ڪھاڻيون

زندگيءَ جو رستو

ھن ڪتاب ۾ 47 ڪھاڻيون شامل آھن جيڪي معاشري جي مختلف رخن سان گڏ روزمرھ جي مسئلن کي نروار ڪن ٿيون. ڪھاڻين جا ڪردار اسان جي آسپاس رھندڙ ماڻھو آھن. سادي ۽ آسان ٻوليءَ ۾ لکيل ھي ڪھاڻيون سوچن، خوابن، ڏکن، خوشين ۽ احساسن سان ڀرپور آھن.

  • 4.5/5.0
  • 169
  • 35
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 2
Title Cover of book Zindagi'a Jo Rasto

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران بھادر ٽالپر جي ڪھاڻين جو پھريون مجموعو ”زندگيءَ جو رستو“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ھن ڪتاب ۾ 47 ڪھاڻيون شامل آھن جيڪي معاشري جي مختلف رخن سان گڏ روزمرھ جي مسئلن کي نروار ڪن ٿيون. ڪھاڻين جا ڪردار اسان جي آسپاس رھندڙ ماڻھو آھن. سادي ۽ آسان ٻوليءَ ۾ لکيل ھي ڪھاڻيون سوچن، خوابن، ڏکن، خوشين ۽ احساسن سان ڀرپور آھن.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 2018ع ۾ نيو ڊمي پبليڪيشن، حيدرآباد ۽ ٻيو ڇاپو اي ايڊيشن جي صورت ۾ سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ساحل پرنٽرس جي سھڪار سان 2025ع ۾ آڻي رھيا آھيون. ٿورائتا آھيون مور ساگر جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪلي.

 

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي) 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
 

حق ۽ واسطا

ساحل پبليڪيشن جو ڪتاب نمبر ڇاهٺ هون

ڪتاب جو نالو: زندگيءَ جو رستو
موضوع: ڪھاڻيون
ليکڪ: بهادر ٽالپر
ڇاپو پھريون: آڪٽوبر 2008ع
ڇاپو ٻيو: اي ايڊيش: جنوري 2025ع
لي آئوٽ/ ٽائٽل ڊزائن: مور ساگر
ڪمپوزنگ: نعمان جوڻيجو
ڇپائيندڙ: ساحل پبليڪيشن حيدرآباد. 03332634650
ڇپيندڙ: ساحل پرنٽر، رابعہ اسڪوائر حيدرآباد
03002634650

قيمت: -/160 روپيا


ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2025ع

انتساب

اڻ مڪملتا جي نالي
منھنجي محسوسات جي هر وِک
اڻ مڪملتا جو اولڙو آهي.

ليکڪ پاران: اذيتن مان لذتون ماڻيندو رهان

مون پاڻ کي ڪڏهن بہ اڪيلو محسوس نہ ڪيو آهي. سندم احساس، جذبا ۽ امنگون منھنجي اچيتن روح سان ازلي همسفر رهيا آهن. روح جي بيچيني جيڪا ڪنھن فنڪار کي سجاڳ رکڻ جو سبب بڻجي ٿي. اها ڪنھن موڙ تي اطمينان ۾ بدلجي وڃي تہ شايد فنڪار جو موت ٿي وڃي آءٌ اهڙي اطمينان کي ناڪاريان ٿو.
مون شدت سان تخليقي لمحن کي پنھنجي روح جي بيچين ڪيفيتن جي پاڇي ۾ ساھہ کڻندي محسوس ڪيو آهي ان ڪري اهي مون کي سندم تخليقن جيان عزيز آهن. حساسيت جيڪا هر فنڪار جي حصي/ پتي ۾ اچي ٿي، ڪھاڻيڪار بہ ان نسل مان ئي هوندو آهي. هو بہ اوتروئي ڀوڳي ٿو جيترو ڪو ٻيو آرٽسٽ ڀوڳي ٿو. فرق رڳو ايترو آهي تہ ڪھاڻيڪار پاڻ ڀوڳڻ سان گڏ پنھنجي ڪردارن کي بہ ان مان چڪو چکائي ٿو، هن جي ڪھاڻين جا ڪردار ڪڏهن سوليءَ تي پيا سر ڏيندا تہ ڪڏهن ڪھاڙين جي ڪمينن پاڇن ۾، پنھنجي وجود جي ويڙهاند پيا وڙهندا. محبت واري هڪ مرڪ تان پنھنجو سڀ ڪجهہ داءَ تي لڳائيندڙ ڪردار تخليق ڪار جي فطرت ۾ لڪل رومان جو اولڙو پيا پسائيندا تہ ڪڏهن پنھنجي هستي جي مستي ۾ پيا مرندا جيئندا. منھنجون تخليقي ڪھاڻيون فن جي دنيا ۾ پنھنجو پاڻ دريافت ڪرڻ جي جاکوڙ چئجي يا زندگيءَ جي ايبسر ڊٽي کي مثبت رخ ڏيڻ جي ڪوشش! بھرحال هن موڙ تي آءُ پنھنجي سر ڪاراءِ ڏيڻ جي اهل نہ آهيان ۽ نہ ئي اهڙي ڇسائپ جو مظاهرو ڪندس. ڇاڪاڻ تہ وقت ئي وڏو منصف آهي. چوندا آهن تہ پنھنجي تخليق جو پھريون نقاد تخليقڪار پاڻ هوندو آهي. هو جڏهن تخليقي لمحن مان گذرندو آهي تہ کيس پنھنجون اوڻايون سوڻايون آرسيءَ ۾ منھن مھانڊي جيان پيون ڏسبيون آهن، پر منھنجي خيال ۾ هر آرٽسٽ ڪجهہ نہ ڪجهہ نرگسيت جو شڪار هوندو ئي هوندو آهي ان ڪري کيس پنھنجي تخليق مان ڪي اوڻايون نظر اچن. اهو ائين هوندو جيئن ڪنھن ماءُ کي پنھنجي اولاد ۾ ڪي عيب نظر اچن؟! بس فنڪار کي تہ پنھنجي فن سان وابستگي هوندي آهي، اها وابستگي کيس پنھنجي ذميوارين کان آگاھہ ڪندي، پنھنجي دور جي حسيت کي تخليقن ۾ اوتڻ جو اهل بنائيندي رهي ٿي. مون جڏهن ڪا ڪھاڻي سرجي آهي تہ ان کي حادثو ئي تصور ڪيو اٿم. بي چين ڪيفيتن مان اوچتو ڪا انڊلٺ اُڀري لکڻ لاءِ اتساهي ڇڏيندي آهي ۽ پاڻ پوءِ انھن پيچرن تي هلي پوندا آهيون. جيڪي اڻ ڏٺل هوندا آهن. راهن ۾ ڪنڊ اچڀندا آهن. روح زخمي ٿي پوندو آهي. پر ان اذيت ۾ جا لذت محسوس ٿيندي اٿم ان کي لفظن ۾ شايد ئي بيان ڪري سگهان! اذيت جيڪا محبت جي سرچشمي مان سيراب ٿيندي هجي اها وجود کي ڪيئي رنگينيون عطا ڪري ٿي ۽ فنڪار جي اندر ۾ ڪيئي نوان گل نکرن ٿا. ڪيترين بھارن جي آمد جو اعلان ٿئي ٿو. زندگيءَ سان تعلق جي نئين تاويل ٿئي ٿي تجديد ٿئي ٿي. منھنجو اهو وهم آهي يا حقيقت تہ منھنجون ڪھاڻيون محبت جي سرچشمي مان سيراب ٿيل اذيتن جو اولڙو آهن. جن ۾ مان پنھنجي وجود جون ڪيئي رنگينيون پسان ٿو پسايان ٿو ۽ پڻ انھن اذيتن مان لذتون ماڻيندو ٿو رهان جيڪي لذتون رڳو ڪنھن آرٽسٽ جي ئي مقدر ۾ لکيل هونديون آهن بقول اصغر گونڊويءَ جي هن شعر جي تہ:
زخم آپ لیتا ہوں، لذتیں اُٹھاتا ہوں،
تم کو یاد کر تا ہوں، درد کے بھانے سے۔

بهادر ٽالپر

مھاڳ: فوڪس کان ٻاهر زندگي

ادب جي دنيا بلڪہ ڪھاڻيءَ ۽ ناول جي هڪ عظيم نالي ڪافڪا (FRANZ KAFKA) پنھنجين ڪھاڻين ۽ ناولن ۾ رائج ٽيڪنڪ کان هٽي ڪافي نوان تجربا ڪيا آهن. ڪافڪا لاءِ اهو مشھور آهي تہ هن حقيقت نگاريءَ کي هڪ نئين اسلوب ۽ انداز سان متعارف ڪرايو آهي ۽ اهڙيءَ طرح ڪافڪا جا ڪردار ’THE CASTLE‘ ۾ مسٽر ’K‘ ۽ ’TRIAL‘ ۾ بہ ’K‘ جنھن مجبوريءَ ۽ بي وسيءَ جي اندوهناڪ ڪيفيتن مان گذرن ٿا. خود ڪافڪا پنھنجي زندگيءَ ۾ شادي شدہ محبوبہ ’ملينا‘ سان محبت ڪندي بہ ان کي حاصل نہ ڪري سگهڻ واري ڪيفيت مان گذري ٿو. 1924ع ۾ ڪافڪا هڪ ٽي. بي سينٽوريم ۾ گذاري ويو ۽ ويھن سالن کان پوءِ ’ملينا‘ (JESENKA MELINA) جرمن نازين جي ڪنسنٽريشن ڪيمپ ۾ عذاب سھي سھي 1944ع ۾ گذاري ويئي.
دنيا ۾ سڀ ماڻھو جيڪي ڪجهہ بہ رکن ٿا، ان کي وڃائڻ جي پويان ڊوڙن ٿا ۽ جيڪو ڪجهہ هٿ ۾ ڪونھي تنھن کي حاصل ڪرڻ لاءِ واجهہ وجهن ٿا. لاحاصل کي حاصل ڪرڻ جا خواب ڏسندا رهن ٿا. دنيا ۾ اها ڪشمڪش ئي دک جو زبردست انڀئو آهي، جيڪو انسان محسوس ڪري ٿو. شايد اهو ئي زندگيءَ جو حاصل آهي، جيڪو ٻي صورت ۾ لا حاصل بہ آهي.
دنيا جو هر ماڻھو جيڪو Posses ڪري ٿو ان کان گهڻو وڌيڪ جو هو گهرجائو آهي. اهو انسان جي فطرت ۾ رکيل ڪمزوريءَ جو هڪڙو مثال آهي، جنھن فطرت کي سمورا مذهب ۽ سمورا فلسفا ۽ فڪر ۽ ’ازم‘ بہ بدلائي نہ سگهيا آهن ۽ ايندڙ وقتن ۾ بہ نہ بدلائي سگهندا!
جديد عھد جيڪو ويھين صديءَ جي شروعات کان ۽ اوڻويھين صديءَ جي آخر کان ڳڻڻ گهرجي، گذريل صدي انسان جي لکين سالن جي تجربي جو نچوڙ هئي، جنھن ۾ صنعتي دؤر جي اچڻ کان پوءِ انسان پنھنجي پاڻ کي ڪجهہ وڌيڪ اتاڳو ۽ اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳو ۽ ان ئي صديءَ ۾ لڳل ٻہ مھاڀاري جنگيون ۽ ايٽم بم جو تجربو شايد ماڻھوءَ کي اڃان بہ گهڻو اڪيلو ۽ ويڳاڻو ڪري ويو. يورپ، آميرڪا، لئٽن آميريڪا ۽ ايشيا جي سررزمين جيڪو بارود چکيو ۽ جيڪو رت جذب ڪيو سو جي گڏجي وهي ها تہ درياءُ بڻجي وڃي ها! انسان پنھنجي تھذيبي ترقيءَ جي انتھا تي پھچڻ بعد بہ بگهڙ ۽ چيتي جھڙي فطرت جو مظاهرو ڪري رهيو هئو. انسان جي اهڙيءَ صورتحال بعد ’ڪيرڪگرد‘، ’سارتر‘ ۽ نتيشي جھڙا وجودي فلسفي پيدا ٿيا. وجوديت ۽ سريئلزم تحت ادب ۽ آرٽ تخليق ٿيو.
هتي هن ڪتاب جي ليکڪ مير بھادر ٽالپور حالانڪہ سندس فن ۽ ادب ۾ ڪو بہ نظريو، ڪو بہ فلسفو ۽ ڪوبہ منطق ڊسڪس نہ ڪيو آهي ۽ ضروري بہ ڪونھي تہ ادب کي ڪن فلسفن ۽ نظرين جو تابع بڻائجي. منھنجو ذاتي خيال آهي تہ زندگيءَ ڏاڍي سادي آهي، جڏهن تہ نظرين، مذهبن ۽ فلسفن ان کي پيچيدو بڻائي ماڻھو کي ڀلائي وڌو آهي.
بھادر ٽالپور بہ پنھنجين لکڻين ۾ نہ ڪي Universal Themes استعمال ڪيا آهن ۽ نہ وري انھن ۾ نظرين جو رنگ ڀريو آهي، هن سادي زندگيءَ کي سادگيءَ سان بيان ڪرڻ جي هڪ سادي ۽ ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي. سادن ڪردارن جون ساديون ڳالھيون ڊسڪس ڪيون آهن. انھن ڪھاڻين کي ’نسيم کرل‘ يا ’جمال ابڙو‘ لکي ها تہ شايد هر ڪھاڻي جو ڪلائيميڪس پڙهندڙ کي ضرور ڇرڪائي وجهي ها! پر مير بھادر جي ٽيڪنڪ تي گرفت ڍري هجڻ ڪري هن جي ڪھاڻين کي جيڪو تاثر ڏيڻ کپي ها سو نہ ڏئي سگهيون آهن. جيڪا ڳالھہ نشاندهي ڪري ٿي تہ هو پنھنجي مطالعي ۽ فڪر کي وسيع ڪرڻ سان ان صورتحال کي Cover ڪري سگهي ٿو.
ادب جي باري ۾ ڊبليو ايڇ آڊن جي ان فقري سان متفق آهيان تہ ‘Poetry Makes nothing happen’ آڊن اهو جملو ٻي عالمگير جنگ جي تباھہ ڪاريءَ تي لکيو هو. جنھن دنيا کي جرمن شاونزم جي ڪارگذارين جو تحفو ڏنو هو.
هڪڙو وقت هو جو ڪھاڻيون ’شھرزاد ‘ جي نالي سان شروع ٿينديون هيون. ظالم بادشاھہ، مڪريلي راڻي، جفاڪش شھزادي، پرانھين ملڪ جي خوبصورت شھزادي، ظالم جادوگرياڻي، ڪوھہ ڪاف جبل، گل گامش جي سفر تي مشتمل احوالن ۽ بھادر ۽ غريب پنٽو جي حال احوال سان سينگاريل هونديون هيون.
اڄ بہ جيڪڏهن ڏِسجي تہ دُنيا ۾ لکيون ويندڙ ڪھاڻيون فارمولا ڪھاڻيون ئي آهن. دُنيا ترقي ڪئي آهي؟ تہ ڪھاڻي بہ ترقي ڪئي هوندي! پر منھنجي خيال ۾ ماڻھوءَ جي ۽ دنيا جي ڪھاڻي ٻن لمحن ۽ ٻن لفظن جي ڪھاڻي آهي ۽ بس! ڪالھہ بہ دُنيا ۾ چار ڪِردار رهندا هئا ۽ اڄ بہ دُنيا ۾ ظالم بادشاھہ، خوبصورت شھزادي، ظالم جادوگرياڻي ۽ بھادر پنٽو ئي رهن ٿا؟ ۽ پنھنجي زندگي ڪن ٿا بيشڪ ڪير مڃي يا نہ مڃي، ماڻھو جي ۽ دنيا جي ڪھاڻي بس ٻن لمحن ۽ ٻن لفظن جي ئي ڪھاڻي آهي، جيڪا تخليقڪار بيان ڪري ٿو ۽ ان بيان ڪرڻ کي محسوس ڪري ٿو ۽ بقول هن ڪتاب جي ليکڪ جي ڀوڳي ٿو. سو بلڪل هڪڙو نرالو تجربو آهي، جنھن تجربي ۽ هورا کورا مان اُپنشد لکندڙن کان وٺي وڏا عالم فلسفي سائنس دان ۽ تخليقڪار گُذريا آهن. پنھنجي فن ۽ Commitment سان وابستگي ماڻھو جي اندر ۾ کپ کوڙي ويٺل ڊپ يا ماڻھو جي دماغ ۾ چنبڙيل ڪنھن آڪٽوپسي جيان خوف ماڻھو کي نھوڙيو وجهي. ڇا گوتم بہ ان هورا کورا مان گُذري رِڻ جو راهي نہ ٿيو هو؟ ۽ سمورن فنڪارن، ليکڪن، موسيقارن، چترڪارن ۽ گائڪن جي اندر ۾ غم جو بوڙينڊو وڄندو ٿو رهي.
سنڌي ڪھاڻي جيڪو اوج 60 ۽ 70 وارن ڏهاڪن ۾ ماڻيو سو اوج ان کي گُذريل پنجٽيھن چاليھن سالن کان نہ مِلي سگهيو آهي. ان جو سبب ڪھاڻيڪارن جو ٽيلي ڊرامن ڏانھن هليو وڃڻ هو يا وري چُپ ٿي وڃڻ هو؟
گُذريل 40 سالن کان سنڌ جي سيناريو ۾ جيڪو ڀونچال متل آهي، جيڪي سياسي اُٿلون، پُٿلون آيون آهن، سنڌي سماج سان جيڪي قھر ٿيا آهن تن جو رِي ايڪشن جيڪو اسان جي ادب ۽ آرٽ ۾ اچڻ کپي ها، سو بِلڪل نہ آيو آهي. منھنجي سينئر ليکڪ ۽ دوست غلام نبي مغل جي ڪجهہ ناولن ۽ امر جليل جي ڪجهہ لِکڻين کان سواءِ اسان جي ادب ۽ آرٽ جو ميدان ان سموري سياسي سماجي ۽ معاشرتي تبديلين کان وانجهيل رهيو آهي؟ ڇا ان جو سبب اسان جھڙن ڪِن اديبن جو شطر مرغ جيان واريءَ ۾ مُنھن لِڪائڻ هو؟
بلاشڪ ان سڄي دؤر ۾ اسان جي صحافت ان سڄي Situation کي بھتر طريقي سان چِٽيو آهي، پر ادب جو ميدان ان سڄي ڪار گذاريءَ کان پري رهيو آهي. علي بابا کان وٺي اڪبر سومري تائين سڀ ڏوهاري آهيون. عبدالقادر جوڻيجو ڏوهاري آهي، مُراد علي مرزا ڏوهاري آهي، قمر شھباز ڏوهاري آهي، شوڪت حسين شورو ۽ مشتاق شورو ڏوهاري آهي، طارق عالم ۽ اياز عالم ڏوهاري آهي، مدد علي سنڌي ڏوهاري آهي، ماهتاب محبوب بہ ڏوهاري آهي. ان سڄي پيڙهيءَ سنڌي ڪھاڻيءَ کي مايوس ڪيو آهي.
دُنيا جيڪا ڪالونائيزيشن جي عمل مان گُذري هاڻ نيو ڪالونائيزيشن جي دؤر کان بہ اڳتي اچي ’فري مارڪيٽ‘، پرائيويٽائيزيشن ۽ گلوبلائيزيشن جي عمل مان گُذري پئي، جيڪي سڀئي Terms ورلڊ بينڪ، آءِ ايم ايف ۽ ورلڊٽريڊ آرگنائيزيشن جا ايجاد ڪيل آهن. ڪمپيوٽر ايج انسان جي ذهن تي سوار آهي.
اليڪٽرانڪ ميڊيا جي هن دؤ‍ر ۾ جڏهن جاپان، امريڪا ۽ يورپ جا ماڻھو پنھنجن اديبن جي ڪتابن جون لکين ڪاپيون خريد ڪن ٿا. ڪيرالاجي ڇوڪري آرنڌتي راءِ (Arundhati Roy) جو ڪتاب ’بوڪر پرائيز‘ کڻڻ بعد چاليھن ٻولين ۾ ترجمو ٿي 60 لک ڪاپيو وِڪرو ٿئي ٿو تہ پوءِ سنڌي ڪتاب هزارن جي ڇاپي منجهان هاڻ ڪجهہ سئو ڪاپين تي ڪيئن پھتو آهي؟
سنڌين جي آبادي چئن ڪروڙن تي پھچي ويئي آهي ۽ اُن قوم جو ڪتابن سان چاھہ گهٽجي ويو آهي. اُن جو سبب ڳولڻو آهي.
بھادر ٽالپر جي ڪھاڻين پڙهڻ کانپوءِ محسوس ٿئي ٿو تہ ليکڪ وٽ اڪثر سماجي ۽ معاشرتي موضوع آهن، جن تي هِن وس آهر پنھنجي ساءِ ڪافي محنت ڪئي آهي. هڪ نئين نڪور ڪھاڻيڪار جيان هِن جا Emotion ڪافي جاندار آهن ۽ هِن وٽ جيڪو Passion آهي، سو شايد ٻين نئين ٽھيءَ جي ڪھاڻيڪارن وٽ ورلي مِلي.
ڪافي ڪھاڻين جا موضوع نوان آهن، جن تي اڳ ڪڏهن نہ لِکيو ويو آهي، پر آرٽ ۽ڪرافٽ جي سخت ڪارب مان نہ گُذرڻ جي ڪري اُهي اڦوگيون ٿيون لڳن، جنھن مان ليکڪ جي فن جي واديءَ ۾ ڀٽڪڻ ۽ اوجاڳا ڪرڻ جوڳ پچائڻ واري صورتحال مان نہ گُذرڻ جو اوس انديشو ٿئي ٿو. دُعا آهي تہ بھادر ٽالپر مطالعي کي مسلسل پنھنجو رهبر بڻائيندو.
بھادر ٽالپر جي ڪھاڻين ۾ گونا گون موضوعن ۽ منظرن جي گهڻائي تہ بلڪل آهي، پربھادر اُنھن کي فن جو رندو نہ هڻي سگهيو آهي. جنھن ڪري ڪھاڻين ۾ تشبيھون ۽ منظر ۽ ڪڏهن ڪڏهن تہ زمان ۽ مڪان جي بہ اڻ هوند محسوس ٿئي ٿي، پر اُن جو مطلب هيءُ هرگز ناهي تہ هِن کي ڪھاڻي جي تاڃي پيٽي جي الف ب جي بہ ڪا خبر ڪانھي، هو ڪھاڻي لِکي سگهي ٿو.
ڪھاڻي ’خواب رستا‘ جو موضوع ۽ مضمون ڪافي بھتر آهي، اُن ۾ ٿورڙو آرٽ ۽ ڪرافٽ ڏيڻ سان اها بھترين ڪھاڻي ٿي پئي سگهي. بھرحال بھادر ٽالپر پاڻ مڃي ٿو تہ هو ڪھاڻين ذريعي پاڻ کي دريافت (Invent) پيو ڪري. وقت ئي وڏو منصف آهي، جيڪو هر فنڪار جي فن جي زندگيءَ جو تعين ڪندو آهي.
بھادر چواڻي تہ ليکڪ جڏهن تخليقي عمل مان گُذرندو آهي تہ کيس پنھنجون اوڻايون آرسيءَ ۾ مُنھن مھانڊي جيان پيو ڏِسبيون آهن.
بھادر جي هنن ڪھاڻين ۾ ڪرافٽ، آرٽ ۽ ڪھاڻيءَ جي اُڻت منھنجو مطلب هروڀرو ’اوهنري‘، ’موپاسان‘ جي تعين ڪيل اصولن ڏانھن ڪونھي ڇو تہ هر ليکڪ وٽ پنھنجو الڳ Vision ۽ الڳ آرٽ ۽ ڪرافٽ هوندو آهي، پر ٽيڪنڪ بہ الڳ هوندي آهي.
ڪھاڻين ۾ پيار ڪندڙ وجودن جو ذڪر آهي، پر اُنھن جي جذبن جي گھرائيءَ کي Proper پينٽ نہ ڪرڻ ڪري ڪِردار واضع نٿا ٿين. ڄڻ اولڙا ۽ عڪس آهن، جيڪي چرن پرن ٿا. اتاولن، غريبن، يتيمن، ڏُتڙيل ماڻھن جو ذڪر ۽ ليکڪ جي اندر جا اهاءَ ضرور مِلن ٿا، پر Metaphors ۽ منظرنگاريءَ کان سواءِ ڪھاڻيون پنھنجو Impact اوترو نٿيون ڇڏين جيترو ڇڏڻ کپين.
بھرحال ان هوندي بہ هيءُ ڪتاب ’زندگيءَ جو رستو‘ جيئن تہ بھادر جي پھرين ڪوشش آهي، اُن ڪري اُميد آهي تہ هو پنھنجي ٻئين مجموعي ۾ سنڌي ادب کي ان کان بھترين ڪھاڻيون ڏيندو ۽ پنھنجين ڪچاين/ڦڪاين تي پاڻ ئي نظرداري ڪندو.
بھادر ٽالپر وٽ نوان نويلا مُکڙين جھڙا جذبا موجود آهن. هِن جي اندر ۾ ڪنواريءَ جي جوڀن جھڙي جُوالا مُکي اُڀامي ٿي، جنھن ڪري اسان کي آسرو آهي تہ بھادر جون ايندڙ ڪھاڻيون هنن کان وڌيڪ بھتر هونديون.

اڪبر سومرو
20 آگسٽ 2008ع
ڪوئيٽا

رشتن روڳ آڇيا

الائي ڪٿان ڪو اڻائو واءُ وريو، جو سڀئي رشتا ناتا پپر جي وڻ جي سڪل پتن جيان ڇاڻيو هليو ويو! ماڻس تہ سندءِ ڪچڙي وهي ۾ ئي پڻس جي مرڻ تي وڃي ٻيو ڪانڌ ڪيو. اڪيلي ٻار جي جيجل جو مُک اڃا تہ تازي اڀرندڙ سورج جي سونھري ڪرڻن سمان پئي جرڪيو .... انھن سونھري ڪرڻن تي بخشو جي ڪا ازلي اک هئي. جو تاڙ ۾ ويٺو هو تہ ڪنھن سمي ٿو مراد جو مرڻ ٿئي! سدوري جڏهن ڪنوارپڻي جي موسم مان گذري پئي تڏهن بہ بخشو تہ ڪيترائي واجهہ وڌا هئا ”سندءِ ڪنوار ٿئي تہ اها ٿئي“ هن ڪيترائي حيلا هلايا پر موسم سندس حق ۾ نہ مٽڻي هئي تہ نہ مٽي! تڏهن اکين جي آڪاس ۾ ساوڻ رُت جو سمولھي آيو هوس سدوري جي سدا ملوڪ پيرن ۾ جڏهن مراد سان شادي جي ڇم ڇم ڇير ٻڌائون تڏهن اها موسيقي سندءِ محبت لاءِ وڏي ٽرئجڊي کڻي آئي هئي. هن پنھنجي پر ۾ پاڻ سان واعدو ڪيو هو .... ” سدوريءَ جي محبت زندگيءَ ۾ ڪڏهن نہ ڪڏهن پائي پوءِ ئي دم کڻندس“ مراد جيڪو اڃا پنھنجي جوڀن جي پھرين ڏاڪن تي ئي رسيو هو تہ ڪينسر جھڙي موذي مرض ڪمھلو اچي سندءِ وجود سان ويڙهاند شروع ڪئي. مرض جڏهن ماڻھو جي وجود ۾ وسندا آهن تہ زندگيون اجڙنديون آهن. هڪڙي ماڻھو جي وڃڻ ڪري ڪيترائي جيوَ زندگي جي رڻ ۾ رلي ويندا آهن. پڻس مراد پويان ڪا پونجي بہ تہ ڪانہ ڇڏي هئي؟! ڀلا مرضن سان مھاڏو اٽڪائيندڙن بہ ڪڏهن پويان ويڙها وسندڙ ڇڏيا آهن ؟!! جميل جي زندگي پڻنس پڄاڻان ۽ ماڻس جي ٻئي ڪانڌ ڪرڻ کان پوءِ ڪنھن شھر جي اهم چو سول تي ماڻھن جو ڌيان ڇڪائيندڙ ڪو اشتھار بنجي پئي؟ بخشو سندس ويڳو پيءُ سندءِ جيون جي ڦلواڙيءَ جو مالھي بڻجڻ بدران اُن جي ويراني جو ڪارڻ ٿيندو ويو ماڻس جي محبت سندءِ پيءُ مراد جي مقدر ۾ آئي جھڙي نہ آئي. پر بخشو جي برھہ تہ ضرور ڀنڀلائي وڌس جو پڻيٺي جي ڄاول پٽ کي بہ فراموش ڪري ڇڏيائين ۽ وڃي نئين ور سان ورونھن ڪيائين. هُو سندءِ نئين گهر ۾ ڇوري ڇني ٻار جيان آڏو ابتو ٽڪر ڀور کائي ڪي کٽيون مٺيون اوڳرايون ڏئي جيون جا پل ڪنھن قيدي جيان ڪاٽي رهيو هو. پڻس جون يادگيريون اينديون هوس تہ ٻٻر جي سڪل ٻُوريءَ جيان سارو وجود ئي ڄڻ ڇڻيل محسوس ٿيندو هوس. بخشو جنھن جو اصلوڪو نانءُ بخش علي هو پر لوڪ وارن بخشو .... بخشو ٿي پڪاريس تنھن جو تہ ساڻس ڪو ورهين جو وير هو جو هو سندس رقيب مراد جي پويان ڇڏيل پھرين ۽ آخري نشاني هو! تنھن ڪڏهن ٿڪ تہ ڪڏهن بُجو پئي جميل جي نصيب تي رکيو .... چي! ”اڀاڳا اهڙو ڪو چنڊو نڪتين جو پڻھين مراد جو سر وڃايئي ۽ هاڻ اچي منھنجي ڪڍ لڳو آهين.“ بخشو تہ سندءِ پيءُ مراد لاءِ ڪو نہ پئي کجيو .... پر مٿس جو باھہ ڇنڊڻي پئي پيس تڏهن پئي مراد کي بہ وچ ۾ آندائين. بخشو جا اهڙا اليل جملا ٻڌي سندءِ اندر ۾ اڌما جاڳي پوندا هئا! هي مرون ٿيو آهي مون کي ائين چوڻ آکڻ وارو .... مُڇن ۾ ڪجهہ انگور جان تہ رکانس خبرچار....“
پوءِ ڪي پل گذرڻ پڄاڻا سندءِ اهي اڌما چُلھہ جي رک ۾ رهيل ڪجهہ چڻنگن جيان پاڻ مرادو ٺري ويندا هئا. تڏهن آسمان ۾ نظر ڌري وري هيٺ زمين ڏانھن تڪڻ لڳندو هو .... آسمان ۾ هو ڪنھن هستي ڏي دعائيه نظرن سان تڪيندو هو ۽ زمين ڏي ڏسندي کيس سوچ ايندي هئي تہ ”بخشو ۾ بہ ڪيڏو نہ غرور ڀريل آهي؟ آخر تہ هن ڌرتيءَ ۾ ئي داخل ٿيندو نہ ....“ بخشو جي گهر ۾ هڪ خسيس نوڪر وانگر هن چاڪيءَ جو ڏاند بنجي پئي جوڳ ڏني لوڪ وارن تہ لکي وڌو تہ ويڳو پيءُ ويڳي پٽ جي جيجل سان الوليون ماڻي ڪيئن نہ پيو سندءِ پٽ جميل سان ڪلور ڪري ..... جميل پنھنجي جيڏن سرتن همعمر ڇورن ڇنڀرن سان بہ پيو سلي ساڻس ڪلورن جون ڪھاڻيون پر ڪير هو هن ڀينگئي سماج ۾ جو ساڻس همدردي ڪري ڪو حوصلو ارپي ها ۽ بجو رکي ها بخشو ڀڙوي جي نصيب تي .... هن سماج ۾ ڪيترن دکي انسانن ۽ بي واهن ڇورن اڳ ڪو گهٽ ڀوڳيو هو .... ۽ ساڻن ڪنھن ڪنھن همدردي ڪئي هئي؟! اردو ۾ جيئن چوندا آهن؟ ”سرڪي بازي سر اٽهائي“ ائين ئي جميل کي اڪيلي سر اهو جهنم ڀوڳڻو هو. پر آخر تہ هو هڪ انسان هو ۽ سندءِ ڪچڙي وهيءَ لاءِ ٽاڪ منجهند جو ڪاڙهو بہ خوب تتل هو. هو ڇورن ڇينڀرن سان دک درد ونڊي اکين جي آڪاس مان وڏ ڦڙو وسائي ويھندو هو .... ساوڻ رُت بہ دک درد ڀوڳيندڙ سڀرن سريرن جا در اچي ڀيٽيندي آهي. ائين ئي اها مند ڪڏهن سندءِ بہ اچي سلام ڀريندي هئي. پيءُ جي وڇوڙي جو ويراڳ ڪچڙي وهيءَ ۾ جيون جا آڇيل جو کم، ماڻس جو پنھنجي موھہ ۾ مرندڙ جواني کان شڪست کائي بخشو جي برھہ ڏانھن ڇڪجي نيٺ سندءِ نينھن واري نڪاح ۾ هليو وڃڻ .... هو اهي سڀ صدما سليندي ڪڏهن ميڻ بتي جيان ڳاڙهو لال شعلو ٿي ويندو هو تہ ڪڏهن اکين مان جرهاريندي پنھنجو پاڻ ئي اجهامي ويندو هو.
هُو تھائين گهڻو ان سمي اجهاڻو جڏهن ماڻس کي بخشو پيٽان پھريون پٽڙو ڄائو تہ ماڻس جي دل مان سندس لاءِ ذرو پرزو پيار بہ ڪنھن کڙي ويل تاري جيان اجهامڻ لڳو. هاڻ بخشو بہ اڳ کان وڌ مٿس باهوڙ جي ٿي آيو. جو ڪل هوس تہ ”سدوريءَ جي جهولي چنڊ جهليو آهي. سا کيس هاڻ ايتري اهميت نہ ڏيندي. ڳوٺ جي لچ لوفرن جي اک بہ هاڻ جميل جي جوانيءَ تي هئي. کين سڌ هئي تہ ماءُ جي محبت کان وانجهيل ۽ بخشو جي ڌڪاريل ڇوري ڇني ٻار لاءِ ٻي جڳھہ ڀلا هوندي بہ ڪٿي؟! هن کي زندگي ۾ضرور ڪن آسائشن جي طلب هوندي؟ هو تہ ڪنھن جي پيار لاءِ بہ پياسو هوندو؟ سندس پيءُ مراد کيس ننڍي لاڪون ئي اڪيلو ڇڏيو هليو ويو .... ماڻس جيڪا محبت ڏئيس ها. سان بخشو جي برھہ ۾ ڦاسي هرڻيءَ جي ٻچي جيان کيس رڻ ۾ رولي وئي تن راز رمزون هلائي کڻي پنھنجي وڪڙ ۾ سوڙهو ڪيو. بخشو جي باھہ جو سيڪيل وجود هاڻ لچ لوفرن جي سرد آهن ۾ پنھنجو سرير ٺارڻ لڳو. پئسا پنجڙ توڙي ٻيون کيسي جون خرچيون جيڪي بخشو واري ڀينگئي گهر ۾ کيس نہ ٿي مليون سي کوڙ ملڻ لڳس. هن پورب پار کان پاڻ لاءِ نئون سج اڀرندو ڏٺو هڪ اهڙو سج جيڪو سندءِ جيون مان انڌيرا هڪالي ڪڍڻ لاءِ ئي اڀري آيو هو. هن خوش فهمي واري اها روشني ڏٺي تہ سارو روح ئي سامت ۾ اچي ويس. هن سگريٽ سوپاريون ۽ پان مصالحا بہ پنھنجي معمول طور واهپڻ شروع ڪري ڏنا هئا تہ لچ لوفرن جي سنگت ساٿ ۾ مين پڙيون ۽ گٽڪا بہ مھماني طور آڇجڻ لڳس. هاڻ بخشو جي در جو پاڻي بہ سندءِ لاءِ وھہ جو وٽو هو. ڏک، سکن جي سونھن هوندا آهن. ڏکن پڄاڻان سک ٿي ماڻيائين شايد سُڌ نہ هوس تہ اهي چئن ڏينھن جو چمڪو آهن ۽ پوءِ انڌيرن ۾ ڀٽڪڻ سندس مقدر هوندو؟!.
ڪيترائي ڏينھن جڏهن هو بخشو جي در تي نہ آيو تہ سدوريءَ جي من ۾ جميل جي اڻ هوند ڪجهہ اڻ تڻ جاڳائي وڌي .... پر کيس تہ جميل سان بخشوءَ جي رويي جي بہ خبر هئي ۽ پاڻ بہ ان ڏوھہ ۾ برابر جي شريڪ هئي جو هن مٿس هٿ رکڻ بدران ڪڪڙ جي چوزي جيان ٺنگوري ڇڏيو هو. سا ڪجهہ پلن لاءِ سوچون سوچيندي پاڻ مڃائي ويھي رهي....!
وقت جي نديءَ ۾ پاڻي جا ريلن مٿان ريلا پئي وهندا ويا ۽ جميل جھڙا ڪيئي جواني جي نشي ۾ ڌت پئي لھوارا ٿيندا ويا .... نشو، جميل جي نس نس ۾ سمائجي چڪو هو. وقت جي ريلن ۾ وهندي مُنھن ۾ مڇون بہ ٺاهوڪيون اچي انگوريون هوس. ڏاڙهيءَ جو فصل بہ اچي ڏاٽي وجهڻ جھڙو ٿيس. پر گڏ گڏ نشي ڪري سرطان جھڙو ڪو مرض بہ اندر ۾ اسرڻ لڳس. لچ لوفر جن کيس پئسا پنجڙ ۽ کيسي جون خرچيون ٿي ڏنيون کنوڻ جي تجلي جيان سندءِ جيون ۾ اچانڪ چمڪي ڪيڏانھن گم ٿيندا ويا. جو هو سندن ڪم واري وهي وارا سڀ ڏاڪا مٿي چڙهي چڪو هو! مين پڙين، گٽڪن ۽ ٻين نشن جو ماريل جميل هاڻ پورب پار کان پنھنجي جيون ۾ اڀري آيل نئين سورج کي اجهامندو ڏسي رهيو هو. سڀني رشتن ناتن جي ڌوڙ ڇاڻي هو هاڻ اندر ئي اندر روز ”مري جي“ رهيو هو جڏهن خيال ٿي آيس پنھنجي کيسي ڏانھن ڏسڻ جو .... تڏهن مايوس ٿي درد جي سٽ اندر ۾ اڌمو بنجي ٿي اٿيس، مين پڙين،گٽڪن ۽ ٻين شين جي نشي بدن ۾ چهنڊڙيون پئي پاتس! ڏاڙهي ۽ مڇون ايتريون وڌي ويس جو هو بظاهر هڪڙو حقير فقير بنجي پيو. بدن تي پيل لٽا ڪيترا مھينا نہ ڌوپڻ سبب ميروٽڙا فقيراڻا بڻجي پيس هو ان ويس ۾ سماج ۾ گدا شفا لاءِ لھي پيو. ان مان جيڪي بہ پئسا ملنس ڪجهہ روزي روٽي تہ ڪجهہ نشي پتي ۾ هليا وڃنس .... آخر لوڪ بہ لکي وڌو تہ هي ڇالاءِ ٿو پني .... “ پوءِ اها واھہ بہ هٿان ويس. هاڻ هڪ تہ نشي اچي نماڻو ڪيس تہ ٻئي طرف سندس اندر ۾ سرجيل مرض بہ لڳو کيس سُري وانگر کائڻ! سندءِ جيون جا ڏهاڙا هاڻ بخشو واري قيد کان بہ خوفناڪ ۽ ٽريجڪ ڪٽجڻ لڳا. بي واهي مريض لاءِ سوسائٽي وٽ ڪوبہ مسيحا ڪونہ هو.
جيڪو هن جو علاج ڪري ها ۽ دوا درمل ڏئي سندءِ وجود ۾ ڪو شفا جو ٻج ڇٽي ها .... هن پنھنجي آسپاس ڏٺو سڀ رستا بند هئا صرف هڪڙو ئي رستو کليل ڏٺائين .... جيڪو موت جي وادي ڏانھن وڃي رهيو هو .... زندگيءَ جي فت پاٿ تان هن اٿڻ جي ڪوشش ڪئي تہ جيئن موت جي وادي واري رستي ڏانھن وکون کڻي! تيستائين کيس زهر آلود رت واري الٽي اچي وئي. رشتن جا سڀ جراثيم الٽي ۾ ساھہ کڻندي محسوس ڪيائين. پوءِ هُو موت جي وادي واري رستي ڏي وکون کڻندو اڳتي نڪري ويو.

عشق جنين سر آيو!

هن کي هر ڪو پيو ڪرمون چريو سڏيندو هو .... لوڪ جي نظرن ۾ جيڪو چريو ٿي پوي تہ اهو ڪنھن جي نظرن ۾ ڀلا ڏاهو هوندو؟! هڪ ڳالھہ ساهن۾ هئي جيڪا ئي شايد سندس چريائپ جو سبب بنجي آئي هئي. اها هئي سندس غربت! ڪرمون جي بدن تي لٽا پراڻا ۽ ڦاٽل هئا. شيوَ تہ ڪڏهن ايتري وڌي ويندي هوس، جو غريب کي مفلسيءَ سبب بليڊ بہ هٿ نہ لڳندو هو. تنھن ڪري هي بہ ٻين مفلس ماڻھن جيان اچي ويو چريائيءَ واري چڪر ۾ !!
ڳوٺ جي جنھن گلي / گهٽيءَ مان گذري تہ اتي هنگامو برپا ٿي وڃي. ”چريو چريو .... ڪرمون .... چريو هن ويچاري لاءِ سماج زندگيءَ جا ڏهاڙائي تنگ ڪري وڌا هئا. نہ ڏسن سندس سونھاريءَ کي جنھن ۾ ڪارن وارن جي گهڻائيءَ ۾، ڪجهہ ڪڻا اڇن جا بہ هوس نہ ئي سندس وهيءَ جو ئي ڪو ويچار هئن! بس هو تہ هئا ننگا ۽ اگهاڙا. وتيا ٿي وئرٿ نچيا ۽ ٽپيا! ڪرمونءَ جو ڌنڌو هو مال چارڻ. سج جڏهن پنھنجو چمڪندڙ چھرو مٿي کڻندو هو، تہ ڪرمون سڄي ڳوٺ جي گوهر کي تاڻي نڪري پوندو هو جهنگل ڏي. پوءِ مينھن جي ڪارين ڀنڀور ڳچين ۾ ٻڌل چڙن مان اهڙي تہ مڌر موسيقي ڇڙي پوندي هئي جو چارڻ جو چنگ ئي مات کائي وڃي. هُو انھن چڙن جي موسيقي تي گيت جهونگاري ويھندو هو. گيت مٿان گيت، ڄڻ سُرن جون ساوڻيون وسنديون هجن، جوڀن جا جلوا جلترنگ ٿيندا هجن.
ڪرمون چريو .... چريو وارا بي سُرا ۽ بي حيا آواز جڏهن ڪنين پوندا هوس تڏهن، هيڪر تہ ڇرڪي اٿندو هو. انھيءَ اچانڪ شاڪ تي، سوچن جا ڪاريھر بہ جدا وڻ ويڙهي جيان ويڙهي ويندا هوس ڇا واقعي ئي تون چريو آهين؟! جي لوڪ ائين ئي ٿو ڪوٺينئي تہ پوءِ ڪيترو بہ ڏاهو ڇو نہ چوين پاڻ کي! پر سڏبين وري بہ چريي جو چريو ....!
هو واندڪائي ويل، پنھنجي سائي، سکڻي سماج جي اڍنگيءَ چال تي خوب سوچي ويچاري، انت ۾ وڏو ٽھڪ ٻُرائي، هلڻ لڳندو هو. پوءِ ڪجهہ پل ان ڳالھہ کي ئي لنوائي ڇڏيندو هو تہ ”واقعي هُو ڪو چريو بہ آهي ڇا؟!“ ڪرمون جي زندگيءَ جي پھرين صبح جڏهن هُو ماءُ جي سائي سڀاڳي ڪُک مان گهرڪي آيو، ڪيڏي نہ سُندر ۽ سھڻي هئي. سندس ابي کيس هنجهہ ۾ کڻندي ئي، ڌڻيءَ جو شڪر بجا آندو هو، سندس ماءُ جيڪا ويم جي سُورن ئي ساڻي ڪري وڌي هئي – جڏهن سندس اوئان .... اوئان .... ٻڌائين تہ سُورن جون سڀئي سٽون ئي وسري ويس دائيءَ ۽ جيڏين سرتين جي مبارڪن جا مينھن وسي ويس، سندس ابي ۽ امان جون اکيون، خوشيءَ هاڻن لڙڪن ۾ رجي ويون. سندس ڄمڻ کي، هن جي پيءُ، ﷲ جو ڪرم ڄاڻي، کڻي نالو ئي ڪرم ﷲ رکيو. سندس ڇٽيءَ ڇهين ڏينھن، مڻين مُنھن مٺائي کائي، لوڪن ٿي لوڏون ڪيون ڪرم ﷲ جو پيءُ دين محمد تڏهن چڱي چوکيءَ وارو هو. وٽس سئو جريب زمين هئي ڪمدار ڪوٽار توڙي تر جا چڱا مٺا ماڻھو پيا سندس آڏي ٽيڏي ۾ گذاريندا هئا. مڙس هو بہ ڪو مٿير هو، جو سڀني جي منافقي کي مُنھن ڏيو بيٺو هو.
ڪرم ﷲ اڄ ڪاني تہ سُڀاڻي ڪانو! نيٺ اچي جوانيءَ واري جوڳ کي رسيو! مُنھن تي مڇون ۽ ڏاڙهي اچي انگوريس سوچن ۽ احساسن ۾ ڪيئي مڌڀريون هوائون گهلڻ لڳيون.
هو ڪڪرن وانگر هيڏانھن هوڏانھن آواره ڦرڻ لڳو. جواني، اندران ئي اندران چڪ ٿي وڌس، تنھن سُڪون ئي تياڳائي ڇڏيس، نيڻن کي جو نياپو مليو تہ ورھہ جي ويراڳ اچي در جهليو ننڊ نيڻن کان ئي رُسي هلي وئي. تارن سان رهاڻيون ٿيڻ لڳس. ستارن جي سونھن ۾، پنھنجي پرين جا پيرا پئي تلاشائين،پرين اهڙي سان وڃي پيچ اڙايو هوس، جو ڏسندي ئي ڏوھہ ڇڻي وڃن.!
سندس سرير جي سونھن ۽ چھري جا چمڪا،ڄڻ وڄ وراڪا هئا هُو انھن اڳيان پنھنجو هوش ئي هارائي ويو. هن کي هاڻ هر شيءَ ۾ پرينءَ جو پاڇو ئي پيو سمايل محسوس ٿئي! ڇو تہ سندس تصور وارن ريشمي ڌاڳن۾ پرينءَ جا پور اڻجي ويا هئا. سندس اندر ۾ عشق واري آگ، اُلا بنجي چڪي هئي. ڪرم ﷲ جي ڪيفيتن، سندس پيءُ تي منڪشف ڪيو تہ سندس پٽڙي جون اکيون ڪٿي اڙجي ويون آهن.
دين محمد تہ دنيا جون لاهيون چاڙهيون اُڪري آيو هو. جوڀن جا اڻاوا سڻاوا لَڪَ لتاڙي هاڻ اچي هٺ کي هيٺ ڪيو هوس تنھن لاءِ ڪرم ﷲ جي ڪيفيتن کي محسوس ڪرڻ ڪو اوکو ڪم نہ هئو. پر، ” جوانن جا معاملا، جوان ئي ڄاڻن“ اهو سوچي کڻي صبر ڪيائين.
اچانڪ ابتيون هوائون اچي لڳيون، موسمن جي ان مٽ سٽ ۾، دين محمد بہ دنيا ڇڏي هليو ويو سندس وڇوڙي جو غم، ڪرم ﷲ لاءِ مختصر ثابت ٿيو. ٽي ڏهاڙا پٿر تي ويھي هن عذر خواهيون وصول ڪيون. پڻس جي ٽيجهي وارو ٽاڻو ٽاري جيئن اٿيو، تيئن وري گوڏو کوڙي نہ ويھڻو هو تہ نہ ويٺو.
هن تي نسواني نينھن کيپ چاڙهي ڇڏيا هئا. هو هاڻ پنھنجي پرينءَ کي پائڻ جي چڪر ۾ اچي ويو. پرينءَ جنھن ڪڏهن ساڻس يا هُن ٻہ ٻول بہ ڪين ٻوليا هئا. تنھن کي پائڻ بہ ائين هو، گويا پٿر ائين پيچري تي هلڻ!
هنن ٻنھي جي نيڻن ئي هڪ ٻئي سان نينھن جو نياپو سليو هو ۽ بس!! پوءِ تہ پُورن مٿي پور پيا پونس. ”ڪيئن بہ ڪري، محبوب سان ملڻو آهي.! انلاءِ ڪيتري ئي ڀاري قيمت ڇو نہ چڪائڻي پويم؟!“ پوءِ تہ پڻس واري دولت کي اچي لٽائڻ بيٺو. پئسا پنجڙ جيڪي پونجي ۾ هئاسي تہ سکڻا دلاسا ڏيڻ وارا ويا ڳڙڪائي. باقي بچيس وڃي پڻس واري ڇڏيل ٻني! جيڪا ونيءَ وانگر مردن کي عزيز هوندي آهي. پر اها بہ سندس هٿن مان وڃڻي هئي، سا هلي وئي. وڏيري عليءَ جي ڪنن ۾، ڪنھن وڃي ڀُڻڪو ڪيو تہ ”دين محمد جو ڇورو سندس ڌيءَ تي مفتون ٿي، پڻس واري دولت برباد ڪري چڪو آهي. هاڻي اچي ٻني ٻاري وڪڻڻ جا سانڀاها ڪيا اٿس“ وڏيرو علي ٻنيءَ تان سر ساھہ ڏيڻ وارو شخص هو. تنھن جو اهاڳالھہ ٻڌي تہ مُڇن کي کڻي موڙو ڏنائين، پنھنجي بوسڪيءَ واري پٽڪي کي ور ڏئي، ٻنيءَ حاصل ڪرڻ لاءِ اٿي کڙو ٿيو! ڪنھن راز واري سان ڪرم ﷲ ڏي سنيھو مُڪائين ” تہ جيڪڏهن زمين تان هٿ کڻندين تہ آءٌ بہ ڏيندس پنھنجي ڌيءُ تنھنجي رشتي ۾“.
ڪرم ﷲ، پاڻ لاءِ اهو سودو سوايو سمجهندي، ها ڪري ويٺو. پر شايد هو اڻ ڄاڻ ئي هو تہ وڏيرو علي ”مطلب جو يار آهي جڏهن مطلب نڪريس ٿو تہ اڳلي کي ائين ٿو مٿان ڪري هڻي، جو چاليھہ سال سندس چيلھہ ئي سنئي نہ ٿي ٿئي! هُن پنھنجي ٻني لکي ڏني، ونيءَ لاءِ اها ئي ٿيندڙ ونيءَ جنھن سان پريت جا پيوند اڙائي چڪو هو. ڪرم ﷲ مُڪو پنھنجي ماءُ کي وڏيري عليءَ وٽ سڱ ڪاڻ! تہ سندس رشتو پڪو ڪري اچي. هُن جي اکين ۾ اميدن جا الماس پئي جرڪيا تہ اجهو ٿي کيس خوشخبري ملي. سندس جيجل ماءُوڃي عليءَ جي اڱڻ تي پير پاتا. مرحبا تہ موچاري ڪيائونس عليءَ جي گهر واري اٿي کلي کيڪاريس وڏيري عليءَ بہ پنھنجا چپ چوريندي، کيس ڀليڪار ڏني. پر جڏهن سليائين ساڻن پنھنجي ڇوڪري لاءِ رشتي وارو راز! تہ وڏيرو علي شھپر وٽي، مُنھن ۾ گهنج وجهي لڳو کيس گهورڻ، وڏيري جي زال وضعداري کان ڪم وٺندي، کيس خاموش رهڻ جو اشارو ڏنو. هوءَ پاڻ ويٺي ڪرم ﷲ جي ماءُ کي ڪن ۾ ڀڻڪو ڪرڻ ؛ ”ادي! ڳالھہ سچي اها اٿئي تہ منھنجو مڙس، تنھنجي پٽ کي سڱ ڪونہ ڏيندو .... باقي سکڻو دلاسو ڏئي،توکي سهڪايو اٿس ان لاءِ آءٌ توکا معافي جي طلبگار آهيان؟!“ ڪرم ﷲ جي جيجل جا سڀ ڇيھہ ئي ڇڄي ويا، اهڙي جواب تي!! هوءَ جڏهن موٽي ماڳ آئي تہ ڪرم ﷲ سندس ويجهو اچي، وراڻي ورتس....! ماڻس کيس کُتو جواب ٻڌايو تہ موم بتيءَ جيان سڄو ئي وسامي ويو. اکين جي اڳيان ڪاريون چادرون اچي ويس. پنھنجو پاڻ وڃايل وڃايل محسوس ڪيائين ماءُ سندس اڳيان مجبور بڻي بيٺي رهي ماءُ ڀلا ڪھڙي آٿت ڏئيس ها؟! هن وٽ هو بہ ڇا .... سڀ ڪجهہ ئي تہ سندس حوالي هو جيڪو بہ هاڻ سندس نہ رهيو هو. بدحواسيءَ جي عالم ۾، اکين جا تارا ڦيرائي ماءُ کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو ؛ ”امان هي سڀ ڪجهہ ڇا ٿي ويو ....؟! مون سان تہ وڏيري نسورو ناحق ڪيو آهي. ان سڱ عيوض ئي تہ مون کان زمين ....“
احساس جي شدت سبب هُو وڌيڪ سلي نہ سگهيو. ماڻس تہ سندس اڌوري گفتگوءَ مان ئي ساڃاهي وئي ؛ ”ڇورا ....! زمين جو ٽڪرو بہ وڃايئي ڇا ....؟!“ ورھہ جي ويراڳ جو ماريل ڪرم ﷲ ڪو بہ جواب نہ ڏئي سگهيو. ماڻس بہ وڏيري جا پرڪار ڏسيو ويٺي هئي، جنھن حشمتن ۽ هرفتن سان ڪيترن جا ڀاڻ ڀينگيا ڪري ڇڏيا هئا. سا اندر ۾ سڄي اڌ ٿي وئي، پنھنجي دين دنيا جي اڪيلي پٽڙي جي اهڙن ڪرتوتن ۾، هوءَ ڏينھون ڏينھن ويئي ڳرندي .... پر کيس اُف بہ چيائين ڪين!!
ڪرمون کي وڏيري خلاف اندر ۾ اُلا اُٿڻ لڳا هاڻ هُن اڳيان وڏيري جو نالو بہ جنھن ٿي اچاريو تہ اتي چھرو ئي بدلجي ٿي ويس. هڪ رات پاڻ مرادو طئه ڪيائين ته”اڄ هُو ان حويليءَ ۾ داخل ٿيندو. جتي فاطمہ جي جوڀن جي حسين رُت سندس انتظار ۾ آهي. هن جون وکون وڏيري جي حويليءَ ڏي وڌڻ لڳيون. ان سمي آڪاس ۾، تارا ٽم ٽم ٽمڪي رهيا هئا. جيڪي انڌيرن ۾ روشنين جا رازدان هوندا آهن. هن ٻانھن ۾ پيل گهڙيءَ تي ٽائيم ڏٺو ؛ ”رات جو هڪ وڄي رهيو آهي. ڪير اچانڪ ڏسي وٺي تہ .....؟! جيڪڏهن ڪنھن ڏٺو بہ تہ ڇا ٿيندو ....؟! آءٌ پنھنجي فاطمہ سان ٿو ملڻ وڃان ..... نہ ئي ڪنھن جو ڌاڙو هڻن ٿو وڃان“ هُو اهڙيون سوچون سوچيندو اچي وڏيري جي حويليءَ وٽ پھتو. رات جي خاموشيءَ ۾، حويليءَ جي ديوار ڏي هڪ نظر اڇلايائين. سندس اڳيان ڄڻ هماليہ جبل ڳاٽ کڻيو بيٺو هو.حويليءَ جي ديوار کي چوڌاري چڪر هنيائين تہ اڀرندي طرف کان، ديوار ۾ هيٺ چڱو چوکو سوراخ نظر چڙهيس. پڪ ٿيس تہ سندس سُوتليءَ جھڙو سنھو سيپڪڙو وجود منجهائنس پار پئجي ويندو. هو همت ڪري اهو لڪ لنگهي ويو. فاطمہ جي بہ جوڀن جوانيءَ، ننڊ ڦٽائي کڻي رکي هئي تنھن پريان کان ئي سندس پاڇي کي پرکي ورتو ..... همت ڪري هوءَ بہ هلي آئي ڏانھس ..... طالب ۽ مطلوب، پاڇو ۽ وجود ونگجي ويا!! پيار جو پرڪيف پيالو پيتائون، تہ زندگيءَ ڀر ائين ئي ملڻ جا وچن ويھي ونڊڻ لڳا.
پرھہ جو پوتر چھرو اڃا پرار ئي هو. تہ هڪ ٻئي کان موڪلاڻي ڪيائون ليڪن ڪرم ﷲ سماج جي ماڻھن جي نظر ۾ ڪرمون چريو ..... ٿي چڪو هو. جو هُن زر، زمين وڃائي ڳوٺ جي گوهر چارڻ شروع ڪئي هئي.

جوڀن جو سپنو

سج لٿي کي ٽي ڪلاڪ کن ٿي چڪا هئا. هوءَ نيريون گھريون ۽ خماريل اکيون کڻي چنڊ کي گهوري رهي هئي. چنڊ جي آسپاس ستارا هئا. ستارا جيڪي چنڊ تي ڄڻ عاشق هئا ۽ چنڊ سان پئي مرڪيا ۽ کليا! رات جيئن گذرندي ٿي وئي تيئن چنڊ بہ پنھنجو سفر پورو ڪندي، اڳتي رڙهندو پئي ويو. پرھہ جڏهن پنھنجا پَرَ ڦھلائڻ شروع ڪيا تہ واهيرن ۾ پکين “چون چون” ۽ “هُو هُو” ٻوليون ٻوليندي اڏامڻ جو سعيو پئي ڪيو. پرھہ جيئن وڌيڪ گهري ٿي وئي تہ پکي ڀڙڪو ڏئي واهيرن مان ٻاهر اڏامي ويا .... تہ هوءَ بہ پنھنجي سپني مان سجاڳ ٿي آئيني ۾ پاڻ کي ڏسڻ لڳي .... سندس وارن ۾ چاندي چمڪي رهي هئي .... چھري تي وقت واٽون ٺاهي ڇڏيون هيون چھري ۾ پئجي ويل گهنج ڏسي هن ٿڌو ساھہ کنيو .... ۽ وات مان پاڻ مرادو نڪري ويس. ”ڪيڏو نہ حسين سپنو هو جوڀن جو سپنو!”.

عڪس

هن کي مون هڪ دوست جي روپ ۾ ڏٺو. دوست بہ اهڙو، جيڪو ويساھہ ۾ رکڻ جھڙو پئي ڀانيم ! هن قدم قدم تي مون سان چڱائي لڱائي واري هلت هلندي، ان ويساھہ کي وڌيڪ پختو ڪرڻ جا جتن پئي ڪيا. ليڪن منھنجي دل ۽ ذهن اهو نہ پيا مڃن تہ “ هو بہ ڪو ويساھہ ۾ رکڻ جھڙو آهي ....؟!” ائين منھنجي ذهن ۽ دل جي اسڪرين تي اهڙن سواليہ نشانن جا ڊگها سلسلا جڙندا ويا ....
ذهن ۽دل ٻئي هم آهنگ ٿي، سندس دوستي واري ظاهري روپ کي مڃڻ لاءِ تيار نہ هئا. پر مون کي تہ اوس ساڻس نڀائڻو هو .... جو سياڻن جو اهو قول مون کي وري وري پئي ياد آيو تہ ”گل جو جواب گل سان ئي ڏيڻ کپي ....“ سو هن پنھنجي رويي مان دوستيءَ جا مھڪيل گلاب آڇيا تہ مون وري بهار جي مند ۾ ٽڙندڙ گلن جي ڪلين جهڙا، دل جي دنيا مان چورايل جذبا کيس ارپن ڪيا. هو ڏينھو ڏينھن منھنجي ويجهو پوندو ويو. سندس رويي جي ڪشش مون کي بہ سندس ويجهو ڪندي آئي. اهو سڄو عمل، جيڪو منھنجي طرفان ٿي رهيو.
هو سو دل جي منشا بنان هو. ڪشش صرف سندس ظاهري رويي جي ڪمال جي هئي. اندر ۾ منھنجي لاءِ کيس محبت هئي يا نہ ....؟! اهو منھنجي منطق لاءِ اهم سوال هو! هن ۾ مردن واري مردانگي بہ هئي يا يوسف ۽ زليخا واري عشق جو سندس اندر ۾ ڪو اهاءُ هو؟! سو تہ آءٌ سوچي نہ ٿي سگهيس، جو منھنجو ذهن سندس باري ۾ اهڙو سوچڻ ۽ مڃڻ کاءِ مانع هو. پر وري بہ منھنجي مجبوري هئي تہ آءٌ دل ۽ دماغ کي مڃائي وٺان تہ “هيءُ دراصل انساني معاملو آهي ان لاءِ سنجيدگيءَ سان ويچارڻ کپي....“ هاڻ هن ۽ منھنجو ملڻ جلڻ ائين هو جيئن پاڇو پنھنجي اصلي وجود سان هوندو آهي ۽ رات ستارن سان هوندي آهي، جيئن چند چانڊوڪيءَ سان هوندو آهي. ان ملڻ جلڻ جي تسلسل ۾، هڪ لمحي هن مرڪندڙ نگاهن سان مون ڏي ائين گهوريو ڄڻ پڇي رهيو هجي “ويساھہ جون سرحدون اڃا دور آهن ڇا.؟!” ۽ مون ڄڻ ۽ جواب ڏنو تہ “هيءُ سراسر دل جو معاملو آهي. دماغ کي تہ مڃائي سگهان پر دل تان بي اعتماديءَ جو ڳورو پٿر ڪير ٿو هٽائي ٿو سگهي ....؟! هن جي مرڪ منھنجي غلام ذهن جو مسئلو حل ڪري ڇڏيو. ذهن ۾ هڪ اڄاتل ويساھہ جون هوائون گهلڻ لڳيون. ذهن جي تاريڪي روشنيءَ ۾ بدلجڻ لڳي ... ويساھہ جا واچوڙا منھنجي ذهن جي چؤگرد ائين ڦيرا پائڻ لڳا ڄڻ ذهن ۾ ڪو انقلاب اچي ويو هو ....؟!
هو جو مون سان پھرين دفعي مليو هو تنھن مرڪ جو ڪمال هو يا منھنجي نظرن جو دوکو هو پر بھرحال انساني مرڪ هئي. انڊلٺي رنگ هئا ان مرڪ ۾! دل جيڪڏهن مڃي تہ واقعي ئي دوستاڻي مرڪ هئي اها، جنھن مرڪ سان هن مون ڏي ڏٺو هو. ٻئي هڪ حسين لمحي اسان وري ملياسين هن ڀيري سندس چپن تي مرڪ تہ نہ هئي البتہ سندس ڳالھاءُ واري سنگيت ٻڌڻ جي حس ذريعي دل جي تارُ کي ڇيڙي ڇڏيو. دل پنھنجي محبوب کي سڃاڻي ورتو. دل کي تمنا ۽ آرزو ٿيڻ لڳي تہ “آءٌ کيس پائي وٺان” مون تہ سچ پچ پنھنجي ليکي چوکي ۾ اڳ ئي پنھنجو سمجهي کيس پائي ورتو هو هو چوڻ لڳو.” آءٌ ڪيترا سال توڏي پھچڻ لاءِ پنڌ ڪندو رهيو آهيان پر نزديڪ هوندي بہ محسوس ٿئيم ٿو تہ ڪيئي صديون توکان دور آهيان.”
“ها ....! سچ ٿو چوين، تون واقعي ئي مون کان دور هئين پر هاڻي جڏهن ويساھہ جي سرحد منھنجي من اندر ۾ کلي آهي تہ ائين ٿو ڀانيان تہ تون منھنجي قريب تر آهين!” مون کيس پنھنجي من جي وارتا ٻڌائي، بس ڪئي تہ سندس نيڻن مان ٻہ لڙڪ لڙي زمين دوز ٿي ويا. مون تھائين وڌيڪ پاڻ کي ويساھہ جي گهاٽي بڙ جي ڇانوَ ۾ ساھہ کڻندي محسوس ڪيو ۽ يقين ٿيڻ لڳم تہ هن جي دل تي بہ منھنجي دل وانگيا حقيقي ويساھہ جا پاڇا پئجي رهيا آهن. سندس اکين جي ڍنڍ مان ڪريل لڙڪ ان جي گواهي ڏيڻ لاءِ ڪافي هئا.
مون پھرئين وار کانئس سندس نالي پڇڻ جي زهمت ڪئي. چيائين “عڪس”! “عڪس، ڪڏهن ڳالھائيندا بہ آهن ڇا....؟!” چيائين “ڇو نه” هر عڪس کي پنھنجي زبان هوندي آهي. آءٌ تنھنجو عڪس آهيان تون منھنجو عڪس آهين آءٌ تنھنجو جنم آهيان تون منھنجو جنم آهي” (ڪوثر ٻرڙو)
“عڪس، شاعري بہ ڪندا آهن ڇا؟! اهي جملا شاعري وانگيان محسوس پيا ٿين.”
مون چيو “جي شاعري نہ ڪندا آهن تہ شاعرن کان ڳايا ضرور ويندا آهن.” عڪس ورندي ڏني. هاڻي سندس ان نانءُ کي نہ وسھڻ لاءِ مون وٽ تہ باقي ڪو بہ جواز نہ بچيو هو. ڇاڪاڻ تہ مون ڪيترن شاعرن جي شاعري پڙهي هئي جنھن ۾ عڪس ئي عڪس هئا. اها شاعري نہ آهي جنھن ۾ عڪس بندي نہ هجي. هاڻي عڪس مون سان بي حجاب ٿي ڳالھائڻ لڳو هو. آخر تہ اسان ٻنھي دلين جو سودو ڪيو هو ڪڏهن آئينو کڻان تہ اتي عڪس ئي مون سان مخاطب ٿئي. ڪڏهن منھنجا ٻار منھنجي اڳيان اچي بيھن تہ گويا منھنجو دوست مون اڳيان هڪيو تڪيو حاضر آهي. فطرت جي هر رنگ ۽ منظر ۾ عڪس ئي عڪس نظر پيا اچن. سمنڊ جو ڪنارو دريائن جا ساحل، ڍنڍن جون ڪنڌيون عڪس ئي عڪس بنجي منھنجي اکين اڳيان ڦرڻ لڳيون ۽ بي حجاب ٿي ڳالھائڻ لڳيون. آءٌ حيراني جي عالم ۾ هر منظر کي تڪيندو رهجي ويس.

مرڪن ۽ ٽھڪن جي ڳولا

آءٌ هلندي هلندي اهڙي وسنديءَ ۾ پھتس جتي ٽھڪ ڏيڻ منع هئا؛ مُرڪ بہ مھانگي هئي! پر آءٌ تہ مرڪن ۽ ٽھڪن جي تلاش ۾ ئي نڪتو هوس جيڪي منھنجي شھر ۾ تہ اڳ ئي اڻ لڀ ٿي چڪا هئا. مون هڪ اهڙي عورت کي ڏٺو، جيڪا پنھنجي ننگ ۽ ناموس جي رکوالي ٿي لڳي. چھري جي خوبصورتيءَ ۾ بہ هوءَ پنھنجو مٽ پاڻ هئي هلڻ ۾ تہ هيڪاري ائين پئي محسوس ڪرايائين، ڄڻ ڪا وڏ گهراڻي عورت هجي. سندس ٻنھي ٻانھن ۾ سونيون چوڙيون، وڄ وراڪا ڏئي رهيون هيون نڪ ۾ ڪنھن جي نينھن جي ڦلڙي پاتل هوس. جنھن بہ جهرڪا پئي ڏنان سندس جوڀن جيئن، منھنجون نظرون سندس چھري تي ڄمي ويون. هلندڙ قدم اوچتو بيھجي ويا. پنھنجي احساسن ۾ عجيب قسم جو طوفان برپا ٿيندي محسوس ڪيم. کيس ڏسندي سندم دل جي ڪائنات ۾ سوين ڪھڪشائون روشن ٿي ويون مون تصور ئي تصور ۾ ڄڻ کيس پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. هوءَ مون کان ٻن وکن جي وٿيءَ تي بيٺل هئي سندس چھري ۾ چتائي، مُرڪ ڳولڻ جي ڪوشش ڪيم، سندس گهرن ناسي نيڻن جي ڪنھن ڪنڊ مان موهيندڙ مرڪ جو ڪو پاڇو نظر نہ آيو. منھنجي ائين گهوري نھارڻ سان، سندس اندر ۾ اچي، اڻ تڻ جاڳي. “هيءَ ڪير شخص آهي جو ائين ٿو منھنجي مُنھن ۾ چتائي ڏسي!!” پنھنجي پاڻ سان ڳالھائيندي هن مون کان پڇي ورتو. ڇا اوهان مون کي سڃاتو آهي.؟!” هُن ڌيرج ۽ سنجيدگيءَ سان وراڻيو. منھنجو جواب ناڪار ۾ هو. “مون اڳ توهان کي هن وسنديءَ ۾ ڪڏهن بہ ڪونہ ڏٺو آهي.” هن ٻيھر ٻوليو “بلڪل اوهان جو اندازو درست آهي. مان هت پھريون ڀيرو ئي آيو آهيان. مان آهيان مُرڪن ۽ ٽھڪن جو متلاشي، جيڪي منھنجي شھر ۾ اڻلڀ بنجي چڪا آهن. ڇا تون ڪجهہ مرڪون ۽ ٽھڪ پکيڙي سگهين ٿي؟! “مون گنڀيرتا مان کانئس سوال ڪيو.
هن روئڻھارڪي لهجي ۾ وراڻيو ؛ “منھنجا ٽھڪ توڙي مرڪون زندگيءَ جي اُن شاهراھہ تي گم ٿي ويا آهن. جتي دکن ۽ دردن جي ٽرئفڪ هر خوشيءَ جي حادثي جو سبب بنجي ويندي آهي. پوءِ محسوس ائين ٿيندو آهي ڄڻ خوشي جھڙي چيز رڳو هڪ سپنو هو.” ڳالھائيندي ڳالھائيندي هوءَ لڙڪ روڪي نہ سگهي. مون کي پنھنجي مقصد جي حاصلات تي پاڻي ڦرندو محسوس ٿيو. مرڪن ۽ ٽھڪن جي عيوض، سندس نيڻن مان لڙڪن جا قافلا اٿي هليا. کيس ڏسي آءٌ بہ غمزده ٿيڻ لڳس! هن اولھہ طرف اشارو ڪندي، پنھنجي گهر جو ڏس پتو ڏنو ۽ وراڻيائين، “ٿي سگهي تہ اتي ڪنھن مھل ضرور اچجانءِ” پوءِ هوءَ تڪڙا قدم کڻندي اڳتي وڌي وئي مون وري پنھنجي مقصد جي حاصلات لاءِ وسنديءَ جي ٻين لوڪن تائين رسائيءَ جو سوچيو ....! ڪجهہ وکون کنيم تہ هڪ جهور پوڙهو ماڻھو مليو، جيڪو لٺ جي سھاري پنھنجي ڪمزور جسم کي گهلي رهيو هو.
هن جي چھري ۾ گهنج پيل هئا ۽ اکين ۾ اڌوري روشني هوس جيڪابہ شايد وسامڻ تي هئي. “مون کي مرڪن ۽ ٽھڪن جي تلاش آهي. انھن جي باري ۾ ڪجهہ ٻڌائيندا؟!“ مون کانئس پڇيو. هن حيرت مان وراڻيو “مرڪ ۽ ٽھڪ ٿيندا ڇا آهن بابل؟!! مون تہ اهي نڌڻڪا نالا ٻڌائي توکان آهن مون کي تہ تلاش آهي منھنجي پٽڙي جي! جيڪو ڪيترن سالن کان اکين کان اوجهل آهيم سندس ويراڳ منھنجو جيون ئي جاڙ بڻائي رکيو آهي .... ٻڌئي .... ابا؟! هاڻ تہ مون ۽ منھنجي گهر واريءَ وٽ صرف لڙڪ ئي باقي وڃي بچيا آهن .... ۽ بس ....!” هن گهرو ۽ اونھو ساھہ کنيو تہ ويتر تلخي اندر ۾ اوتجي ويس. هو لٺ تي ٺڙڪ ٺڙڪ ڪندو وڃڻ لڳو .... ايتري ۾ پرتي نگاھہ جو وڌم تہ هڪ بانڪو جوان نظر آيم! جيڪو پنھنجي پراڻي موٽر سائيڪل صاف ڪري رهيو هو. مون کي آئڙيو اهو جوان ئي مون کي مرڪن ۽ ٽھڪن جو ڏس ڏئي سگهي ٿو.
مون وڌي وڃي کيس سلام ڪيو. هن سلام جو جواب ڏيڻ بدران پنھنجو مُنھن بڇڙو ڪندي وراڻيو ؛ “جتي ٽھڪ ۽ مرڪ منع هجن. اتي اسان جو ملڻ ڪھڙي معني! ٿو رکي؟!” هو اتا ولائي مان موٽر سائيڪل اسٽارٽ ڪري هليو ويو. منھنجيون ڏندين آڱريون اچي ويون ۽ سوچڻ لڳس تہ شايد هن وسنديءَ ۾ بہ مرڪن ۽ ٽھڪن جو ڏس پتو نہ ملي سگهي؟!
منھنجون سوچون ڪنھن اوڙاھہ جيان ويون گهريون ٿينديون. تہ اچانڪ ان عورت جي تصور منھنجي ذهن جي اسڪرين تي خيالي نظارو پسايو تہ حيران ٿي ويس. ڪيڏي نہ پاٻوھہ مان ٻہ ٻول ٻوليا هئائين. سندس نيرين گهرين اکين ۾ ڪيترائي سوال هئا .... سوال. پويان سوال .... جن جا جواب تہ شايد هي سارو جھان بہ نہ ڏئي سگهي؟! منھنجا قدم پاڻمرادو وڌڻ لڳا سندس گهر ڏي .... اهو گهرجتي سندس آشيانو هو! جيئن اڳتي ٿي وڌيس تيئن محسوس پئي ٿيم تہ ڪنھن ويرانيءَ ۾ وڃي رهيو آهيان. اُجاڙ واٽون تلاشي، انھن تان هلي رهيو آهيان .... پير پٿون ٿي رهيا آهن .... جن مان رت پون سمي رهي آهي ڪو هجي جيڪو منھنجي پيرن تي پٽي ٻڌي؟1 ڪو هجي. پر شايد اتي ڪو بہ ڪو نہ هو؟! رڳو ويراني ئي ويراني هئي. ماڻھن تي ماڻھپي جا ماسڪ چڙهيل هئا. پر اندر ۾ آدم بوُءِ .... آدم بُوءِ .... ڪندا پئي گهميا. انھن آدم بوءَ ماڻھن، ڪنھن مسڪين کي جيئڻ جو حق نہ ڏنو .... ڪئين سسيون ڌڙ کان ڌار ڪري اڇلايائون اوڙاھہ ۾ .... نارين جا سُرڳ نما سرير، جنسي هوس جي ڏاڍ ۾ ڏهڪايائون، ڪنھن حسين چھري کي برداشت نہ ڪندي، حسد جو تيزاب هاري، ان کي داغدار ڪيائون، هتي سڀ ماڻھپي مان نڪري ويل ماڻھو هئا. جن ٻئي جي جيون کي جوکي ۾ وجهي ٿي حسد جا هار پويا .... منھنجي دل تيز ڌڙڪي رهي هئي .... جيئن سندس آشياني کي ويجهو پوندو ٿي ويس. تيئن خوف جا ڪاريھر ڪَرَ کڻي اڳيان پويان نچندا ٽپندا ٿي رهيا. ايتري ۾ اچانڪ پويان کان مون کي ڪنھن ڀاڪر ۾ ڀري ورتو .... ان ڀاڪر مون کي اهڙي زور سان ڀڪوڙيو.... جو سڀ سَنڌ ئي ساڻا ڪري وڌس .... هڪ انسان نما وحشي منھنجي وجود سان ويڙهاند ڪندي، سهڪي رهيو هو. پوءِ سيٽيءَ جو تيز پڙاڏو ڪنن ۾ گونجيم، ان کان پوءِ اجنبي آواز رات جي خاموشيءَ کي چيريندو اڳتي وڌندو ويو ....“ ڏوهاري سوگهو ٿي چڪو آهي.” قانون جي رکوالن ڄنڊن مان جهلي، گاڏي ۾ وجهي، اچي وڌم لاڪ اپ۾ .... آءٌ جيل جي لوهي سلاخن مان، آجپي جي آس وارا خواب کڻي سوچيندو رهيس تہ آخر ڇو مرڪن ۽ ٽھڪن جي ڳولا ۾، مون تي هي سزا جا ڳرا پھاڙ ڪيرايا ويا آهن. شايد هن ديس ۾ خوشين مرڪن ۽ ٽھڪن جي ڳولائو لاءِ اهائي سزا مقرر آهي؟!

مالھا وکريل سپنن جي

اندر ۾ ڪھاڻي سرجڻ جي اُڻ تُڻ ذهن ۾ منتشر خيالن جو هجوم! منھنجي شخصيت مختلف ڀاڱن ۾ ورهائي پئي آهي. هڪ ڀاڱي مان آواز اچيم ٿو .... “لک” لکڻ ئي زندگي آهي تہ ٻيو ڀاڱو وري ان جي نفي ڪندي، مون کي نا اُميد ٿو بنائي. “ڀلا ٽاپڪ بہ ڪھڙي تي لکندين؟! زندگيءَ جو اهو ڪھڙو پاسو / پهلو رهيل آهي جنھن تي ڪنھن باشعور سرجڻھار جي تخليقي اک فوڪس نہ ڪيو هجي. ڪھاڻي جي جيڪر ڳالھہ ٿو ڪرين تہ هي سارو سنسار شروع کان هڪ ڪھاڻي مثل هو. ان جا ڪردار هن پر ٿويءَ تي پکڙيل اهي جيئرا جاڳندا ماڻھو هئا جن جي سيني ۾ اڄوڪن انسانن وانگر هڪ ڌڙڪندڙ دل هئي ان ۾ احساس هئا امنگون هيون ۽ جذبا هئا. اهي احساس، امنگون ۽ جذبا انسان جي اضافي خوبين ۾شمار هئا. ڏک جيڪو محبت وانگر انسان جو آفاقي جذبو هو. اهو بہ ڪيتريون ئي ڪھاڻيون جنمي رهيو هو جيڪي هن سنسار جي مھان ڪھاڻيءَ جو ننڍو روپ هيون، محبت جيڪا ڪنھن مومل جي من ۾، ڪنھن راڻي جو سوداءَ بنجي چڻنگ چڻنگ دکي رهي هئي. تنھن ۾ بہ انيڪ ضمني ڪھاڻيون پوشيده هيون. انسان غارن ۾ رهندي، پھاڙين جو سيني چيري جيڪا مصوري ڪئي ۽ لکڻ جو فن ايجاد ڪيو اها بہ هڪ ڊگهي ڪٿا آهي اها سنسار واري ڪھاڻي، ازلي ڪھاڻي آهي جيڪا ابد تائين جاري رهڻي آهي.”
اندر مان ايندڙ انھن مختلف آوازن مون کي پريشان ڪري ٿي ڇڏيو. پريشاني، جيڪا محبوبہ جي وارن ۾ وچڙجي ويل ڪنھن سوچ سمان هئي. تنھن جو دائرو منھنجي وجود جي آسپاس گهرو ٿيندو پئي ويو. آءٌ پنھنجو پاڻ جڪڙجندو ڏسي بہ تجسس ۽ تلاش وارا سپنا اکين ۾ اٽڪائي فطرت اڳيان پاند ڦھلائي بيھي رهيو هوس. فطرت جنھن اڻ پوري هوندي بہ پنھنجو پورو وجود ٿي رکيو ان جي دامن ۾ ڪيئي فن سميٽيل هئا. رڳو ڏسڻ پرکڻ واري نگاھہ جي گهرج هئي ۽ ٻڌڻ واري حس تڙي کڙي رکڻ جي ضرورت هئي، تہ جيئن فطرت جا آواز صحيح طرح ٻڌي سگهجن. پوءِ منھنجين سماعتن ۾ هڪ آواز جو پڙاڏو گونجيو اهو بلند بالا پھاڙن تان ڪرندڙ پاڻيءَ جو آواز هو. آبشار مان اهڙي مڌر موسيقي ٻُري رهي هئي. جو منھنجا حواس بہ ان سان گڏ ڄڻ محو رقص هئا. منھنجو اندر اهو آواز ٻڌي، ايڏو تہ محظوظ ٿي رهيو هو جو اڳوڻا ٻڌل رواجي اواز ان جي پڙاڏي ۾ ڪٿي وجود وڃائي چڪا هئا. ائين ڪوئل جي ڪُو ڪُو مورن جا ٽهوڪا ۽ ڊيلن جي ڊڪ .... ڊڪ .... منھنجي سماعتن ۽ ذوق نظر جي پورائي جو سامان هئا. ڪانوَن جي ڪان .... ڪان .... ۽ ڳيري جي هُو .... هُو .... ۽ ٻين مختلف پکين جي ٻولين ۾ عجيب سُر لئه ۽ موسيقي هئي. فطرت الائجي تہ ڪيئن اهڙي موسيقي ۾ مھارت حاصل ڪئي؟! سمنڊ جن ۾ وشالتا ۽ گهرائي هئي. انھن سمنڊن۾ اجگر مخلوق، اها بہ فطرت جو حصو هئي وڏا وڏا جبل ۽ پھاڙ سمنڊن پنھنجي دامن ۾ گهيري رکيا هئا. نديون ۽ نالا جن ۾ پوترپاڻي هو. ان پاڻيءَ جي پوجا جو رواج مھا ڀارت کان بہ شايد اڳ جو هو، اها جل پوڄا اڄ بہ جاري آهي، جنھن لاءِ گنگا ۽ جمنا جا گهاٽ مثال طور پيش ڪري سگهجن ٿا.
مٿئين قسم جون سوچون سوچيندي ۽ تصورن ۾ گهوماٽيون کائيندي نيٺ منھنجي شخصيت ۾ توازن اچي رهيو هو .... منھنجا منتشر خيال هڪ دائري ۾ سميٽجي انڊلٺ رنگن سمان هڪ لڙي ۾ پوئجي رهيا هئا .....
پنھنجي ڪمري جي چار ديواري اندر هو تنھا ويٺو هو. سندس ٻيا ساٿي سنگتي هئا ليڪن اهي گدا شفا لاءِ ڪيترن ڏينھن کان ٻاهر ويل هئا. اڪيلائي سندس نستي وجود کي ڀاڱا ڀاڱا ڪري وڌو هو. اوڙو پاڙو ۽ سڄو شھر هوندي بہ هو ڄڻ ويڳاڻو هو، اها ويڳاڻپ جيڪا هو پنھنجي ساٿين هوندي بہ پيو محسوس ڪندو هو... الائي تہ ڇو ان ۾ ڏينھون ڏينھن واڌارو ئي ٿيندو پئي ويو. هن کي پھرين شڪايت هئي پنھنجو پاڻ کان .... هُو مرد ڇو ڪو نہ ٿي سگهيو؟! مرد نہ ئي سھي ڀلا عورت ٿي وڃي ها تہ بہ جيڪر چڱو هو .... پر ....پر پوءِ هن جا چپ ڦڙڪڻ شروع ٿي ويا ۽ اڳتي هو ڪجهہ سوچي نہ سگهيو هن ڪجهہ خواب ڏٺا هئا جن جي ساڀيان لاءِ هو جيون جي صحرا ۾ ڊوڙيو ڊڪيو .... پر فضول! ڀلا نامرد ماڻھو مردانگيءَ جا خواب ۽ ساڀيائون گڏگڏ ڪيئن ٿي ماڻي سگهيو؟! پھريون سپنو جيڪڏهن هو مرد هجي ها منجهس مردن واري مردانگي بہ هجي ها تہ سندس هڪ ڪنوار ساڻس سھاڳ رات گڏ هجي ها. ڪمري ۾ صرف هو ٻہ ئي ٻہ هجن ها ۽ پوءِ .... گهوٽ ۽ ڪنوار وارو وهنوار هلي ها. چمين جي ڀرسات .... برھہ وارا ڀاڪر .... ٻن مخالف صنفن جو هڪ ٿي وڃڻ. زندگيءَ ۾ ڪيڏو نہ مزو هجي ها هن زندگيءَ جي ڪنھن گذريل موڙ تي اهڙي قسم جون ڳالھيون ڪنھن مرد کان بہ ٻڌيون هيون ۽ پوءِ اڻ محسوسيل جنسي لذتن واري سپني جي سحر ۾ ٻڏي ويو. ”پياري .... ! تون منھنجي ڪنوار آهين ۽ مان تنھنجو گهوٽ .... ڪيئن اچي هڪ ٻئي جا جيون ساٿي ٿياسين سچ تہ ان تي اچرج آهيم اچ تہ تنھنجي سڄي وجود کي چمان .... تنھنجي وجود جي ذري ذري تي پنھنجي محبت جي مھر هڻان .... تو مان مون کي پٽڙو ٿيندو. ان جي وجود ۾ تون ۽ مان هونداسين. هو مرڪندو تہ هن جي مرڪ مان تون ليئا پائيندينءَ جيڪڏهن ٽھڪ ڏيندو تہ اهي منھنجن ٽھڪن جيان هوندا. ڀلا ان کان وڌ ٻيو اسان کي کپي ڇا؟! ۽ ها اهو پٽڙو وڏو ٿيندو .... سمجهہ ڀريو تہ کيس اسڪول ۾علم جي حاصلات لاءِ ڇڏيندو مانس علم جنھن جي لاءِ ڪنھن چيو پئي تہ ”انسان جي ٽين اک هوندو آهي ۽ وڌيڪ اهو بہ چيائين تہ ان کان سواءِ انسان جاهل جاهل رهجيو وڃي.” هو علم حاصل ڪندو تہ ڊاڪٽر يا وڪيل ٿيندو. پئسا آڻي پاڻ ٻنھي جي ترين تي رکندو.” ٻيو سپنو “جيڪڏهن هو عورت هجي ها تہ نازڪ نفيس هئڻ سان گڏ، مومل وارا ماڻا منجهس سرس هجن ها. کيس ڪوراڻو. “ڪھل ڪري مل ڪاڪ تي، ڳالھہ نہ ٻي ڪا ڳول” چئي سڏي ها ۽ هو ماڻن تي ماڻا ڪري پئي منظرن مان موهجي ها! جيڪر هو عورت هجي ها تہ سھاڳ رات ۽ ان کان پھرين سرتيون کيس سينگارڻ ۾ ڪا ڪسرنہ ڇڏين ها ۽ جڏهن مومل وٽ مينڌرو اچي ها تہ جوڀن جا هڙئي جلوا جلترنگ بڻجي وڃن ها. سھاڳ رات سيج ڄڻ بهشت جو ٽڪرو ....” پر عورت ٿيڻ ۽ عورتاڻي مزاج مان مزو وٺڻ بہ سندس مقدر ۾ نہ هو. ڪنھن جي واتان ٻڌو هئائين، “عورت کي مرد جي مقابلي ۾ جنسي لذت گهڻي ايندي آهي.” تڏهن هيڪر عورت ٿيڻ جي تمنا واچوڙي جيان وڪوڙي وئي هئس.
هو پنھنجي ساٿين سان جڏهن گدا شفا لاءِ ڪنھن جي اڱڻ ۾ وڃي تاڙيون وڄائڻ لڳندو هو تہ پريان کان ئي ڪنھن ٻار جي جنم جي خوشيءَ ۾ مايون سندس لاءِ دانُ کڻي ڊوڙنديون اينديون هيون. ماين جا لڏندڙ اُرھہ سندس اندر مان آھہ ڪڍائي ڇڏيندا هئا ۽ هو اندر ئي اندر جهونگارڻ لڳندو هو.
“لھر لھر لڇندي، لوڏ نہ اُرھہ لاڏلي” (تاجل بيوس) هو تاڙين وڄائڻ سان گڏ ڊانس بہ اهڙي ڪندو هو جو عورتون تہ عورتون بہ پر مرد بہ پيا سندس موھہ ۾ مرندا هئا ساڻس لواطت جي خواهش سندن اندر ۾ اڇلو ن پئي ڏيندي هئي. ڪن سان تہ هو بہ فٽ ٿي ويو هو. هو ان عمل مان ٿوري گهڻي لذت وٺي پنھنجي ليکي ڏٺل سپنن جي ساڀيائن کي پيو ويجهو محسوس ڪندو هو. هن کي گدا شفا ڪندي ۽ خاص عمل ڪرائيندي ڪيترا پئسا پلئہ پوندا پئي ويا .... معاشي لحاظ کان تہ هو پنھنجي پيرن تي بيٺل هو. پر سندس ڏٺل پسنن جي ساڀياڻ ڄڻ جيون جي ڪتاب مان ٽٽي ٽڪرا ٿي ويل ڪو پنو هو .... جنھن تي مردانگي (مرد هئڻ) ۽ عورتاڻي (عورت هئڻ) صنف جو هڪ لفظ بہ تحرير ٿيل نہ هئو. ڀلا ڪو لفظ تحرير ٿيل هجي بہ ڪيئن ....؟! جيڪي پنھنجي تقديرن جا ماريل هوندا آهن. قلم بہ انھن جي ڪاڻ نہ ڪڍندو آهي ۽ جيون جي ڪتاب جا صفحن جا صفحا سندن تقديرن وانگر خالي خالي رهجي ويندا آهن ۽ پوءِ تاجل بيوس جي لفظن ۾ “سورٺ ٿي سھي، مارون مڱڻھار جون” واري ڪار هوندي آهي.
هن جي جيون جي ڪتاب جا بہ ڪيترائي صفحا خالي خالي هئا ڪي تہ منجهائنس ٽٽي ٽڪرا ٿي ماڻھن جي پيرن جي پڻي بڻجي، هيڏانھن هوڏانھن وکرجي ويا هئا. سندس ڀاڱا ٿي ويل وجود وانگر.
پوءِ هن پنھنجي جيون جي ڪتاب مان پھرئين صفحي کي ڦلھوري پڙهيو .... جنھن تي صرف هڪ لفظ تحرير هيل هو. “مخنث” ٻيو صفحو .... پوءِ ٽيون چوٿون ڪجهہ بہ نہ .... ٻُڙي .... ٻُڙي .... سندس سپنن جي مالھا ٽٽي پئي .... سندس اڳيان ڪيئي موتي داڻا وکرندا ويا.

لھو لھو آڱريون

هُو جڏهن ننڍو هو تڏهن واقعي بہ ننڍو هو، پرجڏهن طبعي طرح وڌي وڻ ٿيو تڏهن بہ ننڍو ئي رهجي ويو! هن جي سوچ ننڊي هئي يا ڪو ٻيو سبب هو، جنھن ڪري هو ننڍو محسوس ٿيندو هو.قد تہ واقعي بہ ننڍو هوس پر پنھنجي ليکي هو جوان مڙس هو. زندگيءَ ۾ هن جيڪو بہ ڪم ڪيو پنھنجي هر ڪم کي ڪارنامو ئي سمجهندو هو. هن برش کڻي، رنگ روغن جو ڪم سکيو پر مصور نہ ٿي سگهيو. مصوري، جنھن ۾ عجيب و غريب نظارا فوڪس ڪرڻا پوندا آهن. مصوريءَ جي تاريخ ۽ لاهن چاڙهن کان واقفيت بہ اهم هوندي آهي. پر هُو مسڪين ان سلسلي ۾ بہ مسڪين ئي رهجي ويو!
اوچتو اچي منھنجو رستو جهليائين. هر روز مون سان راز و نياز جون ڳالھيون ڪرڻ لڳو. ڄڻ صدين کان ڪو اسان جي دوستيءَ جو پيوند پختو ٿيل هو.
مون کان صلاح وٺڻ لڳو. ته“ آءٌ هاڻ ڪھڙو ڪارنامو سرانجام ڏيان مصوريءَ جي فيلڊ ۾ تہ مون اهڙا شاهڪار تخليق ڪيا آهن جو ونسينٽ وانگو ۽ پڪاسو جون پينٽنگس تہ ڪنھن ليکي ۾ ئي ڪو نہ آهن.” ڳالھہ ڪندي،ڪنڌ کي جهٽڪو ڏنائين تہ سندس چھري تي وارن، رات تاري ڪري ڇڏي. مون کيس صلاح ڏني تہ هُو ان ئي فيلڊ ۾، پنھنجا جوهر ڏيکاريندو رهي. ٿي سگهي ٿو تہ اڳتي هلي، هُو سنڌ بلڪہ ڏکڻ ايشيا جو عظيم مصور بنجي وڃي. ان کان اڳ جو هو مون کي ڪو جواب ڏئي، هن پنھنجون آڱريون مون کي ڏيکارڻ شروع ڪيون، ان سان گڏ گفتگوءَ جا گلاب بہ وکيريندو ويو. “ساحل ڏس! هي منھنجون آڱريون ڪيتريون نہ زخمي ٿي چڪيون آهن. اڃا چئين ٿو آءٌ ان فيلڊ ۾ ڪم ڪريان. ڪو بہ ڪم ڪرڻ لاءِ ماڻھو پابند ٿورئي هوندوآهي.آءٌ ڪا ٻي فيلڊ بہ تہ جوائن ڪري سگهان ٿو.”مون وري سندس حوصلو وڌائڻ لاءِ غلام حسين رنگريز جي غزل جو هڪ شعر کيس ٻڌايو ؛
لھو لھو آڱريون اهي جن
محبتن جا گلاب پوکيا.
“چريا! تون تہ محبتن جا گلاب پيو پوکين، جو تنھنجون آڱريون لھو لھو آهن. پوءِ توکي ٻي فيلڊ جوائن ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت؟!” تہ سندس چپن تي شرارت ڀري مسڪراهٽ تري آئي ۽ احساس ٿيڻ لڳس تہ واقعي بہ هوُ ڪو محبتن جا گلاب پوکي رهيو هو. مصورن جو ذڪر جڏهن بہ ڪٿي پڙهندوهو تہ انھن جي سٿ ۾ سندس ذڪر خير نہ پڙهي کيس رنج ٿيندو هو تہ سندس فن جو قدر مڙئي ڪجهہ گهٽ ٿي رهيو آهي. ان ڪري وري وري هُو ٻي ڪا فيلڊ جوائن ڪرڻ جو سوچڻ لڳندو هو. هُو شايد شھرت جو بکيو هو تڏهن ئي فن کي اهميت ڏيڻ بدران پنھنجي باري ۾ ٻين واتان واکاڻ جون صدائون ٻڌڻ جو متمني هو. مون کي هڪ ڏينھن چيائين ؛ “آءٌ، شاعري خوب ڪري ڄاڻان! چئين تہ ڪجهہ شعر توکي ٻڌايان” مون چيو مانس ؛ جي بسم ﷲ.” پوءِ تہ اچي ڇٽڪيو پنھنجي شاعري ٻڌائڻ ۾ .... آءٌ بہ واھہ واھہ ڪندو ويس. تان جو دفترن جا دفتر کلي ويا. مون ڏٺو تہ ائين سڄو سج لھي ويندو. ان ڪري چيومانس ؛ ”هاڻ بس ڪر نہ تہ آءٌ بيھوش ٿي ويندس جو تنھنجي شعرن جو سحر منھنجي وجود کي جڪڙيندو وڃي.” تڏهن مس وڃي ماٺ ڪيائين. هاڻ هُو هئو ۽ شعر جي دنيا هئي، جتي ڪيترائي لاٺڙيا شاعر اڳ ۾ بہ موجود هئا. هڪڙو وڏو هنگامون هو. ان ھنگاما آرائي واري ماحول ۾ هن شعر سرجڻ شروع ڪيا.غير معياري شاعري پڙهي / ٻڌي ماڻھن جون سماعتون اڳ ئي شل پئجي چڪيون هيون. باقي ماڻھو رهيل هئا هن جو شعرپڙهڻ، ٻڌڻ واري نعمت کان محروم! هن جا شعر مختلف رسالن، اخبارن ۾ ڇپجڻ لڳا. پاڻ پڙهي ائين پيو خوش ٿئي ڄڻ ساري دنيا جھان جا خزانا کيس ميسر ٿي ويا هجن. ٻين شاعرن جي شاعري سان پنھنجي ڀيٽي لڳو مون کي ٻڌائڻ؛ “ساحل ڏس، منھنجي شاعري ۽ ٻين جي بہ .... ڪيترو نہ زمين آسمان جو فرق آهي. منھنجا احساس ۽ جذبا اوريجنل آهن. انھن۾ تخليقيت آهي، دائميت آهي. ٻيا تہ هوائي توائي شاعر آهن جن ۾ مصنوعي پڻو پري کان پڌرو آهي.” مون چيو مانس ؛ “توکي تہ آڳاٽو شاعري جي جھان ۾ اچڻ کپندو هو پر تو دير الائجي ڇو ڪئي؟! شايد توکي مصوري واري مامري منجهائي وڌو.” مون وارو ريمارڪ ٻڌي سندُس نرڙ تان پگهر چمڪڻ لڳو. “ها يار ....! ڪھڙي ٿو ڳالھہ ڪرين ....؟ مصوريءَ ۾ تہ مون کي ڪجهہ مشھوري ملي، پر اُن ۾ تہ آڱريون بہ زخمي ٿيون. مگر شاعري آسان ڌنڌو آهي ۽ ماڻھو ڪٿي نہ ڪٿي ڇپجي تہ ويندو آهي.” مون چيو مانس! “يار....!! اها ڳالھہ تو واھہ جي ڪئي آهي. اڄوڪي دور ۾ ڇپجڻ بہ وڏي غنيمت آهي.”
هاڻ هُن، ٻين جي واتان پنھنجي ساراھہ وارا قصيدہ ٻڌڻ لاءِ سھي وانگر ڪن کڙا ڪرڻ شروع ڪيا. پر جڏهن ڪٿان بہ ڪا سُس پُس ٻڌڻ ۾ نہ آيس تہ مون کي چيائين ؛ “يار ساحل ....! هي سماج بہ ڪھڙو سماج آهي جنھن ۾ جيڪڏهن ڪو ڪارنامو سر انجام ڏئي تہ بہ اهڙو، جيڪڏهن نہ ڏئي تہ بہ اهڙو ....” مون پڇيو مانس “اهو وري ڪيئن؟” چيائين ؛ “هيترا سارا شعر رسالن ۾ ڇپيا اٿم. عام ماڻھو تہ ٺھيو پر اديبن جي مٿي ۾ بہ ڪا جُونءِ نہ سُري. منھنجي حوالي سان تہ ڪوبہ ذڪر اذڪار هيستائين نہ ٿيو آهي. هاڻ تون ئي ڪو وارو ڪر .... لک ڪو ليک منھنجي شاعريءَ تي نہ تہ اونداهين غفائن ۾ گم ٿيڻ منھنجو مقدر آهي.” مون دل ئي دل ۾ چيو آمين. ڇالاءِ تہ آءٌ سندس پَرڪار ڏسيو ويٺو هوس. مصوريءَ جنھن سندس آڱريون زخمي ڪيون تنھن کي ترڪ ڪيائين. شھرت جي شوق ۾ اچي شاعريءَ جو روح رنجايائين.
مون وري کيس سکڻو دلاسو ڏنو تہ ضرور لکندس. انھيءَ آسري بہ هن ويچاري کي سيارا اونھارا ڏيکاريا پر ڪو کڙ تيل نہ نڪتو. وري ڪنھن ڀيري واءُ مينھن هڪ ڪندو اچي مون مٿان ڪڙڪيو. آءٌ لکڻ پڙهڻ جي ڪم ۾ رڌل هوس. پري کان ڏسي خوشيءَ مان ڀرجي اٿيو تہ اڄ ضرور مٿس ڪجهہ لکجي رهيو آهي. پر آءٌ تہ ڪنھن ٻئي موضوع تي لکي رهيو هوس .... پڙهي، سندس سڀ خوشيون ڪافور ٿي ويون. مايوسيءَ واري ڪيفيت ۾ هڪ لکيل ڪھاڻي ميز تي ڦھڪائيندي چيائين “هي منھنجي لکيل ڪھاڻي پڙھہ ۽ ريمارڪ ڏي ....آءٌ ڪھاڻيڪار بنجي ويو آهيان .” منھنجي ڏندين آڱريون اچي ويون ۽ سوچڻ لڳس هي بہ ماڻھو ڪو ماڻھو آهي يا فنڪار آهي يا شايد ڪو هر فن مولا جو وتي هر فن سان پنھنجو پيوند پختو ڪندو. مون ڪھاڻي پڙهڻ شروع ڪئي. اول کان آخر تائين ان ۾ سندس فن جي حوالي سان ڪردار عيان ٿيندو ويو. پاڻ پڏائڻ واري بنياد تي اڏيل سندس ڪھاڻيءَجي عمارت تي مغروريءَ جي چٽساليءَ کان سواءِ سکڻي شھرت جا شوخ پکي پَسار ڪندي نظر آيم، تڏهن مرڪ منھنجي چپن کي چمي ڏني. آءٌ پڙهندي،واھہ واھہ بہ ڪندو ويس ۽ هو بہ ويو ٿي خوش ٿيندو .... پر وري بہ من ۾ خواهش جاڳيس تہ آءٌ سندس ڪھاڻين تي لکان .... منھنجو ضمير وري مون کي ڏنگي رهيو هو تہ “ٻيلي ٺلھي قصيدا سرائي ڪو سٺو سئوڻ نہ اٿئي وڌيڪ تنھنجي مرضي” ان ڪري هن موڙ تي بہ آءٌ لھرائي ويس ۽ سندس شاهڪار ڪھاڻين تي لکي نہ سگهيس. تہ هن منھنجن پيچرن تي ويھڻ ڇڏي ڏنو. ياري دوستيءَ وارا سڀ ننگ وساري ويٺو. وڃي پيچ اڙايائين. هڪ صنف نسوان سان خط وڪتابت وسيلي، اها ڇاڪاڻ تہ هڪ اديبا هئي ۽ کيس اميد هئي تہ اهائي سندس فن (ڪھاڻين) تي لکندي هن پھرين ان ڪھاڻيڪارا جي ڪھاڻين تي لکيو. اهڙيو لکيائين جو ادبي دنيا ۾ هلچل مچي وئي. اها اديبا ايڏو تہ مشھور ٿي جو سندس نالو بہ هر ڪنھن جي زبان تي اچي ويو. ان ڪھاڻيڪارا بہ سندس ادبي قرض لاهڻ لاءِ قلم کنيو ۽ سندس فن (ڪھاڻي) کي فرش تان کڻي وڃي عرش تي پھچايو. سنجيدہ ادبي تنقيد پري کان ئي تماشو ڏسندي رهجي وئي. هڪ ڏينھن اخبار ۾ ٽي ڪالمي سرخي لڳي. “ان اديب ۽ اديبہ پاڻ ۾ پريم پرڻو ڪري ڇڏيو ٻہ صنف مخالف اديب ادبي ۽ سماجي حوالي سان شھرت جي آسمان تي پھچي ويا”. پڙهي آءٌ سوچن جي پاتال ۾ لھندو ويس گَھِرو .... گَھِرو تمام گَھِرو.

مڇو موالي

• پنھنجا شھپر هلڪا ڪرائي ڇڏ!
• اهي جي هلڪا ڪرايم تہ پوءِ ڪير ڪنبندو مون کان.
• ڀلا ٻڌاءِ تہ سھي توکي ڪيترا ماڻھو ڏسي ڏڪن ٿا؟
• ڪيترائي!
• تڏهن ئي تہ ڪالھہ هر ڪنھن جي وات ۾ گهوڙا گهوڙا هئي........ مڇو موالي هينئن.......... ڪي هونئن...........
• گهوڙا گهوڙا ڪيئن نہ ڪندا، پاڻ بہ گهڻن جا پڊ پليت ڪيا. هو رازو رستم ڪو نہ سڃاڻين....؟! اچي اٽڪايس مون سان ڪُنڊو پوءِ تہ ڦيرائي کڻي هنيومانس پٽ تي ڇھہ ڏينھن تہ رڳو پئي ڪپڙا ڇنڊيائين. وري ڪڏهن اکيون ملائڻ جي همت بہ نہ ڪيائين.
• رازي رستم کي پٽ تي هنيئي، پر جڏهن تو گهر جي جڳھہ پڪي ٿي ڪرائي کانئس تڏهن..............
• تڏهن وري ڇا......! ڳالھہ کي روڪين ڇو ٿو؟!! موالي چرس سان ڀريل سگريٽ جو ڪش هڻندي چيو.......
• ٺھيو ڀلا ٻئي ڀيري.....؟
• ٻئي ڀيري وري ڇو هينئر ئي ٻڌاءِ نه........؟!
• مون کي تہ خبر ڪونہ هئي، پر ولو، وريام واري ڇوڪري ٻڌايم تہ مڇو موالي، رازي کي ڇو هنيو هو پٽ تي؟! دراصل رستم رازي، سندس شھپرن سان ڪجهہ مڙئي اڻ سڌيءَ طرح کؤنس ڪئي هئي.“
• منھنجي شھپرن کي ڏسي پئي مُڇن کي موڙا ڏنائين.
• تنھنجي شھپرن کي ڏسي يا گهر ۾ سانڍيل گلاب کي.
• گلاب وري ڪھڙو؟! منھنجي گهر ۾ تہ ڪو گلاب پوکيل ئي ڪونھي؟!
• ٺھيو ڀلا ڇڏيون ٿا اهڙين ڳالھين کي، پنھنجا پاڻ ۾ آهيون ڀلا ٻڌاءِ سامايل ڇوڪريءَ اٿاريئي يا نه....؟
• توکي منھنجي نياڻيءَ جي ڪھڙي ڳڻتي اچي ورايو آهي.؟
• نياڻي پرائو ٻار آهي. اڄ ڪي سڀاڻ بار تہ لاهڻو ئي پوندو..!
• پاڻ کي اهو بار ڪڏهن محسوس ئي ڪونھي ٿيو.
• پوءِ ڀلا هي شھپر..........
• مڇو مواليءَ جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي ٿو وڃي ۽ هُو ڪجهہ ڪڇي نہ ٿو سگهي!!

ڪشف

چور......... چور.....!
مولانا صاحب جي هجري اندر، مولانا جي عدم موجودگيءَ ۾، هڪڙي شخص ٻئي جي ٻانھن ۾ مضبوط هٿ جڪڙيندي زوردار آواز ۾ چيو ان زوردار آواز سبب پاڙيوارا حُجري طرف وڌي آيا.
شڪل شبيھہ ۾ ڪاراڻ ڏي مائل شخص سندن توجھہ جو مرڪز بڻجي پيو، ڪو کيس بيگناھہ ۽ ڪو کيس سزاوار ٺھرائي رهيو هو، پر اڪثريت اهڙن ماڻھن جي هئي، جن کيس بي گناھہ ٿي ٺھرايو ڇاڪاڻ تہ جنھن شخص کيس چوري ڪندي پڪڙيو هو، ان جي ڳالھين مان، ان چور جي چوري بابت تضاد جي بوءِ ٿي آئي.
اتي مڙي آيل ماڻھن مان ڪن چور سان، ان چوري بابت گفتگو ڪئي، جنھن جو الزام مٿس هنيو ويو هو. هن پنھنجي موقف جي وضاحت ڪندي چيو تہ هُو فقط خدا جي نالي تي، خيرات وٺڻ جي نيت سان حجري اندر داخل ٿيو هو ۽ ٻاهران حجري مان ايندڙ شخص کيس چور سمجهي سوگهو ڪيو. حجري اندر موجود سڀئي ماڻھو، مولانا صاحب جي انتظار ۾ ئي هئا تہ مولانا اچي وارد ٿيو. مولانا صاحب تي ان چور جي چوري ڪرڻ بابت ڪشف شايد اڳ ۾ ئي ٿي چڪو هو، تنھن بنا ڪنھن پڇا ڳاڇا جي چور تي لٺين جي وسڪار لائي ڏني اها ماجرا ڏسي، اتي ويٺل ماڻھن جي ڪنن جي پردن سان، مولانا صاحب جو ڪالھوڪو مسجد جي لائوڊ اسپيڪر تان ڪيل واعظ ٽڪراڻ لڳو ”ڪنھن بہ چور جي چوري ثابت ڪرائڻ لاءِ ٻن مرد ماڻھن جي شاهدي نھايت اهم آهي، ٻن مان هڪ شاهد بہ جيڪڏهن گهٽ هوندو تہ اها شاهدي قبول نہ ٿي ڪري سگهي.“ ايتري ۾ سڀ ماڻھو حيرت مان، هڪ هڪ ٿيندا هجري مان ٻاهر نڪري ويا.

پنھنجا ٿيا پرايا

نورل کٽ تي ويٺو، پنھنجي هيڻي ماءُ کي گهوري رهيو هو، جيڪا ڪيترن ڏينھن پڄاڻان بہ زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش مان پنھنجو پاند آجو نہ ڪري سگهي هئي. نورل قد ۾ بندرو پر بدن ۾ ڀريل، شڪل شبيھہ ۾ ٺاهوڪو جوان هو، پر الائجي تہ ڇو هو ماڻھن جي نظرن ۾ صفا ڪريل محسوس پي ٿيو، ماڻھن ٽوڪ طور کيس نورل بدران الائي تہ ڇا جو ڇا پئي سڏيو ۽ پڪاريو...... شايد سندس بندرو هئڻ، هن لاءِ وڏي ٺٺوليءَ جو ڪارڻ بڻجي آيو هو، پر هو قدرت جي بناوت اڳيان بيوس هو. جنھن کيس تہ ايئن ئي ٺاهي ڇڏيو هو، پر جيجل ماءُ، جيڪا زندگيءَ جي بازي هارائڻ تي هئي، تنھن لاءِ تہ هُو هئو ڄڻ چوڏهينءَ جو چنڊ! هن جو بندرو هئڻ بہ ماءُ لاءِ سونھن ورونھن جو سامان هو. ماءُ لاءِ هُو نورل نماڻو، ساھہ سيباڻو هو. باقي لوڪ تہ وڃي ڌوڙ پائي، جيئن چوي تيئن چوڻ ڏجيس. نورل جي پويان ٻہ ننڍا ڀائر هئا جيڪي قد ڪاٺ ۾، نورل کان سرس ٿي لڳا. جڏهن جوان ٿيا تہ لوڪ کان ٻہ وکون اڳيان نڪري ويا. وڏي ڀاءُ سان اهڙا جو ويل بيھي وهايائون، جو شرم وارن جا ڪنڌ ئي جهڪي ويا! هن سھپ جي سادگيءَ سان بيٺي ڀائرن کي ڏٺو. قد جو بندرو، پر وڏي ۽ وسيع سوچ وارو نورل، انھن ئي ڀائرن جو معاشي بار پنھنجي ڪمزور ڪلھن تي کڻي کين زندگيءَ جي رنگينين مان مزا وٺائي رهيو هو. سندن پيءُ تہ پيرسنيءَ کان اڳ ئي پساھہ پورا ڪري ويو هو. نورل محنت مزدوري ڪئي. زندگيءَ جي معاشي ويڙهاند ۾ ڪڏهن بہ ڀڀڪيدار لباس نہ پاتو. نہ ئي ڪڏهن سگريٽ چپن تي رکيائين، پان مصالحا تہ هن لاءِ زهر جي پڙي هئي، قناعت پسند زندگي ۽ محنت مزدوري هن لاءِ وڏا سھنج پيدا ڪري وڌا. وٽس زندگيءَ جي سٺي پونجي جمع ٿيندي وئي. نورل پنھنجي جيجل ماءُ جو ان ئي پونجي مان جائز نموني علاج ۽ دوا درمل ڪرايو ليڪن آخر ۾ ڊاڪٽر بہ نا اُميد ٿي پيا. ڪينسر جھڙي موذي مرض کي لاعلاج قرار ڏنائون. سندس نافرمان ڀائرن پنھنجي امڙ کان ايترو بہ ڪونہ پڇيو: ”امان تون هاڻ ٺيڪ آهين....؟!“ هو خراب ماحول ۾ گندي ذهنيت جا مالڪ بنجي ويا هئا.
اوچتو نورل محسوس ڪيو تہ سندس امڙ جي ساھہ کڻڻ جو سلسلو بنھہ تيز ٿي رهيو آهي تہ هوُ ماءُ جي صفا ويجهو اچي سندس کٽ تي ويٺو. ماءُ جي چپن تي خشڪي ڏسي هن ٻہ ٽي ڦڙا پاڻيءَ جا سندس وات ۾ وڌا، پاڻي سندس واڇن مان ئي وهي ويو. نورل جي ماءُ ڪجهہ چوڻ چاهيو، پر لفظن جا پکي پنھنجا پر پکيڙي نہ سگهيا آکيون هڪڙي هنڌ بيھي ويون ساهن جو تيز سلسلو رڪجي ويو. زندگي، موت هٿان شڪست کائي وئي نورل مٿان ممتا جو سايو هٽي ويو، نورل جي دل جو چمن برباد ٿي ويو. چمن ۾ چھڪندڙ پکي اوچتو ٽاھہ کائي اُڏامي ويا. هن لاءِ ماءُ جو وجود تتل صحرا ۾ ڪنھن گهاٽي بڙ جي ڇانوَ جھڙو هو. هُو جڏهن ٿڪي ٽُٽي ايندو هو تہ ان وڻ هيٺان چار پل ويھي، سڪون محسوس ڪندو هو پيرن جي اوچتي کڙڪي تي، نورل گهرجي چانئٺ ڏي نھاريو تہ سندس ڀائر بناوتي سڀاءُ سان گهر اندر اچي چڪا هئا. نورل کي روئيندو ڏسي، پڪ ٿي وين ته، امان موڪلائي وئي. ان سان گڏ نورل جي نماڻن نيڻن ۾ ڪيئي سوال تري رهيا هئا جن جو جواب وٽن شايد نہ هو. هو ٻئي پوئين پيرين واپس وريا. وڃي مٽن عزيزن سان پنھنجي ماءُ جي لاڏاڻي جو سليائون، ”اسان جي گهر قضيو ٿي چڪو آهي.“ ماڻھن جا ميڙ اچي سندس گهر نڪتا. ويچاري فاطمہ بہ وڃي ڌرتي داخل ٿي. نورل ٻن ڀائرن سان گڏ، اڪيلو رهجي ويو. نورل جي رهيل پونجي سندس مانُ وڌائڻ شروع ڪيو. سندس ڀائرن جي من ۾ دولت جي هوس، اچي ايمان وڌايو تہ ”نورل شيءَ ئي ڪا ٻي آهي.“ اچي جو سندس آڏي ٽيڏي ڪيائون تہ نورل وڌيڪ نماڻو ٿي پيو ۽ پنھنجي پونجي ۽ گذر معاش جا وسيلا کڻي سندن حوالي ڪيائين ۽ پاڻ هٿ تي هٿ رکي ويھي رهيو، پر زماني ايئن کيس ڪٿي ٿي ويھڻ ڏنو. جن سان چار چڱايون ڪيائين، ڌن دولت، مال ملڪيت تان هٿ کڻي کين ڏنائين، اهي ئي ساڻس اوڻا پوڻ لڳا. ڪڏهن ٺونشو تہ ڪڏهن مُڪ! ڪڏهن ڌڪا تہ ڪڏهن بُجا، سندس مقدر بنجندا ويا. هنن چالاڪي سان سندس زندگيءَ جي پونجي، پنھنجي هٿ وس ڪري ورتي نيٺ هڪ ڏهاڙي گهر کان بہ ڌڪي ڌار ڪيائونس هو وائڙو ٿي ويو وڃي تہ آخر ڪيڏانھن وڃي. نورل نيٺ پنھنجي دانھن ڳوٺ جي نيڪ مرد وٽ کڻي ويو، پر پاڻيءَ مان نہ جهڻ نڪرڻي هئي ۽ نہ مکڻ! اهو ڪشالو بہ وئرٿ ويس. اکين اڳيان اونده اچي ويس ڪونجات وارو رستو ئي ڏسجڻ ۾ نہ پئي آيس. ماءُ فاطمہ جي سوڳ تہ اڳ ئي ساڙي رکيو هوس، جو اندرئي اندر ماڻس کي ياد ڪري روئي پوندو هو. مٿان وري ڀائرن جي بيحيائيءَ جي بار اچي نستو ڪيس اڳ تہ زندگيءَ جي سڄي پونجي هٿ ۾ هوس تہ ڪير ٿي کيس نظرانداز ڪري سگهيو ريزڪي وارو هجي يا ڀاڄي ڀُتيءَ وارو. سڀني سڏي ٿي سامان ڏنس خبر هئن تہ ”نورل جا پئسا تہ کيسي ۾ پيا آهن.“ اهي ئي ساڳوڻا پوءِ جڏهن نورل سامھون گذري تہ مُنھن بڇڙو ڪري کڻي ٻئي پاسي ڪن. ڀائرن جي ڌڪاريل کي لوڪ ڪٿي ٿي لطف مان ڏسي سگهيو، پر شابس هجي سائين ساجن فقير کي، جنھن ويھڻ لاءِ کڻي اجهو بہ ڏنس ۽ ٽڪر جو ڀور بہ پئي کارايس تہ مھيني ماس پئسو پنجڙ بہ کيسي خرچي لاءِ پئي ڏنائين.
سائين ساجن فقير جي در تي ٻيا بہ ڪئين پلجي وڏا ٿي ويا! نورل کي ڪجهہ عرصي پڄاڻا، پنھنجي ئي ضمير اچي ڏنگڻ شروع ڪيو تہ ”پرائي در جي ماني کائڻ بہ ڪيڏي نہ رسوائي آهي، مون جھڙي ماڻھوءَ لاءِ؟! جنھن ڪڏهن ڪنھن اڳيان پاند بہ ڪونہ ڦھلايو هن اهي سوچون سوچيندي هڪ رات پاڻمرادو رسي جو ٽڪرو کنيو ۽ جهنگل طرف وڌڻ لڳو. اڳيان ٻٻر ۽ ٽالھين جا وڻ نظر آيس دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويس. رسي جي سرڪڻ ٺاهي ڳچي ۾ وجهي، هڪ وڻ تي چڙهڻ لڳو....
ساجن فقير پريان ڀڄندو پئي آيو، پر هو پڄي نہ سگهيو تيستائين نورل هن دنيا مان وڃي چڪو هو.

سونھن کي سيليوٽ

هوءَ گهڙي گهڙي آئيني ۾ پنھنجو چھرو ڏسي رهي هئي، سندس چھرو اها رونق وڃائي چڪو هو، جنھن رونق کي ڪاليج جا اسٽوڊنٽ سيليوٽ ڪندا هئا. جڏهن ڪاليج مان نڪرندي هئي تہ سندس هڪ جهلڪ پسڻ لاءِ ڪاليج جا ڇوڪرا ڪنھن بھاني سان ڪاليج جي ڀر واري پان هائوس تي بيٺا هوندا هئا، ۽ جڏهن ٽانگي ۾ سوار ٿي گهر ڏانھن رمندي هئي تڏهن ڇوڪرن جون نظرون بہ پويان پويان هونديون هوس. مگر سندس نظرون ڪنھن کي بہ لفٽ ڪونہ ڪرائينديون هيون هن جو پيار تہ مسعود سان هو جيڪو سندس ڪلاس فيلو بہ هو، مسعود جي پيار کيس دنيا اڳيان وائکو ڪري ڇڏيو هو. هر ايندڙ ڏينھن مسعود ۽ روزينہ تي ڪيترن الزامن جي بارش پئي ٿيندي هئي پر هو سڀ ڪجهہ برداشت ڪري، پنھنجي پيار جي ڪشتيءَ کي ڪنن مان پار ڪرڻ ۾ ڄڻ ڪامياب ويا هئا. روزينہ مھڻن ۽ طعنن جي پرواھہ نہ ڪندي هئي. هن جي سونھن سراسر سچ هئي جنھنکي صرف مسعود ئي پاتو هو. اهڙي طرح وقت پاڻيءَ جي تيز وهڪري جيان وهي رهيو هو. روزينہ ۽ مسعود جي تعليم بہ اچي پايئه تڪميل کي پھتي هئي. تڏهن هنن هڪ ٻئي کان ائين روئي موڪليو هو، ڄڻ ساري ڄمار لاءِ هو هڪ ٻئي کان وڇڙي رهيا هئا. هنن ٻنھي کي يقين ٿي چڪو هو تہ وري اسان جو ملڻ محال آهي. هو زندگيءَ جي اهڙي ٻہ واٽي تي بيٺل هئا، جتان کين هاڻي ڌار ڌار زندگيءَ جو سفر طئہ ڪرڻو هو.
اڄ آئينو ڏسندي ئي ذهن ۾، ماضيءَ جي يادين جا عڪس اڀرڻ لڳا هئس. هوءَ سوچڻ لڳي “ هي اهوئي چھرو آهي جنھن جي سونھن کي ڪاليج جا اسٽوڊنٽ سيليوٽ ڪندا هئا ۽ جنھن جي هڪ جهلڪ جهٽڻ لاءِ ڪاليج جا ڇوڪرا پان هائوس تي انتظار ڪندا هئا... اُف ڪھڙو نہ حسين سمو هو“ اهي رڳو سندس ماضيءَ جون يادون هيون مگر اڄ سندس چھرو اهو نہ رهيو هو، جنھن چھري کي ڪاليج جا اسٽوڊنٽ سيليوٽ ڪندا هئا، سندس چھري ۾ گهنج پئجي ويا هئا، جيڪي هاڻ پيرسنيءَ جا پار هئا ۽ ڄڻ چئي رهيا هجنس“ تہ تون اها روزينہ ناهين،جا ڪاليج جي دور ۾ هئين جنھن روزينہ تي هڪ تہ ڇا هزارين جوانيون عاشق هيون مگر سندن تمنائون پوريون ڪين ٿي سگهيون هيون، سواءِ مسعود جي جيڪو پڻ ان ڪاليج جو اسٽوڊنٽ هو. ان کي ئي تنھنجي پيار جون گهڙيون ميسر ٿيون هيون.”
سندس سونھري زلفن ۾ هاڻ اڇن بہ پنھنجو مقام حاصل ڪري ورتو هو جيڪي هاڻي سندس گذري ويل جوڀن جواني تي ٽوڪ ڪري سندس اندر جي زخمن تي لوڻ ٻرڪي رهيا هئا ۽ اهو احساس ڏياري رهيا هئا تہ “وقت ڪيئن نہ واريءَ وانگر هٿن مان وهي ٿو وڃي ۽ پوءِ ماڻھو ڪٿي جو نہ ٿو رهي. کيس ماضي جي انڌيارن عڪسن مان مسعود جو ڌنڌلو چھرو نظر آيو، جو سندس پھريون پيار ۽ آخري محبوب هو. جنھن کي هن گهڻن چاهيندڙن جي تمنائن کي دفن ڪري حاصل ڪيو هو. سو بہ سندس نظرن کان گهڻو گهڻو اوجهل هو. مگر روزينہ وٽ سندس يادون باقي رهجي ويون هيون. هوءَ آئينو ڦٽو ڪري ۽ ماضيءَ جون يادون تازه ڪرڻ لاءِ مسعود جا لکيل خط کولي ٿي، جيڪي مسعود نوڪري دوران جدائي ۾ کيس لکيا هئا.
هوءَ هڪ خط پڙهي ٿي.

پياري روزينہ
اڄ اوچتو ئي اوچتو تنھنجين يادين جا ڪنول من منڇر ۾ ٽڙڻ لڳا. مايوسيون ۽ مونجهارا ختم ٿيڻ لڳا. تنھنجي حسين ياد، منھنجي جيئڻ ۽ جياپي جو پيغام کڻي آئي هئي. تڏهن ڪوري ڪاڳر تي تنھنجي ياد جا لفظ اوتڻ ويٺس ۽ ائين لکندي لکندي ڪوري ڪاڳر کي تنھنجي حسين ياد جي لفظن سان سجائي ڇڏيم.

فقط تنھنجو پنھنجو
مسعود ...

هوءَ خط پڙهي روئي پئي هئي ۽ پنھنجي رُٺل پيار تي ماتم ڪيو هئائين مسعود جيڪو سندس پھريون پيار هو، تعليم پرائي جڏهن نوڪري جي منزل تي پھتو هو تہ ترت ئي روڊ حادثي جو شڪار ٿي ويو هو پوءِ ان کان خط اچڻ بند ٿي ويا هئا. تڏهن روزينہ کي ايڏي ونڌ ونڌ ٿي هئي. جو ڏينھون ڏينھن مسعود جي ياد ۾ ڳرندي وئي هئي. هن کي اها خبر نہ هئي تہ سندس مسعود روڊ حادثي جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ ان جو موت ڪنھن اخبار جي سرخي جي زينت بڻجي چڪو آهي. هن کي جڏهن بہ مسعود جي ياد ايندي هئي، تڏهن مسعود جي لکيل خطن کي پڙهي دل تان بار هلڪو ٿيندي محسوس ڪندي هئي ۽ يادون ئي هاڻ سندس سھارو وڃي بچيون هيون.

خواب رستا

ڪمري اندر موت جھڙي خاموشي هئي ليڪن ان خاموشيءَ ۾ بہ ڪمري جي دائري اندر ساھہ کڄڻ جو سلسلو جاري، جنھن جي معنيٰ تہ خاموشي جي هوندي بہ زندگي روان دوان ۽ خوابن جي ٽوڙ مروڙ! ڪمري اندر پنج ڄڻا اگهور ننڊ ۾ ستل، پر خواب هر ڪنھن جو پنھنجو پنھنجو! انھن پنجن ڄڻن مان هڪ جوان، جنھنجا خواب بہ جوان ئي هوندا، هُن خود وانگر؟! ٻئي نمبر تي اُن نوجوان جي گهر واريءَ سيما جنھن جو نانءُ اچارڻ سان ئي تصور ۾ ماضيءَ جي هڪ خوبرو ڇوڪريءَ جو عڪس سامھون پوز هڻي ٿو بيھي، جا ڪاليج ۾ هن ئي نوجوان ارشد سان گڏ پڙهندي هئي ۽ اڄ کان ٺيڪ ست سال پھرين سندن لو مئريج ٿي وئي هئي. اهي ٻئي زال مڙس ڊبل بيڊ تي آرامي آهن. ليڪن سندن خواب رستا الڳ آهن. باقي سندن ٽي گلن جھڙا مرڪندڙ ٻارڙا! ڇوڪرو واحد ۽ ٻہ ڌيئرون صنم ۽ شبنم آهن ڇوڪريون تہ گڏ ستل ٿيون ڏسجن، ليڪن واحد اڪيلو ئي خوابن جي هجوم کي منتشر ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ رُڌل آهي.
جنوري جي سرد رات هئڻ ڪري، ٻاهر پارو ڄمائيندڙ ٿڌي هوا لڳي رهي آهي، ڪمري اندر زيرو بلب جي روشني ٻڌائي پئي تہ ڪمري جو دروازو ٻيڪڙيل ضرور آهي ليڪن اندران ڪنڍو لڳل ڪو نہ اٿس. ارشد جي ٻانھن ۾ ٻڌل گهڙي ٽائيم پئي ٻڌائي. رات جا ٺيڪ ساڍا ٻارنھن وڄي چڪا آهن. ٺيڪ ان سمي ارشد جي اکين جي رستي مان هڪ خوفناڪ خواب گذرڻ لڳي ٿو. ٽي نقاب پوش غنڊا ڏانھس وڌي رهيا آهن. سندن هٿن ۾ ريوالور آهن.
ارشد، ڏينھن جو پنھنجي ڊيوٽي تان موٽي رهيوهو هو شھرجي وڏي سول هاسپيٽل جي وارڊ ڇهين ۾ ڊيوٽي ڊاڪٽر آهي، اتان ايندي شھر ۾ شديد فائرنگ جو آواز ٻڌو هئائين، جو سندس ذهن جي ڪال ڪوٺڙي ۾ محفوظ ٿي چڪو هو. ارشد ڊيوٽي تان موٽندي سوچيو هو. ”هي فائرنگ ۽ ڌماڪا آخر ائين آزادگي سان ٿيڻ، ڪيڏي نہ اچرج جي ڳالھہ آهي؟! سرڪار جي ڪارندن جو ڪم شايد اڃائي ڪو ٻيو آهي، تڏهن ئي تہ بنا ڪنھن وقفي جي پئي رت جي راند هلي“ هو سوچي سارو ڪنبي ويو.
دل جي ڌڪ ڌڪ تيز ٿيندي ويس. اتي ياد آيس پنھنجو يار ڊاڪٽر مدد علي! جنھن کي دهشتگردن ڪجهہ عرصو اڳ موت جي ننڊ سمھاري ڇڏيو هو. ” ڊاڪٽر مدد علي هڪ دلير ماڻھو هو، هو موت کان ڪڏهن نہ ڊنو، پر زندگيءَ کان ڊڄي ويو! جو وڃي دهشتگردن جي در تي بيٺو کيس شايد خبر نہ هئي تہ اڳيان رستي تي نقاب پوش قھري ڪاررواين ۾ رُڌل آهن ۽ هو انھن کان بچي نہ سگهندو؟! پر هو نہ مڙڻو هو سونہ مڙيو ” مرڻ واري خوف کي ئي شڪست ڏيئي ڇڏيائين“ هن پنھنجي دل تي هٿ رکيو تہ پاڻ کي ڊاڪٽر بندھہ علي کان مختلف محسوس ڪيائين اڃا تہ هن رڳو فائرنگ جا آواز ٿي ٻڌا. روبرو تہ الائجي ڪھڙي ڪيفيت ٿيئيس ها؟! انھن سوچن مان وري سندس سوچ پنھنجي ڊيوٽي وارڊ ڏانھن. مڙي وئي. ڇھہ ماڻھو جيڪي پھريان زخمي ٿيا هيا هئا، سندس اکين اڳيان زخمن جا تاب نہ سھي، فوت ٿي ويا هئا، سندن چھرا پنھنجي بيگناهي جو داستان سلي رهيا هئا هو وري پنھنجي ساءِ ڀڻڪيو. ”هي فائرنگ جو ٻيو رائونڊ آهي. مون کي جلد ئي گهر پھچڻ گهرجي. ٿي سگهي ٿو هو مون کي بہ گوليءَجو نشانو بنائين“ هُو تڪڙيون وکون کڻندو گهرجي مين گيٽ کي ٻنھي هٿن سان ڌڪي کولڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ لڳو. سندس گهرواري سيما ڪا اندرئين پاسي سندس ئي انتظار ۾ بيٺل هئي تنھن ترت ئي کڻي دروازوکوليو. هواندر داخل ٿيو تہ دنيا جھان جا سمورا ڊپ ڊاءَ سندس چھري تي عيان هئا سيما سندس ساھہ کڻڻ واري سلسلي مان ئي محسوس ڪري ورتو تہ “ارشد ڪيترو نہ ڊنل آهي” پوءِ کانئس پڇيائين تون ڊنل ٿو لڳين! مون کي ٻڌاءِ آهي تہ خير“ ”ڇا ٻڌايان توکي؟! تہ آءٌ ڇو ڊنل آهيان؟ توکي ڪو ڊپ ئي نہ ٿو ٿئي! فائرنگ جا آواز گهر تائين منھنجو تہ پيڇو ئي ڪندا آيا آهن“ چريا آءٌ بہ ٻڌان پئي اهي آواز پر پاڻ کي ڊڄڻ جو ڪھڙو ضرور آهي. سيما جو جواب ٻڌي سندس خوف بہ قدر ماٺو پئجي ويو.
ارشد جون ڇوڪريون صنم ۽ شبنم ننڊ جي دنيا ۾ محو خواب آهن، شبنم جي هٿ ۾ رانديڪو آهي جا خوشيءَ مان پئي ان سان کيڏي. ٻئي رانديڪي لاءِ بہ پئي سوچي تہ بابا کي سڀاڻ ان جي آڻڻ لاءِ آکينديس“ صنم، خواب ۾ پنھنجي هٿ جي ٺاهيل گڏيءَ سان پئي کل ڀوڳ ڪري! ان گڏيءَ سندس زندگي ۾ ڪيڏيون نہ خوشيون ڀري ڇڏيون آهن جو ان کي ڇڏڻ جي تہ ڳالھہ ئي نہ ٿي ڪري؟! سيما ڪنھن اپسرا جي روپ ۾ آئيني اڳيان اچي بيٺي آهي اتي سندس اندر ۾ گلاب جيان مھڪيل احساس وجود وٺي ٿو.
آءٌ ڪيڏي نہ حسين آهيان؟! دنيا جھان ۾ اپسرائون تہ ٻيون بہ هيون پر ارشد تہ منھنجو ئي انتخاب ڪيو. سندن پٽڙو واحد، پنھنجي پيءُ سان گڏ، سئنڊل خريدڻ ڪاڻ، بوٽ هائوس تي اچي ٿو. هڪ ڳاڙهي رنگ جو سئنڊل هٿ ۾ کڻندي پيءُ کي ٿو چوي ؛“بابا مون کي هيءُ پسند آهي ” ارشد تہ مسلسل اهوئي خوفناڪ خواب پيو ڏسي تہ ٽي ڄڻا خطرناڪ هٿيار هٿن ۾ جهلي، ڏانھس اچي رهيا آهن. هو اهو منظر ڏسي ڪنبي رهيو آهي. پنھنجي جڳھہ تان هو چرڻ پرڻ جي ڪوشش باوجود بہ هيڏانھن هوڏانھن نہ ٿو ٿي سگهي. انھن ٽنھي ڄڻن جي خوف کيس چو کنڀو سوگهو ڪري وڌو آهي. ”هاڻ آءٌ هنن کان ڪٿي ٿو ڀڄي سگهان؟! قطعي نه! هي مون کي ماري ڇڏيندا، منھنجي دوست ڊاڪٽر وانگر!
هن جي ٻچن جو تہ الائجي ڇا ٿيو؟! پر منھنجا ٻچا رلي ويندا .... آءٌ تہ صفا ڪو چريو آهيان؟! هنن تہ ڊاڪٽر مدد علي جھڙا هزارين سولي سزا وار ڪري ڇڏيا. اهي بہ تہ ٻارن ٻچن وارا هئا. انھن جي ٻارن جو ڇا ٿيو ڪجهہ بہ معلوم ڪونھي.“ هو اهو سوچيندي جذبات جي شدت مان هڪ وڏي هڪل ڪري اٿي کڙو ٿيو. اچانڪ سندس اکيون بہ کلي ويون پنھنجي ڀر ۾ سيما کي مرڪندي ڏسي، سندس چپن تي حيرت گاڏڙ پر الميه مرڪ رقص ڪرڻ لڳي هو پنھنجو پاڻ کي ڪنھن وڏي بار کان آجو ۽ هلڪو محسوس ڪري رهيو هو، تازي اڀري آيل سج جا ڪرڻا ڄڻ مٿس وڏا ٽھڪ ڏئي رهيا هئا.

روما جون رڙيون

• ڇا ڪنديس اهڙي جيون کي، جنھن ۾ خوشيون نہ هجن، جنھن ۾ سرور نہ هجي. ان کان مورڳو هي زندگي ئي نہ ملي ها تہ ڪر سٺو هو.
• زندگي تہ ملي وئي پوءِ پاڻ رنج هجون يا راضي! اها گهارڻي بہ تہ پوندي.
• گهارڻي پوندي يا گذارڻي پوندي؟!
• تون جيئن سمجهين، پر اها حقيقت آهي تہ زندگيءَ کان سواءِ بہ تہ ٻي ڪا شيءَ املھہ ڪانھي.
• ٻيون شيون تہ واقعي ئي مُلھہ واريون آهن هيءَ پنھنجو مٿي جو رئو، وارن ۾ لڳل ڪلپ، چپن تي لڳل سُرخي، ريشمي چمڪندڙ وار بہ تہ ڄڻ ملھہ مھانگا آهن، جو شيمپو بہ اعليٰ ڪوالٽيءَ جو، اڄ ڪلھہ وڏي رقم طلبي ٿو. پوءِ ئي وارن ۾ ريشمپڻو اچي ٿو. باقي زندگي ٿي املھہ معنيٰ بي ملھيٰ جنھن جو ڪو ملھہ نہ هجي. اهو نہ ٿي سوچين چري! تہ زندگي بہ ملھہ طلبي ٿي. زندگيءَ جو هر هڪ سيڪنڊ، منٽ، پھر سال گهڙيون ۽ ساعتون سڀ جون سڀ ملھہ طلبين ٿيون. هڪڙي قيمت چڪائين ٿيون. زندگي مزدور جو پگهر بنجي چمڪي ٿي تہ ڪارخانا هلن ٿا. هڪڙو سيڪنڊ بہ محنت ۽ مشقت سان گذري ٿو تہ ڄڻ زندگي پنھنجي قدر و قيمت چڪائي ٿي. لابارو ڪندڙ لاهياري عورت جي چيلھہ مان ٺڪاءَ نڪرن ٿا. ڪڻڪ جي سنگن سلن مان اڏيل ڌوڙ، اُن لاهياريءَ جي نڪ، وات ۾ واسو ڪري ٿي ڄڻ زندگي پنھنجو ملھہ چُڪائي ٿي. تون وري چوين ٿي زندگي املھہ آهي. جنھن جو ڪو ملھہ ڪونھي! پر آءٌ چوان ٿي ائين قطعي بہ ناهي زندگيءَ جو ملھہ آهي، زندگيءَ جي قدر قيمت آهي. جو هر ڪو هڻ هڻان ۾ آهي.
• پوءِ تون اُن قدر و قيمت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر! ائين نہ چئو تہ زندگي ڇو ملي آهي؟! ناشڪريءَ واري واٽ تہ گهٽ ۾ گهٽ نہ وٺ.
• چڱو ڀلا وڌ ۾ وڌ ٿي وٺان .... جيڪو ڏيڻ چاهيو اهو وٺان .... ڏيو نہ ..
• ڏيون بہ ڇا توکي؟! اسان وٽ آهي بہ ڇا؟! سونھن تہ توکي ملي آهي.
• جيڪڏهن مون کي ملي بہ آهي تہ حسد ڇو ٿا ڪريون؟! اوهان تہ ٽڙيل گلن جي سونھن بہ برداشت نہ ٿا ڪري سگهو، جو خوشبو وٺڻ جي بھاني، انھن جي وجود کي روڙي رتورت ٿا ڪري رکو.
• اهي گل خوشبوءَ لاءِ ئي تہ آهن خوشبوءِ مان واس وٺڻ، هر انسان جي فطرت ۾ شامل آهي.
• اهو واس ماڻھو، گلي لڳائي بہ وٺي سگهي ٿو. انھن جي وجود کي رت ڪري، واس وٺڻ ڪٿان جو انصاف آهي.
• ڇڏ کڻي اهڙين ڳالھين کي چري! اڄ گلن لاءِ اچي همدردي پيدا ٿي اٿئي!
• مون کي فطرت جي هرشيءَ سان همدردي آهي. تون رڳو گلن جي ٿي ڳالھہ ڪرين. مون کي تہ ڪنڊن سان بہ پيار آهي. جيڪي فطرت جي فن جو شاهڪار نمونو آهن. اهي هٿ جيڪي جهنگن کي آگ لڳائين ٿا. وس پڄيم تہ انھن کي جلائي خاڪ ڪري ڇڏيان جيڪر! اهي هٿ فطرت جي سونھن بگاڙيندڙ آهن، پراهي هٿ جيڪي فطرت کي سنواريندڙ آهن، انھن کي جيڪر چمان.
• اڄ اهي چمين جون ڳالھين اچي کنيون اٿئي! آهي تہ خير نه؟
• سڀ خير آهي بس مون تہ فقط محبت جي ڳالھہ ڪئي آهي. فطرت سان محبت جي ڳالھہ، فطرت جي هر ذري سان پيار جي پيوند جو ترانو!
• فطرت سان جي تنھنجي محبت آهي تہ پوءِ زندگي بہ فطرت جي مظهرن مان سھڻو مظهر آهي. ان لاءِ تنھنجا شروعاتي رمارڪ ڏاڍا اڻ سونھندڙ آهن.
• مون تہ دراصل خوشين جي ڳالھہ ٿي ڪئي. خوشيون جن بابت سوچيم تہ ڪنھن کي پنھنجو پاڻ ارپڻ، سان ملي وينديون سي نہ ملي سگهيون مون پنھنجو جيون هن کي ارپن ڪيو هو. سمجهين ٿي نہ ... ڪنھن کي....؟! ٺيڪ سمجهيئي بلڪل اهوئي! ان کي پنھنجو جيون ارپيم هو ڏاڍو اداس هو. هو بيابان ۾ رلندڙ هڪ اهڙو روح هو، جنھن کي پيار جي تشنگي هئي. جڏهن مون کيس پنھنجي محبت جو مڌ آڇيوتہ ٽڙي پيو. هن جي اداسي پَرَ ڪري اڏامي وئي. مون کي بہ بيشمار خوشين پنھنجي گود ورتو... آءٌ خوشفهميءَ جي آسمان ۾ اڏامڻ لڳس، جتي خود فريبي جا ستارا، منھنجي اکين ۾ اُهاءُ ڪرڻ لڳا. مان اصل بي نياز بنجي ويس. پر اڳتي هلي ڇا ٿيندو...؟! ڪجهہ بہ سوچي نہ سگهيس منھنجي غلام سوچ هن جي مصنوعي محبت جي سنگهرن۾ سوڙهي ٿيندي وئي. هن شروع ۾، پنھنجي پيار کي پاڪيزه رکيو اهڙو پاڪيزه، جھڙو چشمي جو اڇو اجرو پاڻي پوءِ ڇا ٿيو....؟! توکي ضرور من اندر تجسس واري انڊلٺ ريکا، احساس بنجي پڇڻ لاءِ مجبور ڪندي هوندي .... تہ اڳتي ٻڌ! هو پيار ڪندڙ ۽ محبت جو پياسو ڀٽڪندڙ روح نہ هو. هو تہ آدم خور هو ماڻھو جو ماس پٽي کائڻ وارو.... تنھنڪري منھنجي سرير تي چڙهيل ماس، هن جي ٽارگيٽ تي هو. منھنجي سرير جو ماس، اهڙو وڻندڙ هو. جھڙو ٽڙيل گلاب جا گل، جي پري کان ئي ڪنھن کي ڪشش ڪندا هجن ۽ ماڻھو ازخود انھن ڏي رڙهي وڃي هو بہ منھنجي ويجهو اچي ويو هو. ڇا بہ هو پر جيستائين سندس محبت پاڪيزه هئي.... هن جو منھنجي بدن کي Touch ڪرڻ، هڪڙو سھڻو عمل هو، پر جڏهن هن جي نيت ۾ خلل پيو تہ پاڪيزه محبت وارو. خواب نيڻ نگري مان اُڏامي ويو.
• تنھنجي ڪھاڻي بہ ڏاڍي ڪا ٽريجڪ ڪھاڻي آهي. ان ڪھاڻيءَ جو المياتي ڪردار بہ تہ يقينن تون ئي آهين تون اها سندري آهين، جنھن کي سندرتا ۽ سونھن اڻ مئي دولت جيان نصيب ٿي آهي.
• سونھن ۽ سندرتا جي ڳالھہ ٿي ڪرين! هن وحشيءَ جي مون سان وحشيپڻي کان پوءِ، ان سونھن ۽ سندر تاجي دولت لٽجي وئي، برباد ٿي وئي، مون تہ هن کي اهڙو بکيو ڪونہ سمجهيو هو جيڪا بک اڪثر جنسي حوالي سان هوندي آهي. هن کي بک جيڪڏهن هجي ها تہ منھنجي خيال ۾ وڌ ۾ وڌ منھنجي سونھن لاءِ هجي ها، منھنجي آواز واري سنگيت لاءِ هجي ها. مون سان گفتگو ڪري هو وڌ کان وڌ حظ حاصل ڪري پئي سگهيو! پر افسوس جو ائين نہ ٿي سگهيو. هُو اهي سڀ سرحدون اورانگهي اڳتي وڌي ويو مون وٽ محبت جو جيڪو معيار هو سو تہ تون منھنجي ڳالھين مان ئي پروڙي وئي هوندينءَ؟! ۽ هن وٽ .... اهو بہ ذهن نشين ٿي ويو هوندئي اهڙي محبت وارو معيار منھنجو آدرش هو. آدرش جڏهن ٽٽندا آهن تہ جيون مان مزو موڪلائي ويندو آهي. مون ان سبب جيون کان بيزار ٿيندي، اهڙا رمارڪ ڏنا.... جن جو پس منظر دراصل اڳ ۾ توکي معلوم نہ هو تون ڪر خبر تنھنجي سھيلي روما جي.... اها ئي روما جيڪا سونھن ۾ سرس هئي، سا اُن حوالي سان تہ مون کي بدليل بدليل پئي لڳي. ان تي شايد زماني جو انقلاب اچي ويو، تڏهن سندس چھرو بہ داغدار ٿي پيو آهي.
• ٻي تہ خبر ڪا نہ اٿم پنھنجي سھيلي روما جي! البت سندس سونھن سان حسد رکندڙن کيس نہ بخشيو. جڏهن Sexual attamp لاءِ انڪار ڪيائين تہ تيزاب هاري سندس چھرو داغدار بنايو ويو. هن کي تيزاب جلايو تہ زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳي. آسمان ڪڪرن مان ڳوڙها ڪونہ وسايا. ڌرتيءَ ۾ ڪا بہ جنبش ڪا نہ آئي، هوءَ هئي تہ ڌرتيءَ جي دادلي، جنھن کي ڌرتي ئي جنميو هو ۽ پوءِ هن رڙيون بند ڪري ڇڏيون. هو وحشي پنھنجي ماڙي نما ڪوارٽر جي چاڙهين تي چڙهندا بہ ٿي ويا تہ روما جون رڙيون ٻڌي، ٽھڪ بہ ٻرائيندا ٿي ويا.
• بس ڪر چري! اهڙي وارتا ٻڌائيندي ڊپ ئي ڪونہ ٿو ٿينئي! مون کي تہ ٻڌڻ سان ائين پئي محسوس ٿيو. ڄڻ اهو سڀ ڪجهہ منھنجي اکين اڳيان ٿي رهيو آهي. لعنت هجي اهڙي بي حس سماج تي، جنھن روما جي درد ناڪ رڙين کي نہ ورنايو آءٌ جي ان موقعي تي هجان ها تہ انھن وحشين کي اهڙو سبق سيکاريان ها جو هوند کين يا عمر نہ وسري ها!!
• هن کي ڪھڙو سبق سيکاريئي،جيڪو تنھنجي پاڪيزه محبت جون سڀ سرحدون اورانگهي، تنھنجي سونھن ورونھن جا سڀ پئمانا ڏوڪي ويو.
• تون ڇڏ هاڻ اهڙين ڳالھين کي، جن جي ڪري منھنجي سرير ۾ ستل سور ٻيھر سجاڳ ٿي پون.
• هو ٻئي هلندي، ڳالھيون ڪنديون اڳتي وڌنديون پئي ويون. ٽرئفڪ جو شور،سندن سماعتن ۾ عجيب موسيقي پيدا ڪري رهيو هو. سندن آسپاس، هنن جي جوڙي جي برعڪس، جنس مخالف جوڙا شھر جي گلين ۾، پسار ڪري، جيون مان خوب انجواءِ ڪري رهيا هئا. هي ٻئي گڏ هوندي به، پنھنجو پاڻ تنھا محسوس ڪري رهيون هيون. کين سارو جيون بي معنيٰ لڳي رهيو هو. شھر تي رات جي ڪاري چادر اوڍجڻ لڳي هئي. روشنيون وسامي رهيون هيون.

واچوڙا ۽ واٽون

هن جي جسم تي ڦاٽل ميرا ۽ پراڻا ڪپڙا، سندس ئي زندگيءَ تي مذاق ڪري رهيا هئا ۽ شيوَ وڌيل هئي.هوُ اُن تي ايترو پريشان نہ هو تہ ڪپڙا پراڻا آهن يا سندس شيوَ وڌي وئي آهي، بلڪہ هن جي پريشانيءَ ۾ گهڻو واڌارو تڏهن آيو جڏهن سندس دوستن کي ڪنھن اداري طرفان،ڪو جشن ملھائڻ جي سلسلي ۾ دعوت ڪارڊ وصول ٿيا ۽ هن کي ان اداري طرفان نظر انداز ڪيو ويو تڏهن سندس سوچن جو سلسلو کيس مايوسيءَ جي طوفان ۾ گهيريندو ويو.هو ڏينھو ڏينھن احساس ڪمتريءَ جو شڪار ٿيندو ويو. پاڻ کي ٻين کان گهٽ سمجهڻ ۽ پنھنجي تحريرن ۾ شعوري کوٽ محسوس ڪرڻ اهي سندس سوچن جا بنيادي محور هئا. انھن ڪمزورين کي سامھون رکي پنھنجو پاڻ ۾ هڪ بنيادي تبديلي آڻڻ، سو بہ جديد تقاضائن مطابق سندس لاءِ ڪيڏو نہ مشڪل مسئلو هو. سندس لکڻين تي دوستن جو مذاق اُڏائڻ روز جو معمول بنجي چڪو هو. دوست بہ ساڻس دوستيءَ جي روپ ۾، دشمنيءَ جو ڪردار نڀائيندا رهيا هئا ڏينھن گذرنداويا ڪنھن قافلي جيان. اهو ڏينھن بہ ويجهو پوندو ويو، جنھن ڏينھن تي جشن جو پروگرام رٿيل هو. دوست هر هر کيس ڪارڊ ڏيکاري چون تہ ”هاڻ پروگرام بہ اچي ويجهو پھتو آهي جشن تي هلڻ جو ارادو اٿئي يا نه؟!“ ڪنڌ هيٺ ڪري شرمندگيءَ جي اظھار سان جواب ٿي ڏنائين. ”ها مان هلندس جشن تي .... اخبار وسيلي سڀني ادب دوستن کي مدعو ڪيو ويو آهي. ڪارڊ ڪو ضروري تہ نہ آهي.“ رد عمل ۾ سندس دوست هلڪي مرڪ مرڪي، مٿس پيا ٽوڪ ڪندا هئا.
ڪڏهن تہ هو بہ مٿن ڏمرجي ٿي پيو. ”هي وري ڪھڙا آيا آهن، سڄي دنيا جا ٺيڪيدار ....؟! دنيا سڃاڻي ئي هنن کي .... باقي ٻيا ماڻھو ئي ڄڻ مري ويا. اڙي هلو سڃاڻانوَ ٿو .... هينئر بس ڪٿان ڪو قسمتي دعوت ڪارڊ مليو اٿو، تہ سڄي دنيا ئي کڻي مٿي تي کنئي اٿوَ! خبر تہ تڏهن پوندي جڏهن جشن ۾ شامل ٿينداسون، تہ ڪنھن کي ٿو وڌيڪ مان ملي؟! هاڻ، دوستن لاءِ سندس رويو جارحاڻو پئي ٿيندو ويو. پاڻ اندر ئي اندر ۾، جشن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سوچي رهيو هو. ادبي فنڪشن ۾ شامل ٿيڻ جي صورت ۾، هن اڳواٽ پنھنجو نڪور غزل تيار ڪري ورتو هو. ” مان پروگرام ۾ شامل ٿي پنھنجي نڪور شاعري پڙهندس. تاڙيون وڄنديون، سڄو هال تاڙين جي گونج ۾ منھنجي شاعري کي داد ڏيندو....“ هُو پنھنجي پاڻ سان ڳالھيون ڪري اهڙي قسم جا پھہ پچائي دل کي تسڪين ڏيندو هو. کيس شوق تہ تمام گهڻو هو تہ جشن تي وڃجي ليڪن دعوت ڪارڊ نہ هئڻ جي شڪايت سندس لاءِ وري بہ مٿي جو سور بنجي وئي هئي. انھي ڪري سندس ذهن ۾ انيڪ خدشن اچي وجود ورتو هو. ”ٿي سگهي ٿو جنھن هال ۾ جشن جو اهتمام ٿئي ان جي گيٽ تي ڪو ماڻھو بيٺل هجي، ۽ دعوت ڪارڊ ڏسي پوءِ ئي اندر ڇڏي! مون وٽ ڪارڊ تہ بلڪل ئي ڪونھي! ٻيو تہ سڃاڻيم بہ ڪو ڪونه؟ ڪوئي مون کي ڌڪو ڏئي واپس ڪري پوءِ ڇا ٿيندو...؟! عزت ٽڪي جي بہ نہ رهندي ۽ وري نالي جا دوست، جيڪي مون لاءِ رقيب بنجي چڪا آهن ۽ هر هر ڪارد ڏيکاري، اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. تہ ڏس اسان کي دعوت ڪارڊ مليا آهن ۽ توکي ....؟!! انھن جو رد عمل بہ غضب جو هوندو ۽ ڳوٺ پوءِ وري ڪھڙو مُنھن کڻي ويندس؟! ڳوٺ جو هر عام خاص ماڻھو مون لاءِ ڪھڙي راءِ رکندو؟! تہ ؛ ”هي همراه جشن تي ويو هو. پر کيس ڌڪا ڏئي هال مان ئي ٻاهرڪڍيو ويو.“
هو هيڪر وري بہ اميدجا ڏيئا روشن ڪري ٿو.! ”آخر اڳيان اديبن جو ميڙاڪو آهي. مان بہ تہ هڪ اديب آهيان اهو ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگهي تہ هڪ اهڙي قلمڪار شاعر کي جيڪو هن ديس جي ماروئڙن لاءِ قلمي جهاد ڪري ٿو. تنھن کي مورڳو ڌڪاري جشن هال مان ئي ٻاهر ڪڍيو ويندو. جشن جو عام مطلب آهي. خوشي ملھائڻ! اهڙي خوشيءَ جي موقعي تي ائين تہ ٿي ئي ڪونہ ٿو سگهي؟!“
هو پنھنجو پاڻ کي مطمئن ڪري جشن جي تيارين ۾ لڳي ٿو وڃي. پر جڏهن هڪ نگاھہ پنھنجي وجود تي اڇلائي ٿو کيس پنھنجي بدن تي پراڻا ۽ ڦاٽل ڪپڙا پھريل نظر ٿا اچن. ڏاڙهي تي هٿ ڦيرائي پنھنجي شيوَ جو جائزو وٺي ٿو. شيوَ تمام وڌيل نظر ٿي اچيس ؛ تڏهن پنھنجي غريبيءَ تي ويچاري اونھو ساھہ کڻي ٿو .... پنھنجا لٽا پراڻا ۽ ڦاٽل ٻين ماڻھن کي سٺا ڪپڙا پھريل ڏسي، معاشري جي اڻ برابريءَتي اُڌما اٿنس ٿا.
”هي ڪھڙو معاشرو آهي جنھن کي اڻ برابريءَ وارو غلاف ڍڪايو ويو آهي.؟! هتي امير تہ وڌ امير ٿي رهيا آهن ۽غريب ويچارا وري غريب تر! آءٌ هڪڙو اديب آهيان، جنھن وٽ اڇا پنا کوڙ ملي ويندا ۽ قلم بہ هٿيڪو حاضر هوندو. جنھن سان آئون سماجي ناانصافي خلاف ويھي لکندو آهيان. منھنجي معاشي بدحاليءَ جي هر ڪنھن کي ڄاڻ آهي. مون پنھنجي کيسي ڏانھن ڏٺو آهي، جيڪو في الحال جشن ۾ وڃڻ ۽ پنھنجي تخليق پڙهڻ جي سلسلي ۾ڪا بہ همت افزائي نہ ٿو ڪري سگهي.“ هُو انھن سوچن ۾ ئي پاڻ کي بس اسٽاپ تي پائي ٿو جتي دوست بہ ساڻس گڏ آهن. بس اچي ٿي .... سندس دوست بس ۾ چڙهي ٿا پون! بس رواني ٿئي ٿي تہ هُو پويان بس جي اڏامندڙ ڌوڙ کي غور سان ڏسندو رهجي وڃي ٿو.

ساحل تي سرگوشيون

هن سان ڪيترا ڀيرا نديءَ ڪناري وڃڻ ٿيو هو. پر جڏهن اڪيلو وڃان تہ فطرت جا نظارا ۽ نديءَ جون لھرون ۽ ٻيا منظر بہ موڳا موڳا پيا محسوس ٿين. هن جي ساڻ هوندي ڪھڙي شڪتي پئي نظارن کي جماليات ارپي! سو منھنجي لاءِ سوچڻ جو سوال هو؟! هوءَ چنچل ادائن واري، هڪ البيلي ڇوڪري هئي نالو تہ روزي نہ هوس، پر روزي ... روزي .... ڪري پئي سڏبي هئي. ڪڏهن اهڙي پڪار تي ڪاوڙ جي اظھار طور ڪنھن سان ڳالھائڻ پسند نہ ڪندي هئي تہ ڪڏهن پاڻ ئي پئي اهڙو کل ڀوڳ ڪندي هئي جو محسوس ئي نہ ٿيندو هو تہ هي بہ ڪڏهن رسامو، ڪري سگهي ٿي؟!! منھنجو تہ معمول موجب گذر هو سندس گهر واري گهٽيءَ مان! اتان گذري آءٌ دفتر تائين پيو سوچيندو ويندو هوس. سوچون جيڪي منھنجي من پاتال مان اُٿي ذهن آڪاس تي ڪڪرن وانگر ڦھلجي وينديون هيون.”هوءَ ٻاهرئين دروازي تي ائين اتاولائي مان اچي، ڪنھن شيءَ کي ڳولڻ وانگر هيڏانھن هوڏانھن ڏسڻ ٿي لڳي. ڳليءَ مان گزر تہ ڪيترن ئي ماڻھن جو هوندو آهي؟! هوءَ ڪنھن جي گهوري آهي؟!! ڪجهہ چئي نہ ٿو سگهجي. هوءَ مون ڏي بہ تہ ڏسي ٿي. هن جو اهو ڏسڻ ڪھڙي معنيٰ ٿو رکي؟!!“ سوچن پويان ائين پيون سوچون اچن جيئن ساوڻ سمي وڄون پيون وراڪا ڏينديون آهن. اکيون پورجڻ کان پوءِ ڪا شيءَ ڏسجڻ ۾ نہ ايندي آهي. منھنجي سوچن مان تہ ڪو کڙ تيل نہ نڪتو پر هڪ ڏهاڙي روزيءَ جي مرڪ، مسئلو حل ڪري ڇڏيو. منھنجي نماڻن نيڻن سان نينھن جو نياپو سلي وئي اها مرڪ!جنھن من اندر ۾ گلاب مھڪايا، ڪيئن چوان تہ اها پھرين مرڪ ڪا سطحي مرڪ هئي؟ مون کي سونھن جو قسم تہ اها حسين مرڪ هئي مون زندگيءَ ۾ اڄ تائين اهڙي مرڪ مرڪندي بہ ڪڏهن ڪو گل ڏٺو نہ ئي ڪا مکڙي . ان سانوري سونھن واريءَ جي سدا ملوڪ مرڪ مون کان ڇا ڇا نہ کسيو؟!! دنيا جھان کان ڪشادي دل تان منھنجو اختيار هليو ويو. بيوسيءَ جي ڪيفيتن مان، مون هن ڏي نھاريو.... ۽ وري نھاريو .... هن کي پنھنجي شڪار ڪيل پکيءَ تي نيٺ رحم اچي ويو. هڪ ڏهاڙي، پنھنجي بيمار سان گفتگوءَ جو سنگيت ڇيڙي ڳالھائي وڌائين ؛ ”اوهان هتان روزانو گذرندا آهيو.... اوهان جو هتان روزانو گذرڻ مون کي ڏاڍو سٺو ٿو لڳي!“ ” ۽ مون کي بہ توهان کي روزانو دروازي تي بيٺل ڏسڻ ڪافي سٺو ٿو لڳي“ مون بہ ساڻس پنھنجو اندر اوريو ان وقت هن جي نيڻن ۾، ڪينجهر واري مستي پئي ڇلڪي، ۽ چھري تي اڄاتل چانڊاڻ جو پھرو پئي محسوس ٿيو! هن جي سونھن ۽ ساٿ جي خوشبوءَ مون کي ازلي سرمستي ۾ آڻي، بيخود بنائي ڇڏيو هو، تڏهن ئي تہ آسپاس واري سوچ رکڻ بنا، پھرئين وارئي، ڳليءَ ۾ ماڻھن جي اچ وڃ کي نظرانداز ڪري، ساڻس بيھي رهيس آءٌ شھر جي هڪ معمولي فرم ۾ ڪلارڪ جي حيثيت سان جاب ڪندو هوس. روزي تازو ئي ڪاليجي تعليم مان فارغ ٿي اچي گهر ڀيڙي ٿي هئي. روزيءَ جو پيءُ عادل خان شھرجي وڏي اسپتال ۾ ايم ايس هو. ڊاڪٽر عادل پنھنجي هاسپيٽل جو انتطام اهڙيءَ ريت هلائڻ ٿي چاهيو، جيڪو مثالي هجي هو ان نيڪ مقصد ۾ ڪامياب ويو. پنھنجي اولاد جي تعليم ۽ تربيت تي بہ سندس ڌيان رهيو. روزينہ جو سھڻو سڀاءُ ان جو شاهد هو.
روزينہ جي گهر واري گليءَ ۾، ڪيترائي ٻيا گهر بہ هئا، ۽ انھن ۾ ڪيتريون ئي دوشيزائون موجود هيون. آسمان ۾ تارا ڪي ننڍا هوندا آهن تہ ڪي وڏا! ڪن ۾ روشني گهٽ هوندي آهي تہ ڪن ۾ وڌ! ليڪن چوڏهينءَ جي چنڊ جھڙي روزيءَ جي روشني سبب، ٻيون سموريون روشنيون مڌم پئجي ويون هيون، منھنجي نگاھہ روزينہ جي جوڀن جي چمڪندڙ چنڊ ۾ هئي. آءٌ سندس جوڀن جي مڌر پاڇي ۾، مستقبل جا خواب اُڻي رهيو هوس. خواب جيڪي اکين ۾ آکيرا ٺاهيندا آهن ۽ ڏيئا بنجي ٽم ٽم ٽمڪندا آهن. اهي خواب مون کي هن جي حسن ۽ ادا ارپي ڇڏيا هئا. ننڊ توڙي جاڳ ۾ مون کي هاڻ هوءَ ئي هوءَ ٿي نظر آئي.هڪ ڏينھن اهڙو آيو، جو هن مون کي پنھنجي گهر کڻي مدعو ڪيو مان حيرت گاڏڙ راضپي سان سندس گهر اچڻ وڃڻ لڳس. پر دل ۾ ڊپ ۽ وهمن اچي واسو ڪيو تہ ڪٿي سندس عزيز ناراض نہ ٿين؟! پيار ۾ اهي وهم ۽ ڊپ اجايا هئا ڇاڪاڻ تہ پيار ڪرڻ وارا خطرائي تہ کڻندا آهن ۽ پوءِ خطرائن پيچرن تي هلندي، اسان پريت جا پيوند پئي پختا ڪيا. پريت وارا پل ڪيڏا نہ سندر ۽ سھڻا هوندا آهن. جو ٻيا دنياوي درد ئي وسري ويندا آهن. منھنجي من جا ڊپ ۽ وهم هڪ ڏهاڙي ڪافور ٿي ويا جڏهن هن دلربائيءَ مان پنھنجا سرخ گلابي چپ منھنجن چپن تي رکي ڇڏيا. ڪاليداس جي“ شڪنتلا“ ۾ جيئن ڌرتي آڪاس ٻئي ملي هڪ ٿا ٿين. ائين واڌو ۽ ڪاٽو جا ڇيڙا ملي ويا. وجودن جي وحدت قائم ٿي وئي. صوفيانا فڪري احساس جا جيئرا جاڳندا ڪردار بنجي وياسين. نہ هو مون کان ٻاهر نہ مان هن کان الڳ! پنھنجا ڌار وجود ئي وساري ويٺاسين. هوش ٺڪاڻي نہ رهيو عقل جون سرحدون بي معنيٰ بنجي رهجي ويون. رومان جي رهڙ، اندر اڌ ڪري وڌو اچانڪ سندس ماءُ صدف جو ڊرائنگ روم ۾ آئي تہ هيڪر پيار پکيئڙا پريشان ٿي ويا. پر سندس ماءُ صدف جو مسڪرايو تہ ان مسڪراهٽ حوصلا وڌائي ڇڏيا هوءَ پوءِ چانھہ ٺاهڻ جو چئي ڪچن ۾ هلي وئي.
اسان ٻنھي جي وچ ۾ هاڻ گفتگو جا گلاب مھڪي رهيا هئا. ”روزينہ منھنجو اهو وهم آهي يا حقيقت تہ تون مون کي پنھنجي ٿي لڳين؟!“ ”مون کي بہ يقين ٿي بيٺو آهي تہ تون منھنجو ئي آهين. ڪاش! اسان زندگيءَ جي آخري لمحن تائين هڪ ٻئي سان جڙيل هجون! مون کي ان پل لڳو ڄڻ اسين هڪ ٻئي جا پراڻا شناسا هجون! احساس جي اڇل ڪيئن نہ زمان ۽ مڪان جون سرحدون ڪراس ڪري ويندي آهي. ”روزينه! هڪ ڳالھہ چوان....؟ ”چئو“ مون زندگيءَ ۾ ڪافي ڪجهہ ڀوڳيو آهي. ڪڏهن روزگار سانگي رُلندو رهيس! تہ ڪڏهن ڪکائين گهر جي تلاش ۾ ڀٽڪڻو پيو! اهي شيون ميسر ٿي ويون ليڪن اهو گهر جتي ٻن جيون ساٿين جو آشيانو هجي. اتي رڳو هڪ ڄڻو ئي آکيرو ٺاهيو ويٺو هجي تہ ڇا اها زندگي مڪمل ٿي سگهي ٿي؟!“ ” نہ اها زندگيءَ تہ نہ چئبي“ پوءِ تنھنجو ڇا خيال آهي تہ اڪيلائي ۽ اداسائيءَ ۾ شيئر ڪري سگهندينءَ؟!“ جي بلڪل! آءٌ بہ ان ئي اڪيلائي جي عذاب ۾ آهيان. ڪڏهن ڪنھن فرصت جي وقت ڪو ٻاهرجو نظارو نصيب ٿيو تہ واه! نہ تہ ٿيا ست خير! زندگيءَ ۾ ڪنھن جي سرهي ساٿ جي خوشبوءَ کان سواءِ جيئڻ بہ تہ وئرٿ آهي.“ ” اهو سرهو ساٿ ڀلا ڪنھن جو ٿو ٿي سگهي؟!“ مون وراڻيو ”فقط تنھنجو ۽ بس“ ”تنھنجو پيءُ عادل ۽ ماءُ صدف اُهي ٻئي چاهيندا سھي پنھنجو ساٿ هڪٻئي سان....؟!“ ”امان تہ پاڻ کي ڏسي مسڪرائي راضپي جو ئي جھڙوڪر پيغام ڏنو. باقي رهيو بابا، تہ اهو ڪو روايتي قبائلي سوچ وارو ماڻھو نہ آهي جو ويھي منھنجي حوالي سان ڪي اُگريون سوچون سوچيندو .... منھنجي خيال ۾ تہ هو کلي ذهن سان ان جو آڌرڀاءُ ڪندو. ”ڏسجان متان رڍ مان ٻڪري نہ ٿي پوي.....“ ” مون کي تہ پورو يقين ۽ اعتماد آهي تہ ائين نہ ٿيندو هن وراڻيو. تيستائين چانھہ بہ ٽيبل تي اچي چڪي هئي. جيڪا اسان بنا تڪلف جي پي چڪاسين. مون سندءِ نيڻن ۾ نھاريو هوءَ بہ سمجهي وئي تہ آءٌ اٿڻ وارو آهيان. سندس ڪارين گهرين اکين ۾ ڳوڙها ٽمڪڻ لڳا .... وڇوڙي جو ويلو سندس لاءِ ساوڻ رت بڻجي آيو هو. منھنجو روح بہ رنجيدہ ٿيڻ لڳو .... پر پرائي گهر ڪيترو ٿي ويھي سگهيس؟ تنھن ڪري مجبورن کانئس موڪلائي هلڻ لڳس .... هوءَ ليئو پائي، مون کي گهورڻ لڳي. مون اکين ئي اکين ۾ ساڻس ٻيھر ملڻ جو وچن ڪيو تہ مرڪي پئي. پوءِ اسان زندگيءَ جي مليل وٿين ۾، شھرجي اولھہ پاسي، ندي ڪناري ملي وٺندا هئاسين، ۽ اهڙي طرح زندگيءَ جي اداس شامن کي عجيب معنائون ملي وينديون هيون.
منھنجي وڃڻ پڄاڻان، هُنَ پنھنجي ماءُ سان ويھي حال اوريا! سندس ماءُ وري حقيقت آندي، عادل خان جي علم ۾ عادل خان ڪا ” ها هونھن“ ڪرڻ بنا خاموش رهيو. سندس طبيعت بہ ڪجهہ خاموش رهڻ واري ئي هئي. هوڪنھن بہ ڳالھہ جو ترت رد عمل نہ ڏيندو هو..... هن ڀيري بہ اهوئي رويو رهيس، ليڪن صدف سمجهي وئي تہ گنڀير معاملي تي بہ هن جو جواب نہ ڏيڻ ڪجهہ تہ معنيٰ رکي ٿو؟!! معنيٰ ٻي تہ ڪائي ٿي ڪا نہ پئي سگهي سواءِ ان جي تہ اهو رشتو عادل کي منظور نہ هو. جيڪو رشتو ڇوڪريءَ جي منشا جي عين مطابق هو. هن تي هاڻي پابندين جا پاڇا بہ پوڻ شروع ٿيا. انھن پابندين جي سائي ۾اسان جو ملڻ جلڻ بہ ويو مختصر ٿيندو هن جي گهر سرعام وڃڻ جون واٽون بہ وھہ ٿي ويون ”خبر ناهي وٽس وڃڻ سان سندس لاءِ ڪھڙا مسئلا پيدا ٿين؟!“ ڪافي ڏينھن کان مون کي تہ هاڻ اها بہ سڌ نہ هئي تہ سندس جيون ڪيئن پيو گذري؟! گهر جي ٻاهرئين چانئٺ تي بيھي، نظارا ڪندي هئي ان آزاديءَ تي بہ راتاهو لڳي ويس جو ايندي ويندي کيس نہ ڏسي، منھنجا نيڻ اٻاڻڪا ئي رهجي ويندا هئا. هاڻ نديءَ جو ڪنارو خماريل صبح بجاءِ، اداس رت ۾ بدلجي ويو هو. آءٌ پنھنجي ڪوارٽر نما گهر ۾ هڪ شام اداس ويٺو هوس تہ اوچتو فون جي گهنٽي رڙڻ لڳي. فون کنيم تہ اڳيان روزينہ جي پرسنگيت آواز منھنجو آڌر ڀاءُ ڪيو. ”هيلو سلمان! اوهان ڪيئن آهيو“؟ ”مان انڌيرن ۾ ڀٽڪي پنھنجي وجود جي وکريل حصي کي ڳولي رهيو آهيان. ”تون گهٻراءِ نہ سلمان! جي تقدير ۾ چڱو لکيل هوندو تہ ضرور پنھنجو ملڻ بہ ٿيندو رهندو. پر آءٌ ڏاڍي شرمسار آهيان جو منھنجي پيءُ جي سوچ، منھنجي سوچ جي ابتڙ نڪتي! پھريائين تہ پنھنجي رشتي جي باري ۾ امان کي ڪابہ ورندي نہ ڏنائين پر جڏهن ٻئي ڀيري امان زور ڏئي پڇيس تہ کانئس تنھنجي جاب بابت دريافت ڪيائين جڏهن خبرپيس تہ اوهان ڪلارڪ آهيو تہ منھن ئي بڇڙو ڪندي ٻئي پاسي ڪري ڇڏيائين ان مان لڳو تہ هو ڪلارڪن لاءِ ڪي چڱا جذبا نہ ٿو رکي....؟! توکي تہ خبر ئي آهي تہ بابا اسپتال ۾ انتظام جي لحاظ کان سخت آفيسر آهي. خوش قسمتيءَ سان هو زندگيءَ جي هر شعبي ۾ پاڻ جھڙا ايماندار ماڻھو ڏسڻ چاهيندو آهي، اهڙن ايماندارن سان ئي سماجي توڙي ٻيا وهنوار رکڻ گهري ٿو.“ ”اڇا، مون سمجهي ورتو توهان جو مطلب، پر اهو ضروري ناهي تہ سمورا ڪلارڪ راشي، بدانتظام ۽ پنھنجي پيشي سان انصاف ڪندڙ نہ هجن!“ ” اها تہ بلڪل بجا ڳالھہ آهي پر بابا کي سمجهائي تہ ڪير سمجهائي؟! پاڻ تہ هڪ ٻئي سان ٻڌل آيون تون چاهين تہ ڪورٽ مئريج بہ ڪري سگهون ٿا. ”پياري! ائين نہ چئو نہ ائين آءٌ ڪڏهن سوچي ٿو سگهان؟! ائين ڪرڻ ڪري اسين اخلاقي لحاظ کان گهڻو هيٺ اچي وينداسين“ ”پيارا! مون تہ توسان ان ڏينھن پئمان ڪيو هو تہ آءٌ تنھنجي تنھائيءَ ۾ شيئر ڪنديس پر .....“ هوءَ سڏڪڻ لڳي ٿي ....“ روزينہ ڇڏ ان اڀاڳي روئڻ کي! ڪجهہ حوصلي کان ڪم وٺ، مون کان پڇ تہ منھنجي اداس من ۾ ڪيترا زخم آهن؟ انھن زخمن کي لڪائي بہ مون پنھنجي منھن تي هميشه مرڪ رکي آهي. آءٌ توکي بہ مرڪندو ڏسڻ چاهيان ٿو“ پر بابا جو مون کي ڪنھن سان پرڻائڻ جو پيو سوچي؟!“ ”جيڪڏهن سوچي ٿو تہ سوچڻ ڏينس .... اسان جو پيار تہ بھرحال سچو آهي پوءِ لازم ڪونھي تہ شادي بہ ٿئي! شادي تہ هڪ سماجي معاهدو آهي، جنھن جا معيار ۽ ماپا، قدر ۽ قيمت، سماج مقرر ڪري ٿو، جڏهن تہ پيار سماجي حد بندين ۽ معاهدن جو محتاج نہ هوندو آهي. سچو پيار خوشبوءَ جيان قيد نہ ٿي سگهندو آهي. سو بھرحال اسان کي بہ گهٻرائڻ نہ کپي، تنھنجي پيءُ جو بہ هڪڙو خواب آهي؟! جيڪو هن سماج جي سڌاري جي حوالي سان ڏٺو آهي، ڪاش! اهو خواب پورو ٿئي!! اسان جي سماج ۾ اهڙا آفيسر ۽ ڪلارڪ هجن، جيڪي پنھنجي سماج، ديس ۽ قوم سان سچا هجن. پر اسان جو بہ هڪڙو خواب آهي جيڪو اسان محبت جھڙي آفاقي جذبي جي حوالي سان ڏٺو آهي. انھي پيار ۽ محبت جي جذبي تي اسان کي ايمان آهي تہ اها آفاقيت شڪست نہ ٿي کائي سگهي. پر پوءِ بہ اسان جي پيار جو شيش محل ڪنھن حاسد پٿر جو نشانو نہ بڻجي ان لاءِ اسان کي بہ اوس سوچڻو پوندو.“ ”واقعي اهو سچ آهي تہ پيار ڪنھن شيش محل جيان هوندو آهي، جيڪو دل جي صاف شفاف ساگر مٿان تعمير ٿيل هوندو آهي. جنھن اندر انيڪ گل مھڪيل هوندا آهن مکڙيون ٽڙيل هونديون آهن. ڪئين رنگين موسمون رچيل وسيل هونديون آهن. اوچتو روزينہ جي سريلي آواز ۾ ماٺار اچي ٿي وڃي. هن جو معصوم چھرو منھنجي تصور ۾ گهوماٽيون کائڻ ٿو لڳي، منھنجي وجود جي ور وڪڙ گلين ۾، اداسيءَ جا ڪاريھر ڪر کڻڻ لڳن ٿا. آءٌ حيراني مان پنھنجي ڪوارٽر نما گهر جي ديوارن ڏي تڪڻ لڳان ٿو. پل لاءِ سوچ ٿي اچي تہ پنھنجو مٿو هڻان انھن ديوارن ۾! مٿي مان رت جا ريلا وهي نڪرن .... ” ڪيڏي نہ ستم ظريفي آهي جو ماڻھو ويچاري کي سندس منشا موجب زندگي گذارڻ نہ ٿي ڏني وڃي. ڪيتريون روزينائون هونديون؟! جن جو روح رنجائي هن سماج وڏا وڏا ٽھڪ ڏنا هوندا. زخم ڏئي وري مٿان لوڻ بہ بيھي ٻرڪيو هوندو .... ڪھاڙين مان ڪڍي بنا غسل ڪفن جي دفنايون ويون هونديون ڪيتريون روزينائون؟! تون هڪڙي روزينہ لاءِ حيران آهين چريا .... آءٌ پنھنجو پاڻ سان وڦلڻ ٿو لڳان، گهران آفيس اچان ٿو. آفيس ۾ ٻين ڪلارڪن جي ڪڪ ڪندڙ گفتگو منھنجي سماعتن ۾، لفظي زهر اوتي رهي هئي هڪ اداس شام گهر اڱڻ ۾، گلن سان گفتگو ڪري رهيو هوس تہ ٻيھر فون جي گهنٽي وڳي آءٌ امالڪ فون ڏي ڀڳس. فون کيم تہ ساڳيو روزينہ جو سريلو آواز گونجيو : ”ڪير“ ”پياري آءٌ سلمان آهيان! ڇا ٿي چوڻ چاهين؟! ڪھڙو حڪم آهي پرينءَجو؟!“ هو مون کي ٻئي هڪ ڇوڪري جي حوالي پيا ڪن؟! تون ئي ڪا سڻائي صلاح ڏئي تہ هاڻ ڇا ڪجي ....؟ صبر جي سادگيءَ سان هانوَ کي حوصلو ڏئي حالتن کي مُنھن ڏي! والدين کي ناراض ڪرڻ بہ اڀاڳي اولاد جو ڪم آهي.“ پرمنھنجا من ائين ....“ سندس آواز گلي ۾ ئي گهٽجي ٿو وڃي. پر وري ڪوشش ڪري ٿي ڳالھائڻ جي!“ جيڪڏهن ائين ٿيو تہ آءٌ ڪنديس خود .... ڪ .... شي ...“ فون تي سندس چيل آخري لفظ ڊگهو ٿي پڙاڏو بڻجي وڃي ٿو. ” پياري ائين قطعي بہ نہ ڪجانءِ نہ تہ آءٌ بہ ....“ پاڻ سنڀاليندي وري ڳالھايان ٿو. ”پياري تون نديءَ ڪناري اچ تہ پاڻ اتي ڪجهہ ڳالھيون ڪريون“ هوءَ سڏڪندي ”هائوڪار“ ٿي ڪري، منھنجي ڏڪندڙ هٿن مان رسيور ڇڏائجي هيٺ اچي ڦھڪو ڪري ٿو. جدائيءَ جو ٿڪايل جسم ۽ روزينہ جو غم والم ساڻ کڻي آءٌ نديءَ ڪناري ڏي وڌڻ لڳان ٿو. سج جي سرخي پنھنجي سونھن جي آخري سلامي لاءِ اتي آهي. شام سمي، شھرجا سڀ روڊ رستا گاڏين جي پيھہ پيھان ۾ چٿجي رهيا آهن. گاڏين ۽ موٽرن جو شور جھڙوڪر ٻن پريمين جي ساحل تي ملڻ جي نويد ڏئي رهيو آهي. نديءَ ڪناري ٻہ پريمي پنھنجي چاهت کڻي پھچن ٿا. مان روزينہ جي چھري تي اُداسيءَ گاڏڙ ريشمي مرڪ ڦھليل ڏسان ٿو، اسين ٻئي نديءَ ڪناري سان ٽڪرائيندڙ لھرن کي ڏسڻ لڳون ٿا. هڪ مسرت ڀريو احساس ٻن چاهيندڙ دلين جي در تي دستڪ ڏيڻ لڳي ٿو. ”روزينہ تون خودڪشي ڪندين“ جي نہ ...“ ” چري هي زندگي هڪ ڀيرو ملندي آهي. ڪيترن ئي مسئلن ۾ جڪڙيل هوندي بہ خوبصورت هوندي آهي. مسئلن کي مُنھن ڏيڻ ئي زندگيءَ جو فلسفو آهي، اسان جي زندگي، اسان جي هوندي بہ ڪجهہ ٻين جي سھاري هوندي آهي ۽ ٻين جون زندگيون وري اسان جي جيون جي سھاري هونديون آهن ائين سمورن جو هڪ ٻئي تي مدار هوندو آهي.“ ”مون کي تہ نديءَ جي ڪناري سان ٽڪرائجندڙ پاڻيءَ جي لھرن زندگي گذارڻ جو فلسفو ۽ حوصلو ڏنو آهي. آءٌ خودڪشي نہ ڪنديس والدين کي رضامند رکي، انھن جي منشا موجب ازدواجي رشتو قبول ڪري، تنھنجي تنھائيءَ ۾ شيئر ڪندي رهنديس.“
ٻن دردمند دلين کي نديءَ ڪناري، سورج لھي ٿو وڃي نديءَ ڀرسان سڄي شھر جون بتيون جرڪڻ لڳن ٿيون.

انتظارن جي ديس ۾

شام جا ڊگها پاڇا اونداھہ جي ڪاري سمنڊ ۾ ٻُڏي ويا هئا، هن جي روح جي رستن تي ڪنھن جي ياد جا ديپ روشن ٿيڻ لڳا هئا. نظرن کان اوجهل سندس پھريون پرين، جنھن جي ياد اندر ۾ خنجر کوڙي ڇڏيا هوس، وئي ٿي وڌيڪ ويراڳ وڌائيندي! زخمن جي پيڙا جو پھريون پھر کيس بي چيني جي بارود سان سٿيل، ڪنھن ڇانوڻيءَ جو روپ محسوس ٿي رهيو هو؟!.
پرينءَ جي ياد، سوچن جي بارود سان مسلح ٿي مٿس حملي آور پئي ٿي. اڪيلي ۽ اداس ڪمري ۾ هن سمھڻ پئي چاهيو، پر ننڊ بہ کانئس رسامو ڪري وئي هئي! هو حيرت مان سوچڻ لڳو ”ننڊ بہ بيوفائي نڪتي، جيڪڏهن اها اچيم ها تہ پريشانين مان پاند آجو ٿي پوي ها.“ هو ٽپ ڏئي بستري تان اُٿيو ۽ دريءَ مان نھار وڌائين امبر ڏي! تارن جي ٽم ٽم سندس روح جي گهرائين ۾ لھي وئي. رات کي ڪيڏي نہ خوبصورتي آهي؟! هڪ انوکي سونھن، جيڪا سڀني حسين شين کي شرمائي ڇڏي ٿي. منھنجو پرين بہ ائين ئي انوکي سونھن جو مالڪ آهي. هو تہ هن حسين رات کي بہ شرمائي ڇڏي، ڪاش! هو هت اچي نڪري ته..... سندس اندر ۾ سُتل پرينءَ جو پور ٻيھر سجاڳ ٿي پيو.. اکيون مھٽي سندس اندر ۾ اهاءُ ڪرڻ لڳو. هُن دروازي جا وريل ٻئي طاق، اٻھرائيءَ مان ائين کوليا. ڄڻ پريان ڪو ايندو محسوس ٿيو هجيس؟! پنھنجون پريشان نظرون، وڇائي ڇڏيائين واٽ تي...... انتظار وارا رستا ڊگها ٿيندا ويس..... رات جي وچئين پھر پڄاڻان ايئن محسوس ٿيس، ڄڻ صديءَ جو سفر طئي ڪيو هجيس!! بدن ۾ بيچيني، اندر ۾ آنڌ مانڌ ۽ سوچن ۾ عجيب هلچل برپا هوس. پاڙي جي پرينءَ سان پريت جو پيوند تہ اڙائي وڌو هئائين خبر نہ هوس تہ وڇوڙا وڏا وڍ ڏيندڙ هوندا آهن. هن کي ياد آئي پرينءَ سان گهاريل اها گهڙي، جيڪا جيون جي پلاند ۾، انمول تحفي جيان سانڍي رکي هئائين. هوءَ آئي هئي هن ئي دروازي مان اندر لنگهي، تہ ڄڻ سڄي دنيا جھان جي خوشبوءَ سميٽي ساڻ کڻي آئي هئي. هوءَ پيرن جي پايل لاهي، پوءِ آئي هئي، تہ متان ورھہ جا ويري لوڪ، سجاڳ ٿي کيس تاڙي نہ وٺن. هوءَ دهشت وارا سڀ درياھہ پار ڪري اچي پھتي هئي..... ۽ اڄ.“ پوءِ هن هڪ اونھو ۽ ڊگهو ساھہ کنيو. سوچن جون ماڙيون ٺاهيندي ڊاهيندي، سندس روح روڙ جي رهيو هو ۽ اکيون آليون ٿي رهيون هوس. رات جو آخري پھر خاموشي جو ماتم لڳي رهيو هوس سواٰ رات ۾ روئيندڙ جيت جڻن جي بي چين آواز جي.... ڪنھن بہ ڏس کان پرينءَ جي پيارن پيرن جي آهٽ جو آواز ٻڌڻ ۾ نہ پئي آيس... تڏهن خفي ٿي اڇلايائين پنھنجو وجود بستري تي.... ڄڻ پنھنجو پاڻ مارڻ چاهيندو هجي؟! هن کي ياد آيو اهو ڏينھن جڏهن ڪنھن ڳالھہ تان من ۾ خود ڪشي جي چاهنا وڌي وئي هئس.... سندس اندر ۾ تکيرا طوفان اٿي پيا هئا.... هن کي هر شي موت جو پاڇو نظر آئي هئي پنھنجي وجود کان ئي وونءَ وڃڻ لڳو هو. پوءِ ڪنھن دوست اچي آٿت ڏنيس“ چريا! ڇڏ اهڙين ڳالھين کي.... موت کان پوءِ ڇا آهي؟! رڳو ويراني ئي ويراني ڪيتري ڪڙي ئي ڇو نہ هجي؟! پوءِ بہ زندگي حسين چيز آهي. ان سان پيار ئي ڪرڻ جڳائي. هو ان تي سوچڻ لڳو: ”جيڪڏهن زندگي هوندي تہ وڇوڙي جا گيت ڪڏهن ميلاپ واري مڌر موسيقي ۾ بدلجي سگهن ٿا جيڪڏهن نہ هوندي تہ ڪير ڪيترو ڪنھن کي ارپي سگهندو پاڻ ڪنھن جي قبر تي گل پاشي لاءِ؟!!
سندس خودڪشيءَ وارو خيال هوا ۾ ئي وکري ويو هو. هو ڊوڙي ٻاهر نڪتو اهوئي امبر تارن جي ٽم ٽم ۾ جرڪي رهيو هو. ”آسمان ۾ ڪيترا تارا ٿي سگهن ٿا؟!“ هن تارن کي ڳڻڻ شروع ڪيو... ”هڪ ...... ٽي.... چار....“ اهو ڳڻڻ ئي فضول لڳس موٽي آيو ڪمري ۾!! سگريٽ دکائي وڏا وڏا ڪش هڻڻ لڳو... سگريٽ جي دونھين جي ورن وڪڙن ۾ هو موٽڻ لڳو پنھنجي ماضيءَ ڏي.... ياد آيس ان فيڪٽريءَ جي چمنيءَ مان نڪرندڙ دونھون، جنھن فيڪٽري ۾ ڪو عرصو ڪم ڪري، پنھنجي بکئي پيٽ جي جھنم واري آڳ کي ماٺو ڪيو هئائين: ”جڏهن ڪارخانيدار سيٺيا فيڪٽري گهمڻ ٿي آيا تڏهن انتظاميا، مزدورن کي سيٺين کان ڪيئن نہ پري ٿي ڌڪي ڇڏيو. سيٺيا ۽ سيٺياڻيون، سينٽون ۽ عطر هڻي وارد ٿيندا هئا! مون کي تہ سخت نفرت ايندي هئي اهڙن سيٺين کان.... اهي ڀڀ وڏا سرمائيدار، اسان جي قوم جي ڪل پونجي تي قابض آهن“. ڪارخاني ۾ مزورن سان ويھي مذڪور ڪيائين اهڙيءَ هلت جو! هن کين ان رويي تي، احتجاج لاءِ اُڀارڻ جو سوچيو.... تہ کيس ڪارخاني مان ئي ڪڍي ڇڏيائون، هو جڏهن واپس ڳوٺ وريو تہ اٽڪي پيس نيڻ هڪ ڳوٺاڻي اپسرا سان! پوءِ تہ ورھہ جي ويراڳ ئي وسارائي ڇڏيس اڳوڻيون ڳالھيون! هاڻ نسواني نينھن رولي رهيو هوس انتظارن جي ديس ۾....!
سگريٽ سڄو سڙي چڪو هو باقي سندس آڱرين جي وچ ۾ رهيل حصو کيس ڏنڀي رهيو هو.... پرينءَ جي انتظار جيان... پرينءَ جيڪو پھرن جي پاڇي ۾ ئي، هن جيان سڙندي پڄرندي، سج اُڀاري چڪو هو.

اجنبي مسافر

ماڻھن سان سٿيل بس پنھنجي منزل طرف ڀانت ڀانت جا مسافر کڻي پئي ڊوڙندي وئي. ڪنڊڪٽر لاءِ هونئن تہ سڀ مسافر ڄاتل سڃاتل ئي هئا، جيڪي روزانو مختلف اسٽاپن تان پيا چڙهندا هئا. پر ان ڏينھن معمول جي خلاف کيس سوچ آئي تہ شايد ڪو نئون نويلو ماڻھو سندس گاڏيءَ ۾ چڙهي پيو آهي. هن پھريان تہ مسافرن کان وصول ڪيل ڪرائي واري پونجي سنڀالي تہ ڪٿي اها ٻھارجي نہ وڃي اڳيون ۽ پاسي وارو کيسو ٻئي اڳي جيان وزندار نظر آيس اها تسلي ڪري لڳو گاڏيءَ جي مسافرن جي چھرن ۾ گهورڻ! ماڻھن سان سٿيل گاڏيءَ ۾ سڀني تي سندءِ نگاھہ نہ پوڻ سڀاويڪ هو. پر هن مڙني ڏانھن پئي ڏٺو. هڪڙو ماڻھو کيس هيڏانھن هوڏانھن پئي ٿيندو نظر آيو جيڪو ڊرائيور جي کاٻي پاسي واري فرنٽ سيٽ تي ويٺل هو. ذهن ڊوڙايائين. ”ان شخص ڪرايو ادا ڪيو آهي يا نه؟! بلڪل ادا ڪيو اٿس پر هن جو ائين هيڏانھن هوڏانھن ٿيڻ جو آخر بہ مطلب ڇا آهي؟!“ سندس ذهن جي افق تي ڪيترا سوال اڀري آيا! سندس چھري ۾ چتائي ڏٺائين تہ منھن تي مڇن جو ٺاهوڪو ميڙ نظر آيس. هن عادتن يا ڪنھن ٻئي سبب ڪري پئي مڇن کي هر هر مروڙيو. ڪنھن پل وري آسپاس جو جائزو وٺندي پئي بدن کي هلايائين. ڪنڊ ڪٽر محسوس ڪيو تہ ضرور ڪو سبب آهي جو همراھہ ٻين مسافرن جيان آرام سان ويھي سفر ڪرڻ بنان پيو پاسا بدلائي وري سوچيائين. ”ٿي سگهي ٿو ويھي ويھي ٿڪجي پيو هجي تنھنڪري پيو بدن کي موڙا ڏئي پاڻيءَ مان نڪتل مڇي وانگر“ وري ذهن هلايائين! ”ٻيا بہ تہ هن جھڙا مسافر آهن، پر هي....“ بھرحال هو ڪنھن نتيجي تي نہ پيو پھچي سگهي. نئين اسٽاپ تان چڙهي آيل مسافرن کان ڀاڙي وٺڻ ڪاڻ هو اڳتي رڙهي ويو گاڏيءَ جي اڳئين حصي ڏانھن! بس پوري رفتار سان منزل طرف روان دوان هئي مسافرن کي بوريت کان بچائڻ واسطي ڊرائيور ٽيپ رڪارڊر بہ آن ڪري ڇڏيو. گيت گانا مسافرن جي روح جي رڻن ۾ گلاب مھڪائي رهيا هئا. ڪلينر ويچارو زوردار سيٽيون وڄائي ايندڙ اسٽاپن تي لھڻ وارن مسافرن کي گاڏيءَ مان پئي لاهيندو هليو.
واندڪائيءَ تي ڪنڊيڪٽر جون جاسوس نظرون وري گاڏيءَ جي اندر ڦرڻ لڳيون اوچتو سندس نگاھہ وڃي هڪ سونھن وندي اپسرا تي پئي سندس ڳاڙهي ململ جي چولي تي ڀرت امبر ۾ ستارن جيان ٽانڪيل هو. پنھنجا ڪينجهر جھڙي گهرائي وارا نيڻ کڻي، هوءَ پريشان طبع مسافر کي گهوري رهي هئي جنھن لاءِ ڪي ساعتون اڳ ڪنڊيڪٽر ويچارو سوچي سوچي ساڻو ٿي پيو هو ڪنڊيڪٽر ان اپسرا کي ڏسي وري متوجھہ ٿيو ان شخص ڏي جيڪو سندس لاءِ پريشانيءَ وارا پور کڻي آيو هو. اهو اجنبي ان اپسرا کي پريشان حاليءَ ۾ تڪيندو محسوس ٿيو جنھن جو گاڏيءَ مان لھي وڃڻ جو ٽاڻو ويجهو ٿي پوندو ويو، اجنبي شخص جون نگاهون اٽڪي پيون هيون اپسرا جي نگاهن سان! ڪنڊيڪٽر کي هيڪاري لڳو ان ماڻھوءَ ڪا وڏي شيءَ گنوائي آهي يا شايد هو پنھنجو پاڻ ڦرائي ويٺو آهي. ڪنڊيڪٽر هاڻ ڪاغذي مرڪ جيان ڏانھس نھاري رهيو هو، پر هو پنھنجي ڌن ۾ ئي هو ڪنڊيڪٽر ساعت لاءِ وري ان مائيءَ جي نيڻن ۾ ڏٺو. سندس احساسن جي آڪاس تي انڊ لٺي رنگ اڀري آيا. هڪ پل لاءِ ڄڻ پنھنجي وجود کان ئي اڻ ڄاڻ بڻجي ويو. پوءِ پاڻ سنڀالي هڪ ڀرپور نگاھہ اڇلايائين اجنبي مسافر تي! هو ڪپڙا ڇنڊيندي اٿڻ جي ڪوشش ڪري رهو هو، پر اچانڪ ڪنھن وڏي ۽ گَھِري سوچ ٻيھر ويھاري ڇڏيو هوس.
”ڊونڊي“ اسٽاپ تي گاڏي بيٺي تہ اها اپسرا اک ڇنڀ ۾ گاڏيءَ مان لھي وئي، اتي اجنبي مسافر لڳو دانھون ڪوڪون ڪرڻ..... ”ادا! پنھنجو پاڻ سنڀاليو.... متان ڪائي چيز نڪري وئي هجي....؟! آءُ پاڻ سڀ ڪجهہ وڃائي چڪو آهيان!!“ دريءَ مان ان اپسرا کي ڏسندي سندءِ ٻئي هٿ ڇاتيءَ تي هئا، کيس لڳو ڄڻ گاڏيءَ جي چئني ڦيٿن جي هوا نڪري وئي هجي.

ڏاڪڻ گُم ٿي وئي!

• هلي آ.... هلون مٿي سيڪنڊ فلور تي... روحي!
• ڇا رکيو آهي مٿي؟!
• شھر جو نظارو ڪريون ٻيو وري......
• اها ”ٻيو وري“ ڪٿان سکي آهين؟!
• ڪٿان بہ سکيس... پر تون مون سان ڏاڪڻ چڙهي هل مٿي گئلري تي....
• اجهو! اچي ويس تنھنجي پويان پر سھڪائي وڌئي ساره....
• شايد پھريون ڀيرو چڙهي آهين؟!
• ائين تہ پاڻ ڪيتريون ئي چاڙهيون ڪراس ڪيون آهن؟!
• ۽ پيار جي....
• بلڪل!
• پيار جي يا پريم جي....؟!
• پر ساره تنھنجي روح ڪنھن کي ڪونہ چاهيو شايد زندگيءَ ڀر؟!
• تون ڪيئن ٿي ڀانئين! مان بي احساس آهيان. سيني ۾ دل جھڙي ڪا چيز ڌڙڪيم ڪا نہ ٿي يا ڪنھن کي ڏسي منھنجي جذبن ۽ احساسن ڪڏهن اڇل نہ کاڌي هوندي؟!
• ضرور.... ضرور.. پر آخر اهو خوشنصيب هوندو ڀلا ڪھڙو؟! جنھن جي پيار جو پکي، تنھنجي نيڻن جي ڍنڍ ۾ لھي، احساسن کي جاڳائي ويو هوندو...
• جميل...!
• ڪيڏو نہ خوشنصيب آهي اهو شخص؟!
• خوشنصيب تہ مان آهيان جو هن منھنجن احساسن کي نئون موڙ ڏنو. سچي ٻڌاءِ تون کيس سڃاڻين؟!.
• گهڻوئي سڃاڻانس...... ان ڏينھن پاڻ کي شھر جي چؤ سول وٽ جو مليو هو تو هُن کي سر ٻاٽن ۾ لونگ .......... لونگ ... ڪري پئي پڪاريو.
• بس ڪر چري! ڪو ٻڌي نہ وٺي؟!
• جي ڪو ٻڌندو تہ ڪھڙي ٻيلي کي باھہ لڳندي؟!.
• ”باھہ لڳي يا نه.... پر حاسد هوشيار ٿي ويندا.... هُو مون لاءِ ڇڙو لونگ LOVING ئي نہ پر جانم بہ تہ آهي. ان سان پريت جو پيچ اڙجي ويو آهي“ هن هيٺ روڊ تان گذرندڙ گاڏين کي ڏسي، ڪنڌ کي جهٽڪو ڏيندي وراڻيو، مرڪ جا مڙئي رنگ سندس چھري تي مڙي ايا.
• ان کان سواءِ ڪو ٻيو؟!
• ٻئي کي ڏي ٽانڊو.... پنھنجو پھريون ۽ آخري پيار اهوئي تہ آهي....
• ۽ اهو بہ اڄوڪي مشيني دور جو.... جنھن ۾ جذبن ۽ احساسن جي ڪا قدر و قيمت نہ هجي؟!.
• جذبن جي قدر و قيمت ڪو هن کان سکي...؟!
• تڏهن شايد هو ڪنھن ٻئي دؤر جو ماڻھو آهي؟!.
• تون جيئن فيل ڪرين،! پر بھرحال مون کي سندس شخصيت تي پورو پورو اعتماد آهي. هو ڪنھن ٻيءَ جو نہ ONLY ISMINE.
• اهو تون ئي سوچين ٿي.... لازمي ناهي تہ هو بہ ائين ئي سوچيندو هجي. گهٽ ۾ گهٽ سندس رويي کي ڏسي چئي سگهان ٿي تہ هو بہ مون وانگر ئي سوچيندو هوندو.
• اها تنھنجي خام خيالي آهي! مرد جي سوچ هڪ پل هڪڙي تہ ٻئي پل وري ڪا ٻي هوندي آهي؟! ڪنھن ٻي ڇوڪريءَ کي ڏسي، مردن کي وڻ گهوڙو ٻڌڻ نہ ڏيندي آهي. هو بہ ڪنھن ٻي ڇوڪريءَ جو ٿي ويو ته...........
• روحي اچانڪ، هيٺ رستي تان گذرندڙ جميل ۽ ساڻس ڪنھن ڇوڪريءَ کي ويندو ڏسي وراڻيو.
• اڙي چري.... ڇڏ اهڙِن وهمن کي...... اچي منھنجي پريم جي پٺيان پئي آهين.......
• آئون تہ چوان ٿي چري تون ئي آهين، جو وتين ڇورن ڇيڳرن تي انڌو ويساھہ ڪندي!. هو هيٺ روڊ ڏي نظر ڪري ڏس تہ سھي ڪير آهي اهو ندورو!. جو وڃي پيو ڪنھن وينگس سان ورونھن ڪندو..... سندس نظرون پاڻ سان حيرت ۽ اتاولائي وارا گڏيل احساس کڻي، ڪرن ٿيون رستي تي.. منظر ڏسي سارا موھہ ئي مري ٿا وڃنس.... لوھہ پائي ٿي ڏاڪڻ ڏي هيٺ لھڻ لاءِ..... ڏاڪڻ گم ٿيل محسوس ٿيئيس ٿي..... وجود سارو ڪنبڻ ٿو لڳيس... مٿو بہ ڄڻ چڪرائجي رهيو هجيس. اندر ۾ آتم هتيا جا خيال ڪنھن واچوڙي جيان ڀاسنس ٿا. روحي سندس ڪيفيتن کي محسوس ڪندي، سندس ٻانھن کي مضبوطيءَ سان جڪڙي، ڏاڪڻ تان هيٺ وٺي اچي ٿي.

هو موچي ۽ معصوم ٻار

هو مون وٽ جڏهن بہ آيو ٿي تہ ڪيترائي اُلڪا، انديشا، امڪان ۽ ارمان بہ ساڻ هوندا هوس. اهي الڪا، انديشا، امڪان ۽ ارمان شايد سندس حسا سپڻي جو تحفو هئا. ابتدا تہ بظاهر عام گفتگوءَ ساڻ ئي ڪندو هو. ”رستي تان ايندي اڄ مون ڪي پورهيت ڏٺا جيڪي نئين جڙندڙ روڊ تي پٿر وڇائي رهيا هئا. مون کي ائين محسوس ٿيو اهي پٿر ڄڻ انھن مزدرون جا هڏا هجن. پريان سورج ديوتا پنھنجا تازا توانا سونھري ڪرڻا ساڻ کڻي، ڪنھن ڪنوار جيان مرڪي رهيو هو.“ ڳالھہ جي ڳنڍ معمولي سري سان کولي پيو اڳتي وڌندو ويندو هو. ڳالھين ڪندي سندس چھري جا تاثرات ڪنھن فلم جي سين وانگر پاڻ مرادو پيا بدلبا هئا. چپن جي چرپر ۽ هٿن جي حرڪت ۾ ڪو عجيب اسٽائيل هوس جو منھنجون اکيون بہ حيرت ۾ هونديون هيون هو ۽ مان ساڳي ئي شھر جا واسي هئاسين ان ڪري ڪڏهن رستي ۾ ملي وٺندا هئاسين تہ ڪڏهن هو مون وٽ اچي نڪرندو هو. سندس وار وڏا هئڻ ڪري، مون کي مٿس صادقين خطاط جو گمان ٿيندو هو. صادقين خطاط بہ ڪو عجيب ماڻھو هو مصوريءَ سان ايڏو موھہ هوس جو جڏهن بہ ڪو فنپارو تخليق ڪندو هو تہ پنھنجا هڙئي احساس ۽ شڪتيون فنپاري ۾ اوتي ڇڏيندو هو. بھرحال مون کي هن تي صادقين هئڻ وارو گمان اجايو هو. هو ڳالھائيندي اوچتو چپ بہ ٿي ويندو هو. جنھن مان محسوس ٿيندو هئم تہ هو ڪنھن گهري سوچ ۾ گم آهي. هو هر شيءِ کي غور سان ڏسڻ جو عادي هو. شھر جي اهم چو سولن تي لڳل سائن بورڊ تہ هو پڙهندو ئي پڙهندو هو، پر ماڻھن جي چھرن جا تاثرات بہ پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو هو. روڊ تي ڊوڙندڙ گاڏيون بہ هن جي سوچ جو محو رهيون تہ فوٽ پاٿن تي ويٺل گداگر توڙي موچي سوچي بہ سندس نظر کان نہ ٿي ترڪيا. ماضيءَ جي پلاند ۾ اهي سڀ مشاهدا محفوظ ٿيندا ويندا هوس.
انھن مان ڪي مشاهدا اهڙا بہ هئا جيڪي بنھہ نہ وسارڻ جھڙا هئا. اهڙوئي هڪ مشاهدو سندس اکين اڳيان گذريو جنھن سندس حواس ئي خطا ڪري ڇڏيا. ”شھر جي فوٽ پاٿ تي ويھي ڪو موچي جتيون ڳنڍي رهيو هو ۽ ائين هو پنھنجو ۽ پنھنجن ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ روزانو پنھنجي ڪرت ۾ لڳل هوندو هو. هو جتين کي ڇا ڳنڍيندو هو ڄڻ پنھنجي بکئي ڇنل پيٽ کي ٽوپا ڏيندو هو. موچيءَ جي بک وارا احساس سندس سين سان وچڙي پيا هر هر زخمي ٿيندا هئا، پر اهو عذاب سھندي بہ هو پنھنجي ڪرت سان پريت نباهيو پيو ايندو هو. فوٽ پاٿ سان لڳ لڳ وهندڙ روڊ تي گاڏين جو هجوم ۽ سيلينسرن مان نڪرندڙ دونھون ۽ گوڙ شور سندس لاءِ مٿي جو سور بڻبو رهيو ٿي. ليڪن هو ان سوچ ۾ وڃائجڻ بدران پنھنجي ڌنڌي ۾ ئي ڌت هوندو هو. هڪڙي شام هو گاڏين ڏانھن متوجھہ ٿي ويو هو. ان ڪري هو صرف ڪي ٿوريون جتيون ئي ڳنڍي سگهيو. هو ان شام معمول جي خلاف گاڏين جي شور ۾ پاڻ وڃائجي ويو. پريان کان هڪ بس اچي رهي هئي موچيءَ جو ڌيان ان بس جي ڦيٿن تي مرڪوز ٿي ويو. موچيءَ کي محسوس ٿيو تہ انھن مان هڪ ڦيٿو ٽاءِ راڊ مان نڪتو ڪي نڪتو هن اهو سوچيو ئي پئي تہ هڪ ڦيٿو گاڏي کان علحدہ ٿي روڊ تي ڊوڙڻ لڳو. موچيءَ کي لڳو تہ اهو ڦيٿو سندس سامھون اچي رهيو آهي، تہ موچي بہ خوف وچان وٺي ڀڳو! ڀڄندو ڀڄندو پويان جو نھاريائين تہ ڦيٿو واقعي بہ سندس پويان واڪا ڪندو پئي آيو. جيڪو هاڻ سندس تمام ويجهو اچي پيو هو تہ هو لوھہ پائي وڏي روڊ واري فوٽ پاٿ تان نڪري ننڍي گليءَ ۾ اچي ويو. موچي ويچارو سھڪي ساھہ بچائڻ ۾ پورو هو. ڪيترائي ماڻھو اهو منظر ڏسي کيل تماشي جيان ان مان انجواءِ ڪري رهيا هئا. ڦيٿي بہ اهائي گلي ورتي جنھن تان موچي ڊوڙندو جان بچائڻ ۾ پورو هو. هن کي ٻيھر خيال آيو تہ پويان لئوڻو ڦيريائين اهوئي ساڳوڻو ڦيٿو سندس ڪڍ لڳل هو. موچيءَ خوف وچان ڌڙام ڪري اچي پٽ تي ڪريو. تيستائين ڦيٿو بہ سندس مٿان اچي ڪڙڪيو. موچي پنھنجي جان وڃائي ويٺو“ اهو واقعو عجيب قسم جو هو گاڏيءَ مان ڦيٿي جو نڪرڻ ۽ وري ان جو موچيءَ جي ڪڍ لڳڻ ۽ ان ڦيٿي جي ڪري ئي موچيءَ جو مرڻ هڪ حساس ماڻھوءَ لاءِ ڪيڏي نہ مشڪل صورتحال هئي. هو اهڙي قسم جا مشاهدا مون سان اچي شيئر ڪري، مون کي بہ غمگين ڪري وجهندو هو. ائين سندس هانوَ تان ڪجهہ بار هلڪو تہ ٿيندو هو، پر اهڙا واقعا وسارئي نہ وسرندا هوس، حساس طبع هئڻ ڪري هو اهڙن واقعن جي تصورن ۾ پيو مرندو ۽ جيئندو هو، پر وري بہ سندس لاءِ منھنجو ساٿ سٺو هو. آءُ وري سندس شڪل شبيھہ ۾ صادقين جو پڙاڏو محسوس ڪري پيو وند رندو هوس سندس تصور ۾ هر هر موچيءَ وارو منظر پيو ڊوڙندو هو ڪنھن فلم جي سين جيان! منظر تہ ٻيا بہ الائجي تہ ڪيترائي اکين جي فوڪس مان گذريا هوس، پر انھن جي نوعيت هن کان قدر مختلف هئي، هونئن سندس لاءِ سڀ مشاهدا جيون جو سرمايو ئي تہ هئا. جن کي ڀلائيندي بہ نہ پئي ڀلائي سگهيو. انھن نہ وسرندڙ واقعن مان هڪ ٻيو بہ هن منھنجي سماعتن تي آندو ”هڪ ڏهاڙي هو شھر جي ڪنھن گليءَ مان گذري رهيو هو. ماڻھو ڪي پيادا تہ ڪي گاڏين موٽرن ۾ اچي وڃي رهيا هئا. هن کي پل لاءِ خيال جاڳيو تہ ڪٿي هو ڪنھن گاڏيءَ جي هيٺان نہ اچي وڃي. ڇاڪاڻ تہ هو پيادو وڃي رهيو هو ۽ رومانٽڪ طبيعت ڪري هو نسواني حسن جا نظارا بہ ڪندو ٿي ويو. اوچتو سندس نگاھہ ماڻھن جي ڪنھن ميڙ تي وڃي پئي. وکون واريندو وڃي ويجهو پيو. ماڻھن جي ميڙ وچ ۾ هڪ معصوم ٻالڪ جو چچريل ۽ رتو رت ٿيل لاش پٽ تي پيو هو ان ٻالڪ جي قميص اٽي پيھڻ واري انجڻ جي پٽن ۾ وڃي اٽڪي هئي ۽ ٻارڙو مشين ۾ چچرجي چيڀاٽجي ويو! سندس معصوم سوچون ۽ خواهشون موت جي واچوڙي جي زد ۾ اچي ويون ويچارو ٻالڪ پنھنجي پيءُ (انجڻ جي مالڪ) لاءِ گهران ماني کڻي کيس ڏيڻ آيو هو. سندس پيءُ هن جي چچريل چيڀاٽيل لاش مٿان ماتم ڪري رهيو. سندس لڙڪ اکين جي سرحد ٽپي، گهنجيل چھري تان ٿيندا هيٺ ڪرندا ٿي ويا. ماڻھن وري کيس آٿت ڏئي ماٺ ڪرائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، ماني جيڪا ٻارڙي پنھنجي پيءُ لاءِ آندي هئي سا اتي جو اتي ٽفن باڪس ۾ پئي هئي هو ٻارڙي جو رت ۾ لت پت بوتو ڏسي ٻہ وکون پوئتي هٽي ويو. ڄڻ سندس ٻئي پير اوچتو ئي اوچتو باھہ مٿان اچي ويا هئا. ٻارڙو ڇا هو؟! ڄڻ هڪ فرشتو هو جنھن جي منھن مان معصوميت ڪنھن نوراني پردي جيان لھرائي رهي هئي. ننڍڙا، پر حسين هٿ ڪنھن مصور جو عظيم شاهڪار ڀاسي رهيا هئا. سندس مٿي جا ڀورا وار، ڪنھن وينگس جي نازڪ هٿن تي لڳل حنا جي رنگ کان بہ دلڪش! چپن تي موت جو سايو هوندي بہ زندگيءَ جي ازلي مرڪ............!“
هن منھنجي سماعتن تي اها وارتا ڇا آندي هئي ڄڻ ڪو عجيب و غريب لئنڊاسڪيپ ڪئنواس تي چٽي اچي منھنجي اڳيان رکيو هئائين. هو اها وارتا ٻڌائيندي، سچ پچ ڪجهہ لمحن لاءِ منھنجي آڏو صادقين جو پڙاڏو بڻجي بيھي رهيو هو. مون بہ زندگيءَ ۾ ڪيترائي حادثا ڏٺا، ڪيتريون ئي ٽرئجڊيون سامھون آيون پر شايد مون واري حس ايتري ڪا مُڏي هئي جو جلدئي اهي ٽريجديون وساري ڇڏيندو هوس، پر هن شخص کي ماڪوڙي جو موت بہ نہ وسرندو هو. ڇا لاءِ تہ حسا سپڻو کيس قدرت طرفان ڄمندي ئي تحفي طور ڏنو ويو هو پوءِ هو رفتہ رفتہ ادب جي دنيا جو اهم نانءُ شمارجڻ لڳو ۽ فنون لطيفہ سندس اهم سڃاڻپ جو ذريعو هو.

ڪراڙ وارو فقير

• رات لطيف جي فلسفي ۽ اقبال جي خوديءَ تي بحث ٿيو.....
• پوءِ کٽيو ڪنھن ڀلا؟!
• ڪراڙ وارو فقير سرخرو ٿيو.
• اهو وري ڪيئن؟!!
• ان بحث ۾ ايڇ ٽي سورلي بہ ڪو ڀاڱي ڀائيوار هو... اهو اٿي بيٺو ۽ اهڙا تہ علمي دليل ڏنائين جو اڄوڪا هڙئي دانشور حيران ٿي ويا!.
• پوءِ ڇا ٿيو...؟!!
• پوءِ ڇا ٿيندو.. هو تہ شيڪسپيئر کي بہ پٺتي ڇڏي ويو. دنيا جي وڏن شاعرن ۾ هن لطيف کي سري تي رکيو.
• پوءِ اڄوڪو جوان لطيف کان ايڏو دور.....
• اهائي تہ ٽرئجڊي آهي.
• ٽرئجڊيون تہ گهڻيون آهن ڪيتريون ڳڻي ڪيتريون ڳڻجن...؟! هن تہ ڪاموءَ واري ڪردار سسيفس کي بہ صحيح ڪونہ پروڙيو. نہ تہ هو وقت جي زيوس سان ضرور...........
• يار ڳالھہ واھہ جي ڪئي اٿئي! هي اهوئي سسيفس آهي شايد جنھن جي ناڪار ئي هن جي هاڪاري ڪردار کي پڌرو ڪري ٿي. ڪاموءَ واري هن مزاحمتي ڪردار جي ڀيٽ ۾، مارڪس توڙي نٽشي وارا ڪردار اقتدار جا چاهيندڙ آهن کين طاقت کپي. ليڪن سسيفس اقتدار کي ٿڪي ٿو ۽ لطيف جو ڪردار مارئي اهو بہ تہ عمر جي جاھہ و جلال، شان و شوڪت ۽ اقتدار کي ناڪاري ٿو. اهڙي ريت ڪاموءَ وارو ڪردار سسيفس ۽ لطيف جي سورمي مارئي ڪيڏي نہ هڪجهڙائي رکن ٿا. مارئي اڀري، نستي ۽ ڪمزور پر ارادي جي اڏول ۽ عمر زيوس وانگر سگهارو ۽ اعليٰ اختيار ڌڻي،
• تڏهن ئي تہ ڪراڙ وارو فقير اندر ئي اندر پئي جهوميو نچيو ۽ ڀروارري کي پئي ٺوٺيون هنيائين....

هئڻ، نہ هئڻ جي وچ ۾

ڏوهاري تہ ڪيترن ئي قسمن جا ٿي پيا سگهن؟ ڪي عادتي ڪي جبلتي تہ ڪي وري پيشه ور! مگر هو تہ محبت جو ڏوهاري هئو. ان گناھہ ڪارڻ کيس اڻ سڌيءَ طرح صفحئہ هستي تان مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. هن کي جڏهن اها سڌ پئي تہ کيس حيراني ۽ پريشانيءَ وارا گڏيل احساس گهيري ويا. آهستي آهستي انھن احساسن ۾ سندس هئڻ ۽ نہ هئڻ واري ٽرئجڊي بہ شامل ٿي وئي: ”مان آهيان بہ ڪٿي؟! آئيني ۾ ڏٺم تہ منھنجو عڪس گم هو... آئينا ڪوڙ ڳالھائيندا آهن. اڳ جيڪو عڪس مون ڏٺو هو اهو عڪس منھنجو ٿوروئي هو. سچ پچ مان اهو ڪونہ هوس جيڪي آئيني ڏيکاريو پئي“ وري دل کي آٿت ڏنائين. ”چھرو تہ سندم ئي هو پر ان چھري ۾ ٻئي وجود جو احساس شامل هو ٻيو وجود جنھن کانسواءِ سندم وجود اڻپورو هو ان وجود جي احساس سان منھنجي وجود جو احساس گڏ گڏ ساھہ کڻندو هو ۽ هاڻ ان وجود جو احساس مري ويو ڄڻ مان مري ويس“ سوچن جي صليب تي سڏڪندي هن سگريٽ جي ڪش وانگر ڊگهو ساھہ کنيو. دوستن احبابن کان هُو ائين ڪٽجي ويو ڄڻ ڪا ٽاري ٽٽي اچي پٽ پئي هجي، من اندر عجيب ڪيفيتن جو مانڊاڻ کڻي هُو هئڻ نہ هئڻ وارين ڇولين ۾ ڇلندو ٿي رهيو. پنھنجي گهر وارن سان سنئين مُنھن ٻولڻ وارو جليل هاڻ ڪيڏو نہ بدليل هو. ماءُ جي سڏ تي ”جيءُ“ چوڻ وارو ”ڇا“ کان بہ محروم رهجي ويو جوڻس تي تہ اڳ ئي جک هوس جو وندر لاءِ ڪو رانديڪو سندءِ جهول ۾ نہ جُهلايائين. ڀلا جوڻس جو ڏوھہ بہ ڪھڙو هو؟ مڙس هوندي بہ هر ڪنھن وات تي تہ سندءِ مڙس تہ جيئري ئي مري ويو جوانيءَ جو جوش الائي تہ ڪھڙي نديءَ ۾ وهنجي وڃي ٺاريائين جو هن تَڙَ جي ڪڏهن تنوار ئي نہ ٻڌائين. ماڻس کي من ۾ سندس لاءِ پوءِ بہ محبت موجزن هئي، تنھن پنھنجي پُٽڙي کي پريشان حال ڏسي پڇيو ”ابا صدقي وڃان خير تہ آهي جو ايترو بدلجي ويو آهين. ﷲ نہ ڪري جو ڪا بدنظر لڳئي“ ماڻس جي مُنھن ۾ رڳو ڏٺائين جنھن جي چھري ۾ گذري ويل وقت پنھنجا اڻ مٽ نقش ڇڏي ويو هو. ڪو بہ جواب نہ ملڻ تي مامتا جا ڏڪندڙ هٿ سندس ڳچيءَ جو هار بنجي ويا. مگر هو خاموشيءَ مان پنھنجو پاند آجو نہ ڪرائي سگهيو.
گهر اڱڻ ۾ سندءِ هٿن سان پوکيل گل رفتہ رفتہ سُڪڻ لڳا هئا. انھن سڀني ۾ اهم گلاب جو ٻوٽو هو، پر ٻيا ٻوٽا بہ تہ هن لاءِ اهم هئا. جن کي من ۾ ٽڙيل محبت وانگر هن پاليو تاتيو هو. پنھنجي ئي هٿن سان پاليل شيون جڏهن ويراڳ جي ور چڙهن تہ ڏک دل جي دريءَ مان ولر ڪري وجود ۾ ئي لھندا. هُو هڪ تہ اڳ ئي پريشان ۽ هئڻ نہ هئڻ جي صورتحال سان مُنھان مُنھن هو ويتر گلن سڪڻ وارو ڏک من ۾ لھي پيس گل سندس لاءِ ان ڪري بہ اهم هئا. جو انھن سان سندءِ روح جو رشتو هو. روح جا رشتا تہ جسماني تعلقن کان مٿاهان هوندا آهن. اهي لاشعور جي تھن ۾ جنم وٺندا آهن ۽ پاڻ مرادو وڌندا ويجهندا آهن. هُو هڪ اداس صبح جو پنھنجي ڊرائنگ روم ۾ اڪيلو ويٺو هو. ماڻس ۽ جوڻس سامھون ڪچن ۾ رڌ پچاءَ ۾ رڌل هيون کانئن ڌيان هٽائي هو ڀڙڪو کائي اٿيو ۽ لوھہ پاتائين اڱڻ ۾ پوکيل گلن ڏي! اهي ئي گل جن ڪڏهن سندءِ سواگت مھڪ سان ٿي ڪيو سي اُجڙي چڪا هئا. هُو اول تہ ويو گلاب جي ٻوٽي وٽ! وري ٻئي پاسي جو نھاريائين تہ سامھون موتيو نماڻائيءَ مان ڪنڌ جهڪائي ساڻس ڪا شڪايت ڪري رهيو هو. هو ٻين ٻوٽن جو حال ڏسڻ بدران ٿڙندو ٿاٻڙندو پنھنجي ڪمري ۾ اچي ويو. ويرانيءَ وارا سڀ منظر سندس اکين جي ڇپرن ۾ اوتجي آيا هئا. هن ڊرائنگ روم جي ديوارن تي اڪريل تصويرن ڏانھن ڏٺو اهي بہ کيس گلن جيان اجڙيل ئي لڳيون ۽ اها تصوير بہ جنھن ڪري ٻيون کيس وڻنديون هيون هو ٻين ۾ ان تصوير کي ڳولڻ جي جستجو ڪندو هو، پر هاڻ گهڻو ڪجهہ بدلجي چڪو هو. هن پنھنجي بيڊ جي سامھون واري ديوار تي هڪ نگاھہ اڇلائي تہ سڀ ڇيھہ ئي ڇڄي ويس. پنھنجي سائي ڀڻڪاٽ، ڪيائين ”مصور جو حسين شاهڪار جنھن جو حقيقي هٿ مون کان ڇڏائجي ويو هاڻ تہ ٺلھي ديوار جيڪا ڪڏهو ڪو پنھنجو حسن وڃائي چڪي! تصوير جيڪا پنھنجي حقيقي وجود جي موجودگيءَ سان سڃاتي پئي وئي.. ان حقيقي وجود کي رتو رت ڪندڙ هٿ ڪنھن جا هئا؟! مان ڄاڻڻ ٿو گهران! اخلاق جي ٺيڪيدارن کان پڇڻ ٿو گهران... هن مون سان محبت ڪري سماجي حدبنديون ٽوڙيون هيون يا ٺھيل ٺڪيل سماجي اخلاقيات جي بدن تان ڪپڙا لاهي ڦٽي ڪيا هئا؟! هوءَ اوچين ديوارن جي اندر قيد هئي جڏهن تہ سندس احساس ٻاهر جي زندگي ۾ پکي بنجي پر هڻي رهيا هئا. سندءِ احساسن ۾ ايڏي ڪا شدت هئي جو اوچيون ديوارون ڪري ڍير ٿي ويون... هوءَ ٻاهر آئي تہ آسمان جو رنگ ٻيو هو. ڪيئي وساورنيون آسمان ۾ زندگيءَ جا رنگ کڻي اڀري آيون رنگ ئي رنگ هئا هر طرف! پر سندس اکين ۾ لڙڪ هئا اڻ ڏٺل خوشين جا ڪاش! اُهي موتي ڪيئن بہ محفوظ ٿي سگهن ها!! مون کي معاف ڪجانءَ بي جان تصوير جو منھنجي اکين ۾ بہ اهڙا موتي ڪونھن جن کي خوشين جا لڙڪ چئي سگهان. مون کان تہ خوشيون ايترو دور هليون ويون آهن. جيترو تون دور هلي وئي آهين“ اچانڪ ماڻس سندس اڳيان ناشتو آندو تہ سندس سڀ خيال هوا ۾ تحليل ٿي ويا. بي دليءَ مان ڊائننگ ٽيبل ڏي نھاريائين پر کاڌي لاءِ اڻکلو احساس بہ اُتپن نہ ٿيس سندءِ جيجل جو وقت هٿان چچرجي ويل آواز سماعت سان ٽڪرايس: ”ابا“ نيرن تہ ڪر کاڌي کي ٺلھو ڏسڻ سان تہ بک مُئي ڪانہ مرندي“ ماءُ جو آواز ڪنن ۾ گهڻڊڻي جي آواز جيان ڀاسيس جوڻس ڪچن مان کيس ائين گهوري رهي هئي ڄڻ چوندي هجي. ”هن لاءِ کاڌو ڪٿي ٻئي هنڌ تيار هوندو تہ هتي ڀلا ڪيئن کائيندو.....؟! هن ڪي سوچون سوچيندي چيو.
”امان کاڌو انھن کي ڪيئن وڻندو جن ويراڳ جو ويس ڍڪي پورن وارا پنڌ پُڇايا هجن! مون کي تہ اڃا راتوڪي ماني بہ پئي هانوَ ۾ اٽڪي. سندءِ ماءُ مٿي جو رئو ٺيڪ ڪندي وراڻيو ”ابا....! مانيون بہ ڪڏهن هانوَ ۾ اٽڪيون؟ ضرور ڪا ڳالھہ آهي جو وڃين پيو ان ڪري ڳرندو. پٽ....؟!! مون کي ئي کڻي ٻڌاءِ آءُ جا تنھنجي جيجل آهيان سا مٺ گهري تہ ڪانہ هونديس“ ماءُ سان وڌيڪ راز سلڻ بدران هن جھڙا تھڙا ٻہ ٽڪر مانيءَ مان کنيا پنھنجي دفتر ۾ ڊيوٽي دوران فائل اٿلائيندي، پٿلائيندي سندءِ ساٿي ڪلارڪن سان اڳ وانگر نہ کل نہ ڀوڳ نہ مرڪون نہ ماڻا! کل ڀوڳ تہ اهي ئي ڪندا جن جي جيون ۾ خوشين واريون کوڙ بھارون هونديون هو تہ خزان وارن خاردار رستن تي هلندي پنھنجو وجود زخمي ڪري چڪو هو. تصوير جيڪا سندس ڊرائنگ روم جي سامھين ديوار تي اڪريل هئي. اها سندس لاءِ آرسي هئي. ان تصوير کي ۽ ان جي پس منظر ۾ جيئري جاڳندي وجود کي هُو ڇا ڏسندو هو ڄڻ پنھنجو پاڻ پيو پسندو هو ۽ پوءِ حاسد سماج سنگباريءَ سان ڄڻ اهو آئينو ئي ڀور ڀور ڪري ڇڏيو. ان آئيني ۾ پنھان جماليات جا حسين پيڪر بہ ڪنھن سونھاني خواب جيان وکري ويا. جليل جي جيون جي مشعل ائين واچوڙن جي زد ۾ اچي وئي. هن پنھنجي ڊائريءَ ۾ لکيو. ”هاڻ تو پڄاڻان من جي جاگرافي تي ڪوبہ گل نہ ٿو مھڪي تنھنجي جدائي جي خزان منھنجي من ۾ مھڪيل گلن کي تہ سُڪايو، پر گهر اڱڻ وارا گل بہ تہ سُڪي ٺوٺ ٿي ويا آهن. تنھنجي وڇوڙي مون کان انھن کي پاڻي ڏيڻ وسارايو. سچ چيو اٿن تہ پاڻي زندگي آهي، پر آءُ چوان ٿو، محبت زندگين جي زندگي آهي. تون ئي منھنجي زندگي هئينءَ هاڻ تہ مان بہ ڀڄي ڀري چڪو آهيان. هاڻ تو پڄاڻا سڀ آئينا ڀڃي ڇڏيا اٿم ڊرائنگ روم ۾ لڳل آئينو توڙي باٿ روم جي ديوار هاڻ خالي آهيي. گهر اڱڻ تي پوکيل گل مون اتي ٿو روئي پوکيا هئا. اهي مون تنھنجي محبت ۾ پنھنجي من اندر پوکيا هئا.“ هن پنھنجا لکيل لفظ سواءِ ٻيھر پڙهڻ جي ڊائريءَ ۾ دفن ڪري ڇڏيا. هو پوءِ سڪي ٺوٺ ٿي ويل گلن ڏانھن ڪو نہ ٿي ويو. نہ ئي ڊرائنگ روم جي سامھون ديوار ڏي تڪي ڪو ڀڻڪاٽ ٿي ڪيائين نہ ئي ماڻس جي اکين ۾ الڪو ۽ انتظار بڻجي ٿي چمڪيو جو سندءِ ماءُ جو حافظو ٻڍاپي ڪري ڪمزور ٿي چڪو هو. هُو هاڻ ماءُ جي آخري وهيءَ جو الھي ويل سورج هو. دفتر جا ڌڪا ٿيلھا بہ هاڻ هن جو مقدر نہ هئا جو دفتر مان سندس ڪيتري عرصي جي غير حاضري نوٽ ڪئي وئي. دوستن احبابن لاءِ تہ هُو اڳ ۾ ئي هڪ سپنو بنجي چڪو هو ۽ سپنا تہ صرف اکين جا وهم هوندا آهن هُو تہ آرسيءَ سان گڏئي ڀڄي ڀري ويو هو جنھن جي وجود جا شيشا سماج ڪنھن گند جي ڍير تي اڇلائي ڇڏيا هئا.

آتمڪ هتيا

ڪمري اندر هڪ وجود، ها انساني وجود! جنھن جي آتمڪ هتيا ٿيل ڪنھن وڏي هستيءَ جي وڇوڙي هٿان سندس نظرون پاڻمرادو ڪمري جي ديوارن ڏي کڄي ٿيون وڃن. سندس نظرون ڪنھن جون متلاش آهن، ڪنھن کي ڳولين ٿيون؟! ديوارن تي لڳل مختلف پور ٽريٽ کيس پاڻ ڏي متوجھہ ٿا ڪرڻ لڳن. نہ ٿو روح لڳيس انھن مصنوعي چھرن سان جن ۾ جماليات جا پھلواڻ هوند برابر ٿا.ڀاسنس
اوچتو سندس سماعتن جي ديوار سان هڪ آواز ٽڪر کائي پڙاڏو بڻجي وڃي ٿو. کيس لڳي ٿو تہ ”ان آواز جو پڙاڏو شايد صدين تائين منھنجي حواسن تي ڇانيل رهي. اهو ڪھڙو آواز هو؟!“ هو اچرج ۾ پئجي ٿو وڃي. نرم نرم بستري تان اٿي ٻيڪڙيل دروازو کولي ٿو. ٻاهر ڪجهہ بہ نظر ڪونہ ٿو اچيس. مايوس! واپس اندر موٽي اچي ٿو. ”رات جو منظر ڀوائتو ٿيندو آهي!“ هو ديوارن سان سر ٻاٽن ۾ همراز بڻجڻ ٿو چاهي. ديوارون کيس ٻيھر پڻ انھن فلمي اداڪارائن جا چھرا ڏيکارين ٿيون. پنھنجو مُنھن بڇڙو ڪري ٻئي طرف ڦيري ٿو ڇڏي ٻي ڏس واري ديوار سندس لاءِ ساڳيو منظر پيش ڪري ٿي، جنھن سان سندس روح اڳ ئي نہ ٿي لڳو.
”اهي چھرا مصنوعيت جا رومال، پنھنجن چھرن تي چاڙهي ڪيستائين اسان کي سيڪس ( (SEX جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائيندا رهندا. سيڪس (SEX) هڪ بڪواس موضوع آهي، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ مون کي ڪونہ ٿو وڻي.“ هڪ لمحي کيس سوچ ٿي اچي تہ اهي پورٽريٽ لاهي ڦٽي ڪري ڇڏي، پر پوءِ سوچي ٿو.“ ڪنھن جي آتمڪ هتيا نہ ڪرڻ گهرجي اهي فلمي اداڪارائن جا پورٽريٽ منھنجي ڀاءُ عامر جي روح جي تسڪين آهن.“ عامر سندس ويڳو ڀاءُ جيڪو اڄ رات شھر ۾ ٿيندڙ ڪنھن جشن ۾ وڃي چڪو آهي عامر ۽ ناصر هن ڪواٽر ۾ جيڪو شھر جي رونقن کان بنھہ پري ڪچي آبادي واري علائقي ۾ آهي ٻن سالن کان مسلسل رهندا آيا آهن. ناصر ڊاڪٽريءَ جي ٻئي سال ۾ ۽ عامر شھر جي ڪنھن فرم ۾ معمولي ڪلارڪ جي حيثيت سان جاب ڪري ٿو. ناصر ڳوٺاڻي زندگيءَ کان شھر جي پٿريلن رستن ۽ ڪاليج جي لان تائين، ڌرتي ڌڻين جي بدحالي کي محسوس ڪيو هو، جن سان سياسي، ثقافتي ۽ معاشي ويل وهايا پئي ويا. تڏهن سندس ڳوٺاڻي زندگي واريون ڳالھيون کانئس بنھہ وسري ويون هيون جنھن دؤران هن ڳوٺ جي هڪ ڳڀرو ڇوڪريءَ سان لنئو لڳايو هو. هن جو پنھنجو اهو ماضي هٿن مان ڇڏائجي ويو. سندس نسواني نينھن ڦري، ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي ماڻھن جي عشق جي شڪل ورتي هو جنھن شھر ۾ رهي رهيو هو ان ۾ غيرن جو ڪثير تعداد ڏسي، هن هڪ اهڙي هستيءَ جي فلسفي کي پڙهيو/پروڙيو، جنھن علحدہ قومي تشخص جي تعليم ٿي ڏني. تڏهن کان سندس تصور جي ديوار تي، ان هستيءَ جو چھرو، پورٽريٽ بڻجي بيھي رهيو. جنھن سندس اندر جي آتما کي بي چين ٿي ڪري ڇڏيو. ”منھنجو روح تڙپي رهيو آهي ان ماڻھو لاءِ جيڪو ٻين کان سيرت ۾، توڙي صورت ۾ عمل ۾ توڙي ڪردار ۾، گهڻو مختلف هو. هن جو ڪردار تاريخ جي پيشاني تي جرڪندو رهندو.“ هُو پنھنجي منھن ڀڻڪيو. هڪ لمحي لاءِ هن جون نظرون ڪمري جي اترئين ديوار طرف کڄي ٿيون وڃن جتي وال ڪلاڪ لڳل آهي. ”ٻارهن وڄي چڪا آهن، هاڻ مون کي سمھڻ گهرجي، پر ننڊ جي ديوي تہ مون کان رسي هلي وئي آهي.“ تون نہ ٿو سمھي سگهين!“ هن جي حواسن تي ٻيھر ڪنھن آواز جو پڙاڏو گونجي اٿيو. هو پنھنجي تصور وارري ديوار تي خيالي پورٽريٽ ڏانھن ٿو نھاري! جنھن ۾ هڪ هستي ساڻس مسڪرائي رهي هئي. ”هاڻ مون سمجهي ورتو، اهو آواز، جيڪو ٻيھر منھنجي حواسن سان ٽڪريو، سو تنھنجو ئي هو، مون جيئن سمجهيو هو، تون هن دنيا مان هليو ويو آهين تہ اها منھنجي غلط فھمي هئي. تون منھنجي ۽ قوم جي حواسن م زنده آهين.
تنھنجي طبعي وڇوڙي کي مون پنھنجي آتمڪ هتيا ٿي سمجهيو آءُ ڪيڏو نہ غلط هوس.“
ناصر تصوراتي پورٽريٽ سان ڳالھيون ڪندي پورب کان سندءِ روح جي خوشين جي پھرين سحر پسي ٿو ۽ کيس ان خوشيءَ ۾ ننڊ پنھنجي ڀاڪرن ۾ ڀري ٿي وٺي.

دونھين ۾ ڌنڌلائجي ويل دعا

هُن فورسيٽر مان اکيون مٿي کنيون تہ اڳيان ڏٺائين، حيدر چوڪ هٿ مٿي کڻي دُعا گهري رهيو هو. دعا جنھن ۾ ٽي اکر د، ع، ا ۽ اهي ٽي اکر گڏجي هڪ لفظ جنمي ويا ۽ اهو لفظ وري ٻن هٿن جي گڏجي مٿي کڻڻ سان ڪيڏو نہ با معنيٰ بڻجي ويو. ”پر هي دعا ڪنھن جي لاءِ....؟! يقينن اهو سوال اهم آهي ۽ سوال تہ ٻيا بہ ڪيترائي آهن جن جا جواب تہ اڃا تائين دريافت ئي نہ ڪيا ويا آهن.“ هُو اهو سوچيندي حيدر چوڪ تي ئي لھي ٿو پئي حيدر چوڪ تي وري سنديس نگاھہ انھن دعائيہ هٿن ڏي پاڻمرادو کڄي وڃي ٿي. سندس من ۾ انيڪ احساس سامونڊي ويرن جيان چڙهڻ لڳن ٿا. ”ها! هي هٿ جيڪي دعا لاءِ کڄيل آهن اھي ڄڻ تہ لطيف جي ان بيت جي ترجماني ڪن ٿا جيڪو ڪجهہ هن ريت آهي. سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار لطيف جنھن جو پيغام ٽن صدين پڄاڻان بہ تازو توانو آهي. اُن ٽي صديون اڳ سنڌ لاءِ سُڪار جي دعا ڪئي ان سان گڏ هن ساري عالم جي آباد رهڻ جي دعا بہ ڪئي“ هن کي اهي دعائيہ هٿ کليل ڪتاب جيان پڻ محسوس ٿيا. هڪ اهڙو کليل ڪتاب جنھن جو ورق ورق دانائيءَ وارن نڪتن سان ٽٻٽار هجي. اهو تصور اينديئي هُو حيدر چوڪ ويجهو فوٽ پاٿن تي لڳل ريڙهن تي رکيل ڪتاب ڏسڻ ڪاڻ اوڏانھن مڙي ٿو وڃي. ڪيترن ئي موضوعن تي مشتمل ڪتاب سندس ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪائڻ لڳن ٿا. ڪتابن جي ٽائٽلن تان اصلوڪو رنگ ڪجهہ غائب محسوس ڪري، کيس سوچ آئي ته! ”ڪتابن جو وڪرو ڪجهہ مڙئي سست آهي تڏهن ئي تہ ڳچ عرصو اُس ۾ پيل هئڻ ڪري سندن دلڪشي متاثر ٿي آهي. ٻيو تہ اسان جا نوجوان مطالعي کان ايترو تہ پري ٿي ويا آهن يا غافل ٿي ويا آهن. جو کين ٻي هر مشغوليءَ لاءِ فرصت هوندي آهي. پر ڪتاب خريد ڪري پڙهڻ سندن لاءِ ائين آهي ڄڻ کين ڪو هماليہ جبل سر ڪرڻو آهي. مفت ۾ ڪو ڪتاب ملندن تہ وٺي ضرور رکندا، پر پڙهڻ ڪاڻ ڄڻ بخار پيو چڙهندو....“ هن اڄوڪن نوجوانن لاءِ اندر ئي اندر اهڙا پور پچائيندي، پاڻ ڪجهہ ڪتاب خريد ڪيا. پوءِ هو حيدر چوڪ کان ساڄي طرف مڙندڙ روڊ وٺي هلڻ ٿو لڳي. وک وک ۾ ڪيئي ويچار وچڙندا ٿا هلنس سج جا سونھري ڪرڻا. ڌرتي تي جيتوڻيڪ نڇاور ٿي رهيا آهن. پر ڊسمبر مھيني جي سرد هوا بہ پنھنجو وجود محسوسائي رهي آھہي هن جي لڱن تي لٽن کان سواءِ ٻيو اوڇڻ بہ خير ڪو آهي. هلندي هلندي هو جنرل اسٽورن ۽ ٻين دڪانن جيڪي شيشاون دروازن ۽ ٻين آرائشي شين سان سجايل آهن. تن کي وڏي غور سان ڏسندو وڃي ۽ پنھنجي سر ذهن ۾ انھن بابت ڪي خاڪا پڻ جوڙيندو وڃي. اڳيان هلي هو هڪ بوڪه شاپ جي نالي واري تختي ڏسي ان وٽ بيھي ٿو رهي دڪان اندر هڪ ڀرپور نگاھہ ٿو اڇلائي دڪان جون هڙئي ديوارون کيس ڪتابن جي هجومن ۾ گهيريل نظر ٿيون اچن دڪان ۾ هڪ جوانڙو نظر واري عينڪ پاتل کيس اندر اچڻ لاءِ ڪوٺ ڏئي ٿو تہ هو بنا ڪنھن وڌيڪ سوچ ويچار جي اندر هليو ٿو وڃي. هزارين ڪتابن جون ويڪريون ڇاتيون ڄڻ کيس آڌر ڀاءُ ڪنديون محسوس ٿين ٿيون. هو اُتان پنھنجي مالي حالت آهر هِڪڙو ڪتاب خريد ڪري پئسا ڏئي دڪان جي ڏاڪڻين تان ايئن لھي ٿو. ڄڻ سندس ٻئي پير فزيڪل ٽريننگ ۾ رُڌل هُجن.
ڏاڪڻين تان لھنديئي هِن جي نگاھہ اوچتو وڃي سندءِ دوست تي پوي ٿي، جو پنھنجي پرنٽنگ ايجنسي اڳيان ڪنھن سان ڳالھائڻ ۾ رُڌل آهي، هو اها سوچ سوچي تہ ڪي پل هو ساڻس ڪچھري بہ ڪري ۽ سيءُ کان ڪجهہ پاڻ بچائڻ لاءِ هو ڪِٿي ٿانيڪو ٿي ويھي پنھنجي دوست جي پرنٽنگ ايجنسي ۾ وڃي ويھي ٿو. هو ڪاري گهري شيشي مان ٻاهر سندءِ دوست کي ڏِسندو رهي ٿو تہ ڪيڏي مھل ٿو گُفتگو مان واندو ٿي ساڻس مِلي، پرنٽنگ ايجنسي ۾ ماڻھو تہ ٻيا بہ ڪيترا ئي موجود هئا، پر هر ڪو پنھنجي هڻ هڻان ۾ هو. ڪي ڪمپيوٽرن تي مواد جي ڪمپوزنگ ۾ رُڌل هئا تہ ڪي پروف ريڊنگ ۾ مشغول هئا. هن پاڻ کي مصروف رکڻ ڪاڻ ٽيبل تي پيل تازي اخبار هٿ ۾ کنئي تہ ٻاهران سارو ڌيان هٽي اچي اخبار جي سُرخين تي بيٺس... اخبار جون سُرخيون ماڻھن جي خون سان رقم ٿيل، قبيلائي جهيڙا، ذات پات ۽ نسلي ٽيڳر ۾ ٻُڏل ذهنن جون ارڏايون، ڪارو ڪاري، ملڪيتن ۽ زمينن تان عورتن ۽ نياڻين جا بيگناھہ قتل، سندن مٿن جون گنديون ليڙون ليڙون.... سياست جيڪا ڪڏهن صاف سُٿري هوندي هئي. اهڙي جھڙي ڪنھن ڳوٺاڻي عورت جو ڏڌ ولوڙي ڪڍيل مکڻ! هاڻ تہ اها گند جو ڍير.... سوين سياستدانن مان ڪو هڪ عوام جو گهڻگهرو! باقي ٿيا ست خير.
سرخيون پڙهندي سندس نظرن سان گڏ احساس بہ جھڙو ڪر زخمجڻ لڳن ٿا. هڪ پَل لاءِ اخبار تان نظرون چورائي هو ٻاهر ڏِسي ٿو. سندءِ دوست ڪڏهوڪو ڪيڏانھن وڃي چُڪو هو، وري بہ اخبار جون سُرخيون سندس فوڪس ۾ اچن ٿيون. هڪ سُرخي پڙهندي، ڪنھن ڀالي جيان سندءِ هانوَ ۾ ٽنبجي وڃي ٿي! ”هڪ خودڪش بمبار مسجد ۾ اچي نمازين جي وِچ ۾ پنھنجو پاڻ ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو، ڪيترائي نمازي شھيد ٿي ويا.“ خودڪش بمبار جھڙو لفظ پڙهڻ سان سندس وجود ئي لُڏي ويو ۽ سندءِ روح جي ململ چولي ۾ جهير پئجي ويا. حيدر چوڪ وارا دعائيہ هٿ تصور ۾ آڻيندي“ يا خدا.....! هي ڇا پيو ٿئي؟! هنن هٿن جو ڇا ٿيندو.!!
پنھنجي زخميل سوچن سان هِن وڌيڪ سُرخيون پڙهڻ بنا ئي اخبار ٽيبل تي رکي ڇڏي، هاڻ سندس سرير ۾ سيءُ بدران خوف جا ڪاريھر ڪر کڻڻ لڳا. اندر ۾ خوف، زلزلو، ٻُڏتر، اُڻ تُڻ... احساسن ۾ عجيب قسم جي ڪشمڪش... وري اچانڪ اُڀري آيل سوچ! تہ ”ڏِسان ڪِٿي ٻاهر طوفان تہ نہ آيل آهي“ طوفان جي تصور سان گڏ انڌيرو ڪاري رات، سج پنھنجي روشنيءَ کان، چنڊ پنھنجي چانڊوڪيءَ کان، تارا پنھنجي جهرمر کان هٿ ڌوئي ويٺل! هڪ ٻيو زوردار ڌماڪو... ڌرتي ساري ڌٻي وئي. ”ها! هيستائين شايد ٻيو بہ ڪِٿي نہ ڪِٿي ڌماڪو ٿي چُڪو هوندو“ پرنٽنگ ايجنسيءَ اندر ڪمپيوٽرن جا آواز ڄڻ موت جا آواز.... زندگيءَ اسان جو کاڄ! پرنٽنگ ايجنسي ۾ ماڻھو ڳالھائين پيا... پر هن لاءِ ڄڻ فضول پاڇا! زندگيءَ بنا ڪي لاش؟! هي هِڪڙو فرد سوچن، احساسن ۽ خوف جي صليب تي لٽڪيل... هر هر مرندڙ ۽ جيئندڙ.
مون کي هاڻ هِتان اُٿڻ گُهرجي، ڪافي دير ٿي چُڪي آهي، نہ نہ چريا! نہ اُٿجان ٻاهر طوفان آيل آهي، هڪ وڏو طوفان جيڪو سڀني ننڍن واچوڙن کي ڳھي سگهي ٿو. انسانن جا وجود اُڏائي سگهي ٿو. هي نرم نرم گدو جنھن تي آءٌ ويٺو آهيان. ويٺو ئي رهان...؟!! پر ايئن تہ ماڻھو مون کي بي همت چوندا ۽ ٻيو بہ ڇا ڇا چوندا...؟! نہ نہ آءُ بزدل ناهيان دِل وڏي اٿم هانوَ بہ ڪُشادو اٿم ڪجهہ پلن لاءِ جيتوڻيڪ طوفان جي تصور لوڏيو اٿم، پر مون کي دِل وڏي ڪرڻ کپي. هِتان اُٿڻ کپي، دوست جي اچڻ جي آسري تي ايئن نہ ٿئي تہ ڪاري رات ڇانئجي وڃي. نہ نہ ايئن تہ ڪونہ ٿيندو؟! ڪاري رات ڪا نہ ڇانئبي... شھر جون رنگ برنگي بتيون جو ٻرنديون؟! روشنين جي شھر ۾ انڌيري جو تصور... ڪيڏو نہ چريو آهين؟! چريا! اها خبر نہ اٿئي تہ روشنيون انڌيرن کي ڳھي وينديون آهن. اهو تہ آءُ بہ مڃان ٿو، پر ڪڏهن ڪڏهن انڌيرا بہ روشنين کي ڳھي ويندا آهن ۽ پوءِ ساريون راهون ۽ رستا تاريڪ بنجي ويندا آهن ۽ پوءِ فيض جھڙا شاعر چوندي ٻُڌبا آهن ”هم جو تاريڪ راهون مين ماري گئي“ سندس اندر ۾ ٻہ مختلف تضادي محاذ ٺھيل... ٻنھي محاذن وِچ ۾ جنگ جُٽيل... هو ان ٻُڏتر ۾ سموريون همتون ۽ حوصلا هيڪاندا ڪري، ڀڙڪو ڏئي اُٿي ٿو. پرنٽنگ ايجنسيءَ ۾ ويٺل سمورن ماڻھن جو ڌيان ڏانھس ٿيو وڃِي هو ايجنسيءَ جو شيشائون گيٽ اُڪري ٻاهر روڊ تي هلڻ ٿو لڳي. سندس قدم پاڻ مُرادو کيس حيدرچوڪ ڏي وٺي وڃن پيا. اچانڪ ماڻھن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ٿي، گاڏين جا شيشا ڀڄندا پري پري تائين وِکرندا وڃن ٿا. باھہ لڳل گاڏين مان آگ جا اُلا اُٿي خوفناڪ دونھين جي شِڪل وٺي پوءِ طوفاني هوائن ۾ بدلجڻ لڳن ٿا. شھر جي حسين چھري تي ڪاري دونھين جو راڄ ڏِسي کيس سمجهہ ۾ نہ ٿو اچي تہ هيءَ سڀ ڪجهہ ڇا ٿي رهيو آهي. ڇا سندس وهم واقعي ئي حقيقت ۾ بدلجي رهيو آهي. حيدرچوڪ جي ويجهو پھچي ٿو تہ کيس دونھين جي طوفان ۾ دُعا ياد ٿي اچي، جنھن کي هو گهران روئندي ڇڏي نِڪري آيو هو، پوءِ اوچتو سندس سماعتن ۾ ڪنھن جو آواز پڙاڏو ڪري ٿو، ”هم جو تاريڪ راهون مين ماري گئي“، ”ها.... ها... سچ پچ هسيتائين ڪا وڏي هستي روشنيءَ جي تلاش ۾ تاريڪ راهن ۾ مارجي وئي هوندي...؟! ڪنھن زور دار ڌماڪي سان... هي طوفان ۽ تيز هوا اُن جو ردِ عمل ٿي سگهي ٿي....؟!
هو دونھين ۾ گهيريل روڊ تان گهر ڏي ويندي ايئن پئي سوچيندو ويو. هو گهر جي ٻاهرئين دروازي جي چانئٺ اُڪريو تہ ”دُعا“ اڃا تائين روئي رهي هئي. هِن جي تصور ۾ يڪايڪ حيدر چوڪ واري دعا اچي وئي جيڪا دونھين ۾ ڌنڌلائجي اوجهل ٿي وئي هئي تہ هو وڏي اُڇنگار ڏئي پاڻ بہ روئڻ شروع ٿي ويو.... ۽ طوفاني دونھين واري رات تھائين وڌيڪ ڪاري ٿيندي وئي.

زندگيءَ جو رستو

هوءَ مون کان ٿي وڃي رهي هئي تہ آءٌ کيس ڏسي رهيو هوس! سندم حيرت گاڏڙ نظرون هن جي پيڇي ۾ هيون. هڪ ..... ٻہ ..... ٽي .... چار .... پنج.... ڇھہ .... ڪيترا قدم هوءَ کڻي چڪي هئي ۽ اڃا نہ ڄاڻ تہ ڪيترا قدم کيس کڻڻا هئا....
اکين ۾ جڏهن بہ آگم لھندو آهي تہ اهي وسڻ جا ويس ڪنديون آهن. جيتوڻيڪ هوءَ مون کي جهلي وئي هئي .... پر موسمون بہ ڪنھن جي اختيار ۾ رهيون آهن؟! پوءِ مون هن جا قدم ڳڻڻ بدران جيڪڏهن ڪا شيءَ ماپڻ گهري هئي تہ مينھن ۽ نينھن جو موھہ. ماپيو هئم .... اکين جي آبشار کي ڏسي اندر ئي اندر پنھنجو پاڻ پڇي ويٺو هوس : ”يار! ڪٿي آهين؟!“ جواب مليو هئم: ”اتي ئي آهين جتي اوهان ڇڏيون ....“
راھہ تمام ڊگهي هئي، پر مون کي بہ تہ ان ئي راھہ تي هلڻو هئو، جنھن راھہ تان هوءَ وڃي رهي هئي .... مون ڪوشش ڪئي ٿي تہ جيئن هوءَ منھنجي نظرن جي فوڪس مان نہ .... نڪري .... پر شھر جي ٽرئفڪ ڪنھن ڪنھن لمحي سندءِ وجود ئي لڪائي ٿي ڇڏيو. مون کي جيتوڻيڪ پڪ هئي تہ رستي تي هلندي هوءَ انتھائي هوشياريءَ کان ڪم وٺي ٿي، پر پوءِ بہ هڪ ڀيري هوشيار ڪندي کيس آکيو هئم : ”زندگي! ڇاڪاڻ تہ تون منھنجي زندگي آهين، شھرجي رستن تي ڪجهہ مڙئي ڌيان سان هلندي ڪر .... ڪٿي مٿان ....“ چوندي چوندي باقي لفظ ڄڻ برف جيان ڄمي ويا هئم! برف جيڪا ٿڌي هوندي آهي. جڏهن پھاڙن تي ڪرندي آهي، تڏهن گرميءَ جي ڪيتري نہ طلب ٿيندي آهي ....؟! منھنجي لفظن کي بہ ائين زندگي جي حرارت گهربل هئي. انھن کي جڏهن بہ حرارت ملندي هئي. تڏهن هوءَ ٻڌڻ واري هوندي هئي ۽ مان ڳالھائڻ وارو .... هڪ ڀيري کيس چيو هئم؛ ”زندگي جيڪڏهن تون مون کان وڇڙي وڃين تہ وسارجان نه! ڪڏهن ڪڏهن خط ئي لکي ڇڏجانءِ ....“ تڏهن هوءَ مون ڏي ائين ڏسڻ لڳي هئي، جيئن ڪو ٻار معصوميت مان پنھنجي ماءُ ڏي ڏسي! ڏسندي ڏسندي لفظن ۾ حرارت اچي ويس. ڄميل برف وگهرڻ شروع ٿي وئي .... زندگيءَ ۾ زندگي اچي وئي. چوڻ لڳي : ”آءٌ ننڍي لاڪون جنھن اسڪول ۾ پڙهڻ ڪاڻ ويس، اتي جو استاد رحم کائڻ بدران رڳو لفظ کائيندو هو .... هُو پاڻ بہ تہ الائي ڪھڙي مڪتب جو شاگرد هو؟ جو رڳو خاموش ئي رهندو هو ۽ اسان طالب علمن کي بہ ”خاموش“ رهڻ جي ئي تلقين ڪندو هو ۽ بس! هن اسان کي خاموشي سيکاري .... توکي اڄ بہ محسوس ٿيندو تہ تنھنجي زندگي ڪيڏو نہ خاموش ٿي رهي، جيتوڻيڪ تون هن کي سڏين بہ زندگي ٿو....؟! پر اڪثر ڪري سندءِ لفظن جي جابلو سلسي تي برف ئي برف ڪرندي رهي آهي. آءٌ ڇا ڄاڻان خط لکڻ؟! منھنجي مڪتب جا سڀ شاگرد ماٺ ۾ مارجي ويا .... بابا، جيڪو مسڪين هو، سندءِ هڙ ۾ ڪڏهن ڪي رپيا، غريب جي اکين ۾ اميريءَ جي خواب وانگيان اچي ويندا هئا تہ هوا جي اوچتي جهوٽي جيان اک ڇنڀ ۾ اڏامي ويندا هئا. منھنجي ٽيوشن وٺڻ جو خواب بہ خواب ئي رهجي ويو. تون سمجهہ تہ تنھنجي زندگي بہ ڪھڙي زندگي آهي .... تنھنجي شھر جا جوان ڪڏهن لائبريرين تي ڳاهٽ ٿيندا هئا. اهي اڄ ويران آهن. شھر جي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سٽي بازي زورن تي آهي. الائجي اتي ڇا ٿو وڪامي؟ قوم جي قسمت يا .....؟! علامہ آءِ آءِ قاضي ڄامشورو جي پٿريلي زمين تي هڪ خواب لڌو هو .... ٻڌين پيو .... تنھنجي زندگي ڳالھائي پئي ٿورو ڌيان سان ٻڌ .... پر سينيما گهرن، وڊيو / سي ڊي سينٽرن تي مون جھڙيون ڪيتريون زندگيون پيون پنھنجون زندگيون وڃائين .... ڪجهہ ڏينھن اڳ ئي ڪنھن اخبار مان پڙهي ٻڌايم : ” علامہ قاضي جي ڏٺل خواب واري پٿريلي زمين تي ڪنھن جو لاش پيو هو .... مون واري تعليم واري معاملي ۾ تہ کڻي مڃون،اهو دوشي هو، جنھن لفظ ٿي کاڌا .... خاموش ٿي رهيو. ڪو هڪ لفظ بہ الي ها تہ اسان جون زندگيون بہ ڪي زندگيون هجن ها! پرهن معاملي ۾ دوشي ڪير؟ تون ئي ٻڌاءِ ....!“ ايترو چئي هوءَ خاموش ٿي وئي هئي.
آءٌ هن جي پويان پويان وڃي رهيو هوس. رستو بہ ڪشادو هو پر ٽرئفڪ جو هجوم بہ ڪو هجوم هو. تنھن ڪري آءٌ فٽ پاٿ وٺي وڃي رهيو هوس. ان سمي صبح جا ڏھہ وڄي رهيا هئا اهي اصلوڪا ڏھہ ڪونہ هئا.انوقت تي اڳي صبح جا نَوَ وڄندا هئا پر ڇاڪاڻ تہ حڪومت جو حڪم هئو تہ رياست جو هرفرد پنھنجي گهڙي پھرين جون کان هڪ ڪلاڪ اڳتي ڪري ڇڏي .... ۽ مون ان پھرين جُون واري رات پنھنجي گهڙي هڪ ڪلاڪ پوئتي ڪري ڇڏي هئي! ان سمي مون کي منھنجي زندگيءَ جا لفظ ياد اچي رهيا هئا :” تون سمجهہ تہ تنھنجي زندگي بہ ڪھڙي زندگي آهي؟!“ آءٌ فٽ پاٿ وٺيو وڃي رهيو هوس. ويندي ويندي يادم آيم تہ قوم جي انرجي بہ ڪيڏي نہ اهم شيءَ آهي. ڏينھن جا ڏھہ وڄي چڪا هئا، پر ميونسپل وارن جون اسٽريت لائيٽون اڃا تائين ٻري رهيون هيون. اتي قوم جو سج جي روشني مان وڌ ۾ وڌ فائدو وٺڻ واري ٿيوري بہ ڪجهہ سمجهہ ۾ اچڻ لڳي هئي .... انھن سوچن مان نڪرندي مون پنھنجي نگاھہ اڳيان پري پري تائين ڦھلائي .... زندگي تہ ڪڏهوڪو مون کان غائب ٿي چڪي هئي. اڳيان هڪ وڏو چوسول هو. جتان ڪيترائي رستا ڦٽي رهيا هئا....
چوسول جي ڪنھن بتي ٻرڻ سان سڀ ٽرئفڪ جام ٿي وئي هئي. آءٌ زندگي جي پويان هلندي مختلف رستن کي ڏسڻ سان ئي سواليہ نشان بنجي رهجي ويس تہ ڪھڙو رستو زندگي وٺي اڳتي نڪري وئي آهي؟ آءٌ بہ اهوئي رستو وٺي وڃان! وري جو گهڙيءَ تي وقت ڏٺم : سيڪنڊ ..... سيڪنڊ ..... منٽ ..... منٽ اڳتي وڃڻ بدران پوئتي! زبان مان بي اختيار نڪري ويم : تنھنجي زندگي بہ ڪھڙي زندگي آهي؟!