ٻاراڻو ادب

امر انسان (ٻارن لاءِ سوانحي مضمون)

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو جديد ادب جي ضرورت مطابق لکيل هيءُ مجموعو ٻن حصن ۾ ورهايل آھي جنھن ۾ ڪل 26 شخصيتن بابت سوانحي مضمون شامل آھن. ڪتاب ۾ آيل اَمر انسانن جي نالي کي ڪڏهن بہ مات ناهي اچڻي ۽ اهي پنھنجي اڻملھہ ڪارنامن سان بقا حاصل ڪري ويا آهن.

  • 4.5/5.0
  • 139
  • 27
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Amar Insan

حق ۽ واسطا

ڪتاب: (10)
ڪتاب جا سڀئي حق ۽ واسطا اداري ۽ ليکڪا وٽ محفوظ آهن
ڪتاب جو نالو: اَمر انسانَ
موضوع: ٻاراڻو ادب (مضمون)
ليکڪا: ڊاڪٽر پروين موسىٰ ميمڻ
ڇاپو: پھريون (2025)
تعداد: هڪ هزار
ٽائيٽل: مھراڻ سهتو
ڪمپوزنگ: گلزيب هڪڙو
ڇپائيندڙ:محمد موسىٰ ادبي اڪيڊمي، ڏيپلائي ٽائون، حيدرآباد.
ڇپيندڙ: محمد موسيٰ ڏيپلائي اڪيڊمي ۽ ايڊوانس پرنٽنگ ايجنسي حيدرآباد
مُلھہ: 200 روپيہ

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
books.sindhsalamat.com
2025ع

ملڻ جا هنڌ
سنڌي ادبي بورڊ بڪ اسٽال حيدرآباد، قليچ ڪتاب گهر حيدرآباد، دانيال ڪتاب گهر قاسم آباد حيدرآباد، پيڪاڪ ڪتاب گهر حيدرآباد، سنڌ ڪتاب گهر پريس ڪلب حيدرآباد، ايڊوانس پرنٽنگ ايجنسي حيدرآباد، ڪامران شيخ سنڌيڪا لاڙڪاڻو

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ پاران ٻارن لاءِ لکيل سوانحي مضمونن تي مشتمل ڪتاب ”اَمر انسانَ“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو جديد ادب جي ضرورت مطابق لکيل هيءُ مجموعو ٻن حصن ۾ ورهايل آھي جنھن ۾ ڪل 26 شخصيتن بابت سوانحي مضمون شامل آھن. ڪتاب ۾ آيل اَمر انسانن جي نالي کي ڪڏهن بہ مات ناهي اچڻي ۽ اهي پنھنجي اڻملھہ ڪارنامن سان بقا حاصل ڪري ويا آهن.
ھي ڪتاب 2025ع ۾ محمد موسىٰ ادبي اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پيار جو قلمي پورهيو

مھينو کن اڳ ۾ ميڊم ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ صاحبہ فون ڪري چيو تہ ادا مُنھنجا 6/5 ڪتاب تيار پيا آهن اُنھن مان اوهان ڪھڙي ڪتاب تي مھاڳ لکندو؟ ڪتابن جا نالا بہ ٻُڌايائين ۽ اُنھن ۾ ڪھڙو مواد موجود آهي اُهو بہ ٻُڌايائين.
مُون چيو تہ ميڊم آئون ٻارن جي ڪتاب تي لکندس اُهو اِن ڪري چيم تہ عام راءِ آهي تہ ٻارڙن لاءِ ڪو نہ ٿو لِکيو وڃي. سو مون سوچيو تہ جيڪڏهن ميڊم ٻارڙن لاءِ ڪتاب لکيو آهي تہ پوءِ آئون بہ ٿو اُن ڪتاب تي مھاڳ لِکان.
ميڊم چيو تہ جيئن ئي اُهو ڪتاب مُون وٽ پھرين پروف لاءِ پھچندو تہ پھريائين اوهان مھاڳ لکجو ۽ پوءِ مان پروف چيڪ ڪنديس. اُهو ڪتاب مُون کي 21 فيبروري 2022ع جي شام جو مليو ملڻ شرط پڙهڻ شروع ڪيم اڌ مئٽر 21 فيبروري تي پڙهي پورو ڪيم ۽ باقي اڌ 22 تي پڙهي پورو ڪيم ۽ 22 تاريخ رات جوئي هي مھاڳ لکي پورو ڪيم. ميڊم جڏهن مُون کي فون ڪري مھاڳ لکڻ لاءِ چيو تہ تڏهن مُون سوچيو تہ ميڊم منھنجو انتخاب ڪيئن ڪيو! پر پوءِ مون ڏٺو تہ ميڊم انيڪ ڪتاب لکيا آهن. جن تي سينيئرز کان سواءِ جونيئر اديبن بہ لکيو آهي تہ پوءِ ٻہ اکر تہ آئون بہ لکي سگهان ٿو.
ٻارڙن لاءِ جيترو چيو وڃي ٿو تہ ٻارڙن لاءِ نٿو لکجي. اُن جو جواب اهو آهي تہ ٻارڙن لاءِ لکڻ ڪو آسان ڪم بہ ڪونھي. ٻارڙن جي لاءِ لکڻ وقت ٻارڙن جي عمر، نفسيات، سوچن، وندر ۽ مشغولين کي بہ نظر ۾ رکڻو ٿو پوي ۽ وڏي ڳالھہ تہ اهي ٻارڙن لاءِ لکيل مضمون ٻار ٿي لکڻو ٿو پوي ۽ ميڊم انھن سڀني ڳالھين کي ذهن ۾ رکي پوءِ لکيو آهي. مُون کي معلوم ٿيو تہ هي ٻارڙن لاءِ ميڊم جو مضمونن جو ٻيو ڪتاب آهي. جيڪو سُھڻو، دلچسپ ۽ وڻندڙ ڪتاب آهي. ميڊم جو چوڻ تہ ٻارن لاءِ هي نئين قسم جو ڪتاب آهي. اڳين ڪتابن جي ڀيٽ ۾ هيءُ ڪتاب جنھن ۾ سوانحي مضمون آهن. جو جڏهن موُن مڪمل مطالعو ڪيو تہ ڪتاب مون کي سٺو لڳو.
آخر ۾ آئون ميڊم ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ صاحب کي جَسُ ٿو ڏيان جيڪا ٻارڙن جي لاءِ لکي ٿي ۽ اُنھن ۾ مطالعي جي عادت وجهي ٿي ۽ خاص طور نثر ۾ لکي ٻارن جي لاءِ مضمونن ۽ ڪھاڻين جي ڪتابن جي کوٽ جي پورائي ۾ مدد ڪري رهي آهي، جو تمام واکاڻ جوڳو ڪم آهي.ميڊم جو ٻارن لاءِ هيءُ سٺو ڪتاب آيو آهي کيس اِن ڪتاب تي دِلي مبارڪباد ڏيان ٿو.

سرور نواز ٻُگهيو
ڄاماڻي گُلشن مريم گارڊن
ڪوٽڙي، ضلعو ڄامشورو، سنڌ
2022-02-22

ٻہ اکر

ٻارن جو ادب وقت جي اهم ضرورت آهي. اڄ جي دور ۾ اسان جا ٻار لاڳيتو انٽرنيٽ ۽ موبائيل ضرورت سان يا بنا ضرورت جي استعمال ڪري رهيا آهن. مطالعي جي عادت منجهن گهٽجي رهي آهي، انھيءَ ڪري جيڪڏهن سندن لاءِ سٺا، دلچسپ ۽ معياري ڪتاب لکي ادبي ميدان ۾ آندا وڃن تہ کين ادب جي مطالعي جي عادت پوندي.
ڪتاب ۾ آيل اَمر انسانن جي نالي کي ڪڏهن بہ مات ناهي اچڻي ۽ اهي پنھنجي اڻملھہ ڪارنامن سان بقا حاصل ڪري ويا آهن، لکين، ڪروڙين حياتين جي دلين ۾ سدا حيات آهن سندن سوانحي خوبين کي نمايان ڪرڻ ئي هن ڪتاب جي لکڻ جي مقصديت آهي، ڪتاب کي ٻالڪ ادب جي حوالي سان لکندي طويل نٿي ڪريان، آئون سمجهان ٿي، انھيءَ قسم جا دنيا جي رول ماڊل شخصيتن بابت مضمون ٻارن جي لاءِ وڏي اُتساھہ جو ڪارڻ بڻبا کين اڳيان وڌڻ جي سگهہ ملندي. کين صحيح ۽ غلط جي فرق جي خبرپوندي، منجهن مثبت خيال پيدا ٿيندا، هو دين ۽ دنيا جي لاءِ ڪارائتا ٿيندا، اهوئي هن ڪتاب جو مقصد آهي.
امر انسانَ کي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ محترم سرور نواز ٻگهيو کي موڪليم جنھن کي گهڻو پسند آيو ۽ ڪتاب بابت لکي ڏنائين، سندن وڏي مھرباني، لک لائق ادا خالد ڀٽي صاحب جا جو ”اَمر انسانَ“ جي مواد تي نظر ثاني ڪيائين ۽ پروف ريڊنگ کان عنوان بابت قيمتي مشورن سان نوازيائين. ٻن حصن ۾ ورهايل جديد ادب جي ضرورت مطابق لکيل هيءُ مضمونن جو مجموعو اميد تہ ٻارن جي علمي، ادبي، تعليمي ۽ سائنسي ڄاڻ جي ضرورت جو پورائو ڪندو.

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
اي-03 ڏيپلائي ٽائون،حيدرآباد، سنڌ

پھريون حصو

---

محسن انسانيت حضرت محمد مصطفىٰ ﷺ

دنيا ۾ انسان ذات جي ڀلائيءَ ۽ سڌاري لاءِ وقت بہ وقت ڪيترائي نبي ۽ پيغمبر ايندا رهيا، جن ماڻھن کي چڱائيءَ ڏانھن موڙڻ ۽ براين کان بچڻ لاءِ کين هميشہ پئي سمجهايو آهي. پھريون نبي حضرت آدم عليہ السلام آيو. ان کان پوءِ دنيا جي الڳ الڳ ملڪن ۾ اٽڪل سوالک ڀلارن انسانن کي ﷲ تعالي ”نبي“ يا ”رسول“ ڪري موڪليو، جن ۾ حضرت ابراهيم عليہ السلام، حضرت اسماعيل عليہ السلام ، حضرت اسحاق عليہ السلام ، حضرت يعقوب عليہ السلام ، حضرت يوسف عليہ السلام ، حضرت موسيٰ عليہ السلام ، حضرت دائود عليہ السلام، حضرت عيسيٰ عليہ السلام ۽ ٻيا آهن. ان کان پوءِ آخري نبي حضرت محمد مصطفيٰ صلي ﷲ عليہ وآلِه وسلم جن آهن. جيئن تہ نبي يا رسول، ﷲ پاڪ جي حُڪمن جي پوئواري ڪرڻ ۽ سچ جي واٽ تي هلڻ جو سڏ ڏيندڙ رهيا آهن، جنھن جي حڪمن کي مڃڻ ۽ مٿن ايمان آڻڻ تي نيڪ ماڻھو تہ عمل ڪندا هئا پر جيڪي ڏکيا ۽ ڏنگا ماڻھو هئا. سي کين تڪليفون ڏيندا رهيا ايئن ئي اسان جي پياري ۽ آخري نبيءَ تمام گهڻين تڪليفن، ڏکن ۽ ڏولاون کي صبر، همٿ، عزم ۽ استقلال سان سَٺو.
جڏهن عربستان ۾ هر قسم جون برايون چوٽ چڙهي ويون ۽ تڏهن ﷲ ٻاجهاري ٻاجهہ ڪئي۽ هن پنھنجي عبادت جي گهر ڪعبتہ ﷲ جي شھر مڪي شريف ۾ حضرت عبدﷲ ۽ بي بي آمنہ سڳوريءَ جي گهر ۾ 12 ربيع الاول سومر جي ڏينھن 571 عيسويءَ تي حضرت محمد صلي ﷲ عليہ وآلِه وسلم جن کي هن دنيا جا ڏک ۽ سور ختم ڪرڻ لاءِ آخري نبي ڪري پيدا ڪيو. رسول پاڪ صہ جن جو والد حضرت عبدﷲ سندن پيدائش کان اڳ وفات ڪري ويو. کين عربستان جي رواج مطابق قبيلي بني سعد جي هڪ معزز عورت بيبي حليمہ سعديہ وٽ کير پيارڻ ۽ پرورش لاءِ ڇڏيو ويو جتي، سندن رضاعي ڀائر ٻڪريون چارڻ ويندا هئا. پاڻ بہ ساڻن گڏ اوڏانھن وڃڻ لڳا، ڇھن سالن جي عمر ٿيڻ تي کين بيبي حليمہ واپس مڪي پاڪ وٺي آئي. رسول پاڪ جن جڏهن ڇھن ورهين جا ٿيا تہ سندن والدہ وفات ڪري وئي. والدہ جي وفات کانپوءِ کين ڏاڏي عبدالمطلب سنڀاليو. جڏهن پاڻ سڳورا اٺن سالن جا ٿيا، تڏهن ڏاڏي عبدالمطلب جن جي وفات ڏاڏي سائينءَ جي وفات جو پاڻ سڳورن کي ڏاڍو ڏک رسيو، کانئن پوءِ پاڻ پنھنجي چاچي حضرت ابوطالب جي هٿ هيٺ رهيا، جيڪو مالي طور تہ سگهارو ڪونہ هو پر جڏهن رسول پاڪ صہ جن وٽن آيا تڏهن سندن گهر ۾ وڏي برڪت پئي.
حضرت ابو طالب جو پٽ حضرت عليرضہ حضرت محمدصہ جن جو سوٽ هو. حضرت علي سائين اسلام قبول ڪندڙ پھريون ڪم عمر فرد هو. هن رسول پاڪ جن جي نبوت تي ايمان پھرين آندو هو. حضور ڪجهہ وقت ٻڪريون چاريندا رهيا ۽ پوءِ تجارت شروع ڪيائون. رسول پاڪصہ جن ننڍپڻ کان سلڇڻا، ڏاڍا ايماندار ۽ نيڪ هئا کين عرب قوم ”امين“ ۽ ”صادق“ جا لقب ڏنا.
رسول پاڪ جن جي ايمانداريءَ جي هاڪ ٻڌي هڪ نيڪ، پرهيزگار ۽ بيوہ عورت سيدہ خديجة الڪبريٰ کين پنھنجو مال نفعي تي واپار لاءِ ڏيڻ جي صلاح ڪئي ۽ پاڻ ڪريم جن غلام ميسرہ سان گڏ اهو مال وڪڻي وڏي ايمانداريءَ سان کين پئسا آڻي ڏنائون، سيدہ خديجة الڪبريٰ عورتن ۾ سڀني کان پھرين اسلام قبول ڪيو. بيبي صاحبہ پاڻ سڳورن جي اخلاق ۽ ڪردار کان بيحد متاثر ٿي کين نڪاح جو پيغام موڪليو، ان ريت رسول پاڪصہ جن جي شادي پنجويھن سالن جي عمر ۾ حضرت بي بي خديجہ سان ٿي بيبي سانئڻ جي عمر انھيءَ وقت چاليھہ سال هئي.
حضرت خديجہ هڪ ديندار عورت هئي، جنھن پنھنجو سڄو مال متاع رسول پاڪ جن کي حوالي ڪيو، حضرت محمد جن ﷲ جي عبادت ڪرڻ ۽ ڪائنات تي غور ۽ فڪر ڪرڻ واسطي پاڻ ”غارِ حرا“ ۾ ويندا هئا، جيڪا شھر کان ٻاهر هئي. هڪ ڀيري عبادت ڪندي مٿن وحي نازل ٿي. رسول پاڪ جن جڏهن بي بي خديجہ سان حضرت جبرائيل عليہ السلام جي اچڻ ۽ وحيءَ جو ذڪر ڪيو تہ هوءَ کين پنھنجي 90 سالن جي سئوٽ ورقہ بن نوفل وٽ وٺي ويئي جيڪو انجيل ۽ ٻين مقدس ڪتابن جو ڄاڻو هو، جنھن حضرت محمد ﷺ جن جي نبوت جي تصديق ڪئي. حضرت جبرائيل عليہ السلام ﷲ جو ڪلام وحيءَ جي صورت ۾ کڻي پھچائيندو هو. اهڙيءَ ريت اهو سلسلو ٽيويھہ سال هليو، جنھن ۾ قرآن شريف رسول پاڪصہ جن تي مختلف هنڌن تي نازل ٿيندو رهيو.
عورتن ۾ حضرت بي بي خديجہرضہ ۽ مردن ۾ حضرت ابوبڪر صديقرضہ ۽ ٻارن ۾ حضرت عليعہ سڀني کان پھريان ايمان آندو ۽ ٻين ڪجهہ شخصن ايمان آندو شروع شروع ۾ مڪي جي بت پرستيءَ جي ماحول ۾ هو پنھنجي ايمان کي ڳجهو رکي عبادت ڪندا رهيا.
اها رسالت جي شروعات هئي پھرين وحيءَ جي ٽن سالن کان پوءِ خدا جي حڪم سان پياري نبيصہ کلي تبليغ جو پيغام ڏيڻ شروع ڪيو. جيئن ئي پاڻ حرم پاڪ ۾ دين اسلام جو اعلان ڪيائون، ڪافر هرطرف مٿن ٽٽي پيا ۽ حضرت حارث بن هالہ کين بچائڻ لاءِ اڳيان آيو پر هو زخمن جا تاب نہ سھي شھيد ٿي ويو، حضرت حارث بن هالہ اسلام جو پھريون شھيد هو.
ڪافرن پياري نبيصہ سندن خاندان ۽ ٻين اسلام قبول ڪندڙ مسلمانن تي تمام گهڻا ظلم ڪرڻ شروع ڪيا. نعوذباﷲ رسول پاڪصہ جن کي ”چريو“ ۽ ”جادوگر“ سڏڻ لڳا.
مسلمان پنھنجي عقيدي تي قائم رهيا سندن انگ وڌنڌو ويو، ڪافرن، رسول پاڪ کي ملڪ جو بادشاھ بنائڻ ۽ گهڻي ملڪيت ڏيڻ جون آڇون ڪيون پر پاڻ سڳورنصہ پنھنجي رب پاڪ جي ڏنل هدايت ۽ رستي تي قائم رهندي ، دين اسلام جي روشني پکيڙڻ واري عظيم ڪم تي قائم رهيا. اهڙيءَ ريت ڪافرن جي ڏنل گهڻين تڪليفن سبب پاڻ ڪريم صہ جن يثرب ڏانھن هجرت ڪئي جتي هڪ مسجد اڏائي جا، ”مسجد نبوي“ وسيع و عريض اڄ بہ شان ۽ مان سان قائم آهي. يثرب کي پوءِ ”مدينتہ النبي“ يعني نبيءَ جو شھر سڏيو ويو. ڪافرن مسلمانن سان گهڻيون جنگيون ڪيون، جن ۾ بدر جي جنگ، احد جي جنگ، خندق جي جنگ ۽ ٻيون جنگيون آهن. آخرڪار تمام گهڻا ماڻھو اسلام ۾ داخل ٿيا. پاڻ پنھنجي ڏھ هزار ساٿين جي لشڪر سان مڪي پاڪ ۾ داخل ٿيا ۽ ﷲ جي حڪم سان مڪو پاڪ فتح ٿيو، رسول پاڪصہ جن ڪعبي ۾ موجود 360 بتن کي پنھنجي هٿ مبارڪ ۾ موجود لٺ سان ڪيرايو ۽ عظيم الشان خطبو پڙهيو ۽ دشمنن کي معاف ڪيو. ٻنھي جھانن جي سردار رحمت اللعالمين جي حڪم معرفت آس پاس جي ڳوٺن ۾ قائم ڪيل بت خانا ختم ڪيا ويا.
ڏهين هجريءَ تي پاڻ ڪريم جن حج ادا ڪيو ۽ سوالک مسلمانن کي مخاطب ٿي آخري حجتہ الوداع جو خطبو ڏنائون، جنھن ۾ ﷲ جي بابت بندگي ۽ دنيا جا حڪم سمجهايائون، انھيءَ کان پوءِ پاڻ واپس مديني شريف ويا. جتي ٻن مھينن جي بيماريءَ کان پوءِ ٽيهٺ ورهين جي ڄمار ۾ سندن وفات ٿي.
احمد اَڙين آڌارُ ٿيو، مڙني مُک مھندارِ ٿيو،
سڀني سندو سردار ٿيو، بلغ الُعليٰ بڪِمالہ،
سھڻو سڄڻ سائين، سڀ شاھ تنھن در جا گدا،
ڪھڙي ڪجي، تنھن جي ثنا، صلو عليہ واٰلہ.

حضرت بي بي حليمہ سعديہ رضہ پياري نبيﷺ جي پالنا ڪندڙ ڀلاري عورت

مڪي شريف جي جبلن جي پويان پنجياسي ڪلوميٽر اوڀر طرف طائف جي سرسبز واديءَ کان ٿورو اڳيان بني هوازن جو علائقو آهي. جتي قبيلو بني سعد آباد هو. هن قبيلي جا ماڻھو پنھنجي فصيح ۽ بليغ عربي ٻوليءَ جي ڪري مشھور هئا. انھن جي انھيءَ خوبيءَ جي ڪري حيثيت وارا يعني شاهوڪار عرب پنھنجي ٻارن جي ذهني ۽ جسماني تربيت ۽ خالص عربي ٻولي سکڻ لاءِ هن قبيلي جي عورتن جي حوالي ڪندا هئا. جيڪي نون ڄاول ٻارن کي مناسب اجوري تي پاڻ سان گڏ وٺي وينديون هيون هن قبيلي جي هڪ معزز عورت حضرت حليمہ سعديہرضي ﷲ عنھا هئي، جنھن کي اهو شرف حاصل ٿيو تہ هن پياري نبيءَ جي پنج سال پرورش ڪئي، کين ٻہ سال کير پياريو ۽ پنجن سالن تائين پالنا ڪئي. بي بي حليمہ سعديہ کي ٽي ٻار عبدﷲ، انيسہ ۽ شيما هئا، جنھن ۾ شيما ٿوري وڏي هئي. هوءَ رسول پاڪصہ جن کي هنج ۾ ويھاري کارائيندي ۽ لوليون ڏيئي سمھاريندي هئي. هي ٽيئي ٻار پياري نبيصہ جا ٿڃ شريڪ ڀاءُ ڀيڻ هئا. حضرت حليمہ جي گهر واري جو نالو حارث بن عبدالعزيٰ هو.
حضرت حليمہ سعديہ کان روايت آهي تہ، ”جڏهن آئون مڪي شريف مان ٻين عورتن سان گڏ ٻار پالڻ لاءِ حاصل ڪرڻ ويس، تڏهن اسان جي علائقي ۾ شديد ڏڪار هو ۽ قبيلي جي ٻين عورتن عبدالمطلب جي يتيم پوٽي کي پالڻ لاءِ ڪونہ پئي کنيو تہ متان يتيم ٻار کي پالڻ جي صورت ۾ انعام ۽ اڪرام نہ ملن پر جيئن تہ آئون ڪمزور گڏھہ تي چڙهي دير سان پھتي هيس، مون پنھنجي مڙس کي چيو تہ، ”خدا جو قسم آئون خالي هٿ ڪونہ وينديس“ ۽ مون ننڍڙي محمد ﷺ کي هنج کنيو پر آئون حيران ٿي ويس تہ واپسيءَ جي رستي ۾ ڪمزور گڏھہ تمام تيز هلڻ لڳي ۽ منھنجي مڙس جي ڏاچي تمام گهڻو کير ڏيڻ لڳي ۽ منھنجي سڪل ڇاتي جنھن تي منھنجو ٻار پيٽ ڀري کير ڪونہ وٺي سگهندو هو. ان ۾ ايترو تہ کير آيو جو منھنجي پٽ ۽ محمدصہ پيٽ ڀري پيتو تہ بہ کير ڇاتين ۾ موجود رهيو ”سبحان ﷲ“
رسول پاڪصہ جن جي ”شق صدر“، يعني ﷲ جي حڪم سان حضرت جبرائيل طرفان سيني کي چاڪ ڪري زم زم سان ڌوئڻ جو واقعو حليمہ سعديہ جي گهر وٽ پيش آيو جو سندن ٿڃ شريڪ ڀائرن ۽ ڀينرن ڏٺو ۽ پنھنجي والد ۽ والدہ کي ڄاڻ ڪيائون پر جڏهن هُو اتي پھتا، تڏهن اهو واقعو ٿي چڪو هو. ان کان سواءِ ٻيا پڻ ڪجهہ معجزا ٿيا، جن جي ڪري پنجن سالن جي عمر ۾ بيبي حليمہ سعديہ رسول پاڪصہ جن کي سندن حفاظت جي سبب ڪري مڪي ۾ واپس پھچايو. سندن موجب تہ، ”منھنجي گهر ۾ پياري نبيصہ جي موجودگيءَ ۾ ايتري تہ برڪت هئي جو سڄو قبيلو حيران ٿي ويو ۽ اها ڳالھہ غير معمولي هئي جو هڪ ڪڪر سدائين پياري نبيصہ تي ڇانوَ ڪري هلندو هو“، حضرت خديجہرضہ سان رسول پاڪصہ جن جي شاديءَ کان پوءِ بي بي حليمہ هڪ دفعو پاڻ ڪريم جن سان ملڻ آئي ان وقت سندن علائقي ۾ ڏڪار هو سندن حال معلوم ٿيڻ تي کين چاليھہ ٻڪريون ۽ مال متاع سان ڀريل اٺ عطا ڪيائون، جڏهن بي بي حليمہ پياري نبي حضرت محمدصہ جن جي نبوت جي خبر ٻڌي، تڏهن تمام گهڻي خوش ٿي ۽ چيائين مون کي خبر هئي تہ، ”منھنجي هنج ۾ پلجڻ وارو هي مبارڪ ٻار ضرور ﷲ جو پيارو ۽ مقرب ٻانھو آهي“ پوءِ هوءَ صبر سان نہ ويٺي پنھنجي اولاد ۽ مڙس سان گڏ اچي پاڻ ڪريمصہ جن سان ملاقات ڪري اسلام قبول ڪيائين.
حنين جي جنگ ۾ رسول پاڪ جن بنو هوازن قبيلي جا ڇھہ هزار قيدي آزاد ڪري ڇڏيا ان ڪري جو اهي حليمہ سعديہ جا مٽ مائٽ ۽ عزيز قريب هئا. حضرت حليمہ رضہ جي وفات 8 هجري، 629ع ۾ 79 ورهين جي عمر ۾ مديني منورہ ۾ ٿي، سندن آرامگاھہ جنت البقيعہ ۾ آهي.

”يارِ غار“ حضرت ابوبڪر صديقرضي ﷲ عنہ

سچو آھ سرور سندو يارِ غار، ابو بڪر صديق صادق سچار.
مسلمان پھريون اهو آھ مرد، ڪيو پھريون اسلام ان اختيار.
حضرت ابو بڪر صديق رضہ قريش قوم جي بني تميم قبيلي سان واسطو رکندا هئا. سندن نالو عبدالڪعبہ ۽ والد جو نالو قحافہ هو. اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ ﷲ جي رسول ﷺ سندن نالو بدلائي عبدﷲ رکيو. سندن لقب ”ابو بڪر“، ”صديق“ ۽ ”عتيق“ هئا. پاڻ تمام سچو ۽ عمدن اخلاقن وارو هو. پاڻ ڪريم ﷺ جن کان عمر ۾ ڪجهہ مھينا ننڍو هو پر سندن جي وچ ۾ گهاٽي دوستي هئي. مڪي کان مديني هجرت ڪرڻ مھل ساڻن گڏ هئا. حضرت ابو بڪر صديق رضہ کي ”يارِ غار“ پڻ سڏيو ويندو آهي.
پاڻ هجرت مھل ”غارِ ثور“ ۾ رسول پاڪصہ جن سان گڏ ترسيا ۽ هن غار ۾ ڪيترائي سوراخ هئا جيڪي بند ڪرڻ بعد پڻ هڪ سوراخ رهجي ويو جنھن مان هڪ زهريلو نانگ نڪتو تہ حضرت ابو بڪر رضہ ﷲ عنہ جن انھيءَ سوراخ تي پنھنجي پير جي کڙي رکي ڇڏي. نانگ کين وَرَ وَرَ ڏيئي ڏنگڻ لڳو، جو ان جي نڪرڻ جو رستو بند ٿي ويو هو. حضرت ابو بڪر رضي ﷲ عنہ جي گوڏي تي رسول پاڪصہ جن آرامي هئا، سندن آرام ۾ رخنو نہ پوي، اهو چاهيندي حضرت ابوبڪررضہ پير نہ هٽايو. سور وچان جڏهن سندن لڙڪ پاڻ ڪريمصہ جي منھن مبارڪ تي ڪريا تہ رسول پاڪصہ جاڳي پيا ۽ سندن ايمان کي شابس ڏيندي پنھنجي وات جو لعاب مبارڪ سندن کڙيءَ تي هنيائون تہ سور ختم ٿي ويو.
حضرت ابو بڪر صديقرضہ جي نياڻي عائشہ بنت ابو بڪررضہ، رسول پاڪصہ جي نڪاح ۾ آئي جا سڀني ازدواج (گهروارين) ۾ ننڍي، خوبصورت ۽ ديندار بيبي هئي. حضرت عائشہ رضہ کان ڪيتريون ئي حديثون پڻ روايت ڪيل آهن. حضرت ابوبڪر صديقرضہ وڏو واپاري ۽ دولتمند هو، اسلام جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ هن پنھنجو پورو مال ﷲ جي راھ ۾ قربان ڪري ڇڏيو. ڪن موقعن تي تہ هو گهر جو سمورو سامان کڻي اچي پيش ڪندو هو.
رسول پاڪصہ جي هن دنيا مان رحلت ڪرڻ کان پوءِ مسلمانن يڪراءِ ٿي حضرت ابو بڪر صديقرضہ کي پنھنجو خليفو چونڊيو، هُو مسلمان اُمت جو پھريون خليفو سڏجي ٿو. خليفي مقرر ٿيڻ کان پوءِ پاڻ هڪدم نبوت جي ڪوڙن دعويدارن تي چڙهايون ڪري کين سيکت ڏني، ايتري تائين جو اهي توبھہ تائب ٿيا. زڪواۃ نہ ڪڍندڙن ۽ اسلام جي حڪمن تي عمل نہ ڪندڙن خلاف بہ جھاد ڪيائين. حضرت ابو بڪر صديقرضہ رومين ڏي جنگ لاءِ لشڪر موڪليو. ان کان سواءِ ايران ۽ دمشق ڏي پڻ فوجون موڪليائين. اهڙيءَ طرح سندن حياتيءَ ۾ ڪجهہ ملڪ فتح ٿيا تہ وفات جو وقت اچي پھتو. 63 سالن جي عمر ۾ سومر ڏينھن 12 جمادي الاول تي سن 13 هجري عيسوي سال 624ع تي وفات ڪيائون. سندن خلافت جو عرصو ٿورو، پر انصاف وارو دور هو. پاڻ رسول پاڪ ﷺ جن جي ڀر ۾ ئي مديني پاڪ ۾ دفن ٿيل آهن.

هڪ بھترين منتظم حضرت عمر فاروق رضي ﷲ عنہ

ٻيو يار پاڪ خيرالانام جو،
فاتح جو مصر، فارس ۽ روم و شام جو،
اسلام هن جي آئي ٿيو زور ملڪ ۾،
نروار دٻدٻو ٿيو، سندس پاڪ نام جو.

چارئي خليفن ۾ ٻئي مشھور خليفي جو نالو ”عمر“ ۽ لقب ”فاروق“ هو. سندن والد جو نالو ”خطاب“ هو. کين ”حضرت عمر بن خطاب“ ۽ ”عمر فاروق“ چوندا آهن. حضرت عمررضہ جي نسب جو سلسلو اٺين پيڙهيءَ ۾ رسول پاڪ ﷺ جن سان وڃي ملي ٿو. حضرت عمررضہ جي عمر 27 سال هئي جڏهن رسول پاڪصہ جن کي ﷲ تعاليٰ نبوت عطا ڪئي ۽ ماڻھن کي اسلام ۾ اچڻ جي دعوت ڏني. حضرت عمر فاروقرضہ بي انتھا بھادر ۽ تقرير جي فن جو ماهر هو. کيس اسلام جي تبليغ تي سخت ڪاوڙ آئي هو نون مسلمانن کي ماريندو هو. هو مسلمانن جو دشمن ٿي بيٺو، سندن جي اسلام قبول ڪرڻ لاءِ رسول پاڪصہ جن ﷲ کان دُعا گهري ۽ هو پنھنجي ڀيڻ ۽ ڀيڻويي کي قرآن پڙهندو ڏسي متاثر ٿيو پوءِ اسلام قبول ڪيائين. جنھن تي مسلمان تمام گهڻا خوش ٿيا. پاڻ ڪنھن کان بہ ڪونہ ڊڄندو هو. حرم شريف ۾ وڃي ظاهر ظھور نماز پڙهيائين، مشرڪن ۽ ڪافرن ۾ وڏو چؤٻول ٿيو سندس بھادريءَ جي هاڪ هئي ۽ مسلمانن کي حضرت عمررضہ جي اسلام قبول ڪرڻ سان وڏي همٿ ملي.
پاڻ ڪريمصہ جن سان گڏ هجرت ڪري مديني ويندڙ ساٿين ۾ شامل هو. مديني پاڪ ۾ مسجد نبوي ٺاهڻ کان پوءِ مسلمانن کي نماز تي سڏڻ لاءِ ٻانگ جي لفظن سان سڏ ڏيڻ جي صلاح حضرت عمررضہ ڏني. هُو بدر، احد، خيبر ۽ ٻين جنگين ۾ مسلمانن سان گڏ ۽ گهڻيءَ بھادريءَ سان وڙهيو هو. سندن ڌيءَ حضرت بيبي حفصہ رسول پاڪ ﷺ جن جي نڪاح ۾ هئي. حضرت عمر فاروق خليفي مقرر ٿيڻ کان پوءِ اسلام جي دين کي پکيڙڻ ۽ ٻين ملڪن ۾ تبليغ جو پيغام پھچائڻ تي ڌيان ڏنو. ڪيترن ملڪن کي فتح ڪيائين. جن ۾ ايران، شام، مصر ۽ ٻيا ملڪ شامل آهن. هن خليفي جي وقت ۾ تمام گهڻيون فتحون ٿيون. ساڍا ٻاويھہ لک چورس زمين مسلمانن جي هٿ هيٺ اچي چڪي هئي.
حضرت عمررضہ پنھنجي دور ۾ وڏيءَ سلطنت جو انتظام اعليٰ درجي سان هلايو. هُو هڪ بھترين منتظم هو. ”مجلس شورا“ قائم ڪيائين، عام مسلمانن کي راءِ جو اختيار ڏنائين. بيت المال مان مستحق ماڻھن کي وظيفا ملندا هئا. قرآن پاڪ جي تعليم لاءِ مدرسا پوري ملڪ ۾ قائم ڪيائين. رات جو گشت ڪري رعيت جون تڪليفون معلوم ڪندو هو.
سندس وقت ۾ لکن ماڻھن اسلام قبول ڪيو. 28 ذوالحج سن 24هجريءَ تي هڪ پارسي ابولؤلؤ فيروز ايرانيءَ مٿن فجر نماز مھل حملو ڪيو. جنھن جي ڪري سخت زخمي ٿيڻ سبب 1 محرم سن 24 هجريءَ تي وفات ڪيائون. سندن خواهش مطابق کين حضرت محمدصہ ۽ حضرت ابو بڪر صديق رضي ﷲ عنہ جي ڀرسان دفن ڪيو ويو.

مالدار ۽ سخي خليفو حضرت عثمان بن عفان رضہ

حضرت عثمان رضي ﷲ عنہ جو نالو ”عثمان“ ۽ لقب ”غني“ ۽ ”ذوالنورين“ (ٻن نورن وارو) هو. سندن والد عفان بنو اميہ جي قبيلي مان هو، جيڪو عربن جو هڪ آسودو ۽ معزز خاندان ڳڻيو وڃي ٿو. حضرت عثمان رضي ﷲ عنہ جي حسب نسب جو سلسلو پنجين پيڙهيءَ ۾ رسول پاڪصہ جن سان وڃي ملي ٿو. حضرت عثمان غني جڏهن مسلمان ٿيو، تڏهن سندن چاچو مٿن ڏاڍو ظلم ڪندو هو. رسول پاڪصہ جن کين عيال سان حبش ملڪ ڏي وڃڻ جي صلاح ڏني. ۽ پوءِ جڏهن پاڻ ڪريمﷺ جن مديني پاڪ هجرت ڪئي تڏهن حضرت عثمان جن پڻ اتي اچي ويا.
حضرت عثمانرضہ تمام گهڻو مالدار هئڻ سان گڏ وڏو سخي هو. هن مسلمانن جي ڀلائيءَ لاءِ گهڻو مال خرچ ڪيو. مديني پاڪ ۾ هڪ مٺي پاڻيءَ جو کوھہ هو، جنھن جو مالڪ يھودي هو. يھودي ان کوھہ جي پاڻيءَ مان جهجهو ناڻو ڪمائيندو هو. حضرت عثمان غنيرضہ اهو کوھ وٺي مسلمانن لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. هن ڪيترائي کوھ کوٽايا، يتيمن ۽ بيواهن جي مدد ڪئي. مدرسا قائم ڪيا، غلام آزاد ڪيا، مسجدن جي آرائش تي خرچ ڪيو. جنگين ۾ هزارين اُٺ، گهوڙا ۽ نقد مال ﷲ جي راھ ۾ ڏنائين.
حضرت عمر رضي ﷲ عنہ وفات کان اڳ پنجن ڄڻن کي مقرر ڪيو تہ هو پاڻ مان ڪنھن هڪ کي خليفو چونڊين. اهي پنج ڄڻا حضرت علي ڪرم ﷲ وجھُ، حضرت عثمانرضہ، حضرت طلحہرضہ، حضرت زبيررضہ ۽ حضرت سعدرضہ هئا. سڀني گڏجي حضرت عثمانرضہ کي خليفو مقرر ڪيو. سندس خلافت جو عرصو ڏهن سالن جو هو. انھيءَ دور ۾ هن اسلام جي جليل القدر خليفي تيونس، موراڪو، الجزائر ۽ ٻيا ملڪ فتح ڪيا.
حضرت عثمانرضہ نرم مزاج، سڄي رات جاڳي عبادت ڪندڙ ۽ قرآن پاڪ پڙهندڙ هو. سندن عبادت جو اهو عالم هوندو هو جو گهڻي دير نماز ۾ قيام جي ڪري پيرن تي سوڄ اچي ويندي هئي. حضرت عثمان رضي ﷲ عنہ جي دور ۾ شروع جا ڇھہ سال امن، سلامتيءَ سان گذريا پر پوءِ باغين ۽ منافقن سازشون شروع ڪري ڇڏيون. ايتريقدر جو آخر ۾ سندن گهر جو ٻاويھہ ڏينھن گهيرو ڪيائون کين حضرت عليرضہ ۽ ٻين روڪيو پر اهي ڪونہ مڙيا. حضرت عثمانرضہ کي قرآن پاڪ پڙهندي روزي جي حالت ۾ تلوار سان وار ڪري شھيد ڪيائون. سندن خون جا ڦڙا وڃي قرآن پاڪ تي ڪريا. 18 ذوالحج سن 35 هجري، عيسوي سال 656ع تي سندن شھادت ٿي. پاڻ جنت البقيع ۾ دفن ڪيا ويا.
حضرت عثمان رضي ﷲ عنہ هڪ ڄاڻو، رحمدل ۽ سخي حڪمران هو. هن قرآن پاڪ جا صحيح نسخا تيار ڪرايا ۽ ٻين نسخن کي جيڪي صحيح نہ هئا سي ختم ڪري ڇڏيائين، جنھن ڪري اڄ تائين قرآن پاڪ جا اهي نسخا هلندڙ آهن جي حضرت عثمان تيار ڪرايا.
حضرت عثمان رضي ﷲ عنہ کي ست پٽ ۽ پنج نياڻيون هيون، پاڻ ڇھہ شاديون ڪيون هئائون، رسول پاڪ ﷺ جن جون ٻہ نياڻيون بيبي رقيہ رضي ﷲ عنھا ۽ اُم ڪلثوم رضي ﷲ عنھا سندن نڪاح ۾ هيون، جنھن جي ڪري کين ”ذوالنورين“ چيو ويندو آهي.

***

فاتح خيبر ۽ علم جو دروازو حيدرِ ڪرار حضرت علي رضي ﷲ عنہ

اڳواڻ اهلبيت جو افسر علي علي،
سرور سچي جو آھ برادر علي علي،
ثقلين جو امام ولايت جو باب آھ،
شھر نبي جو آھ سچو در علي علي.
(حافظ بسمل ٽکڙائي)
حضرت علي ڪرم ﷲ وجھُ مسلمانن جو چوٿون خليفو هو. پاڻ نبوت کان ڏھ سال اڳ 598ع ۾ ڪعبي شريف ۾ پيدا ٿيو، سندن والد ابوطالب رسول پاڪصہ جن جو سڳو چاچو هو جنھن پياري رسول کي پاليو هو، ان ڪري حضرت علي رضي ﷲ عنہ ۽ رسول پاڪ هڪ ئي گهر ۾ رهندا هئا. حضرت عليرضہ اهو ٻار هو جنھن سڀ کان پھرين رسول ڪريم جن تي ايمان آندو. حضرت علي ڪرم ﷲ وجھُ جو لقب ”حيدر“ (شينھن)، ”مرتضيٰ“ (خدا جو چونڊيل)، ”اسدﷲ“ (ﷲ جو شينھن)، ”ابوالحسن“ (حسن جو پيءُ) هئا. سندن نڪاح بيبي فاطمة الزهريٰ رضي ﷲ عنھا (حضور پاڪصہ) جن جي نياڻيءَ سان ٿيل هو. جنھن مان کين ٽي پٽ ٿيا حضرت حسن رضي ﷲ عنہ، حضرت حسين رضي ﷲ عنہ ۽ حضرت محسن رضي ﷲ عنہ ۽ ٻہ نياڻيون هيون. محسن ننڍيءَ عمر ۾ وفات ڪري ويو باقي حضرت حسن رضي ﷲ عنہ ۽ حضرت حسين رضي ﷲ عنہ جو گهڻو اولاد ٿيو سندن اڄ بہ نسبي سلسلو موجود آهي.
حضرت علي ڪرم ﷲ وجھُ تمام گهڻو بھادر هو. ڪافر کانئن ڪنبدا هئا. پاڻ رسول پاڪصہ جن کي تمام گهڻو ويجها هئا. پياري نبيصہ کين سندن نيڪ لڇڻن جي ڪري پنھنجو ناٺي ڪيو. حضرت علي ڪرم ﷲ وجھُ، رسول پاڪصہ جن سان هر هڪ جنگ ۾ ساٿ ڏنو، بدر جي جنگ، احد جي جنگ، خندق جي جنگ، خيبر جي جنگ ۽ ٻين معرڪن تي گڏ رهيا. کين ”فاتح خيبر“ سڏيو وڃي ٿو، جو هن جنگ ۾ بي جگر ٿي لڙندي خيبر جي سردار ”مرحب“ کي هڪ ئي وار سان ٻہ اڌ ڪري خيبر کي فتح ڪيائون.
مسجد شريف ۾ خارجيءَ عبدالرحمٰن بن ملجم گهڻا وار ڪري کين زخمي ڪيو. جنھن تلوار سان شھيد ڪيو ويو اها زهر سان ٻڏل هئي. زهر جو اثر سڄي جسم ۾ پکڙجي ويو، جنھن جي ڪري سندن شھادت ٿي جا 21 رمضان المبارڪ تي ٿي. ان وقت عمر 63 سال هئي، حضرت علي ڪرم ﷲ وجھُ جي خلافت جي مدت پوڻا پنج سال هئي.
بيبي فاطمہ سلام ﷲ عليہا ستاويھن سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي هئي کانئن پوءِ حضرت علي ڪرم ﷲ وجھُ ٻيون شاديون ڪيون. جن مان کين يارنھن پٽ ۽ پندرنھن نياڻيون ٿيون.
حضرت علي ڪرم ﷲ وجھُ منافقن جي سازشن سبب گهڻو وقت خلافت ڪونہ ڪئي پر جيڪو بہ وقت حڪومت جو ڪاروهنوار هلايائون انھيءَ ۾ زبردست انتظام رکيائون. خدا ترسي، علم پروري ۽ خير خيرات ۾ سندن برابر ڪير ڪونہ هو.
رسول پاڪصہ جن فرمايو تہ ”آئون علم جو شھر آهيان ۽ علي عليہ السلام انھيءُ جو دروازو آهي“.
پاڻ وڏو عالم، باانصاف حڪمران هو. سندن سخن هر مسلمان کي حياتيءَ جي هر رخ کي سمجهائڻ ۾ مددگار آهن.
سندن قول آهي ته: ”علم مال کان بھتر آهي ڇو تہ علم اوهان جي سنڀال ڪري ٿو ۽ مال جي توهان سنڀال ڪريو ٿا“.
اهو بہ فرمايو اٿن تہ، ”ادب تمام سٺي ڪماليت آهي ۽ خيرات سڀ کان ڀلاري عبادت آهي“.

***

جنتي عورتن جي سردار حضرت بي بي فاطمة الزهريٰ رضي ﷲ عنھا

حضرت فاطمہ رضي ﷲ عنھا، ﷲ جي رسول حضرت محمد مصطفيٰ، رسول ﷲصہ جن جي نياڻي هئي. سندن ولادت 20 جمادي الاول جمعي جي ڏينھن ٿي. سندن لقب ”بتول“ يعني پاڪ مشھور آهي. کين ”طاهره“، ”زَهرہ“ ۽ ”سيدۃالِنساءِ“ پڻ سڏيو ويندو آهي. سيدہ فاطمہ رضي ﷲ عنھا جي والدہ سيدہ خديجة الڪبريٰ رضي ﷲ عنھا هئي. بي بي فاطمہ رضي ﷲ عنھا کان وڏيون ڀينرون، بي بي زينب، بي بي رقيہ ۽ بي بي اُم ڪلثوم هيون . کين ٻہ ڀائر قاسم ۽ عبدﷲ بہ هئا جي ننڍپڻ ۾ فوت ٿي ويا هئا. پاڻ جڏهن بي بي سانئڻ ستن سالن جي هئي سندن والدہ تڏهن وفات ڪئي.
حضرت بي بي فاطمہ رضي ﷲ عنھا جي پرورش بيبي سودہ رضہ ڪئي، جنھن سان رسول پاڪصہ جن حضرت خديجہ رضہ جي وفات کان پوءِ نڪاح ڪيو هو.
رسول پاڪصہ جن ڪافرن جي ڏنل تڪليفن کي سھندي نيٺ مديني پاڪ ڏي هجرت ڪئي. بي بي فاطمہ رضي ﷲ عنھا مديني شريف ۾ جڏهن ساڍن پندرهن سالن جي ٿي تڏهن حضرت علي ڪرم ﷲ وجھُ ۽ ڪن ٻين سندن سڱ لاءِ عرض ڪيو. حضرت علي ڪرم ﷲ وجھُ مسڪين هو وٽس هڪ گهوڙي، هڪ زرھ ۽ هڪ تلوار کان سواءِ ٻيو ڪجهہ ڪونہ هو. رسول پاڪصہ جن سندن دينداري ڏسي بيبي فاطمہ سانئڻ جو هٿ سندن هٿ ۾ ڏنو. ڏاج ۾ سڄيءَ دنيا جي عورتن جي سردار بي بي فاطمہ رضي ﷲ عنھا کي پاڻ ڪريمصہ جن هڪ واڻ واري کٽ، چمڙي جو گاديلو، هڪ چادر، هڪ جنڊ، هڪ سانداري ۽ ٻہ دلا ڏنا.
حضرت علي رضي ﷲ عنہ جي گهر ۾ ڪوبہ نوڪر چاڪر ڪونہ هو، پاڻ مزوري ڪري گذر سفر ڪندا هئا. مالِ غنيمت مان جيڪو حصو ملندو هو، اهو بہ خيرات ڪري ڇڏيندا هئا. حضرت بي بي فاطمہ رضي ﷲ عنھا پڻ وڏي سخاوت واري هئي. پنھنجي هٿن سان جنڊ پيھندي ۽ گهر جو ڪم ڪار ڪندي هئي ۽ ڪم ڪندي زباني طور قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندي هئي. بيبي صاحبہ سان ڪيتريون ئي ڪرامتون منسوب آهن. هڪ ڀيري يھودي شمعون وٽ بي بي صاحبہ پنھنجي چادر گروي رکڻ لاءِ موڪلي جو وٽن سواليءَ کي خيرات ڏيڻ لاءِ ڪجهہ نہ هو. رات جو هن يھوديءَ انھي چادر مبارڪ مان اهڙو نور نڪرندي ڏٺو جو نہ فقط پاڻ پر پنھنجي اسي عزيزن ۽ نوڪرن سان گڏ رسول پاڪصہ جن جي خدمت ۾ مسلمان ٿيو.
رسول پاڪصہ جن کي حضرت فاطمہ رضي ﷲ عنھا ، حضرت علي ڪرم ﷲ وجھُ، حسن رضي ﷲ عنہ ۽ حسين رضي ﷲ عنہ سان گهڻي محبت هئي. هڪ دفعي حضورصہ جن حضرت علي رضي ﷲ عنہ جي گهر آيا ۽ حضرت علي رضي ﷲ عنہ ۽ بي بي فاطمہ رضي ﷲ عنھا، حضرت امام حسن رضي ﷲ عنہ ۽ حضرت امام حسين رضي ﷲ عنہ کي ويھاري سڀني مٿان پنھنجي چادر وجهي دُعا گهريائون تہ، ”يا ﷲ! هي منھنجي گهر وارا آهن. تون هنن کي نھايت پاڪ بناءِ“.
رسول پاڪصہ جن کي حضرت فاطمہ رضي ﷲ عنھا تمام گهڻي پياري هئي. پاڻ سندس تڪليف ڏسي پريشان ٿي ويندا هئا. هڪ دفعي سندن هٿن ۾ گهڻي ڪم ڪرڻ جي ڪري پيل لڦون ڏسي کين”فضا“ نالي هڪ ٻانھي عطا ڪيائون پر گڏ تاڪيد ڪيائون تہ، ”گهر جو اڌ ڪم تون ڪج تہ اڌ هيءَ ڪري ۽ کيس اهوئي کاڌو کارايو جيڪو پاڻ کائو“.
بي بي فاطمہ رضہ جي دل ۾ دنيا جي لاءِ ۽ دنياوي سامان لاءِ ڪابہ محبت نہ هئي پاڻ پنھنجي والد جي رستي تي هلندڙ هئي. کين پنھنجي والد سان تمام گهڻي محبت هئي.
رسول پاڪصہ جي وفات 63 ورهين جي عمر ۾ ٿي، بي بي صاحبہ انھيءَ کان پوءِ فقط ڇھہ مھينا حيات هئي، پنھنجي پياري والد حضرت محمدصہ جي غم ۾ هر وقت ڏکاري رهندي هئي. کين پنھنجي وڃڻ جي منزل جي جيئن ئي خبر پئي دِل جي خوشيءَ سان ﷲ وٽ وڃڻ جي تياري ڪيائون، 13 رمضان المبارڪ سن 11 هجريءَ تي اڱاري جي ڏينھن هن دنيا مان رحلت ڪيائون. سندن وصيعت مطابق حضرت اسماء رضي ﷲ عنھا غسل ڏنو ۽ حضرت علي ڪرم ﷲ وجھُ جنازي نماز پڙهائي.
حضرت بي بي فاطمہ رضي ﷲ عنھا وڏين خوبين واري هئي. سندن اولاد ۾ ٻن پٽن حضرت حسن رضي ﷲ عنہ ۽ حسين رضي ﷲ عنہ مان ئي دنيا ۾ نسل وڌيو. باقي سندن ٽيون صاحبزادو محسن ننڍيءَ عمر ۾ ئي وفات ڪري ويو، هڪ نياڻي بي بي رقيہ رضي ﷲ عنھا بہ ننڍيءَ عمر ۾ ئي وفات ڪئي. باقي نياڻين ۾ بي بي زينب رضي ﷲ عنھا جنھن جي شادي حضرت عبدﷲ بن جعفرطيار رضي ﷲ عنہ سان ٿي، بي بي زينب ڪربلا جي ميدان ۾ جنگ ۾ پڻ تمام گهڻيءَ بھادريءَ سان موجود هئي. وڏي دليريءَ سان يزيد لعنتيءَ سان گفتگو ڪيائين. حضرت زينبرضہ جو ذڪر ڪربلا جي واقعي ۾ ورجايو ويندو آهي. سندن ٻي ڀيڻ بي بي اُم ڪلثومرضہ هئي.
حضرت بي بي فاطمہ رضہ انتھائي باحيا، سخي ۽ عبادت گذار، دنيا ۽ جنت جي عورتن جي سردار آهي. شال رب پاڪ جون پنجتن پاڪ تي سلامتيون ۽ رحمتون هجن ۽ اسان کي سندن نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)

اعليٰ وصفن وارو انسان حضرت امام حسن رضي ﷲ عنہ

حضرت امام حسن رضہ جي پيدائش تي حضور اڪرمصہ جن ڏاڍا خوش ٿيا ۽ نالو حسن رکيائون. حضرت حسن رضي ﷲ عنہ ۽ حضرت حسين رضي ﷲ عنہ سان رسول پاڪصہ جن کي تمام گهڻي محبت هئي. سندن فرمان آهي تہ، ”هنن ٻنھي ڀائرن سان اسين محبت رکون ٿا ۽ جيڪو بہ هنن سان محبت ڪندو ﷲ تعاليٰ بہ ان سان محبت ڪندو“.
حضرت حسن رضي ﷲ عنہ شڪل صورت ۽ عادتن ۾ رسول پاڪصہ جن سان مشابھت رکندڙ هئا. سڀ اصحاب سڳورا ۽ خلفاءِ راشدين بہ کين گهڻو پيار ڪندا هئا. جڏهن حضرت محمدصہ جن جي وفات ٿي تہ حضرت حسن رضي ﷲ عنہ اٺن سالن جي عمر جو هو. اڳتي هلي حضرت عثمان رضي ﷲ عنہ جي دور جي جنگين ۾ بھادريءَ جا جوهر ڏيکاريائون. حضرت علي ڪرم ﷲ وجھُ جي شھادت کان پوءِ سن 40 هجريءَ ۾ پاڻ مسلمانن جي زور ڀرڻ تي خليفا ٿيا. حضرت حسن رضي ﷲ عنہ پنجون خليفو شمار ٿيئي ٿو جنھن جي خلافت جو عرصو ڇھہ مھينا رهيو.
جيئن تہ حضرت علي ڪرم ﷲ وجھُ جي خلافت جي پڇاڙيءَ جي ڏينھن ۾ حضرت امير معاويہ شام ۾ خلافت جي دعويٰ ڪري حڪومت هلائي رهيو هو ۽ ساڻس ڪافي مسلمان شامل بہ هئا، ان ڪري هُن هڪدم لشڪر وٺي چڙهائي ڪئي. امام حسن رضي ﷲ عنہ حلم اختيار ڪيو. مسلمانن جي رت وهائڻ کان پاسو ڪندي امير معاويہ سان صلح ڪري خلافت تان دستبردار ٿيا. اهڙيءَ ريت سندن خلافت تي يعني ”خلافتِ راشدہ“ (سچيءَ پيروي واري خلافت) جو دور پورو ٿيو. انھيءَ کان پوءِ امير معاويہ جي خلافت نہ پر بادشاهي وارو انداز هو.
حضرت امام حسن رضي ﷲ عنہ عبادت، سخاوت، حلم، تواضع ۽ عقل منديءَ ۽ علم ۾ پنھنجو مٽ پاڻ هئا. خلافت ڇڏڻ کان پوءِ پاڻ مديني منورہ ۾ اچي رهيا. سندن گذران لاءِ حضرت امير معاويہ کين مقرر ٿيل ٻہ لک درهم سال ۾ ڏيندو هو جيڪي سڀ پاڻ خيرات ڪري ڇڏيندا هئا. اٺن سالن کان پوءِ 12 ربيع الاول سن 49 هجريءَ تي کين زهر ڏنو ويو. پر اها خبر نہ پئجي سگهي تہ اهو زهر ڪنھن ڏنو؟ رسول پاڪصہ جن جي حياتيءَ ۾ ئي کين خبر هئي تہ امام حسن رضي ﷲ عنہ جي وفات زهر سان ۽ حضرت امام حسين رضي ﷲ عنہ جي شھادت جنگ جي ميدان ۾ ٿيندي.حضرت حسن رضي ﷲ عنہ کي سندن والدہ بي بي فاطمہ رضي ﷲ عنھا جي پاسي ۾ جنت البقيع جي مقام ۾ دفن ڪيو ويو.
حضرت امام حسنرضہ هڪ نيڪ دل ۽ اعليٰ وصفن وارو انسان هو. سندن قول آهي تہ، ”چڱي حياتي اهو ٿو گذاري، جيڪو پنھنجي حياتيءَ ۾ ٻين کي شامل ڪري ٿو يعني ٻين کي فائدو رسائي ٿو ۽ خراب حياتي انھيءَ جي آهي. جنھن ساڻ ڪو ٻيو حياتي نہ گذاري“.
مطلب تہ سندن قول موجب حضرت امام حسنرضہ انسان ذات ۽ مسلمانن جو ڀلو چاهيندڙ هئا، پاڻ ﷲ تعاليٰ جي خلق کي خون خرابي کان بچائڻ لاءِ پنھنجي حق تان هٿ کڻي خلافت کي ڇڏيائون. رسول پاڪصہ جن جي اڳ ڪٿيءَ موجب تہ، ”هيءُ منھنجو پٽ سيد سردار آهي، مون کي اميد آهي تہ ﷲ تعاليٰ هن جي هٿان مسلمانن جي ٻن جماعتن ۾ صلح ڪرائيندو“، سو حضرت امام حسن رضي ﷲ عنہ جي حضرت امير معاويہ سان صلح تي اها ڳالھہ سچي ثابت ٿي. حضرت امام حسن رضي ﷲ عنہ ڪافي نڪاح ڪيا. کين جهجهو اولاد ٿيو، جنھن ۾ ٻارهن پٽن ۽ پنج نياڻين مان، سندن آل عيال اڄ تائين قائم آهي.

***

ڪربلا جو هيرو حضرت امام حسين رضہ

حضرت امام حسين رضي ﷲ عنہ حضرت علي ڪرم ﷲ وجھُ ۽ بيبي فاطمہ رضي ﷲ عنہ جو دُلارو ۽ پياري نبي ﷺ جي اکين جو تارو هو. حضور پاڪصہ جن کي حضرت بيبي فاطمہ جي اولاد سان تمام گهڻي محبت هئي. حسن ﷦۽ حسين ﷦کي گهڻو ڀائيندا هئا. پاڻ سڳورن جن جي وفات وقت حسن رضي ﷲ عنہ اٺن سالن جو ۽ حسين رضي ﷲ عنہ انھيءَ کان ننڍو هو پر کين پنھنجي ناني مبارڪ جي وفات تي تمام گهڻو صدمو ٿيو. هي ٻيئي معصوم ٻار پنھنجي والدہ سان گڏجي ناني سائين جي وفات تي رُنا. بي بي صاحبہ تہ دردناڪ شعر پڙهيا جن جو ترجمو هن ريت آهي:
”اڄ منھنجو والد مون کان جدا ٿي ويو، اها شمع وسامي ويئي، جنھن عربستان جا جهنگ روشن ڪيا“.
”آئون فاطمہ رضہ پنھنجي بابي جي فراق ۾ روئي رهي آهيان ۽ دنيا جون مصيبتون اڳتي اٿم“.
اهڙيءَ ريت بي بي سڳوري انھن شعرن معرفت پنھنجي ﷲ وٽ پھچڻ جون دُعائون گهريون ۽ ڇھن مھينن ۾ رحلت فرمائي ۽ پنھنجا صغير شھزادا حضرت علي ڪرم ﷲ وجھُ جي سپرد ڪري کين صاحبزادن جي پارت ڪيائين.
حضرت علي ڪرم ﷲ وجھُ پنھنجي پٽن حسن رضي ﷲ عنہ ۽ حسين رضي ﷲ عنہ ۽ نياڻين جي تعليم ۽ تربيت جو مڪمل خيال رکيو. سندن اولاد فرمانبردار، سچار، بھادر ۽ نيڪ وصفن وارو هو. حضرت حسين رضي ﷲ عنہ کان اڳ حضرت حسن رضي ﷲ عنہ کي خليفو مقرر ڪيائون جو مسلمانن جي جهيڙي کي ٽارڻ لاءِ ڇھن مھينن ۾ خلافت تان دست بردار ٿيو.
حضرت امام حسين رضي ﷲ عنہ باانصاف، بھادر، باغيرت ۽ اعليٰ درجي جو انسان هو. منجهس اهي سڀ خوبيون ۽ وصفون هيون جيڪي هڪ بھترين مسلمان ۽ مؤمن ۾ هجڻ گهرجن. کين خلافت جي ڪابہ لالچ ڪونہ هئي پر جڏهن حضرت امير معاويہ جي وفات کان پوءِ سندس پٽ يزيد شام جي حڪومت جون واڳون ورتيون، تڏهن پاڻ هن جي هٿ تي بيعت ڪرڻ کان انڪار ڪيائون. يزيد هڪ بدڪردار بي دين شخص هو جيڪو ڪنھن بہ حالت ۾ خليفو ٿيڻ جي قابل نہ هو.
حضرت امام حسين رضي ﷲ عنہ ۽ حضرت عبدﷲ بن زبير رضي ﷲ عنہ کي خبر پئي تہ يزيد مديني جي امير ڏي خط لکيو آهي تہ هنن ٻنھي کان بيعت ڪرائي تہ ٻئي ڄڻا راتو رات مدينو ڇڏي مڪي ڏي عيال سميت روانا ٿيا. ڪوفي جي ماڻھن کين خط لکيو تہ، ”توهين ڪوفي اچو اسين توهان جا تابعدار آهيون“ پاڻ پنھنجي سوٽ امام مسلم کي حال معلوم ڪرڻ لاءِ ڪوفي موڪليائون جنھن جي هٿ تي هزارن بيعت ڪئي. امام حسين رضي ﷲ عنہ کي امام مسلم ڪوفي اچڻ لاءِ خط موڪليو.
ان وچ ۾ يزيد کي جيئن ئي ڪوفين جي بغاوت جي خبر پئي تہ هن ان وقت جي امير نعمان کي برطرف ڪري عبيدﷲ کي مقرر ڪيو جو ڏاڍو جابر ۽ سخت دل هو، هن سختيون ڪيون. جنھن تي ڪوفي ڦري ويا ۽ امام مسلم کي جيڪو امام حسين رضي ﷲ عنہ جو سوٽ ۽ سندن پيامبر ٿي آيو هو. ان کي شھيد ڪري ڇڏيائون. جنھن جي امام حسين رضي ﷲ عنہ کي مڪي ۾ ڪابہ خبر نہ پيئي. پاڻ امام مسلم جي لکڻ تي ڪوفي ڏانھن روانا ٿيا. سندن جنگ ڪرڻ جو ڪو بہ ارادو ڪونہ هو. ساڻن چاليھہ سوار ۽ ٽيھہ پيادا ڪل ٻاهتر ماڻھو هئا، جن ۾ عورتون ۽ ٻار بہ شامل هئا.
خميس جي ڏينھن 61 هجريءَ مطابق 680ع تي بابل جي سرحد وٽ پھتا تہ کين عبيدﷲ جي سالار حر اچي امام مسلم جي شھادت جي خبر ٻڌائي ۽ نظربنديءَ جي حالت ۾ کين ڪربلا جي ميدان ڏانھن وٺي ويو. محرم جي ٽين تاريخ فرات نديءَ جي ڪناري وٽ ڪربلا جي ميدان ۾ خيما کوڙيائون. امام حسين رضي ﷲ عنہ مڪي موٽڻ يا يزيد سان ڳالھين لاءِ بہ تيار هو پر عبيدﷲ کين اها اجازت نہ ڏني ۽ بيعت ڪرڻ تي زور ڀريندو رهيو. پياري نبيصہ جو ڏوهٽو پنھنجي ناني سڳوري جي قائم ڪيل دين کي سر بلند ڪرڻ لاءِ جڏهن ڪنھن بہ حالت ۾ بيعت ڪرڻ لاءِ تيار نہ ٿيو. تڏهن انھن ظالمن مٿن حملا ڪيا. سندن خيما ساڙيا، آخر ٻئي ڌريون منھن مقابل ٿيون. امام حسين رضي ﷲ عنہ جا ٿورا ساٿي وڏي بھادريءَ سان وڙهيا، تيرن جا وسڪارا ٿيڻ لڳا. سچ تان سر صدقو ڪرڻ جو ڪربلا جي ميدان جو هيءُ مثال پوريءَ دنيا جي تاريخ ۾ اڄ تائين نٿو ملي.
شابس هجي امامن سڳورن کي، سندن اهل عيال کي، پاڻيءَ جي هڪ هڪ ڦڙي لاءِ سڪندي، بک ۾ پاھہ ٿيندي بہ دين اسلام تي قائم رهيا ۽ شھادت جو جام پيتائون. امام حسين ﷦جا سڀ عزيز قريب هڪ ٻئي پٺيان شھيد ٿيندا ويا. پاڻ مصري قبا پھري، حضرت عليءَ واري ذوالفقار تلوار ٻڌي، ذوالجناح گهوڙي تي چڙهي مقابلي جي ميدان ۾ ڪيترن ئي ڪافرن کي ڪيرايائين. 10 محرم الحرام عصر (ٽپھريءَ) جي نماز وقت زخمن ۾ چور ٿي نماز جي ادائيگيءَ جي مھلت گهريائون تہ مٿانئن شمر نالي شيطان تلوارن جا وار ڪري کين نماز ۾ سجدي جي حالت ۾ شھيد ڪيو. حق جي راھہ کان نہ مڙندڙ حضرت امام حسين رضي ﷲ عنہ پنھنجي ناني سائين والدہ سڳوريءَ ۽ والد حيدرِ ڪرار جو نالو روشن ڪيو.
جنين جهيڙيو ڪالَ، عليءَ جي اولاد سين،
هئہ تنين جي حال، جي جماتي يزيد جا.
(سرڪيڏارو)

ڀلو تابعي حضرت اويس قرني

حضرت اويس قرني يمن شھر جي هڪ ڏورانھين ننڍي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو، اويس بن عامر قبيلي ”قرن“ مان هو، ۽ هُو ”اويس قرني“ جي نالي سان مشھور آهي. هيءُ بزرگ زهد و تقويٰ جي معراج تي پھتل ، توڪل ۽ صبر جو اعليٰ پيڪر هو. سندس شمار انھن ﷲ وارن ۾ ٿئي ٿو جن جي دل ﷲ تعاليٰ ڏي پوريءَ طرح متوجھہ هوندي آهي ۽ مٿن اِلاهي نعمتن جي برسات ٿيندي آهي. اهڙا بزرگ پاڻ کي ظاهرڪونہ ڪندا آهن، تصوف جي هن پانڌيئڙي پنھنجي والدہ ماجدہ جي ايتري تہ خدمت ڪئي جو ان جھڙو ڪو ٻيو اهڙو مثال ڪونہ ٿو ملي. سندس حياتي ﷲ جي عبادت ۽ امڙ جي خدمت ڪندي گذري. ڌڻي سڳورو کانئس تمام گهڻو خوش ٿيو.
رسول پاڪ ﷺ جن سان بيحد اڪير ۽ محبت هئي. هن پاڻ ڪريمصہ جن جي شان ۾ هڪ خوبصورت منقبت (شاعريءَ جو قسم) لکي، روحانيت، طريقت، معرفت ۽ حقيقت جون سڀ منزلون طئي ڪندڙ حضرت اويس قرني عشق محمدي سان سرشار هو. هو اصحاب سڳورن مان نہ هو. کين ”خيرالتابعين“ چيو وڃي ٿو، سندن ﷲ جي رسول سان غائبانہ محبت بي مثال هئي ۽ هُو انھي ئي دور جو هو. رسول پاڪ ﷺ جن فرمايو تہ،”منھنجي اُمَتَ ۾ اويس جيڪو قرن مان آهي، پنھنجي ماءُ جو وڏو خدمتگار ۽ فرمانبردار آهي سو ﷲ جي درگاھہ ۾ مقبول شخص آهي، جنھن جي دُعا سان منھنجي قوم جي گهڻن ماڻھن جي بخشش ٿيندي.“ پاڻ سڳورن ﷺ حضرت ابو بڪر صديق﷦ ۽ حضرت علي﷦ کي چيو تہ، ”هُو جڏهن بہ توهان کي ملي کيس منھنجا سلام چئجو ۽ منھنجي اُمَت لاءِ مغفرت جي دُعا ڪرائجو“.
حضرت ابو بڪر﷦، حضرت علي﷦ کي ساڻ وٺي رسول پاڪ ﷺ جن جو جبو مبارڪ کڻي قرن جي ڳوٺ ويو. پاڻ ڪريم ﷺ جن سندن سڃاڻپ وچولي قد ۽ ڪاري رنگ هئڻ سان گڏ جسم تي اڇي داغ هئڻ جي ڏني هئي. پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿين تہ هُن کي ڳوٺ وارا هڪ ديوانو (مجذوب) چون ٿا، هُو ان وقت عرفات جي ميدان ۾ پنھنجا اُٺ چارڻ لاءِ ويل هو. خليفا سڳورا هڪدم سندس پويان عرفات جي ميدان ۾ ويا. جتي هُو هڪ وڻ هيٺ نماز پڙهي رهيو هو. ٿوريءَ دير ۾ اندازو ٿيس تہ ڪي شخص موجود آهن، هن نماز مختصر ڪري ختم ڪئي ۽ کين سلام ڪيو، حضرت ابو بڪر صديقرضہ کانئس پڇيو تہ، ”تون ڪير آهين؟“ چيائين ”آئون مزور آهيان“، کيس خبر نہ هئي تہ سندس سامھون امير المومنين آهن. حضرت ابو بڪررضہ ٻيھر سوال ڪيو تہ ”تنھنجو نالو؟“ چيائين، ”ﷲ جو ٻانھو.“ وري سوال پڇيو ويو تہ، ”آخر تنھنجيءَ والدہ تنھنجو ڪھڙو نالو رکيو آهي؟“ جواب ڏنائين تہ ”توهين ڪير آهيو جو مون کان ايتري پڇا ڳاڇا پيا ڪريو؟“
حضرت عليرضہ چيس تہ، ”تنھنجي سامھون امير المومنين حضرت ابوبڪر صديقرضہ جن آهن ۽ آئون علي بن ابي طالب آهيان“ اهو ٻڌي اويس ڪنبڻ لڳو ۽ معذرت ڪندي چيائين تہ، ”مون توهان کي ڪو نہ سڃاتو“حضرت ابو بڪررضہ چيس تہ، ”هٿ کڻو ۽ اسان جي لاءِ دُعا ڪريو.“ هو روئڻ لڳو ۽ چيائين، ”آئون ڪيئن دُعا ڪري سگهان ٿو، جڏهن تہ توهين سردار ۽ آقا آهيو ۽ آئون ادنيٰ ۽ نوڪر آهيان، توهان جليل القدر هستين لاءِ آئون ڪيئن دُعا گهري سگهان ٿو“.
حضرت ابو بڪر صديقرضہ کيس چيو تہ رسول پاڪصہ جن فرمايو آهي تہ، ”منھنجيءَ امت ۾ اويس اهو شخص آهي جو جڏهن بہ دُعا لاءِ هٿ کڻي ٿو، تڏهن سندس دُعا رَدِ ڪونہ ٿيندي، انھيءَ ڪري تون اسان جي حق ۾ دُعا گهر ۽ پاڻ فرمايو اٿن تہ جڏهن بہ توهان جي اويس سان ملاقات ٿئي کانئس دُعا ڪرائجو. اسين خاص ڪھي انھيءَ مقصد لاءِ آيا آهيون“ پوءِ رسول پاڪصہ جو جُبو مبارڪ ڏنائون ۽پاڻ ڪريم جن جا سلام پھچايائون، منجهس اهي سڀ نشانيون هيون جي رسول پاڪصہ جن ٻڌايون هيون، کين پَڪَ ٿي تہ هُو صحيح ماڻھوءَ سان ملاقات ڪري رهيا آهن، حضرت اويس قرني پنھنجا هٿ ﷲ جي بارگاھہ ۾ کنيا ۽ سندن لاءِ دِل سان دُعا ڪئي.
والدہ جي محبت، عزت ۽ فرمانبرداريءَ سان گڏ ڌڻيءَ سڳوري جي دِل سان عبادت ڪندڙ، پياري پاڪ نبيصہ جي محبت ۾ گهاريل اويس لاءِ نبي پاڪصہ جن فرمايو تہ، ”هُن پنھنجي ماءُ جي خدمت ايتري تہ دِل و جان سان ڪئي جو رب پاڪ منجهائس ايترو تہ خوش آهي جو سندس دُعا لاءِ کنيل هٿ ڪڏهن بہ خالي نٿو موٽائي“،
جڏهن ماڻھو جنت ۾ داخل ٿيندا ويندا تہ اويس قرني بہ هلندو. تڏهن ﷲ پاڪ فرمائيندو تہ ٻين سڀني کي وڃڻ ڏيو پر اويس کي نہ ڇڏيو ۽ هُو ﷲ تعاليٰ کي عرض ڪندو تہ ، ”ياﷲ! مون کي جنت جي دروازي تي ڇو روڪيو ويو آهي؟، ﷲ پاڪ فرمائيندو”پوئتي نھار ڪر، اويس!“ هُو ڏسندو تہ ڪروڙين جھنمي پريشان بيٺا هوندا. ان وقت رب پاڪ فرمائيندو تہ، ”اويس! تنھنجي هڪ نيڪيءَ مون کي ايترو تہ خوش ڪيو آهي جو تنھنجي طفيل آئون ڪيترن تان دوزخ جي باھہ هٽائيندس تون فقط پنھنجو هٿ کڻ ۽ آڱر جو اشارو ڪر، جيڏانھن جيڏانھن تنھنجي آڱر مڙندي ويندي، اهي سڀ ماڻھو دوزخ جي باھہ کان بچندا ويندا.
پيارا ٻارو! مٿيئن واقعي مان توهان کي خبر پيئي هوندي تہ ماءُ جو درجو ڪيڏو نہ اعليٰ ۽ اتم آهي. سندس عزت ۽ خدمت ڪرڻ اسان تي فرض آهي.

ڇا تہ شخص هو! حضرت عمر بن عبدالعزيز رحمة ﷲ عليہ

حضر عمر بن عبدالعزيز رحمة ﷲ عليہ هڪ وڏو مدني عالم، سخي، بھادر ۽ نيڪ شخص ٿي گذريو آهي. عربستان جي هڪ معزز ترين خاندان قريش جي شاخ بنو اميہ سان سندن تعلق هو. سندن والد جو نالو عبدالعزيز هو جيڪو مصر جو ويھہ سال گورنر رهيو ۽ ڪيترائي ڀلائيءَ جا ڪم پنھنجي وقت ۾ ڪرايائين. سندن والدہ حضرت بيبي اُم عاصم، حضرت عمر فاروق جي پوٽي هئي. حضرت عمر بن عبدالعزيز رحمة ﷲ عليہ کي تعليم لاءِ مديني پاڪ ۾ موڪليو ويو. جتي کين انس بن مالڪ، يوسف بن عبدﷲ ۽ ٻين وڏن اصحابين ۽ عالمن جي صحبت نصيب ٿي. ننڍيءَ عمر ۾ قرآن پاڪ حفظ ڪري ڇڏيائون. جنھن ڏينھن قرآن پاڪ پورو ڪيائون، تنھن ڏينھن روئڻ لڳا. والدہ جي پڇڻ تي چيائين تہ، ”موت ياد اچي ويو آهي“.
حضرت عمر بن عبدالعزيز رحمة ﷲ عليہ فقہ ۽ تفسير جو وڏو ڄاڻو هو. سندس پھرين شادي پنھنجي چاچي خليفي عبدالملڪ جي گهران ٿي ۽ ان کان سواءِ ٽي ٻيون شاديون ٿيون، سڀني گهر وارين مان ڪل اولاد 13 پٽ ۽ 3 نياڻيون ٿيا، سڀني جي تعليم ۽ تربيت تي پورو پورو ڌيان ڏنائون.
حضرت عمر بن عبدالعزيز کي خليفي وليد بن عبدالملڪ جي دور ۾ بار بار گورنريءَ جي آڇ ڪئي ويئي جيڪو انھيءَ وقت حڪومت جو سڀ کان وڏو عھدو هو پر پاڻ انھيءَ کان بچندا رهيا. نيٺ گهڻي زور ڀرڻ تي قبول ڪري ڪجهہ شرط رکيائين جن مطابق تہ کين ظلم ۽ زيادتيءَ لاءِ ڪڏهن بہ خليفي طرفان مجبور نہ ڪيو وڃي، اهو شرط خليفي عبدالملڪ قبول ڪيو. اهڙيءَ ريت حضرت عمر بن عبدالعزيز پنجويھن سالن جي عمر ۾ مديني منورہ ۾ گورنر مقرر ٿيو ۽ مسجد نبويءَ جي عمارت وسيع ڪرايائين. پاڻ ڇھہ سال مديني پاڪ جو گورنر رهيو.
حضرت عمر بن عبدالعزيز رحمة ﷲ عليہ موت جو گهڻو فڪر ڪندڙ هو، هميشہ موت کي ياد ڪري ﷲ جي ياد ۾ روئيندو هو، انھيءَ ڪري ظلم کان بچڻ جي هر تدبير اختيار ڪندو هو. خليفي عبدالملڪ جي چوڻ تي هڪ شخص کي سئو ڪوڙا لڳرايائين ۽ بعد ۾ انھيءَ ماڻھو جو انتقال ٿي ويو. کين ايترو ڏک ٿيو جو گورنريءَ تان استعفيٰ ڏيئي ڇڏيائين.
حضرت عمربن عبدالعزيز رحمة ﷲ عليہ هڪ پاڪباز، باعمل ۽ عالم حاڪم هو، جنھن هر پاسي ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا. ڪيترن طاقتورن، ڪمزورن جون ملڪيتون ڦٻائي رکيون هيون، انھن کان اهي واپس ڪرائي غريبن کي انھن جا حق ڏنائين، جنھن ڪري اندر ئي اندر ۾ هن جا مخالف پيدا ٿي پيا ۽ هڪ غلام معرفت کين زهر ڏنو ويو. زهر جي ڪري ويھہ ڏينھن بيمار رهڻ کان پوءِ 25 رجب، سن 101 هجري، اربع جي ڏينھن 39 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين. خدا جي خوف ۾ ڪنبدڙ هن حاڪم حق ۽ انصاف کي حياتيءَ ۾ هرشيءِ کان مٿانھون ڪيو. هن پنھنجي پويان ڪا بہ ملڪيت ڪونہ ڇڏي. وفات وقت سندس ڪل ملڪيت فقط سترنھن درهم هئي جن کي وصيعت مطابق خيرات ڪيو ويو.

تابعي بزرگن جو سردار حضرت امام حسن بصري رحمة ﷲ عليہ

حضرت زيد بن ثابت انصاري ۽ خيرہ جو اولاد حضرت امام حسن بصري رحمة ﷲ عليہ سن 21 هجري 642ع ۾ مديني منورہ ۾ پيدا ٿيو، هن جا والدين آزاد ٿيل غلام هئا، جن پاڻ ۾ شادي ڪئي هئي، اهو وقت حضرت عمر فاروق جي خلافت جو هو. جيئن تہ خيرہ، حضرت بي بي اُم سلميٰ ام المومنين (رسول پاڪ جي گهر واريءَ) جي ڪنيز هئي، ان ڪري ننڍو حسن پياري نبيءَ جي گهر ۾ پليو ۽ وڏو ٿيو. ان پاڪ گهر جي برڪتن باعث هيءُ ننڍڙو ٻار وڏو ٿي تمام گهڻو عبادت گذار ۽ صاحبِ جلال ۽ جمال ٿيو.
ڏھہ سال جھاد ۾ شامل رهيو. سندس تقويٰ، پرهيزگاريءَ ۽ علميت جو اهو عالم هو جو وڏا وڏا عالم ۽ محدث سندن واعظ ٻڌڻ جي لاءِ ايندا هئا، جيئن بي بي رابعہ بصري ۽ حبيب عجمي ۽ ٻيا. کانئن ڪنھن پڇيو تہ، ”حُسنِ اخلاق ڇا آهي؟“ فرمايائون”سخاوت، درگذر ۽ برداشت ڪرڻ “.
پاڻ اهو بہ فرمايائون تہ ”جنھن ۾ چار شيون هونديون ﷲ تعاليٰ ان کي جنت ۾ داخل ڪندو ۽ پنھنجي رحمت مٿن عام ڪندو، والدين سان نيڪي ڪرڻ، ملازم سان سٺو ۽ نرم سلوڪ ڪرڻ، يتيم جي ڪفالت ۽ ڪمزور جي مدد ڪرڻ“.
هڪڙو ماڻھو سندن محفل ۾ آيو چيائين تہ،”مون وٽ ڏڪار آهي“ پاڻ فرمايائون ”استغفار جو ورد ڪيو“، ٻيو شخص آيو تہ، ”مون وٽ اولاد ڪونھي، دُعا ڪريو“ فرمايائين ”استغفار ڪريو.“ ٽيون شخص آيو ۽ شڪايت ڪيائين، ”فقر ۽ فاقو ۽ سخت تنگدستي آهي“ فرمايائون ”استغفار ڪريو.“ ڪنھن عجب جو اظھار ڪندي چيو تہ ”يا شيخ! ٽنھي ماڻھن جا مسئلا تہ الڳ الڳ هئا پر توهان ٽنھي کي هڪڙو ئي ورد ڏسيو آهي.“پاڻ فرمايائون ” ڇا، تو سورة نوح جي هيءُ آيت ڪونہ پڙهي آهي؟“
آيت جو ترجمو هيٺ پيش ڪجي ٿو:
”پوءِ مون انھن کي چيو (يعني حضرت نوح پنھنجي قوم کي چيو) تہ پنھنجي پروردگار کان مغفرت گهرو، يقين ڄاڻو تہ هو تمام گهڻو بخشڻ وارو آهي توهان تي آسمان مان خوب برسات وسائيندو ۽ توهان جي مال ۽ اولاد ۾ ترقي ڏيندو ۽ توهان جي خاطر نھرون مھيا ڪندو.“
سوال پڇندڙ شخص تي سڄي حقيقت عيان ٿي وئي.
پاڻ هر مسئلي جو حل قرآن پاڪ ۽ حديث معرفت ڏيندا هئا. ڪثرت سان روزا رکندڙ، عاجزي ۽ انڪساريءَ سان معمور هئا. کانئن پوءِ جي دور جي عالمن امام حسن بصري رحمة ﷲ عليہ کي تفسير، حديث، فقہ ۽ طريقت ۾ امام تسليم ڪيو آهي.
حضرت امام محمد غزاليءَ جو ارشاد آهي تہ، ”امام حسن بصري فصاحت ۽ بلاغت جي اعليٰ ترين مقام تي فائز هو، سندن زبان مان حڪمت جا گل ظاهر ٿيندا هئا“ کانئن ڪيتريون ڪرامتون پڻ منسوب آهن. امام حسن بصري هڪ اعليٰ درجي جو عالم، عابد، زاهد ۽ ڪثيرالعلم هو، سندن فقہي ۽ تفسيري خدمتن تي عربي زبان ۾ انيڪ ڪتاب لکيل آهن. چون ٿا تہ امام محمد بن سيرين کي ڪنھن ٻڌايو تہ، ”مون خواب ڏٺو آهي تہ هڪ پکي آيو آهي جنھن مسجد جي بھترين پٿري کنئي آهي“ حضرت امام سيرين فرمايو تہ، ”تنھنجو خواب سچو آهي هيءَ حضرت حسن بصريءَ جي وفات جو اشارو آهي جو اسان جي وچ ۾ مسجد ۾ سڀني کان بھتر اهو ئي آهي.“ ٿورن ڏينھن ۾ سندن فوت ٿيڻ جي اطلاع آئي. سندن وصال 110 هجريءَ تي 89 سالن جي عمر ۾ بصري ۾ ٿيو ۽ اتي ئي امام حسن بصري رحمة ﷲ عليہ جي مزار آهي.
***

حجة الاسلام امام غزالي رحمة ﷲ عليہ

امام محمد غزاليءَ جو نالو دنيا جي مشھور عالمن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس پورو نالو ابو حامد محمد هو ۽ پيءُ جو نالو محمد بن احمد هو. امام غزاليءَ جو لقب ”حجة الاسلام“ آهي. امام غزالي 450 هجري، 1059ع ۾ طاهران شھر ۾ پيدا ٿيو، جيڪو خراسان جي ضلعي طوس ۾ آهي. سندس پيءُ جي خواهش هئي تہ هن جا ٻہ پٽ محمد ۽ احمد اعليٰ تعليم حاصل ڪن. سندن لاءِ ڪجهہ رقم رکيائين پر هن جي سگهو ئي وفات ٿي ويئي. پنھنجي هڪ دوست کي اهي پئسا ڏنائين ۽ کيس وصيت ڪيائين تہ هو سندس پٽن کي تعليم ڏياري انھيءَ کين هڪ خانگي مدرسي ۾ داخل ڪيو پر پيل پئسو جلدي کپي ويو ۽ اهي پوءِ نيڪ ماڻھن جي ڏنل عطيي مان تعليم حاصل ڪرڻ لڳا.
امام غزاليءَ جو استاد احمد بن رازڪاني هو ۽ اڳتي هُن امام ابو نصراسماعيل وٽ وڌيڪ علم حاصل ڪيو. هو جيڪي پڙهندو هو اهو پاڻ وٽ لکي ڇڏيندو هو، اهڙيءَ ريت وٽس لکيل وڏو مواد گڏ ٿي ويو. پوءِ هو پنھنجي وطن وڃي رهيو هو جتي ڦورن سندس سڄو سامان ڦري ڇڏيو پر کيس پئسي پنجڙ کان وڌيڪ پنھنجي ڪتابن ۽ لکيل رجسٽرن جي ڳڻتي ٿي، نيٺ هن معلومات ڪرائي چورن جي سردار وٽ وڃي دانھين ٿيو، جنھن کيس چيو تہ مون ٻڌو آهي تہ ”علم اهو خزانو آهي، جنھن کي ڪير چورائي نٿو سگهي ۽ اهو ڪھڙو علم آهي جو چند ڪاغذن جي گم ٿيڻ سان تنھنجي دل تان ميسارجي پيو وڃي“. ان وقت هن دِل ۾ پڪو ارادو ڪيو تہ جيئن ئي اهي ڪاغذ مليا تہ پوءِ انھن تي لکيل مواد ياد ڪري ڇڏيندس. پوءِ کيس پنھنجا نوٽ بڪ واپس مليا. سندس خوشيءَ جي حَدَ ئي نہ رهي پر اهو سو سبق حاصل ٿيس تہ گهڻو پنھنجو ڪم ياد ڪري ڇڏيان ٽن سالن جي محنت سان پنھنجو لکيل سڀ مواد چڱي طرح ياد ڪيائين.
نيشاپور جي وڏي مدرسي ”بييقيہ“ ۾ وڃي امام الحرمين عبدالملڪ مُدرس وٽ اعليٰ تعليم حاصل ڪيائين. مدرسي جي چارسئو شاگردن ۾ پھريون نمبر آيو. کيس ”معيد“ جو لقب مليو. سندس دور ۾ سلجوقي سلطنت جو وزير نظام الملڪ علم جو وڏو قدردان هو. پنھنجي استاد امام الحرمين جي وفات کان پوءِ نظام الملڪ جي درٻار ۾ ويو، جتي سندس گهڻي عزت افزائي ٿي. هن درٻار ۾ وڏا عالم ۽ فاضل ايندا هئا ۽ علمي بحث ۽ مباحثا ٿيندا هئا. جتي کيس نظاميہ مدرسي جو مُدرس مقرر ڪيو ويو. نيشاپور ۽ بغداد ۽ ٻين هنڌن تي وڏي ناماچاري رکندڙ هن عالم جي ڪتابن ۾ ”احياء العلوم الدين“ ۽ ”ڪيمياءِ سعادت“ تھذيب، اخلاق، تزڪيہ نفس، اسلام جي رڪنن ۽ شريعت جي قانونن تي آڌاريل آهن، اسلامي دنيا ۾ مشھور آهن.
امام غزاليءَ جو قول آهي تہ، ”مھمان جي اڳيان گهڻو کاڌو رکڻ تڪبر جي نشاني آهي تہ بلڪل ٿورو کاڌو رکڻ بي مروتي آهي“ اهو بہ فرمايو اٿن تہ، ”ڪنھن بہ ماڻھوءَ جي سڃاڻپ علم سان نہ پر ادب سان آهي علم تہ ابليس وٽ بہ هو پر هو ادب کان محروم هو“ اهڙيءَ طرح ٻيا انيڪ نصيحتي نڪتا سندن جي ڪتابن ۾ موجود آهن، هن عالم 1111ع ۾ وفات ڪئي.

صوفي بزرگ حضرت داتا گنج بخش علي هجويري رحہ

حضرت داتا گنج بخش جو اصل نالو شيخ علي ۽ سندن والد جو نالو عثمان بن علي ۽ سندن ڪُنيت ”ابوالحسن“ آهي، پاڻ سن 400 هجريءَ ۾ جنم ورتائون، سندن نسب جو سلسلو حضرت امام حسين﷦ سان وڃي ملي ٿو، کين پنھنجي وطن جي نسبت سان ”هجويري“ چيو وڃي ٿو، (جُلاب ۽ هجوير افغانستان جي غزني شھر جي ٻن پاڙن جا نالا آهن)
حضرت داتا گنج بخش جو شمار، وڏن اوليائن ۾ ٿئي ٿو، پاڻ ولايت جي اعليٰ درجي تي پھتل هو، تصوف جي رستي تي سندن مقام ننڍي کنڊ ۾ اوج تي پھتل آهي، داتا صاحب جو اهم ڪتاب ”ڪشف المحجوب“ هِن ڏِسَ ۾ هڪ ماخذ جي حيثيت رکي ٿو. جا تصوف جي حوالي سان هڪ اعليٰ درجي جي تصنيف آهي، هن ڪتاب جو مطالعو ڄاڻائي ٿو تہ، داتا صاحب غير معمولي علمي لياقتن سان نوازيل هو. پاڻ تفسير، حديث، فقہ ۽ ٻين علمن ۾ مھارت رکندڙ هو، روحاني فيض حاصل ڪرڻ لاءِ اسلامي ملڪن، شام، عراق، فلسطين، ايران، ترڪستان ۽ ٻين علائقن جا سفر ڪيائين، ڪيترن بزرگن ۽ استادن مان فيض حاصل ڪيائين. امام ابوالقاسم قشيري، ابو سعيد ابو الخير ۽ ٻيا آهن، ابو الفضل محمد بن حُنس حُتلي سندن استاد ۽ ڪامل رهبر هو. پنھنجي مرشد جي چوڻ تي لاهور ۾ رهائش اختيار ڪيائين.
داتا گنج بخش ۾ زُهد (دنيا کان لاتعلقي ) جو اثر تمام گهڻو هو. هر وقت ﷲ تعاليٰ جي عبادت، ذڪر ۽ فڪر ۾ مشغول هوندو هو.
پاڻ ٻيا بہ ڪتاب لکيائون پر سندن مٿئين ڪتاب ڪشف المحجوب وڏي مشھوري ماڻي، جنھن جا دنيا جي انيڪ ٻولين ۾ ترجما ڪيا ويا آهن، هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو موجود آهي، هن ڪتاب معرفت پاڻ پھريون دفعو ننڍي کنڊ ۾ اسلامي تصوف کي پيش ڪيائون، فرمايو اٿن تہ، ”هر شيءَ جي زڪوات هوندي آهي، گهرجي زڪوات مھمان نوازي آهي“.
”پوڙهن کي گهرجي تہ هُو نوجوانن جو خيال ڪن. انھيءَ ڪري جو انھن جا گناھہ گهٽ آهن ۽ نوجوانن کي گهرجي تہ هو بزرگن جو احترام ڪن ڇو تہ انھن جون نيڪيون وڌيڪ آهن“.
خواجه معين الدين چشتي رحمة ﷲ عليہ جڏهن داتا صاحب جي مزار تي زيارت لاءِ آيو، تڏهن واپس وڃڻ وقت هيءُ شعر پڙهيائين جنھن کان پوءِ پاڻ گنج بخش جي نالي سان مشھور ٿيا، جو سندن مزار تي اُڪريل پڻ آهي
گنج بخش فيض عالمِ مظھر نورِ خدا،
ڪاملاني راپيرڪامل، ناقصانِ راھہ رهنما
حضرت داتا گنج بخش جي وفات سن 456 هجريءَ ۾ لاهور ۾ ٿي ۽ لاهور ۾ ئي مدفون آهن سندن مزار تي هر سال ٽي ڏينھن عرس ٿيندو آهي.

قلندر شھباز سيد عثمان مروندي رحمة ﷲ عليہ

حضرت قلندر لعل شھباز رحمة ﷲ عليہ جو اصل نالو سيد عثمان آهي، سندن ولادت 538 هجري ۾ ٿي، سندن لقب ”لعل“ ”شھباز“، ”قلندر“ ۽ ٻيا آهن. پنھنجي مرشد وٽ ٻين سڀني مريدن کان ولايت ۾ مٿي فائق ۽ فائز هئا، جنھن ڪري سندن مرشد کين ”شھباز“ جو لقب عطا ڪيو، ”قلندر“ لقب انھيءَ ڪري پين جو پاڻ قلندري مسلڪ اختيار ڪيو هئائون حضرت عثمان، ”مروند“ جي ڳوٺ تبريز ۾ جنم ورتو، ان ڪري کين”عثمان مروندي“ بہ چيو ويندو آهي، حضرت شھباز جو شجرو حضرت عثمان مروندي بن سيد ڪبير بن سيد شمس الدين بن سيد نور شاھہ بن سيد محمود شاھہ بن... تيرهين پيڙهيءَ ۾ حضرت امام جعفر صادق﷦ سان وڃي ملي ٿو.
ظاهري تعليم طور پاڻ ستن سالن جي عمر ۾ قرآن ڪريم حفظ ڪيائون. ٿوري عرصي ۾ عربي ۽ فارسي ٻوليءَ تي عبور حاصل ٿي ويو، پاڻ ولايت جا مرحلا پنھنجي مرشد بابا ابراهيم جي مريديءَ معرفت حاصل ڪيائون، جن جو پڻ حسب نسب امام موسيٰ ڪاظم﷦ تائين ملي ٿو، مرشد کان سواءِ ڪامل بزرگن جيئن حضرت بھاءُ الدين ملتاني، حضرت صدر الدين، حضرت شيخ فريد الدين گنج شڪر ۽ ٻين سان سندن ملاقاتون ٿيون ۽ مڪاشفا (ڪشف جي حالت) ڪيائون.
پاڻ ننڍپڻ کان سير ۽ سياحت جا شوقين هئا. هند ۽ سنڌ ۾ اچڻ بہ انھيءَ شوق سبب ٿيو. مشھد مقدس، حرمين شريف ۽ بغداد مان ٿيندي ڪيچ مڪران جي رستي هندستان جو رخ اختيار ڪيائون، مڪران ۽ پسنيءَ مان ٿيندا اچي سنڌ جي تاريخي شھر سيوستان/سيوهڻ ۾ 649 هجريءَ ۾ آيا، سندن روحاني فيض جاري ٿيو تہ ڪيترائي ﷲ ٰ جا ٻانھا مستفيض ٿيا. وصال کان اڳ پنھنجي مريدن کي هدايتون ڏيئي پاڻ مراقبي ۾ ويھي رهيا ۽ اتي ئي وصال ڪيائون، وفات جو سن مستند حوالن مطابق 21 شعبان 650 هجري برابر (1252ع) چيو وڃي ٿو. جنھن موجب سندن عمر 112 سال هئي. 18 شعبان کان 20 شعبان تائين هر سال سندن درگاھہ تي ميلو (عرس) لڳي ٿو. جنھن ۾ سنڌ کان سواءِ پري پري کان زائرين اچي پنھنجي روحاني رهبر کي سلام پيش ڪن ٿا.
حضرت شھباز قلندر وڏو عالم هو جنھن جي گواهي سندن لکيل ڪتابن مان ملي ٿي. کيس شاعري، لسانيات، گرامر ۽ اسلامي علمن تي عبور حاصل هو، تصنيفن ۾ 1. ”عقد“، 2.” قسم دويم“، 3. ”اجناس“، 4. ”ميزان“ مڪتبن ۽ مدرسن ۾ پڙهيا وڃن ٿا، شاعريءَ ۾ فارسي غزل اهم آهن، تخلص عثمان مروندي اٿن تہ ڪٿي ”شھباز“ يا ”قلندر من و شھبازم“ پڻ آهي.
جن هنڌن تي شھباز سائين چلا ڪڍيا ۽ عبادتون ڪيون. انھن ۾ ”گنجو ٽڪر“ (حيدرآباد) ”ڪندري نھر“ (منگهو پير ڪراچي) يڪ ٿنڀيءَ جو غار (سيوهڻ جي ڏکڻ ۾ اسٽيشن جي ڀرسان جبل ۾ غار) ”لعل باغ“ لعل جو لعو“ (سيوهڻ جي ڏکڻ ۾ ٻن ميلن جي پنڌ تي) آهن.
لعل شباز قلندر جي مزار تي روزانو شام جو ڌمال ٿيندي آهي جا سانجهي نماز کان پوءِ شروع ٿي، سومھڻيءَ جي نماز کان اڳ ختم ٿيندي آهي اهو بہ سماع جو طريقو ئي شمار ٿئي ٿو جھڙيءَ ريت مولانا رومي ۽ شاھہ عبدالطيف ڀٽائيءَ جي درگاهن تي ذڪر ۽ سماع ٿيندڙ آهي. خاص ميلي جي ڌمال 18، 19 ۽ 20 شعبان تي آهي، جنھن ۾ سرود، سماع ۽ رقص هجي ٿو. ٽي ڏينھن مينديءَ جي رسم پڻ ٿيندي آهي. ان کان سواءِ سنڌ جي ٻين ميلن وانگرپھلوانيءَ جا مقابلا ۽ سرڪس وغيرہ پڻ هجن ٿا. حضرت لعل شھباز قلندر هڪ تمام وڏو بافيض بزرگ ٿي گذريو آهي، سندن ڪرامتن جا ڪيترائي واقعا ڪتابن ۾ درج آهن سندن روحانيت ۽ فيض مان لکين فيضياب ٿيا آهن.

سنڌي سماج جو عظيم شاعر شاھ عبدالطيف ڀٽائي رحمة ﷲ عليہ

حضرت شاھ عبداللطيف رحمة ﷲ عليہ جي ولادت (1102ھ/1689ع) تي ٿي. پاڻ شاھ ڪريم جو تڙ پوٽو هو، شاھ عبدالڪريم جي اٺن پٽن مان ٽيون نمبر سيد جمال شاھ جي پٽ سيد عبدالقدوس جي پٽ شاھ حبيب جي گهر جنم ورتائين. شاھ عبداللطيف، شاھ حبيب کي ٻن پٽن جي وفات کان پوءِ وڏيءَ سِڪ ۽ دُعائن سان مليو، سندن والد پنھنجي پٽ لطيف جي تعليم ۽ تربيت ۾ ڪا ڪمي ڪونہ ڪئي. استاد نور محمد ڀٽيءَ وٽ قرآن شريف، فارسي ۽ سنڌي پڙهيو. بنيادي طور پاڻ هڪ نيڪ نينگر هو، ننڍپڻ کان ئي اڪيلائي پسند ڪندڙ ۽ فقيري چال چلت وارو هو. سندن شادي مغلن جي نياڻي بي بي سيدہ سان ويھن سالن جي عمر ۾ ٿي، کين اولاد ڪونہ ٿيو پنھنجي فقيرن کي اولاد وانگر ڀائيندو هو.
سير ۽ سفر سندن محبوب مشغلو هو. جوڳين ۽ فقيرن سان سفر ڪري فطرت جا لقاءُ پسيائين ۽ غورفڪر سبب روحاني سفر آهستي آهستي بلند ٿيندو ويو. سندن زبان مان بي ساختہ شعرن جي پالوٽ ٿيندي هئي. راڳ، سماع جوکين گهڻو شوق هو. ڀٽ تي جڏهن وڃي رهيا راڳ ۽ سماع جي محفل جاري رکيائون. سندن فقير شاھ جو چيل ڪلام لکي ڇڏيندا هئا. انھن ڪاتبن جو لکيل شاھ جو ڪلام (قلمي نسخن جي صورت ۾) ”گنج“ سڏجي ٿو. ”گنج“ ۾ شاھہ جي ڪلام سان گڏ ٻين شاعرن جو ڪجهہ ڪلام پڻ شامل آهي. ڪتابي صورت ۾”شاھ جو رسالو“ چيو وڃي ٿو. شاھ جي ڪيترن شارحن سندن شاعريءَ جي شرح لکي آهي. پھريون شاھ جو رسالو انگريز دور ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ جرمنيءَ مان ڇپرايو. ان کان اڳ فقط قلمي نسخا موجود هئا.
شاھ لطيف جي شاعري سنڌي ٻولي ۽ ادب جو هڪ وڏو اڻ ملھہ خزانو آهي جيڪو ٽيھن سُرن تي مشتمل آهي. ڪجهہ رسالن ۾ وڌيڪ سُر بہ آيل آهن. جن عالمن شاھ جي رسالي کي ترتيب ڏنو، ڇنڊڇاڻ ڪئي انھن ۾ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، علامہ آءِآءِ قاضي، محمد عثمان ڏيپلائي، ٻانھوخان شيخ، ڪلياڻ آڏواڻي، غلام محمد شاهواڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر اياز قادري، استاد لغاري ۽ ٻيا شامل آهن. شاھ لطيف جو رسالو سنڌي، عربي، فارسي، سرائيڪي، انگريزي، اردو ۽ ٻين چند ٻولين ۾ موجود آهي. سندن ڪلام صوفياڻو، اخلاقي، عاشقاڻو، ۽ فطرت نگاريءَ تي مشتمل آهي. جنھن ۾ سوين خوبيون آهن.
سنڌ جي ڪلاسيڪل داستانن کي شاھ لطيف پنھنجي رسالي ۾ جوڳي جاءِ ڏني. اهي داستان کانئن اڳ بہ سنڌي ادب ۾ موجود هئا پر شاھ لطيف پنھنجي شاعريءَ معرفت انھن ڪلاسيڪل قصن کي عروج تي پھچايو. شاھ لطيف انسان ذات جو ۽ انساني زندگيءَ جو شاعر آهي، هن سنڌ ۽ سنڌي سماج جي ڀلائيءَ لاءِ سوچيو، پنھنجي شاعريءَ ۾ کين همٿ، محبت، همدردي ۽ اخلاق جا سبق ڏنا اٿن. هن ڀائيچاري ۽ اخلاق کي پنھنجي ڪلام ۾ وڏي اهميت ڏني. چوي ٿو تہ،
روزا نمازون ايءُ پڻ چڱو ڪم،
اهو ڪو ٻيو فھم، جنھن سان پسين پرين کي.

سندن نظر ۾ ماڻھن سان نيڪيءَ سان پيش اچڻ ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ کي رب پاڪ پسند ٿو ڪري.
سنڌ جي هن سدا حيات شاعر 14 صفر (1165ھ/1752ع) تي وفات ڪئي. سندن درگاھ تي هر سال ٽي ڏينھن ميلو لڳندو آهي.

سچل سارو سچ حضرت سچل سرمست رحمة ﷲ عليہ

حضرت سچل سرمست جو نالو ڪنھن نہ ٻڌو هوندو! هيءُ هفت زبان شاعر سنڌ سان گڏ سڄي دنيا ۾ مشھور آهي. سندس چيل سنڌي، سرائيڪي پنجابي، فارسي ۽ اردوءَ جي ڪلام کي هر جڳھہ تي مانُ حاصل آهي، پاڻ فارسيءَ ۾ تخلص ”آشڪار“ ۽ سنڌيءَ ۾ ”سچو“، ”سچل“ ”سچيڏنو“ ڪم آندو اٿن، حضرت سچل سرمست جو اصل نالو عبدالوهاب هو، ننڍپڻ کان کين سچيڏنو سڏيندا هئا. سچل سرمست رحمة ﷲ عليہ سن 1739ع ۾ درازن ۾ ڄائو.
سچل جو نالو سنڌي شاعريءَ ۾ شاھہ ڀٽائي کانپوءِ خاص اهميت رکي ٿو. شاھہ سائينءَ سچل لاءِ اها اڳڪٿي ڪئي هئي تہ ”جيڪو ڪُنو اسان چاڙهيو آهي تنھن جو ڍڪ هي نينگر لاهيندو.“ بيشڪ اها اڳ ڪٿي صحيح ثابت ٿي. جيڪي ڪجهہ ڀٽ ڌڻيءَ مام ۾ روحاني راز چيا، انھن کي سچل سائينءَ پڌري پٽ اعلانيہ اظھار ڪيو. هن هفت زبان شاعر جي شھرت عالم آشڪار آهي. سندس ڪلام ۾ موضوعن جي وسعت سان گڏ شاعريءَ جا ڪيترائي پھلو آهن پر غم ۽ گداز جو رنگ وٽس سرس آهي.
سچل جي پرسوز ۽ درديلي شاعريءَ ۾ عشق ۽ حسن جا جلوا آهن تہ حق ۽ سچ جا سڏ آهن. پاڻ سڃاڻڻ جا درس آهن تہ خود شناسيءَ جا سبق بہ آهن. هو ظاهر ظھور ”پاڻ سڃاڻڻ“ تي عمل ڪرڻ جي تلقين ٿو ڪري. سچل جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي لوڪ داستانن ۽ نيم تاريخي داستانن سان گڏ عالمي ڀائيچاري جا سبق آهن. سندس شاعري الھامي ۽ روحاني رازن سان ٽمٽار هئڻ سان گڏ هڪ آفاقي پيغام آهي، جنھن مان تصوف جي پرچار جي پروڙ پوي ٿي تہ گڏ ”اناالحق“ جي اعلانن کيس صاحبِ شريعت جي عتابن هيٺ آندو، سندس بي باڪانہ اظھار کيس هڪ مختلف ۽ منفرد فرد ۽ اعليٰ پايي جو شاعر بنايو، شاعراڻي خوبين جي لحاظ کان سچل سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ نت نوان تجربا ڪري نيون شيون ايجاد ڪيون. سندس ڪلام ۾ بيت، ڏوهيڙا، ڪافيون، غزل، مداحون، مناجاتون ۽ مرثيا ملن ٿا. ان کان سواءِ ”جهولڻي“ جي صنف بہ سندس ايجاد ڪيل آهي. قطعا، رباعيون، ڪبت ۽ ٻيون شاعريءَ جون صنفون استعمال آندائون.
سچل سائين علم عروض جو ڄاڻو هو، تنھنڪري هن جو ڪلام پختو ۽ پڪو آهي. جڏهن ڪلام چوندو هو تہ وجد جي حالت ۾ اچي ويندو هو. مٿي جا وار کڙا ٿي ويندا هئس ۽ اکين مان آب جاري ٿي ويندو هئس. فارسيءَ ۾ سچل سرمست جون هيٺيون اهم تصنيفون آهن: (1) ديوانِ آشڪار (2) رهبر نامہ (3) رازنامہ (4) عشق نامہ (5) تار نامہ (6) گداز نامہ، سنڌيءُ ۾ سندس ڪلام هن ريت آهي: (1) رسالہ سچل فقير جلد پھريون (سنڌي ڪافيون ۽ غزل) (2) رسالہ سچل فقير جلد ٻيو (سنڌي ۽ پنجابي ڏوهيڙا)
”ھمہ اوست“ جي قائل هن صوفي بزرگ کي ”منصور ثاني“ بہ چيو ويندو آهي جنھن وحدت الوجود ۽ خودشناسيءَ جي نظريي جي خاص اپٽار ڪئي. سنڌ جي هن عظيم شاعر 90 سالن جي عمر ۾ 14 رمضان شريف 1242ھہ /1829ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاھہ درازن تي هر سال ميلو لڳندو آهي ۽ ادبي ڪانفرنسن ۾ سچل سرمست جي شاعريءَ تي مقالا پڙهيا ويندا آهن، خيرپور يونيورسٽيءَ جي طرفان”سچل چيئر“قائم ڪيو ويو آهي، جتان سچل سائين جي شاعريءَ جي باري ۾ تحقيقي ڪم ٿيئي ٿو.جھڙو اٿس تخلص ”سچو“ ۽ ”سچل“ اهڙوئي سندس ڪلام سچ جو اولڙو ۽ عڪس آهي.

هتِ هتِ آهي صورت منھنجي، ٺاھہ نہ ڪو پيو ٺاهيان،
پنھنجو پاڻ ئي سان يار، ”سچو“ ڙي نينھن اهو ئي لاهيان.
(سچل سرمست رح)

سنڌ جو انوکو ڪردار وتايو فقير

وتايو سنڌ جو هڪ وڏو ڪامل بزرگ ۽ سالڪ ٿي گذريو آهي، سندس سمجهہ، دانائي ۽ حڪمت وارين ڳالھين ۾ ظاهري طور چرچا ۽ ڀوڳ هوندا آهن پر جڏهن انھن کي پروڙجي ٿو تہ ڄاڻ پوي ٿي تہ هن ڀوڳن ڀوڳن ۾ سنڌي ماڻھن کي ڪيترا نہ ڏاهپ جا سبق ڏنا آهن.
وتايي فقير جي باري ۾ گهڻي جامع معلومات موجود نہ آهي. هُو مغلن ۽ ڪلھوڙن جي دور جو بزرگ چيو وڃي ٿو جنھن جو جنم نصرپور ۾ ٿيو، شادي عمرڪوٽ مان ٿيس ۽ سندن برادري نصرپور، عمرڪوٽ، هالا، مٽياري، ٽنڊوالھيار، ٽنڊوڄام ۽ تاجپور ۾ رهندڙ هئي. وتايي جي وفات ٽنڊي الھيار ۾ 63 سالن ۾ 22 ذوالحج 1247ھجري مطابق 19 جون 1831ع تي ٿي. وتايو اصل هندو نسل مان هو ۽ پوءِ زال ۽ ماءُ سميت مسلمان ٿيو، مسلمان ٿيو تہ نالو ”طاهر“ رکيو ويو. سندس گهرواري جلدي وفات ڪري ويئي. سڄي حياتي ماءُ جي خدمت کي افضل سمجهيائين. هن جا چيل گفتا ۽ نقل بي نظير آهن، جن مان سنڌ جي سماجي ۽ سياسي حالتن جي خبر پوي ٿي. هن ﷲ واري فقير جي بي طمع طبيعت ۽ سادگي هنڌان هنڌ مقبول هئي. سندس بي بھا ڳالھيون، هڪ سئو کان مٿي ٽوٽڪا، نقل ۽ گفتا سياڻپ جي سڃاڻپ آهن. هو هڪ سچار، داناءُ شخص هو، جنھن جي ڳالھين ۾ گھري معنيٰ ۽ مقصد جا موتي لڪيل آهن. هن ڪامل وليءَ ماڻھن کي پنھنجو مقصد سمجهائڻ لاءِ تبليغ نہ ڪئي پر سلوڻو ۽ ٽوٽڪاڻو طريقو اختيار ڪيو. سندس ڳالھين مان هيٺ ڪي مثال ڏجن ٿا.
چون ٿا تہ هڪ دفعي وتايو فقير ڪنھن پاسيري هنڌ تان اڪيلو گذريو وٽس هڪ روپيو هو، سوچيائين تہ اڪيلو پيو وڃان متان ڪو چور نہ گڏجي سو ڇا ڪيائين، روپيو ڪڍي هڪ اڪ جي وڻ جي پاڙ ۾ رکيائين ۽ خوش ٿي اڳيان وڌيو، چيائين تہ، ”شڪر ﷲ جو هن جزا مان جان ڇٽي هاڻي هٿين خاليءَ کي ڪو ڊپ ڪونھي! هاڻي ڪير ڪونہ ڦريندو“. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ هڪ مسافر اُتان لنگهيو ۽ اڪ جي پاڙ ۾ چمڪدار روپئي کي ڏٺائين تہ سمجهيائين تہ انھيءَ هيٺ ڪو خزانو پوريل آهي سو کڻي جو اڪ کي کوٽيائين تہ وڻ پاڙئون پٽجي ويو پر ڪوبہ خزانو ڪونہ نڪتو. وتايو ٿورن ڏينھن کان پوءِ جڏهن وري اُتان گذريو تہ ڏٺائين مار! وڻ تہ پاڙ کان نڪتو پيو آهي ۽ آسي پاسي کڏون لڳيون پيون آهن. اُتي ٻيئي هٿ مٿي کڻي چيائين، ”شڪر منھنجا موليٰ! جيڪڏهن آءُ انھيءَ رپئي مان جند نہ ڇڏايان ها، تہ مون سان بہ ساڳي اهائي اَڪَ واري ڪار ٿئي ها“.
وتائي فقير جو هڪ ٻيو نقل هن ريت آهي تہ،
” گهورڙيو گدرا وڪڻي رهيو هو. وتايي جي گدري کائڻ تي دل ٿي، چار پئسا ڳنڍ ۾ هئا سي ڪڍي ڏنائينس تہ گهورڙي کيس هڪ ٺاهوڪو گدرو کڻي ڏنو. وتائي ڏٺو تہ گهر ۾ ماڻھو گهڻا آهن ۽ هڪ گدري مان تہ پورت ڪونہ ٿيندي وڌيڪ پئسو بہ ڪونہ ھئس، سوچ ۾ پئجي ويو ڏٺائين تہ وڪڻڻ واري وٽ تہ گدرن جو ڍڳ لڳو پيو آهي، سوکڻي ﷲ جي نالي سوال ڪريانس تہ مَنَ کڻي ڪو ڏئي. جڏهن سوال ڪيائين تہ ”سائينءَ جي نالي ٿو توکي سوال ڪريان هڪ گدرو تہ ڏيئيم پويان آڪھہ وڏي آهي پورت ڪونہ ٿيندي“. پھرين تہ گهورڙئي کڻي منھن ڦٽايو پر پوءِ ڪُسندي مُسندي هڪ ڦٿل گدرو کڻي کيس ﷲ جي نالي ڏنائين. وتايو فقير حيران ٿي ويو هٿ ۾ اهو ننڍو ۽ ڦٿل گدرو کڻي آسمان ڏي نھاري چيائين تہ، ”اي ﷲ! ماڻھن وٽ تنھنجو اجهو اهو قدر آهي تنھنجي نالي تي هيءُ گدرو مليو اٿم، ماڻھن وٽ تنھنجي نالي کان چئن پئسن جو مان مٿي ٿو ڏسجي“. ظاهري طور تہ هيءُ ٻہ نقل چرچو ڏسڻ ۾ اچن ٿا پر جيڪڏهن انھن تي سوچيو وڃي تہ انھن ۾ ڪيترو نہ بينظير فلسفو لڪيل آهي. وتائي فقير جا سوين نقل سنڌ ۾ مشھور آهن، جن ۾ وڏو سبق سمايل آهي.

***

سنڌ جو سورهيہ سپوت هوش محمد شيدي

شھيد هوش محمد شيدي سنڌ جو عظيم ۽ مقبول ڪردار آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ پنھنجي ڌرتيءَ ماءُ جي لاءِ جان جو نذرانو ڏيندڙ هڪ وڏي بھادر سپوت جو نالو جرنيل هوش محمد شيدي آهي. قمبراڻي شيدين جي خاندان جو هيءَ غيرتمند سپاهي مير فتح علي خان ٽالپر جي دور ۾ فوج ۾ سپاهي ڀرتي ٿيو. مير صوبيدار خان ٽالپر جي وقت سندس دليريءَ کان متاثر ٿي کيس ترقي ڏني وئي. اهو دور انگريزن جي سنڌ تي حملن جو هو هنن مياڻيءَ جي ميدان ۾ جنگ کٽي پوءِ بہ سڄي سنڌ تي قبضو ڪري ڪونہ سگهيا.
هوش محمد شيدي هڪ اٽل ارادي وارو جوان سپھہ سالار هو، جڏهن ميرشير خان ٽالپر انگريزن خلاف جنگ جو اعلان ڪيو، تڏهن هوش محمد دٻي جي لڙائي ۾ وڏي بھادريءَ سان انگريزن خلاف وڙهيو. تجربيڪار ۽ جديد هٿيارن سان ليس انگريز فوج کي هن حيران ڪري ڇڏيو هو. لشڪر ۾ ڪاهي پيو، گهڻو زخمي ٿي پيو تہ بہ همٿ نہ هاريائين. انگريزن ميرن جي فوج جو بارود ساڙائي ڇڏيو، هوش محمد پنھنجي توبچين کي توپ ۾ ٺڪر ۽ پٿر هلائڻ جو حڪم ڏنو تہ جيئن جنگ جاري رهي ۽ انگريز اسان جي جيئري سنڌ تي قبضو نہ ڪري سگهن. آخرڪار زخمن جا تاب نہ سھي هو شھيد ٿي ويو. شھيد هوشوءَ جي هٿن ۾ تلوارون ۽ ڀالا مضبوطيءَ سان ڀڪوڙيل هئا جو سندس ساھ جو پکيئڙو پرواز ڪري ويو. انگريز گورنر سرچارلس نيپئر جڏهن فتح کان پوءِ جنگ جي ميدان جو جائزو وٺندي کيس هن حالت ۾ ڏٺو، تڏهن حيران ٿي ويو ۽ سندس هن دليري ۽ بي ڊپائيءَ تي ٽوپ لاهي سلام ڪيائين ۽ کيس 21 توپن جي سلامي ڏيئي سندس ميت کي وڏي اعزاز ۽ احترام سان پڪي قلعي ۾ دفن ڪرايائين.

***
سندس تربت تي بھادريءَ جو وڏو ايوارڊ (توپ جو نشان) نصب ٿيو. هوش محمد شيديءَ شھادت کان اڳ بي جگريءَ سان وڙهندي پنھنجي ماڻھن کي همٿايو ۽ کين جنگ جي ميدان ۾ پيرن تي بيھارڻ لاءِ نعرو هنيو تہ ”مرويسون مرويسون، پر سنڌ نہ ڏيسون“. سندس اهو نعرو اڄ بہ زنده آهي ۽ تاقيامت زنده رهندو.
شھيد جرنيل هوش محمد شيديءَ جو نالو قومي غيرت ۽ بھادريءَ جو زنده عنوان آهي. هي عھد ساز ۽ تاريخ ساز جرنيل سنڌ ۽ سنڌ واسين جي دلين ۾ هميشہ ياد رهندو. سندس جانثاري، عظيم قرباني ۽ وطن تان فدا ٿيڻ جي واٽ سنڌي قوم لاءِ هڪ وڏو اعزاز ۽ اُتساھہ آهي.

***

ٻيو حصو

---

يونان جو ڏاهو سقراط

هن عظيم فلاسفر جو نالو ٻارن ضرور ٻڌو هوندو. 470 قبل مسيح يونان جي شھر ايٿنز ۾ پيدا ٿيندڙ هن ذهين ٻار لاءِ چيو وڃي ٿو تہ هُو ڪرت طور مورتيون ٺاهيندڙ هو، علمي مسئلن ۾ ڌيان هئڻ جي ڪري هو خاندان ۽ ٻين آس پاس وارن کان پري رهندڙ، فطرت ۾ نرم مزاج، کل مک، انصاف پسند. استاد، حق پرست ۽ اعليٰ اخلاقي وصفن وارو هو، ڪنھن کانئس پڇيو تہ،”هو ڪڏهن بہ ڏکايل ڏسڻ ۾ نٿو اچي هر وقت خوش آهي ڇا جي ڪري؟“ جواب ڏنائين، ”آئون پاڻ وٽ ڪا بہ اهڙي شيءَ نٿو رکان، جنھن جي گم ٿيڻ جو يا کڄي وڃڻ جو مون کي ڊپ هجي“ سندس زال جهڳڙالو طبيعت جي هئي. هڪ دفعي کيس مٽ اڇلائي مٿي جو هنيائين سندس مٿو ڦاٽي پيو پر هن کيس ڪجهہ نہ چيو. سقراط جا شاگرد کانئس گهڻو متاثر ٿيندا هئا جن ۾ اڪثريت نوجوانن جي هئي کيس اعليٰ نقاد جو درجو حاصل آهي هر شيءَ جي جزئيات تي گهڻو غور ۽ فڪر ڪندڙ ۽ دليلن سان ڳالھہ کي سمجهندڙ ۽ سمجهائيندڙ يونان جي هن ڏاهي شخص کي موت جي سزا ڏني وئي جا انھيءَ وقت ۾ زهر جي پيالي پيئڻ سان عمل ۾ اچڻي هئي.
سقراط شاعرن ۽ شاعريءَ جي باري ۾ پنھنجا خيال پيش ڪيا. جنھن تي مٿس سخت تنقيد ٿي. هن جي مري وڃڻ جي قربانيءَ کان پوءِ سندس شاگردن هن جي مقدمي جي بيان ۽ ٻين نڪتن کي تمام اهميت ڏني ۽ ادبي تنقيد جي تاريخ ۾ هن جي ڪم جو وڏو مقام آهي، سندس شاگرد افلاطون پنھنجي ڪتاب ”ريپبلڪ“ (Republic) سان مشھوري ماڻي. هي استادن ۽ با ادب ۽ با صلاحيت شاگردن جو سلسلو يونان جي سر زمين سان واسطو رکي ٿو جيڪو ذهين ۽ فلاسافيءَ جي سرواڻن جي ڪري اڄ بہ مشھور آهي. ٻيا بہ ڪافي مدبر، شاعر ۽ فلسفي هن ملڪ (يونان) پيدا ڪيا آهن.
جنھن ڏينھن سقراط کي سزا ملڻي هئي. سندس شاگرد وٽس آيا ۽ هن جي گهر ۾ اچي اهي ڏاڍو رُنا. کيس قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ هنن هڪ اعليٰ نسل جو عربي گهوڙو خريد ڪري آندو آهي هُو رات جي اونداهيءَ ۾ هنن سان گڏ نڪري هلي ۽ هُو صبح ٿيڻ تائين ڪافي پري پھچي ويندا. سقراط کين چيو تہ ، ”آئون توهان سان گڏ هلڻ لاءِ تيار آهيان، پر مون کي اهڙو ڪو هنڌ ٻڌايو جتي موت نہ اچي سگهي“ سڀ شاگرد چپ ٿي ويا انھن جي ماٺ کي محسوس ڪندي چيائين تہ، ”جيڪو موت مون کي اچڻو آهي اهو اڄ اچي يا صبح، ڇو نہ آئون اڄ سچ جي خاطر موت کي گلي لڳائي امر ٿي وڃان“ ٻارو! اڄ سقراط کي موت جي سزا ڏيڻ وارن کي ڪير بہ نٿو سڃاڻي پر سقراط جو نالو پوريءَ دنيا ۾ سوين سال گذرڻ کانپوءِ بہ مشھور آهي. سندس مشھور قول هن ريت آهن.
1) عقل جي شروعات حيرت آهي. 2) سٺي ڳالھہ ڪير بہ چوي غور سان ٻڌو. 3) اهو گهر جنھن ۾ ڪتاب ڪونھي هڪ اهڙي جسم وانگر آهي جنھن ۾روح ئي ڪونھي. 4) زندگي اهم ڪونھي پر انھيءَ کي سٺي طريقي سان گهارڻ اهم آهي. 5) آئون بيماريءَ جون تڪليفون تہ سھي سگهان ٿو، پر اهو برداشت نٿو ڪري سگهان تہ ڪنھن انسان سان ناانصافي ٿئي.

افلاطون جو شاگرد ارسطو

يونان جي سرزمين فلاسافرن، سائنسدانن ۽ عظيم مفڪرن جي آهي. جن ۾ هڪ وڏو نالو ”ارسطو“ جو آهي. ارسطا طاليس نالي نينگر ستاگره جي ننڍي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. هيءُ ڳوٺ يونان جي اتر طرف 200 ميل پري هڪ بندرگاھ تي هو. ارسطو جو پيءُ نڪومڪس يونان جي بادشاھ جي هڪ دوست جي ويجهو هو. سندس اٿڻ ويھڻ خانداني ماڻھن سان هو ارسطو اڃا ننڍيءَ عمر جو هو تہ سندس پيءُ وفات ڪري ويو. پنھنجي بزرگ بروڪسيءَ جي سرپرستيءَ هيٺ رهيو. جڏهن جوان ٿيو، تڏهن وڌيڪ تعليم لاءِ کيس يونان موڪليو ويو.
ارسطو جي پيدائش کان پندرهن سال اڳ يونان جو وڏو فلسفي سقراط زهر جو پيالو پي پنھنجي سچائيءَ کي مڃائي وڃي چڪو هو. کانئس پوءِ افلاطون نالي سندس شاگرد اڳتي پنھنجي استاد سقراط جي فڪر کي وڌايو. هن هڪ وڏي درسگاھ قائم ڪئي ۽ ڪيترائي شاگرد هن کان علم حاصل ڪندا هئا. ارسطو بہ افلاطون جي اڪيڊميءَ ۾ داخلا ورتي. انھيءَ وقت افلاطون ايڪهٺ سالن جو هو. کيس پنھنجو هيءُ شاگرد تمام پسند آيو ۽ ان کي دل سان علم ڏنائين. پنھنجي شاگرد ارسطو جي ذهني بلندي، محنت، اورچائي ۽ سڄي سڄي رات ڏيئي جي روشنيءَ تي مطالعي کيس راحت ڏني.
ارسطو پنھنجي استاد کان گهڻو متاثر ٿيو، ارسطو بي شمار سٺا قلمي نسخا وڏي اگهہ ۾ پاڻ وٽ گڏ ڪري لائبريري ٺاهي. سندس گهر ”دارالقاري“ سڏبو هو. ارسطو ڳچ عرصو پنھنجي استاد وٽ رهي فلسفي ۽ طب ۾ عبور حاصل ڪيو تہ سياست. اخلاقيات ۽ ٻيا علم سکيا ۽ هُن پنھنجي استاد جي حياتيءَ ۾ ئي فلسفي ۾ غير معمولي مھارت حاصل ڪري ورتي. ارسطو فزڪس، فلسفو، شاعري، حياتيات، نفسيات ۽ اخلاقيات تي معياري ڪتاب لکيا، هو افلاطون جي اڪيڊميءَ سان ويھہ سال لاڳاپيل رهيو، افلاطون جي وفات کان پوءِ 347 قبل مسيح ۾ هُو هرميار جي درٻار ۾ ارٽانس پھتو، انھيءَ کان پوءِ ڪجهہ وقت کان پوءِ واپس يونان آيو، مقدونيہ جي حڪمران پنھنجي پٽ سڪندرِاعظم جو کيس استاد ڪري رکيو. جنھن کي هن پنج سال تعليم ڏني، سڪندرِاعظم سندس بي حد عزت ڪندو هو ۽ اهو ارسطوءَ جي تعليم ۽ تربيت جو اثر هو جو سڪندر مقدونيہ جي شھر مان نڪري پوري دنيا کي فتح کي ڪيو ۽ سڪندرفاتح اعظم بڻيو.
ارسطو سندس لاءِ ٽي مقالا لکيا جيڪي حڪومتي ڪاروهنوار سنڀالڻ لاءِ بھترين آهن. ان کانسواءِ هن پنھنجي استاد افلاطون جيان ”مڪتبہ شاهين“ هڪ تعليمي ادارو قائم ڪيو. جنھن جو هُو پاڻ گهڻو وقت هلائيندڙ رهيو. هن اداري ۾ حساب، فلسفو، سياست ۽ ٻيا علم پڙهايا ويندا هئا. هڪ جاندار ادارو هو انساني ذهن جي ترقي ۽ جسماني صحت، بيمارين کان بچائڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي مسئلن تي هُن فڪر انگيز مضمون لکيا. ارسطو جو شمار پوريءَ دنيا جي عظيم فلاسافرن ۾ ٿئي ٿو.

دنيا جو مشھور فاتح سڪندر اعظم

سڪندر بادشاھ يونان جو هڪ وڏو ڏاهو، بھادر، باهمٿ ۽ انصاف پسند بادشاھ ٿي گذريو آهي، جنھن يونان جي هڪ ننڍي شھر مقدونيہ مان نڪري سڄي دنيا کي فتح ڪيو، کيس ”سڪندرِ اعظم“ چوندا آهن. هڪ دفعي سڪندر بادشاھ جي اڳيان هڪ ڦورو کي پيش ڪيو ويو، بادشاھ کيس ڪاوڙ ۾ چيو تہ، ”توکي شرم نٿو اچي جو تون ڦرلٽ ٿو ڪرين ۽ ايمانداريءَ سان نٿو ڪمائين؟ دل ۾ رحم ڪونہ اٿئي“. ڦوروءَ وراڻيو تہ، ”بادشاھ سلامت! آئون تہ اهو ڪم ٿوري انداز سان ڪندو آهيان ساڳيو ڪم توهان تہ وڏي پئماني تي ڪريو پيا، منھنجا ساٿي چور، ڌاڙيل ۽ ڦورو سڏجن ٿا جيڪي ڳاڻيٽي ۾ ٿورا آهن توهان جو تہ هڪ مڪمل لشڪر آهي جو ٻين ملڪن تي حملا ڪري انھن جو زمينون ٿو قبضي ۾ آڻي، جنھن کي توهين فتح جو نالو ٿا ڏيو، ڪيترائي شھر ۽ ڳوٺ شاهي فوج توهان جي حڪم تي لٽيا ۽ ڦريا آهن، پوءِ وڏو ڦورو ڪير آهي“؟ سڪندر بادشاھ سندس جواب ٻڌي لاجواب ٿي ويو ۽ کيس آزاد ڪيائين ۽ کيس احساس ٿيو تہ بي سبب جا ٻين ملڪن تي حملا جائز ناهن.
سڪندر بادشاھہ جيترو ذهين ۽ زيرڪ هو اوترو ئي ماءُ جو فرمانبردار ۽ اخلاق وارو پڻ هو. جڏهن ننڍو هو تڏهن سندس بيمار ماءُ کانئس ننڊ ۾ پاڻي گهريو هو. پاڻي جيئن ئي ڀري آيو تہ ماڻس کي ننڊ اچي ويئي پاڻ سڄي رات پاڻي کڻي ماءُ جي سيرانديءَ وٽ بيٺو هو تہ متان امڙ جي اک کُلي ۽ پاڻي گهري ۽ مون کي ننڊ هجي. فجر مھل امڙ جي اک کُلي کيس پاڻيءَ جي گلاس سان بيٺل ڏسي اُمالڪ دُعا ڏنائين، ”شال بادشاھہ ٿيئين“ ۽ تحقيق هو وڏو بادشاھہ ٿيو. هن يونان جي ڏاهي فلاسافر ارسطوءَ کان تعليم حاصل ڪئي هئي. سندس چوڻ آهي تہ، ”پيءُ مون کي زندگي ڏني ۽ استاد مون کي جيئڻ جو فن ڏنو“.
سڪندر بادشاھہ جي سخاوت جو هڪ واقعو مشھور آهي تہ، ”هڪ سپاهيءَ کي خچر تي خزانو کڻي ٻئي هنڌ پھچائڻ لاءِ ڏنائين پر پاڻ بہ هن جي پويان گهوڙي تي هليو جنھن جي سپاهيءَ کي خبر ڪانہ هئي. جڏهن منزل تي پھچڻ کي سپاهي ويجهو ٿيو تڏهن بادشاھہ پڻ گهوڙو تکو ڊوڙائي اچي پھتو، ڏٺائين تہ اهو بار خچر کان وڌيڪ هو جانور تي قياس ڪري سپاهيءَ اهو پنھنجي مٿي تي کنيو هو جو کانئس بہ کڻڻ ۾ ڳرو هو. سپاهي سخت پريشانيءَ ۾ انھيءَ کي هيٺ ڦٽو ڪرڻ تي هو جو بادشاھہ چيس”متان اڇلين باقي ٿورو پنڌ اٿئي همٿ نہ هار وڃي تنبوءَ ۾ پھچائينس اهو سڀ سون هاڻي تنھنجي ملڪيت آهي، جو هڪ جانور تي رحم ڪيو اٿيئي آئون توکي انھيءَ رحمدليءَ جو انعام ٿو ڏيان“. سپاهي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اهو ٻورو توڙ تائين پھچائي بادشاھہ جي هٿان انعام طور وصول ڪيائين.
اهڙيءَ ريت سڪندر بادشاھہ جي دنيا جي وڏي حصي کي فتح ڪرڻ تائين سندس حياتيءَ جا ڪيترائي اهم واقعا ڪتابن ۾ لکيل آهن، پر هن فاني دنيا مان لاڏاڻي وقت سندس چيل لفظ اڄ تائين تاريخ جو حصو آهن. چيائين تہ، ”منھنجا هٿ ڪفن مان ٻاهر ڪڍجو تہ جيئن دنيا ڏسي تہ دنيا جي وڏي حصي کي فتح ڪندڙ ”فاتح اعظم“ سڪندر بادشاھ مرڻ کان پوءِ دنيا مان خالي هٿين وڃي رهيو آهي“.

عالمي ادب جو وڏو نانءُ وليم شيڪسپيئر

دنيا جي ادب ۾ وليم شيڪسپيئر کي هڪ وڏو شاعر ۽ اديب مڃيو وڃي ٿو. هُو 23 اپريل 1564ع تي برطانيہ جي هڪ ننڍي شھر اسٽرئٽ فورڊ ۾ پيدا ٿيو. سندس وفات بہ ساڳيءَ تاريخ يعني 23 اپريل 1616ع ۾ 52 سالن جي عمر ۾ ٿي، سڄيءَ دنيا ۾ شھرت حاصل ڪندڙ هن ناليواري ليکڪ جي ڄم ۽ وفات واري تاريخ 23 اپريل کي پوريءَ دنيا ۾ ڪتابن جو ڏينھن ڪري ملھايو ويندو آهي. هن جو پيءُ ”جون شيڪسپيئر“ اُنَ جو ڪاروبار ڪندو هو. هُو اسٽيج ڊرامن لاءِ لائسينس بہ جاري ڪندو هو.
شيڪسپيئر پنھنجي والد سان گڏ هئڻ ڪري ڊرامن ۾ دلچسپي ورتي ۽ جلدي ڊراما ۽ نظم لکڻ شروع ڪيائين. هن جا ڪيترائي ڊراما ۽ شاعري دنيا جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي نصاب جو حصو آهن، شيڪسپيئر جي لکيل ادب ۾ ناٽڪن جو ڳاڻيٽو وڌيڪ آهي جي ستٽيھہ آهن، انھيءَ زماني ۾ اهي اسٽيج تي پيش بہ ٿيا، جنھن ڪري سندس نالو هنڌين ماڳين حياتيءَ ۾ ئي مشھور ٿي ويو. انھن ڊرامن ۾ مزاح، سنجيدگي، خوشي ۽ غم سان گڏ ڪھاڻين جي مقصديت اعليٰ درجي جي آهي، تہ وري ٻوليءَ جو استعمال بہ شانائتو آهي. هن گهڻي ڀاڱي دکدائڪ (ٽريجڊي) ڊراما لکيا.
سندس ڪيترن ئي ڊرامن جا ترجما سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيل آهن، خاص طور شمس العلماء مرزا قليچ بيگ کي اهو اعزاز حاصل آهي جو پاڻ شيڪسپيئر جي ڊرامن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ پيش ڪيو اٿن، ڪٿي ڏيھي ماحول سان تہ ڪٿي پرڏيھي ماحول مطابق مرزا صاحب جي ترجمو ڪيل ڊرامن مان چند جا نالا هن ريت آهن: ”شاھہ ايليا“، ”شھزادو بھرام“، ”شمشاد ۽ مرجانہ“، ”عزيز ۽ شريف“، ”گلزار ۽ گلنارِ“ ”نيڪي ۽ بدي“ ۽ ٻيا آهن. مرزا صاحب شيڪسپيئر جي مشھور ناٽڪن کي سنڌيءَ ۾ آندو جي ورهاڱي کان اڳ ڇپيا ۽ پوءِ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد شايع ڪيا آهن.
شيڪسپيئر جا ڊراما ۽ ٻيا ڪتاب اردو، جرمني، فرانسيسي ۽ ٻين ڪيترين ٻولين ۾ ترجمي جي صورت ۾ موجود آهن، اڄ سوين سال گذرڻ کانپوءِ پوءِ بہ شيڪسپيئر جا ڪتاب، قول، چوڻيون ۽ ٻيون تحريرون زنده آهن، هو ادبي ۽ علمي دنيا ۾ هڪ بي مثال ليکڪ مڃيو وڃي ٿو.

عظيم مؤجد ايڊيسن

ٿامس الواايڊيسن 1847ع ۾ آمريڪا ۾ جنم ورتو، سندس وفات 1931ع ۾ ٿي، هن عظيم سائنسدان تقريبن هڪ هزار ايجادون ڪيون، جيڪي روزاني جي حياتيءَ ۾ ماڻھن جي لاءِ ڪارآمد آهن. سڄي دنيا سندس احسانمند آهي، هن دنيا کي اونڌاهين مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آندو، ايڊيسن جي بجليءَ جي بلب جي ايجاد کيس تمام گهڻي ڪاميابي عطا ڪئي، ايڊيسن جي ايجادن مان آمريڪا جھڙي وڏي کنڊ جي معاشي حالتن ۾ انقلاب آيو ۽ بي شمار فائدا حاصل ٿيا ۽ کيس پڻ مالي طور تمام گهڻو سک حاصل ٿيو، سندس خاندان دنيا جي چوٽيءَ جي اميرن ۾ شمار ٿيو.
ايڏو وڏو امير ڪبير ايڊيسن ننڍيءَ عمر ۾ بي انتھا غريب هو، وٽس باقائدي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پئسو ڪونہ هو. هُو اخبارون وڪڻي پنھنجي گهر جي ڪفالت ڪندڙ هو، مرضيءَ جو مالڪ ۽ جادوئي ذهن رکندڙ ايڊيسن پنھنجي ڪلاس ۾ ٻارن کان گهڻو پوئتي هو، جنھن ڪري هڪ دفعو بيزار ٿي سندس استاد هن جي والدہ کي چيو تہ ”هيءُ هڪ بي وقوف ۽ ڪُند ذهن ٻار آهي، جنھن جي ذهن ۾ ڪا بہ ڳالھہ نٿي ويھي“. هن جي ماءُ نينسي ايڊيسن هڪ استاد هئي کيس پنھنجي پٽ لاءِ ٽيچر جا چيل اهي جملا وڏي گهٽتائي لڳا. هُن انھيءَ استاد کي چيو تہ، ” نہ منھنجو پٽ بي وقوف آهي ۽ نہ ئي ڪُند ذهن هيءُ هڪ ذهين ۽ سمجهدار ٻار آهي. اڄ کان هن کي آئون پاڻ پڙهائينديس“. انھيءَ کانپوءِ ننڍڙو ايڊيسن مھربان ماءُ وٽ علم پرائڻ لڳو. جنھن شوق ۽ توجھہ سان پنھنجي پٽ جي تعليم ۽ تربيت جو حق ادا ڪيو.
هو پيدائشي سائنسدان هو، کيس ننڍپڻ کان مختلف تجربا ڪرڻ جو شوق هو. هُن جي گهر جي ويجهو ريلوي اسٽيشن هئي، جتي ڪيتريون ئي ريل جون بوگيون بيٺل هيون، هن هڪ خالي بوگيءَ کي پنھنجي سائنسي تجربن لاءِ وقف ڪيو، انھيءَ کي پنھنجي تجربيگاھہ ٺاهي، اتي مختلف تجربا ڪندو رهندو هو. اخبارن مان جيڪو پئسو ڪمائيندو هو، انھيءَ مان بہ گهڻو پئسو انھيءَ شوق تي خرچ ڪندو هو. هن کي سائنسي تجربن ڪرڻ جو جنون جي حد تائين شوق هو. جنھن ريل جي بوگيءَ ۾ هو سائنسي تجربا ڪندو هو. هڪ ڏينھن کانئس تجربي دوران ان ۾ باھہ لڳي وئي، ريلوي جي عملي اچي باھہ کي وسايو پر اسٽيشن ماسٽر کي گهڻي ڪاوڙ آئي. هن کيس ٺاهوڪي ٿڦڙ هڻي ڪڍي جا سندس هڪ ڪن تي زور سان لڳي ۽ ان جي اثر ڪري هُو سڄي حياتي هڪ ڪن جي ٻڌڻ کان محروم ٿي ويو، پر ايڊيسن پنھنجي ڪمزوري کي بہ مثبت نموني وٺندي اهو چيو تہ ”هاڻي تہ پاڻ مون کي گوڙ گهٽ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ۽ آئون سڪون سان ڪم ڪري سگهان ٿو.“
سندس ئي دور جو مشھور سائنسدان مارڪوني جنھن ريڊيو ايجاد ڪيو. وٽس اچي آمريڪا ۾ رهيو، ڪجهہ وقت کانپوءِ واپس اٽليءَ ويو. ٻنھي سائنسدانن ۾ هم خيالي هئي. ايڊيسن جي دور ۾ ٻيا بہ پڻ ڪيترائي سائنسدان موجود هئا. جن وٽ بہ هن جي وڏي عزت هئي. هن ناليواري سائنسدان کي ڪيترائي ايوارڊ ۽ شيلڊون عزت ۽ شھرت هن جي حياتيءَ ۾ ئي مليا، سندس بي انتھا ذهانت، محنت ۽ مستقل مزاجيءَ کيس دنيا ۾ سوڀارو ڪيو.

هڪ غير معمولي ذهين سائنسدان البرٽ آئن سٽائين

فزڪس ۽ حساب جي دنيا جو هڪ وڏو نالو البرٽ آئن سٽائين آهي. فلسفي جي مضمون سان بہ کيس وڏي دلچسپي هئي. هُو هڪ غير معمولي ۽ غير روايتي ذهن جو مالڪ هو، 14 مارچ 1879ع تي جرمنيءَ ۾ جنم وٺندڙ دنيا جي هن عظيم سائنسدان 18 اپريل 1955 تي وفات ڪئي.
البرٽ کي ننڍي لاڪون ئي مُصوري ۽ موسيقيءَ سان بہ دلچسپي هئي. اٽليءَ جھڙي خوبصورت شھر ۾ ڊاونچيءَ جي شاهڪارن تي غور ڪرڻ، لوميارڊي جي ميدانن ۽ اطالوي ساحلن کي پنڌ گهمڻ سان کيس روحاني سڪون ملندو هو، سندس ننڍپڻ غير يقيني حالتن ۾ گذريو، هُو 16 سالن جو هو جو سندس والد جو واپار وڏي نقصان ۾ اچي ويو، مائٽن لاءِ هي جوان ڇوڪرو نہ مددگار هو ۽ نہ ئي اهي سندس پڙهائيءَ جو بوجهه کڻي سگهيا ٿي. نيٺ هنن گڏجي البرٽ کي صلاح ڏني تہ تون پنھنجي پيرن تي بيھہ ۽ ڪا نوڪري ڪر، پر هو عملي طور ڪم ڪرڻ جي بدران سوچن ۾ رهندو هو. کيس تعليم سزا طور محسوس ٿيندي هئي، فقط سندس پسند جا مضمون ئي کيس وڻندا هئا هو ٻين مضمونن ۾ دلچسپي نہ وٺڻ جي ڪري پنھنجي هم جماعتن کان پوئتي رهجي ويو. سندس تجربو ۽ تعليم ايتري گهٽ هئي جو کيس ڪو معمولي ڪم ئي ملي سگهيو پئي.
اهڙيءَ ريت والدين جي ملڪ ڇڏڻ ۽ ٻين هنڌن وڃڻ ۽ غربت جي ڪري اهو اڪثر اسڪولن مان نڪرندو هو ۽ وري بہ پڙهائي شروع ڪندو هو. سندس ماءُ کيس تمام گهڻو پيار ڪندي هئي. سندس اسڪول مان برطرفيءَ جي خط کي پٽ کان لڪائي ڇڏيائين تہ جيئن کيس ڏک نہ ٿئي ۽ کيس ٻڌايائين تہ، اسڪول وارن خط ۾ لکيو آهي تہ، ”توهان جو ڇوڪرو غير معمولي طور هوشيار آهي. انھيءَ ڪري کيس گهر ۾ پڙهائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي“.
سندس دل ان وقت جرمنيءَ مان کٽي ٿي ويئي هئي ۽ هن جا مائيٽ روزگار سانگي پوءِ اٽليءَ ۾ رهڻ لڳا، تڏهن هن سئزرلينڊ جي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ جو ارادو ڪيو. انھيءَ وقت اٽلي ڇڏڻ جو کيس گهڻو ڏک ٿيو. داخلا جي لاءِ هن زولاجي ۽ باٽني سکڻ تي بہ ڌيان ڏنو ۽ کيس پنھنجي طور فزڪس ۽ حساب ( Math ) جي ڄاڻ تي اعتماد هو پر سندس داخلا اتي نہ ٿي سگهي، هن همٿ نہ هاري سندس سڄي حياتي مشڪلن کي منھن ڏيندي گذري. هن جو چوڻ هو تہ ”هر مشڪل ۾ هڪ موقعو موجود هوندو آهي. فقط انھيءَ کي ڳولھي لھڻ ۽ صحيح استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي“.
البرٽ هڪ استاد طور پڻ پڙهايو جو تجربو کيس گهڻو پسند آيو. هن جو ذهن اعليٰ درجي جو هو، هو هر شيءِ جي سوچ رکندي ان جو تصور مڪمل طور محسوس ڪندو هو. سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي نظرين ۾ انقلاب آڻڻ واري البرٽ ننڍپڻ جي مايوسين جي پرواھہ نہ ڪندي وڏا سائنسي ڪارناما فقط پنھنجي ذهن ۽ سوچ ويچار سان پيش ڪيا، سندس مشھور نظريو (Theory of relativity) آهي يا ٻين لفظن ۾ توانائي ۽ مادو هڪ ٻئي ۾ تبديل ٿي سگهن ٿا. روشنيءَ جي ڪنھن ڌاتوءَ تي پوڻ سان اليڪٽران ٻاهر نڪرن ٿا. اهو البرٽ ڄاڻايو ۽ هن اهو بہ ڄاڻايو تہ سج جي چوڌاري گرھ ڪيئن گهمن ٿا.
1921ع ۾ فزڪس جو نوبل پرائيز کٽندڙ البرٽ هڪ باهمٿ ۽ پراُميد انسان هو، جنھن جو دماغ دليلن سان ۽ سوالن سان سٿيل هو، هو هر شيءِ ۽ ڪم جي نتيجي تي غور ڪندڙ هو.
آئن سٽائين جنھن جي لاءِ اهو بہ چيو وڃي ٿو تہ کيس ننڍپڻ ۾ ”آٽزم“ جي بيماري هئي جا انھيءَ وقت دريافت نہ ٿي هئي، جنھن مطابق ٻار ننڍپڻ ۾ حاضر دماغ نہ هوندو آهي. اڳتي هلي جڏهن وڏو ٿيندو آهي تہ ڪجهہ بھتر ٿيندو آهي پر سندس دماغ جو هڪ حصو غير معمولي بہ هوندو آهي. اڄ آئن سٽائين جو نالو ذهانت ۽ غير معمولي ڪاميابيءَ جو اهڃاڻ آهي، سندس دماغ دنيا لاءِ هڪ وڏيءَ حيرت جو باعث بڻيو، جنھن کي هن جي موت کان چند ڪلاڪن کان پوءِ جسم مان ڪڍي ان تي تحقيق ڪئي ويئي جنھن مطابق اهو دماغ عام ماڻھوءَ جي دماغ کان 15 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي.
هڪ عام بالغ ماڻھوءَ جي دماغ جو(Intelligence quotient) آءِ ڪِيُو معياري انداز سان 100 هوندو آهي ۽ 140 جي آءِ ڪِيُو وارن ماڻھن کي ذهين سڏيو وڃي ٿو، آئن سٽائن ۽ اسٽيفن هاڪنگ جي دماغ جو آءِ ڪيو اسڪور 160 آهي، مينسا انٽرنيشنل ادارو دنيا جي ذهين ترين ماڻھن جي سوسائٽي آهي، جيڪو 75 سال اڳ قائم ٿيو هو. هي ادارو غير معمولي ذهانت رکندڙ کي باقائدي سَندَ ڏئي ٿو.
آئن سٽائين جي ڪاميابيءَ ۾ سندس ذاتي کوجنا، صبر، همٿ، اميد ۽ غيرمعمولي ذهانت سان گڏ هن جي ماءُ جو همٿائڻ شامل هو، جنھن کيس مايوسيءَ جي ويجهو ڪڏهن بہ اچڻ نہ ڏنو. سندس گهر واري ايلزا پڻ هن جو تمام گهڻو خيال رکيو، هن پنھنجي حياتيءَ ۾ ئي وڏي مشھوري ماڻي.

هڪ عملي انسان برٽرانڊ رسل

برٽرانڊ رسل (Bertrand Russel) ويھين صديءَ جو هڪ مانائتو فلاسافر ۽ رياضي دان هو، جنھن 18 مئي 1972 تي جنم ورتو. ننڍيءَ عمر ۾ سندن ماءُ وفات ڪري ويئي ٿوري ئي وقت ۾ والد بہ لاڏاڻو ڪيو. سندس سنڀال ڏاڏي ڪئي. اڃان ڇھن سالن جو هو تہ ڏاڏو بہ وفات ڪري ويو. هُو بلڪل اڪيلو ٿي ويو، پر وري بہ هن تعليم جي حاصل ڪرڻ تي توجھہ ڏني، سندس نظر ۾ تہ ”علم ڏاهپ ڏيندڙ رستو آهي، جڏهن توهين تعليم حاصل ڪريو ٿا. تڏهن نہ فقط پنھنجي لاءِ بھتريءَ جو رستو کوليو ٿا پر سماج ۾ پڻ بھتري آڻيو ٿا“. رسل ٽئونٽي ڪاليج مان حساب ۽ فلاسافيءَ ۾ گريجوئيشن ڪئي. يونيورسٽي آف برلن ۾ اقتصاديات جي موضوع تي ليڪچرس ڏنا. هُو هڪ عملي انسان هو کيس ڪم ڪرڻ جو وڏو چاھ هو واندو ويھڻ پسند نہ ڪندو هو، سندس چوڻ هو تہ، ”انسان فقط ماني کائڻ ۽ ڪمائڻ لاءِ پيدا نہ ٿيو آهي“. هن انساني خوشيءَ کي هميشہ اهم سمجهيو سائنس ۾ وڌندڙ هاڃيڪار لاڙي جي خلاف برٽرانڊ رسل مشھور سائنسدان آئن سٽائين سان گڏجي 1955ع ۾ نيو ڪليئر هٿيارن جي روڪڻ لاءِ هڪ پڌرنامو جاري ڪيو.
ڪرت طور هُو استاد جي معزز پيشي سان لاڳاپيل هو پر سندس حقيقت پسند ليڪچرس تعليمي ادارن ۾ قبول نہ پيا. کيس نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو، هُو سائنس جي ترقيءَ جو حامي هوندي بہ انھيءَ جي هاڃيڪاريءَ جي خلاف هو. سندس لاڙو ادب ڏي وڌيڪ هو. سياست، اخلاقيات، رياضيءَ جا قائدا ۽ قانون ڏاهپ سان سمجهائيندڙ رسل جو چوڻ هو تہ، ”پيار انساني زندگيءَ جي اولين ضرورت آهي، ڄاڻ ۽ معلومات ۽ انسان ذات تان مشڪلون هٽائڻ ئي زندگيءَ جي مقصديت آهي“. رسل جي وفات 2 فيبروري 1970ع تي ٿي.