لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جو تجزيو

هوش ڀٽي هڪ نفسياتي ماهر جيان سنڌي ادب جي فڪري پھلو تي چڱي دسترس رکي ٿو. ھن ڪتاب ۾ مختلف ليکڪن جي ڪھاڻين ۽ ڪھاڻي ڪتابن تي سندس تنقيدي ۽ تفصيلي جائزا ڏنل آھن. ھوش ڀٽيءَ ھن ڪتاب ۾ شيخ اياز، انور ڪاڪا، لاکو شبير، محمد دين راڄڙي، عباس ڪوريجي، ڊاڪٽر تھمينہ مفتي، رسول ميمڻ، اخلاق انصاري، غلام نبي سومري، ڊاڪٽر وحيد جتوئي ۽ امير ابڙي جي ڪھاڻين جي مختلف پاسن تي ادبي تنقيد ۽ اڀياسي مضمون لکيا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 118
  • 32
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Jadeed Sindhi Kahane jo Tajzio

سڀ حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ آهن

ڪتاب نمبر : 72
ڪتاب جو نالو : جديد ڪھاڻيءَ جو تجزيو
موضوع : ادبي تنقيد
ليکڪ : هوش محمد ڀٽي
ڪمپوزنگ : سڦلتا پبلشرز/پرنٽرز
ٽائيٽل ڊزائين : عباس ڪوريجو
ڪيليگرافي : عبدالخالق چنا
سال : 2024ع جنوري
ڇپائيندڙ : سڦلتا پبليڪيشن، حيدرآباد

ISBN: 978-627-7627-39-3

قيمت 500 روپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2025ع

Jadeed Sindhi Kahane jo Tajzio
(Critical Analysis)
Hosh Muhamamd Bhatti
Year : 2024 January
Published by: Saphalta Publication Hyderabad

Email: hosh6292@yahoo.com
Email: safalta.mag@gmail.com

03333788478Cell:

ارپنا

يار
ناول نگار
نور جوڻيجي
جي نالي...


- هوش محمد ڀٽي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ھوش ڀٽيءَ جي لکيل ادبي تنقيد تي مشتمل ڪتاب ”جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جو تجزيو“ اوھان اڳيان پيش آهي.
هوش محمد ڀٽي هڪ نفسياتي ماهر جيان سنڌي ادب جي فڪري پھلو تي چڱي دسترس رکي ٿو. ھن ڪتاب ۾ مختلف ليکڪن جي ڪھاڻين ۽ ڪھاڻي ڪتابن تي سندس تنقيدي ۽ تفصيلي جائزا ڏنل آھن. ھوش ڀٽيءَ ھن ڪتاب ۾ شيخ اياز، انور ڪاڪا، لاکو شبير، محمد دين راڄڙي، عباس ڪوريجي، ڊاڪٽر تھمينہ مفتي، رسول ميمڻ، اخلاق انصاري، غلام نبي سومري، ڊاڪٽر وحيد جتوئي ۽ امير ابڙي جي ڪھاڻين جي مختلف پاسن تي ادبي تنقيد ۽ اڀياسي مضمون لکيا آھن.
ھي ڪتاب 2024ع ۾ سڦلتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون سفلتا پبليڪيشن جي سرواڻ ھوش ڀٽيءَ جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

حيدر درياءَ جي راءِ

ادب جي اسڪول ۾ رڳو داخلا وٺڻ لاءِ بہ هوش محمد ڀٽي جھڙي نوجوان جيان پنھنجي جوانيءَ جون سڀئي خوبصورتيون جوانيءَ سميت ادب جي نانءُ ارپنا ڪري، پنھنجو سموريون صلاحيتون سچ لاءِ خرچ ڪرڻيون پون ٿيون.
هوش محمد ڀٽي، جنھن کي ڪيترا ئي دوست ”هوش ڀٽي“ يا ”هوشو ” جي نانءُ سان پڪاري ڄڻ “ مرسون، مرسون سنڌ نہ ڏيسون ” ان نعري کي اهميت ڏيئي هوشو شيديءَ جي تاريخي وفا کي ورجائيندا هجن. جنھن ميرن جي غلامي ۽ سنڌ وطن جي آزاديءَ لاءِ تلوار واهيندي پاڻ بہ پڙ تي وڍجي وطن لاءِ شھيد ٿي ويو.
اسان جو دوست هوش محمد ڀٽي، توڻي جو هڪ نفسياتي ماهر جيان سنڌي ادب جي فڪري پهلو تي چڱي دسترس رکي ٿو. پر نظرياتي طور پنھنجي نالي جي نسبت سان جڙيل آهي ۽ لکاريءَ جي حيثيت سان ناول، شاعري، ڪھاڻي وغيرہ جي مختلف صنف تي ڪتاب لکيا اٿس. ان سان گڏ سنڌي ادب جي مثبت تنقيد جو تجرباتي نقاد پڻ آهي ۽ گاهي، ماهي گھڻ رخي تنقيد جا جوهر بہ سندس فلڪياتي فن وارِي ڪائنات مان جرڪي پوندا آهن.

حيدر دريا

هوش جو تعارف

هن لاءِ صرف اهو لکي ڇڏڻ تہ ”تون بھترين ليکڪ آهين.“
ڏاڍو سولو آهي پر ڏکيو رستو وٺي، انھن لفظن جي چيچ پڪڙڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو، جيڪي احساسن جا ترجمان هوندا آهن... پر ڪي بہ اهڙا لفظ تہ وجود نہ ٿا رکن!
هن سان پھريون تعارف ڪھاڻيڪار طور تڏهن ٿيو جڏهن هن جو پھريون ڪھاڻي ڪتاب (شايد) سيف نياز جي هٿان مليو.
سندس ڪھاڻيون ٻارن جي سادگيءَ جھڙيون هيون. هن سان ٻيو تعارف (پھرين ملاقات بہ (شايد) سيف نياز جي ڪھاڻي ڪتاب جي مھورت تي قنبر ۾ ٿيو.
ويجهڙايون ويجهڙائين کي جنم ڏينديون آهن. سو سنگت جي سنگت وارو هي سنگتي هاڻ ويجهو ٿي چڪو آهي. هاڻي هي انھن سنگتين مان آهي جن سان بغير فارملٽيز جي کليو کلايو ڳالھائي سگهجي ٿو.
سنهڙو سيپڪڙو هوش ڪتابن جي ڪيڙي نہ پر ان ۾ رکيل گل جيان آهي جنھن جي سڪل پنن ۾ رڳو پنھنجي خوشبو هوندي آهي. پر هو انھن آڱرين جي خوشبو بہ سانڍي رکندو آهي. جن کيس ڪتابن جي وچ ورقن ۾ دفنايو هوندو آهي. ڪائنات جي ڪلائيمڪس ٿيڻ کان اڳ ڪائنات کي سمجهڻ جي جستجو سندس لاشعور ۾ جاڳندي رهي ٿي.
ڪھاڻي کان پوءِ ناول جو خلقڻھار بڻجڻ کان وٺي هي هڪ سٺو نقاد آهي.
هن سنڌي ادب لکڻ کان علاوہ ڪجهہ پرڏيھي ادب بہ ترجمو ڪيو آهي.
سٺي انسان سان گڏ هي سٺو ڪھاڻيڪار، سٺو ناول نگار،
ترجميڪار، تنقيد نگار محقق
بھترين ايڊمنسٽريٽر ۽ ايڊيوڪيٽر هوندي
پبليڪيشن اداري جو بانيڪار پڻ آهي.
گهڻا رخا هوش! شل سڀني مقصدن ۾ سڦل رهين.

لاکو شبير

پنھنجي ياد ۾...

آءٌ هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هيس تہ وڏي ادب جون ڪھاڻيون پڙهندو هوس. ڪھاڻيون لکڻ تہ گهڻو پوءِ سکيون. اسان جي شھر باڊھہ ۾ پير تقي شاھہ جو ساليانو ميلو لڳندو آهي. پر منھنجي سانڀر ۾ اهو ميلو جڏهن بہ لڳندو هو تہ گهڻو مينھن وسندو هو. پوءِ اهو ميلو گپ جي ور چڙهي ويندو هو. ميلي ۾ ويٺل مسافر ۽ واپاري تنھائين جي ور چڙهي ويندا هئا توڻي جو اهي هوندا ميلي ۾ هئا.
ميلي ۾ مون لاءِ تفريح جون انيڪ شيون هونديون هيون. پر انھن مان سڀ کان وڌيڪ اهم ڪھاڻين ۽ قصن جا ڪتاب وٺڻ هوندو هو. بابا ڪڏهن بہ اعتراض نہ ڪيو تہ تون اهي نہ وٺ. مون کي اڄ بہ ياد آهي اها منجهند جنھن ۾ آءٌ بابا سان ٽانگي تي سڄي شھر جي گپ، ترڪڻ وارا رستا لتاڙي ميلي پھتا هئاسين. ٿڌي هوا هلي رهي هئي ڪڪر ڪارونڀار بہ هئا پر بابا منھنجي ضد ۽ روئڻ ڪري وٺي ويو هو. اهو مڌماتي منظر تصور ۾ اڄ بہ زندھہ آهي. مون پنھنجي پسند جا ڪتاب ڳولي ڳولي کنيا هئا. ايترا کنيا جو منھنجي هٿ ۾ نہ ماپي رهيا هئا. انھن پاڪيٽ سائيز ڪتابن جا سرورق اڄ بہ اکين اڳيان اچن ٿا پر نالا وسري ويا آهن. ڪي ڪتاب لائبريري ۾ اڃا بہ سانڍيل هوندا. انھن ڳالھين ۾ بابا گريٽ هوندو هو. رانديڪا ۽ ڪتاب دل تي وٺي ڏيندو هو.
آکاڻين/ڪھاڻين سان منھنجي انسيت يا ڇڪ ان عمرکان هوندي هئي آءٌ اڪثر انھن ڪتابن ۾ گم رهندو هوس. انھن آکاڻين جا ڪردار، جانور، ٻڍا ٻار، ديو، انسان، جن بادشاھہ پريون منھنجي حواسن تي ڇانيل هوندا هئا. لطيفن، ڳجهارتن ۽ قولن جا ڪتاب ان عمر ۾ منھنجي خاص دلچسپي هوندا هئا. آکاڻيون تہ ساھہ پساھہ ۾ پيون هرنديون هيون.
ڪھاڻيون پڙهندي پڙهندي ڪھاڻيون لکڻ لڳس، ڪھاڻين لکندي ڪھاڻين جي اکيل ڪرڻ جو ڏانءُ اچي ويو. ٻاراڻيون ڪھاڻيون لکندو هوس اهي تہ الائي ڪاڏي هليون ويون جيڪي ڇپائي نہ سگهيس. البتہ ڪھاڻين جا ٻہ ڪتاب لکي ڇپائي ويس. 1. انگن جي راند (2010ع) ڪوءِ ڳنڍيندڙ هوءِ (2019ع). فلمن جون ڪھاڻيون، ڪھاڻيون ۾ ڪھاڻيون ۽ ماڻھن جي ڪھاڻين ۾ گهري وڃڻ، غور ڪرڻ جي پٽ پئجي وئي آهي.
اشفاق احمد لکيو آهي تہ: “ممتاز مفتي چيو آهي تہ، جيڪڏهن تنھنجي دل ۾ اهو خيال آهي تہ، منھنجي مرڻ کان پوءِ ڇا ٿيندو؟ تہ سوچ توکان اڳ جيڪي مري ويا آهن، انھن جي وڇوڙي کان پوءِ ڇا ٿيو آهي.”
اشفاق احمد ۽ ممتاز مفتي اردو ادبي دنيا جا وڏا بحر بيابان آهن. پر مون کي اها خبر آهي تہ منھنجي مرڻ کان پوءِ ڇا ٿيندو؟ اوطاق تي ماڻھو ڪيئن ايندا؟ تڏو تي ڪھڙا ماڻھو ڪچھري ڪري کلندا... ڪھڙا ڪھڙا مائٽ اچڻ ضروري سمجهندا... ۽ ڪھڙا مٽ ڪيئن نہ اچي سگهڻ جو عضر پيش ڪندا.ڪير ڪيئن روئيندو ۽ ڪنھن کي گهڻو ڏک ۽ صدمو رسندو!! اهو سڀ منھنجي مٿي ۾ ڦرندو رهندو آهي ۽ ڪڏهن مرندس؟ اهو سوال بہ پيو گهمندو آهي؟ پوءِ جي مري ويس تہ منھنجي ليپ ٽاپ ۾ لکيل منھنجا ڪتاب ڪير ڪيئن ڳوليندو؟
منھنجي ڪٽنب ۾ تہ سڀ غيرادبي ماڻھو آهن. منھنجا اڻ ڇپيل ڪتاب ڪير ڇپائيندو؟ ڇا ڪو منھنجو پبلشر دوست منھنجي مائٽن کي ڪتاب ڇپائڻ لاءِ صلاح ڏيندو يا پنھنجي سر ڇپي ڇڏيندو؟ يا وري منھنجي مالڪن کان پيسا گهرندو! جي پيسا چوندو تہ اهي مائٽن يا دوستن مان ڪير ڏيندس! مون کي تہ ٻيا سوال بہ ستائيندا رهندا آهن آئون پڙهيس ڇو؟ ايترو پڙهيس پر مون تمام ٿورڙن انسانن کي پنھنجي علم ۽ تعليم کي استعمال ڪري فائدو رسايو آهي. ڪي ٻہ چار شاگرد پيدا ڪيا آهن!
ڇا اهو ڪافي آهي؟ منھنجي لکڻ سان ڪيتري تبديلي آئي! يا ڇا ٿيو؟ جواب ڪجهہ بہ نہ... ديس لاءِ ڇا ڪيو اٿم؟ ان ۾ ڌرتيءَ جو قرض لھي ويو.
گهر ۾ ڪتابن جا ڍڳ آهن! جن کي هروقت گهر ۾ ڏسندو رهندو آهيان. ڪڏهن ڪو ڪتاب کڻندس! ڪڏهن ڪھڙو... انھن پڙهيل ڪتابن تي لڳل نشان، لائينون ۽ نوٽس پڙهندو رهندو آهيان. يا جيڪي ٻين کي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنم تہ انھن پنھنجا نالا لکيا اهي پڙهي کلندو آهيان. ڪتابن کي وقت ڏيندو آهيان ڪوئي ويجهو نہ ايندو آهي. ها بس عجب نگاهن سان تڪيو ويندو آهي مون کي...
مون کي خبر ناهي اهو نشو ڪيئن ۽ ڪڏهن لڳي ويو ۽ پڪو ڪتابن جو نشائي ٿي ويس، هاڻي تہ بس اهي خيال رڳو هوندا آهن تہ ڪلاسڪ مان ڪھڙا ڪتاب مون وٽ ناهن! انھن جي پٺيان هوندو آهيان. نہ ملندا آهن تہ جن دوستن وٽ هوندا آهن انھن کان ايلاز منٿون ڪري وٺي فوٽو اسٽيٽ ڪرائيندو آهيان.
پوءِ پاڻ کي خوش نصيب ڀانئي ويھي پڙهندو آهيان ۽ ائين محسوس ڪندو آهيان تہ ڪا شاهي دعوت هجي منھنجي...
مون ڪھاڻين، ناولن ۽ شاعري ۽ ٻين موضوعن تي کوڙ ساترا ڪتاب پڙهيا آهن جن تي مان پنھنجي ننڍڙي ۽ عام سوچ مطابق لکندو رهيو آهيان. انھن مضمونن مان مون جيڪو جديد سنڌي ڪھاڻيءَ تي جيڪو لکيو آهي ان کي هن ڪتابي شڪل ۾ پڌرو ڪري رهيو آهيان. هن ڪتاب کي ڪوشش ڪندس تہ هرسال وڌارا ڪري ڇپائيندو رهان تہ جيئن سنڌي ڪھاڻي جي تاريخ ۽ ان دؤر جي ڪھاڻيڪارن جي پورهئي ۽ ڪلا کي وقت سر ڪٿي محفوظ ڪندو رهان.
گهڻا ڪتاب وٺندو هئس تہ امان جيجل چوندي هئي: “ابا ٻہ چار روپيا بچائي پنھنجو ڪو گهر يا پلاٽ وٺ...” گهر ۾ اڪثر منھنجا ڪتاب هيڏي هوڏي ٿيندا رهندا هئا ڪا هڪ جاءِ مقرر نہ هئي. ڇو تہ گهر ۾ منھنجي نہ هلندي هئي. امان کي چوندو هوس تہ: “امان مٺي جيجل! تنھنجو گهر جو آهي.” پر امان جي بہ گهر ۾ نہ هلندي هئي...
سال جا سال ڀٽڪي ڀٽڪي، ڪتابن کي رولي رولي... جن ۾ ڪيئي ڪتاب گم ٿي ويا.. نيٺ گهر جوڙي ورتو. ڪتاب هاڻي هڪ جاءِ تي آهن وڏي سليقي سان پيل آهن. گهر بہ آهي... ڪتاب بہ پيا آهن... بس امان ڪونھي هاڻي... جيڪا ڳالھہ چڀندي رهندي آهي...
امرتا پريتم زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ امروز کي بہ نہ سڃاڻندي، هوءَ امروز کي چوندي هئي “تون ڪير آهين؟” امروز هن کي سندس لائبريري ۾ وٺي ايندو هو تہ هوءَ چوندي هئي “مان ڪٿي آهيان. هي ڪتاب ڪنھن جا آهن...”
اهي ڳالھيون پڙهندو آهيان تہ حيرت جھان جي پراپتي ٿيندي آهي. غالب جي ڳالھہ وانگي “يہ ماجرا کيا هي؟” سڀ ڪجهہ هڪ خال آهي جيڪو ڀرجي نہ ٿو ڀرجي... پر جڏهن بہ ڪو ڪتاب پڙهي پورو ڪندو آهيان تہ عجب مسرتن جي ويڙهي پھچي ويندو آهيان. پوءِ اهو ڪتاب ٻين کي بہ پڙهائڻ جي خوشي ماڻڻ چاهيندو آهيان. ڪو ڪتاب منھنجو ڇپجندو آهي تہ حياتي الاهي وڌي ويندي آهي ائين لڳندو آهي نئون نئون جنم ٿيو آهي منھنجو. سو ائين ئي مون ڪتاب پڙهي انھن تي دل جي اتاھہ گھرائين سان لکيو آهي. جيڪو اوهان جي نظر.
تنقيدي شعبي ۾ اتساھہ ڏيندڙ هنن سائين جن اڪبر لغاري، اخلاق انصاري، نور جوڻيجو، منير چانڊيو، علي آڪاش، حيدر دريا، عباس ڪوريجي ۽ رزاق سھتي صاحبن جا ٿورا ڪي ٿورا تہ ناهن... يار سعيد سومري سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ تنقيدي موضوعن تي ڪچھريون ٿينديون رهنديون آهن. جن جي ڪري هي سڀ ڪم ممڪن ٿي سگهيو آهي. باقي اوهان سڀني پڙهندڙن جي محبتن جو منتظر.

هوش محمد ڀٽي

شيخ اياز جي ڪھاڻين ۾ ڪردار نگاري جو تحقيقي ۽ تنقيدي جو جائزو

Characters of Shaikh Ayaz’s Stories
A Critical Analysis

Abstract:
Shaikh Ayaz is the star that shines on an eminent place on the sky of Sindhi literature. Because of his diction, Sindhi literature was enriched with new terms, traits, and trends, and purity of language of prevailed in Sindhi poetry.
Shaikh Ayaz possesses a peculiar style in presenting his poetry. This peculiarity pervades in his prose too. Shaikh Ayaz wrote 24 stories, that too in the early stages of his literary career. That’s why he is regarded as one of the initiating author of Sindhi stories.
Shaikh has made his mark in prose, as he has in poetry. Ayaz plied the pen, when Sindhi story was in early days and only few authors were writing Sindhi stories. Charchters of Shaikh Ayaz’s stories were hardworking, revolutionary, oppressed, loving, cool, rebellious, and had sprouted from the soil and society of Sindh.
This paper is study of stories of Ayaz and characters thereof.

شيخ اياز سنڌي ادب جو اهو ستارو آهي. جنھن جي چمڪ دمڪ کان هر ڪوئي ڀلي ڀت واقف آهي. اياز جيڪو دڳ ورتو ۽ منزل تائين رسيو، اهو سنڌي ادب ۽ ٻولي لاءِ تمام گهڻو لاڀائتو هو.شيخ اياز پنھنجي شاعريءَ ۾ جيڪو منفرد انداز اپنايو، پنھنجي ٻولي کي امير ڪرڻ لاءِ اهو نھايت ئي شاندار هو. ان سان سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ ۾ نوان لاڙا، تشبيھون، محاوار ۽ استعارا متعارف ٿيا، نج پج سنڌي ٻوليءَ ۾شاعري جو رواج پيو.
شيخ اياز پنھنجي شاعري ۾اعليٰ فڪر ۽ نئين انداز بيان جو مالڪ آهي پر اها خوبي ۽ الڳ انداز سندس ڪھاڻين ۾ بہ نظر اچي ٿو. هتي اسان شيخ اياز جي ڪھاڻين ۾ ڪرداري نگاري جي حوالي سان ڳالھائينداسين. اياز شاعري جيان ڪھاڻين ۾بہ پاڻ موکيو آهي. شيخ اياز ان وقت ڪھاڻي لاءِ قلم کنيو جڏهن سنڌي ڪھاڻي جو شروعاتي دؤر پئي هليو ۽ تمام ٿوڙرا ڪھاڻيڪار هئا. شيخ اياز جي شاعري جو پاسو مضبوط هجڻ ڪري سندس ڪھاڻين ڏانھن ايترو ڌيان نہ ڏنو ويو آهي پر سندس ڪھاڻيون سنڌي ادب ۾ڪھاڻين جي اوسر وارين ڪھاڻين منجهان آهن. ان جو هڪ اِهو بہ سبب ٿي سگهي ٿو تہ اهي ورهاڱي کان اڳ ڇپيون يا ڇپيون تہ وري ٿوري تعداد ۾جو اها بلندي ۽ مشھوري ماڻي سگهن.
ڊاڪٽر انور فگار مطابق:“اياز جون ڪھاڻيون سنڌي ادب جو اڻ مٽ سرمايو آهن.اهي ڪھاڻيون هڪ ڀيرو ڇپجڻ کان پوءِ وري ٻيھر ڪونہ ڇپيون.جو اها مڃتا حاصل ڪري سگهن ها يا ادبي تاريخ جي محققن ۽ نقادن آڏو مقام پائي سگهن ها.”(1)
نہ ڄاڻ ڪھڙا اهي سبب آهن جو سندس ڪھاڻين ڏانھن ڌيان نہ ڏنو ويو آهي.ان جو مکيہ سبب تہ ماڻھو سندس جي شاعري واري سحر مان نڪرن تہ ڪھاڻين ڏانھن اچن.
جئين جمال ابڙو اياز جي ڪھاڻين جي حوالي سان چئي ٿو تہ “سندس عظيم شاعري جي ڪري، سندس افساني نويسيءَ وارو پھلو، ماڻھن کان اوجهل رهيو. مون کي موجودہ دؤر جي ڪھاڻي جو ابو سمجهيو يا سڏيو وڃي ٿو حقيقت ۾ اهو سھرو بہ شيخ اياز تي آهي.”(2)
شيخ اياز جي ڪھاڻين جا ڪردار مختلف سماجي مسئلن تي باعمل سٻاجها، انقلابي، ڌتڙيل، سلجهيل، کلڻا، باغي ۽ محبت جا علم بردار آهن. ۽ اسان جي سماج مان اسريل آهن. اياز جي ڪھاڻين ۾ سنڌيت ۽ ڌرتي جي خوشبو ڦھليل آهي. سندس ڪردار ڌرتي ماتا سان محبت ڪندڙ آهن. اياز جي ٻولي نج پج سنڌي آهي. اياز جي کمير ۾ سنڌيت ڀريل هئي.
سندس چواڻي “مان نہ پاڪستاني آهيان، نہ اکنڊ هندستاني، نہ سماج جي سطحي رسم ۽ رواج جو پابند، نہ انقلابي طبقي جي اجائي جوش سان شامل، نہ ساهيت جي جهوني، يڪرنگي تصوير جو قائل، نہ ڍونگي ترقي پسندن جي جنسي اگهاڙپ جو مشتاق.” (3)
۽ اِهو سڀ اهو ماڻھو ئي چئي سگهي ٿو، جنھن جي جوهر ۾ سنڌ ئي سنڌ هجي .شيخ اياز پنھنجي ادبي ڪيريئر ۾ ڪل 24 ڪھاڻيون لکيون اهي بہ پنھنجي شروعاتي د‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‍‌‌‌ؤر ۾ اياز کي سنڌي ڪھاڻي جو بنيادي ڪھاڻيڪار بہ مڃيو وڃي ٿو. ان کان پوءِ وري اياز ڪڏهن ڪھاڻي لاءِ قلم نہ کنيو.
شيخ اياز جي ڪھاڻين جو ڪتاب ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي ”جي تند برابر توريان“ جي نالي سان سھيڙيو آهي. جنھن ۾ اياز جون سڀ ڪھاڻيون شامل آهن. پيش لفظ ڊاڪٽر فگار هڪڙي، جمال ابڙو، ستار پيرزادو ۽ ڊاڪٽر قاضي خادم جا اياز جي ڪھاڻين تي رايا ڏنل آهن، اياز پنھنجي ڪھاڻين ۽ ڪھاڻي جي فن تي الڳ الڳ مضمون ڏنا آهن.

شانتا: دنيا جي هر سماج ۾ رهندڙ ماڻھو اهو سوچيندو آهي تہ زندگي ۾ تڪليفون، عذاب ۽ ذلتون نہ هجن برابري هجي ۽ زندگي مان شان سان گذري. اياز جي ڪھاڻي “شانتا” جو ڪردار بہ ڪجهہ اهڙا ئي خواب ڏسي ٿو. شانتا ۾ اياز جي ٻولي ۽ تشبيھون شاندار آهن. اياز سماج جي اصليت کي پنھنجي لفظن ۾بيان ڪيو آهي. شانتا جيڪا وئشيا آهي. ان ڪردار کان پنھنجي احساسن جو اظھار ڪرايو آهي. مردن جي هن معاشري ۾ جتي عورت جي لاءِ ڪا معافي ڪو واپسي جو گس نہ آهي.
ڪھاڻي ۾ شانتا وئشيا آهي. جيڪا ڀنگي رامون سان شادي جا ارمان دل ۾ رکي ان کي ڀڄي وڃڻ لاءِ چئي ٿي ۽ ان جي پٺيان بہ روائتي عورت وانگر گهر ٺاهڻ جو خيال آهي پر اهم ڳالھہ تہ هوءَ سماج ۾ عزت جي نگاھہ سان ڏسڻ لاءَ اهو سڀ ڪرڻ چاهي ٿي. پر رامون جيڪو ڀنگيءَ آهي روز ان کان مٺائي ان لاءِ وٺي ٿو تہ جئين ان جا ٻار خالي پيٽ نہ هجن. رامون کيس جواب ۾چئس ٿو “پرماتما توکي سکي رکي، مون کي زال آهي، ٻار آهن. جي مٺائي کائي توکي آسيس ڪندا آهن. مان توکي ڪيڏانھن وٺي وڃان، رام سوامي مون کي هڪ جهوپڙي آهي. جنھن ۾ نہ بجلي آهي نہ غسل خانو غاليچا نہ پلنگ! مان غريب توکي ڪٿان پالي سگهندس ٻيو تہ مونکي نيات وارا ڇا چوندا...“
رامون جا اهي لفظ ٻڌي هوءَ ڄڻ ڀوري پوي ٿي ۽ سوچي ٿي “هن کي نيات وارا ڇا چوندا ؟ هن کي نيات وارا ڇا چوندا...” تہ تون وئشيا آندي آهي ڪميڻي، ذليل وئشيا ! هي ڀنگي جنھن کي ساري دنيا اڇوت ٿي سمجهي سو بہ مون سان ڇوت ڇات پيو ڪري مان ڀنگي کان بہ خراب آهيان.”
اياز جي ڪھاڻي جو هي ڪردار ڪيڏو معصوم ٿو لڳي پر هن سماج ۾ جتي اوچ نيچ، اڇوت ۽ ڇوت جا طبقا هجن اتي ڪا بہ وئشيا عزت واري زندگي نہ ٿي گذاري سگهي.
رفيق: شيخ اياز جي هي ڪھاڻي ڪامريڊن جي ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ ڪجهہ اشتراڪيت سان وابسطا آهن تہ ڪجهہ سوشلسٽ آهن. پر سڀني ڪردارن جو مقصد هڪ ئي نظر اچي ٿو سماج ۾ تبديلي سک، شانتي، هڪجهڙائي برابري ۽ غريب طبقي جي لاءِ وڙهڻ وغيرہ. اياز هن ڪھاڻي جي شروع ۾ گرامر جي غلطي ڪئي آهي لکي ٿو تہ “اڄ ڊاڪ مزدورن جو اسٽرائيڪ پوري ٿيو هو.”اسٽرائيڪ لفظ جنھن جي معنيٰ هڙتال آهي اهو انگريزي ۾ هجي يا سنڌي اهو مادي ٿيندو آهي.اهو صحيح هئين ٿيندو تہ “اڄ ڊاڪ مزدورن جي اسٽرائيڪ يا هڙتال پوري ٿي هئي.”

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي مطابق: رفيق ڪھاڻي ۾ مزدورن جي اتحاد جو ذڪر آهي ۽ خود رفيق جو لفظ ڪاريڊ طور استعمال ڪيو ويو آهي. هندو مسلم اتحاد جو خاڪو بہ ان ۾ ڏسجي ٿو، جنھن جو نھايت ئي بي باڪ ۽ جرئت مندانہ اظھار ڪيل آهي. ازنسواءِ سنڌي قوميت جي بہ هڪ معصوم شڪل نظر اچي ٿي. ائين لڳي ٿو ڄڻ هي ڪھاڻي صرف آدرشن ۽ نظرين لاءِ لکي آهي. ان ڪري ان جا فني پھلو جهڪا ٿي ويا آهن.”(4)
“رفيق” ڪھاڻي عمدہ سوچ رکندڙ ڪردارن جي ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ نجمہ ۽ موهن مکيہ ڪردارآهن. ڪھاڻي ۾ ڪردارن کان ڪامريڊ لفظ جي جاءِ تي رفيق لفظ ڪتب آندو ويو آهي جيڪو ڏاڍو سھڻو لڳي ٿو رفيق ڪھاڻي جا ڪردار يوٽوپيائي سوچ رکندڙ نظر اچن ٿا. جئين ڪھاڻي ۾ نجمہ موهن کي چئي ٿي “آءُ تہ تون مان بہ هلون هن فاقه ڪشي ۽ عصمت فروشيءَ جي دنيا کان دور! هي دنيا جتي کيت تي هاري جو خون، پسيني جيان وهي رهيو آهي!هي دنيا جتي بازار ۾مزدورن جو گوشت وڪامي رهيو آهي! ان دنيا کان دور، محبت ۽ فراغت جي دنيا ۾، جتي هي ڏينھن رات جي جاکوڙ ۽ جفاڪشي نہ هجي.زندگي ۾ايتري آمد رفت نہ هجي، جتي چالاڪي نہ هجي. هڪ مٺي مٺي ۽ ماٺي ماٺي دنيا ۾”.
هن ڪھاڻي ۾شيخ اياز جا ڪردار سندس جيان باغي ۽ يوٽوپيائيutopia سوچ رکندڙ لڳن ٿا ۽ اهڙي دنيا جو خاڪو جوڙين ٿا جيڪا ڪٿي بہ نہ هجي، جتي انسانيت جي قتلام ۽ استحصال نہ هجي. ڪھاڻي ۾منظرڪشي سٺي آهي. مرد ۽عورت جي حسن کي عمدہ تشبيھن سان بيان ڪيو آهي. جئين نجمہ جي حسن جي تعريف ڪندي موهن چئي ٿو تہ “نجمہ! تنھنجا اهي ڊگها وار، ڀنو زيتوني رنگ سنهڙا آلا چپ مون کان وسرندا.”
هي ڪھاڻي اياز جي شروعاتي ڪھاڻين مان آهي پر پوءِ بہ سندس ڪھاڻي ۾ فڪر، ٻوليءَ ۽ منظر ڪشي سان گڏ ڪردار پختا نظر اچن ٿا.

کلڻي:
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي مطابق: “البت سندس سڀني ڪھاڻين ۾ کلڻي فني نقطي نگاھہ کان بلڪل ڪامياب چئي سگهجي ٿي. جنھن ۾ هڪ عورت جي ڪردار جي عملن مان سندس نفسياتي رغبت کي عيان ڪيو ويو آهي.”(5)
هن ڪھاڻي ۾ جيڪو لفظن ۽ جملن جو جادو شيخ اياز ڪيو آهي. اهو ڏاڍو بي مثال آهي. کلڻي جھڙا ڪردار اسان جي ٻھراڙي واري سماج ۾کوڙ سارا ملندا.کلڻي کي پڙهندي، پڙهندڙ کلڻ لڳي ٿو ۽ کيس کلڻي تي پيار بہ اچيس ٿو تہ ڪاوڙ بہ !!!
کلڻي جي ڪردار کي جنھن انداز سان ايازکنيو آهي اهو ڏاڍو لاجواب ۽ نازڪ احساسن وارو ڪردار آهي.
جئين هن ڪردار بابت ستار پيرزادو چئي ٿو: “جنھن ڇوڪري جي لڙڪن ۾ بہ ٽھڪ شامل هجن ۽ ٽھڪن ۾ لڙڪ تہ ڪھڙو ڪافر آهي جيڪو اهڙي ڪردار تي اڪن ڇڪن نہ ٿئي”. ( 6)
اياز جي کلڻي جو ڪردار انتھائي سھڻي سيرت وارو مٺڙو ڪردار آهي جيڪو هر ڪنھن جي دل ۾گهر ڪري وڃي ،اياز جي هي ڪھاڻي سندس ڏات جوڪمال آهي.
پروفيسرمنگها رام ملڪاڻي کلڻي لاءِ لکي ٿو تہ “هي هڪ نھايت نفيس سيرت نگاري .جي آکاڻي ۽ سنڌ ۾نڪتل اصلوڪين ڪھاڻين مان آخرين شاهڪار آهي.”7))
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي وري کلڻي ڪھاڻي بابت هيءَ راءِ ڏئي ٿو: “اياز جي ڪھاڻي کلڻي هڪ محجوب دوشيزه بابت آهي ۽ اها منھنجو بيت سبب منزل تي نٿي رسي.”(8)

ڪارو رنگ: شيخ اياز جو مشاهدو زبردست قسم جو آهي ۽ ان بنياد تي سندس قلم کڻڻ وقت لفظ الائي ڪئين ڀڄندا ڊڪندا اچي وڃن ٿا. ائين ئي ڪارو رنگ ڪھاڻي ۾ جيڪو بانام ڪردار کنيو ويو آهي اها ڪاري رنگ جي عورت جو آهي. جيڪا پنھنجو رنگ ڪاروهجڻ جي ڪري احساس ڪمتري جو شڪار آهي. اسان جي سماج ۾ جئين ڀوري رنگت رکندڙ کي خوبصورت سمجهيو ويندوآهي. پر عورت جيڪا اوسيتائين احساس ڪمتري جو شڪار هوندي آهي. جيستائين ان کي ڪو چاهڻ وارو مرد نہ ملندو آهي ۽ اياز بہ هن ڪھاڻي ۾ ڪاري رنگ جي عورت جي ڪردار کي پھريان اداس گم سم ڏيکاريو آهي. مضبوط قسم جو تشبيھون ڏيندي ڪاري رنگ کي بہ خوبصورت قرار ڏنو آهي. ان ڪاري رنگ جي عورت کي جڏهن ڪنھن جي چاهت ملي ٿي تہ هوءِ نکري پوي ٿي. هتي بہ اياز جي اک جو ڪمال آهي جو هو لکي ٿو ته“سندس ڇاتي گهگهري مان ڄڻ ڦاٽي ٿي، سندس ڳل ڀرجي آيا هئا. کاڌيءَ جي ڪپڙن جي بدران کيس پٽ جي پنجابي ڊريس پئي هئي. هن مون کي ڏسي مرڪيو. سندس مرڪ ۾چلاڪي ۽ شرارت هئي. پھريون دفعو مون کي سندس ڪارو رنگ بد صورت لڳو هو. ڄڻ هوءِ ڏائڻ ٿي لڳي، ڪاري ڏائڻ.”
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي وري ڪارو رنگ ڪھاڻي بابت لکي ٿو: ”ائين ڪھاڻي ”ڪاري رنگ“ جي سورمي ڪا ڪاري رنگ جي هئي. ان ۾ اياز ڏسي ٿو تہ هوءَ پنھنجي رنگ جي ڪري احساس ڪمتري جو شڪار هئي. هن جي ڀرپور جواني انھيءَ ڪري برباد ٿي وئي.“(9)
سنڌي سماج ۾ پيار ڪندڙ ڇوڪري گهٽ نگاھ سان ڏٺو ويندو آهي اياز بہ روايتي انداز ۾ ان کي ڏائڻ ڪوٺي ٿو. يا وري مرد جي ڇهاءُ کان پوءِ جيڪي عورتن ۾ تبديليون اچن ٿيون اياز انھن کي ڏسي، سمجهي کيس ڏائڻ چئي ٿو. سفيد وحشي جي مجموعي ۾ اياز پنھنجي هن ڪھاڻي کي سرئيليسٽ ڪھاڻي بہ چيو آهي.

سھڻي سير ۾: هن ڪھاڻي ۾ سھڻي جي ڪردار تي اياز قلم کنيو آهي اسان جي سماج ۾ سھڻي جي ڪردار کي، منفي نظرن سان ڏٺو ويندو آهي. لطيف جيان اياز بہ پنھنجي شاعري ۾ سھڻي کي هاڪاري ۽ سورمي ڪري پيش ڪيو آهي. هن ڪھاڻي ۾ بہ اياز، ميھار ۽ سھڻي جي سنڌو جي سيرن ۾ ملڻ جي منظر کي چٽيو آهي. هي مختصر ڪھاڻي پڙهڻ کان پوءِ ڪجهہ دير لاءِ تہ ماڻھواداس ٿي وڃي ٿو. هن ڪھاڻي ۾ اياز جي لفظن ۽ تشبيھن جي شھنشاهي قائم آهي.
نوران: ڪھاڻي جا ٽي مکيہ ڪردار آهن. هڪ نوران، عزيز ۽ رضييہ. نوران جو اهڙو ڪردار آهي جيڪا ازدواجي زندگي جي شروع ۾ ئي مڙس جي محبت کان محروم ٿي وڃي ٿي ۽ هن کي دل گهريو دلبر بہ نہ ملي ٿو. پوءِ جڏهن پنھنجي ڌيءُ رضييہ کي عزيز جي ويجهو ڏسي ٿي ۽ انھن جي محبت ۽ وجهڙائي ٿئي ٿي تہ انساني فظرت جيان کيس اها ڳالھہ ڀانءَ نہ ٿي پويس. ڌيءُ ۽ عزيز کي ڇڙٻون ڏيندي رهي ٿي. رضييہ عزيز ۽ نوران جھڙا ڪرداراسان جي سماج ۾ کوڙ آهن. اياز انھن جي فطرت ۽ طبعيت کان واقف ٿي جوڙيا آهن. انساني فطرت آهي. جڏهن انسان ڪجهہ وڃائيندو آهي تہ پوءِ ئي ان جو قدر ۽ اهميت سمجهندو آهي.هن ڪھاڻي ۾ بہ نوران ۽ رضيہ جا ڪردار وڃائي ڪري خوب پڇتائين ٿا پر احساسن کان عاري نہ آهن. هن ڪھاڻي ۾ ڪردارن جي ڪھاڻي عجيب ڪشمش ڏيکاري وئي آهي جڏهن عزيز رضيہ جي گهر بہ اچي ٿو ۽ نوران جيڪا رضيہ جي ماءُ آهي. ان کي امي بہ چئي ٿو. پر رضييہ جي شادي ڪٿي ٻئي هنڌ ٿيڻ، ڪنھن حد تائين هڪ سوال پيدا ڪري ٿي تہ رضييہ جو ايترو جلدي شادي لاءِ ها ڪري ٿي ۽ ڇو عزيز سان رابطو نہ ڪيو وڃي ٿو. انھن خامين کان سواءِ ڪھاڻي ۾ مڪالما ۽ تشبيھونءِ لفظن جو جاندار ۽ بھترين ڳانڍاپو آهي جئين ..“رضيہ ٿڌو ساھ کڻي گذريل محبت تي قل پڙهي ڇڏيندي، نوران ساهي پٽي وري الحمد شروع ڪندي. هوءَ محبت کي لٽي ڇڏيندي، هي پٽي کيس ڏيکاريندي تہ ڪوڙي ڪچ تي ماڻڪ پئي مٽين؛ “شادي عادت آهي، محبت عادت نہ آهي. شادي پلئہ ٻڌي ٿي، محبت روحن کي ڳنڍيون ڏئي ٿي. ڳنڍيون بہ ريشم جون، جي ڇڪيندي نہ ڇڄن. شادي ضروري نہ آهي محبت ضروري آهي.”

پھريون ۽ پويون خط: ڪوبہ انسان پنھنجي حال مان خوش نہ هوندو آهي، هن ڪھاڻي جو ڪردار نثار بہ پنھنجي حال مان خوش نہ آهي.نثار نالي هڪ غريب ٽپالي جي هي ڪھاڻي ان جي ارمانن، حسرتن ۽ ڪجهہ غير فطرتي خواهشن جي چؤگرد ڦري ٿي. جئين:“نثار سڄي عمر ڪنوارو رهيو ۽ سوچيندو هو تہ بابو بہ ساڳي طرح ڪنوارو رهيو هجي ها تہ ڪھڙو نہ چڱوٿئي ها!. “اياز هن ڪردار جي احساس محرومي ۽ بي چيني کي بيان ڪيو آهي. حق ۽ سچ جي ڳالھہ ڪندڙن کي ازل کان ڪچليو ويندو آهي يا پوئتي ڪيو ويندو آهي. نثار سان ائين ٿئي ٿو جڏهن ٽپالين جي حق جي حاصلات جي اڳواڻي ڪري ٿو ۽ جدوجھد ڪري ٿو تہ نوڪري تان لاٿو وڃي ٿو ۽ انسان جڏهن صفا مايوسي جي عالم ۾ ايندو آهي تہ ٻہ رستا وٺندو آهي هڪ پاڻ ختم ڪرڻ جو ٻيو نشي جو، نثار بہ نشو ڪري پاڻ کي گم ڪري ڇڏي ٿو.

ٻرو چڪي رت: اياز هن ڪھاڻي۾ هڪ چور جي جي ڪردار کي چٽيو آهي، جيڪو چوري ڪرڻ تہ اچي ٿو پر چوري بدران سندس دل چوري ٿي وڃيس ٿي. شيخ اياز جي هي ڪھاڻي ناڪام ۽ ڪمزور ڪھاڻي آهي. جنھن ۾حقيقت پڻو صفا گهٽ آهي. پر ڪي ڪھاڻيون خيالي ۽ افسانوي، حقيقت جي رنگ کان خالي بہ هونديون آهن. شيخ اياز هن ڪھاڻي ۾ نثر ڪمال جو لکيو آهي پر گرامر جو، لفظن جون ۽ ڪجهہ ٽيڪنڪل غلطيون بہ ڪيون آهن. جنھن ڪري ڪھاڻي بي مزي ٿي پئي آهي. جئين ايازلکي ٿو تہ “هن ڪھاڙِي ڀت جي آڏورکي، لوھ جي ڪلي سان ڀت کوٽڻ شروع ڪئي.“لوھ جي ڪلي جو هتي استعمال ڪنھن حد تائين ناموزون لڳي ٿو ڇو تہ ڪلي تہ ننڍي ٿيندي آهي ۽ ڀت کي کوٽڻ لاءِ رنبي يا انبوئي جي ضرورت پوندي آهي. ٻئي هنڌ اياز لکي ٿو تہ هن ڀت ۾ ماڻھو جي لنگهڻ جيترو ٻر ٺاهي آسمان ڏانھن ڏٺو. وهائو تي نظر ڪري هن سوچيو تہ رات جو ٽيون پھر ٿيو آهي.” هن ٽڪري ۾ غلطيون آهن هڪ تہ اياز هن ۾ کاٽ کي ٻر چيو آهي ۽ ٻيو وقت جي حوالي سان ڪھاڻي ۾ تضاد آهي. وقت ائين جو چور چوري ڪرڻ اڪثر اڌرات ۽ ٽئين پھر جي وچ تي نڪرندا آهن. هي چور بہ ٻئين پھر ۾ چوري ڪري رهيو هو تہ پڪڙجي پوي ٿو ۽ پڪڙجڻ وقت بہ اهو ئي ٿيندو يا اڳتي هلي رات جو چوٿون پھر ٿيندو پر اياز اڳتي لکي ٿو تہ:.
“ٽئين کٽ تان اٿي چيو تہ، “ادي ڊيلان!هاڻي رات جو ٻيو پھر ٿيو آهي. ننڊ تہ هونئن نہ ايندي، تون راڻو ڳاءَ مان تڙو وڄايان ۽ ٻيا سڀ جهمر وجهن.”
هنن مڪالمن ۾ چٽو پٽو تضاد آهي. تہ چور ٽئين پھر ۾ چوري ڪري ٿو ۽ پڪڙجي ٿو. وري ٻئين پھر ۾ ڪئين ڳائن ٿيون جڏهن تہ اهو اڳتي هلي وقت گذرڻ سان عصر يا چوٿون پھر هجڻ گهرجي. ڪھاڻي ۾ اڳتي هڪ جاءِ تي جملو آهي تہ “چاڏي پيرن ۾جهلي هن مانڌاڻي ٿي هلايو.”جڏهن تہ صحيح جملو هئين ٿيندو تہ “چاڏي پيرن ۾جهلي هن مانڌاڻي پئي هلائي.” هن ڪھاڻي جا سڀ ڪردار ۽ مکيہ ڪردار ڊيلان ۽ جانو ٻئي ٻروچ آهن ۽ ٻروچ مادي کي نر ۽ نر کي مادي چئي ويندا آهن شايد ان جي ڪري اياز بہ ٻروچڪي لهجي ۾لکيو آهي.
ڏٺو وڃي تہ ٻروچ ماڻھو انتھائي شڪي مزاج هوندا آهن. اهي ماڻھو هڪ چور کي گهر ۾ ٻڌل هڪ اڪيلي جوان ڇوڪري ۽ ننڍو ٻار، ڇڏي وڃن ٿا. ڪھاڻي ۾ گهڻيون ڳالھيون تسليم ڪرڻ کان ٻاهر آهن. پر ڪھاڻي آهي ڪھاڻين ۾ ائين بہ ٿيندو آهي. جانو جيڪو ڊيلان جو مڌر مٺڙو آواز ٻڌي ان تي عاشق ٿي پوي ٿو. اها ڊيلان هڪ چور تي رحم ڪري سندس ماني کارائي ٿي ۽ واڇون اگهيس ٿي تہ جانو جا وارا نيارا ٿي وڃن ٿا. اياز جانو کان هئين سوچرائي ٿو! “عورت جي سونھن بہ آهي ڇاتي ۾.” جانو سوچيو، “اهي ٻہ وڏا مکڻ جا چاڻا!” هن جي ڏاڍي دل ٿي تہ ڊيلان کي ڀڄائي وڃان.” شادي ڪرڻ جو جانو وارو خيال ڏاڍو هاڪاري بھتر آهي.

هڪ شمع ٻہ پروانا: اياز جي ڏات جي ڏنل خوبصورت تخليق آهي. جنھن ۾ هڪ حقيقي داستان سليم انار ڪلي تي قلم وهايو ويوآهي، جئين تہ اسين چوندا بہ آيا آهيون تہ اياز وٽ تشبيھن جو اڻ کٽ خزانو آهي ان ريت هن ڪھاڻي ۾ بہ اياز گهٽ نہ ڪئي آهي. شھزادي سليم انارڪلي ۽ مھرالنساءِ جي هن ڪھاڻي ۾ انارڪلي شھزادي سليم جو بادشاھ جي اڳيان راز رکندي مري وڃي ٿي توڙي جو هو ڄاڻي ٿي تہ شھزادو مھرالنساءَ سان پيار ڪري ٿو. اياز جي هن ڪھاڻي ۾هڪ مرد جو ٻن عورتن لاءِ پيار ۽ ٻن عورتن جو هڪ مرد تي فدا ٿيڻ جي ماحول کي حقيقي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

هي هاري !: ڪھاڻي ۾اياز ٽن ڪردارن کي کنيو آهي. هڪڙو خوشحال حور جھڙيءَ سھڻي زال رکندڙ هاري جو ٻيو شمن موچي ۽ ٽيون وڏيرو ڪريم بخش، ساڙ ۽ حسد تہ انسان جي فطرت ۾هميشه کان رهيو آهي. سماج ۾ماڻھو ڪڏهن بہ ڪنھن سکي ماڻھو کي نہ ڏسي سگهندا آهن. صالح هاري جيڪو ٻھراڙي جو عام قسم جو هاري آهي. هارپو ڪرڻ سان گڏ وڏيري جي اوطاق جي سار سنڀال ۽ صفائي سٿرائي رکي ٿو. شوق مان ڀلو ڏاند پلايو اٿس ۽ سندس گهرواري بہ سھڻي اٿس.
جنھن لاءِ اياز کيس چورَائي ٿو تہ:“دنيا ۾ ٻن شين سان سر لڳندو هو. هڪ گهر واري ۽ ٻيو ڏاند سان. ڏاند تہ نہ هو؛ پکي هو پکي هو! جڏهن گوءِ ۾ ڀڄندو هو تہ ڏهين ماڻھو ڏندين آڱريون ڏيندا هئا. واھ ڙي پکي! ڄڻ تارو ڏنو! هوا سان ڳالھيون ڪندو ويندوهو. هوا سان!”
وڏيري ڪريم بخش ۽ شمن موچي جھڙا ڪردار اڄ بہ اسان جي سماج ۾موجود آهن. شمن موچيءَ غريب هاري کي وڏيري جي ماڻھن هٿان موچڙا بہ هڻائي ٿو ۽ ڏاند بہ چوري ڪرائي ٿو ۽ خوش خوش سماج ۾ هلي ٿو. اياز شمو جي ڪردار ذريعي اِهو ڏيکاريو آهي تہ سماج ۾اهڙا ڪردار کوڙ هوندا جن وٽ سھڻي زال ۽ خوشحال زندگي نہ هوندي آهي تہ اهي ٻين کي بہ نہ سھندا آهن اها نفسيات آهي اسان جي سماج جي. صالح هاري جي پير مري ڀڄي پوڻ ڪري هو ڪمائڻ کان حلاق ٿي وڃي ٿو تہ سندس زال پورهيو ڪري ٿي ۽ زيور کپائي کيس صحتياب ڪري ٿي پر ان جي دؤران هوءَ ۽ ايتري مجبور ٿي وڃي ٿي ۽ کٽي پوي ٿي جو وڏيريءَ اڳيان جهڪڻو پويس ٿو.صالح کي خبر پوي ٿي تہ سندس ڏاند ڪنھن وٽ آهي ۽ پوءِ انکي واپس آڻڻ ۾ ديرئي نٿو ڪري. پر شمو کي تہ ساڙ پورو ڪرڻو آهي کيس هوٽنگ ڪري اوڙاپي تہ چويس ٿو“مال موٽائڻ وڏي ڳالھ نہ آهي.کڙو ڪوئي زال موٽائي. پر ڪنھن ۾ غيرت بہ هجي، چوڏهين صدي آهي.” ان تي صالح کيس وڙهي پوي ٿو پر شمو کيس ان جاءِ تي وٺي وڃي ڏيکارڻ لاءِ زور ڀريس ٿو تہ تنھنجي زال هن وقت بہ وڏيري وٽ هوندي ۽ صالح ڪھاڙي سان گڏ اتي پھچڻ سان هم نہ تم ڪندي پنھنجي حور زال جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي ٿو ۽ اڃا وڏيري تي وار ڪري ئي ٿو تہ شمو کيس مٿي ۾ ڌڪ هڻي ڪڍيس ٿو وڏيرو جيڪو اسان جي سماج جي وڏي لعنت آهي. جتان ڏوهن جي پيدا ٿئي اهو پوءِ بہ بچي وڃي ٿو. پر صالح جھڙا ڪردارجنھن جو سڀ ڪجهہ هليو وڃي ٿو. زال ۽ شوق سک ۽ موت جي ٻہ واٽي تي اچن ٿا.

جي تند برابر توريان: هي شيخ اياز جي فلسفيانہ انداز ۾ لکيل ڪھاڻي آهي. منھنجي خيال ۾اها اياز جي پنھنجي ئي ڪھاڻي آهي. هن کي جيڪو بيان ڪري ٿو، اهو اياز خود ئي آهي. غزالہ ۽ شيام ۽ ان جي ڀيڻ شيلا هن ڪھاڻي جا ڪردار آهن. جيڪي حالتن کان مجبور ٿي هڪ ٻئي کان جدا ٿين ٿا. اياز هن ڪھاڻي ۾هڪ شاعر جيڪو وڪيل بہ آهي ان جي پراڻين يادين جي دري کولي ٿو.

موهن ڪلپنا مطابق: شيخ اياز سنڌ جو وڏو شاعر آهي. ڪو شاعر جڏهن ڪنھن موضوع تي ڪھاڻي لکندو تہ رڳو ان جو نثر ئي ڪھاڻي کي کڻي بيھندو.
“جي تند برابر توريان” ڪھاڻي هڪ شاعر تي آهي، جو سنڌي آهي، “خوشي براءِ ادب” ۽ ادب براءِ زندگي جو حامي آهي. هن جي دعويٰ آهي تہ جو انگريز اليئٽ نٿو پڙهي، اهو ناگريز نٿو ٿي سگهي، ۽ جو شاھہ لطيف نٿو پڙهي اهو سنڌي نٿو ٿي سگهي، چاهي تہ ڪردار ويڪل ٿي سگهي ٿو، پر هو ڪا جوابداري کڻڻ نٿو چاهي. هن جو عقيدو آهي تہ “ جي شاعري ۾ دولت نہ آهي تہ دولت ۾ بہ شاعري نہ آهي. شمع سان محبت ٿو ڪري، شمع جي شادي هڪ شاهوڪار سان ٿيڻ جي رٿا آهي، سو غريب شاعر سان شادي ڪري، زندگي کي ڪيئن منھن ڏئي، بجاءِ ان جي ياز هن کي نمونيا جي موت ۾ ماري ٿو ڇڏي. ٻئي غزالا سان عشق ٿو پچائي، تہ انساني فطرت موجب کيس شمع ياد نٿي اچي. وري بہ ساڳيو مسئلو تہ غزالا هن سان شادي تڏهن ڪندي جڏهن هو بہ ڪو ڪم ڌنڌو ڪندو. هوءَ هڪ دفعو پاڻ جتائي کيس ائين چوي ٿي: “جي مان توکي وڌيڪ پياري آهيان، تہ توکي شاعري ڇڏڻي پوندي.”
شاباس چوي ٿو: ”تون غلط سوچيو آهي تہ مان توکي چونڊيندس.“
ڪردار هڪ آدرشوادي آهي، پر هو شادي جي ٻنڌڻ ۾ بہ ڦاسي، اهڙو ڪو سبب ڪھاڻي ۾ نہ ڏيکاريو ويو آهي. يا تہ ڪو انقلابي آدرش اٿس. جنھن سبب هو ڪنھن جي زندگي جو جوکم نہ ٿو کڻي. اهو بہ ڏيکاريو نہ آهي. ان ڪري شاعر ڪنھن بہ قسم جي همدردي ڇڪي نٿو سگهي. گهر يا پائيدار اثر نٿو ڇڏي. اظھار خوبصورت آهي.“(10)
اڄڪلھ تہ اِهو ٽرينڊ ٿي پيو آهي پر شايد گهڻو اڳ جو ٽرينڊ آهي تہ غم جي حالت ۾ شراب ۽ سگريٽ جو سھارو ورتو وڃي تہ غم گهٽجي ٿو. تخليقار سماج ۾ ٿيندڙ براين ۽ گندگين جي نشاندهي ڪندو آهي ۽ انھن کي برو چوندو آهي پر اياز پنھنجي ڪردار کان شراب نوشي کي هڪ هاڪاري شيءَ چورائي ٿو.
“هو غم کان نجات پائڻ لاءِ شراب پئيندو هو، پر شراب کيس ويتر غمگين ڪندو هو. هن هڪ ڀيري لکيو هو تہ “جڏهن خدا ڪائنات خلقي ۽ خوشي ۽ غم پيدا ڪيو، تڏهن ٻنھي کي چيائين تہ “پنھنجا پنھنجا دوست چونڊيو. “هن جو ايترو چوڻ، ۽ ساري مخلوق جو خوشي سان ساٿ ڏيڻ .هر ڪو ئي وڃي خوشي جي پاسي بيٺو ۽ ٻئي طرف غم ويچارو اڪيلو بيٺورهيو. خدا فيصلو ڪيو تہ غم جي قسمت ۾تنھائي آهي. پوءِ جڏهن سڀئي مخلوق ٽڙڻ پکڙڻ لڳي تڏهن چوريءَ چوري ءَ شراب غم جي ويجهو آيو ۽ سس پس ڪري چيائين تہ “تون غم نہ ڪر، مان ظاهري طرح تہ خوشي سان آهيان، پر دلي طرح توسان آهيان.اڄ هن جي زندگي جو شراب غم سان اهو قول نڀائي رهيو آهي.”(106)
افسانوي ادب جا ڪردار اهڙا هجڻ کپن جيڪي سماج ۾ ٿيندڙ برين عادتن کان نفرت ڪن، ڌڪارن نہ ڪي فلسفيانہ دليل ڏئي شراب نوشي کي غم جي نجات جو ذريعو سمجهن. هن ڪھاڻي جو ٻيو ڪردار شمع آهي. جيڪو بہ سماج جي دقيانوسي رسمن ۾ جڪڙجي ختم ٿي وڃي ٿو. اياز جي هي ڪھاڻي نثر، شاعري ۽ فلسفي جو مڪسچر آهي ۽ انتھائي شاندار تشبيھون ۽ جملا، ڊائلاگس جي ادانگي اعلى درجي جي آهي.

چار ايڪڙ ٻني: شيخ اياز سنڌي نثر ۾ جھڙي طرح سان تشبيھن جي نواڻ آندي ۽ ان ۾ جيڪا رواني آهي اها اياز جي “چار ايڪڙ ٻني” ڪھاڻي ۾ بہ نظر اچي ٿي.گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان وڏيرو اسانجي سماج ۾ جنھن طرح سان قابض رهندو آيو آهي. جنھن مان اڄ تائين اسين جند نہ ڇڏائي سگهيا آهيون. جنھن جو تسلسل اسان جي سنڌي T.V چينئلس تي جاري آهي. هن ڪھاڻي جا ڪردار بہ پنھنجي معاشي مسئلن ۾ جڪڙيل وڏيري جا محتاج آهن. شاهوءَ جيڪو وڏيري الله بخش جو هاري آهي. ان جي ٻني ڪري ٿو ۽ ان جي چوڻ تي پاڻي جي واري تي رات جو پنھنجي پٽن رمونءَ ۽ جانوءَ کي ساڻ ڪري ٻني تي وڃي ٿو. هن ڪھاڻي جا ڪردار پيٽ کان مجبور ٿي رت وهائڻ ۾ دير نٿا ڪن .شاهوءَ ٻنيءَ تي خيالن ئي خيالن ۾يادون تازيون ڪري ٿو...
شانيءَ جنھن سان چوري چوري پريت جي ڏوري ۾ ڳنڍيل هو ۽ ان جي خوبصورتي تي سندس جي جسم ۾سراٽيون اچي وڃن ٿيون، ان کي ڪئين ڪاري ڪري ماريو ويو ۽ پاڻ تان ڌڪ بچائي ويو تہ سندس شانيءَ جا قاتل غائب ٿي ويا. وڏيري جي چوري تي نہ وڃڻ لاءِ کيس جيڪو ڀوڳڻو پيو هئس اهو سوچنيدي شاهو ٿوري اک پٽي ٿو تہ جيڪا چوري مون ڪئي بہ نہ هئي تہ وڏيري جيڪي موچڙا کارايا تہ اڃا تائين سنڌ سور ٿا ڪن اڄ ان لاءِ سر جي بازي لڳائي رهيو آهيان. جڙيو ماڇيءَ جنھن کيس پاڻي جا اوانڌا ڀڃي پاڻي پنھنجي ٻنيءَ ڏانھن لاڙڻ جا دڙڪا ڏنا هئا اهو سندس پٽ رمون جو جگري يار هو ۽ سندس ٻيو پٽ جانو جڙئي ماڇي جي ڌيءَ سان پريت هئي پر وڏيري جي ان سڄي سازش ۾ هڪ ٻئي جي رت جا پياسا ٿي وڃن ٿا. هن ڪھاڻي جا مظلوم ڪردار رمون جي بيمار ننڍڙي ڌيءَ ۽ جانوءَ جي محبوبہ نازيءَ آهن. جن جو ڪوبہ ڏوھ نہ آهي تہ هڪ يتيم ۽ ٻئي پنھنجي ٿيڻ واري ور کان اڳ ئي بيواھہ ٿي. پاڻي جي واري تي جڙئي ماڇي وارا آوانڌ ڀڃن ٿا ۽ رمون ۽ جانو حملو ڪن ٿا ۽ ڌرتي رت سان ڳاڙهي ٿئي ٿي ۽ سڀ ڪجهہ ختم وڃي ٿو.

موهن ڪلپنا مطابق: شيخ اياز جي ڪھاڻي چار ايڪڙ ٻني جو موضوع للڪاريندڙ آهي تہ مظلوم هارين جي ٻن حلقن جي کيتي ۾ پاڻي ڪونھي. ۽ ٻئي چاهين ٿا تہ سامھون واري ڪٽنب جي زمين مان آوندا ڀڃي واھہ جو پاڻي پاڻ ڏانھن ڇڪيون. آوندا ڀڃڻ بدران هو هڪ ٻئي جا ڪنڌ ڪپيندا نظر اچن ٿا. پر ڪھاڻيءَ ۾ پيءُ چاهي پٽ جا عشق پاسيرا داستان، قدرت جا نظارا ۽ ڪھاڻي ۾ ڪھاڻيون ان ريت کتل آهن، جو لڳي ٿو هڪ ناول کي ڪھاڻي جو روپ ۾ پيش ڪيو ويو آهي. جنھن رٿا جي بار هيٺ ڪھاڻي جو مرڪزي ڪردار ويچارو ٻوساٽجي وڃي ٿو، انداز بہ ناصحانو آهي. شيخ ايازهڪ هنڌ ڏکوئجي لکي ٿو: “هاءِ ڙي سنڌڙي، تو ۾ ڪيترا معصوم گناھہ گار ماريا ويا آهن.”(11)
“زمين چئي رهي هئي مان ڪنھن جي بہ نہ آهيان، توهان سڀ منھنجا آهيو.گهڙي کان پوءِ توهان سڀني جا لاش منھنجي آغوش ۾ دفنائبا.” اياز جي هن شاندار سٽن سان ڪھاڻي پوري ٿئي ٿي. اياز هن ڪھاڻي ۾ وڏيرڪي نظام، ڪارو ڪاري ۽ پاڻي جي وارن تي ٿيندڙ مسئلن تي لکيو آهي.

رولو: بيانيانہ انداز ۾ اياز جي “رولو” ڪھاڻي ان رولو رياض جي ڪھاڻي آهي. جيڪو هتي هوتي رلندو رهي ٿو، ڪڏهن ڪلفٽن تہ ڪڏهن عمر ڪوٽ، اياز هن ڪھاڻي ۾ بہ محبت جون برساتون ڪيون آهن. ڪھاڻي جو رولو ڪردار هڪ ڇوڪري کي ڪلفٽن تي فقيراڻي حالت ۾ڏسي ٿو ۽ ڪشش محسوس ڪري ٿو ۽ پوءِ اها ڇوڪري کيس ساڌ ٻيلي جي سنت وٽ نظر اچي ٿي ۽ هن جي ياد ڪندي ڪندي تہ هن، هن کي ڪٿي ڏٺو آهي تہ هوءَ هلي وڃي ٿي ۽ ڪھاڻي پوري ٿي وڃي ٿي.

شرابي: اسان مٿي چئي آيا آهيون تہ تخليقار کي اهڙي قسم جون ڳالھيون نہ لکڻ گهرجن، جن سان سماج ۾ ڪنھن بري عادت کي هٿي ملي ائين اياز جي شرابي ڪھاڻي هنن لفظن سان شروع ٿئي ٿي تہ “پئيندو هو تہ جئيندو هو نہ تہ سندس زندگي ءَ موت جئين خاموش هوندي هئي.” مطلب تہ پيئڻ جيئڻ آهي ۽ ڪوبہ پڙهندڙ ان مان اثر وٺي سگهي ٿو. هن ڪھاڻي جو ڪردار جيڪو عورت ۽ دنيا هر شيءَ کان نفرت ڪري ٿو ۽ شرابي آهي سندس لاڳاءُ جون ٻہ شيون آهن هڪ شراب ٻيو پونگڙو.
ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ شرابي ڪھاڻي بابت لکي ٿو: “شرابي هڪ مختلف نوعيت جي ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ زندگي ۽ موت انسان ۽ دنيا بابت سوال اٿاريل آهن. هن ڪھاڻي جو ڪردار هڪ اڻ تڻ جو شڪار آهي. هو زندگي جو جواز چاهي ٿو. ماڻھو جو جوهر تلاش ڪري ٿو.(12)
جيڪو هن کي گهر ۾ ئي ملي ٿو. شرابي جنھن کي هن دنيا سان ڪا دلچسپي نہ آهي. ان پونگڙي ڪري هو صحيح معنيٰ ۾ جيئڻ لڳي ٿو. شراب بہ گهٽائي ٿو. پر ان جو بہ ڪو خاص سبب نظر نٿو اچي ۽ اوچتو اهو پونگڙو شراب جي بوتل جي ڪاون ۾ لڳي مري وڃي ٿو ۽ جذبائيت جو بہ خاص اظھار نٿو ٿئي ڄڻ تہ اڌوري ڪھاڻي محسوس ٿئي ٿي. باقي مڪالما بھترين آهن.

نظيران: ڪھاڻي جو مکيہ ڪرادر نظيران آهي، جيڪا غفور سان پرڻجي اچي ٿي. يتيم ۽ غفور جي س‍‍‌ؤٽ بہ آهي پر غفور هر وقت بنا جواز جي مارڪٽ تشدد ڪري ٿو ڇو جو پٺيان ڪو اوهي واهي پڇا ڪرڻ وارو نہ آهي ان باوجود بہ نظيران کيس بي انتھا پيار ڪريس ٿي ۽ راتيون جاڳي انتظار ڪري ٿي .جڏهن غفور رات جو دير تائين وڏيري جي اوطاق تي ڀنگ جي جمني تي تاس کيڏي ٿو.اسان جو الميو اهو هوندو آهي تہ جڏهن شيون اسان وٽ نہ رهنديون آهن. پوءِ انھن جو احساس ۽ قدر جاڳندو آهي ائين جڏهن غفور عمر جا کوڙ باب ٽپي وڃي ٿو ۽ نظيران سندس سفر ۾ نٿي رهي تہ هو تمام پڇتائي ٿو ۽ پشيمان ٿئي ٿو تہ مان نظيران کي ڇو ماريندو هئم.” اڄ جيڪر نظيران هجي تہ نہ ماريانس. پر ويل وقت ڪنھن موٽايو آهي جو نظيران موٽي اچي. اياز هي ڪھاڻي بہ بيانيہ طرز ۾ لکي آهي. اسان جي سماج ۾ کوڙ نظيران جھڙا ڪردار اڄ بہ موجود آهن ۽ غفور جھڙا به. اياز ڪھاڻي ۾ غفور کان پنھنجي غلطين کي پڇتاءُ ڪرائي ڄڻ ازالو ڪرائي ٿو پر اهوئي غفور جيڪو شروع ۾ ناڪاري ڪردار ۽ ٿوري دير بھتر ٿيڻ کان پوءِ انت ۾ عذرا جيڪا کيس گهر ۾ اچيس ٿي ان جي مٿي تي هٿ رکي (sexual Harassment) ڪري ٿو ۽ ان جي پيءُ کان سڱ گهرڻ جو سوچي ٿو.

سفيد وحشي: هن ڪھاڻيءَ ۾ اياز ٻہ مکيہ ڪردار ڏنا آهن. هڪڙو صديق جو ٻيو گلان جو. صديق مھاڻو ۽ گلان بہ سپيون کپائڻ واري هڪ غريب مھاڻي جي ڌيءَ آهي. اياز جي هي ڪھاڻي ورهاڱي کان اڳ جي معاشي، سماجي، سياسي ماحول جي عڪاسي ڪري ٿي. صديق مھاڻو جيڪو گلان کي چاهي ٿو ۽ ان سان شاديءَ رچائڻ جا خواب ڏسي ٿو ۽ ان وقت جي حڪمرانن جي ڪيل ظلمن کان واقف ٿي اندر ۾ بغاوت جا ٻج پوکي ٿو ۽ حڪمرانن خلاف نعري بازي ۽ تقريرن ٻڌي جڏهن گلان جي گهر کيس مڇيِءَ ڏيڻ لاءِ پھچي ٿو تہ گورا انگريز فقط 10 روپين عيوض کيس لڄ لوئي رهيا هجن ٿا. سندن من ۾ پيل نفرت /بغاوت اٻڙڪا کائي پوي ٿي ۽ ان ۾ هو خنجر ڪڍي گورن جو خاتمو ڪري ٿو.
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي مطابق: سفيد وحشي وري آزاديءَ جي جدوجھد جي پسمنظر ۾ لکيل هڪ خوبصورت ڪھاڻي آهي. ان ۾ غلامي ۽ سرمائيداري خلاف گڏيل سڏيل احساس بيان ٿيل آهن. ليڪن تبليغي صورت بدران ان ۾ نھايت ئي فنڪارانہ طور ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل آهي. جيتوڻيڪ واقعي تي گمان شائبو ٿئي ٿو، تاهم سادي سودي ڪردارنگاري ۽ منظرڪشي ڪھاڻيءَ ۾ جذبائيت پيدا ڪري ڇڏي آهي.” (13)

اياز جي هن ڪھاڻي ۾ هر دؤر جي بک ۽ بدحالي جي سبب پيدا ٿيل خرابين وارن مسئلن ۽ خاص طرح سان انھيءَ دؤر جي سياسي هلچل ۽ عوام ۾ بغاوت جي تاريخ ملي ٿي.
ڊاڪٽر عبداالغفور ميمڻ سفيد وحشي ڪھاڻي بابت لکي ٿو: “جنھن وقت مسلمانن ۽ هندن ۾ تفريقي پرستي ۽ نفرت کي اڀاريو پئي ويو، ان وقت هن “سفيد وحشي” ڪھاڻي لکي عوام جي حقيقي دشمنن جي عڪاسي ڪئي. هن قومي ۽ سماجي جبر خلاف آواز اٿاريو. ڪھاڻي سفيد وحشي انگريزن خلاف نفرت جو اظھار آهي.”(14)


واچ جا ڪانٽا: ٻن هيٺين طبقي سان تعلق رکندڙ ڪردارن نظير ۽ ايملي جي ڪھاڻي آهي. جيڪي گهٽ آمدني جي ڪري هڪ ٻئي جي محبتن ۾ گم هجن ٿا ۽ خوابن جي دنيا ۾ رڳو خواب ئي ڏسن ٿا پر ان خوابن جي دنيا جي ڪايا ئي پلٽجي وڃي ٿي. جڏهن نظير کي پنھنجي پيءُ جي مرڻ جي تار ملي ٿي، گهر جي ڀاتين جي پالڻ جي ذميواري مٿس اچي ٿي تہ هو هجڻ نہ هجڻ وارين ڪعفيتن ۾ هليو وڃي ٿو ۽ حادثي جو شڪار ٿئي ٿي. هن ڪھاڻي جو ڪلائمڪس اوترو خاص نہ آهي. اياز جون گهڻيون ڪھاڻيون محبت جي پلاٽ تي ٻڌل آهن. انھن ۾ مذهبن ۽ نظرين جي ويڙھہ گهٽ هجي ٿي جئين هن ڪھاڻي ۾ بہ ڪرستاين ۽ مسلمان جي ملڻ جي آس آهي. شيخ اياز خود بہ سڪيولر هو. ان ڪري ان جا ڪردار بہ سڪيولر سوچ رکندڙ آهن.

پاڙيسري: ڪھاڻي بہ اياز جي لبرل ۽ وطن دوست سوچ جو پرتوو آهي. ڪھاڻي جا ڪردار سيٺ شامنداس، خانو حجم ۽ پيسو ماءُ مڪمل ڪردار آهن. سندن ۾ ڪٿي بہ جهول نہ آهي. ٽئي ڪردار پنھنجي وطن، ان جي ماڻھن ۽ امن سان پيار ڪندڙ آهن ۽ مذهبي مت ڀيت واري سوچ کان مٿانھون سوچن ٿا. اياز جي هي ڪھاڻي هندو مسلمان فساد جي پس منظر ۾ لکيل آهي.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو: شيخ اياز جي پاڙيسري ڪھاڻي ورهاڱي جي چؤٻول اٿل پٿل، حالات ۽ سياسي وٺ پڪڙ جي منظر کي ظاهر ڪري ٿي. (16)
ان کان پوءِ هندو مسلمانن جي ذهنيءَ ڪيفيت ٿئي ٿي ان کي بيان ڪيو آهي اياز جا ڪردار ڪو بہ اهڙو نفرت وارو جذبو نٿا رکن. هڪ اعليٰ آدرشي پاڙيسري وانگر هڪ ٻئي لاءِ محبت ۽ احترام جو آواز بلند ڪن ٿا. اياز جا ڪردار سيٺ شامنداس ۽ پيسو ماءُ جئين خانو کي چون ٿا تہ ان جو ذهن جهونجهڙجي وڃي ٿو. سيٺ شامنداس کيس چئي ٿو “مان جئيپور ۽ اڌيپور ۾ رهڻ بجاءَ سنڌي مسلمان ڀائرن کان مرڻ پسند ڪندس.” وري خانو جڏهن پيسو ماءُ کي مذاق ۾ چوي ٿو تہ “مان مسلم ليگي آهيان.” پيسو ماءُ چويس ٿي “تون کڻي لک مسلم ليگي هجين تہ بہ اسان لاءِ اهوئي ڀائو خانو آهين. اسان کي ماريندو.”
سنڌي جن جو مذهب هميشه کان انسانيت رهيو آهي. ائين خانو جي سوچن ۽ ڪھاڻي جو انت بہ ان سان ٿئي ٿو “جيئي سنڌ” تہ اهو ڀلا ڪنھن کي ڪئين ماريندو.

هي شاعر: اياز جي ان ڪردار جي ڪھاڻي آهي، جيڪو شاعري ڪري ٿو ۽ سندس ڪتاب ڇپجي اچيس ٿو ۽ اهو پنھنجي محبوبہ جي نالي ڪري ٿو. پر اها کيس ڇڏي ، گهڻي پئسي واري سان شادي ڪري ڇڏي ٿي. تضاد تہ ڪائنات جو بنيادي جز آهي. انسان جيڪو ڪجهہ ڪري ٿو ڀلي اهو ڪم ڀلو هجي يا خراب پر اهو کيس پسند نٿو اچيس. ائين اياز جي هن ڪھاڻي جو ڪردار خود ئي چوي ٿو “شعر شعر آهي ۽ چاندي چاندي.” ان کي پنھنجي شاعري کان نفرت ٿي وڃي ٿي. بک ۽ شاعري جي معنيٰ سمهجندي شاعر جو ڪردار منجهي پوي ٿو ۽ پنھنجي شاعري جا سڀ پنا ڦاڙي اڇلي ڇڏي ٿو. سندس سماج جي طبقن تي جک اچنس ٿا. هو شاعري کان توبھہ تائب ٿئي ٿو تہ اها ڪڏهن بہ تبديلي نٿي آڻي. اياز کي سماج مان بک، بدحالي ختم ڪرڻ/تبديل ڪرڻ جي تڙپ هئي. ان جا ترورا هن ڪردار ۾ بہ نظر اچن ٿا.

مسافر مڪراني: هن ڪھاڻي ۾ اياز غريب سنڌي مڪرانن جي معاشي ڏکائين ۽ جفاڪشن جو ذڪر ڪيو آهي. مونو لاگ انداز ۾ لکيل هن ڪھاڻِي ۾ اياز مزدور مڪراني عورتن جي مزدوري عيوض گهٽ اجوري تي افسرده آهي. مڪراني عورت جو هڪ ٻار جيڪو هن ڪھاڻي جو هڪ معصوم ڪردار آهي. جيڪو ٻاتي ٻوليءَ ۾ چئي ٿو/ڳائي ٿو:
اوٺو وڏو امان جو،
خرو وڏو ابا جو،
تئو وڏو امان جو،
ڇرو وڏو ابا جو،
پيٽ وڏو سيٺ جو،
پيٽ وڏو سيٺ جو.

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي مطابق: ”مسافر مڪراني ڪھاڻي ۾ هڪ ٻار جي معصوم فطرت جي عڪاسي ڪيل آهي. جنھن جي ٻاراڻين شرارتن ۽ حرڪتن ۾ امنگ سمايل آهن، ليڪن افلاس ۽ بک جو راڪاس هن جي تمنائن جو پنوڙي ساھہ ڪڍي ٿو ڇڏي. ٻار جي نفسيات کي سھڻي نموني ڇٽيو ويو آهي، مگر، پروپنگينڊا جي زوردار رنگ ڪھاڻيءَ جي فني پھلو جهڪو ڪري ڇڏيو آهي.“(17)
اياز جي اندر ۾ جيڪا شاعري جي ديوي ويٺل هئي. اها کيس ڪھاڻي ۾ بہ شاعريءَ ڪرائي ٿي. اياز ڪردارن کان بہ شاعري چوائي ٿو. اها هڪ تخليقار جي تمام وڏي خوبي آهي. اياز هن ڪھاڻي ۾ سيٺن .جي گودامن کي باھہ ڏئي غريبن جي سکيو ٿيڻ جي خواهش ڏيکاري آهي.

پنھل کان پوءِ: اياز جي خطن ۾ لکيل ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ هن پنھنجي محبوبہ کي خطن لکي يادگيرون/ساروڻيون لکيون آهن. شيخ اياز خود ئي چيو آهي تہ ڪي ڪھاڻيون خطن ۾ بہ لکجي وينديون آهن. پر اياز هن خطن واري ڪھاڻي جيڪا پيار/محبت جي جذبن جي/احساسن جي لفظن جي وسيلي جيڪا راند رچائي آهي. اها نرالي ۽ ڏاڍي خوبصورت آهي. شاعري بہ ڪئي اٿس جنھنجو مثال بہ موجودہ ساهيتہ جي ڪھاڻين ۾ نہ آهي/گهٽ آهي.

جمال ابڙي مطابق:
”منھنجون سڀ ڪھاڻيون اياز جي هڪڙي مشير نامو ڪھاڻي.“ (18)
اياز جي هن ڪھاڻي ۾ ٻوليءَ ڏاڍي دلنشين ۽ وڻندڙ آهي. ڪارو ڪاري جي موضوع تي لکيل هن ڪھاڻي ۾ هڪ اهڙو ڪردار جيڪو پنھنجي زال کي ڪاري ڪري ماري ٿو ۽ وٽس اچي ٿو تہ کيس سزا کان بچايو وڃي. اياز مشير نامو ۾ منظرڪشي زبردست ڪئي آهي. اياز ڪاري ٿي ويل ان ناريءَ جي احساسن کي محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ کيس ضمير گوارا نہ ٿو ڪري تہ ڪنھن بي گناھہ کي ڪاري ڪري قتل ڪندڙ کي هو سزا کان بچائي ۽ پاڻ ئي چئي ڏي ٿو تہ “وڪالت منھنجي وس جي ڳالھہ نہ آهي.”
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي مطابق: “اياز جون ڪھاڻيون ان وقت جي مسئلن ۽ سوچ جي پس منظر ۾ آهن. هو ڪھاڻيڪاري قائم نہ ڪري سگهيو. جي ائين ڪري ها تہ هو پھرين ڪھاڻيڪار لکيو وڃي ها.”(19)
شيخ اياز پنھنجي ڪھاڻي جي تخليقي جوهر ۾ هڪ مڪمل ۽ اعليٰ ڪٿا نويس آهي. هن جون ڪھاڻيون احساس جا انبار کڙا ڪري ٿيون ڇڏين، جن ۾ ان دؤر جو سياسي، سماجي مسئلا ۽ خيال سوچون آهن. جيڪا هڪ تاريخ آهن ۽ رهنديون.


حوالا
1. هڪڙو، انور فگار، ڊاڪٽر، “جي تند برابر توريان”، سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچي، صفحو، 9، 1998ع.
2. ابڙو، جمال، “جي تند برابر توريان”، سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچي، صفحو، 10، 1998ع.
3. شيخ، اياز، “جي تند برابر توريان”، سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچي، صفحو، 11، 1998ع.
4. عرساڻي، شمس الدين، ڊاڪٽر، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، صفحو 302، سال 1982ع.
5. ساڳيو
6. پيرزادو، ستار، “جي تند برابر توريان”، سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچي، صفحو، 16، 1998ع.
7. ملڪاڻي، منگها رام، پروفيسر، “سنڌي نثر جي تاريخ”، زاب ادبي مرڪز حيدرآباد، صفحو، 52، 1998ع.
8. ڪلپنا، موهن، افسانوي ۽ فڪري ادب، مرتب: جامي چانڊيو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، صفحو 48، 2007ع.
9. ساڳيو
10. عرساڻي، شمس الدين، ڊاڪٽر، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، صفحو 304، سال 1982ع.
11. ساڳيو
12. ميمڻ عبدالغفور، “سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر” (ٻيو ڇاپو) سنڌي لينگوئج اٿارٽي، حيدرآباد، صفحو141، 2017ع.
13. ابڙو، جمال، “جي تند برابر توريان”، سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچي، صفحو، 10، 1998ع

انور ڪاڪا: جديديت پڄاڻان جو احساساتي ڪھاڻيڪار

يوناني ڏاهي ارسطو چيو آهي: “اهميت چھري جي خوبصورتي جي نہ پر زبان جي خوبصورتي جي آهي، جيڪڏهن زبان خوبصورت ناهي تہ چھرو ڀلي ڪيترو بہ خوبصورت ڇو نہ هجي، اهُو اهلِ علم کي متاثر نہ ٿو ڪري.”
ائين ئي ڪا بہ تخليق اگر Anomie معيار جي قفدان يا بحران جو شڪار هوندي تہ اها ڪڏهن بہ ادبي حلقن ۾ جوڳي جاءِ ولاري نہ سگهندي ۽ نہ ئي پڙهندڙن کي متاثر ڪري سگهندي.
يا وري استاد ڪولرج چوي ٿو: “جتي مونجهارو هوندو اتي خوف پيدا ٿيندو ۽ خوف مان دل ۾ ڪاوڙ پيدا ٿئي ٿي، جيڪا ڌڪار جو سبب ٿي بنجي!”
ان لاءِ تخليق ڪار کي لکڻ وقت سھنج ٻوليءَ ۽ ابھام سان ڀرپور تخليقن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. اڄ سنڌي ادب ۾ ڪھاڻي تمام گهڻي لکي وڃي ٿي ۽ جديد دؤر ۾ ڪھاڻي جا کوڙ نالا نڪري رهيا آهن. ان ڪري ڪھاڻي ۾ معيار، اثر ۽ سبب نہ هئڻ ڪري، پڙهندڙن ۾ مونجهارو جنم وٺي ٿو ۽ انھن جو ذائقو بہ خراب ٿي پوي ٿو، اهي ڳالھيون پوءِ پڙهندڙن کي سٺن ڪتابن کي پڙهڻ کان پري ڪن ٿيون.
ٻئي ڳالھہ جيڪا اوهان کي ٻڌندي حيرت ٿيندي اِهو ڪيترو نہ عجيب آهي تہ خود ليکڪ بہ خاص سبب ياري دوستي کان سواءِ تمام ٿورڙيون شيون سنجيدہ نموني پڙهندا آهن. جڏهن پڙهبو نہ تہ رايو ڪيئن جڙبو ۽ تخليقن جي خبر ڪيئن پوندي! اِهو وڏو الميو آهي اسان جي ٻوليءَ ۾.
سنڌي ڪھاڻي جي سگهاري نانءُ انور ڪاڪا جي ڪھاڻين جو ڳٽڪو بازار ۾ اچي چڪو آهي. “نڙي ۾ اٽڪيل سج” ڪتاب جي نالي تي فيس بوڪ تي سر ورق رکڻ سان سوال اٿاريا ويا ۽ استعارتي معنيٰ ۾ ڪو خاص معنيٰ خيز مطلب نہ ٿو وٺي سگهجي!
انور ڪاڪا جديد دؤر جي نقادن ڊاڪٽر غفور ميمڻ ۽ اڪبر لغاري رايو لکيو آهي. شير مھراڻي انور ڪاڪا جي ڪھاڻي ڪتاب جو مھاڳ سھڻي انداز ۾ لکي هڪ هڪ ڪھاڻي تي الڳ راءِ ڏني آهي. اهم ڪھاڻيڪار اخلاق انصاري ۽ امداد جعفري جا ويچار بہ خاص مفھوم رکندڙ آهن.
نقادن کي انور ڪاڪا جي ڪھاڻين ۾ ڪٿي بہ ڪا خامي يا غلطيون نظر نہ آيون آهن ۽ نہ ئي انھن جي ڪٿي بہ ڪا نشاندهي ڪئي وئي آهي. انور ڪاڪا سٺو ڪھاڻيڪار آهي. ايندڙ دؤر جو وڏو نالو بہ آهي. پر دنيا ۾ ڪا بہ شيءَ مڪمل نہ آهي. ان لاءِ انور جي ڪھاڻين ۾ ڪٿي نہ ڪٿي ڪي کوٽون ضرور هونديون. جن کي ظاهر نہ ڪري، تنقيد جو حق سھي ادا نہ ڪيو ويو آهي. ان سان تنقيد جي روح کي ضرب رسي ٿي.
نقاد اگر ڪنھن تخليق ڪار ۽ تخليق تي لکي ٿو تہ جيترو پاسو هُو خوبين کي نروار ڪري ٿو، اتي تخليق جي ٻين پاسن کي بحث هيٺ آڻڻ تمام ضروري آهي.
اداري پاران لکيل نوٽ ۾ سعيد سومري ڪجهہ هن ريت لکيو آهي: “هي ڪتاب نہ رڳو سنڌي ڪھاڻي پڙهندڙن لاءِ تحفي مثل آهي، پر ايندڙ ڪھاڻيڪار ساٿين لاءِ جديد ڪھاڻي جي فني ۽ فڪري اڻت جو سکيا گهر بہ آهي.”
سعيد سومري جي ان راءِ سان مون کي اختلاف آهي، انور ڪاڪا جون ڪھاڻيون ايڏي پد جون نہ آهن جو، اهي فني ۽ فڪري اڻت جو سکيا گهر ٿين. انور جون چند ڪھاڻيون فڪري حوالي سان اوچي پد جون آهن. باقي فني لحاظ کان انور جي ڪھاڻين تي ٽيڪا ٽيپڻي ڪري سگهجي ٿي.
انور ڪاڪا جديديت پڄاڻان جو احساساتي ڪھاڻيڪار آهي. سندس ڪھاڻين جا موضوع پوسٽ ماڊرن ازم جا آهن. جنھن جي نشاندهي ڊاڪٽر غفور ميمڻ بہ ڪئي آهي. انور جون سڀئي ڪھاڻيون ڪراچي شھر تي يعني شھري ماحول جي پس منظر ۾ لکيل آهن. ڪجهہ ڪھاڻيون آهن جيڪي ان ماحول کان هٽي ڪري بہ لکيون ويون آهن.

ٽيڙو: انور ڪاڪا جي هن ڪھاڻي لاءِ ڊاڪٽر شير مھراڻي لکيو آهي تہ هي ڪھاڻي حقيقت نگاري تي ٻڌل آهي. جڏهن تہ هن ڪھاڻي ۾ حقيقت جي ابتڙ ڳالھيون ڪيل آهن. انور جي هي ڪھاڻي غير حقيقي فڪشن ۾ اچي ٿي. فڪشن جا ٻہ قسم آهن. هڪ حقيقي ٻيو غير حقيقي. هن ڪھاڻي ۾ اهڙا واقعا آهن، جن ۾ حد درجي جي فئنٽيسي آهي. اهڙا قصا جيڪي ڪڏهن بہ حقيقت جو روپ نہ وٺي سگهن اهو ئي غير حقيقي فڪشن آهي.
مثال طور: ڪھاڻي ۾ هڪ اهڙوڪردار ڏيکاريو ويو آهي. جيڪو پنھنجي ننھن سان جنسي لاڳاپا رکي ٿو ۽ اها رشتي ۾ سندس ڀائٽي بہ آهي. وري پٽ جڏهن ان ڳالھہ تي احتجاج ڪري ٿو تہ ان کي گهران ڪڍي ڇڏي ٿو ۽ اهو هيروئني ٿي وڃي ٿو. اهي ڳالھيون تہ بلڪل بہ سمجهہ ۾ نہ ايندڙ آهن. سنڌ جا اخلاقي قدر ايترا بہ نہ ڪريا آهن جيترا ڪھاڻيڪار هن ڪھاڻي ۾ ڏيکاريا آهن ۽ سنڌي سماج ان نسبت سان ايترو خراب نہ ٿيو آهي. هن ڪھاڻي تي تمام وڏو بحث ڪري سگهجي ٿو پر اڀياس گهڻو طويل ٿي ويندو. ئي ڳالھہ جيڪا هن ڪھاڻي ۾ ڏيکاري وئي آهي. اها بہ انتھائي غير حقيقي آهي. هڪ هيروئني ٻي هيروئني کي وڏو پٿر هڻي ماري وجهي ٿو.هيروئني چوري ڪري سگهي ٿو پر قتل ڪرڻ هيروئني جي وس جي ڳالھہ نہ آهي ڇو تہ هيروئني نشي ۾ تمام گهڻو ٽن هوندا آهن نشي ۾ اڃا بہ هنن جي روش محبت ۽ نرمائي واري ٿي ويندي آهي. اها بہ مشاهدي جي کوٽ آهي، جيڪا ڪھاڻيڪار ڪري ويو آهي. فڪشن جي وڏي ۾ وڏي ڪسوٽي اها آهي تہ اهو فڪشن نہ لڳي پر هن ڪھاڻي ۾ صفا افسانوي رنگ آهي جنھن جو حقيقت سان ڪو تعلق نہ آهي.

مسجد جون اکيون: انور ڪاڪا جي هي ڪھاڻي STRESS ۾ ورتل هڪ اهڙي ڪردار جي ڪھاڻي آهي. جيڪو ايتري تہ ذهني دٻاءُ ۾ وتل آهي جو عبادت ڪندي بہ سندس ڌيان آپگهاتي بم هڻندڙ دهشتگرد ڏانھن آهي. مذهبي انتھاپسندي ۽ دهشتگردي جيڪا وڏن شھرن ۾ ڏينھون ڏينھن خطرناڪ صورتحال اختيار ڪندي پئي وڃي. ڪھاڻيڪار ان کي بہ خوبي ۽ خوبصورتيءَ سان لکيو آهي. ليکڪ جي هي ڪھاڻي شاندار ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ ڪردار جي اندورني اڻ تڻ ۽ نفسياتي دٻاءُ کي چٽيو ويو آهي.

اوکو پنڌ: هي ڪھاڻي بہ ڪراچيءَ جي پس منظر ۾ لکيل آهي. جنھن جو ڪردار هڪ صحافي آهي. ڪھاڻي جو انت واھہ جو شعوري موچڙو هڻندڙ مڪالمو آهي. جنھن کي پڙهڻ سان پاٺڪ حالي في لاحالي تہ سوچ ۾ وٺجي وڃي ٿو. ڪھاڻيڪار هن ڪھاڻي ۾ بہ شھري زندگي ۾ ايندڙ اهنجن، گهٽ ڪمائي ۽ خرچن جو ذڪر ڪيو آهي. انور ڪاڪا هڪ ڳالھہ ۾ ڪھاڻي ۾ ڌيان نہ ٿو ڏي اهو اهيو تہ هو ڪردارن جو تعارف نہ ٿو ڪرائي. هي ڪھاڻي بہ مسئلي سان شروع ٿئي ٿي. ڪردار جو ڪو خاص عڪس نہ ٿو جڙي نہ وري ڪو نالو ظاهر ٿئي ٿو. ڪردار مالي گهٽتائي ڪري STRESS جو شڪار هجي ٿو. جيڪو اڳيئن ڪھاڻي ۾ بہ هو. صفحي 47 تي آهي: “ڳوٺ ۾ جڏهن سيءُ سان گڏ بخار ايندو هئس تہ ماءُ کي چوندو هو، “امان او امان! وارو ڪر جيجل ٿڌي پاڻي جون پٽيون رک. صفا سڙي ويس.” هي ڳالھہ بہ سمجهہ ۾ نہ ايندڙ آهي. سيارو هجي يا اونھارو تہ جڏهن سيءَ وارو بخار ٿيندو آهي تہ ٿڌيون پٽيون نہ رکبيون آهن. ليکڪ ان معاملي ۾ مشاهدي ۾ گسي ويو آهي.

گهر: هي ڪھاڻي JOB SECURITY جي موضوع تي لکيل آهي. ماحول ۽ منظر ساڳيا ئي شھر جا آهن. ميٽرو پوليٽن شھر ڪراچي ۾ نوڪريون ڪندڙ ڪيتري حد تائين JOB STRESS جو شڪار هجن ٿا، اهو هن قصي ۾ بيان ڪيو ويو آهي. سنڌي ۾ هڙي نوعيت جي پھرين ڪھاڻي مون پڙهي آهي جنھن ۾ BOSS جا دڙڪا ۽ نوڪري جي حوالي سان پريشاني ۽ هڪ هيٺين طبقي جو ڪردار جيڪو جيئڻ لاءِ ڪيتري جدوجھد ڪري ٿو. ان کي ڪھاڻيڪار سھڻي نموني چٽيو آهي.

ٽيھين فيبروري: تخليق ڪار جون تخليقون ان جي تجربن ۽ مشاهدن تي مبني هونديون آهن. رسول حمزاتوف چيو آهي: “بابا چوندو هو، جيڪڏهن ڪنھن تحرير ۾ مصنف جو وجود محسوس نہ ٿئي تہ اها تحرير ڪنھن رستيتي ڊوڙندڙ بي سوار گهوڙي وانگي آهي.” انور ڪاڪي جي ڪھاڻين ۾ ان جو روح ضرور محسوس ٿئي ٿو. انور گهڻو عرصو ڪراچي شھر ۾ رهيو آهي ۽ رهي پيو. ان ڪري ان جي ڪھاڻين جي گهڻائي ڪراچي جي شھري ماحول جي چوگرد ملي ٿي. هن ڪھاڻي جو ڪردار ملھار پسند جي پرڻو ڪرڻ چاهي ٿو پر هزارين ڪوششن باوجود هن کي سڱ نہ ڏنو وڃي ٿو. جنھن سان هُو تمام گهڻو دل شڪستہ ۽ مايوس ٿي وڃي ٿو.
هندي ليکڪ پريم چند لاءِ چيو ويندو آهي تہ جڏهن هو ڪنھن ڪردار سان نڀائي نہ سگهندو آهي تہ کيس ماري وجهندو آهي. انور ڪاڪا جي ڪھاڻين جا ڪردار ضدي آهن ۽ سمجهتو نہ ٿا ڪن ۽ گهڻي قدر جذباتي آهن.جيئن هن ڪھاڻي جو ڪردار ملھار بہ هڪ دائرو ٺاهي ان ۾ ويھي رهي ٿو.


نڙيءَ ۾ اٽڪيل سج: هن ڪھاڻي جو نانءُ ڪتاب جي سر ورق تي آهي. نڙيءَ ۾ سج جو اٽڪڻ هڪ نئين ڳالھہ آهي. ان لاءِ فل وقت تہ سمجهہ ۾ نہ ٿي اچي پر عام ٿيڻ سان شايد هلي بہ وڃي. هن ڪھاڻي ۾ هڪ جملو آهي: “تڏهن هن کي لڳندو آهي، اجها ٿي سندس ساري جسم جي کل رجي ٺڪاءُ ڏيو اڏامي وڃي.” هي جملو بہ ابھام پيدا ڪري ٿو تہ جيڪا شيءَ رجي ٿي اها ٺڪاءُ ڪيئن ڏيندي ۽ ٻيو تہ کل رجڻ بعد ٺڪاءُ نہ ڪندي آهي. هي هڪ رومانوي ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ بہ ڪو خاص تاثر نہ ٿو جڙي.

پراڻا ڪتاب: هن ڪھاڻي ۾ ٿوري عجيب ڳالھہ محسوس ٿئي ٿي، اها ائين جو هڪ نوجوان جيڪو روزاني پنھنجي ڪٻٽ مان ڪتاب عادتن ڪڍي پڙهندو آهي. ان جي باوجود بہ ان جي ماءُ اهي ڪتاب رديءَ ۾ ڪٻاڙيءَ کي ڏئي ڇڏي ٿي. هڪ پڙهيل ڪڙهيل نوجوان جي ماءُ اڻ پڙهيل هوندي بہ ائين نہ ٿي ڪري سگهي. ڪھاڻي ۾ ٻولي سٺي آهي پر هڪ ڊاڪٽر کي ايتري بک نہ ٿي ٿي سگهي جو هُو ڪتاب سو بہ پيءُ جا سانڍيل ڪتاب ٽڪي پئسي تي تور ۾ کپائي. ڪھاڻي جا Cause and effect چٽا نہ آهن. اگر Cause آهي تہ Effects نہ آهي.

ڀونڊو: شخصيت جا ٻہ رخُ رکندڙ سماج جا فرد هميشه معاشري کي اندروني طرح نقصان ڏيندا رهيا آهن. هي ڪھاڻي بہ انھن ماڻھن کي ڀونڊو آهي. ڀونڊو، ليکڪ جي ڪامياب ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ صاف سٿري ڪردار جا ٻہ چھرا سامھون اچي وڃن ٿا.

روزي: انور ڪاڪا جي وجودي ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ وجودي احساس ذري ذري ڀريل آهن، ان سان گڏ ڪراچيءَ ۾ ڌاري آبادڪاريءَ کي بہ موضوع بنايو ويو آهي. اتي وري هڪ سوال اِهو بہ اٿي ٿو تہ هڪ رنگ ڪرڻ وارو مزدور ماڻھو هڪ ڏاهي وانگر فلسفيانہ نقطا ڪيئن سوچي ٿو. ٻي پاسي هن ڪھاڻي ۾ شھري زندگي ۾ درپيش للڪارن ۽ زندگيءَ جا ڀيانڪ منظر نظر اچن ٿا. ڪھاڻيءَ جي پڄاڻي گهڻي ڏکائيندڙ آهي. انور ي ڪھاڻين ۾ڪافي يڪسانيت بہ آهي. جيئن اوکو پنڌ ڪھاڻي ۾ ڪردار کي بخار آهي هن ۾ بہ مک ڪردار بخار ۾ وتل آهي.

سڏڪا: انور جي ڪھاڻين جا نالا تمام گهڻا مختصر ۽ هڪ لفظ تي مشتمل آهن. ليکڪ ان پاسي بہ گهٽ ڌيان ڏنو آهي. عنوان وڏي اهميت رکندا آهن. سڏڪا ڪھاڻي هڪ بھترين ڪھاڻي آهي. جنھن مان پڙهندڙن تي اها ڳالھہ واضع ٿي وڃي ٿي تہ ڪنھن شيءَ جو اڳواٽ ڪو فيصلو نہ ڪرڻ گهرجي. هن ڪھاڻي جو عنوان ڪو ٻيو هجي ها.

جيون ڳڀا ڳڀا: انور ڪاڪا جي ڪھاڻين ۾ درد تہ آهي پر صرف درد ئي ڪنھن تخليق جي معياري ڪوسٽي نہ ٿو ٿي سگهي. جيون ڳڀا ڳڀا هڪ شھري نوجوان جو داستان آهي. شھري زندگي Multi Task رکندڙ زندگي هوندي آهي ۽ ماڻھو کي هر وقت ڪرڻ لاءِ گهڻو لوچڻو پوندو آهي ۽ دونھاٽيل شھر ۾ ننڊ آرام ۽ سڪون گهٽ ميسر ٿيندو آهي. ان حالت ۾ ماڻھو گهڻو ذهني دٻاءُ STRESS ۾ هوندو آهي. جيڪڏهن هڪڙو ماڻھو گهر ڏي ٻٽون وساري ٿو اچي تہ بس جي منشي کي ڪرايو ڪٿان ٿو ڏي! ۽ آچر بازار پھچي ٿو.

ايڊيٽوريل: انور جون تقريبن ڪھاڻيون وڏن شھرن جي ماحول سان سنيگاريل آهن. هن ڪھاڻي ۾ ڪراچيءَ ۽ اسلام آباد جي شھرن جو ماحول چٽيل آهي. انور جي هي ڪھاڻي صحافتي انداز ۾ لکيل آهي. ڪالم ڪھاڻي چئجي تہ ٺيڪ رهندو. بيانيہ انداز ۾ لکيل هن ڪھاڻي ۾ سڀ ڳالھيون سنئيون سڌيون چيل آهن. انھن ۾ ڪو بہ تخليقي هڳاءُ نہ ڀريو ويو آهي. هڪ ڀيڻ پنھنجي ڀاءُ شڪيل جي نوڪري خاطر وڏي عمر جي ايم پي اي سان شادي ڪري ٿي. اتي کيس ڏک ملن ٿا ۽ خودڪشي ڪري ڇڏي ٿي. هن ڪھاڻي ۾ جتي بيروزگاري، نوڪري حاصل ڪرڻ ۽ سفارشي ڪلچر، سماجي اوچ نيچ ۽ ٻين مسئلن کي کنيو ويو آهي. پر ڪھاڻي جي ٽريٽمينٽ ۾ پوئتي رهجي ويو آهي. تخليقي عنصر کان بنھہ خالي هي ڪھاڻي رپورٽنگ لڳي ٿي.

ارپنا: انور جي هي ڪھاڻي پڙهي مون کي ڀڳت ڪبير جو دوهو ياد اچي ويو:
برا جو دهوندني نڪلا تو برا نا ملا ڪوئي،
کودا جو مين ني من اپنا مجهہ سي برا نا ڪوئي.

ليکڪ جي هي ڪھاڻي طبقاتي نظام ۽ انھن جي سوچن تي معياري ۽ ڪامياب ڪھاڻي آهي.

شير پاڏو: انور ڪاڪا هڪ مڪمل حساس ۽ نفيس ڪھاڻيڪار آهي. ان باوجود سندس ڪھاڻين گهڻو تڻو سگريٽن جو ذڪر آهي. جيڪا هڪ سماجي برائي ۽ صحتي خرابي بہ آهي. هن قصي ۾ وڏيرو، زميندار ۽ انھن جي اولاد، سريتون، عياشي ۽ وڏيرڪيون حرام پايون سڀ ليکڪ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هڪ پاڏي جي چوري کي انا جو معاملو بنائي ايڏي ڊيگهہ ڪئي وئي آهي جو ڳوٺ ٿرٿلي ۾ هجي ٿو. انور سائين جي هي ڪھاڻي روايتي هجڻ سان گڏ افسانوي بہ آهي.

پاڻيءَ جو گلاس: انور ڪاڪا جي شاهڪار ڪھاڻي آهي. هن ڪھاڻي ذريعي پاٺڪن ڏي هاڪاري ۽ مثبت پيغام وڃي ٿو. اڄ جيڪو مذهبي خانقاهن ۾ آپگهاتي بمن ۽ حملن جو سلسلو جڙيو آهي ان وڃي انور جھڙي تخليقڪار جي ذهن ۾ گهر ڪيو ۽ ان مان هي شاندار تخليق جنم وٺي نڪتي آهي. جھڙي طرح آپگهاتي بمبار کي ٻار جي پاڻي پيارڻ واري ادا تي ذهن جهونجهوڙجي حقيقي نيڪي ڏانھن مائل ٿئي ٿو اهو هڪ ليکڪ جي فنڪاري جو ڪمال آهي جيڪو هن ڪھاڻي مان جهلڪي ٿو.

دوزخ جي ڇانو ۾..: انور گهري سوچ رکندڙ ذهين ڪھاڻيڪار آهي. ان سبب سندس تخليقن ۾ کوڙ ادبي لاڙا ۽ رجحان پاڻھو ڄاڻ اچي وڃن ٿا. دوزخ جي ڇانو ۾.. انور جي وجوديت جي فڪر تي لکيل ٻيئن ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ ڪردار پنھنجي سڃاڻپ جي ڳولا ۾ پريشان آهن، ڪوشان آهن. ڪھاڻي ۾ سٺيون تشبيھون بہ ڏنيون ويون آهن. جئين: “ڇوڪري جو چھرو ائين ٿي ويو ڄڻ ڪا پراڻي ڏار پيل چيڪي مٽي واري اوڏڪي ڀت..” هن ڪھاڻي ۾ ڪٿي گرامر جون ننڍڙيون چڪون بہ آهن تہ ڪي مڪالما ورجائجي بہ ويا آهن. فضا ساڳئي ڪراچيءَ واري آهي. نڙيءَ ۾ڪنڊا اٽڪڻ تہ ٻڌو آهي پر انور نڙيءَ ۾ پٿر اٽڪڻ جو نيئن تشبيھہ ڪم آندي آهي. ان بابت ڪجهہ چئي نہ ٿو سگهجي. جيستائين اها تشبيھہ عام ٿئي. ڪھاڻي جي پڄاڻي ٻن پريمين جي جهيڙي کان پوءِ ڏاڍي هاڪاري ڪئي وئي آهي. جيڪا سٺي ڳالھہ آهي.

ٻور آهيون..: ٻور آهيون جو آدرشي ڪردار سائين محمد عرس پنھنجي دوست جمن کي پئسن تي نوڪري وٺي ڏئي ٿو. ليکڪ خود جنھن ڪردار کي تعليمي بھتري ۽ سماجي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندي ڏيکاري ٿو اتي اهو ڪردار رشوت عيوض نوڪري وٺي ڪردار جي مڪملتا تي سوال اٿاري ٿو. هڪ پاسي محمد عرس بھتري لاءِ وڙهي ٿو تہ ٻئي پاسي ڪرپشن جي وهندڙ درياھہ ۾ لڙهي وڃي ٿو.

آليون اکيون: انور جي ڪھاڻين ۾ درد جا احساس عجيب ڪيفيت طاري ڪن ٿا. ڪاڪا جون ڪھاڻيون ۽ انھن جا ڪردار جتي ڊڄڻا، STRESS جا مريض آهن اتي انھن ۾ ايثار جو جذبو عيان آهي. هن ڪھاڻي ۾ زبردست نموني انور ان کي بيان ڪيو آهي.

اڪيلا ناهيون: هي ڪھاڻي يونيورسٽيءَ جي اهڙي الھڙ، چنچل ۽ آزاديءَ وارن منظرن سان ڀرپور آهي. هميشه اهو ٻڌو ويو آهي تہ هندو ڇوڪري مذهب مٽائي مسلمان ٿي پيار پرڻو ڪندي آهي پر هن ڪھاڻي ۾ ڪھاڻيڪار ان جي ابتڙ نيئن سوچ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪھاڻي جي پڄاڻي هڪ مسلمان ڇوڪري جي هندو ٿي شادي ڪرڻ سان ٿئي ٿي جيڪو هڪ بھترين اعليٰ انساني قدر رکندڙ پيغام آهي.

ٽاور.. ٽاور..: ڪراچي شھر جي مالڪي لاءِ سنڌي ڪيتري قدر پريشان آهن اهو احساس بہ هن ڪھاڻي ۾ شامل آهي. ڪراچي انور جو خاص موضوع ۽ وڻندڙ موضوع آهي. ٻھراڙي جو نوجوان ڪراچي ۾ بس تي منشي گيري ڪري ٿو پر رش ۽ ڪراچي جو تڪڙو ماحول مٿس خوف طاري ڪري ڇڏي ٿو ۽ ذهني ۽ نفسياتي دٻاءُ ڪري کانئس اسٽاپ جا نالا وسري وڃن ٿا. سچ پچ تہ انور سنڌين جي ڪراچي ۾ موجود هئڻ واري خوف ۽ حراس کي حقيقي معنيٰ ۾ عڪس بند ڪيو آهي. گهرو درد رکندڙ هن ڪھاڻي جو انت پڙهندڙ جي اندر ۾ڪنھن زهريلي تير وانگر هڻي وڃي ٿو.

اي مينھن! وسين ڇو نہ ٿو..؟: انور کي احساسن ۽ ڪيفيتن بيان ڪرڻ جو وڏو هنر آهي. هي ڪھاڻي هڪ استاد سائين الياس جي آهي، انور پاڻ بہ هڪ آدرشي ۽ ايماندار استاد ٿي رهيو آهي. انور جي هن ڪھاڻي ڪتاب ۾ ڪافي تعليمي ڪھاڻيون بہ آهن. هي ڪھاڻي تعليم، خانگي تعليم، استادن ۽ شاگردن جي الڳ الڳ احساسن ۽ نفسيات کي ظاهر ڪري ٿي. هي انور جي ڏاڍي احساساتي ڪھاڻي آهي. جنھن کي پڙهڻ سان ٿڌا ساھہ ڀرجي وڃن ٿا. هن ڪھاڻي جي ڪردار سائين الياس جي پٽ جو حادثو ڪيئن ٿيو؟ ۽ ڪيئن سندس ٽنگون ناڪارا ٿيون اهو بہ ڏيکارڻ گهرجي ها تہ ڪھاڻي اثرائتي ٿي وڃي ها.

مندر: ڪھاڻي گهٽ روپوٽنگ وڌيڪ لڳي ٿي. ڪھاڻي جو موضوع هندن سان ٿيندڙ ڏاڍايون آهن. شروعات ۾ تہ ان کي هاڪاري معنيٰ ۾ ڏيکاريو سٺو تاثر پوي ٿو پر آخر ۾ سڄو تاثر ٽٽي پوي ٿو. هن ڪھاڻي ۾ مون کي ڪھاڻي پڻو گهٽ نظر آيو.

روڳ: جيتوڻيڪ سنڌي معاشري ۾ جنس تبديل ڪرائڻ عام ڳالھہ نہ آهي. ان جي باوجود روڳ ڪھاڻي اسان جي سماج ۾ موجود جنسي وڇوٽيءَ کي، مرد ۽ عورت جي الڳ مخلوق واري مفروضي کي ظاهر ڪري ٿي.
سنڌي سماج ۾ عورت کي هروڀرون مرد کان الڳ رهڻ ۽ نفرت ڪرڻ جي ذهينت جوڙي وڃي ٿي. جنھن معاملي کي انور ڪاڪا انتھائي سٺي انداز ۾ لکيو آهي. اهڙيون ڪھاڻيون سنڌي پڙهندڙن کي پڙهڻ لاءِ گهٽ ملن ٿيون. عورت جي نفسيات کي سمجهڻ بنھہ ڏکيو ڪم آهي. پر ڪاڪا خوبصورتيءَ سان هڪ الھڙ ڇوڪري جي مخالف جنس کان اجائي نفرت کي پڙهندڙن اڳيان آڻي ٿو. نسيم جي وسيم ٿيڻ جو جواز بہ ڪھاڻي ۾ پيش نہ ڪيو ويو آهي. پوءِ بہ هي ڪھاڻي انور جي بھترين ڪھاڻي آهي. جنھن جو موضوع تمام نرالو آهي.

ڄانڀو: ڪھاڻي ڪاڪا جي ماحولياتي ڪھاڻي آهي. انسان مصنوعي شيون جوڙي هڪ پاسي پنھنجو فائدو ڪيو آهي تہ ٻي پاسي ماحولياتي گدلاڻ ۽ خطرن کي پڻ وڌائي ڇڏيو آهي. هي انور جي مشاهداتي ڪھاڻي ٿي سگهي ٿي. فني لحاظ کان هڪ پوري ڪھاڻي آهي پر فڪري حوالي سان بہ مضبوط آهي. جنھن سان هڪ پيغام وڃي ٿو تہ انسان کي مصنوعي دوائن ۽ ڀاڻ کان پاسو ڪرڻ کپي ۽ احتياط بہ.
انور ڪاڪا جو شين کي ڏسڻ جو جدا PARADIGM يعني ڏسڻ جو انداز آهي. سندس نثري شاعريءَ جو ڪتاب “وصيت نامو” جنھن تخليقي جوهر سان ڀريل آهي اهو اثر ڪھاڻين ۾ گهٽ آهي. انور ڪاڪا نثري نظم جو اوچي پد جو شاعر آهي ۽ مون کي ان جي نثري شاعريءَ تمام گهڻو متاثر ڪيو هو. انور جي ڪھاڻين تي مجموعي راءِ رقم ڪجي تہ هن جون ڪھاڻيون ۽ انھن جا موضوع، ڪردار ۽ پڄاڻي يا ان جي ڪھاڻين جا نالا هجن. مسجد جون اکيون ۽ پاڻي جو گلاس خوبصورت تشبيھاتي نانءُ آهن ۽ هي ٻئي ڪھاڻيون موضوع جي هڪجهڙائي جي باوجود جديديت پڄاڻان سنڌي ۾ ڪلاسيڪل ڪھاڻيون آهن.
فلائيبر هڪ هنڌ چيو آهي: “هر هڪ ليکڪ پنھنجي رچنا ۾ ايترو ئي لڪل هوندو آهي. جيترو خدا پنھنجي خلقيل قدرت اندر.”
ان ۾ ڪو بہ گمان نہ آهي تہ انور جي تخليقي قدرت ڪا ڪمزور آهي. هو پنھنجي شاعريءَ ۽ ڪھاڻين ۾ هڪ بھترين ليکڪ وانگي زندگي جي جذبات، احساسن ۽ رنگن کي ڪاريگري سان اوتي ٿو. اهو هنر ٻين ليکڪن وٽ گهٽ آهي.
ٻئي ڳالھہ جيڪا چوڻ چاهيندس تہ بيانيہ انداز ۾ سندس سڀ ڪھاڻيون آهن تہ هو ڪجهہ گهاڙيٽي کي تبديل ڪري.
قوم لاءِ لکڻ اهو شاعري ڪرڻ هجي يا ڪھاڻيون لکڻ يا ڪي ٻيون شيون، اهي پنھنجي ذاتي تسڪين لاءِ نہ هونديون آهن. پر ان جو مقصد پنھنجي ۽ ٻين جي احساسن کي هر عام تائين پھچائي ڪو دڳ جوڙڻو آهي. اهو فن ۽ هنر انور ڪاڪا وٽ آهي. ان جي ڪھاڻين جي حساسيت ۽ ان ۾ ڪردارن جي جذبات ۽ منظرنگاري بہ ڇا خوبصورتي آڻي ٿي. اهو انور ڪاڪا جون ڪھاڻيون پڙهڻ کان پوءِ ئي چئي سگهجي ٿو ۽ حقيقي معنيٰ ۾ انور ڪاڪا سنڌي ٻوليءَ جو سگهارو شاعر ۽ ڪھاڻيڪار آهي.

لاکو شبير: جديد رومانوي احساسن جو انجنيئر

ڪھاڻين جو ڪتاب ”اگهاڙيون اکيون “

سمرسيٽ ماهم چيو آهي تہ “هڪ ليکڪ کي هڪ مقرر وقت تي لکڻ گهرجي. ڀلي وٽس ڪي خيال هجن بہ يا نہ. هن کي ڪاغذ ۽ قلم کڻي ميز تي ويھڻ گهرجي.”
آءٌ سمجهندو آهيان تہ لاکو شبير ائين ئي ڪندو آهي. توڻي جو هو سنڌ جي سرزمين کان ڪوهين ڏور دبئي جي ريگستان ۾ رهي ٿو. هو لکڻ واري عمل مان ڪڏهن ٿڪو ناهي. نثري نظم لکڻ، فليش فڪشن اهو تہ سندس سڃاڻپ بڻجي ويو آهي. هو انگريزي ۾ ناول بہ لکي رهيو آهي. منھنجي خيال ۾ The Last Sip of Wine جي نالي سان. اگهاڙيون اکيون سندس پھريون ڪھاڻي ڪتاب آهي.
سن 200 قبل مسيح کان 400 واري دور ۾ ڳاهن واريون ڳالھيون پيدا ٿيون. هن دور ۾ ڪھاڻيون راڳن ۾ ڳائي ٻڌايون وينديون هيون. اڄ جي جديديت پڄاڻان زماني ۾ لاکو شبير ڪمپيوٽر ۽ موبائيل جي اسڪرين تي ڪھاڻيون ٻڌائي ٿو. دور بدليو آهي تہ ٻڌائين جو انداز ۽ ڪھاڻي بہ بدلي آهي. پر ڪھاڻي پوءِ بہ پنھنجي جمال ۾ موجود آهي ۽ رهندي.
جديد سنڌي ادب ڪلاسيڪل ادب جي دائرن ۽ اصولن کي ٽوڙي نيئن انداز کي اپنايو آهي ۽ نوان گس گهڙيا آهن. ان سڄي ٽوڙ مروڙ ۾ ڪھاڻي بين الاقوامي سطح تي بدلجي وئي آهي ۽ بدلجي رهي آهي. گهاڙيٽي ۽ موضوع جا وڏا فرق ظاهر ٿي رهيا آهن. ڪھاڻي مختصر ٿي وڃي بچي آهي. پر پوءِ بہ سنڌي ڪھاڻي گهڻي مقدار ۽ معياري طرز ۾ لکجي رهي آهي.
مشھور ڪھاڻيڪار محمد صديق منگيي هن ڪتاب تي پرمغز معلوماتي مھاڳ لکيو آهي. سعيد سومري جو اداريو بہ وڻندڙ ۽ گهرو آهي. پر آءُ پنھنجي راءِ رکڻ چاهيندس. لاکي شبير جي پروڙ جي قوت ڇا تہ ڪمال آهي! پنھنجي پاران ۾ لکي ٿو: “حرامي، بنا شادي جي جنسي ميلاپ سان وجود ۾ ايندڙ ٻار کي چيو ويندو آهي. پر انھن کي نہ جيڪي کيس حرام نموني جنم ڏين ٿا. دنيا اڃا تائين انھن لاءِ حرامي لفظ جھڙو لفظ ايجاد ناهي ڪري سگهي.” پيج_19
ادب اهو جيڪو سوچڻ تي مجبور ڪري. لائي شبير جون ڪھاڻيون سوچن جي ساگر ۾ اڇلي ڇڏين ٿيون.

صاحبا:
هڪ روايتي رومانوي ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ ٻہ پيار ڪندڙ ڪنھن پنھنجي نازن جا نار وهائي، نئون جھان چاهين ٿا. ڪھاڻي جو هيرو رواجي خط/ڪارڊ وسيلي پيار جو اظھار ڪري ٿو ۽ ڪھاڻي پوري ٿئي ٿي.

بھار ۾ پن ڇڻ: هي ڪھاڻي روايتي سنڌي خاندانن جي ڏي وٺ جي فضول تڪرارن جي ڪھاڻي آهي. اڻ بڻت ڪري هڪ پريم ڪھاڻي اڌوري رهجي وڃي ٿي. منصور مري وڃي ٿو ۽ سپي کري وڃي ٿي.

سمنڊ ڪناري:
هيءَ هڪ مڙس جي ڪھاڻي آهي. جنھن جي زال بم ڌماڪن ۾ مري وڃي ٿي. پر ليکڪ اهو چٽو نہ ڪيو آهي تہ اهي ڪھڙا بم ڌماڪا ۽ ڪٿي ٿيا هئا. پوءِ اهو مڙس پنھنجي ڌي سھاري جيئي ٿو.

ڪاٽا ٿيل لغڙ:
هي ڪھاڻي بہ رومانوي آهي. جنھن ۾ علي ۽ رابعا جو معاشقو آهي. رابعا ڪنھن ٻئي کي چاهي ٿي! هڪ طرفي پريم ۾ علي جي آس ڳوڙهن ۾ وهي وڃي ٿي.

اجنبي:
هن ڪھاڻي ۾ مکيہ ڪردار هڪ شادي شده اديبہ جو آهي. جنھن کي مھراڻ نالي ڪوئي چاهيندڙ خط لکي ٿو. اهو راز ڪھاڻي جي انت ۾ کلي ٿو. جيتوڻيڪ هي هڪ رومانٽڪ ڪھاڻي نہ آهي. پر اديبہ ۽ پاٺڪ جي انسيت وڏي آهي.

لھرون لھرون جيون:
هي ڪھاڻي مون کي ذوالفقار جونيئر تي لکيل لڳي آهي. هي آهي تہ پيار ڪھاڻي پر پڄاڻي ۾ بلال پنھنجي رنگن جي دنيا کي اهميت ڏئي ٿو ۽ عاشي کي ڇڏي ڏئي ٿو. بلال هڪ وڏيري جو پٽ آهي پر آرٽسٽ آهي. سندس محبوبہ وڏيرڪا ڪم ڪار ڪرڻ تي زور ڀري ٿي. پر هو پنھنجي تخليقي دنيا ۾ مگن رهي ٿو.

يادن جي ڊسڪ مان هڪ فائل:
جميل ۽ رخسار هن ڪھاڻي جا ڪردار آهن. رخسار کي برين ٽيومر ٿي پوي ٿو. جميل ان بنا حيات پورن ۾ گهاري ٿو. ڪھاڻيڪار انھن لقائن کي چٽيو آهي.

سونيون چوڙيون:
هن ڪھاڻي جو شروعاتي جملو آهي: “اين جي او جي نوڪري بيروزگاري جي پيرن جا ٿڪ لاهي ڇڏيا هئس.” پيج_62
منھنجي خيال ۾ نوڪري ملڻ کان پوءِ بيروزگاري جي پيرن جا ٿڪ نہ پر اهي پير ئي ڀڄي پوندا آهن. هن ڪھاڻي جي ٻولي، پلاٽ، بيانيو، لفظن، تشبيھن جي بيھڪ ڪمال آهي. ازدواجي زندگي ۾ خاص ڪري زال جو ساٿ نڀائڻ جو عمل ۽ درياھہ دلي هن ڪھاڻي جو نقطو آهي. هي هڪ ٻن پيار ڪرڻ وارن جو احساساتي، جذباتي ۽ شاعراڻو مزاج رکندڙ ڪھاڻي آهي.

ڳولا:
هن ڪھاڻي جو ۾ هڪ مڪالمو آهي: “رئيس جي اوطاق کي چپ چپات وٺي وئي، ڄڻ ڪو نانگ سونگهي ويو هجي.” پيج_71
جملي جي پھرين حصي ۾ چپ چپات واري ڳالھہ سڌي ناهي، ٻيو جو اردو جو اثر آهي. هي هڪ ليکڪ جي ڪھاڻي آهي. جو ڪھاڻي جي ڳولھا ۾ آهي ان ۾ بہ رئيس ۽ ڪمدار جي ساز بازن جون روايتي ڳالھيون ڪھاڻي جو موضوع بنجي ويون آهن.

ڳالھہ ٻڌاءِ نہ...!
لاکو شبير هڪ تخليقي ڪھاڻيڪار آهي. هن ڪھاڻي ۾ هيٺيون منظر ۽ ڪھاڻيڪار جو منظرڪشي جو هنر مون کي موهي ويو آهي: “شام شروع ٿي چڪي هئي. ڏينھن کي بہ مزيدار وڳو پاتل هو. آسمان هيٺيان اڇيون ڪڪريون وڇوٽين سان پکڙيل هيون ۽ هوا انب جي وڻ هيٺيان دل گهرئي مھمان وانگي ترسيل هئي.“ پيج_72
هن ڪھاڻي ۾ پريت جا پيچرا وڏي پيار سان پريمي جوڙين ٿا ۽ پڄاڻي بہ بي حد جمالياتي نوعيت جي آهي. هن ڪتاب جون مڙني ڪھاڻيون رومانوي آهن.
رومانس دراصل رومانوي ۽ افسانوي ادب جو اوائلي اهڃاڻ آهي. رومانس لفظ پراڻي فرانسيسي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندو هو. بعد ۾ اسپيني، اطالوي، پرتگالي، لاطيني ۽ انگريزي ٻولين ۾ ڪتب اچڻ لڳو. قديم ادب ۾ سورمن ۽ سورهين جي ڪارنامن کي بنيادي حيثيت هئي. پوءِ رومانس جو اصطلاح اهڙن قصن جي لاءِ مخصوص ڪيو ويو، جن ۾ سورهين جي بھادري جو ذڪر مبالغه آرائي ۾ ڪيو ويو هجي. اهڙن داستانن کي Chivalric Romance وارا قصا چيو ويندو آهي.
گهڻو پوءِ چيو ويو تہ رومانس هڪ اهڙو قصو آهي، جنھن منجهہ حياتيءَ کان پري تصوراتي ماحول پيش ٿيل هجي، عاشقاڻي جذبن ۽ باهمي ڪشش دوران حيرت ۽ پراسراريت جو احساس هجي. اهو بہ واضع ڪندو هلان تہ رومانس جا خاص جزا جنگ، حسن، ايمان ۽ مذهب آهن.
رومانس جي ڀيٽ ۾ رومان Roman جي معنيٰ محدود آهي. جنھن ۾ فطرت جي من موهيندڙ نظارن، حسن جي دلفريب ادائن، نزاڪت ۽ نفاست کي اهميت حاصل هوندي آهي. اهڙي قسم ۾ خاص تعلقات ۾ سرور ۽ فضا کي بيان ڪيو ويندو آهي. رومانوي ڪھاڻيون ان روايت جو حصو آهن. لاکي شبير جون ڪافي ڪھاڻيون رومان جي پرائي ۾ اچن ٿيون.

تولاءِ.... توکان ڌار:
هن ڪھاڻي ڪٿي عباس تي تہ ناهي لکيل. خير_ هن ڪھاڻي ۾ وجوديت جي سوال اٿاري ٿي. جنھن ۾ جيئڻ جي بي رحم ڦيري کي ڦيرايو ويو آهي.

ڪارا هٿ:
هي ڪھاڻي دور جديد سان گڏ رشتن جي بدلجندڙ روش جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ عورت جي درد جي دانھن جا هن ڪھاڻي ۾ پڙاڏا آهن. سور جي سٽ سان هي ڪھاڻي پوري ٿي مايوس ڪري وڃي ٿي.

قمبر جون ڇوڪريون خودڪشي ناهن ڪنديون:
نائلا رند جي قتل تي لکيل هي ڪھاڻي ڇرڪائيندڙ آهي. جنھن ۾ ليکڪ ان قتل جي ٻئي رخ کي ظاهر ڪيو آهي. ڪھاڻي جي پڄاڻي سوچن سان گڏ انڪشاف بہ لڳي ٿي: “يونيورسٽي جي يزيدن خودڪشي جو ڊرامو رچايو. ڊرامي جي منظرڪشي ڪمزور هجڻ ڪري سنڌ جون اکيون ڏسي چڪيون آهن تہ “قمبر جون ڇوڪريون خودڪشي ناهن ڪنديون.“ پيج_84
ويجهڙ ۾ ڪھاڻيڪار ابراهيم کرل ٽہ لڙهي ڪھاڻي جو تجربو ڪيو هو. ائين مون بہ ڪامريڊ ڪھاڻي نالي سان ٽرائالاجي لکي هئي. اهڙي تجربي جي نشاندهي محمد صديق منگئي مھاڳ ۾ لاکي شبير جي لاءِ بہ ڪئي آهي. تو وجود ۾ فنا، تون ڪڏهن هارايو ناهي ۽ ڪميڻائپ ان سلسلي جون پراثر ڪھاڻيون آهن. 85 صفحي کان 110 صفحي تائين فارميٽ ڪھاڻيون آهن. جيڪي هڪ ٻن صفحن جون آهن.

تو طرف طواف:
هي فارميٽ ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ حد درجي ڪمٽمينٽ پيار ڪرڻ وارن جي ڏيکاري وئي آهي. ازدواجي رومانس جي شاهي ڪھاڻي آهي.

ناول:
”تنھنجي مرڪ منھنجي خودڪشيءَ کي خودڪشي ڪرائي ڇڏي.“ صفحو_88
لاکي شبير جون فارميٽ ڪھاڻين جا نالا، مڪالما ۽ پڄاڻيون پنھنجي جوڙجڪ ۾ ڀرپور تخليقي آهن. هئڻ ناھہ هوت ريءُ.....، جذبن جو اضطراب، وسرڻ ۾ ياد، ڌاڳا، رنگ، زندگي، تون ڪڏهن هارايو ناهي، منھنجي اکين سان ٿي ڏسڻ چاهي، ڀونڪ ۽ قرباني ڪمال جو ادبي ذوق ۽ ابلاغ ۽ تاثر ڇڏيندڙ ڪھاڻيون آهن. جن کي پڙهي بي حد خوشي ۽ ادبي هڳاءُ محسوس ٿئي ٿو.

”اگهاڙيون اکيون“ سر ورق ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ پوسٽ ماڊرن صورتحال کي چٽيو ويو آهي. ڪھاڻي جا پڄاڻي وارا مڪالما ڪجهہ هئين آهي: “توهان ٻنھي ۾ ٺاھہ ٿي ويو ڇا؟”
“ٺاھہ وري ڪھڙو.... بس پراڻي شرط هئي. اڄ مڃي اٿائين.” شرط! ڪھڙي شرط....!؟”
“سڀاڻي هوءَ پنھنجا سمورا ڪپڙا مون سامھون لاهيندي.”
صفحو_102
اکيون اگهاڙيون ڪيئن ٿينديون آهن؟ اهو استعارو آءُ سمجهي نہ سگهيو آهيان. “محبت جو نصاب” ڪھاڻي ۾ هڪ اڻ پڙهيل جو جواب ۽ ذهن پوسٽ ماڊرن صورتحال کي ظاهر ڪري ٿو.
خوابن ۾ تون ڪھاڻي بہ جديديت پڄاڻان جي پس منظر ۾ آهي. هن ڪھاڻي ڪتاب ۾ ليکڪ اکين لفظ کي مختلف معنائن ۾ استعمال ڪيو آهي شايد اهو لفظ سندس محبوب لفظ آهي. جيئن:
اگهاڙيون اکيون، گم ٿي ويل اکيون، منھنجي اکين سان ڏسڻ ٿي چاهي، “ڳالھائينديون صرف اکيون آهن. دل جا لفظ اکين ۾ اچي ترسندا آهن.” صفحو 20
”تہ پوءِ تنھنجون اکيون ڇا جي چغلي پيون هڻن؟“ صفحو65
لاکي شبير جي ڪھاڻين جو مک موضوع اخلاقيات، سماجيات ۽ رومانس، رومانس بہ گهڻي پس منظر ۾، جيئن ازدواجي تعلق، وطن سان حب، محبوب جي اڪير، دوستي آهي. لاکو شبير پنھنجي شخصيت ۽ خيالن ۾ هڪ اعليٰ آدرش رکندڙ ليکڪ آهي ۽ ان جو جهلڪيون هن ڪھاڻي ۾ پسايون ۽ اڳتي بہ پسائيندو رهندو.

ساهن ۾ ساهن ۾ سبيل احساس ـ محمد دين راڄڙي جون ڪھاڻيون

محمد دين راڄڙي جي ڪھاڻي ڪتاب
“مان انسان ٿيندس” تي تنقيدي نگاھہ

”مان انسان ٿيندس“ جو ليکڪ محمد دين راڄڙي هڪ بھترين ۽ اعليٰ انسان آهي. جنھن پنھنجي عظمتي تخيل منجهان “مان انسان ٿيندس” خلقيو آهي. محمد دين راڄڙي ان سان گڏ سگهارو تخليق ڪار بہ آهي. مون کي هو بي حد سنجيدہ قسم جو لڳندو آهي. پھريان هو ادب جو شاگرد هو پر هاڻي استاد آهي. محمد دين هڪ پختو ڪھاڻيڪار تہ آهي پر سنڌي مان انگريزيءَ ۾ ترجما، نثري نظم ۽ تنقيدي اڀياس بہ هو سھڻي طرح لکي رهيو آهي.
“مان انسان ٿيندس” سندس ڪھاڻين جو ڳٽڪو آهي. جنھن ۾ محمد دين جا تجربا مختلف نوعيت جا آهن. هن مني ڪھاڻيون، ون لائين اسٽوري، فليش فڪشن ۽ فارميٽ ڪھاڻيون لکيون آهن. محمد دين ڪھاڻين ۾ پنھنجو فڪر احساسن ۾ ساھہ سان سبي پيش ڪري ٿو. هن جي ڪھاڻين ۾ جديد سماجڪ ۽ وجودي انتشاري جي اپٽار آهي. ڪتاب ۾ ڏنل ڊسڪورس الائي ڇو مون کي ٿڪائي ڇڏيو.
ٽوٻو: هي محمد دين جي جديد سنڌي ادب جي ڪلاسيڪل ڪھاڻي آهي. موضوع، پلاٽ جي اڻت ڪمال ڪاريگري سان ڪئي وئي آهي. خيالن جي چونڊ جيءُ جهونجھڙي وجهي ٿي. هي ڪھاڻي هڪ ڪردار ربن جي نہ پر پوري طبقي کي اسان جي آڏو کڻي اچي ٿي. ٽوٻا جيڪي سرڪاري آفيسرن جي داٻي/سڏ تي ڏينھن رات بک، اڃ، سڃ تي لوڙين ٿا. هي مونو لاگ ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ ٽوٻو سوچي ٿو:
“پر اسان جي اندر ۾ ڪنھن لھي ڏٺو آهي! تہ اندر ۾ ڪيترين ئي خواهشن، بيوسين ۽ محرومين جا لاش ٿا لڙهن... اسان جي جيءَ ۾ ڪنھن جهاتي پاتي آهي تہ اسان جي ٻارڙن جي تن تي ڪپڙا ڪونھن... پنج سون لاءِ هڪ ٻئي لاش جو انتظار ڪرڻو پوندو..!! درياءَ جا پيٽ ڇڇولڻ ڪي سولا آهن... پنج سؤ پتي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٿا اچن... ڪڏهن تہ رڳو گهران ڏئي گهر پھچون ٿا؟.... ” ص_53
ڪھاڻي ڏاڍي درد انگيز آهي. زندگي جي هڪ اهڙي بيوس وارتا کي بيان ڪري ٿي. جنھن ۾ انسان لاغرض ٿي نيٺ اڳتي وڌي وڃي ٿو. ليکڪ جي هيءَ ڪھاڻي سنڌي ٻوليءَ جي ڪلاسيڪل ڪھاڻين گورڪن نورالهديٰ شاھہ ۽ اخلاق انصاري جي نشي واري ڊاڪٽر واري ڪھاڻي جو تسلسل آهي.
ڪھاڻين ۾ ليکڪ ڊاٽس غير ضروري ۽ حد کان وڌيڪ استعمال ڪيون آهن. جيڪا ڳالھہ مون کي گهڻي عجيب لڳي. اهو وڏي ۾ وڏو جهول آهي. ان حوالي سان ليکڪ خود هئين پنھنجي پاران ۾ لکي ٿو: ”منھنجي ڪھاڻين ۾ ڊاٽس (.....) ڪي ڪوڊ آهن يا شايد، يا ڪي احساس، جيڪي پڙهندڙ ئي ڊي ڪوڊ ڪري سگهندا.“ ص_7
ليکڪ جي بيھڪ جي نشانين کان اڻ ڄاڻائي سمجهہ کان ٻاهر آهي. ٻہ ٽٻڪا (..) معنيٰ ڪجهہ مبهم آهي. ٽي ٽٻڪا (...) معنيٰ اڳتي ڪجهہ آهي. چار ٽٻڪا (....) معنيٰ پويان ڪجهہ ڇڏي آيا آهيون. ...... گهڻين ڊاٽس جي تحقيق ۾ ڪا معنيٰ ناهي باقي فڪشن ۾ ان جو مطلب ڊگهي ساهي آهي. پر اهي بار بار نہ ٿيون اچي سگهن! بيھڪ جو نشانيون ٻوليءَ جو بنيادي عنصر آهن. ايتري سگهاري سمجهہ رکندڙ ليکڪ بہ چڪ ڪري ويو آهي. اهو مدد علي سنڌي، مشتاق شوري ۽ ماڻڪ جي لايعنيت جو نمونو هو جيڪو هاڻي رد ٿي چڪو آهي.
وليم فاڪنر ڪھاڻي لکڻ جي لاءِ ڪيڏي نہ ڪارائتي ڳالھہ چئي ويو آهي: “ڪھاڻي لکڻ جي لاءِ ٽن شين جي ضرورت هوندي آهي، 1. تجربو 2. مشاهدو 3. تخيل. فاڪنر جي لاءِ ڪھاڻي جي شروعات خيال يا ياد هوندي آهي. باقي ڪھاڻي جو لکجڻ ان خيال تائين پڄائي ڇڏيندو آهي. محمد دين راڄڙي جا خيال مشاهدا ڪھاڻين جي تجربن ۾ شاهوڪار آهن.

سرڪس: ڪھاڻي بہ خيال ۽ تجربي جو امتزاج آهي. جيڪا مشيني سرمائيدارانہ دور جي عڪاسي ڪري ٿي. هن دور ۾ انسان جي وجود جو هجڻ جو سبب صرف سرمايو آهي. سرڪس ڪھاڻي جديديت پڄاڻان جي Hyper Reality جي ٿيم تحت لکيل آهي. Hyper Reality جنھن ۾ فطري حقيقت کي ڪوڙو ۽ مصنوعي ڪري پيش ڪيو ويندو آهي. جيئن جوڪر کان ڪرايو وڃي ٿو.

جاڳر: هي ڪھاڻي سنڌي سماج هزارن سالن جي پراڻن وهمن جي ڪھاڻي آهي. پروفيسر ساجد سومري مطابق: “هاڻ لڳ ڀڳ 200 ملڪن ۾ ڪنھن بہ جن ڀوت غيب جھڙي وهم گمان جي ڪا معمولي گنجائش بہ باقي ناهي بچي. سواءِ اسان جھڙن ڪجهہ مذهبي ملڪن جي!” اڄ جتي دنيا خبر ناهي ڪھڙن انيڪ سارن اعليٰ خيالن جي گسن گهڙن کي اڪاري چڪي آهي. اتي سنڌ جا اڪثر علائقا انھن واهيات رسمن جو شڪار آهن. جنھن ۾ جبلي ۽ نفسياتي ضرورتن جي علاج بدران زنجير ٻڌا وڃن ٿا.

ڦاٽڪ: ڪھاڻي زندگي جي هڪ اهڙي عڪس جو چٽ آهي. جيڪو گذري ويل وقت ۽ حياتي جي بي معونيت کي ظاهر ڪري جيءُ جهوري رکي ٿو. محمد دين زندھہ احساسن ۽ سچن جذبن جو ڪھاڻيڪار آهي. هن زندگي جي واقعن کي پنھنجي تخيل جي اڏام ۾ سھڻو ڪري لاٿو آهي.
اندر ٿو سڏي مون کي..!: عنوان واري ڪھاڻي هاڪاري پھلو اڀاريندڙ ڪھاڻي آهي. باقي هن ڪھاڻي ۾ انگريزي لفظ ۽ ٽٻڪن وارو چڪر منجهائي ٿو.

اندر وارتا: ڪھاڻي ۾ هڪ نفيس تخليق ڪار جي اندر ۾ جيڪي سڏ پڙاڏا آهن اهي گونجي رهيا آهن. ڪھاڻي منجهان هڪ خيال توهان جي حض جي لاءِ:
“مان ايڏو سطحي ڇو ٿو سوچيان، باظرف ماڻھو تہ مشھورين، چاپلوسين کان مٿڀرا هوندا آهن. گم نام جينئس جيان، اهي شھرت جا نہ شھرت انھن جي محتاج هوندي آهي.” ص_73
سچ کي پٺي...!: هن ڪھاڻي ۾ حق کي پٺي ڏني وئي آهي. نامراد ۽ ناڪارہ ماڻھو ڪم ڪرڻ وارن ماڻھن جي لاءِ رڪاوٽ هوندا آهن. ڪنھن حد تائين Generation Gape بہ هن ڪھاڻي جو موضوع آهي. جيڪو جٽادار اثر ڇڏي ٿو.

ڪراچي: ڪھاڻي ۾ ليکڪ سرئيلسٽڪ انداز اپنايو آهي. ڪراچي ۽ امن جي مڪالمن جي پس منظر ۾ ليکڪ سنڌ جي سسيءَ جي صورتحال سھڻي سري سان سنيگاري آهي.

سيڪنڊ اسٽيٽمينٽ: هي هڪ مختصر ڊرامو آهي. جيڪو محبت جي بغاوت تي لکيل آهي. موضوع، ٻولي ۽ پڄاڻي بھترين نموني سان چٽيل آهن. سيڪنڊ اسٽيٽمينٽ محمد دين راڄڙي جو اڻ ڇپيل ناول بہ آهي، جنھن جو اعلان هن ئي ڪتاب جي فلپ تي اعلان ٿيل آهي.

بودلو: هي ڪھاڻي پڙهي مون کي پنھنجي بودلائپ ياد آئي. مون کي خبر نہ هئي تہ محمد دين بہ بودلو آهي. احساساتي خوبصورت خيالن سان ٽٻٽار اندر ۾ لھي ويندڙ رومانوي ڪھاڻي آهي. داخليت جڏهن اٿلي پوندي آهي تہ بودلائپ ٿي پوندي آهي. حسين، فڪر انگيز پيھي ويندڙ لفظن، تشبيھن جو سنگم گهڻو وڻندڙ آهي. جنھن مان ڪجهہ احساس اوهان جي نظر:
“خبر اٿئي سمجهيل ماڻھو ڇڏڻ ڪيترا اوکا هوندا آهن.” ص_92
“مون کي اهائي تنھنجي ادا وڻندي آهي. جو تون ڳالھين کي لفظن جي روپ ڏيڻ بجاءِ اکين سان اچاري ويندي آهين.” ص_95
“ويسارا عارضي ٿيندا آهن. مستقل محبت ٿيندي آهي.” ص_ 96
پٿرائجي ويل اکيون: دنيا ۾ انساني بيمارين ۽ جسم جي ناڪارہ ٿيڻ جي صورت ۾ هيٺيون ڌڙ مشيني لڳايو پيو وڃي، اهي خيال سامھون اچي رهيا آهن. اسان جي چؤگرد پيرن جون گاديون، درگاهون ۽ جهالت اوج تي آهي. هي ڪھاڻي ان جي هڪ جهلڪي آهي. محمد دين راڄڙي جي ڪھاڻين جا ڪردار جي ٻولي تز ۽ ٺهڪندڙ آهي. “پٿرائجي ويل اکيون” ڪھاڻي پير پرستي ۽ دقيانوسي جي اونداھہ کي چٽو ڪري ٿي.

پيراڊو: هي هڪ تمثيلي ڪھاڻي آهي. هن ڪھاڻي ۾ ڪردارن جي ٻولي ڏانھن وٽان آهي. ڪھاڻي جي پڄاڻي بہ اشارتي ڪيل آهي. منھنجي خيال ۾ پيراڊو جو تصور ترقي پذير ملڪن يا ٻئي دنيا ۾ شايد هجي. ڇو تہ ڪچا رستا اسان وٽ يا اسان جي پاڙيسري ملڪن ۾ آهن. ان ڪري پيري واڍي بہ ماهر بہ اسان وٽ اسرن ٿا.

مان انسان ٿيندس: سر ورق ڪھاڻي هڪ يونيورسل خيال ڇڏيندڙ ڪھاڻي آهي. پوسٽ هيومن دور ۾ ھہڙي ڪھاڻي سرجڻ واقعي دين محمد جي ڪاميابي آهي. پر آخري مڪالمو جنھن ۾ اسڪولي ٻار جيڪي لفظ ڳالھائي ٿو اهي ان کان ڳرا آهن. انھن کي ان ٻار واري ٻوليءَ ۾ ادا ڪجي تہ وڌيڪ تز لڳندو.

امداد : هن ڪھاڻي ۾ ليکڪ ضميري چهونڊڙي هڻي ڪڍي ٿو. جا اندر جو آواز ڀانسجي ٿي.

انگ اگهاڙا ٿري ٻار: ٿري ٻارن جي هي سور ڪھاڻي هن ۾ ڀرپور آهي. هي هڪ سرئيلسٽڪ ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ ٿر ڳالھائي ٿو، دانھون ڪوڪون ڪري ٿو.

پريت: ليکڪ جي جتي سڀن ڪھاڻين ۾ ٻولي سھڻي ۽ نج نبار استعمال ڪيل آهي. اتي هن ڪھاڻي ۾ هو اردو جي اثر ۾ اچي ويو آهي. هي مونو لاگ ۾ لکيل سٺي ڪھاڻي آهي.
هنن ڪھاڻين بعد ليکڪ جون فليش فڪشن ڪھاڻيون آهن.
احساس ڪھاڻي ۾ ماءُ جي احساساتي منظر جي جهلڪ آهي. ٻہ مانيون (غربت)، تضاد (Hypocrisy) ۽ ڏڪار (منافقت ۽ بي ايماني)، وزن (وزن يا وزن_ زندگي کان بي خبر ڪوي جي ڪھاڻي)، ATM مشين (سرمائيدارنہ دور جون جهلڪيون آهن)
سرلان ڪھاڻي فارميٽ ڪھاڻي آهي. جيڪا فليش فڪشن واري حصي ۾ اچي وئي آهي. هي ائبزرڊ ڪھاڻي آهي. فليش فڪشن واري حصي ۾ ليکڪ جون تعليمي ڪھاڻيون بہ آهن. تضاد تعليمي ڪھاڻي آهي. هڪ سٽيون ڪھاڻيون بہ معنيٰ خيز آهن. جيڪي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿيون.
نئين دور جي مارئي واري ڪھاڻي ۾ ليکڪ جو رويو گهڻو هاڪاري ۽ سڀاويڪ آهي.

بچل ڪلينڪ: هن ڪھاڻي ۾ پوسٽ ماڊرن سنيريو آهي. هڪ ڊاڪٽر سرمايي خاطر ٺڳي ۽ بي ايماني کي اهم سمجهي ٿو.

پارٽي: هي ڪھاڻي مرندڙ قدرن ۽ احساسن جي ماحول جي ڪھاڻي آهي. ڪتاب جي آخري ڪھاڻي “اٿ ڏونگر ڏاري وينداسين” سٺي ڪھاڻي آهي پر فني سٽاءُ ۾ جهول اٿس.
محمد دين راڄڙي جي ڪھاڻين ۾ موضوعاتي اٿل، جديد تنقيدي نگاھہ ۽ فني فڪري گهرائي پڙهندڙ جي من کي ڀانئي ٿي. جيڪا ئي هڪ ڪھاڻيڪار جي ڪاميابي چئي سگهجي ٿي.

عباس ڪوريجي جي ”جديد ڪھاڻي فن ۽ موضوع“ جو مطالعو

عباس ڪوريجي جي ايم-اي جي مونوگراف ڪتاب ”جديد سنڌي ڪھاڻي (فن ۽ موضوع)“ جو مطالعو


قمبرائي... ها قمبراڻين جو ڪم هميشہ شان مان وارو رهيو آهي. قمبر سان تعلق رکندڙ شخصيتن جو ذڪر نڪرندو تہ وڏا وڏا نالا نڪري سامھون اچي ايندا. قمبر جا انصاري ڀائر هجن، قمبر جو ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هجي يا ٻرڙا ڀائر، چانڊين جو ذڪر نڪري تہ جامي چانڊئي جھڙي دانشور کان ويندي سرمد چانڊئي شاعر ۽ عزيز قاسماڻي ڪھاڻيڪار تائين ۽ سومرا ڀائر جن ۾ سعيد سومرو سر فھرست ۽ نشانبر آهي، جنھن ڪنول پبليڪيشن جھڙي بھترين ڇپائي گهر جو بنياد رکي، سنڌ جي غريب اديبن ۽ شاعرن جا کوڙ سارا ڪتاب ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندا آهن ۽ پاڻ سعيد سومرو جديد سنڌ جي نمائيندہ شاعرن منجهان آهي. جنھن سنڌي ادب ۾ چندن جھڙن خوبصورت شاعريءَ جي صنف پڻ متعارف ڪرائي آهي.

شيخ اياز چيو آهي:
ڳاڙها ڳڀرو سنڌ جا، تون ئي منھنجو خواب،
تون ئي آهين جواب، صدين جي سوال جو.

عباس ڪوريجو قمبر جي انھن جاکوڙي ۽ جفاڪش نوجوانن جو تسلسل آهي، جن پنھنجي محنت ۽ جدوجھد سان پنھنجو پورهيو پئي ڪيو آهي ۽ پاڻ مڃايو آهي. عباس ڪوريجو تمام گهڻين خوبين جو مالڪ آهي، مون کيس منچ تي خوبصورت انداز ۾ پروگرامن جي ميزباني ڪندي ڏٺو آهي، هو سٺو ڪمپئير آهي. سندس ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ مھارت تہ ڪنھن کان ڳجهي ناهي. عباس ڪوريجو شاعري بہ ڪئي. هو سٺو ڪھاڻيڪار آهي. سندس ڪھاڻين جا ٻہ مجموعا اچي چڪا آهن. جن مان کيس ٻئي مجموعي “پنھنجي ڌرتي” تي ٻولي اختياري اداري پاران ايوارڊ بہ مليو آهي. تازو جڏهن عباس جو ايم-اي ڊگري جي حاصلات لاءِ لکيل مقالو ڪتابي شڪل ۾ ڇپجي اڳيان آيو تہ عباس جي هڪ ٻئي هوشارپ يا گڻ بہ نروار ٿي نڪري آيو اهو ڪيليگرافي جو هنر آهي. هو سٺو ڪليگرافر بہ آهي. اها شايد گهٽ ماڻھن کي ڄاڻ هجي. “جديد ڪھاڻي فن ۽ موضوع” ڪتاب جي سرورق جي ڪليگرافي عباس ڪوريجي نھايت ئي سھڻي نموني سان پاڻ ڪئي آهي. ان لاءِ کيس وڌ ۾ وڌ ساراهي سگهجي ٿو. عباس ڪوريجو منھنجي انھن چند دوستن منجهان آهي. جن سان ملي ڪري مون کي هميشہ اتساھہ ئي ملندو آهي. نيئن سر ڪم ڪرڻ جو جنون ۽ توانائي بہ. عباس ڪوريجو پنھنجي شخصيت ۾ سدائين کل مک ۽ وڏا زندھہ دلي جا ٽھڪ ڏيندڙ ۽ خوش لباس رهندو آهي. عباس جو ٽيون ڪتاب جيڪو هن ايم-اي جي ڊگري حاصل ڪرڻ سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ پيش ڪيل مقالو آهي. جنھن جو نالو “سال 2000ع کان 2014ع تائين شايع ٿيل ڪھاڻي ڪتابن جو تنقيدي جائزو” آهي. ڪتابي صورت ۾ سندس نالو “جديد ڪھاڻي—فن ۽ موضوع” جيڪو آگسٽ 2015ع ۾ ڇپيو آهي. هي ڪتاب سنڌي ڪھاڻي ۽ سنڌي نثري ميدان ۾ لاڀائتو ۽ اهم اضافو ٿيو آهي.
سنڌ ۾ تنقيد ۽ تحقيق جا لاڙا ايڏو جديد دؤر هوندي بہ سائنسي نموني نہ اچي سگهيا آهن. تنقيد ڪرڻ ڏوھہ ۽ تحقيق ڪرڻ واندن جو ڪم آهي. اسان وٽ عام طور اديب ائين سوڇن ٿا. پر تنقيد ۽ تحقيق دنيا جي هر ٻوليءَ جي ادب ۽ سڀني شعبن ۾ ٻارڻ جو ڪم ڏين ٿيون.
جئين محمد ابراهيم جوئي چيو آهي: ”ادب ۽ علم جي دنيا ۾ تنقيد ائين آهي. جئين زمين ۾ ڀاڻ، جنھن سان امنگ جا، فڪر جا ۽ تجربي جا ڦٽندڙ سلا ڀلا ٿي ڄمن ٿا، پوري طرح وڌن ٿا ۽ وڏا سنگ جهلين ٿا ۽ڪڻن مان ڪيچ لھن ٿا.“
افسوس سان اسان وٽ ادارا ۽ ماڻھو هجڻ جي باوجود اهي فن ترقي نہ ڪري سگهيا آهن. عباس ڪوريجي جو هي مقالو ڪھاڻي جي حوالي سان تحقيق جي ميدان ۾ تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو، جنھن ۾ موجود مواد نئون ۽ اُڇت آهي. هن مقالي ۾ روايت کان جديديت تائين جي سفر جي معلومات ملي ٿي. هن مقالي لکڻ ۾ عباس ڪوريجي جي رهنمائي سنڌ جي وڏي اسڪالر ۽ شيخ اياز جي شارح ڊاڪٽر انور افگار هڪڙي صاحب ڪئي آهي. آءُ پاڻ سائين هڪڙي صاحب جو شاگرد آهيان ۽ سندس ڪم ۽ تحقيق مان متاثر آهيان. هن مقالي تي لکڻ منھنجي لاءِ ڏکيو ڪم آهي. پر پوءِ بہ هن مقالي جي مطالعي دؤران مون کي جيڪي ڳالھيون يا رايا جڙيا آهن؛ اهي هڪ پڙهندڙ جي حيثيت ۾ ڏيڻ گهران ٿو. جيڪي چُڪن سان ڀرپور بہ ٿي سگهن ٿا. هي مقالو چئن فصلن ۾ ورهايو ويو آهي:
فصل پھريون: ڪھاڻي ڇا کي چئجي؟ جي عنوان سان آهي. فصل پھرئين جا اٺ ننڍا عنوان آهن. جنھن ۾ پھريون عنوان “ڪھاڻي جي ڪھاڻي” آهي. ڪھاڻيءَ جي ڪھاڻي ۾ ڪھاڻي جي اوريجن ۽ تاريخ تي ناليرن شخصيتن ۽ ڪھاڻيڪارن جا رايا ڏنا ويا آهن.
ڪھاڻيءَ جي ڪھاڻي وارو عنوان پڙهڻ کان پوءِ اهو صاف ٿي وڃي ٿو ۽ سمجهہ ۾ اچي وڃي ٿو تہ ڪھاڻي ڪئين شروع ٿي ۽ ان جو گهاڙيٽو ۽ ان جي پيدائش ۽ ان جا بنيادي ڪھڙا ۽ ڪيئن هئا. اڪيڊمڪ لحاظ کان ڏٺو وڃي تہ ان شيءَ جي اهميت ضرور آهي ۽ نيئن پڙهندڙ لاءِ اهي رايا ۽ تاريخي ڇھاءُ دلچسپ ۽ ڄاڻ سان ڀريل آهن. انھن ۾ جيڪي کوٽون مون کي نظر اچن ٿيون:

 هڪ تہ انھن راين ۾ ترتيب نہ آهي.
 ٻيو تہ انھن ۾ انگريزي، اردو ۽ سنڌي اديبن جي تجزين کي دؤر وار نہ رکيو ويو آهي.
 ٻيو تہ وصف يا صطلاح جي حوالي سان ڪھاڻي بابت مفھوم ڪتابن جا جيئن: انسائيڪلوپيڊيا يا ادبي اصطلاحات جي ڪتابن جا حوالا اڳ ۾ رکڻ گهرجن ها.
 ٻيو تہ رايو تُز ۽ مختصر ڏبو آهي. ڊگهو حوالو خوبصورتي گهٽائيندو آهي. محمد اسماعيل عرساڻي جو حوالو ڊگهو ٿي وڃي ٿو.
 ايڊگر ايلن پو جي ڪھاڻي واري وصف هن ننڍڙي باب ۾ ٻہ دفعا ڏني وئي آهي.
انھن ڳالھين کان سواءِ هي ننڍڙو عنوان “ڪھاڻيءَ جي ڪھاڻي” ڪنھن ڪھاڻي کان گهٽ نہ آهي. يا ڪھاڻي بابت ليکڪ جي پنھنجي راءِ يا وصف: “ڪھاڻي هڪ آبشار مثل آهي، جنھن جو پاڻي (مرڪزي خيال) هيٺ ڪرڻ کان پوءِ وهڪرو (پلاٽ) پاڻ ٺاهيندو، ڪنھن نہ ڪنھن نديءَ ۾ وڃي ڇوڙ (ڪلائيمڪس) ڪندو آهي.” ڏاڍي وڻندڙ آهي.

ارتقا، تاريخ، فن ۽ عنصر:
هي عنوان مٿئين عنوان ڪھاڻيءَ جي ڪھاڻي سان جھڙوڪ ملندڙ آهي. ها هن فن بابت ۽ ڪھاڻي بابت ۽ ڪھاڻي جي ٽيڪنڪ جي جزن بابت ڪيل Interpertation نھايت اهم آهي. جيڪا نون لکندڙن ۽ ڪھاڻي جي تدريس ۾ وڏي مدد ڏئي ٿي. ارتقا ۽ تاريخ جي ڳالھہ جو ڄڻ ورجاءُ ٿئي ٿو. ڇو تہ اسان ڪھاڻيءَ جي ڪھاڻي ۾ پڙهي اچون ٿا تہ داستان ۽ قصي مان ڪھاڻي جنم ورتو ۽ اها ارڙهين صدي ۾ يورپ ۾ جڏهن صنعتي دؤر آيو تہ ڪھاڻي جديد روپ اختيار ڪيو.

• هن باب ۾ ڪھاڻي يا فساني جو منجهارو پيدا ٿئي ٿو جيڪو اڳيئن بابن ۾ هل يچٽي ٿي بيھي رهي ٿو.
• هن باب ۾ بہ حوالن ڏيڻ ۾ ليکڪ ورجاءُ جو شڪار ٿي ويو آهي. ڊاڪٽر فھميده حسين جو حوالو جيڪو صفحي 21 تي ڏنل آهي يعني ڪھاڻيءَ جي ڪھاڻي ۾. اهو صفحي 24 تي ساڳيو حوالو ڏنو ويو آهي.
• مون کي الائي ڇو ائين محسوس ٿئي ٿو تہ ٽيڪنڪ واري باب ۾ اعليٰ ڪھاڻيڪارن جو ڪھاڻي بابت خيال دنياوي ادب ۽ سنڌي ادب ۾ جئين جمال ابڙو آهي وغيرہ جو حوالو ضرور ڏيڻ گهرجي ها.
سنڌ ۾ جمال ابڙي جون ڪھاڻيون ڪلاسڪ جو درجو رکندڙ آهن ۽ هو ڪلاسيڪل ڪھاڻيڪار آهي. جمال ابڙي ڪھاڻي جي فني سٽاءُ لاءِ هيٺيون چار ڳالھيون ضروري قرار ڏينون آهن:

1. ڪھاڻي اهڙي دلچسپ هجي جو لس پڙهي وڃجي ۽ ڇڏڻ تي دل نہ چوي.
2. پڙهڻ وارو ان ۾ ايڏو سمائجي وڃي، پاڻ کي ڪھاڻي جو ڪردار سمجهڻ لڳي.
3. پڙهندڙ ڪھاڻي جي چوٽ يا انت تي بنا انت بہ هُو ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪرڻ لاءِ سوچي.
4. ڪھاڻي جو ڪردار ڀلي هٿيار ڦٽا ڪري، ٻيڙي ٻڌڻ ڏئي، تہ بہ پڙهندڙ کي ضمير جهنجهوڙ ايتري اچي جو حل ڳولھڻ ۾ مددگار ٿئي. ائين ٿيو تہ محنت سڦل وئي.

ڪھاڻي جون فني خوبيون:
هن ننڍڙي عنوان هيٺ بہ بھتر انداز ۾ ڪھاڻي جي فني لوازمات تي سمجهاڻي ڏني وئي آهي. فني خوبين جي پٽار ڪندي وري هلڪو تاريخي پس منظر بہ پيش ڪيو آهي. جيڪو دهراءُ لڳي ٿو. دؤر جديد جي تناظر ۾ ڪھاڻين جي فني خوبين تي ڳالھائڻ ڏکيو ٿي پيو آهي ۽ ڪھاڻي پنھنجي روايتي دڳ ابتدا_عروج ۽ انت کان هٽي ڪري هڪ الڳ دنيا ۾ گهري پئي آهي ۽ سرمائيدارنہ دؤر جي رستن تي هلڻ لڳي آهي.
سنڌ جي وڏي نقاد ۽ دانشور رسول بخش پليجي پنھنجي هڪ مضمون “پنھنجي ادب کي زور وٺايون” ۾ لکيو آهي: “ادب ماڻھن لاءِ آهي، ماڻھو ادب لاءِ نہ آهي، ادب جا ڪي نمونا هڪڙن ملڪن ۾ ماحول لاءِ ڪارائتا آهن پر ٻين لاءِ نہ آهن. افساني جو يورپي ۽ آمريڪي نمونو جنھن جو اڄڪلھہ هر هنڌ نقل ڪيو پيو وڃي، سو اسان جي ڏانءُ وٽان ناهي!”
پليجي صاحب جي راءِ سان سھمت بہ ٿجي تہ ٿي سگهجي ٿو ۽ ڪٿي وري اڄ جي سماجي تبديلي کي نظر ۾ اڳيان رکي بين الاقواميت کي ڏسون ٿا تہ اسان جي مجبوري ٿي پوي ٿي تہ سنڌي ڪھاڻي کي اهڙو بڻايو يا پيش ڪيون جو اها دنيا ۾ هر جاءِ قبول ڪئي وڃي. ٻاهريان اثر ٿيندا ۽ لاڙن جو فارميٽ اپناڻو پوندو. بھرحال ڪھاڻيءَ جون فني خوبين جون خاصيتون ايندڙ دؤر جو نقاد ئي طئي ڪندو.

ڪھاڻي ڪئين لکجي؟
پھرين باب جو عنوان آهي. ڪھاڻي لکڻ جي لاءِ ليکڪ عباس ڪوريجي 10 ڳالھيون انتھائي اهم قرار ڏنيون آهن. جيڪي واقعي ڏٺو وڃي تہ وڏي اهميت رکندڙ ۽ ڪھاڻي لکندڙن لاءِ وڏي وٿ ثابت ٿين ٿيون. ان کان علاوہ ليکڪ پلاٽ، منظر نگاري، ٻولي، علامت نگاري، اسلوب، زمان ۽ پڄاڻي تي تفصيلي بحث ڪري بيان ڪيو آهي ۽ ان ۾ مشھور ڪھاڻيڪارن جي ڪھاڻين مان ٽڪرا کڻي مثال طور پيش ڪيا آهن تہ جيئن نوان پڙهندڙ ڳالھہ جي تھہ تائين پھچي ڪھاڻي جي روح کي سمجهي سگهن.
شيخ اياز کان جڏهين پڇيو ويو تہ ڪھاڻي ڪئين لکجي؟ اياز هي جواب ڏنو: “مون کي تہ اهو سوال بي معنيٰ لڳندو آهي. هر هنڌ انسان پنھنجي دنيا جو مرڪز آهي. هر هڪ انسان پنھنجي دنيا جو مرڪز آهي.” پر پوءِ بہ اياز ڪھاڻي ڪيئن لکجي؟ بابت هيئن جواب ڏئي ٿو:
“ڪھاڻي لکڻ جي لاءِ انسان فطرت جو مطالعو(study of Human nature) ۽ زندگي جي تنقيد (Criticism of Life) ضروري آهي. جنھن افسانہ نويس زندگي جي رڳ رڳ ۾ دورو ڪيو آهي. ان جي نبض چڱي طرح جاچي آهي، تنھن کي زندگي جو خسيس ۾ خسيس واقعو بہ ڪھاڻيءَ جو مواد مھيا ڪري ڏيندو آهي.”
ڪھاڻي جي ٽيڪنڪ تي وڌيڪ بحث ۾ نہ پوندي، ايترو چئي سگهجي ٿو تہ هي باب ڪھاڻي لکڻ بابت سٺيون صلاحون ميسر ڪري ٿو.

ڪھاڻي يا افساني جا قسم:
“ڪھاڻي يا افساني جا قسم” هن سڄي مقالي جو منھنجي نظر ۾ اهم عنوان آهي. جنھن ۾ ڪھاڻين جي مختلف قسمن جھڙوڪ موضوع ۽ گهاڙيٽي جي حوالي سان جائزو ۽ معنيٰ مقصد ۽ وصف ڏني وئي آهي. هن عنوان ۾ موجود مواد ۾ جيڪو اهم ۽ بحث طلب نقطو آهي اهو افسانو يا ڪھاڻي وارو آهي. جنھن ۾ ليکڪ لکي ٿو تہ:

 افسانو هڪ اهڙي ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ مبالغو يا افسانويت وڌيڪ هجي.
 مختصر ڪھاڻيءَ ۾ حقيقت نگاريءَ تي زور ڏنل هوندو آهي ۽ مبالغو گهٽ هوندو آهي.
ڪھاڻي ۽ افساني وارو ابھام آهي اهو اڪيڊمڪ لحاظ کان اهو پھلو صاف ٿي وڃي ٿو. سنڌي ۾ افسانا ۽ ڪھاڻيون ٻئي لکيون ويون آهن. عباس ڪوريجي ڪھاڻي جي سمجهاڻي طور پنھنجي ۽ پنھنجي دوستن جي ڪھاڻين جا مثال ڏنا آهن. ان جاءِ تي ٻين نمائيندہ ڪھاڻيڪارن جا مثال ڏيڻ گهرجن ها پر پوءِ بہ اهو غلط ڪونہ ٿو لڳي. هن باب ۾ ڪھاڻين جي قسمن جي حوالي سان خاص ڪري نيئن پڙهندڙن جو ڪھاڻي جي موضوعن، هئيت ۽ بيان جي لحاظ کان مختلف قسمن جو مونجهارو حل ٿي وڃي ٿو. هي باب نصابي حساب سان تمام گهڻو اهم آهي ۽ اهو بہ مثالن سان سمجهايل آهي جيڪا هڪ نئين ڳالھہ آهي، ڪھاڻي جي حوالي سان ادبي تاريخن جي ڪتابن ۾ اهڙو ڪو مثال نٿو ملي.

فليش فڪشن: ماضي، حال ۽ مستقبل:
جيتوڻيڪ فليش فڪشن جي حوالي سان سنڌي ادب ۾ پھريون ڪتاب عزيز قاسماڻي جو آهي. اهو هن تحقيقي ڪتاب ۾ چيو ويو آهي. پر عزيز قاسماڻي جو اظھار تمام گهڻو تجريدي نہ سمجهہ ۾ ايندڙ ۽ ابھام سان ڀريل آهي. فليش فڪشن يعني مختصر مختصر ڪھاڻي جي حوالي سان نقادن ۽ ڪھاڻيڪارن جي ڄنڊا پٽ هلي ٿي پئي. ڪي صاحب هن رجحان کي قبولڻ لاءِ تيار ناهن! ڪي وري هن بابت بھتر ڪم ڪري رهيا آهن. ۽ فليش فڪشن لکي رهيا آهن. هن تحقيقي مونو گراف ۾ ليکڪ فڪشن جي وضاحت هن ريت ڪري ٿو:
“فڪشن هڪ اهڙي قسم جي لکڻي جو نالو آهي، جيڪا مڪمل طور تي يا ڪجهہ حصي اندر غير حقيقي معلومات يا واقعن تي مشتمل هجي، تصوراتي هجي، ڪنہ بہ ليکڪ پاران ڪوڙي قصي طور لکي وئي هجي. فڪشن جو مخالف نان فڪشن ادب آهي، جيڪو مجموعي طور يا ڪجهہ حصي اندر سچو سمجهيو ويندو هجي، ان ۾ موجود واقعا، وضاحيون، مشاهدا، تجربا، رويا سچا ۽ حقيقي محسوس ڪرايا ويا هجن.”
فڪش يعني تصوراتي ادب ان بابت سنڌي ٻوليءَ جي وڏي نقاد ۽ ڏاهي ڊاڪٽر الھداد ٻوهئي جو حوالو ٿا، جيڪو هئين سمجهائي ٿو:
“مون کي ڊپ آهي تصوراتي ادب، جنھن کي انگريزي ۾ Fiction چيو وڃي ٿو، تنھن جي باري ۾ بہ اسان جو ذهن صاف نہ آهي. تصور Concept ڪنھن وهم، ڀرم ۽ خام خياليءَ کي ڪونہ ٿو چئجي. تصور جوهڪ پھلو اهو آهي، جنھن ۾ ڪنھن شيءَ جي باري ۾ ڪو نظريو قائم ڪريون ٿا، ۽ تصور جو ٻيو پھلو اهو آهي، جنھن ۾ معاملات کي يعني انساني ۽ سماجي زندگيءَ جي گوناگوني لاڳاپي کي سمجهائڻ جو هڪ طريقو ڳوليو وڃي ٿو. خيال ۽ لاڳاپا تصوراتي ادب جا ٻہ وڏا سوال آهن ۽ هر ڪو ڪھاڻي نويس، ناٽڪ نويس يا ناول نگار انھن سوالن کي اڳيان رکي ٿو.”
فڪشن يا ٻيا اصطلاح جيڪي پرڏيھي ادب منجهان اسان وٽ آيا آهن. انھن جي مڪمل تُز تشريح نہ ٿئي آهي. ان ڪري ڪافي مونجهارا ٿي پيا آهن. هن عنوان ۾ ليکڪ فڪشن_نان رئيلسٽڪ فڪشن ۽ Fantacy جي اصطلاح کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر پوءِ بہ ڳالھہ مڪمل طور سڌي نہ ٿي ٿئي. فليش فڪشن جو اصطلاح ۽ اها صنف سنڌي ادب ۾ مروج ٿي چڪي آهي. ليکڪ فليش فڪشن جي حوالي سان بہ چٽي نموني وصف نہ ڏئي سگهيو آهي. اوهان تحقيق ڪريون ٿا اگر ڪا اهڙي وصف موجود ناهي تہ توهان پنھنجي هڪ واضع وصف جوڙي ڏئي سگهون ٿا.
ڳالھہ پئي ڪئي سين فليش فڪشن جي ڪتاب جي تہ عزيز قاسماڻي پھريون ڪتاب آندو، پر فليش فڪشن جي معيار ۽ ترقي لاءِ منظور ڪوهيار جو نالو سرفھرست آڻي سگهجي ٿو. جنھن فليش فڪشن تي معياري ادب سرجيو آهي ۽ ان جي ترويج ۽ تدريس پڻ ڪئي آهي. تازرو سنگت مئگزين ۾ جديد دؤر جي نقاد ڊاڪٽر غفور ميمڻ جو انٽرويو ڇپيو آهي. جنھن ۾ هن کان ڪھاڻيڪارن بابت سوال ڪيو ويو تہ هن هيٺيون جواب ڏنو:
“خاص طور تي هتي آءٌ منظور ڪوهيار جي ڳالھہ ڪندس، جيڪو Trend Maker ڪھاڻيڪار آهي. هن صوفي ڪھاڻي لکڻ جو راوج وڌو، هن مختصر مخصتر ڪھاڻي لکڻ جو رواج وڌو ۽ ڪامياب ويو، مختصر ڪھاڻيون ڏاڍيون ڀليون لکيائين.”
فليش فڪشن جو رجحان ۽ لاڙو جيڪو سنڌي ادب اچي چڪو آهي، ان پوري Trend کي بين الاقوامي پس منظر ۾ سمجهڻ لاءِ هي باب تمام گهڻي اهميت رکي ٿو ۽ منظور ڪوهيار جي ڪھاڻين جي ڪتابن جا مھاڳ بہ فليش فڪشن جي تاريخ جي سلسلي ۾ اهم آهن.


مختصر ڪھاڻيءَ سان هڪ جھڙائي رکندڙ صنفون:
هن عنوان ۾ اِهو ٻڌايو ويو آهي تہ مختصر ڪھاڻي، آکاڻي، ناول، ناوليٽ، ناويلا، قصو، داستان، لوڪ ڪھاڻي ۽ ڪالم ڪھاڻي سان هڪ جھڙائي رکندڙ صنفون آهن. جڏهن ڪھاڻي انھن سڀني صنفن جي جديد ترين صورت آهي ۽ ڪھاڻي انھن سان هڪ جھڙائي نٿي رکي بلڪ انھن جي ئي اولاد آهي. قصا گوئي مان داستان جنم ورتو ۽ داستان مان لوڪ ڪھاڻي اُسري ۽ ان مان جديد داستان يعني ناول پيدا ٿيو ۽ ان مان آئي جديد مختصر ڪھاڻي.
ناول واري صنف جي تشريح ڪندي ليکڪ هڪ راءِ ڏئي ٿو:
“سنڌي ادب ۾ ناول ترقي ناهي ڪري سگهيو جيتري ٻين ٻولين ۾، ان جا ٻيا ڪيترائي سبب هوندا پر سنڌي ۾ جيڪي ناول لکيا ويا آهن.، اهي اڪثر ڪري يونيورسٽيءَ جي پلاٽ تي آڌاريل آهن، باقي جيڪي ناول تاريخي آهن، انھن جو تعداد بلڪل ٿورو آهي.”
مڃون ٿا تہ سنڌي ادب ۾ ناول جي صنف اوج تي نہ رسي آهي، پر ان جو اِهو ڪھڙو ماڻ يا ماپو آهي تہ تاريخي ناول ٿورا آهن، يونيورسٽي وارا گهڻا آهن. ڇا تاريخي ناول لکڻ سان ئي ناول جي ترقي ٿيندي آهي. ان مان ليکڪ جي ناول جي حوالي سان مطالعي جي کوٽ نظر اچي ٿي. سنڌي ادب ۾ صرف تاريخ ۽ رومانس تي ناول نہ لکيا ويا آهن. پرا نيڪ سارن موضوعن کي ڇھيو ويو آهي. جئين: نفسيات، سياست، سيڪس، قومپرستي وطن دوستي سرئيلزم ۽ شعور جو وهڪرو وغيرہ

باب ٻيون_سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪھاڻي جي ارتقا:
هي هن تحقيق جو ٻيو باب آهي. جيڪو ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ جي سنڌي ڪھاڻي جي باري ۾ مڪمل تاريخ بيان ڪري ٿو. هي سڄي جو سڄو باب محمد اسماعيل عرساڻي صاحب جي ڪتاب چار مقالا تائين جئين جو تيئن کنيو ويو آهي. مواد تہ توهان ڀلي کڻو پر ان لحاظ سان ليکڪ کي نيئن سر ڪا نہ ڪا راءِ ضرور جوڙڻ گهرجي ها. هي باب ليکڪ جو خود جو ناهي ان ڪري ان تي نٿا ڳالھايون.

باب ٽيون_ سنڌي ڪھاڻي جي انفراديت:
مقالانگار ڪھاڻي جي انفراديت جي لاءِ هن ريت لکيو آهي:
“هتي سنڌي ڪھاڻي جي انفراديت مان مراد آهي؛ سنڌي ڪھاڻي اندر ڪھڙا موضوع شامل رهيا آهن، سياسي، سماجي لاڙن، نظرين ۽ تحريڪن کي سنڌي ڪھاڻي ڪئين منھن ڏنو آهي، مجموعي طور سنڌي ڪھاڻي سنڌي سماج جا ڪھڙا فني قدر، ثقافت، فن ۽ تاريخ جا پھلو اجاگر ڪيا آهن، سنڌي ڪھاڻي ۾ سنڌي سماج جي بيھڪ ڪهڪڙي آهي.” صفحو97
سنڌي ڪھاڻي پنھنجي دؤرن ۾ جوهر ۾ هميشہ انفراديت جي حامل رهي آهي. موضوعن جي نسبت سان لڳ ڀڳ 50 کن موضوعي ڪھاڻين جنم ورتو آهي، جئين:
رومانوي ڪھاڻي، جاسوسي ڪھاڻي، ڪالم ڪھاڻي، سوشلست ڪھاڻي، تعليمي ڪھاڻي، سڪسي ڪھاڻي، صوفي ڪھاڻي، قومپرست ڪھاڻي، مارڪسي ڪھاڻي، لوڪ ڪھاڻي، علامتي ڪھاڻي، رمزيت ڪھاڻي، تاريخي ڪھاڻي، نفسياتي ڪھاڻي، سياسي ڪھاڻي، وجودي ڪھاڻي، مزاحيه ڪھاڻي، عورتزاد ڪھاڻي، سوانحي ڪھاڻي، تاثراتي ڪھاڻي، Realism ڪھاڻي، جنگي ڪھاڻي، حيواني ڪھاڻي، منظوم ڪھاڻي، واقعاتي ڪھاڻي، اسلامي ڪھاڻي ۽ سائنسي ڪھاڻي وغيرہ ۽ ٻيا انيڪ سارا موضوع سنڌي ڪھاڻي جي پيٽ ۾ سمائجي ويا آهن.
هي باب سنڌي ڪھاڻيءَ جي انفراديت جي طرز سان جيترو تفصيلي هجڻ گهربو هو اوترو نہ آهي. ۽ ليکڪ گهڻي ڀاڱي مختصر ترين جائزو پيش ڪري ويو آهي. مون کي تہ حوالا ڪٿي ڪٿي ڀراءُ لڳا. هن باب ۾ ٻئي هڪ ڳالھہ مان چوڻ چاهيندس، ليکڪ کان پنھنجي دؤر جو اهم ڪھاڻيڪار رسول بخس پليجو بہ رهجي ويو آهي، جنھن جو ذڪر نہ ٺھيو نالو بہ شامل ناهي. انفراديت جي لحاظ کان جتي حيدر بخش جتوئي هارين جي مسئلن تي “هاري ڪھاڻي” لکي متعارف ڪرائي. اتي رسول بخش پليجي بہ سنڌي ادب ۾ نئين روايت طور قانوني ڪھاڻيون يعني “ڪورٽ ڪھاڻيون” لکي متعارف ڪرايون. رسول بخس پليجي پنھنجي “ڪورٽ ڪھاڻين” بابت هڪ مضمون ۾ لکيو آهي تہ:
ڪنھن زماني ۾ آئون ڪورٽن جون ڪھاڻيون عبرت لاءِ لکندو هوس. ڪورٽن جي سچن ڪيسن کي سچين حقيقتن سان افسانوي انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ادبي صنف مون انھن ڏينھن ۾ ايجاد ڪئي هئي، منھنجون سچيون قانوني ڪھاڻيون “ڪيٿرائين دنيا جو سير” ڪرش نگر ڪنوار” سون جا واپاري” انھن ڏينھن ۾ عبرت ۾ شايع ٿيون.”

باب چوٿون _ سال 2000ع کان 2014ع تائين شايع ٿيل ڪھاڻي ڪتابن جو تنقيدي جائزو

هن مقالي جو آخري باب جيڪو چوٿون نمبر باب آهي. جنھن جي لکڻ لاءِ ٽن بابن جو ٿلھہ ٻڌو ويو آهي. سال 2000ع کان 2014ع تائين شايع ٿيل ڪھاڻي ڪتابن جو تنقيدي جائزو، عباس ڪوريجي جائز طريقي سان ڇنڊڇاڻ ڪندي پيش ڪيو آهي. جنھن سان موجودہ دؤر جي ڪھاڻيڪارن تي ٿيل اثرن کان واقف ٿجي ٿو تہ انھن جي ڪھاڻين جي ڪٿ بہ ٿئي ٿي. عباس ڪوريجي جي تنقيد جو انداز تحقيقي آهي. جيڪو ڪافي حد تائين علمي آهي پر تنقيد جو اِهو بہ مطلب ناهي تہ رڳون چڪون ڪڍڻ گهرجن پر انھن جي سٺائين جي بہ تعريف ڪرڻ گهرجي ها.
عباس ڪوريجي جي هن ڪتاب بابت غور هيٺ آيل ڪجهہ اهم نقطا ۽ ڪجهہ صلاحون:

 سليم چنا جھڙي سينئر ۽ اهم ڪھاڻيڪار کي مولائي ليکڪ لکي طنزيہ يا ٽوڪ ٺٺول وارو انداز اپنائڻ سو بہ تحقيقي ڪتاب ۾، اهو ڪنھن حد تائين سھي تنقيدي شعور نہ آهي ۽ نہ ئي تنقيدي انصاف. جيڪو مون کي قفا نہ وڻيو. سليم چنا، شوڪت شوري، مدد علي سنڌي ۽ رسول ميمڻ جي ٽھي جو ڪھاڻيڪار آهي.
 ڪھاڻيڪارن جي نالن جي ذڪر ۾ ليکڪ کان ڪافي نالا رهجي ويا آهن، جيڪي شامل ٿيڻ گهرجن ها، منھنجي خيال ۾ اها ڪمي ٻئين ڇاپي ۾ پوري ڪئي ويندي.
 انيس انصاري اڪيڊمي پاران ٿيندڙ ڪانفرنسن جو نہ صرف ذڪر ڪيو وڃي ها پر انھن ۾ پيش ٿيندڙ ڪھاڻين جا نالا ۽ انھن جو تنقيدي اڀياس پڻ ڪيو وڃي ها.
 انيس انصاري اڪيڊمي ڪانفرنسز ۾ پيش ٿيندڙ ڪھاڻي جي اهم مقالن ۽ ڪھاڻين کي ڪتابي شڪل ۾ اسحاق انصاري سھيڙي ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو هو، جنھن تي پڻ ڪا راءِ جوڙجي ها.
 اديبيات اڪيڊمي اسلام آباد پاران ادل سومري پاران سنڌ جي 3 سؤ ڪھاڻيڪارن جو ڪھاڻين جو ڪتاب سھيڙي ڇپايو ويو هو. ان جو ذڪر ۽ جائزو پيش ڪرڻ تمام گهڻو ضروري هو.
 ڪھاڻي تي امر جليل جي گهڻين راين ۽ حوالن ڏيڻ کان ٿورو ٻين ڪھاڻيڪارن يا نقادن جا ڪھاڻي بابت حوالا ڏيڻ گهرجن ها. امر جليل جتي سنڌ جي هر نوجوان تي پنھنجا اثر ڇڏيا آهن اتي عباس ڪوريجو بہ ان ڇاپ هيٺ اچي ويو آهي.
 آخر ۾ ليکڪ جيڪي نتيجا پيش ڪيا آهن. ان ۾ اڌ کان وڌيڪ تہ صلاحون آهن. ان لاءِ نتيجا الڳ ۽ صلاحون الڳ ڏيڻ کپن ها.

جديد سنڌي ڪھاڻي ۾ فني تجربا ۽ سليم چنا جو فليش فڪشن

سنڌي ڪھاڻي جي افق کي جڙندي 150 سؤ سالن ٿي چڪا آهن ۽ ان آسمان تي ڪيترائي ستارا ظاهر ٿيندا، چمڪندا ۽ الوپ ٿيندا رهن ٿا. سنڌي ڪھاڻي جي ستارن جو سجيل اُڀ شاندار ڪھاڻين ڏينھون ڏينھن روشن ۽ چمڪيلو ٿي رهيو آهي. سٺ جي ڏهاڪي ۾ ان آسمان تي هڪ ستارو ظاهر ٿيو جنھن جو نانءُ سليم چنا آهي. جيڪو انھن ڏينھن سڌو اڄ تائين پنھنجي ڪھاڻي جي فن سان سنڌي ڪھاڻي جا ڏيئا روشن ڪندو رهي ٿو. سليم چنا صاحب سنڌي ادبي کيتر جي تمام سينئر ڪھاڻيڪارن، ناولنگارن، شاعرن ۽ سوانح نگارن منجهان بھترين اديب ۽ سٻاجهڙو انسان آهي. سماجي ۽ ادبي طور هر وقت توانائي سان ڀرپور چست ۽ عملي ڪم ڪندڙ انسان جيڪي سنڌي ادبي سماج ۾ تمام ٿورڙا آهن. سليم چنا اشاعت گهر حيدرآباد پاران ڪافي تاريخي ۽ ادبي ڪتاب بہ ڇپائيندو رهي ٿو جيڪو بہ هڪ وڏو ڪم آهي.
سليم چني جا تقريبن ٻہ درجن ڪھاڻين جا ڪتاب اچي چڪا آهن ۽ ٻيا بہ ايندا رهندا. سندس شمار ڪھاڻي کيتر جي انتھائي سينئر پيڙهي ۾ ٿئي ٿو. سندس مارڪيٽ آيل ڪھاڻين ڪتابن جا نالا هن ريت آهن:
سج منھنجي هٿن ۾، زندگي، روشني، صحرا جو چنڊ، اڌورا خواب، هم ٿيل ماڻھو، آسماني ستارو، شينھن بنا ٻيلو، خواب نگر، ڌرتي دريا سمنڊ، ڏينھن ڏٺي ڏيئو، سٽ سٽ، قصو، ڪھاڻي، پراڻي آکاڻي، هڪ هڪ سٽيون هڪ سؤ ڪھاڻيون، سٽ سٽ ڪھاڻي، سليم چنا ٻڌائي ٿو آکاڻي... ۽ ٻيا بہ هوندا جيڪي خبر نہ هجڻ ڪري هتي نالا نہ ڏئي رهيو آهيان.

هتي اسين سنڌي ڪھاڻي ۾ فني تجربن جي روشني ۾ آيل سندس هڪ سٽي ڪھاڻي جي هيٺين ڪتابن جو جائزو وٺنداسين:

سٽ سٽ ڪھاڻي، سليم چنا ٻڌائي ٿو آکاڻي... (سيپٽمبر 2013ع)
هڪ هڪ سٽيون هڪ سؤ ڪھاڻيون—سليم چنا (مئي 2014ع)
سٽ سٽ، قصو، ڪھاڻي، پراڻي آکاڻي (2014ع)

اسان جو هڪ نوجوان شاعر دوست ياسر منگي سنڌي ۾ مختصر مختصر ڪھاڻي کي رد ۽ غلط ثابت ڪرڻ لاءِ تہ اها نہ لکي وڃي. ان سان ڪھاڻي جي روح کي نقصان پھچي ٿو ۽ اها فضول مشق آهي وغيرہ ان لاءِ هو انڊيا جي سياستدان لالو پرساد ياديو جو هڪ مزاحيہ لطيفو اڪثر سنگت شاخ باڊھہ جي گڏجاڻين ۾ Micro Fiction هيٺ ڪھاڻيون پيش ڪندڙ تي تنقيد ڪندي ٻڌائيندو آهي. لطيفو ڪجهہ هيئن آهي: “هڪ فوٽ بال مئچ ۾ لالو پرساد ياديو کي مھمان خاص ڪري گهرايو ويو. ڪيتري دير تائين مئچ جاري رهي ۽ سڀ رانديگر بال جي پٺيان ڊڪندا رهيا. ان تي ياديو صاحب ڪنھن کان پڇي ورتو تہ “ابا! هي سڀ ڇا جي لاءِ بال جي پٺيان ڊڪي رهيا آهن؟” تہ ان وراڻيس “سائين هي سڀ گول ڪرڻ لاءِ بال جي پٺيان ڊوڙي رهيا آهن.” ان تي سائين جن فرمايو تہ اڙي بابا بال گول تہ آهي اڃا ان کي ڪيترو گول ڪندؤ.”
ڏٺو وڃي تہ بال جي گول.. وانگر ڪھاڻي بہ مختصر آهي اڃا ان کي ڪيترو قدر مختصر ڪيو ويندو. تبديلي ۽ لاڙا انھن شين جي محتاج نہ هوندا آهن ۽ اهو لاڙو اچي چڪو آهي جنھن کي اسين ڇا بہ ڪيون روڪي نہ سگهندا. ڇو تہ دنيا جي مختلف لاڙن ۽ تحريڪن جا سنڌي ادب تي اثر ايندا رهيا آهن ۽ ڪيتريون صنفون سانيٽ، هائيڪي، ترائيل کان ويندي نثري نظم ۽ نثر جي ناول، ناوليٽ، شارٽ اسٽوري، مضمون نويسي پڻ ڌاريون صنفون آهن جيڪي شروعات ۾ ڌڪاريون ويون پر بعد ۾ سنڌي اديب ٻاهرين اثر کان بچي نہ سگهيا ۽ انھن کي اهي اپنائڻيون ئي پيون ائين هڪ سٽي ڪھاڻي بہ ايندڙ وقت ۾ سنڌي ادب ۾ مقبول بڻجي ويندي.
نثر جي اصناف ۾ ڪھاڻي صنف ڏاڍي مقبول ٿيندي پئي اچي. ڪھاڻي جي وڏي ۾ وڏي خصوصيت آهي اها ان جو مختصر هجڻ آهي. ۽ اها ڏينھن مختصر ٿيندي ٿيندي اچي هڪ سٽ هڪ اکر تائين پھتي آهي. مائڪرو فڪشن جو اصطلاح عالمي سطح تي متعارف ٿي چڪو آهي جنھن تحت هيٺيون ڪھاڻيون صنفون اچي ويون آهن.

Sudden story, Post card story, Minute story, Furious story, Fast story, Short story, Quick story, short short story, Bytes story, skinning story, palm size story, little short story, Pocket size story, sketch story, smoking long story, 100words story, 55words story, 69words story, 16words story, 8words story, 4words story, 2words story, 1word story, zero byte story, one line story etc.

ارنيسٽ هيمنگوي، فرانز ڪافڪا، رابندر ناٿ ٽئگور، خليل جبران ۽ سعادت حسين منٽو مختصر مختصر(هڪ سٽيون) ڪھاڻيون لکيون، جيڪي تمام اوچي پد جون آهن ۽ شاندار پڻ. عربي، چيني ادب ۽ صوفي ازم ۾ اهڙيون ڪھاڻيون صديون اڳ لکيون ويون آهن.
جديد دؤر ۾ اسٽينلي بيوبن ۽ پائلو ڪوئلو مختصر مختصر ڪھاڻيون لکي رهيا آهن. جن کي پوري دنيا ۾ مشھوري ملي رهي آهي ۽ انٽرنيٽ تي ان ڪھاڻي جي حوالي سان ڪيترائي بھترين ليکڪ بہ پيدا ٿي رهيا آهن. دنيا ۾ جتي ليکڪ پنھنجي تخليقن ۾ نکار پيدا ڪرڻ ۽ معياري بنائڻ لاءِ محنت ڪندا آهن اها اسان جي سنڌي ادبي سماج ۾ نہ آهي ان ڪري معياري ڪھاڻي يا ادب نہ پيو اچي. انگلينڊ جو مشھورڪھاڻيڪار رڊيارڊ ڪپلگ پنھنجي ڪھاڻي 6 يا 8 دفعا وري لکندو هو. اسان وٽ تہ هڪ جهٽڪي ۾ لکيل تخليقن کي شاهڪار ۽ ڪلاسيڪل جو درجو ڏنو وڃي ٿو.
عربي ۾ چوڻي آهي: “ماڻھو هر ان شيءَ جو دشمن هوندو آهي. جنھن کان هو اڻ واقف هوندو آهي. سنڌي ادب ۾ بہ هڪ سٽي ڪھاڻي نئين آهي ان ڪري ڪھاڻيڪار يا اديب ان تي وايلا ۽ هاءِ گهوڙا پيا ڪن تہ هڪ سٽي ڪھاڻي لکي ڪھاڻي کي ختم ڪيو پيو وڃي وغيرہ پر ائين چوڻ اٻھرائي آهي هڪ سٽي ڪھاڻي تي ڪم ڪرڻ کپي ۽ سنڌ ۾ منظور ڪوهيار، عزيز قاسماڻي، عباس ڪوريجو ۽ گهڻا اديب ان تي طبعي آزمائي ڪري رهيا آهن. خاص ڪري منظور ڪوهيار ان جي تاريخ ۽ فن تي پنھنجي ڪتابن جي مھاڳن ۾ گهڻي محنت ڪئي آهي. منظور ڪوهيار جي ڪتابن “ڀؤنرن جي انتظار ۾” سچا ڪوڙا رشتا” ۽ فراق جي منزل” جا مھاڳ مختصر ڪھاڻي جي فن کي سمجهڻ لاءِ لاڀائتا آهن ۽ ان پوري لاڙي کي سھي معنيٰ ذهن نشين ڪرائن ٿا. هاڻي سليم چني جي هڪ سٽين ڪھاڻين تي اچون ٿا، سليم چنا جو هڪ سٽيون ڪھاڻيون تمام بھتر انداز ۾ سرجيل آهن پر انھن ۾ ڪجهہ ڪھاڻيون ئي بھتر ڪھاڻي جو تاثر ڇڏين ٿيون. باقي شاعري ۽ حوال آهن.
سليم چنا جي ڪتابن جي جيڪي هڪ سٽيون ڪھاڻيون معنيٰ خيز ڪھاڻيون آهن يا لڳن ٿيون اهي هي آهن:

• سنڌ لاءِ شيدي هوش محمد شھيد، ڪوپو، ڪونڌر، ارڏو شينھن ٿي وڙهيو.
هن هڪ سٽي ڪھاڻي ۾ هوشو شيدي جي انگريزن سان وڙهڻ واري ڪھاڻي تمام مختصر انداز ۾ چٽيو ويو آهي.
• اسمگلر ۽ منشيات فروشن کان ڪمائي_ عمرا حج ڪرين ٿو!
هي هڪ سٽي ڪھاڻي انھن مذهبي ماڻھن تي چٿر آهي. جيڪي حرام کي حال سمجهن ٿا. حرام جو پيسو ڀلي ڪم لاءِ آڻن ٿا ۽ پاڻ کي سھي مسلمان سمجهن ٿا.
• ڀاءُ نہ کاڌو ڀاءُ جو ڀت_ تہ ڄڻ ڪٽجي ويو ٻانھن هٿ.
اڄ جي مصنوعي سماج ۾ جتي رشتا هڪ عام رسمي ڳالھہ ٿي ويا آهن. پيءُ پٽ جو، ماءُ ڌيءُ جي ۽ ڀاءُ وري ڀاءُ جو نہ رهيو آهي اها انا هن هڪ سٽي ڪھاڻي ۾ شاعرانہ انداز ۾ ڏني وئي آهي.
• نہ ٽالپر تياري سان وڙهيا، نہ ڌرتيءَ ڌڻين کي پاڻ سان شامل ڪيائون.
هن ڪھاڻي ۾ ٽالپرن جي انگريزن سان لڙائي جي باري ۾ ليکڪ پنھنجو تجزيو پيش ڪيو آهي تہ ٽالپرن ڪنھن بہ رٿابندي تحت جنگ نہ وڙهي نہ ئي مقامي ماڻھن کي کينو تنھنڪري لڙائي هارائي ويا.
• لاش لڙهي.. ماڻھو مڙي، پر حد نہ منھنجي_ پوليس ڪري اڙي.
هي هڪ سٽي ڪھاڻي نسيم کرل جي مختصر ڪھاڻي “چوٽيھون در” جي هڪ سٽ ۾ عڪاسي آهي. ۽ اهڙيون ليکڪ جي ڪتاب ۾ مسلسل چار پنج هڪ سٽيون ڪھاڻيون آهن. منھنجي خيال ۾ هن ۾ ڪا نہ احساس داري نہ آهي.
• ڏينھن جو سج_ رات جو تارا ۽ چنڊ پيا ڏسن ڀاڱا ڀاڱا__ ڀريل جهريل ننڍوکنڊ.
هي هڪ سٽي ڪھاڻي سليم چنا جي تمام بھترين شاندار ڪھاڻي آهي جنھن ۾ هن ورهاڱي جي جيءُ جهوريندڙ سانحي کي هڪ سٽ ۾ واھہ جو سمويو آهي. هي ڪھاڻي پڙهڻ سان هڪ پل ۾ ورهاڱي وارو اهو منظر اکين جي ماڻڪين ۾ ڀرجي اچي ٿو.
• هاءِ قھر! ڪنواري ڀيڻ ڏوھہ بنا ڪري ڪاري! قاتل ڪئي قيامت ڪاري!
ڪارو ڪاري جو موضوع بہ ڪو نئون موضوع نہ آهي. سندس ڪتابن ۾ ڪارو ڪاري تي لڳاتار 5 کان اٺ ڪھاڻيون آهن. هڪ سٽي ڪھاڻي ۾ قافيي ملائڻ وارو ورجاءُ هتي بہ محسوس ٿئي ٿو.
• ڪاڏي ٿا وڃو؟ سڏڪا، ڳوڙها، ڏڪندڙ هٿ، پوڙهي پيءُ جو سوال؟
هي هڪ دردناڪ جديد دؤر جي ماحول جي عڪاسي ڪندڙ ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ هڪ جهور کي سندس اولاد ڪٿي ڦٽو ڪري وڃي ٿي. پٺيان سندن پيءُ روئي پٽي سوال ڪري ٿو پر کيس ڪوئي جواب نہ اچي ٿو.
• تون بہ وندرجي وئين ملڪ الموت، مون جو پڪاريو پنھنجو هوت!
هي هڪ سٽي ڪھاڻي شاھہ ڀٽائي جي ان شعر وانگر لڳي ٿي جنھن ۾ عزارئيل سندس ساھہ ڪڍڻ اچيس ٿو ۽ هو سمجهي ٿي تہ پنھون ماڻھو موڪو. شاھہ ڀٽائي سنڌ جو پھريون منظوم شارٽ اسٽوري رائيٽر آهي. اها هڪ حقيقت آهي ڪوئي مڃي يا نہ مڃي. پر هن ڪھاڻي مان ڪو واضع خيال نٿو اڀري اچي.
• واڌو واھہ ڪندو هو دو آبو آباد، هاڻ گند ڪچرو، ڍونڍ، بدبوءِ قاسم آباد.
هي هڪ سٽي ڪھاڻي سليم چنا جي انتھائي تمام گهڻي معياري ڪھاڻين ۾ شمار ٿئي ٿي. جنھن ۾ ليکڪ حيدرآباد جي واڌو واھہ جي تباهي ۽ بربادي جو نوحو لکيو آهي. اوقعي واڌو واھہ حيدرآباد جو سونھن جو مضوط حصو هوندو هو، جنھن ۾ گرمين ۾ نوجوان تڙڳندا هئا پر هاڻي بلڊرن جي حرامپائن ڪري گندي پاڻي جي نيڪال جو نالو ٿي ويو آهي.
• اَچو تہ DNA ٽيسث ڪرايون، موهن جي دڙي جا آهيون بہ نہ نه؟
هي هڪ سٽي ڪھاڻي بہ سليم صاحب جي واھہ جي ڪھاڻي آهي. جنھن جي جيتري تعريف ڪيان اها گهٽ هوندي. ڇا تہ پيغام ڏئي ٿو هو هن ڪھاڻي ۾. واقعي موهن جي دڙي جا ماڻھو تہ دنيا ۾ مهذب پڻي جو اعليٰ مثال هئا. پر جديد موهن جي دڙي رهواسي تہ بي ايماني ۽ بدديانتداري جو مثال بڻيل آهي، جنھن ڪھاڻيڪار چوي ٿو تہ ٽيسٽ ڪرايون تہ اسان واقعي انھن عظيم دراوڙن جو تسلسل آهيون بہ يا نہ.
• ٽئگور کان لطيف، شانتي نڪيتن کان موهن جو دڙو ڀلو اٿئي.
منھنجي خيال ۾ ڀيٽ ڪرڻ خاص ڪري هن معنيٰ ۾ تہ ڦلاڻو وڏو ڦلاڻو ننڍو. اهو سراسر غلط آهي. ٽئگور هجي يا لطيف سائين هر ڪنھن جو پنھنجو مقام آهي. ائين ڪھاڻي ۾ پيغام ڏيڻ تہ شانتي نڪتين کان موهن جو دڙو وڌيڪ بھتر آهي، اهو ڪھاڻيڪار جو پنھنجو ذاتي رايو ٿي سگهي ٿو پڙهندڙ تي ڪو خاص تاثر نٿو پوي.
• بارود جو ڍير ننڍو کنڊ پيو ساڙي_ ماڻھو ڳاڙهو رت پيو ڳاڙي!
ننڍي کنڊ جي ورهاست تي ليکڪ جي هي ٻئي ڪھاڻي آهي جيڪا بہ ان خوني ورهاڱي جي بھترين منظرڪشي ڪندڙ هڪ سٽي ڪھاڻي آهي. جنھن تي ليکڪ جس لھڻي.
هي ڪھاڻي تہ ڪنھن ڏاهي جو قول لڳي ٿي: “مان دنيا کي بدلائڻ چاهيان ٿو، پر پاڻ کي ڪڏهن بہ نہ..
هي هڪ سٽيون ڪھاڻيون تہ شعر لڳن ٿا جنھن جي هر پوئين سٽ جو اڱين سٽ سان قافيو ملايو ويو آهي:
• ساھہ جون ڏوريون تو وٽ سوگهيون__ هو ڀلي پيو ڏئي مون کي گهوگهيون.
• ويا پکي پرديسي موٽي، تون موٽ ملنديءَ هتي روٽي.
• آواز ڪوئيل پڪار__نينھن سندي نھار، ديد دل جي آرپار.
• ناڻو، لاڙڪاڻو، سياست ۾ سياڻو_ ڇو بڻيو آ نفرت جو گهاڻو.
• منھنجا هيڻا حال، سڀ ڄاڻين ٿو تون رب جمال.
• قھري ماڻھو ڪاريھر زهر__ ڏنگ هڻن پيا جسم تي، هر هر.
• بندوق نہ پر سياسي مخالفت، رت ٻڏل ڪئي ورهاست!
• نيڻن سان ڪر، نينھن نروار، اچي قلب قرار_ لھي دل جو بار.
• گوڏن تائين وار وڌائي سجني، بدني چنڊ ڍڪيو ٿئي ڪڪر وانگي.
ڪتاب ۾ ڪي هڪ سٽيون ڪھاڻيون گهٽ هدايتون ۽ صلاحون وڌيڪ آهن جھڙوڪ:
• لانڍي ڪر صاف_ سنگتي ايندا سفر ڪري.
• اوطاق ٺاهيو_ کٽون رکو مٽ ڀريو_ قرب ڪري ڪچھريون ڪيو.
• راندين جا ميدان ڊاهي، باغن جا وڻ وڍائي، پلازائون تہ نہ ٺاهيو.
اهڙيون کوڙ صلاحون ۽ حوال ٽنھي ڪتابن ۾ گهڻيون آهن. جيڪي قطعن هڪ سٽيون ڪھاڻيون نٿيون مڃي سگهجن.
ڪٿي ڪٿي تہ اخباري خبر وانگر حڪمرانن ۽ ڪامورن جي ثناخواني بہ ڪري ويو آهي جيڪا بہ هڪ سٽي ڪھاڻي نٿي ٿي سگهي:
• پ پ پ چئيرمين زيڊ. اي. ڀٽو آيو، ڏني دعوت جو اي ڊي ناريجو.
• رهبر پ پ پ، سماج ۽ سنتپت، ڏسو اي ڊي ناريجو جي محنت.
عالمي طور تي ڪھاڻي جي گهاڙيٽي تي پوري دنيا ۾ تجربا ٿي رهيا آهن. انڊيا ۾ هوند راج بلواڻي انڊيا جي وڏن ڪھاڻيڪارن کان “لگهو ڪٿا” لکرائي. جنھن کي هندي، گجراتي ۽ سنڌي ۾ “مني ڪھاڻي چئي سگهجي ٿو. سنڌي ۾ شايد ئي اهو نالو سھي رهي. “لگهو ڪٿا” سرجڻ جيتوڻيڪ ننڍي رچنا آهي. اهڙي طرح اهڙا تجربا سنڌي ڪھاڻي ۾ بہ ٿي رهيا آهن. سليم چنا جا 4 ڪتاب اچي چڪا آهن. پر رڳو تجربا ڪرڻ سان تہ ڪجهہ نہ ٿيندو ان لاءِ ان گهاڙيٽي ۾ خيال، فڪر ۽ تخيل جي گهرائي بہ نظر ۾ رکڻ گهرجي.
ڪھاڻي تي هر دؤر ۾ الڳ الڳ رايا ايندا رهيا آهن: اها اڌ ڪلاڪ جي هجي، هڪ ويھڪ ۾ پڙهي وڃي. ٻئي دلچسپ راءِ اها آهي تہ ڪھاڻي ايتري ڊگهي هجي جو اها پڙهڻ ۾ ڊگهي نہ لڳي. پراڻي وقت ۾ ڪھاڻي ابتدا، عروج ۽ انتھا جي چؤڦير ڦرائي ويندي هئي پر جديد دؤر ۾ دنيا جي مختلف ادبي تحريڪن ۽ لاڙن ڪھاڻي جي شڪل کي نئون روپ ڏئي ڇڏيو آهي ۽ اهي انھن لاڙن ۽ تحريڪن جي نظريي هيٺ لکيون وڃن پيون. سنڌي ادب انھن کان بچي نہ سگهيو آهي ۽ جدت، پرڏيھي اثر سنڌي ادب ۾ اٿل آڻين پيا. تبديلي تہ اڻٽر آهي ڪير ڪيترو روڪي نہ روڪجندي.
سليم چنا جون هڪ سٽيون ڪھاڻيون سٺو تاثر ڇڏيندڙ ڪھاڻيون آهن. انھن کي محنت بنا ڇپايو ويو آهي. وڏي ڳالھہ جيڪا سليم چنا جي سڃاڻپ بڻيل آهي تہ سندس ڪتاب جي ڪا بہ قيمت نہ هوندي آهي. ڪھاڻين ۾ گهڻائي اجائن جملن ۽ لفظن جو ورجاءُ گهڻو آهي. باقي تہ سندس محنت ۽ ڊيڊڪيشن تمام گهڻي داد لھڻي. ۽ هو اڃا بہ وڌ کان وڌ ڪلاسيڪل جديد ڪھاڻيون لکندو رهي.

ڊاڪٽر تھمينہ مفتيءَ جو ڪھاڻي ڪتاب ”ڪٿا اُپڪٿا“

ڊاڪٽر الھداد ٻوهئي موجب: “تصوراتي ادب جنھن کي انگريزي ۾ فڪشن چيو وڃي ٿو. اسان وٽ وري فڪشن جي باري ۾ غلط خيال موجود آهن.”(1)
اهو ائين تہ فڪشن مان وهم، خام خياليءَ ۽ ڀرم جي معنيٰ ورتي وڃي ٿي. تصور (Concept) ڪنھن وهم، ڀرم يا خام خيالي جو نالو نہ آهي. تصور جا ٻہ پھلو آهن. هڪ جنھن ۾ ڪنھن شيءَ جي باري ۾ نظريو قائم ڪيو وڃي ٿو. ٻيو جنھن ۾ انساني، سماجي زندگي جي ڦھليل لاڳاپن کي سمجهڻ جو هڪ طريقو ڳوليو وڃي ٿو. خيال ۽ لاڳاپو فڪشن جا اهم سوال آهن. جن کي هر ڪھاڻيڪار، ناٽڪ نويس ۽ ناول نگار اڳيان رکي ٿو.
اهڙي طرح سنڌ جي مشھور محقق، اديبہ ۽ ڪھاڻيڪارا ڊاڪٽر تھمينہ مفتي پنھنجي فن سان سنڌي معاشري سان لاڳاپيل مسئلن کي پنھنجي ڪھاڻي ڪتاب “ڪٿا اُ ڪٿا” ۾ چٽڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. خيال ۽ لاڳاپي وارو سوال ڊاڪٽر تھمينہ بہ پنھنجي ڪھاڻين ۾ بھتر نموني رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڊاڪٽر تھمينہ مفتي جي ڪھاڻين ۾ ماحول جي ڀرپور نموني سان عڪاسي ڪيل آهي. سندس ڪھاڻين ۾ سنڌي معاشري جا کوڙ مسئلا آهن، جن ۾ سياسي، سماجي ۽ اخلاقي مسئلن کي نشانبر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
ڊاڪٽر تھمينہ مفتي صاحبہ هونئن تہ سنڌي شعبي ۾ 1976ع کان 2013ع تائين استاد جا فرائض انجام ڏنا آهن. سندس ڪيترائي تحقيقي مقالا ۽ علمي ادبي مضمون لکيل آهن. پر هي سندس تخليقي لکڻين جو پھريون ڪتاب آهي. جنھن ۾ سندس ست ڪھاڻيون ڏنل آهن. جن مان هڪ ڪھاڻي اردو ادب مان ترجمو آهي. هي ڪتاب منير چانڊيي پاران مرتب ڪيو ويو آهي. ايتريون ٿوريون ڪھاڻيون ۽ پوءِ بہ ليکڪ جي اصلوڪي نالي ڏيڻ بجاءِ مرتب واري ڳالھہ ٿوري عجب ۾ وجهندڙ آهي. هي ڪتاب سي پي سي ايس پاران ڇپايو ويو آهي. ڪتاب جو مھاڳ جامي چانڊيي لکيو آهي. جنھن ۾ جامي صاحب، ڊاڪٽر مفتي جي ڪھاڻين ۽ شخصيت جي حوالي سان جامع ڳالھيون ڪيون آهن.
مھاڳ ۾ جامي چانڊيو لکي ٿو: “ڊاڪٽر تھمينہ مفتي سٺين ڪھاڻين لکڻ جو ڏانءُ آهي پر کيس ڪھاڻين جي موضوعن جي وسعت ۽ فني بندشن تي وڌيڪ مھارت جي گهرج آهي.” هي ڪھاڻيون پڙهڻ کان پوءِ آءُ بہ ان نتيجي تي پھتو آهيان تہ مئڊم وٽ موضوعن جي کوٽ آهي. پر سندس ڪھاڻي لکڻ جو ڏانءُ ۽ اسلوب شاندار ۽ جاندار آهي.
ليکڪہ هي ڪتاب پنھنجي ڀائيٽي جي نالي ڪيو آهي، جيڪا آمريڪا ۾ ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري وئي هئي. هن ڪتاب جي ارپنا بہ هڪ مختصر مختصر ڪھاڻي جو ڏيک ڏئي ٿي. جنھن ۾ هڪ ماسيءَ جي محبت جهلڪا پئي ڏئي.

ڪٿا اُپڪٿا:
ٻن استادن جي ڪھاڻي آهي. جنھن جو اهم ڪردار حسن آهي. هي ڪھاڻي انھن نوجوانن يا سڄاڻ ماڻھن جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. جن کي خفيہ ادارا کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏين ٿا، ماري ڦٽي ڪن ٿا يا وري سندن پتو ئي نٿو پوي. بيانہ انداز ۾ لکيل هن ڪھاڻي ۾ حسن جي ڪردار کي بہ واضع نموني نہ چٽيو ويو آهي. سندس زال گم ٿي وڃڻ کان پوءِ کيس ساريندي لڙڪ لاڙيندي پوري ڳالھہ ڪري وڃي ٿي. جنھن ۾ سندن پھرين ملاقات کان وٺي نظرياتي بحث ڪرڻ ۽ شادي تائين جون ڳالھيون اچي وڃن ٿيون. ڪھاڻي ۾ هڪ تضاد بہ آهي تہ حسن ۽ سندس محبوبہ نظرياتي ماڻھون ۽ ورسٽي ۾ نوڪري ڪندڙ آهن. پوءِ بہ حسن پنھنجي مالڪن جي موڪل وٺڻ لاءِ ڳوٺ وڃي ٿو ۽ سندس مالڪ اعتراض ڪن ٿا ۽ هي ٻئي ڪردار انھن جي ڪا ڪاڻ ڪڍن ٿا جڏهن تہ ٻئي معاشي طور مضبوط بہ آهن. ڪھاڻي پڙهندي ائين محسوس ٿئي ٿو تہ حسن ورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهي پر اهو نہ لکيو ويو آهي تہ ڪھڙي شعبي ۾ آهي. جنھن وقت کنڀيو وڃي ٿو يا گم ڪيو وڃي ٿو، کيس ڪھڙي ليباريٽري مان کينو وڃي ٿو، اهو منظر بہ ڌنڌلو ڌنڌلو آهي ۽ هلڪو اشارو ڏنل آهي، جنھن ۾ بہ ابھام محسوس ٿئي ٿو، هن ڪھاڻي ۾ تيرنھن انگريزي ٻوليءَ جا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن. توڙي جو انھن جا سنڌي ۾ تمام سھڻا سولا لفظ موجود بہ آهن. سنڌي جي پروفيسر هوندي بہ ميڊم نہ ڄاڻ ڇو انگريزي جا لفظ آندا آهن، جيڪا بہ هڪ ڪمزوري آهي. وڏي ڳالھہ تہ انھن کي لکيو ئي انگريزي ۾ ويو آهي. اهي لفظ هي آهن: گٽس، ٽراليءَ، ڪچن، See offورڪنگ وومين هاسٽل، گارڊ، Wisdom, ، مڊل ڪلاس، گولڊ فش، واٽر، اسپيسز، Fair play ، ۽ هڪ اردو جو لفظ شور آهن. هن ڪھاڻي ۾ ڪيترن هنڌن تي لفظن جو غلط استعمال بہ آهي. جئين حسن جڏهن پنھنجي ۾ محبوبہ سان ڳالھائي ٿو تہ اداسي ڇو اٿئي تہ اتي هڪ جملو آهي، “نڙي ۾ آلاڻ لھي آئي هئي.” منھنجي خيال ۾ ڏک يا پريشاني ۾ اکيون آليون ٿي وينديون آهن. نڙي آلي نه، نڙي تہ خشڪ ٿي ويندي آهي.ٻيو ميڊم هڪ جملو استعمال ڪيو آهي: “سپر هاءِ وي جي ڪناري گهاٽي بيد مشڪ جي ڇانو ۾..”سپر هاءِ وي روڊ جو ڪنارو نہ پر پاسو ٿيندو آهي. ۽ ڪناري جو لفظ واھہ، نديءَ ۽ سمنڊ جي لاءِ مروج آهي. ٻيو تہ گهاٽي ڇانو بيد مشڪ جي نہ ٿيندي آهي. هڪ جملو آهي تہ “تنھنجو منھنجو سڱ ٿيو تہ تنھنجي مائٽن توکي روئاري ۽ ڇيڇاڙي وڌو هو.” هن جملي ۾ ڇيڇاڙي جو لفظ ڪنھن بہ لحاظ کان ٺهڪي نٿو اچي. هي ڪھاڻي ڄامشوري شھر جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. ان حوالي سان هڪ هنڌ ميڊم لکي ٿي تہ “برساتي نئن ۾ تون پنھنجا پير ڀڄائيندي ترڪي پيو هئين.” هڪ تہ نئن رستي وهندڙ عام مينھن جي پاڻي کي نہ چئبو آهي ٻيو تہ ڄامشوري ۾ ايڏا وڏا جبل بہ نہ آهن جو نئون وهي پون. ۽ نئن مان پير ڀڄايئندي ترڪي پوڻ واري ڳالھہ بہ سمجهہ ۾ نٿي اچي. باقي ڪھاڻي ۾ منظر نگاري ۽ گهڻ هنڌن تي لفظن جي گهڙاوٽ وڏي فنڪارانہ طرح آهي. تشبيھون بہ زبردست آهن. ڪلائمڪس ۾ مزو نہ آهي. ڪھاڻي ساروڻين سان ئي ختم ٿي وڃي ٿي. ڪھاڻي ۾ نڀ، پيٽڻ ۽ بوگن جھڙا نج سنڌي لفظ بہ استعمال ڪيا ويا آهن. جيڪا ساراھہ جوڳي ڳالھہ آهي.

در لاھہ ڏيئو ٻار:
ساران ۽ شفو جي پيار ڪھاڻي آهي. جن جي پيار ڪري، پورو اهل وعيال ويل ۾ اچي وڃي ٿو. هن ڪھاڻي جا ڪردار شھناز، انجي ڌيءُ شھزادي، شفو شھناز جو پاليل ڏير ۽ شفو پاران ڀڄايل ساران آهن. ڪھاڻي جو اهم ڪردار شھناز آهي، جيڪا پوري ريت ڪھاڻي تي ڇانيل آهي. شفو جنھن کي هو پالي پيار ۾ وڏو ڪري ٿي، اهو ئي سندس ۽ ڌيءَ لاءِ تڪليفن ۽ سورن جو سامان کڻي اچي ٿو. ليکڪہ جي بقول تہ “اسان وٽ محبتن جو انجام الميو ئي تہ آهي. اهو دلين ۾ هميشہ لاءِ مٺو سور بنجي دکندو رهندو آهي.” واقعي اسان جي سماج ۾ پيار جو پرڻو يا پسند جو پرڻو هڪTaboo آهي. جڏهن سڀ واهون بند ٿي وڃن ٿيون تہ مجبورن پريمي اهو ئي رستو اختيار ڪن ٿا. ڪارو ڪاري ۽ ڳوٺن ۾ سڱ چٽي جي مسئلن کي هن ڪھاڻي ۾ فوڪس ڪيو ويو آهي. شھناز جيڪا پنھنجي ڌيءُ کي سڱ چٽي ۾ ڏيڻ جي ڀوء کان ڳوٺ مان لڏي شھر اچي دربدر ٿي، پنھنجو مڙس ۽ پٽ سان گڏ گهر بہ وڃائي ويھي ٿي. سندس سون جھڙي ڌيءَ بہ ڳڻتين ۾ اچي بيمار ٿي پوي ٿي. هن ڪھاڻي ۾ ڏھہ انگريزي لفظ جھڙوڪ: بيل، گيٽ، انٽرنس ڊور، ڪچن، ريلڪس، پريشر، واڪ، مرر، ڪراس ۽ فيول. ڪھاڻي ۾ منظر نگاري ۽ ٻولي سواءِ انھن غيرضروري لفظن جي مضبوط ۽ نج ادبي اسلوب رکندڙ آهي.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي مطابق: “ٿوري وقت ۾ تھمينہ مفتي ٿوريون ڪھاڻيون لکي اهو چٽو ڪيو آهي تہ ڪھاڻيءَ جو موضوع اهڙو هجي جو پڙهندڙ جي دل سان لڳي ۽ ڪردار نمايان ٿي بيھن. هڪڙو ڪردار سامھون اچي تہ ان جي ڪھاڻي ان جي پيڙا ظاهر ڪري. ڪھاڻي “در لاھہ ڏيئو ٻار” اسلوب بيان ۽ تسلسل جو هڪ بھترين نمونو آهي.” (2)
جئين هڪ هنڌ ليکڪہ لکي ٿي تہ “سياري ۾ ٿوپيءَ تي جوئر جي گول ماني، مکڻ جي چاڻي کي ساڳ مٿان پگهاري گهر جي ننڍي وڏي ڀاتي کي ونڊي ورهائي ڏيئي ۽ پوءِ باھہ جي مچ جي ڀر ۾ ويھي سک ۽ ڏک جون باتيون لابارن ۽ پوکن جون، ڳڻتين ۽ ڳارن جون تہ وسرن ئي نٿيون. چانڊوڪين ۾ ڏينھن وٺڻ ۽ ڳالھين ڳالھين ۾ ننڊاکڙو ٿيڻ ۽ هڪ هڪ ٿي سوڙين ۾ وڃي آرامي ٿيڻ.”

اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا:
هي هڪ ٻھراڙي جي نوجوان علي جي ڪھاڻي آهي. جيڪو ڪچي عمر ۾ ئي پنھنجي سؤٽ صاحبہ کي چاهڻ لڳي ٿو. کيس ان سان هڪ شادي جي تقريب ۾ ڳالھائڻ جو موقعو ملي ٿو هو هن جي هٿ کان وٺي ڪجهہ ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تہ سڀ کيس گهورين ٿا. ڪھاڻي ۾ ڪٿي بہ صاحبہ جي مڱڻي ڳالھہ نہ ڪيل آهي، پر علي جي کيس شادي ۾ هٿ کان وٺڻ بعد سندس مامو، ماسات ۽ سؤٽ مسجد مان نماز پڙهي ٻاهر نڪرڻ تي ڏنڊن لٺين جو وسڪارو لائي ڏين ٿا. ۽ چون ٿا تہ صاحبہ ياسين جي مڱ آهي. منھنجي خيال ۾ مٽن مائٽن ۾ اگر اهڙا معاملا ٿيندا آهن تہ وڏڙن کي پھريان دانھن ڏني ويندي آهي. پر علي تہ بي خبري ۾ صاحبہ جو هٿ پڪڙي ٿو. هن کي تہ خبر ئي نٿي رهي تہ سندس پيار ڪنھن ٻئي جو ٿي چڪو آهي. اڄ جو سنڌي سماج گهڻي قدر ان لحاظ کان بدلجي ويو آهي.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا ڪھاڻي بابت لکي ٿو: هي ڪھاڻي لنڊن ۾ سنڌ جي پس منظر ۾ لکيل آهي. هڪ انسان ماضيءَ ۽ حال ۾ ڇا ٿو ڏسي. زندگي واقعات ۽ حادثات ۾ وڪوڙيل آهي. انسان جي دنيا ۾ جيڪا حيثيت آهي، اُها هن کي اڌورائيءَ جو احساس ڏياري ٿي.” (3)
هن ڪھاڻي ۾ مبالغو وڌيڪ آهي. پنھنجي سؤٽ جي رڳو هٿ کان وٺڻ تي علي جي پنھنجي گهر اچڻ تي بندش پئجي وڃي ٿي. ڊاڪٽري جي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ ترت ئي کيس پرڏيھہ موڪليو وڃي ٿو. مالڪ کيس چون ٿا تہ تون اتي ئي هج ۽ اتي تنھنجي جان محفوظ آهي. جيتوڻيڪ ان ڇوڪري جي شادي بہ ٿي وڃي ٿي. ان جي باوجود بہ کيس گهر نٿو گهرايو وڃي. علي جيڪو پنھنجي هارايل ۽ کسيل پيار جي ڏک ۾ پڄرندو رهي ٿو. مٿان مائٽن جي دوري جيڪا کيس ننڍپڻ کان ئي پيڇو نٿي ڇڏيس. قربتون جنھن لاءِ هو سڪندي ڳڻتين ۽ اڪيلائي جا عذاب ڀوڳيندي نيٺ دل جو مريض ٿي مري وڃي ٿو، کيس ڌرتي جي هنج بہ نصيب ۾ نٿي اچي. هن ڪھاڻي ۾ ميڊم انسان جي خالپڻي ۽ ساٿ ۽ محبتن ۽ پنھنجن کان سواءِ زندگي کي بھترين انداز ۾ پيش ڪيو آهي. پر ڪلائمڪس ڏيڻ ۾ وري بہ ناڪام وئي آهي.

آخري سفر:
هن ڪھاڻي ۾ مرداڻي سماج ۾ عورت ڪيترو ڀوڳي ٿي. کيس ڪھڙي ڪھڙي قسم جون عقوبتون سھڻيون پون ٿيون. ان جو آرٽسٽڪ انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي. ڪارو ڪاري وارو اشو ان ڪھاڻي ۾ بہ اٿاريو ويو آهي. سنڌ جي مشھور ڪھاڻيڪارا ماهتاب محبوب جي ڪھاڻين ۾ عورتاڻي ماحول جو گهڻو منظر هوندو آهي. اهڙي طرح عورتن جي هلت چلت ۽ ڳالھيون گلائون خوبتر بيان ڪيون ويون آهن. هي ڪھاڻي بھترين ڪھاڻي چئي سگهجي ٿو.

ڪيسپر جي ڪھاڻي:
هي علامتي ۽ احساساتي ڪھاڻي آهي. جيڪا ورسٽيءَ ۾ ٿيندڙ بي ايماني، لاپرواهي ۽ حرامپائين تي لکي وئي آهي. تہ ماڻھو پنھنجي نظريه ضرورت تحت ڪئين چاپلوسي ۽ هيٺائي وٺي، ڪم ڪڍي، شارٽ ڪٽس ذريعي وڏا عهدا ماڻين ٿا.

نيڻ نظارا:
هي مختصر ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ سماج جي روايتي منظر جو نظارو آهي. ڪھاڻي ۾ هڪ بکايل ڇوڪري ماني جي لاءِ هيڏي هوڏي ڀٽڪي ٿي. پر کيس ڪو بہ ماني ٽڪر نٿو ڏيس. پر هڪ ٽرڪ ڊرائيور سندس جسم جي لچڪن کي ڏسي پنھنجي ٽرڪ تي کڻي وٺي ٿو. پيٽ جي بک اجهائڻ لاءِ هڪ معصوم پنھنجي جسم جو ٻليدان ڏئي ٿي. هن ۾ ڪھاڻي انسان جي وحشي پڻي کي ظاهر ڪيو ويو آهي.
حادثا يا واقعا ڪھاڻي ۾ هروڀرون بہ ضروري نہ هوندا آهن يا سيرت نگاري بہ ڪھاڻي جو اهم موضوع نہ هوندي آهي. ڪھاڻي ۾ ڪنھن بہ خوبي يا خرابي کي چٽي سگهجي ٿو. ڊاڪٽر تھمينہ سماجڪ خرابين جي بھتر طريقي سان نشاندهي ڪري ٿي. سندس ڪھاڻين ۾ شھري ۽ ٻھراڙي جي زندگي جا خوبصورت عڪس ملن ٿا. سندس ڪھاڻيون منظرنگاري، معياري ٻولي سان پنھنجو گهيرو اثر ڇڏين ٿيون.

حوالا:

1. ٻوهيو، ڊاڪٽر الھداد، تنقيدون ڪتاب.
2. جوڻيجو، ڊاڪٽر عبدالجبار، سنڌي ادب جي تاريخ، جلد ٽيون، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد، 2006ع، صفحو 104
3. ساڳيو
4. ڪٿا اپ ڪٿا، ڊاڪٽر تھمينہ مفتي، ڪھاڻيون، سيٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي حيدرآباد، سال 2007ع.

رسول ميمڻ جون ڪھاڻيون

رسول ميمڻ سنڌي ڪھاڻي ۾ موجودہ دؤر جو وڏو نالو بلڪ اهڃاڻ آهي. هن باڪمال ٻوليءَ، اسلوب ۾ سنڌي ڪھاڻيون تخليق ڪيون آهن. هن جي ڪھاڻين جا سورهن کن ڪتاب ٿي ويندا. پاڻ ڇھہ ناول بہ لکيا اٿن. ان کان علاوہ ٽي شاعري جا ڪتاب، تنقيد ۽ سائنسي فلسفي جا ٽي ڪتاب، خاڪن ۽ ترجمن جا لاڳ ڪتاب آهن. پاڻ هتي سندن ڪھاڻي جي فن ۽ اسلوب، ڪردار نگاري تي جيڪي هن ڪتاب ۾ ڪھاڻيون مرتب ڪيون ويون آهن انھن تي ڳالھائينداسين.
رسول ميمڻ جي ڪھاڻين جو پھريون مجموعو 1977ع ۾ شايع ٿيو ۽ ان دؤر ۾ گهڻو مقبول ٿيو ۽ سگهارن ڪھاڻيڪارن جو ڌيان بہ ڇڪايو. ان دؤر کان اڄوڪي زماني تائين هن ڪھاڻين ۽ قصن جا انبار لڳائي ڇڏيا آهن. هنن جي ڪھاڻين ۾ ڪلاسيڪيت کان مابعد جديديت جا عنوان آهن.

ڳالھہ بہ ايتري ڪھاڻي جادوئي حقيقت نگاري تي سرجيل فلسفيانہ ڪھاڻي آهي. اڄ جي هن ڇت ڪتائي واري دنيا ۾ هن ڪھاڻي جو ڪردار بہ منڌل آهي. جنھن کي ڪوليون چرندي نظر اچن ٿيون ۽ ان معاملي کي کڻي ٿو ڀونچال مچائي ۽ پر ان کي مختلف مڪتب فڪر جا انسان ڪھڙي نہ ڇسپائي ۽ ڪند نظري جي پس منظر ۾ ڏسن ٿا. جڏهن تہ حقيقت ان جي ابتڙ آهي.

محمد دين راڄڙي موجب: رسول ميمڻ هڪ متحرڪ، گهڻو ڇپجندڙ، ۽ پڙهيو ويندڙ ڪھاڻيڪار آهي. ”ڳالھہ بہ ايتري“ ڪھاڻي Post-Modernism سيٽِنگ تحت لکي وئي آهي، ۽ ان ۾ جادوئي سحرنگاري (Magical Realism) جا خوبصورت Touches ڏنا ويا آهن. پلاٽ روايتي هوندي ۽ ان ۾ تجسس جي نواڻ، خوبصورتيءَ سان ڀري وئي آهي. هن قسم جي ڪھاڻيءَ کي Panoramic-Story چئجي تہ بھتر، ڇو تہ ڪردار جي رولاڪي، ان انداز جي آهي ۽ ان جي موبائيل جي لائيٽ ۾ ڪويلين کي نہ ڏسي سگهڻ واري ڪردار جي مشاهداتي اُڻاٺ کي تمثيلي طور Post-Modernism وائڙائپ سان برميچجي سگهجي ٿو. (1)

شينھن جو ٻچو ڪھاڻي جنھن زماني ۾ ڇپي تہ ان وقت معروف ڪھاڻيڪار امر جليل هڪ انگريزي اخبار کي انٽرويو ڏيندي چيو هو تہ ”اهڙي ڪھاڻي گذريل پنجويھن سالن ۾ نہ لکي وئي آهي.“ (2)
هي هڪ تاريخي ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ سنڌ جي مختلف زمانن ۾ ٿيل ڪاهن کي ليکڪ شاندار منظرنگاريءَ سان گڏ مضبوط ڪردار سازي سان تاريخي ڌوڙ کي ڇنڊي بيان ڪيو آهي. ڌارين سنڌ ماتا تي ڪيئن ڪاهون ڪيون ۽ سنڌين ڪيئن انھن کي پئي پرکيو ۽ ڀاڄ ڪئي آهي. اهو سڀ هن ڪھاڻي جو موضوع آهي.

عشق جو اظھار ڪھاڻي هڪ اهڙي عاشق جي ڪھاڻي آهي، جنھن جو پيار وقت سان گڏ بدلجي ڪيئن ٿو. ان کي ڪھاڻيڪار نفسياتي انداز ۾ بيان ڪيو آهي. رسول ميمڻ کي محبت ۽ شھوت ۾ فرق ڪرڻ ايندو هو. هن جي ڪھاڻي ۾ پيار ڪھاڻي بہ اهڙي نموني ايندي آهي جو دل کي اوجڪو اچي ويندو آهي. پر ان ۾ جنس پري پري تائين حاوي ناهي هوندي. هي هڪ نفسياتي ڪھاڻي آهي. هڪ جو ڪرار هڪ فوبيا جو شڪار آهي. جنھن کي Apophenia چئجي ٿو.
رسول ميمڻ هن ڪھاڻي بابت لکي ٿو: ”اهڙي نفسياتي ڪيفيت جنھن ۾ ڪو مختلف شين ۾ هڪجهڙائي ڳوليندو آهي. اهو Pareidolia جو قسم آهي، جنھن ۾ ڪنھن جو ادراڪ تصور هڪ هنڌ ڄميل معروض جي چرپر ڏسندو آهي ۽ هڪجهڙائي کي ڀيٽيندو آهي.“

آدرش ارشاد شيخ مطابق: ”رسول ميمڻ جي ڪھاڻين ۾ زندگيءَ جا عڪس ڏاڍي سچائي ۽ آرٽ سان سرجيل آهن. هن جي ڪھاڻين ۾ زندگيءَ جا اهي سڀئي رنگ آهن جن کي اسان ڏسندا آهيون ۽ رسول ميمڻ پنھنجي ڪلھن تي سفيد ڪبوتر ويھاري لکندو آهي.“ (3)

عبدالله افغاني جون ٻڪريون افغان جنگ جي علائقائي اثر جو پسمنظر رکندڙ ڪھاڻي آهي. ان دؤر ۾ اهڙي قسم جو ادب نہ جي برابر هو. غربت، ترڪِ وطن، جنگي متاثر ۽ داخلي احساسن بہ هن ڪھاڻي جو حصو آهن. ڪھاڻي جي مک ڪردار ڪل ملڪيت اولاد ۽ مال آهي. اولاد جنگ ۾ مري وڃي ٿو ۽ ٻڪريون ڪهجي وڃن ٿيون. هن جي جيئڻ جو سھارو اهو ئي هوندا آهن، جھڙو هن لاءِ ديس آهي تهڙو ئي پرديس. ڪھاڻي جي اڻت ۽ موضوع ڀلو آهي. عالمي ادب ۾ جنگي متاثرين تي سرجيل ادب کي گهڻي پذيرائي ملندي آهي. هيءَ ڪھاڻي بہ بين الاقوامي معيار جي آهي. رسول ميمڻ هي ڪھاڻي قوميت کان هٽي ڪري هڪ انسان/تخليق ڪار ٿي ڪري لکي آهي. اهڙي نوعيت جون ڪھاڻيون سنڌي ادب ۾ صفا ٿوريون آهن.

نقاد/محقق ممتاز بخاري موجب: ”رسول ميمڻ جون سموريون ڪھاڻيون خالي امڪان ۽ مڪان جي ڳالھہ نہ ٿيون ڪن پر انھن ۾ توهان ”هجڻ“ واري فلسفي کي بہ پرجهي سگهو ٿا.“ (4)

ندا ڪھاڻي نواب الدين نوروز جي آهي. جنھن جو سڀ ڪجهہ هليو ٿو وڃي. ماءُ، پيءُ ۽ ڀيڻ وڃي بچي ٿو پاڻ اڪيلو ۽ هڪ ڪمرو. ان ڪمري ۾ هو اڪيلو رهي رهي ويڳاڻپ ۽ اڪيلائي ۾ شيزوفيرنڪ، هيلسينوشن ۽ نہ ڄاڻ ڪھڙن وهمن ۾ ويڙهجي وڃي ٿو. جنھن ۾ هن کي اهو سڀ نظر اچي ٿو جيڪو نارمل ماڻھو کي نظر نہ ايندو آهي. پنھنجي اڪيلائي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ هو مختلف عورتن سان سنڀوڳ ڪري ٿو پر ان مان بہ هن جي سورن ۾ گهٽتائي نہ ٿي اچي.
Pain is protoplasm of literature.
رسول ميمڻ جي تحريرون ۾ سور جون سٽون، هن جي نثر ۾ انمول تشبيھون ۽ اسلوب جو شاهوڪار نمونو آهي. رسول ميمڻ کي سورن کي برداشت ڪرڻ آيو، محسوس ڪري ان جو اظھار ڪري تخليقن ۾ پرٽيو.

ڏاتوءَ جي آتم ڪھاڻي هيءَ رسول ميمڻ جي هڪ اهڙي ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ ڏاتوءَ نالي هڪ ڪردار جي حياتيءَ کي وڏي تڪليف ۾ ڏيکاريل آهي. جيڪو تيز تر ۽ روان انداز ۾ آهي.

نقاد خليق ٻگهئي موجب: سررئيلزم جي فنِ ـــ ڪھاڻيءَ نہ سھڻ جھڙي محسوسات کي لاشعور کان آزاديءَ سان اظھارڻ جو هيءُ فني تجربو آهي. (5)
ڏاتو کي سمبالڪ انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. پاٺڪ جڏهن ان جي روئيداد کي پڙهي ٿو تہ ڏاتو بڻجي وڃي ٿو ۽ اهو سڀ پاڻ سان ٿيندي محسوس ڪري ٿو. رسول ميمڻ جي ڪھاڻين جا پلاٽ ۽ ڪردار وڌيڪ مضبوط ۽ ماحول سان ٺڪندڙ هوندا آهن. هيءَ هڪ سررئيلسٽڪ ڪھاڻي آهي. سررئيلزم بہ معروزيت کي دازخليت ۾ اوتي تخليقي انداز ۾ اکيلڻ چاهيندا آهن. ائين رسول ميمڻ جي هن ڪھاڻي ۾ بہ آهي.
هن ڪھاڻي جي اڻت ۾ مابعدالطبعيات، وجوديت، صوفي ازم جا ٽچز بہ آهن. ان سان گڏ اهو بہ ذهن ۾ هجي تہ رسول ميمڻ جي هڙني ڪھاڻين ۾ نفسياتي ٽريٽمينٽ نرالي هوندي آهي. هن ڏاتوءَ جي ڪھاڻي ۾ نفسياتي وٺ وٺان بہ لکي آهي. رسول ميمڻ جڏهن تہ معالج هو ان ڪري هو ڪٿي ڪٿي ڪھاڻي ۾ اهڙو انداز بہ اپنائي وڃي ٿو. اهو سائنس ۽ نفسيات جي سنگم سھيڙي هن ڪھاڻي کي انجام تائين پڄائي ٿو.

چور ڪھاڻي ۾ ڪھاڻيڪار نبوءَ جي چور ٿيڻ قصو آهي. نبو جيڪو سماجي اڻ ڍنگائي ڪري چور ٿئي ٿو. پر اصل ۾ هي ڪھاڻي ان مظلوم عورت جي آهي جنھن نبوءَ کي پاليو هو. چور ماڻھو بک کان ٿيندا آهن. بک نڇڙو ٽول آهي. بک ڦر بہ ڪرائي ٿي تہ رت بہ وهائي ٿي. پوليس جي اها منظرڪشي هن ڪھاڻِي ۾ ڏيکاريل آهي جيئن هو هميشہ بي ڏوهين کي پڪڙيندي آهي ائين ئي نبوءَ کي پاليندڙ عورت کي پڪڙي ٿي جنھن جي گهر ۾ نبو تہ ڪو نہ هو پر هڪ پيتي هئي جنھن ۾ پٿر هئا جيڪي هوءَ پيٽ سان ٻڌندي هئي.

ڪوهيڙو گهاٽو ٿيندو ويو هڪ نفسياتي ڪھاڻي آهي. رسول ميمڻ جھڙو اسلوب ۽ انداز لکڻ جو سنڌيءَ ۾ ٻيو اهڙو ڪنھن جو نہ آهي. هن ڪھاڻي جو ڪردار نفسياتي هيجان جو شڪار آهي. جنھن کي Reduplicative Amnesia چئبو آهي.
رسول ميمڻ صاحب ان کي وهم چئي ٿو جنھن ۾ واقعو ۽ جاءِ ٻن ساڳين هنڌن تي ظھور پذير ٿئي ٿو.
رسول ميمڻ جون ڪھاڻيون سائنس، مذهب، محبت ۽ وجودي فلسفي جي اپٽار آهن. جن جي فلاسافي هن جي پنھنجي شعور ۽ خيالن جي پيدا ڪيل آهي.

وسري ويل ڪھاڻي ـــ هن ڪھاڻي جو ڪردار دلچسپ ڳالھہ/ڪھاڻي ياد ڪري لکڻ چاهي ٿو پر لکي نہ ٿو سگهي. ڇو تہ هو پوڙهو آهي ۽ هن کان ڪھاڻي وسري وڃي ٿي. پر ان کي ياد ڪندي ڪيئي ڪھاڻيون هن ۾ اچي وڃن ٿيون. هي ڪھاڻي ڄڻ ڪردار جون يادگيريون آهن ۽ ان ۾ سياست، مذهب، تعليم ۽ ٻيون شيون موضوع بڻيون آهن.

پراسرار ڪتو ڪھاڻي علامتي آهي. جنھن ۾ سرڪاري ملازمن جي ڪرپشن، بک ۽ بي انصافي کي نشابر ڪري چٽيو ويو آهي. رسول ميمڻ جي ٻي هڪ ڪتي تي ڪھاڻي آهي جنھن جو نالو سائڪياٽرسٽ وارڊ جو ڪتو آهي. جيڪا نفسياتي ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ ماڻھو بود ۽ ٽٽ مستيءَ ڪندو رهندو آهي. جنھن ۾ هو ڪنھن بہ حد تائين اچي ويندو آهي. ڪتا سندن ڪتن جي جي سمبالڪ موضوع تي ڪلاسيڪل ناول آهي.

رت جو صدقو: رسول ميمڻ جون ڪيئي ڪھاڻيون آهن جن ۾ هن اسان جي سماج جو سالن کان وڌندڙ جهالت کي موضوع بڻايو آهي. رت جو صدقو ڪھاڻي بہ اهڙي ئي عڪاسي ڪري ٿي. سنڌي ماڻھو عربن جي ڪاھہ کان پوءِ مڪمل طور تي وهمن، وسوسن ۽ خيالي جهالت جي ور چڙهي ويو. هن ڪھاڻي ۾ ڪھاڻيڪار صدقي لاءِ سنڌي سماج ۾ هلندڙ ڪرت تي لکيو آهي. ڪھاڻي جو مک ڪردار هڪ شھر کان ٻاهر ڪنھن روڊ جي پاسي تي ٺھيل مسجد ڀرسان مختلف ويگنن تي ايندڙ مسافرن کي پاڻي پياري ٿو. جيڪو تہ ڀلو عمل آهي ۽ هڪ حادثي ۾ ان جي مري وڃڻ کان پوءِ هڪ ٻيو اچي اتي جاءِ ولاري ٿو ۽ ماڻھن حادثي جي ڀو کان ان کي صدقو ڏيندا رهن ٿا. جيڪو عجيب لڳي ٿو. حادثو ٿئي ٿو تہ ماڻھو صدقو ڏين ٿا نہ تہ کين ڪو فڪر نہ هوندو آهي. ڊڄ واري نفسيات کي ليکڪ وڏي مھارت سان گهري نموني درج ڪيو آهي. سماج ۾ جيڪو هن محسوس ڪيو آهي اهو لکيو آهي.
جڏهن بہ جديد سنڌي ڪھاڻي جو ذڪرٿيندو. اهو رسول ميمڻ جي ڪھاڻين ۽ ان جي فن کان سواءِ اڌورو بي چسو هوندو. جديد سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ رسول ميمڻ جي ڪھاڻي جو فن اوچو، موضوعاتي لحاظ کان سائنسي، نفسياتي ۽ ٻين جديد ڌارئن سان منسلڪ آهي جيڪو تاريخي ۽ پختو آهي.
هن ڪھاڻين کي ڳوليندي ڪافي دوستن جي مدد رهي انھن ۾ ڪھاڻيڪار غفار سومري جي لائبريري مان ”رت جو صدقو“ ڪھاڻي ملي. ويجهي ساٿي سعيد سومري جا بہ ٿورا جن وٽان بہ ڪجهہ ڪھاڻيون مليون.


حوالا:

1. ماهوار سڦلتا ڪھاڻي نمبر، پرچو 22، حيدرآباد، مئي 2014ع.
2. ماهوارسڦلتا حيدرآباد، پرچو 24، مارچ 2016ع.
3. حليمان، رسول ميمڻ، ڪھاڻيون، پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور، سنڌ، 2013ع.
4. عشق جو آسيب، رسول ميمڻ، ڪھاڻيون، پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور، سنڌ، 2015ع.
5. جديد ادبي تحريڪون ۽ تنقيدي زاويا، خليق ٻگهيو، ڪنول پبليڪيشن قنبر.

سڀ رنگ سانول _ اخلاق انصاريءَ جون ڪھاڻيون

هُو پنھنجو پاڻ ۾ ڪائنات آهي تہ ڪڏهن اڪيلو اواڪ آهي. وري پنھنجو پاڻ کي ڳولھڻ تي بہ نڪتل آهي. هن جي رڃ ۾ رابيل آهن. هو ڪھاڻين جي ڪائنات آهي. اهو سڀ اخلاق انصاري جي تخليقي سگهھہ جو ئي ڪرشمو آهي جنھن ۾ ايتري نواڻ ۽ Gravity جھڙي ڇڪ آهي.

نڀاڳو: جيون جي بي اننت Absurdity هن ڪھاڻي ۾ ڀريل آهي. ان کان بہ وڌيڪ واهيات پڻو اهو آهي تہ جڏهن انسان ڪن سماجي وارتائن کي ڪنھن انساني جيون سان منسلڪ ڪري ڪا مخصوص معنيٰ ڏئي ڇڏي. اها معنيٰ نڀاڳ ۽ سڀاڳ آهي. دنيو جو ڪردار ان معنيٰ جو نشانو آهي. انھن معنائن جو جن ۾ رشتا، احساس ۽ زندگي شڪار ٿي وڃن ٿا.
آءٌ ائين سمجهندو آهيان تہ موت ڪو بہ سور ناهي، نہ ئي ڪو الميو! پر وڏو صفا وڏو سانحو حياتي آهي.
جيئن هن ڪھاڻي جي هيءَ سٽ آهي:
”ٻيا ماڻھس جي مرڻ ڪري پئي رنا ۽ هي وري پنھنجي ڄمڻ ڪري ڇڙيون پئي هنيون.“ ص _ 64
هيءَ ڪھاڻي يتيمي جو نوحو آهي جنھن جو نالو ئي يتيمي هجي ها. جاهل سماج يتيم کي ڪيئن نھاري ٿو اهو هن ڪھاڻي ۾ عيان آهي. ڪھاڻي ۾ دينو جي ڪردار جي والد جو بہ ذڪر نہ آهي تہ اهو ڪيئن ۽ ڪاڏي ويو؟ جو ماسيءَ هن کي نپايو.



اولڙا اولڙا زندگي اولڙا: هن ڪھاڻي تي مون محمد دين راڄڙي جو هڪ سٽ جو تبصرو پڙهيو هو. جيڪو هن ”اخلاق انصاري نيئن دؤر جو عهد ساز ڪھاڻيڪار“ واري مضمون ۾ هن ريت ڪيو هو. ”اولڙا اولڙا زندگي اولڙ“ ڪھاڻي ۾ رشتن جي بي رخيءَ کي وڏي Craft سان بيان ڪيو ويو آهي.“
(ڪتاب: عملي تنقيد نگاري ۽ سنڌي ادب)

محمد دين جيئن ڪھاڻي کي سمجهيو آهي ڪھاڻي اوئين ناهي. ان ۾ رشتن جي بي رخي کي ناهي بيان ڪيو ويو پر زندگيءَ جي ائبزڊٽي کي چٽيو ويو آهي.
مون ائين محسوس ڪيو آهي تہ مٺ مان واريءَ جيان وهندڙ زندگي کي اخلاق انصاري اولڙن ۾ ڀٽيو آهي. اولڙا کن پل جا هوندا آهن. حيات بہ ائين آهي کن پل جو ڇانورو، جهٽ پل جو اولڙو. اهي اولڙا ڪھاڻيڪار جا داخلي آهن ۽ هيءَ سموري ڪھاڻي هن جي ذات سان سلھاڙيل آهي جيڪا هن جي ڀائرن جي ويندر جوڀن جي بہ آهي.
سندس ڪھاڻي جو پئراگراف آهي: ”ڏک کي سدائين ٽھڪ جي بيٽ سان سڪس هڻي بائونڊري پار ڪرائي هئي. اڄ هُو بيڪ فوٽ ۾ ايل بي ڊبليو ٿي ويل ڪرڪيٽر جيان ايمپائر جي آڱر جي انتظار ۾ تہ ”ڪڏهن ٿي اٿي“ ۽ پاڻ ايڪسپائير ٿي.“ ص_ 93
جيئن شيخ اياز چيو هو تہ:
تون ڳجهارت ڪٿي ڀڳي آهي،
زندگاني سموري ٺڳي آهي.
اخلاق انصاري جي لکڻي ۾ ڇا تہ گهري ۽ ڳوڙهي ڳالھہ ڪيل آهي. جنھن ۾ زندگي جي بي معنويت جو اظھار آهي ۽ ارمان بہ آهي تہ اهو سڀ ڇاهي!؟ هي ڪھاڻي وجوديت جي لاڙي واري ڪھاڻي آهي.

عطيہ دائود موجب:
”اخلاق انصاري جي ڪھاڻين کي جيڪڏهن سنڌي ۾ نہ پڙهجي ها انگريزيءَ، اردو، هندي، تامل يا ڪنھن بہ ٻوليءَ ۾ پڙهجي ها تہ هي ان خطي ۽ ان ٻوليءَ جون ڪھاڻيون لڳنديون. هي هر ان سماج جون ڪھاڻيون آهن جتي ڏکن جو ڪارڻ غربت آهي. اٽي، لٽي ۽ اجهي جي پويان انسان پنھنجي خوشي، ننڊ ۽ سڪون وڃائي چڪو آهيان.“ (2)
اخلاق انصاري زندگي جي پيچيدگيءَ ۽ دماغي خلط کي چٽو ڪري عڪس بند ڪيو آهي. جيڪو هڪ ڪلاڪار ۽ حساس ذهن انسان ئي ڪري سگهجي ٿو.

رڃ ۾ رابيل: هن ڪھاڻي ۾ ليکڪ لکي ٿو تہ ”منھن مان نور پئي بکيس.“ ص_25
منھنجي خيال ۾ اهو مڪالمو ڪو ڪردار چوي ها تہ ٺهڪندڙ لڳي ها پر ليکڪ بيانيہ انداز ۾ چئي ويو آهي. جيڪو درست ناهي. هيءَ ڪھاڻي پير پرستي، جنسي گهرج، ڪارو ڪاري ۽ جهالت جھڙن موضوعن کي ڇھي وڃي ٿي. ورسٽائيل تخليق ڪار گهڻ رخو هوندو آهي. هن ڪھاڻي جي منظرڪشي، لفظيات درد وند ڪھاڻيڪار ئي ڪري سگهي ٿو.

رستا: سمورا اهنج ۽ عذاب بک مان جنم وٺن ٿا. بک جيڪا گهڻي جي طمع ۾ ڦٽي ٿي. پوءِ بہ انھن جي پوري ناهي. رستا ڪھاڻي جا ڪردار وارڊ بواءِ، ڊائريڪٽر، اسٽور ڪيپر ۽ پٽيوالا بدانتظامي ۾ غريب جي بک ۽ اهنجن جا محرڪ آهن. جن کي صرف پنھنجي پيٽ جي پريشاني آهي پر ٻين جا پيٽ ڪپن ٿا.

ڊگهي سفر جي آخري ملاقات: اخلاق انصاريءَ جي ڪھاڻين ۾ ڳوڙها بحث ۽ مڪالما سمايل آهن. فلسفي جا عنوان عشق، موت ۽ عورت مرد جي لاڳاپن جي اپٽار آهي. هن سرئيلسٽڪ ڪھاڻيءَ ۾ ڏک بہ بحث جو موضوع آهن.
ڪھاڻي جي هن پئراگراف کي ڏسون ٿا:
”پر... عورت جي ٽرئجڊي اها آهي تہ هوءَ جسماني طرح Unfit آهي.“
۽ تو چيو هو ”مرد ذهني طرح. ڇاڪاڻ تہ عورت Creater آهي ۽ تڏهن تہ ٻئي Balanced ٿي نہ سگهيا آهن.“ ص_11
ڪھاڻي جي مٿيئن پئراگراف تي پورو ڪتاب لکي سگهجي ٿو پي ايڇ ڊي بہ ڪري سگهجي ٿي. مختصر ان لاءِ ائين چوندس.
فرائيڊ چيو آهي تہ عورت اونداهون کنڊ آهي. پر هن ڪھاڻي ۾ نفسياتي طور مرد منڌل آهي ۽ عورت سڌي آهي. روايتي مڪالمي کان هيءَ ڪھاڻي هٽيل آهي. مرد جو ڪردار خود پسند آهي. عورت روايتي بہ آهي. هي ڪھاڻي مڪمل وجودي ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ گهڻو وجوديت جو متن آهي.
وجودي فلسفي چون ٿا تہ وجود جو ڪو بہ طئي ٿيل مطلب يا نصب العين آهي ئي ڪو نه، نہ وري ماڻھو ڪنھن مقصد مطابق ٺاهيو ويو آهي. ان لاءِ انسان سوچي ٿو تہ هو ڇو آهي ۽ سندس مقصد ڇا آهي؟
ڪھاڻي جو هن پئراگراف سنڌي نوجوان ليکڪ جو وجودي بحران اڄ بہ ساڳيو آهي: ”هونئن مون وٽ هو بہ تہ ڪجهہ نہ رڳو لفظن کان سواءِ، مان ٻہ لک خوبصورت لفظ تہ هئا (آهن) پر ٻہ لک روپيا ڪو نہ هئا.“ ص_17

اڪيلو ڪمرو ۽ سيليف پورٽريٽ: طارق عالم ابڙي هن ڪھاڻي کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي تاريخ چيو آهي. هيءَ ڪئمپس ڪھاڻي آهي. هن جي پس منظر ۾ انيڪ موضوع آهن پر بک هن ڪھاڻي جو پسمنظر آهي. ڪھاڻي جو ڪردار سوچي ٿو: ”علامہ آءِ آءِ قاضي جي مزار تي، ايلسا قاضي ڀر ۾...! تڏهن سوچيم: قاضي پاڻ کي ڇو ماريو؟“ ص _35
علامہ آءِ آءِ قاضي پاڻ نہ ماريو هو اهڙو ذڪر مون پنھنجي ڪتاب جيڪو ليکڪن جي خودڪشين بابت آهي ۾ ڪيو آهي. علامہ قاضي کي ائڊاپٽيڊ سن ماريو هو. جيڪو جمال ابڙي جي آتم ڪٿا ۾ بہ لکيل آهي. ان پٽاڙ ۾ نہ ٿا پون.
منشي پريم چند ڪھاڻي جي لاءِ چيو آهي تہ ”زندگيءَ جي ڪنھن بہ هڪ پھلوءُ ۽ جذبي کي افسانو ظاهر ڪري ٿو.“
اخلاق انصاري جي ڪھاڻين ۾ هڪ خاص پھلو تہ آهي ئي آهي پر اهي ڪھاڻيون سڀ رنگ سانول آهن. هن ڪھاڻي جو هڪ پھلو بک آهي ۽ ٻيو آهي انسان. جنھن لاءِ ليکڪ لکيو آهي:
”انسان ڇا آهي؟
مادو، جو جڳھہ ولاري ۽ وزن رکي.“ ص_42
پوسٽ ماڊرن سماج ۽ مشيني دؤر ۾ انسان ڇڙو جڳھہ والاري ٿو ۽ وزن رکي ٿو. ڪيڏي اهم ڳالھہ هن ڪھاڻي ۾ لکيل آهي.
ٻيو هن ڪھاڻي جو نقطو جنھن گهڻو پريشان ڪيو آهي اهو آهي: ”سيٽسفيڪيشن ڪانھي ڪٿي..“ ص_ 36
اخلاق جون ڪھاڻيون جديديت جي فڪر ۾ زندگي جي ڳوڙهن نقطن ۽ وجودي احساسن بابت آهي. اها سوچ ۽ مسئلا حاوي آهن هرڪھاڻي ۾.


سروپ ڪروپ: ڪي سال اڳ جڏهن سائين جي ايم سيد جو ڪتاب ”سنڌو جي ساڃاھہ“ پڙهيو هيم تہ ان ۾ اها ڳالھہ بہ هئي تہ قلندر جي درگاھہ تي نوي جي ڏهاڪي ۾ لنگ پوڄا ٿيندي هئي. جيڪا بعد ۾ هاڻي ختم ڪئي وئي آهي. ڪھاڻي ۾ ڪلاسيڪل سنڌي شاعري جي فڪر جا اولڙا آهن لفظن ۾ ميٺاج ۽ نج پڻو آهي. ڪلاسيڪل سنڌي شعر جون سٽون سمائي ليکڪ ڪردار واتان پنھنجي من جي ڀاونائن کي چٽيو آهي. جيڪو سلاست سان ڀرپور آهي. دقيانوست جي پاڙ پٽيندڙ تہ هن ڪھاڻي جو ڪلائيمڪس آهي پرملا جيڪا ڏاڍي ڀولي آهي.
هن ڪتاب تي لکندي مون گهڻي ڪوشش ڪئي آهي تہ اجائي پٽاڙ نہ ڪريان ۽ ڪي ڪم جون ڳالھيون ڪري پورو ڪري وڃان.
سروپ ڪروپ ڪھاڻي ۾ است جي وردتا بہ عجيب نموني عڪس بند ڪيل آهي. اولاد ڪاتر هوءَ ڇا ڇا پئي ڪري. اخلاق انصاري ڪھاڻين جي ڪائنات آهي جيئن ڪائنات کي ڏس تہ اچرج اچيو وڃي ائين هن جون ڪھاڻيون پڙھہ تہ ڏاهي کي ڏک وڌيو وڃن ۽ حيرت سمان ڪيفيت ۾ ٿيو وڃي.
Balanced/Unbalanced ماڻھو: جارج ڪارٽن George Cartin جو چوڻ آهي تہ ”ڪجهه راتيون اهڙيون هونديون آهن، جڏهن بگهڙ خاموش هوندا آهن، ۽ رڳو چنڊ دانھون ڪندو آهي. پر اسان جي زندگين ۾ هر رات اهڙي هوندي آهي. جڏهن چنڊ پوري سگهه سان دانھون ڪندو رهندو آهي.“ (4)
”بئلنسڊ ان بئلنسڊ ماڻھو“ واري ڪھاڻي جو ڪردار بہ دانھون ڪندو رهي ٿو. پر اخلاق جي ڪھاڻين جا ڪردار راتين ۾ رڙندا رهن ٿا. هن جي ڪھاڻين ۾ رات جا منظر بہ جماليات سان ڀرپور آهن.
شعور جي دانھن اوچي هوندي آهي. اها ئي دانھن هن ڪھاڻي جو محور آهي. ماءُ سان اونسيت اخلاق جي اڳين ڪھاڻي ”نڀاڳو“ ۾ بہ آهي تہ هن ڪھاڻي ۾ بہ آهي. ماءُ سان محبت جي ڳالھہ دنيا جي بي شمار ليکڪن ڪيون آهن. جيئن سائمن ڊي بوار پنھنجي ماءُ جي پوين ڏينھن ۾ بيماريءَ جي گهڙين تي هڪ احساساتي ناول A Very Easy Death لکيائين.
انيس انصاري لکي ٿو: ”اخلاق پنھنجي والده سان گهڻي محبت آهي. گهر ۾ ايندو تہ وڃي وٽس ويھندو ۽ ليٽي پنھنجو مٿو سندس هنج ۾ رکندو. ص_ 109
تخليق ڪار جا داخلي احساس هنن جي ڪردارن ۾ پيوست ٿي ويندا آهن ائين اخلاق انصاريءَ سان بہ ٿيو آهي.


ڏک: اڻ کٽ سلسلو: آئون اڪثر سوچيندو آهيان دنيا ۾ جيڪڏهن ڪو بہ Confilct آهي تہ اهو صرف ڪميونيڪيشن نہ هجڻ جي ڪري آهي. هن ڪھاڻي جو هيرو بہ پنھنجي محبوبہ ڊونا سان ڪميونيڪيشن ڪرڻ ٿو چاهي! جن بہ ڪميونيڪيشن پڙهي هوندي. اهي هن ڪھاڻي کي ضرور ڪميونيڪيٽ ڪري ويندا. ڪھاڻي جو هيرو Hybirdized آهي ۽ ان دؤران هُو نہ ڄاڻ ڇا ڇا چوي ٿو ان مان هڪ مڪالمو هتي توهان پڙهندڙن جي لاءِ لکان ٿو:
”ڊونا! بس لاش جي اهميت گلن سان وڌي ويندي ڇا؟“ ص_74
اختلاط ۾ هو پيو ٿو ڳالھائي ۽ ڊونا جو پيو ٿو هنياءُ ڇڏي!
اخلاق انصاري اڄ کان چاليھہ سال اهڙين ڪيفيتن ۾ رهيو آهي ۽ اهڙي ڪھاڻي لکي اٿس تہ پوسٽ ماڊرن سماج ۾ تہ هن جي ڪيفيت سارتر جي Nuassa جھڙي هوندي. ڏک پيڙا تمام وڏو ۽ وسيع ترين موضوع آهي پر ڪھاڻيڪار جھڙي طرح ان کي هن ڪھاڻي ۾ سمايو آهي اهو ڪلا جو ڪمال آهي.
ماڻڻ نہ ماڻڻ جي وچ تي:
”پيار ڊگرين جو محتاج نہ هوندو آهي.“ ص_ 83
يا وري هي پئراگراف:
”ڏس نہ ائين نہ آهي تہ توکي حاصل ڪرڻ جي هينڊريڊ ميٽر ريس ۾ اهو پنجابي انجنيئر ماري ويو مون کي.“ ص_ 89
هن ڪھاڻيءَ جو هڪ نقطو طبقاتي گهٽ وڌائي جو آهي. هيءُ اڄ جي ڇوڪرو/ڇوڪري جو عام ذهني مونجهارو آهي ۽ خاص ڪري ڇوڪرو سدائين ان نوڪري/پئسي ۽ ملڪيت جي تارازي وڃي ٿو ۽ پوءِ ئي رشتا ناتا جڙن ٿا.
اڃا تہ ان نفسياتي اوچ نيچ ۾ واڌ اچي پئي. ازدواجي مسافتون ضرورتن جي پورائي سان سڦل ٿين ٿيون نہ تہ علحيدگي عام سنوڻ آهي. هيءَ ڪھاڻي طبقاتي ڪشمش جڏهن انساني ذهن جي پاڙن ۾ پوي ٿي تہ ان جو جنم هي ڪھاڻي آهي. هن ڪھاڻي ۾ ٻيو بہ گهڻو ڪجهہ آهي سمجهو ڪي سمجهن.
هيٺ طبقي جي Complexes کي ڪھاڻيڪار ڏاڍي بري/بي رحمي سان نندي ٿو/پيش ڪري ٿو. اهڙو پئراگراف هيٺ ڏجي ٿو:
”اسان جي هيٺين ڪلاس جا ماڻھو پنھنجي زالن کي پيار نہ ڪندا آهن، هو اسان جي مائرن کي Rape ڪندا آهن ۽ مان بہ پنھنجي پيءُ جي زيادتيءَ جو نتيجو آهيان. ڀل منھنجا پنج ئي ڀائر پنھنجي نالي اڳيان پيءُ جو نالو ڳنڍين پر مان ائين ٺيڪ آهيان _ توهان کي اجازت آهي مون کي حرامي چوڻ جي.“ ص_81
ڪھاڻيڪار هن سماج جي بي ڍنگائي ۽ فرسٽيشن کي ائين ظاهر ڪري ٿو وڌيڪ پڙهندڙ پڙهن ۽ ڄاڻن. اخلاق انصاري مون کي ڪھاڻيڪار سان گڏ هڪ نفسياتدان بہ لڳي ٿو.
هن ڪھاڻي جي هيروئن موکي آهي. جا ڪھاڻيڪار جي Narrator کان وڇڙي وڃي ٿي ۽ لامحدود سورن جي حوالي ٿي وڃي ٿو.
ماڻڻ نہ ماڻڻ جي وچ تي ڇا آهي؟ منھنجي خيال ۾ موت آهي يا وري خليل جبران جي هنن خيالن سان ڳالھہ کي چٽو ڪري سگهجي ٿو.
جبران جو چوڻ آهي تہ: ”منھنجو شروع کان وٺي اهو ويساھہ رهيو آهي تہ ”انسان اوچتو نہ ٿو مري پر تنھا ٿورو ٿورو ٿي مرندو رهندو آهي. جڏهن هن جو ڪو دوست مري ويندو آهي تہ، هو ٿورڙو مري ويندو آهي ۽ جڏهن ان جو پيارو کيس ڇڏي ويندو آهي تہ، ٿورڙو وڌيڪ مري ويندو آهي ۽ پوءِ انھن سڀني مئل ٽڪرن کي ڳولھڻ لاءِ موت ايندو آهي ۽ انھن سڀني کي ميڙي هليو ويندو آهي.“

ٻار جي ٽرئجڊي: هي ڪھاڻي فليش فڪشن ۾ اچي ٿي. ٻاراڻي ذهنيت کي ڪھاڻيڪار جيئن جو تيئن چٽيو آهي ڪا بہ مصنوعيت نہ اپنائي آهي.

اندر ڪارو ڪانءُ: جيئن مون مٿي چيو آهي تہ سمورا ايذاءُ ۽ عذاب بک مان جنم وٺن ٿا. ائين اها بک فقير جي هجي يا ليڊر جي اها بس بک آهي ٻنھي کي ماني کپي پر ليڊر هن ڪھاڻي ۾ ڪانءُ آهي ۽ فقير جي ماني کسجڻ جو ڪارڻ به!
داس ڪئپٽال: هي ڪھاڻي کاٻي ڌر جي ساٿين تي Satire آهي. مجبوري ۽ ڪسوٽي ڪھاڻين ۾ بہ ماڻھن جون عجب ڪسوٽيون آهن انھن کي پرکڻ جون.
اخلاق انصاريءَ جون هي ڪھاڻيون جديد ڌارئن سان سلھاڙيل آهن جن ۾ انسان جي نفسياتي ڳر جو تذڪرو آهي.
جلال الدين رومي جي لفظن ۾:
”هي ڳالھيون ارهن ۾ پيل کير وانگر آهن،
اهو کير چوسي ڪڍڻ وارن کان سواءِ
ٻاهر نہ نڪرنديون!“

غلام نبي سومري جون ڪھاڻيون

بوتيڪ کان بيڊ روم تائين ڪتاب جي خالق اڪبر سومري چواڻي: ”زندگي ڊائينگ روم ۽ بيڊ روم آھي ۽ باقي ٻيا مامرا انھن ٻن رومس کي سجائڻ لاءِ ھوندا آھن.“
زندگي Uncertainity جو نالو آھي. اھا Uncertainity ھن ڪھاڻي ”ماڊل گرل، محبت ۽ چترڪار“ ۾ آھي. جيون جا غير يقيني لقاءُ غلام نبي سومري جي سڀن ڪھاڻين ۾ آھن. پرويز، نرگس ۽ عابد جي ڪھاڻي تہ ڪمال ڪري ڇڏي ٿي. انسان ھڪ خلا جو نانءُ آھي. ماڻھو پاڻ ۾ موجود خلا کي پُر ڪري بہ پرڪيف نہ ٿو بڻجي! ڦري ڳري وري ڀٽائي واري ڪيفيت تي اچون ٿا ڳوليان ڳوليان م لھان....
ماڊل گرل محبت ۽ چترڪار ڪھاڻي جي ڪردارن جي احساسن کي ليکڪ ائين تہ پورٽري ڪيو آھي، جھڙو ماڻھو صفا سڪ... غلام نبي سومري صاحب سان صرف ھڪ ڊگهي ڪچھري ٿي. ان بعد وري ھن جي ڪھاڻين سان ڪچھري ٿي آھي. ھو جيئن منفرد نوع ۾ گفتگو ڪندو آھي ائين ھن جون ڪھاڻيون آھن. فليش فڪشن جي ڇڙواڳ لاڙي ڪري ڪھاڻي جي شڪل ئي مٽجي وئي آھي. سائين غلام نبي وٽ اصل ڪھاڻي زندھ آھي. غلام نبي صاحب جون ڪھاڻيون نفيس احساسن جي دنيا ۾ وٺي اچن ٿيون. منھنجي زندگي جو بہ اڌ حصو خوبصورتي ۽ ذھانت جي سنگم جي ڳولا ۾ گذريو آھي. نرگس جھڙي خوبصورت ۽ ذھين ڇوڪري پرويز کي نہ ٿي آئڙجي. انسان بہ عجيب محرومين جي ايپليڪيشن آھي. فوٽو گراف ڪھاڻي کان ماڊل گرل محبت ۽ چترڪار ڪھاڻي تائين سڀ ڪھاڻيون شاندار آھن. فوٽوگراف ڪھاڻي تہ حويلي کان ھاسٽل تائين جي ياد ڏياري ڇڏي. ھي ڪھاڻي ٻن ڇوڪرين جي محبت جي آھي. جيڪي ڊاڪٽرس آھن ۽ ھڪ ئي ھاسٽل روم ۾ رھن ٿيون. سندن ھم جنس پرستي ڏاڍو ڊگهو ھلي ٿي.
غلام نبي سومري جو ھي ڪھاڻي پورھيو سنڌي ادب جو انمول سرمايو آھي. سندس ڪھاڻي ڪتاب مان حقيقي ڪھاڻي جو ذائقو پراپت ٿئي ٿو.

وجوديت، سنڌي ادب ۽ ڊاڪٽر وحيد جتوئي

وجوديت جا باني ڀلي ئي ڪرڪيگارڊ يا جان پال سارتر هجن! پر منھنجي نظر ۾ وجوديت جو اصل بابو فيودر دوستو وسڪي آهي. هن جي سمورين تخليقن ۾ وجوديت ۽ ٻين نظرين ۽ فڪر جا اولڙا آهن.
جيئن ڪرڪيگارڊ جي لکڻين جو مرڪز انسان آهي. ائين ئي بلڪل دوستو وسڪيءَ جي لکڻين جو محور صرف ئي صرف انسان ۽ انساني رويا، خلش ۽ انھن جون داخلي ڪيفيتون آهن. جن کي وسڪي کوٽي کوٽي ڪڍي نروار ڪري ٿو ۽ انھن جي حقيقت کي رسڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
جيتوڻيڪ دوستو وسڪي هيگل واري عقليت تي بہ ڪردارن ذريعي ڪمال ڪاريگري سان ڳالھہ ٻولھہ ڪئي آهي.
هونئن تہ وجوديت جديد فلسفي جي شاخ آهي پر جديد ادب ۾ بہ ان جو وڏو ڪارج ۽ اثر آهي. وجوديت Existentialism ماڻھو جي آزاديءَ، حقيقت يا هستيءَ جي تصور کي سمجهائڻ جو دڳ ڏئي ٿي.
ولسن چيو تہ “وجوديت رومانيت جي ترقي يافتہ شڪل آهي.”
ڪرڪيگارڊ، نٽشي، هائيڊيگر، سارتر، ڪاميو، جيسپر، دوستو وسڪي هن فڪر جا Pioneers آهن. خير آءٌ وجوديت جي پٽاڙ ۾ پئجي ويس. پر مون کان وڌيڪ توهان کي ڊاڪٽر وحيد جتوئي جو ڪتاب وجوديت جي باري ۾ معلومات فراهم ڪري ٿو.
“وجوديت ۽ سنڌي ادب” ڪتاب ذريعي ڊاڪٽر وحيد جتوئي جو مون سان تعارف ٿيو آهي. هر تجرباتي تنقيد جو زبردست ڪم ۽ ڪتاب آهي. آءٌ سنڌي ادبي برداري پاران ڊاڪٽر وحيد جتوئي کي لک شابسون ڏيندي مبارڪ باد ڏيان ٿو.
ڇھن بابن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ سنڌي ۾ لکيل مختلف تخليقن کي وجوديت جي فڪر جي پس منظر ۾ ڏٺو ويو آهي. آخر ۾ ببليو گرافي پڻ ڏني وئي آهي. جنھن سان تحقيق جو مڪمل حق ادا ٿئي ٿو.
“وجوديت ۽ سنڌي ادب” ڪتاب جو هي ٻيو ڇاپو آهي. آءٌ حيران آهيان تہ هيترا سال هي ڪتاب ڪيئن منھنجي اکين کان اوجهل رهيو.
ڊاڪٽر وحيد جتوئي جا ٻہ ڪتاب مختلف يونيورسٽين ۾ ڪورس ۾ شامل آهن:
1. سنڌي شاعري – فن کان فڪر تائين 1998ع
2. وجديت ۽ سنڌي ادب 2001ع 2017ع
ڊاڪٽر وحيد جا انگريزي ڪتاب جيڪي شاعري جا آهن جن کي بہ مستقبل ۾ آءٌ ڳولي پڙهڻ چاهيندس.
Evening Shadows 2004
Sometimes 2015
سندس پي ايڇ ڊي ٿيسز بہ ڪا گهٽ اهم ناهي:
An Analysis and Evolution of Mystical and Philosophical Aspects of G Allana’s English Poetry
هن ڪتاب جو موضوع PH.D جي موضوع جيتري وسعت رکي ٿو. پر ڊاڪٽر وحيد جتوئي نھايت مختصرن جيڪا بہ تحقيق ۽ تنقيد ڪئي آهي اها اعليٰ نويت جي ۽ شاندار آهي.
هن ڪتاب جو سعيد سومري پاران لکيل ادارتي نوٽ ۽ سائين شوڪت حسين شوري پاران لکيل مھاڳ ليکڪ جي شخصيت ۽ خاص ڪري سنڌي ادب ۽ وجوديت جي حوالي سان ڏاڍا پرمغز رايا آهن.
سائين شوڪت شوري جو علمي مھاڳ مون کي بي حد جاندار لڳو ۽ سائين جي وجودي فڪر تي گهري Point of View کان متاثر ٿيو آهيان.
ڊاڪٽر جو تنقيدي ڏانءُ شاندار آهي. هن Concise Method کي اپنائيندي، هو مختلف ڪھاڻيڪارن جي ڪھاڻين تي ڪٿي ڪٿي تہ هڪ سٽ ۾ سڄي ڳالھہ ڪري وڃي ٿو. جيڪا مون کي تمام گهڻي وڻي ۽ مون کي اهو ڏان بہ مليو تہ تنقيد ائين بہ ڪري سگهجي ٿي. اجائي ڊيگهہ ۽ طوالت کان ڪئين بچجي. اهو هنر ڊاڪٽر وحيد جتوئي وٽ آهي.
مون کي خبر آهي تہ هي ڪتاب سڄي سنڌي ادب جو تجزيو آهي پر پوءِ مون کي حليم بروهي جو ناول اوڙاھہ يا اخلاق انصاري جو اڏوهي ۽ سائين جي ايم سيد جو ڪتاب ديار دل داستان محبت ۾ بہ سائين جي ايم وجودي ادب سرجيو آهي جنھن جي بہ ڇنڊڇاڻ لازمي هئي. اهي ڪجهہ ڳالھيون مون کي محسوس ٿيون، جيڪي آءٌ چئي رهيو آهيان ٻيا بہ کوڙ سارا تخليق ڪار هوندا/ آهن جن بہ وجودي ادب خلقيو آهي.
آخر ۾ هن نادان ماڻھو پاران ڊاڪٽر وحيد جي خدمت ۾ ڪجهہ صلاحون:
1. هن ڪتاب جو هر سال Revised ايڊيشن اچڻ گهرجي.
2. هر سال نيئن ڇاپي ۾ ڪجهہ نيون تحقيقون شامل ڪيون وڃن.
3. سينئر فلوز کي ڇڏي ڪري، نوجوانن جي شاعري ۽ افسانوي ادب تي بہ ٽيڪا ٽپڻي ڪري هن ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ گهرجي.
4. موجودہ پوسٽ ماڊرن صورتحال ۾ وجوديت جي ادبي نظرين تي Discourse بہ ڪرڻ گهرجي.
5. سامي تي هن ڪتاب ۾ الڳ باب آهي. جڏهن تہ شاھہ لطيف تي صرف هڪ پيراگراف آهي. منھنجي خيال ۾ ٻين ڪلاسيڪل شاعرن خاص ڪري سچل سرمست جي ڪلام ۾ وجودي فڪر آهي. ان کي بہ ڏٺو وڃي ۽ هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو وڃي.
6. هن ڪتاب ۾ شاعري جي لحاظ کان گهٽ مواد ڊسڪس ٿيو آهي جڏهن سنڌي ادب جو بڻياد ئي شاعري آهي سو ان کي ڏٺو وڃي.
آخري عرض ڊاڪٽر وحيد جتوئي جو هي پورهيو مون اکين تي رکيو آهي ۽ آءٌ بہ ڪوشش ڪندس تہ اهڙو ڪو ننڍڙو تنقيد ڪتاب لکان. اميد ڪيان ٿو تہ تنقيدي ادب سان لڳاءُ رکندڙ بہ هن پورهئي کي پنھنجي هنياءُ سان هنڊائيندا.

2022ع سال ۾ آيل ڪھاڻين جا ڪتاب

1. ستاويھہ ڊسمبر پير عبيد راشدي، مرڪ پبليڪيشن
2. سيلفي ضراب حيدر سنسار پبلشرز پرنٽرس
3. يارم پيارم زبيدہ ميتلو، ڪاڇو پبليڪيشن
4. نئون مثال محمد علي پٺاڻ، پيڪاڪ پرنٽرس پبلشرس
5. انٽرلاڪ شوڪت لوھار، سڦلتا پبليڪيشن حيدرآباد
6. ڪچي ننڍ جا خواب سڪندرعباسي مرڪ پبليڪيشن
7. سماج ۽ سچائي خوشبوء بلوچ چانڊوڪي پبليڪيشن
8. ماڻڪ ڪٽارو سليم مغل سمبارا پبليڪيشن حيدرآٻاد
9. پرينءَ جو شھر مبين سنڌي پيڪاڪ پرنٽرس پبلشرز
10. نجو شفيع بڪڪ ،مرڪ پبليڪيشن ڪراچي
11. ويندڙ چٽ جا ڏينھن ظفر حسن ترتيب: مختيار حسين ملاح
12. خوشي، زاھد منگي ، پيڪاڪ پرنٽرس پبلشرز ڪراچي
13. غيرموسم جون ڪھاڻيون مجيب اوٺو سڦلتا پبليڪيشن حيدرآباد
14. اوجاڳي جا خواب رسول ميمڻ ريکائون پبليڪيشن ڪراچي

2023ع سال ۾ آيل ڪھاڻين جا ڪتاب

 

نمبر

ڪتاب جو نالو

ڪھاڻيڪار  

پبليڪيشن

1

جيون سرورر

طارق قريشي

مرڪ پبلڪيشن ڪراچي

2

پينسلون کپائيندڙ ڇوڪري 

اصغر پتافي

مرڪ پبليڪيشن ڪراچي

3

گينگسٽرس آف ڪراچي

عبدالواحد سومرو

مرڪ پبليڪيشن ڪراچي

4

سيلفي

ضراب حيدر

سنسار پبليڪيشن ڪراچي

5

آخري ناچ

شبير نظاماڻي

ڪنول پبليڪيشن قنبر

6

جهرڪيون اڏامي ويون

نصير ڪنڀر

پيڪاڪ پرنٽرس ائنڊ پبلشرز ڪراچي

7

ريڊيولاجي

اظھار بالادي

ڪنول پبليڪيشن قنبر

8

رات ريل ۽ رڻ پٽ

زيب سنڌي

سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو

9

جعفر جي نئين ڪھاڻي

حفيظ ڪنڀر

سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر

10

سبق ستون

حسين ڪپري

سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر

11

رسول ميمڻ جون ڪھاڻيون

رسول ميمڻ

ترتيب/تحقيق هوش محمد ڀٽي

سڦلتا پبليڪيشن حيدرآباد

12

ڪرفيو ۾ اڏامندڙ ڪاغذ

رسول ميمڻ

ڪنول پبليڪيشن قنبر

13

ثاقب جي آئس ڪريم

پروين موسيٰ ميمڻ

چانڊوڪي پبليڪيشن واهي پانڌي

14

پوپٽ ۽ گلاب

پروين موسيٰ ميمڻ

چانڊوڪي پبليڪيشن واهي پانڌي

15

شھزادي ماه نور

پروين موسيٰ ميمڻ

چانڊوڪي پبليڪيشن واهي پانڌي

16

مائي مجاور

گل ڪونڌر

ادب پبليڪيشن حيدرآباد

17

منھنجي صاحب ڌيءُ

دريا خان شنباڻي

پيڪاڪ پبلشرز ۽ پرنٽرز ڪراچي

18

سانڍيل ورق حقيقت جا

سدره شاھہ

 

19

ڪاري راڻي

نور ڪنڀر

سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد

20

اماوس جھڙي چانڊوڪي

انور لوهار

 

21

درد جي دنيا

منظور بيدار

 

22

مون خدا کي ڳولي لڌو آهي

سيما ابڙو

پيڪاڪ پرنٽرز پبلشرز ڪراچي

23

سَتِي بيبي

ارشاد سومرو

پيڪاڪ پرنٽرز پبلشرز ڪراچي

24

پرسڪون چھري جي آتم ڪٿا

انور ابڙو

پيڪاڪ پرنٽرز پبلشرز ڪراچي

 


 

امير ابڙي جو ڪھاڻي ڪتاب “هڪ ڪانئر جو موت”

سنڌي ادب ۾ ڪھاڻيڪارن جي هڪ کيپ اسي ۽ نوي جي ڏهاڪي ۾ پيدا ٿي. جن پنھنجي ڪھاڻي جي فن سان سنڌيءَ ڪھاڻي کي اوج تي رسائڻ ۾ پنھنجو هر ممڪن ڪردار ادا ڪيو. انھن ڪھاڻيڪارن جي قطار ۾ ڪھاڻيڪار امير ابڙو بہ شامل آهي.
جنھن پنھنجي دؤر جي ڪھاڻيڪارن جي اسلوب کان هٽي ڪري نيئن سنڌي ڪھاڻي کي موکيو. امير ابڙو پنھنجي ڪھاڻي جي فن، موضوع ۽ اسلوب ۾ نرالو ليکڪ آهي. هن وٽ گهڻي افسانويت ۽ مصنوعي انداز نہ آهي. پر هُو کري ۽ گهري اک سان روين، مامرن ۽ انساني معروضيت کي ڏسڻ جو عادي آهي. جيڪو سندس ڪھاڻي ڪتاب ”هڪ ڪائنر جو موت“ ۾ آهي.
امير ابڙو هڪ سڄاڻ ليکڪ هجڻ سان گڏ تعليمدان بہ آهي. سنڌ جي ٻارڙن جي جديد تعليم لاءِ سالن کان پاڻ پتوڙي رهيا آهن. هُو دنيا کي پنھنجين اکين سان ڏسي، سنڌ کي سجائڻ جا سپنا سرجي ٿو. ان ۾ مکيہ خواب سنڌ جي جديد تقاضائن واري تعليم مھيا ڪرڻ آهي.
ليکڪ جي ڪتاب جو هي ٽيون ڇاپو آهي. ان کان علاوہ پاڻ ٻيا بہ سفرنامي، ڪالمن ۽ مختلف موضوعن جا ڪتاب سنڌي ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ ڇپجي چڪا آهن. ڪھاڻي کيتر ۾ نوجوان ٽھي لاءِ سندن ڪھاڻيون هڪ نئون موضوع ۽ آزمودا کڻي اينديون.
انور ابڙي موجب: “جديد ڪھاڻيڪارن ۾ امير ابڙو نرالي ڊڪشن سان سامھون آيو آهي. هن جي ٻولي پنھنجي آهي. تشبيھون پنھنجون آهن، استعارا پنھنجا آهن.”
امير ابڙي جي ڪھاڻين جي اڻت ۾ منفرد ٻوليءَ جي رواني ۽ موضوع جدا جدا آهن. اهي سنڌي ادب جون معياري ۽ سٺو بيانو رکندڙ آهن.