ناول

ڪُتا

رسول ميمڻ پنھنجي تخليقن ۾ علامتي انداز تمام گهڻو اپنايو. هن جي هر سٽ ۾ علامت آهي. علامتن ۾ لکندي هو هاڻي سنڌي ناول ۽ ڪھاڻي جي وڏي علامت بڻجي ويو آهي. ڪتا- ناول ۾ زندگي جيئن آهي ان کي اوئين پيش ڪيو ويو آهي. هي ناول پيڙائن سان پُر آهي. جنھن ۾ هر صفحي تي سورن جي سڳنڌ ڦھليل آهي. ڪتاـ ناول الميي جي ور چڙهيل انسان جو اهڙو داستان آهي، جيڪو مختصر هوندي عاليشان آهي.

  • 4.5/5.0
  • 159
  • 58
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 4
Title Cover of book Kutta

سڀ حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ آهن

ڪتاب نمبر: 85
ڪتاب جو نالو : ڪُتا
موضوع : ناول
ناول نگار : رسول ميمڻ
ڪمپوزنگ/لي آئوٽ: سڦلتا پبلشرز پرنٽرز
ٽائيٽل ڊزائين : عباس ڪوريجو
پھريون ڇاپو : نومبر2021ع
ٻيو ڇاپو : مئي 2022ع
ٽيون ڇاپو : سيپٽمبر 2023ع
چوٿون ڇاپو : نومبر 2024ع
ڇپائيندڙ : سڦلتا پبليڪيشن، حيدرآباد

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2025ع
Dogs
(Novel)
By Rasool Memon
First Edition: November 2021
Second Edition: May 2022
Third Edition: September 2023
Fourth Editiom: November 2024
Published by: Saphalta Publication Hyderabad

Contact: 03333788478
Email: safalta.mag@gmail.com

ISBN: 978-627-7627-29-4

ارپنا

پھرئين ڇاپي جي
ارپنا


سڌي ليڪ جي نالي


ٻي ڇاپي جي
ارپنا

ڊاڪٽر لبنيٰ
۽ عبدالنبي سومري جي نالي


ٽئين ڇاپي جي
ارپنا


پارس سومرو جي نالي...

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جو لکيل ايوارڊ يافتہ ناول ”ڪُتا“ اوھان اڳيان پيش آهي.
رسول ميمڻ پنھنجي تخليقن ۾ علامتي انداز تمام گهڻو اپنايو. هن جي هر سٽ ۾ علامت آهي. علامتن ۾ لکندي هو هاڻي سنڌي ناول ۽ ڪھاڻي جي وڏي علامت بڻجي ويو آهي. ڪتا- ناول ۾ زندگي جيئن آهي ان کي اوئين پيش ڪيو ويو آهي. هي ناول پيڙائن سان پُر آهي. جنھن ۾ هر صفحي تي سورن جي سڳنڌ ڦھليل آهي. ڪتاـ ناول الميي جي ور چڙهيل انسان جو اهڙو داستان آهي، جيڪو مختصر هوندي عاليشان آهي.
ھن ناول جو پھريون ڇاپو 2021ع ۾ سڦلتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپيو ۽ پوءِ چئن سالن اندر چار ايڊيشن ڇپيا آھن. اوھان سان 2024ع ۾ ڇپايل چوٿون ڇاپو سڦلتا پبليڪيشن جي سرواڻ ھوش ڀٽيءَ جي ٿورن سان آڻي رھيا آھيون.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ٻي ۽ ٽيئن ڇاپي جو مھاڳ

ڪتاـ ناول جذبن ۽ احساسن جو Volcano

رسول ميمڻ پنھنجي تخليقن ۾ علامتي انداز تمام گهڻو اپنايو. هن جي هر سٽ ۾ علامت آهي. علامتن ۾ لکندي هو هاڻي سنڌي ناول ۽ ڪھاڻي جي وڏي علامت بڻجي ويو آهي. هن وٽ سماجي حقيقت نگاري بہ چٽي آهي. رسول ميمڻ سنڌي افسانوي ادب ۾ حقيقت نگاري جو هڪ وڏو نانءُ آهي. رسول ميمڻ جا ناول ۽ ڪھاڻيون وڏي تحقيق طلب تخليقون آهن.
ڪتا- ناول ۾ زندگي جيئن آهي ان کي اوئين پيش ڪيو ويو آهي جيڪڏهن مان ائين چوان تہ اڃا بہ واضح ۽ چٽو ڪري آندو ويو آهي تہ ڪا خامي نہ ٿيندي. زندگيءَ جي ڪڙاڻ ۽ تلخي، انھن جي حقيقتن جي سچائي ليکڪ پڙهندڙن کي ڏيکاري ٿو پوءِ ڀلي اهي ان کي پسند ڪن يا نہ..!
سماج ۾ موجود وارتائن، حقيقتن کي ادب ۾ پيش ڪرڻ کي حقيقت نگاري چيو ويندو آهي ۽ رسول ميمڻ وٽ حقيقت نگاري جو وڏو ڏانءُ آهي. هو هڪ ڏاهي جيان انھن جي اڊيڙ ڪري ٿو.
ڪتا- ناول جي ارپنا کان شروع ڪريان ٿو... ”سڌي ليڪ جي نالي...“ مون ان کي پڙهي هڪ نظر وجهي، ناول پڙهڻ شروع ڪيو پڙهندي پڙهندي اچي هن سٽ تي اٽڪي بيھي رهيس...
”مانيٽر ۾ هلندي هڪ سڌي ليڪ ظاهر ٿي، هو گذاري ويو.“ ص 58
منھنجي اندر ۾ وڍ پئجي ويا، ناول رکي سوچن ۾ پئجي ويس. اها سڌي ليڪ هن جي اولاد هئي. ان ليڪ کي اهي سمجهندا جيڪي ان جي ورن وڪڙن تي هليا هوندا. ان سڌي ليڪ هن کي ايڏو سور ڏنو جو هو اهي سھي نہ سگهيو ۽ هن ناول ۾ سموهي سمھي پيو.
توڻي جو رسول سائين پيش لفظن ۾ هن ناول کي فڪشن چيو آهي، پر اڻ سڌي طرح ليکڪن جون تحريرون ان جي هنن جي حياتيءَ جو اولڙو هونديون آهن.
رسول ميمڻ جي هر لفظ ۾ گھرائي آهي، شعور ۽ ڏاهپ جو سنگم آهي. ناول جي پھرين باب جي پھرئين صفحي تي لکي ٿو:
”گهر خالي آهي ۽ دل ۾ ڪا جاءِ خالي نہ آهي جنھن ۾ ياد وڌيڪ سوڙھہ ڪري سگهي.“ ص_7
هي ناول پيڙائن سان پُر آهي. جنھن ۾ هر صفحي تي سورن جي سڳنڌ ڦھليل آهي. جيڪا غم خوار ئي سنگهي سگهن ٿا. ڪتاـ ناول الميي جي ور چڙهيل انسان جو اهڙو داستان آهي، جيڪو مختصر هوندي عاليشان آهي. رسول ميمڻ وٽ فلسفيانہ لفظن ۽ محاورن جا ولر آهن جيڪي هو ايڏي سھڻي نموني سان هڪلي ٿو جو سڀ جو سڀ سڃاڻپ ۾ اچي وڏو اثر ڪن ٿا.
علي آڪاش موجب: ”رسول ميمڻ جديد سنڌي ناول جي ٻي لھر جو سڀ کان وڏو ناول نگار آهي. اڃا بہ چوڻ کپي تہ اُها لھر شروع ئي کائنس ٿئي ٿي. سريئلزم ۽ جادوئي حقيقت نگاري سندس ناول نگاريءَ جا اهم فني عنصر آهن. جڏهن تہ فڪري طرح سندس تخليقون، مجموعي طرح، سائنسي فڪر ۽ مابعدالطبعيات وچ ۾ سفر ڪن ٿيون. ڪتا ناول پڙهي آئون دنگ هوس تہ سنڌي ناول نگار اهڙو ناول بہ لکي سگهي ٿو ڇا! ڪتا ناول سنڌي ناول نگاريءَ جي باليدگيءَ جو سڀ کان اهم ۽ بي مثال اهڃاڻ آهي.“ (1)
رسول ميمڻ چوي ٿو: ”دنيا ۾ اڪثريت ڏک جي سرمائيدارن جي آهي، هر ڪنھن وٽ ڏک جون ٽجوڙيون ڀريل آهن.“ هن ناول پڙهڻ کان پوءِ مون کي هو مون کي سورن جو سرمائيدار لڳي ٿو. جيڪا صنعت هاڻي سندس جيون ساٿياڻي سنڀاليندي.
ڪتا لفظ جو ذڪر مون اڳ ۾ اخلاق انصاريءَ جي ناول- اڏوهي ۾ پڙهيو هو. جنھن ۾ هن ان کي خوفائتو ڪري پيش ڪيو آهي.
رسول ميمڻ هن جي ننڍڙي ناول ۾ 29 هزار ۽ ڪجهہ لفظ استعمال ڪيا ويا آهن ۽ انھن سڀني لفظن ۾ ڪتا لفظ کي مختلف روشن، انساني نفسيات، سوچن ۽ موسمن ۽ انيڪ سارن خيالن علامتي طور چٽيو ويو آهي. هر سٽ ۾ هر شيءَ سان ڪتي جي لاڳاپيل ڳالھہ ڪرڻ ناول نگار جي فن جو ڪمال آهي.
رسول ميمڻ جڏهن ڊاڪٽر موهن بسنتاڻي سان انساني معاملن انھن جي حل ۽ خوشيءَ جي ڳولا تي بحث ڪري ٿو تہ نجومي جو جھڙو لاجواب ناول تخليق ڪري وجهي ٿو. پر لاڪ ڊائون ۽ ڪرونا وبا ۾ جڏهن پوري دنيا تي هيبت ناڪي ڪيفيت طاري هئي، انساني احساسن، جذبن ۽ زندگي جي جڏهن ڪا قدر قيمت نہ رهي سماجيات جا جوهر ختم ٿيندا پئي ويا تہ ان جي وهڪري ۾ ڊاڪٽر رسول ميمڻ بہ اچي ويو ۽ ان ولوڙ ۾ هن ڪتا جھڙو ڪلاسيڪل ناول لکي ورتو.
Satirical Novel: اھو ناول آھي جنھن ۾ ڪنھن شخص يا ڪنھن واقعي تي طنز ڪيل ھجي. طنز اڪثر ڪري اھڙي انداز سان ڪيل ھوندي آھي جو بظاھر نہ لڳندو آھي تہ ڪنھن مخصوص ماڻھو يا واقعي کي نشانوبڻايو ٿو وڃي. جارج آرويل جو اينيمل فارم ٻيا ڪيترائي ناول ان جو مثال آهن.
هو لکي ٿو: ”انسان ڪار آمد آهي جيستائين ان ۾ ٻار پيدا ڪرڻ جي قوت آهي. هو ٻار پيدا ڪندو ۽ ڪمائيندو.“ ص_9
اها حقيقت آهي تہ نسل نہ وڌائڻ واري سماجي جانور کي هي ڇا پورو انساني سماج حقارت جي نگاهن سان ڏسي ٿو. ليکڪ اها ڳالھہ پوري ڪائناتي سچ/حقيقت جي پسمنظر ۾ لکي آهي. زندگيءَ جو بہ اهوئي اصول آهي.
ان ئي احساس ۾ ليکڪ هڪ ٻئي ڳالھہ بہ لکي آهي: ”اسين گوشت جا پرزا آهيون ۽ پنھنجو گوشت کائي پنھنجي مرمت ڪيون ٿا. کائڻ جي قابل نہ ٿا رهون تہ ناڪارا ٿي وڃون ٿا.“ ص_9
هن جملي ۾ ليکڪ ڊاڪٽري واري لھجي ۾ حيات جي بي معنويت سمجهي بہ، ڄڻ نہ سمجهائي سگهيو آهي.
هي پورو ناول Symbolism علامت نگاري، Satirical طنز سان ڀريو پيو آهي. جنھن ۾ حياتيءَ جي سمورن روين جي تنقيد ۽ هجو گوئي آهي.
جيئن هُو لکي ٿو: ”ڪتا فقير جي عزت ڪندا هئا پر سپاهين تي ڀونڪندا هئا.“ ص_ 10
هڪڙي مختصر جملي ۾ ڪيڏي نہ وڏي طنز آهي. هتي فقير جي معنيٰ پينو فقير واري ناهي. پر اها Paradoxical آهي. اهي سپاهي جيڪي سامراجي آهن. اهي نہ جيڪي وطن جي حفاظت ڪن ٿا. فقير جدوجھد ڪندڙ آهي ۽ ڪتا عوام.
ٻئي هنڌ لکي ٿو: ”ڪتا اڪثريت ۾ هجن تہ ڀونڪڻ کي ڏاهپ سمجهيو ويندو آهي.“ ص_14
هتي بہ ليکڪ Paradoxes الٽي معنيٰ ۾ ڳالھائي ٿو. جنھن کي هر پڙهندڙ پنھنجي سمجهہ آهر ڊي ڪوڊ ڪري سگهي ٿو. ڪتا هتي ڪتا نہ آهن پر بي قوف چئي سگهون ٿا. جاهل چئي سگهون ٿا يا وري سياستدان.
لکي ٿو: ”ڪتن جا مقابلا ماڻھن جي ويڙھہ کان ان ڪري بھتر هوندا آهن جو ڪتن جي مقابلي ۾ مون ڪڏهن ڪتو مرندي نہ ڏٺو ۽ ماڻھن جي مقابلي ۾ ماڻھو ائين مرندا آهن جيئن ڪتو مري وڃي.“ ص_15
ڪتي جي خصلتن سان فلسفي جالينوس بہ گهڻو پيار ڪندو هو. بتي کڻي شھر جي گهٽين ۾ ڏينھن ڏٺي انسان ڳولھيندو رهندو هو. هن جو وڏو سوال اهو هو تہ ”اهو فلسفي ئي ڪھڙو جيڪو انساني جذبات زخمي نہ ڪري!“
ويسٽرن فلاسفي ۾ ڊائيوجينس بہ ان نفسيات جي لپيٽ ۾ آيل ھو. ڏينھن جو بتي کڻي نڪتو ۽ پڇا تي چيائين”جڏھن اوھان ڏينھن جو ڏسڻ شروع ڪيو تہ ھن بتي جي ضرورت رات جي اونداھيءَ ۾ بہ نہ پوندي.“ شادي نہ ڪيائين پاڻ سان گڏ پنجويھہ ڪتا ڌاريائين، مري ويو ھن جو ڪيل ڪم ڪتا چٻاڙي ويا، پروفيسر سيليوزيس ٿارمس ھن سينڊروم کي”ڊائيوجينس“جي نالي سان منسوب ڪري لکيو آھي، ھن بيماري ءَ ۾ گڏ ڪيل ڪن ڦٿ سان مريض کي ايترو لڳاءُ ھوندو آھي جو ھو گڏ ڪيل مٽيريل کي ناياب سمجهي ٿو. جيڪو عام ماڻھن جي نظر ۾ گند ئي ھوندو آھي.
ڊائيوجينس سينڊرومDiogenes Syndrome جنھن کي Senile Squalor Syndrome سينائل سڪوالور بہ چيو وڃي ٿو. هن بيماري ۾ مبتلا شخص انتھائي درجي جو پاڻ کي نظرانداز ڪندو آهي، گهريلو بدگماني ۾ رهندو آهي، سماج مان نڪرڻ، بي حسي، جانورن کي گڏ ڪرڻ يا ڪچري جي زخيرہ اندوزي ڪرڻ جھڙيون حرڪتون ڪندو آهي. هن بيماري ۾ مبتلا شخص کي شرم محسوس ئي ناهي ٿيندو.
رسول ميمڻ جي هڪ نفسياتي ڪھاڻي آهي. جنھن جو عنوان آهي ”اگهاڙو“ ان جو ڪردار بہ اهڙي ئي بيماري ۾ مبتلا آهي. جيڪا سنڌي ڪھاڻين ۾ منفرد ڪھاڻي آهي. ان کان علاوہ منٽو جي هڪ ڪھاڻي آهي (خالی بوتلیں خالی ڈبے) جيڪا پڻ هن نفسياتي بيماري کي چٽي ڪري ٿي.
هي انساني ويڙھہ واري نفسيات ۽ جنگ جدل تي ڇتي تنقيد آهي. ماڻھو کي ڪتو يعني معمولي جانور چيو ويو آهي. رسول ميمڻ جي لفظن جي گھرائي تيز ۽ تکي آهي.
ناول نگار منير چانڊيي مطابق: ”رسول ميمڻ سنڌي افسانوي ادب جو هڪ ليجنڊ هو. ڪتا ناول ۾ هن هڪ فيلسوف جيان ڳوڙها ويچار ونڊيا آهن. سائين رسول ميمڻ جي ناول ”ڪتا“ کي سنڌي ادب جي سنجيدہ پڙھندڙن سنڌي ادب جو اهڙو شاهڪار ناول قرار ڏنو آھي، جنھن جو معيار ڪنھن بوڪر پرائيز يا نوبل لاريٽ ناول کان گهٽ نہ آھي.“ (3)
سائين رسول ميمڻ جي نثر ۾ غضب جي گھرائي ۽ فلسفو آهي. هن ناول ۾ جتي ڪتن واري علامت کي استعمال ڪيو ويو آهي اتي ناول نگار ماءُ تي ڳالھايو آهي ۽ ان کي هڪ ڪردار طور کڻي آيو آهي. آئون سمجهان ٿو هن ناول ۾ سمايل سور ليکڪ جو داخلي سور آهي، جنھن کي هن معروضي دنيا سان ڳنڍيو آهي. لکي ٿو:
”انسان جي زندگي جو خوبصورت حصو اهو آهي جيڪو ماءُ وٽ گذاري ٿو، عورت جو سڀ کان سٺو روپ ماءُ جو روپ آهي. ڇو جو مون کي ياد آهي جڏهن ڀاءُ جي زخم تي مرچ ٻڌو ويو تہ مون محسوس ڪيو امان جي دل سڙي پئي آهي.“ ص_19
ليکڪ عورت جي ماءُ جي روپ کي ووٽ ڪيو آهي. جيڪو هن جو پنھنجو خيال آهي. عورت جا انيڪ سارا روپ آهن. جيڪي بہ انوکا آهن. هي ناول مونو لاگ ۾ لکيل آهي. جنھن جي سٽ سٽ ۾ ڪمال جو سرور آهي.
هن ناول جا ڪردار ڪھاڻي ٻڌائيندڙ جا ڀائر هن جي ماءُ، هن جي زال ۽ پٽ، ڌنار هائو، مولوي ۽ ڪتا راڪو، ڪتي سوسن، موهن هن جو دوست، ٻائو، عيسائي، پدي ڪتو، بوڊو نسلي ڪتي جو ڪردار آهن.
هو لکي ٿو: ”انسان مذهب کي پاڻ تي سوار ڪري ٿو ۽ پوءِ مذهب جھڙو نظر اچي ٿو.“ ص_21
ليکڪ ننڍين ننڍين فقرن ۾ پورا پسمنظر ڏنا آهن، جيڪي سوچن جي ڪائنات خلقن ٿا. رسول ميمڻ جي مڪالمن جي معنيٰ ڳوڙهي هوندي بہ سليس آهي. اها ئي هن جي تخليقن جي وڏي خوبي آهي.
هڪ ٻيو پيش منظر ۽ پس منظر گڏ ٻن سٽن ۾ سمايل آهن:
”ڪتي جي حِس ماڻھوءَ ۾ بہ سمايل آهي، مون کي پنھنجي هندو دوستن مان ڀينڊين جي بوءِ ايندي آهي.“ ص_ 22
هتي بہ Paradox ابتي ڳالھہ ٿيل آهي. ڀينڊين جي بوءِ کي ڊڄڻي هجڻ ۽ صفائي نہ هئڻ جي تصور ۾ ڏنو ويو آهي. ڪتي جي حس ماڻھو ۾ آهي اها بہ گهڻ معنوي خيال ۾ آهي.
جيئن زيد پيرزادي هن ناول بابت چيو آهي تہ: ”هن ناول جي خاص ڳالھہ ڪتن جي نفسيات بابت دلچسپ معلومات ۽ زندگيءَ جي ڳوڙهي اڀياس کي تخليقي سٽن ۾ اظھارڻ آهي.“ (4)
ڪتا هن ناول ۾ ڪردار بہ آهن تہ استعاراتي معنيٰ ۾ بہ ليکڪ لکيو آهي باقي هن ناول انسان المياتي ۽ سماجي ڀڃ ڊاھہ جو داستان آهي نہ خاص ڪري رڳو ڪتن جي نفسيات بابت آهي.
زيد پيرزادي جي ان ڳالھہ سان سھمت نہ آهيان تہ هي ناول ڪتن جي آتم ڪھاڻي آهي. ڇو تہ هي ناول ڪرشن چندر جي ناول ”هڪ گڏھہ جي آتم ڪھاڻي“ وانگي نہ لکيل آهي. ڪتا ۽ هڪ گڏھہ جي آتم ڪھاڻي کي جيڪڏهن ڀيٽائجي تہ گهڻو فرق آهي. ڪتا ناول سڌي سنئين ڪتن جي آتم ڪھاڻي ناهي پر نيئريشن آهي. ڪرشن چندر واري ناول ۾ گڏھہ خود پنھنجي ڪھاڻي بيان ڪري ٿو ۽ ان کي سياسي ۽ سماجي تنقيد سان ڳنڍيو ويو آهي.
جديد انسان جي الميي کي ليکڪ هيئن بہ ڏسي ٿو: ”جيڪڏهن کنڊرن جي حفاظت نہ ڪئي وڃي تہ کنڊرن جي جاءِ تي نيون عمارتون اڏجي وڃن ٿيون ۽ انھن کي کنڊر بڻجڻ لاءِ ڪيترائي سال انتظار ڪرڻو پوي ٿو.“ ص_ 22
هي ڪراچيءَ جي تاريخي جاين جي لاءِ لکيو ويو آهي. جتي تاريخي ماڳ مڪان محفوظ ناهن. والار جو وارو جاري آهي. ترقي جي ڪوڙي نعري ۾.
رسول ميمڻ جديد دؤر جي تقاضائن کي سمجهي ورتو هو، ان ڪري هن وٽ مختصر لکڻ جو اعليٰ ڏانھن هو. جيئن هو هڪڙي جملي ۾ ورهاڱي کي بيان ڪري وڃي ٿو ۽ اهڙا کوڙ واقعا هو هڪ جملي ۾ چٽي انھن تي طنز، تنقيد ڪري اڳتي نڪري ٿو وڃي.
”مون کي بابي جي ڳالھين مان لڳندو هو، جيئن سنڌي ميمڻ هندوستان کان آيل ماڻھن جي رحم و ڪرم تي هجن.“ ص_24
”سنگتراش پٿر پري ڪري مجسمو ظاهر ڪندو آهي ۽ ڪتا ماس پري ڪري هڏا ظاهر ڪندا آهن.“ ص_25
زندگي جي Nothingness هو هيئن ڏسي ٿو:
”مون کي محسوس ڪيو، زندگيءَ جو تجربو ڄڻ پتل مان سون ٺاهڻ آهي، جيڪو سدائين ناڪام ويو.“ ص_32
ليکڪ زندگي جي هر پھلو کي ڇهيو آهي. هڪ ڪتي پدي جي موت تي ڏکائتو پيش ڪيو جنھن کي پڙهي اداس جي ڪوهيڙي ۾ ماڻھو گم ٿيو وڃي. ماءُ بابت ۽ ان سان ڪيل گفتگو گهڻي اثرائتي، احساساتي ۽ ڏاهپ سان سلھاڙيل آهي.
ماءُ بابت احساس جيڪي ليکڪ جو الميو لڳن ٿا:
”امڙ ڪڏهن ڏک ۾ روئيندي هئي تہ مان ڳڀو اڳري نہ سگهندو هيس.“ (ڪتا ناول ص_36)
”انسان جو مقدر اڪيلائي آهي ۽ امڙ جي اڪيلائي محسوس ڪري لڳندو هو. مان بہ ائين اڪيلو ٿي ويندس.“ ص_37
”هوءَ مرڪي ۽ هن جي مرڪ پنجاسي سال پراڻي هئي، مرڪ شراب جيان پراڻي ٿي وڌيڪ اثرانگيز ٿئي ٿي.“ ص_37
هن ناول ۾ گهڻو ڏک پٽ جي ڪينسر واري باب ۾ پوريو ويو آهي. هڪ هڪ لفظ ۽ احساس هڪ وڏي حادثي جيان پاٺڪ جي من برپا ٿين ٿا ۽ سور جون سٽون اڀرن لھن ٿيون. اهو ڏک رسول ميمڻ جو هو جيڪو هاڻي اسان جو ڏک ٿي پيو آهي. هي ناول سائين رسول جو ڪيٿارسس هو پر پوءِ بہ هو اوچتو جڳ پلي ويو.
هو ارمان مان لکي ٿو:
”منھنجا پٽ! توکي اڃا دنيا ۾ گهڻا ڪم ڪرڻا هئا. تون نہ پيار ڪيو، نہ عشق ڪيو. تنھنجا ٻار ٿين ها. مان انھن کي سيني سان لائي پيار ڪيان ها. تون ڀل منھنجو سھارو نہ ٿئين ها پر تنھنجي هڪ دنيا هجي ها جنھن ۾ تون خوش گذارين ها.“ ص_63
هڪ پٽ دنيا ڇڏي وڃي ٿو تہ ٻيو پٽ گهر ڇڏي وڃي ٿو. اهي سور سھڻ کان مٿي هجن ٿا ۽ انسان جهري پوي ٿو. پوءِ هو سوچي ٿو:
”اها چوڏهين جنوريءَ جي گرم رات هئي. جڏهن منھنجي نرڙ جا پگهر نہ پئي سڪا ۽ منھنجو پٽ ماءُ کان موڪلائي ٻار وٺي ڪينيڊا روانو ٿي ويو.“ (ڪتا ناول ص_84)
اداسي جي وبا ڇا تہ لفظن جي ڪاريگري ۽ گهرائي آهي.
”پٽ جي وڃڻ کان پوءِ اداسي وبا جي صورت ۾ ورانڊن ۽ ڪمرن جي اونداھہ ۾ لڪي ويھي رهي.“ (ڪتا ناول ـ ص85)
رسول ميمڻ سنڌي فڪشن جو رسول آهي. هو فقرن ۾ ڳالھائيندو هو. هن جي شخصيت پراسرار هئي. جنھن ۾ معصوميت هئي، طلسماتي طرز جي مرڪ سان هُو پنھنجو ڪندو هو. سنڌي ادب ۾ هن جا ناول گهڻا منفرد ۽ اعليٰ آهن، سراج ميمڻ کان پوءِ رسول ميمڻ جا ناول سنڌي ادب ۾ فني ۽ فڪري نھج جي اوچاين کي ڇھن ٿا.
رسول ميمڻ جي ناولن ۾ جديديت جي مڙني لاڙن جا اولڙا آهن تہ سنڌي سماج ۽ تاريخ جا تذڪرا بہ آهن. داخليت سان هو دنيائون جوڙي ۽ ٽوڙي ٿو. جنھن ۾ هن جا پڙهندر ۽ ڪردار هڪ عجب ڪشمش ۽ هيجان ۾ هلن ٿا. ”ڪتا“ ناول بہ رسول ميمڻ جي تخيل جي اها اڏام آهي جنھن ۾ انساني انسيت ۽ استعاري جو وڏو الاپ آهي. ڪتا هڪ علامت آهي، جيڪا سولي بہ آهي تہ ڏکي بہ آهي جيڪو سمجهي ويو اهو سمجهي ويندو تہ رسول ايڏي وڏي ڳالھہ ڪتا لفظ ۾ لڪائي ڪئين ڪري ڏور هليو ويو آهي. پر اها ڳالھہ ڳائبي رهبي.
مير تقي عباس ٽالپر مطابق: ”عالمي ادب جون ڪجهہ اينمل اسٽوريز پڙهڻ کان پوءِ جڏهن ڪتا ناول پڙهيو تہ مان يقين سان چئي سگهان ٿو تہ سائين رسول ميمڻ سنڌي ناول کي عالمي معيار تائين کڻي ويو آهي. ان کي ڳوٺ جي گهٽين مان کڻي عالمي ادب جي Main Stream ۾ بيھاريو آهي.“ (5)
هي ناول جذبن ۽ احساسن جوVolcano آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ھھڙو ڪلاسيڪل ناول اڳ ۾ نہ لکيو ويو آهي. رسول ميمڻ جي لکڻ جو ڏانءُ فلسفيانہ ۽ پاتار مان پنا ڪڍڻ برابر آهي. اندر جون اوتون سائين رسول جي ٻين ناولن ۾ بہ آهن پر هي ماسٽر پيس آهي. جنھن جي سٽ سٽ ۾ جماليات جي هزارين رنگ آهن. جن تي وري وري ۽ لکڻ لاءِ ڳوڙهي اڀياس هجڻ لازمي آهي. منھنجي خوش نصيبي آهي تہ سائين رسول ميمڻ هي ناول مون کي ڇپڻ لاءِ ڏنو، اهو هڪ اعزاز بہ آهي.
بدنصيبي اها آهي تہ سائين وڇوڙي کان ٻہ ڏينھن اڳ ناول جي باري ۾ پڇيو هو تہ ڪٿي پھتو. ساري عمر اهو افسوس رهندو تہ سائين پنھنجو هيءَ ناول ڏسي نہ سگهيو.
نقاد خليق ٻگهئي جو تفصيلي تنقيدي مضمون هن ناول تي ڇپجي سامھون آيو. جنھن ۾ معزز نقاد وڏي محنت سان ناول جي هرپاسي کان اکيل ڪئي آهي. منھنجي خيال ۾ ناول تي وڏي ۾ وڏو مضمون خليق ٻگهئي جو ئي آهي. پر حيرت ان ڳالھہ تي آهي تہ سائين خليق ٻگهيو سڄو ناول پڙهڻ کان پوءِ بہ ناول جي ارپنا جي سٽ کي ڊيڪوڊ/اکلي نہ سگهيو آهي. ابتو ان تي بيجا تنقيد ڪئي آهي.
لائق نقاد هن ناول تي ٽن حصن ۾ لکيو آهي، حصي ٽيئن جي آخري پڄاڻي ۾ لکي ٿو تہ: ”هن ناول ۾ عجيب و غريب ڳالھيون ڏندڪٿائي تصور، حڪيمانہ نسخا ۽ ميٽافزڪس آهي ۽ جديديت پڄاڻان صورتحال آهي.“ (5)
خليق ٻگهئي پنھنجي مضمون ۾ جديديت، ڊيڪسنٽريڪشن، ساختيات پڄاڻان تنقيد، Irony، Pastiche، بليڪ هيومر، Obscuratism، Automatcurating، ۽ ٻيا ڪي اصطلاح بہ هن ۾ هجڻ جي ڳالھہ ڪئي آهي.
ان کان پوءِ بہ ناول کي ڏندڪٿائي چوي ٿو ۽ وچ ۾ ڪٿي آتم ڪٿائي ثابت ڪري ٿو. سائين جي مضمون پڙهي سمجهہ ۾ نہ ٿو اچي تہ ناول جي ڪٿ ڪھڙي بيھي ٿي. جڏهن تہ مضمون جي آخر ۾ وري جديديت پڄاڻان صورتحال چئي پنھنجي بحث جي پڄاڻي ڪئي اٿس. جنھن ۾ بہ گهڻو ابھام آهي.
ڪتا ناول سنڌي ٻوليءَ جو مقبول ناول آهي. جنھن تي گهڻو لکيو ۽ پڙهيو پيو وڃي. چئن سالن ۾ ان جا چار ڇاپا اچي چڪا آهن. جيڪو ان جي ڪاميابي ۽ سگهاري هئڻ جو اعلان آهي.

هوش محمد ڀٽي


حوالا:
1. ڪتا، ناول، بيڪ ٽائيٽل، ٻيو ڇاپو، 2022ع.
2. ساڳيو
3. اڻ لکيل ناول جو موضوع، منير چانڊيو، رسول ميمڻ نمبر، سڦلتا مئگزين حيدرآباد، جنوري فيبروري 2022ع، صفحو 20.
4. ڪتن جي نفسيات ۽ زندگي جو ڳوڙهو اڀياس، ڪالم، زيد پيرزادو، روزاني عوامي آواز ڪراچي، 2022ع.
5. جديديت پڄاڻان جو دؤر، رسول ميمڻ جو ناول ڪتا، خليق ٻگهيو، روزاني هلال پاڪستان ڪراچي، ايڊيٽوريل صفحو، 12 مارچ 2022ع.
6. https://en.m.wikipedia.org/wiki/Diogenes_syndrome
7. ساڳيو

پيش لفظ

جڏهن ماضيءَ ۾ جهاتي پائي يادگيرين جي دنيا ۾ وڃان ٿو تہ انسانن سان نفرت ۽ ڪتن سان پيار ٿي وڃي ٿو. مون پويان سوين ڪتا پڇ لوڏيندا اچن ٿا. وقت جهنگلي جانور آهي. ماضي ڪتو، حال گهوڙو ۽ مستقبل شينھن آهي.
پوئتي ڪنڌ ورائي نھاريان ٿو تہ لتاڙيل راهن تي ڪتن کان سواءِ ڪجهہ نظر نہ ٿو اچي. منھنجي حياتيءَ جا ڪردار ڪتن ۾ تبديل ٿي وفاداريءَ حلف کڻن ٿا. انسانن مان اميد رکي سگهجي ٿي تہ اهي توهان کي اڪيلو ڇڏي ويندا. ڪتن مان اهو آسرو رکي سگهجي ٿو تہ اهي توهان جي اڪيلائين جو ساٿ ڏيندا.
ننڍي هوندي کان ڪتن پالڻ جو شوق رهيو آهي. لاتعداد ڪتا منھنجي ذهن ۾ آهن. هتي ڪجهہ ڪتن جو ذڪر ڪيو اٿم. جڏهن ڪتن کي ياد ڪيو تہ انھن پويان ڪيترائي چھرا ياد آيا. جيئن ڪتن کي ياد ڪندو ويم، چھرن جو ذڪر پنھنجو پاڻ ٿيندو ويو. مون ڪتن تي لکڻ پئي چاهيو پر انسانن جو ذڪر ٿي ويو.
الميا ۽ حادثا زخمي ڪتا آهن. زخمي ڪتا پنھنجا زخم چٽيندا آهن. ڪتن جا زخم تازا هوندا آهن ۽ ساون زخمن تي منھنجي دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي ٿي. زندگيءَ ۾ ڌڪ لڳندا آهن، زخم ڇٽي ويندا آهن. ڪن ڌڪن جا نشان مٽجي ويندا آهن. ڪن ڌڪن جا نشان رهجي ويندا آهن جن کي توهان کان سواءِ ڪو بہ ڏسي نہ سگهندو آهي. ماضيءَ کي ياد ڪرڻ زخم کوٽڻ آهي. ڪڏهن سوچيندو آهيان، اهي زخم ئي آهن جن جي عذاب کان ماڻھو جيئرو آهي. انسان اڪيلائين جو دعويدار ٿي اڪيلو نہ آهي. هو پاڻ سان گڏ آهي. يادون هن چوڌاري پاليل ڪتن جيان گهمن ٿيون ۽ هڪ ڪتو ڪيترن ئي انسانن برابر آهي. ڪيترائي چھرا هڪ ڪتي جي روپ ۾ توهان چوڌاري موجود رهن ٿا. اڪيلائي عياشي آهي، جيڪا توهان کي ڪڏهن نصيب نہ ٿي ٿئي. ڇو جو يادن جا ڪتا توهان جي اڪيلائيءَ کي متاثر ڪن ٿا.
لاشعور رولو ڪتو آهي، جنھن جو چڪ ماڻھوءَ کي چريو ڪري ٿو. انسان اڪيلائيءَ سان ڳالھيون ڪري ٿو. اهو وڦلي ٿو. ان کي پنھنجو چھرو ٻين جو چھرو محسوس ٿئي ٿو ۽ ٻين جو چھرو پنھنجو چھرو محسوس ٿئي ٿو. اهو تصور ۾ جيئي ٿو ۽ حقيقت ۾ مري ٿو.
لکڻ کان اڳ مون ڪتن جي ٻولي سکڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪتن جي ٻولي لفظ نہ علامتون آهن. ان ڪري توهان کي ناول ۾ هر هنڌ علامتون نظر اينديون. جڏهن ڪائنات ٺھي هئي، لفظ نہ هئا تہ ڪتن جي ٻولي ڳالھائي ويندي هئي. ڌرتيءَ تي پھريون صحيفو ڪتن جي ٻوليءَ ۾ هو، پوءِ ماڻھن جيئن لفظ ٺاهيا تہ اهي ان صحيفي کان پري ٿيندا ويا. ڪتا اڄ بہ ان صحيفي تي عمل ڪن ٿا. انھن جو مذهب انسان دوستي ۽ مالڪ جي حفاظت آهي.
هيءُ ناول فڪشن آهي. آتم ڪٿا نہ آهي. فڪشن جي حد اتان شروع ٿئي ٿي، جتي حقيقت جي حد ختم ٿئي ٿي. هن ناول جا ڪتا ناياب آهن. ليکڪ تصور جي ڪائنات خلقي ٿو، ان ڪري اهي ڪتا منھنجا خلقيل آهن. مون ڪتن کي ڳالھائيندي ۽ ڳائيندي ٻڌو آهي. انھن کي روئيندي ۽ کلندي ڏٺو آهي. اهي سڀ منھنجا شخصي ڪتا آهن.
ماڻھن جو مشاهدو ڪتن جي تعريف تي مجبور ڪري ٿو ۽ ڪٿي مون ڪتن جي صدقي ماڻھن جي تعريف ڪئي آهي. انسان کي محنت جي سلي ۾ ڪا مڃتا نہ ٿي ملي. هو سڄي زندگي ڀوڳي ٿو. ڀوڳنائن جو ڪو قدر نہ آهي نفرتون ان جو نصيب آهن، ان ڪري محبت لاءِ نفرت کان وڌيڪ ڪابہ شيءِ نہ آهي.
هن ناول جو پروٽا گونسٽ “مان” آهيان ۽ سڀ ڪردار “مان” چوڌاري ڦرن ٿا. اهو “مان” مان نہ آهيان پر “مان” جھڙا اڪيلا انسان آهن. اهي پنھنجين اڪيلائين کي دور ڪرڻ لاءِ ڪتن کي ياد ڪن ٿا ۽ ڪتا انھن جي تصور ۾ ڀونڪي خاموشيءَ کي ٽوڙي وجهن ٿا. ڪتا علامت آهن. اهي ڪٿي نيڪي جي علامت آهن تہ ڪٿي بديءَ جي. اهي نفرت ۽ پيار جي علامت آهن. خوشيون ڪائنات جي ڪھڙي ڪنڊ ۾ ورهائجن ٿيون. مون کي خبر نہ آهي. دنيا ۾ اڪثريت ڏک جي سرمائيدارن جي آهي، هر ڪنھن وٽ ڏک جون ٽجوڙيون ڀريل آهن. ڏک بہ علم جيان آهي، جيئن علم ورهائڻ سان وڌندو آهي، ائين ڏک ورهائڻ سان ڪڏهن نہ کٽندو آهي. خوشين جو ذڪر ڪرڻ، جنن جو ذڪر ڪرڻ آهي ۽ جن نہ آهن.
مون لکڻ کان سدائين توبھہ ڪئي آهي پر نشي جي عادت کان ڪير بچيو آهي. هر دفعي لکي توبھہ تائب ٿيندو آهيان تہ وري نہ لکندس پر وري لکندو آهيان. حقيقت اها آهي، نہ لکندس تہ مرندس. وبا جي ڏينھن ۽ لاڪ ڊائون ۾ گهر اندر ايڏو تہ بيزار ٿيس جو بيزاريءَ جو سبب معلوم نہ ٿيو پوءِ سوچيم اهو سڀ نہ لکڻ ڪري آهي. لکڻ شروع ڪيم تہ سڪون محسوس ٿيو.
ناول لکڻ لاءِ “مان” جو ٿورائتو آهيان، جيڪو مون وٽ آيو ۽ مون کان ناول لکرايو.

رسول ميمڻ
ڪراچي

1

“راڪو” جيڪو هڪ ڪتو آهي، اهو در ٻاهران ويٺل آهي. ڪمري ۾ مان ان جا سڏڪا محسوس ڪري رهيو آهيان. مون ڪلھہ ان کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو. مان جيڏو ڪتن جي ويجهو رهيو آهيان، ايڏو انھن مان بيزار رهيو آهيان. ڪتن جي ڀونڪ مٿي سان ٽڪرائبي آهي ۽ لکندي قلم ائين ڇڏائجي ويندو آهي جيئن ويڻيءَ وٽان هٿ ڪٽجي ويو هجي.
ڪتي کي ٻاهر ڪڍڻ جو سبب منھنجي وحشت آهي. جڏهن ننڍو هوندو هئس تہ خوشيءَ جو احساس وڌيڪ هوندو هيو. جوان ٿيس تہ مايوسي طاري ٿي ۽ هاڻي وحشت طاري آهي. وحشت انڪري تہ دنيا ۾ هر شيءِ بي وفا آهي، ٻيا تہ آهن پر انسان پاڻ سان بہ وفادار نہ آهي. هو زندگيءَ جي هر گذرندڙ پل ۾ پاڻ سان بي وفائي ڪندو اچي ٿو. جيڪي اڄ آهي اهو ڪلھہ نہ هيو ۽ جيڪي ڪلھہ هيو اهو سڀاڻي نہ هوندو.
ڪتو ڪڏهن بہ بي وفا نہ هوندو آهي پر بي وفائيءَ جي احساس مون کي يقين ڏياريو آهي تہ هر شيءِ بي وفا آهي ۽ ڪتو ضرور بي وفا هوندو.
در ٻاهران ڪتو بک تي آهي ۽ مان گهر اندر ڏڪندڙ هٿن سان ڳڀو کائي رهيو آهيان. گهر ۾ اڪيلو آهيان. گهر خالي آهي ۽ دل ۾ ڪا جاءِ خالي نہ آهي جنھن ۾ ياد وڌيڪ سوڙھہ ڪري سگهي.
ڪڏهن گهر خالي نہ هيو اهو ڀريل هيو. گهر ۾ ٽھڪن ۽ روئڻ جا آواز اڀرن تہ اهو خالي نہ هوندو آهي. هن گهر ۾ بہ ڪڏهن ٽھڪن ۽ روئڻ جا آواز گونجيا. هاڻي خاموشي آهي. ڪيترا چھرا مون چوڌاري ڦري رهيا آهن ۽ ڪيترا ڪتا بود مستيءَ مان ڊڪي رهيا آهن. مون کي پنھنجا عزيز ۽ ڪتا ياد آهن.
مون کي ڪتن سان پيار جي پيدائشي بيماري آهي. شايد ڪتن سان پيار جي اهڙي موروثي بيماري منھنجي ٻارن ۾ منتقل ٿي.
ننڍي هوندي مون کي روڊ سان هڪ لاوارث ڪتو نظر آيو، ان وقت منھنجي عمر پنج سال هئي. اهو اڇي رنگ جو گلر هيو، جيڪو لاوارث هوندي خبر نہ آهي ڪيئن تندرست ۽ توانو هيو، ٿي سگهي ٿو ڪجهہ وقت پھريان ماءُ جي ٿڻن کان الڳ ٿيو هجي ۽ لاوارث گهٽين ۾ ٿاٻا کائيندو هجي، مون ان کي هٿن ۾ کنيو تہ ان ڄڻ رضامندي ڏيکاري. ڄڀ وات مان ڪڍي مرڪڻ لڳو. ڏاڍو ڳورو گلر هيو. ان کي کڻي ٿورو هليس تہ سھڪڻ لڳس. ٿڪجي پيس. گلر کي هڪ دڪي تي رکيو ۽ ساھہ پٽڻ لڳس. وري کنيو ۽ هليس تہ وري ٿڪجي پيس، ائين ساهيءَ کان پوءِ ساهي پٽيندو گهر پھتس. امڙ منھنجي اهڙي حالت ڏسي ڪاوڙجي پئي ۽ ڇڙٻون ڏنائين.
“ڏس ڪتي جي وارن ۾ جيت ٿا گهمن.” ان چيو.
مون ڄڻ پھريون دفعو ڪتي کي ڏٺو. ڪتي کي هيٺ لاٿو ۽ اهو گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ ويھي رهيو. امڙ منھنجا هٿ ڌوتا ۽ وهنجاري صاف ڪپڙا پارايا.
“ان کي ٻاهر اڇلي اچ.” امڙ چيو.
“نہ” مون جواب ڏنو. “ان کي پاليندس.”
امڙ گهڻو ئي سمجهايو پر نہ مڙيس ۽ ڪتي کي ڳڀو کارائي ڏسندو رهيس.
گلر سھڪي، ڄڀ ڪڍي مون ڏي ائين ڏسي رهيو هو جيئن چوندو هجي. “جنت ملي وئي.”
مون ڪتي جي صفائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان جا وار صاف ئي نہ پئي ٿيا. ٻيو ڪو چارو نہ ڏسي، ان کي حوض ۾ وٺي ويس ۽ وهنجاريو پوءِ گهر جي وچين ڪمري ۾ ڀڳل کٽ هيٺان رکي آيس. اهو ڪمرو گهر جي اسٽور طور استعمال ٿيندو هيو. اوندھہ هوندي هئي ۽ ان جون ٻوريون هڪ ٻئي مٿان سٿيل هونديون هيون. ڪتو ڀڳل کٽ هيٺان ويھي رهيو ۽ مون اوندھہ ۾ ان جون اکيون ڏٺيون جيڪي ٽانڊن جيان چمڪي مون ڏانھن بي وسيءَ مان نھاري رهيون هيون.
رات گذري، مان صبح جو اٿي وچين ڪمري ۾ ويس. ڪتي کي ٻچڪر ڏئي سڏ ڪيم تہ نہ آيو. ڏٺم ڄڻ سمھيل هجي. هٿ وڌائي سوريم تہ اهو مئل هو.
منھنجي لاءِ حيرت جي ڳالھہ هئي، رنم ۽ امڙ آئي. ان جڏهن ڏٺو تہ کيس افسوس ٿيو، يقين نہ پئي آيو.
“ڇو مري ويو؟” ان ڄڻ منھنجو سوال مون کان پڇيو. سوال جو جواب نہ مون وٽ هيو نہ امڙ وٽ، گلر کي گند تي اڇلايو ويو. ڪھڙي شيءِ آهي جيڪا ڪارآمد آهي. سڀ شيون ناڪارا آهن. شيون ڪارآمد ايستائين آهن جيستائين ناڪارا نہ ٿي وڃن. انسان ڪارآمد آهي جيستائين ان ۾ ٻار پيدا ڪرڻ جي قوت آهي. هو ٻار پيدا ڪندو ۽ ڪمائيندو. محنت مزدوري ڪندو، پوءِ ٻار وڏا ٿي محنت مزدوري ڪندا ۽ هو اپاهج ٿي ويندو. ڪتي جيان در تي پيو هوندو. ڳڀي جو محتاج هوندو، کنگهندو ۽ ڀونڪندو.
اسين گوشت جا پرزا آهيون ۽ پنھنجو گوشت کائي پنھنجي مرمت ڪيون ٿا. کائڻ جي قابل نہ ٿا رهون تہ ناڪارا ٿي وڃون ٿا.
اڄ ڪلھہ مون وٽ ڪتن لاءِ احترام نہ رهيو آهي. گهر جي ٻاهران راڪو ڪنھن ٻار جيان روئي رهيو آهي. ڪنھن بہ ڪتي کي داخل ٿيڻ جي اجازت نہ آهي. پر منھنجي يادن ۾ سوين ڪتا ڊوڙن ٿا.

2

ڪڏهن ڪتن سان شھر جون گهٽيون ڀريل هونديون هيون. امڙ جي اولاد مان سڀ کان وڏو مان هيس. امڙ ٻڌائيندي هئي جڏهن ٻن سالن جو هيس ۽ پير پيرَ ۾ ڏئي هلڻ شروع ڪيو تہ گهر ۾ هڪ ڪتي هوندي هئي. اها ڀٽڪيل ڪتي گهٽين ۾ ٿاٻا کائيندي اسان جي گهر آئي، کيس بکايل سمجهي ڳڀو کارايوسين تہ هن گهر جي ٿي وئي. سڄو ڏينھن اڱڻ ۾ ان ڪونر وٽ ليٽيل هوندي هئي. جنھن ڪونر وٽ ڪڏهن مينھن ٻڌل هوندي هئي.
تن ڏينھن امن هوندو هيو، گهرن جا در کليل هوندا هيا ۽ ڪتا آزاد هيا، اهي ٻاهر گهمي گهر اچي وڃي سگهندا هيا. خدا هر شيءِ کان بچائي پر ڪتا چورن کان بچائيندا آهن. انھن ڏينھن چور گهٽ هئا. سپاهين کي خاڪي چڍيون پاتل هونديون هيون ۽ لٺ ساڻ هوندي هئي. ڪتا فقيرن جي عزت ڪندا هيا پر سپاهين تي ڀونڪندا هئا.
امڙ ٻڌايو تہ هڪ دفعي تيز مينھن وسيو هيو، گپ هئي. مان وکون کڻندو اڱڻ ۾ آيس تہ پير ترڪي پيو ۽ ڪِري پيس. ڪتي پريان ڊوڙندي آئي ۽ مون کي پويان قميص ۾ چڪ وجهي اٿاريو. مان روئي رهيو هيس. ڪتي پڇ لوڏي اهڙا آواز ڪڍي رهي هئي جيئن مون کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪندي هجي.
امڙ مون کي ننڍپڻ جو قصو ٻڌايو تہ ڪتن سان منھنجيون همدرديون وڌي ويون. امڙ چوندي هئي عرش تي ڪتو انسان کان اڳ موجود هيو. جڏهن خدا آدم کي مٽيءَ مان ٺاهيو ۽ اڃان آلو هيو تہ ڪو ڪتو آيو ۽ آدم کي پيٽ وٽان سنگهي ويو، خدا کي اها ڳالھہ نہ وڻي. ان پيٽ وٽان آدم جي مٽي ڪڍي اڇلائي تہ دُن ٺھيو.
“امڙ ان دُن جي اڇلايل مٽي ڪاڏي وئي؟” مون پڇيو هيو.
“ان دُن جي مٽيءَ مان انسان جو نفس ٺھيو.” امڙ جواب ڏنو.
مون امڙ کان پڇڻ چاهيو پر پڇي نہ سگهيس تہ “جڏهن ڪتو موجود هو تہ انسان جو ڪھڙو ضرور هيو؟”
هاڻي مان سوچيندو آهيان، اهو عرش جو ازلي ڪتو ڪاڏي ويو جنھن جو ذڪر امڙ کان سواءِ ڪنھن نہ ڪيو؟
انسان خدا جو روپ آهي ان ڪري ڪتا پالي ٿو، ڄمڻ سان هر انسان ڪافر هوندو آهي پوءِ هو ماءُ جو مذهب اختيار ڪندو آهي ۽ ان جي ٻولي ڳالھائيندو آهي. پينگهي ۾ سمھيل ٻار جي ڪنن ۾ ماءُ جي لوليءَ سان گڏ ٻولي بہ داخل ٿيندي آهي پوءِ ٻار سڄي زندگي اها لولي ڳائيندو آهي.
امڙ ٻڌائيندي هئي، ڪتيءَ ڄم ڪيو تہ اڱڻ گلرن سان ڀرجي ويو. چٽ ڪمرا گلر ڄڀ ڪڍي گهمندا هيا. ٿورا وڏا ٿيا تہ گهر کان ٻاهر ويا ۽ روڊن تي ڦيٿن هيٺان چيپاٽجي مئا.
مون سوچيو، اسان وٽ ڪتن جي حفاظت نہ ٿيڻ باوجود ڪتا آهن ۽ اهي ڪتا انسانن مان خوش آهن. ڪتي ۾ نفس نہ هوندو آهي پر ڪتو نفس جيان انسان ۾ موجود هوندو آهي.
امڙ وڌيڪ ٻڌايو “پوءِ اها ڪُتي گهر کان ٻاهر ڪڍڻي پئي.”
“ڇو؟”
“ان ڪُتيءَ مان سڀ بيزار ٿي ويا. هر هر ڄم ڪندي هئي ۽ ان جا گلر هر هر مرندا هئا.”
مون اهو سوچي ٽھڪ ڏنا تہ ڪتن جا لنگها نہ هوندا آهن. ڪتا گهور نہ گهوريندا آهن. جنھن زندگيءَ جي ابتدا خوشيءَ سان نہ ٿئي، ان زندگيءَ ۾ المين کان سواءِ ڪجهہ نہ هوندو آهي. دنيا جي ابتدا ائين ٿي آهي جيئن ڪتيءَ ڄم ڪيو هجي ۽ ڪنھن لنگهي دهل نہ وڄايو هجي.
امڙ جي اها ٻڌايل ڳالھہ مان وساري نہ ٿو سگهان. هن ٻڌايو تہ تنھنجي ڏاڏي هڪ ڏينھن بيزار ٿي، ڳوٺ کان ماڻھو گهرايو ۽ ٽڪو ڏئي ڪتيءَ کي رسو ٻڌي ان جي حوالي ڪيو تہ تمام پري وڃي ڇوڙي ڇڏي، انڪري تہ گهڻا ڀيرا شھر کان ٻاهر ڇڏي آيا هئاسين پر اها گهر ڳولي موٽي ايندي هئي. ڏاڏو جنھن کي پريو مڙس سڏيندا هيا، ان ڳوٺاڻي کي رسو ڏئي روانو ڪيو تہ رستي ۾ کيس هڪ شخص مليو، جنھن سمجهيو شايد وڏي نسل جي ڪتي آهي. اهو ڳوٺاڻي وٽ ويو ۽ پڇيائينس،
“ڪتي وڪڻندين؟”
ڳوٺاڻي حيرت مان “ها” ڪئي.
“گهڻي؟” راهگير سوال ڪيو.
“ٽي پئسا” ڳوٺاڻي جواب ڏنو.
راهگير کي سودو وڻيو ۽ ڳوٺاڻي کي ٽي پئسا ڏئي، ڪتي وٺي راهي ٿي ويو.
اهو ڳوٺاڻو جڏهن بہ ڏاڏي وٽ ايندو هيو تہ اهو قصو ٻڌائيندو هو ۽ ڏاڏو چوندو هيو “ٽن پئسن جي ڪتي، ٽڪو گھلاڻي”
ان ڏينھن کان پوءِ ڪتيءَ جو ڪجهہ مُلھہ وڌيو، نہ تہ هر ڪو چوندو هيو “ٽڪي جي ڪتي، ٽي پئسا گھلاڻي”
ڏاڏي جا ٽھڪ مون ۾ گونجن ٿا. ماڻھو چوندا هيا، تون واحد ڇوڪر آهين جيڪو صفا پنھنجي ڏاڏي تي آهين ۽ مون کي محسوس ٿيندو آهي مان صفا ڏاڏي وانگر آهيان. مون کي بہ ڪتن جي ڀونڪ نہ ٿي وڻي ڇو جو جڏهن ڏاڏو مرڻ ويجهو هيو تہ کيس ڪتي جي ڀونڪ نہ وڻندي هئي.
امڙ وٽ ڪتن جا وڏا قصا هيا. هوءَ ٻڌائيندي هئي، مان ننڊ مان ڪتي جي ڀونڪ تي جاڳي پوندو هيس. هن هڪ ڏکوئيندڙ قصو ٻڌايو جيڪو سندس مامي سان پيش آيو. هن جو مامو جنھن جو نالو عبدﷲ هو، ڳوٺ جو سھڻو ڇوڪر هيو. ان کي هڪ ڪتي چڪ پاتو. اهو وڏيري جي اوطاق جو ڪتو هيو، ٿلھو متارو ۽ صحتمند. امڙ جو مامو جيڪو ڊڄڻو هوندو هو، اهو اتان لنگهيو تہ ڪتي حملو ڪيو.
ماڻھو ڪتي اڳيان شينھن ٿي لنگهي. ڪتي کي ڊڄڻي شخص ۽ سيھڙ ۾ ڪو فرق محسوس نہ ٿيندو آهي. امڙ جو مامو هيٺ وڃي ڪريو ۽ ڪتي ان کي چڪ وڌا. هوءَ ٻڌائيندي هئي، جڏهن کيس گهر کڻي آيا تہ هو ائين هيو جيئن ٽماٽا پچي راس ٿيا هجن. هن جو جسم سنھي ڏانڊيءَ جھڙو هيو جنھن تي موت جا نشان ساون پنن جيان پئي لڙڪيا، مامون پاڻيءَ ڊيڄڙي جي بيماريءَ کان نہ مئو پر گھرن زخمن جي ڪري ان جو موت واقع ٿيو. موت کان اڳ وڏيري هڪ ڪونر صاف ڪرائي، کير سان ڀرايو ۽ پوءِ مامي کي ان ۾ وجهرائي ڇڏيو. حڪيم جو چوڻ هيو تہ کير تاثير ۾ ٿڌو آهي اهو زخمن کي فائدو ڏيندو. ٽن ڏينھن کان پوءِ کير هيڊو ٿي ويو جيئن امڙ جي مامي جو روح چوسي ويو هجي.
روح کان وٺي نفس، من ۽ مرادن تائين هر شيءِ کي رنگ آهي ۽ اهو رنگ وقت تي ظاهر ٿيندو آهي. انھن رنگن کي ڪڏهن ڏسي نہ سگهبو آهي. پر محسوس ڪبو آهي. ڪي اهڙا رنگ هوندا آهن جن کي بيان ڪري نہ سگهبو آهي. اڃ جو رنگ پاڻيءَ جھڙو هوندو آهي. چون ٿا پاڻيءَ کي رنگ نہ آهي پر ڏٺو وڃي تہ پاڻي پاڻ رنگ آهي. بک جو رنگ ايڏو تہ گهاٽو هوندو آهي جو بکايل ان رنگ ۾ لڪيل هوندو آهي. خوشي، ڏک، وفا ۽ بي وفائيءَ جا رنگ، ٽھڪن ۽ ڳوڙهن ۾ ظاهر ٿيندا آهن.
امڙ جو مامو ڪونر ۾ پيل کير ۾ فوت ٿي ويو. منھنجي ناني ڪتي کي مارڻ لاءِ وڏيري کان اجازت گهري. وڏيري کيس اهو سوچي اجازت ڏني تہ پوڙهي جو خير نہ آهي. اهو بہ ڪتي هٿان ماريو ويندو. نانو هڪ بھادر شخص هوندو هيو. انگريزن جي راڄ ۾ ان وٽ هڪ جرمنيءَ جو پستول هوندو هيو. وڏيري کيس چيو تہ “ڪتي کي گولي نہ هڻجان، باقي جيئن وڻئي تيئن مارجان.”
ناني وڏيري جو شرط منظور ڪيو ۽ کٽ جي واڻ ۾ هٿ وجهي ان کي ڍال جيان مٿي کنيو، ڪھاڙيءَ جي ڳن ۾ هٿ وجهي ڪتي سامھون آيو. ڪتي الر ڪئي ناني کٽ اڳيان ڏني، ٻئي هٿ ۾ جهليل ڪھاڙيءَ سان ڪتي جو مٿو ڏاري وڌو. ڪتي ائين رڙ ڪئي جيئن هڏو ان جي نڙيءَ ۾ ڦاسي پيو هجي. وڏيرو ڳوٺ ۾ هڪ شخص کان لنوائيندو هو ۽ اهو نانو هيو.
امڙ وٽ ڳالھين جا انبار هوندا هئا پر ڪتي جي ڳالھہ ٻڌڻ کان پوءِ بادشاهن، شھزادن، چورن ۽ شھزورن جا قصا ڪتن جا قصا محسوس ٿيندا هئا.

3

گهٽيءَ ۾ ڪتن جي لوڌ هوندي هئي. اتي هڪ ڌنار ڇوڪر جنھن جو نالو “هائو” هو. ان جو گهر گهٽيءَ جي آخري ڇيڙي وٽ هوندو هو. صبح سان ماڻھن جون مينھون چارڻ ويندو هو تہ چار پنج ڪتا ساڻس گڏ هوندا هيا. ڪتا پاڙي جي ٻارن کي سڃاڻيندا هئا. جيڪڏهن ڪو ڌاريو اچي ويندو هو تہ ڀونڪي آسمان مٿي کڻندا هئا. “هائو” انھن کي هٿ ۾ جهليل رسي سان جيڪو مينھن هڪلڻ لاءِ هوندو هيو، اهو اولاري هش هش ڪندو هيو، ڪتا نہ مڙندا هئا تہ ٻہ چار رسا وهائي ڪڍندو هو.
امڙ مون کي روڪيندي هئي، “ڪتن کان پري رهندو ڪر.”
مان ان جي ڳالھہ لنوائي ويندو هيس.
“امڙ ڪتن کان ڪيئن پري رهان؟ ڪتا ايڏو ويجهو آهن جو پري ٿي، ڪتن کي وڌيڪ ويجهو ٿي ويندس.”
“تون ايڏيون چريائپ جون ڳالھيون نہ ڪندو ڪر.” هوءَ چوندي هئي. مان هاڻي سوچيان ٿو، ڪتا اڪثريت ۾ هجن تہ ڀونڪڻ کي ڏاهپ سمجهيو ويندو آهي.
هائوءَ جا ڪتا بئريج ڪالونيءَ تائين مشھور هيا. هڪ سيدن جو ڇوڪر هيو جيڪو سدائين گنجو هوندو هيو، ان کي “ٽنڊ شاھہ” ڪوٺيندا هئا. اُهو هائوءَ کي اِهو اچي ٻڌائيندو هو تہ “ڦلاڻي هنڌ تنھنجي ڪتن جي جوڙ جو ڪتو روڊ تي لاوارث بيٺو ماڻھن تي ڀونڪي رهيو آهي.”
اهو ٻڌي هائو وات چٻو ڪري هڪ قداور ڪتي کي ٽي دفعا “هائو...هائو....هائو” ڪري سڏيندو هيو تہ اهو ڊڪندو ايندو هو. پوءِ ٽنڊ شاھہ اڳتي ڊڪندو هو، ان پويان هائو ۽ ڪتو، پويان اسان پاڙي جا ٻار ڊڪنڊا اتي پھچندا هياسين، جتي اهو لاوارث ڪتو بيٺل هوندو هو، ڪتا تہ جام هوندا هئا پر مقابلو جوڙ جي ڪتن سان ٿيندو هيو. هائوءَ جو ڪتو ٽپو ڏئي ان کي چنبڙندو هيو پوءِ ٻئي ڪتا ليٽ پيٽ پيا هوندا هئا. روڊ تي وڏو گوڙ مچي ويندو هيو، راهگير رڪجي ويندا هيا ۽ اسان ٽھڪن ۾ اونڌا پيا هوندا هياسين. هائو هر هر وات مان آواز ڪڍندو هيو “هائو...اڏاش” ڪتو طيش ۾ اچي اڀو ٿي حملا ڪندو هو. نيٺ لاوارث ڪتو پويان پڇ ڏئي ڀڄندو هيو هر طرف فتح جا نعرا لڳندا هيا. هائوءَ جي تعريف ٿيندي هئي ۽ ڪتي جي منھن تي هٿ ڦيرائيندا هياسين. ڪتن جا مقابلا ماڻھن جي ويڙھہ کان انڪري بھتر هوندا آهن جو ڪتن جي مقابلي ۾ مون ڪڏهن ڪتو مرندي نہ ڏٺو ۽ ماڻھن جي مقابلي ۾ ماڻھو ائين مرندا آهن جيئن ڪتو مري ويو.
هائوءَ وٽ هڪ ٻيو ناسي رنگ جو ڪتو هيو جنھن کي “ڪالو” چوندا هيا. هڪ دفعي موتي مسجد جي مولويءَ ان تي اعتراض ڪيو تہ “ڪالو” وڏي ذات جو نالو آهي، ان کي ڪالو ڪوٺي ڪفر نہ ڪيو پر مولويءَ جي ڳالھہ ڪنھن نہ مڃي. تن ڏينھن مولويءَ جي ڳالھہ مسيت تائين سمجهي ويندي هئي. ڪالو، “ق” سان نہ هيو ان ڪري ڪفر نہ هو.
ڪالوءَ ڪڏهن پاڙي ۾ ڪنھن کي چڪ نہ پاتو سواءِ ان سرائيڪي چاڪوباز جي جيڪو چڪلو بند ٿي وڃڻ کان پوءِ هڪ ڪڃريءَ سان ڪرايي جي جاءِ وٺي پاڙي ۾ اچي رهيو. اهو ڪڃريءَ کي پنھنجي زال ڄاڻائيندو هو. روز رات جو ڪيٽرو پي گهٽين مان ٿيڙ کائيندو لنگهندو هو. ان کي ور ۾ چاڪو پيل هوندو هيو. پنھنجي دهشت ڏيکارڻ لاءِ تہ متا ڪو پاڙي جو معزز هن جي رهڻ تي اعتراض ڪري، هو چاڪو ڪڍي وچ گهٽيءَ ۾ بيھي ٿيڙ کائيندو هيو. اهو سرائيڪي هڪ خوبصورت نوجوان هيو جنھن جي چمڙي اڇي ۽ ڪنن ۾ سونيون واليون پاتل هونديون هيون. هرڪو ان کان ڊڄندو هو. جاءِ جي مالڪ کي هڪ ٻن ماڻھن دانھن ڏني تہ اهو ان کي اٿاري پر سرائيڪي هن کي پنجاھہ روپيا ڪرايو ڏيندو هيو ۽ پنجاھہ روپيا ايڏا وڏا هوندا هيا جو قائداعظم لاءِ دل ۾ عزت پيدا ٿيندي هئي.
هڪ دفعي اهو ڪيٽرو پي وچ گهٽيءَ ۾ چاڪو کولي ٿيڙ کائي رهيو هو تہ ان ڀرسان “ڪالو” لنگهيو. سرائيڪيءَ ڪالوءَ کي لت هئين. ڪتي ڦري ڄنگهہ ۾ اهڙو چڪ پاتو جو نشان ٿي ويس. چاڪو سڌو ڪري ڪتي کي اولاريائين، ڪتو ڇا ڄاڻي تہ چاڪو ڇا ٿيندو آهي. ڪتو بندوق، توپن، بمن ۽ ميزائلن کي نہ سڃاڻيندو آهي. هو بس مالڪ کي سڃاڻيندو آهي ۽ هن جو مالڪ “هائو” هو، جنھن کي گنجي ۽ گوڏ پاتل هوندي هئي، پيرين اگهاڙو هوندو هو. گدلو ان ڪري نہ هوندو هيو جو روز مينھن سان سنڌوءَ ۾ وهنجندو هيو، ان ڏينھن کان پوءِ اهو سرائيڪي ڪتي کان سواءِ ڪنھن کان نہ ڊڄندو هو.
ڪتا فقيرن جا دوست بہ هوندا آهن تہ دشمن بہ. گهٽيءَ جي پريان خالي ميدان هوندو هيو جنھن ۾ شھر جو گند اڇلائيندا هئا، ان ميدان کي باغ چوندا هيا، وڏو ميدان هوندو هو، جنھن ۾ گند کي لڳل باھہ جي ڪري دونھون پيو دکندو هيو. پريان ٻہ کجيءَ جا وڻ هيا، انھن ۾ڪاري رنگ جون کارڪون ٿينديون هيون، کجين جي هيٺان فقيرن جون جهوپڙيون هيون ۽ هر فقير کي الڳ ڪتو هيو، فقيرن جي آدمشماريءَ جي خبر انھن جي ڪتن مان پوندي هئي. جيئن ڪتو، ڪتي کي نہ سھندو آهي ائين فقير، فقير کي نہ سھندو آهي. فقير جيڏو اپاهج هوندو ايڏو سکيو ستابو هوندو. انڌو فقير ويڙهي جو شاهوڪار هوندو آهي، منڊو فقير انڌي فقير تي سڙندو آهي ۽ ٽنڊي فقير جي حسرت هوندي آهي انڌو نہ هجي جيڪر گهٽ ۾ گهٽ منڊو ضروري هجي ها ڇو جو منڊي فقير جو رتبو ٽنڊي فقير کان وڌيڪ آهي.
فقيرن جي ان ويڙهي ۾ قسمين قسمين ڪتا هوندا هئا ۽ پري کان ڏسي لڳندو هيو اهي فقيرن جا ڪتا آهن. انھن جا وار فقيرن جي ڪپڙن جيان ميرا ۽ بي ترتيب هوندا هيا ۽ فقيرن جيان ڪتا ڪڏهن بہ جوتا نہ پائيندا آهن.
جڏهن بہ ڪو فقير لٺ ساڻ ڪري ڪتي سان ڪنھن گهٽيءَ ۾ نڪرندو هو تہ پاڙي جا ڪتا ڀونڪڻ لڳندا هئا. جيئن ملڪن جون سرحدون آهن ائين ڪتن جون بہ سرحدون آهن. ڪتي جي ڀونڪڻ تي گهرن ۾ ويٺل ماڻھو سمجهي ويندا هيا تہ ٻاهر ڪو فقير آيو آهي.
ڏينھن جو ڪتا فقيرن تي ڀونڪندا هئا ۽ رات جو چورن تي، ڪتن کي فقيرن ۽ چورن جي بوءِ ايندي آهي. چوريون گهٽ ٿينديون هيون. وڌ ۾ وڌ چوري مسجد مان جوتن جي هوندي هئي. جيڪا ملان ڪرائيندا هئا. جيئن جوتن جو ڪاروبار تيز هلي. شھر ۾ چنيوٽن جي جوتن جا دڪان هيا. اهي مسجد جي ملان کي نذرانو ڏيندا هئا ۽ ڪاروبار لاءِ دعا گهرائيندا هئا. ملان پنھنجي دعائن کي سچ ثابت ڪرائڻ لاءِ طالبن کان جوتا چوري ڪرائيندا هئا ۽ ائين پيرين اگهاڙا نمازي چنيوٽن جي دڪان تي وڃي نڪرندا هيا، شھر ۾ فوٽ پاٿين تي ويٺل موچين وٽ پراڻا جوتا سستي اگهہ تي دستياب هوندا هئا. اهي وٺي پائي غريب ڪنڌ مٿي ڪري گهمندا هيا، ڇو جو تن ڏينھن پٽڪي پائڻ کان جوتي پائڻ کي عزت هئي. پٽڪو اهڙي شيءِ آهي جيڪو هر ڪو لاهي سگهي ٿو ۽ جڏهن جوتو لھندو آهي تہ پوءِ ڪو بہ پٽڪي ۾ هٿ وجهڻ جي همت نہ ڪندو آهي.
امڙ سدائين مون کي ڪتن کان ڊيڄاريندي هئي، چوندي هئي، “ڪتن کي ويجهو نہ ويندو ڪر، جانور آهن، ڪھڙي خبر ڪڏهن چڪ پائي وجهن.”
“امڙ ڪتا مون کي سڃاڻيندا آهن.” مان چوندو هيس، “ڇو جو مان ڪتن کي سڃاڻيندو آهيان.”
“تون نہ سڌرندين.” هوءَ چوندي هئي، “ڪتا ڪڏهن نہ سڌريا.”
ڪتا مون کي پري کان سڃاڻيندا هئا، جڏهن ستين درجي ۾ پڙهندو هيس تہ گهر کان ٻاهر نڪري نہ سگهندو هيس. ماڻھو مون ڏي ڏسندا هئا.
سينيمائن جو عروج هو، جڏهن فلم ڏسڻ ويندو هيس تہ اوندھہ ۾ منھنجي ڀڪ ۾ ويٺل ماڻھو هر هر سُري ڪلھي هڻڻ جي ڪوشش ڪندو هيو. هڪ بزرگ جنھن کي اڇي ڏاڙهي هئي، ان منھنجي نازڪ عضوي ۾ هٿ وڌو. مان ماڻھن کان ڊڄندو هيس، ڪي ماڻھو اهڙا بہ هوندا هئا جيڪي منھنجي چھري کي ڏسي خدا جي تعريف ڪندا هئا.
اسڪول ويندو هيس تہ، امڙ وارن ۾ تيل وجهي، ڦڻي ڏيندي هئي. منھنجن وارن ۾ قدرتي گل آهي. وار مٿي ڪرڻ سان گل وانگر ٽڙي بيھندا آهن. مون کي اها ڳالھہ نہ وڻندي هئي تہ سھڻو نظر اچان. امڙ مون کي سنواري ٺاهي در کان ٻاهر اسڪول موڪليندي هئي تہ مان در جي دڪيءَ تي بيھي، ٻنھي هٿن سان ڏنل ڦڻي ڊاهي ڇڏيندو هيس.
سينيما جي اوندھہ ۾ جڏهن محسوس ڪندو هيس تہ، ڀر وارو شخص هر هر مون ڏي ڏسي رهيو آهي تہ وات چٻو ڪندو هيس جيئن بدصورت نظر اچان.
ڪتن جي لوڌ کي ياد ڪيان ٿو تہ هزارين ڪتا تصور ۾ ڀونڪن ٿا. ڪتي جي ڀونڪ تي ماضي جاڳي پوي ٿو. امڙ انھن ڏينھن گهڻي فڪرمند هوندي هئي، جڏهن پاڙي ۾ جميل نالي ٻار کي هڪ پراڻي ڪٽ لڳل ڪار هيٺان ويٺل ڪتيءَ چڪ پاتو. اها ڪار هڪ ٿلھي وڏين مڇن واري پٺاڻ جي هئي جيڪو پراڻين گاڏين کي گهٽيءَ ۾ بيھاري ڇڏيندو هيو ۽ نئين گاڏي وٺندو هيو. پراڻين گاڏين کي اتي ئي ڪٽ چڙهي ويندي هئي ۽ انھن جا ٽائر چيرجي ويندا هئا. ان پٺاڻ هندن جي وڃڻ وقت انھن کان سستيون جايون خريد ڪيون هيون ۽ هڪ هوٽل ٺھرايو جنھن ۾ ڪوئٽا کان آيل مسافر رهندا هئا.
ڪتيءَ جڏهن جميل کي چڪ پاتو تہ ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ ان گهٽيءَ مان وهندڙ گندي ناليءَ مان وضو ڪيو ۽ اتي ئي نماز پڙهڻ شروع ڪئي. هو رات جو لڪي بيھندو هو ۽ جڏهن ڪو ٻار لنگهندو هو تہ اوچتو نڪري ان کي پڪڙيندو هو، اها حيرت جي ڳالھہ هئي تہ ڪتيءَ جي چڪ کان پوءِ هن جي جسم ۾ طاقت اچي وئي، هو ڪنھن کي پڪڙيندو هو تہ ڇڏائي نہ سگهندو هو. ٻارن کي پڪڙي چوندو هيو. “قميص جا ڪالر ڪٽي ڏي تہ پچائي کاوان.”
نيٺ هڪ ڏينھن ان جي جسم ۾ جهٽڪا لڳا ۽ هو پاڻيءَ کان ڊڄي مري ويو.
ڪتي کاڌل جو پاڻيءَ کان ڊڄڻ جو سبب اهو ڪتو هوندو آهي جيڪو ان اندر هليو ويندو آهي. عام رواجي زندگيءَ ۾ ڪتو پاڻيءَ کان ڊڄندو آهي ۽ ڪتي کاڌل ان پاڻيءَ کان جيڪو اندر ويٺل ڪتي کي نظر ايندو آهي.
اهڙي واقعي کان پوءِ امڙ ڊنل هوندي هئي، تنھن وقت اسان ٽي ڀائر هياسين، حڪيم هادن ماڻھن کي ٻڌايو تہ، جيڪڏهن جميل جي زخمن تي سائو مرچ ٻڌو وڃي ها تہ ڪتي جي چڪ جو اثر ختم ٿي وڃي ها. ڇو جو زهر کي زهر ماريندو آهي. سائو مرچ ڳاڙهي زخم کي اڇو ڪري وجهي ها ۽ جميل ڪڏهن نيرو نہ ٿئي ها.
انسان جي زندگي جو خوبصورت حصو اهو آهي جيڪو ماءُ وٽ گذاري ٿو، عورت جو سڀ کان سٺو روپ ماءُ جو روپ آهي. ڇو جو مون کي ياد آهي جڏهن ننڍي ڀاءُ جي زخم تي مرچ ٻڌو ويو تہ مون محسوس ڪيو امان جي دل سڙي پئي آهي.
مرچ ٻڌڻ جو سبب ڪتي جو چڪ هيو. ننڍو ڀاءُ ڦيٿو ڦيرائيندو هو ۽ وچون ڀاءُ چدن راند کيڏندو هو، مان گهر جي چانئٺ تي ويھي انھن کي ڏسندو هيس، هڪ ڏينھن ننڍو ڀاءُ ڦيٿو ڦيرائيندو ڀرسان واري ويران گهٽيءَ ۾ ويو جتي گهوڙن جو طنبيلو هيو ۽ هڪ گاڏي هاتو هو، تنھن وقت ڏاند گاڏيون هونديون هيون ۽ گاڏي هاتا انھن جي پارڪنگ هوندا هيا. گهوڙن جا طنبيلا هر گهٽيءَ ۾ هيا، ماڻھو بگين ۾ سفر ڪندا هئا، هر پاڙي ۾ گهوڙا هوندا هئا ۽ انھن کي کرڪڻا هڻي صاف ڪيو ويندو هيو. ان ويران گهٽيءَ ۾ هڪ طنبيلو هيو، ان جو مالڪ چرس جو ڪاروبار ڪندو هيو. طنبيلي ڀرسان ساقي خانو هيو جنھن ۾ موالين جا ديرا هوندا هيا. چرس جو دونھون ساقي خاني کان نڪري وڏي موج ۾ بئريج روڊ سان ٿيڙ کائيندو شيدي بادشاھہ جي درگاھہ تي ويٺل موالين جي سلفين مان نڪرندڙ دونھي سان ملي هڪ ٿي ويندو هيو.
ننڍو ڀاءُ جڏهن ڦيٿو ڦيرائيندو طنبيلي وٽان لنگهيو تہ ڪتي کيس ڄنگهہ ۾ چڪ پاتو.
تن ڏينھن ائين بہ هوندو هو جو ڪتي جي چڪ پائڻ کي عام حادثو سمجهيو ويندو هو. ڪتي جو چڪ پائڻ وڏي ڳالھہ نہ هئي. ڌڪ لڳڻ، وڙهڻ، ٿاڻي تي موچڙا کائڻ، سينيما تي ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ قطار ۾ بيھي لٺيون کائڻ، چڪلي ۾ ڪڃريءَ هٿان پڳ لھرائڻ، گاريون ڏيڻ ۽ ٿڪ بوجو ڪرڻ ائين هوندو هيو جيئن پاڻي پيئڻ ۽ ماني کائڻ.
امڙ مون کي چيو “ڀاءُ کي وٺي وڃ ۽ حڪيم هادن کي ڏيکاري اچ.”
مان هن کي وٺي حڪيم هادن وٽ ويس، حڪيم هادن جو دواخانو بئريج روڊ تي هوندو هو، هن جي دواخاني ۾ جڙي ٻوٽين جي بوءِ ائين ڦھليل هوندي هئي، جيئن دواخاني ۽ بورچي خاني ۾ صرف نالن جو فرق هجي. حڪيم هادن ڦودني جون گوريون ڏنيون ۽ ساون مرچن ٻڌڻ لاءِ چيو. مان ننڍي کي گهر وٺي آيس، امڙ ساوا مرچ گهرائي زخمن تي رکي اڳڙيءَ سان ويڙهيا تہ ان جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو پر ننڍي کي سور ان ڪري محسوس نہ ٿيو جو ڦودني جون گوريون شوق سان کائيندو هو.
ننڍو ڀاءُ بچي ويو. ڪتو صحتمند هجي تہ حڪيم جي دوا اثر ڪندي آهي. تن ڏينھن چوڏهن سئين جي خبر ڪنھن کي بہ ڪين هئي، چوڏهينءَ جو نظارو سڀن کي وڻندو هيو، ان ڪري تہ ڪا تفريح نہ هئي، بجلي نہ هئي، بلب نہ هيو. هٿ بتيون هيون ۽ پاڇا هيا، چوڏهين رات سڀ لاءِ وڏي تفريح هئي. “چانڊوڪي رات جو سير” اهڙو مضمون هو. جيڪو هر ڪنھن کي بر زبان ياد هو ۽ ٻارن کان امتحان ۾ اهو هڪڙو ئي سوال هو جيڪو هر سال پڇيو ويندو هو.
اهي ساڳيا ڏينھن هئا. جڏهن بابو ڪھاڙيءَ سان ڪاٺيون چيري رهيو هو تہ ڪھاڙو ان کي پير تي لڳو. مان ڪمري ۾ ويس تہ بابو کٽ تي ليٽيل هيو ۽ ان جي پير ۾ گھرو زخم هيو، پھريون مون سمجهيو بابي کي پڪ سان ڪنھن ڪتي چڪ پاتو آهي، پوءِ سوچيم هر زخم ڪتي جو لڳايل نہ هوندو آهي، ڇو جو قسمت ۽ ڪتو ٻئي چڪ پائيندا آهن. ڪتي کي ڏند آهن ۽ اهو ڀونڪي چڪ پائيندو آهي، قسمت کي بہ ڏند آهن ۽ اها ڏند ڏيکاري چڪ پائيندي آهي. ڪتو صحتمند هجي تہ ماڻھو بچي سگهي ٿو. قسمت ڪڏهن بہ صحتمند نہ هوندي آهي.
اسان جي ڪٽنب ڪتن جون خوشيون ۽ انھن جا ڏک ڏٺا، ڪتن جي دنيا انسانن جي دنيا آهي، انسان ڪتي کان سواءِ رهي سگهي ٿو. ڪتو انسان کان سواءِ رهي نہ ٿو سگهي. ڪتن جي ضرورت ماڻھوءَ کي ان وقت پوي ٿي جڏهن ماڻھو، ماڻھو نہ ٿو رهي، ڇو جو ماڻھو، ماڻھوءَ سان رهي ماڻھو ٿئي ٿو. اڪيلو رهي ماڻھو نہ ٿو رهي سگهجي. ان ڪري کيس ڪتي جي ضرورت پوي ٿي.

4

ماضيءَ کي ياد ڪندي مان ڪتن کي ڪيئن وساري سگهان ٿو. مون کي ساڌ ٻيلي جو اهو اداس ٻائو ياد آهي جيڪو ڪتي سان رهندو هو، ميلو لڳل نہ هجي تہ ساڌ ٻيلو ائين لڳندو آهي جيئن واقعي ئي ٻيلو هجي. ٻيلي ۾ ماڻھن جو ميلو نہ لڳندو هجي تہ ٻيلو وڻن جو ميلو هوندو آهي. هاءِ اسڪول جي زماني ۾ مان پنھنجي دوست موهن سان اسڪول مان ڀڄي ساڌ ٻيلي ويو هيس. موهن جي ڪري ساڌ ٻيلي ۾ داخل ٿيڻ وقت مون کان ڪڏهن مذهب نہ پڇيو ويو، مذهب انسانن جون شڪليون ڦيري ڇڏي ٿو. مذهب پڇڻ کان سواءِ پريان ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ اهو ڪھڙي مذهب سان تعلق رکي ٿو، انسان مذهب کي پاڻ تي سوار ڪري ٿو ۽ پوءِ مذهب جھڙو نظر اچي ٿو.
منھنجو دوست موهن هندو هو. ان ڪري مان هندن جھڙو هيس، ٻيڙيءَ تي جڏهن ساڌ ٻيلي پھچندا هياسين تہ واءُ تي رڳا پپل ۽ بڙ جا سڪل پن پيا اڏامندا هئا، هڪ ٻائو ڪتي سان گڏ سنگ مرمر جي مندر ٻاهران ٿلھي تي ويٺل هوندو هو. مون اهڙو شانت ۽ خاموش ڪتو ڪٿي نہ ڏٺو، جيڪڏهن ڪتن کي نہ ڇيڙيو وڃي تہ ڪتن جا ايندڙ نسل گونگا پيدا ٿين. ڪتي کي ڪيتريون ئي نہ وڻندڙ شيون ڇيڙينديون آهن ۽ هو ڀونڪڻ لڳندو آهي، بک تي ڪتو ايترو تہ ڇتو ٿي پوندو آهي جو اهو ڀونڪي پنھنجي ٽنگ ۾ چڪ وجهندو آهي. ٻائو ڪتي کي ڍؤ تي ماني ڏيندو هو ۽ شھر جا هندو سيٺ ٻائي کي ڍئو تي ماني ڏيندا هئا. ڍئو ۽ سانت، ڪتي ۽ ماڻھوءَ کي امن پسند بنائين ٿا.
مون ڏٺو ٻائي جي ان ڪتي کي لونجهہ نہ هئي، پڇ لوڏي اهميت حاصل ڪرڻ جي خواهش نہ هئي. اهو ٻائي جي ڀڪ ۾ ويٺو هوندو هيو ۽ ٻائو ان جي ٻولي سمجهندو هو، ڪتن جو ڪو مذهب نہ هوندو آهي، لباس ۽ ثقافت نہ آهي، ڪتو بس ڪتو آهي. اهو ڪتن کان وڌيڪ انسانن سان پيار ڪندو آهي ۽ انھن سان پيار ڪندو آهي جن سان انسان پيار ڪري ٿو، ٻائو مورتين سان پيار ڪندو هو، ڪتو ڪڏهن زبان سان مورتيءَ جو منھن چٽيندو هيو تہ ٻائو ان کي ائين ڪرڻ کان روڪيندو هو، ڇو جو آخر اهو ڪتو هو.
موهن ۽ مان ٻائي کان مورتين بابت سوال ڪندا هياسين ۽ ٻائو هر مورتيءَ جو قصو ٻڌائيندو هيو، منھنجن سوالن تي ٿورو شڪ سان ڏسندو هيو ۽ پوءِ چوندو هيو “ڇورا مسلمان تہ ناهين؟”
مان کلي ڳالھہ لنوائي ويندو هيس ۽ ڪتو سنگهي سمجهي ويندو هو تہ منھنجو مذهب ڪھڙو آهي، هر مذهب کي پنھنجي بوءِ آهي. ڪتي جي حِس ماڻھوءَ ۾ بہ سمايل آهي، مون کي پنھنجن هندو دوستن مان ڀينڊين جي بوءِ ايندي آهي.
هڪ عيسائي بہ ڪلاس ۾ هوندو هو، جيئن تہ عيسائي ڀنگي هوندا آهن. ان ڪري سندس جسم مان سڙيل ڦلن جھڙي بوءِ ايندي هئي، انسان وهنجي وهنجي ٿڪجي پوي ٿو ان جي جسم جي بوءِ ختم نہ ٿي ٿئي، ڪڏهن لڳندو آهي ماڻھو ڪچري مان ٺھيل آهي، اهو ئي سبب آهي جو ڪچرو ساڙيو وڃي ٿو يا دفن ڪيو وڃي ٿو.
مان سوچيندو هيس تہ جيڪڏهن شھر ۾ ڪنھن کي ڪتو چڪ پائي تہ ساون مرچن کان وڌيڪ علاج اهو آهي تہ ان شخص کي ساڌ ٻيلي وٺي ٻائي جي ڪتي کان چڪ پارائجي، ڪتي جي اثر کي ڪتو ئي ختم ڪري سگهجي ٿو.
ساڌ ٻيلي جا مور ۽ بکر جا چور مشھور آهن، ساڌ ٻيلي جي سامھون بکر جو قلعو ايڏو ڊٿل نہ هو، تن ڏينھن ان اندر کنڊر محفوظ هئا، عمارتن کان وڌيڪ عمارتن جا کنڊر وڌيڪ محفوظ هوندا آهن، ڇو جو کنڊرن جي حفاظت ڪئي وڃي ٿي، جيڪڏهن کنڊرن جي حفاظت نہ ڪئي وڃي تہ کنڊرن جي جاءِ تي نيون عمارتون اڏجي وڃن ٿيون ۽ انھن کي کنڊر بڻجڻ لاءِ ڪيترائي سال انتظار ڪرڻو پوي ٿو.
بکر جي قلعي ۾ هاڻي چور نہ آهن ڇو جو مون کي ڪڏهن اتي ڪو ڪتو نظر نہ آيو. چور ڪتن جو رزق هوندا آهن، جيڪڏهن چور چوري ڪرڻ ڇڏي ڏين تہ ڪتا بي روزگار ٿي وڃن.
ساڌ ٻيلي ۽ بکر جي وچ تي وشال سنڌو ڏسي اهي گلر ياد ڪندو آهيان جن کي اسان پاڙي جا ٻار پاڻ سان گڏ وٺي ڌوٻي گهاٽ تي ايندا هياسين، سڀ ترندا هئا، مان ڪڏهن ترڻ نہ سکيس، گلرن کي ٻار پاڻ سان گڏ کڻي ٿورو پريان وڃي پاڻيءَ ۾ ڇڏيندا هئا تہ پير هڻندا ڪناري تي پھچندا هئا. سوچيندو هيس، انھن گلرن کي ترڻ ڪنھن سيکاريو؟ دراصل ترڻ اسان ۾ هڪ ڪردار جيئن پھريون ئي موجود هوندو آهي، جڏهن ترڻ شروع ڪندا آهيون تہ، اهو ڪردار حرڪت ۾ اچي ويندو آهي. پر منھنجو اندر اهڙي ڪردار کان خالي هو، جنھن ڪري ڪڏهن تري نہ سگهيس. منھنجي اهڙي ويچار تي هڪ دوست ٻڌايو هو تہ، ڪتا پاڻيءَ کان ڊڄندا آهن ان ڪري ڪتي جي اندر جو خوف انھن کي ترڻ سيکاريندو آهي، مون وٽ پاڻيءَ جو خوف نہ هو. سنڌوءَ جو پاڻي وڻندو هو شايد ان ڪري ڪڏهن تري نہ سگهيس پر سنڌو خوف جو سبب بہ هيو. مون هڪ ڌنار کي ٻڏندي ڏٺو هو، جيڪو مينھن جي گهيڙ وٽ هڪ مينھن کي وچ سير مان بچائيندي پاڻ لڙهي ويو هيو. پاڻي، پاڻي آهي. اهو ڪيئن بہ هجي پاڻ جھڙو آهي. ڪو بہ مادو پاڻيءَ جھڙو ٿي نہ ٿو سگهي. پاڻي پاڻ هر شيءِ جھڙو ٿي ويندو آهي.
مان امڙ جي ڀڪ ۾ ائين ويٺل هوندو هيس جيئن ان مون ۾ ڪپھہ ڀري سبي ٺاهيو هجي. ننڍا ڀائر چاٻيءَ جي گڏن جيان اڱڻ ۾ پيا وکون کڻندا هيا، گهٽيءَ ۾ لاتعداد ٻار هوندا هيا جيڪي مٽي ۽ ڦوڪڻا اڏاريندا هئا. تن ڏينھن خانداني منصوبابنديءَ جي ڦوڪڻن جو وڪرو تمام گهڻو هوندو هو. بس ماڻھن کي اهائي خبر هئي تہ انھن ۾ هوا ۽ گئس ڀري اڏاريو ويندو آهي. سڄي گهٽيءَ جا ٻار اڇن ڦوڪڻن سان کيڏندا هئا ۽ اهو ٻارن جو ڦوڪڻن کان انتقام هوندو هيو، ڇو جو اهي ڦوڪڻا ٻارن کي روڪڻ لاءِ ٺاهيا ويندا هيا ۽ ٻار پيدا ٿي انھن ڦوڪڻن کان انتقام وٺندا هئا.
شاهي بازار ۾ بابي جي ڪپڙي جو دوڪان هو، مان اسڪول کان اچي ماني کائي، بابي ڏي مانيءَ جو ٽفن کڻي ويندو هيس، گهر کان نڪري بئريج روڊ تي ايندو هيس تہ هڪ ڪتو ڪڍ لڳندو هو، ان ڪتي کي خبر هوندي هئي تہ ٽفن ۾ ماني آهي، مان ان ڪتي کي هڪلون پيو ڏيندو هيس، پر ڪتو صفا نہ مڙندو هو، اهو بازار تائين ڪڍ ايندو هو، جڏهن دوڪان تي پھچي ٽفن بابي کي ڏيندو هيس ۽ اهو کولي ماني کائيندو هو تہ ڳڀو ڀڃي ڪتي ڏي اڇلائيندو هيو، ڪتو اهو ڳڀو کائي واپس موٽي ويندو هو.
“پاڻ کي محفوظ رکڻ لاءِ ڳڀو اڇلائڻو پوي ٿو.” بابو چوندو هو.
بازار ۾ سنڌي ميمڻن جا پنج دوڪان هئا، پورو مارڪيٽ هندوستان کان آيلن حوالي هو، مون کي بابي جي ڳالھين مان لڳندو هو جيئن سنڌي ميمڻ هندوستان کان آيل ماڻھن جي رحم ۽ ڪرم تي هجن. پئسي جي سيڙپ سنڌين وٽ صفا نہ هئي، انھن جا دوڪان خالي هوندا هئا، سواءِ انگوڇن، سوسين ۽ پٽڪن جي. جڏهن تہ هندوستان کان آيلن وٽ پئسي جي سيڙپ هئي ۽ مفت جا دوڪان هئا، انھن جا دوڪان ڇتين تائين ڪپڙن جي تاڪين سان سٿيل هوندا هئا، هڪڙيون ڳٺڙيون ڀربيون هيون تہ ٻيون ڳٺڙيون کلنديون هيون، بابو ڪتي اڳيان گرھہ ائين اڇلائيندو هو جيئن قسمت کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هجي.
اهي ساڳيا ڏينھن هيا جڏهن امڙ غوثل جي تازي ڄاول ٻار جي ڳالھہ ٻڌائي هئي، سياري جي رات جو اسان سڀ ان ڪمري ۾ سمھندا هياسين جيڪو ڪمرن جي سڄي هٿ تي هيو. هڪ ڪمري ۾ چانور ۽ ڪڻڪ جون ٻوريون رکيل هونديون هيون ۽ ٻئي ڪمري ۾ هڪ کٽ پيل هوندي هئي جيڪا مھمانن لاءِ هئي. اوندھہ ٿيڻ سان هرڪو سمھي پوندو هو ۽ صبح جو ڪڪڙن جي ٻانگ تي سجاڳ ٿيندو هيو. امڙ سمھڻ کان اڳ ڪھاڻي ٻڌائيندي هئي، ان رات هن غوثل جي پٽ جي ڪھاڻي ٻڌائي.
ڏاڏي ٻہ شاديون ڪيون هيون، بابو ان جي پھرين زال مان هو. جڏهن بابو ڄايو تہ ڄم دوران ئي ڏاڏيءَ جو موت واقع ٿيو، ڏاڏي ٻئي شادي ڪئي جيڪا بيواھہ هئي، ان عورت کي پھرين مڙس مان غوثل نالي پٽ هو.
مون کي ياد آهي غوثل سنھي جسم ۽ ڊگهي قد وارو خوبصورت جوان هو، جنھن کي سونيون واليون پاتل هونديون هيون ۽ ان جون ڀوريون مڇون وات جي پاسن کان هيٺ لڙڪنديون هيون، غوثل شادي ڪئي، کيس ٻار ڄايو ۽ زال ڄم ۾ گذاري وئي، هو ننڍي ٻار جي حفاظت نہ ڪري سگهيو. غريب ۽ بيروزگار هيو، پنھنجي ڪچيءَ جاءِ ۾ سمھيو پيو هيو تہ رات جو ڪتا ان جي گهر ۾ گهڙي آيا ۽ ٻار کي چڪ وجهي گھلي کڻي ويا. صبح سان غوثل جي اک کلي تہ ٻار نہ ڏسي گهر کان ٻاهر نڪتو ۽ ٿورو اڳتي هليو تہ جهاڙين وٽ ٻار جي رت ۾ ٻڏل چڍي پيل هئي، هڪ هڏو بہ نہ هو جنھن کي دفنائي سگهجي.
جيئن سياحن کي پٿر جا مجسما وڻندا آهن ائين ڪتن کي هڏا وڻندا آهن، پٿر جا مجسما پٿر ۾ اندر پيل هوندا آهن هڏا ماس ۾ اندر پيل هوندا آهن، سنگتراش پٿر پري ڪري مجسمو ظاهر ڪندو آهي ۽ ڪتا ماس پري ڪري هڏا ظاهر ڪندا آهن. تاريخ ۾ مجسما سازن پٿر کاڌا آهن ۽ ڪتا ماس کائيندا آهن. سنگتراش مجسمو نہ کائيندا آهن پر ڪتا ماس پري ئي ان ڪري ڪندا آهن تہ جيئن هڏا کائي سگهن.
غوثل جو ٻار گم ٿي ويو، چڍي ان جو ثبوت هئي تہ ڪوئي هو جيڪو اها پائيندو هو.
ڪتا انسان کي خدا سمجهندا آهن، ان ڪري تہ انسان ئي آهي جيڪو انھن کي ڏيڻ واري ذات آهي پوءِ کائڻ لاءِ رکي ماني هجي، گوشت، هڏا يا ان جي لاوارث اولاد. هر جاندار کي پيٽ عزيز آهي، ڪتن کي ڪھڙي خبر تہ انسان جو اولاد ڇا هوندو آهي، اهي سمجهندا آهن تہ هر اها شيءِ جيڪا انسان ڀرسان پيل آهي، کائڻ لائق آهي.
مون ڪتن کي ماڻھن اڳيان سجدو ڪندي ڏٺو آهي ۽ ماڻھو جي حُش تي ماڻھوءَ کي ڏاڙهيندي ڏٺو آهي.
ڪڏهن مون کي محسوس ٿيندو آهي، ڪتو انسان جو همزاد آهي. ان سان گڏ گهمي ڦري کائي پي ۽ سمھي ٿو. ڪتو سٺي نسل جو هجي تہ انسان دنيا ۾ چڱا ڪم ڪري ٿو، ڪتو خراب نسل جو هجي تہ انسان دنيا ۾ ڏوھہ ۽ ظلم ڪري ٿو.
ماڻھو گڏھہ تي سواري ڪري ٿو، ڪتي تي سواري نہ ڪندو آهي ڪتو ماڻھوءَ تي سواري ڪندو آهي ۽ ماڻھو جيڪو کائيندو آهي اهو ڪتي جي پيٽ ۾ ويندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو انسان بکايل هوندو آهي ۽ هر هر ماني کائيندو آهي، ڪڏهن انسان ڪوشش ڪندو آهي تہ ڪتي کي ڪلھن تان لاهي ڦٽي ڪري پر ائين ڪرڻ سان انسان، نہ خوشي محسوس ڪندو آهي. نہ غم ۽ نہ بک، هو نامڪمل ٿي ويندو آهي. ڪتو انسان سان هريل نہ آهي پر انسان ڪتي سان هريل آهي. ضروري نہ آهي تہ ڪتو نظر اچي پر ڪتي کي انسان پري کان نظر ايندو آهي. ڪتي ڇھون حواس انسان کي اوڌر تي ڏنو آهي.
مون امڙ کي ايڏو اداس ۽ غمگين ڪڏهن نہ ڏٺو، ان ڪري تہ جڏهن جوان ٿياسين تہ سڀ ان کي ڇڏي وياسين، پڙهياسين، وڏا ٿياسين، شاديون ٿيون، نوڪريون مليون ۽ هليا وياسين. ڏاڏو ڪيترا سال اڳي گذاري ويو، بابو ويجهڙائيءَ ۾ گذاري ويو. انسان جو جڏهن دنيا ۾ گذارو نہ ٿيندو آهي تہ پوءِ گذاري ويندو آهي، گذارو ڪرڻ لاءِ وقت سان گڏ گذرڻو پوي ٿو. وقت جھڙو ڪمينو مون نہ ڏٺو، پاڻ سان گڏ گذاري، دنيا مان گذاري ڇڏي ٿو.

5

مون کي هڪ ٻئي شھر ۾ نوڪري ملي، منھنجو وڏو پٽ جيڪو ڪڏهن ننڍو هيو، ان وري هڪ صفا ننڍو ڪتو پاليو. اهو “پدي” نسل جو هيو. جنھن جو ٻچو مون کي هڪ مريض تحفي ۾ ڏنو، ڇو جو مون ان جو ٻچو ٺيڪ ڪيو هيو. ان شخص جي ٻچي کي مليريا هئي، جنھن جو علاج ٽائيفائيڊ جو ڪيو پئي ويو، ان جو ٻچو خوش ٿيو تہ ان ڪتي جو ٻچو ڏيندي چيو “هيءُ اهڙي نسل جو ڪتو آهي جيڪو وڏو ٿي بہ ٻچو نظر ايندو ۽ توکي ياد ڏياريندو تہ ڪڏهن تو منھنجي ٻچي جو علاج ڪيو.“
اهو پدي نسل جو ڪتو منھنجي ننڍڙي پٽ سان ائين هري ويو. جيئن پھريون ملي چڪا هجن، اهو ڪتو پڌر ۾ ڊڪون ڀري پيو دل وندرائيندو هو، امڙ ڏي ويندو هيس تہ اها اداس ۽ اڪيلي ويٺل هوندي هئي. مون کي ڏسي کيس سڪون ملندو هيو. ڳالھائيندي هئي ۽ ان جي ڳالھہ جو موضوع ماضي هوندو هيو. اهي ڏينھن هوندا هيا، جڏهن گهر ٻارن سان ڀريل هوندو هو ۽ ٽھڪ گهر ۾ گونجندا هئا، حال ڪيترو بہ غليظ ڇو نہ هجي. پر ماضيءَ ۾ وڃي پاڪ ۽ پوتر ٿي ويندو آهي.
”سڀ ختم ٿي ويو.” هوءَ چوندي هئي “ڪتن جي ڀونڪ لئي سڪي مئي آهيان.“
مان شرمسار ٿيندو هيس.
”امڙ توکي هاڻي هڪ ڪتو پالڻ گهرجي، جيڪو تنھنجي اڪيلائين کي دور ڪري سگهي.”
مون محسوس ڪيو امڙ جي منھن ۾ ڏک ۽ پيڙا ڀرجي آئي.
“دنيا ۾ سٺي نسل جا ڪتا ناياب ٿي چڪا آهن.” هن جواب ڏنو.
“نہ امڙ توکي غلط فھمي آهي.” مون چيو، “عمر سان دنيا جي هر شيءِ ميري نظر ايندي آهي. جڏهن تہ اها ائين نہ هوندي آهي جيئن ننڍپڻ ۽ جوانيءَ ۾ نظر ايندي آهي.”
ان ڏينھن کان پوءِ مون کي اهڙي مريض جو انتظار هيو جيڪو ٺيڪ ٿي وڃي تہ هڪ ناياب نسل جو ڪتو سوکڙي ڏئي، جيڪو امڙ وٽ ڇڏي اچان.
جڏهن کان اهو ننڍي قد وارو پدي ڪتو مليو هو تہ گهر ۾ رونق ٿي وئي هئي. اهو رانديڪي جھڙو ڪتو جنھن کي گهاٽا اڇا وار هئا، پري کان ڊڪندو ٽپو ڏئي منھنجي پٽ جي هنج ۾ ويھندو هو. گهر جي چانئٺ تي ويٺل هوندو هو ۽ سنگهي سڃاڻيندو هو تہ ماڻھو بيمار آهي يا تندرست. اهو منھنجي ڪلينڪ، جيڪا گهر جي ٻاهرين ڪمري ۾ هئي، ان ۾ ايندو هو ۽ چپ لڙڪائي مريضن ڏي ڏسندو هو، مريض ٿورا ڊنل هوندا هئا پر پوءِ منھنجي دلجاءِ تي سندن خوف لھي ويندو هو، سري ويجهو وڃي مريضن کي سنگهندو هو ان جي چھري جي تاثرات مان سمجهي ويندو هيس تہ مرض جي شدت ڇا آهي. منھنجي وڌيڪ چڪاس پديءَ جي شڪ کي پڪ ۾ تبديل ڪندي هئي.
مان علائقي ۾ “ڪتي وارو” ڊاڪٽر جي نالي سان مشھور ٿي ويس. ان ۾ تعجب جي ڳالھہ ناهي، ڇو جو مستقبل ۾ ڪاروبار جانور سنڀاليندا، اسين جيڪي نتيجا تجربن ۽ اوزارن سان حاصل ڪيون ٿا جانور اهي سنگهي سڃاڻيندا، ان ڪري اڳتي جانور بنا هٿيار هر شيءَ فتح ڪري وٺندا.
وڌندڙ عمر سان گڏ مون کي ڪتا تڏهن وڻيا جڏهن انھن جو ڪو سنڀالڻ وارو نہ هيو، مزي جي ڳالھہ تہ مون کان سواءِ گهر ۾ ڪتي جو خيال رکڻ وارو ڪو بہ نہ هوندو هيو، ٻار ڪتي سان کيڏي سمھي پوندا هيا ۽ ڪتو ڳڀي لاءِ مون ڏانھن واجهائيندو هيو، شيءِ جي اهميت گهٽجي وڃي تہ اها دل تي ٻوجهہ ٿي پوندي آهي. ڪتا ٻارن کي ۽ ٻار ماءُ کي وڻندا آهن. ان ڪري ڪتن جي منھن تي هٿ ڦيرڻو پوندو آهي.
جڏهن منھنجو پٽ پنجن سالن جو ٿيو تہ کيس دل جي تڪليف ٿي، ڪراچيءَ وڃڻو پيو جتي ان جي دل ۾ وال وڌا ويا، گهر ويھہ ڏينھن بند رهيو. پدي صفا رلي ويو. جڏهن موٽياسين تہ ان پريان ايندي ڏٺو ۽ اسان ڏي ايڏو تہ تيزيءَ مان ڊوڙيو جو سندس پيرن هيٺان مٽي پئي اڏامي. اهو تيز ڊوڙندو ٽپو ڏئي منھنجي پٽ کي چنبڙيو، ان کان اڳ جو منھنجي پٽ جو منھن چٽي، مون ان کي پري ڪيو. پدي ميرو ٿي چڪو هيو. ان جو جسم ڪمزور هڏائون هيو، اهو اسان جي چوڌاري ڦري پير نوسڻ لڳو ۽ پڇ لوڏي سھڪڻ لڳو.
ان ڏينھن کان پوءِ پدي ساڳيو نہ رهيو. اهو بيمار نظر ايندو هو، ٿڪل ۽ ڪنڊ ۾ ويٺل هوندو هيو. منھنجو پٽ صحتياب ٿيو ۽ پدي بيمار ٿي پيو. پديءَ جو اڪثر وقت ڪوٺي تي اڪيلائيءَ ۾ گذرندو هيو. هڪ ڏينھن منھنجو پٽ مون وٽ آيو، هو اداس ۽ روئڻھارڪو هو.
“پديءَ جي حالت خراب ٿي چڪي آهي.” ان چيو.
مان ان سان گڏ مٿي ويس، مون ڏٺو، پدي گهمڻ جي ڪري رهيو هيو پر ان جون ٽنگون ڏڪي رهيون هيون، مون پٽ کي پري ڪيو ۽ چيو “هن جي ويجهو نہ وڃجانءَ.”
مون افسوس مان هن ڏانھن ڏٺو.
“ان بيماريءَ جو علاج اڃا ايجاد نہ ٿيو آهي.” مون چيو.
پديءَ کي پاڻيءَ ڊيڄڙي بيماري ٿي چڪي هئي، مون پٽ کي سمجهايو “هن کي اهڙي بيماري آهي جو سنھي نھنڊ مارڻ لاءِ ڪافي آهي.”
منھنجو پٽ ڳالھہ سمجهي ويو ۽ ڪتي کي ڪوٺي تي اڪيلو ڇڏي ڏنو، رات جو ان جا آواز ائين ايندا هيا جيئن ڪو سائيڪل جي ٽائر ۾ پمپ سان هوا ڀريندو هجي، پدي هر ٿوري دير کان پوءِ سنھي چيٽ ڪندو هيو ۽ اها چيٽ ڪنھن سنھي جيت جي لات جھڙي هوندي هئي. نيٺ ان جا آواز بند ٿي ويا، مان مٿي وڃي ڏٺو، پدي مري چڪو هيو.
ڪتي جي موت تي فرشتن کان سواءِ ڪير نہ روئندو آهي. جڏهن ڪتو جيئرو هوندو آهي تہ فرشتا ڄڻ مئل هوندا آهن. اهي ان گهر ۾ داخل نہ ٿيندا آهن جنھن گهر ۾ ڪتو هجي، ان ڪري فرشتا ان گهر لاءِ مئل هوندا آهن پر ڪتي جي موت تي اهي ماتم بہ ڪندا آهن، ان ڪري جو سندن ڪم وڌي ويندو آهي ۽ اچڻ وڃڻ جي تڪليف ڪرڻي پوندي آهي.
مون هٿن تي ڪپڙو ويڙهي پدي جي لاش کي ٻوريءَ ۾ وڌو، منھنجو پٽ پري کان اهو ڏسي رهيو هيو، هو ڊنل هيو ۽ محسوس ٿي رهيو هو تہ سندس دل ڏک سان ڀريل آهي. مون ڪتي کي ٻوريءَ ۾ وجهي کنيو ۽ ٿورو پري کڏ کوٽي ان ۾ دفنائي ڇڏيو. ان ڏينھن کان پوءِ مون ڪيترا ڏينھن اڇي ڪپھہ گهر جي پڌر ۾ اڏرندي ڏٺي.
سرڪاري نوڪريءَ ۾ ڪجهہ ڪوتاهين ڪري منھنجي بدلي اهڙي هنڌ ڪئي وئي جتي ڪڏهن ڪو ڊاڪٽر نہ ويو هو. سفارش نہ هجڻ ڪري اهو حڪم نامو واپس نہ وٺرائي سگهيس ۽ مون کي اوڏانھن وڃڻو پيو، ٽي ڪلاڪ بس جو سفر ڪري هڪ نديءَ ڪناري پھتس ۽ اتان ٻيڙيءَ ۾ چڙهي هڪ بيابان ۾ پھتس. بيابان ۾ هڪ اٺ تي سوار ٿيندي نخلستان ۾ پھتس. اسپتال جي در تي پھتس تہ ڊسپينسر سمجهي ويو ڊاڪٽر آيو آهي. جيڪو ان جي سلطنت تي قبضو ڪندو.
سالن کان اتي ڊاڪٽر نہ اچڻ ڪري، ڊسپينسر اتان جو وڏو ڊاڪٽر هيو، اهو ڊسپينسر جيڪو رنگ جو ڪارو هو ۽ سندس منھن تي ماتا جا نشان هئا، ديوان هو. مون زندگيءَ ۾ ديوان سدائين سھڻا ڏٺا آهن پر اهو ڪوجهو ديوان هيو. ماڻھوءَ جو منھن ڏسي اندازو لڳائڻ ائين آهي جيئن در ڏسي گهر جو اندازو لڳائڻ. گهڻا محتاط ماڻھو در کي ان ڪري بہ رنگ ڪرائيندا آهن جيئن خبر پوي تہ گهر ۾ ڪھڙا رنگ آهن.
ان ديوان جو نالو مکي مل هو. منھنجو کليءَ دل سان آڌرڀاءُ ڪيو ۽ اسپتال جو دورو ڪرايو. اسپتال جو دورو دل جي دوري کان گهٽ نہ هيو. مون اکيون بند ڪري پنھنجي زندگي بچائي، اها ڀت سلامت نہ هئي جيڪا ڀڳل نہ هجي، مکي مل مون کي ڪوارٽر ڏيکاريو، جنھن جو هڪ ڪمرو رهڻ لائق هيو. ان جي صفائي ڪرائي وئي ۽ مون جڏهن پنھنجو بريف ڪيس کوليو تہ اهو بريف ڪيس ڪٻٽ جيڏو پئي نظر آيو. ويران فرش تي ڪول هاٿيءَ جيڏي نظر ايندي آهي.
ان ڳوٺ جا ڪتا مشھور هئا، جيڪي ڏينھن رات پيا رڙيون ڪندا هئا، پھريون مون سمجهيو ڪي لائوڊ لڳل آهن ۽ انھن مان اعلان پيا ٿين پر پوءِ سمجهيو تہ اهي ڪتا آهن جن جا آواز پاڻ ۾ ملي هڪ نئين آواز ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. جڏهن هڪ ئي وقت گهڻا ماڻھو ڳالھائن تہ سمجهہ ۾ نہ ايندڙ هڪ نئين ٻولي ٺھي پوندي آهي.
انھن ڏينھن اغوا عام هئي، ماڻھن کي چونڊي ائين کڻي ويندا هئا. جيئن مارڪيٽ ۾ ڪو هنداڻو چونڊي کڻي وڃي. ڳوٺ کان ٿورو پري اغوا ٿيل ماڻھو جي منڊي لڳندي هئي ۽ ان ۾ واڪ هلندا هئا، ائين اغوا ٿيل ماڻھو منافعي تي خريد ڪري، هڪ منڊيءَ کان ٻئي منڊيءَ تائين ايڏو مھانگو ٿي ويندو هو جو غريب ڌاڙيل اهو خريد ڪري نہ سگهندا هئا ۽ مطالبو ڪندا هيا تہ مھانگائي گهٽ ڪئي وڃي.
جڏهن اغوا ڪيل آزاد ٿي گهر پھچندو هيو تہ ان جو گهر نہ هوندو هيو، ٻار ٻچا دربدر هوندا هئا، مجبور ٿي ان کي ٿاڻي تي گذارڻو پوندو هو ۽ پوليس وارا پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌائيندا هئا تہ “اسان هن کي مقابلي کان پوءِ ڌاڙيلن جي چنبي مان ڇڏايو آهي.”
جڏهن ڪو انھن کان پڇندو هو تہ “ڌاڙيلن هن کي ڇڏڻ لاءِ توهان کي ڪيترا پيسا ڏنا آهن.” تہ پوليس فخر سان چوندي هئي. “پيسا اهي وٺندا آهن، جيڪي اغوا ڪن. اسان وري ڌاڙيلن کي ڪھڙو اغوا ڪندا آهيون؟”
شام جو مکي مل سان ڪچھري ٿيندي هئي، هو منھنجو گهڻو خيال رکندو هيو، هنڌ بسترا، ڪپڙا لٽا، ماني ٽڪي ۽ ڪوارٽر جي صفائي ان حوالي هئي. هڪ ڏينھن ان مون کي شراب جي دعوت ڏني، مون کيس چيو “شراب ان ڪري نہ پيئندو آهيان جو مون کي نشو نہ ڪندو آهي.”
منھنجي ڳالھہ تي هو کليو ۽ چيائين “سائين توهان کي اهڙو پياريندس جو هوش ۾ اچڻ خواب هوندو.”
هن جي ڳالھہ تي وري مان کليس ۽ چيو “ڳالھيون اهڙيون ٿو ڪرين جو نشو ٿو چڙهي.”
منھنجي طبيعت تي شراب اثر نہ ڪندو آهي، زندگيءَ ۾ مون چار پنج دفعا شراب پيتو آهي، مان جيئن شراب پيئندو آهيان تہ هوش ۾ ايندو ويندو آهيان. اهو ڏسي حيرت ٿيندي هئي تہ، منھنجا دوست ٿورو شراب پيئڻ کان پوءِ وڦلڻ ڇو لڳندا هئا. انھن جي واڇ چٻي ٿي ويندي هئي ۽ ڦهڪو ڪري بستر تي ڪري پوندا هيا.
مکي مل نيٺ مون کي راضي ڪري ورتو “اڄ رات شراب جو مقابلو آهي ۽ جيڪو پي نہ ٿاٻڙيو ان مقابلو کٽيو ۽ کيس انعام ۾ ٻہ بوتلون ڏنيون وينديون.”
منھنجي لاءِ شرم جي ڳالھہ هئي تہ هڪ ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ ڪنھن شراب جي مقابلي ۾ شريڪ ٿيان پر ڳوٺ ۾ اڪثريت ديوانن جي هئي ۽ ديوانن جي وچ ۾ ويھي شراب پيئڻ کان ڪھڙو حجاب؟
ان رات مکي مل ۽ مون وچ ۾ مقابلو شروع ٿيو، ڳوٺ جا ديوان آيا، مکي مل مون لاءِ ٻہ بوتلون الڳ ڪيون، هڪ ديوان کي امين مقرر ڪيو ويو تہ اهو فيصلو ڪندو شراب پيئڻ کان پوءِ ڪير ٿاٻڙيو ۽ ڪنھن شراب کي برداشت ڪيو.
مکي مل ۽ مان پيئڻ شروع ڪيو. آهستي آهستي گلاس مٿان گلاس ۽ وري گلاس مٿان گلاس بوتلون خالي ٿي ويون. مکي مل اک نہ ڇنڀي مون محسوس ڪيو، مکي مل وڏو پياڪ هو، هن جو شراب پيئڻ ۽ پيئارڻ جو وڏو تجربو هو.
شراب پيئڻ جو تجربو هوش ايجاد ڪندو آهي. زندگي جي هر شيءَ تجربو آهي. مون محسوس ڪيو، زندگيءَ جو تجربو ڄڻ پتل مان سون ٺاهڻ آهي، جيڪو سدائين ناڪام ويو. هاءِ اسڪول جي زماني ۾ استاد ليبارٽريءَ ۾ تجربا ڪرائيندا هيا، هڪ دفعي ڪلورين گئس ٺاهڻ جو تجربو ڪيو، هڪ شاگرد شيشي واري گهُگهيءَ ۾ ڪلورين گئس ٺاهي، مذاق ۾ ڀرسان بيٺل دوست جي نڪ تي چاڙهي، اهو بي هوش ٿي ڪري پيو، استاد خوشيءَ جو اظھار ڪيو تہ “تجربو ڪامياب ويو.”
مکي مل ۽ منھنجي شراب پيئڻ جو مقابلو بہ ڪامياب ويو. نہ مکي مل وڦليو، نہ مان ٿاٻڙيم، جڏهن بوتلون خالي ٿي ويون تہ ٻنھي ڏٺو، امين بي هوش ٿي ڪري پيو هيو. جڏهن انصاف ڪندڙ هوش ۾ نہ هجي تہ بي هوشيءَ جي هلندڙ مقابلي جو انصاف ڪير ڪندو؟
مکي مل ۽ مون گڏيل مقابلو کٽيو هيو. مون کي ٻہ بوتلون انعام ۾ مکي مل کي ڏيڻيون هيون، ان ڪري فيصلو اهو ٿيو تہ چارئي بوتلون ڄڻ هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي ڀڄي پيون. هاڻ مرضي آهي شيشا ميڙيو ۽ آڱريون زخمي ڪيو يا شيشن کي ڇڏي ڏيو ۽ آڱريون بچايو.
پندرنھن ڏينھن کان پوءِ مون کي گهر وڃڻ نصيب ٿيو، مکي مل موٽرسائيڪل ڪڍي تہ هو مون کي بيابان کان ٻاهر نديءَ ڪناري ڇڏي اچي. هن جي اهڙي عمل ڪري مون کي اُٺ کان پناھہ ملي، جنھن تي چڙهي مون کي نديءَ ڪناري پھچڻو هو.
اُٺ کان پناھہ ان ڪري تہ توهان اُٺ تي چڙهي پنھنجن نہ ڪيل گناهن جو اعتراف ڪندا آهيو ۽ “ها ها” ڪندا اڳتي وڌندا آهيو.
اهو منجهند جو وقت هو جڏهن مان مکي مل سان موٽرسائيڪل تي سوار ٿي نخلستان مان نڪتس ۽ بيابان شروع ٿي ويو. ٿورو اڳتي هلياسين تہ ڪتن جي لوڌ پويان ڪڍ لڳي، بيابان جي سڃ ۾ هر طرف “هائو هائو” جا آواز پڙاڏا بڻجي گونجڻ لڳا. مون ڪنڌ ورائي ڏٺو، چار پنج ڪتا هيا جن جا وات کليل هيا، اهي تيزيءَ سان ڊڪندا پئي آيا. مکي مل موٽرسائيڪل هلائيندي مون کي چيو “سائين هوشيار” ۽ پوءِ چوٿين گيئر ۾ رفتار وڌائي ڇڏي. موٽرسائيڪل زوڪٽ ڪندي بيابان جي پيچري تي هرڻ جيان ڊوڙڻ لڳي، ڪتا بہ تيز ڀڄندا، ويجهو پئي ايندا ويا.
مکي مل جو تيز هوا ۾ اڏرندڙ آواز آيو. “گهٻرايو نہ، همت ڪري ويٺا هجو.”
مون مکي مل کي پويان ڀاڪر وڌو. مکي مل ۽ منھنجا ڪپڙا هوا ۾ ائين اڏري رهيا هئا جيئن سامونڊي ٻيڙي جا سڙھہ هجن، موٽرسائيڪل جي تيز رفتاريءَ باوجود ڪتا ايترو تہ ويجها اچي ويا هئا جو لڳي رهيو هو ڄاڻ ڄنگهہ ۾ چڪ پاتائون.
ڪتا پنھنجي ضد تي اچن تہ سمنڊ کي ڪوزي ۾ بند ڪري ڇڏين، مون کي لڳو هڪ ڪتي موٽرسائيڪل جي پوئين ٽائر ۾ چڪ وڌو آهي پر مکي مل نہ مڙيو ۽ موٽرسائيڪل کي ائين اڏارڻ لڳو جيئن لغڙ جنھن جا پيچ هوائي جھاز سان هجن، ويو ڍر ڏيندو ۽ نيٺ ڌاڳو کٽي پيو.
اسان ٻئي موٽرسائيڪل جي هڪ پٿر سان ٽڪرائجڻ کانپوءِ اونڌا وڃي هيٺ ڪرياسين، ڪتا پھچي ويا ۽ انھن موٽرسائيڪل کي چڪ پاتا.
ڪتن جي اهڙي رويي کي ڏسي مان حيران ٿي ويس، انھن موٽرسائيڪل جي ٽائرن، هينڊل ۽ سيٽ کي ڏند ڪڍي چڪ پاتا ۽ پوءِ منھنجي منھن ڏي ائين ڏسڻ لڳا جيئن انھن پنھنجو فرض پورو ڪيو هجي. مکي مل ۽ مون کي نقصان پھچائڻ بنا موٽي ويا.
مکي مل ۽ مان ڪپڙا ڇنڊي اٿياسين، موٽرسائيڪل سڌي ڪندي مکي مل چيو “ڊاڪٽر صاحب توهان ڇا ڏٺو؟”
مون عجب مان ڪنڌ لوڏيو ۽ چيو “اعتبار نہ ٿو اچي.”
مکي مل ٻڌايو “دراصل ڪتن ائين سمجهيو هو تہ موٽرسائيڪل ڳوٺ جي ڊاڪٽر ۽ ڊسپينسر کي اغوا ڪري وڃي رهي آهي، ان کي روڪڻ ضروري آهي. ڪتن پنھنجو فرض پورو ڪيو، اهي ڪوشش ۾ ڪامياب ويا. موٽرسائيڪل کي روڪي ان کي چڪ پاتائون ۽ موٽي ويا.

6

منھنجي گهر جي در ٻاهران “راڪو” روئي رهيو آهي. اهو اهڙي يتيم ٻار جيئان سڏڪي رهيو آهي جنھن جا وڏا ڄڻ دنيا ۾ ڄاوا ئي نہ هيا. ڪتا يتيمن جي قوم آهي. ڪنھن بہ ڪتي کي ماءُ ۽ پيءُ بابت ڄاڻ نہ هوندي آهي. ان جو وجود خاص پاڻ لاءِ هوندو آهي. هُو ڪتن ۾ رهندي ڪتن جھڙو نہ هوندو آهي. ڪو بہ ڪتو، ڪنھن ڪتي جي خوراڪ، بيماري يا بچاءُ جو ذميوار نہ هوندو آهي. نہ ڪتو ڪتي جي صلاح تي هلندو آهي ۽ نہ ڪنھن ڪتي کي شوق هوندو آهي تہ اهو ٻئي کي نصيحت ڪري. ڪتا ڀائر، ڀينر، سئوٽ ماسات ۽ پڦاٽ نہ هوندا آهن. ڪتا بس ڪتا هوندا آهن. انھن جي اهڙي حيثيت جو اهو سبب آهي تہ انھن ۾ ڪڏهن ڪو آسماني ڪتو پيدا نہ ٿيو آهي.
راڪي کي گهر مان ڪڍڻ جو سبب منھنجي ڪتن مان بيزاري آهي، سڄي زندگي انسان ٿيڻ جي ڪوشش ڪيم پر ڪتي جھڙو بہ ٿي نہ سگهيس. مان لاشعوري طور ڪتن سان حسد ڪيان ٿو. مون کان ڪتن جي هڪ ڏينھن جي حياتي برداشت نہ ٿي ٿئي جيڪا انسان جي سوَ سالن جي زندگيءَ جي برابر آهي. حياتيءَ جي هن موڙ تي ڪتي جي ڀونڪ منھنجي ستل ماضيءَ کي جاڳائي وجهي ٿي، مون ڪيترا دفعا راڪو کي ڀونڪڻ کان روڪيو پر هُو نہ مڙيو. منھنجو ننڊ آرام ۽ سڪون چٽ ٿي ويو. مون هن تي تشدد ڪيو، هو منھنجن قدمن ۾ ڪِري پيو، پر ڀونڪڻ کان نہ مڙيو. نيٺ مجبور ٿي مون هن کي در کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ هُو در تي ويھي ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهي. راڪو منھنجي زندگيءَ جو آخري ڪتو هو ۽ هاڻي ڪڏهن بہ ڪتي پالڻ جو شوق نہ آهي. راڪي کان اڳ اڃا ڪيترا ڪتا آهن جن جا داستان ڄڀ ڪڍي سھڪن ٿا.
منھنجي آخري بدلي هڪ تمام وڏي شھر ۾ ٿي، مان ان شھر جي روڊن تي ڪِول وانگر هلندو هيس. شھرن جي شھرن سان ڀيٽ ۾ شھرن جي پنھنجي احساس ڪمتري هوندي آهي. وڏي شھر جو ماڻھو ننڍي شھر ۾ ائين گهمندو آهي جيئن ڏھہ ماڙ عمارت هجي ۽ ننڍي شھر جو ماڻھو وڏي شھر ۾ ڪچ سري جاءِ هوندو آهي. مون ان شھر ۾ پير ڄمايا. وڏا شھر ڌٻڻ جيان هوندا آهن. پير ڄمايو تہ پير اهڙا ڄمندا آهن جو نڪرڻ جو نانءُ نہ وٺندا آهن. ويندا آهن ڏينھون ڏينھن ڌٻڻ ۾ غرق ٿيندا ۽ پوءِ توهان جو وجود ڪلھن تائين هيٺ هليو ويندو آهي. توهان ڏسي سگهندا آهيو ۽ آخر اکيون بہ دفن ٿي وينديون آهن ۽ توهان انڌا ٿي ويندا آهيو.
ان عرصي دوران امڙ فوت ٿي وئي ۽ مون کي ٻيو پٽ ڄايو. جيڪڏهن ڪو جملي جي هڪ سٽ ۾ ايڏا واقعا سمائڻ جي ڪوشش ڪندو تہ سٽ ڦاٽي پوندي پورو ماضي حال جي هڪ سٽ ۾ سمائجي سگهي ٿو پر اها سٽ ڪلسٽر بم جيان هوندي ۽ هڪ بم ۾ ڪئي بم سمايل هوندا. ماضي ٻہ منھي بلا آهي جنھن کي پڇ نہ آهي. امڙ جو موت مون کي ياد آهي. موت جو سبب اهو بہ آهي تہ توهان جي گهر ۾ ڪتو نہ هجي. اها حقيقت آهي تہ ملائڪ ۽ چور ان گهر ۾ گهڙندا آهن جنھن گهر مان ڪتي جي ڀونڪ بلند نہ ٿئي.
وڏي وقت کان پوءِ جڏهن آخري دفعو امڙ سان ملڻ ويو هيس تہ مون کيس وري بہ ڪتي پالڻ جي صلاح ڏني هئي.
هن جواب ڏنو هيو “هاڻي مان جيئڻ نہ ٿي چاهيان.”
مون افسوس مان سندس منھن ۾ ڏٺو هيو. هوءَ گهڻي ڪمزور ٿي چڪي هئي، مون کي ياد آهي، مون امڙ جھڙي حسين عورت نہ ڏٺي. مان ان جي چھري کي پيار مان ڏسندو هيس ۽ حسرت هوندي تہ مون کي هڪ ڏينھن امڙ جھڙي زال ضرور ملندي. منھنجو پھريون عشق امڙ سان هيو ۽ مان ان جي هنج مان ٻاهر نہ نڪرندو هيس، امڙ ڪڏهن ڏک ۾ روئيندي هئي تہ مان ڳڀو اڳري نہ سگهندو هيس.
امڙ سھڻي هئي انڪري ڪائنات جي هر شيءِ سھڻي نظر ايندي هئي، گهر جي اڱڻ ۾ نم هئي، مون پھريون دفعو ساون کنڀن ۽ ڳاڙهي چهنب وارو طوطو ڏٺو تہ حيران ٿي ويس. ڪيڏي نہ عجيب ۽ غريب دنيا هئي، چنڊ کي ڏسندو هيس تہ کير پيئڻ وسري ويندو هيو. گلاب ڀرسان رکندو هيس تہ ننڊ اچي ويندي هئي، اهو سڀ امڙ ڪري هيو. آخري ڏينھن ۾ ڪائنات امڙ جيان پوڙهي ٿي چڪي هئي، مون کي ڪا بہ شيءِ متاثر نہ ڪندي هئي.
انسان جو مقدر اڪيلائي آهي ۽ امڙ جي اڪيلائي محسوس ڪري لڳندو هيو مان بہ ائين اڪيلو ٿي ويندس.
وڃڻ وقت مون امڙ کان موڪلايو هو ۽ هن پيار مان چيو هيو “تون منھنجي حياتيءَ جو آخري ڪتو آهين.”
“امڙ ڪتا روح جي حفاظت ڪندا آهن.” مون چيو “افسوس منھنجي وڃڻ کان پوءِ گهر چورن ۽ فرشتن کان کليل هوندو.”
هوءَ مرڪي ۽ هن جي مرڪ پنجاسي سال پراڻي هئي، مرڪ شراب جيان پراڻي ٿي وڌيڪ اثرانگيز ٿئي ٿي.
مون گهر کان ٻاهر نڪري گهٽيءَ ۾ ڏٺو، گهٽي سوڙهي ٿي چڪي هئي، جايون پنھنجين حدن کان ٻاهر نڪري آيون هيون، گهٽيءَ ۾ نظر ڦيريم، هڪ بہ ڪتو نظر نہ آيو. “هائو” واڙي واري جا سڀ ڪتا مري چڪا هيا. مون کي ياد پوي ٿو، ننڍي هوندي هڪ دفعي ميونسپل وارا پاڙي ۾ زهريلو قيمو اڇلائي ويا. ڪيترائي ڪتا اهو قيمو کائي مري ويا. “هائو” جا ٻہ ڪتا مون ڦتڪندي ڏٺا. اهي روڊ تي پيا هيا. انھن جا وات کليل هيا ۽ جسم ۾ ڳڍڙيون پئجي رهيون هيون. جسم هر هر سيٽجي وري ڍرو پئي ٿي ويو. “هائو” جي ڪتن جو هر ڪنھن کي ڏک هيو. ڪتن کي ڦتڪندو ڏسي، مائي جُليءَ ٻڌايو تہ “انھن کي ڏهي وات ۾ وجهو.” ماڻھو گهرن مان ڏهي کڻي آيا ۽ انھن کي وات ۾ وڌي پر ڪتا بي سڌ پيل هيا ۽ ڦتڪي مري ويا.
هڪ دفعي ڪنھن مون کي چيو هيو تہ “خدا حلال مال ۾ برڪت وجهندو آهي.”
مون پڇيو “ڪيئن؟”
چيو هيائين “ٻڪرين ۽ ڳئن ۾ ڪيڏي برڪت آهي جو انھن جو گوشت کائڻ کان پوءِ بہ ڌڻ نہ ٿا کٽن، جڏهن تہ ڪتا جن کي کاڌو نہ ٿو وڃي اهي ايڏي تعداد ۾ نہ آهن.”
مون ان جي اهڙي سوال تي سوچيو هو ۽ چيو هيو “جنھن ڏينھن ماڻھن ڪتا کائڻ شروع ڪيا تہ انھن ۾ بہ برڪت پئجي ويندي.”
دنيا ۾ ڪتن جا فارم آهن ۽ جن ملڪن ۾ ڪتا کاڌا وڃن ٿا، انھن ملڪن جا ماڻھو پنھنجي نظام سان وفادار آهن.
امڙ گذاري وئي. امڙ جي موت جو سبب اسان جي بي وفائي هئي. ڪاليج جي وقت مون هڪ ڇوڪريءَ سان پيار ڪيو هو. ڪيڏو سادو جملو آهي. جملي پڙهڻ سان ائين لڳي ٿو ڄڻ مون ماني کاڌي هئي. پر اهو هڪ دردناڪ جملو آهي جنھن جي ڪٿا جي لکيل سڀني لفظن جا نقطا ڳوڙهن جا ٺھيل آهن. مون اهو قصو ان ڪري ٻڌائڻ مناسب نہ پئي سمجهيو تہ ان ۾ ڪنھن ڪتي جو ذڪر نہ آهي. جڏهن اسين پيار ڪندا آهيون تہ پاڻ کان سواءِ ڪجهہ نظر نہ ايندو آهي. ٿي سگهي ٿو ان ڪھاڻيءَ ۾ ڪي ڪتا لنگهيا هجن پر مون کي ياد نہ آهن.
اهو قصو ايڏو وڏو آهي جو بيان ڪرڻ لاءِ هڪ حياتي ناڪافي آهي. مان ان عشق ۾ سڀ ڪتا وساري ويٺس. جيئڻ جو اصول آهي. “ڪو عاشق ٿي يا ماڻھو.” مان ٻئي نہ ٿي سگهيس. ڇاڪاڻ جو ناڪامي اهڙو ڪو بہ نانءُ نہ ٿي ڇڏي جيڪو پنھنجي مٿان رکي سگهجي. نہ ٿو چاهيان تہ، اهو قصو بيان ڪيان جنھن ۾ ڪنھن ڪتي جو ذڪر نہ هجي. ڪائنات جي قصي ۾ جيئن هستيءَ جو ذڪر هوندو آهي، ائين منھنجي قصي ۾ ڪتي جو ذڪر ضروري آهي.
مون امڙ جي جنازي ۾ شرڪت ڪئي، اڪيلي زندگي گذاريندڙ امڙ جي جنازي ۾ ايڏا ماڻھو شريڪ ٿيا جو پير پائڻ جي جاءِ نہ هئي. انسان جذباتي آهي. موت جو ٻڌي هن جي پيرن هيٺان زمين نڪري وڃي ٿي. ماڻھو جيئري منھن نہ ڏسندا آهن پر مئي منھن ڏسندا آهن. انسان جيئرو آهي تہ هڪ اميد آهي، پيا منھن ڏسنداسين، ڪو مري ٿو تہ اهو سوچي منھن ڏسي ٿو، اهو منھن وري ڪڏهن نہ ڏسنداسين.
مون امڙ جي آلي مٽيءَ واري قبر کي ڇھيو. اها ان جي دل جيان نرم هئي.
وڏي شھر ۾ رهندي منھنجا ٻار وڏا ٿي ويا. ڪجهہ وقت هڪ فليٽ ۾ رهڻو پيو، پوءِ شھر کان ٻاهر سستو پلاٽ وٺي ان تي جاءِ ٺھرائڻ جو سوچيو. جاءِ ٺھرائڻ وقت اهو بہ سوچڻو پيو تہ شھر جون حالتون صحيح نہ آهن. روز ڏھہ ٻارنھن ماڻھو قتل ٿين ٿا. ڌاڙيل گهرن ۾ گهڙي سامان کڻي وڃن ٿا. شھر کان ٻاهر بدامني اڃا بہ وڌيڪ هوندي. موٽر وي تي افغانن جون بستيون هيون. اهي افغاني اصلحي جي زور تي گهرن ۾ گهڙي سڀ ٻهاري ويندا هيا. مون ۽ منھنجي وڏي پٽ صلاح ڪئي تہ فليٽ کان زمين تي گهر سٺو آهي. بي امنيءَ کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪتو پالڻو پوندو ۽ ڪتو ڪٿان نہ ڪٿان ملي پوندو.
ايمپريس مارڪيٽ ۾ ڪتن جي بازار آهي. پنڃرن ۾ ڪتن جا ٻچا هر ايندڙ ويندڙ کي ائين نھاريندا آهن جيئن التجا ڪندا هجن تہ کين خريد ڪري پنھنجي غلاميءَ ۾ ورتو وڃي. ڪتن جا ٻچا انسانن سان جلد هري وڃن ٿا. ٻچا ڪھڙا بہ هجن اهي انھن جا هوندا آهن جيڪي سندن مٿي تي شفقت مان هٿ ڦيرين.
شھر جي روڊن تي مون انسانن جي بازار ڏٺي آهي. رازا، ڊکڻ، رنگ ساز، مستري ۽ مزدورن جا هجوم هوندا آهن. مون کي هڪ مزدور جي ضرورت پئي، جڏهن هڪ سان ڳالھايم تہ سوين مزدور چوڌاري ڪٺا ٿي ويا. هر ڪو منھنجو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڳالھائڻ لڳو. وڏو گوڙ مچي ويو. هڪ مزدور سان ڳالھائيندي ٻيو مزدور منھنجي سامھون اچي ويو ۽ ان کي ڌڪو ڏئي ٽيون مزدور ان جي اڳيان اچي ويو. خبر نہ پئي تہ مزدور پاڻ ۾ وڙهي پيا.
“جڏهن مان ڳالھايان پيو تہ تون ڇو ڳالھايو؟” هڪ مزدور چيو.
“۽ جڏهن مان ڳالھايان پيو تہ وچ ۾ تون ڇو ڳالھايو؟” ٻئي چيو.
۽ ائين ٽئين ۽ چوٿين هڪ ٻئي تي لتن ۽ مڪن جي بارش ڪري ڏنائون. مان وٺي ڀڳس ۽ اهو سوچي ايمپريس مارڪيٽ نہ ويس تہ متان ڪتو خريد ڪندي، ڪتا مزدورن وانگر وڙهي نہ پون.
جاءِ ٺھڻ شروع ٿي تہ منھنجو پٽ پھريون ئي ڪٿان ڪو گلر وٺي آيو. مون ان کان پڇيو “اهو ڪٿان مليو؟”
“هڪ دوست ڏنو” هن چيو “ان وٽ ڪتن جا ولر آهن، اهو منھنجي دوست جو دوست هو. منھنجو دوست ان وٽ ويو ۽ پنھنجي دوست کان اهو وٺي ڏنائين.”
مون ڏٺو اهو اڇي رنگ جو گلر هيو. شڪل ۽ بيهڪ مان عام رواجي ڪتو پئي ڏٺو. ان ۾ مون کي ڪا اهڙي شيءِ نظر نہ آئي جيڪا خاص ڪتن ۾ هوندي آهي.
انسان ۽ ڪتي جي بيهڪ مان ان جي خاصيت جو اندازو لڳائي سگهبو آهي. انسان ۾ ڪتي جون خاصيتون هجن تہ اهو ڪامياب انسان هوندو آهي ۽ ڪنھن ڪتي ۾ انسان جون خاصيتون هجن تہ اهو در در جون ٺوڪرون کائي مري ويندو آهي.
مان پنھنجي پٽ پاران آندل گلر کي غور سان ڏٺو. ان جا ڪن هيٺ لڙڪيل هئا. اکين مان انتھائي شريف ٿي ڏٺو، جيڪا ان جي خامي هئي. ڪامياب ڪتو اهو آهي جيڪو ڪتن جيان ٺھيل هجي ۽ ان ۾ ڪنھن ڪتي جو روح هجي. آخر نفس بہ ڪا شيءِ آهي؟ اهو نفس ئي آهي جيڪو جيئڻ تي مجبور ڪري ٿو. نفس جون ضرورتون ڪڏهن پوريون نہ ٿيون ٿين. نفس جي ڪري انسان جستجو ڪري ٿو نہ تہ روح ڀاڙي آهي. هر وقت جسم جي چائنٺ تي رواني ٿيڻ لاءِ پٽڪو پائي تيار ويٺو هوندو آهي.
نفس ڪتو آهي ۽ روزگار جي حصول لاءِ ڀونڪي ٿو. مون پنھنجي پٽ جي اهڙي تڪڙ تي ٿورو ناراضگيءَ جو اظھار ڪيو.
“انتظار ڪرين ها.” مون چيو “جاءِ جو ڪم اڃان شروع ئي نہ ٿيو آهي تہ تون ڪتي جو بندوبست ڪري آيو آهين.”
هن ڪو جواب نہ ڏنو. مان فڪرمند ٿي ويس ۽ وري چيو “جيسين جاءِ ٺھي، هن ڪتي کي ڪٿي رکنداسين؟”
منھنجي پٽ مرڪي مون ڏانھن ڏٺو ۽ چيو “ڪجهہ ڏينھن فليٽ تي هجي پوءِ جڏهن جاءِ تي چوڪيدار رکيوسين تہ ان وٽ ڇڏي اينداسين.”
گلر کي فليٽ تي رکڻ کان سواءِ ڪو چارو نہ هيو. اهو گلر فليٽ تي ڏاڍو خوش هيو. اچڻ وڃڻ وقت پيو ڄنگهين ۾ وچڙندو هيو. ڄڀ ڪڍي اسان کي ڏسندو هو. ان جي وات جي بيهڪ مان لڳندو هيو، هڪ مسلسل مرڪ ان جي منھن تي کيڏي رهي آهي. گلر فليٽ تي گند بہ گهڻو ڪندو هو. اهو ٽنگ مٿي ڪري هر شيءَ کي مٽندو هو. منھنجي پٽ ان کي ڳچيءَ ۾ پٽو وڌو ۽ زنجير ٻڌي ٻاهر گهمائيندو هو. گلر جتان بہ لنگهندو هو، رستي جي هر شيءِ تي مٽندو ويندو هو. جيڪا سٺي ڪار ڏسندو هو، ان جي ٽائر تي مٽ ڪندو هيو. ڪنھن ٻڌايو تہ اها ڪتي جي فطرت آهي. هو پنھنجي حد مقرر ڪندو آهي ۽ اها حد مٽ جي لڪير هوندي آهي. اها هڪ سرحد هوندي آهي تہ ٻيو ڪو ڪتو اها حد پار ڪري نہ ٿو سگهي. ڪتا هڪ ٻئي جو مٽ سنگهي سرحدن جو اندازو لڳائيندا آهن ۽ هڏي جي ڳولھا ۾ ٻئي ڪتي جي سرحد پار ڪندي ڏاڍا محتاط هوندا آهن.
انسان ڌرتيءَ تي ملڪ ٺاهڻ ڪتي کان سکيو آهي. مٽ جي سرحد هٿيارن جي سرحدن کان وڌيڪ محفوظ هوندي آهي. هٿيارن جي سرحد کي ٽپندي لکين ماڻھو مارجي چڪا آهن. مٽ جي سرحد پار ڪندي اڄ تائين ڪو بہ ڪتو ماريو نہ ويو آهي.
جڏهن ٺھندڙ جاءِ تي چوڪيدار رکيوسين تہ چوڪيدار پلاٽ ڀرسان ڪچي جهڳي ٺاهي پنھنجي ڪٽنب سان اچي ويٺو. اهو سانوري رنگ جو سرائيڪي هيو جيڪو سگريٽ گهڻا پيئندو هيو. ان جي زال جهوپڙيءَ ٻاهران گندگاھہ گڏ ڪري چلھو دکائيندي هئي ۽ پوءِ ٻار اتي ئي بلاڪن تي ويھي ماني کائيندا هيا. غريب جي مانيءَ ۾ گند جو ذائقو ضرور هوندو آهي. غريب جي کاڌي ۾ گرم مصالحو نہ هوندو آهي. مون ان کي هڪ ٻہ دفعا گهران ٻوڙ ماني آڻي ڏنو پر سندس ٻارن کي دست ٿي پيا.
چوڪيدار هڪ سٺو شخص هو. اهو ايمانداري سان پنھنجو فرض نڀائيندو هيو. منھنجو پٽ گلر کي ان وٽ کڻي ويو ۽ چيائين “ڳڀو هن کي بہ ڏجانءِ، جيسين جاءِ ٺھي بيھندي هي ڪافي وڏو ٿي ويندو ۽ وڏو ٿي توکي پڳ ٻڌائيندو.”
چوڪيدار کليو ۽ جواب ڏنائين “ڪتا پڳ لاهيندا آهن، هي وري ڪيئن پڳ ٻڌائيندو؟”
“پڳ چورن جي لاهيندا آهن.” هن کيس جواب ڏنو “چوڪيدار چوڪيدار جو ساٿي هوندو آهي. تون بہ چوڪيدار آهين ۽ ڪتو بہ چوڪيدار. تون جاءِ جي چوڪيداري ڪندي ۽ ڪتو تنھنجي چوڪيداري ڪندو. ڪو لوھہ سيمنٽ چوري ڪندو تہ تون ان سان وڙهندين ۽ ڪو تنھنجي عزت ۾ هٿ وجهندو تہ ڪتو ان سان مھاڏو اٽڪائيندو ۽ اهو تنھنجي عزت جو مان رکي توکي پٽڪو پارائيندو.”
چوڪيدار مسلسل کلي رهيو هيو.
“پر اسان غريبن جو پٽڪو تہ پھريان ئي لٿل هوندو آهي.” هن چيو “فڪر نہ ڪر، ڪتي جو خيال ڪر، مان توکي نئون پٽڪو وٺي ڏيندس.”
منھنجي پٽ سدائين چوڪيدار جو خيال رکيو.
هو هاڻي ڪتي کي “بوڊو” جي نانءَ سان سڏ ڪندو هو. جڏهن بہ ٺھندڙ جاءِ تي ويندو هيو تہ بوڊو هن کي ڏسي پري کان ڀڄندو ايندو هيو. منھنجي پٽ کي جاءِ جي اڏاوت کان وڌيڪ ڪتي جو فڪر هوندو هيو. مان سڄو ڏينھن جاءِ جي اڏاوت جو سامان وٺڻ ۾ مشغول هوندو هيس. هڪ چنڊو ٺيڪيدار مليو، جيڪو منجهند وقت ايندو هيو ۽ سامھون فٽ پاٿ پريان هڪ خالي پلاٽ ۾ ڪرسي وجهي ويھندو هيو. چانھہ پيئندو هيو ۽ جڏهن ڳالھائيندو هيو تہ ان جا ڳٽا ڳاڙها ٿي ويندا هيا. ان کي اڏاوت جو ٺيڪو ڏنل هيو، باقي مٽيرل منھنجي ذمي هيو. ڳالھائڻ وقت مون کي ان جي ڳٽن جو ڳاڙهو ٿي وڃڻ سمجهہ ۾ نہ آيو. هو هر هفتي ٺيڪي جا پئسا ائين گهرندو هو جيئن خيرات گهرندو هجي. “اڄ جمعي جي رات آهي.” هو چوندو هيو، “ڀلارو ڏينھن آهي، مزدورن جي پئسن جي قسط ڏيندا تہ سڀاڻي جمعي جو مبارڪ ڏينھن سٺو گذري.” مان هن کي ڏسي سوچيندو هيس، جڏهن ڪنھن وٽ فرض جي ڪوتاهيءَ جو احساس هجي تہ اهو نماڻو نظر ايندو آهي. هو پويان ڪرسيءَ تي ويھي جاءِ ٺھندي ائين ڏسندو هيو ڄڻ جاءِ نہ ٺھندي هجي پر مزدور پاڻ کي مشغول رکڻ لاءِ ڪم ڪندا هجن.
ڪڏهن سوچيندو آهيان طوفانن کي اچڻ لاءِ ڏکي وقت جو انتظار ڇو هوندو آهي؟ سکئي وقت طوفان ننڊ پيا هوندا آهن. ڏکيو وقت ڏسندا آهن تہ جاڳي پوندا آهن.
اهو منھنجو ڏکيو وقت هيو. جاءِ جي اڏاوت دوران ائين ڊڪندو هيس تہ متان مصيبت مون کان گوءِ نہ کڻي وڃي. جاءِ جا بنياد پيا، بلاڪن سان ڀتيون مٿي ٿيون تہ واچوڙو آيو. مون زندگيءَ ۾ اهو خوفناڪ واچوڙو نہ ڏٺو. ٻڌندو هيس تہ ٻين ملڪن ۾ واچوڙا ايندا آهن پر پنھنجي شھر ۾ اهڙو واچوڙو پھريون دفعو ڏٺو. واءُ ۽ مينھن سان هوا گول ڦرندي آئي ۽ ٺھندڙ جاءِ جي بنيادن تي بيٺل بلاڪن جون ڀتيون ڪري پيون. چوڪيدار جي جهڳي اڏامي وئي ۽ هڪ وڏي پلاسٽڪ هيٺان پنھنجي گهر ڀاتين سميت لڪي جان بچائي. هڪ ڀت منھنجي پٽ جي پير تي ڪري ۽ آڱريون زخمي ٿي پيون. فٽ پاٿ پريان پيل ڪرسيون پري هليون ويون اتي پيل هڪ صوفي جا گدا هوا سان گول ڦرندا مٿي آسمان ۾ گم ٿي ويا.
مان هڪ وڻ کي ڀاڪر پائي بيٺل هيس. وڻ جا ڏار ائين لڏي رهيا هئا، جيئن پنھنجي هٿن سان مون کي پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هجن. اهو پنجن منٽن جو واچوڙو هيو، جيڪو پنجن مھينن جي محنت تي پاڻي ڦيري ويو. ٻاهر پيل سيمينٽ جون ٻوريون آليون ٿي ويون. مون کي پئسي ۽ وقت جي ذيان جو افسوس ٿيو. منھنجو زخمي پٽ اٿيو ۽ ڪتي کي ڳولھڻ شروع ڪيو “بوڊو ڪاڏي ويو؟” هو چرين جيان هيڏانھن هوڏانھن ڊڪون پائڻ لڳو. هن چوڪيدار کان پڇيو “ڇا تون بوڊو کي ڏٺو؟”
چوڪيدار جواب نہ ڏنو. هن پنھنجي ڀڳل جهڳيءَ ڏانھن ڏٺو، جنھن جي ڇت نہ هئي ۽ ٿانءِ گپ ۾ اونڌا پيا هئا، هن جا ٻار روئي رهيا هئا ۽ زال ڏک مان سامان سھيڙي رهي هئي.
منھنجو پٽ هيڏانھن هوڏانھن ڊوڙي بوڊي کي ڳولھي آيو ۽ ان کي ڊٿل ڀتين جي وچ تي رکي مرڪڻ لڳو.
“بوڊو ملي ويو” هن چيو.
مان بوڊي کي ڏٺو، اهو پاڻي ۾ آلي ٿي وڃڻ ڪري سست نظر اچي رهيو هو ۽ ڊٿل ڀت جي بلاڪن پويان لڪي هر هر ڪن ڇنڊي رهيو هو، ڪا بہ شيءِ سلامت نہ هئي. ڪرسيون کڻي انھن کي سڌو رکيو ويو. گدن بنا صوفا ائين هئا جيئن ڪنھن مزدور جو ٽيڪم گم ٿي ويو هجي.
ڪجهہ ڏينھن گذريا تہ هڪ ڪٻاڙي اتان لنگهيو. ان جي گاڏي تي صوفي جا گم ٿيل گدا رکيل هيا. مون انھن کي مٿان چڙهيل پوشن مان سڃاتو ۽ ڪٻاڙيءَ کي چيو “هي گدا تہ منھنجي صوفي جا آهن. توکي ڪٿان مليا؟” ڪٻاڙيءَ مون کي ائين ڏٺو جيئن ان جي چوري پڪڙي هجي.
“هي مون هتان کان ٻہ ڪلوميٽر پري هڪ ڳوٺاڻي کان خريد ڪيا آهن.” ان چيو ۽ مون سوچيو، اهي گدا واچوڙي ۾ اڏامي اتي وڃي ڪريا هوندا. ڪنھن غريب کي هٿ آيا آهن ۽ ان ڪٻاڙيءَ کي وڪيا آهن. مون اهي گدا ڪٻاڙيءَ کان خريد ڪري واپس صوفي تي رکيا ۽ سوچيو. جڏهن توهان کي پنھنجي گم ٿيل شيءِ کيسي مان پئسا ڀري واپس وٺڻي پوي تہ اهي توهان جي بي وسيءَ جا ڏينھن هوندا آهن. ڪنھن جو بہ ڏوھہ نہ هوندو آهي. نہ واچوڙي جو، نہ ان شخص جو جنھن اڏامي ويل گدا وڪيا ۽ نہ ڪٻاڙيءَ جو. ڇو جو اسان کي هر اهو ڪم ڪرڻو پوي ٿو جنھن لاءِ خلقيا ويا آهيون ۽ ان کان اڳ جو خلق جي خلق کلايون. بھتري ان ۾ هوندي آهي تہ خلقڻھار جي رضا ۾ راضي رهون.
منھنجو قسمت ۽ مقدر ۾ يقين نہ آهي. سڀ حادثاتي آهن پر ڪڏهن محسوس ٿيندو آهي ڪا اهڙي طاقت آهي جيڪا مون کي سبق سيکارڻ چاهي ٿي تہ پاڻ کي بدلايان ڇو جو انڌي خوداعتماديءَ سبب زندگيءَ جا گهڻا فيصلا غلط ڪيان ٿو.
اڃان مُون سُون جا ڏينھن شروع ئي نہ ٿيا هيا تہ مينھن شروع ٿي ويا، لڳي ائين رهيو هيو تہ مينھن کي منھنجي جاءِ جي ڪم شروع ٿيڻ جو انتظار هيو. هڪ ڏينھن ڇڏي ٻئي ڏينھن تيز مينھن وسندو هيو. سيمينٽ جون ڪيتريون ٻوريون آليون ٿي ويون، جن مان ڪن ٻورين کي تڪڙ مان جاءِ جي اڏاوت ۾ استعمال ڪيو ويو.
ڇت پئجي رهي هئي تہ اوچتو جهڙ ٿي ويو. تيز مينھن ڪري شٽرنگ جي ڪاٺ جا پاوا هيٺ لھي ويا ۽ ٽيريس چٻي ٿي وئي. مسلسل مينھن ڪري بوڊو پنھنجي آلن وارن کي هر هر ڇنڊي پيو هيڏانھن هوڏانھن ڊڪون ڀريندو هيو يا بلاڪن جي ڪنھن نامڪمل ڀت جي اوٽ ۾ پيو سھڪندو هيو. هڪ ٻن ماڻھن صلاح ڏني تہ اهو سڀ ان ڪتي جي ڪري آهي، جيڪڏهن ڪتو نہ هجي تہ مينھن نہ وسن ۽ ايڏو نقصان نہ ٿئي. مون هڪ دفعي مزدور کي چيو تہ “هو ڪتي کي کڻي ڪٿي پري وڃي اڇلي.”
پر منھنجو پٽ ناراض ٿيو “مينھن سڄي شھر تي وسي ٿو.” هن چيو “صرف اسان جي ٺھندڙ جاءِ تي نہ ٿو وسي. ڪتي جو قصور هجي ها تہ مينھن پوري شھر تي نہ وسي ها.” هن جي ڳالھہ ۾ وزن هيو. قصور قسمت جو هوندو آهي، ڇو جو اها وجود نہ ٿي رکي، جيڪڏهن قسمت وجود رکي ها تہ پوءِ قسمت جو ڪو ڏوھہ نہ هجي ها. خدا خير جي دعا ٻڌي نہ ٻڌي، پر بددعا تي ائين عمل ڪندو آهي، جيئن کيس انتظار هجي، ڪو بددعا گهري تہ ان تي عمل ڪيان.
منھنجو ڀاءُ جيڪو هڪ ننڍي شھر ۾ وڏو آفيسر هيو. ان کي خيال آيو تہ پنھنجي ڀائٽي ڏي ڪو ٺاهوڪو ڪتو تحفو طور موڪلي ڏي. جڏهن اهو ڪجهہ وقت پھريان مون ڏي آيو هيو تہ منھنجي پٽ کيس فرمائش ڪئي هئي. “هڪ سٺي ڪتي جي سخت ضرورت آهي جيڪو ٺھندڙ جاءِ جي حفاظت ڪري سگهي.”
منھنجي ڀاءُ کيس ڀوڳ ڪندي چيو هيو “حفاظت رب جي ذات ڪندي آهي، ڪتي جي ڪھڙي ضرورت؟”
مان ڀرسان ويٺي اهو سڀ ٻڌي رهيو هيس، هن جي ڳالھہ تي ٽھڪ ڏنو ۽ چيو “ربُ ڪائنات جي حفاظت ڪندو آهي ۽ ڪتو رب جي.”
“اهو ڪيئن؟” هن کان ڇرڪ نڪري ويو.
“ان ڪري تہ رب خاموش آهي ۽ ڪتو ڀونڪي ٿو.” مون چيو.
ان ڳالھہ کي ٽي مھينا ٿي ويا، منھنجي ڀاءُ کي اوچتو خيال آيو، ان هڪ وڏيري کي عرض ڪيو تہ “کيس ڪو ٺاهوڪو ڪتو ڏي، جيڪو پنھنجو فرض سٺي طريقي نڀائي سگهي.”
وڏيري وٽ ڪو سٺو ڪتو تہ نہ هيو پر هڪ ناياب نسل جي ڪتي هئي، اها هن حوالي ڪئي. اها ڪتي جڏهن پھتي تہ مان حيران ٿي ويس. اهڙي نسل جي ڪتي مون ڪڏهن نہ ڏٺي هئي، صفا لومڙي، ننڍو قد، ڀورا ناسي وار، مٿي کڙا ڪن ۽ ڦڙتيلو جسم. منھنجو پٽ ان کو سوزن سڏڻ لڳو. سوزن کي ٺھندڙ جاءِ تي ڇڏڻ بجاءِ فليٽ تي رکيو ويو، ان خطري کان تہ ڪو ان کي چوري نہ ڪري وڃي.
اسان ڪتي کي ڇھڻ کانپوءِ هٿ ڌوئيندا آهيون ۽ ڪڏهن ڪتي جي گم ٿي وڃڻ يا مري وڃڻ سبب ان مان هٿ ڌوئڻا پوندا آهن. وفادار ڪتي کي اهو ڏسي ڏک ٿيندو آهي تہ ان جو مالڪ کيس هٿ لائڻ کانپوءِ هٿ ڌوئي ٿو.
ڪتا ٻوڙ ماني کائيندا آهن. مرچ کائيندا آهن ۽ منھنجي دوست وٽ هڪ اهڙو ڪتو هيو، جيڪو انب چوسيندو هو. دنيا جو ڪو بہ جانور انسان جھڙو کاڌو نہ کائيندو آهي، سواءِ ڪتي جي. ٻلو ليمون نہ چٽيندو آهي، پر ڪي ڪتا ليمن جو رس شوق سان پيئندا آهن. مون کي هڪ دوست ان جو سبب ٻڌايو هيو تہ “تخليق سان گڏ ڪتو ۽ انسان گڏ نسريا آهن، ان ڪري ٻنھي جون عادتون هڪ ٻئي ۾ منتقل ٿيون آهن.”
انسان ازل کان اڪيلو آهي. فطرت انسان جي اڪيلائين جو خيال رکي ٿي. ان ڪري ڪتو ضروري آهي.
سوزن اسان جي ڪٽنب لاءِ نڀاڳي ثابت ٿي. منھنجو پٽ ان کي روز شام جو ڳچيءَ ۾ زنجير وجهي گهمائيندو هو. هو پنھنجي صحت کان لاپرواھہ هو. ڪڏهن پنھنجو خيال نہ ڪيائين. هن پاڻ کان وڌيڪ ڪتن کي پنھنجو ڪيو. پھريون ڪتي کي کارائيندو هو پوءِ پاڻ کائيندو هو. ڏاڍو خوش طبيعت کلڻو هو. هڪ ڏينھن مون ڏٺو کيس ڳلي وٽ ڳوڙهيون هيون. مون ان کي چيو “تون پنھنجو خيال رک. اهي ڳوڙهيون خطرناڪ ٿي سگهن ٿيون.” منھنجي ڳالھہ کي هن اهميت نہ ڏني ۽ جواب ڏنائين “اهي تہ گهڻي وقت کان آهن. پاڻ ئي ٺيڪ ٿي وينديون.”
“پر مون پھريون نہ ڏٺيون آهن.” مون چيو.
“هاڻي ٿورو تيزيءَ سان وڌيون آهن.” هن لاپرواهيءَ سان جواب ڏنو.
ڏسندي ئي ڏسندي هن جي ڳچيءَ وٽ ڳوڙهيون تيزيءَ سان وڌڻ شروع ٿي ويون، سندس جسم ڪمزور ۽ منھن هيڊو ٿي ويو.

7

آفتون انسان جي مصروف وقت جو انتظار ڪنديون آهن. جڏهن انسان واندو هوندو آهي تہ آفتون آرام ڪنديون آهن ۽ جڏهن انسان ڪو ڪم محدود مدت ۾ ڪرڻ چاهيندو آهي تہ آفتون ڪڙڪي پونديون آهن. مڇر جھڙي ظالم مخلوق مون نہ ڏٺي. مڇر رت پيئڻ جو اهڙو ماهر هوندو آهي جو سامراج ان کان سبق سکي. مڇر ان وقت حملو ڪندو آهي، جڏهن توهان مصروف هجو ۽ هٿ واندا نہ هجن. آفتون بہ مڇر جيان آهن. ڏکيو وقت ڏکئي وقت کي دعوت ڏيندو آهي. هڪ آفت ٻئي آفت کي نازل ڪري ٿي.
جاءِ جي هلندڙ ڪم وقت منھنجي پٽ جو بيمار ٿيڻ ائين هو جيئن مان اهڙي ڀت هجان، جنھن کي ڏار هجي. ماڻھو بہ بلاڪن ۽ سيمينٽ جو ٺھيل هوندو آهي. زلزلي جو ڪھڙو ڀروسو. الميو انسان لاءِ زلزلو هوندو آهي. زلزلو هجي يا الميو ٻنھي صورتن ۾ انسان جي پيرن هيٺان زمين نڪري ويندي آهي ۽ هو ڊهي پوندو آهي.
بيماريون ايڏيون سگهاريون هونديون آهن جو هڪ ڊاڪٽر کي ٻئي ڊاڪٽر جي ضرورت پوندي آهي. هڪ ڏينھن مان کيس اسپيشلسٽ ڊاڪٽر ڏي وٺي ويس. ان تپاسي ٻڌايو تہ صورتحال سنگين آهي. هن جي بائيوپسي وٺڻي پوندي. ڊاڪٽر آپريشن ٿيٽر ۾ هن جي بائيوپسي ورتي.
اهو هڪ ڊگهي قد وارو سنھو ڊاڪٽر هيو جيڪو مون کي آسمان جيڏو نظر اچي رهيو هيو.
“ڊاڪٽر منھنجي پٽ جي بچڻ جي اميد آهي؟” مون هن کان سوال ڪيو. “نہ” هن ٺھہ پھہ وراڻيو. “جسم جي ڳوڙهين مان لڳي رهيو آهي تہ اهي گهڻي تعداد ۾ آهن ۽ بيماري ڦھلجي چڪي آهي.”
هن جي ڳالھين تي منھنجي اکين اڳيان اوندھہ اچي وئي. ڳوڙهن کي ائين روڪيم جيئن سيلاب کي بند ٻڌو هجي.
منھنجو پٽ نوجوان هو، کيس اعتماد هيو تہ هن ۾ جيئڻ جي سگهہ آهي، هي سڀ ڪوڙ ڳالھائي رهيا آهن. هو پيرن تي بيٺل آهي ۽ کيس حياتيءَ کي ڪو خطرو نہ آهي.
بائيوپسيءَ جي رپورٽ آئي ۽ ان ۾ ڪينسر ڄاڻايل هئي. مون پنھنجي پٽ کي ٻڌايو تہ “تون ڪينسر جھڙي موذي مرض ۾ مبتلا آهين.” هو مرڪيو ۽ سوزن ڏي بال ڦٽي ڪيو. سوزن اهو بال چڪ ۾ آڻي کيس واپس ڪيو. سوزن هن کي بي انتھا پيار پئي ڪيو. مون محسوس ڪيو پيار کي چار ٽنگون آهن. ٻہ اڳيون ڪتي جون ۽ ٻہ پويون انسان جون. پيار اهڙو جانور آهي جيڪو ماڻھوءَ کي پيار ڪري ٿو ۽ ماڻھو جانور ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو.
امڙ ٻڌائيندي هئي، هن جي پڦي هئي. ان کي اولاد نہ ٿيندو هيو. ڳوٺ کان ست ڪوھہ پري هڪ بي اولاد عورت جنھن کي “پاڙي ماءُ” چوندا هيا، اها بي اولاد عورتن جي حق ۾ دعا گهرندي هئي تہ کين اولاد عطا ٿيندو هيو. پڦيءَ کي ان وٽ وٺي ويا. پاڙي ماءُ پڦيءَ کي ڏسي چيو “ڳوٺ جا ڪتا مارجي وڃن تہ هر بلا جو رستو صاف ٿي ويندو آهي.”
پوءِ سوال ڪيو “ڳوٺ ۾ گهڻا ڪتا آهن؟”
پڦي سوچ ۾ پئجي وئي ۽ پوءِ جواب ڏنو “نہ هجڻ برابر”
پاڙي ماءُ فڪرمند ٿي وئي ۽ ڏک مان اکيون بند ڪري دعا گهري، پوءِ اکيون کولي پڦيءَ کي چيو “وڃ توکي خدا ڪتو عطا ڪندو.”
پڦي ڳوٺ آئي کيس پيٽ ٿيو ۽ خوبصورت پٽ ڄايو. جيڪو هن سان سڄي زندگي وفادار رهيو.
مون کي لڳندو هيو تہ منھنجو پٽ بہ ائين آهي، ڇو جو هر حال ۾ خوش گذاريندو هيو. مرڪندو هيو ۽ جيڪي ملي مزي سان کائيندو هو. هن جون اکيون ناسي هيون. بلڪل اهڙي ڪتي جيان جنھن کي ڀورا وار هجن.
ٺھندڙ جاءِ تي ڇڏيل بوڊو چوڪيدار سان ائين ٺھي ويو جيئن وڇڙيا مليا هجن. پٽ جي بيماريءَ جي ڪري گهڻو وقت منھنجو اسپتال ۾ گذرندو هيو، جنھن ڪري جاءِ تي وڃي نہ سگهندو هيس. ٺيڪيدار دير سان ايندو هو. مسترين چوڪيدار سان ملي منھنجو گهڻو سامان چوري ڪيو، جنھن ۾ لوھہ کان وٺي بجليءَ جون تارون ۽ سيمينٽ شامل هيا. مون کي لڳندو هو تہ چوري ٿي رهي آهي پر ڪجهہ ڪري نہ سگهندو هيس، ڇو جو وقت کي اهميت هئي. چاهيندو هيس تہ جاءِ جو ڪم جاري رهي جيئن ٿوري وقت ۾ سامان کڻي اتي رهائش اختيار ڪيان. پٽ جي بيماريءَ ڪري هر شيءَ هيٺ مٿي ٿي وئي. قسمت کي پيو گهٽ وڌ ڳالھائيندو هيس تہ آخر ان الميي جو انجام ڇا ٿيندو؟
بوڊو نسلي ڪتو ثابت نہ ٿيو. هو ڪنھن غدار جو نسل هو. گهڻا ماڻھو ڪتي جي نفس تي قبضي لاءِ ان جو پڇ ڪٽي پاڻ وٽ رکندا آهن. انسان اندر بہ ٻہ ڊگها ڏند آهن. انھن ڏندن ۾ ڪتي جو وات آهي ۽ وات پويان پورو ڪتو موجود آهي. ائين ڪتي جو نفس ان جي پڇ ۾ آهي. پڇ ڪٽي پاڻ وٽ رکو. بي وفائي ڪري تہ ان جو پڇ ڪڍي لتون هڻون. ڪتي جي رڙ جو آواز ايندو. رڙ ۽ ڀونڪ ۾ فرق آهي. رڙ تڏهن ڪندو آهي جڏهن توهان ان کي بيوفائيءَ جو احساس ڏياريو ۽ ڀوڪندو تڏهن آهي جڏهن توهان سان وفادار هوندو آهي.
مون کي لڳندو هيو چوڪيدار بوڊو جو پڇ ڪٽي پاڻ وٽ رکيو آهي ۽ ان کي جيڪو پڇ لڳل آهي، اهو انسان جو آهي جيڪو ڪنھن وقت انسان کي هيو. منھنجو پٽ بيمار هوندي بہ ڪڏهن گهر کان پڪل کاڌو کڻي ٺھندڙ جاءِ تي پھچندو هيو ۽ بوڊو کي کارائيندو هيو. بوڊو گهر جو کاڌو ائين کائيندو هيو جيئن اهو پيدا ئي اهڙو کاڌو کائڻ لاءِ ٿيو هجي ۽ اهڙو کاڌو روز نہ ملڻ سبب اهڙي کاڌي لاءِ واجهائيندي پنھنجي وجود کان باغي ٿي پيو هجي. هن کي اهڙو کاڌو ان ڳالھہ کان روشناس ڪرائيندو هيو تہ هو جيئرو آهي ۽ چوڪيدار جي انھن ٻارن جيان مئل نہ آهي جن کاڌي جيان ڪڏهن زندگيءَ کي نہ چکيو آهي.
علاج هلڻ باوجود وقت سان منھنجي پٽ جي حالت خراب ٿيندي وئي. هن کي نڪ ۾ نلڪي وڌي وئي، جنھن مان کيس کاڌو پيسي وجهڻ لڳاسين، پر هو نوجوان هيو ۽ کيس هر تڪليف برداشت ڪرڻ جي سگهہ هئي. هن کي نڪ ۾ نلڪي لڳل هوندي هئي، پر پوءِ بہ هو سوزن کي ساڻ ڪري ٻاهر نڪري ويندو هيو. منھنجي پٽ جا دوست ان کان پري ٿي ويا. جيڪڏهن هن وٽ سوزن نہ هجي ها تہ زندگي گذارڻ ڏکي ٿي وڃي ها. منھنجي پٽ جا دوست ڪتا نہ هئا.
ڪتو ان وقت سھارو بنجندو آهي، جڏهن خدا هٿ ڪڍندو آهي. ماڻھو خدا کان گهٽ، ڪتي کان وڌيڪ ڊڄندا آهن. گهرن جي حفاظت لاءِ ماڻھو گهرن ۾ پاڪ ڪتاب رکندا آهن پر چور چوري ڪري ويندا آهن. جنھن گهر ۾ ڪتو هجي ان گهر ۾ نہ گهڙندا آهن.
انسان شين کي نالن سان سڃاڻي ٿو. ڪتو شين کي بوءِ سان سڃاڻيندو آهي. بوءِ ڪتي جي مادري زبان آهي. ڪتو پنھنجي “گرگراهٽ” سان خيالن جو اظھار ڪندو آهي، پر ان جي گرگراهٽ ۾ ساڳيو ورجاءُ هوندو آهي. ان جي ٻولي ٻن لفظن تائين محدود هوندي آهي. اهو اکين جا اشارا بہ ڪندو آهي ۽ ڪنڌ لوڏي ڪجهہ چوڻ چاهيندو آهي. هن جو نڪ نگاھہ ۽ ثواب سنگهي وٺندو آهي. ماڻھن جا رويا سڃاڻي ويندو آهي تہ ان جو ڪھڙو ارادو آهي. ان کي ڪاوڙ ۽ خوشيءَ جي بوءِ ايندي آهي. هو مالڪ جي بوءِ هڪ ڪلوميٽر تان محسوس ڪندو آهي. جڏهن مان پنھنجي پٽ سان اسپتال کان موٽندو هيس ۽ اڃان ڪافي پنڌ پري هوندا هياسين تہ گهر وارا ٻڌائيندا هيا “اسان سمجهي ويندا آهيون تہ توهان پھچڻ وارا آهيو ڇو جو سوزن ڪنڌ کڻي سنگهي وات مان مخصوص آواز ڪڍندي آهي ۽ اسان کي پڪ ٿي ويندي آهي تہ توهان ويجها آهيو.”
سانجهي کانپوءِ اسان جو ڪٽنب سير لاءِ نڪرندو هيو. منھنجو پٽ نڪ ۾ لڳل نلڪيءَ کي هٿ هڻي هر هر پوئتي ڪندو هيو متان نڪري نہ وڃي. هو سدائين مرڪندو هيو. اڳيان هلندڙ سوزن کي پيو ڏسندو هيو. جيڪا ڊڪي اوچتي بيھي رهندي هئي ۽ رستي ۾ پيل شيءِ کي سنگهڻ لڳندي هئي. اسان پٽ پويان هلندي ڏاڍا مايوس ۽ غم ۾ ورتل هوندا هياسين.
اهي سانوڻ جا ڏينھن هيا، وڏ ڦڙو وسي ائين بند ٿي ويو هيو، جيئن يقين ڏياريندو هجي تہ منھنجي وسڻ ۾ منھنجو ڪو ڏوھہ ناهي. رستا آلا هوندا هيا ۽ مٽيءَ جي خوشبوءِ واءَ ۾ سمايل هوندي هئي.
موسم جيان جهڙ کي بہ چار رنگ هوندا آهن. اڇو جهڙ عرش جي ڍنڍ ۾ ترندڙ بدڪ جھڙو هوندو آهي. ناسي جهڙ ڳيري جھڙو پر جهڙ ڪيترو بہ ڪارو هجي اهو ڪانءَ جھڙو نہ هوندو آهي. چوٿون رنگ نيرو هوندو آهي جيڪو ڇڳل جهڙ جي وچ مان نظر ايندڙ آسمان جھڙو هوندو آهي. مون صرف جهڙ کي وسندي نہ ڏٺو آهي پر آسمان کي روئندي بہ ڏٺو آهي.
آپريشن ويل مون کي ڊاڪٽر ٻڌائي ڇڏيو هيو تہ “ڪوشش ڪيون ٿا پر تنھنجي پٽ جي بچڻ جي اميد نہ آهي. ڪينسر جي ڳوڙهين جو تعداد ٻڌائي ٿو، جيڪڏهن ان مقدار ۾ ڳوڙهيون هجن تہ بچڻ ممڪن نہ هوندو آهي.” مان ٻڏتر ۾ هوندو هيس تہ منھنجو پٽ الائي بچندو الائي نه؟ مون اهڙي ڳالھہ ڪڏهن بہ پٽ کي نہ ٻڌائي. هو چوندو هيو “گهٻراءِ نہ ٺيڪ ٿي ويندس.” هن جي اعتماد کي ڏسي لڳندو هيو، ڊاڪٽر ڪوڙ ٿو ڳالھائي. هڪ ڊاڪٽر جي صورت ۾ مان پاڻ بہ محسوس ڪندو هيس، هن جي حياتي ڪجهہ مھينا آهي پر هن جي پراعتماد چھري کي ڏسي لڳندو هيو، ميڊيڪل جي دنيا نامڪمل آهي.
منھنجي ڀاءُ کي هڪ ننڍي شھر ۾ وڏو دفتر هو. ان هڪ ڀوپي سان ڳالھہ ڪئي، ان ڀوپي پنھنجي عمل سان ٻڌايو تہ منھنجي پٽ تي تعويذ ٿيل آهن. ان تي ڪارو جادو ڪيو ويو آهي. ان جو ٽوڙ اهو آهي تہ ٻہ ڪارا ٻڪر وٺي انھن کي ڪنھن ويران هنڌ تي سِير ڏئي ڦٽو ڪيو وڃي ۽ سِير ڏيڻ کان اڳ فون تي ٻڌايو وڃي تہ هاڻي اسين سِير ڏيڻ وارا آهيون. ٺيڪ ان وقت جڏهن سِير ڏني ويندي اهو عامل پنھنجو عمل شروع ڪندو ۽ ڪارن ٻڪرن جي ڪسجڻ سان ڪاري جادوءَ جو اثر ختم ٿي ويندو.
منھنجو توهمات ۾ اعتقاد ناهي پر منھنجي گهرواريءَ ان ڳالھہ تي زور ڏنو تہ ائين ڪرڻ ضروري آهي. ٻن ڪارن ٻڪرن جو بندوبست ڪري مان ۽ منھنجي گهرواري هڪ ڪاسائي ساڻ ڪري ويران جهنگ ۾ وياسين ۽ عامل کي فون ڪري ڪارا ٻڪر ڪھي اڇلي اڳتي وڌياسين ۽ پريان بيھي ڪنڌ ورائي ڏٺوسين تہ خبر نہ پئي ڏھہ ٻارنھن اڇا ڪتا ظاهر ٿيا. اهي پريان ڀڄندا آيا ۽ ڪارن ٻڪرن کي اچي وچڙيا.
منھنجي گهرواريءَ ڪاسائيءَ کي چيو تہ “ڪتن کي هڪلي اچ.”
ڪاسائيءَ چيو “اهي ڪتا نہ فرشتا آهن. گوشت کائڻ لاءِ فرشتن کي ڪتو ٿيڻو پوندو آهي.”
منھنجي زال ۽ مان اهو سوچي فليٽ تي واپس آياسين تہ اهڙي عمل کان پوءِ ضرور اسان جي پٽ تي اثر پيو هوندو. اهو سدائين جيان مرڪي سوزن سان کيڏي رهيو هيو. اسان جي اهڙي عمل جو هن تي نفسياتي اثر پيو ۽ ٻڌايائين “هو هاڻي ڪافي بھتر محسوس ڪري رهيو آهي.”
مان ڪيترا ڏينھن اهو سوچيندو رهيس تہ اهي ڏھہ ٻارنھن اڇا ڪتا ڪيئن ظاهر ٿيا جيڪي ذبح ٿيل ٻن ڪارن ٻڪرن مٿان اچي ڪڙڪيا.
دراصل توهان جي ذهن ۾ جيڪا شيءِ هجي دنيا جي هر شيءَ ان جھڙي نظر ايندي. دل ۾ ڪتو ويٺل هجي تہ ڀونڪڻ جو آواز ايندو. اهي اڇا ڪتا اميدن جو روپ هئا، جن کي لومڙ جھڙا ڪن ۽ بگهڙ جھڙا ڏند هئا. حسرتون جهنگلي جانور جيان آهن، جن کي اسين گهرن ۾ پالڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. نانگ جي مٿي تي پيار مان هٿ ڦيري نہ ٿو سگهجي. ٻلي پنھنجو جسم توهان جي هٿ سان گسائي ٿي، پر بازيگر جي دل پاليل شينھن تي پيار مان هٿ ڦيرڻ وقت خوف کان ضرور تيز ڌڙڪندي هوندي.
ان عرصي دوران جاءِ جو هيٺيون حصو ٺھي تيار ٿيو. مٿيون حصو نامڪمل هو، جنھن ۾ ڪالمن وچ ۾ سيمينٽ جي بلاڪن جون اگهاڙيون ڀتيون هيون. مون وٽ ايترا پئسا نہ بچيا جو ٻاهرين لوھہ جي دروازي کي مڪمل طور بند ڪرائي سگهان. ان دروازي ۾ هيٺيان وٿيون هونديون هيون، جتان ڪتا گهر ۾ ايندا ويندا هئا. بوڊو هاڻي وڏو ٿي چڪو هو پر حفاظت نہ ٿيڻ سبب اهو ٽائون جي ڪتن سان ملي انھن جھڙو ٿي چڪو هو. ٻاهرين در جي هيٺين وٿيءَ مان گهر اندر ايندو ويندو هو. ان اڳيان ڳڀي ٽڪر اڇلائبو هيو تہ شوق سان کائيندو هو. باقي سوزن گهر کان ٻاهر نہ نڪرندي هئي. اها منھنجي پٽ جي ڀڪ ۾ ويٺي هوندي هئي ۽ ان کي ڄڻ افسوس مان پئي ڏسندي هئي.
حقيقت ۾ ڪتن کي سڀ خبر هوندي آهي پر اهي توهان کي ٻڌائي نہ سگهندا آهن. اڳڪٿي ڪرڻ ڪتن جو ڪم آهي. ڪو ماڻھو اڳڪٿي ڪرڻ جي دعويٰ تڏهن ڪري سگهي ٿو جڏهن اهو گهوڙو هجي يا ڪتو.
شايد سوزن کي خبر هئي تہ هو ڪجهہ ڏينھن جو مھمان آهي. ڪتا سنگهي حياتي ٻڌائي سگهن ٿا. ڪتي جي عمر ننڍي هجڻ جو سبب اهو بہ آهي تہ هو پنھنجيون وفاداريون جلد ورهائي ڇڏي ٿو، پوءِ هن وٽ ڏيڻ لاءِ ڪجهہ نہ ٿو بچي ان ڪري جلد گذاري وڃي ٿو.
منھنجو پٽ هاڻي هڪ بستر تي بي سڌ پيل هوندو هو. ان جي ڪيموٿراپي هلندي هئي، جنھن ڪري طبيعت ۾ چڙچڙو ٿي پيو، کيس اوڪارا ۽ الٽيون اچڻ لڳا. جان مان بيزار لڳندو هيو. هڪ دفعي بستر تي ويٺي روئي رهيو هيو تہ سوزن ان وٽ وئي ۽ زبان سان ڳوڙها چٽڻ لڳي. ڏک جو ذائقو نمڪين آهي. انسان جي دل لوڻ سان ڀريل آهي. دل جا سڀ رستا اکين ڏي وڃن ٿا. هو هاڻي روئندو هو. الماڙيءَ مٿان رکيل پيٽرول جي بند بوتل کي ڏسندو هو. اهو پيٽرول جنريٽر لاءِ هوندو هيو. مون کي لڳندو هو سندس آپگهات ڪرڻ جو ارادو آهي. اها بوتل پاڻ مٿان هاري تيلي ڏيندو. مون اها بوتل اتان کڻي گم ڪري ڇڏي. اسان هن کي حوصلو ڏيندا هياسين. “تون ٺيڪ ٿي ويندين، گهٻراءِ نہ” کيس ماءُ چوندي هئي ۽ پوءِ اها دل ۾ چوندي هئي “جيڪر پنھنجي موت کانسواءِ ٻيو ڪو موت نہ ڏسان.” موت گونگو، ٻوڙو، انڌو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان کي نظر نہ ايندو آهي. جيڪڏهن موت ائين نہ هجي تہ انسان ان جون اکيون ڪڍي ڇڏي، ڪن ڪپي ڇڏي ۽ زبان وڍي ڇڏي. موت ڪتي کان بدتر آهي، ڇو جو ڪڏهن بہ ڀونڪي حملو نہ ٿو ڪري. اهو ايندو آهي ۽ گذري ويندو آهي، موت کي بخمل جا جورابا پاتل هوندا آهن. ان کي ڏسڻ جي سگهہ انسان وٽ ناهي.
ڪڏهن منھنجو پٽ چوندو هيو “مون کي ٻاهر کڻائي هلو، هن ملڪ ۾ منھنجو علاج ناهي.”
مان کيس تسلي ڏيندو هيس “دنيا ۾ ان بيماريءَ جو علاج هر هنڌ ساڳيو آهي، ٻاهر بہ اهي ئي دوائون استعمال ٿين ٿيون، جيڪي هن ملڪ ۾.”
هو منھنجي ڳالھين مان مطمئن ٿي ويندو هيو ۽ سوزن جي منھن تي هٿ ڦيريندو هيو.
نئين جاءِ وسيع هئي. ان ۾ نوَ ڪمرا هئا، ٻہ هال ۽ ٽي لائونج. هن جو بسترو لائونج ۾ پيل هوندو هو ۽ اسان ان چوڌاري ڪرسين تي ويٺل هوندا هياسين. کاڌو گرينڊر ۾ پيھي کيس نلڪيءَ وسيلي هڪ سرنج سان ڏيندا هياسين. هن جون اکيون ڳوڙهن سان ڀريل هونديون هيون، سندس ناسي اکين ۾ ترندڙ ڳوڙهن اندر اسان جو پورو ڪٽنب ٻڏل هوندو هيو. مان واش روم جو در بند ڪري روئندو هيس. هن جي ماءُ عبادت ڪندي هئي ۽ هٿ سدائين دعائون گهرندا هئا. ننڍو ڀاءُ هن ڀرسان تيمارداريءَ ۾ مصروف هوندو هيو. مون کي لڳندو هو پورو ڪٽنب ڪاري ڪڪر ۾ رهندو هجي. ان ڪڪر جي هر ڪاري چڳ ۾ ڳوڙهن جون قطارون لڙڪنديون هجن. مون خدا جي بيان ڪيل قيامت کي اکين سان ڏٺو ۽ ان انتظار ۾ هوندو هيس تہ ڪڏهن ٿي دوزخ جي سزا ملي. بوڊو ٽائون ۾ رلندو هو. ڪڏهن ٻاهرين در جي وٿي ٽپي اندر ايندو هو تہ منھنجي پٽ کي ڏسي ان کي وچڙڻ جي ڪوشش ڪندو هيو، پر اسان ان کي هڪل ڏئي پري ڪندا هياسين تہ متان ڪتي جا جراثيم بيمار پٽ کي نہ وچڙي پون. در هيٺيان اچڻ وڃڻ سبب بوڊو لوھہ جي ڄاري چٻي ڪري ڇڏي هئي. انھن ڏينھن دوران ڪو بہ نقصان ڀرڻ لاءِ اسان وٽ پئسا نہ هيا.
هڪ دفعي مان پٽ جي ڪيموٿراپي ڪرائي اسپتال کان موٽيس تہ بوڊو در جي هيٺين ڄاريءَ مان اندر آيو. منھنجو پٽ ڪاوڙ ۾ وٺجي ويو. ان هڪ لٺ کنئي ۽ بوڊو تي وسائڻ شروع ڪئي. بوڊو رڙين ۾ مچي ويو. ڀتين جي ڪنڊ ۾ لڪيو تہ منھنجي پٽ وري ان کي لٺ سان مارڻ شروع ڪيو. هن بوڊي کي مار ڏئي دل جو بار هلڪو ڪيو. پوءِ اندر وڃي بستر تي ويٺو ۽ زارو قطار روئڻ لڳو. سوزن هن جا ڳوڙها چٽڻ آئي ۽ هن کي پري ڌڪو ڏنو. “مان نہ بچندس.” هن چيو “مون کي پڪ آهي مان مرڻ وارو آهيان.” هو سچ چئي رهيو هيو، ڇو جو ڪينسر جسم ۾ ايڏي ڦھليل هئي جو ڪا دوا اثر نہ ڪري رهي هئي. هو ڳالھائيندو هيو ۽ روئندو هيو. مان چپ هوندو هيس ۽ اندر ۾ روئندو هيس. هن جي ماءُ عبادت ۾ مشغول هوندي هئي ۽ ننڍو ڀاءُ پيار ۽ ڏک مان کيس ڏسندو هيو.
اڌ مڪمل جاءِ ٺھڻ کان پوءِ مينھن بند ٿي ويا. جڏهن توهان وٽ ڪو مسئلو نہ هجي تہ پوءِ موسم تي ڳالھائي سگهو ٿا. موسمن جو اثر اتي هوندو آهي، جتي حالتون ٺيڪ هجن. انسان وٽ سدائين ڳوڙهن جي موسم هجي تہ سانوڻ کي ڪھڙي اهميت؟
منھنجو عقيدن ۾ ويساھہ نہ آهي پر عيد نماز ضرور پڙهندو آهيان. ان جو سبب اهو آهي تہ عيد نماز پڙهڻ جي عادت آهي. ننڍي هوندي کان وڏڙن سان عيد نماز پڙهي مان ان جو عادي ٿي چڪو آهيان. اها پھرين عيد نماز هئي جيڪا مون نہ پڙهي. منھنجو پٽ هلڻ جھڙو نہ هيو، ان ڪري وڃي نہ سگهياسين. ان کي اڪيلو ڇڏي وڃون ها تہ سندس دل تي الائي ڇا گذري ها. منھنجي گهرواريءَ حلوو پچايو تہ دل کي ٿوري خوشي محسوس ٿي. هن پٽ کي حلوو گرينڊ ڪري نلڪيءَ مان کارايو.
منھنجي پٽ پنھنجي هٿن سان سوزن کي کارايو. ڪتو ماڻھوءَ جي هر شيءِ کائيندو آهي ۽ ڪڏهن پيار مان پورو ماڻھو کائي ويندو آهي. انسانن جو بہ اهڙو قبيلو آهي، جيڪو مرڻ کانپوءِ ان ڪري ماڻھوءَ کي کائي ويندو آهي جو انھن جو عقيدو آهي تہ جيڪڏهن نہ کائينداسين تہ مئل کي مڪتي نہ ملندي. ان جي روح کي اهو احساس ٿيندو تہ مرڻ کانپوءِ جسم ڪنھن ڪم جو نہ رهيو.
عيد جي ڏينھن بوڊو ٽائون جي ٻين ڪتن سان در جي هيٺين وٿيءَ مان آيو. منھنجي پٽ ٿورو اٿي ان کي پاڻ ڏي اچڻ جو اشارو ڏنو. اهو ڊوڙندو ان وٽ ويو ۽ پليٽ ۾ پيل حلوو کائڻ لڳو.
ان عيد تي جڏهن بوڊو رولو ڪتن سان آيو تہ منھنجي پٽ جي مک تي مرڪ هئي. ڪتي کي ڪيڏو بہ ماريو، اهو ان کي پنھنجي گناهن جي سزا سمجهي توهان کي معاف ڪري ڇڏيندو. مالڪ تي ڪڏهن حملو نہ ڪندو، روئندو ۽ ان جا کڙا ٿيل ڪن ان ڪري هيٺ ٿي ويندا جو اهو توبھہ تائب ٿيندو. بوڊي جي منھن ۾ اهڙو ڪو بہ گُهنڊ نہ هو جنھن مان ان جي ناراضگي ظاهر ٿئي.
منھنجي پٽ کي اها ندامت ٿي رهي هئي تہ ان ڪاوڙ ۾ بوڊي تي تشدد ڪيو. اهو سوچي ان ٽھڪ ڏنو. مون کي زندگيءَ جو احساس ٿيو ۽ سڀ ڪتا پيار مان ڀونڪيا. مون سوچيو زندگي اها ئي آهي، جيئو، ٽھڪ ڏيو ۽ ڀونڪو.

8

جيڪڏهن ڪو ڪوڙ جي وصف پڇندو تہ مان ڪتي جي ننڊ جو مثال ڏيندس. ڪتي جي ننڊ هڪ ڪوڙ آهي. سچو ڪوڙ، انڪري تہ جڏهن ڪوڙ جي پڪ هجي تہ اهو سچو ڪوڙ ٿي پوندو آهي. ڪڏهن ڪوڙ جو اعتراف سچ هوندو آهي. اها بہ هڪ سچائي آهي تہ ڪو ڪوڙ کي ڪوڙ چوي ۽ انڪري ڪوڙ جي پڪ سچ هوندو آهي.
ڪتي جي ننڊ، ڪتي جو مڪر هوندي آهي. ڪتو ڪڏهن ننڊ نہ ڪندو آهي. هو اکيون بند ڪري جاڳندو آهي. جيڪڏهن ڪتي جون اکيون بند هجن تہ اهو عجيب لقاءُ ڏسندو آهي، جيڪي ٿي رهيا هوندا آهن يا ٿيڻ وارا هوندا آهن.
ان رات سوزن هر هر ڇرڪ ڀري اٿي ويھي ٿي رهي. اڳين ٽنگن تي ڪنڌ رکي اکيون ٻوٽيون ئي مس ٿي تہ وري بي چين ٿي اٿي سڀني کي ڏٺو ٿي. هن هر هر کٻي ڪن کي کنھيو پئي.
اوچتو منھنجو پٽ ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿيو ۽ عجيب نظرن سان مون ڏانھن ڏسڻ لڳو. مون محسوس ڪيو هن کي موت جي پڪ ٿي وئي آهي هن جو ڏسڻ ائين هيو جيئن مري وري جيئرو ٿي اسان ڏي ڏسندو هجي. هو پڪ ڪرڻ چاهيندو هجي تہ هيءَ زندگي ساڳي آهي يا موت کان پوءِ واري زندگي شروع ٿي چڪي آهي.
هن مون کي پاڻ ڏانھن اشارو ڏنو. مان هڪدم ان وٽ ويس.
“اسپتال کڻائي هلو.” هن چيو “طبيعت ٺيڪ نہ آهي؟”
مان جلدي کيس شھر جي وڏي اسپتال وٺي آيس. هو نوجوان هو ۽ سندس جسم ۾ ٻل هو. هو سواءِ ڪنھن ويل چيئر جي هلندو اسپتال ۾ داخل ٿيو. ايمرجنسيءَ ۾ کيس بسترو ڏئي، مانيٽر لڳايو ويو. ڪجهہ ميڊيسن ڏني وئي. ڪنھن کي لڳي نہ رهيو هو تہ اهي سندس آخري گهڙيون آهن. هو ڳالھائي رهيو هو ۽ هر هر اوٻاسيون ڏئي رهيو هو.
“مون کي نرم وهاڻو ڏيو، هي سخت وهاڻو هتان هٽايو.” هن چيو وهاڻو تبديل ڪيو ويو ۽ پوءِ هو سمھي پيو. مانيٽر ۾ هلندي هڪ سڌي ليڪ ظاهر ٿي هو گذاري ويو.
دفنائڻ وقت گهر ۾ تمام گهڻا ماڻھو ڪٺا ٿي ويا. اهو ماڻھن جو هڪ وڏو تعداد هيو. جيڪو ڪتن جي تعداد کان پوءِ گڏ ٿيو هو. مون سدائين آس پاس ڪتن جا هجوم ڏٺا، ماڻھن جو ايڏو هجوم ڏسي پڪ ٿي وئي تہ ڌرتي اڃان انسانن کان خالي نہ آهي، رهندڙ دنيا تائين هر حال ۾ انسانن جو تعداد ڪتن جي تعداد کان وڌيڪ هوندو. ڀل انسان ڪتن کي ياد نہ ڪن پر ڪتا انسانن کي ياد ڪندا، ڇو جو انسان مالڪ کي وساري سگهي ٿو. ڪتو مالڪ کي ڪڏهن نہ وساريندو آهي.
بوڊو دوستن سان در تي آيو ۽ هو اداس ويٺل هو. سوزن ماڻھن کان پري هڪ ڪنڊ ۾ لڪيل هئي. مون محسوس ڪيو ڪتا روح ڏسي سگهندا آهن ۽ منھنجي پٽ جو روح آس پاس موجود آهي. سڀ ماڻھو لنگهڻ جا چانور کائي رهيا هئا. ٻوٽيون جام هيون. ڪتن هڏا کاڌا. چون ٿا تہ هڏي کي ڏسي ڪتي جي بک ۽ مستي جاڳي پوندي آهي. پر ان رات ڪتا اداس ۽ سست هيا. هو ڪنھن شيءِ کي مسلسل گهوري رهيا هيا. جيڪا ڳالھہ منھنجي سمجهہ کان ٻاهر هئي.
منھنجي پٽ جي موت کانپوءِ ڪتا يتيم ٿي ويا. ڪتي جو مالڪ مري وڃي تہ اهو رلي ويندو آهي. رولو ڪتا دنيا کي يتيم خانو سمجهندا آهن. هڪ ڏينھن سوزن، بوڊو ۽ ان جي دوستن سان ٻاهر نڪري وئي. گهر ۾ ان جي دلچسپي نہ رهي، نہ ان کي وقت تي کاڌو ملندو هيو، نہ ان برتن جي صفائي ٿيندي هئي جنھن ۾ ان جو پاڻي پيل هوندو هيو. لوڌ ڪتن جي ان پويان هوندي هئي. سوزن پھرين نظر ۾ لومڙي لڳندي هئي. رات جي وقت ان کي گهمندي ڏسي ٽائون جا ماڻھو ڇرڪي ويندا هئا تہ اهو ڪو جهنگلي جانور آهي جيڪو راھہ ڀلجي گهٽين ۾ گهمي ٿو پر پوءِ جڏهن ان کي غور سان ڏسندا هئا تہ کين پڪ ٿي ويندي هئي اها هڪ مختلف قسم جي ڪتي آهي.
سوزن جو رويو ماڻھن سان دوستيءَ وارو هوندو هو. اها ڪتن جي ولر ۾ مختلف نظر ايندي هئي. منھنجي ننڍي پٽ ڪوشش ڪئي تہ اها گهر کان ٻاهر نہ وڃي پر هن کي گهر کان ٻاهر ڪو اهڙو مزو اچي ويو جو سدائين در جي هيٺين وٿيءَ مان ٻاهر نڪري ويندي هئي.
مون سوزن کي هڪ عورت جيان هڪ ٻئي ڪتيءَ سان وڙهندي ڏٺو. ٽائون ۾ هڪ ٻئي ڪتي ڪٿان اچي نڪتي. سوزن ان کي ڪتن جي ولر ۾ ڏٺو تہ حملو ڪيو. اها ڪتي سوزن کان قداور ۽ سگهاري هئي. ويڙھہ ڪري ٻاهر خالي پلاٽ ۾ ڪتن جو گوڙ وڌي ويو. مون ٻاهر وڃي ڏٺو، سوزن هڪ ڪتيءَ سان وڙهي رهي هئي. ان ڪتيءَ سوزن کي ڳچيءَ ۾ چڪ وجهي مٿي کنيو ۽ هيٺ زمين تي دسي مٿان چڙهي ويھي رهي. مون جڏهن اهڙو منظر ڏٺو تہ هڪ وڏو پٿر کڻي ان کي وهائي ڪڍيو. ڪتي سوزن کي ڇڏي پري ڀڄي وئي. سوزن اٿي پنھنجا وار ڇنڊيا ۽ مون کي ڏسي کيس اعتماد اچي ويو تہ مالڪ آيو آهي ضرور مدد ڪندو. اها ڀونڪي ڪنڌ سان اشارا ڏئي رهي هئي تہ اڳتي وڌي ان کان منھنجو انتقام وٺ. مون ڀرسان بيٺل بوڊو کي ٻوٿ ۾ ڀونڊو ڏنو ۽ سوزن کي هڪل ڪري گهر جو اشارو ڏنو. هوءَ ڀڄندي در جي هيٺائين وٿيءَ مان ٽپي اندر هلي وئي.
ٽائون جو چيئرمين مون وٽ آيو ۽ چيائين “ڪتن ماڻھن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. ڪجهہ ڏينھن ۾ اسان ٽائون اندر ڪتن خلاف ڪاروائي ڪرڻ وارا آهيون. جيڪڏهن توکي ڪتن جي زندگي عزيز آهي تہ انھن کي ڳچيءَ ۾ پٽو وجهہ ۽ گهر اندر قيد ڪر.”
مون چيئرمين جي ڳالھہ ٻڌي ۽ چيو “سڀ ڪتا منھنجا نہ آهن. مان ڪوشش ڪندس تہ انھن کي الڳ ڪيان ۽ ڳچيءَ ۾ پٽو وجهي ٻاهر نڪرڻ نہ ڏيان “چيئرمين ويو تہ مون سوزن کي ڳچيءَ ۾ پٽو وڌو. سوزن کي گهر اندر رکڻ ۾ تہ ڪامياب ٿيس پر بوڊو هڪ نافرمان ڪتو ٿي چڪو هو. اهو موقعو مهل ڏسي ٻاهر نڪري ويندو هيو ۽ ٽائون جي ڪتن سان ملي هڪ ٿي ويندو هو.
ٽائون ۾ ڪتن خلاف ڪارروائي ٿي. رپيٽرن سان گارڊ ڪتن کي مارڻ لڳا. هر طرف فائرنگ جا آواز اچڻ لڳا. ڪافي ڪتا ماريا ويا جن کي هڪ ڪيريئر ۾ کڻي ٽائون کان ٻاهر دفنائي آيا. ڪيترن ئي ڪتن ڀڄي جان بچائي بوڊو بچي ويو ۽ اهو در جي هيٺان ٽپي مٿي اڌ ٺھيل جاءِ ۾ وڃي لڪيو جتي سوزن هن جو انتظار ڪري رهي هئي.
منھنجي پٽ جي موڪلاڻيءَ کانپوءِ نامڪمل جاءِ ائين نظر ايندي هئي جيئن اها ڊٿل هجي. اڌ مڪمل حصي جي پلسترن ۾ چير نظر ايندا هيا. منھنجي لاءِ حيرت جي ڳالھہ هئي تہ نئين جاءِ ۾ چير ڪيئن پئجي ويا آهن. مان ايڏو تہ وائڙو ۽ هيسيل هوندو هيس جو ڪو بہ مسئلو سمجهي نہ سگهندو هيس. اعتماد ختم ٿي چڪو هيو ۽ خوف ۾ مبتلا هوندو هيس. مون هڪ ٻن مسترين سان صلاح ڪئي، انھن کي جاءِ جا چير ڏيکاريا. هر ڪنھن پنھنجو الڳ رايو ڏنو. هڪ چيو “جاءِ جي ترائي ٿيل نہ آهي.” ٻئي چيو “جاءِ جڏهن پنھنجي توازن تي ايندي آهي تہ هيٺ مٿي ٿيڻ ڪري ان ۾ ٿورا گهڻا چير اچي ويندا آهن.” ٽئين ائين چيو تہ “جنھن گهر ۾ ڪتا هجن ان ۾ اهڙيون آفتون اينديون رهنديون آهن.”
مون سوچيو جيڪڏهن ڪتا آفتون آهن تہ پوءِ خدا انھن کي خلقي ڇو ٿو؟ هر مذهبي چوي ٿو جنت ان لاءِ آهي. مذهبي عقيدي جي بنياد تي هڪ ٻئي سان وڙهن ٿا. خدا ڪنھن مان بہ مايوس نہ آهي. اهو ڌرتيءَ تي هر مذهب جو ماڻھو خلقي ٿو. خدا جي تخليق اڳيان مذهب جي حيثيت نہ آهي. ڪتا ڪنھن بہ پيغمبر جي امت نہ آهن. نہ اهي جنت جا داعي آهن، نہ دوزخ کي مڃيندڙ. ڪتا ڌرتيءَ جا اهي ڪافر آهن جيڪي انسان کي خدا مڃين ٿا. منھنجو ايمان آهي، جيڪڏهن جنت آهي تہ اها صرف ڪتن لاءِ آهي ۽ ماڻھو ڪتن جي صدقي جنت ۾ داخل ٿيندا. اهو سوچي دل کي آٿت اچي ٿي تہ منھنجو پٽ جنت ۾ هوندو ڇو جو اهو ڪتن جو خدا هو.
مٿين جاءِ جو نامڪمل حصو کنڊر جو ڏيک ڏيندو هو. فرش تي ڀڳل بلاڪن جا ٽوٽا، هاريل بجرو ۽ هل سينڊ ناهموار طريقي پيل هوندا هيا. مٿي وڃڻ گهٽ ٿيندو هيو. ڪتا در جي هيٺان پيا ايندا ويندا هيا ۽ ڏاڪڻ چڙهي مٿي ويران جاءِ ۾ رهندا هيا.
هاڻي سوزن هڪ ڳورهاري عورت جيان پڌر ۾ اچي بيھندي هئي ۽ ان کي گوشت جي رس ۾ ماني ڀوري ڏيندا هياسين. ان کان مالڪ جو ڏک وسري چڪو هو. مان مارڪيٽ مان گوشت جي ٿيلھي ڀرائي وٺي ايندو هيس ۽ ٿيلھيءَ مان ڪڪڙ جا ڪچا جيرا ڪڍي هن آڏو اڇلائيندو هيس تہ هوءَ مون ڏي تعريف جي نظرن سان ڏسندي هئي. ڄڻ مرڪي سوچيندي هجي تہ دنيا ۾ سڀ جانور شڪار ڪن ٿا پر انسان جھڙو شڪاري ڪو بہ نہ آهي. هڪ ڪتي ائين سوچي سگهي ٿي ڇو جو جانورن کي مارڪيٽ جي خبر نہ آهي. انھن کي اها ئي خبر آهي تہ گوشت شڪار ڪري حاصل ڪبو آهي ۽ دنيا ۾ انسان سڀ کان وڌيڪ گوشت واپرائي ٿو ان ڪري انسان جھڙو شڪاري ڪو بہ نہ آهي.
اها سانوڻ جي موسم هئي جڏهن سوزن کي چار گلر ڄايا. مون مٿي وڃي ڏٺو واش روم لاءِ ڇڏيل جاءِ جي ڪنڊ ۾ جتي بجرو کوٽي هن کڏ ٺاهي هئي. ان ۾ بند اکين سان چار گلر هن جا ٿڻ ڳولھي رهيا هيا. مون کي ڏسي سوزن ڪامياب عورت جيان مرڪي. مون ڏٺو اهي مختلف رنگ جا گلر هيا جيڪي ڏسڻ ۾ سھڻا نظر اچي رهيا هيا. جڏهن هيٺ لھي آيس تہ پوءِ بہ انھن گلرن جون ميڪون منھنجي ڪنن ۾ گونجي رهيون هيون.
گلر ٿورا وڏا ٿيا تہ مٿي ڊوڙون پائڻ لڳا. اهي هڪ ٻئي کي چنبڙي ملھہ وڙهڻ لڳا ۽ مستيءَ مان ٽپا ڏئي هر هر سوزن جي ٿڻن کي پئي چنبڙيا. مان مارڪيٽ مان مرغيءَ جو گوشت وٺي آيس تہ ڪجهہ ڇڇڙا سوزن لاءِ الڳ ڪيا. گوشت فريزر ۾ رکي ٿيلھي کولي ڇڇڙا سوزن اڳيان اڇلايا. سوزن کائڻ لڳي تہ چار گلر بہ انھن ڇڇڙن کي اچي چنبڙيا. ٻئي ڏينھن مون ڏٺو چارئي گلر مئا پيا هيا. سوزن انھن کي سنگهي اٿارڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. انھن جي موت جو سبب شايد اهي ڇڇڙا هيا جيڪي هضم ڪري نہ سگهيا. اها انھن جي کير پيئڻ جي عمر هئي پر ڇڇڙا کائي انھن ڄڻ خودڪشي ڪئي هئي. مان پنھنجي ڪيئي تي پشيمان ٿيس، سوچڻ لڳس تہ اجايو مون تڪڙ ڪري ڇڇڙا انھن آڏو اڇلايا. سوزن هيٺ لھي اچي ها تہ کيس الڳ ڇڇڙا کارائي اهڙي سانحي کان بچائي وجهان ها.
مون پنھنجي ننڍي پٽ سان انھن چئن گلرن جي لاشن کي هڪ ٻوريءَ ۾ وڌو ۽ کڻي ڏاڪڻ طرف وڌيس تہ سوزن روئندي اسان پويان ڊڪندي آئي. سانوڻ ڏک جي موسم هوندو آهي ڇو جو وسڻ کان پوءِ ڌرتيءَ تي ڳوڙهن جي بوءِ هوندي آهي. وسندو آهي تہ بس ئي نہ ڪندو آهي. وڏ ڦڙو، ننڍ ڦڙو ۽ وري ٿوري چپ، چپ ۾ ڪاري جهڙ جو گجگوڙ ۽ وري ڦڙ ڦڙ وڌندي ويندي آهي، پوءِ وري وڏ ڦڙو ۽ ننڍ ڦڙو.
مون ۽ منھنجي پٽ بيلچي سان ڀرسان پيل خالي پلاٽ ۾ کڏ کوٽي ۽ چئن گلرن جا لاش ان ۾ دفنائي ڇڏيا. هلڪو مينھن وسي رهيو هيو ۽ اسان جا ڪپڙا آلا ٿي ويا. مون محسوس ڪيو منھنجو پٽ روئي رهيو آهي. منھن تي پوندڙ مينھن ڪڻين ڪري مون ان جا ڳوڙها تہ نہ ڏٺا پر سندس ڳاڙهيون اکيون ۽ لٿل منھن ٻڌائي رهيو هيو تہ کيس صدمو رسيو آهي. مون پنھنجي اندر ۾ کڏ محسوس ڪئي جنھن ۾ منھنجو موڪلائي ويل پٽ دفن ٿيل هو.
دراصل اسان کي ٻين جي ڏکن ۾ پنھنجا ڏک نظر ايندا آهن. هر مئل ماڻھوءَ جو چھرو اسان جو چھرو هوندو آهي. پالڪيءَ ۾ ڪفن اندر مئل ماڻھو نہ هوندو آهي پر اسان جو وقت هوندو آهي جيڪو مستقبل جي صورت ۾ نظر ايندو آهي.
چئني گلرن جا لاش دفنائي جڏهن موٽياسين تہ مٿان سوزن جي روئڻ جو آواز اچي رهيو هيو. مون مٿي وڃي ڏٺو. زندگيءَ ۾ مون اهڙو لڱ ڪانڊاريندڙ منظر شايد ئي ڏٺو هجي. سوزن هڪ انساني عورت جيان روئي پار ڪڍي رهي هئي. مون ان جي اکين مان ڳوڙهن کي وهندي ڏٺو. ان جي روئڻ جو آواز ايڏو تہ غمناڪ هيو جو پوري جاءِ ان سان گڏ روئڻ لڳي.
مون کي منھنجو موڪلائي ويل پٽ ياد اچي ويو ۽ مان هيٺ ويھي رهيس. مان ڪتيءَ سان گڏ روئي رهيو هيس. ڪتيءَ کي پنھنجو غم هيو ۽ مون وٽ پنھنجو. اسان روئڻ ۽ کلڻ جا موقعا تلاش ڪندا آهيون، ڏکايل هوندا آهيون تہ ڪائنات جي هر شيءِ روئيندي محسوس ٿيندي آهي ۽ خوش هوندا آهيون تہ ان ڳالھہ تي حيرت کائيندا آهيون تہ ڪائنات خوش ڇو نہ آهي؟
جاءِ جي مٿين نامڪمل حصي مان سوزن جي روئڻ جو آواز ايندو رهيو. اها ڪيترا ڏينھن اڪيلائيءَ ۾ روئيندي رهي. بوڊو ٽائون ۾ رولاڪ ڪتن سان گهمندو رهيو. هڪ ڏينھن سوزن ٻاهر وئي ۽ ڀرسان وارو پلاٽ کوٽي هڪ ٻچي جو لاش ڪڍي وات ۾ کڻي آئي. مون ان کي اندر اچڻ کان روڪيو. هوءَ وات مان هر هر مخصوص آواز ۾ گر گر ڪري منھنجي روڪڻ تي احتجاج ڪندي رهي. مون ڏٺو ٻچي جو لاش ڌرتيءَ ۾ سٺي طريقي دفن نہ ٿيڻ ڪري اس ۾ سڪي ٺوٺ ٿي ويو هيو. اهو اهڙي مميءَ جھڙو هو جنھن جا نقش ۽ عضوا سلامت هيا. مون سوزن کي لنگهڻ جي جاءِ ڏني. اها ٻچي جي لاش کي ڏاڪڻ مان کڻي مٿي هلي وئي. مون مٿي وڃي ڏٺو. اها خوش هئي، محسوس ٿي رهيو هيو تہ هوءَ مرڪي رهي آهي. هن لاش کي هيٺ رکيو هيو ۽ سامھون ويھي ان کي ڏسي رهي هئي. سوزن کي پڪ هئي تہ اهو جيئرو آهي ۽ ٿوري دير ۾ اٿي ان جا ٿڻ چوسيندو.
احساس جو اظھار انھن وٽ وڌيڪ آهي جيڪي ڳالھائي نہ ٿا سگهن. لفظ سامونڊي طوفان ۾ تباھہ ٿيل جھاز جي ٽڪرن جھڙا نہ آهن. جيڪي طوفان جو حال بيان ڪري سگهن. سمنڊ جي مٿاڇري تي ڦھليل جھاز جا ٽڪر طوفان جي بيان جي وڌيڪ سگهہ رکندڙ آهن. جھاز جي ٽڪرن جون علامتون لفظن کان وڌيڪ منظر سمائي وارتا کي بيان ڪن ٿيون.
ڪتن جي ٻوليءَ ۾ لفظ نہ آهن پر علامتون آهن. ڪتا ڳالھائيندا آهن تہ علامتن جي زبان ۾ اظھار ڪندا آهن جيئن ڀونڪ جيڪا خطري ۽ نفرت جي علامت آهي. مون محسوس ڪيو سوزن ٻچي سان علامتن ۾ ڳالھائي رهي هئي.
“منھنجا پٽ، تنھنجي وڃڻ جي وهي ڪانہ هئي. اڃان تہ تنھنجي حصي جي حياتي تنھنجو انتظار ڪري رهي هئي.”
مون ان جا لفظ محسوس ڪيا ۽ دل تي هٿ ڏئي هيٺ ويھي رهيس. منھنجي اکين مان لڳاتار ڳوڙها ڳڙڻ لڳا.
“منھنجا پٽ توکي اڃا دنيا ۾ گهڻا ڪم ڪرڻا هيا. تون نہ پيار ڪيو، نہ عشق ڪيو. تنھنجا ٻار ٿين ها. مان انھن کي سيني سان لائي پيار ڪيان ها. تون ڀل منھنجو سھارو نہ ٿئين ها پر تنھنجي هڪ دنيا هجي ها جنھن ۾ تون خوش گذارين ها.”
مون سوزن جي دل جو هر لفظ هڪ علامت جي صورت ۾ محسوس ڪيو ۽ دل تي هٿ ڏئي روئندو رهيس. ٻچي جو لاش ان اڳيان پيل هيو ۽ هوءَ هر هر اڳتي وڌي ان کي سنگهي اٿارڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ڀرسان پاٽ ۾ پاڻي چمڪي رهيو هو ۽ هوءَ هر هر لاش کي پاڻيءَ طرف اشارو ڪري رهي هئي.
“منھنجا پٽ تون مون کي دنيا ۾ ائين ڇڏي هليو ويندين مون تہ ڪڏهن سوچيو بہ نہ هيو. تنھنجي وڇوڙي کان وڏو ڏنڀ مون لاءِ ڪو ٻيو نہ آهي.”
سوزن ٻچي جي لاش ڀرسان ليٽي پئي ۽ هن پنھنجا ٿڻ کولي ڇڏيا. هن جا ٿڻ گهڻي کير ڀرجي وڃڻ ڪري سخت ۽ وڏا ٿي چڪا هيا. هن کي پڪ هئي تہ ٻچو اٿندو ۽ سندس ٿڻ ۾ وات وجهي پنھنجي رهيل حصي جو کير پي ان درد کان نجات ڏيندو جيڪو درد کير جي صورت ۾ ٿڻن اندر گڏ ٿي چڪو آهي.
ڏک بورچيخاني جي باھہ جيان آهي. وقت کاڌي جيان پچي راس ٿئي ٿو تہ باھہ جي ضرورت نہ ٿي ٿئي. وقت جي هڪ هٿ ۾ خنجر آهي ۽ ٻئي هٿ ۾ مرهم. اهو زخمي ڪري ٿو ۽ شفاياب ڪري ٿو. سوزن ٻچي جي لاش کي وساري ويٺي ۽ مان لاش کي وري دفنائي ڇڏيو. ڪجهہ عرصو گذريو تہ هوءَ وري پيٽ سان هئي. هن جو گهڻو وقت مٿي ويران جاءِ ۾ گذرڻ لڳو. هيٺ اچي ڳڀو کائي مٿي وڃي سمھي پوندي هئي. هڪ ڏينھن مون ان جا ٽھڪ ٻڌا. مان آفيس کان آيل هيس منھنجن پيرن ۾ اڃان بوٽ پاتل هو. ڏاڪڻ چڙهي مٿي ويس تہ سوزن ٿيڙ کائيندي اٿي اڳتي آئي ۽ خوشيءَ مان پڇ لوڏڻ لڳي. ڪتي جي دل مالڪ جي بوٽ ۾ هوندي آهي. ان جي دل بوٽ جي آواز سان ڌڙڪندي آهي.
مون ڏٺو اتي ڪنڊ ۾ چار انڌا گلر چري رهيا هيا. انھن جون اکيون بند هيون. مون جڏهن بہ ڄايل گلرن کي ڏٺو تہ انھن جون اکيون سدائين بند ڏٺيون، پوءِ ان پھاڪي تي سوچندو هيس تہ (تڪڙي ڪتي انڌا گلر ڄڻيندي آهي) مون ڏٺو ڪتي تڪڙي هجي يا نہ، ان کي گلر سدائين انڌا ڄمندا آهن.
جاءِ جو مٿيون نامڪمل حصو وري آباد ٿي ويو. مون اهو مٿيون حصو پنھنجي وڏي پٽ لاءِ ٺھرائڻ پئي چاهيو پر زندگيءَ هن جو ساٿ نہ ڏنو سندس مڱڻو ٿيل هو ۽ هن جي وڇوڙي کان ٿورو اڳ هن جي مڱيندي گهر بہ آئي هئي. منھنجو پٽ هن کي ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيو هيو. ڏکن جي مقابلي ۾ سکن جي عمر ننڍي هوندي آهي يادگيرين ۾ ڏک ئي ياد جي صورت ۾ رهجي ويندا آهن. خوشيون ائين وسري وينديون آهن جيئن انھن جو وجود هيو ئي نہ. اسان جو ماضي جسماني صورت رکي ٿو ۽ ان جي شڪل هڪ ڳوڙهي جيان آهي. چار گلر ٿورا وڏا ٿيا تہ ڏاڪڻ مان هيٺ لھي پڌر ۾ گهمندا هيا. انھن مان ٽي لڙڪندڙ ڪنن وارا ناسي اڇا گلر هيا ۽ هڪ گلر اهڙو هيو جنھن جا ڪن کڙا ۽ رنگ مڪمل اڇو هو.
هر خميس تي هڪ اهڙو فقير ايندو هيو جنھن جي صدا پري کان پڌري هوندي هئي. ان جو آواز پريان گونجندو منھنجن ڪنن سان ٽڪرائبو هو.
“ڏي سخي نالي رب جي، تنھنجو ڀلو ٿيندو.”
هو هر هر ساڳيو جملو ورجائيندو هيو. اهو پراسرار فقير اچي لٺ سان در کڙڪائيندو هيو ۽ پوءِ سين هڻي انتظار ڪندو هيو.
مان اڳتي وڌي در کولي ان کي خير ڏيندو هيس. خير ۾ هو ڪجهہ نہ گهرندو هيو جيڪي هن کي ڏيندا هياسين سڀ قبول ڪندو هيو. هن جي نظرن جا مرڪز گهر ۾ گهمندڙ گلر هوندا هيا. هو گلرن کي ڏسي خوش ٿيندو هيو ۽ هڪ مرڪ مسلسل هن جي چپن تي هوندي هئي. اهو فقير نوجوان هيو ۽ سندس چھري ۾ مون کي پنھنجي پٽ جي شڪل نظر ايندي هئي. محسوس ٿيندو هيو ان جو روح فقير جو روپ ڌاري بھاني سان گهر اچي ٿو ۽ پنھنجا ڪتا ڏسي خوش ٿئي ٿو.
“مون کي بہ ڪجهہ ڪتا ڏي نہ بابا.” هو چوندو هو.
مان ان جي منھن ۾ ڏسندو هيس. مون کي اهو ڀورن وارن مان ٺھيل نظر ايندو هو. ان جون اکيون چمڪندڙ ناسي هونديون هيون.
“توکي گهڻا گلر گهرجن.” مون ان کان سوال ڪيو.
“ٻه” هن جواب ڏنو.
مون ٻہ گلر کڻي ان کي ڏنا ۽ هو گودڙيءَ ۾ وجهي هليو ويو. منھنجي دل ڀرجي آئي ڇو جو هو ويندي مڙي ڪنڌ کڻي جاءِ جي مٿين حصي کي ڏسي رهيو هيو. پٽ جي موت کانپوءِ مون کي هر نوجوان پنھنجي پٽ جھڙو نظر ايندو هو. رستي تي ٺھندڙ جاءِ ۾ ڪم ڪندڙ ڪو مزدور مون ڏي ڏسندو هو تہ مون کي ان جون اکيون پنھنجي پٽ جھڙيون نظر اينديون هيون.
اسپتال جي بستر تي مرڻ کان اڳ مون کي منھنجي پٽ بي وسيءَ مان ڏسندي هٿ جو اشارو ڏنو هيو تہ “کيل ختم.”
هن هٿ کي ائين ڇنڊيو هيو جيئن زندگيءَ جي زهر سان ڌوئي موت جي ذائقي چکڻ کان اڳ ڇنڊيو هجي. مان اهو منظر وساري نہ ٿو سگهان. هن جي هٿ جو اهو آخري اشارو ياد ڪري اڄ بہ اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي اچن ٿيون. ايمبولنس ۾ جڏهن هن جو جسم کڻائي گهر اچي رهيو هيس تہ مون رڙيون ڪندي ان جي هٿ کي پڪڙيو هيو. ان جي هٿ جي ٿڌاڻ ۽ تاثير ياد ڪري منھنجي جسم ۾ ٿڌ جي لھر اٿي ٿي. مان ڏڪڻ شروع ڪيان ٿو.
هڪ دفعي ان جي قبر تي مون کي اهڙو شخص ويٺل نظر آيو جنھن کي اڇا ڪپڙا پاتل هيا. مان جڏهن اتي پھتس تہ ڄڻ اهو منھنجو انتظار ڪري رهيو هيو. نمورين جي موسم هئي. قبر مٿان نم جو وڻ آهي. هر طرف هيڊيون نموريون ۽ سڪل پن ڦھليل هيا ڄڻ وڻ غم ۾ رنو هجي ۽ نموريون ڳوڙها هجن.
قبر تي ويٺل شخص مون ڏي ڏٺو ۽ چيو “بکايل آهيان، ڪجهہ خير ڏي.” مون همدرديءَ مان ان ڏانھن ڏٺو.
“تون ڪير آهين؟” مون پڇيو.
“مان هڪ غريب شخص آهيان.” ان چيو.
ٿوري دير چپ ٿي ويو ۽ پوءِ وري ڳالھائين “بس وڌيڪ نہ پڇ.”
مون کيسي ۾ هٿ وجهي ڪجهہ پئسا ڪڍي کيس ڏنا.
توهان جي ڪا شيءِ گم ٿي وڃي. توهان ان شيءِ کي ڳولھيو تہ نظر ايندڙ شيون توهان کي گم ٿيل شيءِ جھڙيون نظر اينديون.
مان وڃائي ويٺو هيس ۽ وڃائجي ويل جي گمان ۾ هر نظر ايندڙ شيءَ وڃائجي ويل شيءَ جھڙي نظر ايندي هئي.
هڪ ڏينھن اهو پراسرار فقير جيڪو ٻہ گلر وٺي ويو هيو، در تي آيو ۽ سين هڻي لٺ سان در کڙڪايو. مون ڪجهہ پئسا ان کي خيرات ۾ ڏيڻ چاهيا پر ان نہ ورتا ۽ چيو “ٻہ گلر ٻيا بہ ڏي.”
مون حيرت مان ان جي جهڙ جھڙي منھن ۾ ڏٺو ۽ پڇيو.
“ٻہ گلر تہ توکي پھريون ڏنا هيا، اهي ڪاڏي ويا؟”
“مون اهي هڪ ٻئي فقير کي سوکڙي طور ڏئي ڇڏيا.” هن چيو “هاڻي صفا اڪيلو آهيان، ٻہ گلر ٻيا ڏي تہ پاڻ وٽ رکان.”
مون ڪجهہ سوچيو ۽ پوءِ چيو “ترس!”
منھنجي پٽ کي صفا اهڙي عادت هوندي هئي، هو هر شيءَ دوستن کي سوکڙيءَ طور ڏئي ڇڏيندو هو. هن وٽ هڪ تمام پراڻي ناياب پتل جي سيٽي هئي جيڪا هڪ دوست کي تحفي ۾ ڏني. ڪيترائي پراڻا سڪا ۽ نگينا هيا جيڪي هن دوستن ۾ ورهائي ڇڏيا.
مون بچيل ٻہ گلر هٿن ۾ کنيا ۽ سوزن منھنجي پيرن ۾ چنبڙي پئي. هوءَ سمجهي وئي تہ مان هن جا ٻچا ڪنھن کي ڏيڻ وڃي رهيو آهيان.
هن کي خبر هئي تہ منھنجا ٻچا هو پھريون ئي ڪنھن کي ڏئي چڪو آهي ۽ بچيل ٻچا بہ ڪنھن کي ڏيڻ چاهي ٿو.
ڪتو ڪيترو بہ جاهل ڇو نہ هجي ان کي ڳڻڻ ضرور ايندو آهي. ٽي بسڪيٽ کڻي ٻہ لڪائي هڪ هن کي ڏيو تہ کائي توهان جي هٿن ۾ ٻہ بسڪيٽ ضرور ڳولھيندو.
سوزن بہ ٻن گلرن کان پوءِ ٻيا ٻہ ٻچا ڪنھن بہ صورت ۾ وڃائڻ نہ پئي چاهيا. مان ٻہ گلر هٿن ۾ کڻي ڏاڪڻ مان هيٺ لٿس تہ هوءَ پويان ڀڄندي آئي. در تي بيٺل فقير کي جيئن ٻہ گلر ڏنم تہ سوزن ان فقير کي ڏسي پڇ لوڏڻ لڳي ۽ فقير جا پير سنگهي چپ ڪري ويھي رهي. فقير کليو ۽ چيو.
“مان هن کي خيرات مان مليل ماني ڀوري کارائي اٿم. مون کي سڃاڻي ٿي.”
پوءِ ان سوزن جي مٿي تي پيار مان هٿ ڦيريو ۽ هليو ويو.
مون کي اها ڳالھہ اڃا سمجهہ ۾ نہ آئي آهي تہ سانوڻ جي موسم ايڏو جلد ڇو ايندي آهي. مون آسمان تان ڪڏهن ڪارو جهڙ هٽندي نہ ڏٺو. سدائين گجگوڙ ٻڌا ۽ مينھن جي پھرين ڪڻين سان تپندڙ ڌرتيءَ جي مٽي مان اٿندڙ ڳوڙهن جي خوشبوءِ محسوس ڪئي. اها اهڙي ئي گهڙي هئي، جڏهن آسمان ڪاري جهڙ سان ڀريل هو ۽ سج جو نانءُ نشان نہ هو. آسمان جهڙ سان ڀريل هجي تہ ويل جي خبر نہ پوندي آهي. سڄو ڏينھن هڪ جھڙو نظر ايندو آهي. صبح، منجهند ۽ شام سڀ هڪ جھڙا ٿي ويندا آهن.
گهر بند هو ۽ اسان شھر جي هڪ وڏي اسٽور تان سامان وٺي موٽيا هياسين. منھنجي پٽ گاڏي در ٻاهران روڪي، هيٺ لٿاسين تہ در تي هڪ ڪتو ويٺل هيو. اهو هيڊو ۽ اڇي رنگ جو زخمي ڪتو هو، جنھن کي ڳچي وٽ زخم جو نشان هو جيڪو شايد گولي لڳڻ ڪري هو. ڪتو بي وس انسان جيان اکيون هيٺ ڪري وات کولي سھڪي رهيو هو. منھنجو ننڍو پٽ ڪتي کي سڃاڻي ويو ۽ ان جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. هن مون ڏانھن آلين اکين سان ڏٺو.
مون پڇيو “خير تہ آهي نه؟”
هن ڪتي ڏانھن اشارو ڪندي چيو.
“بوڊو آهي.”
مون ڏٺو اهو ميرو ۽ زخمي ڪتو وڃائجي ويل بوڊو هيو، جيڪو ڪمزور جسم ڪري سڃاڻڻ ۾ نہ پئي آيو.
زخمي بوڊو مون اڳيان سھڪي رهيو هو ۽ مان ان جي ناسي اکين ۾ نھاري رهيو هيس. اسان ان کي وساري ويٺا هياسين ۽ اهو بہ ان عرصي دوران ڪڏهن در تي نہ آيو پر گارڊن طرفان گوليءَ سان زخمي ٿيڻ کانپوءِ اهو موٽيو هيو. شايد ان جا ٻيا سڀ ساٿي مارجي چڪا هيا ۽ هو اڪيلو رهجي ويو هيو.
مان ۽ منھنجي پٽ ان اڳيان مانيءَ ڳڀو ۽ پاڻيءَ جو ٿانءُ رکيو. هن انھن ڏانھن ڏٺو بہ نہ. هو مسلسل مجبور ۽ بي وس اکين سان اسان ڏانھن ڏسندو رهيو. جيئن هو مرڻ کان اڳ موڪلائڻ آيو هجي. ان جو زخمي جسم ڏسي مون کي پٽ ياد اچي ويو جنھن جو جسم بہ زخمي هيو. ان جا ڪيترائي آپريشن ٿيا هيا. ڪي زخم ڇٽي ويا هيا ۽ ڪي زخم تازا هيا. اهو مرڻ کان اڳ مون کان موڪلائي رهيو هيو.
جيئڻ سکو تہ وقت کان سکو جيڪو ڪڏهن نہ ٿو مري. وقت جھڙو فلسفي، ڏاهو ۽ حڪيم ڪير بہ نہ آهي. وقت فلسفي جو بادشاھہ آهي، وڻيس تہ ڪنھن کي قبول ڪري، نہ وڻيس تہ قتل ڪرائي. وقت ڏاهپ کي آڱر کان پڪڙي گڏ گهمائيندو آهي ۽ هر منزل جي ڏاهپ ان دور جي ڏاهپ هوندي آهي پر وقت ڪتي کان شڪست کائي ٿو. ڪتو وقت کي نہ مڃيندو آهي. ان وٽ ڪلھہ، اڄ ۽ سڀاڻي ۾ ڪو فرق نہ آهي. سڀ ڏينھن هڪ جھڙا آهن. ڪتا واچ نہ پائيندا آهن. ڪلينڊر نہ ٺاهيندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو انسان جيان گذريل وقت تي افسوس نہ ڪندا آهن. حال جي پرواھہ نہ ڪندا آهن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي نہ ٺاهيندا آهن.

9

ڪيترا سج لٿا ۽ چڙهيا. جاءِ مٿان پاڇا وريا ۽ وري وريا. منھنجي گهرواري جيڪا پٽ جي وڇوڙي کانپوءِ ڊپريشن جي مريض ٿي وئي هئي. اها هڪ ڏينھن اٿي. ان صحتمند ماڻھوءَ جيان وکون کڻڻ شروع ڪيون ۽ ٿورو گهڻو ڳالھائڻ شروع ڪيو. ان جي ڪتن ۾ ڪا دلچسپي نہ هوندي هئي. جيڪڏهن توهان جي نظر ۾ ڪا شيءِ فضول هجي تہ پوءِ اها دل تي ٻوجهہ هوندي آهي. هن کي ڪتا سدائين ڪتا نظر آيا. ڪتو ماڻھوءَ جو متبادل نہ ٿو ٿي سگهي جيسين توهان ان کي ماڻھوءَ جي نظرن سان ڏسندا. هڪ ڏينھن ان چيو “گهر خالي ٿي ويو آهي.”
هن جي اهڙي سوال تي منھنجي تصور ۾ ڪتا ڀونڪڻ لڳا.
“جاءِ جو مٿيون نامڪمل حصو ٺھرائي، هاڻي ننڍي پٽ جي شادي ڪرايون.” هن ڳالھائيندي چيو “هو جوان ٿي چڪو آهي گهر ۾ ٿوري رونق ٿي ويندي.”
مون ان سان ها ۾ ها ملائي.
“ڪا ڪنوار ڏٺي اٿئي؟” مون سوال ڪيو.
“پنھنجي ڪٽنب ۾ ڪيتريون ئي نوجوان ڇوڪريون آهن.” هن چيو “مرضي پڇي ڇوڪريءَ جي چونڊ ڪري سگهجي ٿي.”
مون ڪجهہ دير ان جي منھن ۾ ڏٺو، هاڻي ان جي منھن ۾ رونق وري آئي هئي.
“وري بہ تنھنجي نظر ۾ ڪا هجي تہ ٻڌاءِ!” مون پڇيو.
هوءَ اداس ٿي وئي ۽ چيو “گهڻن ڏينھن کان پنھنجن سان واسطو نہ پيو آهي پر ڪنھن ماسات سان شادي ڪري تہ سٺو ٿيندو.”
مون اعتراض ڪيو.
“پنھنجن ۾ شادي ڪرائڻ چڱو ڪم نہ آهي، ڪٿي ڌارين ۾ ڏسي ٿا وٺون.”
هن وڌيڪ ڪجهہ نہ ڳالھايو ۽ واپس بستري تي ليٽي پئي.
مون وٽ ايترا پئسا ڪٺا ٿي چڪا هئا جو جاءِ جو مٿيون حصو مڪمل ڪرائي پٽ جي شادي ڪرائي پئي سگهيس. نيٺ هڪ ڏينھن مستري ۽ مزدورن جو بندوبست ڪيو. مٿين جاءِ جو ڪم شروع ٿيو تہ ڄڻ سوزن اعتراض ڪيو. ان جا ڪجهہ ٻچا جوان ٿي چڪا هئا. هڪ ڪاري رنگ جو قداور ڪتو مزدورن تي ائين ڀونڪڻ لڳو. ڄڻ ڪنھن ان جي ملڪ تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي. مزدور ۽ مستري پاسي ٿي بيھي رهيا.
“يا ڪتن کي ڪڍو، يا اسان کي ڪڍو.” وڏي مستريءَ چيو.
“ڪو بندوبست ڪيون ٿا جيئن توهان بہ رهو ۽ ڪتا بہ رهن.”
مون کيس دلجاءِ ڏيندي چيو.
مستريءَ مون کي عجب مان ڏٺو ۽ چيو “توهان کي ڪڏهن ڪنھن ڪتي چڪ نہ پاتو آهي؟”
“ڪتا مالڪ کي نہ، پر ماڻھوءَ کي چڪ پائيندا آهن.” مون چيو ۽ مستري مزدورن سميت کلڻ لڳو.
آخر گهڻي سوچ ۽ ويچار کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو تہ سوزن کي ڇڏي باقي ڪتن کي جاءِ مان ڪڍيو وڃي. اهي ڇھہ ڪتا هيا. هڪ ڊگهو ڪارو ڪتو ۽ ٻيا مختلف رنگن وارا ڪتا. هڪ پدي ڪتو بہ هيو جيڪو ماءُ جيان ناسي رنگ جو هيو. مون ڪتن کي پويان گاڏيءَ ۾ ويھاريو ۽ ٽول پلازا کان اڳتي جتي افغانين جا هوٽل آهن اتي ڇڏي ڏنو، ان خيال کان تہ کين اتي هڏا وڌيڪ نصيب ٿيندا.
جڏهن انھن کي ڪار ۾ کنيو پئي وياسين تہ اهي ڏاڍا خوش ٿي نظر آيا. وات کولي سھڪي ڪڏهن هڪ ٻئي ڏي تہ ڪڏهن اسان ڏي ڏسي رهيا هئا.
انسان پيار کي پيار سمجهي پوءِ پيار ڪري ٿو. ڪتو پيار کي پيار سمجهي پيار نہ ٿو ڪري، اهو ئي سبب آهي جو بيوفائي انسانن وٽ نظر اچي ٿي، ڪتن وٽ نہ. اسين پيار جي بدلي پيار گهرندا آهيون، پيار موٽي نہ ملندو آهي تہ اهڙي صورت کي بيوفائي چوندا آهيون. ڪتو پيار ڪري پيار نہ گهرندو آهي، انڪري اهو مالڪ کان ڪڏهن ناراض نہ ٿيندو آهي. ڪتي لاءِ پيار جي هڪ ٻچڪر ان جي پڇ لوڏڻ لاءِ ڪافي هوندي آهي.
جڏهن ڪتن کي افغاني هوٽل جي ڀرسان ڇڏي هلڻ لڳاسين تہ اهي ڪار جي ڪڍ لڳا ۽ پوءِ پريان بيھي ائين ڏسڻ لڳا ڄڻ اسان انھن سان ڀوڳ ڪيو هجي ۽ ٿوري دير ۾ موٽي انھن کي وٺڻ اينداسين.
مٿي نامڪمل جاءِ جو ڪم پنج مھينا هليو. ڪڏهن وقت ائين وڏو ٿي ويندو آهي جو گذرڻ جو نانءُ نہ وٺندو آهي ۽ ڪڏهن ائين ننڍو جو چپٽيءَ سان گذري ويندو آهي. اهو اسان جو ڏکيو ۽ سکيو وقت هوندو آهي. سکيو وقت وسري سگهي ٿو، ڏکيو وقت ڪڏهن نہ وسرندو آهي. مون کي ڏکيا وقت ائين ياد آهن جو انھن ۾ سکي وقت جي ڪا وٿي نظر نہ ٿي اچي.
جاءِ ٺھرائڻ پاڻ کي ڊاهڻ آهي. جاءِ جو ڪم هليو تہ خفو وڌي ويو. گوڙ وڌي وڃي تہ توهان جا ڪن گوڙ سان ٺھي ويندا آهن ۽ گوڙ، گوڙ محسوس نہ ٿيندو آهي پر وري جڏهن اوچتو گوڙ رڪجي وڃي تہ محسوس ٿيندو آهي، ڪيڏو نہ گوڙ هيو. پنج مھينا ائين گذريا، گوڙ جو احساس تڏهن ٿيو جڏهن ڪم مڪمل ٿيو.
ان عرصي دوران سوزن اڪيلي ٿي وئي. هوءَ ڏاڪڻ چڙهي مٿي ويندي هئي ۽ مزورن جي اچ وڃ ڏسي واپس موٽي ويندي هئي. هن جو گهڻو وقت ٻاهر گذرڻ لڳو. صفا ميري ٿي وئي. ٻاهرين در جي مرمت ٿي جنھن ڪري ان مان اچڻ وڃڻ جي وٿي نہ بچي. سوزن رات جو در ٻاهران بيھي پنھنجي مخصوص آواز ۾ گرگرائيندي هئي ۽ اسان در کولي اندر اچڻ ڏيندا هياسين. ڏينھن جو جيئن مزدور ايندا هيا تہ اها ٻاهر هلي ويندي هئي. جڏهن جاءِ مڪمل ٿي تہ اها هڪ وڻندڙ جاءِ هئي. ان جا رنگ ۽ روپ اهو چئي رهيا هئا تہ پراڻين يادن کي وساري نئين زندگيءَ جي شروعات ڪيو. منھنجي پٽ جي لا ڪاليج ۾ داخلا ٿي. جيڪا انگلينڊ جي يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل هئي. ان ڪاليج ۾ بااثر ماڻھن جا پٽ تعليم حاصل ڪندا هئا. هن جي دوستي هڪ وڏيري جي پٽ سان ٿي. ان کيس تحفي ۾ هڪ گلر ڏنو. اهو سٺي نسل جو گلر هيو. وڏيري جي پٽ کيس ٻڌايو تہ “هن اهو اهڙي شخص کان ورتو هو جيڪو ڪتي کي رنگ ڏئي هن کي وڏي رقم عيوض وڪڻي ويو. ان جڏهن ڪتي کي وهنجاريو تہ رنگ لھي ويو. اهو ڏسي هن جي دل ٽٽي پئي ۽ هاڻي هڪ ٻيو ڪتو وٺندو جنھن جو رنگ پڪو هجي.”
هن اهو بيڪار سمجهي منھنجي پٽ کي ڏنو پر گلر بيڪار نہ هيو. وقت ثابت ڪيو تہ اهو ڪتو نہ پر صفا بگهڙ هو جنھن کي ڪنڌ تي شينھن جھڙا وار هيا. وڏو ٿيو تہ زنجير وجهي ٻاهر گهمائيندا هياسين. ائين هلندو هو جو زنجير جهليندڙ ان پويان گهلبو ايندو هو. لڳندو هيو زنجير ڇڄي پوندو ۽ هو آزاد ٿي هر شيءَ ڊاهي وجهندو. روڊ تي سامھون ايندڙ ماڻھو خوف کان ڏسي پاسي ٿي ويندا هيا. ان جي عمر اڃان ايڏي وڏي نہ هئي. جوانيءَ جي حدن کي نہ ڇھيو هيو. منھنجو پٽ ان کي “راڪو” چئي سڏ ڪندو هيو تہ ڪتو تيز ڊڪندو هن کي چنبڙندو هيو.
هڪ سٺي نسل جو ڪتو هجڻ ڪري ان جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست بہ اهڙو ئي ڪيو ويو، کيس خاص ڪتن وارو کاڌو ڏنو ويندو هو جيڪو انسان جي کاڌي کان مھانگو هو ۽ پوءِ جيئن وقت گذريو تہ گهر جي پڪل کاڌي تي هيرايو ويو. سوزن راڪو کي حسرت مان ڏسندي هئي. ان جا ناز ۽ نخرا ڏسي کيس احساس ٿيندو هيو تہ هاڻي ان جي گهر ۾ ڪا حيثيت نہ رهي آهي. هوءَ پريان بيھي وات چٻو ڪري ائين ڏسندي هئي جيئن پنھنجي قسمت تي روئندي هجي. اها ڪڏهن راڪو جي ويجهو اچي ان کي سنگهندي هئي ۽ پوءِ پٺ ڏئي ٽنگون کولي بيھندي هئي. راڪو ان تي چڙهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو هو. اهو ننڍي عمر جو ناتجربيڪار ڪتو هو. سوزن ڪيترا دفعا ڪوشش ڪئي تہ راڪو ان جي ويجهو اچي پر ان کي مايوسي ٿي پوءِ سوزن ڄڻ گهر کي وساري ڇڏيو، اها رولاڪ ڪتن سان گڏ گهمندي هئي. ۽ ٽائون ۾ مزدورن جي هوٽلن ٻاهران اڇلايل هڏا کائي گذر ڪندي هئي. راڪو جي گهر ۾ اچڻ کان پوءِ هر ڪو سوزن کي وساري ويٺو. اها ياد تڏهن آئي جڏهن پندرهن ڏينھن مسلسل گهر نہ آئي.
“خبر نہ آهي سوزن ڪٿي آهي؟” منھنجي پٽ هڪ ڏينھن ڌيان ڇڪايو. مون چيو ڪٿي ٽائون ۾ هوندي ۽ پاڻ ئي گهر موٽي ايندي پر منھنجي پٽ ٻڌايو “مون ٽائون ۾ ڳوليو آهي، اها ڪٿي بہ نظر نہ آئي.”
مون کي محسوس ٿيو تہ ڪا شيءِ گم ٿي وئي آهي.
پوءِ مھينو گذري ويو ۽ ڪيترا مھينا، اها واپس نہ آئي. مون کي لڳو ڪو مزدور ان کي هيرائي پاڻ سان کڻي ويو آهي. ٽائون ۾ ٺھندڙ جاين تي لاتعداد سرائيڪي مزدور ڪم ڪندا هيا ۽ اهو ڪنھن سرائيڪي مزدور جو ڪم هو جيڪو يا تہ ان کي ڳوٺ کڻي ويو آهي يا وهنجاري صاف ڪري ايمپريس مارڪيٽ ۾ لڳندڙ ڪتن جي بازار ۾ وڪڻي آيو آهي. شيءِ جي اهميت جو احساس ان جي وڃائجي وڃڻ کان پوءِ ٿيندو آهي. اها منھنجي وڇڙي ويل پٽ جي نشاني هئي. اهو سوچي مون کي احساس ٿيو تہ مون ان سان انصاف نہ ڪيو آهي. ان جي صفائي ۽ حفاظت ڪرڻ گهربي هئي. مون کي ڪيترا ڏينھن اها ميري ڪتي ياد ڪري ماني مان سواد نہ آيو. مون پنھنجن ڪنن وٽ چچڙ محسوس ڪيا ۽ لڳو وارن ۾ سُر سُر ٿي رهي آهي.
منھنجي وڇڙي ويل پٽ جيئري ٻاهرين در سامھون ٻہ گل مهري جا وڻ هنيا هيا. اسان انھن وڻن جي حفاظت ڪري نہ سگهياسين، انھن گل ڏيڻ ڇڏي ڏنا ۽ پن ڇڻي ائين سڪي ويا جيئن منھنجي پٽ جي ڏک ۾ خودڪشي ڪئي هجي. گهر ۾ هن جون ڇڏيل شيون گهڻا ڏينھن محفوظ نہ رهيون. شايد اها اسان جي لاشعوري ڪوشش هئي تہ اهي سڀ شيون ضايع ٿي وڃن ڇو جو جڏهن بہ انھن شين کي ڏسندا هياسين تہ روئڻ ويھي رهندا هياسين. گل مهرن جي ڳاڙهن گلن جو درد رت جيان جسم مان ٽمندو هو. مان ڪيترا ڏينھن ان جا ڪپڙا اکين تي رکي روئندو هيس پوءِ اهي ڪپڙا غريبن کي ورهائي ڏنا ويا. ڪا ان جي استعمال جي شيءَ ڏسندو هيس تہ پري ڀڄي ويندو هيس اهو سوچي تہ هر وقت روئڻ جو وقت نہ هوندو آهي. دنيا جو خال ڪڏهن خالي نہ ٿو رهي، ڇو جو زخم بہ خال آهي جيڪو ڀرجي وڃي ٿو. سوزن جون يادون منھنجي پٽ جون يادون آهن ۽ ماضيءَ جي ڀونڪ حال جي ننڊ ڦٽائڻ لاءِ ڪافي آهي.
نسل جو ساهواري جي شخصيت تي وڏو اثر آهي. ٿوهر مان ٿوهر پيدا ٿيندو تہ ان ۾ ڪنڊا ضرور هوندا. گلن وارا ٻوٽا گلن وارا ٻوٽا پيدا ڪن ٿا. سٺي نسل جو ڪتو بااخلاق ٿئي ٿو. ان ۾ اٿڻ ويھڻ جون عادتون ٻين کان مختلف ٿين ٿيون. مان گهر جي در ٻاهران اچي بيھندو هيس تہ راڪو ڊڪندو ايندو هيو ۽ پڇ لوڏي عجيب آوازن ۾ گهر وارن کي سڏ ڪندو هو تہ اچو در کوليو. در کان داخل ٿيندو هيس تہ هو پيرن تي مٿو رکندو هو. هن کي پري ٿيڻ جو اشارو ڏيندو هيس تہ دل ۾ نہ ڪندو هو ۽ پري هٽي بيھي رهندو هو. ٻوڙ ۾ ماني ڀوري ان اڳيان رکندو هيس تہ مون ڏانھن ڏسندو هو. هن کي هٿ جي اشاري سان کائڻ جي اجازت ڏيندو هيس تہ هو کائڻ شروع ڪندو هيو. ڪو ڌاريو در تي ايندو هو تہ هو ڀونڪڻ شروع ڪندو هو. دوست يا پنھنجو ماڻھو در ٽپي اندر ايندو هيو تہ ان کي سنگهي سڃاڻپ محفوظ ڪندو هيو ۽ جڏهن ساڳيو شخص ٻيهر ايندو هيو تہ ان کي سڃاڻي پري کان پڇ لوڏيندو هو.
ان عرصي دوران منھنجي پٽ وڪالت جو امتحان پاس ڪيو ۽ انگلينڊ جي هڪ يونيورسٽيءَ کان ان جي ڊگري آئي.
“مان هاڻي ڪينيڊا ويندس.” هن چيو “اتي ان ڊگري جو قدر آهي. مون کي سولائيءَ سان نوڪري ملي ويندي ۽ قانون ۾ پوسٽ گريجيوئيشن ڪندس.”
مان هن جا ارادا ڏسي مايوس ٿي ويس.
“توکي اوڏانھن وڃڻ نہ ڏيندس.” مون چيو “هتي ڪا نوڪري ڏس.”
هن جي من ۾ ڪا ٻي ڳالھہ هئي. هن ها تہ ڪئي پر مون کي لڳو دل سان ها نہ ڪئي اٿس.
“اسان اڪيلا رهجي وينداسين.” مون چيو
هن هڪدم وراڻيو “مان توهان کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندس. اتان جي زندگي هتان جي زندگيءَ کان بھتر آهي.”
“نہ” مون چيو “پنھنجي ڌرتي نہ ڇڏيندس.”
مان ان لاءِ پراڻين سوچن جو مالڪ هيس. هن پنھنجو ارادو بدلايو. ٿوري ڪوشش ڪيائين تہ کيس هڪ اين جي او ۾ سٺي نوڪري ملي وئي. ان اين جي او جو سربراھہ هڪ رٽائرڊ چيف جسٽس هو ۽ اها ماڻھن جي ڀلائي لاءِ هئي جنھن ۾ کين قانوني مدد ڪئي ويندي هئي، منھنجي پٽ جي پگهار لڳ ڀڳ منھنجي پگهار جيتري هئي. گهڻي وقت کان پوءِ مون پنھنجي گهرواريءَ جي منھن تي مرڪ ڏٺي. هوءَ آئي ۽ صلاح ڏنائين.
“هاڻي هن جي شادي ٿيڻ گهرجي.”
“پر ڪٿان؟” مون چيو “ڪٿي ان ڇوڪري پسند ڪئي آهي تہ ٻڌاءِ.”
“هن ڪا اهڙي ڳالھہ تہ نہ ڪئي آهي.” منھنجي گهرواريءَ چيو.
“ڇوڪري اسان کي ڳولڻي پوندي.”
“ڇا هو راضي آهي؟” مون چيو.
“راضي ڇو نہ هوندو.” منھنجي گهرواريءَ چيو “هاڻي هن جي عمر آهي. ڪا ڪنوار ڳولھڻي پوندي.”
مون محسوس ڪيو منھنجي گهرواريءَ جي نظرن ۾ ڪا ڇوڪري ضرور آهي.
“پوءِ ڏس ڪا ڪنوار” مون چيو “پٽ کي بہ ڏيکار، جيڪڏهن ڳالھہ ٺھي ٿي تہ دير نہ ڪرڻ گهرجي.”
منھنجي گهرواريءَ ان لاءِ ڪنوار ڳولھي جيڪا هڪ ڳوڻاٺي ڇوڪري هئي. گهڻو پڙهيل نہ هئي پر ذهين هئي ۽ اها ڇوڪري جڏهن منھنجي پٽ ڏٺي تہ کيس پسند آئي. شاديءَ جو بندوبست ڪيو ويو. گهر کي هڪ هفتي لاءِ تالو هڻڻو پيو. ڊرائيور جيڪو چوڪيداري بہ ڪندو هيو. اهو اسان سان گڏ ڳوٺ هليو. گهر صفا خالي ٿي ويو ۽ راڪو اڪيلو رهجي ويو. مسئلو ٿي ويو تہ ان کي ڳڀو ڪير ڏيندو. ڀر سان گهر واري کي عرض ڪرڻو پيو تہ اهي ڀت وٽان ڪجهہ کاڌو گهر جي پڌر ۾ ايستائين اڇلائيندا رهن جيستائين واپس نہ اچون. پاڙيسري هڪ سٺو ماڻھو هيو، ان اها حامي ڀري تہ جيترو ٿي سگهيو ڀت وٽان کاڌو اڇلائيندو. باقي اڳتي ڪتي جي قسمت.
هڪ پاڻيءَ جو وڏو ٽب ڀري ڇانوَ ۾ رکيو ويو ۽ پوءِ اسان پنھنجي اباڻي شھر روانا ٿياسين. جتان ڄڃ وٺي ڳوٺ وڃڻو هو. شاديءَ جي سٺي تقريب ٿي. جڏهن هڪ هفتي کان پوءِ ڪنوار وٺي گهر پھتاسين تہ راڪو پريشان ٿي روئڻ لڳو. ان سمجهيو هو تہ اسان کيس سدائين لاءِ قيد ڪري ڇڏي هليا ويا آهيون. اهو جذبات جي شدت کان ٽپو ڏئي منھنجي پٽ کي چنبڙيو ۽ پوءِ ان جي پيرن تي مٿو رکي ليٽي پيو. منھنجي هش ڪرڻ تي اٿيو ۽ ڪنوار کي سنگهڻ لڳو. هو الائي ڪيئن سمجهي ويو تہ اها منھنجي پٽ جي ڪنوار آهي. هُن سندس پير سنگهيا ۽ وري پيرن ۾ ليٽي پيو. ڪنوار ڪتو ڏسي ڊني ۽ پريشان ٿي وئي. اسان جي سمجهائڻ تي اها سامت ۾ آئي. منھنجي گهرواري ان کي اندر وٺي وئي. مون پڌر جو جائزو ورتو. سڄو پڌر کاڌي سان ڀريو پيو هو. هر جاءِ تي پلاسٽڪ جي ٿيلھين ۾ چانور، ٻوڙ ماني ۽ هڏا اڇلايل هيا. مون مٿي ڪنڌ ڪري پڌر ۾ بيٺل وڻ ڏٺو. ڪيتريون ئي پلاسٽڪ جون کاڌي سان ڀريل ٿيلھيون ڏارن ۾ لٽڪي رهيون هيون.
پاڙيسريءَ واھہ جو حق نڀايو هيو. سڄو پڌر ۽ وڻ کاڌي سان ڀريا پيا هيا. راڪي بہ خوب کاڌو هو. هن جي صحت تي ڪو فرق نہ پيو هو. مان پاڙي واري جا ٿورا مڃيا.
“توهان جا قرب جو ڪتي جو ايڏو خيال رکيو.” مون کيس چيو.
“ڪتي جي اهميت توهان کان گهٽ نہ آهي.” پاڙيسري چيو “اهو ڪيئن پئي ٿي سگهيو تہ توهان چئو ۽ اسان ڪتي جو خيال نہ رکون.”
مون ان جي ڳالھہ تي ٽھڪ ڏنو.
توهان جي گهر ۾ ڪتو هجي تہ ماڻھو توهان سان هجت ڪندا ڇو جو انھن جو خيال هوندو آهي تہ جنھن گهر ۾ ماڻھن سان گڏ ڪتا رهن اتي گهر ۾ رهندڙن تي ڪتن جو اثر هوندو، ان ڪري اهي ڪا بہ هجت دل ۾ نہ ڪندا.
ماڻھو موسمن جي تعريف ڪندا آهن، مون ڪڏهن بھار کي محسوس نہ ڪيو پر زندگيءَ ۾ بھار جي موسم تڏهن محسوس ٿي جڏهن سخت گرميءَ جي موسم ۾ هڪ ٻارڙي ڄائي. اها گهڻي وقت کان پوءِ اسان جي ڪٽنب ۾ ڄمندڙ ٻار هئي. هڪ ننڍڙي خوبصورت ڇوڪري، جيڪا ڄمڻ جي ڪجهہ ڏينھن اندر مرڪڻ لڳي تہ سڀ ڏک ڏور ٿي ويا. سڀ ننڍڙيءَ جي ٽهل ٽڪور ۾ لڳا پيا هوندا هيا. دوا درمل، ويڪسين، بيماري بڙي، هر ڪو ان لاءِ فڪرمند هوندو هو.
“يا خدا ننڍڙيءَ کي خوش رکجانءِ.” منھنجي گهر واري چوندي هئي.
“ان کي حياتي ڏجانءِ.” مان چوندو هيس.
منھنجو پٽ ۽ ان جي گهرواري ڏاڍا خوش هئا. ننڍڙي ائين وڌڻ لڳي جيئن اها ڌرتيءَ ۾ پوکيل ول هجي ۽ اسان جي وجودن کي وچڙندي ويندي هجي. ان ويھڻ سکيو، بانبڙا پاتا ۽ ڀتين کي هٿ ڏئي هلڻ لڳي. راڪو سڀني کان وسري ويو، نہ ان کي وقت تي ماني ملندي هئي، نہ صاف پاڻي. ان جا وار مٽي ٿي ويا ۽ ڇڻڻ لڳا. پڌر ۾ ان جي بجن جا مچا پيل هوندا هيا ۽ پيرن ۾ وچڙي گهر ۾ داخل ٿيڻ سان هيڏانھن هوڏانھن پيا اڏرندا هيا. هُو ايندي ويندي اسان جي پيرن تي ڪنڌ رکي رستي ۾ ليٽي پنھنجو ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. منھنجو پٽ هن کي لت جي اشاري سان پري ڪندو هو.
“هش” هو چوندو هيو “هٽ هتان.”
ڪتو پاسي ٿي پڇ لوڏي ان کي ڏسندو هو.
ڪتو ڪڏهن بہ مالڪ سان ناراض نہ ٿيندو آهي. توهان ڀل ان کان نفرت ڪيو اهو پڇ لوڏڻ نہ ڇڏيندو. ڪتي جي رويي جو اظھار ان جي پڇ ۾ هوندو آهي. ڌاريي تي ڀونڪندو تہ ان جو پڇ سخت ٿي ويندو. پنھنجي تي ان جو پڇ پيو لڏندو.
پيار مفاد ڏسندو آهي. اهو ڏسندو آهي تہ پيار ڪرڻ لاءِ ڪھڙي شيءِ کي اوليت آهي. جڏهن توهان دل گهريل شيءِ کي پيار ڪندا آهيو تہ پوءِ دل کولي پيار ڪندا آهيو. پيار جو مقدار آهي خرچ ٿي وڃي تہ باقي نہ بچندو آهي، جيئن هوا جاءِ والاريندي آهي، ائين پيار دل والاريندو آهي. جيتري جاءِ هوندي اوتري هوا هوندي ۽ جيتري دل هوندي اوترو پيار هوندو.
راڪو لوسي گدڙ وانگر ڪار جي هيٺان لڪيو پيو هوندو هيو. ان وٽ مايوسي ۽ نفرت جنم ورتو، جنھن ڪري ايندڙ ويندڙ تي ڀونڪڻ لڳو. جڏهن اسان ڊائننگ ٽيبل تي کاڌو کائيندا هياسين تہ صفا ان وقت وڏي آواز ۾ ڀونڪڻ شروع ڪندو هيو. لڳندو هيو اهو ڀونڪي تہ در ٻاهران ڪنھن ايندڙ ويندڙ تي ٿو پر اهو ڀونڪي اسان جو ڌيان ڇڪائيندو هيو تہ “ڳڀي ٽڪر ڏيو.”
ننڍڙي جڏهن ٿوري وڏي ٿي تہ ان پڌر ۾ وڃڻ شروع ڪيو. راڪو کي ڏسي اها خوش ٿيندي هئي. راڪو ان کي ڏسي ڪار هيٺان نڪري سندس پيرن ۾ ليٽي پوندو هيو ۽ هوءَ هنجي وارن ۾ هٿ ڦيريندي هئي. راڪو ڪڏهن ان سامھون وار ڇنڊي نڇ ڏيندو هيو تہ اسان ننڍڙي کي پري ڪري وٺندا هياسين تہ متان ان کي وار يا نڇ ڪري جراثيم بيمار نہ ڪري وجهن. ڪڏهن راڪو کي لت هڻي ننڍڙيءَ کان پري ڪندا هياسين تہ هوءَ ڪاوڙ ڪندي هئي.
سڄي پڌر ۾ کاڌو ڦھليل هوندو هو. پاروٿو، بدبودار کاڌو ان اڳيان اڇلايو ويندو هو، جنھن کي سنگهي هو پري ڀڄي ويندو هو. مان ڪڏهن تازي ماني رس ۾ ڀوري ڏيندو هيس تہ هو خوشي سان کائيندو هو. مان محسوس ڪندو هيس ان جون اکيون مون پويان گهمنديون هجن. ان کي منھنجي کاڌي جو انتظار هوندو هو ۽ مان ڪوشش ڪندو هيس تہ هو بک نہ مري.
جڏهن مون کي پوٽو ڄايو تہ اهي خوشيءَ ۽ اداسيءَ جا گڏيل لمحا هئا. خوشي ان ڳالھہ جي تہ ان ڄايل پوٽي جي شڪل صفا منھنجي موڪلائي ويل پٽ جھڙي هئي. محسوس ٿي رهيو هيو تہ اهو موٽي آيو آهي ۽ اداسي ان ڪري جو منھنجي ننڍي پٽ جي ڪينيڊا وڃڻ لاءِ تياري مڪمل ٿي چڪي هئي. هو گهڻي وقت کان ان ڪوشش ۾ هيو تہ کيس مليل قانون جي ڊگري جي آڌار تي ڪينيڊا جي شھريت ملي وڃي. هو انٽرويو ۾ پاس ٿيو ۽ پنھنجا ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيائين.
ڪتو نافرمان ٿي سگهي ٿو، جڏهن توهان ان سان حد کان وڌيڪ پيار ڪيو. مون راڪو کي ڀونڪندي ڏسي ٻہ چار دفعا پادر ڏيکاريو هيو تہ هو هيسجي چپ ٿي ويو هيو. توهان اولاد کي ڪتن سان ڀيٽي نہ ٿا سگهو، ڇو جو اولاد باغي ٿي پوي تہ ڪتا انھن کان پناھہ وٺندا آهن. دنيا ۾ ڪو ڪتو اهڙو بہ هيو، جيڪو مالڪ جي ڀونڊي ڏيڻ سان مري ويو. ڪي ڪتا اهڙا بہ آهن، جيڪي جهنگ ۾ انسان کي ڏسي شرميلي عورت جيان وڻن پويان لڪي پوندا آهن. ڪي ڪتا راڳ ڳائيندا آهن. انھن جو آواز ايڏو تہ مٺو آهي، جو جهنگ ۾ ماکيءَ جون مکيون انھن جي راڳ مان ماکي ٺاهينديون آهن ۽ ڪي ڪتا اهڙا جو ڀونڪن تہ انھن جي ڀونڪ تي دل ڦاٽي پوي. نسل جي مٿان آهي. ڪتي جيان انسان جا بہ نسل آهن ڪتو انسان مان پيدا ٿيل آهي ۽ انسان ڪتي مان. ڪتو انسان مان چڱايون چونڊي کڻي ويو ۽ انسان ڪتي جي حيوانيت ۾ جيئي ٿو.
مون پنھنجي پٽ کي جواب ڏنو.
“ڪڏهن بہ پنھنجو وطن نہ ڇڏيندس.”
هن بدامنيءَ جا سوين مثال ڏنا جيڪي منھنجي هڪ ڪن مان وڃي ٻئي ڪن مان نڪري ويا. ٻن ڪنن وچ ۾ سرنگهہ آهي، جنھن مان لفظ اچن وڃن ٿا. توهان ٻئي ڪن کولي ڇڏيندا ڪيو يا ٻئي ڪن بند ڪري ڇڏيندا ڪريو. ڪڏهن بہ هڪ ڪن کولي ٻيو ڪن بند نہ ڪندا ڪيو. لفظن جا ماڪوڙا رستو منجهڻ ڪري توهان جو دماغ کائي چٽ ڪري ڇڏيندا.
منھنجو پٽ اهو چئي ٻار ڇڏي ڪينيڊا هليو ويو تہ شھريت جون قانوني گهرجون پوريون ٿي وڃڻ کان پوءِ ٻارن کي گهرائي وٺندو. مون ان کي نہ روڪيو. هو جوان هيو ۽ کيس زندگي گذارڻ جو حق هيو. اسان پنھنجا فيصلا مڙهي ٻئي جو رستو ڪيئن ٿا روڪي سگهون؟ غلط فيصلا نفرتن کي جنم ڏين ٿا ۽ نفرت نافرمانيءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿي.
“مان تنھنجن ٻارن جو خيال ڪندس.” مون کيس خاطري ڏني.
جتي ٻار پلجندا آهن. اتي ڪتو بہ پلجي ويندو آهي. بيماريون ڪتي کان ڊڄنديون آهن. ڪتا ڪنو پاڻي پي ۽ پاروٿو کاڌو کائي صحتمند رهي سگهن ٿا. انسان ڪتي واري زندگي جيئي ها تہ ڪڏهن جو ڌرتيءَ تان نابود ٿي وڃي ها. ننڍي هوندي ڏسندو هيس ڪتا ڪسيءَ مان پاڻي پيئندا هيا ۽ جيئندا هيا. پاڻيءَ جي نلڪن ۾ ڪسيءَ جو پاڻي ملي وڃي ٿو تہ انسانن جي لوڌ بيمار ٿي پوي ٿي.
ڪتا مرندا آهن تہ خبر ناهي ڪيڏانھن ويندا آهن. مون ڪڏهن ڪتن جو قبرستان نہ ڏٺو آهي. سواءِ هڪ قبر جي جيڪا ڪوهستان ۾ آهي ۽ ان قبر ۾ ڪتن جو نبي دفن ٿيل آهي.
دنيا انسانن لاءِ نہ ٺھي هئي. اها جراثيمن لاءِ ٺھي هئي ۽ جراثيم انسانن جو شڪار ڪن ٿا. جڏهن منھنجو پٽ ڪينيڊا ويو تہ ننڍڙي تي روٽا وائرس جو حملو ٿيو. هوءَ ڳاڙهي گلاب جھڙي ڇوڪري هيڊي سورج مکيءَ ۾ تبديل ٿي وئي.
الٽين ۾ ۽ پيٽان هن جو پاڻي نڪري ويو. اسپتال ۾ داخل ڪرائڻو پيو. ان جي حياتي وڏي هئي جو بچي وئي. ڪينيڊا ۾ منھنجي پٽ هڪ ٻيو قانون جو امتحان پاس ڪيو ۽ کيس گورنمينٽ ۾ پراسيڪيوٽر جي نوڪري ملي وئي. ان عرصي دوران مون کي تمام گهڻو ڀوڳڻو پيو. ٻار ائين بيمار ٿيندا آهن جو انھن تان ٿوري نظر هٽاءِ تہ تاڙ ۾ بيٺل بيماري انھن تي حملو ڪندي آهي. بيماري ٻليءَ جيان هوندي آهي، جنھن جو ڌيان اوهان جي ٻوڙ تي هوندو آهي پر ڏسندي توهان جي اکين ۾ آهي. ٿوري نظر پري ڪيو تہ وٽيءَ ۾ وات وجهي ٻوٽي کڻي ويندي آهي. بيماري ڪتي جيان اجازت وٺي کائڻ شروع نہ ڪندي آهي. انسان بيمارين جو رزق آهي. دنيا جي جهنگ ۾ انسانن جا ولر بيمارين جو شڪار گاھہ آهن.
منھنجي گهرواري اڪثر بيمار رهڻ لڳي. اها ڪيترن سالن کان انسيولين تي هئي. ان کي شگر ۽ بلڊ پريشر جي بيماري ائين هئي جيئن لوڻ ۾ کنڊ مليل هجي. اها سڄو ڏينھن بستري تي ليٽيل هوندي هئي. ڪڏهن پڇندي هئي.
“منھنجو پٽ ڪڏهن واپس ايندو؟”
مان کيس دل جاءِ ڏيندو هيس.
“جلد ايندو ۽ واپس نہ ويندو.”
“ڪيئن نہ ويندو؟” هوءَ چوندي هئي. “مون کي سڀ خبر آهي، هو ويندو ۽ وري واپس نہ ايندو.”
اهڙي ڳالھہ ڪرڻ کان پوءِ هن جي منھن تي ڊگهي لڪير ظاهر ٿيندي هئي ۽ ڊگهي ساھہ کڻڻ سان مٽجي ويندي هئي.
راڪو اڪيلو ۽ نراس ٿي ويو هيو. مسلسل ڀونڪندو هو. مان جڏهن بہ گهرواريءَ سان ڳالھائيندو هيس تہ ان جي ڀونڪ رخنو وجهندي هئي.
“ان کي هاڻي ڪڍي ڇڏ.” منھنجي گهرواري چوندي هئي. “ڪھڙو ضرور آهي، ڪتن پالڻ جو، ٻار تہ پالي نہ سگهياسين. ڪتا پالي ڇا ڪنداسين؟” راڪو جي ڀونڪ دل ڦاڙ هوندي هئي. اهو ڀونڪندو هيو تہ دل ائين ڌڙڪندي هئي جيئن اندر ۾ ڊڪ ڀريندي هجي.
پيار برداشت سيکاري ٿو. پيار ئي آهي جيڪو خوف کان نجات ڏئي ٿو. توهان جو ڪنھن شيءِ سان پيار هجي تہ ان جي رڙ توهان جي ڪنن کي سرور ڏيندي. پيار نہ آهي تہ ساڳي رڙ ڪن ۾ ڪليءَ وانگر کپي ويندي. توهان جو اندر خوش آهي تہ هر شيءِ سٺي لڳندي، خوش نہ آهي تہ چڱائين تي بہ چڙ ايندي. راڪي سان اسان جو ساڳيو پيار نہ هيو. ان ڪري سندس ڀونڪ عذاب ۾ تبديل ٿي چڪي هئي. مون سوچيو هيو جڏهن منھنجو پٽ ڪينيڊا کان ايندو، ان سان راڪي بابت ڳالھائيندس تہ هو واپس وڃڻ کان اڳ ان کي ڪنھن ٻئي حوالي ڪري وڃي ڇو جو جيڪو پنھنجو خيال رکي نہ سگهي اهو ڪتي جو ڪھڙو خيال رکندو؟
منھنجو پٽ فون تي ڳالھائيندو هيو. هڪ ڏينھن ان ٻڌايو تہ “دنيا جا سڀ کان خوبصورت ڪتا ڪينيڊا ۾ آهن. توهان کي لڳندو تہ ڄڻ اهي ڪتا آهن ئي ڪونہ، پر ٻئي مخلوق آهن.”
“توکي پنھنجو هتي ڇڏي ويل ڪتو بہ ياد آهي يا نه؟ متان پرڏيھي ڪتن ڪري پنھنجو ڏيھي ڪتو وساري ويھين.”
هن فون تي ٽھڪ ڏنا. ٺيڪ ان وقت ڄڻ راڪو ڀونڪڻ لڳو. مون ڀونڪندڙ راڪي کي هشڪر ڏني. محسوس ٿيو اهو ڀونڪي نہ رهيو آهي. اهو منھنجن ڪنن جو وهم هيو. پٽ جون ڳالھيون ٻڌي مون کي خوف ورائي ويو تہ متان هُو اتي ٻي شادي نہ ڪري. جيڪڏهن ان ائين ڪيو تہ سندس ٻار ڪير سنڀاليندو.
هڪ دفعي ان ٻڌايو “ڪينيڊا ۾ سيءُ ايڏو ٿو پوي جو اسان جي ملڪ جو ڪتو هتي اچي هڪ ڏينھن بہ جيئرو رهي نہ سگهندو.”
مون سندس ڳالھين تي اعتراض ڪيو.
“توکي صرف ڪتا ياد آهن يا ماڻھو بہ ياد ڪندو آهين؟ هتي تنھنجي ڇڏيل ڪتي جي حالت خراب آهي. مان ان جو وڌيڪ خيال رکي نہ ٿو سگهان. چوين تہ ڪتن جي ڪٻاڙيءَ کي ڏئي ڇڏيان؟”
“ڪتن جو ڪٻاڙي؟” هن حيرت مان رڙ ڪئي.
“ها” مون چيو “آهي هڪ نڀاڳو چوڪيدار جيڪو مون کي چوي ٿو تہ جيڪڏهن ڪتي مان بيزار ٿيو آهين تہ مون کي ڏي، ڇو جو مون کي هڪ ڪتي جي سخت ضرورت آهي، جيئن اهو مان پاڻ وٽ رکي رات جو آرام سان سمھي سگهان.”
هر مذاق جي حد اچي ڪتي جي شخصيت تي کٽي ٿي. ڇو جو ڪتن کي مذاق سمجهہ ۾ نہ ايندي آهي. اهي هر ڳالھہ کي سچ سمجهندا آهن. ان ڪري ڪڏهن بہ مذاق ۾ چڪ نہ پائيندا آهن. دنيا ۾ سٺن انسانن ۽ ڪتن جي حياتي ننڍي آهي. سٺا انسان جلد موڪلائي وڃن ٿا ۽ ڪتن جي حياتي قدرتي طور ننڍي آهي. راڪو ٻار هيو، جوان ٿيو ۽ اڌ وهيءَ جو هيو پر هن جي عمر رڳو ٻارنھن سال هئي. ٻارنھن سالن ۾ کيس مادي نصيب نہ ٿي. ڇو جو ڪڏهن گهر کان ٻاهر نہ نڪتو. هر طرف رولو ڪتا هئا ۽ ان جي رولو ڪتن سان لڳندي نہ هئي. رولو ڪتا راڪي جي شخصيت ڏسي پري ڀڄي ويندا هيا. ائين لڳندو هيو راڪو وڏي رعب تاب وارو هجي. ان جي ورديءَ کي بيج لڳل هجن.
منھنجو پٽ فون تي ڳالھائيندي ڳالھائيندي هڪ ڏينھن ڄڻ فون مان ٻاهر نڪري آيو. هن ٻڌايو تہ “جھاز ۾ ارڙهن ڪلاڪ سفر ڪري ڏاڍو ٿڪجي پيو آهي. جيئن تہ ڪينيڊا ۾ هن وقت رات هوندي. ان ڪري ڏينھن جو پنھنجي ملڪ ۾ سمھڻ چاهيندس، جيسين وقت پاڻ ۾ ملي هڪ نئين وقت ۾ ظاهر نہ ٿي.”
سمھڻ کان اڳ هو ماءُ ۽ ٻارن سان مليو. راڪي هن کي ڏسي ابتا سبتا ٽپا ڏنا ۽ پنھنجين ميرين ٽنگن سان وچڙي هن جي شاندار ڪپڙن کي خراب ڪيو. منھنجي پٽ ڪجهہ ڪينيڊا جون ٽافيون هن آڏو اڇلايون ۽ راڪو ائين کائڻ لڳو جيئن ان کي اهڙيون ٽافين کائڻ جي عادت هجي. هو پڇ لوڏي وڌيڪ ٽافين جي فرمائش ائين ڪرڻ لڳو جيئن کيس اهڙيون ٽافيون روز نہ مليون تہ هو منشيات جو عادي ٿي ويندو.
اها چوڏهين جنوريءَ جي گرم رات هئي. جڏهن منھنجي نرڙ جا پگهر نہ پئي سڪا ۽ منھنجو پٽ ماءُ کان موڪلائي ٻار وٺي ڪينيڊا روانو ٿي ويو.
هن وڃڻ وقت کيسي مان ٽافي ڪڍي راڪو اڳيان اڇلائي ۽ راڪو جهٽ ۾ کائي هن کي ائين ڏسڻ لڳو جيئن هن لاءِ ٽافيون وٺڻ ٻاهر ويندو هجي.

10

گهر خالي ٿي چڪو هو. ڪا شيءِ ڀريل هجي. اڌ هارجي پوي پوءِ اڌ ڀريل هجي تہ خالي نظر ايندي. اها مايوسيءَ جي نشاني آهي تہ اڌ ڀريل شيءِ خالي نظر اچي. مان مايوس ٿي چڪو هيس. انسان جيئن سوچي ٿو ضروري نہ آهي تہ ائين ٿئي. مون اهو سوچي وڏو گهر ٺھرايو هيو تہ ان ۾ منھنجا پٽ پنھنجن ٻارن سان رهندا ۽ هر طرف رونق هوندي. پيار، خوشي ۽ ٽھڪ هوندا پر ائين نہ ٿيو ۽ هاڻي گهر اڌ خالي هوندي سڄو خالي نظر اچي رهيو آهي.
گهر جيڏو وڏو هوندو تيڏو خالي نظر ايندو. گهر ان کي چئبو آهي جتي ماڻھو رهن. ويران گهر خاموشيءَ جو قبرستان هوندو آهي. وقت جو ڪوريئڙو گهر کي ڄار ۾ ڦاسائي خاموشيءَ سان کائي ويندو آهي.
پٽ جي وڃڻ کان پوءِ اداسي وبا جي صورت ۾ ورانڊن ۽ ڪمرن جي اونداھہ ۾ لڪي ويھي رهي. اهي سانوڻ جا ڏينھن هيا جڏهن منھنجي زال تي اڌ رنگي جو حملو ٿيو.
ان کي اڌ رنگو انڪري چوندا آهن جو ان ۾ اڌ رنگ زندگيءَ جو ۽ اڌ رنگ موت جو سمايل هوندو آهي. ماڻھو اڌ مئل، اڌ جيئرو هوندو آهي. اڌ جيئرو حصو، اڌ مئل کي سھارو ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر سھارو ڏئي نہ سگهندو آهي. ان ڪري هر هر سھاري جي ضرورت پوندي آهي ۽ منھنجي زال کي هڪ اهڙي سھاري جي ضرورت پوڻ لڳي. نوڪرياڻي هن وٽ ڪجهہ ڪلاڪ رهندي هئي ۽ هلي ويندي هئي. هن جو باقي وقت بستر تي گذرندو هيو. هن هڪ دفعي چيو “سانوڻ ايڏو جلدي ڇو ايندو آهي.”
مون سوچيو جڏهن بہ سانحو ٿيو، مينھن جي مند ۾ ٿيو. مينھن جي مند نہ هوندي آهي، سانحن جي مند هوندي آهي. الميا نہ هجن تہ سوڪھڙو هجي ۽ ماڻھو بک مرن. مون ان جي اهڙي سوال تي جواب ڏنو. “ڇو جو مينھن جي مند ڪڏهن ختم ٿيڻي نہ آهي.”
ان سانوڻ ۾ مينھن سدائين جيان سرس وسيو. رستن تي بيٺل ٻوٽا وڌيڪ ساوا ٿي ويا ۽ انھن هيڊا گُل ڪڍيا. ٻوٽا توهان کي، توهان جي مجاز موجب گل ڏيندا آهن. توهان خوش آهيو تہ هر طرف ڳاڙها گل نظر ايندا ۽ اداس آهيو تہ هيڊن گلن کان سواءِ ڪجهہ نہ هوندو.
راڪو ٽيريس ۾ سمھيل هوندو هيو. هڪ ٽيريس مٿان ٻي ٽيريس ٺھيل آهي، جنھن ڪري هيٺين ٽيريس مينھن کان بچيل هوندي هئي. آسمان ۾ گجگوڙ سان گڏ وڄ چمڪندي هئي تہ اهو اٿي ڀونڪڻ شروع ڪندو هيو. ڪتو، ڪتي کي نہ سھندو آهي. ڪتو ٻئي ڪتي سان ڀونڪ جو مقابلو ڪندو آهي. ڪوهن کان ايندڙ ڪتي جي ڀونڪ ٻئي ڪتي کي ڀونڪڻ تي مجبور ڪندي آهي تہ صرف تون ڪتو نہ آهين. دنيا ۾ تو کانسواءِ ٻيا بہ ڪتا آهن ۽ اهي تو جيان ڀونڪي سگهن ٿا.
خاموشي ۽ اداسي، ڀوري ۽ ڪاري رنگ جا ڪبوتر آهن ۽ ڪبوتر ڳٽڪندا آهن. راڪي جي رکوالي مون کان زور پئي ٿيندي وئي. مون کي لڳندو هيو منھنجو کٻو پاسو سڪي ويو آهي. ڪڏهن ڪا شخصيت توهان تي ائين حاوي هوندي آهي جو توهان جي شخصيت ختم ٿي ويندي آهي ۽ توهان ڪنھن ٻئي شخصيت ۾ تبديل ٿي ويندا آهيو. منھنجي زال جو اڌ رنگو منھنجي شخصيت جو حصو بڻجي چڪو هيو. اها پٽن کي ياد ڪري روئي پوندي هئي تہ ان جي هڪ اک روئندي هئي ۽ لڳندو هو ٻئي اک پرچائيندي هجي.
انسان جي ذڪر کان سٺو آهي تہ ماڻھو ڪتي جو ذڪر ڪري. مان ان سان ڪنھن ٻئي موضوع تي نہ ڳالھائيندو هيس ڇو جو ڪتن جي موضوع کان سواءِ ٻيا سڀ موضوع دردناڪ هيا.
“جڏهن ماڻھو پاڻ کي پالي نہ سگهندو آهي تہ پوءِ ڪتي کي بہ پالي نہ سگهندو آهي.” مون چيو.
هن اداس اکين سان مون ڏانھن ڏٺو ۽ چيو “ڪتا انسانن جي نشاني هوندا آهن ۽ اسين ڪتي کي ڏسي انسانن کي ياد ڪندا آهيون.” ڪنھن کي ياد ڪرڻ سان ماڻھو پاڻ بہ ماضيءَ جو حصو ٿي وڃي ٿو. جيئي اهو ٿو جيڪو حال ۾ جيئي ٿو. هوءَ ماضيءَ کي ياد ڪندي ماضيءَ جو حصو ٿي وئي. هوءَ گمنامين کي ياد ڪندي ڪوما ۾ هلي وئي. ڪوما زندگي ۽ موت جي وچ تي لڳل خيمو آهي. حياتي ۽ موت جي وچ تي ريگستان ۾ ڪھڙو اٺ نصيب ٿئي ٿو. ڪا خبر نہ آهي. اٺ يا تہ توهان کي زندگيءَ جي سرحد تي ڇڏيندو يا موت جي سرحد پار ڪري اڻ ڏٺل راھہ ڏي ڪاهي پوندو. قسمت جي اٺ کي دماغ نہ هوندو آهي. مٿان ڪير ويٺل آهي اها کيس خبر نہ هوندي آهي. هن لاءِ واڳ جو اشارو ڪافي هوندو آهي ۽ اها واڳ گهڻو ڪري موت جي هٿ ۾ هوندي آهي.
هوءَ گذاري وئي ڇو جو اسين گذاري ويندا آهيون. گذرندا آهيون ۽ گذاري ويندا آهيون. پويان هر شيءِ ساڳي هوندي آهي پر اها اسان لاءِ نہ هوندي آهي، اسان ان لاءِ هوندا آهيون ۽ اها اسان سان گڏ دفن ٿيندي آهي. ڪائنات کي اسان جون اکيون آهن. هڪڙيون اکيون ٻوٽجن ٿيون. ٻيون اکيون کلجن ٿيون.
هوءَ هلي وئي ۽ مان اڪيلو رهجي ويس. مرڻ وقت هوءَ مون کي ڪتي جي حوالي ڪري وئي. ڪتو ان رات دل کولي ڀونڪيو هيو، جنھن رات منھنجي زال گذاري وئي. فرشتا ڪتي کي نظر آيا ۽ ڪتي انھن جي گهر ۾ گهڙڻ تي سخت اعتراض ڪيو. فرشتا ۽ چور ڪتي اڳيان ڪا معنا نہ ٿا رکن. ٻئي چوريءَ جي نيت سان ايندا آهن. چور مال چوري ڪندا آهن ۽ فرشتا مال وارا.
منھنجي ماءُ ٻڌائيندي هئي. جڏهن هن جي بيمار مامي کي ڳوٺ کان شڪارپور علاج لاءِ ٽانگي ۾ کڻائي پئي ويا تہ گهوڙي گهہ ڪيو هيو. هن هلڻ کان انڪار ڪيو هيو. ٽانگي واري ان کي ٽنگن ۾ چهبڪ هنيا پر هو هڻڪي ٽپا کائي بيھي رهيو. امڙ ٻڌايو هيو تہ گهوڙو ملائڪ آهي ۽ ان کي ملائڪ نظر ايندا آهن. جڏهن مامي کي ٽانگي ۾ چاڙهيو هيائون تہ گهوڙي ملائڪن کي ڳوٺ ۾ داخل ٿيندي ڏٺو هيو ۽ پوءِ اهي ٽانگي ۾ ويٺل مامي جو روح قبض ڪري ويا.
گهوڙي ۽ ڪتي ۾ فرق آهي. گهوڙو ملائڪن جو دوست ۽ ڪتو ملائڪن جو دشمن آهي. گهوڙو ملائڪ ڏسي انھن جو آڌر ڀاءُ ڪندو آهي ۽ ڪتو ملائڪ ڏسي انھن تي ڀونڪندو آهي. جنگ جي ڏينھن ۾ گهوڙو حلال ۽ ڪتو حرام هوندو آهي. ڪتو پليت آهي. مان جڏهن بہ ڪتي کي ڇھيو تہ سدائين هٿ ڌوتا. ڪتو ڏسندو هو تہ مالڪ مون کي ڇھي هٿ ڌوئي ٿو پر پوءِ بہ ان وٽ پنھنجي پليت هجڻ جو احساس نہ هوندو هو. هن ڪڏهن بہ منھنجي ان عمل تي ناراضگيءَ جو اظھار نہ ڪيو.
منھنجي زال گذاري وئي. هرڪو گذاري وڃي ٿو. جڏهن ڪو پيارو گذاري وڃي ٿو تہ ڏک جهنگلي جانور جيان حملو ڪري ٿو. جڏهن ڪو واقفڪار گذاري وڃي ٿو تہ ڏک ڪن وٽ ڪنھن مک جيان هجڻ جو احساس ڏياري ٿو ۽ جيڪو واقف نہ آهي، ان جو موت توهان لاءِ ڪا معنيٰ نہ ٿو رکي. اهو ئي سبب آهي جو ماڻھن سان پيار نہ ڪيو نہ تہ انھن جو موت توهان کي ماري وجهندو. ماڻھن سان واقفيت نہ وڌايو ان ڪري تہ انھن جو موت توهان کي متاثر ڪندو. لاتعلقيءَ اڳيان موت جي ڪا اهميت نہ آهي. اڪيلائي گهڻن عذابن کان بچائي ٿي. يادون اڪيلائيءَ جون دشمن آهن. سوچون اهڙا ڌاڳا آهن جن ۾ ڦاٿل ڪڏهن آزاد ٿي نہ ٿو سگهي. لاتعلقيءَ لاءِ انسان جو چريو هجڻ ضروري آهي. ان لاءِ جانور ٿيڻو پوندو ڇو جو جانور دنيا جا اهي چريا ساهوارا آهن جن تي ڏک جو اثر انسانن جي مقابلي ۾ نہ هجڻ برابر آهي.
هڪ خالي گهر ۾ چريو انسان ئي رهي سگهي ٿو. ان لاءِ مون کي جانور ٿيڻو پيو ۽ سڀ کان سٺو جانور هڪ ڪتو آهي. ڪتي پنھنجو نفس مون کي ڏنو ۽ مان نفس ماري ڇڏيو ان ڪري ڪتي ۽ مون وٽ نفس نہ رهيو. مون جڏهن بہ انسانن کي ياد ڪيو تہ ڪتي لاءِ منھنجي عزت وڌندي وئي. اڪيلي گهر ۾ ڪتو منھنجو ساٿي هيو. مون ان کي پاڻ وٽ ويھاري دل جا حال ٻڌايا پر ڪتو عظيم هو. ان وٽ ڪھڙا درد هئا ڪڏهن نہ ٻڌايو. اها انسانن جي خصلت آهي تہ اهي ڏک ٻڌائي هلڪا ٿيندا آهن. ڪتي وٽ ڏک جو تصور نہ آهي. هن کي خبر نہ آهي تہ ڏک ڪھڙي معنيٰ رکي ٿو. مون پنھنجي من جي مونجهہ گهٽائڻ لاءِ ڪتي سان ڳالھايو.
“انسان جو مقدر اڪيلائي آهي.” مون چيو ۽ ڪتو سامھون ڄڀ ڪڍي سھڪڻ لڳو. مون ان جي اکين ۾ ڏٺو اهي ڪنھن بہ تاثر کان خالي هيون. هن کي منھنجي ڳالھين سان ڪا دلچسپي نہ هئي.
“انسان، انسان کي ڇڏي وڃي ٿو، کيس پنھنجا مفاد عزيز آهن. ڪو مري بيوفائي ڪري ٿو ۽ ڪو جيئري جدائي ڪري ٿو. ڪتا تون عظيم آهين. ڏک سک ۾ گڏ رهين ٿو. تو وٽ رشتا نہ آهن. تون ڪنھن محبوبا جو متلاشي نہ آهين. توکي خبر نہ آهي تہ عشق ڪھڙي آفت جو نالو آهي. تون پنھنجن نسلن کان لاتعلق آهين. تنھنجو پنھنجو ڪو ڪٽنب نہ آهي. تون انسانن جي ڪٽنب جو حصو ٿي اڪيلائين جو عروج ماڻين ٿو. ڇو جو تون ڪڏهن مڪمل انسان ٿي نہ سگهندين ۽ نہ ماڻھو ڪڏهن مڪمل ڪتا ٿي سگهندا. تون منفرد آهين ۽ منفرد اڪيلو هوندو آهي. ان ڪري جو انفراديت جو مفهوم اڪيلائي آهي.
مان جيئن ڳالھائيندو ويس منھنجو ڪتي سان پيار وڌندو ويو. پيار ڪھڙو بہ هجي اهو قاتل آهي. پيار انسان سان هجي يا ڪتي سان. ٻنھي صورتن ۾ موتمار آهي. پيار انسان کي تباھہ ۽ برباد ڪري ٿو. پيار زندگي ويران ڪري ٿو پر پوءِ بہ پيار نہ ڪري انسان ڪيڏو ڏکي ٿئي ٿو. پيار بنا انسان پاڻ کي ڏوهي ۽ نامڪمل محسوس ڪري ٿو. پيار عجيب بيماري آهي، شفاياب ٿي بہ تندرستي حاصل ڪري نہ ٿي سگهجي ۽ مبتلا رهي بہ صحتمند نہ ٿو رهي سگهجي.
مان ان وڏي گهر جي ڪمرن، ورانڊن، ڏاڪڻين ۽ ٽيرس ۾ پيو چڪر هڻندو هيس. ويران گهر جي هر ڪنڊ وٽان ماضيءَ جي ڀونڪ منھنجي ڪنن سان ٽڪرائجي هڪ انساني صورت ۾ تبديل ٿي ويندي هئي. منھنجي موڪلائي ويل پٽ جو چھرو گهر جي فرش جي هر ٽائل ۾ نظر ايندو هيو. رنڌڻي ۾ ٿانون ۽ چوڙين کڙڪڻ جو آواز ايندو هو. منھنجي زال مرڻ کان پوءِ ماني بچائيندي هئي. ڪينيڊا ويل پٽ جي ٻارن جا آواز ڪمري جي ڪنڊن ۾ پيل هوندا هئا ۽ اوٻاسيون وات کولي منھنجي پويان گهمنديون هيون.
مون ڪتي کي تازو پڪل ڪباب کارايو ۽ پاڻ بہ کاڌو. اڪيلائيءَ جھڙو استاد مون نہ ڏٺو. توهان بورچي، ڌوٻي، ڀنگي ۽ پنھنجا نوڪر بڻجي وڃو ٿا. سوچيندو آهيان جيڪر انسان مڪمل ڪتو هجي ها تہ ان جون ضرورتون ايڏيون نہ هجن ها. نہ پائي ها نہ پچائي ها. مالڪ جي در تي مالڪ کي ڏسي مري وڃي ها. انسان صدين کان مالڪ لاءِ مري رهيو آهي، نہ ان کي ڪڏهن مالڪ نظر آيو ۽ نہ مالڪ جو پاڇو. اهو مالڪ لاءِ مري ٿو ۽ ماري ٿو. انسان مڪمل ڪتو هجي ها تہ ان جو مذهب انسانيت هجي ها. انسانيت ڪڏهن بہ انسانن جو مذهب نہ رهيو آهي، اهو ڪتن جو مذهب آهي. ڪتن جي مذهب ۾ انسان مالڪ ۽ انسانيت مذهب آهي.
انسانن جون ڳالھيون ياد ڪري منھنجي من ۾ ڪتي لاءِ نفرت ختم ٿي چڪي آهي. ڪتو ڳالھائي نہ ٿو، ٻڌي ٿو. هو يادن کي گهر جي چانٺ ٽپندو ڏسي ڀونڪي ٿو. يادن کان وڏو چور ڪير آهي. جيڪي سڪون چوري ڪن ٿيون. ڪتي جي هر ڀونڪ تي مان ماضيءَ جي هلندڙ راهن تان واپس موٽ کاوان ٿو. ڪتو رستو روڪي ٿو ۽ مون کي مون تائين محدود ڪري ٿو.

11

جيئن وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽن لاءِ پاڻي ضروري آهي، ائين اکين لاءِ ڳوڙها ضروري آهن. سوڪھڙي جي موسم ساوڪ ۽ اکين کي وڏو نقصان پھچائي ٿي. اکين تي سوڪھڙو تڏهن نازل ٿيندو آهي، جڏهن ڏک ۽ خوشيون موڪلائي وينديون آهن. اکيون رڳو ڏک ڪري ڀرجي نہ اينديون پر خوشيءَ ۾ پاڻيءَ سان آليون ٿي وينديون آهن.
ان دفعي سانوڻ نہ آيو ۽ مون سمجهيو الميا موڪلائي ويا. اس اهڙي تيز هئي جو ان جي ڌار جسم ڪٽي پئي. گرمي پنھنجي عروج تي هجي ۽ پگهر نہ اچي تہ خشڪ موسم جي انتھا هوندي آهي، بلڪل ائين جيئن درد جي شدت هجي ۽ ڳوڙها نہ اچن تہ اها اکين جي ويراني جي انتھا هوندي آهي.
خالي گهر مان قدمن جا آواز ٻڌندو هيس پوءِ منھنجيون يادون پنڌ ڪنديون هيون.
راڪي ڪجهہ وڌيڪ تيز ڀونڪڻ شروع ڪيو هو ۽ ان جي ڀونڪ مون کي صفا نہ وڻڻ لڳي. خاموشي اهڙو بارود هوندو آهي، جنھن کي زندگيءَ جي وسيل رک مان اڀرندڙ يادن جي چڻنگ ڌماڪي سان اڏاري ڇڏيندي آهي. انسان وٽ حياتي جي ٽجوڙي آهي، جنھن ۾ وقت ڪرنسي نوٽن جيان پيل آهي. اسين وقت وڪڻي يادون خريد ڪندا آهيون، پوءِ وقت ختم ٿي وڃي ٿو ۽ حياتيءَ جي ٽجوڙي يادن سان ڀرجي وڃي ٿي.
مان عڪسن سان پيار ڪيان ٿو ۽ پاڇن کي چميون ڏيان ٿو. جيڪر تصور ۽ حقيقت جي وچ ۾ دري هجي ها، مان تصور مان ٽپو ڏئي حقيقت ۾ هليو وڃان ها. حقيقت کي بقا نہ آهي ۽ تصور فاني نہ آهي. حقيقت موڪلائي وڃي ٿي ۽ تصور بي وفا نہ آهي. اهو ڪيڏو نہ وڏو الميو آهي تہ ماڻھو حقيقت کي ڇھي سگهي ٿو پر تصور کي هٿ لاهي نہ ٿو سگهي. جيڪر تصور بہ حقيقت ٿي پوي تہ مان تصور کي اورانگهي وري ماضيءَ جو حصو ٿي سگهان، پنھنجن وڇڙي ويل پيارن کي ڀاڪر پائي سگهان ۽ چميون ڏئي سگهان.
مان محسوس ڪندو آهيان اڄ بہ جاءِ نامڪمل آهي ۽ ٻاهرين در هيٺان وٿيءَ مان منھنجا پٽ ۽ زال اچن ٿا. اهي مٿين نامڪمل منزل تي رهن ٿا. مان کنڊر نما عمارت جي اوندھہ ۾ انھن جون ٻرندڙ اکيون ڏسان ٿو. اهي مون سان ڳالھيون ڪن ٿا.
“پنھنجي صحت جو خيال رکو.” منھنجي پٽ جو آواز آيو. جيڪو بيماريءَ وگهي گذاري ويو.
“ها سبزيون کائيندو آهيان.” مون جواب ڏيندي چيو. “گوشت ڪتن لاءِ آهي.” مان ان جا سڏڪن جھڙا ٽھڪ ٻڌان ٿو ۽ اڌ روئان ٿو، اڌ کلان ٿو. “ها بابا تون بہ پوڙهو ٿي وئين.” هن چيو “لڳندو ائين هيو، جيئن تون ڪڏهن پوڙهو نہ ٿيندين.”
مون گذريل وقت تي نظر ڦيري تہ پاڻ کي سدا جوان نظر آيس. منھنجي منھن ۾ پوڙهائپ جا گهج نہ هيا، وار نہ ڇڻيا، جسم ساڳيو سڌو ۽ سنهڙو هيو. اسان جي جوانيءَ کي وقت جي نظر لڳندي آهي ۽ پوڙها ٿي ويندا آهيون.
“پر پٽ تون پوڙهائپ نہ ڏٺي.” مون کيس جواب ڏنو. “شايد تون جوانيءَ جي دعا گهري هئي ۽ ڪڏهن پوڙهو نہ ٿئين.”
هن جا ٽھڪ منھنجن سڏڪن ۾ تبديل ٿي ويا.
“بابا مان تو وٽ روز ايندس.” هن چيو “پر منھنجو انتظار نہ ڪجانءَ ڇو جو انتظار وقت جو دشمن آهي. وقت اوسيئڙي ۾ اٽڪي اڳتي نہ ٿو وڌي ۽ ائين ڪائنات وقت بنا ٿي اهميت وڃائي ويھي ٿي.”
مون کيس حيرت مان ڏٺو ۽ چيو “تون هاڻي سياڻو ٿي ويو آهين. تنھنجون ڳالھيون ٻئي جهان کي ڇھن ٿيون.”
هن پيار ۽ حسرت مان ڪتي کي ڏٺو. ڪتو ڊوڙندو هن ويجهو آيو ۽ هو ڪتي ۾ تبديل ٿي ويو.
چون ٿا ڪنھن ڪتي هڪ سياڻي جو لکيل ڪتاب غلطيءَ سان کاڌو ۽ پوءِ ڳوڙها ڳاڙيندو اڪيلو سمنڊ جي ڪناري تي ويھي سوچڻ لڳو. جيڪڏهن پاڻيءَ جي هڪ قطري ۾ سمنڊ سمايل آهي تہ پوءِ منھنجن ستن ڳوڙهن ۾ ست سمنڊ سمايل هوندا.
مون پنھنجا ڪتاب الماڙين ۾ بند ڪري رکيا آهن، جيئن ڪو ڪتو کائي نہ سگهي. ڇو جو ڪتاب جو اثر انسان کان وڌيڪ ڪتي تي ٿي سگهي ٿو. لکين ڪتاب پڙهي انسان، انسان نہ ٿي سگهيو ۽ ڪو بہ ڪتاب نہ پڙهي ڪتو، ڪتو آهي. مون تصور ۾ جيڪي بہ ڳالھيون ڪيون اهي ڪتي سان ڪيون. ڀل تصور ۾ ڪير بہ هجي پر حقيقت ۾ سامھون ڪتو هوندو آهي. چون ٿا هر شيءَ ۾ ساھہ آهي، ڪا بہ شيءَ بي جان نہ آهي. هڪ ڀت سان ڳالھايو، ان کي ڪن آهن. بي جان شيون ڳالھائينديون آهن پر اسين ٻوڙا آهيون، جيئن ڪتاب جي ٻولي اکيون سمجهنديون آهن، ائين چنڊ ۽ تارا کليل لفظ آهن. عرش ڳالھائيندو آهي ۽ فرش کي ڏھہ زبانون آهن. اسان جا ڪن نالي ماتر آهن. مون هڪ ڀيري راڪي کي سڏ ڪري پنھنجي ڀر ۾ ويھاريو ۽ چيو “روز روز ڀونڪڻ جو ڪھڙو فائدو؟ تنھنجي ڀونڪ تي هنيانءُ سيني مان نڪري نڙيءَ ۾ ڦاسي پوي ٿو.”
هو رڳو مون اڳيان ڄڀ ڪڍي سھڪڻ لڳو، هن جي خاموشيءَ ڪجهہ لفظ چيا جيڪي منھنجي ڪن وٽان گذريا.
“معاف ڪجانءِ مالڪ توکي تڪليف پھچي ٿي، پر ڪتا نہ ڀونڪن ها تہ دنيا ٻوڙي هجي ها.”
اڪيلائي “هجڻ” جو احساس ڏياري ٿي. اها ٻڌائي ٿي تہ تنھنجو وجود، موجود آهي. تون آهين ۽ اڪيلائي تنھنجي سڃاڻ آهي، پر اڪيلائي مايوس ڪري ٿي. چيڙاڪ ۽ بخيل ڪري ٿي. منھنجي دل حسد ۽ کوٽ سان ڀرجي آئي آهي. مان اهو ڏسي حيران آهيان تہ انسان، انسان رهي جيئرو ڪيئن آهي؟ انسان، انسان سان ٽھڪ ڏئي ٿو. عشق ڪري ٿو ۽ پيار جي انتھا تي پھچي بي وفائيءَ جو ڌڪ نہ سھندي آپگهات ڪري ٿو.
اڪيلائي انسان جي ميراث آهي، جنھن ۾ سئو ڪوتاهيون صحيح پر نجات آهن. هو آهي ۽ هن جو وجود هن جو آهي. سڀ جدا ٿي سگهن ٿا پر هن کي هن کان ڪو بہ جدا ڪري نہ ٿو سگهي.
منھنجا ٻار يا منھنجا ڪتا، ڪير بہ وفادار نہ آهي. مان پاڻ سان پاڻ وفادار ٿي سگهان ٿو پر پاڻ سان رهندڙ وفادار ٿي نہ ٿا سگهن. اڪيلائي انسان جو مقدر آهي ۽ ان کي قبول ڪرڻو آهي.
مان راڪي جي ڀونڪ ڪڏهن برداشت نہ ڪندس. ان ڀونڪ کي ڪيترائي چھرا آهن ۽ هر چھرو منھنجي اڪيلائيءَ جي توهين ڪري ٿو. مان اڪيلو رهندس ڪنھن بہ ڪتي جي ضرورت نہ آهي. اهو سوچي مون راڪي کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو.
مون کي اها ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ آئي آهي تہ وسڪاري جي مند ۽ ڏکن جا ڏينھن گڏ ڇو ايندا آهن. مون محسوس ڪيو در کان ٻاهر مينھن ۾ منھنجا ٻار روئندا هجن ۽ مون کي پڪ هئي تہ اهي يادون آهن جيڪي اتي ويٺل آهن. يادن مان جان ڇڏائڻ جو طريقو اهو آهي تہ توهان هر پراڻي شيءَ کي باھہ ڏئي ساڙي ڇڏيو. انھن ڪپڙن کي، بوٽن کي، ڦڻين ۽ فوٽن کي گڏ ڪري تيلي ڏئي ڇڏيو. اهي آئينا ڀڃي ڇڏيو جن اڳيان توهان بيھو تہ عڪس ڪنھن ٻئي جو نظر اچي. اهي چانھہ جا ڪوپ ۽ ٿانوَ بدلائي ڇڏيو. جن تي چپن ۽ آڱرين جا نشان آهن. ٿي سگهي تہ گهر ئي بدلائي ڇڏيو ۽ پنھنجي دل کي بدلائڻ لاءِ ڪنھن وئيشا سان هم بستري ڪيو.
مون کي ياد آهي نامڪمل جاءِ جي ڀت جي سوراخ ۾ منھنجي پٽ جا ڪٽيل وار پيا هوندا هئا. اهي وار مون محفوظ ڪيا هئا ڇو جو نہ پئي چاهيو تہ سندس وار پيرن ۾ لتاڙجن. مرڻ کان پنڌرنھن ڏينھن اڳ مون کي محسوس ٿيو هو سندس مٿي جا وار وڏا ٿي ويا آهن ۽ حجم جو بندوبست ڪرڻ کان اڳ پڇيو هو.
“چوين تہ تنھنجا وار ننڍا ڪرايان؟”
هن هڪ بي وس انسان جيان مٿي تي هٿ ڦيري چيو هو “بس ٺيڪ آهن.”
“پر مون کي سٺا نہ ٿا لڳن.” مون چيو هو.
“تہ پوءِ جيڪا توهان جي مرضي.” هن بي دليءَ سان چيو هيو ۽ مون کي ڄڻ دل سان دعا ڏني هئي. “شل توهان جا وار ائين ئي وڌندا رهن.” وار وڌڻ زندگيءَ جي نشاني آهي. توهان جا وار ۽ ننھن وڏا ٿيندا رهن تہ اها گواهي آهي، توهان جيئرا آهيو. مون حجم جو بندوبست ڪيو ۽ سندس وار ٺھرايا.
اڄ جڏهن ان ڀت کي پلستر اچي چڪو آهي تہ اهي وار ڀت ۾ دفن ٿيل آهن. مون کي ڀت جو اهو حصو ڏسي ڏک ۽ خوف محسوس ٿيندو آهي. جڏهن ننڍڙو هيس تہ ڪاٺ جي ان پراڻيءَ ڪرسيءَ کان ڊڄندو هيس جيڪا اسٽور ۾ رکيل هوندي هئي. ان ڪرسيءَ جي ٽنگ تي ڪڏهن ماکيءَ پنھنجو مانارو ٺاهيو هو. مون ماناري کي لٺ هنئين هئي ۽ ماکيءَ جي مکين حملو ڪري منھن سڄائي ڇڏيو هيو. ان واقعي کان پوءِ ايڏو خوف ۾ ورتل هوندو هيس جو ماناري جي ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ ڪرسيءَ کان ڊڄندو هيس.
مون کي پلستر ٿيل ڀت جو اهو حصو ياد هو، جنھن جاءِ تي منھنجي پٽ جا وار دفن ٿيل هئا. مان اتان تيزي سان لنگهي ويندو هيس. ڪيترا دفعا سوچيو تہ ڀت کوٽي اهي وار ڪڍي ڪنھن ٻئي هنڌ دفنائي اچان پر مون ۾ اها همت نہ هئي.
مان ڪتي کي ٻاهر ڪڍي هڪ ڏينھن بہ سک جي رات سمھي نہ سگهيس. مينھن مسلسل وسندو رهيو ۽ ڪتو در ٻاهران ويھي روئندو رهيو.
مزي جي ڳالھہ اها آهي تہ ماضيءَ ۾ ڪا بہ خوشيءَ جي ڳالھہ سمايل نہ هوندي آهي. ماضي توهان کي در ٻاهران ڪتي جيان سدائين ڳوڙها ڳاڙيندي نظر ايندو. خوشي امت آهي ۽ درد خضر. امت جي عمر ننڍي ۽ خضر جي حياتي وڏي آهي. خوشي نيڪي جيان وسري ويندي آهي ۽ درد پنھنجي زخم ڪري سدائين يادن ۾ رهجي ويندو آهي.
در ٻاهران روئندڙ ڪتي جو درد منھنجي دل تي اثر انداز ٿئي ٿو. اسين پاڻ ۾ مرندا ۽ ٻين ۾ جيئندا آهيون. دل جي ڌڙڪڻ جو سبب موت جو خوف نہ هوندو آهي. اسين پاڻ کي ياد نہ ڪندا آهيون پر ٻين جي صدقي پنھنجين يادن ۾ جيئرا رهندا آهيون. موت توهان جي ويساري جو انتظار ڪندو آهي. جڏهن توهان کان يادون موڪلائي وڃن تہ توهان دنيا مان موڪلائي ويندا آهيو. منھنجي زندگيءَ ۾ ڪتن جي عظمت جو سبب اهو ئي رهيو آهي تہ توهان جن کي ياد ڪيو اهي نہ رهندا آهن، انھن جون يادون وفادار ڪتي جيان توهان وٽ رهجي وينديون آهن.
گهر جي اڪيلائيءَ ۾ سوين ڪتا ڀونڪن ٿا. مينھن وسي ٿو ۽ عرش مان ڳوڙها ڪرن ٿا. مان ڪڏهن نہ رنو آهيان، منھنجون يادون رنيون آهن. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ اک مان وهندڙ هر ڳوڙهي ۾ يادن جو هڪ سمنڊ سمايل هوندو آهي. انسان دنيا ۾ زارو قطار روئي ٿو. لاتعداد ڳوڙها، لاتعداد سمنڊ تخليق ڪن ٿا ۽ اهي سمنڊ دنيا کي لوڙهڻ لاءِ ڪافي آهن. وقت اچي ٿو، دنيا ڪائنات سميت ٻڏي وڃي ٿي، جڏهن انسان موڪلائي ٿو.
مينھن تيز ٿي ويو آهي. در ٻاهران راڪي جو آواز وڌي ويو آهي. مان سوچيان ٿو، انسان ڪنھن بہ صورت ۾ اڪيلو نہ آهي. هو اڪيلائين جي عياشيءَ کي ڪڏهن پھچي نہ سگهندو. جسم جو روح يادون آهن. يادون موڪلائي وڃن تہ جسم بي جان ٿي ويندو. يادون دل ۾ ڪتي جو چڪ آهن. زندگي رڙ آهي ۽ هر رڙ گذارڻ لاءِ هڪ ڪتي جو ساٿ ضروري آهي.
اهو سوچي مون ٻاهريون در کولي ڇڏيو. راڪو وسندڙ مينھن ۾ پڇ لوڏي ڊڪندو اندر آيو ۽ ڪنڌ رکي منھنجن پيرن تي سمھي پيو.