ڪھاڻيون

اڌوري ڪٿا

شبنم گُل سنڌي ٻوليءَ جي اُها تخليقڪار آهي، جنھن جي ادبي سڃاڻپ جا مختلف حوالا آهن ۽ سڀئي حوالا اُتم آهن. شبنم گُل جون هي ڪھاڻيون نفسياتي مسئلن جي حوالي سان لکيل هوندي بہ ڪھاڻيءَ جي حيثيت ۾ مڪمل آهن. تجسُس ۽ حيرتُن جو سرچشمو بڻيل هي ڪھاڻيون اصلاحي هوندي بہ آرٽ آهن. اصلاح ۽ آرٽ کي گڏ گڏ کڻي هلڻ جو هنر ۽ نفسياتي پيچيدہ مسئلا سولا ڪري بيان ڪرڻ جي سگهہ وٽس ڪمال جي آهي. 

  • 4.5/5.0
  • 324
  • 37
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Adhori Katha

سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

ڪتاب: اڌوري ڪَٿا
ليکڪا: شبنم گل
موضوع: نفسيات جي موضوع تي لکيل ڪھاڻيون
ڇاپو پھريون: سيپٽمبر 2024ع
ڇپيندڙ: ريکائون پبليڪيشن ڪراچي
قيمت: 500

ڏس پتو:
ڀٽائي آباد گلي نمبر 05، گلستان جوهر، ڪراچي
+923337551931
rehmatpirzado@yahoo.com


ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2025ع

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعرہ، ڪھاڻيڪارہ ۽ ڪالم نگار شبنم گُل جي لکيل نفسياتي ڪھاڻين جو مجموعو ”اڌوري ڪٿا“ اوھان اڳيان پيش آهي.
شبنم گُل سنڌي ٻوليءَ جي اُها تخليقڪار آهي، جنھن جي ادبي سڃاڻپ جا مختلف حوالا آهن ۽ سڀئي حوالا اُتم آهن. هُنَ مختلف صنفن ۾ نھايت برجستگيءَ سان لکيو آهي. شبنم گُل جون هي ڪھاڻيون نفسياتي مسئلن جي حوالي سان لکيل هوندي بہ ڪھاڻيءَ جي حيثيت ۾ مڪمل آهن. تجسُس ۽ حيرتُن جو سرچشمو بڻيل هي ڪھاڻيون اصلاحي هوندي بہ آرٽ آهن. اصلاح ۽ آرٽ کي گڏ گڏ کڻي هلڻ جو هنر ۽ نفسياتي پيچيدہ مسئلا سولا ڪري بيان ڪرڻ جي سگهہ وٽس ڪمال جي آهي.
ھي ڪتاب 2024ع ۾ ريکائون پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون ادي شبنم گُل ۽ ريکائون پبليڪيشن جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ارپنا

پنھنجي ٻارن
عرين انصاري ۽
عرصم انصاريءَ
جي نانء.

- شبنم گُل

اداري پاران

شبنم گُل جون هي ڪھاڻيون نفسياتي مسئلن جي حوالي سان لکيل هوندي بہ ڪھاڻيءَ جي حيثيت ۾ مڪمل آهن. اِهو شبنم گُل جي هڪ سگهاري ليکڪا هجڻ جو ثبوت بہ آهي تہ مھارت پڻ. ڪنھن بہ ڪھاڻيڪار لاءِ سڀ کان پھريان ڪھاڻيڪار هجڻ واري ثابتي اهم هوندي آهي، پوءِ اُن جي تخليق ۾ ڪيل تجربي بابت پنھنجا ويچار ونڊبا آهن. شبنم گُل وٽ ڳالھہ ڪرڻ جو ڏانءُ آهي، اُن تي خاص حالتن جي آڌار تي اڳتي وڌڻ جو هنر بہ آهي ۽ نتيجي تي پھچڻ واري حيرت کي بيان ڪرڻ جي حسين سگهہ بہ آهي.
ڪھاڻيون واقعي سائنسي بہ آهن پر رڳو بيمارين ۽ مونجهارَن جو بيان ناهن، اُن ۾ ڪھاڻي برقرار رکڻ ۾ شبنم گُل ڪامياب وئي آهي. تجسُس ۽ حيرتُن جو سرچشمو بڻيل هي ڪھاڻيون اصلاحي هوندي بہ آرٽ آهن. اصلاح ۽ آرٽ کي گڏ گڏ کڻي هلڻ جو هنر ۽ نفسياتي پيچيدہ مسئلا سولا ڪري بيان ڪرڻ جي سگهہ وٽس ڪمال جي آهي.
ريکائون پبليڪيشن جو سڀاڳ آهي تہ اهڙو املھہ ڪتاب اسان جي سھڪار سان اوهان جي هٿن تائين پھتو آهي. جنھن ڳالھہ جي سرهائي مون لاءِ ذاتي طور تي هڪ وڏي حاصلات آهي. ڪاش اسان بہ يورپ وانگر سئو سيڪڙو پڙهيل لکيل سوسائٽيءَ جا فرد هجئون ها تہ هنن ڪھاڻين جو ڪارج وڌ کان وڌ ادا ٿي سگهي ها.

رحمت پيرزادو

پنھنجي پاران

منھنجي لکڻين ۾ نفسياتي مسئلا ترجيحي بنيادن تي ايندا رھيا آھن . مون ان موضوع تي مضمون لکيا آھن پر پھريون دفعو انفرادي توڙي سماجي موضوعن تي مشتمل ڪھاڻيون ھن ڪتاب ۾ شامل آھن. نفسيات جي موضوع جي بنيادي ڄاڻ، ھر ماڻهوء وٽ ھئڻ ضروري آھي. جنھن جي ذريعي ھو پنھنجي پاڻ کي سمجهي سگهي ٿو. مسئلن جي ادراڪ سان گڏ، انهن جو حل پڻ ڪڍي سگهي ٿو. کيس مسئلن جي بنيادي ڪارڻ جي خبر پوي ٿي، پوء حل تائين پھچڻ آسان ٿيو پوي.
سنڌ جي سماجي پس منظر ۾ ڪيترائي نفسياتي مسئلا موجود رھيا آھن، جيڪي ڪٿي توھم پرستيء جي صورت ۾تہ ڪٿي ڪمزور عقيدي جي روپ ۾ نظر اچن ٿا. اسان وٽ فرد جي انفرادي ۽ سماجي تربيت نہ ٿي سگهي آھي. ان جو وڏو سبب نفسيات جھڙي اھم مضمون کان اڻ واقف ھئڻ آھي. ھن ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻين جا موضوع ۽ ڪردار چوڌاري ماحول مان کنيل آھن.
اڪثر ڪھاڻين جا ڪردار ۽ موضوع حقيقي آھن. ڪھاڻي، ”واسو“ سماجي نفسيات بابت آھي، جيڪا، ھن سماج جي ڪمزور عقيدي کي ظاھر ڪري ٿي. ڪھاڻي، ”ڪروڌڻ“ منفي روين جي وضاحت ڪري ٿي تہ ڪيئن چيل لفظ، سوچ جو ورجاء ۽ منفي رويا زندگيء ۾ حادثن جو ڪارڻ بڻجن ٿا. منفي سوچ نسل در نسل سفر ڪري ٿي . نفسيات جي جديد نظرين مطابق، انسان جي سوچ، حالات ۽ واقعن کي ترتيب ڏئي ٿي. ڪھاڻي ”ورثو“ ۾ منفي روين ۽ بيمارين کي موروثي طور تي منتقل ٿيندي ڏيکاريو ويو آھي.
ڪھاڻي، ”خواب يا حقيقت“ ڇھين حس جي فعاليت سان تعلق رکي ٿي. اھا ڇھين حس يا وجداني ڄاڻ ھر انسان کي مليل آھي. اھا صلاحيت مصروفيتن ۾ ۾ وڃائجي وڃي ٿي. ھي موضوع مابعد از نفسيات جو آھي. ڪھاڻي سفيد رنگ“ موت جي خوف بابت آھي. ٿاناٽوفوبيا ۾ مريض موت جي خوف ۾ مبتلا رھي ٿو. ھي فوبيا جو قسم آھي جيڪو، اينگزائٽي سان واسطو رکي ٿو.
ڪھاڻي، ”ٻٽو معيار“ ھن سماج جي ھر گهر جي ڪھاڻي آھي، جيڪا انفرادي توڙي سماجي نفسيات سان تعلق رکي ٿي. جديد زندگيء ۾ گهر جھڙو اھم ادارو وکري چڪو آھي. خاص طور تي گهرن جا سربراھ پنھنجو وقت ٻاھر گذارين ٿا، جنھن جي نتيجي ۾ عورتون ۽ ٻار سخت متاثر ٿين ٿا.
ڪھاڻي، ”ڪاش ! ٻار کي سمجهي سگهون ھا!“ ٻار جي حوالي سان بگڙيل سماجي نفسيات جو اظھار آھي. سماج ۾ ٻار جي انفرادي آزادي جي خواھش ۽ فطري حقن کي تحفظ حاصل نہ ھئڻ سبب، روز ڪيترا حادثا جنم وٺن ٿا. ڪھاڻي، ” بي بي سانئڻ “ سماجي نفسيات کي وائکو ڪندڙ موضوع آھي، جنھن ۾ ھن ڪھاڻيء جو مکيہ ڪردار جنت فاطمہ، احساس برتري ۾ مبتلا آھي. ڪھاڻي، ”نئون دور“ موجودہ دور جي بيحسي جي نمائندگي ڪري ٿي، جتي احساس فقط ڏيکاء جو وسيلو بڻجي رھجي ويو آھي. ڪھاڻي، ”خواب“ پڻ انسان جي ذھن ۾ لڪل مخفي اشارن جي نشاندھي ڪري ٿي. انساني سوچ ڪرشماتي اثر رکي ٿي. جنھن سوچ کي طاقت ڏبي، اھا حقيقت جو روپ ڌاري وٺندي. ڪھاڻي، ”ڀاڪر“ انساني زندگيء جي اھم رابطي ڇھاء تي آڌاريل آھي تہ ڪيئن انساني ڇھاء، ذھن جي انتشار يا ذھني بيماريءَ جو علاج ڪري سگهي ٿو.
ڪھاڻي ”بي غيرت“ ۾ مکيہ ڪردار وحيدہ کي ”آبسيسو ڪمپلسو ڊس آرڊر“ جي بيماري آھي، جنھن جي نفسيات ۾ رشتن جي ڌڪار جو اثر ملي ٿو. پر محبت ۽ مان ملڻ کانپوء اھي ڪيفيتون ختم ٿي وڃن ٿيون. ذھني بيمارين کي فقط دوائن سان نہ ٿو ختم ڪري سگهجي پر مريضن کي محبت ۽ پنھنجائپ جي ضرورت پوي ٿي.
ڪھاڻي،”محرومي“ عورت جي اندر جي اڪيلائي ۽ احساس محرومي جي عڪاسي ڪري ٿي. ڪھاڻي،”صوفي“ ھڪ اھڙي ڪردار جي ڪھاڻي آھي، جيڪو اندر ۾ بغض، ڪروڌ ۽ نفرت جھڙن منفي روين ۾ مبتلا ھئڻ جي باوجود، پاڻ کي صوفي چورائي ٿو. ڪھاڻي، ”بي وفائي“ مرد جي ٻيائي ۽ خودفريبيء جي روين بابت آھي. ھي ڪھاڻي ميڊونا ھور ڪامپليڪس تي لکي وئي آھي.
ڪھاڻي، ”صدمو“ مرد ۽ عورت جي وچ ۾ خاموش جنگ جي نشاندھي ڪري ٿي. عام طور تي عورتون صنفي تفريق جو شڪار ٿينديون آھن پر ساڳي وقت مرد بہ ان ذھني ويڇن کي ڀوڳي ٿو. ڪھاڻي، ”پڇتاء“ روين جي تضاد کي وائکو ڪري ٿي، جتي گهرن جو سڪون ۽ اڪيلائي، رشتن جي مداخلت جي ڪري متاثر ٿين ٿا. ھي ڪھاڻي سماجي نفسيات ۽ ان جي تضاد جي پسمنظرکي نمايان ڪري ٿي. ڪھاڻي، ”ناظرو“ پڻ توھم پرستي ۽ سوچ جي ٻيائيء کي ظاھر ڪري ٿي. ڪھاڻي، ”مجبوري“ ھڪ اھم سماجي مسئلي جي عڪاسي ڪري ٿي، جتي عھدن جي آڙ ۾، استحصال جي سلسلن جي نشاندھي ڪئي وئي آھي.
ڪھاڻي، ”تضاد“ پڻ سماجي سوچ جي مغالطي جي نشاندھي ڪري ٿي. ڪھاڻي،”فقير سائين“ ھسٽيريا جي موضوع جي پسمنظر کي وائکو ڪري ٿي. اھڙيء ريت ڪھاڻي، ”مايوسي“ جديد دور ۾ اديبن جي منافقت ۽ ٻٽن روين تي آڌاريل ڪھاڻي آھي.
ڪھاڻي، ”اڌوري ڪٿا“ نفسياتي مونجهارن جي حل جي ڳولها جي سلسلي جي ڪڙي آھي . حقيَت اھا آھي تہ ڪھاڻين جا ڪردار جيئرا جاڳندا ڪردار آھن، جن کي ڪھاڻيء جي فريم ۾ قيد ڪيو ويو آھي. ڪو بہ ڪردار اھڙو ڪونهي، جيڪو وجود نہ رکندو ھجي. ھي ڪردار، سماجي زندگيء جو حصو آھن. ھن ڪھاڻي ۾ ڏنل واقعا، ڪردارن سان حقيقي زندگيء ۾ پيش اچي چڪا آھن، انڪري توھان کي محسوس ٿيندو تہ اھي ڪردار، صورتحال يا واقعا توھانجي مشاھدي ۾ بہ ڪٿي نہ ڪٿي آيا ھوندا. ھي ڪھاڻيون زندگيء جي تضاد ۽ ٻٽن روين کي ظاھر ڪن ٿيون. تضاد مان مونجهارو جنم وٺي ٿو. جڏھن مسئلي جي نوعيت سمجهہ ۾ نہ ٿي اچي تہ ان جو حل بہ ڳولڻ مشڪل ٿيو پوي.
ھي اڌوريون ڪٿائون آھن، جيڪي پنھنجي منزل نہ ڳولي سگهيون آھن. اڻ چيل خواھشن ۾ ھڪ عجيب پيڙا ٿئي ٿي، جيڪا پنھنجو حال اورڻ ٿي گهري. ھمدرد نہ ملڻ جي صورت ۾، اڻ تڻ واري ڪيفيت ۽ جذباتي گهٽ فردن کي نفسياتي مسئلن ۾ وڪوڙي وڃي ٿي. حل اسان وٽ موجود آھي، جيڪو حقيقت جي قبوليت ۽ سھڪاري روين ۾ آھي. اميد ڪيان ٿي تہ ھي ڪھاڻيون پڙھندڙن کي پسند اينديون.


شبنم گُل
3. 7 . 2024

ڪھاڻيون

---

واسو

هوءَ ھڪ ڏينھن شام جو زھرا کي دوا کارائي رھي ھئي تہ ھن گوريون اُڇلائي ڇڏيون ۽ کٽ تان ڪنھن بازيگر جيان قلابازيون کائيندي، اَچي پٽ تي پئي. پوءِ اُن ئي حالت ۾ بانبڙا پائيندي، در کولي وڃي گهٽيءَ ۾ ڦھڪو ڪيائين. اِيئن ٿي لڳو، ڄڻ سندس جسم ۾ ڪنھن ماورائي طاقت اَچي واسو ڪيو ھجي. نازيہ کيس جهلڻ لاءِ پويان ڊوڙي تہ زھرا وڙھندي، سندس منھن کي پنھنجي ننھنِ سان رھڙي ڇڏيو. نازيہ پاڻ ڇڏائڻ لاءِ دانھون ڪرڻ لڳي، سندس ڪِيھن گهر ڀاتين جون وايون بتال ڪري ڇڏيون ۽ گهر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. رضا ڊوڙندو ٻاھر ڀڳو ۽ ڀيڻ نازيہ کي زھرا جي خونخوار چنبن مان زوريءَ ڇڪي پري ڪيائين. اَھڙو گوڙ اَڪثر سندن گهر ۾ اوچتو پيدا ٿي ويندو ھو، ڄڻ ڪا غير مرئي طاقت حاوي ٿي وئي هجي!
ڪو ماڻھو پنھنجو ڳوٺ ڇڏي، ڪنھن وڏي شھر ۾ رھي ٿو ۽ اَباڻي ڳوٺ کان پري آھي تہ سندس مٽ مائٽ کيس سُک سان ويھڻ نہ ڏيندا. اُھي شھر، ڳوٺ وارن مائٽن لاءِ ڄڻ مسافرخاني جو ڪم ڏيندا آھن.
مائٽ مطلب جا آھن، جيڪي سُکن ۾ گڏ، پر ڏکن ۾ اِيئن ساٿ ڇڏي ويندا، جيئن اُس ۾ پاڇو غائب ٿيو وڃي. خاندان ۾ وري شل نہ ڪو ڊاڪٽر ھجي، مٿان وري وڏو ڪھول ۽ ست، اَٺ کن ڀينر ڀائر ھوندا تہ پوءِ ٻيڙا ئي پار !
ڊاڪٽر صاحب سٻاجهو اِنسان هو. خاندان جي هر فرد کي پنھنجي ذميواري سمجهندو هو، اوکيءَ ويل هر سڏ تي ڪَنائڻ وارو هي شخص، خاندان جي ڪجهہ نوجوانن کي سندن پڙهائيءَ ۾ بہ مدد ڪندو هو.
ڊاڪٽر جو وڏو پٽ رَضا ڪاليج ۾ پھرين سال جو شاگرد ھو. ھُو مائٽن جي اُن رَوَين کان سخت بيزار رهندو ھو، پر پيءَ آڏو ڪُڇي نہ ٿي سگهيو. پڻس وري مائٽن مٿان گهور پيو ويندو ھو . رَضا اِن خيال جو ھو تہ مٽن مائٽن جو خيال ضرور رکجي، پر سندن ڄور بڻجي چنبڙي پوڻ واري رويي جي حوصلاشڪني ڪجي. پنھنجي ماءُ حميدہ جو اَحساس ٿيندو ھيس، جيڪا ساھرن جون خدمتون ڪندي، پنھنجي صحت وڃائي ويٺي ھئي.
ڪجهہ ڏينھن کان سندن گهر ۾ عجب مانڌاڻ ھلي رھيو ھو، جنھن جو ڪارڻ ڊاڪٽر جي چوڏھن سالن جي ڀاڻيجي زهرا ھئي، جيڪا چڱي وقت کان بيمار ھئي، پر پُڦي صاحبَ خاتون اَول پيرن فقيرن ۽ عاملن کان ڦيڻا، ڌاڳا، سڳا ڪرائي، پوءِ ڀاءُ وٽ کڻائي آئي. زھرا جي حالت خراب ھئي، ھوءَ عجيب ڳالھيون ڪندي ھئي. پنھنجي سامھون موجود ڪنھن ماڻھوءَ سان پئي ڳالھائيندي ھئي، جيڪو ٻين کي نظر نہ اِيندو ھو. ڪڏھن وڏيون اَکيون گول گهمائي معنيٰ خيز ۽ خوفناڪ اَنداز ۾ مرڪندي ھئي.
گهر ۾ اُن غير موجود شخص جو ذڪر ٿيڻ لڳو. سڀ حيران هئڻ سان گڏ خوفزدہ پڻ ھئا تہ آخر ھو نظر ڇو نہ ٿو اَچي؟ پُڦي صاحب خاتون جو خيال ھو تہ ڇوري رات جو کڏ تي وارَ ڇوڙي پئي گهمندي ھئي، اُتان ورتي آھي.
واسو ڪو عام نہ اَٿس، پر ڪو ھڻ کڻ قِسم جو جنِ لڳي ٿو. خيال ھيس تہ زهرا کي شاھہ يقيق يا گاجي شاھ کڻائي وڃي، پر جيئن تہ پاڻ ويچاري ھلڻ کان ھلاڪ ھئي، اُن ڪري پاسو ورائي پئي نير وهائيندي ھئي. ھاڻ ڊاڪٽر جي گهر ڀاتين کي ھڪ بدران ٻہ مريض ڏسڻا پيا پون.
ٻئي ڏينھن پُڦيءَ کان پُڇڻ سڄي آڪھ ڳوٺان اَچي لٿي، ڄڻ ڊاڪٽر جي گهر ڀاتين جو رھندو سُک ئي ڦِٽي ويو . ٻن پُڦين ۽ ھڪ چاچي جو خاندان ٻارن ٻچن سان آيو تہ گهر ۾ مانڌاڻ مچي ويو. پُڦي صاحب خاتون کي پير مان سخت سَٽ نڪرڻ ڪري، سندس ايڪسري ٿيا، پوءِ جڏھن ھڏيءَ جي ماھر ڊاڪٽر پٽو چاڙھيس تہ ڪجهہ سامت ۾ آئي. اَھڙيءَ ريت ھن پنھنجي ڀيڻ نعمت خاتونءَ کي پاڻ سان رھايو، جيڪا ٽن ٻارن سميت ترسي پئي، باقي مھمان ڳوٺ موٽي ويا.
پُڦي نعمت ۽ سندس ڌيئرون مجال آھي جو ڪکُ ڀڃي ٻيڻو بہ ڪن. سڄو ڪم ڪار ڊاڪٽر جي گهرواري ۽ ڌيئرن جي مٿان اَچي پيو. اِھو مامرو ڪو ھڪ ڀيرو ڪونہ ٿيو ھو، سدائين سندن گهر مھمان خانو بڻيو پيو ھوندو ھو .
”اَدا ھاڻ ڇا ٿيندو؟ منھنجا اِمتحان ويجها اَچي ٿيا آھن، آءٌ ڪيئن پڙھنديس؟“ نازيہ روئڻھارڪي ٿي وئي.
سندن ماءُ حميدہ ڪمري ۾ اَندر داخل ٿي تہ ٻئي ڄڻا خاموش ٿي ويا.
”تون فڪر نہ ڪر ڀيڻ! ڪو حل ڪڍان ٿو. “ رضا کيس آٿت ڏني.
”اَمان! آخر اِھو تماشو اَڃا گهڻا ڏينھن ھلندو؟“ رَضا ڏک سان چيو:
”الله سڻائي ڪندو باقي اِنسان تہ مجبور آھي. جڏھن رب ڪو پنھنجي ٻاجهہ ڪري. “حميدہ جي دل بہ ڄڻ ميڻ جي ٺھيل ھئي، پاڻ تڪليف کڻي بہ ٻئي کي سُک ۽ سھولت ڏيندي ھئي.
”اَمان! پُڦاٽِ زھرا کي ڪو جن ٻن ڪونھي، اِھا ميڊيڪل ڪنڊيشن آھي، کيس اِسپتال ۾ داخل ڪرائڻو پوندو. “ رضا، ماءُ کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
”نہ اَبا! مان ڪيئن چونديس!؟ چوندا تہ بيزار ٿي پئي آھيان ۽ کين گهر مان تڙي ڪڍان پئي. “
”اَمان! اِھو پُڦاٽِ زھرا جي زندگيءَ جو سوال آھي، نہ تہ ھوءَ مري ويندي. “ رضا ماءُ کي قائل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي.
”اَبا! وائي تہ ڪا سڻائي ڪڍ، اِيئن تہ ھيانءُ نہ ڏار!“ حميدہ خوف ۾ ويڙهجي وئي.
”اَمان تون ھمت ڪري بابا سان ڳالھہ ڪر، باقي معاملو اسان سنڀالي وٺنداسين. !“ نازيہ ماءُ کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
”ڌيءَ! پڻھين پاڻ ڊاڪٽر آھي، ضرور ڪنھن سبب جي ڪري ماٺ ويٺو آھي، ٻيو اِهو تہ هو تمام گهڻو مصروف پيو رهي، صبح جو اِسپتال تہ شام جو وري ڪلينڪ تي هليو وڃي ٿو، مٿان وري مائٽن جي بہ پورت ڪرڻي اَٿس. رات جو واپس اَچي، سانجهاندو ڪري وڃي سمھي رهندو آهي، اُن ڪري مون کي موقعو ملي تہ ڳالھہ ڪيانس نہ !“
ھڪ ڏينھن منجهند زھرا جي رڙ تي گهر وارا ڊوڙندا ويا، ھوءَ کٽ تي وٽجي سَٽجي ڪيھون ڪري رھي ھئي.
”مان نہ ڇڏينديس توکي. . . . ماري ڇڏينديس. . . نہ ڇڏينديس. “ ڪاريھر وارا وراڪا هيس. زھرا کي ٻاھر وڃڻ کان روڪڻ لاءِ نعمت جيئن ئي جهلڻ جي ڪوشش ڪئي تہ ھن جا ھٿ سندس چوٽيءَ ۾ وڃي کٿا.
”ياحسين. . . گهوڙا ڙي. . . مان آھيان تنھنجي ماسي اَمڙ. . . ٻَچا اَکيون کول. “
تڪليف جي اَذيت وچان نعمت رڙ ڪئي، پر زھراجهمر ھڻندي ماسيءَ جي وارن کي پٽڻ لڳي.
”فقير سائين! مان تنھنجي ڊوھڻ ناھيان، مون تي رحم ڪر. . . اَڙي واھر ڪريو مون کي بچايو. . . “
”رضا. . . رضا. . . . جلدي اَچ ٻچا ياحسين. . . “ماڻس رضا کي سڏيو.
رضا ڊوڙي اچي زھرا جا ھٿ پُڦيءَ جي وارن مان ڇڏيا. زھرا، رضا جي قميص ڦاڙي ڇڏي. رضا گهٻرائجي ويو.
”پيران پير دستگير. . . ! بادشاھہ پير. . . ! اَڙي او قلندر. . . ! اَڙين جا بندر! ڪا واھر ڪر. . . منھنجي نياڻيءَ کي غيبات جي اِن اَثر کان بچاءِ. “ ڀر واري ڪمري ۾ کٽ تي سُتل صاحب خاتون تڪليف وچان رڙ ڪئي.
ڊاڪٽر علي احمد جي گهر تي نحوستن جا پاڇا وڌڻ لڳا. ھر ماڻھو پريشان ھو، سندن وايون بتال ھيون، هُو ڄڻ تہ ذھني مريض بڻجي پيا. صاحب خاتون ۽ نعمت سڄو ڏينھن جنن جا قصا ڪري، پيون ڀوَ ڏيڻ لڳيون، پيون پيرن کي ٻاڏائڻ، سَتائڻ لڳون. حميدہ بہ وس ڪيا، قرآن خواني، سورة بقرہ، سورة مزمل، آيت الڪرسي سڀ ڪجهہ پڙهائيندي رھي، ڪو ڏينھن اَھڙو نہ ھو جو ڀر واري مسجد جو ملو دين محمد ڇھن سَتن طالبن کي ساڻ ڪري قرآن نہ پڙھڻ اَچي.
گهر ۾ ڪيترا ئي سنوڻ ساٺ ڪيائون. حميدہ کي جيڪو بہ، جِتان بہ ڏَس مِليو، اُن تي عمل ڪندي رھي، اَڇا بصر دروازن تي رکيائين، ليما، ٿوم ۽ لوبان جو دونھون اَلڳ، پر ڪو ضدي جن ھو، جو وڃڻ جو نالو ئي نہ پئي ورتائين.
رضا گهڻوئي سوچيو تہ ڇا ڪري ! ڪيئن اِھو مسئلو حل ڪري!؟ پڻس ڊاڪٽر بہ زھرا کي ڪو اِسپتال داخل ڪرائڻ جو خيال نہ ڏيکاريو. رضا پنھنجي دوست سان فون تي رابطو ڪيو، جنھن جو پيءَ ايل. ايم. سي ۾ ڊاڪٽر ھو، تنھن چيس:
”وارو ڪيو، جلدي اِسپتال کڻائي اَچوس، اِهو تہ سِيريس ڪيس ٿو لڳي. “
ٻئي ڏينھن صاحب خاتونءَ گهر ۾ مانڌاڻ وڌو تہ ھوءَ ھر قيمت تي ڌيءَ کي نذير ڀوپي نالي عامل ڏانھن وٺي ويندي. آخر رضا، پڦي ۽ زھرا کي ساڻ ڪري عامل وٽ پھتو. عامل وٽ گهڻي رش ھئي، سندس ڏيک عجيب ھو، اَڇي قميص ۽ گهير واري شلوار پھريل عامل جو روپ ئي نرالو ھو. وارن ۾ تيل، اَکين ۾ سُرمو ۽ چھري تي ھوشياري.
زهرا کي ڏسي رڙ ڪيائين؛ ”مار! نينگر گهڻي ورتل آھي. “
اِھو ٻُڌي پڦي صاحب خاتون اوڇنگار ڏني.
”پريشان نہ ٿيو، مون وٽ ھر قِسم جي جنن جو توڙ موجود آھي. “ عامل هڪ اِک بند ڪري، هوشياريءَ سان کيس آٿت ڏيندي چيو.
اِيئن چوندي زهرا جي وارن ۾ ھٿ وجهي، کيس زور سان ڌانڌولا ڏِيڻ لڳو. هوءَ رڙيون ۽ ڪوڪون ڪرڻ لڳي. رضا جي دل کي جهٻو آيو تہ ھُو اُٿڻ لڳو، پر پُڦھنسِ صاحب خاتون ھٿ جهليندي، اَکين سان خاموش رھڻ جو کيس اِشارو ڪيس. عامل، زهرا جا ڄُنڊا پٽي، کيس ٿڦون ھڻي، جھڙوڪ مرڻينگ ڪري ڇڏيو ۽ ھوءَ بيھوش ٿي هيٺ ڪِري پئي.
”ٺيڪ ٿي ويندي، فڪر نہ ڪريو. . . ضدي جن آھي، اِيئن نہ ويندو، سواءِ جوتن جي. . . “ عامل سخت ڪاوڙ ۾ چيو.
عامل ڪاري ٻڪريءَ سان گڏ سودي سامان جي هڪ ڊگهيڙي لسٽ ڏيندي، حڪم نامو جاري ڪيو تہ جلد اِھي شيون کيس پھچايون وڃن، نہ تہ جنات جو قھر نينگر کي ماري ڇڏيندو. اِهو ٻُڌي رضا جي منھن جو پنو لـھي ويو، سو ھن پئسن جي چٽي ڀريندي جند ڇڏائي .
واپس آيا تہ زهرا جي طبيعت سخت خراب ٿي وئي. وري اِسپتال وٺي ويس، جتي ڊرپ لڳس. ٻہ ڏينھن غش رھي، گهر وارن کي ڪجهہ خاطري ٿي تہ غيبات پويان پير ڪيا آھن.
گهر ۾ مسلسل خوف وارو ماحول ھو. شام جو گهر ۾ لڳل نم ۽ سرينھن جي وڻن جا پاڇا آسيب جو ڏيک ڏيندا ھئا، تيز ھوائن جي آڌار تي پنن جا آواز، رڙين جھڙا لڳڻ لڳا. شايد ماحول بہ اِنسان جي اَندر جو اولڙو ٿئي ٿو، سندس سوچ بہ حالتن جي رُخ تي سفر ڪرڻ لڳي ٿي .
زھرا جي حالت ڏينھون ڏينھن بگڙڻ لڳي. پُڦي صاحب خاتون ۽ پڦيءَ نعمت، مٿو مٿي سان ملائي، ڪو پروگرام ٺاھي رھيون ھيون. پوءِ ڳالھہ کُلي تہ ھُو زھرا کي سعدي موساڻي وٺي وڃڻ جا سانباھا ڪري رھيون آھن. اَول تہ رضا اِنڪار ڪيو، پر پوءِ ڪجهہ سوچي حامي ڀريائين. ھُو پُڦين ۽ زهرا کي وٺي نڪتو. حيدرآباد پھتا تہ زهرا کي اُڀ ساھيءَ اَچي ورايو. ھن گاڏي ڌوڪيندي، اَچي سول اِسپتال جي ٻاهران بيھاري. اِطلاع ملڻ بعد ڊاڪٽر علي احمد بہ اَچي پھتو.
”خير تہ آهي نہ پٽ. . . “ علي احمد پريشانيءَ سان پڇيو.
”بابا سائين! زهرا جي طبيعت رستي ۾ بگڙي وئي، اُن ڪري کيس اِسپتال وٺي آيس. “ رضا روئڻھارڪي آواز ۾ چيو.
پُڦي صاحب خاتونءَ کي بار بار ڏندڻ پئي پيا ۽ رضا اُن صورتحال کان سخت پريشان هو.
”پٽ! الله رحم ڪندو. . . اِهو سٺو ٿيو، جو مون کي بروقت اطلاع ڏنئہ . . . “
ڊاڪٽر علي احمد دلداريءَ خاطر پٽ جي ڪلھي تي هٿ رکيو.
”اَدا! ڪا واهر ڪريو منھنجي نياڻيءَ جي. “ صاحب خاتون سُڏڪا ڀري روئڻ لڳي. ڊاڪٽر علي احمد، ڀيڻ کي ڀاڪر پائي آٿت ڏني.
”اَدي! حوصلو ڪر منھنجي ڀيڻ، الله چڱي ڪندو. “
ڊاڪٽر علي احمد جيئن تہ پاڻ ڊاڪٽر هو، اُن ڪري اِسپتال جا سمورا ڊاڪٽر حرڪت ۾ اَچي ويا، نہ تہ عام مريضن کي ڊاڪٽر پڇن ئي ڪونہ! سمورا ٽيسٽ وغيرہ ڪرڻ کان پوءِ کيس اَندر وٺي ويا.
ڊاڪٽر چڪاس ڪري زهرا کي وارڊ ۾ داخل ڪيو، ڊاڪٽر سندس زندگي بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا، شام جو جڏھن کيس ڪمري ۾ آندائون تہ ھوءَ بيھوش ھئي.
”جيڪڏھن ڇوڪريءَ کي اِسپتال نہ کڻي اَچو ھا تہ اَڄ سندس زندگيءَ جي شايد آخري رات ھجي ھا. هن کي جن وغيرہ ڪونہ هو، سندس ڪرنگهي ۾ پاڻي ڀرجي ويو ھو. “ اِسپتال جي ڊاڪٽر کين آگاہ ڪندي چيو.
”اوهہ منھنجا خدا. . . !“ رضا کان بي اِختيار ڇرڪ نڪري ويو.

ڪروڌڻ

ٺري ميرواھ جون مُندون بہ عجيب ٿين. ڏينھن گرم تہ راتيون ٿڌيون. اَڄ بہ باھ ٿي وسي ڄڻ تہ، مٿان بجليءَ جي اَچ وڃ بيزار ڪري وڌو ھو مھرالنساء کي! جيڪڏھن بجلي نہ ھوندي تہ وڄڻو ھٿ ۾ ھوندس ۽ اَڱڻ ۾ نم جي ھيٺان کٽ تي ليٽي اَلائي ڇا پئي سوچيندي ھئي، شايد ڪا ماضيءَ جي ڳالھہ، ڪو پراڻو ڏک يا ڪجهہ بہ. . .
ماڻھوءَ جي سوچ ڪا ٿوروئي ٿي پڙهي سگهجي! اِنسان جي ذهن ۾ اَڻ کُٽ دُنيائون ٿين. ھڪ پل ۾ ھو ماضيءَ ۾ ھوندو تہ ٻئي پل مستقبل ۾. مھرالنساءِ جي چھري جي تاثرن مان لڳندو ھو تہ ھوءَ حال جي لمحن مان غائب آھي. ھوءَ اُن ڏينھن وجود وڃائي ويٺي، جڏھن اَبي اَکيون پوريون ھيون. ھوءَ پيءَ جي لاڏلي ھئي ۽ لاڏلا ٻار وري گهٽ ڪنھن سان ٺھندا آھن، پنھنجي مرضيءَ جي دنيا ھوندي اَٿن. ٻار کي لاڏ ڏيڻ کيس معذور ڪرڻ جي برابر آھي.
مھروءَ کي ھڪ ڌيءَ بختاور پڻ ھئي، جيڪا ڪراچيءَ ۾ ميڊيڪل جي تعليم حاصل ڪري رھي ھئي، ھاسٽل ۾ رھندي ھئي، اَلبت مامو سار سنڀال لـھندو ھئس ۽ ڪڏهن پيءَ وٽ رھندي ھئي. مھرو جي ھڪ ڀيڻ ۽ ٻہ ڀائر ھئا، جن مان ھڪ ڀاءُ ڪراچيءَ تہ ٻيو ڪينيڊا ۾ رھندو ھو.
سندس وڏي ڀيڻ فخرو بيواھ ھئي، کيس چار ٻار ھئا. سندس وڏي پٽ سارنگ کي لاھور ۾ نوڪري ملي ھئي، ڪيڏن ڪشالن سان پڙھائي ڪيائين، ننڍيون وڏيون نوڪريون ڪري، پنھنجي تعليم جو خرچ پورو ڪندو ھو ۽ گهر بہ ڪجهہ پئسا موڪليندو ھو. ننڍي ڀاءُ کي بہ لاھور ۾ پڙھائي رھيو ھو. ھن ھڪ نياڻيءَ جي شادي ڪري ڇڏي ھئي، اَلبتہ ننڍي ڌيء مرڪ مئٽرڪ جي شاگردياڻي ھئي.
مھرالنساءِ جي زندگيءَ جو اَلميو اِھو ھو تہ ھن جي گهر واري حميد ٻي شادي ڪري ڇڏي ھئي، جنھن جو کيس سخت اَرمان ھو.
”شڪر ڪر اولاد اَٿئي!“ فخروءَ چيس.
”پٽ جو اولاد ھجي ھا جيڪر. “ مھروءَ ڊگهو ساھ کنيو.
”پٽَ وري ڪھڙو تاج پارائين ٿا. . . “ فخروءَ وراڻيو.
ڪمري مان ٻاھر مرڪندي بختاور نڪتي، ڄڻ ٽاريءَ تي ڪو گلابي گل ٽڙيو هجي. !“
”اَمان! منھنجي مٺڙي اَمڙ!“
بختاور کيس پيار سان ڳراٽڙي پاتي، پر مھروءَ کيس ڪو جواب نہ ڏنو تہ ھوءَ ٿوري ڪومائجي وئي.
”ھا چئہ. . . ڇا آھي؟“
مھروءَ سندس خاموشيءَ کي محسوس ڪندي پڇيس:
”اَمان! مون سان ڪراچيءَ ھلي رھہ نہ تہ ڊاڪٽر کي ڏيکاريائين، مامي جو گهر آھي اُتي رھنداسين. “ لاڏ ڪندي بختاور چيو.
”ھا اَدي! وڃي ڪراچي گهمي اَچ. . . نئين سنئين ٿي اِيندينءَ ۽ خيال مٽبئي. . . “ فخروءَ صلاح ڏنس.
”نہ مائي! باھِہ ڏيان ڪراچيءَ کي. . . “ نفرت سان چيائين.
”اَدي! ڪا وائي تہ سڻائي ڪڍ وات مان. . . ڪھڙي گهڙي ڪھڙي. . . . ڪا ساعت ڪھڙي. . . “ فخروءَ لفظن جي اُلر ڪندي چيو.
”باھ لڳيئي. . . تون نہ ڳالھاءِ وچ ۾. . . سڄو ڏينھن منھنجي ڪڍ باھِہ ٻاري ڇڏي اَٿئي. “ مھروءَ اَکيون ڦوٽاريندي چيو.
فخرو سمجهي وئي تہ حميد ٻي زال سان ڪراچي ۾ رهي ٿو، اُن ڪري ڪراچيءَ کان نفرت اَٿس. ٿوريءَ ڳالھہ تان مھرو وڙھي پوندي ھئي ۽ گهر جو ماحول اُداسيءَ ۾ ويڙھجي ويندو ھو. سندس تڪيہ ڪلام ”شل ڪا باھِہ لڳئي. . !“ کان فخرو کي سخت چِڙ ھئي. مھروءَ کي ھلندي ٿاٻو وغيرہ اِيندو يا ڪنھن جي ھٿن مان گلاس ڀڄندو تہ رڙ ڪندي هئي:
”شل ڪا باھِہ لڳئي. . !“
مڙس جي ڌڪاريل عورت جي اَندر ۾ نفرت جو دوزخ ٿو ٻرڻ لڳي!
پر فخروءَ جو تڪيہ ڪلام ھو: ”شل ڪا پاڙ سائي ٿيئي. . . !“ اُن ڪري سندن زندگيءَ ۾ ڏکن جي باوجود ساوڪ ھئي. معاملا خراب ٿيندا ھئا، پر ڪو نہ ڪو حل مِلي پوندو ھو. شايد ھر گهر جو ڪونہ ڪو تڪيہ ڪلام ھوندو آهي، ممڪن آھي اُن ئي حساب سان سندن حالات بہ. . .
فخروءَ کي وڏڙن کان اِھا تربيت مِلي ھئي تہ چڱا لفظ ڳالھايو، جيئن خير ٿئي، پر مھرالنساءِ تي شايد اُن سِکيا جو ڪو اَثر نہ ٿيو هو. ھوءَ اڻ سَھُو ۽ ڪِروڌڻ ھئي. فخروءَ گهڻي ئي ڪوشش ڪئي تہ ھوءَ زندگيءَ ڏانھن واپس وري، گهر جي ڪمن ڪارين ۾ سندس ھٿ ونڊائي ۽ ھڪ سُٺي زندگي گذاري. آخر کيس اولاد آھي ۽ ماءُ اولاد جي خوشيءَ ۾ خوش ٿيندي آھي. ھيءَ ڪھڙيءَ ماءُ آھي آخر. . . !
فخرو ھمت واري ھئي. جيستائين سندن والدين حيات ھئا، سندن سھارو ھئي. ڀائرن ۽ ڀينرن جو خيال، خاندان ۽ پاڙي وارن جي ڏک سک ۾ شامل، دُنيا سان گڏ دين جا فرض نڀائڻ بہ کيس اِيندا ھئا. ھر خاندان ۾ اَڻ سَھپ وارا فرد گهڻا ھوندا تہ اُتي فخروءَ جھڙو بہ ضرور ڪو ڪردار ھوندو، جيڪو خاندان کي ڳنڍي رکڻ سان گڏ اُن جو ڏڍ بہ بڻبو آھي.
فخروءَ کي مڙس جي ملڪيت مان زمين جو ننڍو ٽڪر ۽ ٻہ ٽي دڪان ھئا، جيڪي ڪِرائي تي ڏنل ھئس. باقي خرچ سِلائي ڪري پورو ڪندي ھئي. گهر، جنھن ۾ ٻئي ڀينر رھن پيون، سو وڏي ڀاءُ جي نالي ھو. زمين جو ڪجهہ ٽڪرو ٻئي ڀاءُ کنيو، باقي ڀينرن جي حصي ۾ ڪجهہ نہ آيو. ڀينرون مُروت ۾ خاموش رھنديون آهن، سو ھو بہ نہ ڪُڇيون ۽ سندن من ۾ هو تہ: ”جيستائين ڀائرن رھايو تہ سندن در تي رهيون پيون ھونديوسين، جي اُٿاريائون تہ يا نصيب. . . !“
وچ ۾ ڀائرن گهر کپائڻ جو مسئلو اُٿاريو هو، حالانڪہ گهڻي دولت دُنيا ھئن، پر شڪر جو ٻنھي ڀينرن جي گوڙ ڪرڻ تي ڀائر وڃي چپ ٿيا. اُن گهر ۾ اَبي اَمان جي وجود جي سُرھاڻ هئي، ٻاروتڻ جي ڏينھن جي سرهائي ۽ جوانيءَ جي خوابن جي ڪشش اَڃا بہ گهر جي پُراڻين سِرن مان ليئا پائيندي محسوس ڪنديون هيون. ڪڏهن والدين جو بند ڪمرو کولي، سندن وجود جي سُرھاڻ کي محسوس ڪري آٿت ماڻينديون هيون.
مھرو اَڪثر ننڊ توڙي جاڳ ۾ بابي جي لَٺ جو آواز ٻڌندي ھئي، ڪڏھن لڳندو ھئس تہ اَڇن ڪپڙن ۾ ڪو پاڇو ڀر مان لنگهي ويو هجي. ! ڌيئرن جو پنھنجي گهرن سان جذباتي ڳانڍاپو ٿئي ٿو، باقي پُٽ تہ گهرن کي فقط ملڪيت جي ساهميءَ ۾ توريندا آهن.
گهر تمام وڏو ھو. پيءَ ماءُ وارا ڪمرا ۽ اوطاق بند پئي ھئي. فخروءَ جا ٻہ ڪمرا ھئا، ھڪ ۾ ڌيءَ سان رھندي ھئي، باقي ٻيو ڪمرو تڏھن کوليندي ھئي، جڏهن پٽ اِيندا ھئس. ھڪ ڪمرو مھروءَ جو ھو، جيڪا بختاور جي ھاسٽل وڃڻ کانپوءِ سندس ڪمري ۾ اَچي سمھندي ھئي. اَڪثر کيس آواز ايندا هئا، جنھنڪري اَڪيلائيءَ کان ڀؤ ٿيندو ھيس.
فخروءَ، ڀيڻ کي پيءَ ماءُ جي وفات يا مڙس جي ٻي شاديءَ کانپوءِ ڪڏهن بہ روئيندي نہ ڏٺو ھو، پر هوءَ کلندي بہ بنھ گهٽ ھئي. شروع ۾ جڏهن پيءَ گذاري ويو ھيس تہ طبيعت گهڻي خراب ٿي پيس. ڊاڪٽر چيو ھو تہ: ”ڪوشش ڪريو تہ روئڻ اَچيس، نہ تہ وڌيڪ بيمار ٿي پوندي. “
فخروءَ گهڻي ڪوشش ڪئي تہ ھوءَ ڏکن جي حقيقت کي قبول ڪري، پر ھن تہ ذهن ۽ دل جا دروازا بند ڪري ڇڏيا ۽ پنھنجي دُنيا ۾ گم رھڻ لڳي. خاموشي، ڏُکن سان مھاڏو اَٽڪائڻ ۽ روئڻ اُنھن جي قبوليت آھي. ڏُکن جي قبوليت ۾ چڱائي آھي.
ٺريءَ جا منظر وڻندڙ ھئا، ڪٿي پٽَ تہ ڪٿي ڀِٽون، گهرن جي چؤڌاري ساوڪ ۽ وڻ هئا، جن جي ڀرسان وھندڙ واھ جو وڻندڙ نظارو هو. گهر ۾ بابي هٿ سان ٻوٽا ۽ وڻ لڳايا هئا، اَڱڻ جي وچ ۾ نم جو وڻ بہ اَبي جي وجود جيان آٿت پيو ڏيندو هو. اَمان ۽ بابا وڻ هيٺان پيل کٽ تي ويھي، ڪچھري ڪندي نظر اِيندا هئا. پيارا رشتا نہ رهن تہ سندن پوئتي ڇڏي ويل نشانين مان آسيس پئي ملندي آهي، اُن ڪري ٻنھي ڀينرن کي اُهو گهر ۽ نم جو وڻ جان کان بہ وڌيڪ عزيز هئا.
ھوڏانھن بختاور کي ماسي فخروءَ مان ماءُ جي آسيس اِيندي ھئي، جنھن تي مھروءَ کي ڪاوڙ لڳندي ھئي. فخروءَ کي خبر ھئي تہ بختاور کي سارنگ پسند ڪندو ھو ۽ ھوءَ بہ موقعي جي ڳولا ۾ ھئي تہ سڀ گڏ ٿين تہ ھوءَ ڳالھہ کي اَڳتي وڌائي.
شام جو سج کجيءَ جي لامن ۾ اَٽڪيو بيٺو ھو، ھوا جي جهوٽن تي رکي رکي ٽارين مان آزاد ٿي، مڪمل تاب سان جرڪڻ لڳندو ھو، جنھن جو ھڪ حصو تلاءِ جي پاڻيءَ ۾ مور جيان رقص ڪرڻ لڳو. پوئين پھر جو سج گهر جي نم جي چوٽين تي سونين والين وانگر جرڪڻ لڳو. بختاور ماءُ جي وارن ۾ ھوريان هوريان ڦڻي ڏيئي رھي ھئي. شايد ھن چڱي وقت کان وارن کي ڦڻي نہ ڏني ھئي. وارن ڇڏائڻ لاءِ بختاور ھلڪي سَٽ ڏنس تہ رڙ ڪيائين:
”شل ڪا باھِ لڳئي. . !“
اُن وقت بختاور ماءُ جي وارن مان ھٿ ڪڍي، اَندر ڪمري ۾ ھلي وئي. ھونئن تہ سدائين پئي ماءُ جي واتان پٽون پاراتا ٻڌندي ھئي، پر اَڄ اَلائجي ڇا ٿيس، جو دل ڀرجي آيس.
”ڏائڻ ڪنھن جاءِ جي. . . رُڳو پئي بدشد بڪين. نياڻيءَ کي اِيئن چئبو آهي ڇا؟“ منھن ڦٽائي فخروءَ چيو.
ڳوٺ جا منظر بختاور کي وڻندا ھئا ۽ اُونداھيون، ستارن ڀريون راتيون، جن ۾ چلولي ساوڪ جي سُرھاڻ پئي سُر وکيريندي ھئي. اُن گھري رات ۾ جِيتن جي جهونگار جا سُر، رَکي رَکي ٽيٽيھرَ جي ٻولي ۽ چلھين مان اُٿندڙ دونھين ۾ لُڙاٽيل رات جي مانيءَ جو ھڳاءُ ذھن کي خمار ۾ ويڙھي ڇڏيندا ھئس. ڳوٺ اِيندي ھئي تہ کڏ تي رکيل کٽ تي آھلجي، پئي سِتارن کي ڏسندي ھئي. اَباڻي ڳوٺ جا رنگ ئي اَلڳ ٿين، پر اُھا رمز ھرڪو نہ ٿو پرکي. اَڄڪلھہ تہ ماڻھن اَباڻا شھر وساري ڇڏيا. . . !!
لھندڙ سج جا ڪرڻا ساوڪ تي جرڪڻ لڳا تہ سائو رنگ تھائين گھَرو ٿي پيو. قدمن جي آواز تي ڇرڪي، پوئتي نھارڻ سان سارنگ نظر آيس .
”سارنگ تون؟“ حيران ٿي چيائين.
”ھاڻ پھتو آھيان. مون کي پڪ ھئي تہ مٿي سج لھڻ جو لقاءُ ڏسندي ھوندينءَ. . . “ سارنگ مرڪي چيو.
”ھا، ھن ڳوٺ جي سج لھڻ جي منظر جھڙو شايد ڪو ٻيو منظر ھجي!“ بختاور مانَ سان وراڻيو.
سندس ڳلن تي سج جا لھندڙ ڪِرڻا ڏسي، کيس لڳو ھن جي ڳلن تي صوفن جا رنگ وکري ويا ھجن، ڄڻ تہ. ساوڪ ھن جي ڳلن آڏو آڻ مڃي ڇڏي. نگاھن ۾ گهڙيون اَمر ٿي ويون سدائين لاءِ . . . .
محبت درد جو درمان ٿي پوي ٿي، محبت اَکين سان اَکٻوٽ کيڏڻ لڳي، خاموشين جا رنگ تکا ٿي ويا ۽ لفظ پنھنجو حُسن وڃائي ويٺا. اَحساسُ، اَحساسَ سان اِيئن مِلڻ لڳو، جيئن بادل ھوائن سان مِلندا آھن. گل جي نرم پنکڙين ۾ لڪل ڪو راز ھو، جيڪو محبت تي ھوريان ھوريان ظاھر ٿيڻ لڳو.
بختاور کي ڪراچيءَ جي وڏي اِسپتال اِنٽرويو لاءِ گهرايو ويو هو، اُن ڪري تمام گهڻي خوش ھئي، سڀاڻي وڃڻو ھئس. رات جو سڀ رڌڻي ۾ گڏجي ويٺا، رڌڻي ۾ گئس سان گڏ چلهہ جو اِنتظام پڻ ھو، ڇو تہ بجليءَ سان گڏ گئس جي لوڊ شيڊنگ ٿيندي رهندي ھئي. چؤڌاري موڙا رکيل ھوندا ھئا، بجلي نہ ھوندي ھئي تہ لالٽين پنھنجي روشنيءَ سان طلسماتي اَثر پيدا ڪري ڇڏيندي ھئي.
”ماسي! مون جيڪي خواب ڏٺا، سي پورا ٿيڻ وارا آھن. نوڪري مِلڻ کان پوءِ مان گهر وٺندس، جيئن اَمان مون سان ھلي تہ پوءِ مان سندس سٺن ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائيندس. امان کي خوش رکندس. “
خواب نہ ھئا، پوپٽ جا رنگ ھئا، درياءَ جون لھرون ھيون، آسمان ۾ اُڏامندڙ اَڇن پکين جا کنڀ ھئا. سندس ڳالھہ ٻُڌي فخرو مرڪي، پر مھرالنساءِ خلائن ۾ ڪجهہ ڳوليو ٿي. بختاور جو جيءَ جهري پيو.
مھروءَ جي ماٺ محسوس ڪري، فخروءَ ٿڌو ساھ ڀريو. ٻالڪپڻي ۾ مھرو زندگيءَ سان ڀرپور ٻار هئي. ھوءَ جوانيءَ ۾ تمام گهڻي شوخ ۽ کِلڻي هوندي هئي، گهر ۾ سندس ٽھڪ پيا گونجندا هئا، پر شاديءَ کانپوءِ خاموش رهڻ لڳي، ضرور ڪي مسئلا هوندا، پر گهر ۾ ڪابہ ڳالھہ نہ ڪيائين. وقت ۽ حالتن کانئس مرڪون ۽ ٽھڪ کسي ورتا هئا.
ٻئي ڏينھن، بختاور جي وڃڻ کانپوءِ مھرو کيس ياد ڪري نير وهائڻ لڳي. خبر نہ آهي، ڇو هوءَ حقيقت کان منھن موڙي، پاڇن جي دُنيا ۾ رهڻ لڳي آهي. فخرو سوچڻ لڳي.
بختاور جو اِنٽرويو سُٺو ٿي ويو. ماما ظھير جي گهر ڪجهہ وقت رھڻ جو اِرادو ھئس. ڪافي گهمي ڦري، ماءُ، ماسيءَ ۽ سارنگ لاءِ سوکڙيون ورتائين. خوابن جي ساڀيا ويجهي ھجي تہ چھري جا رنگ گل مھر جي گلن جيان مھڪڻ لڳندا آھن. سارنگ کي ماڻڻ جي اَحساس سندس اَکين ۾ انَوکو سُرور اوتي ڇڏيو ھو. سرتين سان سارنگ جون ڳالھيون ڪندي نہ ٿڪبي ھئي. زندگيءَ ڏاڍو ڏکويو، پر سک بہ ڏنائين، ڪير ٿو چوي تہ زندگي ڏکي ۽ نامھربان آھي! ھوءَ دير تائين جاڳندي ۽ سوچيندي رھي.
ٻئي ڏينھن ٺريءَ واپس وڃڻو ھئس، سامان پيڪ ڪري رکيائين. سارنگ جو سوچي، موسم جا رنگ ٽڙي پيس سندس مرڪن تي.
شام جو چانھن ٺاھڻ رڌڻي ۾ وئي تہ اَلائي ڪيئن رئي کي باھِ وڪوڙي ويس، ريشمي ڪپڙا پھريل ھئس، اُن ڪري باھ جا اُلا ڀڙڪي اُٿيا هوءَ ڪِيھون ڪرڻ لڳي، سندس ڪيھن تي مامو ۽ مامي ڊوڙندا آيا.
”ياحسين! باھِ. . . . !“ ماميءَ رڙ ڪئي. ماميءَ جلدي سان پنھنجي چادر لاهي وڌس. . . فضا ۾ ماس سڙڻ جي باس وکري وئي. . . جلدي ايمبوليس گهر ايائون، تڙ تڪڙ ۾ پڻس حميد کي بہ اِطلاع ڏنائون. کيس ايمرجنسيءَ ۾ داخل ڪرايو ويو، پر رات تائين دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪيائين.
ٻئي ڏينھن خوابن جي رک جي صورت ۾ مھروءَ جو تڪيہ ڪلام ”شل ڪا باھِ لڳئي. . !“ پاراتو بڻجي سندن ٺريءَ واري گهر پھتو. . .

ورثو

بھار جا خوشگوار ڏينھن هئا. هوائن ۾ جهنگلي ٻوٽن ۽ گلن جو هڳاءُ اوتيل هو. هوا، قديم پھاڙن ۽ چؤڌاري ساوڪ گاڏڙ سُرهاڻ پنھنجي ٻڪن ۾ کڻي ورکا ۾ مگن هئي. گاڏي سيوهڻ ٽپي لڪي شاهہ صدر جي حدن ۾ داخل ٿي تہ سامھون هڪ حسين منظر هو. ڀڳي ٺوڙهي جا پھاڙ سدائين کان پراِسرار سانت ۾ ويڙهيل رهيا آهن. کيرٿر جا هي پھاڙ ڇھہ ڪروڙ سال پراڻا آهن، جيڪي صدين جي اِسرار ۽ ڪيترين ڪھاڻين کي پنھنجي اَندر ۾ سانڍي ويٺا آهن.
لڪي سلسلي جي پھاڙن جي ڇانوري ۾ سفر ڪندي، پھاڙ ڪنھن يوگيءَ جيان گيان ۾ گم نظر اِيندا آهن. اُن ڌرتيءَ جي ڇڪ، قلندر کي سيوهڻ ۾ رهڻ تي مجبور ڪيو، جڏهن تہ هو ڪيترا ملڪ لنگهي هتي پھتو هو. هن خِطي ۾ عجيب ڪشش آهي، جنھن رمز کي فقط نظر شناس پروڙي سگهي ٿو. آسمان تي سج پوري توانائيءَ سان جرڪي رهيو هو. بادلن جي کيچل تي منظر سُرمئي چادر ۾ ويڙھجي، اُن رستي تي سفر ڪندي، منفرد حُسن نظر اِيندو آهي. مختلف مندن جا ھتي رنگ ئي نرالا نظر اِيندا آهن.
گاڏي جيئن ئي لڪي شاہ صدر جي مزار جي ويجهو پھتي تہ سُرمئي پھاڙن جي پس منظر ۾ مزار جو سونھري رنگ ۽ طرز تعميرات اِنتھائي وڻندڙ ڏيک ٿي ڏنو. رستي تي نظر اِيندڙ اُن مزار جو منظر، جماليات جي رنگن سان رنڱجي، هڪ منفرد زاويو پيش ڪري ٿو.
اَمينہ، ڊرائيور کي لڪي شاہ صدر جي مزار وٽ گاڏي بيھارڻ لاءِ چيو، ڊرائيور گاڏي اَچي مزار ڏانھن ويندڙ رستي تي بيھاري.
”ميڊم! اَندر پنڌ هلڻو پوندو. “ ڊرائيور چيو.
هوءَ گاڏيءَ مان نڪتي ۽ مزار ڏانھن هلڻ لڳي. رستي جي ٻنھي پاسن تي ننڍڙا دوڪان مختلف شين سان سينگاريل هئا، جن ۾ رنگ برنگي پڙ، گُلابَ جا گُل، عطر جون شِيشيون، ريوڙيون، نقل، خشڪ ميوو، چوڙيون، ڳانا، سڳيون ۽ اَگربتيون وغيرہ نظر آيس. فضا ۾ گلاب جي گلن ۽ دُکندڙ اَگربتين جو واس، من ۾ جذب ٿيندي محسوس ڪيائين ۽ عجيب ڪيفيت سندس رَڳن ۾ ڊوڙڻ لڳي، ھڪ اَھڙي ڪيفيت، جيڪا ماڻھوءَ کي حال جي گهڙين مان کنڀي، خوابن جي دُنيا ۾ کڻي ويندي آھي، جتي حيرت ۽ اَنڪشاف جو سمنڊ ڇُلي ٿو. ڪجهہ عورتون مزار تي باس جي چادر خريد ڪري رهيون هيون، سندن چھرن تي آس ۽ اَڻپوريون خواهشون نظر ٿي آيون.
اَمينہ درگاھ ۾ اَندر داخل ٿي ۽ فرش تي قدم رکندي ئي دماغ جي ڏُکندڙ نسن ۾ سڪون بخش لمحو لھندي محسوس ڪيائين، جيڪو ٿڌي فرش جي ڇھاءُ جو اَثر ھو . اُگهاڙي پيرين، فرش يا ڌرتيءَ تي ھلڻ، پيڙا کان نجات جو رستو ٿين ٿا، ڇو تہ ڌرتيءَ جي قربت شفا بخش ٿئي ٿي. هوءَ مزار ڏانھن وڌي تہ در وٽ ويٺل پيرسن ماڻھوءَ چيو.
”هي مردن وارو حصو آهي، توهان ساڄي پاسي اَندر وڃو. “
هوءَ اُن پاسي وئي تہ مرجهايل ۽ تازن گلن ۽ خوشبوئن سان واسيل جهوٽو ساھن ۾ اوتجي ويس ۽ ڪيف جي ڪيفيت من ۾ ھُرڻ لڳس. ڪيفيتون بہ ماحول جون پيدا ڪيل ٿين ٿيون. جئين قبرستان ۾ خوف ۽ باغ ۾ سرھائي محسوس ٿيندي آھي، پر مزار تي اَلڳ ڪيفيت ٿئي ٿي، جيڪا عاجزي ۽ عقيدت جو ميڙ ٿئي ٿي .
زمين تي مرد ۽ ٻہ عورتون ويٺل ڏٺائين، وچ ۾ برقعو پھريل، منھن اُگهاڙي نوجوان ڇوڪري ويٺي ھئي. ڇوڪري خوبصورت ھئي، ڪاري رنگ جي برقعي ۾ سندس چھرو چند وانگر جرڪي رھيو ھو. گهاٽيون ڀروون ۽ چيرويون اَکيون نمايان ٿي لڳيون، چپَ ڀڪوڙيل، چھري تي ضد ۽ ڪروڌ جا آثار نمايان ھئس. ڪو اَڻپورو راز سندس ساهن ۾ ڇُلي رھيو ھو. ھن جي سامھون ڊگهي قد جو، اَڌڙوٽ عمر جو شخص ويٺو ھو. ڇوڪريءَ جو ھٿ جهليندي، کيس سمجهائي رھيو ھو. اَمينہ سوچيو شايد ڪو بزرگ آھي، جنھن کان دُعا وٺڻ آئي آھي.
مزار جي ھڪ پاسي عورتن وارو حصو سوڙھو ھو، جتي چند عورتن جي ويھڻ جي جڳھہ ھئي. ھڪ ٿڪل، بيزار ۽ مرڻينگ لمحو فضا ۾ نروار ٿيو ۽ سموري توانائي ڪنھن ڄور وانگيان چوسي ورتائين. ڇوڪريءَ جي ڊگهن ۽ ماندن ساھن ۾ پيڙا جو پڙلاءِ ھو. ڇوڪريءَ جي ڀرسان برقعو اوڊيل چاليھن سالن جي بي تاثر چھري واري عورت ويٺي ھئي. ناري جي چھري تي ڪروڌ ۽ اَکين ۾ وحشت وڌڻ لڳي، اُھا ڪيفيت طوفان اَچڻ کان اَڳ واري ھئي، جيئن تيز ھوا بعد وڄ چمڪاٽ ڪندي آھي ۽ گجگوڙ جو شينھن گجڻ شروع ٿيندو آھي.
پيڙا ۾ ورتل حُسن ڪاريھر وانگر وراڪا ڪرڻ لڳو. مرد جو ھٿ ڇڏائي ورتائين. اَمينہ کي محسوس ٿيو، سندس ھٿ ٽيڙو ٿي ويو ھو ۽ ھوءَ ڪنھن مڌ پيتل متاري جيان جهومڻ لڳي. اَجنبي مومل تي ڪيف ۽ ڪشف وارد ٿيا ۽ زندگيءَ جي سوز کي محسوس ڪندي لُڇڻ لڳي.
اَچانڪ سٽ ڏيئي، رَئو اُڇلائي ڪنجهڻ لڳي. ”ھُو ھُو“ ڪندي، ڪنڌ ھڻڻ لڳي. اَول ساڄي پاسي، پوءِ کاٻي پاسي ڪنڌ گهمڻ لڳس، ڄڻ سندس مشڪون رٻڙ جون ٺھيل ھجن. اَڳيان اُڇل ڏيندي، پوئتي زمين ڏانھن پلٽو کاڌائين. اُتي بيٺل ٻہ ٽي عورتون خوف وچان ڊُڪندي، ڊوڙندي ٻاھر نڪتيون. ھاڻ ناري پوري قوت سان رڙيون ڪري رھي ھئي. اَمينہ جي دل خوف وچان زور زور سان ڌڪ ھئڻ لڳي ۽ مٿو ڦرندي محسوس ڪيائين، پر ھمت ڪري اُتي ئي بيٺي رھي. زمين تي مٿي لڳڻ سبب ڌڪ جو نشان نمايان ھو، ڪارائيءَ تي ڌڪ جا نشان ھئس، اَلائي ڪيترين پيڙهين جي گناهن جو بار پنھنجن ڪلھن تي کنيو بيٺي آهي، اَمينہ سوچيو.
وياڪل ڇوڪري ھوريان ھوريان سامت ۾ اَچڻ لڳي، جئين ڌرتي ڌٻڻ کان پوءِ پنھنجي جاءِ تي واپس اِيندي آھي. اِنسان بہ فطرت جو اولڙو ٿئي ٿو. طوفان، برسات، کنوڻ، گجگوڙ، ٻوڏون ۽ زلزلا پڻ اِنسان جي اَندر جون وارتائون آھن.
اَمينہ محسوس ڪيو تہ ھوءَ نماز پڙھڻ واري اَنداز ۾ ويٺي هئي ۽ ڪنڌ اَڃا ڏڪي رھيو ھيس، ڄڻ ڪنھن مرشد آڏو ويٺي ھجي. هئي گهائل، رُوح. . . شايد گهر ۾ اِيئن دل جو غبار نہ ڪڍي سگهي ها، جئين ھتي وار کولي پئي پار ڪڍيائين. مزارن تي ڏُکويلن لاءِ آزاديءَ جو اَحساس آهي، اُڌما اِظھاري کين جذباتي سڦلتا ملي ٿي.
”توھان ڪير آھيو؟“ اَمينہ سوال ڪيو.
”آءٌ ھن جو پيءَ آھيان. “ اَجنبي شخص وراڻيو.
”ڇا ٿيو آھي ھن کي؟“ اَمينہ ٻيو سوال ڪيو.
اَمينہ جو آواز ٻُڌي ڇوڪريءَ ڪنڌ مٿي ڪري کيس ڏٺو تہ سندس دل خوف ۽ دھشت وگهي ٻُڏڻ لڳي. ھوءَ خوف وچان پيلي ٿي وئي ۽ پاڻ سنڀالڻ لاءِ ديوار جو سھارو وٺڻو پيس. ايڏيون خوفناڪ ۽ بي چين اَکيون ھن پھريون دفعو ڏٺيون ھيون. اُھي ھٺ ۽ ھوڏ سان ڀرپور اَکيون، ڪنھن قھاري ديوتا جيان، زلزلا ۽ ٻوڏون آڻي سگهن ٿيون، فنا ڪري سگهن ٿيون پل ۾ سڀ ڪجهہ. . .
”ڌيءَ! ھن تي آسيب جو اَثر آھي، اَھڙو اثر منھنجي زال تي بہ ھو. “ اُن اَجنبي شخص بي وسيءَ مان چيو.
”توھان جي ڌيءَ جو نالو ڇا آھي؟“
” ريشم ! “ شخص وراڻيو.
واقعي ھوءَ ريشم ھئي، جيڪا مُنجهي پوي تہ ڏور کي سُلجهائڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي. هن شخص پنھنجو نالو عبدالستار ٻُڌايو، سندس گهرواريءَ جو نالو عابدہ هو. هو پياري ڳوٺ جو رهواسي هو، جتي ڪنھن دوڪان تي ڪم ڪندو.
ريشم نالي جيان سندر ھئي. ريشم اُٿڻ جا سانباھا ڪرڻ لڳي تہ اَمينہ ٻاھر نڪتي. در وٽ گلن جي پتين جي وچ ۾ ديپ ٻري رھيو ھو. باھِہ، جيڪا جذب ۽ ڀسم ڪرڻ جي شڪتي رکي ٿي، اُن جوت ۾ ريشم جون اَکيون نمايان ٿيڻ لڳيون. ريشم کي سھارو ڏيندي ھو ٻاھرين در ڏانھن وڌيا.
”توھان سان ڪجهہ دير ڳالھائڻ چاھيان ٿي. “ اَمينہ چيس.
”نہ، آءٌ توسان نہ ڳالھائينديس. . . . تنھنجو ڪو مطلب آهي مون ۾ . . . . “
ڇوڪريءَ اَکيون ڦوٽاريندي کيس چيو تہ خوف جي لھر سندس وجود ۾ ڏار وجهي ڇڏيا.
ماءُ ريشم کي ھٿ کان وٺي اَڳتي نڪري وئي.
”توهان اَچو اسان سان. . . “
عبدالستار چيو تہ هوءَ کانئن ٿورڙو فاصلي سان هلڻ لڳي. هڪ پاسي وڏو ورانڊو هو، هو هڪ ٿنڀ جي ڀرسان ويھي رهيا. ريشم کي چڪر اَچي رهيا هئا، هوءَ تيزيءَ سان ساھ کڻي رهي هئي، ماءُ جي جهوليءَ ۾ مٿو رکندي غش ٿي وئي.
”هر مھيني چنڊ جي راتين ۾ ريشم کي دورا پوندا آهن، پوءِ هتي وٺي اِيندا آهيونس تہ چاق، چڱي، ڀلي ٿي ويندي آهي. “ عابدہ چيو.
چنڊَ ۽ ديوانگيءَ ۾ ڪا تہ هڪ جھڙائي آهي. پاڻيءَ وانگر چنڊ بہ گهايل اَحساس کي پاڻ ڏانھن ڇڪي ٿو شايد . . .
” هن کي ڪنھن نفسياتي ڊاڪٽر کي ڇو نہ ٿا ڏيکاريو؟ “
” اَمان! ڊاڪٽرن وٽ وري غيبات جو ڪھڙو علاج ھوندو؟“ عابدہ جواب ڏنو.
”توھان کي بہ دورا پوندا ھئا. . . . “ اَمينہ سوال ڪيو.
” جي اڳي پوندا ھئا پر هاڻ ڪونہ پوندا آهن. . . “
”جنھن گهر ۾ ماءُ ڏُکي هجي، اُتي ذهني طور تي بيمار ٻار پيدا ٿين ٿا“. اَمينہ جي ڳالھہ ٻُڌي، ستار ڏانھس ڇِرڪي نھاريو.
”مون عابدہ کي سُکيو رکيو ۽ هوءَ ڏُک پيڪي گهر مان کڻي آئي هئي. “
”ڪھڙا ڏکَ؟“اَمينہ کي پنھنجو سوال عجيب لڳو، ڇو تہ ڏُکن جي ڪا تشريح يا درجہ بندي نہ ٿي ڪري سگهجي. . .
”منھنجو نانو ظالم شخص هو، منھنجي نانيءَ تي ظلم ڪندو هو. منھنجو پيءَ بہ ڪو چڱو اِنسان نہ هو، منھنجي ماءُ کي مارڪٽ ڪندو هو“.
جنون ۽ ديوانگيءَ جا سلسلا موروثي ٿين ٿا شايد. . . ماڻھو طبي بيمارين جيان ذهني بيماريون بہ پنھنجي نسلن ۾ منتقل ڪري ٿا ڇڏين. . .
”ڇا توهان جي خاندان ۾ ذهني بيمار ٻار پيدا ٿيندا آهن؟“
اَمينہ جي سوال تي ٻئي زال مڙس اَچرج سان هڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳا، سوال ڏکوئيندڙ هو شايد. . .
”منھنجي خاندان جي ڪجهہ گهرن ۾ هڪ چريو کريو ٻار آهي، جيڪو ماءُ پيءَ لاءِ آزار بڻجيو پوي. . . . “ڏکويل لھجي ۾ عابدہ وراڻيو.
ماڻھو ڪاوڙ، جارحيت، حسد ۽ تعصب کي ذهني بيماري نہ ٿا سمجهن. اَهڙا رَويا هنن لاءِ رواجي ۽ معمول مطابق هوندا آهن، پوءِ اِيندڙ پيڙهين ۾ اُھو زھر اوتي ڇڏيندا آھن. هوءَ سوچڻ لڳي.
”اَمان! دُعا ڪر تہ منھنجي نياڻي ٺيڪ ٿي وڃي!“ لڙڪ عابدہ جي اَکين مان ڪِرڻ لڳا.
مزار جي در وٽ وڏو گوڙ ٿيو، ڪيتريون عورتون اَندر داخل ٿيون، هڪ خوبصورت ڇوڪريءَ جي هٿ ۾ نئون ڄاول ٻار هو. . . پٽ جي باس باسي هئائين، شايد چادر پارائڻ آئي آهي.
ٻاهر در وٽ هڪ قبر مٿان هڪ گهاٽو پُراِسرار وڻ، کريل ٻار جيان ٽيڙو ٿيو بيٺو آهي، جنھن تي هزارين رنگ برنگي اِڳڙيون ٻڌل آهن، آس جي رنگن جيان. . . جڏهن آس پوري ٿيندي تہ اُها رنگين ڳنڍ کولي، اَچي هتي خيرات ڪندا.
آس ۽ نراس جي هڪ عجيب دنيا آهي. . .
”هن جي شادي ٿيل آهي؟“ اَمينہ سوال ڪيو.
”مڱيل هئي پنھنجي سئوٽ سان، پر جيئن ريشم کي دورا پوڻ لڳا تہ هنن سڱ ڇني ڇڏيو. . . . “عبدالستار ٿڌو ساھ ڀري، اُداس لھجي ۾ وراڻيو. . .
عابدہ بہ هڪ ڊگهو ۽ ڏکويل ساھ ڀريو . . . . ماحول تي عجيب اُداسي طاري ٿيڻ لڳي. . . .
”پوءِ؟“ اَمينہ پڇيو.
”پوءِ اُهو جهيڙو سال هليو، ڇوڪرو مائٽن کي مڃائي نہ سگهيو، ٻنھي جي ننڍپڻ کان پريت هئي، چار سال اَڳي ڇوڪرو ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري ويو. . . “
اوچتو هڪ ڪارو ڀَؤنرُ زوڪاٽ ڪندو هن جي ڪنن جي ڀرسان گذريو تہ اَمينہ پوئتي ٿي وئي. . . هن کي ڀَؤنرُن کان خوف ٿيندو هو.
ڀَؤنرُ هاڻ ريشم جي خوبصورت چھري جو طواف ڪرڻ لڳو. . .
”ملھار آيو آهي ريشم سان ملڻ. “ عابدہ چيو:
”ملھار ڪير؟“ اَمينہ پڇيو.
”ريشم جو مڱيندو. . . “ عابدہ جون اَکيون سانوڻي مند جيان وسڻ لڳيون.
”اَمڙ! جڏهن بہ اسان هتي اِيندا آهيون تہ هي ڀَؤنرُ دير تائين اسان سان گڏ هوندو آهي ۽ ريشم جي مٿان پيو ڦيراٽيون پائيندو آهي. “
اَمينہ پنھنجي وڏڙن کان اِها ڳالھہ ٻڌي هئي تہ مائٽن جو رُوح ڀَؤنرُ ۾ پئجي ويندو آهي ۽ هو پيارن سان مِلڻ اِيندا آهن.
هن ڪائنات ۾ سبب ۽ اَثر جو نظريو هرهنڌ نظر اَچي ٿو، هر شيءَ، ٻيءَ جي سحر ۾ وڪڙيل ٿي ڏسجي، عمل جو رد عمل موجود آهي. اِنسان ٿوهر پوکيندو تہ ڪنڊا لُڻندو. . . . ٿوهر پوکي، گُلابن جي ڦُٽڻ جي آس اَجائي آهي. . .
”ذهني بيماريون ماءُ جي پيڙا ۽ ڄم سان تعلق رکن ٿيون، تڪليفن ۾ وڪوڙيل ماءُ جي اُها اَذيت گهڻي ڀاڱي اِيندڙ نسلن ۾ منتقل ٿي ويندي آهي“. اَمينہ جي ڳالھہ ٻُڌي ستار ڇرڪي کيس ڏٺو.
”توهان ڪھڙو علم حاصل ڪيو آهي؟“ هن حيران ٿي پڇيو.
”اِنسان جي سمجهہ جو علم آهي مون وٽ. “
” اِهو تہ ڪو جادو ٿو لڳي. “ عابدہ چيو:
”مان زندگيءَ جي حقيقت کي بيان پئي ڪريان. “ اَمينہ جواب ڏنو
ڀَؤنرُ زوڪاٽ ڪندو، اَمينہ جي ڀرسان لنگهي ويو. هاڻ هو مزار جي فضائن ۾ عقيدت منجهان اُڏري رهيو هو. وري گهُت هڻي، ريشم ڏانھن ورندو، ڀَؤنرُ لاءِ هوءَ ڪنول جو گل هئي شايد. . . شاھ سائينءَ جو بيت من تي هُري آيس.

ڪؤنر پاڙون پاتارَ ۾، ڀؤنرُ ڀُري آڪاس،
ٻنھي سندي ڳالهڙي، رازق آندي راس،
تنھن عشق کي شاباس، جنھن محبتي ميڙيا.

هڪ غير محسوس دُنيا ۾ ٿيندڙ وارتائن جو اَلڳ اَثر ٿئي . اَحساسن جي دُنيا ۾ خاموش حادثن جو رنگ ئي جدا آهي، ڪيئن ڳجهن زخمن کي نظرشناس ئي پرکي سگهي ٿو. باطن جي اَک ڪنھن صدمي ماڻڻ کان بغير نہ ٿي کُلي!
اَمينہ مختلف سوال پڇي رهي هئي، ڄڻ معاملي جي تھ تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪندي هجي.
”منھنجو ڏاڏو طبيعت جو سخت ۽ بي لڇڻو اِنسان هو، هن جي ظلمن کان خاندان تنگ هو، هن هڪ ڀيري ٻن جوان ڀائرن جو خون ڪيو هو، سھڻا ڳڀرو جوان هئا، سندن ماءُ مرڻ گهڙيءَ تائين لڇندي رهي. . . “
ڳالھہ ٻڌندي اَمينہ جا لڱ ڪانڊارجي ويا، اوچتو ريشم رڙ ڪري اُٿي، هوءَ دل تي هٿ رکي سھڪي رهي هئي، شايد ڪو ڀوائتو خواب ڏٺو هئائين. ڄڻ لاشعور جي لامحدود ڪُن ۾ ڀٽڪي واپس وري هجي!
اَمينہ کي هن جي اَکين مان رت ٽمندي محسوس ٿيو.

بدلو

اڄڪلھہ ھر آفيس ساڳيو منظر پيش ڪري ٿي، جتي تڪڙي ڪم جي اڪلاء بدران ذاتي فائدي، سفارش ۽ غير معياري ڪم عام آھي. اھا بہ اھڙي آفيس آھي، جتي سفارشي ۽ بي ايمان آفيسر گهڻا آھن. ڪي ايماندار آفيسر وري ڪنڊن ۾ نظر ايندا. ٽيڪيل آفيسر ڦونڊجي پيا گهمندا. ڪم کان ٻرو ھوندن مٿان پاڻ جھڙو ڪنھن کي نہ سمجھندا! ڪرونا جي ڏينھن ۾ ھر طرف عجيب خوف ڦھليل ھو .
عقيل گهمندو ڦرندو پنھنجا ڪم ڪندو وتندو ھو . ھڪ ڏينھن سندس زال نوشابہ چيس :
” توھان ڪرونا کان صفا غافل ٿي ويا آھيو . مٿان وري ماسڪ بہ ڪونہ ٿا پايو . مون کي تہ ڳڻتي ورايو ٿي وڃي. “
” تون بي فڪر ٿي رب ٻاجهہ ڪندو . امڙ جي دعا اٿئي مون کي ڪرونا ڪونہ ٿيندي . “ عقيل وڏي اعتماد سان چيو.
نوشابہ کي خبر ھئي تہ ھو ڪنھن جي بہ نہ ٻڌندو . سندس فڪر تھائين وڌي ويو. محسوس پئي ڪيائين تہ ھو ڪجهہ ڏينھن کان پريشان ھو . شايد آفيس جا مسئلا ھوندس. ھوء انھن زالن مان ھئي، جيڪي مڙسن جو تمام گهڻو خيال رکنديون آھن. عقيل جي چوڻ کان اڳي ئي سندس سمورا ڪم ڪار ٿي ويندا ھئا. نوشابہ کي نہ تہ فيشن جو شوق ھو ۽ نہ ئي ھوء ڪا فضول خرچي ڪندي ھئي. ٻنھي جي محبت جا خاندان توڙي ٻاھر مثال ڏنا ويندا ھئا.
ٻئي ڏينھن موسم جهڙالو ھو. ھو گهر جي گلن، ٻوٽن ۽ ولين کي پاڻي ڏيڻ کانپوء واندو ٿيو تہ ڪرسي تي ويھي رھيو. ٽيبل تي پيل اخبار کڻي پڙھڻ لڳو. ننڍو گهر ھو پر ساوڪ جي توانائيءَ سان ڀرپور ھو. ھيٺ ٽي ڪمرا ھئا . مٿي ھڪ ڪمرو ھو، جيڪو مھمانن لاء ھو. جهمڪا ول پوري ڏاڪڻ تي اڇن ۽ گلابي ولين سميت، ھوا جي ھلڪي جهوٽي تي ھٻڪار ڦھلائي رھي. ھن پلاٽ تہ وٺي ڇڏيو ھو. پگهار مان ڪجهہ پيسا بچائي رکندو پيو وڃي جيئن پنھنجو گهر ٺھرائي سگهي. نوشابہ چانھن کڻي آئي.
ٻئي ڪچھري ڪندا رھيا. نوشابہ جي ساٿ جون اھي گهڻيون کيس، منافقت سان ڀرپور ڏينھن سان مقابلي ڪرڻ جو حوصلو ڏين ٿيون. چانھن پي آفيس آيو تہ ماحول ۾ ڪروڌ محسوس ٿيس. آفيس پھچي ھن حسب معمول اڪائونٽس جا پنا چيڪ ڪيا تہ وڏو گهوٽالو نظر آيس. اڪثر ملازم ٺڳ ھيا، جيڪي خرچ ۾ گهوٻيون ھڻندا ھئا. بجليءَ جو زيان عام ھو، انڪري ڳرا بل ايندا ھئا. ھو ڪاغذ ڏسي اڪثر ملازمن جي چالاڪي پرکي وٺندو ھو . ڊائريڪٽر تائين ڳالھہ ويندي ھئي پرھنن جي خلاف ڪو ترت قدم نہ کنيو ويندو ھو. ھن کي لڳندو ھو تہ ڊائريڪٽر بہ بي ايمانن سان مليل آھي . ڊائريڪٽر کي مٿين کي ڀنگ ڏيڻو پوندو ھوندو. پاڻ بہ کائڻو ھوندس شايد انڪري. . . .
گهڻو ڪري اسٽيشنري، پئٽرول، ۽ سنھن ٿلھن خرچن ۾ آفيس جا ملازم، پيسا ملي کائيندا ھئا. اڪائونٽس جي ذميداري جي ڪري کيس آڊٽ جو اونو ھو . آڊٽ ۾ بہ ٻہ ٽي روپيا ڏيئي جان ڇٽي ويندي آھي پر پوءِ بہ ھو حساب ڪتاب شفاف رکڻ جي ڪوشش ڪندو ھو. انڪري آفيس جا کائو آفيسرسندس دشمن ٿي پيا ھئا. سفارشي ماڻھن جولڏو لٿل ھو آفيس ۾ . ھن ڪجھ بلن تي اعتراض واريو ھو، جنھن تي ٻائتال متل ھو.
آفيس جو در کليو ۽ شھباز اندر داخل ٿيو ان سان ٻہ ٻيا واٺا پڻ ھئا جيڪي گهوٻين ۾ سندس ٻانھن ٻيلي ھئا.
سائين ! ڪيئن آھيو؟ ھٿ ٻڌي شھباز منافق مرڪ سان چيو.
ھن جو چھرو کيس انڊين فلمن جي ولن جھڙو لڳندو ھو . جيڏو قدآور ھو اوتريون ئي خسيس عادتون ھيس. چھرو سانورو، کاٻي ڀرونء وٽ زخم جو نشان، گفتگوء ۾ شاطر پڻو. ڳالھہ ختم ڪري ھن اک ھنئي تہ عقيل کي ڪاوڙ لڳي الائي ڪنھن ھن کي نوڪري ڏني ھوندي!
” مان ٺيڪ آھيان . تون پنھنجي اچڻ جو مقصد بيان ڪر. “ عقيل رکائيءَ سان چيو.
ھن ويھڻ لاءِ نہ چيو پر ٽيئي ويھي رھيا. شھباز، پيٽرول جي خريداري ڪندو ھو. جڏھن تہ، اسلم کاڌي پيتي ۽ ساجد اسٽيشنري جي نگراني ڪندو ھيو . ٽيئي دوست ھئا. آفيس ۾ سڀ ڪوليگ آھن دوست وري ڪٿان جا! عقيل کي لفظ، ”دوستيءَ “ تي ڪاوڙ لڳندي ھئي.
آفيس ۾ دوستي جو مطلب گڏيل ڪرپشن!!!
” ٻيلي! ٻچڙيوال آھيون . پنھنجو بہ خرچ ڪيو اٿئون . بل نہ روڪ مھرباني ٿيندي. “ شھبازوينتي ڪندي چيو.
”سرڪاري مال ذاتي مقصد لاءِ کڻندو تہ اعتراض ڪندس. ڪاغذ، پينون، رجسٽرن جابل ٺيڪ نہ آھن. “ عقيل اکيون ڦوٽاريندي چيو.
” نہ يار ڪٿي ھاڻ اھڙا الزام تہ نہ ھڻ ٻيلي!“ شھباز ککو وکو ٿيندي چيو.
عقيل کي خبر ھئي تہ ھو ڪرپشن جو ماسٽر مائنڊ ھو . ٻنھي جو گرو ھو.
”پئٽرول مھانگو ٿي ويو آھي ايترو بل تہ ايندو. “ ساجد چيو.
ھن ساجد جي اکين ۾غور سان نھاريو، جيڪو چھري مان ڪو اموشنل بليڪ ميلر لڳي رھيو ھو. ھڪ اک ننڍڙي ھيس . اکيون لومڙيءَ جيان تيز ۽ موقع پرست بس شڪار آيو ناھي ۽ ھن جهٽيو ناھي . انسانن ۾ بہ جانورن واريون خاصيتون ٿين. جھڙو جانور اھڙي ئي خصلت انسان ۾ ھوندي. اھا ڳالھہ کيس پڻس سائين ڏني سمجهائي ھئي، جيڪو روينيو کاتي ۾ ملازم ھو.
” توھان آفيس جي بھاني گاڏيون گهرن جي ڪمن ڪارين لاءِ پيا استعمال ڪريو. “ عقيل کي ڪاوڙ لڳي.
”اسان کان وڌ تہ ڊائريڪٽر صاحب ٿو گاڏي گهر لاءِ وھائي. “ شھباز کيس لاجواب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.
”باس ڌوڙ پائي تہ ھيٺيان بہ ڌوڙ پائيندا ڇا؟ آخر پڇا تہ اسان آفيسرن کان ٿيندي. “عقيل خار مان وراڻيو.
” ٻيلي رحم ڪر اسان جا ذاتي پيسا بہ خرچ ڪيل آھن. “ ساجد وينتي ڪندي چيو.
”مان ڏسان ٿو پر ھي ڪوڙا بل مان ڪونہ پاس ڪندس . ھنن رسيدن ۾ ٺپا ۽ فون نمبر وغيرہ لکيل ڪونھي. ھي رسيدون ٺيڪ ڪرائي ڏيو تہ ڪري ڏيندس. “
جواب ملڻ تي ٽيئي ڀڻ ڀڻ ڪندي اٿيا ھليا ويا. لنچ جو وقفو ٿيو تہ ھو اٿيو . اسڪول مان مينا ۽ سعد کي کڻي گهر پھتو. گرمي قھر جي ھئي . ھن سال اوڌر وٺي ڪا گاڏي وٺان منھنجو خير آھي پر ٻارن جو ڇا ٿيندو؟ ٻارن جا چھرا اس ۾ ٽامڻي ھڻي ويا ھئا. ھن جو لنچ تيار ھو . بک بہ ڏاڍي لڳي ھيس. نوشابہ ٻارن جا ڪپڙا بدلائي. تڙ تڪڙ ۾ ھٿ منھن ڌورائي ميز تي اچي ويٺي .
” واھ جو ٻوڙ ٺاھيو اٿئي. “ عقيل تعريف ڪئي .
نوشابہ مرڪي تہ سندس چھري تي انڊلٺ ورنا رنگ جرڪڻ لڳا. تعريف جي معاملي ۾ ھو خاندان جي مردن کان مختلف ھو. جن جون زالون، توجھہ ۽ تعريف جون منتظر رھنديون ھيون. انڪري نوشابہ کي لڳي ٿو تہ ھوءَ خاندان جي سڀني عورتن کان خوشقسمت آھي. مڙس گڏ بيھي ھن سان رڌڻي جو ڪم ڪرائيندو ھو. ٻئي پيا ڪچھري ڪنداھئا. ھوءَ کاڌو محبت سان رڌيندي ھئي. ڏاڏي مريم چوندي ھئي تہ ڪيڏو بہ طعام لذيذ ڇو نہ ھجي پر جي گھر ڌياڻيءَ جي محبت شامل نہ ھوندس تہ اھو کاڌو ڪنھن کي بہ نہ لڳندو!
نوشابہ حال تي ھلڻ واري وني ھئي . پر پوءِ بہ عقيل کي پريشاني ٿيندي ھئي تہ ھن جي ايمانداريءَ نوشابہ کي ڪجهہ بہ نہ ڏيئي سگهي ھئي . ساجد تازوئي بنگلو ٺھرايو ھو. اسلم نئين گاڏي ورتي ھئي ۽ شھباز پوش ايريا ۾ فليٽ خريد ڪيو ھو. ھنن جي ملڪيت ڀائرن جي نالي ۾ خريد ڪئي وئي ھئي. جڏھن تہ عقيل وٽ ڪرائي جو معمولي گهر ۽ موٽر سائيڪل ھئي.
پر ھو دل جو سخي ھو . ان معمولي پگهار ۾ بہ ماءُ ۽ ڀينرن جو خيال رکندو ھو. خرچ سوچي سمجهي ڪندو ھو انڪري ڪجهہ بچت بہ ٿي پوندي ھيس. نوشابہ ڪچن ۾ گرين ٽي ٺاھي رھي ھئي ۽ ھوساڻس آفيس ۽ دنيا جھان جا قصا ڪھاڻيون ونڊي رھيو ھو.
”گهڻي گرمي آ اندر ھلي ويھو آء چانھن کنيو ٿي اچان “ نوشابہ جي مک تي پگهر جا ڦڙا ائين جرڪي رھيا ھئا ڄڻ تہ گلاب تي ماڪ ڦڙا.
”ھر ڏک سک ۾ گڏ ھوندا آھيون انڪري رڌڻي جي گرمي بہ گڏجي سھنداسين. “
عقيل ھن جو ھٿ جهلي چيو تہ ھوء مرڪي .
”توھان ھلو آءٌ اچان ٿي. “ نوشابہ رئي جي پلئہ سان پگهر ڦڙا اگهندي چيو.
ھو اندر ھليو آيو جتي ٻار ننڊاکڙا لڳا پيا ھئا. ھو صوفي تي ليٽي من پسند ڪارٽون ۾ مگن ھئا.
لنچ جو وقفو پورو ٿيو تہ ھو واپس آفيس موٽيو. ڪجهہ فائيل تيار ڪري باس ڏانھن روانو ٿيو. اعجاز صاحب فائيلن تي صحيح ڪري چيو:
”سٺو ٿيو جو توھان آفيس جي خرچ پکي تي ضابطو آندو آھي. “
باس مڙئي ايماندار آفيسر ھئڻ جي اداڪاري ڪئي.
”ھا سائين پر آفيسر ڪاوڙجي ويا آھن فائيل روڪڻ تي“. ھن چيو.
”اھو تہ ھيڊ آفيس جو آرڊر آھي تہ خرچ پکي ۽ خاص طور تي سرڪاري پيٽرول تي ضابطو آندو وڃي. “ باس جي لھجي ۾ ٻيائي ھئي.
”جي سائين بلڪل، پرآفيس اھاڳالھہ نہ ٿا سمجهن“. عقيل مايوسيءَ سان وراڻيو.
”آفيس جون گاڏيون وغيرہ ضرورت آھر ٻاھر ڪڍيون وڃن تہ فرق پوندو . “ باس ذميداري۽ سان چيو.
”سائين اوھان وھيڪل انچارج لاءِ لکت ۾ ھدايت نامو جاري ڪندا . “
”چڱو ٿيو جو ياد ڏياريو اٿو. “ باس چيو.
پر عقيل کي خبر ھئي تہ ان کان اڳي بہ ھن ڪيتريون ئي يادگيريون ڊائريڪٽر صاحب کي ڏياريون ھيون پر ڪو کڙ تيل ڪونہ نڪتو. فائيل صحي ڪرائي آفيس واپس موٽيو . ڪرسيءَ تي ٽيڪ لڳائي سوچ ۾ پئجي ويو. صاحب ھن کي تہ شفافيت رکڻ لاءِ اڳڀرو ڪيو آھي پر پاڻ وري فائدو انھن کان ئي پيو وٺي، جن جا فائيل روڪيا اٿس.
رات اڱڻ تي کٽ تي ليٽيا پيا ھئا . بنان چنڊ جي رات ۾ ستارن جو ڏياٽيون ٻري اجهامندي نظر آيون پئي. حيدرآباد جي ٿڌڙي ھير ۾ گرميءَ ۾ٽڙندڙ گلن جي سرھاڻ رکي رکي ساھن کي مھڪائي رھي ھئي. ھوء مينا سان سمھندي ھئي ۽ سعد اڪيلو . سعد کي ننڊ ۾ لتون ھڻڻ جي عادت ھئي. ٻار سمھي رھندا ھئا تہ ھوء پاسو ورائي عقيل سان ڪچھري پئي ڪندي ھئي. ٻنھي کي ھڪٻئي جي اکين ۾ ڏسندي رھڻ، ھٿ ۾ ھٿ ڏيڻ ۽ پنھنجا ڏک سور ونڊڻ سٺو لڳندو ھو .
ڪرونا جي ڪري آفيسون بند ھيون ۽ عقيل گهر ھو . ھر ڪم گڏجي ڪندا ھيا . ھوء ماني ڪندي ھئي تہ عقيل ٿانو ڌوئيندو ھو . ڀاڄيون وغيرہ ڪٽي ڏيندو ھيس . شروع کان پنھنجا ڪم پاڻ ڪندو ھو. جيئن ڪپڙا استري ڪرڻ، بوٽ پالش ڪرڻ، پاڻي پيئڻ ۽ ٻيا سنھا ٿلھا ڪم جن جي ڪري عورتون ھر ھر پيون ڊوڙون پائيندي نظر اينديون آھن . ھوء تمام خوش ھئي پنھنجي زندگيءَ مان. . .
”نوشابہ !“
”ھون. “
”ڇا پئي سوچين؟“
”پنھنجي قسمت تي رشڪ ٿو اچيم. “
عقيل کي حيرت ٿي تہ ھن حال ۾ بہ ھوء خوش آھي. پوءِ تہ مون کي پنھنجي قسمت تي ناز ڪرڻ گهرجي.
آفيس جو ماحول شھباز ۽ سندس ساٿين خراب روين جي ڪري ڏينھون ڏينھن خراب ٿيندو ويو. آڊٽ ويجهو ھئي ھن شھباز، ساجد ۽ سليم کان پيسا ڀرايا، جيڪي ھنن غلط بلن وسيلي ھڙپ ڪيا ھئا. ان معاملي تي ھنن ۾ ڇڪتاڻ ھلندڙ ھئي.
ڪوريڊور مان شھباز ھن کي روڪيندي ھٿ ٻڌي چيو:
”مون کان ڪا غلطي ٿي ھجي تہ مون کي معاف ڪري ڇڏجانء. “ شھباز ڏکاري لھجي ۾ چيو.
”خير تہ آھي نہ!“ عقيل منجهيل انداز ۾ چيو.
”طبيعت ٺيڪ نہ اٿم، ڪجھ ڏينھن موڪل ورتي اٿم. “
”رب رحم ڪندو. “
”ڪرونا ٿيواٿم. “
”ڇا!“ ھن حيران ٿي رڙ ڪئي.
”مان چاھيان ٿو تہ تو کي بہ ڪرونا ٿئ. “ ھن عقيل جي ٻانھن کي ڇھيو . عقيل ائين ڇرڪي پوئتي ھٽيو ڄڻ ڪرنٽ لڳو ھجيس.
”ڇا!“ عقيل جي پيرن ھيٺان زمين نڪري وئي.
”نہ يار مذاق پيو ڪيان. “ شھباز جي مرڪ، شيطاني لڳس. آفيس ۾ بہ شھباز جي ڪرونا واري خبر ھلي رھي ھئي. سليم تہ آفيس مان ھليو ويو پر ھو بہ صاحب کان موڪل وٺي گهر روانو ٿيو. سڄو پگهر ۾ آلو ٿي ويو. دل جي ڌڙڪڻ معمول کان وڌي ويس . اکين آڏو انڌاري اچي ويس. نوشابہ در کوليو تہ سندس حالت ڏسي پريشان ٿي وئي.
”پري مون کي ھٿ نہ لائجانء مون کي ڪرونا ٿي ويو اٿئي. “ ھو خوف وگهي ڏڪي رھيو ھو.
”توھان کي اجايو وھم ٿي پيو آھي. “ھوء عقيل جي حالت ڏسي پريشان ٿي وئي.
” شھباز کي ڪرونا ظاھر ٿيو آھي . ھن سايو ڪري مون سان ھٿ ملايو جيئن مون کي بہ ڪرونا ٿئي. “ اھو ٻڌائيندي کيس اڀ ساھي اچي ورايو.
” ڌڻي رحم ڪندو. “ نوشابہ روئڻھارڪي ٿي وئي.
”ڀاڻين کي فون ڪر تہ ٻارن کي اسڪول کان کڻي اچي. مان ڪمري ۾ ٿو وڃان . ٻارن کي منھنجا ڪمري ۾ اچڻ نہ ڏجانء ۽ ھا تون بہ احتياط ڪر. “ ھو ٿڙندو ٿاٻڙندو ڪمري ڏانھن وڌيو.
ان کانپوء عقيل ڪمري ۾ قيد ٿي ويو. شام جو نوشابہ اسپتال وٺي ويس. ڪرونا جو ٽيست ڪرايائينس. ٻئي ڏينھن ٽيسٽ نيگيٽو آيو پر ھو ڪمري مان ٻاھر نہ نڪتو. نوشابہ ڀائرن کي فون ڪئي تہ ھو آيا ۽ کيس سمجهائڻ لڳا پر پوء بہ ھن ٻاھر نڪرڻ کان انڪار ڪيو. سندس خيال ھو تہ ٽيسٽ درست نہ آيو آھي.
شام جو اوچتو عقيل جي طبيعت خراب ٿي.
”وارو ڪر نوشابہ مون کي اسپتال وٺي ھل. “ ھو پيلو ٿي ويو تہ ھوء کيس اسپتال وٺي آئي. بلڊ پريشرٺيڪ ھيس البتہ دل جي ڌڙڪڻ وڌيل ھيس. ڪرونا جو ٽيسٽ ٻيھر ٿيو. ڊاڪٽر دوا ڏنس تہ ھو گهر موٽيا.
ٻئي ڏينھن ٽيسٽ پازيٽو آيس تہ نوشابہ جي اکين آڏو انڌاري اچي وئي.
”مون کي اسپتال ۾ داخل ڪراء نوشابہ. “ عقيل وينتي ڪئي.
”نہ توھان گهر ۾ رھندا. ڏکيا ڏينھن گذري ويندا. ھو پاڙي وارو ارشد صاحب گهر ۾ ئي ٺيڪ ٿي ويو. اسپتال کان گهر بھتر آھي. “
” نہ نہ نوشابہ مان اسپتال ۾ داخل ٿيندس. “ عقيل ضدي لھجي ۾ چيو. ٻئي ڏينھن ھو اسپتال ۾ داخل ٿي ويو. وقت جي رفتار ڄڻ تہ بيھي رھي. صبح جو ھوء نيرن کڻي ويندي ھئي تہ شام جو عقيل جو ڀاء ويندو ھو.
ڪمري ۾ نوشابہ کي ٻوسٽ ٿي رھي ھئي. اڱڻ تي اڪيلي سمھڻ ۾ ڀو ٿو محسوس ٿئيس. سائيڊ ٽيبل تي ھنن جي شادي جي تصوير رکيل ھئي. خوشي سندن اکين مان ليئا پائي رھي ھئي. ديوار تي ٻنھي ٻارن جون تصويرون لڳل ھيون . ڪي ھنن جا گروپ فوٽو ھئا. دريءَ مان ايندڙ موتئي جي ھٻڪار کي محسوس ڪري سڪون مليس. اھي گل ۽ ٻوٽا عقيل پوکيا ھئا. گهر جون ڀتيون بہ اداس ھيون اھي بہ شايد عقيل جي ڪمي محسوس ڪري رھيون ھيون.
آفيس مان کيس وھم ٿيو. ڀلا شھباز جي ھن سان اھڙي ڪھڙي دشمني ھوندي جو ڄاڻي واڻي کيس ھٿ ڏنائين. ممڪن آھي ھن کي خبر نہ ھئي. پر نہ پوءِ بہ عقيل جو ٽيسٽ نيگيٽو آيو ھو. ياد آيس تہ ٻئي ڏينھن عقيل کي ڊاڪٽر چيڪ اپ لاءِ ٽيبل تي ليٽايو تہ اتان جيڪو مريض اٿيو تنھن کي بخار۽ کنگهہ ھئي. بس اتان منھنجو عقيل وٺجي ويو. اجايو وھم نہ ڪري ھا تہ اڄ ھن حال کي نہ پھچي ھا!
تڪليف جا ڏينھن گذري ويا . عقيل جو ڪرونا جو ٽيست نيگيٽو آيو. پرصبح جو ساھ نہ پئي آيس، انڪري ڊاڪٽرن اسپتال مان ڊسچارج ڪرڻ بدران کيس مشاھدي ھيٺ رکيو. پوءِ خبر پين تہ سندس ڦڦڙ سخت متاثر ٿيا ھئا. دل بي اختيار ڌڙڪڻ لڳس. اکين آڏو انڌاري ايندي محسوس ڪيائين. وقت بہ ھن جي مٿي وانگر گول ڦري رھيو ھو. اندران ڪيرآگاھ ڪري رھيو ھيس تہ ڪجهہ ٿيڻ وارو آھي. ڊاڪٽر گهڻي ڪوشش جي باوجود عقيل کي بچائي نہ سگهيا.
نوشابہ جي دنيا ويران ٿي وئي. ھڪ پرسڪون گهر جو خواب وکري ويو. ھوء غش ٿي ڪري پئي.
ٻاھر باس ۽ آفيس جا ملازم آيا ھئا. سڀ افسوس ۽ غم ۾ ورتل ھئاپر شھباز جي چھري تي ظاھري طور تي ڏک جي باوجود، سندس ڳلن تي سرھائي جو احساس وکريل ھو!

خواب يا حقيقت

آفيس جو وقت ختم ٿيو تہ ھو بينڪ مان ٻاھر نڪتو ۽ فاروق جي گهر ھليو آيو. فاروق سندس ننڍپڻ جو دوست ھو. ھڪ تہ ھو شھر ۾ نئون ھو ٻيو فاروق کيس اچڻ لاءِ زور ڀريندو ھو. آفيس مان ھاسٽل ويندي، فاروق وٽ ترسندو ھو . گهر بہ رستي ۾ پوندو ھيس. اسٽڊي روم ۾ ويھي فاروق سان دير تائين ڪچھري ڪندو ھو . رات جي ماني کان پوءِ کيس ھاسٽل وڃڻ جي موڪل ملندي ھئي.
ھو ڪلفٽن ۾ واقع اپارٽمينٽ پھتو . لفٽ ۾ داخل ٿيندي ھن ستين فلور جو بٽڻ دٻايو . فلور تي پھچي ڪونڊين ۾ پوکيل ٻوٽن کي ڏسي خوشي ۽ تازگي اندر ۾ لھندي محسوس ڪيائين. فاروق جي والد مختيار صاحب کي گلن ۽ ٻوٽن سان خاص دلچسپي ھئي . ھو فاريسٽ آفيسر جي عھدي تان رٽائرڊ ھو. گهنٽي تي ھٿ رکيائين تہ ملازم در کوليو.
”سائين سلام. “ ٿر سان تعلق رکندڙ پندرنھن سالن جي نواب سلام ڪيو.
”وعليڪم اسلام. “ قسمت بہ نالن جي ابتڙ ٿئي ٿي . اھو سوچيندي ھو ڪمري ۾ اندر داخل ٿيو.
فاروق ھن سان اتساھ منجهان مليو.
”يار تون ويھ مان زرين سان ٻاھر پيو وڃان. زرين کي ڇڏي اچان ٿو. “ ھو تڪڙو ڪمري مان نڪري ويو. نعمان ميز تي پيل اخبار کڻي پڙھڻ لڳو. نواب ھن لاءِ پاڻي کڻي آيو.
فاروق، زرين ڀاڀيءَ کي ڪڏھن ڊاڪٽر يا شاپنگ لاءِ ٻاھر وٺي ويندو ھو تہ نعمان، بابا مختيار سان ڪچھري ڪندو ھو، جنھن مان والد جي آسيس ايندي ھيس. سندس بدلي ٽي چار مھينا ٿيا جو سکر مان ڪراچي ٿي ھئي. في الحال ڪنھن ھاسٽل ۾ رھي پيو پر اڳتي ھلي گهر وٺڻ جو ارادو اٿس، جيئن ڪٽنب ھتي شفٽ ڪري سگهي. شاديءَ کي چار سال ٿيا اٿس. ٻن سالن جي ننڍڙي ڌيءَ ڪومل اٿس، جنھن کي پيار مان ڪوملي سڏي .
مختيار اندر داخل ٿيو تہ ھو اٿي بيٺو.
”اسلام عليڪم بابا سائين. “
”وعليڪم اسلام“
”توھان ڪيئن آھيو بابا سائين؟“
”رب جون مھربانيون . “
ٻئي ڪچھري ڪرڻ لڳا. ڳوٺ جا قصا ۽ اتي ٿيل واقعا. الائي ڇو ماڻھو پنھنجي جنم ڀوميءَ کان ڌار ٿي سدائين پاڻ کي اٻاڻڪو محسوس ڪندو آھي.
فاروق جي ڌيءَ روما ھن کي ڏسي رڙ ڪري ڏانھنس ڊوڙندي آئي :
”تاتا نومي اتي ويو. “ تاڙيون وڄائيندي چيائين. پويان ميڊ سرونٽ پڻ اندر داخل ٿي .
سندس اٻاڻڪي دل ۾ ٿڌي ڇانوري جھڙو سڪون لھي آيو. ٻار ڪيڏا نہ معصوم ۽ پيارا ٿين ٿا!
ھن چاڪليٽ کيسي مان ڪڍي روما ڏانھن وڌايا تہ ھن خوش ٿي چيو؛
” ٿينڪ يو انڪل. “ ھاڻ ھو انگريزيءَ ۾ ننڍا جملا ڳالھائي ٿي .
” يو ويلڪم“ ان ئي وقت پنھنجي نياڻي مرڪ ياد پيس . روح ۾ ڇِڪ ڇُلندي محسوس ڪيائين.
ھو بابا سان ٻيھر ڪچھري ڪرڻ لڳو ۽ روما چاڪليٽ کائڻ ۾ مگن ٿي وئي. پوءِ اتي ئي ننڊ ورائي ويس. ميڊ اندر کڻي ويس.
” يار سوري مون کي ڪجهہ دير ٿي وئي. “ فاروق تڪڙو اندر آيو.
”ڪا ڳالھہ نہ آھي. “ ھو مرڪيو.
پاڻ ۾ ڪچھري ڪرڻ لڳا. ھن بہ اجازت گهري پر فاروق کي زرين کي کڻڻ لاء وڃڻو ھو تہ ھو نعمان کي بہ ھاسٽل ڇڏيندو ويو.
ھو فاروق جي ڪري اڪيلائپ نہ ٿو محسوس ڪري نہ تہ شھر جي لاتعلق زندگيءَ ۾ اھو مزو ڪٿي، جيڪو اباڻي شھر ۾ ملندو آھي. ھتي تہ ماڻھو ضرورت آھر واسطو رکن ٿا. ھر ماڻھو پاڻ لاءِ جيئي ٿو. فقط ذات جي وروڪڙ رستن ۾ ڀٽڪندو رھي ٿو. ھتي تعلق، مطلب جو محتاج آھي ۽ رابطو مقصد فقط حاصل ڪرڻ جو ذريعو. ماديت پرستيءَ جي عفريت انساني توڙي اخلاقي قدر ڳڙڪائي ڇڏيا آھن پر ھو پاڻ کي ان پراڻي دور جو فرد ٿو سمجهي، جيڪو بي غرض تعلق ۾ جيءَ جو جياپو ڳولھيندو ھو. ھن جھڙا ڪي ٻيا چريا آھن، جن جي ڪري دنيا پئي ھلي .
ٻئي ڏينھن ھو فاروق سان ملڻ لاء آيو ۽ اسٽڊي روم ۾ داخل ٿيو تہ بابا اخبار پئي پڙھي . ھن کي ڏسي سندس ٿڪل چھري تي مرڪ اچي وئي .
”اسلام عليڪم بابا سائين“ نعمان جهڪي ادب سان ساڻس مليو.
”وعليڪم اسلام پٽ “ مختيار ھن سان ساڳي شفقت سان مليو.
ھو بابا سان ڪافي دير تائين ڪچھري ڪندو رھيو. بابا کي اندران سڏ ٿيس تہ ڪمري مان نڪري ويو.
نعمان جو الائي ڇو مٿو ڦرڻ لڳو. دريءَ وٽ ننڍڙو بيڊ پيو ھوندو ھو، جنھن تي اڪثر بابا کي ننڊ ڪندي ڏٺو ھيائين . دريءَ مان آسمان نظر ٿي آيو . شفق جي روشنيءَ ۾ بادل ھٿ ھٿ ۾ ڏيندي اڏامي رھيا ھئا. ٿڌي ھوا جي جهوٽي ۾ سمنڊ جي لھرن جي خوشبو ھئي. ننڊ جو جهوٽو آيس. ننڊ جاڳ ۾ ائين لڳس جھاز رن وي تي ڊوڙي رھيو آھي. پوءِ پنھنجي جسم مان ھڪ ٻيو جسم نڪرندي محسوس ڪيائين، جيڪو تيزيءَ سان واپس جسم ۾ پيو تہ ھن اکيون کوليون. نڙي خشڪ ۽ ڳلي ۾ ڪنڊا چڀي رھيا ھيس. ساھ نڙيءَ ۾ ڦاٿل محسوس ڪيائين. ساھ کڻڻ جي ڪوشش ڪيائين تہ ساھ سيني ۾ منجهيل لڳس. زور سان کنگهيو، جيئن ساھ کڻي سگهي پر ساھ بند ٿيندي محسوس ٿيس. ٿورو سامت ۾ آيو تہ اٿي بيٺو. ايتري ۾ فاروق اندر داخل ٿيو ء ھن کي ائين بيٺل ڏسي پريشان ٿي ويو.
”يار خير تہ آھي نہ ائين ڇو بيٺو آھين؟“ ھن جو پيلو چھرو ڏسي فاروق گهٻرائجي ويو.
”بس طبيعت ٺيڪ نہ اٿم، ھلان ٿو. “ نعمان سڄو ڏڪي رھيو ھو.
” ڊاڪٽر ڏانھن ٿا ھلون. “فاروق ھن جو زرد چھرو ڏسي پريشان ٿي ويو.
”نہ نہ يار خير آھي. مان ھليو ويندس. “ ھو دروازي ڏانھن وڌيو تہ ٿيڙ آيس.
سندس حال ڏسي فاروق ھن جي ھڪ نہ ٻڌي. کيس ڊاڪٽر ڏانھن وٺي ويو. ڊاڪٽر بلڊ پريشر چيڪ ڪيو . اي سي جي ڪيائين، جيڪي نارمل ھيا. پر آڪسيجن ليول گهٽ ھيس، انڪري آڪسيجن ماسڪ لڳائي ڇڏيائون.
”يار اويس ڪا خطري واري ڳالھہ تہ نہ آھي نہ. “ فاروق پريشانيءَ مان پڇيو.
”ھا بھتر آھي. بلڊ پريشر، اي. سي. جي وغيرہ نارمل آھن . پريشان نہ ٿي. “
نعمان ڪجهہ بھتر ٿيو تہ ھن کي ھاسٽل ڇڏڻ نڪتو. ھن گاڏيءَ جي سيٽ سان مٿو ٽيڪي ڇڏيائين . مٿو زور سان ڦري رھيو ھيس. فاروق سھارو ڏيئي ڪمري تائين ڇڏڻ آيس. ھو ڪافي دير تائين بستري تي پيو رھيو . بت ۾ ساھ ئي ڪونہ ھيس. ان لمحي لاءِ سوچيندو رھيو. ھن جاڳ ۾ پنھنجي جسم کي ڇت تائين ويندي ڏٺو. شايد ملڪ الموت بابا جو روح قبض ڪرڻ آيو ھجي پر ڀل ۾ مان وڪڙ ۾ اچي ويومانس. بابا جي پلنگ تي جو ليٽيل ھيس. رب ٻاجهہ ڪندو. بابا فارق جو وڏو سھارو آھي.
ٻئي ڏينھن بينڪ ۾ پھرين تاريخ جي ڪري تمام گهڻي پيھ ھئي. ڪم ۾ مصروف ھئڻ جي باوجود ڪلھہ رات وارو منظر بار بار اکين آڏو ٿي ڦريس. نڙيءَ ۾ گهٽ ٿي محسوس ڪيائين . ساھن ۾ مونجهہ ۽ دل جي رفتار معمول کان وڌيڪ ھيس. ڪم بوجهہ پئي لڳس . جيڪر موڪل ڪيان ھان! جيئن تيئن شام جا پنج ٿيا ۽ ھو فاروق ڏانھن وڃڻ بدران ھاسٽل ڏانھن روانو ٿي ويو. ھن کي نہ اچي سگهڻ جو ميسج ڪري ڇڏيائين. ٽيڪسي، ھاسٽل آڏو بيٺي تہ ھن اکيون کوليون. ڪرايو ڏنو ۽ گيٽ ۽ ورانڊو پار ڪندي ڪمري تائين پھتو . ڪمري ۾ پھچي سڌو پاڻ کي بيڊ تي اڇلايائين. ننڊ جاڳ جي ڪيفيت ۾ رھيو. موبائيل جي رنگ وڳي تہ فون کنيائين ثمرين ھئي.
”مون ڪافي فون ڪيا پر فون بند ھئي، خير تہ آھي نعمان؟“ گهٻرايل آواز ھيس.
”مان ٺيڪ آھيان. “ ھن جهيڻي آواز ۾ چيو.
” توھان ڪجهہ لڪايو پيا. “
” نہ بلڪل نہ مان ٺيڪ آھيان. “
”ھي امان سان ڳالھاء. “
”ابا ٺيڪ تہ آھين ني؟“ امڙ جي آواز ۾ ڳڻتي ھئي.
ھڪ ڏينھن ڇڙو نہ ڳالھايو اٿم تہ ڪيڏا پريشان ٿيا آھن .
”مٺڙي امان مان ٺيڪ آھيان. پھرين تاريخن ۾ بينڪ جو ڪم وڌي ويندو آھي انڪري ٿڪ اٿم. “
مرڪ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيس جيڪا ساڻس ڳالھائڻ لاءِ ضد ڪري رھي ھئي.
”ھي ابا مرڪ سان ڳالھاء . “
”بابا، بابا ڪٿي آھيو“ ھوء سڪ مان پڇڻ لڳي.
” ھاسٽل ۾ آھيان، بابلا. “
”گهر اچو نہ بابا!“ لاڏ مان چوڻ لڳي تہ دل ۾ خوشي لھندي محسوس ڪيائين.
مرڪ سان ڳالھائيندي کيس محسوس ٿيو ڄڻ دماغ تان بوجهہ جهڪو ٿيڻ لڳو آھي. گهر وارن کي آٿت ڏيندي، ھن کين مطمئن ڪيو. ماني کائڻ لاءِ ميس وڃڻ تي دل نہ ٿي چويس. ڪپڙا بدلائي اچي بستري تي ستو. دروازي تي آواز ٿيو تہ ھن در کوليو. عمر بيٺو ھو جيڪو ڀرسان ڪمري ۾ رھي ٿو. ھن سان سٺي دعا سلام ھيس. کيس اندر اچڻ لاءِ چيائين .
”تون ميس ۾ ڊنر ڪرڻ نہ آئين؟“
”بس طبيعت ٺيڪ نہ اٿم. “
”منجهيل ٿو ڏسجين“
”ھا. “
”سبب؟“
پوءِ نعمان سڄي ڳالھہ ٻڌائيس ٿو.
”يار سائنس فڪشن فلمن جو اثر ٿي سگهي ٿو. “عمر چيو.
”شايد ائين ھجي پر مون کي محسوس ٿئي ٿو تہ مان موت کي ويجهو کان ڇھي آيو آھيان . مون تجربو ڪري ڏٺو تہ مربو ڪيئن آھي ۽ روح جسم مان ڪيئن نڪرندو آھي. “
”يار! تون ڀوائتيون ڳالھيون پيو ڪرين، مون کي رات جو ننڊ نہ ايندي. “ عمر کي اھڙين ڳالھين کان خوف محسوس ٿيندو ھو.
”تو پڇيو تہ مون دل جي ڳالھہ ٻڌائي، باقي اھو سچ آھي تہ ڪير ان ڳالھہ تي يقين ڪندو . پر اھو خواب نہ پر حقيقت آھي. “
”اھو خواب بہ ٿي سگهي ٿو. “ عمر ٻڏتر جي ڪيفيت ۾ چيو.
”شايد. “ ھو گھري سوچ ۾ ھو.
ياد آيس تہ خاندان ۾ ڪنھن جو آخري وقت ھوندو ھو تہ ڏاڏي کي خواب ۾ ڄاڻ ملندي ھئي. پر مون کي خبر نہ آھي تہ جاڳ ۾ ڪنھن جون ساڳيون محسوسات ٿي سگهن ٿيون. منھنجي خيال ۾ ٻہ ساڳئي تجربي وارا ماڻھو ئي ھڪ ٻئي جي ڳالھہ سمجهي سگهن ٿا. تون اھڙي ڪنھن ماڻھوء جي ڳولا ڪر. “عمر کيس صلاح ڏني.
نعمان کي عمر جي صلاح وڻي . ھو مخلص ھو ۽ صبر سان ڳالھہ ٻڌڻ جو حوصلو ھيس، انڪري ھو ھن سان دل جي ڳالھہ اوري سگهيو.
”مان اھو بار تو تي ٿو رکان تہ مون کي اھڙو ڪو شخص ڳولھي ڏي، جنھن سان مان دل جي اڻ تڻ بيان ڪري سگهان. “
”مان پوري ڪوشش ڪندس، تون فڪر نہ ڪر. “ عمر جي ڳالھين کيس حوصلو ڏنو.
عمر جي موجودگيءَ ۾ نعمان کي ننڊ جا ھڪ ٻہ جهوٽا آيا تہ ھو بہ موڪلائي پنھنجي ڪمري ڏانھن روانو ٿيو.
آفيس مان ٻاھر نڪتو تہ فاروق ھن جو انتظار ڪري رھيو ھو. ھو کيس وٺڻ آيو ھو. گاڏي ۾ ويٺو .
”ھاڻ طبيعت ڪيئن اٿئي؟“ فاروق پريشان ھو.
”بھتر آھيان، يار تون فڪر نہ ڪر. “
” پوء منجهيل ڇو آھين؟“ فاروق پڇيو .
پر ھن ڪو بہ جواب نہ ڏنو. ڇو تہ کيس خبر ھئي تہ اھا ڳالھہ فاروق کي ٻڌائڻ جو ڪو فائدو ڪونہ ھو . ھو انھن ڳالھين کي ڪو نہ مڃيندو ھو.
ان شام ھن جي بابا سان سٺي ڪچھري ٿي. پيرسن شخص آھي الائي ڪيترا ڏينھن جيئي. بابا جي وڃڻ کان پوءِ ٻئي ڪي گهڙيون خاموش ٿي ويا.
”بابا ڪمزور ٿو ڏسجي. “ ھن کي پنھنجي ڪيفيت ياد آئي.
”نہ بابا بلڪل ٺيڪ آھي . ھاڻ تہ سمورا ٽيسٽ ڪرايا آھن. “
” اڇا!“ کيس حيرت ٿي.
اڃان مان کاڌي ۾ بدپرھيزي ڪندو آھيان پر بابو تہ کاڌي پيتي جو گهڻو خيال رکندو آھي. “
جوان شخص کي ڪھڙو خطرو ٿي سگهي ٿو! ھن سوچيو. ڪاش! مان فاروق کي ٻڌائي سگهان تہ بابا ھاڻ ڪجهہ ڏينھن جو مھمان رھيو آھي. اھو سوچ سندس اکيون ڀرجي آيون . ڳوڙھا لڪائڻ لاءِ ھو باٿ روم ھليو آيو. اکين کي ڇنڊا ھڻي ٻاھر نڪتو.
پوءِ ھن فاروق جي گهر وڃڻ ڇڏيو . ھن کي چيائين تہ ھو رھڻ لاءِ فليٽ پيو ڳولي. کيس پنھنجي سوالن جي ڳولا ھئي. ھڪ ڏينھن ڪنھن جي ٻڌايل ايڊريس تي ھو مولوي وٽ ويو تہ ھن اثر ٻڌايو .
”ڪيتريون ئي شيطاني قوتون آھن، جيڪي انسان کي ڀٽڪائڻ لاء، ھن تي حملو ڪري ٿيون ڏين. سڀ کان وڏي نحوست واش رومز جو ڪمرن ۾ ھئڻ آھي. جنات، نجس جاين تي قبضو ڪندا آھن. توھان قرآن شريف جو ورد ڪيو . خاص طور تي آيت الڪرسي پڙھندا رھو. “ مولوي ھر منفي ڪيفيت کي آسيب ڪوٺيندا آھن. مولوي ان کان وڌيڪ معاملو سمجهڻ کان قاصر ٿي نظر آيو. کيس سخت مايوسي ٿي.
ڪنھن دوست شھر جي مشھور نفسياتي ڊاڪٽر جو ڏس ڏنس تہ ان ڏانھن ويو. ڊاڪٽر ڪافي سوال ڪيس ۽ ھو جواب ڏيندو رھيو.
ڊاڪٽر گھري سوچ ۾ ھو، پوء چيائين:
”توھان کي شيزوفيرينيا آھي، ان بيماريء ۾ ڏيکارا ايندا آھن. “
ھن کي محسوس ٿئي ٿو تہ ڪو ڳجهہ آھي، جيڪو ھر انسان جي سامھون ظاھر نہ ٿو ٿئي. ڪو اڻ ڏٺل پاڇو مستقل انسان جي خوشين جو پيڇو ڪندو رھي ٿو.
”توھان کي ھيليوسينيشن ٿئي ٿي . ان ڪيفيت ۾ وھم يا گمان حقيقت وانگر محسوس ٿيندو آھي، جيڪا ڳالھہ توھان سمجهو پيا اھا حقيقت نہ پر فينٽسي آھي. “
ڊاڪٽر ھن کي ڪافي دوائون لکي ڏنيون . ھو نسخو کڻي مايوس ٿيندي ٻاھر نڪتو. ڊاڪٽر ھن جي ڳالھہ سمجهي نہ سگهيو. سائنس زندگي جي ھر سوال جو جواب نہ ٿي ڏئي. ڊاڪٽر سائنس جو ماڻھو ھو ۽ ھن وٽ مشاھدي جي ڪابہ اھميت نہ ھئي ڇو جو مشاھدو ساڳيو نتيجو نہ ٿو ڏئي.
ھن کي ڊاڪٽر جي محدود سوچ تي افسوس ٿيو.
ھو سڌو سمنڊ ڏانھن ھليو آيو. سج لھڻ وارو ھو . سج ڪارن ڪڪرن جي پويان جرڪندي، خوبصورت لڳي رھيو ھو. شفق جي رنگ ۾ ڪو ڳجهہ لڪل ھو. سمنڊ پراسرار آھي. ھو ڪافي دير ساحل تي ھلندو رھيو . موت کي محسوس ڪري زندگيءَ جي اھميت جو اندازو ٿيو اٿس. ھو پاڻ سان پيش آيل ان واقعي کي پنھنجو وھم نہ ٿو سمجهي .
ھڪ ڏينھن بينڪ ۾ ڪم ڪندڙ سندس ڪوليگ کيس ھڪ اھڙي عالم وٽ وٺي ويو، جنھن کي باطني علمن جي ڄاڻ حاصل ھئي. نارٿ ناظم آباد جي ڳتيل آباديءَ ۾ گهٽين مان ٿيندا گهر تائين پھتا. ملازم در کوليو ۽ سندس راھنمائي ۾ ھو حافظ شفيق سلمان جي اوطاق ۾ داخل ٿيا . تعارف ۽ رسمي ڳالھين بعد ھو اصل مقصد بيان ڪرڻ لڳو.
”منھنجي خيال ۾ توھان کي اڳواٽ ان گهر تي نازل ٿيندڙ، ڪنھن مصيبت جي باري ۾ ڄاڻ ملي آھي. “ حافظ وراڻيو.
”ان کان اڳي مون اھڙو ڪوبہ تجربو ڪونہ ڪيو آھي ڇو تہ مان انھن معاملن تي يقين نہ ڪندو آھيان، نہ ئي مان ڪو نيڪ ۽ پرھيزگار انسان آھيان جو مون کي اڳواٽ الھام ٿئي. ھي پھريون دفعو مون سان اھڙو اتفاق ٿيو آھي، جنھن مون کي منجهائي وڌو آھي. مان جنھن تجربي مان گذريو آھيان، ان کي لفظن ۾ بيان نہ ٿو ڪري سگهان پر ايترو يقين اٿم تہ اھو ڪو خواب نہ ھو. “
حافظ سلمان سندس ڳالھہ ڌيان سان ٻڌي ۽ سوچن ۾ گم ٿي ويو.
”توھان جسم کان بالاتر ٿي اھو ڪجهہ محسوس ڪيو آھي. بلاشبہ غير محسوس دنيا اسان سان گڏ ھلي ٿي. اسان جي فاني جسم جي اندر ھڪ اھڙو جسم موجود آھي، جيڪو آبي بخارات کان وڌيڪ لطيف آھي. اھو ئي حقيقي وجود آھي. ننڊ ۾ اسان جو جسم، لطيف وجود مان نڪري وڃي ٿو. ٻئي جسم تعلق جي انوکي ڏور ۾ ٻڌل آھن. موت جي صورت اھو تعلق ڪٽجي ويندو آھي. “
”ان جو مطلب تہ منھنجو خواب سچو ثابت ٿيندو؟“
”ان جي باري ۾ ڪابہ اڳڪٿي نہ ٿي ڪري سگهجي، البتہ اھو توھان جي مشاھدي تي دارومدار رکي ٿو تہ ان ۾ خواب جو عنصر آھي يا اوھان جاڳ ۾ اھو تجربو ڪيو. “
”حافظ صاحب مون پوري ھوش ۽ حواس ۾ اھو سڀ ڪجهہ ڏٺو. “
نعمان کي ڪجهہ بہ سمجهہ ۾ نہ آيو تہ حافظ ڇا پيو چوي.
” ڪن ماڻھن کي ” پري ريڪگنيشن“ وسيلي اڳواٽ ايندڙ معاملن جي خبر پوندي آھي. “
”سائين اڃان وضاحت سان سمجهائيندا ڇو تہ اھو موضوع منھنجي لاءِ نئون آھي. “ ھن نماڻائيءَ سان چيو.
” منھنجو مطلب آھي تہ پيش بيني يا پيش آگاھي، جنھن ۾ اڳواٽ ايندڙ معاملن جي آگاھي ملي ٿي. شمس الدين عظيمي صاحب، پيرا سائڪولوجي تي وڏو ڪم ڪيو آھي. “
نعمان کي ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ آئي پر ايترو محسوس ٿيس تہ ڪيترا معاملا، انساني سوچ کان مٿانھان آھن. “
”جي حافظ صاحب مان اوھان جي ڳالھہ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھيان. “
”منھنجو خيال آھي تہ اھو وجداني تحرڪ ھو. وجدان جو مطلب سمجهہ جي مٿانھين منزل آھي، جنھن ۾ اڳواٽ ايندڙ معاملن جي خبر پوي ٿي. “
”توھان جو خيال آھي تہ منھنجي دوست جي گهر ڪا مصيبت اچڻي آھي. “
” نہ منھنجو اھو مطلب ھرگز نہ آھي، پر اڳتي ھلي خبر پوندي تہ سچ ڇا آھي. خالق ڪائنات پنھنجي ڪجهہ بندن کي خاص سمجهہ عطا ڪندو آھي، جيڪي زندگيءَ جي سچ کي پرکي سگهندا آھن. “
”حافظ صاحب مان پاڻ کي ان قابل نہ ٿو سمجهان. “ نعمان چيو.
”ڄاڻ ۽ پرک قدرتي ڏات آھن، جيڪي اندر جي سچائيءَ جو عڪس ٿين ٿيون. سمجهو تہ انساني ذھن ڪرشماتي تخليق آھي. ذھن انسان کي اڳواٽ ھوشيار ڪندو آھي. ھو بار بار ذھن جو در کڙڪائيندي، حقيقت بيان ڪندو آھي، پر انسان اندر جي آواز کي ٻڌڻ يا سمجهڻ کان قاصر آھي. “
نعمان کي ياد آيو تہ ھن کي ڪيترن موقعن تي اندران آواز آيو، جنھن کي ھن نظرانداز ڪري نقصان کنيو. ھن کي حافظ جي ڳالھين ۾ صداقت نظر آئي .
”مان اوھان کي مراقبي ڪرڻ لاء چوندس. اوھان ڪنھن بہ وقت پنج منٽ ڌيان سان ويھو ۽ ساھن جي مشق ڪندا رھو. “
”جي بھتر. “
نعمان کي حافظ جي ڳالھين مان ڪو اطمينان جوڳو جواب ڪونہ مليو . ھو مايوس نظر آيو. شايد ھن جيڪو ڪجهہ محسوس ڪيو ھو، اھو سوچ جو مغالطو ھوندو . مون کي ان واقعي کي خواب سمجهي وسارڻ گهرجي ان ۾ ئي منھنجو جو ڀلو آھي.
حافظ ڪوبہ ھديو نہ ورتو ھن بہ کيس خداحافظ چوندي پنھنجي راھ ورتي.
رات جو ھو پلنگ تي پاسا ورائيندي، مستقل ان مشاھدي جي باري ۾ سوچيندو رھيو. حافظ صاحب ٺيڪ پيو چوي تہ قدرت جي ڳجهہ ۾ ھٿ نہ وجهجي . مان ڇو پيو بار بار اھا ڳالھہ سوچيان . ھن ليمپ آن ڪري ڪتاب پڙھڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪتابن تي بہ سواليہ نشان ڦرڻ لڳا. ڊاڪٽر چوي پيو تہ مون کي ھيليوسينيشن ٿئي ٿي . مان فريب کي سچ سمجهڻ لڳو آھيان. مان وھم جي کاھيءَ ۾ ڪري رھيو آھيان. مغالطي کي حقيقت سمجهي رھيو آھيان.
صبح جو آفيس ۾ ھو تہ ڀاڄائي زرين جو روئڻھارڪو آواز ٻڌڻ ۾ آيس .
”ادا جلد پھچو فاروق کي دل جو دورو پيو آھي . اسان آغا خان اسپتال ۾ آھيون . “
اھو ٻڌي ذھن ۾ ڌماڪا ٿيڻ لڳس. ھو پنھنجا ڪم ڪار ڇڏي، ڊوڙندو اسپتال پھتو، جتي بابا کيس ڏسندي ڏانھنس وڌيو. ھن بابا کي ڀاڪر پاتو ۽ محسوس ڪيائين تہ ھو سڄو ڏڪي رھيو ھو. ڀاڀي زرين آيتن جو ورد ڪري رھي ھئي . ھن جا حوصلا خطا ٿي ويا . بابا کي آٿت ڏيڻ لڳو تہ ڪنھن گهڙيءَ ڀاڀي زرين کي دلجاء ٿي ڏنائين .
ڊاڪٽر ايمرجنسي روم مان ٻاھر نڪتو تہ ھو ڏانھس ڊوڙيا
”شڪر ادا ڪيو تہ مريض جي حالت خطري کان ٻاھر آھي پر ھن جي ساڄي ٻانھن۽ ٽنگ تي فالج جو ھلڪو اثر ٿيو آھي . “
اھو ٻڌي زرين اوڇنگار ڏني . بابا کي چڪر اچي ويو ھن کيس سھارو ڏيندي بينچ تي ويھاريو .
نعمان صدمي جي ڪيفيت ۾ خاموش بيٺو رھيو.

سفيد رنگ

ڪمري ۾ ھلڪي اونداھي ڦھليل ھئي. ليمپ جي روشنيءَ ۾ ثريا کي ننڊ نہ ايندي ھئي پر پٽ جي طبيعت خراب ھئڻ ڪري، ھوء پاسي واري صوفي تي اڪثر ليٽي پوي ٿي. شيراز کي مٿي ۾ سور رھڻ لڳو ھو. ھو پلنگ تي پاسا ورائي رھيو ھو ۽ دماغ ننڊاکڙو ھيس. دل جي رفتار وڌي چڪي ھئي. ھو ھڪ عجيب ڪيفيت ۾ ھو. سڄو پگهرجي ويو. ڪائنات جي دھشت آڏو بيٺو ھو. ڄڻ اونداھي ھن جي وجود کي ڪنھن عفريت جيان ڳڙڪائي ويندي. ھڪ سايو دريء جي ٻاھر ڊوڙندي محسوس ڪيائين، رڙ ڪري اٿيو.
” امان. . . !!!“سندس ماء صوفي تي ستل ھئي، رڙين تي جاڳ ٿيس.
”شيراز پٽ ڇاٿيو؟“ ھوء کيس جاڳائڻ لڳي.
”ھو . . ھو امان . . . “ ھو وڌيڪ ڪجهہ نہ چئي سگهيو.
”پٽ اھو ڪو خواب ھوندو، تون گهٻراء نہ مان تنھنجي ويجهو آھيان“
” امان مان پنھنجي وس ۾ نہ آھيان. “ ھو پاسو ورائي روئڻ لڳو.
ثريا ھن جي وارن ۾ ھٿ ڦيرڻ لڳي. ماءُ جي ويجهي ھئڻ جي احساس ۾ آٿت ھئي کيس ننڊ اچي وئي.
شيراز جا ٻہ ڀائر عليم، حسنين ۽ ڀيڻ ناھيد ميڊيڪل ۾ تعليم حاصل ڪري رھيا ھئا. والد پڻ ميڊيڪل آفيسر ھو. بلڪہ سندس خاندان ڊاڪٽرن سان ڀريو پيو ھو. ڊاڪٽر عارف ۽ سڄو گهر، شيراز جي خوف جو پس منظر سمجهڻ کان قاصر ھئا. اھو ھڪ اھڙو خاندان ھو، جتي ڪاميابيون، غيرمعمولي ذھانت ۽ دولت جي اھميت ھئي . ان خاندان ۾ حساسيت، ڪنھن خامي يا ڏڏپڻي جي ڪا گنجائش نہ ھئي.
وقت گذرڻ سان شيراز پڙھائيءَ ۾ بہ پوئتي رھجي ويو ھو. سڄو ڏينھن اڪيلو ۽ خاموش گذاريندو ھو. سندس والد، ھن سان ڳالھائيندي ڪو نہ ڪو طنز ڪري وٺندو ھو.
شاديءَ کان اڳي ثريا نجي اسڪول ۾ پڙھائيندي ھئي، انڪري ٻارن جي نفسيات جي باري ۾ ورڪشاپس ۾ ويندي رھندي ھئي. ھوء شيرازجي ذھني ڪيفيت سمجهندي، ساڻس نرميءَ سان پيش اچي ٿي. ھوء پاڻ ٻارن کي پڙھائيندي ھئي، انڪري سندس ٻار پڙھائيءَ ۾ غيرمعمولي ھئا سواء شيراز جي. جنھن جو ڌيان سائنس جي مضمون ڏانھن نہ ھو . ھو ڊرائنگ ۽ موسيقي ۾ دلچسپي وٺندو ھو، جيڪا ڳالھہ پڻس کي نہ ٿي وڻي. انٽر کان پوءِ شيراز کي زوري ميڊيڪل ۾ داخلا وٺڻي پئي.
ڪجهہ وقت گذريو پر پھرين ڏينھن ئي مردن جي ڪٽ وڍ واري ڪلاس ۾ بيھوش ٿي ويو. گهر پھتو تہ حالت خراب ھيس. بار بار غشي جا دورا پئجي رھيا ھيس. پھريون ڀيرو ڊاڪٽر صاحب سخت پريشان نظرآيو. پريشاني کان وڌيڪ شرمندگي محسوس ڪري رھيوھو. جيڪا ٿوري گهڻي اميد ھيس شيراز جي مستقبل لاءِ اھا بہ اڄ ختم ٿي وئي. ڊاڪٽر صاحب جا سمورا ٻار ذھين ۽ ڪامياب ھئا، جن تي فخر ڪندو ھو. ھو گهر، سرٽيفڪيٽ، گولڊ ميڊل ۽ شيلڊون کڻي ايندا ھئا . شيراز، کيس مٽن مائٽن ۽ دوستن جي نظرن ۾ شرمسار ڪري ڇڏيو ھو. ثريا کي حيرت ھئي تہ ھڪ ڊاڪٽر ھوندي بہ ھو پٽ جي ذھني حالت نہ پيو سمجهي!
پيءَ جي رويي شيراز کي سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو ھو. سندس حالت ڏينھون ڏينھن بگڙڻ لڳي ھئي. ثريا، شيراز کي سائيڪياٽرسٽ کي ڏيکارڻ جو فيصلو ڪيو. جڏھن ھن مڙس سان ڳالھہ ڪئي تہ ھو ڪاوڙجي ويو.
”شيراز کي ڪنھن نفسياتي ڊاڪٽر ڏانھن نہ وٺي وڃجانء مائٽن کي خبر پئي تہ جيئڻ حرام ڪري ڇڏيندا. “
”ٻار جي ذھني صحت کان وڌيڪ مائٽ آھن؟ ھر ڳالھہ ۾ مائٽن جو ذڪر ڪرڻ ضروري آھي ڇا؟ ھي ذھني بيماري بہ جسماني عارضي وانگر آھي، جنھن جو علاج ڪرائڻ ضروري ٿيو پوي. “
ثريا ضد ڪري بيھي رھي. نيٺ کيس شھر جي مشھور سائيڪياٽرسٽ ڊاڪٽر محسن ڪمال ڏانھن وٺي وئي. ڊاڪٽر ثريا کي ٻاھر وڃڻ لاءِ چيو تہ ھوء ٻاھر نڪري ويٽنگ روم ۾ وڃي ويٺي. دعائون ڪرڻ لڳي، خدا ڪري منھنجو ٻچڙو ٺيڪ ٿي وڃي، رب ٻاجهہ ڪر مون ھيڻيءَ جي حال تي، ، ،
اتي ڪيتريون مائرون ٻارن سان ويٺيون ھيون، جن جون عمريون ٻارھن کان ويھن سالن جون ھيون. ھنن معصومن ڪھڙا گناھ ڪيا ھوندا؟ ھي تہ معصوم آھن.
ياخدا ! ھي معصوم ٻار، وڏن جي عملن جي سزا پيا ڀوڳين. ھنن تي رحم فرما. ان اڻ تڻ ۾ ھئي تہ ڊاڪٽر کيس اندر گهرايو . شيراز سست قدمن سان ٻاھر آيو ۽ ھن جي ڀرسان اچي ويٺو. ھوء اندر ھلي آئي.
”ڪڏھن کان مريض جي اھا حالت آھي؟“ ڊاڪٽر سوال ڪيو.
”پنج سال ٿي ويا آھن“ جهيڻي لھجي ۾ وراڻيائين.
”پوءِ اڄ مريض کي وٺي آيا آھيو!“ ڊاڪٽر کي حيرت ٿي.
”منھنجي گهر واري ان مسئلي کي . اھميت نہ ڏني، ھو گهر۾ گهٽ رھندو ھو انڪري کيس اندازو نہ ٿيو“.
”حيرت آھي جڏھن تہ ھو پاڻ ڊاڪٽر آھي. “ڊاڪٽر افسوس مان چيو.
”اسان جي خاندان ۾ گريڊ، ڪاميابيون ۽ ذھين ٻار آھن، انڪري ذھني بيماريءَ ڏانھن سندن خيال نہ ويو. ھو پٽ جي حالت سمجهڻ جي بدران سندس ڀيٽ، خاندان جي ٻارن سان ڪرڻ لڳو. ناڪامي ھن لاءِ وڏي خامي آھي. انڪري منھنجو پٽ ڏينھون ڏينھن ذھني توڙي جسماني طور تي پوئتي ٿيندو ويو. “
”اھوئي سبب آھي تہ ذھني بيمارين ۾ واڌارو اچي رھيو آھي. “ڊاڪٽر افسوس منجهان چيو.
”ڊاڪٽر صاحب منھجو پٽ ٺيڪ تہ ٿي ويندو نہ؟“ ڳوڙھا ثريا جي ڳلن تي ڪرڻ لڳا.
”حوصلو رکو ڀيڻ، جيڪڏھن توھان تعاون ڪندا تہ ھو جلد ٺيڪ ٿي ويندو. “ ڊاڪٽر کيس آٿت ڏيندي چيو.
”ڇا توھان جي اندر ڪو خوف رھيو آھي. “ ڊاڪٽر سوال ڪيو.
”ھڪ ڀيري مان لفٽ ۾ ڦاسي پئي ھيس لائٽ وڃڻ جي ڪري ۽ پوءِ اھو خوف منھنجي اندر ۾ ويھي رھيو. ما. ن لفٽ ۾ سوار ٿي نہ سگهندي ھيس. “
” ڇا ان وقت اوھان کي پريگننسي ھئي؟“
” جي ڊاڪٽر صاحب ان وقت شيراز جي پيدائش ۾ ٻہ مھينا ھيا. “
” آء سي. “ ڊاڪٽر گھري سوچ ۾ ھو.
”ٻار تي ماءُ جي ڪيفيت، سوچ ۽ ڊپريشن جو گھرو اثر پوي ٿو. توھان جي پٽ کي ٿاناٽوفوبيا آھي، جيڪو اينگزائٽي جو ھڪ قسم آھي. اھڙي صورتحال ۾ اوھان کي مريض سان نرم رويو رکڻ گهرجي ۽ نہ ئي ھن کي زبردستي ڪو ڪم ڪرائڻ گهرجي. جيئن ڊاڪٽر صاحب فون تي ٻڌايو تہ ڊائيسيڪشن جي دوران ھن کي دورو پيو . انڪري منھنجي صلاح آھي تہ ھن کي ميڊيڪل بدران فائن آرٽس ۾ داخلا وٺي ڏيو. مان پاڻ بہ ڊاڪٽر عارف سان ڳالھائيندس. ھي دوائون لکي ٿيو ڏيان. ھي مريض کان پري رکجو ۽ پنھنجي ھٿن سان دوا ڏجوس“. ڊاڪٽر چيو.
”ڊاڪٽر صاحب، منھنجي پٽ کي ٺيڪ ڪري ڏيندا. “
”پنھنجي روين ۾ تبديلي آڻيندا تہ ضرور سٺا نتيجا ملندا. “ ڊاڪٽر اميد سان چيو . ھوء ڊاڪٽر پاران تجويز ڪيل دوائن جي پرچي وٺي ٻاھر نڪتي.
ثريا کي اندازو ٿي چڪو ھو تہ شيراز جي جياپي ۽ تندرستيءَ لاءِ کيس وڏي جدوجھد ڪرڻي پوندي. دنيا بدلجي چڪي آھي . ماڻھو روبوٽ بڻجي رھيا ھئا . ٻار گريڊن آڻڻ جي چڪر ۾ فطري زندگي کان پري ھئا ۽ سندس مڙس پڻ پيسي ڪمائڻ جي مشين بڻجي چڪو ھو. اھڙي حال ۾ فقظ ماءُ زندگيءَ جي بدصورتيءَ ۾ ڪو توازن پيدا ڪري سگهي ٿي.
دوائون شروع ڪرڻ کان پوءِ شيراز ستو پيو ھوندو ھو. مٿي کي ڦيري ۽ الٽيون ٿي پونديون ھيس. کاڌو نہ وڻندو ھيس. اھو حال ڏسي، ڊاڪٽر عارف بہ پٽ سان ڪجهہ وقت گذارڻ لڳو. شام جو اڳي ھو اڪيلو پنڌ ڪرڻ ويندو ھو . ھاڻ ثريا ۽ شيراز کي پڻ ساڻ وٺي وڃي ٿو .
شيراز سان گڏ ھلندي، ساڻس ڪچھري بہ ڪندو ھو. پھريون دفعو پٽ جي دلچسپين ۽ مسئلن کان آگاھ ٿيو ۽ اندازو ٿيس تہ جنھن پٽ کي سست، ڪاھل ۽ ڏڏ سڏيندو ھو، سو تخليقي ذھن رکندڙ منفرد ٻارنڪتو. جنھن وٽ تصور جي عجيب دنيا ھئي، ان دنيا کي ٻڌندي ڊاڪٽر عارف کي مزو ايندو ھو. ٿورو ھلي شيراز سھڪي پوندو ھو ۽ پپر جي وڻ ھيٺان رکيل بينچ تي ويھي رھندو ھو تہ ثريا گڏ ھلندي ھيس. ان وقت کيس اندازو ٿيندو ھو تہ ھو ثريا کان بہ پري ٿي ويو ھو.
افسوس ٿيندو ھيس تہ اسپتال ۽ ڪلينڪ جي مصروفيتن ۾ گهر۽ ٻارن کان ڪيترو پري ٿي ويو ھو. ٻار ننڍا ھئا تہ ھنن جو ننڍپڻ نہ محسوس ڪري سگهيو.
شيراز جي حالت بھتر ٿيڻ لڳي پر دوائن جي ڪري سندس طبيعت خراب رھڻ لڳي. آخرڪار ڊاڪٽر جي مشوري مطابق دوا جو ڊوز گهٽائيندي، دوا بند ڪرڻي پئي. پيءَ جي توجھ کان پوءِ ھو بھتر ٿيڻ لڳو پر موت ۽ اونداھيءَ جو خوف گهٽ ٿيڻ جي باوجود، مڪمل طور تي ختم نہ ٿي سگهيو ھو.
ھن فائن آرٽس ۾ داخلا ورتي ۽ مصروف ٿي ويو. شيراز کي دوائن جي ضرورت نہ رھي ھئي پر اڄ بہ اڇو رنگ ڏسي ھن جي تصور ۾ ڪفن اچي وڃي ٿو ۽ سندس ڪيفيت تبديل ٿيڻ لڳي ٿي. پر ٻاھر ھو پنھنجي ان خوف تي قابو پائڻ جو ڏانء سکي ويو ھو . ھن جا ڀيڻ ڀائر ڪامياب ڊاڪٽر بڻجي ويا ھيا. عليم آمريڪا ۾ ايف. آر. سي. ايس ڪرڻ کانپوءِ نيويارڪ جي اسپتال ۾ سرجن ھو . حسنين ڪراچي جي اسپتال ۾ پيڊياٽريشن طور ڪم ڪرڻ لڳو ھو . ڀيڻ ناھيد گائناڪالوجسٽ بڻجي وئي ھئي. ھنن جون شاديون ٿي ويون . شيراز بہ تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ فائن آرٽس ۾ ليڪچرار طور ڪم ڪري رھيو ھو .
ھو پنھنجي آفيس ۾ امتحان جي ڪاپين چيڪ ڪرڻ ۾ مگن ھو تہ بنفشہ اندر داخل ٿي. ان جي پويان سندس ٻيا ڪوليگ راحيل، رافع، عدينہ ۽ فرقان اندر آيا. ھنن جي ھٿ ۾ سامان ھو .
”ھيپي برٿ ڊي ٽو يو شيراز. “سڀني ھڪ آواز ٿي جنم ڏينھ جو گيت جهونگاريو تہ ھو صفا وائڙو ٿي ويو. زوري مرڪڻ جي ڪوشش ڪيائين پر مرڪي نہ سگهيو. ھن اڄ تائين پنھنجو جنم ڏينھن نہ ملھايو ھو. نہ گهر ۾ نہ دوستن سان پر اھو ڏينھن ھن لاءِ ھڪ بار ۽ بوجهہ ھو. نہ ھن کي دنيا ۾ اچڻ جي خوشي ھئي نہ ڪنھن جذبي کي محسوس ڪرڻ جو احساس ھيس.
” توھان جي سالگرھ کي سيليبريٽ ڪرڻ جو خيال منھنجو ھو. “ بنفشہ مرڪي چيو.
پر ھو خالي نظرن سان کين ڏسندو رھيو .
رافع ڪيڪ کولي ان تي ڇويھ ميڻ بتيون سينگاريون . راحيل پيپر پليٽس، ڇري، بسڪٽس ۽ پيٽيز پليٽن ۾ رکيا. بنفشہ ميڻ بتيون ٻاريون. ھن چاھيو تہ ڪمرو ڇڏي وڃي پر چاھڻ جي باوجود ٻاھر نہ نڪري سگهيو. پاڻ کي سنڀالي ورتائين . سڀني جي دل رکڻ لاءِ مرڪيو . ميڻ بتين کي وسائي ڪيڪ ڪٽڻ لڳو . تاڙين ۽ گيتن جي گونجار ۾ اڄ پھريون ڀيرو کيس زندگي محسوس ٿي.
” ھي تحفو منھنجي طرفان. “ بنشفہ پيڪٽ ھن ڏانھن وڌايو . شيراز پھريون ڀيرو بنشفہ جي گھرين ڪارين ۽ وشال اکين ۾ ڏٺو، جتي ھن لاءِ محبت جا ھزارين ڏيئا ٻري رھيا ھئا. ھن گفٽ ورتو ۽ ھوريان مرڪيو. سڀني دوستن کيس گفٽ ڏنا.
”مون زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو جنم ڏينھن ملھايو آھي. “ ھن جي اکين ۾ ھلڪي آلاڻ اڀري .
” اسان تہ ان ڏينھن جو انتظار ڪندا آھيون . “ بنفشہ چيو.
” ھا يار پارٽي شارٽي ۽ گفٽ وٺڻ جو پنھنجو الڳ لطف آھي. “ رافع مرڪي کيس ڏٺو.
شيراز جو مٿو ڦرڻ لڳو. ان ماحول کان گهٽ محسوس ڪرڻ لڳو. اوچتو ھو اٿيو ۽ ٻاھر تڪڙ ۾ ھليو ويو .
بنفشہ کي ھن جو ردعمل عجيب لڳو . سندس شخصيت جو اسرار وڌنڌي محسوس ڪيائين .
***
اھو حيرت ڀريو ڏينھن بہ گذري ويو . رات جو ھو بستري تي ليٽي ڏينھن جي پلن کي ياد ڪري رھيو ھو. ھن کي پنھنجي ھئڻ جو احساس ڏياريو ويو ھو. اھوئي ھن لاءِ ڏکوئيندڙ احساس ھو. ھن جي اندر جا سرمئي موسم ڊنل ۽ بي حسيءَ جي ڌنڌ ۾ لڙاٽيل ھئا. سندس گهڻو وقت خوف ۽ اڪيلائيءَ ۾ گذريو. ننڍپڻ ۾ ھو اسڪول ۾ بہ اڪيلو ۽ ٻارن کان الڳ رھيو . استادن بہ ھن جي اندر جي ويڳاڻائپ نہ محسوس ڪري سگهيا. ماءُ بہ ٻين ٻارن، مٽن مائٽن، مھمانداري ۽ ٻين خفن ۾ وڃايل رھي. ھن ڏانھن ڌيان ڪو نہ ويس . ھو اڪثر ننڊ مان رڙ ڪري اٿندو ھو تہ ڀاڪر پائي حوصلو ڏيندي ھيس ۽ ھو بہ سُڏڪندي سمھي رھندو ھو.
بنفشہ کان جيترو پري ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو ھو تہ ھوء پري ٿيڻ بجاء بھاني سان ھن جي ويجهو رھڻ جي ڪوشش ڪندي ھئي.
ھو پاسو ورائي سمھڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
***
شيراز جو ن پينٽنگز ملڪ ۾ پسند ڪيون وينديون ھيون. پر ھو پاڻ نہ ويندو ھو پر يونيورسٽيء پاران ويندڙ ٽيم سندس تصويرون کني ويندي ھئي. ٻاھرين ملڪن جي نمائشن ۾ بہ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندو ھو.
ھو آفيس ۾ ڪم ۾ مگن ھو تہ بنفشہ اندر داخل ٿي . کيس سفيد رنگ جو وڳو پھريل ھو. ھو سفيد رنگ ڏسي گهٻرائجي ويو. مٿي کي ھٿ ڏيئي ويھي رھيو. ساھ منجهڻ لڳو ھيس رنگ خزان جي پن جيان پيلو ٿي ويس.
”توھان ٺيڪ تہ آھيو شيراز؟“
”توھان پليز ھتان ھليا وڃو. “ ھو پريشانيءَ مان نرڙ مھٽڻ لڳو.
”شيراز!“ بنفشہ ھن جي ڀرسان آئي.
” مان چوان ٿو ھليا وڃو ھتان ھينئر جو ھينئ. “ شيراز رڙ ڪئي تہ بنفشہ کي پنھنجو وجود ڏڪندي محسوس ٿيو ۽ خوف منجهان ھن در ڏانھن ڊوڙ پاتي. شيراز جي اکين آڏو اوندھ ڇانئجي وئي. الائي ڪيئن منتشر حواس گڏ ڪري گهر ڏانھن نڪتو. ڊرائيور کيس سھارو ڏيندي اندر پھچايو. ماءُ پريشان بيٺي ھئي.
”امان!“ ھن ماءُ جي رئي جو پلئہ پڪڙيو، جيئن ھو ٻالڪپڻي ۾ پڪڙيندو ھو. ماء کيس ڪمري ۾ وٺي آئي. ھو وڏا ساھ کڻي رھيو ھو.
” ابا مان تھنجي ڀرسان آھيان. “ ماڻس سيرانديءَ کان ويھندي سندس مٿي تي ھٿ رکيو تہ شيراز جي چھري تي آٿت جي روشني وکري وئي.
”اوچتو مون کي ڇا ٿي ويو امان. ڪيتري وقت کانپوءِ مون تي شديد اٽيڪ ٿيو آھي. “ ھو سخت پريشان ھو . الائي بنفشہ ھن جي باري ۾ ڇا سوچيندي ھوندي.
” صحيح ٿي ويندين ابا رب کي ٻاجهہ پوندي“. پٽ جي حالت ڏسي ثريا جو ھيانء جهري پيو. رئي جي پلئہ سان لڙڪ اگهڻ لڳي.
سياري جي شروعات ھئي . ھو ٻن ڏينھن کانپوءِ آفيس آيو تہ بنفشہ خاموش لڳي. ھو آفيس مان نڪري ڪلاس وٺڻ وڃي رھيو ھو تہ بنفشہ خاموشي سان ھن جي ڀرسان نظرون جهڪائي گذري.
” مس بنفشہ!“
”جي. “ ويندي ھو مڙي کيس سواليہ نظرن سان تڪڻ لڳي. .
”مان پنھنجي رويي تي شرمسار آھيان. “
بنفشہ خاموش رھي. ھوا سرينھن، بيد مشڪ ۽ نم جي سرھاڻ جو ڇڻڪار ڪرڻ لڳي.
دراصل مان ھڪ سائيڪو پيشنٽ آھيان“. ھن مايوسيء مان چيو.
بنفشہ ڇرڪي ھن ڏانھن حيرت منجهان نھاريو.
”جي!“
”انڪري ڪڏھن منھنجا رويا عجيب ٿي ويندا آھن . “ ھن بيوسيءَ مان چيوتہ ھو بنفشہ کي تمام ٿڪل ۽ ھارايل انسان لڳو.
”اھو ٻڌي مون کي افسوس ٿيو. “ بنفشہ جي چھري تي ھمدردي لھي آئي.
ائين چئي ھو اڳتي وڌيو . بنفشہ کيس ويندي ڏسندي رھي.
***
اھا محبت جي ھڪ نئين دور جي شروعات ھئي . جڏھن جملن جي وقفن ۾ خاموش آٿت جهريل احساس جي ٻيھر تعمير ڪرڻ لڳي ٿي.
”مون کي ننڍپڻ کان موت کان ڊپ لڳندو ھو. سفيد رنگ مون کي موت جي ياد ڏياريندو ھو. اھو رنگ، نظر ايندي ئي مان ڏڪي ويندو ھيس. ھڪ عجيب خوف مون مون کي تنھا ڪري ڇڏيو . گهر وارا منھنجي ان ڪيفيت کي وقت تي نہ سمجهي سگهيا. “ درد جي پل صراط طئي ڪري آيو ھجي ڄڻ تہ .
”ھتي ذھني صحت کي اھميت نہ ٿي ڏني وڃي. “بنفشہ افسوس مان چيو.
” اسان جي خاندان ۾ ڪامياب ٻار آھن . انھن ذھين ٻارن ۾ ھڪ احساس محرومي منھنجي اندر پيدا ٿي وئي. والد ڳالھہ سمجهڻ بنا مون سان نفرت ڪرڻ لڳو. مٿان وري مون آرٽس جو شعبو کنيو، ويتر ئي مون کي رد ڪيو ويو. خوف سان گڏ، رد ٿيڻ جي ڏک مون کي اندران خالي ڪري وڌو. “
ھوخاموش ٿيو تہ اذيت جو احساس سندس چھري مان ليئا پائي رھيو ھو .
” توھان جو ڪو ويجهو دوست ضرور ھوندو؟“ بنفشہ پڇيو.
”ھي تمام تيز ڊوڙندڙ دنيا آھي، جنھن ۾ پوئتي رھجي ويندڙن لاءِ ڪير بہ نہ ٿو سوچي. “ ھن مايوسيءَ سان چيو.
” توھان ھڪ ڪامياب انسان آھيو. توھان کي ان انداز سان نہ سوچڻ گهرجي. “ بنفشہ کيس حوصلو ڏيندي چيو.
” منھنجا گهروارا مون تي کلندا رھيا . مون پيءَ جي اکين ۾ پاڻ لاءِ سدائين نفرت ڏٺي. “ ٿڪل لھجي ۾ شيراز اندر جو ڏک اوريو.
” پر توھان جي ماءُ تہ توھان سان محبت ڪندي آھي. ماءُ جي محبت مشروط نہ ھوندي آھي. “ بنفشہ کيس سوچ جو نئون دڳ ڏسيو.
”ھا ماءُ جي ڪري مان اڄ ھتي پھتو آھيان. “
ماءُ جو ذڪر ڪندي، سندس ويران اکين ۾ محبت جي روشني جرڪي پئي. نفسياتي عارضو، احساس ۽ سمجهہ تي وار ڪندو آھي ۽ مريض تخيل جي دنيا ۾ پاڻ کي اڪيلو سمجهڻ شروع ڪري ٿو. طرح طرح جا وسوسا ۽ انديشا ھن جي وجود تي قبضو ڪن ٿا.
”موت جي باري ۾ منھنجو ھڪ الڳ تصور آھي. مان موت کي حقيقي بنياد تي ڏسان ٿي، جيڪو يڪسانيت کي ٽوڙي ٿو. موت نہ ھجي تہ احساس ۽ ھمدردي بہ ختم ٿي وڃي. “
مان سمجهان ٿو تہ تصوير جو ٻيو رخ بہ ھوندو آھي پر الائي ڇو مون تي موت جو ڊپ حاوي ٿي ويو آھي. “
” توھان فرانسسڪو گويا جون پينٽگز ڏٺيون آھن؟“بنشفہ پچيو.
”جي“. شيراز وراڻيو.
”گويا جون تصويرون ھن جي ذاتي تڪليفن جي شاھدي ڏين ٿيون. ساڳي ريت پينٽر ايڊورڊ منچ جي پينٽنگ ”رڙ“ سندس ذاتي خوف جي عڪاسي ڪري ٿي. “ بنفشہ چيو.
”ھون. “ شيراز گھري سوچ ۾ ھو.
” توھان خوف وگهي رڙيون ڪيون آھن؟“ بنفشہ پڇيس.
”نہ. “
”ان جو مطلب تہ توھان پنھنجي خوف کي دٻايو آھي. “بنفشہ جواب ڏنو.
”شايد اھا رڙ منھنجي نڙيءَ ۾ ڦاسي پئي آھي. “ شيراز بيوسيءَ مان چيو.
بنفشہ وڌيڪ ڪجهہ نہ چئي سگهي. وڌيڪ ان موضوع تي بحث ڪرڻ اجايو ھو. ھڪ نفسياتي عارضي ۾ مبتلا شخص دوا سان ياوري اعتبار وسيلي ٺيڪ ٿي سگهي ٿو.
سندس والد جي طبيعت خراب رھڻ لڳي . ثريا ڪمري ۾ کير کڻي آئي تہ ھو گھري سوچ ۾ گم ھو.
ڪجهہ وقت اڳي سندس ڀيڻ نفيس اشارن ۾ پنھنجي ڌيءَ لاءِ ڳالھہ ڪئي ھئي . سونيا سٺي ڇوڪري آھي . تون شيراز سان ڳالھائي ان باري ۾ .
اھو ٻڌي ثريا خوش ٿي ڄڻ تہ سندس من جي مراد پوري ٿي ھجي.
ان ئي رات اھا ڳالھہ ڪرڻ شيراز جي ڪمري ۾ ھلي آئي. ماءُ کي ڏسي اٿي ويٺو.
”پٽ وقت اچي ويو آھي تہ تون پنھنجي زندگيءَ لاءِ سوچ ڪر“.
”ڇا ٿيو آھي امڙ منھنجي زندگيءَ کي ٺيڪ تہ گذري پئي“.
پٽ ڊاڪٽر صاحب جي طبيعت خراب رھڻ لڳي آھي . ھو جيئري تنھنجي مٿي تي موڙ ڏسڻ ٿو گهري ابا. “
”نہ امڙ مان شادي نہ ڪندس. مان نہ ٿو چاھيان تہ منھنجا ٻار بہ مون جيان ذھني مريض بڻجن. “ لھجي ۾ اداسي ھيس.
اھو ٻڌي ثريا کي اندر ۾ وڍ پئجي ويو.
” نہ پٽ ايئن نہ چئو رب ٻاجهہ ڪندو . “
”امان ٻارن ڪھڙو ڏوھ ڪيو، جو ھو وڏن کان ورثي ۾ مليل، جسماني ۽ ذھني بيمارين وگهي سڄي ڄمار لوڙيندا رھن. “
”اسان جي خاندان ۾ ڪنھن کي بہ ذھني عارضو نہ ھو پٽ. “
”امان ذھني عارضو ڪنھن وقت بہ پيدا ٿي سگهي ٿو. “
ثريا اھو ٻڌي گھري سوچ ۾ گم ٿي وئي. ھونئن تہ ھوء ذھني طور تي ٺيڪ ھئي پر جڏھن شيراز پيٽ ۾ ھو تہ ھوء گائناڪولوجسٽ ڏانھن وڃڻ لاءِ لفٽ ۾ چڙھي، جيڪا لائٽ وڃڻ جي ڪري بيھي رھي. ان مھل سندس ساھ منجهڻ لڳو ۽ ھن رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون . ڊاڪٽر عارف سندس ھٿ جهليو پر ھوء ان وقت سامت ۾ آئي جڏھن لفٽ ھلڻ لڳي . اھو منٽ ھن تي سڄي ڄمار لاءِ حاوي ٿي ويو. اھو خوف ٻار جي پيدائش جي ٻن سالن تائين رھيو. شايد شيراز سچ ٿو چوي پر ماءُ جي دل تہ اولاد جو گهر آباد ڏسڻ گهري ٿي.
زندگيءَ جون ڪي حقيقتون تڪليف ڏيندڙ ھونديون آھن پر اميد جي سھاري انسان ان اونداھيءَ مان نڪري سگهي ٿو.
سياري جي خاموش برسات وسي رھي ھئي . ھو آفيس جي دريءَ مان گلن ۽ وڻن تي برسات پوندي ڏسي رھيو ھو. ڪلاس وٺي ڪوريڊور مان اندر آيو تہ ٻاھرين ماحول جي سرھاڻ زندگي بخش لڳي. اھو احساس ھن ان کان اڳي نہ محسوس ڪيو ھو ڇو تہ ھو سدائين ماحول کان ڪٽيل رھيو. ماحول کان ڪٽجي رھڻ بہ وڏي سزا آھي. بنفشہ جي محبت ھن جي اندر جي بي جان موسمن ۾ اميدن جا ڏيئا ٻاريا ھئا، جنھن جي ڪري ھو موسمن کي محسوس ڪرڻ لڳو . محبت ئي موسمن کي محسوس ڪرڻ جي سگهہ عطا ڪندي آھي. پر اندرجي خوف ھن کي پوئتي ھٽڻ تي مجبور ڪيو. ھو ھر لمحي بنفشہ کي پاڻ کان پري ڪندو رھيو. ھڪ غير محسوس ڇڪتاڻ ھئي ٻنھي جي وچ ۾ .
قدمن جو آواز ٻڌي موٽيو بنفشہ ھٿ ۾ ڪافي جو ٿرماس جهلي اندر داخل ٿي. واڱڻائي رنگ جي وڳي ۾ ھن جو حسن ننڊاکڙو محسوس ڪيائين.
”برسات ۾ ڪافي ۽ سينڊوچ موسم جو لطف وڌائي ڇڏيندا آھن. “
ھو پنھنجي آفيس چيئر تي ويٺو ۽ ٿورو مرڪيو .
آخر ڪيستائين بنفشہ جي دل ڏکوئيندو . حالانڪہ ھو پنھنجي موقف تي مظبوطيءَ سان قائم ھو پر ھن پنھجي رويي ۾ لچڪ پيدا ڪري ڇڏي ھئي.
”ھا ائين تہ آھي. “ ھو مرڪيو ۽ بنفشہ کي محسوس ٿيو تہ ھزارين جگنو جرڪي پيا ھجن. اڄ حوصلو ڪري ھوء شيراز جي آفيس ھلي آئي ھئي.
ھو ھوريان ھوريان ڪافي جو ڍڪ ڀريندي ھو فن جي باري ۾ ڳالھائيندا رھيا.
برسات تيز ۽ ڪڏھن جهڪي وسندي رھي. ساڳي ڪيفيت بنفشہ جي اندر ۾ ھئي.
محبت ڇڪتاڻ جو سبب بڻجندي آھي . اھا آرام واري حالت مان ٻاھر نڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي. انڪري گهڻا ماڻھو جلد آڻ نہ مڃيندا آھن. آڻ مڃڻ ڏکيو مرحلو آھي، جنھن لاءِ من مارڻو پوي ٿو. ھن کي محسوس ٿيو تہ محبت ڄڻ ڪا سلطنت ھجي، جيڪا خوف تي حملو ڪري ان تي ڇانئجي ويندي . خوف ھڪ ڪمفرٽ زون آھي. جنھن مان نڪرڻ لاءِ وڏي جدوجھد ڪرڻي پوي ٿي. خوف، وھم ۽ وسوسا محبت جا اصلي دشمن آھن.
ھن لاءِ محبت، ھڪ اجنبي مھمان وانگر آھي، جنھن سان مانوس ٿيڻ ۾ وقت لڳندو آھي. اجنبي چھرو يا گهٽي کيس منجهائيندا آھن، انڪري ھو نہ تہ اڻڄاتل ماڻھن سان ملندو آھي نہ ئي نامعلوم جڳھين ڏانھن سفر ڪرڻ کيس پسند آھي.
رات جو ستو تہ ساڳيو دورو پوڻ لڳس. اول محسوس ڪيائين تہ قبر ۾ پيو آھي. اونداھيءَ ۾ جسم جي ڳرڻ جو عمل محسوس ڪيائين. آلي زمين، قبر جي گهٽ ۽ ٻوسٽ ۾ بي حال ٿي ويو . ھيڏي ھوڏي بستري تي ڦٿڪندي رڙ ڪري اٿيو، جسم ۾ ساھ ئي نہ ھجيس . اکيون کوليندي پاڻ کي خوفناڪ قبر بدران، نرم بستري تي آرام واري ڪمري ۾ جيئرو ڏسي سک جو ساھ کنيائين. دل تيز تيز ڌڙڪي رھي ھيس. تڙ تڪڙ ۾ ڀرسان رکيل گلاس کڻڻ جي ڪوشش ڪيائين تہ گلاس ڪري پيو تہ ماڻس ڊوڙندي آئي، جيڪا ڀر واري ڪمري ۾ در کولي ستي پئي ھئي . سڄو ڌيان پٽ ڏانھن ھيس .
”ڇاٿيو ابا خير تہ آھي نہ . ”
ھڪدم سان گلاس ۾ پاڻي اوتي کڻي آئي، جيڪو ھو ھڪ ساھيءَ ۾ پي ويو.
”امان ساڳيو قبر وارو خواب ھو“ھو اڃان بہ خوفزدہ ھو.
شيشي جا پرزا ميڙي ھوء واپس آئي تہ شيراز وھاڻي تو مٿو رکي سوچ ۾ گم ھو.
”امان ! “
”جي پٽ . “
”بابا ڪيئن آھي؟“
”ٺيڪ آھي پٽ. “
” امان مان ھاڻ بھتر محسوس ڪري رھيو آھيان . توھان بہ آرام ڪريو. “
” مان صوفي تي سمھي رھان ٿي. “
”نہ امان پليز پنھنجي ڪمري ۾ آرام ڪريو. “
شيراز جي زور ڀرڻ تي ڪمري ۾ ھلي آئي. ھڪ پاسي شيراز جي اھا حالت تہ ٻئي پاسي مڙس بيمار .
ٻئي ڏينھن ھو يونورسٽي ويو تہ آفيس ٽيبل تي گلدستو نظر آيس. پٽيوالي يوسف کان معلوم ڪيائين تہ ھن لاعلميءَ جو اظھار ڪيو.
گلن کي ڏسي ھن کي پنھنجي اداسي دور ٿيندي محسوس ٿي. ڪمري ۾ گلن جي خوشبوء ھن جي بي حس احساس کي تازگي بخشي ڇڏي.
ھو ڪلاس وٺي ٻاھر نڪتو تہ رستي ۾ بنفشہ چيو:
” مون کي توھان سان ضروري ڳالھائڻو آھي. “
”آفيس ۾ اچو. “
” نہ ٻاھرالمنظر تي شام جو ملون ٿا. “
”ٻاھر!“ ھن بنفشہ جي بي باڪي تي حيران ٿيندي چيو.
”پليز انڪار نہ ڪجو. “
ھو سوچ ۾ پئجي ويو.
” ڀلا ڪنھن ڪيفي ٽيريا ۾ . “
”ٺيڪ آھي. “
”ٿينڪ يو. “ ھوءَ مرڪي تہ شيراز کي لڳو ھزارين گل ٽڙي پيا ھجن.
شام جو ڪيفي ٽيريا جي ھڪ ڪنڊ ڪافي جو ڍڪ ڀريندي بنفشہ چيو:
”مما منھنجا شادي لاءِ فڪرمند آھي . ھن مون کان منھنجي پسند پڇي آھي. “
”ھون. “ ھو گھري سوچ ۾ ھو.
”مون مما کي پنھنجي پسند کان آگاھ ڪيو آھي. “
”تمام سٺو. “
”ٻڌايو مون ڪنھن جو نالو کنيو؟“
ھو منجهي پيو تہ آخر ھوء ڇو اھو سڀ ڪجهہ کس ٻڌائي رھي آھي.
”ان شخص کي اوھان بہ سڃاڻو ٿا، ان لاءِ توھان جي راء معلوم ڪرڻ ٿي چاھيان. “
”ڇا توھان حارث جي ڳالھہ پيا ڪيو؟“
”نہ“
ھو نالا کڻندو رھيو ۽ ھوء انڪار ڪندي رھي.
”شيراز منھنجي زندگيءَ ۾ اوھان کانسواءِ ٻيو ڪير نہ آھي. “
”ڇا!. “ ھن حيرت مان رڙ ڪئي.
”منھجي ڪا سھيلي نہ آھي ۽ نہ ئي مان ڪنھن ڪوليگ سان اھا ڳالھہ ڪري ٿي سگهيس پوءِ مون سوچيو پنھنجي زندگيءَ جو اھم مسئلو مون کي پاڻ طئي ڪرڻ گهرجي، “
” مان ھڪ اڌورو انسان آھيان . “ شيراز اداسيءَ سان چيو.
” مان ان اڌوري انسان کي مڪمل ڪرڻ چاھيان ٿي. “
” مان ھڪ نفسياتي مريض آھيان ۽ مان نہ ٿو چاھيان تہ منھنجا ٻار بہ نفسياتي مريض بڻجن. “
”ھون. “ بنفشہ ٿڌو ساھ ڀريو.
” اھو بہ نہ ٿو چاھيان تہ مان ڪنھن تي بوجهہ بڻجي جيئان. “
”اڌورو پڻو شيئر ڪري سگهجي ٿو. “ بنفشہ جو اکيون ميز ۾ کتل ھيون.
ھو خاموش ھو. بنفشہ کي محسوس ٿيو ڄڻ ھوا جا ساھ بہ بيھي رھيا ھجن.
”ٻارن کان بغير بہ زندگي گذري سگهي ٿي. “ بنفشہ جي اکين ۾ آلاڻ ھئي.
”مون کي افسوس آھي مس بنفشہ مان . . . . “ ھن جملو اڌ ۾ ڇڏيو ۽ اداس ٿي ويو.
”مان تنھنجو انتظار ڪندس“. بنفشہ جي اکين ۾ يقين جي روشني جرڪندي محسوس ڪيائين.
رات جو ھن کي ننڊ نہ آئي . پاسا ورائيندي کيس محسوس ٿيو تہ ھو بہ بنفشہ کي چاھي ٿو. خبر نہ آھي تہ ڪيئن ھوء سندس زندگيء جو اھم حصو بڻجي وئي. پر ھو شادي نہ ڪرڻ واري موقف تي سختيء سان قائم ھو.
سندس والد جي طبيعت ڪافي عرصي کان خراب ھئي. ان دوران ھن پيءَ جي تمام گهڻي خدمت ڪئي . شام جو روز ھو والدين کي پارڪ وٺي ويندو ھو. گهر ۾ بہ پيءَ سان وڌيڪ وقت گذارڻ لڳو. ڊاڪٽر عارف جا ٻيا ٻار پروفيشنل زندگيءَ ۾ ايترا مصروف ھئا جو، والد لاءِ وقت نہ ڪڍي سگهيا. ھو شيراز کي نظرانداز ڪرڻ لاءِ شرمسار ھو پر ھو زبان سان چئي نہ سگهيو. والد جو ڀرم ۽ رک رکاء پٽن کي اڪيلو ڪري ٿو ڇڏي.
والد جي طبيعت وقت سان گڏ خراب ٿيندي ئي. ھڪ ڏينھن ماءُ کيس فون ڪئي،
”پٽ جلدي اچ عارف کي الاءِ ڇا پيو ٿئي. “
ھو ڊوڙندو گهر پھتو، والد جي اڀ ساھي ڏسي گهٻرائجي ويو. ڊوڙندا اسپتال پھتا. والد کي ايمرجنسي روم ۾ وٺي ويا پر کيس بچائي نہ سگهيا.
گهر ۾ ڪھرام پتل ھو . ثريا کي غشيءَ جا دورا پئجي رھيا ھئا. پري اوري جا مٽ مائٽ اچي پھتا.
”بابا!“ ھڪ رڙ نڪتي ھن جي وات مان ۽ پيءَ جي بي جان جسم کي چنبڙي ويو.
پھريون دفعو کيس موت کان خوف نہ محسوس ٿيو!

ٻٽو معيار

شام جا ڇھ ٿيا ھئا. ثانيہ سندس انتظار ڪندي ھوندي. فائيل ھڪ پاسي رکندي، فرقان سوچيو. ميٽنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ فرقان جي ڪوليگ ۽ دوست ثقلين سندس مذاق اڏائيندي چيو تہ:
”يار ھاڻ تہ اسان جون زالون بہ گهر ۾ ڪم ڪار ۾ ھٿ ونڊائڻ لاءِ ضد پيون ڪن . “
”اڇا ! اھو وري ڪئين ؟“آصف پڇيو.
”فرقان کان پڇي ڏس. “ ثقلين طنزيہ انداز ۾ مرڪندي چيو.
”ھا فرقان يار ٻڌاء ڇا ڳالھہ آ؟“ احد مرڪي پڇيو.
”بس مڙئي يار گهر ۾ ٿورو گهڻو زال سان ڪم ۾ ھٿ ونڊائيندو آھيان . “ فرقان ٿڌو ساھ ڀريو .
”معني تہ زال جو مڄو آن!“
”ايئن ئي سمجهہ. “ فرقان مرڪي وراڻيو.
سڀني ٽھڪ ڏنو .
ثقلين ھن جو پاڙيسري ھو ۽ ٻنھي گهرن ۾ اچڻ وڃڻ جو رستو ھو . خاندان وارا بہ ھن تي چٿرون ڪندا ھئا. سندس زال گهر جا سمورا ڪم ڪار ڪري وٺندي ھئي پر کيس اٽو ڳوھڻ ڪونہ ايندو ھو . سندس ماء کي سنڌن جي سور جي تڪليف ھئي، انڪري ڪافي وقت کان گهر جو ڪم ڪار ڪانہ ڪندي ھئي. اڳي ھوء ماني پچائيندي ھئي پر وقت گذرڻ سان جڏھن تڪليف وڌيس تہ ان ڪم مان ھٿ ڪڍي وئي.
ثانيہ جيئن اٽي ڳوھڻ جي ڪوشش ڪندي ھئي تہ اٽو سندس آڱرين ۾ ٿڦجي ويندو ھو ۽ کيس اچي ڇڪون ورائينديون ھيون. اھا حالت ڏسي فرقان اٽو ڳوھيندو ھو يا وري ڊبل روٽي ۽ چانور متبادل طور ڪتب آندا ويندا ھئا. ثانيہ ماني پچائي وٺندي ھئي. ھنن کي باورچي يا ٻاھر جي ماني کائڻ جي عادت نہ ھئي.
سندن خاندان ۾سدائين کان گهر جون عورتون رڌو پڪو ڪنديون ھيون . باقي ٻئي ڪم ڪار لاءِ نوڪرياڻي رکندا ھئا. ثانيہ شادي ڪري آئي تہ گهر ڀريل ھو . بيمار سس جي خدمت ۽ ٽن نڻاڻن ۽ ھڪ ڏير جي شاديءَ تائين سڄو گهر سنڀاليائين. ننڍڙن ٽن ٻارن سان ساھرن جو گهر سنڀالڻ ڪو آسان ڪم ڪونھي پر فرقان ھر قدم تي ھن سان گڏ بيٺو. فرقان کي ھن جي سچائيءَ جو احساس ھو.
شام ٿي تہ ھو گهر لاءِ نڪتو. سگنل آن ٿيو تہ ھن گاڏيءَ جي اسپيڊ وڌائي. سندس ارينج ميرج ھئي . ھن شاديءَ کان اڳي ثانيہ کي نہ ڏٺو ھو. البتہ ماءُ کان سندس تعريف ٻڌي ھئائين. ھوء شادي ڪري آئي تہ گهر ڀاتين سان رلي ملي وئي .
ثانيہ کي اٽي ڳوھڻ کان وحشت ٿيندي ھئي. ڪن عورتن کي ٿانوڌوئڻ کان نفرت ٿيندي آھي تہ ڪي ڪپڙن ڌوئڻ کان لھرائينديون آھن. ڪي تہ مورڳو رڌڻي کان خوف کائينديون آھن . شادي کان پوءِ ڪنوار کي گهر جي ذميوارين سان بيمار سس ۽ سھرو بہ خدمت ڪرڻ لاءِ ملندا آھن . ان سان گڏ ڏاج ۾ سس ۽ نڻاڻن جي ٻيائي پڻ . پر ھتي سس، سھرو، ڏير ۽ نڻاڻون سٺا ھيا پر ڪم وڌيڪ ھو. ان ڳالھہ جو احساس فرقان کي شروع کان ھو تہ ھوء سندس ذميواريون ونڊي رھي آھي. ھوء ڪا نوڪرياڻي نہ بلڪہ گهرڌياڻي آھي. ھن جي عزت، مان مرتبو مٿانھون آھي. جيئن ماءُ جي عزت ھن تي فرض آھي، بلڪل اھڙيءَ طرح زال کي خوش رکڻ ۽ مسندس عزت ڪرڻ ھن جي اخلاقي ذميواري آھن . ان سوچ تي خاندان توڙي دوست ھن کي مذاق جو نشانو بڻائيندا ھئا.
گهر ۾ داخل ٿيو تہ ثانيہ مرڪندي کيس ڀليڪار چيو. ثانيہ جي مرڪ ۾ گھري شانتي ھئي.
پر مسئلو ساڳيو رھيو. زاھدہ، جيئن فرقان جي شادي ڪئي تہ ڪم ڪار گهٽائي ڇڏيا، جنھن جي ڪري وزن وڌڻ سان گڏ سنڌن جي سور ۾ بہ اضافو ٿي ويس. ثانيہ ڪم واريءَ مائي کان ماني پچرائڻ جي ڪوشش ڪئي تہ گهر ۾ فساد کڙو ٿي ويو . آخر ڪار اھا ذميواري فرقان کنئي . جڏھن ھو آفيس جي ڪم سان شھر کان ٻاھر ھوندو ھو تہ ھوء لڪ ۾ ڪم واري مائيءَ کان اٽو ڳوھرائي ماني پچائيندي ھئي.
ثانيہ جي نڻاڻ شھر ۾ رھندي ھئي . ان کي ٻار ڄمندو ھو تہ سندس سس زاھدہ ضرورت پوڻ تي اٽو ڳوھي ماني پچائيندي ھئي. ڌيءَ جي ٻارڙن کي پئي کارائيندي ھئي پر جڏھن ثانيہ سان ساڳيو مسئلو ٿيندو ھو تہ ھر ڪم مان ھٿ ڪڍائي، سنڌن جي سور جو بھانو ڪري وڃي ڪمري ۾ سمھي پوندي ھئي. فرقان کي ماءُ جي ٻيائيءَ جو اندازو ھو پر ماءُ تہ ماءُ آھي . ماءُ جي دل جي ڳالھہ آھي، انڪري کيس مجبور نہ ٿو ڪري سگهجي. پر ھن کي ڏک ٿيندو ھو تہ ماءُ، ھن جي زال سان فرق ڪري ٿي، جيڪا ھن جي زندگيءَ جو اھم حصو آھي.
فرقان صبح جو آفيس لاءِ نڪرڻ کان اڳي، اٽو ڳوھي فرج ۾ رکي ڇڏيندو ھو . ان ڳوھيل اٽي مان ثانيہ نيرن جون مانيون پچائيندي ھئي . رومان ۽ رافع ستين اٺين ڪلاس ۾ تہ ڌيءَ روميسہ نائين ڪلاس ۾ھئي. صبح جو وقت ڏکيو ھو . تڙ تڪڙ ۾ ڪم کي اڪلائيندي ھئي، متان ٻارن جي وين نہ نڪري وڃي. ڪم پورو ڪندي ھئي تہ ٿانون ۽ صفائيءَ واري مائي اچي نڪرندي ھئي. ان جي وڃڻ کانپوءِ ڪپڙن ڌوئڻ ۽ استري ڪرڻ واري مائي اچي نڪرندي ھئي. جنھن کان زاھدہ مٿي جي تہ ڪڏھن ھٿ جي مالش ڪرائيندي ھئي . اڪثر ڪپڙا رھجي ويندا ھيس ڌوئڻ کان. پر ھن ڪڏھن بہ منھن نہ گهنجايو.
پر سسڻنھس کي اھو ڏک ضرور ھيس تہ ھن جو پٽ اٽو ٿو ڳوھي. ھوڏانھن وري آفيس ۾ فرقان کي دوست مذاق جو نشانو بڻائيندا ھئا.
ثقلين آفيس ۾ ھن جو ڪوليگ ۽ فليٽ ۾ پاڙيسري ھو. ھن کي ثقلين ئي پنھنجي پلازہ ۾ فليٽ وٺي ڏنو ھو. ٻئي سٺا دوست پڻ ھئا پر فرقان کي ھن جا ڪي دوست پسند نہ ھئا، جيڪي گهرن کان ٻاھر وقت گذاريندا ھئا ۽ سندن عادتون اڻ وڻندڙ ھيون. ھڪ ٻہ تہ آفيس جا ڪوليگ ھئا. فرقان جو خيال ھو تہ آفيس ۾ گڏ ڪم ڪندڙ کي ڪوليگ ئي رھڻ ڏجي. پر اڄڪلھہ ڪوليگ ۽ دوست اوپرا يا دشمن ٿي پوندا آھن . دوست جو ڪم دل رنجائڻ يا مذاق اڏائڻ نہ آھي. جيئن اڪثر ھو محسوس ڪري ٿو تہ ثقلين ٻين جي سامھون کيس زال جو مڄو سڏي چيڙائيندو آھي. اھو رشتو مقدس ٿئي ٿو، جنھن تي ٽوڪون ڪرڻ سطحي سوچ کي ظاھر ڪري ٿو. انڪري اھڙن ماڻھن جا گهر تباھ ۽ ٻار ذھني مريض بڻجي رھيا آھن. ثقلين جي گهر ۾ ھر وقت جهيڙو متل ھوندو آھي. تھذيب سٺي زال ۽ ماءُ آھي پر جڏھن ثقلين گهر۽ ٻارن کي نظر انداز ڪندو تہ زال ڇو نہ وڙھندي. ھو فون بند ڪري ڇڏيندو آھي تہ ھوء فون ڪري ثقلين لاءِ نياپو ڏيندي آھي. ھن ڪيئي ڀيرا ثقلين کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي تہ ھو گهر کي نظر انداز نہ ڪري پر ابتو سبتو جواب ڏيئي ھو ڳالھہ بدلائي ڇڏيندو ھو.
فرقان کي حيرت ٿيندي ھئي تہ مرداڻو سماج ڪنھن پاسي وڃي رھيو آھي. گهر جھڙو اھم يونٽ وکرندو پيو وڃي. مردن جي پنھنجي يوٽوپيا آھي. جنھن ۾ ھو فراريت پسندي وگهي ھرطرح جي برائيءَ ۾ وڪوڙجي ويا آھن . سڄو ڏينھن ياري دوستي نڀائڻ جي چڪر ۾ ٻاھرين دنيا کي آباد ڪيو ويٺا آھن. گهرن ۾ ويجها رشتا پيا سندن واٽ نھارين.
ھو گهر جي ڪم ڪار ۾ ماءُ جو ۽ ھاڻ زال جو ھٿ ونڊائي ٿو. ان ۾ ڪھڙي برائي آھي، جيڪڏھن اسان گهرن جو ڪم ڪيون ٿا. عورتون بہ تہ نوڪري ڪري مردن جو اڌ بار ونڊين ٿيون. مٿان گهر، ٻارن ۽ مٽن مائٽن جو بہ الڳ خيال رکن ٿيون . دوستن ۽ مائٽن جي تنقيدي روين ھن کي نراش ڪري وڌو.
ڪمري ۾ آيو تہ ثانيہ ڪنجهي رھي ھئي. ھن مٿي تي ھٿ رکيو تہ ھن جو مٿو گرم ھو.
”ثانيہ تو کي تيز بخار آھي. “ ھو پريشان ٿي ويو.
” بخار لھي ويندو توھان فڪر نہ ڪريو. “ ھن جهيڻِي آواز ۾چيو.
” ھل اٿي تہ ڊاڪٽر ڏانھن ٿا ھلون“ فرقان چيو.
” مون فون تي ادي حسنہ کان دوا ورتي آھي . ھن چيو تہ پيناڊول وٺي ڇڏ“
”ڪڏھن کان بخار اٿئي ؟“
” ٻہ ڏينھن ٿيا آھن. “
”پوءِ بہ ڪم پئي ڪرين. “
”معمولي بخار آھي توھان پريشان نہ ٿيو سڀاڻي تائين ٺيڪ ٿي ويندس . “
ھو ثانيہ جي مٿي تي زور ڏيڻ لڳو .
”پليز توھان سمھي رھو ٿڪل ھوندا . “
”ثانيہ تون پنھجو خيال نہ ٿي رکين. رڳو ڪمن ڪارين ۾ پاڻ وساري ويٺي آھين. تون ھن گهر جي سونھن آھين . منھنجي ۽ ٻارن لاءِ ڇانورو آھين . ھاڻ ڪجهہ ٿيئي تہ اول مون کي ٻڌائجانء پر ٻيلي لڪائجانء نہ. “
” پوءِ گهر جو ڪم ڪير ڪندو؟“
” اسان سڀ ملي ڪنداسين. “ فرقان پيار سان چيو.
”توھان پاڻ آفيس مان ٿڪجي اچو ٿا، سو مان توھان کي ڪم ڪرڻ ڪيئن ڏيندس . ٻار بہ پنھنجي پڙھائيءَ ۾ مصروف رھن ٿا . “
” ھاڻ اسان سڀ تنھنجو ملي ھٿ ونڊائينداسين “ فرقان مرڪندي چيو.
” گهر جو ڪم مون لاءِ بوجهہ نہ آھي فرقان. “
” بھرحال تون ڪجهہ ڏينھن ڪو بہ ڪم نہ ڪندينء . “
” ٺيڪ آھي . “ ثانيہ آڻ مڃي ورتي.
ٻئي ڏينھن ھن موڪل ڪئي . ٻارن کي تيار ڪري موڪليائين . ماءُ کي نيرن ڪرائي ثانيہ لاءِ پارج تيارڪري کڻي آيو. شام تائين ثانيہ پاڻ کي بھتر محسوس ڪيو . چانھن کڻي آئي تہ فرقان ٽي وي پئي ڏٺي. ھوء پاڻ بہ صوفي تي ويٺي .
”گهر جو ڪم ڏکيو آھي آفيس جي ڪم جي ڀيٽ ۾ . “
”اڇا!“ ثانيہ ٽھڪ ڏنو.
”توھان کي ھر وقت نظرداري ڪرڻي پوي ٿي . ھر ھڪ شيءَ جو ڌيان رکڻ مشڪل ڪم آھي ثانيہ. “
”مان وري ڪھڙو سڄو ڪم ڪندي آھيان . بس کاڌو پچائيندي آھيان. “
”گرميءَ ۾ ماني پچائڻ ڪو آسان ڪم ڪونھي ثانيہ. “
”آفيس جو ڪم ڪھڙو سولو آھي. “
ثانيہ پنھنجي ڳالھہ تي تہ فرقان پنھنجي موقف تي قائم رھيو. فون جي رنگ وڳي تہ ھو فون تي ڳالھائڻ ۾ مصروف ٿي ويو ۽ ھو ڪپ کڻي ڪچن ۾ ھلي آئي. شام جو ھوء ٻارن کي پڙھائيندي ھئي . ٻار ھوم ورڪ ختم ڪندا ھئا تہ رڌڻي ۾ رات جي ماني پچائڻ شروع ڪندي ھئي . ھر ٻار جي الڳ فرمائش مطابق کاڌو تيار ڪرڻو پوندو ھيس . سس جو پرھيزي کاڌو الڳ ٺاھيندي ھئي. ٻاھر جو سيڌو سامان، حساب ڪتاب ۽ ٻيا روز جا ننڍا وڏا ڪم . . .
ھوء گهر ۾ سڄو ڏينھن خبردار رھي ٿي . ھر ڀاتيءَ ڏانھن پورو ڌيان ھوندو اٿس. اھو ھنر فرقان وٽ نہ آھي .
ٻئي ڏينھن آفيس پھتو تہ ثقلين اچي ورايس .
. يار! تو اسان کي عذاب ۾ وجهي ڇڏيو آھي . ڳالھہ ڳالھہ تي زال تنھنجا مثال ٿي ڏئي . “
”پوءِ گهرن تي ڌيان ڏيو ۽ زالن جي ڳالھہ ٻڌو . “ فرقان وراڻيو.
”زن مريد ٿيڻ ھر ڪنھن جي وس جي ڳالھہ ڪٿي. “ ثقلين کي خار لڳي.
” گهر ھڪ مظبوط ٿنڀ آھي. ڪمزور گهرن مان اخلاقي طور تي ڪمزور فرد پيدا ٿيندا آھن. “ فرقان چيو.
اھا ڳالھہ ٻڌي ثقلين خاموش ٿي ويو ڇو تہ ھو بہ ھڪ ڪمزور گهر جي پيداوار ھو . سندس پيءَ بہ دوستي ياريءَ جي ڪن ۾ ڦاٿل ھو . گهرجي معاملن کي نظرانداز ڪرڻ جي ڪري ڪيئي مسئلا وڌي وڻ ٿيا. ثقلين ھڪ ٿڌو ساھ ڀريو.
وقت گذرڻ سان گڏ سماج جا طور طريقا تبديل ٿي رھيا آھن. گهر جو نظام وکري چڪو آھي. رشتن ۾ بہ بي ايماني ڪاھي پئي آھي. دوست ڀلي پيا مذاق اڏائين، جن روين تي روئڻ گهرجي ان تي پيا کلن، حيف اٿن!
ثانيہ جي سالگرھ ٻئي ڏينھن ھئي. اھو سوچي ھو ھڪ شاپنگ مال آيو. مھانگي برانڊ جي ڪپڙن جي وڏي دوڪان تي آيو. فون جي رنگ وڳي تہ ھن فون کنئي.
”مان مسز ثقلين ٿي ڳالھايان. ادا منھنجي پٽ کي بخار آھي. مان ثقلين جو انتظار پئي ڪيان. ڪو ضرري فون آيو ھيس انڪري تڪڙو نڪري ويو. سندس موبائيل بند پئي ملي. اوھان چئوس تہ جلدي گهر پھچي. “
”ٺيڪ آھي مان ڪال ڪيانس ٿو. “
اھڙو ڪھڙو ضروري ڪم ھيس جو ٻار کي ڊاڪٽر ڏانھن وٺي وڃڻ بدران ٻاھر نڪري ويو. سامھون ھڪ اجنبي عورت سان ثقلين کي ايندي ڏٺائين . عورت جي ھٿ ۾ ڳرا شاپرز ھئا. ثقلين ھن کي ڏسي گهٻرائجي ويو.
ھو ڏانھنس ڊوڙيو.
”يار! گهر وڃ ڪڪي کي بخار اٿئي ڀاڀي فون ڪئي ھاڻ مون کي. “
”ڇا! تون شادي شدہ آھين !“ ڇوڪري رڙ ڪئي.
عجيب صورتحال ھئي. ثقلين جون اکيون کيس خاموش رھڻ لاء وينتي ڪري رھيون ھيون.
”ٽي ٻار بہ اٿس. “ فرقان ڏند ڪرٽيندي چيو.
ڇوڪري ڪاوڙ ۾ ثقلين ڏانھن ڏٺو ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽور جي در ڏانھن ڀڳي.
”سحرش! پليز منھنجي ڳالھہ تہ ٻڌ“ ھو بہ پٺيان ڊوڙيو پر ھوء تيزيءَ سان اسٽور مان نڪري غائب وئي. ثقلين مڙي ڪاوڙ مان فرقان کي ڏٺو، جنھن جي چھري تي طنزيہ مرڪ ڦھيل ھئي!

ٻار کي سمجھي سگھون ھا!

نفسياتي مونجهارن جي اسپتال ۾ پنھنجي واريءَ جو انتظار ڪندڙ حمنہ چوڌاري نظر ڦيرائي، جتي ٻارڙن ۽ نوجوانن جو تعداد نمايان ھو. پنھنجي اندر ۾ڏک جي گھري لھر اٿندي محسوس ڪيائين . اسان ۽ پويان بيٺل نسلن دنيا کي رھڻ جي قابل ئي نہ ڇڏيو آھي. ڪيميائي صنعتن ۽ ھٿيارن سڀ ڪجهہ تباھ ڪري ڇڏيو آھي. ھن جهوليءَ ۾ مٿو رکي ستل تيرھن سالن جي پٽ فرحان کي ڏٺو، جنھن جو چھرو پيلو نظر آيس. ھيانء ۾ وڍ پئجي ويس.
آخر سندن وارو آيو ھوء اٿي ۽ فرحان کي ساڻ ڪري سائيڪولوجسٽ شلپا ستيش جي آفيس ۾ داخل ٿي . ٻئي ھڪ ٻئي کي ڏسي اٿي بيٺيون.
”شلپا تون!“ حمنہ رڙ ڪئي.
” حمنہ تون ھتي؟. “ شلپا حيرت منجهان چيو.
شلپا اٿي ويجهو آئي ۽ ٻئي ھڪ ٻئي جي ڀاڪر ۾ سمائجي ويون . حمنہ خوشي ۽ غم جي ڪيفيتن ۾ روئي پئي.
” مون سوچيو بہ نہ ھو تہ ڪا ايئن ملاقات ٿيندي. “ حمنہ اڃان بي يقينيءَ واري ڪيفيت ۾ ھئي .
”ھا ڪاليج ڇڏڻ کانپوءِ اسان جو پاڻ ۾ رابطو گهٽ رھيو. “ شلپا چيو.
”ميڊيڪل مڪمل ڪندي جيئن جاب ملي تہ شادي ٿي وئي. “
”ڪھڙي ھاسپيٽل ۾ آھين ؟“
”مان نوڪري ڇڏي چڪي آھيان. “
”اوہ، آءِ ايم ساري. “ شلپا افسوس مان چيو.
”اٽ از آل رائيٽ. “
”اچ ويھ ۽ ٻڌاء ڪيئن اچڻ ٿيو. “ ھن کي وٺي ڀر وارن صوفن تي حمنہ کي ويھاريندي چيائين.
”ھي فرحان منھنجو پٽ آھي. “
”ھيلو ينگ مين . “ شلپا ٻار کي کيڪاريو پر ھن ڪو بہ ريسپانس نہ ڏنو.
”ھن کي ڊپريشن آھي. “ حمنہ اداسيءَ مان چيو.
”اھو ٻڌي افسوس ٿيو. “
ان کانپوءِ شلپا پنھنجي ڪرسي تي ويٺي ۽ فرحان کان ڪجهہ سوال پڇڻ لڳي.
بيل وڄائڻ تي اسسٽنٽ اندر آئي.
” صدف، ٻار کي پاڻ سان گڏ ٻاھر وٺي وڃو مان سڏ ڪيانس ٿي. “
پر فرحان ٻاھر نہ وڃڻ ٿي وڃڻ چاھيو.
”مان ڇڏي اچانس ٿي. “حمنہ چيو.
ھوءَ فرحان کي ڀر واري ڪمري ۾ وٺي آئي، جتي اسسٽنٽ ٽي وي آن ڪيو تہ فرحان صوفي تي ويھي رھيو.
ھوء واپس شلپا جي آفيس ۾ داخل ٿي .
”توکي گهڻا ٻار آھن؟“
”ٻہ پٽ ۽ ھڪ ڌيءَ آھي. فرحان سڀني کان ننڍو آھي. “
”تنھنجو مڙس ڇا ڪندو آھي؟“
”منھنجو مڙس بزنس مين آھي، ھو اڪثر ملڪ کان ٻاھر ھوندو آھي. “
”حمنہ ھتي ٻارن جو ٻالڪپڻو زوري کسيو وڃي ٿو. خاص طور تي گريڊز جي چڪر ۾ ٻار ڏاڍو سفر ڪن ٿا. والدين ان ڳالھہ کان اڻڄاڻ آھن تہ ڪابہ ڳالھہ ٻار تي مڙھڻ بدران کين قائل ڪجي. ٻار ڏيکاء جو ذريعو بڻاياويا آھن. ھنن جي راند روند جو خاص خيال رکڻ گهرجي، ۽ والدين جو وقت ڏيڻ تمام ضروري آھي. منھنجي خيال ۾ ٻار جڏھن سٺن اسڪولن ۾ پڙھن ٿا تہ کين ٽيوشن تي موڪلڻ جي ڪھڙي ضرورت آھي؟
”ھتي والدين ننڍپڻ کان ئي ٻار کي ذھين۽ فلسفي بڻائڻ گهرن ٿا. اھوئي موضوع ھوندو اٿن تہ ٻار پوزيشن پيو کڻي. ھي ڏسو ڪيترا سرٽيفڪيٽ، شيلڊون ۽ انعام مليا اٿس. “
”تو نوڪري پاڻ ڇڏي يا ڇڏرائي وئي. “
”ڇڏرائي وئي . “ حمنہ افسوس مان چيو.
”ھون“ شلپا ڪجهہ سوچي ڪنڌ ڌوڻيو.
”فرحان ستن سالن جو ھو تہ مون جاب ڇڏي. “
”جهيڙا ٿيا ھوندا پوءِ . “
”ھا ڪجهہ عرصو مان ڪاوڙيل رھيس پر پوءِ نارمل ٿي ويس. “
”جاب ڇڏڻ جو سبب؟“
”سس سھرو بيمار ھئا، ٻارن جي پڙھائي ۽ گهر کي مون کي ڏسڻو پوي پيو. نوڪرن ڪي مسئلا ڪيا انڪري سليم جو خيال ھو تہ پيسي جو ڪو مسئلو ڪونھي، انڪري نوڪري ڪرڻ ضروري نہ آھي. “
”فرحان جو ڇا مسئلو آھي؟“
”حساس ٻار آھي، شروعاتي دور ۾ اسڪول ۾ مسئلا ٿيا. منھنجو مڙس سدائين ڪاميابين ۽ گريڊز جي ڳالھہ ڪندو آھي . فرحان ڪلاس ٽو ۾ ھو تہ نمبر گهٽ آيس پوءِ ٽيچر جي شڪايت ڪري آيو . بعد ۾ اھا ٽيچر فرحان کي اسڪول تنگ ڪرڻ لڳي . ڪن مروڙي چوندي ھيس تہ دل لڳاء پڙھ نہ تہ منھنجي نوڪري ھلي ويندي. ان ڏاڍو ھيسايس. جڏھن ڪلاس ٿري ۾ آيو ۽ ان ٽيچر جي بدلي ٿي تہ پوءِ ٻڌائڻ لڳو. ان دوران کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنائين. راند ۾دلچسپي گهٽ ٿي ويس. ٽيوشن تي وڃڻ نہ چاھيندو ھو سليم زوريءَ ٽيوشن تي موڪليس. “
”اوہ ! پوور چائلڊ!“ شلپا افسوس سان چپ ڀڪوڙي ڪنڌ ڌوڻيو.
”پڙھڻ ۽ اسڪول وڃڻ سان ڪا دلچسپي نہ اٿس. “ حمنہ مايوسيءَ مان چيو.
”اھي والدين ۽ استادن جا رويا آھن، جيڪي ٻارن تي پڙھائي مڙھين ٿا. ٻار عمر سان گڏ سکي ٿو وقت کان اڳي ھن تي بوجهہ نہ وجهڻ گهرجي. “ شلپا وراڻيو.
”سليم، فرحان جو اسڪول تبديل ڪرڻ چاھي ٿو. “
”توھان اھا غلطي بلڪل نہ ڪجو. ٻار سخت پريشان ٿيندو. “
ھوء ٻاھر نڪتي جتي فرحان پريشان ويٺو ھو . حمنہ سمجهائي اندر وٺي آيس ۽ ٻاھر نڪري وئي . فرحان جو سيشن ڪلاڪ ھليو . تمام وقت بيچين رھي. پاسا ورائيندي رھي. شلپا سڏرايس تہ ڊوڙندي ڪمري ۾ پھتي. جتي فرحان ھيسل ويٺو ھو .
”فرحان تمام ذھين ٻار آھي . “ شلپا مرڪي فرحان ڏانھن نھاريو تہ ھو بہ مرڪيو.
”امي آنٽي کي بہ ٽام اينڊ جيري ڪارٽون وڻندا آھن. “ فرحان مرڪي چيو.
”اڇا! مون کي بہ وڻندا آھن . “
”آئندہ مان توھان جي ھسبينڊ سان سيشن ڪندس. “
”پر ھو مشڪل اچي سگهندو. “
” مان والدين سان ضرور ڳالھہ ٻولهہ ڪندي آھيان . والدين ٻار جي مسئلن سان رليٽيڊ آھن . انڪري مان ھنن کي گهرائيندي آھيان. ٻار فقط ماءُ جي ذميواري نہ آھي بلڪہ والد جو فرض ٿئي ٿو تہ ھو ٻار جي ذھني ۽ جسماني واڌ ويجهہ ۾ پنھنجو مڪمل ڪردار نڀائي. “
”مان پوري ڪوشش ڪندس شلپا. “ حمنہ زوري مرڪ چپن تي آڻيندي چيو.
گهر واپس موٽي تہ پاڻ کي بھتر محسوس ڪيائين . اميد نہ ھيس تہ ڪو ڪاليج جي دور جي سھيلي ائين ملي پوندي. انڪري بہ پرسڪون ھئي تہ شلپا ھن جو مسئلو سمجهي ۽ حل ڪري سگهي ثي.
اسان ٻارن کي ٻار سمجهڻ ڇڏي ڏنو آھي . اسان کين پنھنجي خوابن جو مرڪز سمجهون پيا . اسان اھو ڄاڻڻ نہ ٿا چاھيون تہ ٻار ڇا ٿا ڇاھين. اسڪول کان پوءِ ٽيوشن پڙھندڙ ٻارن کي اسان مشين بڻائي ڇڏيو آھي. اسان اھو ٿا چاھيون تہ ھو ھر وقت ڪتاب کڻي پڙھندي نظر اچن. نہ تفريح ھجي نہ ئي کين باغن، دريائن ۽ ساوڪ جي ويجهو وٺي وڃون.
سليم بزنس ٽور تان واپس وريو تہ ھن کيس سموري ڳالھہ ٻڌائي، جنھن کي ٻڌي ھو ڪاوڙيو.
”حمنہ ھو ننڍو ٻار آھي ھن جو نفسياتي ماھرن کي ڏيکارڻ جو ڪھڙو ضرور آھي؟“
”ھو اسڪول وڃڻ نہ ٿو چاھي نہ ڪنھن ڳالھہ ۾ دلچسي رھي اٿس، انڪري اسڪول جي ھيڊ مسٽريس چيو تہ ڪائونسلنگ ڪرايوس. “
”ميڊم فائزہ جي پنھنجي بہ ڪا ذميداري ھئڻ گهرجي تہ ھوء ڏسي تہ آخر ٻار ڇو اسڪول نہ ٿو وڃڻ چاھي. “
”ٻار اسان جو آھي انڪري اسان کي حل ڳولھڻ گهرجي. “
”حمنہ تون بس فرحان کي ٻئي اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڇو تہ ھي اسڪول مون کي ٺيڪ نہ ٿو لڳي . اسان ھنن کي ھڪ نارمل ٻار ڏنو ھو پر ڇا حالت ڪئي اٿن ٻارجي . “
”ٺيڪ آھي، اسڪول بہ بدلائينداسين پر اڄ شلپا کان وقت ورتو اٿم شام ستين بجي ھلڻو آھي. ”
”ٺيڪ آھي. “ سليم وراڻيو .
ڪلينڪ تي پھتا تہ اڄ وڌيڪ مريض ھئا. ڪلاڪ دير سان سندن سيشن شروع ٿيو. سليم اندر داخل ٿيو.
شلپا مختلف سوالن کانپوء چيو:
”توھان جي ٻار کي توھان جي وڏيڪ ضرورت آھي . توھان ھن سان وقت گذاريو . ٻاھر وٺي وڃو . اسڪول جي باري ۾ پڇو جيئن ھن ۾ پنھنجي ڳالھہ اظھارڻ جي عادت پوي. “
”منھنجو ڪم اھڙو آھي جو مان گهڻي ڀاڱي ملڪ کان ٻاھر رھان ٿو. “
”ڏسو توھان جي غير موجودگي ۾ حمنہ توھان جي والدين جي ذميداري کڻي ٿي . ٽي ٻار سنڀالي ٿي . گهر جا ھزارين مسئلا ٿين ٿا . ھن کي بہ سھاري جي ضرورت آھي . “
”ائين ڪرڻ سان منھنجو بزنس سخت متاثر ٿيندو . مان اھا جدوجھد پنھنجي ٻارن جي بھتر مستقبل لاءِ تہ ڪيان پيو. “
”مادي ضرورتون ٻار جون جذباتي گهرجون نہ ٿيون پوري ڪري سگهن، “ شلپا چيو.
”اڄڪلھہ پيسو ئي سڀ ڪجهہ آھي. “
”پيسي سان نہ خوشي خريد ڪري سگهجي ٿي نہ ئي صحت . ٻارن کي والدين جي ساٿ جي ضررت پوي ٿي. “
”فرحان پڙھائي ۾ پوئتي ھليو ويوآھي. سدائين فرسٽ ايندو ھو ھاڻ سيڪنڊ پيو اچي . “
اھو ٻڌي شلپا کي افسوس ٿيو.
”مان سمجهي سگهان ٿي تہ توھان جون ٻار سان گهڻيون توقعات آھن. “
”مون پنھنجي ٻارن کي دنيا جي ھر آسائش ڏني آھي . امپورٽيڊ ڪپڙا، رانديڪا ۽ ھر اھا شيءَ جنھن جو ھر ٻار خواب ڏسي ٿو. “
” توھان ھر شيءَ ٻارن کي ڏني آھي سٺي ڳالھہ آھي . مان توھان کي ايپريشئيٽ ڪيان ٿي. پر توھان پنھنجي ٻار کي وقت ڏيو. ھن سان راند کيڏو . ھن کي پنھنجي ڪم ڪار جي باري ۾ ٻڌايو، ھن سان ڪي ڪھاڻيون شيئر ڪيو، جيئن ھو توھان جي غيرموجودگيءَ کي محسوس نہ ڪري . “
”مان پوري ڪوشش ڪندس. “ سليم مرڪيو.
واپس آيا تہ ھن محسوس ڪيو تہ سليم کي ڄڻ ڪو فرق نہ پيو
”ٻار جي ذھن ۾ ذھني بيماريءَ جو خيال گهر ڪري نہ وڃي. “
ھن ڪو جواب نہ ڏنو خاموش رھي ڇو تہ فائدو نہ ھو بحث ڪرڻ جو.
”فرحان جو اسڪول تبديل ٿيندو تہ ھو ٺيڪ ٿي ويندو. “
”سليم صاحب خدا جي واسطي اھو خيال بہ ذھن ۾ نہ آڻجو. “ ھوء خاموش نہ رھي سگهي .
سليم خاموش ٿي ويو.
ھاڻ ھوء فرحان سان ڪڏھن ڪيرم تہ ڪڏھن ڪا ٻي راند کيڏي ٿي، کيس آکاڻيون ٻڌائي ٿو . ھو دلچسپيء سان ھن جي ڳالھہ ٻڌي ٿو. ھو بھتري ڏانھن وڃي رھيو آھي .
فرحان جو مڊ ٽرم جو رزلٽ آيو تہ ھو ھڪ سبجيڪٽ ۾ فيل ھو. پوءِ تہ سليم ڏاڍو ڪاوڙيو.
”پليز فرحان کي ڪجهہ نہ چئجو. ٻارن جي زندگيءَ ۾ اھي لاھا چاڙھا پيا ايندا آھن . “
”پوءِ ھن کي ڇڏي ڏيون تہ پيو فيل ٿئي . “
فرحان ٺيڪ ٿي ويندو مڊ ٽرم آھي مان کيس پاڻ پڙھائنديس اميد اٿم تہ امتحان ۾ سٺن نمبرن سان پاس ٿي ويندو. “
ھن جي سمجهائڻ جي ڪري سليم خاموش ٿي ويو پر ٻئي ڏينھن آيو منھن لٿس ھوس .
”سٺي اسڪول ۾ فرحان جو داخلا ڪرائي آيو آھيان . نمبر گهٽ ھيس پرنسپال جواب ڏيئي ڇڏيو پر سفارش ڪرائي داخلا ڪرائي اٿم. “
ھوء اھا ڳالھہ ٻڌي پنڊ پھڻ ٿي وئي .
”ھي توھان ڇا ڪيو ھو ڪيئن ھڪ نئين ماحول ۾ ايڊجسٽ ڪندو، اڃان ھن جي طبيعت بہ بھتر نہ ٿي آھي. “
”ماحول جي تبديلي ٻارن لاءِ ضروري ٿئي ٿي. ڏسجانء ھو امپروو ڪندو. “
فرحان جو اسڪول تبديل ٿيو تہ ھو پريشان ٿي ويو. روز صبح جو ضد ڪرڻ لڳو تہ ھو اسڪول نہ ويندو.
”مما اتي منھنجا دوست نہ آھن . “
”نوان دوست ٺھي ويندا پٽ. “
”ڇوڪرا مون کي چيڙائين ٿا. مس گهڻا سوال ڪري ٿي ھو مون کي سٽوپڊ سڏي ٿي . مان اسڪول نہ ويندس. . . “
فرحان وڌيڪ خاموش ٿي ويو . ماني گهٽ کائڻ لڳو . ڪنھن شيءَ ۾ دلچسپي نہ رھي ھيس.
ھڪ ڏينھن ڊرائيور اسڪول مان حمنہ کي فون ڪئي تہ فرحان اسڪول ۾ موجود ڪونھي. . اھو ٻڌي حمنہ روئڻ لڳي . سليم حواس باختہ ٿي ويو . ٻئي زال مڙس جلدي اسڪول پھتا . سڄو اسڪول ڳوليائون پر ڪٿي بہ فرحان جو ڪو ڏس پتو نہ مليو.
” مون توھان کي چيو ھو نہ تہ فرحان جو اسڪول نہ تبديل ڪريو. “
” پليز حمنہ ھي وقت انھن ڳالھين جو نہ آھي. “
حمنہ سڏڪا ڀري روئي رھي ھئي.
سليم ڊرائيور کي ان ايريا ۾ فرحان کي ڳولڻ جو چئي پاڻ پوليس اسٽيشن روانو ٿيو. ڊرائيور ھر ڪنھن کان پڇندو رھيو.
ٿاڻي ۾ رپورٽ درج ڪرائي گهر پھتا ۽ ڊرائيور کان پڇيائون تہ ھن چيو،
” سائين مون ڪافي پڇا ڳاڇا ڪئي . اسڪول جي سامھون بيٺل شيءَ وڪڻڻ واري ماڻھوء ٻڌايو تہ ھڪ ٻار اسڪول مان نڪتو ۽ بازار جي فٽ پاٿ تي اڌ ڪلاڪ ڦرندو رھيو. پوءِ ھڪ بس ۾ سوار ٿي ھليو ويو. “
”ضروري تہ نہ آھي اھو ٻار فرحان ھجي. “ سليم چيو.
” سانئين يونيفارم جو رنگ ۽ نقش جيڪي ٻڌائي پيو، اھي فرحان صاحب جا آھن. “
اھو ٻڌي حمنہ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.

بي بي سانئڻ!

نالو تہ جنت فاطمہ ھيس پر ڪرامتن جي ڪري سڀ کيس بي بي سانئڻ سڏڻ لڳا. وڏي حويليءَ ۾ ھيٺين حصي ۾ والدين ۽ ٽي ڀائر رھندا ھئا. ھوء مٿين ماڙ تي پنھنجي ڀيڻ مريم ۽ بيواھ ڦڦيءَ خورشيد سان رھي ٿي. پڦيءَ، جنت فاطمہ کي ڌي ڪري سڏيو ھو. بي بي صاحبہ سڄو ڏينھن عبادت ۾ مصروف رھندي ھئي . دين جي وڏي ڄاڻ ھيس. ھفتي ۾ ھڪ ڀيرو ايمان افروز درس ڏيندي ھئي.
چوندا آھن تہ بي بي سانئڻ کي سندس ڏاڏي مرحيات نور فاطمہ کان روحاني رمز مليل ھئي. ھڪ طريقي ڪار جي تحت، ھن پنھنجو علم کيس منتقل ڪيو ھو. باقي سندن ڏاڏو نور عالم شاھ تہ گادي نشين ھو. سندس اوطاق تي عالم، پير ۽ فقير پري کان ڪھي ايندا ھئا. صوفي راڳ جو شوقين ھو . ھو قادري مسلڪ جو پوئلڳ ۽ ڀٽائي سرڪار جو عاشق ھو . سڄو رسالو کيس زباني ياد ھو.
بي بي سانئڻ عبادت ۾ مصروف رھندي ھئي. خاص طور تي تھجد جي نماز ۾ کيس پنھنجو وجود ڪائنات جي اسرار سان ھم آھنگ ٿيندي محسوس ٿيندو ھو. سندس دعا، ڦيڻن ۽ سڳن ۾ شفا جو ھنر ھو. ڪيترا مريض سندس در تان صحتياب ٿي ويا. ڪيترن جي من جون مرادون پوريون ٿيون، ڪيئي سھاڳڻيون بڻيون ۽ ڪيترن مائرن جي خالي جهول آباد ٿي. سندس گفتگو ۽ آواز ۾ سحر ھو.
ھوء گهڻي ڀاڱي اڪيلي رھندي ھئي ۽ ماڻھن جي وچ ۾ پاڻ کي اپرو محسوس ڪندي ھئي.
ھڪ رات ڦڦي خورشيد کيس چيو :
”روحانيت جي وڏي رمز رابطي ۽ جذب جو ھنر آھي. رب سان رابطو انسانن وسيلي ممڪن ٿئي ٿو. انسانن سان محبت، جاندارن تي ٻاجهہ ۽ ساڻن پاڻ کي ڳنڍڻ وسيلي روحاني رمز ملي ٿي. “
”مان رب کي بنان وسيلي جي پائڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھيان . “ بي بي سانئڻ چيو.
”رب جي خلقيل دنيا جي سمجهہ ء رابطي بنان بندي کي ڪجهہ بہ حاصل نہ ٿيندو آھي جنت فاطمہ. “ ڦڦي جون اکيون بند ھيون ۽ ھوء جذب جي ڪيفيت ۾ جهومي رھي ھئي.
پر بي بي سانئڻ کي اھا ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ آئي.
ڦڦي خورشيد ڳوٺ جي ھر عورت جي اندر جو ڳجهہ پرکي وٺندي ھئي
پر بي بي سانئڻ مختصر ڳالھہ ٻڌندي ھئي. گهر ڀاتين سان بہ ھڪدم ڪاوڙ اچي ويندي ھيس.
”جنت فاطمہ گهڻا وظيفا انسان کي جلالي بڻائي ڇڏيندا آھن. تون ايتري عبادت ڪر، جيڪا توکان برداشت ٿي سگهي. عبادت ڪرڻ جا بہ طريقا ٿين ٿا. ڪي قرآن جون آيتون، پنھنجي صفت ۾ باھ جيان ٿين ٿيون تہ ڪي ماڪ ڦڙن جھڙيون ٿڌيون. جي ڪاوڙ ۾ ھجين تہ قرآن نہ پڙھندي ڪر. “ ڦڦي سمجهائيندي ھيس.
ھن کي بہ محسوس ٿيندو ھو تہ ڪا منزل حاصل ٿيندي غائب ٿي وڃي ٿي. ھاڻ ھن جي مٿي ۾ سور رھڻ لڳو آھي. ڳجهہ کي پائڻ جي جستجوء ۾ اتاولي رھڻ لڳي آھي. ڏاڏي نور فاطمہ کي جيڪو عرفان حاصل ھو، اھو ھوء ڪوشش جي باوجود حاصل ڪري نہ سگهي آھي. ڦڦي خورشيد جي آواز ۽ ڳالھہ ۾ اثر آھي. بي بي سانئڻ کان اثر جي طاقت وڃائجي وڃي ٿي ۽ ھوء علم جي آڏو ڪوري ڪاغذ جيان بڻجي پوندي آھي. سندس ڪيفيت ان وقت کان آھي، جڏھن کان ھن وٽان من پسند شيءَ کسجي وئي. ھوء ننڍپڻ کان پنھنجي ماسات ولي محمد کي پسند ڪندي ھئي . ھو بہ جنت کي پسند ڪندو ھو. ماسي رشتو پڪو ڪندي کيس ولي محمد جي نالي جي منڊي پاتل ھئي. پر جڏھن ھو يونيورسٽي ويو تہ بدلجي ويو . ڪلاس ۾ پڙھندڙ ڇوڪري پسند اچي ويس. ننڍي ڀيڻ سوغات بي بي جي شادي تي ڪنوار وٺي آيو ھو، جنھن کي ڏسي تپي باھ ٿي وئي. رسمون ڏسندي مڙي تہ ولي صفا ويجهو زال سان بيٺو ھو. جنت جون اکيون ھن جي اکين جي ڀنئور ۾ اٽڪي پيون . جنت جي اکين ۾ قھر ۽ ولي جي اکين ۾ بي حسي ھئي. واپس ويندي گاڏي جو ايڪسيڊنٽ ٿي پين جنھن جي ڪري ٻئي زال مڙس زخمي ٿي پيا. پر شڪر آھي تہ ڪو وڏو نقصان نہ ٿيو.
”جنت فاطمہ، ولي کي معاف ڪري ڇڏ. محبت درگذر جو جوھر رکي ٿي. تون جيترو نفرت ۽ انتقام کي ھيانء ۾ سانڍي رکندينء اوترو روح جون رمزون توکان پري ڀڄنديون. “ ڦڦي خورشيد سمجهائيندي چيس.
ڦڦي جي اکين ۾ ڪا ايڪسري مشين ھئي، جيڪا انساني سوچ ۽ ڪيفيتن کان جلد آگاھ ٿي ويندي ھئي.
ھوء جيترو پنھنجي روح کي فتح ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪري اوترو ئي سندس دل، ذھن تي غالب اچي وڃي ٿو. روحاني سفر ۾ من کي مارڻو پوي ٿو. نفس جي ابتڙ ھلڻو پوي ٿو. ھن روح جي دنيا سان گڏ، خواھشن جو تاج محل جوڙڻ گهريو ھو . قيمتي ڪپڙا ۽ زيور کيس پسند ھئا. جيئن ڪو نئون برانڊ يا جيولري مارڪيٽ ۾ ايندي ھئي ھوء گهرائي پائيندي ھئي.
لباس خوبصورت ۽ فيشن مطابق پائيندي ھئي. ان مطابق جتي، زيور ۽ پرس بہ کڻندي ھئي. ڪٻٽن ۾ ڪپڙا سٿيا پيا ھوندا ھئا.
”جنت فاطمہ اھي ڪپڙا غريب مريدياڻين ۾ ورھاء تہ ڪٻٽ سان گڏ، من جو بار ھلڪو ٿيئي. “ ڦڦي چوندي ھيس. پر ھن کي پنھنجي ھر شيءَ سانڍڻ جو شوق ھو.
”ايترا قيمتي ڪپڙا آھن مريدياڻين کي ڇو ڏيان ۽ فيشن تہ پيو ڦرندو گهرندو آھي. “
ٻئي ڏينھن شام جو ھن وٽ ھڪ مريدياڻي آئي، جيڪا پريشان ھئي . من جي مراد ٻڌائيندي چيائين:
”بي بي سانئڻ وڏي اميد کڻي آئي آھيان . “
”ھا چئہ. “ جنت فاطمہ چيو .
”بي بي سانئڻ منھنجي شادي مائٽن زوريءَ ڪرائي آھي . منھنجو مڙس مون کي گهٽ وڌ ٿو ڳالھائي. مان چاھيان ٿي تہ ڪو اھڙو وظيفو ٻڌايو جيئن مون کي طلاق ڏئي. “
”تون ڪنھن ٻئي سان شادي ڪرڻ گهرين ٿي؟“
”جي سانئڻ . “ عورت چھرو ھيٺ ڪندي چيو.
”شاديءَ کان اڳي توھانجي پاڻ ۾ محبت ھئي؟“
” جي بي بي سانئڻ“. مريدياڻيء جي مک تي ڪيئي رنگ وکري ويا.
ھڪدم ڦڦي خورشِيد جو آواز ڪنن تي پيس. قرآن جي آيتن کي غلط مقصد لاءِ نہ ڪتب آڻجانء . قرآن ھڪ پاڪ ڪلام آھي، جيڪو دل جي صفائي ۽ نيت جي پاڪائي لاءِ پڙھيو ويندو آھي. “
اول تہ دل ۾ آيس تہ مريدياڻيءَ کي دڙڪا ڏئي پر پاڻ تي ظابطو ڪندي کيس استغفار پڙھڻ لاءِ ڏنائين. ان سان گڏ درود پاڪ پڙھڻ جي تلقين ڪندي چيائين .
”ھي يا صبور جي تسبيح فجر جو سو پنجٽيھ ڀيرا پڙھجانء. “
”ان سان منھنجي من جي مراد پوري ٿيندي بي بي سانئڻ؟“
”سڀ ڪجهہ رب جي وس آھي. “ بي بي سانئڻ چيو.
ھوء عورت ھلي وئي. عورت جنھن سان نفرت ڪري ٿي، ان سان ڪڏھن محبت نہ ڪندي آھي. انڪري مذھب ۾ واضع طور تي شاديءَ کان اڳي رضامندي پڇڻ جي تلقين ڪئي وئي آھي.
اڳي ھوء اھڙن معاملن تي وظيفا ٻڌائيندي ھئي پر کيس اندازو ٿيو تہ ھوء قدرت جي ڳجهہ ۾ مداخلت ڪري رھي آھي. انسان ڇا ڄاڻي تہ ڪھڙِي رمز سندس حق ۾ بھتر ثابت ٿيندي. ڪڏھن من جون مرادون بہ بي فيض ٿي پونديون آھن. پر انسان دل جي فيصلن اڳيان مجبور ٿي پوي ٿو ۽ تقدير جي حڪمت سمجهڻ کان نابري واري ٿو بيھي.
دل جي شڪست کيس موڳو ڪري ڇڏيو آھي. ھوء جيترو پنھنجي پھرين ۽ آخري محبوب ولي کي در گذر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي اوتروئي نفرت ھن جي من ۾ اچي واھيرو ڪيو آھي.
نفرت، ڪروڌ ۽ دنياداري روحانيت کي جاء نہ ڏيندا آھن .
ھاڻ مريدياڻيون ھن ڏانھن اچڻ بدران ڦڦي خورشيد ڏانھن وڃڻ لڳيون آھن. ھن جي عبادت ۾ بہ دل نہ ٿي لڳي. آھستي آھستي غم جي اڏوھي کيس ڳارڻ لڳي ۽ ھوء بيمار ٿي پئي.
” جنت فاطمہ من مارڻ سان فيض حاصل ٿيندء . ڪروڌ سان منزل ڏور ٿيندي ويندء . اھا فقيرياڻي بڻج، جيڪا پنھنجي لڙڪن سان، دل ۽ روح جي زمين نرم بڻائي ٿي. دل جي نرمي، روحانيت جو پھريون ڏاڪو اٿئي. “
ڦڦي ھن جي پلنگ ڀرسان ويھي ھن کي سمجهائي رھي ھئي.
پر ھوء ڦڦي جي دعائن ۽ ڊاڪٽرن جي علاج مان تندرست نہ ٿي. تندرستي بہ من جي قبوليت جو نالو آھي. شاھ سائينء ٺيڪ چيو آھي،
ڦڪيون فرق ڪن جڏھن امر ڪرين ان تي
سڀ ڪجهہ دل جي قبوليت سان ملي ٿو . . .
يقين وڏي دوا آھي. . .
مريدن کي يقين شفا ٿو ڏئي. . .
شفا انسان جي پنھنجي ھٿ ۾ آھي. نفرت، ضد ۽ ڪروڌ جھڙين بيمارين جي ڪا دوا نہ آھي.
ھو ڏينھون ڏينھن بيمار ٿيندي وئي. حيرت جي ڳالھہ آھي تہ نہ ڦڦيءَ جو علاج لڳس نہ ڊاڪٽرن جو. کائڻ پيئڻ بند ٿيندو ويس ۽ ساڻائي وڌي ويس . سڄو ڏينھن بستري تي پئي ھوندي ھئي. اکيون ڏرا ڏيئي ويس ۽ چھري جي رونق ختم ٿيڻ لڳي.
ھڪ ڏينھن گهر جي نوڪرياڻي سون خاتون دم ڪيل پاڻي کڻي آئي.
” بي بي صاحبہ ھي عورت ڪا پھتل نہ آھي پر سندس دعا ۾ فائدو ٿئي ٿو، . سڳو بہ ڏيندي آھي ۽ پاڻِ بہ دم ڪري ڏيندي آھي. “
ھن پاڻي پيتو تہ شام تائين اکيون کليس. رات جو سڳو پاتائين تہ ٻئي ڏينھن کائڻ پيئڻ جھڙي ٿي. ائين ھوريان ھوريان چاق ٿيڻ لڳي.
ھڪ ڏينھن سون خاتونء کي چيائين تہ :
” مون کي ان بزرگ مائيءَ سان ملڻو آھي وٺي ھل. “
اھو ٻڌي سون خاتون حيران ٿي وئي.
”جي سانئڻ ڳوٺ جي ٻاھران گهر اٿس، مائي ايمڻا سڏينس ٿا. “ سون وراڻيو.
”مان گاڏي تي نہ پر پنڌ ھلنديس جيئن ڪنھن کي خبر نہ پوي. “
”جي سانئڻ ! ڪجهہ چاڪ ٿيو تہ مان توھان کي وٺي ھلنديس. “
بي بي سانئڻ ڪجهہ بھتر ٿي تہ سون خاتون ساڻ ڪري مائي ايمڻا سان ملڻ ھلي. پنڌ جي عادت نہ ھئڻ ڪري پنڌ پري لڳس. ڦڦي خورشيد جي ڳالھہ ياد پيس تہ آرام واري زندگي ترڪ ڪرڻ بعد روحاني رمزن جي پروڙ پوي ٿي. ھلندي ھلندي ڳوٺ کان ٻاھر سندن زمينن جي ڀر ۾ مائي ايمڻا جي جهوپڙيِ نظر آئي، جنھن جي وڏي اڱڻ جي چوڌاري وڏو لوڙھو ڏنل ھو. اندر ڇوڪريون نظر آيس . ڪي سيپارو پڙھن پيون تہ ڪي ٻئي ڪم ۾ رڌل ھيون. ٻہ ٽي بڪريون گاھ چرين پيون. ڪي ڪڪڙ اڱڻ ۾ ڊوڙي رھيا ھئا. پاٽڙن ۾ پکين لا۽ داڻو پاڻي پيو ھو.
مائي ايمڻا جي گهر ۾ ٿڌي روشني محسوس ٿيس، جيڪا ھن پنھنجي روشن گهر ۾ بہ نہ محسوس ڪئي ھئي. ھوء سندس مريدياڻي ھئي. کيس ڏسي ٽپ ڏيئي اٿي ۽ سندس پيرن تي ڪري پئي .
” بي بي سانئڻ ! مون کي حڪم ڪيو ھا تہ مان پاڻ اچان ھا. “
ھن مائي ايمڻا کي مٿي ڪيو.
” نہ مون کي پاڻ اچڻ جو حڪم ٿيو. “ بي بي وراڻيو.
مائي ايمڻا ھڪ سٺي رلي ڪڍي کٽ تي وڇائي ۽ کيس ويھاريو.
” ھي ڇوڪريون تھنجون آھن؟ “ جنت پڇيس.
” يتيم ڇوڪريون آھن سانئڻ، جن کي مان پاليان پئي . “ ايمڻا جي اکين ۾ محبت جا ڪرڻا جهلڪي اٿيا. ڦڦي جو آواز ڪنن ۾ آيس جي رب، عبادت سان ملي ھا تہ ھر ڪنھن کي ملي پوي ھا . رب دلين ۾ وسي ٿو، رحم ۽ ٻاجهہ جو گهر آھي.
” تنھنجي دم ڪيل پاڻيءَ مون کي چاڪ ڪيو آھي. توکي جيڪو گهرڻو آھي گهر. “ بي بي سانئڻ پڇيس.
” ھنن يتيم ڇوڪرين کي پنجين درجي تائين پڙھايو اٿم . ھي ٽوپو ٽڙو ڪندِيون آھن . ڀرت بہ ڀرين ان مان گذر سفر ٿئي پيو. ھن وقت تائين ڪونہ ڪو وسيلو نڪتو پئي پر ھنن جي وڌيڪ پڙھائڻ جي وصيت ڪونہ اٿم . ڏينھن رات نماز ۾ اھا دعا گهرندي ھيس تہ رب پاڪ ھنن يتيم نياڻين لاءِ ڪو حيلو وسيلو ڪڍ . سو رب پاڪ سڏ ورنايو. بي بي صاحبہ ھنن جي وڌيڪ پڙھائڻ جو انتظام ڪري ڏيو. “
جنت فاطمہ کي حيرت ٿي تہ ھن پنھنجي لاءِ ڪجهہ نہ گهريو ھو.
” تون فڪر نہ ڪر مان کين پڙھائينديس. “ بي بي سانئڻ وراڻيو.
مائي ايمڻا جو چھرو گلاب جيان ٽڙي پيو.
بي بي سانئڻ جي چھري تي تعلق جي روشني وکري وئي.

نئون دور

مامي انور جي مرتئي جو اطلاع پھتو تہ رعنا جو پورو جسم صدمي کان ڪنبڻ لڳو. ماما ڪيڏو ڀائيندو ھوس. گهر وارو محسن اسلام آباد ويل ھو. ٻئي ٻار ڪينيڊا ۾ ھئا. ميڊ سرونٽ ڪچن ۾ لنچ تيار پئي ڪيو. دل تي غم جو غبار ڇائنجي ويس تہ بي اختيار لڙڪ اکين مان لڙي آيا. اٿي ۽ واش روم وڃي، منھن تي ڇنڊا ھڻي ٻاھر نڪتي. مامي جي گهر وڃڻو ھيس.
ميڊ کي ڪافي ٺاھڻ لاءِ چيائين. الماري کولي وڳا ڏسڻ لڳي . سندس وارڊروب ۾ فيشن مطابق ڪليڪشن ھئي. ڪاري ۽ اڇي رنگ جي پرنٽ وارو سوٽ کنيائين، جنھن جو رئو ڪارو ھو.
اھو سادو وڳو پائيندينء تہ ماڻھو ڇا چوندا؟ اڄڪلھہ مرتين ۾ بہ عورتون فيشن مطابق ڪپڙا پائينديون آھن. ميڪ اپ سان گڏ زيور پڻ پاتل ھوندا اٿن.
پوءِ ھلڪي سرمئي رنگ جو برانڊيڊ قيمتي وڳو وڻيس، جنھن تي ھلڪو زريء جو ڪم ٿيل ھو. ان مناسبت سان جيولري، بيگ ۽ سينڊل پائڻ لاءِ الڳ ڪري رکيائين . چھري تي ھلڪو ميڪ اپ ڪندي، فقط لپ اسٽڪ لڳائڻ کان پاسو ڪيائين .
ڪافي پيئڻ بعد غم کي ٽيڪ مليس.
مامي جي گهر پھتي تہ اتي مٽ مائٽ گڏ ٿي چڪا ھئا . ڦڦيون پار ڪڍي روئي رھيون ھيون . مامو بيواھ ڌيءَ مھرين جي گهر ۾ رھندو ھو . ٻہ پٽ شھر ۾ رھندا ھيس.
مھرين ھن سان ڀاڪر پائي ڏاڍو رني . رعنا جا لڙڪ بہ لڙي آيا.
”ادي مان اڪيلي ٿي ويس. امڙ اڳي اڪيلو ڪري وئي . بابي امڙ جي ڪمي محسوس نہ ٿيڻ ڏني. ھاڻ پاڻ بہ ڇڏي ويو. “
”اسان سڀني کي ھي فاني دنيا ڇڏڻي آھي . ڪو اڳي ويندو ڪو پوءِ بس مامي جي مغفرت لاءِ دعا ڪر. “ رعنا کيس آٿت ڏيندي چيو .
”ادي ويچاري جي پٽن سار سنڀال نہ لڌي. " ماسي صفيہ ڳوڙھا اگهندي چيو.
اھڙي موقعي تي گذاري ويل مظلوم بڻجي ويندو آھي . مٽ مائٽ يا دوست مالڪي ڪرڻ لاءِ پھچندا اٿس.
”پٽ سکيا ستابا ھيس پر علاج نہ ڪرايائونس. “ ماسي افروز لڙڪ اگهيا.
”بس ادو طبيعت جو ٿڌو ھو اولاد تي ڪا سختي نہ ڪيائين انڪري اولاد بہ نہ پڇيس. “
ننڍي ڀاڄائي زبيدہ ٿڌو ساھ ڀريندي چيو.
”ادي کي سٺي پينشن ملندي ھئي، سکيو ستابو ھوکيس ڪنھن جي مدد جي ضرورت نہ ھئي. پر ماڻھوء کي پيسي جي نہ پر ساٿ جي ضرورت ٿئي ٿي . پوڙھائپ ۾ اڪيلائي ماريو وجهي . “ وڏي ڀيڻ شاھدہ لڙڪ اگهندي چيو.
رعنا سوچيو ھي ڪھڙيون ڳالھيون پيون ڪن . مھرين بار بار غش پئي ٿئي، ان کي ڪونہ پيون ڏسن.
شام جو مامي کي دفن ڪري مائٽ موٽيا تہ سڀ ڪجهہ نارمل ھو . اھا ڳالھہ گردش ۾ ھئي تہ غسل ڏيڻ واري مامي جي پنجاھ ھزار واري واچ ۽ سوني منڊيءَ تي قبضو ڪري ورتو . ھن گهر جي سيڌي جي ھڪ وڏي لسٽ الڳ سندس پٽن جي ھٿ ۾ ڏني. اھو ٻڌي رعنا کي ڏک ٿيو . غسل ڏيڻ وارن ۽ قرآن خواني پڙھندڙ ملن جون گهرجون وڌي ويون آھن. مھانگائي بہ چوٽ چڙھي وئي آھي ڇا ڪن!
گهر ۾ چانھن، ڪافي ۽ ڪولڊ ڊرنڪس پئي ھليون.
اڳي مرتيي واري گهر۾ کاڌو پيتو سٺو نہ سمجهيو ويندو ھو. غم ۾ ورتل پيا لڙڪ لاڙيندي ھئا.
مٽ مائٽ، دوست ۽ ڪوليگ تعزيت لاءِ پئي آيا . عورتون ڄڻ پارٽيءَ تي آيون ھجن. ماڻھن کي اھو احساس ڪونھي تہ موقعي جي مناسبت سان ڪھڙو لباس پائجي!
لڳي پيو تہ ڪي آفيس مان آيون ھونديون، ھن سوچيو. اڄڪلھہ آفيسن ۾ بہ عورتون ڪيولاٽ، غرارا ۽ ٻيو پارٽي ويئر پيون پائين . ھتي بہ پاڙي جون عورتون فينسي ڪپڙا پائي آيون آھن. ماڻھن منجهان سمجهہ ۽ احساس ڄڻ تہ موڪلائي ويا آھن . ڪي عورتون موبائيل تي مصروف ھيون.
”باقي سيپارا پڙھڻا آھن، مرحوم جي روح جي ثواب پھچائڻ لاءِ ختمو پورو ڪيو. “ ڦڦي برجيس چيو.
عورتون پاڻ ۾ ڪچھريءَ ۾ مصروف ھيون .
ھن گهڻي ڪوشش ڪئي تہ مھرين کي ڪجهہ کارائڻ جي پر ھوء سخت صدمي واري حالت ۾ ھئي.
مھرين ھن جي گوڏي تي مٿو رکي ليٽي پئي. رعنا ڀت کي ٽيڪ لڳايو ويٺي ھئي .
”ھي سڀ ڪجهہ اجايو آھي. “رعنا ٿڌو گھرو ساھ کنيو.
مامي انور ڪيڏي جدوجھد ڪئي . ٻار پڙھايائين، ھي گهرڪيڏي محنت ۽ شوق سان ٺھرايائين، ھن گهر ۾ شفٽ ٿيا تہ مامي مصباح ڪيڏي نہ خوش ٿي ھئي. مامي بہ چار سال کن اڳي گذاري وئي، جنھن جو مامي انور کي گهڻو صدمو رسيو . دل واري زال جو ھيس . مامو رٽائر ٿيو تہ ڪجهہ سک جو ساھ کنيائين . ٻئي پٽ زالن سميت ٻاھرين ملڪ پيا ايندا ويندا ھئا انڪري ھو مھرين جي زور ڀرڻ تي ساڻس اچي رھيو. مھرين جو گهر وارو نوڪريءَ سانگي ٻاھر رھندو ھو، انڪري پيءَ جي گڏ رھڻ سان ھوء گهڻي مطمئن رھڻ لڳي.
آخر ۾ ماڻھو اڪيلو ۽ ويڳاڻو ٿيو پوي. رٽائر ٿئي ٿو تہ بيماريون اچي ٿيون ورائينس.
رعنا ٿڌو ساھ ڀريو.
ھوءَ مامي جي ڪمري ۾ وئي جتي ھر شيءَ پنھنجي جاء تي موجود ھئي سواء مامي جي !
ھڪ عجيب خاموشي ھوندي آھي، مرڻ واري جي ڪمري ۾، جتي ھر شيءَ اداس نظر ايندي آھي. ٽيبل تي ڊائري بي اھم ھئي . ھينگر ۾ ڪپڙا ٽنگيل ھئا، جيڪي اڄ پائڻا ھيس. وارڊ روب جي خاني ۾ قيمتي واچون پيون ھيون، جن ۾ سندس زندگيءَ جا قيمتي لمحا بيھي رھا ھئا. مامي کي مھانگيون واچون پسند ھيون.
ڪمري ۾ مامي جي ساھن جي پنھنجائپ ڀري خوشبو وکريل ھئي . رعنا کي ڪمري مان وحشت ٿيڻ لڳي. ائين محسوس ڪيائين تہ انسانن بدران، انھن ڪمرن جي ڀتين ۾ احساس باقي رھيو آھي، جن ۾ رھندڙ پويان پساھ کڻندا آھن . ڪالھہ تائين ڪنھن کي مامو ياد نہ ھو پر اڄ ھر ڪو سندس مرڻ تي سندس اڪيلائي جو ذڪر پيو ڪري. مامو ھڪ ٻہ ڀيرا اسپتال داخل ٿيو پر ڪو مٽ مائٽ ظاھر نہ ٿيو.
لفظن ۽ ڳالھين ۾ روح باقي نہ رھيو آھي.
ھوء ٻاھر آئي تہ ھر طرف رڙيون ۽ سڏڪا ھئا . مھرين جي وڏي ڀيڻ ھينئر پھتي ھئي، جنھن جي ڀاڪر ۾ مھرين روئي رھي ھئي.
” ادي مان ڪٿان ڳوليان بابا کي مون کي اڪيلو ڪري ويو ھاڻ ڪنھن کي بابا چونديس. “مھرين پار ڪڍيا.
خاندان جون عورتون اوڇنگارون ڏيڻ لڳيون. غم جو غبار ھو، جنھن کي لڙڪ ھلڪو ڪري رھيا ھئا . روئيندي مھرين غش ٿي وئي .
”ائي مايون ايئن روئينديون رڙنديون تہ مرحيات کي تڪليف ٿيندي. قل پڙھي بخشيوس روئڻ مان ڪجهہ ڪين ورندو. “ پاڙي ۾ رھندڙ مسز مورياڻيءَ کين سجاڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي .
رعنا پاڻيءَ جا ڇنڊا مھرين جي اکين تي ھنيا تہ ھن اکيون ڇنڀيون. ٿوري دير ۾ ھوء سامت ۾ آئي . اکيون کوليندي ئي روئڻ لڳي تہ رعنا سندس ھٿ جهليو.
احساس جي ڇھاء ۾ ننڊ ورائي ويس.
شام رات ۾ جذب ٿيندي ئي مايوسيءَ جو رنگ کڻي آئي. رات جي ماني تيار ٿي تہ ھر ڪو اڳ ۾ ماني کائڻ ۽ کڻڻ جي چڪر ۾ ڊوڙيو. ڪي مائٽاڻين مانيءَ جا ڊونگا ڀرائي رکيا گهرکڻي وڃڻ لاء . پاڙيسرين يا ڄاڻ سڃاڻ وارن جي ڳالھہ تہ سمجهہ ۾ اچي ٿي پر ويجهن عزيزن کي بہ شابس ھجي جو پليٽون ڀري پيا کائين . رعنا کان تہ ھڪ گرھ بہ نڙيءَ مان ھيٺ نہ لٿو.
مائٽاڻين، چانھن تہ ڪڏھن ڪولڊ ڊرنڪ جا حڪم پئي ڏنا. نوڪرياڻي ڊوڙي ڊوڙي سندن انگل پئي پورا ڪيا . ڪڏھن چانھن ٺاھي کڻي ٿي آئي. ڪڏھن ٻارن کي بسڪٽ ٿي ڏنائين .
عورتون پاڻ ۾ گهر ۽ خاندان جا مسئلا ونڊي رھيون ھيون. اھو وسري وين تہ مرتئي واري گهر ۾ آيون آھن . ماني کائي گهر لاءِ پيڪ ڪرائين پيون . ٽي چار شاپر ڀرينديون پيون وڃن.
تسبيحون اڻ ڇھيل پيون ھيون . ڦڦي برجيس سڀني جي سر تي مستقل سوار رھندي ڏھ ختما پورا ڪرايا.
”ادو نصيبن وارو ھو، ڏھ ختما بخشي پورا ڪيا اٿئون. “ ڦڦي برجيس جي چھري تي آسماني روشني ليئا پائڻ لڳي .
اڳي دور سانتيڪا ھئا. خوشيءَ ۾ مزو ۽ غم ۾ احساس ھو. ماڻھو ھڪٻئي جي خوشين ۽ غمن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ھوندا ھئا .
ھاڻ ھر احساس بي معني بڻجي پيو آھي، نہ خوشي ٿي محسوس ٿئي نہ غم ٿو من ۾ گهاء وجهي. فقط دنياداري وڃي بچي آھي. موت جي تڏي تي موت جو خوف ۽ فنا جو احساس فقط چند ڏينھن باقي ٿو رھي. تڏو ويڙھيندي ئي غم ۽ پڇتاء پکي بڻجي اڏامي وڃي ٿو.
اڳي موت جو ڪيڏو ڏھڪاء ھوندو ھو!
چاليھ ڏينھن ماتم پيو ھلندو ھو . پوءِ ٻار ھي تي وڃي دل تي صبر جا ڪي ڇنڊا پوندا ھئا.
”ھاء ڙي دنيا !“ رعنا ٿڌو ساھ ڀريو.
رعنا کي در تي بدحال فقيرياڻي نظر آئي، جنھن سان ٽي ٻار بہ گڏ ھئا. بک ۾ پاھ ٿي لڳي . ماءُ ۽ ٻارڙن جا چپ بٺ زمين جيان سڪا پيا ھئا . ھو اميد منجهان اندر نھاري رھيا ھئا . ھن تڙ تڪڙ ۾ برياني جا ٻہ شاپر ڀريا ۽ در ڏانھن وڌي پر ان کن اڳي پڦي برجيس اچي ان شاپر ۾ ھٿ وڌا .
” ائي امڙ ھيڏانھن تہ ڪر ماني. “
”پڦي خيرات لاءِ ھي ماني فقيرياڻي کي ٿي ڏيان. “
” ماني ختم ٿي وئي امڙ! گهر ۾ عرفان جا دوست آيا آھن. ڪير وڃي ماني ڪندو . “
پڦيءَ جهٽ ھڻي شاپر پنھنجي قبضي ۾ ڪيا ۽ ڪمري ڏانھن رواني ٿي.
رعنا در ڏانھن نھاريو جتي فقيرياڻيءَ جي اکين ۾ مايوسي سڏڪي پئي.

خواب

رات جو پلئہ ھوريان ھوريان وقت جي چھري تان کسڪي رھيو ھو. . اڱڻ ۾ لڳل موتيي جي ھٻڪار فضا ۾ھري رھي ھئي. رات جا ٻہ ٿيا ھئا. اھو وقت گھري ننڊ جو ھوندو آھي، جڏھن ذھن شعور جي دنيا کان پري لاشعور جي طلسماتي دنيا ۾ داخل ٿي وڃي ٿو. رابيل جي چھري تي خوف ۽ تڪليف جو تاثر اڀريو. ننڊ ۾ ھن ڪنڌ لوڏيو. نرڙ تي پگهر جا ڦڙا جرڪڻ لڳا. بي چيني واري ڪيفيت ۾ڪنڌ لوڏي رھي ھئي.
اوچتو سخت ھيجاني ڪيفيت ۾ رابيل ننڊ مان رڙ ڪري اٿي.
” . . . آفاق . آفاق . . “
گھري ننڊ مان آفاق گهٻرائجي سجاڳ ٿي ويو. پاسي ۾ ستل ٻن سالن جي صبا، ننڊ مان جاڳي روئڻ لڳي.
” ڇاٿيو رابيل تون ٺيڪ تہ آھين نہ. “ ھو سڄو ڪنبي رھيو ھو.
” آفاق! تون ٺيڪ آھين؟“ رابيل جي اکين ۾ خوف ڀريل ھو.
” ھا مان ٺيڪ آھيان شايد تو ڪو خواب ڏٺو آھي. “
”خواب ؟“غير حاضر دماغي سان ھن آفاق ڏانھن نھاريو. آفاق، روئيندڙ صبا کي کنيو ۽ کيس پرچائڻ لڳو . ٻاھن جي ھندوري ۾ ٻارڙيءَ کي ننڊ وٺي وئي.
آفاق سمھي رھيو پر ھوء خوف وچان جاڳندي رھي. رابيل جا خواب اڪثر حقيقت ۾ بدلجي ويندا ھئا. گذريل سال رمضان کان اڳي ھن خواب ڏٺو تہ سندس ماسات رحمان کي دل جو دورو پيو آھي. ڪجهہ وقت کانپوءِ کيس دل جو دورو پيو پر ھو بچي ويو.
اڳي ھو ھڪ پراڻي گهر ۾ رھندا ھئا پر ھوء اڪثر ھڪ ڪشادي گهر جو خواب ڏسندي ھئي. سوچيندي ھئي ھنن جا حالات ايترا چڱا ڪونھن، جو اھڙو ڪشادو گهر وٺي سگهن پر جلد اھو ايريا ڪمرشل ٿي ويو ۽ اتي دڪان ۽ پلازہ ٺھڻ لڳا. ھڪ بلڊر اتي آفيس ٺاھڻ پيو گهري، انڪري گهر جي سٺي قيمت ملڻ جي ڪري سندس گهر وارا اھو پراڻو گهر کپائي، ھڪ سٺو گهر خريد ڪري ان ۾ رھڻ لڳا. اھڙا خواب ھن ڪيترائي ڏٺا ھوندا، جيڪي اڪثر حقيقت ثابت ٿيا.
اڄ ھن خواب ۾ آفاق جو ايڪسيڊنٽ ٿيندي ڏٺو، جيڪو رت ۾ ٻڏل روڊ تي پيو ھو . راھگير ۽ گاڏيون گذري رھيون ھيون پر ڪنھن کڻي کيس اسپتال نہ پھچايو . ھوء رڙيون ڪندي رھي پر ڪير بہ نہ بيٺو . اوچتو ھن جي اک کلي وئي.
ٻئي ڏينھن معمول مطابق ھن آفاق کي نيرن ڏيئي آفيس موڪليو . پوءِ گهر ۾ بي چين ڦرندي رھي.
شام جو ڀيڻ تبسم آئي تہ ھن کي خواب ٻڌائي روئڻ لڳي.
”ادا آفاق کي رب وڏي حياتي ڏيندو بس تون وھم نہ ڪر ۽ ان خواب کي وساري ڇڏ. “ تبسم کيس سمجهايو. تبسم کي ياد آيو تہ سندس شاديءَ کان اڳي رابيل ھن جي شاديءَ جي باري ۾ جيڪو خواب ڏٺو ھو اھو ٻڌي ھوء کلي ھئي.
”ڀلا مون لاءِ ھڪ وڏي بزنس مين جو رشتو ڇو ايندو؟ مان تہ پاڻ ھڪ عام شڪل جي سادي ڇوڪري آھيان. “ ھن خواب ٻڌي چيو.
پر جلد سندس شادي شھر جي وڏي بزنس مين گهراڻي ۾ ٿي. ھوء ليڪچرار ٿي تہ ھڪ ڏينھن ڪوليگ شميم جو ڀاء مزمل، کيس ڪاليج ڇڏڻ آيو تہ ھوء بہ ان وقت رڪشي مان لھي ڪاليج ۾ داخل ٿي رھي ھئي تہ مزمل کيس پسند ڪيو.
انڪري رابيل جو خواب ٻڌي ھوء پريشان ٿي وئي.
ڪو ڳجهہ آھي ضرور، جيڪو انسان جي سمجهہ کان ٻاھر آھي.
”منھنجي ڪاليج ۾ نفسيات جي ليڪچرار آھي ان سان ڀلا ڳالھہ ڪري ڏسان. “ تبسم پڇيو.
”ادي منھنجي جند انھن خوابن مان ڇڏايو . مان سخت پريشان ٿي ٿيان. “ رابيل بي وسيءَ مان چيو.
ٻئي ڏينھن ھوء ڪاليج ۾ داخل ٿيندي ئي نفسيات جي شعبي ڏانھن وڃڻ لڳي. ھن اڳواٽ ئي ميڊم سائرہ کي سموري معاملي کا آگاھ ڪندي، مدد گهري ھئي. ميڊم سائرہ ڪلينيڪل سائيڪالاجي پڻ ڪئي ھئي ۽ شام جو ڪلينڪ تي نفسياتي مريض ڏسندي ھئي.
ميڊم سائرہ جي آفيس پھتي تہ ھوء سائيڪالاجي جو ضخيم ڪتاب کولي ڪجهہ سٽن کي پينسل سان لڪيرون پائي رھي ھئي.
”اسلام عليڪم ميڊم. “
”وعليڪم اسلام تبسم اچ پليز ويھ. “ سائرہ خوشدليءَ سان چيو.
ھوء ويھي رھي ۽ سندس نظرون تازي گلن جي گلدستي تي ھيون، جن ۾ رنگ برنگي گل مھڪي رھيا ھئا، جن جي خوشبوء ماحول ۾ سرھاڻ سان گڏ، تازگي ڀري ڇڏي ھئي.
” چئہ تبسم. “ سائرہ چيو.
”ميڊم توھان کي فون تي ڀيڻ جي باري ۾ ٻڌايو ھيم تہ ھوء جيڪي خواب ڏسندي آھي سي حقيقت بڻجي ويندا آھن. “
”اوھ! تمام دلچسپ . “ سائرہ دلچسپيءَ سان ھن ڏانھن جهڪي چيو.
”ھن خواب ۾ پنھنجي مڙس جو ايڪسيڊنٽ ڏٺو آھي ۽ ھن کي ڊپ آھي تہ ڪٿي ھن جو خواب ٻين خوابن وانگي سچو نہ ٿي پوي. “
”ھون“ سائرہ گھري سوچ ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
”ميم پليز ان مسئلي جو ڪو حل ڪڍو . منھنجي ڀيڻ جا گهر وارا سخت پريشان آھن. “ تبسم سخت پريشانيءَ وچان چيو.
” توھان جي ڀيڻ سائيڪڪ ڊريم ڏسي ٿي. “
”ڇا ھوء سائيڪو پيشنٽ بڻجي وئي آھي؟“ تبسم روئڻھارڪي ٿي وئي.
”توھان جي ڀيڻ ۾ سائيڪڪ ايبلٽي آھي. اھو ڪو نفسياتي مسئلو نہ آھي پر ھن جي ڇھين حس متحرڪ آھي. “
” ڇھين حس؟“ تبسم حيرت مان چيو.
” ھونئن تہ ھرانسان جي حواس خمسہ ۾ پنج حواس ٿين ٿا جيئن: ڏسڻ، ٻڌڻ، سنگهڻ، چکڻ ۽ ڇھڻ جون حسون. پر ڪن ماڻھن جي ڇھين حس فعال ھوندي آھي. جنھن جي ڪري ھو اڳواٽ ايندڙ خطرن يا واقعن کان باخبر ٿي ويندا آھن. “ سائرہ چيو.
”واقعي ميم!“ تبسم کي حيرت ٿي.
”توھان جي ڀيڻ تمام اھم ۽ خاص ماڻھن ۾ شمار ٿئي ٿي. اھا خاصيت اڪثر ماڻھن وٽ ھوندي آھي پر ھو اندر جي آواز کان بيخبر ھوندا آھن. ڪن ماڻھن کي خواب نظر ايندا آھن تہ ڪي وري پاڻمرادو محسوس ڪري وٺندا آھن. ڪڏھن اھا خاصيت ورثي ۾ بہ ملي ٿي. “
” منھنجي ڀيڻ جي سس سمجهي ٿي تہ ھن تي ڪو جادو يا جنات جو اثر آھي پرھوء گهڻي حساس طبيعت جي آھي انڪري ڊپريشن ۾ ھلي وئي آھي. “
” پوءِ ڪنھن بہ ڏينھن منھنجي ڪلينڪ وٺي اچوس پر اڳواٽ ٻڌائجو. “
”جي بھتر ميم“.
ماءُ لائونج ۾ ٽي وي ڏسڻ ۾ مصروف ھئي. تبسم بہ ڀرسان ويھي رھي.
”امان ڇا توھان خواب ڏسندا ھئا؟“ `ھن سوال ڪيو، جنھن تي مريم حيرت سان کيس ڏٺو.
”ھا پر تون ڇو ٿي پڇين؟“
”توھان ڪڏھن ڳالھہ نہ ڪئي؟“
”اسان کي وڏن سمجهايو ھو تہ خوابن جو ذڪر ڪنھن سان نہ ڪجي ڇو تہ ڪنھن غلط تعبير ڪڍي تہ ان جو غلط اثر پوندو. “ ماءُ وراڻيو.
”توھان جيڪي خواب ڏسندا ھئا ڇا اھي سچا ثابت ٿيندا ھئا. “
”ڪي خواب سچ ٿيندا ھئا پر مان خوابن تي گهڻو نہ سوچيندي ھيس. امڙ چوندي ھئي تہ خواب کي وساري ڇڏجي تہ ڪجهہ نہ ٿيندو. “
ھن جي گهڻي زور ڀرڻ تي رابيل ميم سائرہ کان سيشن وٺڻ لاءِ تيار ٿي. رابيل اھا ڳالھہ گهر نہ ڪئي . ڪو بھانو ڪري کي ڪلينڪ تي ھلي آئي.
ويٽنگ روم مريضن سان ڀريو پيو ھو. مرد ۽ عورتون مايوس ھئا. مايوسي ڄڻ اسان جي قوم کي ورثي ۾ ملي آھي. سماجي زندگي مصنوعي ۽ بناوٽي زندگي پئي گذاري. ماڻھو نہ تہ سچ ڳالھائي ٿو سگهي نہ ئي ڪنھن جو مسئلو سمجهي سگهي ٿو. ھو زندگيءَ کان بي زار ۽ اداس چھرا ڏسي تبسم سوچي ٿي.
”مون کي ھتي مونجهہ پئي ٿئي. “ رابيل پاڻ کي ان ماحول ۾ غير محفوظ تصور ڪري رھي ھئي. ھڪ پريشان حال عورت مستقل ھن کي گهوري رھي ھئي .
ھنن جو وارو آيو تہ اندر داخل ٿيون . ڀيڻ کي ويھاري ھوء ٻاھر نڪتي.
”ڪيئن آھيو رابيل؟“ ميڊم تبسم خوشدليءَ سان چيو جيئن پنھجائپ واري فضا ۾ رابيل جو خوف ختم ٿي سگهي.
”جي ٺيڪ آھيان. “ ھن جا چپ خشڪ ھئا.
”پاڻي پيئندو؟“. سائرہ پڇيو.
”جي. . . جي. . “ھن جلدي مٿو ڌوڻيو.
سائرہ کيس پاڻي ڏنو تہ ھوء ڪجهہ بھتر ٿي.
سائرہ ھن کان ڪافي سوال ڪيا گهر، ٻار ۽ ماحول جي باري ۾ . سائرہ محسوس ڪيو تہ ھوء زندگيءَ کان مطمئن آھي. خوابن جي ڳالھہ نڪتي تہ ھوء پريشان ٿي وئي.
”خوابن کي خيال جي طاقت نہ ڏيو. منھنجو مطلب آھي تہ جيڪڏھن ڪو خواب توھان ڏسو ٿا ۽ ان جي حقيقت ۾ تبديل ٿيڻ جو خوف توھان کي پريشان ڪري ٿو تہ ان سوچ جي پختگي ان خواب کي حقيقت ۾ تبديل ڪري سگهي ٿي. “
”مون خواب ۾ ھسبينڊ جو ايڪسيڊنٽ ڏٺو ھو. ڇا منھنجي ھسبينڊ کي ڪجهہ نہ ٿيندو؟“رابيل جي چھري تي خوف ھو.
”پنھنجي اندر يقين پيدا ڪيو تہ اھو خواب محض خواب آھي. “
”ڇا خواب سچا نہ ٿيندا آھن؟“
” ضروري نہ آھي تہ ھر خواب، سچ ثابت ٿئي. خواب، انسان جي ذھني ۽ جذباتي ڪيفيتن کي ظاھر ڪندا آھن. “
” مون کي خوف محسوس ٿئي ٿو تہ ڪٿي منھنجي مڙس کي ڪو حادثو نہ پيش اچي. “
”تو پنھنجي مڙس کي مئل حالت ۾ ڏٺو ھو؟“
”نہ ھو ايڪسيڊنٽ ۾ زخمي ٿيو ھو. “
”تہ پوء تون ڪيئن ٿي سمجهين تہ ھن جي حياتيء کي ڪو خطرو آھي؟“
”جي ھو زخمي حالت ۾ ھو ۽ مدد لاء واجهائي رھيو ھو. “
”ڪڏھن خوابن جي تعبير ۾ اھو بہ ڏٺو ويندو آھي تہ خواب ۾ ڪھڙي صورتحال نظر اچي ٿي. جيئن تو خواب ۾ گهر واري جو موت نہ ڏٺو بلڪہ کيس زخمي حالت ۾ ڏٺو، ڌ انڪري سمجهہ تہ ھن جي زندگيء کي ڪو خطرو نہ آھي. سمورا خواب حقيقت نہ بڻبا آھن پر جن خوابن کي اسان يقين جي طاقت بخشيندا آھيون سي ضرور حقيقت بڻبا آھن. “
ميڊم سائرہ جي گفتگو کان پوء ھوء پاڻ کي بھتر محسوس ڪرڻ لڳي. تبسم کي اندر گهرائي سائڪياٽرسٽ کي ڏيکارڻ جي صلاح ڏنائين.
”مريضہ کي Oneirophobia آھي. “
” ميدم ڇا اھا ڪا خطرناڪ ذھني بيماري آھي. “ تبسم پريشان ٿيندي پڇيو.
”نہ . اھا خوابن جي خوف سان تعلق رکي ٿي. جنھن جا ڪي سبب ماضيء جي اڻ وڻندڙ واقعن سان ڳنڍي سگهجن ٿا. ھي بہ فوبيا جو ھڪ قسم آھي. جنھن جي علاج ۾ دوا جي ضرورت بہ پوندي آھي. “ميڊم سائرہ چيو.
”جي بھتر. “
”امداد صديقي سٺو سائڪياٽرسٽ آھي. جڏھن چوندو تہ مان ٽائم وٺي ڏيندس. “
” ميم سڀاڻي جو وقت وٺي ڏيندا تہ مھرباني ٿيندي. “
ميڊم سائرہ سائڪياٽرسٽ جو وقت وٺي ڏنو. ٻئي ڏينھن رابيل کي سائڪياٽرسٽ ڏانھن وٺي وئي. جنھن رابيل کي دوائون لکي ڏنيون. ڪجهہ وقت سائيڪياٽرسٽ جو علاج ھليو. ھن اينگزائٽي جون دوائون کاڌيون ۽ وقت گذرڻ سان گڏ بھتر ٿيڻ لڳي . پٽ صائم جي پيدائش کانپوءِ مصروف ٿي وئي. پر اھو خوف روز ھڪ لمحي لاءِ ضرور سندس ذھن جو در کڙڪائڻ ايندو ھو.
ڪيترا سال گذري ويا ٻئي ٻار وڏا ٿيا. انھن جو شاديون ٿي ويون. آفاق رٽائر ٿي ويو . اڄ سندس سٺ سال پورا ٿيا . اڄ گهر وارا سندس جنم ڏينھن ملھائي رھيا ھئا. ٻار خوش ھئا. صبا پنھجي گهر واري سان آئي ھئي . صائم ۽ سندس زال شھرين پڻ خوش ھئا. ھيپي برٿ ڊي جي گونج ۾ آفاق ڪيڪ ڪٽيو. رابيل ڪيڪ جو ٽڪرو آفاق جي وات ۾ وڌو.
ھڪ خواب جي اثر ۾ ھن جي زندگي زھر ٿي وڃي ھا، جيڪڏھن ھو سائيڪولوجسٽ سائرہ سان نہ ملي ھا! رابيل سوچيو.
مظبوط قوت ارادي سان ھر خوف کي شڪست ڏيئي سگهي ٿي!

ڀاڪر

سمنڊ يگن کان پراسرار ۽ ناقابل تسخير آھي. خاص طور تي پورنيما واري رات، جڏھن ھو ھڪ ڇڙواڳ نيم پاڳل شخص جھڙو بي لغامو ٿي پوندو آھي. انھن ڏھاڙن ۾ سمنڊ انسانن کي پنھنجي وحشت ۽ جارحيت سبب وڻندو آھي. اھي ٻئي اداس ۽ شدت پسند رويا انسان ۾ بہ نظر ايندا آھن .
ھونئن بہ فطرت انسان جو عڪس آھي . ڪاوڙ، ڪروڌ، جارحيت، محبت، نرمي ۽ ڪشش انسانن وٽ پڻ ٿئي. سمنڊ سميرہ کي پسند ھو . ھوء ڪڏھن دوستن سان تہ ڪڏھن اڪيلي سمنڊ جي ڀر ۾ اچي ويھندي ھئي . پوءِ لھرن کي پئي ڏسندي ھئي. ھن محسوس ڪيو تہ لھرن وٽ انسان جي ڏکويل دل کي آٿت ڏيڻ جو ھنر موجود آھي.
ھن جو منتشر ذھن شانت ٿيڻ لڳندو ھو. اڄ موڪل واري ڏينھن سميرہ ۽ ھن جا دوست سمنڊ جي ڀرسان ريسٽورينٽ ۾ ڊنر ڪري رھيا ھئا. سميرہ پنھنجي جنم ڏينھن جي موقعي تي پنھنجي دوستن کي دعوت ڏني ھئي. چوڏھينء جو چنڊ آسمان تي جرڪي رھيو ھو، جنھن جي ڪشش ۾ سمنڊ جون لھرون بيچين ٿي، چنڊ کي ڇھڻ جي چاھنا ۾ سمنڊ جي ڀت کي ڇھي رھيون ھيون .
ڪڏھن تہ انھن لھرن جا ڇنڊا ٽيرس ٽپي، اتي ويٺلن جي بت ۾ ڪتڪتايون ڪڍي رھيا ھئا. اھي ڇنڊا جڏھن سميرہ جي گروپ تي پيا تہ ڪيئي ٽھڪ فضائن ۾ ٻري اٿيا.
نيلم، فريال، ضرياب، فواد ۽ ريکا ڪلاس فيلو ھئڻ سان گڏ سٺا دوست پڻ ھئا. فريال ۽ ضرياب ھن سان گڏ پرائيويٽ فرم ۾ ڪم ڪندا ھئا. باقي دوست ٻين ھنڌن تي پنھنجون پيشي ور ذميواريون نڀائي رھيا ھئا. ان گروپ ۾ زندگي ھئي، جيڪا سندن عمر جي نوجوانن مان ختم ٿيڻ لڳي آھي. ڊنر کانپوءِ سڀ روانا ٿيا ۽ ھوء بہ سمنڊ جو نظارو ڪري رھي ھئي تہ ھن ھڪ پريشان حال شخص، جنھن جي ڏاڙھي وڌيل ھئي سمنڊ جي لھرن ڏانھن وڌي رھيو ھو.
”اوہ ! ھي تہ ڄڻ خودڪشي ڪرڻ پيو وڃي. “
ھوء ڪار ۾ ويھڻ جو ارادو ترڪ ڪندي، ان پاسي ڊوڙي جتي ھو لھرن ڏانھن وڌي رھيو ھو.
”پليز اڳتي نہ وڃو، اڳتي تيز ۽ وڏيون لھرون آھن. “ سميرہ رڙ ڪئي . پر ھو ٿيڙ کائيندو اڳتي وڌڻ لڳو . ھن ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺو تہ متان ڪو پوليس وارو ھجي پر ھن کي ڪو بہ وردي پھريل شخص نظر نہ آيو. سمنڊ جي چاڙھ دوران ھتي ڪي گارڊ بيٺل نظر ايندا آھن.
ھن شخص موٽي ڏٺو ۽ ھوء خوفزدہ ٿي وئي. وڌيل ڏاڙھي، ڳاڙھيون ۽ سخت ڪاوڙيل اکيون ڏسي پوئتي ھٽي ۽ ھو سمنڊ ڏانھن وڌڻ لڳو ۽ ھوء بہ سمجهائيندي ھن جي پٺيان ڊوڙي ۽ وڃي کيس ٻانھن کان جهليائين . ھو ان وقت نشي ۾ ھو.
”پنھنجي امڙ جو تہ خيال ڪيو. “ سميرہ چيو.
”تون ڪير ٿيندي آھين مون کي روڪڻ واري. “ نوجوان ھن کان ٻانھن ڇڏائڻ لڳو.
”زندگي خوبصورت آھي ان جي قدر ڪريو. “
پر ھو ھن کي ڌڪو ڏيئي اڳتي وڌيو پر ھن بہ ڊوڙي وڃي جهليس. سميرہ جي گرفت کان ھو پاڻ ڇڏائڻ لڳو .
”پليز پليز توھان کي پنھنجي امان جو قسم. “ سميرہ چيو تہ ھو ساڪت بيھي رھيو ۽ پوءِ ھن جي ڪنبندڙ وجود جي چوڌاري پنھنجون ٻانھون ويڙھي ڇڏيائين ۽ سڏڪا ڀري روئڻ لڳو. سميرہ سگريٽ ۽ الڪوحل جي بدبوء ۾ ٻوسٽ محسوس ڪرڻ لڳي. اجنبي شخص ڪجهہ وقت سميرہ جي ٻانھن ۾ روئيندو رھيو پوءِ ٻنھي کي ھڪ ٻئي جي اجنبي ھئڻ جو احساس ٿيو . سميرہ بہ ڇرڪ ڀريندي ھن کان الڳ ٿي .
”مھرباني. “ اجنبي ٿڪل آواز ۾ چيو ۽ سمنڊ جي حدن کان ٻاھر وڃڻ لڳو . ھوء بہ گاڏي ڏانھن وڌي، جتي ڊرائيور پريشان بيٺو ھو.
ھوء گاڏي ۾ ويٺي ۽ گاڏي سمنڊ جي لھرن جا حدن کان ٻاھر سفر ڪرڻ لڳي. ھن کي پنھنجي وجود مان سگريٽ ۽ الڪوحل جي اڻ وڻندڙ ڌپ اچڻ لڳي. ھن پرس مان پرفيوم جي ننڍڙي بوتل ڪڍي پاڻ تي اسپري ڪئي ۽ سيٽ تي ٿڪل انداز ۾ مٿو رکي ڇڏيائين .
ايڊڪشن جي ڪري ڪيترا نوجوان يا تہ اوورڊوز جي ڪري موت جي منھن ۾ ھليا وڃن ٿا يا شايد خودڪشي ڪري ٿا ڇڏين. سمنڊ بہ تہ انسانن ۾ جارحيت ۽ بيچيني ڀري ٿو ڇڏي. ھن ڪٿي پڙھيو ھو تہ پوري چنڊ جي رات خودڪشيء جا واقعا وڌي ويندا آھن. نشو، فرار جي بدترين قسم آھي، جيڪو ان لمحي جي تڪليف مٽائي انسان جي اندر جي وحشتن کي وڌائي ٿو. منفي اثر کي ڪنھن ٻي منفي عادت سان ختم نہ ٿو ڪري سگهجي.
رات جو ھن کي ننڊ نہ آئي. الائي ڪھڙو ڏک ۽ تڪليف ھئي ان انسان کي.
ڪاش ! ھو سمجهي سگهي تہ ھن جي موت کان پوءِ سندس دوست، والدين ۽ ڀيڻ ڀائر ڪيتري تڪليف مان گذرندا.
شايد خودڪشي ڪندڙ بي حس ھوندا آھن . ھو ڪنھن بہ منفي لمحي جي اثر ھيٺ ھر رشتي کي رد ڪري ڇڏيندا ھوندا. حالتن کان نفرت، خوف جو احساس ختم ڪري ٿي ڇڏي نہ تہ انسان وڌ ۾ وڌ موت کان ڊڄندو آھي.
شايد مون ڪو برو خواب ڏٺو ھو . پاسو ورائي ھوء سمھڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.
جلد ئي ھوء زندگيءَ جي مصروفيتن ۾اھو ناخوشگوار واقعو وساري ويٺي پر پوءِ بہ جڏھن ھوء سمنڊ تي ويندي ھئي تہ اھو لمحو اکين آڏو ڦرڻ لڳندو ھيس.
سمنڊ جذب ڪرڻ جي سگهہ رکي ٿو، جنھن ۾ وقت جو ھر پھر جرڪي اٿندو آھي، انڪري ھن کي ھر موسم ۾ سمنڊ منفرد ۽ نئون محسوس ٿيو. اڄڪلھہ سمنڊ جي سونھن کي ماحولياتي تباھي ختم ڪري پئي ۽ سمنڊ بہ سلهہ ورتل جيان ھوريان مري رھيو آھي. ھن ڪائنات جي ھرشيءَ زوال ڏانھن سفر ڪري ٿي پر سمنڊ جو زوال ھن کي قبول نہ ھو.
اسان کي سمنڊ کي بچائڻ گهرجي، جنھن جي لھرن تي اسان جي ابن ڏاڏن جون اکيون تري رھيون آھن . ان انت ۾ الائي ڪيترا اسرار دفن ھوندا.
ھن جي شاديءَ جوذڪر گهر ۾ ٿيڻ لڳو . ڪاشف نالي ڪو بزنس مين ھو، جنھن سميرہ جو سڱ گهريو. جلد شاديءَ جون تياريون ٿيڻ لڳيون. ھن گهر وارن کي اھو چيو تہ ھوء ڇوڪري سان ملي پوء کين پنھنجي رضامنديء جي باري ۾ ٻڌائيندي. ڪاشف سان ملي سندس رويي ۽ شخصيت کان ڪافي متاثر ٿي ۽ شادي لاء رضامندي ڏيکاريائين. سندس دوستن شاديءَ ۾ ڀرپور حصو ورتو . گانا، ڊانس ۽ ٻيون شرارتون، جيڪي شاديءَ جي تقريب کي شاندار رونق بخشينديون آھن.
شادي کانپوء مھينو تہ دعوتن ۾ مصروف رھيا. ان کانپوء زندگي رواجي روش تي ھلڻ لڳي. ڪاشف جي محبت، توجھ ۽ پيار ڏسي ھوء پاڻ کي خوشقسمت سمجهڻ لڳي. ائين لڳندو ھيس ڄڻ ھوء ڪنھن طلسماتي دنيا ۾ پھچي وئي ھجي.
جنھن دنيا ۾ فقط محبتون، خوشيون ۽ وجد جي ڪيفيت ھئي. ڪاشف ھڪ سلجهيل، سمجهدار ۽ مخلص انسان ھو.
ھڪ ڏينھن ھوء مٿي ٽيرس تي وئي ڪاشف کي سڏڻ تہ ھو ڪنھن سان ڪاوڙ ۾ ڳالھائي رھيو ھو. ھوء دروازي جي پويان بيھي رھي.
”خبردار جي مون کي وري فون ڪيو اٿئي. مون وٽ توکي ڏيڻ لاء ڪو پيسو نہ آھي. مون کي اصليت ياد ڏيارڻ جي ڪا ضرورت نہ آھي. مان ان بري دور مان گذري آيو آھيان. “
ھوء فون تي اجنبي آواز ٻڌي سگهي پئي. ھوء اھي ڳالھيون ٻڌي سخت پريشان ٿي ۽ ڊوڙندي ھيٺ آئي. پنھنجي ڪمري ۾ اچي بيڊ تي ليٽي پئي.
دل تيز ڌڙڪي رھي ھيس. ضرور ڪاشف ھن سان ڪنھن لالچ ۾ شادي ڪئي آھي پر ھڪ ڏينھن ضرور ھن جي حقيقت کلندي.
ڪاشف جي قدمن جي آواز تي خوفزدہ ٿي مڙي.
”خير تہ آھي سميرہ تون ٺيڪ تہ آھين؟“
”جي. . جي . . . مم مان بلڪل ٺيڪ آھيان. “ سميرہ زوري مرڪڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪاشف کي سندس اھو رويو عجيب محسوس ٿيو.
”مان ڪجهہ ڏينھن کان محسوس ڪري رھيو آھيان تہ تون پريشان آھين. “ ڪاشف ھن جا ھٿ جهليا، جيڪي ڏڪي رھيا ھئا. ھٿ برف جيان ٿڌا ھيس.
”جلدي تيار ٿي تہ ڊاڪٽر ڏانھن ھلون ٿا. “
”نہ نہ مان بلڪل ٺيڪ آھيان. “
”مان ڪپڙا تبديل ڪري ٿو اچان اوڪي، پوء ھلون ٿا ڊاڪٽر وٽ. “
ھو ڪمري ڏانھن وڌيو.
اھا عجيب ڳالھہ آھي تہ ھو جيتري محبت ظاھر ڪري رھيو آھي ان جو ڪو سبب ھوندو. ضرور ھو والد پاران ڏنل ملڪيت پنھنجي نالي ڪرائيندو. اھو بہ ممڪن آھي تہ ھو بابا کان پيسو يا ڪا ٻي شيء گهري.
ڪاشف واپس آيو تہ ھوء سوچن ۾ گم ھئي.
شام جو ڪاشف جا دوست آيا. رات جا يارنھن ٿيا تہ ھو سمھي رھي. ھن شراب جي نشي ۾ ڪاشف ۽ سندس ٻن دوستن کي بيڊ روم ۾ داخل ٿيندي ڏٺو. ھوء رڙيون ڪرڻ لڳي. ڪاشف ڊوڙندو بيڊ روم ۾ داخل ٿيو.
ڪاشف جي سڏڻ تي ھوء ننڊ مان سجاڳ ٿي ۽ ھن کي خوف مان تڪڻ لڳي.
”تو شايد ڪو خواب ڏٺو آھي سميرہ. “ ڪاشف پيار سان چپ سندس ڳلن تي رکيا.
ان فون ٻڌڻ کانپوء ھوء پريشان رھڻ لڳي. خوف ۽ شڪ کيس ذھني طور تي بيمار ڪري وڌو . ھوء جڏھن بہ ڪاشف کان سندس والدين يا گهر ڀاتين لاء پڇي ٿي تہ ھو پريشان ٿي اڪثر ڳالھہ ٽاري وڃي ٿو، جيڪو رويو سميرہ کي پريشان ڪري ٿو. ڪاشف جا والدين لاھور ۾ رھن ٿا. شاديء ۾ بہ آيا تہ شاديء ۾ ڪا خاص دلچسپي نہ ھين. اول جڏھن ڪاشف جو رشتو آيو تہ والدين کيس مشڪوڪ ڄاڻائيندي، رشتي کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو، ڇو جو ڪاشف جي والدين بدران دوست جي والدہ آئي ھئي. ڪاشف جو چوڻ ھو تہ سندس ماء پيء پيرسن آھن ۽ لاھور ۾ ھئڻ ڪري سفر نہ ٿا ڪري سگهن.
رات جو ڪاشف ھن کي پنھنجي ويجهو ڪيو تہ ھن سندس ھٿ پري ڪيا.
”ڇا ٿيو سميرہ طبيعت تہ ٺيڪ آھي؟“ ھو پريشان ٿي ويو. پر سميرہ اٿي ھلي وئي.
”سميرہ منھنجي حقيقت جي باري ۾ باخبر تہ نہ ٿي وئي آھي!“ ڪاشف پريشان ٿي سوچيو.
ڪيترا ڏينھن بي يقيني ۽خاموشين جي نذر ٿي ويا.
”مان توھان جي ڀيڻ ڀائرن جي باري ۾ ڄاڻڻ چاھيان ٿي، توھان جي والدين سان ڳالھائڻ چاھيان ٿي. “
”منھنجا فيملي سان اختلاف رھيا آھن، انڪري اھو ممڪن نہ آھي“ ڪاشف سخت لھجي ۾ جواب ڏنو.
”ھتي ڪراچي ۾ توھان جا مٽ مائٽ ھوندا. “ سميرہ مشڪوڪ لھجي ۾ چيو.
”منھنجو دنيا۾ تو کان سواء ڪير بہ نہ آھي. “ ڪاشف اداسيء سان جواب ڏنو.
پر ھن جو شڪ تھائين وڌي ويو. ھوء پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳي. ڪو راز ضرور آھي، جيڪو ڪاشف جي چھري مان ظاھر ٿيندو رھي ٿو. ڪو اڻڄاڻ خوف آھي، جيڪو ھن کي بي چين رکي ٿو. ڪڏھن ڪوڙ، ندامت بڻجي انسان جي عمل يا تاثرات وسيلي ظاھر ٿيندو آھي.
ھن گهڻا ڀيرا سوچيو تہ ڪاشف کان فون جي باري ۾ پڇي پر ڇا ھو کيس سچائي ٻڌائيندو؟ ھوء گهر وارن سان بہ ڳالھہ نہ ٿي ڪري سگهي. ھن وٽ ڪو ثبوت يا منطقي جواز نہ ھو. ھاڻ سندن رشتي ۾ خاموشين جا ڏار پوڻ لڳا آھن. ھوء اڪثر ڪاشف سان تيز لھجي ۾ ڳالھائي ٿي. گهر ۾ ٽھڪن بدران اداسين اچي واھيرو ڪيو آھي. ھاڻ ڪاشف بہ ورائي ڪو تلخ جملو چئي ڏئي ٿو.
”مان ان روز روز جي جهيڙن مان تنگ ٿي پيو آھيان سميرہ. “ ڪاشف ڪاوڙ ۾ چيو.
”مون کي گهر ڇڏي اچو ھاڻ مان وڌيڪ ھتي ھڪ لمحو بہ گذاري نہ ٿي سگهان. اھا بي يقيني مون کي ماري وجهندي. “
”ڪھڙي بي يقيني؟“ ڪاشف کيس ڇرڪي نھاريو.
”مون ان ڏينھن توھان جي ڪنھن شخص سان فون تي گفتگو ٻڌي ورتي، جيڪو توھان کان پيسا گهري رھيو ھو. “
I see” “ ڪاشف کيس اچرج مان ڏٺو.
”توھان مون کان گهڻيون ڳالھيون لڪايون آھن. “
”ھو منھنجو دوست ھو، جيڪو منھنجي ڪن غلطين جو گواھ آھي. ھو مون کان اڪثر پيسا گهرندو آھي ۽ نہ ڏيڻ جي صورت ۾ مون کي بليڪ ميل ڪندو آھي. “ ڪاشف جي چھري تي ڪو پڇتاء ليئا پائڻ لڳو.
” مون ڪڏھن سوچيو بہ نہ ھو تہ توھان جو ڪو لڪل روپ ٿي سگهي ٿو، اھو روپ ايترو برو آھي جو، توھان مون کي نہ ٿا ٻڌائي سگهو. مان ڪو سوال ڪيان ٿي تہ ٽاري وڃون ٿا. انڪري مون توھان کان الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي. “
” سميرہ !!!“
ڪاشف حيرت سان سميرہ کي ڏٺو. سميرہ اٿي بيڊ روم ۾ آئي ۽ جلدي سامان ٺاھڻ لڳي. بيگ کڻي ھوء لائونج ۾ آئي، جتي ڪاشف خاموش ويٺو ھو.
ڪاشف ۽ ھو گاڏي ۾ ويٺا. گاڏي سمنڊ وٽ بيٺي تہ سميرہ سواليہ نظرن سان ڪاشف ڏانھن نھاريو.
”تو مون کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي سميرہ پر آخري ڀيرو ڪجهہ گهڙيون توسان سمنڊ تي گذارڻ چاھيان ٿو. “ ڪاشف اداس لھجي ۾ چيو. اھا اداسي سميرہ کي ھن جي اداڪاري لڳي.
چنڊ آسمان تي نروار ٿيو ۽ لھرون بيچين ٿي، چانڊوڪيء کي ڇھڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳيون. لھرن تي چانڊوڪيء جا ستارا جرڪڻ لڳا. سمنڊ بہ چنڊ جي موھ ۾ مبتلا آھي پر چانڊوڪيء کان خوفزدہ رھي ٿو. ڇو تہ چانڊوڪي لھرن کي پنھنجي مدار کان ٻاھر ڪڍي ٿي . محبت بہ ھڪ گھري ڇڪ آھي، جيڪا محبوب کي خوف ۾ مبتلا ڪري ٿي. شايد ھو پنھنجي ذات جي مدار مان ٻاھر نڪرڻ نہ ٿو چاھي.
”اچو. “ ڪاشف گاڏي جو در کوليو پر ھوء منجهيل ويٺي رھي.
”پليز. “ ڪاشف اميد سان ھن ڏانھن نھاريو.
ڪاشف ھن جو ھٿ جهليو پر سميرہ ھٿ ڇڏائي ورتو.
”توھان کي سمنڊ گهڻو پسند آھي. “ ڪاشف چيو.
”توھان کي ڪيئن خبر پئي تہ مون کي سمنڊ گهڻو پسند آھي“.
سميرہ مڙندي حيرت سان پڇيو.
”اسان جي پھرين ملاقات سمنڊ تي ٿي ھئي. “
”پر مون کي ياد نہ ٿو اچي تہ مان ڪو اڳي توھان سان ملي چڪي آھيان. “
”سميرہ ! تون منھنجي محسن آھين. تو مون کي حالات جي ڌٻڻ مان ٻاھر ڪڍيو آھي. “ڪاشف ھن جي ڪلھن تي ٻئي ھٿ رکيا. تيز ھوائن ۾ سميرا جي وارن ۾ ھن جو چھرو لڪي ويو.
”جي. . . !“ سميرہ پنھنجا وار پوئتي ڪندي، ھن ڏانھن سواليہ نظرن سان ڏٺو. ذھن تي زور ڏيڻ لڳي تہ ھوء ماضيء ۾ ڪاشف سان ڪٿي ملي ھئي؟ پر لاشعور ۾ ڪٿي بہ ھن سان ملاقات جو ڪو لمحو قيد نہ ھو.
”توکي ياد آھي سمنڊ تي چوڏھين رات جڏھن تو مون کي خودڪشي ڪرڻ کان روڪيو ھو. “ ڪاشف جي چھري تي جذبن جو سوز وکريل ھو.
”ڪاشف!“ سميرہ حيرت مان چيو.
” سميرا، مان ننڍپڻ کان رشتن جي اعتبار سان گهڻو بدنصيب انسان رھيو آھيان . اک کولي تہ گهر ۾ والدين جا جهيڙا ڏٺا. پنجن سالن جو ھيس تہ ماء ڇڏي ھلي وئي ۽ بابا ٻي شادي ڪري ڇڏي ۽ مان دنيا ۾ اڪيلو رھجي ويس . مون عمر ھاسٽلن ۾ گذاري. مون کي والدين جو پيار ۽ ڀاڪر نصيب نہ ٿيو . منھنجي زندگيءَ ۾ پيار ڀريي ڇھاء جي ڪمي رھي آھي. پڙھائي کان فارغ ٿيس تہ والد مون کي بزنس ۾ مدد ڪئي پر مون ڪڏھن بہ سندس شفقت نہ محسوس ڪئي. منھنجي اندر جي محرومين مون کي راھ کان ڀٽڪائي ڇڏيو ۽ مان غلط قسم جي دوستن جي چڪر ۾ اچي ويس. ڪافي ڌوڪا کاڌا. مان رستي کان ڀٽڪيل انسان ھيس. ناڪاميون ۽ محروميون منھنجو مقدر بڻجي چڪيون ھيون ۽ مون وٽ زندگي جي خاتمي کان سواء ٻيو ڪو حل نہ ھو.
پر ان ڏينھن جڏھن تو مون کي اجنبي ھئڻ جي باوجود پنھجائپ جو احساس ڏنو. ۽ مان بي اختيار تنھنجي ڀاڪر ۾ روئڻ لڳس تہ تو بجاء نفرت جي مون کي پنھنجي ويجهو رکيو. ان انسانيت ڀريي ڇھاء منھنجي بيمار روح جو علاج ڳولي لڌو . اھو انسانيت ۽ ويساھ جو ڀاڪر ھو سميرہ !“
”پر توھان مون تائين ڪيئن پھتا؟“ سميرہ کي ٻڌل ڳالھيون خواب جو حصو لڳي رھيون ھيون.
”پورو سال مون تباھ ٿيل بزنس جي ٺيڪ ڪرڻ ۾ وقت گذاريو. پاڻ کي بھتر بڻايو. ان دوران سمنڊ وارو لمحو مون سان گڏ ھلندو رھيو. مان اڪثر ويڪ اينڊ تي توھان کي سمنڊ تي ڏسندو ھيس. مون توھان جو گهر بہ ڏسي ڇڏيو ھو. پران مسئلي جو ڪو حل نظر نہ پئي آيو.
منھنجا والدين مون کان پري ھئا، انڪري مون دوست جي ماء کي موڪليو ھو. پر توھان جي والدين جواب ڏئي ڇڏيو. پوء ھڪ اھڙي مھربان دوست منھنجو مسئلو حل ڪيو، جيڪو اوھان جي خاندان جي پڻ ويجهو ھو. “
سميرہ کي محسوس ٿيو تہ ھوء ھڪ غير حقيقي ۽ طلسماتي دنيا ۾ پھچي وئي ھجي.
” سميرہ تون منھنجي محسن آھين، جنھن مون کي نئين زندگي ڏني. مان تنھنجو احسان ڪڏھن بہ نہ لاھي سگهندس“.
”ڪاشف!“ ھن حيران ٿي سندس اکين ۾ نھاريو جن ۾ چنڊ جي عڪس جي پس منظر ۾ جذبن جو اٿاھ سمنڊ ڇلي رھيو ھو.

بي غيرت

رات جي خاموشيءَ ۾ تڏين جي آواز سان گهٽيءَ ۾ ڪتن جون اونايون شروع ٿيندي ئي وحيدہ ڀرسان ستل ڀاڻج شھزادي کي ڏٺو. رات جي ان وقت، زليخا کي تنھائي ۽ خوف جو احساس ٿيندو ھو.
”شھزادي . . . او شھزادي. . !“ زليخا کيس سڏيو.
”اون ماسي سمھڻ ڏي. “ ھن گھري ننڊ مان وراڻي ڏني.
” اٿ مون کي غسلخاني وڃڻو آھي. “ شھزادي اٿي ويھي رھي ڇو تہ کيس خبر آھي تہ دير ٿي تہ پوءِ خراب بسترو کيس ڌوئڻو پوندو.
اڱڻ ۾ ھڪ پاسي غسلخانو ھو. جيئن زليخا اندر وئي تہ ٻاھر رکيل ڪرسيءَ تي شھزادي کي ننڊ ورائي وئي.
” ائي ڇوري وري سمھي رھينء جي ڪري پوان ھا تہ جيڪر سڏ بہ نہ ٻڌين ھا. “ ماسي زليخا، ڪمري ڏانھن ڀڻڪندي وڌي ۽ پويان شھزادي ھلندي اچي کٽ تي ستي.
” ماسي وھم اٿئي تون ڪو نہ ڪرندينء، اجايو منھنجي ننڊ ٿي خراب ڪرين”، شھزادي پاسو ورائي سمھڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.
زليخا کي ڪجهہ وقت کان ان وھم اچي ورايو تہ متان غسلخاني ۾ سندس موت ٿئي ناپاڪيءَ جي حالت ۾ . . .
ھن کي صفائيءَ جو گهڻو خيال رھندو ھو . ھر وقت وضو ۾ رھندي ھئي ۽ ڏينھن ۾ ڪيترا ڀيرا ھٿ ڌوئيندي ھئي . ھٿن جي چمڙي خشڪ ٿي ويندي ھيس. ھوء ڀريي ڀاڪلي گهر ۾ رھي ٿي پر ماڻھن سان گهٽ پوڻ سبب گهر جي ڪنڊ واري ڪمري ۾ رھڻ لڳي . اڳي پراڻو گهر ھوندو ھين پر ڀائرن وٽ پيسو آيو تہ ڀر وارو پلاٽ خريد ڪري بنگلو ٺھرايائون پر زليخا ضد ڪيو تہ ھوء اھو ڪمرو نہ ڇڏيندي، انڪري پراڻي ان حصي ۾ رھي ٿي، جڏھن تہ وچ ۾ ننڍو در ٺھرايو ويو، جيئن اچڻ وڃڻ ۾ سولائي ٿي سگهي. وڏو ڀاء لطيف سندس خيال رکندو ھو. ھڪ تہ زليخا وھمڻ ھئي مٿان ساڳي ڳالھہ بار بار پئي ورجائيندي ھئي. انڪري گهر وارن سوچيو تہ پاسيري ھجي تہ چڱي.
ھن جون ڪيئي محروميون ھيون . شادي ڪجهہ سال مس ھليس . گهر موٽي تہ خاندان جا طعنا تنڪا سٺائين، انڪري وقت سان ھن جي مزاج ۾ تلخي ايندي وئي. صحت جي مسئلن ۾ ويڙھجي وئي. الرجي جي بيماريءَ سان گُردن جو انفيڪشن بہ اڪثر ٿي پوندو ھيس. زندگيءَ کان بي زار ھئي.
ان ڏينھن ڀيڻس زبيدہ ملڻ آيس، جيڪا ڏيراڻي بہ ھيس تہ روئي پئي. زليخا پراڻيون ڳالھيون، مڙس ۽ ڀاڄاين جون گلائون ڪرڻ لڳي سو زبيدہ اچي ڦاٿي. اڃان ڳالھہ بدلائي تہ وري ساڳيو رينگٽ شروع ھن بہ بي زار ٿي چيس.
”ادي! انھن پرڪارن ڪري تہ بيمار ٿي رھين ڇڏ پراڻيون ڳالھيون، ڪا نئين ڳالھہ ڪر تہ ڪو جيءَ خوش ٿينئي. “
” توھين تہ ڪو مون مان ازلي بيزار آھيو. “ ماڳھين چڙي پئي.
” ادي شل نہ ڪنھن ڳالھہ تي ڳت ڏين پوءِ مجال آھي جو ڪنھن جي ڳالھہ سمجهين. “ زبيدہ کي خار لڳي.
” ائي شھزادي چانھن تہ ٺاھي وٺ ماڻھين لاءِ. “ زليخا رڙ ڪئي.
”نہ ادي مان چانھن ڪونہ پيئندس. “
” پوء ڀلا شربت پيئندينء!“
” نہ نہ کائي پي آئي آھيان . “
”جيڪا تنھنجي مرضي. “
”خدا بخش تنھنجو پڇي پيو . “ زبيدہ چيو .
” جائي پڇي پيو. “ پيلن ڳلن تي سرھائي ڇائنجي ويس.
” توسان دل ھيس ادي پر ڀينرن ۽ ماءُ جي ڳالھين ۾ اچي گهر خراب ڪيائين. مرد اھڙو بہ ڪنن جو ڪچو نہ ھجي. “
” منھنجون بہ غلطيون ھيون . پرجي اھڙي دل ھجيس ھا تہ کڻي پرچائي ھا، موروڳو ئي ٻي شادي ڪري ڇڏيائين. “ زليخا ٿڌو ساھ ڀريو.
”ان زال مان ڪو سک نہ پرايو اٿس . تنھنجون پٽون جو لڳيون ھوندس“ زبيدہ جي ڳالھہ ٻڌي ھيانء ٺريس.
”بس ادي مون تہ گهڻي ڪوشش ڪئي نڀائڻ جي پر ھو ماءُ ۽ ڀينرن جي چنبي ۾ ھو . جي چونس تہ اٿ تہ اٿي بيھندو ھو جي چونديون ھيس ويھ تہ ويھي رھندو ھو. ادي ڪنن جي ڪچي مرد جو گهر ڪڏھن نہ ٺھندو اٿئي. “
” مان شھزاديءَ کي وٺڻ آئي آھيان . شادي آ خاندان ۾ سو شھزادي ضد پئي ڪري تہ ھلنديس. “ ٿورو ھٻڪندي چيائين.
” اھو وري ڪيئن ٿيندو! منھنجي بيماريءَ جي خبر اٿئي. “ زليخا جون ڀرون مٿي ڇڪجي ويون.
” ٻہ ٽي ڏينھن ادا وڏي جي گهر رھجانء کڻي. “ زبيدہ منٿ ڪيس.
” نڪو مان ٿي ساڻن رھان . “ زليخا ضدي لھجي ۾ چيو.
” ڀلا شمائلہ ٿي ٻہ ٽي ڏينھن تو وٽ ڇڏيان“. زبيدہ مسئلي جو حل ڪڍيو.
” اڳي بہ ڇڏي ھئيہ ني وات پٽيو پيو ھوندو ھيس . سڏي سڏي نڙي خشڪ ٿي ويندي ھئي پر مجال آھي جو شمي کڻي اٿي. “
”چڱو ھلان ٿي“. مايوس ٿي زبيدہ اٿي.
” منھنجو بہ نياپو ڏجانء خدو مروان کي تہ بڇڙو ڪري جڳ کلايئي ھاڻ ٿو پڇين تہ حال ڪھڙا اٿئي؟”ڏند ڪرٽيندي، زليخا چيو.
زليخا جي ڳالھہ ٻڌي ھوء کلي پئي .
شھزادي اسڪول ويندي ھئي تہ ھوء سڏي ڪنھن کي ويھاريندي ھئي يا وري غسلخاني جو رخ نہ ڪندي ھئي، سو گردن تي اثر پيو ھيس، جنھن جي ڪري بار بار غسلخاني جا چڪر پئي ڪاٽيندي ھئي .
سندس عادتن مان گهروارا بہ ڪڪ ھيس. بار بار وڃي ٻاھرين در جي ڪنڊي جاچيندي ھئي تہ بند آھي يا نہ.
ساڳي ڳالھہ ھر ھر ٻڌي گهر وارا پيا بي زار ٿيندا ھئا.
پوءِ جڏھن نئون گهر ٺھيو تہ سڀني سک جو ساھ کنيو. مھيني ماسي منھن ڏيکاريندي ھين پر ادو لطيف ڀائيندو ھيس. بس ڀاء جو آسرو ھيس. ذھني ۽ جسماني پيڙائن ۾ ورتل زليخا، بي حسي ۽ ٽوڪن جي حوالي ھئي. نہ ڪنھن سندس اندر جو ڏک سمجهيو ۽ نہ ئي ان جو ڪو تدارڪ ڪيو.
اڱڻ ۾ ٻوٽا پوکيا ھيائين . جن جي سار سنڀار ۾ مصروف رھندي ھئي يا وري رليون ۽ ڀرت ڀريندي ھئي ۽ ڀاڄاين کي تحفا موڪليندي ھئي . لڪائي کپائيندي بہ ھئي جنھن مان دوا درمل ڪندي ھئي. آخر ڪيترو ڀائرن کان گهرندي! توڙي ڀاء لطيف ھن جي ھر ننڍي وڏي ضرورت جو خيال رکندو ھو. ھوء بہ سندس ٻارن لاءِ سوکڙيون گهرائي کين ڏيندي ھئي. ٻار ڦڦيءَ کي ڀائيندا ھئا.
تارن ڀري رات ۾ اڄ ھوء ٻاھر ستي پئي ھئي . تارن ڳڻڻ جي عادت ھيس ھڪ ٻہ ٽي چار پنج . . . .
سو تائين پھچي اندازو ٿيندو ھيس تہ ھوء آخر تارا ڇو پئي ڳڻي . آخر تارن کي بہ ڪو ڳڻي سگهيو آھي؟ پاڙي ۾ ٻن ٻلين جي ويڙھ جو آواز آيو تہ ھن ڊپ مان پلئہ منھن تي وڌو . اھو آواز اندر ۾ وحشت ڀري ڇڏيندو ھيس. وحيدہ کي اھو ڏک ھو تہ خدا بخش ھن کي طلاق نہ ڏئي ھا. شادي ڪرڻي ھيس تہ ڪري ھا . ھن کي بہ اھڙي بيقدري مرد سان رھڻ جو ڪو چاھ نہ ھو، جيڪو غلط فھميءَ جي ڪري زال جي عزت نہ ڪري. شروع ۾ گهر موٽي تہ مائٽن جا طعنا ٻڌي بيمار ٿي پئي. گهر وارن جو چوڻ ھو تہ زال جو ڪم آھي برداشت ڪرڻ سو ھن مائيءَ پنھنجي ھٿن سان گهر ڦٽايو آھي. ڪير بہ خدابخش کي غلط چوڻ لاءِ تيار نہ ھو. فقط ھوء ڏوھارڻ ھئي. ڀيڻين جي گهڻي سمجهائڻ تي وڃي ڪجهہ بھتر ٿي.
ٻئي ڏينھن وري زبيدہ آئي، جنھن کي ڪو شھزادي دانھن ڏني تہ ماسي تنگ ٿي ڪري مون کي ماسيءَ سان ناھي رھڻو.
” ادي تون ھلي ھن پاسي رھ ادا تنھنجو ڪمرو ٺھرايو ھو . جيڪو خالي پيو آھي. “ منھنجو ڪمرو بہ ڀر ۾ آھي پئي جاچ لھنديس“. زبيدہ منٿ ڪيس.
”ڀلي شھزاديءَ کي وٺي وڃ منھنجو اولاد تہ نہ آھي جو ڪھل پونديس“.
اھو ٻڌي زبيدہ کڻي بس ڪئي.
زليخا، صندوق ۾ شادي جو وڳو سنڀالي رکيو ھو، سو ڪڏھن اھو سنڀالي رکيل وڳو ڪڍي ڏسندي ھئي . ھاء ھاء اھي بہ ڪي ڏينھن ھئا . خدو ڪيڏو ڀائيندو ھيم. جيڪا شيءَ ھن لاءِ آڻيندو ھو سا ماءُ ۽ ڀينرن لاءِ بہ آڻيندو ھو. پر پوءِ بہ حسينہ ۽ بلقيس کي خدا جي مار پوي، پيون ڀاء کي ڀڙڪائينديون ھيون . سس بہ ڌيئرن جو پاسو کڻندي ھئي . کيس طلاق ڏياري لاڏي ڪوڏي ٻيءَ کي وٺي آيون تہ ان منھنجا بہ بدلا ورتن. مجال آھي جو ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪري . ساڳيون پاڻ پيون لوڙينديون ھيون . مون ڀيري تہ مھاراڻين وانگر کٽ تي ويھي پيون حڪم ھلائينديون ھيون .
کڙڪو ٻڌي ھڪدم صندوق بند ڪيائين .
ھٿن کي ملم ھڻي اچي کٽ تي ويٺي، جيڪي بار بار ڌوئڻ جي ڪري ڦٽي پيا ھيس.
زبيدہ ايندي نظر آيس ھٿن ۾ سامان ھيس .
” ھي خدا بخش عيد جو وڳو ۽ خرچي موڪلي اٿئي. “
اھو ٻڌي تپي باھ ٿي وئي. پيسن سان گڏ وڳو زمين تي اڇلايائين. ان وقت پٺيان ايندڙ خدا بخش اندر گهڙيو، جيڪي خدا بخش جي پيرن ۾ ڪريا.
زبيدہ اتان کسڪي وئي.
”مان تو سان شادي ڪرڻ ٿو گهران.
“ نماڻائيءَ سان خدا بخش چيو. “
” ھان! “ ھوء حيرت جي کاھين ۾ وڃي ڪري.
” ڇا ننڍپڻ جي محبت وسري وئي آ توکان؟“
” ھوش ۾ تہ آھين خدا بخش!“
” ھوش ۾ تون نہ آھين . مڃان ٿو تہ مون کان غلطيون ٿيون ھيون . غلطي انسان کان ٿيندي آھي، جڏھن رب بندن جي خطا معاف ڪري ٿو ڇڏي تہ پوءِ انسان ڇو نہ ٿو درگذر ڪري. “ جذباتي ٿيندي خدا بخش چيو.
”طلاق کان پوءِ وري شادي ڪيئن ٿيندي؟“
”ان لاءِ توکي ٻي شآدي ڪرڻي پوندي . “
”ھان!“ زليخا رڙ ڪئي.
”خدا جي واسطي انڪار نہ ڪجانء نہ تہ مان پاڻ ماريندس. “ ھو روئي پيو.
خدا بخش محسوس ڪيو تہ زليخا جي من جو ميڻ رجڻ لڳو آھي.
”ٻي شآدي ؟ پر مون سان شادي ڪير ڪندو ؟“ وحيدہ اداسيءَ مان چيو.
”منھنجو دوست آھي، جنھن کي مون مڃايو آھي. “ خدا بخش ليلائيندي چيو.
”تون نڪر ھتان خدا بخش نہ تہ چڱو نہ ٿيندء . “ بي عزتي کي محسوس ڪري، زليخا جون اکيون اُلا وسائي رھيون ھيون . خدا بخش ھن جي حالت ڏسي اتان ھليو ويو . پر پوءِ ھن ڪو اھڙي سڀني تي جادو ڪيو جو ھر ڪو خدا بخش جو پاسو کڻي کيس ريجهائڻ لڳو. آخرڪار ھوء بہ شاديءَ لاءِ راضي ٿي وئي.
زليخا، شاديءَ رات ساجد کي ڏٺو، جيڪو عمر ۾ ھن جيڏو ھو. ھو شڪل ۾ چڱو لڳس. سانوري رنگ تي نمايان اکيون پرڪشش ھيس. چھري تي مردن واري سختي بدران نرمي ھيس ۽ لھجو نرم ۽ وڻندڙ . اٺ درجا پاس ھو پر گفتگوء پڙھيلن واري ڪندو ھو. ھو خدا بخش کا تمام مختلف ھو. ھوء جا مردن کان نفرت ڪندي ھئي پر ھاڻ ھن جي سوچن ۾ تبديلي اچڻ لڳي. ساجد جي پھرين زال ٽي سال ٿيا جو گذاري وئي ھئي، جنھن مان ٻہ ٻار ھيس. چئن سالن جي رقيہ ۽ ستن سالن جي خليل جنھن وقت رقيہ کيس امان ڪوٺيو تہ ھيانء ٺري پيس ۽ خوشيءَ مان اکين ۾ پاڻي اچي ويس. احساس ٿيس ڄڻ ھن جي ڌيءَ ھجي.
ٻہ ھفتا ٿيا خدا بخش جو ڪو ڏس پتو نہ ھو. ھو چئي ويو ھو تہ ستت ئي موٽندس. زليخا کي اچي ڳڻتيء ورايو.
ڪجهہ ڏينھن ساجد کي ھوء ڌڪاريندي رھي . بي عزت ڪندي رھي پر ھو بہ ساڻس پيار سان ھلندو رھيو. ھو ويجهو ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو ھو تہ پري ٿي ويندي ھئي.
رات جو ھوء پٺي ڏيئي ستي پئي ھئي تہ ھن ڀاڪر وڌس تہ زليخا پاڻ ڇڏائڻ لڳي .
”پري ٿي مونکان . “ ڇھاء سان ڪرنٽ لڳس ڄڻ تہ. . .
”ڪيئن پري ٿيان تون منھنجي زال آھين ۽ زال جا حق پورا ڪرڻ کانسواءِ ڪيئن طلاق ٿيندي؟“ ساجد ڀاڪر ۾ وجهي سوڙھو ڪندي ڪن ۾ چيس.
”تو لالچ ۾ اچي مون سان نڪاح ڪيو آھي. “ زليخا ھن کي پري ڌڪو ڏيندي چيو.
”ھائو برابر پر تون منھنجي وني آھين. سھڻي آھين توکي ڏسي دل بي قابو ٿي وڃي ٿي. “ساجد پيار سان ھن سان کيچل ڪندي چيو. ھوء سندس مضبوط ھٿ پري ڪرڻ لڳي .
ناڪام ٿي سڏڪا ڀرڻ لڳي.
”مان توکي پسند نہ ٿي ڪيان ڇو جو تو شرطن تي مون سان نڪاح ڪيو آھي. عورت اھڙي گهٽ درجي جي مرد جي حوالي جسم ڪرڻ کان وڌيڪ مرڻ پسند ڪندي آھي. مون کي تنھنجي وجود کان ڪرڀ ٿي اچي. “
ھوء پوري قوت سان مزاحمت ڪندي رھي پر ساجد جي چپن جي ڇھاء ۾ ھن جي من جي مينا ٻولڻ لڳي. چوڙين جي ڇڻ ڇڻ ۾ ساھن جي مڌر موسيقي شامل ٿي وئي. سالن جي بي حسي جي برف رجڻ لڳي. بٺ ڌرتي جذبن جي برسات ۾ اڃ اجهائڻ لڳي.
غريباڻو گهر ھين . ساجد جا ٻہ ڀائر ۽ چار ڀينرون ھيون . ماءُ بيمار ھيس. سھري بہ عزت ڏنس. وقت گذرندو رھيو ۽ ھوء مڙس ۽ ساھرن جو پيار حاصل ڪري ٺيڪ ٿي وئي . خوف ۽ وھم وسوسا ختم ٿي ويا ۽ ھوء روشن صبح وانگر زندگيءَ جا آثار محسوس ڪرڻ لڳي. پر ان جي باوجود بہ زليخا جي من ۾ بي يقينيءَ جو مچ پيو ٻرندوھو، جنھن جي ڄر ۾ احساس کي لھس پئي ايندي ھئي.
”تو ڪھڙي لالچ ۾ مون سان نڪاح ڪيو آھي؟“
”ادي خدا بخش جا مون تي وڏا احسان آھن . ھن مون کي سڄي ڳالھہ ٻڌائي مون کي شادي ڪرڻ لاءِ زور ڀريائين. “
”تو کانئس ڪيترا پئسا ورتا؟“ زليخا جون اکين مان باھ جا اُلا وسڻ لڳا.
”نہ نہ رب جو قسم جو تو سان ڪوڙ ڪريان. خدا بخس جا مون تي ڪيئي احسان آھن. مٿان وري ھن ھن ٻہ سال اڳي امان جي علاج جو وعدو ڪيو ھو تہ ھن جي دل جو آپريشن ڪرائيندو. “ ساجد ڏکاري لھجي ۾ چيو.
اھو ٻڌي زليخا کي ڏک ٿيو.
” ڇا تو اھا ڳالھہ گهر وارن کي ٻڌائي آھي ؟“ زليخاپڇيو.
”نہ. “ ھو گھري سوچ ۾ ھو.
”مون کي طلاق نہ گهرجي ساجو!“ وحيدہ پيار مان چيو.
”ڇا ٿي چوين ! دماغ تہ ٺيڪ اٿئي؟“ ساجد حيرت مان چيو.
”مون کي ھتي تمام گهڻو پيار مليو آھي، جنھن کي پائڻ لاءِ سڄي ڄمار سڪندي رھي آھيان. ابي مون کي ملڪيت مان ٿورو حصو ڏنو آھي. مون وٽ پنھنجا ڳھ بہ آھن سي کپائي امان جو علاج ڪرائينديس. “
ساجد حيرت مان کيس ڏسندو رھيو. عورت جڏھن پنھنجا ڳھ کپائڻ جي ڳالھہ ڪري تہ معني ھوء ور سان پيار ڪري ٿي.
”پيار ٿي ويو اٿئي ڇا مون سان؟“ ساجد مرڪي چيس.
” ھا. “ ڪنڌ جهڪائي شرمائي چيائين.
” توکي مون سان پيار نہ آھي ساجد؟“
” نہ. “ھرو ڀرو رکائيءَ مان چيائين تہ ھوء دکي ٿي وئي . ھو ھن سان مڙئي وقت گذاري رھيو آھي. . .
ھوڏانھن ساجد سوچيو ڇو آسرو ڏيانس ڪھڙو وري سدائين رھندي!
زليخا جي طبيعت خراب رھڻ لڳي. الٽيون شروع ٿي ويس. ڊاڪٽر ڏانھن وٺي ويس تہ ھن حمل ٻڌايو. اھو ٻڌي ساجد جي پيرن ھيٺان زمين نڪري وئي. پر ھوء تمام گهڻي خوش ھئي . ھن ڪڏھن سوچيو بہ نہ ھو ڪو تہ ھن جي جهولي آباد ٿيندي!
ساجد گهر اچي منھن ويڙھي سمھي رھيو. ڪھڙو منھن ڏيکاريندس خدا بخش کي؟ ھو ڇا سوچيندو منھنجي باري ۾ ! مون کي ڌوکيباز سمجهندو. الاءِ ڪھڙي جٺ ڪندو! خبر نہ آھي ڪيئن زليخا ھن جي حواسن تي ڇائنجي وئي. ھرپل ھر گهڙي ھن جون اکيون کيس ڳولينديون رھن ٿيون . ٻارن جو الڳ ساھ اٿس. امي ابي جي عزت ڪري ٿي . نڻاڻن ۽ ڏيرن کي ساھ ۾ سانڍي رکيو اٿس. ھاڻ ڪيئن کائنس جدا ٿيندس. ماني بہ نہ کاڌائين ۽ بي ستو پيو رھيو.
ٻئي ڏينھن خدا بخش ملڻ آيس . ھو اوطاق ڏانھن ڊوڙيو.
” خدا بخش ڏاڍا ڏينھن لاتا اٿئي. خير تہ ھو نہ!“
” خير وري ڪٿان جو سخت بيمار ٿي پيو ھيس. اسپتال داخل ھيس“ جهيڻي آواز ۾ چيائين.
ھو اڳي کان ڏٻرو ٿي لڳو. اکيون ڏرا ڏيئي ويون ھيس.
” ايترا ڏينھن ٿي ويا پر تو بہ تو ڪا خبر چار نہ لڌي. “ اکيون ڦوٽاريندي چيائين.
” ھو . . . ڀائو وڏا ڳالھہ اھا آھي تہ . . . “
” نيت ۾ فرق اچي ويو اٿئي ڇا؟“خدا بخش طنز ڪيو.
” نہ نہ اھا ڳالھہ نہ آھي. “
” ڏسين ڇا پيو ڏينس طلاق ۽ منھنجي حوالي ڪرينس مان کيس وٺڻ آيو آھيان. “ خدا بخش سخت ڪاوڙ ۾ ٿي لڳو.
” مان اچان ٿو ترس. “ ھو تڪڙو گهر ڏي روانو ٿيو. ڪمري ۾ زليخا مٿو ويڙھي ليٽي پئي ھئي .
” زليخا، اٿ خدا بخش آيو آھي. “ سھڪندي پريشانيءَ مان چيائين.
” آيو آھي تہ مان ڇا ڪيانس“. زليخا بيزاريءَ مان چيو.
” ھو چوي ٿو تہ جيڪو واعدو ڪيو ھيئي سو پورو ڪر. “
ھوء اٿي ھن جي سامھون اچي بيٺي. گهوري اکين ۾ ڏسي رھي ھيس. اکين ۾ باھ جي ڄر، ساجد دل وٽان ايندي محسوس ڪيا.
” پوءِ ڏي مون کي طلاق. “ ھن جي اکين ۾نھاري چيائين تہ ساجد پاڻ کي ڌٻڻ ۾ ڪرندي محسوس ڪيو.
” تون طلاق وٺڻ گهرين ٿي؟“. ساجد جو لھجو ڏڪي رھيو ھو.
” نہ مان توسان رھڻ ٿي چاھيان. “ اکين مان لڙڪ وھڻ لڳس.
” پوءِ ھلي پاڻ خدا بخش سان ڳالھاء. “
ھوء وڏو رئو ويڙھي اڱڻ پار ڪري گهر جي ڪنڊ ۾ واقع اوطاق ۾ پھتي. ھن کي ڏسي خدا بخش گلاب وانگر ٽڙي پيو.
” مان توکي وٺڻ آيو آھيان زليخا!“
” پر مان ساجد سان رھڻ ٿي چاھيان. ” زليخا سخت لھجي ۾ چيو.
”ڇا!“ خدا بخش ڄڻ ڪنھن کاھيءَ ۾ وڃي ڪريو.
”توسان ست سال رھيس پر تو مون کي سواء بي عزتيءَ جي ڇا ڏنو؟“
” ڏاڍو پڇتايو اٿم زليخا، ھاڻ پنھنجي گناھن جي بوجهہ کي ختم ڪرڻ ٿوگهران. تو کي ايترو پيار ڏيندس جو تون سمورا ڏک وساري ڇڏيندينء. ھڪ ڀيرو مون تي ويساھ ڪري تہ ڏس. “خدا بخش ليلائيندي چيو.
”ستن سالن ۾ اولاد نہ ٿيو انڪري تو مون کي طلاق ڏيئي ڇڏي . تو ٻي شادي ڪئي پر ان مان بہ توکي اولاد نہ ٿيو. تنھنجي قسمت ۾ اولاد لکيل ئي نہ آھي خدا بخش!“
”تون چوڻ ڇاٿي چاھين “. خدا بخش جي ھيانء ۾ ڄڻ ڪو ڌڪ لڳو.
”مان پيٽ سان آھيان. “ اکيون شرم سان جهڪي ويس.
”ڇا!“ خدا بخش حيرت وچان رڙ ڪئي.
”مون کي ساجد جيترو پيار ڏنو اھو مان نہ ٿي وساري سگهان. تنھنجي گهر وارن مون سان جٺيون ڪيون پر ھتي سس سھري مون کي ابي امان جو پيار ڏنو. مون کي پھريون ڀيرو احساس ٿيو تہ گهر جو سک ڇا ٿيندو آھي!“
”تو مون کي ڌوڪو ڏنو آھي ساجد مان توکي نہ ڇڏيندس. “ ھن ساجد کي ٻہ ٽي مڪا ھنيا. ھو ٻئي پاڻ ۾ وچڙي ويا. ھوء وچ ۾ پئي تہ ھن کي بہ ڌڪ لڳا . زليخا پوري قوت سان خدا بخش کي ڌڪو ڏنو ۽ چماٽون ھڻڻ لڳي.
ڳٽا مھٽيندي، ھو ڦاٽل اکين سان زليخا کي ڏسڻ لڳو.
”خبردار جي منھنجي ور کي نقصان پھتو تہ جيئرو ڪانہ ڇڏيندي سانء“. زليخا جا ننھن خدا بخش ڳچيءَ ۾ کپي ويا.
”توکي خبر پئي تہ بابي منھنجي نالي ملڪيت ڪئي آھي تو محبت جو ڊرامو ڪري مون کي خوار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مان چوانء ٿي ھليو وڃ ھتان ۽ جيڪڏھن ٿورڙي بہ غيرت ھوندء تہ وري ھيڏانھن جو رخ نہ ڪندين. “ اکيون ڦوٽاريندي، زليخا رڙ ڪئي.
زليخا جو نئون روپ ڏسي، خدا بخش حيرت مان کيس نھاريو ۽ ڪنڌ ھيٺ ڪري ٻاھر نڪري ويو.

محرومي

سياري جي ٿڌي اس وڻن جي چوٽين تي جرڪي رھي ھئي. شام ٿيندي ئي فزيوٿيراپي سينٽر کلي ويندو آھي. خاص طور تي سياري جي مند ۾ جسم جي سور جا مسئلا وڌي وڃن ٿا، انڪري سينٽر ۾ مريضن جو تعداد وڌي ويندو آھي. ھتي گهڻي ڀاڱي فالج جا ڪيس وڌيڪ ايندا آھن يا وري اھي مريض، جيڪي دوا کائڻ کان لھرائيندا آھن، سي فزيوٿيراپي ڪرائيندا آھن.
رسيپشن تي ھڪ ننڊاکڙي ڇوڪري مريضن کان پيسا وصول ڪندي کين پرچي ڏيئي رھي ھئي. جيئن سينٽر ۾ داخل ٿبو تہ رسيپشنسٽ جي ٽيبل جي ڀرسان در آھي، اندر وڃبو تہ ھڪ وڏو ھال نظر ايندو، جنھن جي ھڪ پاسي پردي جي پارٽيشن ڏيئي چڪاس بيڊ رکيل ھئا. ٻہ ٽي مريض بيڊ خالي ٿيڻ جي انتظار ۾ بي زار نظر آيا. صبيحہ اندر ايندي ئي رڙ ڪئي .
” اڄ ناصر آيو آھي؟“ ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسڻ لڳي.
فزيوٿيراپسٽ، ان وقت ھڪ ڪراڙي شخص کي ٽنگن جي مشق ڪرائي رھيو ھو، جيڪو فالج ٿيڻ کان پوءِ ڪجهہ ڏينھن ھلڻ کان ھلاک ھو پر ھاڻ فزيو ٿيراپي کان پوءِ ھلڻ شروع ڪيو اٿس.
”جي ميڊم آء ھتي موجود آھيان. “ ٻاھر نڪري ھن صبيحہ کي پنھنجي صورت ڏيکاري تہ ھوء خوش ٿي.
”ڪلھہ نہ آيو ھئين انڪري پڇان پئي. “ صبيحہ پنھنجي واريءَ جو انتظار ڪرڻ لڳي. ھن جي قيمتي ڪپڙن تي ھاريل امپورٽيڊ پرفيوم جي خوشبوء سان سڄو سينٽر مھڪي پيو. بي ستا مريض پنھنجي اندر زندگي محسوس ڪرڻ لڳا.
ان وقت تھمينہ اندر داخل ٿي، جيڪا پڻ ناصر جي ٿيراپي جي مداح ھئي. ھوء ميڊم صبيحہ جي آفيس ۾ سندس ماتحت ھئي. صبيحہ کي ڏسندي تھمينہ مايوس ٿي . اول اھا فزيو ٿيراپي ڪرائيندي پوءِ منھنجو وارو ايندو. جڏھن تہ ھوء وقت تي پھتي ھئي. ڪاش ميڊم کي ان فزيو ٿيراپي سينٽر جو ڏس نہ ٻڌايان ھا! اندر ۾ جک کائڻ لڳي.
”ھيلو، تھمينہ تنھنجو سور اڃان گهٽيو ڪونھي؟“صبيحہ پڇيو.
”نہ ميم ٽي مھينا ٿيا آھن فزيو ڪرائيندي لڳي ٿو وقت لڳندو. “
ھن صبيحہ جي ڪپڙن کي ڏسي شرم محسوس ڪيو . پوڙھيءَ کي ذرو بہ شرم ڪونھي. ايتري سوڙھي ۽ سنھي قميص پائي آئي آھي سڄي برا نظر پئي اچيس. مائي رٽائرمينٽ جي ويجهو آھي پر شوق تہ ڏسوس! ھن ميڊم صبيحہ جي حليي تي نظر وڌي . بوب ڪٽ اسٽريڪنگ ٿيل وار، گول چھرو، بي ڊولو جسم جنھن تي ھزارن جو قيمتي سوٽ ٿاڦي آئي ھئي. مٿان امپورٽيڊ پرفيوم ھڻي آئي ھئي جنھن سان، پورو سينٽر معطر ٿي ويو. اتي موجود ڪراڙا مريض وڏا ساھ کڻي خوشبوء کي محسوس ڪري رھيا ھئا، جن لاء ميڊم ڪنھن حور کان گهٽ نہ ھئي.
” اچو ميڊم . “ ناصر کيس سڏيو تہ ھوء ٽپ ڏيئي اٿي،
ھن فزيو ٿيراپي سينٽر تي ڇوڪريون بہ آھن پر صبيحہ کي ناصر جي ٿيراپي پسند آھي. ناصر کي سينٽر ۾ ڪم ڪندي ڏھ سال ٿيا آھن . ھن وقت ھو سينئر ٿيراپسٽ آھي، جنھن جي نظرداري ھيٺ ست ٿيراپسٽ ڪم ڪري رھيا آھن . ھو انتھائي نرم گفتگو ڪندڙ ۽ شريف انسان آھي. سدائين مرد مريض کڻندو آھي پر ھن سينٽر جي مالڪ، ڊاڪٽر پرڪاش چواڻي تہ ڊاڪٽر ھڪ مسيحا ٿئي ٿو . کيس صنفي تفريق نہ جڳائي.
صبيحہ کي فروزن شولڊر آھي. مردن ۾ دل جون بيماريو ن عام آھن تہ عورتن ۾ وري فروزن شولڊر جو مرض عام آھي. اول صبا آئي ۽ ميڊم کي مساج ۽ سور گهٽائڻ واري مشين لڳائي ھلي وئي. صبيحہ برقي چھنڊڙيون سھندي ڇرڪ ڀريندي رھي. پوء ھيٽنگ پيڊ لڳائڻ کانپوء اسسٽنٽ صبا فارغ ٿي تہ ناصر آيو ۽ کيس مشقون ڪرائڻ لڳو . ھوء تڪليف سان پيلي پئجي وئي.
”ميم اوھان گهر ۾ مشقون نہ ٿيون ڪيو ڇا!“
”منھنجي مڙس کي ٽائم ڪونھي، ٻيو ھو منھنجي بيمارين مان سخت بيزار آھي. رات گهر اچي دير سان ٿو. ڪير مدد ڪندو. “ صبيحہ جي لھجي ۾ حسرت ڀريو ڏک ھو.
”ميم ڀلا ٻار توھان جي ھيلپ ڪري سگهن ٿا. “ ناصر کي اھو سوال پڇندي احساس ٿيو تہ ھو شايد اذيت پسند ٿيندو پيو وڃي.
”ڌيءَ مصروف آھي پڙھائيءَ ۾ باقي پٽ تہ خبر اٿئي ٻڌن ڪونہ. “
”بنان ڪنھن جي مدد جي، جيڪي مشقون ٻڌايون اٿم، اھي ڪندا ڪريو . “ناصر نرم لھجي ۾ چيو.
”ٺيڪ آھي. “ صبيحہ جي چھري تي ڪجهہ سڪون ھو . ھن جي سور ۾ گهٽتائي ٿي نظر آئي.
ھوء ڪنھن فاتح ملڪہ وانگر ھوريان ھلندي ٻاھر نڪتي تہ تھمينہ جو وارو آيو. کيس چيلھہ ۾ سخت سور ھو. ھوء ڪوچ تي الٽي ليٽي پئي . مس انيتا ساڻ ھئي، جنھن کيس اول جيل ھنئي. انفراريڊ جي شعاعن کان پوءِ مساجر سندس پٺي تي گهمڻ لڳو . پنھنجي ڪم مان فارغ ٿي انيتا، ناصر کي سڏي آئي. ناصر ھن کي ايڪسرسائز ڪرائڻ لڳو . مرد جي ھٿ جو تحفظ محسوس ڪري، تھمينہ جو ذھني دٻاء گهٽجڻ لڳو. ھن جي ھٿ ۾ ڪو جادو ھو جو، تھمينہ جي چيلھہ جي سور جون سٽون شانت ٿينديون رھيون.
”توھان پنھنجي جسم کي ڍلو ڇڏيو“. ناصر چيو.
ھن ڪوشش ڪئي پر جسم سخت ۽ ڇڪي رکيو ھئائين.
”توھان کي اينگزائٽي آھي، انڪري توھان رليڪس نہ آھيو. ٻيو توھان جو پوسچر ٺيڪ نہ آھي. توھان سڌا ويھندا ڪيو ھن طرح. “ناصر پاڻ پنھنجي چيلھہ کي سڌو ڪري ڏيکاريندي چيو.
تھمينہ ۾ زندگيءَ کان بيزاري جي ھر علامت موجود ھئي . پوسچر انسان جي اندرين ڪيفيتن جي عڪاسي ڪري ٿو. ماڻھوء جي اٿڻ، ويھڻ ۽ ھلڻ جي رمزن ۾ ھن جون ذھني ڪيفيتون لڪل ھونديون آھن.
ناصر جا ھٿ ٻيھر ھن جي جسم تي رقص ڪرڻ لڳا.
”جي بھتر. “ ھوء ننڊ جي خمارن ۾ ھئي.
”ميم توھان خوش رھندا ڪريو. خوش رھندو تہ ڪو بہ سور ويجهو نہ ايندو. “ناصر پنھنجائپ سان چيو تہ ھن جي اندر جي اونداھين ۾ ڪيئي روشن ڏيئا ٻري پيا.
تھمينہ ڪو بہ جواب نہ ڏنو خاموشيءَ سان ليٽيل رھي.
”گهر ۾ ٻيو ڪير آھي، جيڪو توھان کي مشقون ڪرائي سگهي. “
”مان ۽ امان رھندا آھيون. امان پاڻ بيمار رھي ٿي، انڪري ڪير بہ نہ آھي مشقن ڪرائڻ لاءِ . “ ھن جي لھجي ۾ تنھائي ۽ محروميءَ جو احساس جهلڪڻ لڳو. پنجٽيھن سالن ۾ ڪو مرد ايترو ويجهو نہ بيٺو ھوندو، جيترو ناصر ھن جي ڀرسان بيٺو ھو. ھن جا ھٿ سندس وجود ۾ جلترنگ پيدا ڪري پيا ڇڏين. ھوء ھڪ طلسماتي دنيا ۾ داخل ٿي چڪي ھئي، جتي ھن جي احساس جي حڪمراني ھئي. جتي ھر منظر خوبصورت ۽ جذبا شفاف ھئا.
”توھان سوچيو الاھي ٿا. “ ناصر ھن جي پٺي تي ھٿن جو بار وجهندي چيو.
”ھا بار بار ساڳيو خيال ايندو آھي. “ تھمينہ ھوريان جواب ڏنو.
”خراب ذھني حالت جو جسم تي بہ اثر پوي ٿو. ذھن ئي انسان کي بيمار ڪندو آھي. ڪنھن نفسياتي ماھر سان مشورو ڪريو. “
”اھو بہ ڪري ڏٺو ھيم. دوائون کائي ستي پئي ھوندي ھيس. روز آفيس دير سان پھچندي ھيس ۽ ميڊم صبيحہ دڙڪا ڏيندي ھئي، انڪري دوائون بند ڪري ڇڏيم. “
”ھا دوائون مسئلي جو حل نہ آھن پر مضبوط قوت ارادي سان فرق پئجي سگهي ٿو. “
تھمينہ جو سور جهڪو ٿيندو ويو پر اندر جي اڪيلائيء جو سور وڌندي محسوس ڪيائين. ھن جا سٺا رشتا ايندا ھئا تہ والد ڪا نہ ڪا خامي ڪڍي رد ڪري ڇڏيندو ھو. والد گذاري ويو. ڀينرن جي شادي ٿي وئي. ڀائر، زالن کي وٺي الڳ گهرن ۾ رھڻ لڳا. ماء ۽ ھوء اڪيليون رھجي ويون. ماء بہ بيمار آھي، ان جو اونو الڳ ٿو رھيس. عمر گذرڻ کانپوء شادي شدہ مردن جا رشتا اچڻ لڳا. پر لفظ، پھاڄ کان کيس ڪرڀ ايندي آھي. اھو فڪر الڳ تہ شادي ڪري ھلي ويندس تہ امڙ کي ڪير ڏسندو!
”ميم ھاڻ ڪجهہ سور گهٽيو آھي نہ. “ ناصر پڇيو.
”جي. “ فزيو ٿيراپي ختم ٿي تہ ھوء اٿي.
”ھاڻ ھفتي ۾ ٽي ڀيرا ايندا ڇو تہ ھاڻ بھتري اچڻ لڳي آھي. “ ناصر چيو.
”پر منھنجي تڪليف اڃان ساڳي آھي. “ اھو ٻڌي پريشان ٿي وئي.
”آھستي اثر ٿيندو. پريشان نہ ٿيو اميد آھي تہ جلد فائدو ٿيندو. “نرم ۽ مھربان لھجو ھن جي ازلي محرومين جو ازالو ڪرڻ لڳو.
ھوء ٻاھر نڪتي تہ ناصر اچي آفيس ۾ ويٺو . شام جا پنج ٿيا ھئا . چانھن جو وقت ٿيو ھو . مٿي ۾ سور اڀرندي محسوس ڪيائين. انيتا، سميعہ ۽ آصف بہ اچي ويٺا. چانھن پيئندي مذاق بہ ھلندو رھيو.
ان ڏينھن ھن جو ڊاڪٽر پرڪاش سان ڪنھن ڳالھہ تي بحث ٿي پيو . ڊاڪٽر پرڪاش بہ گهران زال جا دڙڪا کائي آيو ھو سو ناصر سان تيز ٿي ويو. اھو پھريون موقعو ھو جڏھن ھن ناصر کي گهٽ وڌ ڳالھايو ھوندو.
ھو ٻئي ڏينھن سينٽر نہ آيو پر پنھنجو استعيفي موڪلي ڏنائين. ٻئي ڏينھن وقت تي صبيحہ آئي ۽ اھو ٻڌي پريشان ٿي وئي.
”ھتان نوڪري ڇڏي ويو ! ڀلا ڪو ڪانٽيڪٽ نمبر ڏيو. “ ھن پريشانيءَ مان چيو.
”پرڪاش صاحب منع ڪئي آھي نمبر ڏيڻ لاءِ. “ ميڊم صبيحہ مايوس ٿي ٻاھر نڪتي.
تھمينہ کي خبر پئي تہ روئڻھارڪي ٿي وئي. پيرن ھيٺان زمين کسڪندي محسوس ڪيائين.
” ميم مان ايڪسرسائيز ڪرائي سگهان ٿي“. سميہ چيو.
پر تھمينہ دکي ٿي واپس ھلي وئي. ڪجهہ ڏينھن ترسي ٻيھر وئي پر اتي ناصر ڪونہ ھو. ھو فقط مشقون نہ ڪرائيندو ھو پر مريضن ۾ ھمدردي ۽ پنھجائپ بہ ورھائيندو ھو . اڌ بيماري تہ ھن جو لھجو ٻڌي ختم ٿيندي ھئي.
” ھاڻ ناصر ڪونہ ايندو؟“. تھمينہ، آصف کان پڇيو.
” ڪو ٻيو سينٽر جوائن ڪيو اٿس. “ آصف وراڻيو.
” ڪھڙي پاسي آھي سينٽر ايڊريس ڏيو. “ ھن اداسيء مان پڇيو.
” پرڪاش صاحب ناراض ٿيندا . سندن حڪم آھي تہ ناصر جو ڏس پتو ڪنھن بہ مريض کي نہ ڏنو وڃي. “
” اڇا!“ تھمينہ جي اکين آڏو انڌاري ڇائنجي ويس.
” ميم اسان بہ ٽرينڊ فزيو ٿيراپسٽ آھيون . توھان مقرر وقت تي ايندا تہ فزيو جو سيشن ٿي ويندو“. آصف چيو.
” جي. “ آواز پاتال مان ايندي محسوس ڪيائين. احساس جي چھنڊڙين گهائل ڪري وڌس.
چھري تي ڏک سان گڏ سندس اکين جا ديپ اجهامي ويا.

صوفي

ھن جي زندگي ماضي جي تلخ تجربن سان ڀريل ھئي . ھڪ ئي گهر ۾ پليا پر ڀيڻ ڀائر مختلف ھئا. ڪي زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ اڳتي نڪري ويا. ڪن دوستن تي ڪاوڙبو ھو، جيڪي موقعي پرستيءَ جا جوھر ڏيکاريندي ڪامياب ٿي ويا.
نالو امين ھيس پر پاڻ کي صوفي سڏرائيندو ھو. صوفي ازم سان چاھ ھيس. صوفين جو ڪلام ياد ھيس. ھو سنڌي ادب جو استاد ھو. ماضيءَ ۾ رھڻ ڪري سست ھو، انڪري روز دير سان اٿندو ھو . اڪثر پھريون پيرڊ نڪري ويندو ھيس . ھونئن بہ ڪلاس گهٽ وٺندو ھو. اڪثر ڪنھن جونيئر کي پنھنجي ڪلاس ۾ موڪلي ڇڏيندو ھو. ليڪچر وڏا ڏيندو ھو. جيستائين ليڪچرار ھو ڪلاس وٺندو رھيو پر پروفيسر ٿيڻ کان پوءِ ڪلاس وٺڻ ڇڏيائين .
جڏھن شعبي جو انچارج ٿيو تہ نون ليڪچرارن کي پيو ڊوڙائيندو ھو.
ڳالھين جو ڳھير ھو . ٻين تي ائين ظاھر ڪندو ھو تہ ھن کان وڌيڪ ڪو ٻيو ذميوار ڪونھي. اسٽاف روم ۾ يا تہ پيو اخبار پڙھندو ھو يا وري ليڪچرارن کي وڏا ڀاسڻ ڏيندو ھو تہ سخت محنت ڪيو . شاگردن جي قسمت توھان جي ھٿ ۾ آھي . سندن سٺي تربيت ڪريو. نوجوان اسان جو سونھري آئيندو آھن .
ڪوليگ ڪاوڙبا ھئا پر ھو کين ڳالھين جي وروڪڙ رستن تي پيو سفر ڪرائيندو ھو.
زال بينڪ ۾ مينيجر ھيس . ٻارنھن ٿيندا تہ ڪاليج مان نڪرندو ٻارن کي اسڪول مان کڻي اڪثر سڌو والد جي گهر پھچندو. ماني کائيندي ٻوڙ مان وڏون ڪڍندو.
”ٻوڙ ۾ لوڻ گهٽ آھي. “
”بابا گهٽ لوڻ وجهرائيندو آھي. “ ننڍي ڀيڻ آمنہ جک کائيندي وراڻي ڏيندي.
”ڀلا پٽاٽا تري ڏي. “
”تيل آڻي ڏيو اڄ ئي ختم ٿيو آھي. “
پوءِ خاموشيءَ سان ماني کائڻ لڳو. بنٽي ۽ گڏي کي آمنہ آنو اوٻاري ڏنو. شاھين شام پنجين بجي آفيس مان ايندي . روز ماني پچائي رکي ويندي آھي پر اڄ جلدي آفيس لاءِ نڪتي. انڪري گهر ويلو ٽارڻ آيو ھو . نہ پيءَ جو پڇندو نہ آمنہ جي ضرورت معلوم ڪندو . کائي پي ٻارن کي وٺي گهر مان نڪرندو. پيءَ کنگهندو ٻاھر نڪرندو.
”ڪير ھو؟“
”بابا صوفي آيو ھو. “
”مليو ڇو نہ. “
پيءَ جي لھجي ۾ ڏک ھو.
”شايد ڪو ڪم ھيس بابا. “
”ائين ملڻ بنان ھليو ويو!“ پيءَ جي لھجي ۾ حسرت ھئي.
صوفي شاديءَ کان پوءِ ترت الڳ ٿي ويو. پاڻ ۾ ٽي ڀائر ۽ ٽي ڀينرون ھئا. ٻہ ڀائر الڳ رھن ٿا . ھڪ ڀاء سليمان ھيڊ ڪلارڪ آھي، جنھن سان والدين ۽ ڀينرون رھن ٿيون. سليمان جا چار ٻار آھن، جيڪي اسڪول ۾ پڙھندا آھن. ننڍي ڀيڻ رابعہ ليڪچرار آھي. جنھن جي شاديءَ جو فڪر اٿن. ھڪ ڀيڻ پنھنجي گهر ۾ سکي آھي. سليمان، رابعہ جي پگهار ۽ بابا جي پينشن تي گهر ھلي ٿو. والد، دمي جو مريض ۽ ماءُ دل جي بيماريءَ ۾ مبتلا آھي. ٻنھي جي بيماري تي گهڻو خرچ اچيو وڃي. صوفي ۽ امن روپيو بہ گهر ۾ نہ ڏيندا آھن.
آمنہ نوڪري نہ ڪئي. ھوءَ گهر سنڀاليندي آھي. سڀني کان صوفي خو شحال آھي. زال پيسي واري اٿس انڪري سندس چوڻ ۾ آھي.
صوفي کي سڀني سان شڪايتون رھيون . بابا کيس ننڍپڻ ۾ ماريندو ھو. وڏو ڀاء سليمان کيس ڪمن لاءِ نٽھڻ اس ۾ ڊوڙائيندو ھو سامان وٺڻ لاءِ . گهر جي ھر ڀاتيءَ سان شڪايتون ھيس. شاھين
پيڪي ۾ گهڻو اچي وڃي. صوفي ڪاليج لاءِ نڪرندو تہ ٻہ ٽي ڪم چنبڙائي ڇڏيندس.
”سائين، ھي بل تہ بينڪ ۾ پياريندا اچجو، بابو بيمار آھي. ادا وڏو بہ ڪراچي ويل آھي. “
”جي من ھيڏانھن ڏي . “بينڪ ۾ وڌي قطار ۾ بيھي بل پياري ايندو.
”جاني! ھي مومنہ جي فيس تہ اسڪول ۾ جمع ڪرائيندا اچجو . ادا وڏو ميٽنگ لاءِ ڪراچي ويل آھي. “ شاھين چوندي.
”جي بيگم صاحبہ ضرور. “
وري ٽئين ڏينھن چوندي :” توھان کي تہ خبر آھي ڀاڀي ارم ٺيڪ نہ آھي ۽ ڊرائيور ھڪ جي ٻي ڪري ايندو آھي. وٺڻ وڃو تہ ادا وڏي جي گهر لاءِ ھي سيڌو بہ وٺندا اچجو. “
”اوڪي باس. “ مرڪي چوندو.
پنھنجو گهر، پوڙھا والدين، ڀائر ۽ ڀينر وسري ويا ھيس.
اسٽاف روم ۾ويھي صوفي ڪلام پڙھي رھيو ھو . ڀرسان ٻہ ليڪچرار پاڻ ۾ سس پس ڪري رھيا ھئا.
”يار ھن ھيڊ آف ڊپارٽمينٽ تپائي ماريو آھي. “ ليڪچرار شاھد منھن ڦٽائي چيو.
” ڇا ڪيو اٿس وري ؟“افضل پڇيس.
”امتحان جون ڪاپيون مليون ھيس، سو ڪالھہ سو ڪاپيون چيڪ ڪرڻ لا ڏنيون اٿس. “
”اڇا!“ افضل کي حيرت ٿي.
صوفي ڪو ائين ٿيندا آھن ! سڄو ڏينھن وڙھي ٿو ۽ پيو گلائون ڪندو، پٽيوالن کي گار گند الڳ. “شاھد خارن ۾ چيو.
”جلالي صوفي ائين ھوندا اٿئي!“. افضل طنزيہ لھجي ۾ چيو.
” ھا يار سادا ڪپڙا يا رھڻي ڪھڻي ڪنھن کي صوفي ٿورئي ٿي بڻائي . ٻڌو آھي تہ مائٽن سان بہ ڦٽائي ويٺو آھي . صوفي ڳنڍيندا آھن . ھنن وٽ ٽوڙڻ جو ڪو تصور ئي نہ آھي. “شاھد وراڻيو.
” اڄڪلھہ صوفي ازم ھڪ فيشن ٿي پيوآھي. صوفي ازم جي فلسفي جي پرچار ڪندڙ ن جا پنھنجا افعال ڪھڙا چڱا آھن!عمل ڏسون تہ صفا ابتڙ!“ افضل چيو.
”سائين نہ ڪلاس وٺي نہ وقت تي اچي پوءِ بہ صوفي سڏرائي!“ شاھد چيو تہ ٻئي کلي پيا.
صوفي منھن مٿي ڪري کين گهوريو تہ ھو اتان اٿي ويا.
صوفي کي صوفي ازم سا دلي لڳاء ھو. صوفين جا شعر کيس زباني ياد ھئا. ڪاليج جي پروگرام ۾ ھو اھي شعر پڙھندو ھو. ڪاليج جا استاد ۽ شاگرد کانئس متاثر ھئا.
صوفي کي اڪثر ائين محسوس ٿيندو ھو تہ ماڻھو ھن تي کلن ٿا يا ھن جي خلاف سازش ڪري رھيا آھن.
پاڙي سان بہ ھن جا تعلقات خراب ٿيڻ لڳا. ھو اڪيلو رھجي ويو . ماڻھن ھن کي سماجي طور ڪٽي ڇڏيو. ھن کي خوشي بدران اداسي ۽ ڪاميابيءَ جي ڀيٽ ۾ ناڪامي وڌيڪ محسوس ٿيندي ھئي. انسان جي شخصيت ۾ خاميون اول نظر اينديون ھيس.
ان ڏينھن ھو ننڍپڻ جي دوست سان ھوٽل تي ويٺو ھو.
”يار مان ڪجهہ وقت کان محسوس ڪري رھيو آھيان تہ تون ھر دوست کان پري رھڻ لڳو آھين. “ستار چيس.
”ھا بس دنيا بدلجي وئي آھي . دوست مٽ مائٽ بہ ساڳيا نہ رھيا آھن. “ لھجي ۾ مايوسي ھيس.
”تون ڊپريشن ۾ ٿو لڳين . گهر ۾ خيريت تہ آھي نہ؟“
”ھا ھا مان پنھنجي فيمليءَ سان گهڻو خوش آھيان“.
”پنھنجي والدين سان ملندو آھين؟“
”گهٽ ويندو آھيان. “
”ڇو؟“
”بس منھنجا والدين منھنجي ڀيٽ ۾ ٻين ٻارن کي وڌيڪ ڀائيندا آھن. “
” ماءُ پيءَ اولاد ۾ فرق ڪونہ ڪندا آھن. “ستار چيو.
” پر ھو فرق ڪن ٿا. “
” يار تون ڪنھن نفسياتي ڊاڪٽر کي ڏيکار. “
” مان ٺيڪ آھيان بلڪل. “ صوفي وڏي خوداعتماديءَ سان چيو.
ھو پاڻ کي سدائين صحيح سمجهندو آيو ھو. سدائين ٻين تي پنھنجي راء مڙھيندو ھو. والدين جي گهر بہ ان وقت رخ ڪندو ھو، جڏھن ڪو ڪم پوندو ھيس. زال ڪنھن ڪم سان ڪراچي وئي تہ بنٽي ۽ گڏي کي آمنہ وٽ ڇڏڻ آيو.
” ادا امان جي طبيعت خراب آھي مان ٻار نہ سنڀالي سگهندس. “ آمنہ کتو جواب ڏنس.
”مون کي توھان مان اھائي اميد ھئي. “اکين مان باھ جا الا وسڻ لڳس.
” توھان وري ڪھڙو اسان جو حال پڇيو آھي . امان بار بار توھان جي پڇا پئي ڪري پر توھان ڪو پڇيو اٿس؟“ آمنہ ڏک مان چيس.
صوفي کي ٻار اتي ڇڏڻا ھئا سو ٿوري دير والدين سان ملي ٻار ڇڏي نڪري ويو.
واپس آيو تہ ھٿن ۾ فروٽ ھيس، جيڪو ماءُ لاءِ آندو ھئائين.
ڪم پويس ٿو تہ اچي ٿو باقي غائب ٿي وڃي ٿو. آمنہ ڀڻڪندي ڪم اڪلائڻ لڳي.
ٻار وٺڻ آيو تہ آمنہ ماءُ جي علاج لاءِ پيسا گهريس.
” ڪٿان آڻيان پيسا مون وٽ ڪا پيسن ٺاھڻ جي مشين لڳل آھي ڇا؟“رکائيءَ سان جواب ڏنائين.
آمنہ کي اھو ٻڌي ڏک ٿيو.
” امان جو باء پاس آھي ستن لکن جي ضرورت آھي . رابعہ جي وي سي مٿين مھيني ملندي تہ موٽائي ڏينداسين. “ آمنہ چيو.
” مون وٽ ڪٿان آيا پئسا. “ پئسن جي ڳالھہ ٻڌي ھو چڙي پيو.
پر پوء ٻئي ڏينھن اھو سوچي ٻہ لک کڻي آيوتہ رابعہ جي وي سي کلندي تہ موٽائي ڏيندا. ٿوري دير ماءُ سان ويٺو ۽ پوءِ ھليو ويو.
ماءُ سڄي زندگي پٽ پالي ٿي پر زالون الائي ڪيئن سندن من منڊي ٿيون ڇڏين، جو پنھنجا سڳا مائٽ ئي وسريو وڃن ٿا. آمنہ سوچيو. ٻئي ڏينھن آمنہ کي خبر پئي تہ صوفي ستر لکن جي گاڏي ورتي آھي تہ ڏک ٿيس تہ ماءُ کان وڌيڪ پيسن سان محبت اٿس! ڪھڙو اسان پنون پيا کائنس . اڌارائي تہ گهريا ھياسين . ويندو ڏکيو وقت گذري.
صوفي نئين گاڏي ورتي تہ شاھين چيس عيد مٿان بيٺي آھي، ڪراچي ھلون ٿا شاپنگ ڪرڻ، ٻار بہ گهمي وٺندا. اھو ٻڌي ٻار خوشيءَ مان ٺينگ ٽپا ڏيڻ لڳا. شاھين بہ خوش ھئي. سڄي گهر ۾ زندگي ھئي. تيار ٿي ڪراچيءَ لاءِ نڪتا.
رستي تي ٽريفڪ گهڻي ھئي .
ڊرائيور ٽرڪ کي اوور ٽيڪ ڪيو تہ سامھون کان ايندي، گاڏي کان ڪار بچائڻ لاءِ ڪچي ۾ لھي ويو . اسپيڊ تيز ھئي . گاڏي ٻہ ٽي ڪلٽيون کاڌيون ۽ سڌي ٿي بيٺي. گاڏي ۾ ڪھرام مچي ويو. شاھين رڙيون ڪري رھي ھئي .
” اڙي نڀاڳا ڇا ڪري ڇڏيئہ “ صوفي رڙ ڪئي.
ڊرائيور جو مٿو اسٽيرنگ تي پيو ھو. ماڻھو ڊوڙندا آيا. اندر ڦاٿلن کي گاڏيءَ مان ٻاھر ڪڍڻ لڳا. ٻارن کي ھلڪا ڌڪ لڳا ھئا . گاڏي کي بہ نقصان پھتو ھو. ڊرائيور کي البتہ مٿي ۾ اسٽيئرنگ لڳڻ ڪري، ڳوڙھو ٿي پيو ھيس. صوفي جي ٻانھن مان سٽ نڪتي ھئي سو سور ۾ چھرو پيلو ٿي ويو ھيس. ڪي ڳوٺاڻا پا ڻي کڻي آيا. ڪن ماڻھن کين ويجهي ڊسپينسري پھچايو.
امڙ جي دعا ھئي نہ تہ ڪم پورو ٿي وڃي ھا اڄ! صوفي جي اکين آڏو ماءُ جو چھرو ڦري ويو.

بي وفائي

سمنڊ تي بادلن جو عڪس حسين لڳي رھيو ھو. سرمئي رنگ جو آسمان، سمنڊ ۾ جذب ٿي دلڪش منظر پيش ڪري رھيو ھو. . اڄ سرمد جو دل بي چين ھو . ھو خاموش ۽ پراسرار ھو سمنڊ جيان. . . سرمد ۽ شيتل لھرن ۾ ھلي رھيا ھئا.
اڄ سندن رشتي جو آخري ڏينھن ھو . . .
” مون سمجهيو ھو تہ تون مون سان محبت ڪندو آھين ۽ مون سان شادي ڪندين؟“ شيتل ماڪ ڀنل لھجي ۾چيو.
”محبت جو شاديءَ سان ڀلا ڪھڙو تعلق آھي؟ محبت تہ فقط محبت آھي ڪا شرط تہ نہ آھي. “ سرمد پيرن ۾ لھرن جي ڪتڪتاين کي محسوس ڪندي چيو.
”تون مون سان انڪري شادي نہ ٿو ڪرڻ چاھين جو تو کان اڳي مان ڪنھن ٻئي سان محبت ڪندي ھيس. “ شيتل جي اکين ۾ لڙڪ ھئا.
”توکان اڳي مان بہ تہ زارا سان محبت ڪندو ھيس . ٻڌايو ھيم نہ توکي. “ سرمد وراڻيو.
”پوءِ تو ھن سان شادي نہ ڪئي؟“ شيتل پڇيو.
”تون جنھن سان مون کان اڳي محبت ڪندي ھئينء، تو ڀلا ان سان شادي ڇو نہ ڪئي؟“ سرمد جي لھجي ۾ طنز ھو.
”ھن مون سان ڪوڙ ڳالھايو ھو. ھو شادي شدہ ھو ۽ کيس ٻار ھئا. پر مون انڪار ڪري ڇڏيو. مون ڪنھن بہ عورت جو گهر اجاڙڻ نہ گهريو. “
لڙڪ شيتل جي اکين مان لڙي آيا.
”آءِ ايم ساري شيتل منھنجو اھو مطلب ھرگز نہ ھو. “
ھلندي ھلندي ھو واريءَ تي ويھي رھيا. شيتل ميرون رنگ جي سوٽ ۾ حسين لڳي رھي ھئي . ھن جون رنل اکيون ڄڻ محبتن جا ٻہ ڀريل جام ھئا. اھڙيون حسين اکيون ھن گهٽ عورتن جون ڏٺيون ھيون. ھو حسين ھئڻ سان گڏ ذھين بہ ھئي ء انگريزي اخبار ۾ ڪم ڪندي ھئي.
ذھين ۽ خوبصورت عورتون گهر نہ ڪنديون آھن. ھن دوستن جي زندگين ۽ سندن ٻارن کي تباھ ٿيندي ڏٺو ھو. ذھين ۽ خوبصورت ڇوڪريون ھن جي ڪمزوري ھيون. اھڙيون ڇوڪريون ھن جي زندگيءَ ۾ آيون، جن جي اڪثريت سان ھن فقط ڳالھين جي حد تائين رومانس ڪيو ھو. ڪي ڇوڪريون ھوشيار ھيون، جيڪي سندس ارادا سمجهي وينديون ھيون. جسماني طور تي فقط چند ڇوڪريون، سندس زندگين ۾ آيون ھيون. پر شيتل سڀني کان وڌيڪ ويجهو ھيس.
”ڇا تو اھو سوچي مون سان محبت ڪئي ھئي تہ تون مون سان شادي ڪرڻ لاءِ سوچيو ھو. “ سرمد پڇيو.
” ڪجهہ ملاقاتن کان پوءِ مان پاڻ کي مڪمل محسوس ڪرڻ لڳي ھيس. شايد ان کي محبت چوندا آھن تہ جڏھن ان شخص کان پري ٿيو تہ پاڻ کي نامڪمل تصور ڪيو. “
شيتل اداسيءَ مان چيو. لھرون تيزيءَ سان آيون ء ھو پسي ويا. شيتل بي اختيار کلي پئي ۽ اٿي پويان ڊوڙڻ لڳي. ھو سحر زدہ انداز ۾ کيس ڏسندو رھيو. ھو بہ ھوريان ھن ڏانھن وڌڻ لڳو.
”سمنڊ ناقابل اعتبار ۽ بي وفا آھي. “ شيتل چيو.
ھو ھٿ ۾ ھٿ ڏيندي سمنڊ جي حدن مان نڪري آيا.
”والدين منھنجي لاءِ ڇوڪري پسند ڪري آيا آھن. “ سرمد پڇيو.
ھوء بيھي رھي . شيتل جو چھرو غم جي شدت سان پيلو پئجي ويو.
”تون پليز پنھنجي والدين کي منھنجي باري ۾ ٻڌاء . تون ساڻن ڳالھہ ڪري تہ ڏس متان مڃي وڃن. “ شيتل منٿ ڪئي.
”مشڪل آھي. “ سرمد بي حسيءَ مان وراڻيو.
”تون ڄاڻي واڻي مون کي ٺڪرائي رھيو آھين. تون بظاھر آزاد خيال بڻجڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو آھين پر اندر ۾ روايتي مرد آھين. “
شيتل ڪاوڙ ۾ چيو.
گاڏي جي ڀرسان پھتا تہ سرمد کيس ڀاڪر ۾ ڀريو ۽ ھوء سڏڪا ڀري روئڻ لڳي. شيتل کي محسوس ٿي رھيو ھو تہ تحفظ جو احساس ھن کان موڪلائي رھيو آھي. تعلق جو ڇانورو کسجڻ کان پوءِ ھوء ھڪ دفعو ٻيھر، تيز اس جي صحرا جي تپش ۾ جلندي رھندي.
ان محبت ڀريي ڇھاء کي زندگيءَ جي حقيقت سمجهي ويٺي ھئي.
ھو ڊرائيونگ سيٽ تي اچي ويٺو. گاڏي اسٽارٽ ڪري روڊ تي آيو.
”آفيس ڊراپ ڪيان؟“
”نہ گهر. “ شيتل ھوريان چيو.
ھر طرف اداسي ڇانيل ھئي. گاڏي جي اسپيڊ گهٽ ھئي. منظر تيزيءَ سان تبديل ٿي رھيا ھئا.
”مون ڪيترا خواب ڏٺا ھئا توسان گڏ رھڻ جا. منھنجي تصور ۾ ھڪ خوبصورت گهر ھو. مون سوچيو ھو تہ ان گهر ۾ محبتون ھونديون. منھنجو احساس محبت جي منزل پائي وجد جي ڪيفيت ۾ رقص ڪرڻ لڳو ھو . پر سرمد تو منھنجا خواب چڪنا چور ڪري ڇڏيا. “
” پليز شيتل رليڪس ! تون جذباتي ٿي مون کي ھميشہ لاءِ ڇڏڻ جو غلط فيصلو ڪري رھي آھين. مان تھنجو آھيان ۽ ھميشہ رھندس. “
سرمد جو لھجو اداس ھو . ھو سامھون روڊ ڏانھن نھاري رھيو ھو ڄڻ شيتل ڏانھن ڏسندو تہ سندس من جو ميڻ رجي پوندو.
شيتل ڪجهہ نہ چيو خاموشي سان گاڏي مان لھي ڊوڙندي ھلي وئي . ھو بہ اتي ترسي نہ سگهيو .
جيئن گيٽ کليو ھوء اندر ھلي وئي. ڪمري ۾ وڃي بيڊ تي ڪري پئي.
ھن لاءِ اڌڙوٽ بيورو ڪريٽ جو رشتو آيو ھو، جنھن جي زال گذاري وئي ھئي، ماءُ کيس سرمد سان ڳالھائڻ جو آخري موقعو ڏنو ھو. ھوء وھاڻي ۾ منھن لڪائي سڏڪا ڀريندي رھي.
سرمد والدين جي پسند سان شادي ڪري ڇڏي . ڪومل دين جي پابند، گهريلو ۽ خدمت گذار ڇوڪري ھئي. ملڪيت جي اڪيلي وارث ھئي، جيلا ھن لاء ھڪ سٺي زال ثابت ٿي. البتہ اھا شڪايت ھيس تہ ھوء گهٽ ڳالھائيندي ھئي ۽ خلوت ۾ برف جي سر بڻجي پوندي ھئي.
ڪجهہ ئي عرصي ۾ ھو پنھنجي معمولات تي واپس موٽي آيو. ھن دفعي يونيورسٽيءَ جي پروفيسر فائزہ سان ھن جي دوستي ٿي ھئي.
ھو شيتل کي وساري نہ سگهيو. شايد شيتل جھڙو پيار ٻي ڪا عورت ھن سان نہ ڪندي؟
سندس زال ڪومل کي نہ فلمن سان دلچسپي ھئي نہ دنيا جي خبر.
ھوء سست رھڻ لڳي تہ ڊاڪٽر ڏانھن وٺي ويس جنھن کيس پيءَ بڻجڻ جي مبارڪ ڏني تہ ھن جي مونجهہ وڌي وئي.
ڪومل جو وقت آرام ڪندي گذريو ۽ ھو فائزہ جي گهر ھليو ويندو ھو. گڏ فلم ڏسندا. پوءِ سياست تي بحث مباحثو ٿيندو . رسندا ۽ پرچندا ھئا ۽ آخر ۾ ڊنر گڏ ڊنر ڪري، پنھنجي خواھشن کي سيراب ڪري گهر موٽندو.
رات جو ڪومل ڪنجهندي تہ مٿي کي زور ڏيندس ۽ ھوء پاڻ کي دنيا جي خوشقسمت عورت سمجهندي ھئي!
اھي نو مھينا تيزيءَ سان گذريا ۽ ڪومل ھڪ خوبصورت پٽ کي جنم ڏنو ۽ گهر ۾ نئين زندگي ڊوڙي وئي وارث جي پيدا ٿيڻ تي. سعيدہ بيگم پوٽي جي پيدائش تي گهڻي خوش ھئي. سرمد، پٽ جو نالو حارث رکيو . پر سندس زندگي خالي ھئي. ھڪ سمجهدار جيون ساٿيءَ جي ڪمي محسوس ڪرڻ لڳو، جيڪا ھن جي ڪيفيتن کي سمجهي سگهي. ھن سان پيار جو اظھار ڪري سگهي. خلوت جي لمحن ۾ ھن سان ڀرپور پيار ونڊي.
فائزہ کي خبر پئي تہ ھو شادي شدہ آھي تہ کانئس سخت ناراض ٿي. آخر عورتون شاديءَ کي پيار جي منزل ڇو ٿيون سمجهن؟
فائزہ ھن لاءِ دل جا دروازا بند ڪيا تہ ڏاڍو دل برداشتہ ٿيو.
دوست جي شاديءَ ۾ ارينا سان ملاقات ٿيس. ارينا جي سونھن تي فدا ٿي پيو. ارينا بہ ھن جي مرداڻي وجاھت کان متاثر ھئي. سمنڊ تي ريسٽورينٽ تي ڊنر دوران ھن چيو:
”ارينا! مان شادي شدہ آھيان ۽ منھنجو ٻيءَ شاديءَ جو ڪو ارادو ڪونھي. “
”ھون! سو واٽ!“ ارينا لاپرواھيءَ سان چيو.
”اسان سٺا دوست آھيون ۽ رھنداسين“ سرمدچيو.
”واعدو. “ ارينا کلي چيو.
”واعدو“ ھن ارينا جي ھٿ تي ھٿ رکيو.
ارينا جي شاپنگس، ھوٽلنگ ۽ قيمتي تحفن ڪري ھن جو اڪائونٽ خالي ٿيڻ لڳو . بزنس ۾ نقصان جي ڪري کيس سخت صدمو پھتو. گهر ۾ننڍي ڀاء مرسلين جي شاديءَ جي ڳالھہ طئي ٿي تہ ھو آفيس کي وقت ڏيڻ ۾ مصروف رھيو. ھن جو رابطو ارينا سان بہ گهٽجي ويو.
گهر ۾ خوشي جو سمان ھو. آخرڪار مرسلين شاديءَ لاءِ ھا ڪئي ھئي.
”شڪر آھي مرسلين کي ڪا ڇوڪري تہ پسند آئي. “ زارا ڀاء جي شادي جي فيصلي تي خوش ھئي.
ماءُ الڳ ڇوڪري وارن جون تعريفون ڪري رھي ھئي .
ٻئي ڏينھن گهر وارا مرسلين جو رشتو گهرڻ ڇوڪري جي گهر وڃي رھيا ھئا. گاڏي مرسلين ھلائي رھيو ھو، جنھن جي ڀرسان والد ويٺو ھو. سرمد، پويان ماءُ ۽ ڀيڻ سان ويٺو ھو. ڪراچي جي خوبصورت شام ھئي. روشنين ۽ رنگن کي ڪراس ڪندي گاڏي، جڏھن ڪلفٽن جي شاندار بنگلي آڏو بيٺي تہ سرمد کان ڇرڪ نڪري ويو.
”شيتل جو گهر!“
ھن جي چھري تي حيرت سان گڏ اذيت جا آثار ھئا. مرسلين ھارن ڏنو ۽ چوڪيدار در کوليو . سڀ گاڏي مان ھيٺ لٿا. ڊرائينگ ۾ مسز جمال فاروقي کين ڀليڪار ڪيو . ٿوري دير ۾ شيتل اندر داخل ٿي . سرمد کي ڏسي پريشان ٿي پر پنھنجي ڪيفيت تي جلد قابو پائي ورتائين.
شيتل جي والدين شادي جي لاء ھاڪري ڇڏي . سعيدہ بيگم شيتل کي رئو پارايو . شيتل ۽ مرسلين ھڪ ٻئي کي منڊي پارائي. ھو تمام ويجهو ويٺا ھئا ۽ بار بار سندن نظرون ھڪ ٻئي کي پنھنجي اند سموئي رھيون ھيون.
ھو اندر ۾ کوري جيان پڄري رھيو ھو. ھن کي معاملي جي ايتري اڳتي وڌڻ جي خبر نہ ھئي. ھن پنھجي لاءِ شيتل جي نظرن ۾ طنز محسوس ڪيو.
واپس موٽيا تہ ھن جي ڳالھہ ٻولهہ مرسلين سان ٿي.
”اسان جو گاڏيون ٽڪرائجي ويون ھيون شيتل زخمي ٿي پئي ھئي. مان کيس اسپتال وٺي ويس بعد ۾ گهر ڇڏيم. ائين منھنجي سڃاڻپ ان فيمليءَ سان ٿي. منھنجو سندن گهر اچڻ وڃڻ ٿيو. اسان ھڪ ٻئي کي پسند ڪرڻ لڳاسين. “
” تون مونسان ڳالھہ تہ ڪرين ھا يار. شيتل ماڊ ۽ بيباڪ ڇوڪري آھي . ھوء ھرگز تنھنجي قابل نہ آھي. “
” اھا توھان جي غلط فھمي آھي . ھوء تمام گهڻي حساس ۽ پيار ڪرڻ واري ڇوڪري آھي. مان خوشقسمت آھيان جو ھوء منھنجي زندگيءَ جو حصو بڻي آھي. “ مرسلين جي چھري تي وجد جي ڪيفت ھئي.
مرسلين جي ڳالھہ ٻڌي هو تپي باھ ٿي ويو.
” ھن جو ماضي. . . “
”مان ھن جي ماضيءَ ساٻڌل نہ آھيان تہ اھو خراب ھو يا سٺو . يار دنيا بدلجي وئي آھي ۽ اسان اتي ئي بيٺا آھيون. “
سرمد خاموش ٿي ويو.
رات جو ماءُ سان بہ تيز ٿي ويو.
”مان مرسلين جو وڏو ڀاء آھيان مون کان پڇو تہ ھا. ذھين ۽ خوبصورت ڇوڪريون گهرنہ ڪنديون آھن . “
”پٽ تون گهر ۾ رھين ڪٿي ٿو جو توسان ڳالھہ ڪيان ھا. مرسلين تہ شادي ڪونہ پيو ڪري . مون نفل پڙھيا آھن، جڏھن ھن پنھنجي پسند جي باري ۾ مون کي ٻڌايو. “
”مان توھان کي مرسلين جي زندگي برباد ڪرڻ نہ ڏيندس. ڪنھن قيمت تي نہ“ ھو ڀڻڪندي ٻاھر نڪري ويو.
رات ھو پاسا ورائيندو رھيو. پنھنجي محبوبا کي ڀاڄائيءَ جي روپ ۾ ڏسڻ جو سوچي سندس نرڙ تي پگهر اچي ويو. جڏھن ھوء ھن گهر ۾ ايندي تہ مان کيس ڀاء جي زال جي روپ ۾ ڏسي نہ سگهندس. ھن پنھنجي اندر حسد ۽ نفرت جو طوفان اٿندي محسوس ڪيو. مان شيتل کي قتل ڪري ڇڏيندس. ھن ڪاوڙ ۾ مٺيون ڀڪوڙيون. ھن ڪومل کي ڏٺو، جيڪا پرسڪون ننڊ ۾ ھئي . ڀرسان ننڍڙو حارث ستو پيو ھو. شيتل سان گذاريل ھڪ ھڪ گهڙي ياد اچڻ لڳس. ھوء سڀني محبوبائن مان وڌيڪ ويجهو ۽ پسند ھيس. اڄ بہ ھن جي جسم جي خوشبوء ياد ڪري پاڳل بڻجي پوندو ھو.
گهر ۾ خوشيءَ جي لھر ھن ڪافي عرصي کان پوءِ محسوس ڪئي.
ھو شاديءَ جي تيارين کان بي خبر رھيو. شيتل سندس محبوبائن کان مختلف ھئي . ھوء حسين، شوخ ۽ سيڪسي ھئي . سندس ھر انگ ۾ مستي ڀريل ھئي . ھن کي زندگيءَ لاءِ اھڙيءَ ساٿيءَ جي ضرورت محسوس ٿي، جيڪا ھن جي ذھن، جسم ۽ روح لاءِ آبشار وانگر ھجي. ھر پل ھن کي ورسائيندي رھي. پر ھن پنھنجي اندر جي خوف تحت ھن کي ٺڪرايو ھو.
ھو شيتل سان ملڻ ھن جي گهر ويو. نوڪر شيتل کي اطلاع ڏيڻ ويو. شيتل آئي تہ ھن کي ڏسي خاموش ٿي وئي. ھن محسوس ڪيو تہ شيتل اڳي کان وڌيڪ خوبصورت ٿي وئي ھئي. اکين ۾ خمار جي گلابي لڪير نمايان ھيس. وجود ۾ حسد جي تيز لھر اٿندي محسوس ڪيائين.
” شيتل مان اھو چوڻ آيو آھيان تہ تون منھنجي معصوم ڀاء جي زندگي برباد ڪرڻ جي ڪوشش نہ ڪر. تنھنجي اصليت ٻڌي ھو تباھ ٿي ويندو. “ سرمد ڪاوڙ مان چيو.
”ڪھڙي اصليت سرمد صاحب!“ شيتل پڇيو.
”تون ھن کان اڳي ٻن مردن سان رابطو رکيو ۽ تون مرسلين جھڙي معصوم انسان جي ھرگز قابل نہ آھين. “
”ھو فراخ دل انسان آھي ۽ ھن کي خبر پئي بہ تہ ھو مون کي نہ ٺڪرائيندو. ھن منھنجي جسم سان نہ پر روح سان محبت ڪئي آھي. ھن جي محبت پائي منھنجو پيار ۾ وڃايل ويساھ پختو ٿيو آھي. ھن مون کي نئين زندگي ڏني آھي. “ شيتل جي چھري تي محبتن جا رنگ وکريل ھئا.
”تون پڇتائيندينء شيتل. “ ھن جو لھجو ڪاوڙ سان ڏڪي رھيو ھو.
”مون کي حيرت آھي تہ جيڪو ڪمزور تعلق اڳي ختم ٿي ويو ھو، ان جو حوالي کڻي آيا آھيو. رشتا اعتبار سان قائم رھندا آھن ۽ ڀرم ٽٽڻ جي ڪري پاڻمرادو مري ويندا آھن. “
”پليز شيتل . “
” ادب سان ڳالھاء مان تنھنجي ڀاڄائي آھيان. ٻي ڳالھہ ڪن کولي ٻڌي ڇڏ تہ ٻيھر مان توکي ھن گهر ۾ نہ ڏسان. “ شيتل ڪاوڙ مان چيو ۽ ھو اتان نڪري آيو.
ان رات بہ ھن کي ننڊ نہ آئي . ھڪ ذھني عذاب ھو، جنھن مان ھو گذري رھيو ھو. شيتل ھن گهر ۾ منھنجي سامھون رھندي ۽ ڇا مان ھرپل مرندو جيئندو رھندس؟
جيڪڏھن مرسلين کي منھنجي ۽ شيتل جي تعلق جي خبر پئي تہ ھو چا سوچيندو منھنجي باري ۾!
ھو اذيت جي صحرا ۾ ڊوڙي رھيو ھو . سندس چپ خشڪ ٿي ويا ھئا ۽ نڙيءَ ۾ ڪنڊا لڳندي محسوس ڪيائين.

صدمو

پروفيسر تنوير ڪمال جيئن گرلز ڪاليج ۾ گهڙيو تہ ھر طرف ساوڪ ۽ ڪاليج ۾ نظم ۽ ضبط ڏسي کيس سرھائي محسوس ٿي. ھو فزڪس جو پروفيسر ھو. ڪاليج جي پرنسپال شگفتہ جبين کيس ڊيپيوٽيشن تي گهرايو ھو. ڪاليج ۾ چار پنج مرد ليڪچرار ۽ پروفيسر پڻ موجود ھئا.
ھو سڌو ڪاليج جي پرنسپال جي آفيس پھتو. شگفتہ جبين دل سان سندس آجيان ڪئي ۽ اتي موجود سڀني سان تعارف ڪرايائين. گڏوگڏ ڪاليج جي پرنسپال کيس فزڪس ڊپارٽمينٽ جي ۾مسئلن بابت آگاھ ڪندي رھي. پوء ڪاليج جي متحرڪ نئين ليڪچرار مس تانيہ کي چيائين:
” توھان تنوير صاحب کي فزڪس ڊپارٽمينٽ وٺي وڃو. “
” اچو سر. “ تانيہ چيو.
ڊگهي ڪوريڊور مان ٿيندا تانيہ کاٻي پاسي مڙي تہ سامھون فزڪس ڊپارٽمينٽ لکيل نظر آيس.
اندر داخل ٿيا تہ ھيڊ آف ڊپارٽمينٽ صالحہ مراد تي نظر پيس.
”خوش آمديد ڪمال صاحب ويھو. “ صالحہ چيس .
اتي فزڪس جون ٻہ ليڪچرار ويٺيون ھيون.
”اسان وٽ فزڪس جون ھي ٻہ ٽيچرز آھن . ھي مس نوشين آھي ۽ ھي مس ڪانتا آھي. “
پروفيسر ڪمال ميڊم صالحہ کان ٽائيم ٽيبل ورتو. سندس پھريون، ٽيون ۽ ڇھون پيريڊ ھو.
ھو ڪاليج ۾ ڪلاس وٺڻ لڳو . وقت جو پابند ۽ روز ليڪچر تيار ڪري اچڻ وارو استاد ھو. اتي جيڪي مرد استاد ھئا اھي لائبريري ۾ ٻہ ٽي ڪتابن جون الماريون رکي ڪمرو ٺاھي الڳ ويٺا ھئا. اھي ڊپارٽمينٽ ۾ ڇو نہ ٿا ويھن، ھن سوچيو.
ھو بہ ڪجهہ ڏينھن ڊپارٽمينٽ ۾ ويٺو پر سمجهي ويو تہ مسز صالحہ کي سندس موجودگي پسند نہ آھي. مسز صالحہ طبيعت جي ڏنگي عورت ھئي. ھن جو گهر وارو پروفيسر وسيم سندس دوست ھو. شادي جي ڏھن سالن کان پوء عليحدگي ٿي وئي ھين. وسيم ھن سان دل جو حال اوريندو ھو. ڪنھن دور ۾ ھو وسيم جي گهر بہ ويندو ھو. انڪري ڪمال کي اندازو ٿي ويو تہ ميڊم صالحہ مان اميد رکڻ اجائي آھي. ھوء ھڪ اذيت پسند عورت ھئي ۽ زندگيء کي پنھنجي محرومين جي آڙ ۾ ڏسندي ھئي.
ھوء پنھنجي واش روم کي تالو ھڻندي ھئي، جيڪو پاڻ پيسا خرچ ڪري ٺھرايو ھئائين . واش روم جي چاٻي خادم پٽيوالي کي ڏنل ھيس، جنھن کي سختيءَ سان منع ڪيل ھيس تہ ڪنھن کي بہ ھو باٿ روم کولي نہ ڏيندو.
پروفيسر ڪمال نوٽ ڪيو ھو تہ ھوء حد کان وڌيڪ صفائي پسند ھئي. بار بار ھٿ ڌوئيندي رھندي ھئي.
ھو ذيابيطس جو مريض ھو. اھو مسئلو کڻي ھو شگفتہ جبين وٽ پھتو.
” ادا توھان منھنجي آفيس جو باٿ روم استعمال ڪري سگهو ٿا. “
” ميڊم مون کي آفيس جي ضرورت آھي، جنھن ۾ لڳولڳ واش روم ھجي. مون کي سٺو نہ ٿو لڳي تہ مان اسٽاف روم ۾ بار بار وڃان يا اوھان کي ڊسٽرب ڪيان. “ ھن بي وسيءَ سان چيو.
” ٺيڪ آھي مان ان مسئلي جو ڪو حل ڪڍان ٿي. “
ميڊم شگفتہ جبين ضرور ميڊم صالحہ کي ھن جي پارت ڪئي ھوندي، انڪري خادم کيس چاٻي آڻي ڏيندو ھو. ھو اسپورٽس انچارج شفقت صاحب جي ڪمري ۾ ويھڻ لڳو. جيڪو پنھنجي ڊپارٽمينٽ جي ويجهو ھيس. ھن ھڪ ڏينھن محسوس ڪيو تہ سندس ٻاھر نڪرڻ کان پوءِ ميڊم صالحہ ڀنگي گهرائي واش روم صاف ڪرايو . اھو لقاء ڏسي کيس سخت شرمندگي محسوس ٿي. ذلت جي کاھين ۾ پاڻ کي ڪرندي محسوس ڪيائين.
اسٽاف روم ۾ اندر داخل ٿيو ۽ ڪنڊ ۾ وڃي ويٺو. اتي سندس اسٽوڊنٽ دعا، جيڪا ويجهڙائيءَ ۾ ليڪچرار ٿي آئي ھئي، ان کيس پريشان ڏسي پڇيو:
” سر توھان جي طبيعت تہ ٺيڪ آھي ؟“
”جي جي مان ٺيڪ آھيان. “ پروفيسر ڪمال پاڻ کي نارمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ڦڪي مرڪ مرڪيو.
”سر چانھن پيئندو؟“
پروفيسر ڪمال ڦڪي مرڪ مرڪندي ڪنڌ ھا ۾ ڌوڻيو.
دعا کيس پاڻي ڏيڻ بعد چانھن کڻي آئي. چانھن پي ھو سامت ۾ آيو.
ٻئي ڏينھن ھو پنھنجي ڪاليج ويو ۽ پرنسپال محسن رضا کي ڊيپيوٽيشن ڪينسل ڪرائڻ جي گذارش ڪيائين.
” توھان سينئراستاد آھيو ۽ ميڊم شگفتہ جڏھن ڊائريڪٽر صاحب سان اسٽاف جي گهر ڪئي تہ ھن اوھان جو نالو سجيسٽ ڪيو ھو. ڪمال صاحب اھو اوھان لاءِ وڏو اعزاز آھي. “
اھا تعريف کيس زھر لڳي رھي ھئي. ڪير بہ ھن جو مسئلو سمجهڻ لاء تيار نہ ھو.
گهر آيو تہ بہ پريشان رھيو. رات جي ماني تي کاڌي مان وڏون ڪڍندي، زال سان ڪر ڪر ڪندو رھيو. صنوبر سندس اھو روپ ڏسي پريشان ٿي وئي.
”خير تہ آھي پريشان ٿا ڏسجو. “ صنوبر پڇيو.
”مٿي ۾ سور آھي. “ ڪمال چيو.
”بلڊ پريشر تہ نہ وڌيو آھي. “ سندس ڊاڪٽر پٽ عدنان پڇيو.
ٿوري دير کان پوء عدنان سندس بلڊ پريشر چيڪ ڪيو تہ وڌيل ھو. دوا کائي ليٽي پيو. رات دير تائين سوچيندو رھيو تہ آخر ڇا ڪري! سندس پرسڪون مزاج تبديل ٿيڻ لڳو ھو. گهر واري ۽ ٻارن سان معمولي ڳالھہ تي تيز ٿي ويندو ھو.
صبح جو اٿي ڊائريڪٽوريٽ ھليو آيو. ڊائريڪٽر صاحب کيس وڏي عزت ڏني . ھن پنھنجو مسئلو بيان ڪيو.
” ٻہ مھينا گذري ويا آھن سائين باقي ھڪ مھينو وڃي بچيو آھي . امتحان شروع ٿيندي ئي اوھان کي پنھنجي ڪاليج واپس آڻبو . “
ڊائريڪٽر جي ڳالھہ ٻڌي ھو خاموشيءَ سان ھليو آيو.
ھي عورتون پاڻ کي مظلوم ٿيون سمجهن. ھي ڪاليج ۾ ويھي مڙسن ۽ ساھرن جي گلائن ۾ مصروف نظر اچن ٿيون. ھنن جو ڪنھن بہ معاملي ۾ ڪو بہ ڏوھ نہ آھي؟ ھنن خاندان ۾ ويڇا وڌايا آھن، پٽن جا گهر ڦٽايا آھن. ڀاء کي ڀاء کان الڳ ڪيو اٿن.
پر سڀ عورتون تہ ھڪ جھڙيون نہ آھن . سمورا مرد ساڳي سوچ نہ ٿا رکن. ھن منفي سوچ کي ذھن مان تڙي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي.
ڪاليج ۾ اھو ڏينھن گذارڻ بہ محال ھو.
پروفيسر ڪمال ڪلاس وٺي پرنسپال جي آفيس ڏانھن وڌيو تہ اتي ميٽنگ ھلي رھي ھئي . اتان موٽيو ۽ خادم کي واش روم کولڻ لاءِ چيائين.
ھو اندر ويو ۽ ھن جي بيچيني وڌندي رھي.
پروفيسر ڪمال جو مٿو ڦرڻ لڳو.
”سائين ڳوليان پيو چاٻي ڪونہ پئي ملي. وري ڏسان ٿو“. خادم ائين چئي اندر ڊوڙيو. پروفيسر ڪمال کي اھا ميڊم صالحہ جي سازش محسوس ٿي.
ياخدا! ھو چپن ۾ ڀڻڪيو.
ھن پينٽ آلي ٿيندي محسوس ڪئي.

پڇتاءُ

ھر گهر جي الڳ ڪھاڻي ٿئي ٿي. ڪي گهر محض سرن، چوني ۽ سيمنٽ جا ٺھيل ٿين، جن ۾ پنھنجائپ ۽ احساس ورلي ملندا. ڪن گهرن ۾ داخل ٿيڻ سان روشني ۽ سرھائيء جو احساس ٿيندو. گهر بہ رھندڙن جي سوچ جي ترجماني ڪندا آھن.
ھڪ گهر ھاشم جو آھي، ھاشم جو آھي، جيڪو جديد سوچ رکي ٿو. سندس گهر، ٻار، رھڻي ڪھڻي ۽ حالات مان سندس وسيع سوچ ظاھر ٿئي ٿي . سندس زال ۽ ڌيئر جم وڃن ٿيون . ھاشم کي ٽي پٽ ۽ ٽي ڌيئون آھن، جيڪي شھر جي سٺن تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪري رھيا آھن . ھو آفيس کان سڌو گهر اچڻ کانپوء، گهڻي ڀاڱي زال ۽ ٻارن سان وقت گذاري ٿو. شام جو بہ گڏ ھوندا آھن ۽ رات جو اڪثر گهمڻ نڪري وڃن ٿا. پر جلدي واپس اچي سمھي رھن ٿا. ٻارن جي پڙھائي ۽ آرام جو وقت مقرر ٿيل آھي. ھاشم صاحب فقط موڪل وارن ڏينھن تي دوستن سان ملي ٿو . ھو گهر کي دنيا جي ھر شيءَ تي ترجيح ڏئي ٿو.
مھمان، سندس گهر جو گهٽ رخ ڪندا آھن. ٻارن جي پڙھائيءَ ڪري ھو وقت جا پاپند آھن، انڪري مٽ مائٽ کين خودغرض سمجهڻ لڳا آھن. . ھاشم پنھنجي گهر واري رقيہ جي تمام گهڻي عزت ڪندو آھي. ساڳيا رويا ٻارن سان رکڻ ڪري، سندن ٻار تھذيب وارا ۽ سمجهدار آھن.
ڀرسان ئي ھاشم جي وڏي ڀاء قاسم جو گهر ڀر ۾ آھي. قاسم روايتي سوچ رکندڙ تنگ نظر انسان آھي. سندس گهر واري حسنہ گهڻي ڀاڱي رڌڻي ۾ نظر ايندي آھي. ھن گهر ۾ مھمانن ۽ مٽن مائٽن جي مداخلت گهڻي آھي. قاسم ھڪ روايتي ۽ ناپختہ سوچ رکندڙ فرد آھي. ھو ھر ننڍي وڏي ڳالھہ تي زال جي بيعزتي ڪري ٿو. سندن ٻار سٺن اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪري رھيا آھن، ھن لاء اھو ئي ڪافي آھي. ھو آفيس کان موٽي ڪجهہ دير آرام ڪري ٻاھر دوستن ڏانھن ھليو وڃي ٿو . ھن جو رابطو گهر ۽ ٻارن سان گهٽ آھي. شروع ۾ حسنہ کي وقت ملندو ھو تہ ھوء ٻارن کي پاڻ پڙھائيندي ھئي . پر وقت گذرڻ سان مھمانن جي گهڻي مداخلت جي ڪري، سندس وقت گهرداريءَ ۾ گذرڻ لڳو، جنھن جي ڪري ٻار گهر تي ٽيوشن پڙھڻ لڳا.
ھڪ ڏينھن ڪنھن ڳالھہ تي قاسم زال کي ڌڪ الاريو تہ ننڍڙو فھد ڊوڙندو اچي پيءَ جي ٽنگن سان چنبڙيو. اندران صائمہ، صوفيہ، فخر ۽ فيصل نڪري آيا. قاسم جي گڦ پئي وھي . ان وقت ھو نشي ۾ ھو. حسنہ ٻارن کي ساڻ ڪري، سندن ڪمري ۾ ھلي وئي . قاسم بہ اندر جي باھ ڪڍي، پنھنجي ڪمري ۾ وڃي بستري تي ڪريو.
حسنہ، ٻار کي سمجهائي ٻاھر نڪتي تہ مھيني کان ترسيل نڻاڻون شاھدہ ۽ زاھدہ سس پسس ڪري رھيون ھيون . مجال آھي جو ھٿ ونڊائين . ھنن ئي چوريو ھوندو ڀاء کي. ھوء ماني پچائيندي روئي رھي ھئي.
”ٻارن جو ڪيترو گوڙ آھي امان ھن ماحول ۾ ڪير پڙھندو“ صائمہ چيو.
”چپ ڪر ڇوري پڻھين نہ ٻڌي منھنجي لاءِ آزار ڪندو. “ حسنہ ڌيءَ کي گهوري چيو .
”گهر آھي يا مسافر خانو آھي. “
صائمہ ڀڻڪندي ڪمري ۾ اندر ھلي وئي. ٻئي ڏينھن قاسم ڀينرن کي شاپنگ لاءِ وٺي ويو. ڀينرن ۽ سندن ٻارن کي ھزارن جي شاپنگ ڪرائي موٽيو. شام جو ٽرين ذريعي ڳوٺ روانو ٿي ويون .
پاڙي ۾ ٻئي ڀاء جو گهر، جديد ۽ نئين دور جي تقاضائن مطابق آھي. ان گهر ۾ ھر فيصلو گڏيل ھوندو آھي. گهر جي سامان کان وٺي ھر ننڍي وڏي شيءَ ۾ سڀني کان صلاح ورتي ويندي آھي. گهر ۾ عزت احترام وارو ماحول اٿن. ٻار بھترين اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪري رھيا آھن. سندن گهر ۾ ٻاھرين ڪا مداخلت نہ آھي.
جڏھن ھاشم ۽ رقيہ ٻارن کي سٺن اسڪولن ۾ تعليم ڏيارڻ جو فيصلو ڪيوتہ ھنن اھو سوچيو تہ ھو ٻارن کي ساڳيو سٺو ۽ جديد ماحول ڏيندا. سندن رھڻي ڪھڻي، لباس ۽ سماجي رابطا جديد دور مطابق ھوندا، جيئن ٻارن جي شخصيتن ۾ تضاد نہ پيدا ٿئي. سندن ٻار اي ۽ او ليول ڪري رھيا آھن . ٻہ ننڍا ٻار ففٿ ۽ سيونٿ گريڊز ۾ آھن. خاندان وارن ڪجهہ ڏينھن کين تنقيد جو نشانو بڻايو پوءِ خاموش ٿي ويا. مائٽ جڏھن بہ سندن گهر اچڻ چاھيندا ھئا تہ ڪنھن نہ ڪنھن ٻار جو امتحان ھلندو ھو ۽ ھو کين جهلي ڇڏيندا ھئا. ھاشم جو چوڻ ھو تہ گرميءَ جي موڪلن ۾ اچو. مائٽن جون عادتون بگڙيل ھيون . ھو جنھن وقت چاھي سامان ٺاھي پھچي ويندا ھئا. پر ھاڻ گهڻي ڀاڱي قاسم ڏانھن ويندا آھن.
ھڪ ڏينھن قاسم گهر اندر داخل ٿيو تہ مايوس ھو. ھن کي سسپينڊ ڪيو ويو ھو ۽ ھن جي مٿان انڪوائري ھلي رھي ھئي.
رات جو ھن زال کي چيو تہ ٻارن کي نجي اسڪولن مان ڪڍي ھو گورنمينٽ جي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ جو ارادو رکي ٿو.
”صائمہ ۽ فخر کي ساڳئي اسڪول ۾ رھڻ ڏيو باقي ٻار ننڍا آھن ان وقت تائين سڀ مسئلا حل ٿي ويندا. “ حسنہ چيس.
”اھو وري ڪيئن ؟ ايتري فيس ڪيئن ڀرينداسين. “ قاسم اکيون ڦوٽاريندي چيو.
”سائين! منھنجا زيور آھن سي کپائينديس يا اوھان ڪو پلاٽ وڪڻي ٻارن جي فيس ڀريندا. “ حسنہ منٿ ڪيس.
”صحيح چوندا آھن تہ ماين جو عقل کڙيءَ ۾ ٿيندو آھي. “ ھو ڀڻڪندي ڪمري کان ٻاھر نڪري ويو.
قاسم سڀ ٻار نجي اسڪولن مان ڪڍي عام اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڇڏيا.
صائمہ ۽ فخر ھفتي ۾ ئي بيمار ٿي پيا. صائمہ کي کنگهہ ۽ فخر کي پيٽ ۾ سور رھڻ لڳو . ٻيا ٻار بہ خوش نہ ھئا. ھتي ماسترن ۽ ماسترياڻين جا دڙڪا، سختي ۽ سزائون ھيون .
گهر ۾ ٻارن جا مسئلا شروع ٿي ويا. اسڪول ۾ ٽيسٽ ۾ ناپاس ٿيڻ لڳا. ھاڻ گهر ۾ بہ کاڌو سادو پچڻ لڳو. مٽ مائٽ بہ اھو حال ڏسي پاسيرا ٿي ويا. امتحانن کان پوءِ صائمہ ۽ فخر فيل ٿيا تہ قاسم زال تي ڏاڍو ڪاوڙيو.
”تون ڪھڙي ماءُ آھين جو ٻارن جو خيال نہ ٿي رکين. “ ھن تيز لھجي ۾ چيو.
حسنہ چپ ٿي وئي . پھريون دل ۾ آيس تہ سچ چئي ڏئي تہ مائٽن ۽ توھان جي دوستن جي مھمان دارين مان فرصت ملي تہ ٻارن کي ڏسان. پر خاموش رھي. قاسم فخر کي ٻہ چنبا ھنيا ۽ صائمہ کي اکيون ڏيکاريون تہ ھوء ھيسجي وئي.
قاسم تي ڪو ڏوھ ثابت نہ ٿيو ۽ کيس بحال ڪيو ويو. پر ٻار ساڳين اسڪولن ۾ پڙھندا رھيا. حسنہ تمام گهڻي ڪوشش ڪئي تہ صائمہ ۽ فخر واپس ساڳي اسڪول ۾ پڙھن پر قاسم ھڪ نہ ٻڌي. ٻارن جا رزلٽ خراب اچڻ لڳا. گهر ۾ جهيڙا وڌي ويا.
باقي ھوءَ فھد کي نجي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.
وقت گذرندو رھيو. ٻار ھاڻ يونيورسٽيءَ ۾ پڙھڻ لڳا. فخر ليڪچرار ٿيو. صائمہ کي گورنمينٽ اسڪول ۾ نوڪري ملي. فيصل سورھين گريڊ ۾ چونڊجي ويو. ھلو اڳتي ھلي ترقي ٿيندس تہ سترھين ۾ بہ پھچي ويندو. پوسٽ ڪمائيءَ واري آھي . ھتي گريڊ ڪير ٿو ڏسي قاسم دل کي آٿت ڏني.
صوفيہ بي اي ڪري گهر ويھي رھي. ٻنھي پٽن جي شادي ڪرايائون . ٻئي الڳ ٿي ويا. حسنہ بيمار ٿي پئي . ھن کي ٻارن جي تڪليفن جهوري رکيو. ھن ڪيتري مشڪل سان ٻارن کي پنھنجي محبت جا واسطا ڏيندي، سمجهائي وڌيڪ پڙھڻ لاءِ راضي ڪيو. مڙس ھن جي علاج تي ڌيان ڪونہ ڏنو . اڪثر چوندو ھو مائي تہ ھر وقت بيمار ٿي رھي. ھڪ ڏينھن دل جو دورو پيس، جيڪو پاڻ سان ٻي دنيا ۾ کڻي ويس. ٻار صدمي ۾ اچي ويا.
ڪجهہ وقت گذريو تہ صوفيہ گهر ۾ ٽيوشن سينٽر کوليو، جنھن مان کيس سٺي آمدني ٿيڻ لڳي. ننڍو پٽ فھد، ڪراچي ھليو ويو اي ليول ڪرڻ لاءِ، جتي سٺي ڪاليج ۾ داخلا ورتائين . اي ليول ختم ڪندي ئي آمريڪا جي اسڪالرشپ مليس. ھڪ ڏينھن پيءَ کي فون ڪيائين .
” بابا منھنجي داخلا آمريڪا جي يونيورسٽي ۾ ٿي وئي آھي. منھنجا ڪلاس شروع ٿي ويا آھن . انڪري شام جو منھنجي فلائيٽ آھي . خداحافظ. “
اھو ٻڌي قاسم کي دلي صدمو ٿيو.
توھان کي ياد ھوندو جڏھن قاسم پنھنجي زال تي ھٿ کنيو ھو تہ فھد ننڍڙو ھو . ھو روئيندي، ڊوڙندي ماءُ جي ٽنگن سان چنبڙيو ھو. ماءُ ٻار لاءِ احساس جو ڇانورو ۽ آٿت جو آسمان ٿئي ٿي . جيڪو ٻار جي ڇانوري يا آسمان سان ھٿ چراند ڪندو، ٻار ان سان نفرت ڪندو. انڪري فھد سڄي ڄمار پيءَ سان ڳجهي نفرت ڪئي . اھا نفرت ٻين ٻارن بہ ڪئي پر پيءَ جي بظاھر عزت ڪندا رھيا . جيڪو ماءُ سيکاريو ھين.
قاسم کي ڌيئرن جي شاديءَ جو فڪر ھو . ماڻھو ليڪچرار يا وري ڊاڪٽر جي گهر ڪن پيا. انڪري ڌيئرن کي ايم اي ڪرڻ لاءِ چيائين . ٻنھي پيءَ جي زور ڀرڻ تي فارم ڀريا.
ايم اي کانپوءِ ٻنھي کي سٺيون نوڪريون ملي ويون. صائمہ ليڪچرار ٿي وئي. البتہ صوفيہ کي نوڪري نہ ملي. صائمہ جو سٺو رشتو آيو تہ سندس شآدي ڪري ڇڏيائين. صوفيہ سڄو ڏينھن گهر سنڀاليندي ۽ شام جو ٽيوشن ۾ مصروف ٿي ويندي ھئي.
ھڪ ڏينھن بيل وڳي تہ قاسم در کولڻ ويو تہ ڀاء جي ننڍي ڌيءَ رومانہ مٺائيءَ جو دٻو کڻي اندر داخل ٿي.
” چاچا مون سي سي ايس جو امتحان پاس ڪيو آھي ۽ مون کي منھنجي پسند تي فارين سروسز ۾ نوڪري ملي آھي“.
”مبارڪ ھجي ڌيءَ . “ الائي ڇو آواز ۾ ڏڪڻي ھيس.
”مھرباني چاچا سائين. “
ھوء مرڪي ٻاھر نڪري وئي .
ھو ھوريان ھلندي کٽ تي ويٺو . ھاشم جا ٻار سٺن عھدن تي پھچي ويا. ڪي سول سروسز ۾ آفيسر ٿي ويا ھيا تہ ڪي ڊاڪٽر، انجينئر ۽ ٻين وڏن عھدن تي ڪم ڪري رھيا ھيا.
ھاشم جي گهرواري سمجهدار عورت ھئي ٻارن جي زندگي ٺاھي ڇڏيائين. مون واري زال اڻ سمجهو ۽ جاھل عورت ھئي. ٻار تباھ ڪري ڇڏيائين.
ٿڪجي وھاڻي تي مٿو رکيائين ۽ گھرو ٿڌو ساھ ڀريندي ڇت کي گهورڻ لڳو.

ناظرو

ھي ء ھڪ ھڪ اھڙي ڪالوني آھي، جتي مختلف مزاج ۽ طبقن جا فرد رھن ٿا. ڪالوني جي مکيہ حصي ۾ وڏا بنگلا آھن، جن جي سامھون ڪجهہ گهر پراڻي طرز جا آھن . ڪالوني جي داخل ٿيڻ واري ھنڌ بہ پراڻي طرز جا گهر ھيا، جيڪي سڀ ڊاھي جديد انداز ۾ ٺاھيا ويا آھن . ھاڻ گهرن جا گيٽ ۽ جديد انداز جا بنگلا ڏسي چئي سگهجي ٿو تہ ھي اميرن جي ڪالوني آھي، جتي ڪجهہ وچولي آمدني رکندڙ ماڻھو پڻ رھن ٿا .
ڪالوني جي پٺين پاسي، مزدورن ۽ پورھيت عورتن جا گهر آھن، انڪري ھتي ڪم ڪار لاءِ عورتون ملي وينديون آھن . ڪالونيءَ جي وچ ۾ نياز احمد جو گهر آھي، جنھن کي سڀ نياز صاحب چون. ھو ڪالوني لاءِ ڪارائتو شخص آھي . نياز صاحب زميندار آھي. ھن ئي علائقي ۾ واڙي وارو دين محمد ڪالوني ۾ کير ڏيندو آھي. ڪالوني جي باغ ۾ ڊرائيور، چوڪيدار، حاجن ۽ گهرن ۾ ڪم ڪندڙ باورچي ويھندا آھن. مالھي نوڪري ڇڏي ويو تہ حاجن باغ کي سنڀالڻ لڳو. حاجن مستانڙو شخص ھو، جيڪو وات ڦاڙي ٽھڪ ڏيندو ۽ موج مستي ۾ پيو ھلندو ھو.
حاجن، بغير سوچي ڪڏھن اھڙي ڳالھہ بہ ڪري ڇڏيندو ھو، جو ٻڌندڙن جا ڇرڪ نڪري ويندا ھئا. اسان وٽ ھڪ بيماري عام آھي، جيڪا ٻين مٿان مزاج جو ٺپو ھڻڻ آھي. حاجن لاء عام تاثر اھو ھو تہ سندس دعا يا پٽ پاراتو لڳي ٿو. ڪجهہ عرصي کان وري جنھن شيءَ جي تعريف ڪري اھا خراب ٿيو پوي.
باغ لاءِ نئون موٽر آيو تہ چيائين تہ سائين واھ جو موٽر آھي ! ٻئي ڏينھن موٽر مان دونھان نڪرڻ لڳا. دين محمد اھا ڳالھہ صاحبن کي ٻڌائي جيڪي مٿس ڏمريا.
ان ڏينھن پاڙي ۾ ٻار کي ڏسي چيائين سھڻو ٻار آھي تہ ٻار بيمار ٿي وڃي اسپتال پھتو. اھو ٻار ڪالوني جي انچارج شوڪت صاحب جي ڀيڻ جو ھو. ائين ھر سانحو ۽ مسئلو حاجن سان منسوب ٿيندو رھيو ۽ سندس نالو ناضرو پئجي ويو. حاجن ڪم جو سٺو ھو . ڪالوني جو انچارج مزدوري گهٽ ڏيندو ھيس، انڪري ھو سندن ضرورت بہ ھو.
دين محمد نالي جي ابتڙ ھو. گلا غيبت ۽ افواھن ڦھلائڻ ۾ مھارت رکندو ھو. ھي سڀ باغ ۾ ويھي گلائون ڪندا ھيا تہ گهرن ۾ ڇاٿو ٿئي. ڪنھن جو پٽ رات جو دير سان آيو، ڪير نشو ٿو ڪري . ڪھڙي گهر ۾ جهيڙا آھن. ناظرو ڪھڙو ڪلور ڪيو . سندس جملي جي ڪري ڪيترو نقصان ٿيو وغيرہ وغيرہ .
انسان جي دماغ ۾ ميمل برين متحرڪ رھي ٿو، جيڪو ڪرنگهي وارن جانورن ۾ ھوندو آھي. سو اڄ جو انسان کائڻ پيئڻ ۽ رغبتن ۾ ڦاسي پيو آھي. عقل الاءِ ڪيڏانھن موڪلائي ويو اٿن . جيڪو ٿا ٻڌن سو ڪنڌ لوڏڻ ۾ پورا آھن.
ناظرو ھڪ ڏينھن خفا ٿيندي دين محمد کي چيو :
” تو ھرو ڀرو منھنجو نالو بگاڙيو آھي . مون آخر تنھنجو ڪھڙو ڏوھ ڪيو آھي. ھتي جيڪو غلط ٿئي مون تي ٿا ھڻن. “
” تون زبان کي لغام ڏيئي ھل پوءِ سک ۾ رھندين . تنھنجي زبان ڪاري آھي، ماڻھوء کي ڦٽيو ڇڏي. “دين محمد چيس.
اڳي مالي دل سان ڪم نہ ڪندو ھو پر حاجن ھر گهر جي آڏو گل ۽ ٻوٽا لڳائي سڄي پاڙي کي خوبصورت بڻائي ڇڏيو. باغ ۾ گل مھر ۽ باٽل پام سان گڏ اشوڪ پيو جهومندو ھو. ٻار پينگهن ۾ لڏندا ھئا. پر ھاڻ مائرون ٻار ٻاھر ڪونہ ڪڍن.
ھر ماڻھو ناظروء کان خوفزدہ رھي ٿو.
کيس ڏسي راھ مٽائي وڃن ٿا. ڪالوني جي انچارج جي لھجي ۾ ھن سان ڳالھائيندي وقت نفرت ڀرجي وڃي ٿي.
ناظرو تمام گهڻو ڏکارو رھڻ لڳو آھي. اڳي کلندو ھو پر ھاڻ گهڻي ڀاڱي چپ رھي ٿو تہ متان ڪو غلط لفظ نہ نڪري وڃي.
پاڙي جو مولويءَ سمجهائيس ٿو:
” ناظرو ! جيڪا ڳالھہ بہ ڪرين تہ اول ماشاء الله چوندو ڪر. “
” جي مولوي صاحب پر اوھان تہ مون کي ناظرو نہ چئو. اوھان وٽ تہ دل جون اکيون آھن سائين. “ روئڻھارڪي لھجي ۾ چيائين.
ھن جي ڳالھہ ٻڌي مولوي صاحب شرمندو ٿيڻ سان تعجب ۾ اچي ويو تہ ھن مستانڙي وٽ اھو عقل ڪيئن آيو.
حاجن جي اکين مان لڙڪ وھي آيا. ھو تمام گهڻو ڏکارو ٿي پيو ھو.
ھاڻ ھو ھر ڳالھہ تي ماشاء الله چوي ٿو پر ڪو بہ ھن تي لڳل ناظرو لفظ جو ٺپو ھٽائڻ لاءِ تيار ڪونھي.
حاجن عرف ناظرو ٽن ڏينھن کان غائب ھو. شفيع صاحب جي ننڍڙي مومل تيز بخار بعد اسپتال ۾ داخل ٿي. دين محمد اھا افواھ ڦھلائي تہ ننڍڙي باغ ۾ پيگهن ۾ ويٺي ھئي تہ ناظرو لوڏا پئي ڏنس. ڪالوني جي انچارج شوڪت سڏايس تہ زال وٺي آيس . ھو ھلي ڪونہ پيو سگهي .
”سائين ٽن ڏينھن کان بخار اٿم حڪم ڪيو. “ ھو سڄو ڪنبي رھيو ھو. شوڪت صاحب شرمندگي لڪائيند مڙئي ڳالھہ ٺاھي.
”نہ باغ ۾ ڪم نہ ٿيو آھي انڪري سڏرايو ھيم. “
”سائين منھنجو ننڍو ڀاء ايندو ھو ٻوٽن کي پاڻي ڏيڻ. “حاجن ڪمزور آواز ۾ چيو.
ان وقت نياز صاحب بہ گهر مان نڪتو.
”تون ڀلي وڃ. “ شوڪت صاحب چيس تہ ھو ھليو ويو.
شوڪت دين محمد کي گهرائي بيعزتي ڪئي تہ ھرو ڀرو افواھون ٿو ڦھلائي .
”سائين ھي شخص ڪالوني لاءِ وڏو خطرو آھي. ھن کي ھتان ڪڍو. “ دين محمد چيو.
نياز ڪيتري عرصي کان نئين گاڏي وٺي مائٽن وٽ بيھاري ھئي ناظروء جي ڊپ کان، انڪري اھا ڳالھہ وڻيس تہ ان شخص کي نيڪالي ڏجي. خوف ھيس تہ متان گاڏيءَ کي نہ نظر ھڻي وجهي.
”دين محمد اڄ ئي وڃي ناظروء کي اسان جو نياپو ڏي تہ نڪري ھتان نہ تہ سامان روڊ تي کڻي اڇلايوس. “ ڪاوڙ منجهان نياز صاحب چيو.
”جي بھتر سائين. “ دين محمد جون واڇون خوشيء منجهان ٽڙي پيون. اتفاق اھڙو ٿيو جو باغ جو موٽر چوري ٿي ويو. دين محمد کي اھو سٺو موقعو مليو تہ اھو الزام ناظرو تي ھڻجي . انڪري اھو ڊرامو رچايو ويو، جنھن ۾ ڏوھاري ڪري ٻيھر صاحبن جي عدالت ۾ کيس پيش ڪيو ويو.
”سائين مون موٽر چوري ڪانہ ڪئي آھي. “ ناظرو جا لڙڪ وھڻ لڳا.
”اسان توکي ٿاڻي جي حوالي ٿا ڪيون، جي نہ ٿو نڪرين ھتان. “ شوڪت صاحب چيس
ھو شوڪت صاحب جي پيرن تي ڪري پيو .
”سائين مان بي گناھ آھيان، مون سان اھو ظلم نہ ڪجو. “
”پوءِ تون ڪٿي ٻئي ھنڌ ھليو وڃ اسان توسان اھا رعايت ڪري سگهون ٿا. “ نياز چيس.
”سائين مان ھتي سکيو آھيان ٻئي پاسي بک مري ويندس. مھرباني ڪري مون کي ھتي رھڻ ڏيو. ھاڻي ھن پاسي جي لڙي بہ وڃان سائين تہ ڏنڊ ڀري ڏيندس. “
”پوءِ جيل وڃڻ جي تياري ڪير. “نياز ڪاوڙ ۾چيو.
ھو روئيندو پٽيندو اتان ھليو ويو ۽ ٻئي ڏينھن ٽپڙ کڻي روانو ٿي ويو.
”شڪر آھي منحوس نڪتو. “ دين محمد چيو.
ھن جي شروع کان خواھش ھئي ناظرو جي جاء تي پنھنجو ڀاء رکرائڻ جي. ھو ڳوٺ ۾ رھندو ھو ۽ بيروزگار ھو. ڳوٺ ۾ ڪنھن بنگلي تي مالھي ھو پر سندس مالڪ شھر ھليا ويا ھيا ۽ ھو چئن سالن کان بي روزگار ھو.
”سائين مٺائي ورھايو عذاب مان جان ڇٽي. “ شوڪت صاحب جي ڊرائيور مڇن کي وٽيندي چيو.
”وڏو منحوس ھو . ڪيڏا ڪالونيءَ ۾ نقصان ٿيا آھن، شڪر ڪيو نڪتو ھتان. “ نياز صاحب جي ڊرائيور چيو.
نياز بہ ناظرو جي نڪرڻ کان پوءِ گاڏي اچي در تي بيھاري. پاڙي وارن ٻار ٻاھر ڪڍيا ۽ ھو باغ ۾ کيڏڻ لڳا. ھر طرف سڪون ڇانئجي ويو.
رات جو شوڪت ۽ سندس گهر وارا شاديءَ ۾ ويل ھيا تہ پٺين پاسي کان چور گهر ۾ گهڙيا ۽ زيور ۽ ٽيھ لک کڻي ويا. نياز ٿاڻي ۾ رپورٽ درج ڪرائي ۽ ڪالونيءَ جي پويان رھندڙ مزدور آزار ۾ اچي ويا. ھن گهر ۾ ڪم ڪندڙ ن کي الڳ ٿاڻي تي بند ڪرايو. پوليس ھڻي ھنڌ ڪيو . چورن وٽان سامان ۽ باغ جو موٽر بہ ملي ويو.
ڪالوني ۾ رھندڙن چيو تہ دين محمد معصوم حاجن تي موٽر چوري ڪرڻ جو الزام لڳرائي کيس دربدر ڪيو. سچ دير سان ئي سھي پر ھڪ ڏينھن ضرور سج جيان نروار ٿيندو آھي.
ٻئي ڏينھن نياز صاحب گاڏي ڪڍي رھيو ھو تہ دين محمد چيس:
”سائين سڄي پاڙي ۾ ڪنھن وٽ اھڙي گاڏي ڪونھي. “ اھا ڳالھہ ٻڌي نياز جو ڳاٺ فخر سان اوچو ٿي ويو.
نياز ڳوٺ لاءِ نڪتو ھو . گاڏي ڊرائيور ھلائي رھيو ھو. اور ٽيڪ ڪندي گاڏي ضابطي کان ٻاھر نڪري وئي ۽ قلابازيون کائيندي رھي. ڊرائيور ۽ نياز ٻاھر وڃي ڪريا. ماڻھو ڊوڙندا آيا. ٻئي زخمي حالت ۾ ھئا . ماڻھن اسپتال پھچاين، جتي سندن پٽي وغيرہ ڪئي وئي. گاڏي مڪمل تباھ ٿي وئي.
شوڪت ۽ پاڙي وارا پھتا ۽ نياز کي گهر پھچايائون . ڌڪن جي ڪري تڪليف ۾ لڇي رھيو ھو. ھفتي کان پوء جڏھن نياز جي طبيعت بھتر ٿي تہ کيس احساس ٿيو تہ دين محمد پاڻ ناظرو آھي ڦاسائي وري مستانڙي کي پيو نڀاڳو ڪنھن جاء جو. نياز صاحب دين محمد جو پاڙي ۾ کير ڏيڻ جو سلسلو بند ڪرائيندي، حڪم نامو جاري ڪيو تہ جيڪڏھن ٻيھر دين محمد ڪالونيء ۾ گهڙيو تہ ٿاڻي ۾ بند ڪرائيندس.
زال کي چيائين وارو ڪر ڪارو ٻڪر گهرائي ۽ مولوي صاحب ڏانھن نياپو ڪر تہ اچي قرآن خواني ڪرائي. ٻڪر ڪسجڻ کانپوءِ اميرن ۾ ورھائجي ويو ۽ قرآن خواني بہ ختم ٿي. مولوي صاحب صدا ھنئي تہ سائين جن سان ملڻو اٿم. کيس اندر وٺي ويا.
”سائين عرض آھي تہ حاجن ھتان وڃي بکن ۾ پيو آھي . روزگار نہ ٿو مليس. “مولوي ڌيرج سان چيو.
” ھون. “ نياز گھري سوچ ۾ پئجي ويو ۽ سندس چھري تي پشيماني ظاھر ٿي.
”ٻيو سائين اھي مستانڙا دعا جو در ھوندا آھن. اھي ڪڏھن نہ نظر ھڻندا آھن ۽ نہ پاراتو ڏين. جي اجازت ڏيو تہ ساڳي جاء ۾ اچي رھي، جيڪا خالي پئي آھي. “
” ھا مولوي صاحب ۽ چئوس تہ اچي باغ بہ سنڀالي سڄو سڪي رڻ ٿي ويو آھي. “
اھا ڳالھہ ٻڌي مولوي صاحب جي من جي مرجهايل مکڙي ٽڙي پئي.
مولوي صاحب جي ويندي ئي نياز مٿو وھاڻي تي رکيو. سور بہ جهڪو ٿيڻ لڳو ھو . ضمير بہ سندس پٺي ٺپي ۽ مٿي تان بار بہ لھندي محسوس ڪيائين.

تضاد

شھر جي ھڪ امير علائقي ۾ ام حبيبہ جو گهر ھو. جنھن جي جديد بناوت، گهر ۾ رھندڙن جي اعليٰ ذوق کي ظاھر ڪري ٿي. ام حبيبہ ۽ سندس گهر وارو ابراھيم شاھ، اڪثر پنھنجي گهر تي روحاني نوعيت جون مجلسون منعقد ڪرائيندا ھئا. اھي روح کي ريجهائيندڙ گڏجاڻيون، سندن عزيزن توڙي قرب وارن ۽ عام ماڻھن لاء ذھن ۽ روح کي سڪون ڏيندڙ ھيون. عام ماڻھن مان مراد خاص طبقو اھي، ڇو تہ ھتي ڪنھن غريب غربي يا عام شخص جي جاءِ نہ ھئي. سندن حلقي ۾ امير ۽ حڪومتي سطح جا ماڻھو شامل ھئا.
ان اميرن جي رھائش جي چؤڌاري روڊ ھو، جنھن تي وڻن جي ريشمي جهالر وڻندڙ ڏيک ڏيندي ھئي. گهرن جي سامھون ٿورو پرڀرو ھڪ ننڍو باغ ھو، جيڪو عوامي ملڪيت ھو . اتي نم، گل مھر ۽ بيد مشڪ جا وڻ لڳل ھئا، جن ھيٺان بينچون رکيل ھيون ۽ ٻارن جا پينگها ھئا.
ڀرسان ڪاليج ۽ پرائيويٽ يونيورسٽي ھئا، انڪري اڪثر ھتي ڪي شاگرد بہ اچي ويھندا ھئا. اتي سفيد ڏاڙھي وارو مسڪين شخص بينچ تي ويٺو نظر ايندو ھو . سندس چھري تي نرمي ۽ روشني وکريل ھئي. شايد ڪو درويش ھو. ھڪ ٻن شاگردن، ان درويش سان گفتگو ڪئي ۽ سندس ڄاڻ مان متاثرٿيا. وقت گذرڻ سان گڏ شاگردن ۽ عام ماڻھن جو تعداد وڌڻ لڳو. درويش وٽ بنيادي ڄاڻ ھئي، جنھن کان عام ماڻھو اڻ واقف ھئا. ھتي ڄاڻ جو پھريون ۽ بنيادي ڏاڪو وساريو ويندو آھي. باقي ڪائنات ۽ فلسفا ياد ڪيا وينداآھن. ھر شيءَ بنياد کان شروع ٿئي ٿي. پر بنياد وساريو ويو آھي، انڪري شاگردن کي حيرت ٿئي ٿي تہ اھي ڳالھيون کين نہ گهر وارن ٻڌايون نہ ئي استادن کان خبر پين. اھا بنيادي معلومات جي سکيا ھاڻ ختم ٿي چڪي آھي.
ابراھيم شاھ، مردن جو درس ڪرايو. ھو حقوق العباد جي باري ۾ ٻڌائي رھيو ھو. درويش اندر وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پر گارڊ روڪيس.
”ھل ڙي فقير معاف ڪر. “ گارڊ ڌڪار سان چيو.
”مان درس ٻڌندس، انڪري اندر وڃڻ ڏيو. ڇو ٿا روڪيو مون کي، جنھن عظيم ھستيءَ جو ذڪر پيو ٿئي، ان انسانن منجهہ فرق کي ختم ڪرايو. “ فقير احتجاج ڪندي چيو.
”ھي درس فقيرن لاءِ نہ آھي. تون ٻاھر ويھي ٻڌ . مائيڪ تي آواز اچنئي پيو. “
گارڊ جي نفرت ڏسي درويش ھليو ويو.
ٻئي ڏينھن باغ ۾ ھڪ ڇوڪري سوال ڪيو:
”سائين! درويشي ڇا آھي؟“
”درويشي عاجزي ۽ دل جي سچائيءَ جو نالو آھي. درويشي زمين ۽ آسمان جي ڄاڻ جو علم آھي. “
”زمين ۽ آسمان جي ڄاڻ اھو وري ڪيئن سائين. “ ھڪ ٻئي ڇوڪري سوال ڪيو.
”درويش سڀ کان اول ڌرتيءَ جي ويجهڙائي حاصل ڪندو آھي. ھو پيرين اگهاڙين پنڌ ڪندو، زمين تي سمھندو. کيس قدرتي طور تي اھا ڄاڻ مشاھدي وسيلي حاصل ٿيندي. “ درويش وراڻيو.
”سائين پوءِ ھن دور ۾ اڪثر امير، درويشيءَ جو پاڻ تي ٺپو ھڻن ٿا. “
”اھي ماڻھو درويشيءَ جي نالي ۾ فائدا حاصل ڪن ٿا. اھي وڏا ھوشيار آھن. “فقير وراڻيو.
”توھان ڪيتري تعليم حاصل ڪئي آھي؟“ ھڪ نوجوان پڇيو.
”مون انٽر سائنس کان پوءِ پڙھائي ڇڏي ڏني. “ درويش جواب ڏنو.
ڇوڪرن کي ھو بزرگ عجيب ۽ پراسرا لڳو. ھو بار بار ڪجهہ حاصل ڪرڻ لاءِ ھن وٽ اچڻ لڳا.
ام حبيبہ درس ڪرايو جنھن لاء ھوءَ پارلر مان تيار ٿي. قيمتي لباس پائي درس ۾ سھڻن قولن کي ورجائڻ لڳي. ھن چيو تہ ”اسان جي نبين اسان کي سادگي، سچائي ۽ صداقت جو درس ڏنو، اسان کي سندس ٻڌايل رستي تي ھلڻ گهرجي. ڏٺو وڃي تہ کين ٻنھي دنيائن تي دسترس حاصل ھئي پر پاڻ غريبي کنيائون، جيئن پنھنجي غريب امت جي ترجماني ڪري سگهن. خوشين ۽ راحتن ۾ دل مردہ ٿيو وڃي، انڪري آسائشون ترڪ ڪري سادگيءَ جو رستو اختيار ڪيو. انسانيت جي خدمت ڪيو . حقوق الله سان گڏ حقوق العباد کي نہ وساريو انھيءَ ۾ دين دنيا جي ڀلائي آھي. “
روح پرور ڳالھين جا سلسلا ھليا ۽ عورتون روئينديون رھيون . سڀني کي ڪوتاھيون ۽ گناھ ياد آيا. ھنن غيبت ڪرڻ کان توبھ ڪئي ۽ سڌي رستي تي ھلڻ جو عھد ڪيائون.
ماني بچي پئي تہ نوڪر چيو تہ سانئڻ پويان جهڳين ۾ ڏئي اچان تہ سانئڻ منع ڪيس .
”صاحب جا ڪي دوست رھجي ويا آھن انھن ڏانھن موڪلڻي آھي. “
ھوڏانھن درويش جا معتقد وڌندا رھيا . سندس ڳالھيون سچيون، بناوٽ ۽ ڪوڙ کان پاڪ ھيون. ھو بنيادي اصول بيان ڪندو ھو. ھو وڻن، ساوڪ، ميون، دريائن، سمنڊن ۽ آسمان جا حوالا ڏيندو ھو. انھن شين جي باري ۾ شاگردن توڙي اتي موجود ماڻھن، ان کان اڳي نہ ويچاريو ھو تہ انھن ڳالھين جي ڪا ايڏي وڏي اھميت ٿي سگهي ٿي ۽ اھي روحاني محرڪ رکن ٿيون ۽ ڪھڙيءَ ريت انساني ذھن، سوچ ۽ عمل سان لاڳاپيل آھن.
اھا معلومات حيران ڪندڙ ھئي. ھو ڪورس جي ڪتاب جي مونجهارن ۾ منجهيايا ويا ھئا ۽ گريڊن جي ڊوڙ پڄائي رھيا ھئا. نہ کين ماحول جي چرپر جي ڄاڻ ھئي نہ رشتن جي اھميت جو اندازو!
درويش کين سمجهايو ھو تہ استاد يا راھنما ڪير ٿيندا آھن ۽ ھو ڪيئن انسانن کي خطرن ۽ مونجهارن مان ٻاھر ڪڍڻ جا طريقا سيکارين ٿا. جيڪي مسئلا اڳي کين مشڪل لڳندا ھئا سي ھاڻ حل ڪرڻ آسان ٿي پيا ھئا.
زندگي آسان آھي پر انسان جو ذھن ان کي منجهائي ٿو.
انسان کي مونجهارو پسند آھي.
ھو پنھنجي چوڌاري پاڻ مشڪلاتن جو ڄار اڻي، ان کان ٻاھر نڪرڻ جو حيلو ڪري ٿو. اھا راند کيس ازل کان پسند آھي، جنھن ۾ وقت گذري وڃي ٿو.
درويش کين اھا ڳالھہ سمجهائي ھئي تہ ماڻھو جيئن نظر اچن ٿا، ھو ان ظاھري ڏيکاء کان مختلف آھن. ھو متضاد مڪالمو جوڙين ٿا. جنھن سان انسانيت کي نقصان پھچي ٿو. اھو ماڻھن لاءِ وڏو امتحان آھي تہ سچ کي پرکڻ جو ڏانء سکن ۽ ڪوڙ کي سمجهي سگهن.
شآگردن ۽ عام ماڻھن کي درويش جون ڳالھيون ٻڌي لڳو تہ ھو وڏي خساري ۾ آھن.
ھڪ ڏينھن جديد دور جي درويشياڻي ام حبيبہ سندس مڙس اتان لنگهيا ۽ باغ ۾ ميڙ ڏسي حيران ٿيا . گهر پھتا تہ ام حبيبہ نوڪر نواز کان باغ ۾ ميڙ جو سبب پڇيو.
”سانئڻ ڪو درويش آھي، جيڪو باغ ۾ رھي ٿو، جنھن جو درس ٻڌڻ پري کان ماڻھو اچن پيا. “
”ھون. “ام حبيبہ جي چھري تي ڪاوڙ جون ريکائون ھيون.
ٻئي ڏينھن پوليس جي وين آئي ۽ درويش کي پڪڙي وئي. درويش جي معتقد ڪاليج ۾ پڙھندڙ نوجوان منصور، پنھنجي چاچي انسپيڪٽر جمال کي درويش کي گرفتار ڪندي ڏٺو. شام جو پڇا ڪرڻ تي خبر پيس تہ مسڪين پوڙھي کي درويشياڻي مشڪوڪ ماڻھو ڄاڻائي گرفتار ڪرايو آھي. ٻئي ڏينھن اھا خبر سمورن شاگردن کي پئي تہ ھنن ام حبيبہ جي در تي بيھي نعري بازي ڪئي.
ڪن ڇوڪرن پٿر ھڻي، سندن عاليشان گهر جا شيشاڀڃي ڇڏيا. ٻيھر پوليس آئي ۽ شاگردن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ لٺين جو وسڪارو ڪرڻ لڳي. ڪن شاگردن کي گرفتار ڪري وئي.
ام حبيبہ ۽ ابراھيم شاھ کي اھو واقعو پنھنجي عزت تي داغ جيان لڳو. سندن شھر ۾ وڏي عزت ھئي. اخباري دنيا ۽ ميڊيا جي سوالن کان بچڻ لاء ترت تياري ڪندي ٻارن سان ملڻ پرڏيھ روانا ٿيا.
منصور وڏي اثر رسوخ وارو ھو، جنھن ان مسڪين شخص کي آزاد ڪرائي پنھنجي گهر ۾ پناھ ڏني.
درويش کي ان واقعي اندران جهوري وڌو. ڪجهہ ڏينھن کان پوء درويش سندس ٿورا مڃيندي اجازت گهري.
”ٻہ ٽي ڏينھن اڃان ترسو ھا فقير سائين. “ منصور ڏکاري لھجي ۾ چيو.
”پوءِ بہ وڃڻو پوي ھا ھڪ ڏينھن، ڇو تہ ڪنھن بہ شيءَ کي بقا نہ آھي. شيون تبديل ٿينديون رھن ٿيون . جيڪو تبديلي کي نہ ٿو مڃي اھو دکي رھي ٿو. “
”اسان توھان کان گهڻو ڪجهہ پرايو آھي. اسان اڃان وڌيڪ سکڻ چاھيون ٿا. “ منصور چيو.
”مون اڳي بہ چيو ھو تہ وقت، ماحول، ڌرتي ۽ فطرت کان سکو. سکيا جو ھڪ ذريعو نہ ھوندو آھي. وسيلا تبديل ٿيندا رھندا آھن. “
”توھان منھنجي گهر ۾ رھي سگهو ٿا، ھي اوطاق جو ڪمرو اوھان جي حوالي آھي“. منصور چيو.
”منھنجو ڪو ھڪ آستان ڪونھي بابلا. ھونئن بہ بيھڻ ۽ يڪسانيت نواڻ جو دڳ روڪين ٿا. مستقل نئين سفر ڏانھن وک وڌائيندا رھو. اڳتي وڌندا رھو. جيڪڏھن سفر نہ ٿا ڪري سگهو تہ ذھني سفر ڪريو. تصور توھان کي اڻڏٺل جھانن جو سفر ڪرائيندو. توھان جي اندر تازگي ھوندي. جيڪا توھان سان گڏ ٻين کي بہ زندگي ڏيندي. “
”مان پوري ڪوشش ڪندس تہ سدائين نواڻ جي ڳولا ڪندو رھندس. “
”شاباس نوجوان مون کي تو مان اھا اميد ھئي“. دروايش جي چھري تي تعلق جي روشني وکري وئي.
رات جو درويش پڪو پھ ڪيو تہ ھو ٻيھر ڪنھن شھر جو رخ نہ ڪندو ۽ ساڳي نموني جهنگ جهر، واھڻ، ٻيلا ۽ پھاڙ سندس منزل ھوندا. شھرن ۾ ھن ھر چھري ۾ ھڪ راڪاس ڏٺو. چھرا روشن پر اندر اونداھا ھئا. ھر ماڻھو ٻئي تي شڪ ڪري ٿو. شڪ وڏي ذھني بي سڪوني آھي.
ٻئي ڏينھن منصور اوطاق ۾ آيو تہ درويش وڃي چڪو ھو. ھو سخت مايوس ٿيو. درويش وڃي چڪو آھي پر باغ جي اھا ڪنڊ سندس معتقدن کي سدائين روشن لڳي ٿي.

فقير سائين!

ڪمري ۾ گهٽ ھئي. دريء تي ڳرا پردا پيل آھن. دري گهٽيء ڏانھن کلي ٿي انڪري ھر وقت بند رھندي آھي. لائٽ بند رکي بہ دري کولڻ جي اجازت ڪونھي. ياسمين گھرو ساھ کنيو پر مونجهہ برقرار رھي. ٻاھر ڪچن ۾ آئي تہ ٿانون جو ڍير ڏسي کيس روئڻ اچي ويو. ھن گهر ۾ ڀائرن جا مھمان اچن ٿا. مٿان وري چانھين جا دور ھلن انڪري ڪم کٽي نہ ٿو. ان کان پوء ڪپڙا ڌوئڻا ھيس. ڀائرن جي ڪپڙن کي استري ڪري واندي ٿيندي تہ شام ٿي ويندي. وري رات جي ماني ڪرڻي پوندس. ڀاڃائي پيڪي ويل ھئي ٻئي پاسي امان مجال آھي جو کڻي ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪري! سنڌن جو سور ان سستيء جي ڪري ٿيو اٿس. وزن بہ ڏينھون ڏينھن وڌندو پيو وڃيس.
ياسمين جي گهر ۾ عورتن لاءِ ريل وانگر الڳ دٻو ٺھيل آھي. مرد گهر کان ٻاھرھوندا يا وري مھمان خاني ۾ ڪچھرين ۾ مصروف ٿي ويندا آھن. اھڙا گهر سماجي طور تي ناڪام ۽ پوئتي پيل نظر ايندا آھن. گهر ذھني وسعت سان ھلندا آھن نہ ڪي ذھني فقيريءَ سان.
کين سڀ ڪجهہ ملي ٿو. کاڌو پيتو، لٽو ڪپڙو ۽ ٻيون ضرورتون پر ڳالھائڻ يا کين سوال ڪرڻ جو ڪو حق نہ آھي. سندن زندگي ذھني مفلسيءَ ۾ ويڙھيل گهرجي مردن جي رحم و ڪرم تي آھي. ھو گهٽ ۽ ٻوسٽ واري زندگي گذاريندي، اسپتالن جا چڪر ڪاٽي رھيون آھن. غير محفوظ ھجڻ سان نہ فقط انسان ذھني بيمار ٿي پوي ٿو پر سندس جسم بہ بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويندو آھي.
ڪپڙا استري پئي ڪيائين تہ گهٽيء ۾ گوڙ ٻڌائين. در وٽ لڳل پردي جي پويان بيھي رھي. ڀاڻس جون حرڪتون عجيب آھن. گهٽيءَ مان لنگهندڙ نوجوان کي ڳچيءَ کا جهلي ٻہ ٿڦون ھنيائين.
”اڙي ھتان ھري ھري ڇو پيو لنگهين؟“پيرل قميص کان جهليس.
”سائين ھتان ھرڪو پيو لنگهي مون ڪھڙو ڏوھ ڪيو آھي. “ نوجوان قميص جوڪالر ڇڏائيندي وراڻيو.
”ھل نڪر ھتان، ڪاساين جي پاڙي مان لنگهندو ڪر. “پيرل ڌڪو ڏنس.
”ادا اتان لنگهندس تہ اڌ ڪلاڪ لڳندو. “ نوجوان ڳل مھٽيندي چيو ۽ غائب ٿي ويو.
ھن بہ پيرل جي قدمن جو آواز ٻڌو تہ ڊوڙي وڃي استري کي سڌو ڪري قميص تي گهمائڻ لڳي.
پيرل اھڙيون عجيب حرڪتون ڪندو ھو. ھڪ ڏينھن گهر ۾ ڀنڻ وڌائين تہ ھاڻ ياسمين ڪاليج نہ ويندي. جنھن تي ھن روئي حال خراب ڪيا. پيرل جو چوڻ ھو تہ حالات خراب آھن. پاڙي جي ھڪ ڇوڪري تازوئي پنھنجي عاشق سان فرار ٿي ھئي. گهر جي تنگ نظري ۽ روز جا اجايا جهيڙا پريشان ڪندڙ ھئا.
وڏو ڀاء عزيز سندس بدر کڻندو ھو، جنھن جي گهر واري خوشبو پڻ ياسمين جو ساٿ ڏيندي ھئي. ھن کا ننڍو فراز ھو، جيڪو گهر کان لاتعلق رھندو ھو. پيءَ جو سيڌي سامان جو دوڪان ھين . ھو رات جو دير سان ايندو ھو باقي سندن ماءُ صفوران مٿو ويڙھي کٽ تي پئي ھوندي ھئي . ياسمين گهر جي ڪم ڪار سان گڏ، مھمانن جو ڪم ڪار پڻ ڪندي ھئي. سويراٿي ڪم ڪار لاھي ڪاليج ويندي ھئي.
ھڪ ڏينھن شام جيئن اونداھيءَ ۾ جذب ٿيڻ لڳي تہ ياسمين مٿي کڏ تي وئي. آگسٽ جو مھينو ھو. ماحول ۾ سخت ٻوسٽ ھئي. جيئن مٿي وئي تہ ھن تيز ساھن جا آواز ٻڌا. ڏٺائين تہ پيرل، پاڙي واري ڇوڪريءَ جي مٿان ليٽيل ھو. خوف ۾ پوئتي موٽي ھيٺ ڏاڪا تڙ تڪڙ ۾ لھندي لوندڙين مان ٺڪاء نڪرندي ٻڌائين. ٽئين ڏاڪي تي رئو وچڙيس تہ زمين تي اچي ڪري.
خوشبو ڊوڙندي آئي ۽ سھارو ڏئي اڱڻ ۾ رکيل کٽ تي ليٽايائينس.
صفوران بہ مٿو ويڙھي ڀرسان کٽ تي ليٽيل ھئي.
”ڪيترا ڀيرا ڇوريءَ کي سمجهايو اٿم تہ مٿي اونداھيءَ ۾ نہ وڃي. رات جو جنات نڪرندا آھن. “
خوشبو ھن جا ھٿ پير مھٽي چھري تي ڇنڊا ھڻڻ لڳي تہ ھن اکيون کوليون ۽ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
ان ئي لمحي پيرل مٿان لٿو.
”وري ڪھڙو ڊرامو ٿي ڪري. “مڇون وٽيندي رعب سان چيائين.
”ادا بيھوش ٿي وئي آھي اسپتال وٺي ھلوس. “
”گلوڪوز پياريوس ٺيڪ ٿي ويندي. “ پيرل لاپرواھيءَ سان چيو.
بيھوش ٿيڻ کان اڳي ھن ڏٺو تہ پيرل پگهرھاڻي ڪپڙن ۾ ٻانھون ھڻندو ٻاھر نڪري ويو.
ياسمين ان واقعي کانپوءِ خوف ۾ ويڙھجي وئي. ان کان اڳي بہ ھن جو ٿورڙي ڳالھہ تي ساھ تيز ٿي ويندو ھيس. اڳي سال ۾ ھڪ اڌ دفعا دورا پوندا ھيس ھاڻ ٻئي ٽئي ڏينھن بيھوش ٿيڻ لڳي آھي. ڪڏھن رڙيون ڪرڻ لڳي ٿي.
گهر جي ماحول جي گهٽ ۽ ٻوسٽ ۽ اجاين پابندين ياسمين کي ذھني طور تي بيمار ڪري وڌو. ڪاليج وڃي پاڻ کي بھتر محسوس ڪندي ھئي. ڪاليج جي باغ ۾ ويھي ھن کان سمورا ڏک وسري ويندا ھئا. پر ھاڻ ڪاليج وڃڻ بہ محال ھو.
”امان اٿ ۽ اھا کٽ ڇڏ ۽ سنڀال پنھنجي ڌيءَ کي . سعدي موساڻي وٺي وڃينس. “
خوشبو سس کي ڪاوڙ مان چيو.
صفوران ھڪ ڏينھن ڀيڻ سان ملڻ جو بھانو ڪري ڀاڻج ساڻ ڪندي، ياسمين کي سعدي موساڻي وٺي وئي، جتي سازن جي سرن تي حالات جون ستايل عورتون ڌمال ھڻي رھيون ھيون . جن ۾ ھوء بہ شامل ٿي وئي. روئي رڙي، جهمر ھڻندي بيھوش ٿي وئي. واپس آئي تہ مھينو سڪون سان گذريو.
ھاڻ سعدي موساڻي جي مزار ھن جي پناھ گاھ بڻجي وئي.
پر وري ساڳي حالت ٿي ويس. پوءِ جڙيل فقير جو ڏس ملين . اتي پھتيون تہ سوين ماڻھو موجود ھئا، جن ۾ نوجوان ڇوڪرين جو وڏو تعداد شامل ھو. ياسمين جو وارو آيو . اول تہ ضد ڪري بيٺي تہ ڌيءَ کي اڪيلو اندر ڪونہ ڇڏينديس. پوءِ فقير اندر گهرايس. فقير کي گنجي ۽ گوڏ پھريل ھئي.
”مائي اسان اڪيلي ۾ علاج ڪندا آھيون. حاضرات ٿيندي آھي انڪري ڪنھن کي گڏ نہ ويھاريندا آھيون. اسان جي نياڻي آھي . تون ڪو الڪو نہ ڪر. اسان جي در تان شفا ملندس. “ فقير جي اکين جو سرمو جرڪيو.
فقير سان گڏ اتي ٻيا فقير بہ ويٺا ھئا. ڪمري ۾ اگربتي ۽ لوبان جي باس ھئي. تغاريءَ ۾ ٽانڊا پيا ھئا، جنھن ۾ ھڪ فقير لوبان وجهي رھيو ھو. دونھين ۾ صفوران کي ڪنگهہ اچي ورايو.
”مائي تون مريض اندر موڪل. “ جڙيي فقير جي اکين ۾ اوسيئڙو ھو.
ٻاھر ويھي صفوران چوڌاري ڏٺو تہ فقير جي انتظار ۾ ڪيئي ڇوڪريون ويٺيون ھيون.
اڌ ڪلاڪ اندر علاج ھليس. ماڻس سندس رڙيون ٻڌندي رھي. ٻاھر آئي تہ بيھوش ھئي.
ائين ھر مھيني ماڻس کيس جڙيل فقير ڏانھن وٺي ويندي ھئي. ھڪ ڀيري ٽي مھينا دورو ڪونہ پيس. صفوران خوش ٿي تہ ھاڻ سندس ڌيءَ چاڪ ٿي وئي آھي.
صفوران خوش ھئي تہ جڙيل فقير پھتل فقير آھي، جتان واپس اچي سندس ڌيءَ چاڪ چڱي ڀلي ٿيو پوي.
ھڪ ڏينھن ياسمين ڪپڙا ڌوئي رھي ھئي تہ سندس قميص جو گلو ھيٺ ٿي ويو . سيني تي نشان ڏسي خوشبو ڇرڪي پئي. رات جو پنھنجي ڪمري ۾ سڏي ھن کانئس پڇيو.
”فقير جڙيل تنھنجو علاج ڪيئن ڪندو آھي؟“خوشبو کيس گهوري پڇيو.
”مون کي خبر نہ آھي. “ ياسمين نظرون چورايون.
”سچ سچ ٻڌاء . “ خوشبو ٻانھن جهلي چيس.
”ٿڦڙون، چھنڊڙيون ھڻندو آھي ۽. . . “ وڌيڪ ڪجهہ نہ چئي سگهي ۽ روئڻ لڳي. خوشبو کي پھريون ڀيرو ھن جي سڏڪن ۾ سرھائي محسوس ٿي.
اھو محسوس ڪري سندس پيرن ھيٺان زمين نڪري وئي. تڪڙ ۾ سس وٽ پھتي، جيڪا مٿو ٻڌي کٽ تي بيحال پئي ھئي. خوشبو الائي ماڻس کي ڇا چيو جو ھوء بہ منھن مٿو پٽڻ لڳي.
ڪيترا مھينا گذري ويا . ياسمين بي چين رھڻ لڳي . سندس دورن ۾ شدت ايندي وئي. منجهيل رھڻ لڳي . ڪم ڪونہ پڄندو ھيس. کٽ جي سيراندي تي مٿو رکي پئي روئيندي ھئي. اھا صورتحال ڀاڄائيء لاء ڏکي ثابت ٿيڻ لڳي. گهٽ ۾ گهٽ گهر جي ڪم ڪار ۾ ھٿ تہ ونڊائيندي ھئي. ھڪ ڏينھن خوشبو، سس کي چيو:
“ امان! ڀلا ڪنھن نفسياتي ڊاڪٽر کي ڏيکاريوس. ان حالت ۾ ڪيستائين رھندي؟“
” تون ڀيڻين کا پڇي ڏي ڪنھن چڱي ڊاڪٽر جو ڏس پتو“.
خوشبو جي ڀيڻ اسپتال ۾ ايل ايچ وي ھئي.
ڊاڪٽر جو ڏس ملين ڪو بھانو ڪري ڊاڪٽر ڏانھن نڪتيون. ڊاڪٽر مريضہ کان سوال ڪيا . ان کانپوء خوشبو کي چيائين: ” مريضہ کي ٻاھر وٺي وڃو. جيئن ٻئي ٻاھر نڪتيون تہ ڊاڪٽر چيو:
”مريضہ کي ھسٽيريا جي بيماري آھي. جيترو جلد ٿي سگهي شادي ڪرايوس. “
اھو ٻڌي صفوران جي پيرن ھيٺان زمين نڪري وئي ۽ پاڻ کي ٻڏي مرڻ جھڙو محسوس ڪيائين. نرڙ تي پگهر ڦڙا جرڪڻ لڳا. دوائن جي پرچي ھٿ ۾ کڻي ٻاھر نڪتي. وايون بتال ھيس.
ياسمين کي دوا سان ڪو بہ فرق نہ پيو. ڪو چڱو سڱ ھجي تہ شادي بہ ڪرايانس. مٽن مائٽن ۾ ڇوڪرا عمر کا ن ننڍا ھئا. برادريء مان بہ رشتا آيا، جيڪي پڻس کي نہ وڻيا. ڪو ڇوڪرو نشئي ھو تہ ڪو بيروزگار . صفوران جي ڀيڻ شمل پنھنجي پٽ لاء سڱ گهريو، جنھن کي ياسمين گهڻي پسند ھئي. صفوران بہ ڪوششون ڪيون پر مڙس اھو چئي جواب ڏيئي ڇڏيو تہ ڇوڪرو ياسمين کان پنج سال ننڍو آھي.
ڀيڻ کي جواب ڏيندي ڏاڍو ڏک ٿيس. شمل جواب ٻڌي ھن تي تارا ڦوٽاريندي چيو:
”ڇوڪرو عمر ۾ ننڍو آھي تہ ڇا ٿيو، ڪمائي ٿو . سکيو ستابو آھي. ادا پنھل توکان پندرنھن سال وڏو آھي . باقي ڇوڪرو پنج سال ننڍو ٿيو تہ سڱ نہ ڏينداسين. ادي سچي چوانء اھو سڱ وڃائي ڏاڍو پڇتائيندينء. “ روئڻھارڪي شمل تڙ تڪڙ ۾ برقعو پائي، ڀڻڪندي در ڏانھن ڪاھ ڪئي.
ياسمين جي بيماريء ۾ وقت سان گڏ شدت ايندي وئي. چھرو ڪومايل گل جھڙو ڏيک ڏيڻ لڳو. رات جو ررڙيون ڪندي اٿندي ھئي ۽ وڃي پٽ تي ڪرندي ھئي. اڪثر دل جو دھڪو وڌندي محسوس ڪندي ھئي تہ زمين تي ڪري پوندي ھئي.
ڪڏھن لڳندو ھيس تہ اوندھ ۾ ڪو بيٺو آھي. تيزيء سان موٽندي ھئي. گهر جا مرد ياسمين ۽ گهر جي عورتن جي مسئلن کن بيخبر ھئا. سڄو ڏينھن گهر کان ٻاھر رھن. شام جو موٽندا تہ وري ڪو دوست اچي در کڙڪائيندو تہ ان سان نڪري ويندا. نہ زالن سان ويھندا، نہ ئي ڀيڻ جي سار سنڀال لھندا.
ھڪ ڏينھن ياسمين ماءُ کي چيو:
”امان مون کي فقير سائين ڏانھن وٺي ھل . “
ياسمين جون اکيون ڳاڙھيون ۽ ساھ بي ترتيب ھئا.
”بس ڪر ڇوري فقير جو نالو نہ وٺ. اھو موئو ماريو ڪوڙو فقير آھي. “ماڻس ڏند ڪرٽيندي چيو.
”نہ امان مون کي فقير سائينء ڏانھن وٺي ھل. جي نہ وٺي ھلندينء تہ ڦاھو کائي مرنديس. “ياسمين ضد ڪندي چيو.
ماءُ محسوس ڪيو سندس ساھن ۾ درياھ جي اڇل ۽ اکين ۾ خواھشن جو اولڙو نمايان ھو.

مجبوري

ڪاليج جي پرنسپال سڀني کي تنگ ڪندي ھئي پر جيڪي تحفا ڏينديون ھيس، انھن سان خاص رعايت ڪندي ھئي. صبح ساڻ ئي چھري تي ميڪ اپ ٿڦي، قيمتي ڪپڙا ۽ ان ئي مناسبت سان جيولري پائي اچي سيٽ تي ويھندي ھئي. پوءِ ڪاليج جو لان سڙي وڃي، ڇوڪريون ڪلاسن کان ٻاھر ڀٽڪنديون رھن ۽ صفائي نالي ماتر ھجي، کيس ڪو بہ فرق نہ پوندو ھو.
شھلا صاحبہ پنھنجي من گهريل گروپ ۾ ويھي پئي ڪچھري ڪندي ھئي. اوچتو خبر پيس تہ ڊپٽي ڊائريڪٽر پيو اچي.
”ٽيون ڏينھن تہ وزٽ تي آيو ھو وري ڇو آيو آھي مئو ماريو. “ شھلا چيو.
ڊپٽي ڊائريڪٽر سان گڏ ڊي جي صاحب بہ ھو. پرنسپال، کين ڪاليج وزٽ ڪرايو. ڪاليج ڏسندي ڊي جي صاحب ڪر ڪر ڪندو ھليو.
”ميڊم توھان ڪاليج جي صفائيءَ تي ڌيان ڪونہ پيون ڏيو. “
شھلا، وائس پرنسپال ناھيد ۽ نوشابہ جک کائيندي ھلي رھيون ھيون.
”ھي دري ڀڳل آھي اڳي بہ چئي ويو ھيس تہ ٺھرايو پر اڃان نہ ٺھرائي اٿو. “ ڊي . جي صاحب ڪاوڙ چيو.
”سر ھاڻ بجيٽ رليز ٿي آھي جلد رپيئر جو ڪم شروع ٿيندو. “
ميڊم شھلا ڪاوڙ کي ڏندن ۾ چيڀاٽيندي وراڻيو.
واپس آفيس ۾ اچي ٻئي صاحب ھن تي ڇوھ ڇنڊيندا رھيا. ريفريشمينٽ ۽ ڪولڊ ڊرنڪس جو انتظام ڪيو ويو. ٻئي ڄڻا کائي پي روانا ٿيا.
ان ۾ ڪو شڪ نہ ھو تہ ھوء ان پوسٽ لاءِ اھل نہ ھئي پر وڏو سورس ڪم آڻيندي اھا پوسٽ ورتي ھيائين. جيڪي پيسا ڀريا ھئائين، سي ڪاليج جي بجيٽ مان پورا ڪيائين.
”توھان کي ڪلھہ بہ چوان پئي تہ صفائيءَ ڏانھن ڌيان ڏيو . ويھڻ سان ڪم نہ ڪلندو. “
ھن وائيس پرنسپال کي ڇنڊ پٽي.
پرنسپال جي سالگرھ ويجهو ھئي، انڪري ھن مختلف ڊزائنرز جا ڪوڊ اسٽاف ۾ ورھائي ڇڏيا ھئا. فھميدہ جي حصي ۾ مھانگو سوٽ آيو، جنھن جي قيمت ھزارن ۾ ھئي. سندس گهر وارو بيمار ھو ۽ ٻہ ٻار ميڊيڪل جي چوٿين ۽ آخري سال ۾ ھيس.
ھاڻ تہ عمرو ڪري آئي ھئي. ان جا مھانگا تحفا الڳ وصول ڪيائين. مڙس بہ وڏي پوسٽ تي ھيس . ھوء اندر ۾ پڄري رھي ھئي.
اسٽاف روم ۾ ماسترياڻيون ھوريان ھوريان ان معاملي بابت ھوريان ڳالھائي رھيون ھيون. ساڳي وقت فائدا بہ وٺنديون ھيون. انڪري تحفو ڏيڻ بہ ضروري ھو. ڪي تہ سونيون منڊيون، لاڪٽ ۽ قيمتي واچون بہ ڏينديون ھيون، پوءِ دير سان اچن يا ڪلاس نہ وٺن موج ۾ ھيون.
”ڏي خبر فھميدہ ! تون ڪڏھن ٿي سوٽ وٺين؟“ نائلہ ٽوڪ ھينس.
”ھيءَ ڪونہ ڏيندس مھانگو سوٽ. “سائرہ چيو.
ھن کي پنھنجي حالات تي شرمندگي ٿيڻ لڳي. ھوء اتان اٿي وئي.
پرنسپال جو جنم ڏينھن ويجهو ايندو ويو ھن جي پريشاني وڌنڌي رھي.
فھميدہ، اڳلي سال گفٽ ڪونہ ڏنس تہ سڄو سال ڪا رعايت نہ ڏنائينس. ھن جي امتحانن جي ڊيوٽي لڳائي وئي. کيس طرح طرح سان تنگ ڪيو ويو. پرنسپال آفيس کي شيشي جو در لڳرايو ھو ۽ سندس آفيس وچ ۾ ھئي، جيڪو نڪرندو ھو تہ خبر پوندي ھيس. گهڻگهرين کي ڇڏي ڏيندي ھئي باقي جنھن سان ڪاوڙيل ھوندي ھئي تہ بيل وڄائي پٽيوالي کي چوندي ھئي تہ چئوس اڃان يارنھن ٿيا آھن ڇو پئي وڃي ! ڪي تہ بيل ٻڌي واپس ورنديون ھيون. پر ھن ڀيري ھوء پرنسپال جي پسند جو سوٽ وٺڻ لاءِ راضي ھئي. مڙس بيمار ھيس، انڪري ھن کي سھڪاري روين جي ضرورت ھئي. پرنسپال صاحبہ حج، عمرو، ٻارن جي ڪاميابين تي دعوتون کارائي ڪافي قيمتي سامان وصول ڪري چڪي ھئي. کيس ڪو نہ ڪو بھانو کپندو ھو پارٽي ڪرڻ لاءِ.
ھوء ھاڻ ڪينيڊا جي شھري بڻجي وئي آھي. رٽائرمينٽ ۾ سال اٿس. سندس مڙس ۽ ساھرا ۽ ڀينر ڀائر آمريڪا ۾ اٿس، سو ھتان قيمتي وڳا ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪري ٻاھر موڪليندي آھي. ھن شايد ئي پنھنجي لاءِ ڪپڙا خريد ڪيا ھوندا!
موسم خوشگوار ھئڻ ڪري ھو لان ۾ پنڌ ڪرڻ لڳي. املتاس جي وڻ تي ڪوئل ڪوڪي رھي ھئي. آسمان جهڙ سان ڀريل ھو ۽ ٿڌي ھوا ھلي رھي ھئي. ھن جو ڌيان بيمار مڙس ڏانھن ھو. ھن کي ڏسي سندس ڊپارٽمينٽ ۾ گڏ ڪم ڪندڙ ڪوليگ ڏانھنس وڌي. ٻئي اڪثر گڏجي پنڌ ڪنديون ھيون.
”ادا جي طبيعت ڪيئن آھي؟“ نصرت پڇيو.
”ھاڻ ڪجهہ بھتر ٿي آھي. “
”ڊاڪٽر ڇا ٿا چون. “
اڃان ٽي مھينا دوائون ۽ بيڊ ريسٽ ڪرڻو اٿس. “
ھن جي دل ۾ آيو تہ ھوء نصرت کان اڌارا پيسا گهري پر ھن ڪڏھن بہ ڪنھن کان اڌارا پيسا نہ گهريا ھئا.
گهر واپس آئي تہ بہ پريشان رھي. فيض ۽ فرح ميڊيڪل ۾ ھئا ۽ شام جو ٽيوشن سينٽر تي پڙھائڻ ويندا ھئا. سعيد پوئين سال رٽائر ٿيو ھو. جيڪي پيسا مليا سي سندس بيماريءَ تي لڳي ويا. سندس پينشن، فھميدہ جي پگهار ۽ ٻارن جو ٽيوشن ملائي بہ گهر جو خرچ پورو نہ ٿو ٿئي. سوچي ٿي تہ گهر کپائي ڪرائي جي گهر ۾ شفٽ ٿي وڃي پر ايڏي وڏي قدم کڻڻ جي ھمت نہ ٿي ڀانئي پاڻ ۾. اھي ڏکيا ڏينھن گذري ويندا. سوچي ٿڌو ساھ ڀريائين.
زيور بہ ٻارن جي فيسن ڀرڻ لاءِ کپائي ڇڏيا ھئائين. ڪاليج جي روز روز جي پارٽين جي ڪري ھوء پريشان رھڻ لڳي ھئي. ڪاليج ۾ ست اٺ پروفيسر ڪافي پيسي واريون ھيون، جن مھانگن سوکڙين جي روايت وڌي ھئي. خوشامدي، نااھل ۽ سفارشي استادن تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيو آھي. ھوء گھري سوچ ۾ گم ھئي.
”امان ماني ٺيڪ سان کائو الاھي ڪمزور ٿيندا پيا وڃو. “
فرح کيس سوچن ۾ گم ڏسي چيو تہ ھن زوريءَ گرھ کڻي وات ۾ وڌو.
”ھا امي مان بہ محسوس ڪيان پيو تہ اوھان ڪجهہ ڏينھن کا پريشآن آھيو. “فيض پڇيو.
”نہ پٽ مان ٺيڪ آھيان بلڪل، مون کي ڪا پريشاني نہ آھي. “ ماءُ سدائين پنھنجي دل جو حال ٻارن کان لڪائيندي آھي، جيئن سندس ٻار ڪٿي دل ھاري مقصد کان پري نہ ٿي وڃن. ان ڏينھن بہ ھوء لڙڪ پي مرڪي پئي ۽ سڄو گهر روشن ٿي پيو.
فھميدہ جي الماريءَ ۾ پراڻا ڪپڙا ھئا . مڙس جي بيماري کان اڳي ھوء سٺو لباس پھريندي ھئي پر حالتن جي ڪري ھاڻ ھوء خريداريءَ جي سگهہ وڃائي ويٺي آھي. ڪاليج ۾ سندس ڪپڙن تي بہ چٿرون ڪيون وينديون آھن . اڳي ڪاليجن ۾ ماسترياڻيون سادا ڪپڙا پائينديون ھيون پر ڪجهہ عرصي کان ڊزائنرز جي فيشن کان پوءِ ھاڻ فيشن ۽ ڪپڙن جا روز پيا مقابلا ھلندا آھن . تدريسي عملو نہ لائبريري وڃي ۽ نہ ئي روز نئون ليڪچر تيار ڪري اچي، باقي فيشن تي زور اٿن.
پارٽي ٿيندي تہ پارلر مان فيشل ڪرائي تازيون توانيون ٿي اچي شرڪت ڪنديون. وارن کي ھزارين روپين جي اسٽريڪنگ الڳ ڪرائينديون . ھاڻ تعليمي ادارا علم جو گھوارو گهٽ پر فيشن شو وڌيڪ لڳن ٿا. ڪاش! ڪو ذھني قابليت وڌائڻ لاءِ بہ سوچي ھا!
چار سال بعد سندس رٽائرمينٽ ٿيندي، تيستائين ٻارن کي بہ نوڪري ملي ويندي. چار سال ڪاليج ۾ گذارڻ ڏکيا ٿي پيا آھن. ھي پرنسپال سال پورو ڪري ويندي تہ وري ٻي بہ ڪا اھڙي ايندي.
جهڙالي موسم ھئي پرماسترياڙين، ھن ڀيري نہ پڪوڙا ۽ سموسا گهرايا، نہ چانھن جو دور ھليو نہ ئي ڀرسان دوڪانن تان رٻڙي ۽ فالودو آيو. اسٽاف روم ۾ دٻيل لھجي ۾ احتجاج ھلي رھيو ھو. ڪي غير شادي شدہ امير پروفيسر ھيون تہ ڪي سي ايس پي آفيسرز جون بيگمات، ڀلا کين ڪھڙي پرواھ آھي پيسي جي!
” اسان ٻارن جي اسڪولن جون فيسون ڀريون، سس ۽ سھري جو علاج ڪرايون يا وري ھن مائيء جون فرمائشون پوريون ڪيون. “ رفيعہ ڪاوڙ منجهان چيو.
ڪن وڳا وٺي ڇڏيا ھئا. ڪن وڳن سان قيمتي پرفيومز، سون جون منڊيون، قيمتي واچون ۽ امپورٽيڊ ڪراڪري بہ وٺي ڇڏي ھئي. اھو ٻڌي کيس اڀ ساھي اچي ورايو.
رات جو پاسا ورائيندي پيسن جو سوچيندي رھي.
”ڇاٿيو فھميدہ پريشان ڇو آھين؟، سعيد پيار مان پڇيو.
”بس ننڊ نہ پئي اچي. “ لڙڪ من جي بٺ زمين تي وسڻ لڳا.
”چري! ايترو نہ سوچيندي ڪر ڪٿي بيمار نہ ٿي پئين. تون ئي ھن گهر جي اميد ۽ سھارو آھين. “ سعيد ٿڌو ساھ ڀري چيو.
”نہ مان پريشان نہ آھيان، بس ٿوري دير ۾ ننڊ اچي ويندي. “ مرڪي چيائين.
پرينھن پرنسپال جي سالگرھ ھئي.
ڪاليج مان نڪري سڌي سوناري جي دوڪان تي آئي ۽ ھٿ جي منڊي سوناري کي ڏنائين.
” ادا سون جي تور تہ ڪري ڏيو. “
”تمام سٺو سون آھي ڀيڻ ڇو پيا وڪڻو؟“ سوناري چيو.
” توھان تور ڪريو ادا. “ھن جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا.
سوناري تور ڪري کيس پيسا ٻڌايا.
منڊي وڪڻي سڌو ڪپڙي جي دوڪان تي اچي قيمتو وڳو خريد ڪيائين. باقي بچيل پيسن مان ھن سعيد لاءِ دوائون خريد ڪيون.
رات جو دير تائين ننڊ نہ آيس. من ۾ سڏُڪندي رھي، ڪنھن کي خبر پوي ان ڳالھہ جي تہ جيڪر مون تي ماڻھو کلندا تہ ٿوري فائدي جي ڪري، مون جنم ڏينھن تي مڙس جو ڏنل تحفو کپائي ڇڏيو.
ڪي چوندا ڀلا ائين بہ ٿيندو آھي ڇا؟
نوڪري بچائڻ لاء ۽ ڪي جائز ۽ ناجائز مراعتون حاصل ڪرڻ لاء، گهڻو ڪجهہ ڪرڻو پوي ٿو. سڄو نظام رشوت ۽ سفارش تي ھلي ٿو. مون کي ڪجهہ ڏينھن لاء ڪاليج مان جلدي اچڻو پوندو، جيستائين سعيد ٺيڪ ٿي ويندو. ضمير جي چھنڊڙيڻ تي ھوء لاشعور کي جواز ڏيندي رھي.
ٻئي ڏينھن پرنسپال کي جنم ڏينھن جي مبارڪ ڏيندي کيس وڳو ڏنائين تہ ميڊم شھلا، گلاب جي گل جيان ٽڙي پئي.
فھميدہ جي اکين مان لڙڪ وھڻ لاءِ آتو ھو، جيڪو ھن ٻيھر اکين ڏانھن ڌڪي ڇڏيو.

مايوسي

ڪانفرنس لاءِ اديبن ۽ محققن جي نالن جي چونڊ ڪرڻ واري ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي ھئي. ان ڪميٽيءَ جو مکيہ آفيسر ڪجهہ ڏينھن اڳي شعبي ۾ آيو ھو. سارنگ نئون آفيسر ھو ۽ ذميداريون بہ گهڻيون ھيس. پروگرام، سيمينار ۽ تربيتي ورڪ شاپ بہ تڪڙا ٿيندا ھئا.
”نہ ھي صاحبہ تہ بلڪل بہ نہ . . . “ اظھر جي لھجي مان حسد جهاتي پاتي.
ڪميٽي جي ميمبر دانشور اظھر، صفيہ نور جو نالو ڏسي رڙ ڪئي.
” سائين ھن محترمہ جو وڏو ڪم ٿيل آھي ۽ ادب جي ڄاڻ بہ گهڻي اٿس. “ سارنگ چيو.
اظھر ڀرسان ويٺل ويٺل دانشور، عزيز ڏانھن طنزيہ انداز ۾ ڏٺو.
”سائين ھيءَ خاتون مغرور گهڻي آھي. گذريل سال انڪار ڪيو ھئائين. “ٻہ چاپڙي اديب محسن اعتراض واريو، جيڪو صاحبن جي خوشامد ۽ فائدن حاصل ڪرڻ ۾ اڳڀرو ھو.
”ڪو مسئلو ھوندس سر!“ سارنگ ڪوشش ڪئي تہ ڪميٽيءَ جا ميمبر مڃي وڃن.
پوءِ نالو ان ليکڪا جو تجويز ٿيو، جيڪا سماجي طور تي متحرڪ ھئي. پر ھن جو ادب ۾ ڪو خاص ڪم نہ ٿيل ھو سواء اسٽيج تي نظر اچڻ جي.
سڀني ان نالي جا تائيد ڪئي.
ٻيو نالو کنيو ويو، جيڪو ھڪ بااثر اديب جو ھو.
ٽيون نالو ھڪ دانشورجوھو، جنھن جا ذاتي تعلقات مٿي اھم شخصيتن تائين فعال ھئا ۽ ھو ھر پروگرام جو اھم حصو ھوندو ھو.
سارنگ کي مايوسي ٿي . ھن سوچيو ھن نون ليکن جا نالا آندا ھئا پر ھتي تہ دانشورن جي ھڪ ھٽي لڳي ھئي. ھو دوستن، عزيزن ۽ خوشامندڙين جا نالا ڳڻائي رھيا ھئا. ھن سوچيو ھو تہ ھو ھن اداري ۾ ڪا نئين روايت قائم ڪندو پر ھتي تہ معاملو ئي ٻيو لڳو پيو ھو.
ھڪ ٻئي نالي تي ھڪ معزز ليکڪ سميع صاحب ناراض ٿي ويو. سندس، ان اديب سان ذاتي ناراضگي ھئي.
” ھي اديب سدائين متضاد ڳالھہ ڪندو آھي. اھڙي وڳوڙي ذھن رکندڙ اديب کي گهرائڻ پروگرام خراب ڪرڻ جي برابر آھي. “
”پر سائين کيس ادب جي ھر موضوع تي وڏي ڄاڻ آھي. “ سارنگ چيو. خير اھو نالو بہ رد ٿي ويو. ٻئي دانشور کيس گهوري رھيا ھئا.
ان سيمينار لاءِ ھر سٺو نالو رد ٿيو ۽ ساڳيا نالا تجويز ٿيا، جن ڪنھن بااثر کان فون ڪرائي ھئي يا زباني چورايو ھو. ھي اھي اديب ھئا، جيڪي اسٽيج تي نروار ٿيڻ لاءِ پيا ڪوششون ڪندا ھئا. انھن مان ڪيترا سالن کان ذھني طور تي غير فعال ٿي چڪا ھئا. نہ ڪو مضمون لکيو ھئائون ۽ نہ ئي چڱو ڪتاب پيش ڪري سگهيا ھئا. فقط ڳالھين جا بادشاھ ھئا. ھنن کي اڳتي وڌڻ ۽ بيٺل کي ڪيرائڻ جا گرُ چڱيءَ طرح ايندا ھئا.
ڊاڪٽر فاسٽس جي ڊرامي ۾ ست موتمار گناھ ياد پيس، جيڪي ھٿ ۾ ھٿ ڏيئي نچڻ لڳا. . .
غرور، لالچ، ھوس . حسد، فخر، ھٻڇ، ڪاوڙ ۽ ڪاھلي. . .
ھنن سفارشي اديبن جو شروع کان طريقو ھو تہ ھر پروگرام ۾ اڳين ڪرسين تي قبضو ڪري ويھندا ھئا. پوءِ تعلقات ٺاھيندا ھئا. اھڙن اديبن جو پاسو وٺندا، جن جو چڱو نالو ھوندو. پوء حڪومتي سرپرستي حاصل ڪرڻ کانپوءِ ھر محفل جي زينت بڻجي ويندا آھن.
سيمينار ختم ٿيو تہ سارنگ مانيءَ جو انتظام ڪيو. مانيءَ دوران بہ پنھنجون پليٽون ڀرڻ سان گڏ. اديب ۽ دانشور ھڪٻئي جي گلا غيبت ڪندا رھيا.
ادب جي دنيا سوچ جي ورجاء، سياست ۽ با اثر اديبن جي روايتي سوچ. مفاد ۽ سفارش جي نظر ٿي چڪي ھئي. ادب ۾ ڪو نئون لاڙو ھو نہ ئي ڪو تازي ھوا جو جهوٽو محسوس ٿيندو ھو. ھن جو ساھ روايتي سوچ جي ٻوسٽ ۾ پيو منجهندو ھو.
ان ڏينھن گهر موٽيو تہ رات جي مانيءَ تي منجهيل رھيو .
”اڄ تہ ميٽنگ ۾ وڏا اديب ۽ دانشور آيا ھوندا . توھان ضرور انھن جي ڪمپنيءَ ۾ ڪجهہ پرايو ھوندو. “
سرھاڻ پڇيو، جيڪا ڪتابن پڙھڻ جي شوقين ھئي ۽ وڏن اديبن سان ملڻ جو چاھ بہ ھيس. ھوء کين ماورائي مخلوق سمجهندي ھئي.
”مون اڄ ساڙ، حسد ۽ گلا غيبت جو سبق پرايو آھي. “ سارنگ مايوسيءَ مان چيو.
”ڇا مطلب؟“ سرھاڻ حيرت مان چيو.
”جيڏا وڏا نالا، اوترا ننڍا انسان آھن. “ سارنگ جي چھري تي نفرت ڦھلجي وئي. اھو ٻڌي ھوء پريشانيءَ مان کيس ڏسڻ لڳي، ڄڻ مڙس جي ذھني توازن بگڙڻ جو شڪ ٿيو ھجيس.
”توھان چوڻ ڇا ٿا چاھيو؟“
”سرھاڻ مان ھي نئين آفس جوائن ڪري اچي ڦاٿو آھيان . ھتي منھنجي صلاح يا راء جي ڪا اھميت نہ آھي. مان فقط نالي جو آفيسر آھيان. اھي نالي وارا دانشور ۽ ليکڪ پنھنجي لکڻين کان گهڻو مختلف آھن. “
”پوءِ توھان جو خاموش رھڻ بھتر آھي. “
”ڇو خاموش رھان!“زال جي ڳالھہ ٻڌي ڪاوڙ لڳس.
”پنھنجي عزت ۽ نوڪري بچاء ٻي صورت ۾ بدلي ڪري ڇڏيندء . “ سرھاڻ سمجهداريءَ سان چيو.
”ناانصافي ٿيندي ڏسي تڪليف ٿي پھچي، حقدار جو حق پائمال ٿيندي ڏسي نہ ٿو سگهان. نئين نسل کي ڪوڙ، فريب ۽ خوشفھميءَ جو زھر پيا پيارين. اسان جو آئيندو اونداھو ٿيندي نظر ٿو اچي. تاريخ کي ڪھڙو منھن ڏيکاريندس!“
سرھاڻ ڳالھہ نہ سمجهندي ٿانو کڻي باورچي خاني ۾ آئي.
ھو ٻارن جي ڪمري ڏانھن وڌيو. سونو ۽ راڻي گھري ننڊ ۾ ھئا. سندن نرڙ تي مٺي ڏيئي پنھنجي ڪمري ۾ آيو.
ٻئي ڏينھن آفيس ۾ ڪانفرنس جي تياري ڪندي، مصروف ڏينھن گذريس. ڪانفرنس جي تاريخ طئي ڪئي وئي. اديبن، محققن ۽ دانشورن کي خط موڪليا ويا. شام جو دير ٿي ويس . آفيس مان نڪتو تہ شام جي شفق رات جي اونداھين ۾ جذب ٿيڻ لڳي. ھن رستي ۾ گاڏي روڪي ٻارن لاءِ شيون ۽ سرھاڻ لاءِ گلدستو ورتو.
گهر ۾ داخل ٿيو تہ ٻئي ٻار ڏانھنس ڊوڙيا.
”بابا. . . بابا!“
ھن ٻنھي ٻارن کي ڀاڪرن ۾ ڀري پيار ڪري شيون ڏنيون ۽ ھو لائونج ڏانھن ڊوڙي ويا، جتي ٽي وي تي سندن من گهريا ڪارٽون ھلي رھيا ھئا. سرھاڻ ڪجهہ اداس ھئي پر گل ڏسي ٽڙي پئي.
”اڄ منھنجي سالگرہ تہ ناھي. “ گل وٺي خوش ٿيندي چيائين.
”گل توکي وڻندا آھن نہ. “ سارنگ بہ مرڪي وراڻيو.
ماني کائي ھو اچي لائونج ۾ ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ لڳو.
سرھاڻ، ھن لاءِ کيرڻي کڻي آئي ۽ ھو شوق مان کيرڻي کائڻ ۾ مصروف ٿي ويو.
”مان بہ ڪانفرنس ۾ ھلندس. “ سرھاڻ چيو.
”اديب گهڻو ڪري گهر جون عورتون نہ آڻيندا آھن ادبي محفلن ۾ . “
”پر مان ننڍي ھوندي ھيس تہ بابا مون کي ادبي محفلن ۾ وٺي ويندو ھو. ڪاليج ۽ پوءِ يونيورسٽيءَ ۾ پھتس تہ بہ بابا سان ادبي پروگرامن ۾ ويندي ھيس. “
”ٺيڪ آھي پوءِ ھلجانء. “ سارنگ کيرڻي کائيندي ميچ ڏسندو رھيو.
آخر ڪانفرنس جو ڏينھن بہ آيو. سرھاڻ بہ ڪم واري مائي شھزادي کي منٿ ميڙ ڪري گهر ۾ ترسائي ڇڏيو، جيڪا شام جو گهر ھلي ويندي ھئي.
ھوء ڪانفرنس ۾ پھتي ۽ اڳيان سيٽ تي سارنگ کيس ويھاري ھليو ويو.
ھڪ فيشن ايبل اديبہ آئي ۽ اڳين سيٽ نہ ملڻ تي گوڙ ڪري بيٺي تہ ھن اٿي پنھنجي سيٽ ڏنس ۽ پويان اچي ويٺي. وري ڪو اديب آيو تہ اڳيان سيٽ نہ ملڻ تي واپس وڃڻ لڳو تہ سارنگ ھن کي اٿاري چوٿين قطار ۾ خالي پيل ڪرسيءَ تي ويھاري آيو.
پروگرام شروع ٿيو تہ ڪمپيئر اچي ڊيگهہ ڪئي. موضوع کان ھٽي گفتگو ڪري رھيو ھو. منسٽر ۽ وڏا اديب خاص مھمان ھئا. تقريرون شروع ٿيون تہ ڪا نئين ڳالھہ نہ ھئي. موضوع کان ھٽيل تقريرون ھيون. حاضرين ايترو گوڙ ڪري رھيا ھئا، جو تقريرون ٻڌڻ ۾ نہ پئي آيون. ڏھن اديبن ۾ فقط ھڪ ليکڪا پنھنجو مقالو پيش ڪرڻ آئي. ھوء ڪافي عرصي کانپوءِ ادبي پروگرام ۾ آئي ھئي.
سرھاڻ پراڻودور ياد ڪرڻ لڳي، جڏھن تقريرون معياري ۽ موضوع جي مناسبت سان ھونديون ھيون . ھر لفظ گھرو ۽ متاثر ڪندڙ ھو. سٺن لفظن تي تاڙيون وڄنديون ھيون. ھتي تہ سڀ خاموش ھئا ڄڻ تہ اديب ڀتين سان ھمڪلام ھجن!
ڪرسيون خالي پيون ھيون . جيئن موسيقيءَ جي محفل شروع ٿي تہ الائي ڪٿان نوجوان ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا ۽ ٻيا ماڻھو ظاھر ٿيا ۽ ھال ڀرجي ويو. پوءِ جهمريون شروع ٿي ويون .
پروگرام ختم ٿيو تہ ٻئي گاڏي ۾ ويٺا. سارنگ گاڏي اسٽارٽ ڪئي. ھوء خاموش ھئي. ھن آخر ۾ پنھنجي پسند جي اديب جو عجيب مشاھدو ڪيو. ھن سان گڏ ڪرسيءَ تي نوجوان ويٺو پر اتي ھڪ خوبصورت ڇوڪريءَ ويھڻ گهريو تہ اديب ان نوجوان کي ٻانھن کان پٽي اٿاريو ۽ ڇوڪريءَ کي ڀرسان ويھاري، ان تي مرڪن جي ورکا ڪرڻ لڳو . نوجوان روئڻھارڪو اٿي ويو.
اھو منظر ڏسي ھوء مايوس ٿي.
”ڪانفرنس ڪيئن ھئي؟“ سارنگ پڇيو.
”مون کي حيرت ٿي تہ اديب موضوع کان ھٽي ڳالھائي رھئا. ھنن جي گفتگو ۾ ڪا نواڻ نہ ھئي. ۽ ھنن جا رويا بہ اڳي وارا نہ رھيا آھن. “سرھاڻ مايوسيءَ مان چيو.
”دنيا بدلبي تہ زندگيءَ جي ھر شعبي تي ان جو اثر پوندو آھي پوءِ ادب تي بہ پوندو نہ. “
سارنگ سگنل تي گاڏي روڪي.
”اتي موجود ماڻھو تہ تقريرون ٻڌڻ بدران ڳالھين ۾ مصروف ھئا. ايترو گوڙ ھو جو ٺيڪ طرح سان آواز نہ پئي آيو. “ سرھاڻ مايوسيءَ مان چيو.
”ٻيو ڪجهہ“ . سارنگ مرڪندي پڇيو.
”اھو ڏسي افسوس ٿيو تہ اديب ڪرسين تي وڙھي رھيا ھئا. “
”بس ھن ملڪ ۾ ڪرسين جو ئي مسئلو ھلي پيو. “ سارنگ طنز ڪندي چيو.
”اسٽيج ۽ فرنٽ سيٽ کپي ھر اديب کي. “ سرھاڻ چيو.
”ادب ۽ آرٽ ذاتي مقصد ۽ ڏيکاء جو ذريعو بڻجي ويا آھن. “ سارنگ گهر جي در تي گاڏي بند ڪندي چيو.
گهر جي اندر پھتا تہ شھزادي لائونج جي صوفي تي ننڊ جا جهوٽا پئي کاڌا. ھنن کي اندر ايندي ڏسي اٿي بيٺي.
” تون آرام ڪر شھزادي “ سرھاڻ چيو تہ ھوء ڊرائنگ روم ۾ ھلي وئي.
سارنگ جي دل تي بوجهہ ھو . ھن جي ذھن ۾ مارلو جي ستن موتمار گناھن جي راند جاري ھئي. انھن منفي ڪردارن جو گوڙ وڌي ويو. ھو خوفزدہ ٿي ڪٿي لڪڻ چاھي ٿو، پر اھي ڀوائتا چھرا، خوابن ۾ بہ سندس پيڇو ڪندا رھن ٿا!

اَڌوري ڪٿا

عافين اِسٽاف روم جي دريءَ مان ٻاهر نھاريو، جتي سياري جي سج جا ڪِرڻا وڻن جي پنن تي جرڪي رهيا هئا. ساوڪ جي تازگي اَندر ۾ لَھندي محسوس ڪيائين. نئون سيمسٽر شروع ٿي چُڪو هو. هن جي سامھون اُداس اَکين واري ثمن هميشہ جيان ڪتاب چھري جي سامھون جهلي سوچن ۾ گم هئي. هوءَ ڪتاب پڙهندي بہ هئي يا فقط سوچيندي رهندي هئي. هن سوچيو.
دريءَ مان لِيئا پائيندڙ سجَ جا ڪِرڻا هن جي وارن تي جرڪندي، ناسي رنگ کي اَڃا ڳوڙهو ڪري رهيا هئا. اَڄ کيس ناسي ڪلر جو سوٽ پھريل هو، هوءَ اَڪثر اِن رنگ جي ڪپڙن ۾ نظر اِيندي هئي. ناسيءَ کانسواءِ ڪارو، سرمئي ۽ نيرو رنگ بہ پسند هيس. ثمن کي سائيڪالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ شامل ٿيندي چار مھينا ٿيا هوندا، پر هن جي عافين سان ڪا گهڻي ڳالھہ ٻولهہ نہ ٿي سگهي هئي، سواءِ چند رسمي جملن جي.
عافين، هن کان سينيئر ليڪچرار هو، اُن ڪري ٻہ يا ٽي ڀيرا هن کان سبجيڪٽ جي باري ۾ ڪجهہ پُڇيو هئائين. هو تمام گهڻو تنھائي پسند ۽ گهٽ ڳالھائُو هو. ڪجهہ ڏينھن اَڳي شعبي جو استاد، اِسڪالر شپ تي ٻاهرين ملڪ ويو تہ سڀني پاران کيس فيئر ويل پارٽي ڏني وئي. اُن ۾ هن سنبل جي زور ڀرڻ تي اُردو غزل ڳايو هو.
تم اپنا رنج و غم، اپنی پریشانی مجھے دے دو!
اِهو غزل ٻُڌي مُرڪي پيو تہ ايڏي اُداس ۽ خاموش رهڻ واري هوءَ ڪنھن ٻئي کان رنج و غم ۽ پريشاني جي گهر ڪري رهي هئي. اُداس شخصيت وانگر آواز بہ خوبصورت هيس.
مان هن جي باري ۾ ايترو ڇو پيو سوچيان! مون ڪنھن کي پسند ڪري زندگيءَ ۾ آندو آهي ۽ هاڻ جلد اسان ٻنھي جي شادي ٿيڻ واري آهي ۽ مان آهيان جو مستقل هڪ اَڻ ڄاڻ ڇوڪريءَ لاءِ سوچي رهيو آهيان. . . ڇو پسند تي ڪي پھرا پيل آهن. ڪوبہ ماڻھو ڪنھن کي پسند ڪري سگهي ٿو. اَندر مان آواز آيس.
سنبل اَندر اِيندي زور سان چيو:
”هيلو. . . !“
سنبل کي ڏسندي، ثمن جي چھري تي گل مھر جا رنگ جرڪڻ لڳا. عجيب چھرو هيس، رنگ پيو بدلائيندو هو.
”هيلو. . . !“ هوءَ بہ مرڪي تہ چوڏس چانڊاڻ وکري وئي.
”اَڙي! خدا جي مارَ پويئہ. . . اِسٽاف روم ۾ موجود هوندي بہ خاموش ويٺا آهيو. . . . مان اِيئن چُپ ويھان تہ منھنجو اِنتقال ٿي وڃي. . . “
”مون ليڪچر جي تياري پئي ڪئي. “ ثمن وراڻيو.
مئڊم شگفتہ اَندر داخل ٿي ۽ اُن جي پويان ٻيا استاد پڻ اَندر آيا. خاموش ۽ اُداس ڪمري جا رنگ ٻيھر مُرڪي اُٿيا. هو اِسٽاف روم ۾ اَچي چانھن پيئندا هئا، گڏوگڏ بحث مباحثو بہ هلندو هو.
ثمن ڪلاس ۾ وڃڻ لاء اٿي ۽ اسٽاف روم مان ٻاهر نڪري وئي. سندس وڃڻ کانپوءِ پنھنجي ۽ عافين جي چانھن کڻي سنبل اَچي عافين جي ڀرسان ويٺي، سنبل، عافين سان حجائتي هئي.
”ٿينڪ يو ميم. . . “ عافين چانھن وٺي مُرڪيو.
”ويلڪم. . . !“ سنبل شرارت منجهان مُرڪي.
ٻيون خبرون چارون ڪرڻ بعد سنبل کيس ٻُڌايو تہ ثمن جي والدہ سخت بيمار هئي ۽ هن جي ننڍي ڀيڻ نفسياتي مريضہ آهي.
”I see“ اِهو ٻُڌي عافين کي ثمن جي اُداسيءَ جو سبب سمجهہ ۾ آيو.
”چون ٿا تہ ثمن جي ننڍي ڀيڻ تي اثر آهي. “
”اَڇا. . . !“ عافين کي تعجب ٿيو.
”توهان اِن موضوع ۾ دلچسپي رکو ٿا؟ اِن معاملي ۾ ثمن جي مدد ڪري سگهو ٿا؟“ سنبل چيو.
”هن کي هيلوسينشن ٿيندي هوندي يا نيورو جو ڪو مسئلو هوندس. “ عافين وراڻيو.
”خبر نہ آهي، پر مان اھڙي سوچ کي توھم پرستي سمجهان ٿي. . . . “ سنبل چيو.
* * *
رات هاسٽل جي دريءَ مان اَندر پنھنجي مخصوص خوشبوءِ کڻي آئي. موتئي، گُلاب، بيد مشڪ ۽ نازبوءِ سان گڏ آلي مِٽيءَ جو مِليل جُليل هُڳاءُ.
هو ڊنر ڪرڻ بعد، دوستن سان ڪچھري ڪري ڪمري تي موٽيو هو ۽ هاڻ ايبنارمل سائيڪالاجيءَ جي سبجيڪٽ جا نوٽس وٺي پورا ڪيا هئائين. ٽيبل ليمپ وِسائي، پاسو ورائي، ننڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
هن سان بہ عجيب واقعا پيش اِيندا هئا، پر هن ڪڏهن ڌِيان نہ ڏِنو. ڌِيان ڏيڻ سان شيون اُڀري نمايان ٿينديون آهن ۽ نظر اَنداز ڪرڻ سان، جن جي شدت ختم ٿي ويندي آهي. ڪڏهن رات جو در کڙڪندو هو تہ ننڊ مان اُٿي، ٻاهر جهاتي پائي ڏسندو تہ ڪير بہ نہ هوندو هو. شاگرديءَ واري زماني ۾ بہ اَهڙو واقعو اَڪثر ٿيندو هيس، پر اُن وقت سوچيندو هو تہ شاگرد رات جو جاڳندا آهن، اُن ڪري شرارت ڪري ڀڄي ويندا هوندا، پر هيءَ ٽيچرز هاسٽل آهي، هتي ڪير اَهڙي شرارت ڪندو؟
لائيٽ ٻرندي ڇڏي، واش روم ويندو هو ۽ موٽندي بند مِلندي هيس. آخر روز روز تہ ويسر نہ ٿيندي. . . ڪڏهن لائيٽ پاڻمرادو ٻري پوندي. شايد هڪ غير محسوس دُنيا کي سمجهڻ جي سگهہ هن وٽ موجود هئي. اَلائي ڪيتريون دُنيائون آهن هن هڪڙي دُنيا ۾. . . اَلائي ڪيترا اَڻ ڏِٺل راز زندگيءَ جي ساهن ۾ پيا ڇُلن. . . !!
چؤڌاري ماڻھو، ڄاڻ تي مغرور ۽ مخالف نظرين کي رد ڪرڻ وارا هئا. هنن لاءِ سڀ ڪجهہ مادي دُنيا هئي. هو رُوح کي سمجهڻ تہ پري جي ڳالھہ، رُوح جو ذڪر بہ ٻُڌڻ نہ چاهيندا هئا. هو رُوح کي ڪا ماورائي شيءَ سمجهندا هئا، جنھن جي پاڻمرادو جُڙتو قصن کان وڌيڪ ڪا حيثيت نہ هئي. ڪي وري جي مڃيندا هئا پر ڪو خاص ڌيان نہ ڏيندا هئا. اُهي اَحساس کان وانجهيل نفسياتي ماهر، مريضن جو ڪھڙو علاج ڪندا؟ هو فقط مريضن لاءِ دوائون تجويز ڪري سگهن ٿا.
هن جو دوست ڊاڪٽر فيصل اڪثر پنھنجي مريضن کي سائيڪوٿراپيءَ لاءِ هن ڏانھن اُماڻيندو هو. ڊاڪٽر فيصل چوندو هو تہ هر مسئلي جو حل دوا نہ آهي، پر اَڄڪلھہ سمورا ڊاڪٽر گهڻيون گوريون تجويز ڪن ٿا. هن ڏانھن رُجوع ڪندڙ ڪيترا مريض رُڳو ڪائونسلنگ جي ڪري چاق ٿي ويندا آهن.
هتي لبرل ئي تنگ نظر آهن، جيڪي سائنس کانسواءِ هر ڳالھہ غير سائنسي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪندا آهن. هو اَحساس جي سائنس کي سمجهڻ کان قاصر آهن.
سوچون، لھرن جيان ذهن جي ساحل تي ڊوڙنديون رهيون، سوچيندي هو گھري ننڊ ۾ هليو ويو.
* * *
ٻاهر تيز ٿڌيون هوائون هلي رهيون هيون. هلڪا ڪڪر آسمان تي هڪٻئي پُٺيان ڊوڙي رهيا هئا، سج جي چھري تي ڪاري ڪڪر سموري منظر کي سُرمئي رنگ ۾ ويڙهي ڇڏيو هو. ڪلاس مان ٻاهر نڪرندي عافين کي ٿڌ جو اَحساس ٿيو، آفيس ۾ پھچي سُک جو ساهہ کنيائين، جتي هيٽر هلي رهيو هو. سنبل اَندر داخل ٿي.
”هيلو. . . !!“
اَڄ هوءَ تمام گهڻي خوش هئي، اُن ڪري مثبت توانائيءَ جا وهڪرا هر طرف وِکري ويا.
”هيلو. . . !!“ هن بہ اُن توانائيءَ کي محسوس ڪندي، خوش ٿي وراڻيو. سنبل ڪرسيءَ تي ويھي رهي.
”مون کي حيرت آهي تہ هي بيچ پڙهائيءَ ۾ صفا جڏو آهي. “ عافين مايوسيءَ مان چيو.
”هر بيچ ۾ ڇھ، ستَ شاگرد چڱا نڪرن ٿا. “ سنبل چيو
”پر هن دفعي مون بہ اِها ڳالھہ محسوس ڪئي آهي تہ شاگرد ليڪچرن تي ڌِيان نہ پيا ڏِين. “
هفتي کان هن ثمن جي غير حاضريءَ سبب اُن جا ڪلاس پئي ورتا.
”ثمن ٽي ڏينھن ٻيا موڪل ڪندي. “ سنبل اِطلاع ڏِنو.
”هوءَ ٺيڪ تہ آهي نہ. . . “
”ها ها. . . هوءَ ٺيڪ آهي، پر سندس پُٽ بيمار آهي. . . “
هوءَ شادي شدہ آهي، اِهو ٻُڌي عافين کي حيرت ٿي. ياد آيس تہ موڪل تي ويندي هفتي لاءِ سندس ڪلاس وٺڻ جي کيس گُذارش ڪئي هئائين. هن موڪل جو سبب نہ پڇيو ۽ نہ ئي هن ٻُڌايو. هاڻ ڪارڻ جي خبر پيس تہ دل وِسامندي محسوس ڪيائين.
”ڇا پيا سوچيو؟“
هن کي خيالن ۾ گُم ڏِسي سنبل پُڇيو تہ هو حال جي لمحن م موٽي آيو.
”نہ. . . نہ. . . . ڪجهہ نہ. . . “ هن پنھنجي چھري تي وِکريل، زخمي اَحساس لِڪائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.
”مون کي سيڪنڊ سيمسٽر جا اَهم ٽاپڪس گهرجن. “
”ها، ضرور. . . “ عافين ميز جي خاني مان نوٽ بُڪ ڪڍي، سنبل کي ڏِنو.
”ٿينڪس. . . مان نوٽ ڪري، جلد موٽائي ڏينديس. . . . “
”نو پرابلم سنبل. . . . گم نہ ڪجو!“ شرارت مان عافين چيو.
”نہ. . . نہ. . . فڪر نہ ڪريو، مان ذميوار شخصيت آهيان. “
اِيئن چوندي هن ٽھڪ ڏِنو ۽ ڪمري کان ٻاهر نڪري وئي.
هو پنھنجي اَحساساتي ردِعمل تي حيران هو، جيڪڏهن ثمن شادي شدہ هئي تہ هن جي ثمن م ڪھڙي دلچسپي آهي؟
”ڇا مان عام مردن وانگر آهيان، جيڪي خوبصورت عورتن سان خيالي عشق ڪندا آهن؟“
هو ضمير جي عدالت ۾ اَچي بيٺو. مرد ۽ عورت جي وچ ۾ خاموش ۽ بي ضرر رومانس بہ ٿي سگهي ٿو، اَهڙو اَحساس، جنھن کي بيان ڪرڻ جي ضرورت نہ پوندي آهي. ڪوبہ ڪنھن لاءِ جواز يا بنا جواز جي يا جنسي ڪشش بدران ذهني رغبت محسوس ڪري سگهي ٿو!
هوءَ شادي شدہ آهي ۽ منھنجي مڱڻي ٿي چُڪي آهي. نہ هوءَ مون ۾ دلچسپي رکي ٿي ۽ نہ ئي ڪو مان هن سان محبت ڪريان ٿو. ها! مان هن لاءِ سوچيان ضرور ٿو. هن جي خاموشي ۽ پُراِسراريت مون لاءِ سواليہ نشان بڻيل آهي. خاموش ۽ اِسرار ۾ ويڙهيل عورتن لاءِ ذهين مرد وڏي ڪشش محسوس ڪندا آهن شايد!
جيئن زمين، چنڊ جي چؤڌاري ڦرندي آهي، چنڊ پُراِسرار ۽ ناقابلِ تسخير آهي. شايد مرد بہ پُراِسرار ۽ ناقابلِ تسخير عورتن کان متاثر ٿيندو آهي. شايد ثمن جي غير دماغي، بار بار اَکين ۾ اِيندڙ آلاڻ، مرڪ جي سحر کان محروم، چُپِ، چھري تي ڇانيل هڪ هراسيل تاثر، پنھنجي ذات ۾ لِڪڻ جي ڪوشش! شايد. . . !!
* * *
شاگرد عجيب سوال ڪندا هئا. هن گروپس تشڪيل ڏِنا ۽ شاگردن کي اَلڳ اَلڳ ڪري ويھاريو، جنھن کانپوءِ هر گروپ کي تصوير ڏيندي، اُن جو تجزيو ڪرڻ لاءِ چيو. اُها هڪ پريشان حال عورت جي تصوير هئي، جنھن جا وار کُليل هئا ۽ هوءَ هيجان جي ڪيفيت ۾ مبتلا هئي. سندس اَکيون ڳاڙهيون هيون ۽ مُٺيون ڀِڪوڙيل هئس. شاگردن مختلف تبصرا ڪيا.
ثمينہ چيو تہ: ”هيءَ عورت Identity crises مان گُذري رهي آهي. “
مظھر جو خيال هو تہ: ”هن عورت کي Chronic depression ٿي سگهي ٿو. “
سِيرت چيو تہ: ”هسيٽريا جو دؤرو پوڻ وارو اَٿس. “ ڪلاس ۾ ٽھڪڙو مچي ويو، هن کي ڪاوڙ آئي، پر ضبط ڪري ورتائين. هنن شاگردن کي آخر کِلڻ، مذاق ڪرڻ جو حق آهي، هي ايترو خشڪ مضمون پيا پڙهن.
مينا چيو تہ: ”سر! منھنجي خيال ۾ هن جا تاثرات ٻُڌائين پيا تہ هيءَ بارڊر لائين پرسنالٽي ڊس آرڊر جو شڪار آهي. “
جاويد چيو تہ: ”هن عورت کي جِن چڙهي ويو آهي. “ جنھن تي وڌيڪ بحث ٿيو.
سِيرت چيو تہ: ”اِهو تاثر ماڻھن کي توهم پرستيءَ جي ڌُٻڻ ڏانھن ڌِڪڻ آهي. “
اُتي هڪ مولانا جو پُٽ عبدالله ويٺو هو، تنھن چيو تہ: ”جِنات جو ذڪر مذهبي ڪتابن ۾ آهي، اُهي باھ جي پيداوار ٿين ٿا، جيڪي پنھنجو روپ مَٽائي سگهن ٿا ۽ ماڻھن مٿان حاوي ٿي ويندا آهن. “
شاگردن جا تاثرات ٻُڌي، آخر ۾ عافين چيو تہ: ”ضروري نہ آهي تہ هن عورت کي اِهي بيماريون هجن. هيءَPMS واري ڪيفيت مان پئي گُذري. “
پوءِ اُن ڏينھن هن عورت جي جسماني جوڙجڪ ۽ اُن جي نفسياتي محرڪن تي ڳالھايو. ڪجهہ ڇوڪرا اَکين سان هڪٻئي کي اِشارا ڪري رهيا هئا تہ ڪِن جي چھرن تي دٻيل، شرارتي مرڪ لِيئا پائي رهي هئي. ڇوڪريون ڪنڌ جهڪائي ويٺيون هيون ۽ مولانا جي پُٽ عبدالله جو ڪنڌ سِيني سان وڃي لڳو. هن سوچيو تہ اِنھن دقيانوسي شاگردن کي آخر علمِ نفسيات کڻن جي ڪھڙي ضرورت آهي؟ هو سندن ذهني بدحاليءَ تي حيران ۽ غمگين هو.
آفيس ۾ اَچي، ڪافي ٺآهي، ڪُرسيءَ تي ويٺو. دريءَ کان ٻاهر ڏٺائين، جتي سج پوري جلال سان جرڪي رهيو هو، لان ۾ طرح طرح جا گل مھڪي رهيا هئا، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گروپس ۾ ويٺآ هئا تہ ڪجهہ وري هٿَ ۾ هٿُ ڏئي واڪ ڪري رهيا هئا. ڪلاس بنڪ ڪندڙ شاگردن تي اَفسوس ڪرڻ لڳو.
ثمن اَندر آئي تہ هو اُٿي بيٺو. ثمن سلام ڪيو.
”وعليڪم اَلسلام! پليز ويھو. . . “ عافين چيو تہ هوءَ ويھي رهي.
”ها، تہ توهان جي پُٽ جي طبيعت ڪيئن آهي؟ “
”مليريا ٿيو هيس، پر هاڻ ڪافي بھتر آهي. “
هوءَ ڪافي ڪمزرو ۽ ٿڪل ٿي نظر آئي.
”سُٺي خبر آهي. . . . ڪافي پيئندؤ؟“
”نو. . . . ٿينڪس. . . . “ هوءَ ڪجهہ نروس هئي.
”آءٌ اوهان جي ٿورائتي آهيان، جو منھنجي غير موجودگيءَ ۾ توهان منھنجا ڪلاس ورتا. “
”پليز. . . . نو مينشن. . . . . “ عافين وراڻيو.
ڪجهہ دير لاءِ خاموشي ڇانئجي وئي.
”مان. . . توهان سان. . . . هڪ اَهم مسئلو ڊسڪس ڪرڻ ٿي چاهيان. “
”جي. . . جي. . . مان ٻُڌي رهيو آهيان. . . “
”توهان کي سنبل ٻُڌايو هوندو منھنجي ننڍي ڀيڻ جي باري ۾. . . “
”جي بلڪل. . . . توهان چئو. . . . “
”گهر وارن جو خيال آهي تہ هن تي سايو آهي، اُن ڪري مشڪل اِها آهي تہ هو ڪنھن نفسياتي ماهر کي ڏيکارڻ نہ ٿا چاهين. . . . “ کيس اَفسوس ٿيو اِهو ٻُڌي.
”هن کي عجيب صورتون نظر اِينديون آهن. “ ثمن چيو.
”منھنجو خيال آهي تہ کيس سائيڪياٽرسٽ کي ڏيکارڻ گهرجي، منھنجو دوست ڊاڪٽر فيصل اِهو ڪيس ڊيل ڪري سگهي ٿو. “
”ٺيڪ آهي. . . آءٌ ڪوشش ڪنديس تہ ڪنھن طرح کيس ڊاڪٽر تائين وٺي اَچان. “
”توهان جي ڀيڻ جي عمر ڇا آهي؟“
”اَرڙهن سال. . . “
”پڙهندي آهي؟“
”فرسٽ ايئر ۾ پڙهندي هئي تہ کيس عجيب دورا پڻ لڳا، پوءِ پڙهائي ڇڏي ڏِنائين. “
”گهر ۾ ڪنھن ٻئي فرد کي اَهڙو نفسياتي مسئل آهي؟“ عافين مسئلي جي جڙ تائين پھچڻ ٿي گهريو.
”منھنجي والدہ گهر جي حالتن جي ڪري ڪافي پريشان رهندي آهي. مون کي لڳي ٿو تہ کيس ڊپريشن آهي، پر هوءَ اسان ٻارن تي ظاهر نہ ڪندي آهي. “
”اوهان جي بابا جو والدہ سان رَويو ڪيئن آهي؟“
اِهو سوال ٻُڌي هوءَ ٿوري دير لاءِ خاموش ٿي وئي ۽ اَکين ۾ الاڻ جرڪڻ لڳس.
I am sorry”“ عافين پريشان ٿي ويو هن جي اَکين ۾ لُڙڪَ ڏِسي.
”اسان جي خاندان ۾ تمام گهڻا جهيڙا آهن. اَمان تي بابي ۽ منھنجي ڏاڏاڻن تمام گهڻو ظلم ڪيو آهي. منھنجي شادي چاچي جي پُٽ سان ٿيل آهي. اَدلي بدلي جي شادي آهي، منھنجي ڀاڄائي، جيڪا منھنجي سئوٽِ ۽ ساڳئي وقت نڻان پڻ ٿئي، پنھنجي گهر ۾ خوش آهي، پر مون سان منھنجا ساهرا بنا سبب جي نفرت ڪندا آهن. منھنجي والدہ ڌاري آهي يا ممڪن آهي، ڪو ٻيو سبب هجي، اُن ڪري شايد. . . “ ثمن لڙڪ پيئندي، ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
”پليز رليڪسڊ. . . . . . توهان فڪر نہ ڪريو، مان پوري ڪوشس ڪندس تہ اِن سلسلي ۾ توهان جي ڀرپور مدد ڪري سگهان. “
”مھرباني!“ ثمن جي اَکين ۾ اُميد جا ڏيئا ٻري پيا.
”مون کي حالات کان باخبر رکجو، ڪنھن بہ وقت فون ڪري سگهو ٿا. خاص طور تي ڀيڻ جي ڪيفيتن، رَوين ۽ رروزمرہ جي ٽائيم ٽيبل جي باري ۾ ضرور آگاہ ڪندا رهجو. مان ڊاڪٽر فيصل کان اَپائنٽمينٽ وٺي، توهان کي آگاہ ڪندس. “
”مھرباني عافين صاحب. . . “
هوءَ آفيس مان ٻاهر نڪري وئي ۽ ڪمري ۾ اُداسي ۽ اَڻ چيل اِسرار رهجي ويا.
* * *
عافين رات جو دير تائين هاسٽل جي ڪوريڊور ۾ هلندو رهيو. نم جي وڻن مان چنڊ جا ڪِرڻا لِيئا پائي رهيا هئا. اِسرار ۾ ويڙهيل رات جا راز هوريان هوريان منڪشف ٿيڻ لڳا.
هڪ اِنڪشاف اِهو هو تہ هو ثمن سان محبت ڪرڻ لڳو هو. هن جي خاموشي، اُداسي، بيوسي ۽ اَڻ چيل اِسرار هن جي چؤڌاري سائي وَلِ جيان ويڙهجي ويا، اُن جي ساوڪ، اُن ۾ مھڪندڙ گل هن جي رُوح جو حِصو بڻجي ويا هئا.
”مان غلط رستي تي نِڪري پيو آهيان شايد پر ان جذبي کي ھڪ پاسي رکندي، مون کي هن جي هر طرح سان مدد ڪرڻ گهرجي. “
ڪمري ۾ داخل ٿيو تہ تنھائيءَ جو اَحساس وڌڻ لڳو. سمھڻ جي ڪوشش ۾ ننڊ تھائين رُسي ويس. ڪوشش لفظ شايد لاشعور کي پسند نہ آهي، لاشعور کي هوشياريءَ کان چِڙَ آهي، لاشعور جنگلي گهوڙي وانگر آهي، جنھن کي هوريان هوريان سيکارڻو ۽ سمجهائڻو پوي ٿو. هو پنھنجو ذاتي تجزيو ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، جيئن پنھنجي تبديل ٿيندڙ ذهني لاڙي، رغبت ۽ ٻيائيءَ کي سمجهي سگهي. . . . .
پر شايد جذبي يا اَحساس لاءِ ڪوبہ جواز نہ ٿيندو آهي. . .
* * *
ڊاڪٽر فيصل جي ڪلينڪ تي ڀيڻ سعديہ سان گڏ هوءَ ڏِنل وقت مطابق پھتي. هوءَ اُداس ۽ ڊنل هئي، ڇاڪاڻ جو گهران بازار وڃڻ جو چئي نڪتي هئي. عافين اُتي اَڳ ئي موجود هو. ٻئي ڄڻيون اَندر داخل ٿيون، ڊاڪٽر فيصل کين ويھڻ لاءِ چيو. سعديہ تمام گهڻي خوفزدہ هئي. ڊاڪٽر ٻنھي سان ڊگهي گفتگو ڪئي، سعديہ مشڪل سان پئي جواب ڏِنا. ڊاڪٽر ڪنھن نتيجي تي پھچڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. هن ڪجهہ دوائون تجويز ڪري پريسڪرپشن ثمن ڏانھن وڌايو:
”هي دوامريضہ کي پابنديءَ سان ڏيندا. . . گهر جو ڪو ذميدار ڀاتي اِهو فرض نڀائي تہ بھتر ٿيندو، هڪ مھيني کانپوءِ مون کي ڏيکارجو. . . . “
”بھتر ڊاڪٽر صاحب!“
ٻئي ٻاهر نڪتيون تہ عافين بہ ٻاهر آيو.
”توهان فڪر نہ ڪريو ثمن صاحبہ! اُميد تہ حالات بھتر ٿي ويندا. “عافين مرڪي چيو.
ثمن جي گهائل احساس کي آٿت ملي ۽ ھن مرڪي عافين ڏانھن نھاريو. ان نھار ۾ مان ۽ محبت جا جذبا جرڪي رھيا ھئا.
کين رخصت ڪري ھو ڪلينڪ ۾ اَندر ڊاڪٽر فيصل وٽ آيو.
”مريضہ کي اِسڪزو فرينيا آهي. هن کي ڏيکارا اَچن ٿا، ٻہ دفعا ڇتِ تان ٽپو ڏيئي، زندگيءَ جو اَنت آڻڻ جي ڪوششّ بہ ڪئي اَٿس. اَنديشو آهي تہ وري اَهڙو قسم کڻن جي ڪوشش ڪندي. ڪيس تمام گهڻو پيچيدہ آهي. “ ڊاڪٽر فيصل، عافين کي آگاہ ڪندي چيو.
”ھون. “ عافين گھري سوچ ۾ ھو.
”مريضن ۾ ذھني بيماريءَ جون علامتون هونديون آهن، پر گهريلو جهيڙن يا صدمن کانپوءِ، انھن ۾ شِدت اِيندي آهي. توکي بہ هن جو نفسياتي ٽيسٽ ڪرڻو پوندو، اِن رپورٽ جي بہ ضرورت پوندي. . . “
” ضرور. “
عافين ’اِنسٽيٽيوٽ آف سائيڪالاجي، ڪراچي‘ مان ’ڪلينڪل سائيڪالاجي‘ جي مضمون ۾ ايم. فل بہ ڪئي هئي، يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائڻ سان گڏ هفتي ۾ ٽي ڏينھن ڪلينڪ ويندو هو. ھو ٻاھر نڪتو.
”سعديہ جو نفسياتي بيماري ڄاڻڻ واري ٽيسٽ ڪندس. “ هن ثمن جي سرنھن ڦلھاريل چھري کي ڏسندي چيو.
”اَڇا!“
”توهان کي سعديہ کي پرينھن انسٽيٽيوٽ آڻڻو پوندو. “
”اِهو تہ ڏاڍو مشڪل ڪم آهي. . . “ هن جي چھري تي مونجهاري جون ريکائون اُڀري آيون.
”اِهو مشڪل ڪم اوهان کي ڪرڻو پوندو. “ عافين لفظن تي زور ڀريندي چيو.
هن سعديہ کان ڪيترائي سوال ڪيا ۽ جواب ۾ هوءَ هوش مند اِنسان جيان جواب ڏيندي رهي. هوءَ ذهين، آگاھ ۽ ذهني طور متحرڪ هئي. هن نفسياتي تجزيي دؤران عافين، سعديہ جي سمجهہ، ذهانت، سُجاڳي ۽ ماحولياتي ڄاڻ کي پرکڻ پرکڻ ۾ گُذاريو
”مون کي زندگي نہ ٿي وڻي، مون کي هن دُنيا ۾ فقط ماءُ ئي عزيز آهي، سا بہ جلدي هلي ويندي. . . “
عافين ڇرڪي ڏانھنس نھاريو:
”اِها ڳالھہ توهان کي ڪنھن ٻُڌائي؟“
”هو ننڍڙا ننڍڙا ماڻھو، جيڪي مون کي نظر اِيندا آهن، اُنھن ٻُڌايو مون کي. . . . “
”هو ٻيو ڇا چوندا آهن؟“
”چوندا آهن تہ ڇت تي هل!“
”پوءِ!؟“ تجسس مان عافين سوال ڪيو.
”پوءِ هيٺ اُڏامي وڃي بيھندا آهن ۽ چوندا آهن تہ ٽپو ڏي. . . . . “
”هون!“ هڪ عجيب ڏڪڻي هن پنھنجي سرير ۾ محسوس ڪئي.
اُن ڏينھن سموريون رپورٽس کڻي هو ڊاڪٽر فيصل ڏانھن ويو.
”هن کي اِسڪنرو فرينيا نہ آهي، نفسياتي تجزيي مطابق سعديہ کي Depression آهي. “
”تون سمجهين ٿو تہ هن کي هيلو سينٽس نہ ٿي ٿئي؟“
”ها!“
”ڪم آن يار! تون سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي هن دؤر ۾ بہ اَهڙيون ڳالھيون پيو ڪرين!“
سائنس ۾ اَڄ جيڪا جديد تحقيق هلي پئي، سا چاهي نيورو سائنس هجي يا نيورو سائيڪو اَميونالاجي هجي، اُها ڄاڻ اَڃا تائين هتي نہ پھچي سگهي آهي ۽ جي پھتي بہ آهي تہ اُن کي سمجهيو نہ ويو آهي. “
”تنھنجو خيال آهي تہ اَهڙن مريضن تي جِنات جو اَثر آهي؟“
”مان اِهو بہ نہ ٿو چوان!“
”پوءِ ڇا ٿو ثابت ڪرڻ گهرين؟“ ڊاڪٽر فيصل خائف ٿيندي چيو:
”نيوروجيڪل ڊس آرڊرز جي مريضن کي ڏيکارا نظر اِيندا هوندا، پر. . . . “
”پر ڇا؟“
”منھنجو خيال آهي تہ ذهني بيمارين ۽ منفي اَثرات ۾ ويجهو تعلق آهي. “
”Impossible“ ڊاڪٽر فيصل رڙ ڪئي.
”مون هڪ يورپ جي جرنل ۾ پيش ڪيل تحقيقي رپورٽ ۾ پڙهيو آهي تہ جن گهر ۾ جهيڙا، منفي سوچ ۽ روڄ، پِٽڪو هوندو آهي، اُتي منفي قوتون اَچي ديرو ڄمائينديون آهن. “
”يورپ ۾ اَڄڪلھہ توهم پرستيءَ جي وبا ڦھليل آهي. “ ڊاڪٽر ذيشان چيو.
”يار! جيئن گند ڪچري ۾ جراثيم وڌندا ئي ويندا آهن، اِيئن ذهني ويڳاڻائپ ۽ منفي سوچ، منفي قوتون ڇِڪجي اِينديون آهن.
Psychosis is as on altered state of conscious
نيورو بايولاجي آف سائيڪو سس: ذهن، شعوري تصور ۽ ڊائمينشز جي مختلف اَنداز ۾ وضاحت ڪري ٿي. “
”تون چوين ٿو تہ ذهني مريض هڪ Altered tate of consciousness ۾ پھچي ويندا آهن، جتي هو beyond Physical اَهڙا مشاهدا ڪن ٿا، جيڪي غير معمولي ۽ ناقابلِ يقين آهن. “
”ممڪن آهي جيڪڏهن سگمنڊ فرائڊ سائيڪو ايناليس ۾ خوابن جي ڳالھہ ڪري ٿو، هو خوابن وسيلي مريضن جي لاشعور تائين پھچي ٿو. ڇا ڪارل يونگ يا ميڊرڊ باس غلط ٿي سگهن ٿا؟“
”اسان اِنھن نفسياتي فلسفين کي ڪونہ مڃو. ن بحرحال مريضہ جون دوائون جاري رکجو، اِهو بحث وري ٻيھر ڪنداسين. رائيٽ!“
هو ڊاڪٽر فيصل کي قائل ڪري نہ سگهيو ۽ منجهيل واپس موٽيو. واپس اِيندي هن هڪ باغ جي ٻاهران گاڏي پارڪ ڪئي. هو هڪ بئنچ تي اَچي ويٺو، جنھن جي مٿان گل مھرجا وڻ ڳاڙها گل حسين ڏيک ڏيئي رھيا ھئا. اُن جي مٿان گھرو نيرو آسمان هو، جنھن جي وسعت ۾ اَڇا ڪبوتر اُڏامي رهيا هئا. هن رنگن ۾ ڪيڏي نہ هم آهنگي آهي! هي وڻ پنھنجي ليکي ڪجهہ نہ آهي، هن کي طاقت زمين کان مِلي آهي ۽ جيڪڏهن آسمان نہ هجي تہ زمين بي معني ھجي ھا! بادلن هن ڌرتيءَ کي ساوڪ بخشي، ساڳيءَ ريت اِنسانن جي زندگيءَ ۾ ڪو مسنگ لنڪ ضرور آهي! ممڪن آهي تہ اُها محبت يا توجھ جي ڪمي هجي يا ٻيو ڪجهہ. . .
بيقرار ٿي هو اُٿيو ۽ واڪ جي لاءِ ٺھيل ٽريڪ تي نڪري آيو، جتي مرد، عورتون ۽ نوجوان واڪ ڪري رهيا هئا. هو بہ هلڻ لڳو. اُنھن مان اَڪثر ڊپريشن، اينگزائٽي ڊس آرڊر، ڪمپلسو ٿنڪنگ يا ٻئي ڪنھن عارضي ۾ مبتلا هوندا ۽ ڊاڪٽرن کين پنڌ ڪرڻ جو مشورو ڏِنو هوندو. اُهي پاڻ سان ڳالھائڻ، پنھنجي سامھون بيھي پنھنجو ايناليس ڪرڻ کان محروم آهن.
تيز هوا جو جهوٽو گُلاب جي مُرجهايل گُلن ۽ موتئي جي هٻڪار کڻي آيو، شام جا پڇاڙڪا پھر هئا، جنھن وقت شام اُداس ۽ زندگيءَ جي انجام ڏانھن اِشارو ڪري ٿي. اُن شام کي ڪير سمجهي سگهيو آهي؟
* * *
پھاڙن تي برف پوڻ لڳي هئي ۽ ڊاڪٽر فيصل، سيزنل اَفيڪٽو ر ڊس آرڊر جي مريضن کي ڪائونسلنگ لاءِ هن ڏانھن موڪلي رهيو هو. اِنسان جو اَلميو سج جي روشني ۽ فطري هوا کان دوري آهي.
اُن ڏينھن منجهند ڌاري، کيس ثمن جي والدہ جي لاڏاڻي جي خبر مِلي. يونيورستيءَ جا ڪوليگس هن جي گهر ڏانھن روانا ٿي ويا، هو بہ ويو ۽ دُعا پڙهي موٽي آيو. هن کي سنبل ٻُڌايو هو تہ ثمن جو مڙس هڪ بزنس مئن آهي، پئسو ۽ عورتون هن جي زندگيءَ جو قيمتي سرمايو آهن. اِن صورتحال ۾ ثمن ڪيڏي نہ اَڪيلي هوندي!
”ثمن جي والدہ عبادت گذار، سادي ۽ مخلص عورت هئي، هن جو ڪنھن قدر نہ ڪيو، اَهڙائي سندس ٻارَ آهن، جن ۾ ثمن ماءُ جو عڪس آهي. “
سنبل اِهو چوندي اداس ٿي وئي. اَڪثر هو ٻئي ڳالھيون ڪندا هئا. موڪل ٿي تہ سمورو ڊپارٽمينٽ خالي ٿي ويو، پر هو آفيس ۾ ويٺو رهيو.
اسان هڪٻئي لاءِ سدائين اوپرا رهنداسين! نہ مان پنھنجي دل جو حال اوري سگهندس ۽ نہ ئي تون دل جو بار هلڪو ڪري سگهندينءَ! اسان هڪ ئي دؤر ۾ وقت جي اَلڳ اَلڳ ڊائمينشنز ۾ جي رهيا آهيون، هڪ ئي دُنيا ۾ رهندي مختلف دُنيائن جو عذاب ڀوڳي رهيا آهيون. مان تنھنجي دل جو آٿت نہ ٿو بڻجي سگهان ۽ تون منھنجي اَحساسن جو سُڪون نہ بڻجي سگهندينءَ! پر مان توسان اِيئن ڳالھائيندو رهندس، شايد تون منھنجو آواز نہ ٻُڌي سگهين!!!
اُن سمي وقت جي فريڪوئنسي ٻن رُوحن جي اَحساس سان مِلي وئي. فون ڪال تي ثمن جو نالو ڏِسي ڇرڪي پيو.
”هيلو!!“ عافين فون کنئي.
”هيلو عافين صاحب! مان تمام گهڻي پريشان آهيان، اَمان ئي منھنجو سھارو هئي. . . “
”آءُ اوهان جو ڏُک سمجهي سگهان ٿو، هن وقت توهان کي حوصلي جي ضرورت آهي. توهان جا ٻارَ آهن، گهر آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالھہ تہ سعديہ کي بہ توهان کي ئي سنڀالڻو آهي. “
هوءَ سُڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
”پليز، رليڪس ٿيو پليز. . . “
هن جا سُڏڪا بند ٿي ويا.
”آءٌ چاهيان ٿو تہ اوهان ڊاڪٽر فيصل سان مِلو، مان کيس توهان جي باري ۾ اِنفارم ڪريان ٿو، توهان اَڄ ئي سندس ڪلينڪ تي هليا وڃو، دوا ڪنھن بہ صدمي کان نڪرڻ لاءِ وڏو سھارو ثابت ٿيندي آهي. . . “
هو بہ ٻاهر نڪري آيو ۽ شھر جي روڊن تي ڀٽڪندو رهيو. هر طرف ماڻھو هئا، پنھنجي وجود جي روشنيءَ کان بي خبر. . . . هو ڪير هئا؟ هن دُنيا ۾ ڇو آيا ۽ هاڻ چھرن تي خواهشن جو حرص کڻي، ڪاميابين جو آخر ڪھڙو آسمان فتح ڪندا!
بازارون ڏينھن رات کُليون پيون آهن! مرد پئسي ٺاهڻ جي چڪر ۾ گهرن کان پري آهن، سندن ونيون ۽ ٻارَ اَحساس جي اُس، ڀروسي جي هوا ۽ توجهہ جي چاهنا کان محروم ٻوٽن جيان اُسري رهيا آهن. اِهي جلد سُڪي ويندا ۽ پنھنجو وجود وڃائي ويھندا، پر پوءِ بہ جيئندا رهندا، پوءِ اَهڙو جيون ڪھڙي ڪم جو، جنھن ۾ جسم جيئرو رهي، پر رُوح مري وڃي!
عافين واپس هاسٽل پھتو، جتي لائونچ ۾ ليڪچرار ۽ پروفيسر وڏا وڏا ٽھڪ ڏئي رهيا هئا، اُنھن ٽھڪن ۾ اَڻ ڄاڻائي هئي، ڪوبہ ٽھڪ اَڇو، اُجرو ۽ معنى جي رنگن سان ڀرپور نہ هو، هو بي مقصد ڄآڙيون کڙڪائي رهيا هئا. لائونچ مان نڪري، پنھنجي ڪمري ۾ اَچي، فريش ٿي، دري کوليائين. هوا جو سُرهاڻ ڀريو جهوٽو آيو ۽ هن جي وجود ۾ ڇانيل اُداسيءَ کي پنھنجي ٻانھن ۾ سموئي، ڪمري ۾ رقص ڪرڻ لڳو.
فون جي رنگ وڳي، ڏٺائين تہ والد هو.
”بابا سائين! اَلسلام عليڪم. . . “
”وعليڪم السلام بابا ڪيئن آهين؟“
”بابا! مان ٺيڪ آهيان، توهان ڪيئن آهيو؟ اَمان ۽ ٻيا گهر وارا ڪيئن آهن؟“
”سڀ خيريت آهي بابا. . . اَڄ! هي وٺ، ماءُ سان ڳالھاءِ. . . “
فون تي سندس ماءُ جو آواز گونجيو.
”ٻچا! خوش تہ آهين نہ!؟“
”ها اَمڙ! تون ڪيئن آهين؟“
”اَبا! مان بہ چاق لڳي پئي آهيان. اَبي کي چوان تہ سسڻھين اَدي رقيہ آئي هئي ڪالھہ، سو چوي پئي تہ شاديءَ جي تاريخ ڏيو . اَبا! رقيہ جي طبيعت خراب آهي، چوي پئي تہ آخري ٻار جو بار لاهيان تہ آٿت ملي. . . . “
”ها اَمڙ! اوهان ڪوبہ اُلڪو نہ ڪريو، مان جلد ڳوٺ اِيندس، پوءِ تاريخ ڏِجونِ. . . “
”ها اَبا! مان بہ چوان ٿي تہ تون موڙ ٻڌين ۽ مان سَرهي ٿيان منھنجا ٻچا. . . !!“
”ها اَمڙ ها! ضرور. . . “
هن دل ڀري اَبي، اَمڙ، ڀائرن ۽ ڀينرن سان ڪچھري ڪئي ۽ دل کي وڏو آٿت مليس. فون رکي، اَچي بستري تي ليٽيو، ڪمبل کي چؤڌاري ويڙهي ڇڏيائين ۽ ٻيھر سوچن ۾ وڃائجي ويو. اَمڙ جي رئي ۾ ويڙهيل نماڻي چھري جو سحر من ۾ هُرڻ لڳس، اَبي جو ڀاڪر ياد پيس، مڱيندي سونھن جي مُرڪ کي دل وٽان محسوس ڪرڻ لڳو، پر پوءِ بہ دل ۾ اُداسي ڇانيل رهي، اَلائي تہ ڇو؟
* * *
ٻئي ڏينھن جڏهن جو اِسٽاف ورم ۾ داخل ٿيو تہ ثمن ۽ سنبل نظر آيس. ڪُنڊ ۾ ويٺل ثمن جي چھري تي لُڙڪ وهي رهيا هئا ۽ سنبل سندس هٿن جهلي کيس آٿت ڏئي رهي هئي. هو بہ سندن ڀرسان رکيل ڪُرسيءَ تي ويٺو. هن کي ڏشي ثمن پنھنجا لُڙڪ اُگهيا، هن جي دل ۾ خيال آيو تہ هو بہ ثمن جي ڀرسان ويھي، هن جو هٿ پنھنجي هٿن ۾ جهلي، سندس لُڙڪ اُگهي سگهي. !
”هاڻ توهان ڪجهہ بھتر نظر اَچي رهيون آهيو. “ عافين مرڪي چيو
”ها، ڊاڪٽر فيصل جي ٽريٽمينٽ کانپوءِ پنھنجي اَندر ۾ ڪجهہ همت محسوس ڪري رهي آهيان. “
”اِنشاءَ الله سڀ ڪجهہ ٺيڪ ٿي ويندو!“ سنبل، ثمن جي ڪلھي تي هٿ رکي کيس دلجاءِ ڏيندي چيو.
هوءَ ٿورو مرڪي ۽ عافين پنھنجي اَندر ۾ چانڊوڪيءَ جا ڪرڻا لھندي محسوس ڪيا.
سڀ ڪجهہ ٺيڪ ٿي وڃڻ جي چاهنا هڪ وڏو مفروضو آهي. اِنسان جو اَندر جهريل هجي، هن وٽ آٿت ڏيڻ وارو ساٿ نہ هجي تہ ڪيئن سڀ ڪجهہ ٺيڪ ٿي ويندو! ھن سوچيو.
”مون کي سعديہ جو فڪر ٿي پيو آهي، اَمان جي گُذاري وڃڻ کانپوءِ ڏاڍو روئي ٿي، هن کي تمام گهڻي توجھہ جي ضرورت آهي. آءٌ گهر، ٻار ڇڏي اَمان جي گهر گهڻو وقت ترسي نہ ٿي سگهان. “
ثمن اَندر جو خوف اوريو تہ عافين گھرو ساهہ کنيو هن جي بيوسيءَ تي. . .
”هن وقت توهان لاءِ حال اورڻ تمام ضروري آهي. مون کي ۽ سنبل کي فون ڪندا ڪريو، اَهڙن ڏکوئيندڙ خيالن وارن لمحن م حال اورڻ سان ڪٿارسس مِلي ٿو. “
ثمن هن جي اَکين ۾ نھاريو ۽ عافين کي محسوس ٿيو تہ اَکين ۾ اِنتظاري جي ٻيڙي ڇلندي محسوس ٿي ۽ قسمت جو ناکئو ڏُور ڪٿي گھري ننڊ سُتل هو.
”جي ضرور!“ ڪنڌ نوائي چيائين تہ هن جا شفق جي شام جھڙا وار سج جھڙي چھري تي لڙي آيا. هن جي چھري ۾ سموريون موسمون رهن ٿيون، هن جي خاموشيءَ ۾ گھرو ڪُن لڪل آهي، ڪڏهن درياءَ جي لھرن جھڙي ٿي پوي ٿي تہ ڪڏهن سياري جي شامن وانگر هوءَ آسمان جو ڪو روپ آهي يا زمين جو وڃايل خواب. . .
* * *
چنڊ ول جي پُٺيان جرڪي رهيو هو. هو ڪوريڊور ۾ ڪُرسي رکي غزل ٻُڌي رهيو هو تہ ثمن جي نالي جي رِنگ وڳي. “
”عافين صاحب! سعديہ جي حالت بگڙجندي پئي وڃي، آءٌ سخت پريشان آهيان. “
”سعديہ جي دوا ڪٿي بند تہ نہ ڪئي اَٿَوَ؟“
”مون کي خبر نہ آهي، مان پنھنجي گهر آهيان، گهر ۾ وڏي ڀاڄائي هن کي دوا ڏيندي آهي. “
”توهان هن سان ويھي کيس معاملي جي سيريس هئڻ کان آگاه ڪريو، مريضہ لاءِ دوا ضروري آهي، دوا بند نہ ڪبي آهي. . . . “
”ها. . . مان وڃان ٿي گهر. . . . پر هوءَ رُڳو اِهو چوي ٿي تہ مون کي اَمان سڏي ٿي. . . مون کي اَمان ڏانھن وڃڻو آهي. . . “
”ها! مان سمجهي سگهان ٿو سندس ڪيفيت، پر هن وقت سندس خبرگيري رکن ضروري آهي. “
”مھرباني عافين صاحب! آءٌ توهان جي ٿورائتي آهيان، توهان جي ڳالھين جي ڪري منھنجو جُهرندڙ حوصلو ٻيھر مضبوط ٿي پوي ٿو. “
”پنھنجو خيال رکجو. . . “
فون تي ٿوري دير جي لاءِ خاموشي ڇانئجي وئي ۽ پوءِ لائين ڪٽجي وئي. اُن خاموشيءَ جي وقفي ۾ احساس جي سونھن، خيال جي ساڳيائپ ۽ اقرار جي تجديد ھئي.
شاديءَ جي تاريخ طئي ٿي وئي تہ هو بہ شڪارپور روانو ٿي ويو. شادي بہ خير سان ٿي وئي، جنھن کانپوءِ هو هني مون لاءِ ڪوھ مري روانا ٿي ويا. زندگي ڄڻ تہ ڪو خوابن جو سفر هئي. هن سونھن کي پسند ڪري مڱڻو ڪيو هو ۽ شاديءَ ۾ بہ سندس مرضي شامل هئي، پوءِ بہ هو خوش نہ هو ۽ هڪ عجيب اُداسيءَ کي هر پل محسوس ڪري رهيو هو.
ڪوھ مريءَ ۾ هو هوٽل جي دريءَ وٽ بيھي برفباري ڏِسي رهيو هو، هر منظر برف سان ڍڪيل هو، شايد هن جا اَحساس بہ. . . . اِنسان بہ ڪنھن ڳُجهہ کان گهٽ ڪونھي! هن سوچي ٿڌو ساھ ڀريو. . . . ڪھڙو پل يا لمحو کيس تبديل ڪري سگهي ٿو. هڪ ڊائمينشن مان نڪري، وري ٻيھر وقت جي ڪنھن ٻئي ڊائمينشن ڏانھن رُخ ڪري ٿو.
مان لامحدود ٿي ويو آهيان پنھنجي وجود مان ٻاهرنڪري. . . . هو سنڌ کان گهڻو پري هو، پر سندس سوچون ۽ اَحساس ثمن جي چؤڌاري ڀٽڪي رهيا هئا.
سونھن کي ڳوٺ ڇڏي، واپس موٽيو تہ ٻاهر وڃڻ جي تيارين ۾ مگن ٿي ويو. هن ڊپارٽمينٽ کي شاديءَ جي خوشيءَ ۾ پارٽي ڏِني، پر هن کي نہ ثمن شاديءَ جي مبارڪ ڏِني، نہ ئي وري پارٽيءَ ۾ شريڪ ٿي. شايد هوءَ پنھنجي ڏُکن جي دائري ۾ قيد ٿي وئي هئي. عافين محسوس ڪيو تہ ثمن وڌيڪ تنھا رهڻ لڳي. اسٽاف روم ۾ ويھڻ بہ گهٽائي ڇڏيو هئائين، ڪلاس وٺي، لائبريريءَ ۾ هلي ويندي هئي.
* * *
اُهو هن جو يونيورسٽيءَ ۾ آخري ڏينھن هو. ڊپارٽمينٽ هن کي فيئرويل ڏني هئي، ثمن بہ موجود هئي. هن جي چھري تي ڪجهہ وڃائڻ جو خوف هو ۽ اَکين ۾ ويراني. . .
هوءَ منھنجي وڃڻ جي ڪري اُداس آهي. . . شايد هوءَ بہ مون لاءِ ساڳئي اَنداز ۾ سوچڻ لڳي آهي. پوءِ پنھنجي خوش فھميءَ تي مُرڪي پيو. . . . .
هوءَ هڪ شادي شدہ عورت آهي، هوءَ ڇو مون ۾ دلچسپي وٺندي؟ ڪاش! مان کيس پنھنجي اَحساس کان آگاھ ڪري سگهان ها! پر اُن جو ڪھڙو فائدو ٿئي ها، اسان جا رستا اَلڳ آهن! ٻہ ماڻھو هڪٻئي لاءِ ساڳيا اَحساس رکندي بہ پنھنجي دل جو راز هڪٻئي کي نہ ٻُڌائي سگهن تہ اُن کان وڌيڪ ٻيو ڪھڙو اَلميو ٿي سگهي ٿو! هن جي اَحساس ۾ گھرو ڀنؤر مون کي پاڻ ڏانھن بي اِختيار ڇِڪي ٿو، هن جي اُداسين جا رنگ مون کي من جي گھرائين ۾ لھندي محسوس ٿين ٿا ۽ هن جي اَکين ۾ پوري ڪائنات سموئجي وئي آهي. سڀ کان وڏي ڳالھہ تہ مان اِهو سڀ ڪجهہ محسوس ڪرڻ تي ڇو مجبور ٿي پيو آهيان. ! آخر اُهي ڪھڙيون فريڪوئنسيز آهن، جنھن جي ڪري هڪ اِنسان ٻئي اِنسان جي ڪشش ۾ اُن ڏانھن مستقل وڌندو رهندو آهي، بنان ڪنھن جواز جي. . .
پوءِ سڀني جي اِصرار تي هوءَ ڳائڻ لڳي:
اُن سے آیا نہ گیا، ہم سے بلایا نہ گیا،
فاصلہ پیار میں دونوں سے مٹایا نہ گیا۔
کیا خبر تھی یہ ملے ہیں تو بچھڑنے کیلیئے،
قسمتیں اپنی بنائی ہیں بگڑنے کیلیئے۔

گانو ختم ٿيو ۽ ريفريشمينٽ شروع ٿي تہ عافين کي ثمن نظر نہ آئي. گاڏيءَ ۾ ويھندي، مٿي ڏِٺائين تہ هوءَ ڪوريڊور ۾ بيٺي هئي ۽ عافين تي نظر پوندي ئي هوءَ پوئتي ٿي وئي.
ايئرپورٽ تي پھتو تہ سنبل جو فون آيو: ”عافين! بُري خبر آهي، توهان ثمن سان ڳالھائي ڇڏجو. . . “
”ڇاٿيو؟ هو پريشان ٿي ويو. . . . “
”شايد اَڳ ۾ ئي خبر پئجي وئي هيس تہ ڪا غلط ڳالھہ ٿيڻ واري آهي، سعديہ ڇت تان ٽپو ڏئي، خودڪشي ڪري ڇڏي. . . . “
”اوھ منھنجا خدا! “ اھا خبر ٻڌي عافين جا حواس ڄڻ تہ سن ٿي ويا. ھن جي نظرن آڏو سمورا منظر ڌنڌلا ٿي ويا. .