھنجو ڏانھس دلي احساسن جي مجبوريءَ وچان لکيل اهو پھريون ۽ آخري خط هو .... جيڪو پوسٽ نہ ڪري سگهيو هوس ....! ۽ .... ۽ .... ۽ اها ڪجهہ سال اڳ جي ڳالھہ آهي .... ممڪن آهي اهو ڪو سيلابي سال هجي ....!!!

پان جي پڪ ۽ نفرت جو اظھار!

هُو منھنجو دوست هو .... گھرو دوست ....! گھرائي ڇاڪاڻ تہ دوستيءَ جي هڪ وصف آهي .... ۽ ٻي وصف آهي خلوص.... ! خلوص سان ئي دوست ۽ دوستي سڃاتا ويندا آهن .... هُن ۾ اهي خاصيتون اتم هيون يا ادنيٰ ....؟ ان لاءِ منھنجي خيال ۾ پوءِ ويچارجي .... پھريان هن جي پان کائڻ ۽ ٿُڪڻ واري عادت خاصيت تي ويچارجي ....! هر هر پان کائڻ سبب هُن وک وک تي پئي ٿُڪيو ۽.... ۽ اهڙيءَ ريت اسان جي دوستي پان جي ٿُڪن جي نذر ٿيندي رهي ....!!
مون کي هونئن بہ پان ٻان کائڻ کان اصلؤن نفرت هئي .... پر هن سان منھنجي دوستيءَ واري تعلق مون کي هن جي روبرو اهڙي نفرت جي اظھار ڪرڻ کان روڪي ٿي رکيو .... پر پوءِ بہ آءٌ ڪيترو ٿي پاڻ کي روڪي سگهيس ....؟! پان کائڻ اسان جي ڪلچر جو حصو نہ هو .... ان ڪري هڪ ڏهاڙي مون کان منھنجي ضبط جا بند ڀڄي پيا .... ۽ هڪڙو مھذب طريقو نفرت جي اظھار لاءِ مون کي بہ سُجهي آيو .... ساڻس ملاقات کان چند لمحا پھريان مون پنھنجي پئسن مان هڪ پان خريد ڪري وات ۾ وڌو .... پان چٻيندي چٻيندي اوچتو اُلٽي اچي ويم .... اُها اُلٽي مون پاران نفرت جو هڪ انوکو اظھار هو .... جنھن کي هُو سمجهي نہ سگهيو.... اٽلندو هُو منھنجو همدرد بڻجي پان کائڻ جا طور طريقا ٻڌائڻ لڳو .... ۽ سمجهڻ لڳو تہ آءٌ سندءِ صحبت ۾ پان کائڻ واري عادت / خاصيت اپنائڻ لڳو هوس .... پر پوءِ ايندڙ ڏهاڙا سندءِ لاءِ ڏاڍا نراسائيءَ وارا هئا....!!!

درزي جو دماغ ۽ جبلت جا جيوڙا!!

درزي جڏهن بہ پنھنجي ڌنڌي تي ويھندو آهي تہ هُو اهو ڪونہ ڏسندو آهي تہ هي ڪپڙو اعليٰ ڪوالٽيءَ جو آهي يا لو Low ڪوالٽيءَ جو .... پر کيس ڏسڻو اهو هوندو آهي تہ اُن کي سبيندي هوُ اُن ۾ پنھنجي جبلت جي بيماريءَ وارا ڪيترا جراثيم داخل ڪري ٿو سگهي .... تہ جيئن اهي لٽا جيڪو بہ شخص پھري .... تہ سندءِ جبلت وارا جراثيم کيس چُھٽي وڃن .... ۽ هُو وري وري پنھنجا ڪپڙا ڏانھس ئي سبرائڻ لاءِ کڻي ڊوڙندو اچي ....!!

مختصر ڪھاڻيون

هوُ ڪرائي جو قاتل ....!

هُو ڪِرائي جو قاتل ڪڏهن بہ ڪُتي کي گولي نہ هڻندو .... ڇاڪاڻ تہ هن کي بخوبي سڌ آهي تہ ڪتي کي ڊگها ۽ تکا ڏند ٿين ....! ان سان گڏ سندءِ هاضمو بہ تيز ٿيندو آهي ....!!


خواب نامو

آءٌ پنھنجي ننڊ جي دفتر ۾ سالن کان نيڻن کي قلم بڻائي خواب نامو لکندو رهيو آهيان .... آءٌ خوشنصيب آهيان يا بدنصيب .... پر مون کي ننڊ لاءِ ڪنھن بہ قسم جو دارون نٿو وٺڻو پئي ....! اهو خواب نامو منھنجي جيون جي آخري رات تائين لکبو رهبو .... منھنجي نيڻن جي پٿرائجي وڃڻ تائين....!!

خط ۽ خواب

منھنجين اکين رات هڪ خط تحرير ڪري مون ڏانھن ئي پوسٽ ڪيو .... البتہ صبح ٿيندي ئي منھنجي سجاڳ ٿيڻ سان اهو ننڊ جي بي ايماني ۽ خواب جي نذر ٿي ويو ....!!


ننڊ ۾ ....!

ننڊ ۾ منھنجي ڪھاڻي خواب اُڻي رهيا هئا .... ۽ آءٌ ٽھڪن ۾ روئي رهيو هوس .... ۽ خماريل رات پنھنجي پلئو سان منھنجا لڙڪ اُگهي رهي هئي ....!!


زندگي ....!

زندگي ڪيتري نہ مختصر آهي .... ڄڻ اماوس رات ۾ ڪو کُڙ کٻيتو کِلي .... ۽ پوءِ خاموش ٿي وڃي ....!!
ڪنھن پوپٽ جي گُل ڏانھن اڏام جھڙي زندگي ڪيڏي نہ پر فريب هوندي آهي .... ۽ ڪيڏي نہ دلڪش....! محبوبہ جي نيڻن ۾ پنھنجي نصيب جي ننڊ ڳوليندڙ اُن عاشق جو اوجاڳو بہ تہ زندگي آهي .... جيڪو ڪڏهن بہ پنھنجو انت نہ ٿو لھي سگهي....!!


اڪيلائي ....!

اڪيلائيءَ ۾ هوندي محسوس ٿيندو آهي تہ اسان سان ڪو ڳالھائي رهيو آهي .... کلي رهيو آهي.... پر جڏهن آسپاس ڏسندا آهيون تہ ڪجهہ ناهي هوندو .... خواب بہ ڪجهہ اهڙي ئي طرح جا هوندا آهن ....!! ۽ ان کي ننڊ جي هڪ قسم سان بہ تعبيري سگهجي ٿو.


ڀٽائي!

ڀٽائي! توکي تنھنجي ”جاڳ“ جو قسم تہ تون مون کي پنھنجي هن سٽ جو مفھوم ۽ فلسفو سمجهاءِ! ”سُتا مر سُونھن، ننڊ عبادت انھن جي“.


خواب ۽ هار سينگار

رات منھنجين اکين جي آرسيءَ وٽان ڪو خواب ڦڻي ڏيندي گذريو .... حيرت مان پنھنجو پاڻ کان پُڇي ويٺس: ”ڇا خوابن بہ هاڻ هار سينگار ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي ....؟!“


خواب ۽ کٽاڻ جي بيماري

رات خواب منھنجن نيڻن کي ليما سمجهي انھن مان عرق ڪشيد ڪري رهيا هئا .... تہ ڪنھن حاذق حڪيم کان ٻڌل اِهو جملو ياد اچي ويم تہ ڪڏهن ڪڏهن خوابن کي بہ کٽاڻ جي بيماري ٿي پوندي آهي ....!!“


”صاحب“ ۽ نيم – حڪيم

هڪ ”صاحب“ گوڏن ۾ شديد سُور هئڻ سبب پنھنجي نوڪر کان زور ڏيارائي رهيو هو تہ مٿان اوچتو سندءِ واقفڪار ڪونيم حڪيم اچي وارد ٿيو .... ۽ هُو اهو سڀ ڪجهہ ڏسي ”صاحب،کي مخاطب ٿيندي چوڻ لڳو سائين اسان لائق ڪا خدمت؟“ صاحب چنگهندي کيس وراڻيو : ”اِهو ئي تہ اوهان واري ڪيل اڳوڻي خدمت جو نتيجو آهي .... جو خاص گوڏن جي سور لاءِ نوڪر بيھارڻو پئجي ويو....؟!


اظھار جي آزادي

چون ٿا هن ديس ۾ اظھار جي آزادي ناهي .... پر رات جو دير دير تائين گدڙن جون اُناڙون ۽ ڪُتن جون ڀؤنڪون آخرڪار ڪٿان ٿيون اچن ....؟!


مسجد ڏانھن ....!!

هُو پري کان تسبيح سوريندي مسجد ڏانھن اچي رهيو هو ....! هن کي ايندو ڏسي فرض نماز جي تياريءَ ۾بيٺل نمازي ڏانھس ئي متوجھہ ٿي ويا.... هوُ جڏهن مسجد ۾ داخل ٿيو تہ کانئس هڪ وڏي ڇڪ ڇڏائجي وئي .... تہ مڙني نمازين جا وجود ئي ڪنبي ويا....“ شڪر ٿيو جو خودڪش ڌماڪو نہ هو ....!“ انھن چيو....!

زندگي صاحباڻي گهر ۾ ....!

آءٌ هڪڙو ادنيٰ خادم آهيان .... ۽ صاحب تہ بھرحال صاحب ئي آهي .... بدن ۾ ڀريل .... ٿلھو متارو .... مُنھن ۾ مرداڻي هشمت .... شھپر صفا چٽ .... ۽ ڏاڙهي روز پيو شيو ڪرائي....! نئين شادي، نئون ماحول نئين زندگي نيون خوشيون .... نوان ترانا .... .... نوان احساس .... نيون امنگون .... نيون آرزوئون....! هماليه جبل جي چوٽيءَ تان بيھي ڄڻ زندگيءَ کي پيو ڏسي ....!! ڪير آهي جيڪو ساڻس ڪُلھو ملائي همسريءَ جي هام هڻي....؟! سندءِ دفتر ۾ ڪم ڪار جي سلسلي ۾ ماڻھن جي اچ وڃ، ڪجهہ پيسا ڪجهہ سفارش .... ڪن جا ڪم ٿيندا .... ڪن جا نہ بہ ٿيندا.... ماڻھو کيس گاريون ڏين تہ ڇا.... دعائون ڏين تہ ڇا.... پوءِ بہ صاحباڻي زندگي ....! آءٌ پنھنجي غريباڻي گهر مان پُراڻن لٽن ۾ ٿو .... ٿو.... ڪندو جڏهن صاحباڻي گهر جي دائري ۾ داخل ٿيان .... تہ مزاج ئي بدلجيو وڃيم.... ڄڻ آءٌ ڄائو نپنوئي اهڙي گهر ۾ هجان....!
جنھن ماڻھوءَ جو تازو پرڻجي آيل عورت جي وڌيل اُرهن ۾ اُتساھہ رهيو هوندو.... ان کي ڪنھن مٺي ميوي جي ذائقي جو شديد احساس هوندو ....! منھنجي زندگي صاحب جي گهر جي دائري اندر نئين نويلي عورت جي وڌيل اُرهن جي احساس ۾ ٻڏي تري رهي آهي .... ۽ آءٌ ڄڻ ڪنھن ميوي کي چٻائيندي ان جي ذائقي جي شديد وڻندڙ احساس مان گذري رهيو آهيان .... آءٌ پنھنجي صاحب جو انتھائي شڪر گذار آهيان جنھن مون جھڙي ڪميڻي کي پنھنجو ادنيٰ نوڪر بيھاريو.... نہ تہ هُن کي ڳولا سان ڪو چڱو چوکو نوڪر ملي ٿي سگهيو ....! منھنجي زندگيءَ صاحب جي گهر جي دائري جي اندر بيوقوفيءَ جي حد تائين ڀلي آهي .... جڏهن تہ آءٌ پنھنجي گهر جي دائري اندر داخل ٿيان ٿو تہ اُها ڏاهپ جي حد تائين ڏنگيندڙ لڳي ٿي ....!! اوهان ان بيوقوفي ۽ ڏاهپ جي حد جا ڇيڙها ملايو .... ڏسو تہ ڪھڙو نتيجو ٿو نڪري .... ۽ مون کي ڇڏيو تہ آءٌ اُن صاحباڻي گهر جي سيوا ۽ ان جي ادنيٰ خادم طور پنھنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رهان ....!!

آءٌ ۽ رستو....!!

آءٌ عام رواجي رستو ڏيئي وڃي رهيو هوس ڪنھن منزل ڏانھن ....!! جيتوڻيڪ پوري سڌ نہ هئم تہ منھنجي منزل ڪھڙي ۽ ڪنھن طرف آهي .... ؟! ۽ اها بہ ڄاڻ خيرڪا هئم تہ رستي تي اڳيان ڪيترا خطرناڪ ۽ منجهائيندڙ موڙ اچڻا آهن ....؟!
ٻيا بہ ڪيترائي مسافر هئا جيڪي ان رستي تي محوسفر هئا ....! آءٌ انھن جي احساسن کان قطعي اڻ واقف ئي هوس....!! ۽ هو بہ يقينن منھنجن احساسن کان اڻ ڄاڻ هئا...!! اها ٻي ڳالھہ هئي تہ سندن پيرن ۽ ٽنگن ۾ ڏکندڙ درد شايد منھنجي درد جھڙو ئي هو ....! هنن پنھنجي مسافت ۾ جيڪي درد پاڻي سمجهي پيتا ٿي ....! مون بہ ڪماحقہ اهڙي ئي قسم جا درد پاڻي سمجهي پئي پيتا ....!!
منھنجي ماءُ جڏهن مون لاءِ ٽڪ تي رلي سبي ٿي .... ۽ سندم شادي جي تيارين ۾ هئي تہ کيس ايترو اونو ضرور هو تہ هوءَ ان رليءَ ۾ مون لاءِ سڀ خوشيون دُعا هاڻن ٽوپن ۾ ٽوپي ڇڏي....!!! پر هوءَ پنھنجن احساسن واري رستي تي هلندي ڀٽڪي وڃي ڪنھن ٻئي پار پھتي: قصو ڪجهہ هن طرح هو تہ مون کان اڳ کيس هڪ پوڻيٺيءَ جو پُٽ ٿيو هو.... جنھن جي هو پوڄا ڪندي خدا کي وساري وٺي ....! خدا جنھن رزق جو ذمو کنيو هو .... ۽ رازق هو.... اُن بجاءِ هوءَ پنھنجي پوڻيٺيءَ واري پٽري ۾ سڀ آسون اميدون رکڻ لڳي....!چي : ابا! وڏو ٿي مون لاءِ ڪمائي کڻي ايندين ....! مون لاءِ روزي رزق جو بلو ڪندين ....!! کيس اهو مري ويل پوڻيٺيءَ جو پُٽ ياد اچڻ لڳو .... ۽ سندءِ اکين مان زارو زار پاڻي وهڻ لڳو ....! منھنجي لاءِ ٺھندڙ اُها ٽُڪ تي رلي پوءِ سندءِ من ۾ ڄڻ درد جو درياھہ بڻجي وهڻ لڳي .... ۽ اُن درياھہ ۾ امان غوطا کائيندي منھنجي خوشيءَ کي ماتم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ....!!
آءٌ رستي تان ٿيڙون ٿاٻا کائيندو وڃي رهيو هوس تہ اوچتو رستي جي ڀر ۾ هڪ قبر تي نگاھہ پيم .... ۽ ڪتبي تي منھنجو نالو .... آءٌ جيڪو واپس ورڻو نہ هوس ....!!!

هاءِ! منھنجو دوست....!!

اُهو دشمن – جنھن کان آءٌ ڪنبندي وونءَ ٿي ويس – سڌ ئي نہ هئم تہ اهوئي منھنجي دلي دوست جو ميزبان بڻجي سندءِ آڌر-ڀاءَ ۾ ڪا ڪسر ڪونہ ڇڏيندو ....!!
ڪي اڻ ٿيڻيون، ٿيڻين جي کاتي ۾ هليون وينديون آهن تہ وري ڪي ٿيڻيون، اڻ ٿيڻين ۾ ....! – اوچتو هڪ اهڙو گهنڊ وڄڻو هو جنھن لاءِ البتہ سماعتون تيار نہ هيون ....!!
ڪيترن ڏينھن کان ڪن مصروفيتن ۾ دوست پاران اچڻ جو ٻڌايل پروگرام رڳو ان ڪري ئي وسري وڃڻو هو .... جو دشمن جي تيز تيز ۽ ڳاڙهين اکين مان ويجهڙائيءَ ۾ مون عجيب لقاءَ ۽ ارادا محسوس ڪري ورتا هئا.... ۽ اهو اندازو لڳائڻ بخوبي آسان هو تہ ويجهي وقت ۾ ڇا ڇا نہ ٿي گذرڻو آهي ....؟! پر پوءِ بہ منھنجون مصروفيتون هيون .... جيڪي نہ رڳو عزيز .... پر جاري ساري هيون ....!!
مون کي جڏهن ڪن ماڻھن ٻڌايو تہ تنھنجو دلي دوست ٻين درن تي وتو دعوتون کائي ....!! اهو ٻڌي هيڪار تہ حيران ٿي ويس .... ! پر پوءِ ٿڌي دماغ سان ويھي ان تي ويچاريم .... تہ ذهن چيو .... اُن ۾بہ ڪا مصلحت هوندي.... ؟ آئون اهڙي قسم جي سوچن ۾ هوس تہ ڪنھن با اعتماد ساٿي اچي ڪن ۾ ڀُڻڪو ڪيو: ”هاڻ توکي بہ ميزبان ٿيڻ کپي ....! ”مون وراڻيو: ”پر ڪنھن جو....!“ چيائين“ ان شخص جو .... جنھن تنھنجي دوست جي مھماني جهلي....!!“آءٌ تہ پاڻي پاڻي ٿي ويس اهڙي تجويز تي ....!! هُو وري بہ چوڻ لڳو : ” هاڻ توکي بہ ميزبان ٿيڻ کپي ....!“ هن پاران ساڳيو ئي جملو ٻہ ڀيرا ورجائڻ تي .... منھنجي دل جي ڌڪ .... ڌڪ .... وڌڻ لڳي هئي .... منھنجي اندر مان اهو جملو موٽ کائي منھنجي چپن ۾ خاموش .... خاموش .... ڦٿڪڻ لڳو : ” مون کي بہ ميزبان ٿيڻ کپي .... مون کي بہ ميزبان ٿيڻ کپي .... مون کي بہ ميزبان ٿيڻ کپي “ ۽ پوءِ منھنجين اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهڻ لڳا .... ”هاءِ منھنجو دوست .... هاءِ منھنجو دشمن ....!!!“

بگ بئنگ Big- Bang

چؤطرف چپ – چپات هئي – ڄڻ خاموش عبادت جو ماحول هو. آءٌ پنھنجي بستر نما محل ۾ اڌ جاڳ ” اڌ ننڊ ۾ هوس خدا ستين آسمان تي ٻراجمان ڄڻ پنھنجن فرشتن سان محو گفتگو هو. ڪو سنجيده موضوع ڄڻ سندن گفتگوءَ جي محور ۾ هو. فرشتا ماڻھن جي ننڊ تي سوچي رهيا هئا ننڊ جيڪا فطري هئي ۽ قدرت طرفان کين تحفي طور، عطا ڪئي وئي هئي اها ٻي ڳالھہ هئي تہ ڌرتيءَ تي ڪن ماڻھن کي ڪا نہ ڪا گوري کائڻ سان ئي ننڊ ٿي آئي ....!
ننڊ جنھن کي لطيف عبادت سان ڀيٽيو هو:
” سُتا مر سونھن، ننڊ عبادت انھن جي“
آءٌ اڌ ننڊ ۽ اڌ جاڳ واري ڪيفيت ۾ ئي هوس جو محسوس ٿيم تہ ڪو هٿياربند شخص منھنجي بستري – نما محل مٿان بيھي منھنجو نشانو وٺي رهيو هو .... ! آءٌ ان ويل دل جي ڌڪ ڌڪ سان اڳئين ۽ پاسي واري کيسي ۾ هٿ هڻي غريبيءَ جو استعارو بڻجي رهيو هوس ....!
ڏينھن جو مون ڪنھن اخبار مان وڇون ڌاڙيل جي واردات متعلق خبر پڙهي هئي. اها جو ياد آيم تہ ڀانيم وڇون ڌاڙيل مون مٿان هٿيار تاڻي بيٺو آهي....! آءٌ هاڻ پنھنجي ليکي پنھنجي بستر نما محل سميت زلزلي جي زد ۾ هوس تہ اوچتو وڏو ڌماڪو Big Bang ٿيو....! ڌماڪي سان ئي منھنجي سجاڳيءَ جي مڪمل ڪائنات وجود ۾ اچي وئي ....!! امبر ڏانھن اکيون کڄيون تہ ڏٺم منھنجي مٿان آڪاس ۾ ستارن جي سٿ ۾ هڪ ڀٽون (وڇون) چمڪي رهيو هو....!!!

هڪ ڀيانڪ خواب جي پڄاڻي!

هُن جي سُڏڪي مان زندگيءَ جي شڪست جھڙو ٽھڪ اڀريو ... تہ حيران ٿي ويس....! اڳ تہ هن حوصلي واريون ڳالھيون ٿي ڪيون ... ۽ اڄ ....
هن ڇا ٿي چوڻ چاهيو موبائيل فون تي ....؟- ۽ ڇاچئي ويو هو ....؟- هن جي آواز ۾ اڳ اهڙي ڪنبڻي ۽ خوف تہ مون ڪڏهن بہ محسوس نہ ڪيو هو....! اڳ هُو ڳالھائيندو هو تہ مون کي هزارين حوصلا ملندا هئا ....! پر هاڻ انھن حوصلن تي بہ خزائون اچي رهيون آهن ....! خزائون – جيڪي بهارُن جون قاتل هونديون آهن ....! خزائون جيڪي اکين جي آڪاس ۾ آگم آڻينديون آهن ۽ منھنجي اکين جو اڪاس آگم آگم بڻجي رهيو هو .... دل ۽ دماغ کي يقين ئي نہ پئي آيو. تہ هُو ايئن غير رواجي نموني ڳالھائي سرير تي سوڳواريءَ جا ستر پوش اوڍائي سگهي ٿو. ”آءٌ انتھائي اونھي پاتال ۾ ڪري رهيو آهيان .... ڌرتي جي گرھہ کان گهڻو گهڻو هيٺ ٻي ڪنھن ڌرتيءَ تي پھچي رهيو آهيان ....! توکي يقين اچي يا نہ ....! پر هيءَ حقيقت آهي .... ۽ ڪي حقيقتون، آويساهيءَ ۾ وڙهنديون آهن. آءٌ جنھن ٻي ڌرتيءَ (گرھہ) تي پھتو آهيان .... اتان پاڻ واري اصلي ڌرتيءَ جو هيٺياهون پاسو آڪاس جھڙو آهي .... ان ۾ تارا ٽمڪي رهيا آهن .... پريان هڪ چنڊ چمڪڻ جا سانبها بہ ڪري رهيو آهي ....! هتي جا واسي ٻڌائي رهيا آهن تہ هن آڪاس ۾ هڪ وڏو چمڪندڙ گرھہ سج بہ هئو. جيڪو ڪروڙين سال اڳ گم ٿيو تہ وري نظر ئي نہ آيو....! ۽ اهو بہ ٻڌائي رهيا آهن تہ هتي ” موت“ جھڙي ڪابہ شيءِ نہ آهي – رڳو زندگي ئي زندگي آهي ....!! زندگي بہ ڊڀن جي وجود جھڙي .... جو کيس هٿ لائجن تہ هٿ زخمجن .... جي پير لائجن تہ پير زخمجن ....!! ”زخمن جي ڳالھہ ڪندي هن جي سُڏڪي مان وري بہ زندگيءَ جي شڪست جھڙو هڪ ٽھڪ اڀريو ....!!!
حيرانيءَ ۽ ڏک جي گڏيل سڏيل ڪيفيتن ۾ منھنجن سماعتن تي سندم پٽ جي آواز جو پڙاڏو ٿيو . “ بابا او بابا اوهان وارو دوست روڊ حادثي ۾ گذاري ويو ....!!!“
موبائل هٿن مان ڇڏائي وڃي فرش سان لڳي ڦھڪي سان اوچتو اکيون بہ کلي ويم.... تيستائين ڀيانڪ خواب بہ اکين وارو ٻنڀو لنگهي رفو چڪر ٿي چڪو هو ....!

صدا ....!!

هُو شھر جي چؤواٽي تي ويٺو موت جي صدا هڻي رهيو هو .... پھرينءَ نظر ۾ ڏسڻ سان هوُ هڪ اهڙو ماڻھو ٿي لڳو جيڪو ڪنھن بيگار ڪئمپ مان رات جي ستارن جي جهيڻي روشنيءَ ۾ وجهہ وٺي ڪٿان ڀڄي نڪتو هجي .... هن جي پيرن ۾ جيتوڻيڪ زخم هئا پر عام ماڻھو انھن کان بي خبر هئا اها بي خبرائي اڳتي هلي باخبرائيءَ ۾ بدلجي پئي سگهي پر ڪنھن کي ڪھڙي لاچار هئي اهڙو سراغ لڳائڻ جي هن جي وڌي ويل ڏاڙهيءَ ۾ بہ ماڻھن کي گمان ڪرڻ جي گهرج نہ هئي تہ ان ۾ جيون ۽ مٽيءَ مر ايتري ٿي وئي هوندي جو صديون ويھي صابڻ سان مَلجي تہ هوند اها اڇي اجري نہ ٿي سگهي.
شھر جي ان چؤواٽي تان جتي هُو ويھي اهڙي صدا هڻي رهيو شھرين لاءِ اهو نت نئون تجربو هو. شھرين کان اڪثر ڪري تہ اڳ ڪي نہ ڪي غريب اٻوجهہ پينو فقير پئسي ڏوڪڙ، ڪپڙي لٽي، ماني ٻوڙ جي صدا هڻندا هئا. پر هي هو جيڪو سندن ڌيان رواجي شين جي ابتڙ هڪ اهڙي شيءَ ڏانھن ڇڪائي رهيو هو جيڪا بظاهر سندن وس ۾ نہ هئي .... هڪ مٿي ڦريل ماڻھو ان چؤواٽي تان لنگهندي جڏهن سندس اها صدا سُڻي تہ هيڪر هو حيران رهجي ويو ” تہ مار ڀڻسان ان، اٽي، لٽي ۽ ٻين کاڌي جي شين جو تہ ڏڪار گهڻو ئي هِتي يا هُتي ٻڌوسون پر هي موت جو .... ” هن ان سَين هڻندڙ کي هڪ ڀيرو ٻيھر غور سان چتائي ڏٺو : کنڊريل وارن سان سندءِ چھرو کيس ڪنھن بريڪنگ نيوز جيان ڄڻ اتاولو اتاولو محسوس ٿيو .... مٿي ڦريل ماڻھو جي من ۾ هيڪر سوچ آئي تہ ڪو ٺڪر ڀتر هٿ ۾ ڪري کيس اهڙو هڻجي جو صدين جا سور ڇڏائجي وڃنس. ڪميڻو ڪٿان جو هليو آهي موت جي صدا هڻڻ .... کيس شايد خبر نہ آهي تہ مُنھن گهريو موت ڪٿي ملندوئي ڪونھي پر پوءِ اهو مٿي ڦريل ماڻھو پاڻ تي ضبط ڪندي اڳتي نڪري ويو ....
زندگيءَ جي ٻين عام گذر گاهن تي مڙئي گهٽ البت چوواٽن ۽ چوسولن تي ماڻھن جي پيھہ پيھان لڳي پئي هوندي آهي هر قسم ۽ هر سوچ توڙي لاڙي جا ماڻھو اتان اڪثر ڪري گذرندا ئي رهندا آهن. انھن گذرندڙ لوڪن مان ئي ڪن ۾ شايد اهڙي سوچ ملي پئي سگهي .... جيڪا هن سين هڻندڙ جي سوچ جي همنوا لڳندي هجي.
هڪ ڊاڪٽر جيڪو اتان لنگهي رهيو هو کيس ڏسندي ۽ ان جي صدا ٻڌندي جهٽڪي سان ئي بيھي رهيو ڄڻ بجليءَ جو اوچتو شاڪ لڳو هجيس. کيس هيڪر محسوس ٿيو تہ اهو ماڻھو سندءِ ڪلينڪ جو سويپر آهي پر پوءِ منھن مھانڊي مان کيس اهو ڪو اجنبي ئي ڀاسيو؟ ڊاڪٽر پنھنجي سوچ جي اکڙيل ڏوريءَ کي ويڙهيندي اڳتي وڌڻ لڳو .... پر اها ڏور ويڙهجڻ بدران ويتر وڌيڪ کُلي سندءِ احساسن جي پيرن ۾ وچڙي رهي هئي : ” موت جي سين هڻڻ وارو شخص شايد اهوئي هجي جنھن جو پٽ بيمار هو ۽ منھنجي ڪلينڪ تي پٽس کي ائين تہ اُتا ولائي مان کڻي آيو هو جو کيس يقين هو تہ آءٌ ئي واحد ڊاڪٽر هوس جو سندءِ پٽ کي بچائي ٿي سگهيس نہ .... نہ.... آءٌ ڀليو آهيان .... هي اهو شخص نہ ٿو ٿي سگهي .... هُو تہ حوصلي وارو شخص تي ڏٺاڻو .... پٽس جي بي هوشيءَ ۾ بہ هُو پنھنجا هوش هواس سالم رکيو ويٺو هو ۽ هي .... هي تہ موت جي صدا هڻي ڪيترن ٻين ماڻھن کي زندگيءَ کان مايوس ڪري رهيو آهي ....
وري ڪنھن لمحي اتان هڪ اهڙو شخص بہ اچي لانگهائو ٿيو جنھن جو مڪمل ڌيان هن شخص ڏانھن ئي مڙي ويو ۽ هن کي ڏسندي ڪي پل هُو شخص پنھنجو پاڻ وڃائي ويٺو هو ۽ کيس ائين بہ لڳو هو اهو شخص ڄڻ هوپاڻ ئي آهي جيڪو شھرجي چؤواٽي تي ويھي موت جي صدا بلند ڪري رهيو آهي جيڪو ماڻھو موبائل فون واري ٽاور جي چوٽيءَ تان ڪري مري نہ سگهي تہ ان ماڻھو لاءِ افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. اهو آءٌ ئي هوس ۽ هاڻ چوواٽي تي ويھي موت لاءِ سين نہ هڻان تہ ڀلا ٻيو ڇا ڪريان ....؟!!! گهر جي چار ديواري اندر سڪون جي زندگيءَ جي تلاش ڇا بي معنيٰ هئي....؟! پنھنجن گلن جھڙن ٻارڙن جي وجود ۾ پنھنجي آشائن ۽ اميد جو سبز باغ تلاشڻ ڇا منھنجي غلطي هئي؟! سماج جيتوڻيڪ مون کي سوين سور ڏنا هئا پر پوءِ بہ آءٌ ان سان سنئين مُنھن هليو هوس. اهي ٻار جن ۾ مون پنھنجي آشائن ۽ اميد جا سبز باغ تلاشيا هئا انھن لاءِ منھنجي سوسائٽي ۽ سماج ڇا ڪيو هو. انھن جي تعليم ۽ تربيت مون سان گڏ سماج تي بہ عائد هئي. آءٌ اهڙي قسم جون ستم ظريفيون ڄڻ موبائل ٽاور جي چوٽيءَ تان بيھي محسوس ڪري رهيو هوس ۽ پوءِ بنھہ مايوس ٿي مون اتان ٽپ ڏنو هو. مرڻ جي خواهش هوندي بہ مري نہ سگهيو هوس ۽ هاڻي چوواٽي تي ويھي موت جي صدا هڻي رهيو آهيان. “ هن اهو سوچيندي ڪنڌ کي جهٽڪو ڏنو تہ پنھنجي ئي آپي ۾ اچي ويو .... ۽ پريان ڏٺائين تہ اهو شخص ساڳي ئي ڌن ۾ مگن هو.
هواجون لھرون وقفي وقفي سان ڌوڙ اڏائي اچي ان صدا هڻندڙ جي وجود تي وار ڪري رهيون هيون. موٽر گاڏيون رڪشا، گڏھہ گاڏا ۽ ٻي ٽرئفڪ ڌار ڌوڙ اڏائڻ جو سبب بنجي رهي هئي.
هڪ پڙهيل لکيل شخص کي سندءِ ڪنھن دوست وڃي ٻڌايو تہ شھرجي اهم چوڪ وٽ ڪو شخص ڪيتري عرصي کان موت جي صدا هڻي رهيو آهي. پر هن شھر جا ماڻھو ايترو تہ بي حس آهن جو ڏانھس ڪوبہ سنجيدگيءَ سان توجھہ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي : اهو ٻڌندي اُن پڙهيل ڳڙهيل شخص کي پنھنجي ڪنھن ڪھاڻي جو هڪ ڪردار ياد اچڻ لڳو .... جيڪو ڪيترو عرصو ڪھاڻيءَ واري شاهراھہ تي هلندي اچانڪ ڪنھن موڙ تي گم ٿي ويو هو. هن شخص ڪافي ڪوشش ڪئي هئي تہ اهو وڃائجي ويل ڪردار من ڪٿان نروار ٿي پوي .... پر سندءِ سڀ جُھد ۽ ڪشالا وئرٿ ٿي ويا هئا. هن کي ياد آيو تہ سندءِ ڪھاڻيءَ وارو اهو ڪردار جيتوڻيڪ هئو شڪل شبيھہ ۾ ڪوجهو پر گڻوان ضرور هئو.... ڪھاڻيءَ جي شاهراه تي هلندي هن نہ رڳو پاڻ ٺاهيو پر ٻيا ڪيترائي ضمني ڪردار هن جا ئي مرهون منت رهيا.“ هو اهو سوچيندي تڪڙيون وکون کڻندو چوسول ڏانھن وڌڻ لڳو جتي سندءِ ڪھاڻي وارو ڪردار ڄڻ ماڻھن کي موت جي صدا هڻي رهيو هو .... هُو ڏانھس جيئن ئي وک وڌائي رهيو هو تہ هڪ نئين سوچ واري اجنبي زنجير سندءِ احساسن جي قدمن ۾ الجهي رهي هئي .... هُو هلندي هلندي هاڻ ان شخص جي مٿان اچي بيٺو هو. هن جي حالت ڏسندي ئي ڪھاڻيڪار ڪنبي ويو .... سندءِ وجود ۾ ڄڻ سردي داخل ٿي وئي هجي .... درد جي شدت سبب سندءِ اکين مان لڙڪن جو آبشار اٿلڻ لڳو.... پاسي واري کيسي مان هن پنھنجو ٽشو پيپر ڪڍي لڙڪ سڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي .... هُو پوءِ پنھنجو اهو ٽشو پيپر صدا هڻندڙ جي سرير تي گهمائي ان جي وجود تي ڄمي ويل ڌوڙ دز ۽ مٽيءَ کي صاف ڪرڻ لڳو ڪردار جي چپن تي اڃا بہ موت جي خواهش ۾ ڦٿڪندڙ لفظ هئا پر اهي هاڻ ايترو بلند نہ هئا جيترو ان کان اڳ هئا. چوواٽي تان ايندڙ ويندڙ هر ماڻھوءَ جي اک ڄڻ هاڻ ڪھاڻيڪار ۽ ڪردار ۾ ئي کتل هئي جن هڪ ٻئي کي سھڻي ميھار ۽ ليليٰ مجنون وانگر سڃاڻي ورتو هو ۽ هڪ نئين جھان جي جاچنا لاءِ پنھنجي ڪمر ڪشي رهيا هئا. موت جي صدا هڻندڙ ڪردار جي چپن تي هاڻ زندگيءَ جي مرڪ اچي وئي هئي. ان ئي سمي ڪھاڻيڪار پنھنجي پاسي واري کيسي مان ڪاڳر ۽ قلم ڪڍي ڪجهہ لکيو ۽ .... موت جي صدا هڻندڙ ڪردار پوءِ اوچتو ئي اوچتو غائب ٿي ويو هو.
عام ماڻھن جي خيال ۾ هُو موت سان وڃي ڀاڪر پائي مليو هوندو .... پر ڪھاڻيڪار هن کي اصلي جيئندان ڏئي پنھنجي ڪھاڻي توڙي پنھنجي جيون جو حصو بنائي ڇڏيو هو. ان ڪردار جي رئڻ سان ڪھاڻيڪار بہ روئي سگهيو ٿي پر ان جي کلڻ سان زندگيءَ ڄڻ هڪ نئين سنوت وٺي بيٺي هئي جنھن زندگيءَ کي ڪٿان بہ ڪنھن موت جي صدا هڻڻ جي گهرج نہ رهي هئي.

هڪ صبح جي ڪھاڻي ....!!

اِن کان اڳي جو آئون اوهان ۽ هنن وڻن ٽڻن، برن باغيچن، درن، ديوارن، پکين، سمنڊن، ڍنڍن، ڍورن، جبلن ٽڪرين شھرن جي روڊن رستن،ڳوٺن جي پٽن پيچرن، جهوپڙين لانڍين، محلن ماڙين، ميل فيميل ڪلبن ۽ ٻين شين سان هڪ صبح جي ڪھاڻي شيئر ڪريان. پر مون کي الائي تہ ڇو يقين آهي تہ اها ڪھاڻي رات ۽ رات جي ڪاري وجود کان پنھنجي شروعات چاهي ٿي رات جيڪا رعنائي ۽ حسن بہ رکي ٿي ستارن جو فراڪ پھريل اها رات ڪڏهن ڪڏهن چانڊوڪيءَ جو چولو بہ پائي ٿي وٺي ۽ جمالياتي حس رکندڙن کي حيران ڪرڻ لاءِ هر جتن ڪري ٿي ۽ اهڙا جتن هُوءَ ان لاءِ بہ ڪري ٿي تہ جيئن ماڻھو پنھنجا مڙئي خواب وٽس ئي گروي رکي ڇڏين .... رات ڏينڀو جيان ڏنگي بہ ٿي تہ ڪن ماڻھن جي مٿن تي ڪنھن مھربان ماءُ وانگر هٿ بہ رکي ٿي ان ئي رات ۾ ڪڏهن ستارا پنھنجي سموري سونھن وڃائي ويھندا آهن ۽ ان ئي رات جون چانڊوڪيون ڪڏهن ڪاراٽجي وينديون آهن ....!
رياست جو قانون جنھن ۾ اجري صبح جي دلفريب نويد هوندي آهي سو رات جو همنوا بنجي بيھندو آهي ۽ اوهان ۽ اسان سڀ پنھنجن گهرن جي چار ديواري اندر سڪون جي ننڊ سمھي نہ سگهندا آهيون اکين جي آڪاس ۾ امن آشائن جا اڇا ڪبوتر اڏامندي ئي ساھہ ڏئي ويندا آهن نہ رڳو ايترو پر ان رات ۾ وڏا وڏا بازيگر پيدا ٿيندا آهن.... جن زندگيءَ لاءِ پوءِ ڪڏهن بہ ڪا بازي هارائي نہ هوندي آهي اهي رياست جي قائدي قانون توڙي ٻي هر شيءَ کي شڪست ڏيندا آهن. اهي محفلن جا اهڙا تہ مور هوندا آهن جو هوند انھن بنان محفلون ئي ٻسيون ٻسيون رهجي وڃن. اهي هونئن تہ ڪيترائي ڪم ڪري سگهندا آهن ۽ انھن تاريخ ۾ اهڙا ڪافي ڪم ڪيا بہ آهن جن جي ڪري هُو هر وقت ۽ هر دم ياد رکيا پيا وڃن ۽ اڳتي لاءِ بہ ياد رکيا ويندا .... پر هنن جو وڏو ”ڪارنامو“ رات جي رعنائي ۽ حسن ۾ ويتر وڌ اضافو ڪرڻ آهي تہ جيئن ماڻھو موهجي ان رات سان گڏجي رقص ڪن! ڪھڙو اڀاڳو چاهيندو تہ اهڙي رات سان رقص نہ ڪري؟! ۽ ڪھڙو سڀاڳو پوءِ چاهيندو تہ ان رات کان پوءِ ڪو سونھاڻو صبح بہ ٿئي؟!
اهي بازيگر ڊاڪٽرن جي روپ ۾ عام ماڻھن جي مسيحائي ڪندي بہ ڏسبا آهن تہ جيئن سندن مرض جي تشخيص ڪري ان لاءِ ڪو مناسب مرهم تجويز ڪري سگهن اها ٻي ڳالھہ آهي تہ انھن جي ئي تجويز ڪيل دوا سان مرڳو سندن مرض ڏينھون ڏينھن وڌندو ئي وڃي ۽ نيٺ وڃي مريضن جو موت واقعي ٿئي.
اهي اٽڪلي بازيگر ڪيتريون ئي اٽڪلون ڄاڻندا آهن ۽ ائين معاشري جي برک حڪيمن جي حڪمت بہ سندن اڳيان هيچ بڻجي پوندي آهي ٻن آڱرين جي ٺڪاءُ سان هُو ماڻھن کي پاڻ ڏانھن متوجھہ ڪري سگهندا آهن. هو هن ڳالھہ ۾ اڃا بہ وڌيڪ داناءُ آهن جو هو ماڻھن کي پنھنجو ديوانو بنائي ڇڏيندا آهن. سندن باري ۾ جيڪڏهن ڪو شخص گٿو لفظ ڪڍندو تہ ماڻھو کيس مارڻ لاءِ تيار ٿي ويندا ....!!
هُو فٽ پاٿ تي ويٺل گداگرن جي تريءَ تي ڪجهہ ڏوڪڙ رکڻ ڪاڻ پنھنجي گاڏيءَ مان لھندي بہ دير نہ ڪندا آهن، اهو سڀ ڪجهہ ڪندي هو عام ماڻھن جي نظر ۾ وڏا سخي محسوس ٿيندا آهن هونئن بہ هنن جون سخاوتون ڪي لڪل تہ ڪونھن! سندن گاڏي جو ڊرائيور ڪڏهن ڪو اتفاقي حادثو ڪري اچي تہ زخمي ٿيل يا مري ويل جي پونيرن وٽ همدردي ۽ عذر خواهيءَ لاءِ اصل نہ مڙندا ۽ پونيرن جي کيسي ۾ ڪجهہ ڏوڪڙ بہ وجهي پوءِ ورندا .... اِن سان سندن اميج اڃا بہ وڌيڪ اتساهڪ ۽ معاشري لاءِ مثال بنجيو وڃي ۽ ان کان بہ وڌ هُو همدرد انسانن جي روپ ۾ اڳيان اچيو وڃن!!
ميڊيا تہ هونئن بہ سندن محبت جي سڳي ۾ سوريل ئي هوندي آهي اها ڇو ڀلا ساڻن لاڳاپيل معاملن ۾ مداخلت ڪندي؟ ۽ ننڍين خبرن کي وڏو ڪري پيش ڪندي .... ها! البتہ ايترو ضرور آهي تہ ميڊيا جو جتي بہ پنھنجو فوري مفاد هوندو تہ پوءِ ”ڪک ڪانا“ هڪ ننڍي خبر کي وڏي بڻايل خبر واري تيليءَ مان ڀـڀڙ بڻجي ڀڙڪي اٿندا....!!
اهي بازيگر تعليمي ادارن جي طالبن ۾ ڪا وڏي طمع نہ رکندا آهن.... پر سندن لاءِ اها ڳالھہ اهم ۽ بنھہ نظر انداز ڪرڻ جھڙي نہ آهي تہ هُو انھن جي ڊسپيلين ۽ نظم وضبط ۾ پنھنجو اثر رسوخ ضرور چاهيندا آهن. اهو ضروري ناهي تہ سندن اولاد ان ڊسپيلين ۽ نظم و ضبط جو حصو هجي!هُو ساڃاھہ وارا اهڙا سڄڻ آهن جو ڄاڻي واڻي پنھنجي ئي ملڪ جي تعليمي ادارن ۾ پنھنجي اولاد جي داخلا نہ ڪرائيندا آهن.
هو غريبن جي اولاد جا تہ وڏا هڏ ڏوکي هوندا آهن هُو نہ ٿا چاهين تہ غريبن جا ٻار در در جا ڌڪا کائين جهوپڙي نُما اسڪولن يا وڌ ۾ وڌ ڪاليج يا يونيورسٽين تائين ڪي ريڙهيون پائي مس پھچن ....! ڪنھن غريب جو ڪو هٺيلو ٻار شعور جي ڪا چڻنگ جاڳڻ ڪري هرو ڀرو بہ اعليٰ تعليم جي حاصلات لاءِ سندرو ٻڌي بيھي تہ اهڙن شاگردن لاءِ هُو اسڪالرشپن جي انتظام ۾ جنبي ويندا آهن) اهڙي ريت هُو معاشري ۾ صفا اوندھہ بہ نہ ٿا چاهين .... کين اها سُڌ بخوبي هوندي آهي تہ ”صفا راند سونٽي جي“ سدائين هلڻي ڪانھي .... ۽ ٻيو تہ هُو پنھنجن خود ساختہ قدرن ۾هڪ قسم جو توازن بہ چاهيندا آهن تہ جيئن سماج ۾ سندن اصل ڪردار جي وائکائي نہ ٿي وڃي!!
هُو غريب غربي جي نياڻيءَ جي شاديءَ جي سلسلي ۾ بہ ڪڏهن ڪڏهن ڏاج وغيرہ جي مدد ڪري انسان ۽ سماج دوستي جو ثبوت ڏيندا آهن. اهڙا بازيگر خيراتي اسپتالن، اين جي اوز ۽ ٻين مخير ادارن جا زبردست سرپرست ٿي بيھندا آهن. هُو بيمار اديبن ۽ صحافين جي علالت ۾ وڃي نہ رڳو دلجوئي ڪندا آهن پر رياست پاران اديبن ۽ صحافين لاءِ ٺاهيل ٽرسٽن پاران انھن جي ترت امداد ڪرائڻ ۾ دير ئي نہ ڪندا آهن ڇاڪاڻ تہ کين اديبن ۽ صحافين جي قلم جي طاقت جي چڱي پر ڄاڻ هوندي آهي ....!
هُو مسجدن، مندرن، گرجا گهرن ۽ ٻين عبادتگاهن ۾ وڃي وڏيون عبادتون ڪندا آهن. عام ماڻھو کين عبادتن ۾ محو ڏسي حيران ٿي ويندا آهن، هونئن سندن مٿي بيان ٿيل مشغوليون بہ تہ عبادت ۾ ئي شمار هونديون آهن، ڇاڪاڻ تہ خدا جي خلق خدمت کان نہ ڀانيان بندگي بهتر جھڙي چوڻي کان هُو بخوبي آگاھہ هوندا آهن پر پوءِ بہ الائجي تہ ڇو هُو مطمئن نظر نہ ايندا آهن!! هُو بازيگر پنھنجن گهر وارين جا ٻين عام ماڻھن وانگر جيتوڻيڪ مجازي خدا هوندا آهن پر پوءِ بہ هو هر معاملي ۾ ڪوشش ڪري انھن کي اونداھہ ۾ رکڻ جو عاليشان ڪارنامو سرانجام ڏيندا رهندا آهن. بلڪہ هُو هر شيءِ کي ويندي ماڻھوءَ جي شعور کي بہ چٽو ڏسڻ جا هرو ڀرو مطمني نہ هوندا آهن .... اهڙي ريت اها رات جاري رهندي آهي جنھن کان هڪ ڪھاڻي شروع ٿي صبح تائين پھچڻ گهرندي آهي پرپھچي نہ سگهندي آهي ۽ بازيگرن جي بازي ۽ اٽڪل جاري ئي رهندي آهي!!

پکي اُڏاڻو

نيري آسماني قميص ۽ اڇي سلوار ۾ هُو اسپتال جي پارڪ واري پٿر جي بئنچ تي اولھہ طرف ائين مُنھن ڪري ويٺو هو ڄڻ گوتم واري گيان ۾ هجي ! سج جيڪو پنھنجا سونھري ڪرڻا ڌرتيءَ تي پٿاري، هاڻ ڳاٽ اوچو ڪري بيٺل جبلن جي هُن پرار پاڻ وڃائڻ جي تيارين ۾ هو ۽ هيڏانھن هُن کي محسوس ٿي رهيو هو تہ هُو بہ پاڻ وڃائجي رهيو آهي! وڃائجڻ جي بہ هڪ معنيٰ تہ نہ هوندي آهي .... ماڻھو ڪيترن ئي حوالن ۾ وڃائجي سگهي ٿو .... ڪيترا سال اڳ هُو ماڻھن جي ميڙ ۾ وڃائجي ويو هو! ماڻھو جن جي چپن تي مرڪ تہ هئي، پر اها ڪنھن پکي جي کنڀن جيان ڄڻ کوهيل هئي انھن جي مُنھن ۾ ڪنگي ڪٽ سونھاري بہ هئي جنھن مٿان شھپرن جو ڇٽ بہ هئو! پر الائجي تہ ڇو کيس سوچ ايندي هئي تہ اهي ماڻھو بنا وارن جي نہ پيدا ٿين ها تہ جيڪر سٺو هو ....تڏهن هن جي سوچ منطق جي خلاف سفر ۾ هوندي هئي! هن هڪ وينگس کي ڀري بازار ۾ ناچ ڪندي ڏٺو هو تہ هيڪاري وجد ۾ اچي ويو هئو ۽ پاڻ بہ نچڻ شروع ٿي ويو هو .... جيتوڻيڪ زندگي ۾ هن ڪڏهن بہ نچڻ واري خواهش نہ پالي هئي ڇير جي ڇم ڇم کان ٽهڻ وارو ماڻھو ڪنھن پير جي پايل ۾ پاڻ وڃائي ويٺو هو!!
سج ڏانھن ڏسندي هُن کي لڳو ڄڻ ڪو زخمي سپاهي ڪنھن ڇانوَ جي تلاش ۾ آهي اهو ئي سج ڪيترين زندگين جي راھہ ۾ روشني وڇائي ٿو تہ ڪيترين لاءِ اونداه جو آشيانو بڻجي اچي ٿو ۽ پوءِ اونداھہ جا رازدان چمڙا زندگيءَ جي گلشن جي سونھن لُٽي وڃن ٿا، هُن کيسي مان آرسي ڪڍي پنھنجو چھرو ڏٺو .... کيس لڳو تہ ان چھري ۾ اهڙا هزارين بلڪہ لکين سج طلوع ٿي لھي ويا هئا ايئن هن کي ڪيترائي سج ياد آيا. جيڪي سندءِ جيون جي افق تي اڀري اُلھي ويا هئا. انھن سجن مان هرهڪ سج جي پنھنجي اهميت هئي .... هُو جڏهن ڄميو هئو ۽ زندگي جي پھرين گهنٽي سندس سماعتن ۾ گونجي هئي تہ ان ڏينھن وارو سج ڪو ٻيو سج هو .... هُو بظاهر تہ رُنو هو پر اندر ۾ هڪ لاشعوري دٻيل خواهش هوس .... زندگيءَ وارو پکي پالڻ جي ۽ اُن سان وندرڻ جي! زندگيءَ واري پکي کي هُن چاھہ مان ڪيترائي چوڳا وڌا ....اُن هوندي بہ جو موت شڪاريءَ کي هن ڪيترائي دفعا تير ڪمان ۾ ڪشيندي ڏٺو هئو .... پر هن کي سُڌ هئي تہ ڪي ڪي خواهشون خطرا کڻي بہ پورڻتا ڏانھن سفر ڪنديون آهن.
سج جو ڳچ حصو هاڻي ڏسندي ئي ڏسندي جبل جي اوٽ ۾ هليو ويو هئو. هن اهو منظر ڏسندي هڪ وڏو ڇرڪ ڀريو .... ۽ آسپاس ايئن ڏٺائين ڄڻ ڪا قيمتي شيءَ کانئس گم ٿي رهي هئي. هن وري سج ڏانھن مايوس نگاھہ سان ڏٺو .... تہ هڪ ڪرڻو سندءِ اکين ۾ چمڪيو! هُن کي محسوس ٿيو تہ اهو سندس پٽ اشتياق ساڻس مرڪي رهيو آهي.... پوءِ هن جي چپن تي مرڪ ڦھلجي وئي، پراهڙي نہ جھڙي سچ پچ بہ زندگيءَ جي هوندي آهي. اشتياق ڪيڏو نہ حسين ۽ سھڻو هئو، پر هُن جي زندگي ڪيتري نہ مختصر هئي .... ايتري مختصر جيترو فاصلو ماءُ جي هنج کان چپن وچ ۾ هوندو آهي!! جڏهن اشتياق کانئس وڇڙيو هو تہ سندءِ زندگيءَ وارو پکي چوڳو چُڳڻ ڇڏي وڃي ڪنھن ويران وڻ تي ويٺو هئو.... جتي ڪنھن آکيري جو اهڃاڻ بہ نہ هو اُن ويران وڻ جو ڪاٺيون ڪاٺيون جسم سندءِ روح جي ململ چولي ۾ ائين ڄڻ ٽنبجي رهيو هو .... جيئن مريض جي جسم ۾ ڪنھن ڊاڪٽر جي تصور وارا احساس سُيون سُيون ٿي چُڀندا آهن.
سج هاڻ پنھنجا سڀئي ڪرڻا جبلن جي هُن پرار کڻي ويو .... پويان افق تي اهڙي لالائي رهجي وئي جيڪا ڪنھن مايوس ڪنوار جي اکين مان آرتو بڻجي اٿلندي آهي ! هن اٿڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٽنگن ۾ شديد سُور جي ڪري اٿي نہ سگهيو زندگيءَ ۾ هن اهڙو سور ڪڏهن محسوس ئي نہ ڪيو هو! ياد آيس پٽس اشتياق جي معصوم خواهش تہ ”بابا“ ڪا ننڍڙي سائيڪل وٺي ڏي!پر اها پوري نہ ٿي سگهي ....! هن اکيون ٻوٽيون ۽ پوءِ کوليون تہ اسپتال جو هڪ ڪمرو هو جنھن ۾ هُو ليٽيل هو .... جتي جي ٽيوب لائيٽن ۽ مرڪيوري ۽ سيور بلبن جي روشني جي اکٻوٽ ۾ هُو تڪڙا ساھہ کڻي رهيو هو، ڄڻ زندگيءَ جو پکي پنھنجا آخري داڻا تيزيءَ ۾ چڳندو هجي .... سندس گهر واري ۽ ڀاڻس کي ڊاڪٽر چيو هئو اوهان جي گهر ۾ ڏکن جو فصل شايد گهڻو لھندو رهيو آهي نہ تہ هي مريض اهڙو ايبنارمل بہ نہ آهي جنھن لاء ِچئجي تہ هينئن يا هونئن! ڊاڪٽر وڌيڪ ڪجهہ چوڻ بنان ٻين مريضن ڏانھن وڌي ويو هئو....هُن جي زندگيءَ جو پکي هاڻ چوڳو چڳڻ آهستي آهستي گهٽائي رهيو هو ۽ ڀاڻس ۽ جوڻس جي اکين ۾ ڄڻ لھندڙ سج واري لالائي ڦھلجي رهي هئي! هُن اشاري سان پاڻي گهرڻ چاهيو پر اها خواهش خُشڪي بڻجي سندءِ چپن جي آسپاس ڄمي بيھي رهي زندگيءَ جو پکي پنھنجا پر ڦھلائي جڏهن اُڏاڻو تہ هن جي اکين ۽ ٻاهر جبلن تي رات ڇانئجي چڪي هئي ۽ ڀاڻس ۽ جوڻس جا احساس صدمي جي برف ۾ ڄمي چڪاهئا.... !!

مختصر ڪھاڻيون

آکيرو

آءٌ ٻيو ڪجهہ بہ ڪونہ هوس سواءِ ڪنھن پکيءَ جي چهنب ۾ ڪک .... ڪک .... پن .... پن .... مان ٺاهيل آکيري جي! پوءِ اهو پکي ديسي هجي يا پرديسي .... (سائبيريا جو)! ۽ پوءِ آءٌ رڳو وڻ ۾ ٿوروئي هوس ....!!! پکيءَ جي هانوَ ۾ دل جيان ڌڙڪيس ٿي .... آري جي مند اچڻ واري هئي .... جو طوفان اچي ڪڙڪيو.... چون ٿا ان زماني ۾ شڪارين جا شوق بہ اوج تي هئا.


چتي لڳل چولو

آءٌ ان يتيم ٻار جو چولو هوس. جنھن جي هانوَ ۾هزارين حسرتون هيون....! پر مڙئي حسرتون ماري هن آخر ۾ هڪ ئي حيرت سانڍي تہ ڪاش! مون کان چتي لڳل چولو ڦرجي وڃي .


هڪ شخص

هڪ شخص جيڪو هر ڪنھن سان کل ڀوڳ ڪندو وتندو هو .... ۽ ماڻھو بہ ساڻس کل ڀوڳ ڪندا رهندا هئا .... پر جڏهن کانئس سندس گهر جو ڏس پتو پڇن.... تہ نابري واري بيھندو هو. اُن سمي هُو ٻيون لھواريون اوڀاريون ڪرڻ لڳندو هو .... هڪ دفعي تہ ڪڪ ٿي ائين بہ چئي وڌائين، منھنجي ڏس پتي جي منھنجن ملائڪن کي بہ خير ڪا ڄاڻ آهي .... اوهين ٿيا آهيو مون کان منھنجو ڏس پتو پڇڻ وارا....!! پوءِ هڪ ڏينھن گهر ۾ سندس اوچتو موت ٿيو .... تہ ماڻھن کي ڄڻ ڏندين آڱريون اچي ويون ”ملائڪ اتي پھتا تہ پھتا ڪيئن ....؟!!

هوءَ ....!!

هُوءَ هر روز آئينو ڏسندي هئي .... تہ ڄڻ پنھنجي محبوب سان گڏ نديءَ ۾ٽُٻي هڻي گم ٿي ويندي هئي ....!!
هڪ رات چنڊ، ستارن کي ٻڌايو تہ هُوءَ جيڪا هر روز آئيني ۾ پنھنجو چھرو ڏسندي نديءَ ۾ ٽُٻي هڻي ويندي هئي تنھن خودڪشي ڪري ڇڏي آهي ....!!“
اصل ۾ هوءَ سچ پچ بہ هڪ ڏهاڙي نديءَ جي ڪناري تي آئي هئي جتي سندس محبوب جا رُڳو ڪپڙا پيا هئا....!!


جيڪي ماڻھو ....!!

جيڪي ماڻھو اوچتو گم ڪيا يا کنڀيا ويندا آهن ....!! اسان انھن لاءِ ڪھڙو تصور ڪري پيا سگهون؟! انھن سان ڪھڙو ويل وهايو ويو ....؟ ڪھڙي ويڌن ٿي ....؟ پر اسان اهو تصور تہ ڪري پيا سگهون .... تہ انھن مان ڪي نہ ڪي ضرور اڄوڪي دؤر جا سقراط هوندا....!!


حرڪت ۾ برڪت

حجم منھنجي سنوارت مان فارغ ٿيو تہ مون پنھنجي مٿي جو گھرائيءَ سان جائزو وٺڻ شروع ڪيو ....! ( ائين جيئن اوهان پنھنجي حجم کان سنوارت ڪرائي پنھنجو جائزو وٺندا آهيو ....!!) حجم اهو ڏسي، آئيني مان ئي مون سان اکيون ملائيندي آکيو : اوهان بي کُٽڪا رهو اها حرڪت ۾ برڪت آهي ....!!


ٻُڌي ڇڏ!

يوٽو پيا جا سِرجيندڙ ٻڌي ڇڏ! ”اڄوڪي دؤر جون ديوارون ڇا ٿيون ڳالھائين؟!“

هوءَ مون کي بابا سمجهي چھٽي پئي!

هيءَ انھن ڏينھن جي ڳالھہ آهي جڏهن اڃا سخت گرميون نہ آيون هيون .... پر پوءِ بہ پريشانين ۾ مبتلا ڪي ماڻھو پگهر ۾ ٽُٻ ٿي ڏٺاڻا ....! ڪن سان ڪھڙو مسئلو ....؟ تہ ڪن سان ڪھڙي ويڌن....؟
مون کي انھن ڏينھن ۾ اهو فوت ٿيل شخص وري وري ياد اچڻ لڳو هو .... جنھن جي باري ۾ ماڻھن ۾ عام تاثر هو تہ سندس شڪل شبيھہ مون ساڻ ملي ٿي .... هُو زنده هو تہ کيس ان باري ۾ ڪو واءُ سواءُ نہ هو .... يا شايد هو بہ تہ هن ان باري ۾ اظھار خيال مناسب نہ سمجهيو هوندو....!! ٻين مامرن ۾ بہ هُو گهٽ ڳالھائو شخص هو. هڪ ڀيري اتفاق سان هُو پوليس هٿان ٻڌجي پيو. پر ٻڙڪ ٻاهر نہ ٻوليائين .... پوليس کيس ٻوڙو گونگو بزرگ سمجهي منجهائنس جلدي کڻي هٿ ڪڍيا هئا....!!
منھنجي گهر واري گهٽيءَ ۾ هُن صاحب جو بہ گهر هئو ....!! خوش قسمتيءَ سان اسان ٻئي ٻارن ٻچن وارا هئاسين....! هن کي ٽي ڌيئر ۽ مون کي فقط ٻہ پٽ هئا ....! ٻئين پٽ جي ڄمڻ پڄاڻان جڏهن ڪافي عرصو گذري ويو .... تہ سندم گهر واري جي اکين مان ڳوڙها ڳڙڻ لڳا ڌياڻي اولاد لاءِ گهڻيون ئي دعائون گهريائين نہ ٿيڻو هو تہ نہ ٿيو .... هڪ ڏينھن اتفاق سان گهٽيءَ مان اسان ٻئي زال مڙس ڪيڏانھن وڃي رهيا هئاسون تہ سامھون کان ڪا ڇوڪري ڊوڙندي ”بابا“ ”بابا“ ڪندي اچي مون کي چُھٽي ....!! اها اُن مرحوم جي ٽيون نمبر ننڍي ڌيءَ هئي ....!! منھنجي زال ٻئي ٻانھون ڦھلائي کيس حب مان پنھنجي ڀاڪُر ۾ ڀري ورتو ....!! اهو منظر ڏسي اندر ئي اندر ۾ مون کان هڪ خاموش اوڇنگار نڪري وئي....!!!

مختصر ڪھاڻيون

جاڳ منھنجي ڀاڳ ۾ ....؟

آءٌ ڪڏهوڪو بکايل هوس ....! ۽ وري رات سنجهي کان مون ستارن جو روزو رکيو .... ۽ سحريءَ تي افطار واري آشامن ۾ سانڍي سُتس .... پر شايد ”جاڳ“ منھنجي ”ڀاڳ“ ۾ نہ هئي ....!!!“


اشتھار

آءٌ پنھنجي ماءٌ پيءُ جي اڪيلي ڌيءَ هيس .... انھن منھنجي پالنا پوري ذوق ۽ شوق سان ڪئي هئي.... جيئن ٿيندو آيوآهي تہ ٻوٽو وڌي آخر وڻ ٿئي ٿو .... ۽ پوءِ ٻُورجي بہ ٿو.... اُن ئي مند ۾ آءٌ گهر جي ٻاهرئين چانئٺ کان ڇا نڪتس .... ڏسان تہ هڪ شخص صدا هڻي رهيو هو .... آءٌ سندءِ صدا مڪمل طرح تہ سمجهي ئي نہ سگهيس .... البتہ مون کي پنھنجي وڃائجي وڃڻ جو احساس ضرور ٿيو ....! ٻئي ڏينھن جي اخبارن ۾ منھنجي والدين الائجي تہ ڪھڙي خيال کان منھنجي گمشدگيءَ جو اشتھار هلائي ڇڏيو ....!


ڪي خواب ....؟

ڪي خواب خطري جي گهنٽي جيان هوندا آهن .... ۽ اسان جون جاڳ واريون سماعتون سُتل هوندي بہ شل پئجي ٿيون وڃن ....


وقت جو احساس

اهو لازمي ناهي تہ وقت جي گذرڻ جو احساس ٻانھن ۾ ٻڌل گهڙي ڏسڻ سان ئي ٿيندو هجي ....! ڪڏهن ڪڏهن آئيني ۾ چھرو ڏسي بہ اهو احساس اتپن ٿي سگهي ٿو ....! واٽ ويندي ڪنھن ڪومائل گل تي اوچتو نگاھہ پوڻ سان .... يا ويندي ويندي رستي جي ڀرسان ڪنھن پراڻي قبر جو ڪتبو پڙهندي بہ اهو احساس پيدا ٿي سگهي ٿو .....!! هُونئن بہ پراڻين جايُن ويران لائبريرين ۾ ڄميل دز ۽ ڪوريئڙن پاران اُڻيل ڄار بہ تہ وقت جي گذرڻ جو احساس ڏيارين ٿا.

جڙي ٻوٽيون ۽ نيم حڪيم

چون ٿا تہ هُن جي جواني جڙي ٻوٽين جي جوش ۾ جلندي رهي .... تان جو پيري اچي پھتس ... ۽ بعد ۾ موت ....! هُو بہ هڪ زماني جو حاذق حڪيم هو ....!!


ناچ

هڪڙا ماڻھو دهلن دمامن جي رڌم تي نچندا آهن .... تہ ٻيا وري ٻن آڱرين جي ٺڪاءَ تي .... ۽ اسان ماڻھو ڪنھن جي اشاري تي ئي نچي ويھندا آهيون ....! پوءِ داد ڀلا ڪنھن جو حق ٿو بڻجي ....؟ اسان اشاري تي ڦڙتيءَ ڏيکارڻ وارن جو .... يا اُن اشاري تي نچائيندڙ فنڪار جو....!!

ڪارو ڪوٽ

مون جڏهن سيکڙاٽ وڪيل طور پرئڪٽس شروع ڪئي هئي تہ ان سمي ڪيترائي جج رٽائر ٿي رهيا هئا .... منھنجي سٿ وارن وڪيلن مان ڪوبہ اهڙو نہ هو جيڪو هوند جج جو منصب ماڻي سگهي ها.... پر پوءِ بہ مون سميت هر ڪنھن جي خواهش هئي تہ هُو ڪيئن بہ ڪري جج جي منصب تي فائز ٿي وڃي....!!
مون وٽ اڳتي هلي هڪ اهڙي قاتل جو ڪيس پھتو هو. جنھنجي سرپرستن منھنجي نہ چاهڻ باوجود بہ هڪ ڪارو ڪوٽ مون کي تحفي طور ڏنو هو ۽ تاڪيد ڪئي هئائون تہ ڪيئن بہ ڪري آءٌ اهو ڪيس وڙهان.... ۽ مون اهو ڪيس وڏي جوش ۽ جذبي سان وڙهيو هو .... ۽ ڪوٽ کي مون ائين سانڀي رکيو هو .... جيئن ايندڙ ڏينھن ۾ آءٌ باقاعدي جج جي منصب تي فائز ٿي اهو ڪوٽ پھري سگهان !!
قاتل ان ڪيس مان جڏهن مڪمل بري ٿي ويو هو تہ سندءِ سرپرستن مون کي واڌائي ڏيندي هڪ وڏو ٽھڪ ڏنو هو.... ۽ چيو هئائون : هاڻ تون صحيح معنيٰ ۾ جج آهين.... اهو ڪوٽ بنا ڪنھن کٽڪي جي پائي سگهي ٿو ....!!

قبر

پبلڪ پارڪ جي وچ واري جڳھہ – جيڪاڪيترن لاءِ ڪشش جو سبب هئي. اها ائين ٿي محسوس ٿي ڄڻ ڪو خالي هانوَ هجي ۽ هانوَ ڪنھن شيءَ لاءِ آتو هجي ....! هونئن تہ پارڪ بہ سڄو سارو ڪنھن محبوبا جي مرڪ جيان ماڻھن جي دلچسپيءَ جو هڪ اهڙو جزيزو هو – جتي جيڪر هو نہ اچن تہ ڄڻ زندگيءَ جي اهم رونق کان محروم رهن!
پبلڪ پارڪ جي وچ واري اها جڳھہ ڪيترو عرصو خالي پئي هوندي هئي – اتي نہ ڪو وڻ ۽ نہ ئي ڪي گل ٻوٽا ۽ سائي سائي ڇٻر هئي! ماڻھن سوچيو پئي تہ اتي ڪانہ ڪا شيءَ ضرور ٺاهي ويندي! ممڪن آهي اتي ڪنھن مشھور ۽ معروف شخصيت جو مجسمو کڙو ڪيو وڃي يا عام دلچسپيءَ جي تناظر ۾ ڪا اهڙي شيءَ اتي کڙي ڪئي وڃي جو ماڻھو ڏسي دنگ رهجي وڃن ....!
انومانن مٿان انومان هڻندي ڪيترو عرصو تہ بس ايئن ئي گذري ويو ....! ان پڄاڻان اوچتو ئي اوچتو ماڻھن کي اتي هڪ ڍڳ نظر آيو – جيئن هڪ قبر ٺھيل هجي .... قبر تي نہ تہ ڪو ڪتبو هو ۽ نہ ئي اها پڪ ڪئي وئي هئي...! دراصل اها ڪارروائي اجنبي ماڻھن پاران اهڙي وقت سرانجام ڏني وئي هوندي جڏهن اُتي تمام گهٽ ماڻھو موجود هوندا جن جو ڌيان ڏانھن قطعي نہ هوندو .... يا ممڪن آهي اتي ڪو ٻيو عام ماڻھو ئي نہ هجي ....!
هاڻ ماڻھن جي دلچسپيءَ تہ ويتر وڌندي وئي تہ آخر اها قبر ڪنھن جي ٿي سگهي ٿي ...؟! هڪ اهڙي جڳھہ جتي ماڻھو تفريح لاءِ ايندا هجن – اتي قبر جي موجودگي ڪو سٺو سنئوڻ بہ تہ نہ آهي .... ۽ وري قبر تي ڪو ڪتبو بہ نہ هنيو ويو آهي .... يا ماڳهين ائين تہ نہ آهي .... جو قبر ئي خالي آهي .... ۽ رڳو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڪو ڊرامو رچايو ويو آهي ....! هڪڙا هڪڙي جا .... ٻيا ٻي جا .... تہ ٽيان وري ٽين راءِ جا هئا ....!
ماڻھن جي من ۾ هاڻ ڪيتريون ئي قبرون ٺھي رهيو هيون – اهي قبرون – جيڪي کين وسري ويون هيون....!
وقت – جيڪو زخم ڏيندو بہ آهي تہ پھا بہ رکندو آهي ....! پر اڄ وقت ڪيترن جي زخم کي وري جاڳائي رهيو هو .... هڪ قبر جي شڪل ۾ سامھون اچي ....!
ماڻھو من ئي من ۾ ڄڻ پنھنجو پاڻ سان تعزيت ۾ هئا ....! تفريح ۽ دلچسپيءَ جي جاءِ تي پنھنجو پاڻ سان تعزيت ! وڏي ٽرئجڊي هئي .... وڏو الميو هو اُهو ....! پر ڪاش! پبلڪ پارڪ ۾ ايندڙن کي ڪو اهو ٻڌائي ها تہ اها قبر – پارڪ ۾ ٽڙندڙ انھن گلن جي اجتماعي علامتي قبر هئي .... جن کي هُو روز پٽيندا ۽ خُون ڪندا ٿي رهيا .... ۽ تہ اها علامتي قبر نيچر لسٽن (Naturalists) پاران ٺاهي وئي هئي ....!!

رستا ....!

هُن جي اندر ۾ ڪيترائي رستا هئا.... اهي ڄڻ ڪنھن ڪتاب جا صفحا هئا .... ۽ صفحن تي منجهيل عبارتون ۽ جملا ....!
هن ڪنھن فرصت ڪو ڪتاب پڙهندي ائين سوچيو هو: ”جيئن ماڻھو رستن تي هلندا، ڊوڙندا آهن .... ائين لفظ صفحن تي ....!
حجام سندس حجامت ڪندي ڪينچي ائين هلائي رهيو هو جو هن کي محسوس ٿيو تہ ڪينچي ڪا نہ هئي البتہ ڪو پکي هو جنھن چيون.... چيون ڪندي پئي وارن کي چڳيو .... ۽ پوءِ سندس سوچ حجم جي پيٽ ۽ سندس پچايل اُن طعام ڏانھن، هلي وئي هئي جيڪو هن بورچي جي حيثيت ۾ ڪنھن شادي ۾ پچايو هئو ....!
ماڻھن مان ڪنھن ڪيئن ٿي چيو .... تہ ڪنھن ڪيئن ....!
ماڻھن جي راين مان ڪيترائي رستا ڦٽي رهيا هئا ....تنگ رستا .... ويڪرا رستا ..... ننڍا رستا ...... ڊگها رستا .....!
هن سوچيو هو ”زبان جو زهر هر ٻئين زهر کان وڌيڪ قاتل ٿيندو آهي ....!“ ۽ پوءِ هن پنھنجي رستي ۾ ڪيترو ئي زهر ڦھليل محسوس ڪيو ....لفظن جو زهر ....راين جو زهر ....! سائو .... ڳاڙهو .... نيرو .... پيلو....!
رنگن سان تہ کيس ننڍي لاڪون انسيت هئي ..... جيئن رانديڪن سان .... جيئن پوپٽن سان .... جيئن جيڏن سرتن سان .... ۽ جيئن کلڻ ڪُڏڻ سان .... ۽ جيئن خوابن سان ....!
ٻاروتڻ کان هن وهيءَ جي ڏاڪن تي پھچندي پھچندي، رستا البتہ گهڻو گهڻو بدلجي ويا هئا .... ائين ئي جيئن اڄوڪي زماني جي دوستي دولاب ۾ بدلجي ويندي آهي ....!
”اُف! ٻاروتڻ بہ ڄڻ تہ دولاب هو .... دوکو هو ... فريب هو ... ٺڳي هئي ....! ماڻھو حياتيءَ جي ابتدا کان انتھا تائين ٺڳبو ئي رهيو آهي ....! ڇا زندگي هڪ ٺڳي آهي .... دوکو آهي .... دولاب آهي .... سڀ رستا ٺڳي آهن .... ڪوبہ رستو ٺڳيءَ کان سواءِ ناهي .... اسان کان ويندڙ رستا .... ۽ اسان ڏانھن ايندڙ رستا .....
هن ڏانھن آئون اکين جي رستي پھتو هوس .... ۽ هوءَ مون ڏانھن ....بظاهر رستو هو .... ننڍو رستو هو .... چپن کان ڳلن جيتري پنڌ جيترو ....! پر ڪيترا ڪشالا ڪڍڻا پيا ....! هوءَ مون سان سچي هئي .... ۽ آءٌ هن سان .... پر اسان تي پوندڙ حاسدن جي نگاهن جا رستا، پيار جي نازڪ پيچرن کي ئي پائي ويا....!“
رومانس جي رستي وارو پنڌ ياد پيو هوس تہ پنھنجي مٿان آرهڙ جو تتل ڏينھن محسوس ڪندي پاسي واري کيسي ۾ رومال يا ٽشو پيپر لاءِ هٿ هنيو هوس... تہ ناڪام ٿيو هو... ۽ پوءِ قميص جي اڳين پلئو سان چھرو اگهيو هوس. پگهر جون ڪجهہ بُوندون اکين ۾ پوڻ سان نگاهون هزارين رستا ڏيکاري رهيون هوس....! هُو حيران ٿي ويو هو ايترا رستا ڏسندي ....!
هن پنھنجي حيراني جو حساب لڳائڻ چاهيو تہ پاڻمرادو هانوَ تي هٿ اچي ويس....!
هانوَ جنھن ۾ هزارين حسرتون هيون.... هر حسرت ڪنھن ڦاٽل ۽ پراڻي پرچم جيان هئي .... هر حسرت جي پويان هزارين احساسن جو سرد خانو هو .... اُن ۾ لاش هئا .... لاشن کي ڪوبہ دفنائڻ وارو نہ هو ۽ نہ ئي ڪو تعزيت ڪرڻ ..... ۽ وصول ڪرڻ وارو ....!
هن پنھنجي اندر ۾ هڪ خاموش ٽھڪ ڏنو .... جيئن انھن حسرتن کي بہ کُڙڪ نہ پئجي سگهي تہ ڪو هُو پنھنجو پاڻ تي کِلي رهيو آهي.تہ ڪو هو پنھنجو پاڻ تي روئي رهيو آهي ....! کين ڪا بہ سڌ نہ پئجي سگهي.... ڪنھن بہ سبب جو پتو کين نہ پئي تہ آخر هي شخص ڇا ڪري رهيو آهي .... رستا جيڪي هن اڳيان آهن .... انھن مان ڪھڙي رستي جي چونڊ ڪري رهيو آهي .... ڪھڙي جي نہ ڪري رهيو آهي ..... هُو ستل آهي .... يا ننڊ ۾.... هُو ڪو خواب ڏسي رهيو آهي – يا ڪنھن جي تعبير سوچي رهيو آهي....! هُو ننڊ جي گوري وٺڻ لاءِ ڪنھن اسٽور تي بيٺل آهي .... يا ڪنھن صدا هڻندڙ جي هٿ تي ڪي کوٽا سڪا رکي رهيو آهي ....!!
”صدا هڻندڙ اندر ۾ هڪڙا.... ۽ ٻاهر ٻيا هوندا آهن .....!“ هن هڪ ڀيرو سچ پچ کوٽو سڪو صدا هڻندڙ جي تريءَ تي رکندي ائين سوچيو هو!
صدا هڻندڙ سڪي کي ڏسندي ئي گد گد ٿيو هو .... ۽ تصور ۾ اڻونجاھہ سڪا اڳ ۽ پنجاهون هي ڳڻيندي دارون درمل لاءِ سوچڻ لڳو هو....!! صدا هڻندڙ جي سامھون بہ تصور ئي تصور ۾ ڪيترا رستا هئا....!
هڪ رستو سندس اُن ڪاٽن واري وڳي ڏانھن وڃي رهيو هو جيڪو کيس ڪنھن شوقين مڙس سپلائي جي سِلي ۾ وٺي ڏنو هو.... ٻيو رستو .... ٽيون رستو .... چوٿون رستو ....صدا هڻندڙ جي ڪنڌ ۾ پيل مڻين جيترا رستا .... ۽ هر رستو فقير جو لتاڙيل ....!
صدا هڻندڙ جي لڱن تي پيل ميرونجهڙا، مٽي ۽ دز ۾ ڀريل لٽا ڏسي کيس زندگي ان کان بہ وڌيڪ ميرونجھڙي ۽ صدا هڻندڙ جي اندر جھڙي محسوس ٿي هئي ....!
”ڪِني ۽ ڪوجهي زندگي ..... پنھنجي انا وڪڻندڙ زندگي .... رستن ۽ فٽ پاٿن تي رُلندڙ زندگي .... زندگي ....!!“
ان ڏينھن هُو گهر اچڻ لاءِ سوچيندي سوچيندي، رستو ئي ڀلي ويو هو....!! جيئن ماڻھو ڪو ڪتاب پڙهندي،اوچتو ئي اوچتو ڪنھن سوچ سبب ڪنھن ٻئي پيراگراف ۾ هليو ويندو آهي....!!
هن جي اندر ۾ ڪيترائي رستا هئا .... اهي ڄڻ ڪنھن ڪتاب جا صفحا هئا .... ۽ صفحن تي منجهيل عبارتون ۽ جملا ....!! ۽ هُو انھن منجهيل عبارتن ۽ جملن ۾ فريز ٿي رهجي ويو هو....!!