ٻاراڻو ادب

انوکو رازو (ٻارن جي لاءِ چونڊ دلچسپ ڪهاڻيون)

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ پاران ٻارن لاءِ ترجمو ڪيل ڪھاڻين جي ھن ڪتاب ”انوکو رازو“  ۾ ڪل 13 ڪھاڻيون شامل آھن.  دلچسپ ڪھاڻين تي مشتمل ڪتاب جو ترجمو نفاست سان ڪيو ويو آهي. ھي ڪھاڻيون ٻارن جي نفسيات تي بہ پوريون لھن ٿيون ۽ إصلاحي پڻ آھن. ڪتاب ۾ آيل ڪھاڻيون اردوءَ جي مختلف ڪتابن ۽ انٽرنيٽ تان ترجمو ڪيون ويون آھن.

  • 4.5/5.0
  • 18
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Anokho Raazo

حق ۽ واسطا

ڪتاب: (11)
ڪتاب جا سڀئي حق ۽ واسطا اداري ۽ ليکڪا وٽ محفوظ آهن
ڪتاب جو نالو: انوکو رازو
موضوع: (ٻالڪ ادب جون ڪهاڻيون:ترجمو)
ترجمو: ڊاڪٽر پروين موسىٰ ميمڻ
ڇاپو: پهريون (2025)
تعداد: هڪ هزار
ٽائيٽل: مهراڻ سهتو
ڪمپوزنگ: گلزيب هڪڙو
ڇپائيندڙ:محمد موسىٰ ادبي اڪيڊمي، ڏيپلائي ٽائون، حيدرآباد.
ڇپيندڙ: محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي ۽ ايڊوانس پرنٽنگ ايجنسي حيدرآباد
مُلھہ: 200 روپيہ

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
books.sindhsalamat.com
2025ع

ملڻ جا هنڌ
سنڌي ادبي بورڊ بڪ اسٽال حيدرآباد، قليچ ڪتاب گهر حيدرآباد، دانيال ڪتاب گهر قاسم آباد حيدرآباد، پيڪاڪ ڪتاب گهر حيدرآباد، سنڌ ڪتاب گهر پريس ڪلب حيدرآباد، ايڊوانس پرنٽنگ ايجنسي حيدرآباد، ڪامران شيخ سنڌيڪا لاڙڪاڻو 

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ پاران ٻارن لاءِ ترجمو ڪيل چونڊ دلچسپ ڪھاڻين جو مجموعو ”انوکو رازو“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ پاران ٻارن لاءِ ترجمو ڪيل ڪھاڻين جي ھن ڪتاب ”انوکو رازو“ ۾ ڪل 13 ڪھاڻيون شامل آھن. دلچسپ ڪھاڻين تي مشتمل ڪتاب جو ترجمو نفاست سان ڪيو ويو آهي. ھي ڪھاڻيون ٻارن جي نفسيات تي بہ پوريون لھن ٿيون ۽ إصلاحي پڻ آھن. ڪتاب ۾ آيل ڪھاڻيون اردوءَ جي مختلف ڪتابن ۽ انٽرنيٽ تان ترجمو ڪيون ويون آھن.
ھي ڪتاب 2025ع ۾ محمد موسىٰ ادبي اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مھاڳ

” ٻارن لاءِ ڪھاڻي ڪتاب“ انوکو رازو جو اڀياس

ٻارن لاءِ لکڻ انتھائي خوبصورت عمل آهي، اُن حوالي سان سنڌي ٻوليءَ ۾ اصلوڪيون ڪھاڻيون، شاعري، مضمون ۽ ناول لکيا وڃن ٿا، اُن سان گڏ ٻين ٻولين مان بہ ترجمي جي صورت ۾ سنڌي ٻاراڻي ادب جي واڌ ويجهہ ٿي رهي آهي، جنھن سان ٻاراڻو ادب اڃا بہ ترقي ڪندو. هن وقت منھنجي مطالعي هيٺ منفرد ليکڪا ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو ٻارن لاءِ ترجمو ڪيل ڪھاڻيون جو ڪتاب ”انوکو رازو“ آهي، جيڪو پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺي ٿو، جنھن ۾ بھترين ڪھاڻيون شامل آهن ۽ اُن ڪتاب جو ترجمو نفاست سان ڪيو ويو آهي، ڪتاب ۾ شامل ڪجهہ ڪھاڻين جو مون اڀياس ڪيو آهي اهو اوهان جي آڏو رکان ٿو.
ڪھاڻي: ”انوکو رازو“ هيءَ پراڻي دور جي ڪھاڻي آهي جنھن ۾ بادشاھہ شجاع پنھنجي ملڪ جي وڏي وزير وقار بيگ کي چوي ٿو تہ پاڻ جنگيون هارائي رهيا آهيون، ۽ ايئن نہ ٿئي جو ٻئي ملڪ جي فوج اسان تي قابض ٿي وڃي. هاڻي ان متعلق ڪا ترڪيب وڏي سوچي وَٺُ جيئن پاڻ کي ڪاميابي ملي نہ تہ ٻي صورت ۾ توکي وڏ وزارت تان هٽايو ويندو. وڏي وزير وقار بيگ بادشاھہ سان واعدو ڪيو تہ هاڻي پاڻ فاتح ٿينداسون مان اها ترڪيب سوچيان ٿو. وڏو وزير پريشان حال ٿي سوچيندو رستي تان وڃي رهيو هو تہ انھيءَ ساڳئي رستي تي ايندڙ هڪ نوجوان رازي طارق سان ٽڪرائجي ويو. طارق رازي کيس وزير کي چيو تہ ”اوهان پريشان لڳو ٿا ڪو مسئلو آهي تہ مان اوهان جي مدد ڪري سگهان ٿو“.ڳالھہ ٻڌڻ کانپوءِ هن چيو ”تہ مون وٽ هڪ ترڪيب آهي تہ پاڻ هڪ ڪنڊائتن پٿرن سان قلعو جوڙايون ٿا جنھن جي اندر دشمن ملڪ جي فوج داخل نہ ٿي سگهندي، جيڪڏهن اهي پٿر جي ڀتين تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪندا تہ هيٺ ڪري زخمي ٿيندا ويندا اهڙي طرح پاڻ بغير جنگ ڪرڻ جي ڪاميابي حاصل ڪنداسين“. طارق رازي جي اها ترڪيب ڪم آئي ۽ دشمن جي فوج ڀتين تي چڙهندي زخمي ٿي واپس هلي وئي، بادشاھہ شجاع طارق رازي جي ان ترڪيب کي ساراهيو ۽ اُن وٽ طارق رازي جي واھہ واھہ ٿي وئي تہ وزير وقار بيگ کي ساڙ ٿيڻ لڳو ۽ اُن بادشاھہ کي ورغلائي اُن کي قلعي جي آخري منزل تي قيد ڪرايو. طارق رازو ذهين نوجوان هو ان وجهہ ملندي سفيد چادرن کي ملائي پيراشوٽ ٺاهي ورتي ۽ قلعي جي اونچي ڀت کان هيٺ اڏامندي لٿو تہ ماڻھو ڏاڍو خوش ٿيا ۽ بادشاھہ شجاع بہ اُن جي اهڙي ايجاد ۾ ذهانت کان گهڻو متاثر ٿيو ۽ ان کي وڏو وزير مقرر ڪيائين ۽ وقار بيگ کي قيد ڪرڻ جو حڪم ڏنائين، طارق رازو رحمدل انسان هو ان وقار بيگ کي معافي ڏياري، هن ڪھاڻي جو حاصل مطلب اهو آهي تہ دنيا ۾ ڪنھن سان بہ ساڙ نہ ڪرڻ گهرجي پر پنھنجي ذهانت سان نيون ايجادون ڪرڻ گهرجن.
”ڪرنل ۽ ڪبوتري“ڪھاڻي جنگ جي موضوع تي آهي، جنھن ۾ ٻي مھاڀاري جنگ جو ذڪر اچي وڃي ٿو، جنھن ۾ هڪ ڪمزور ٽوٽي ڪبوتري ڪرنل جو حڪم ٻُڌي هڪ فوجي طرفان ٻُڌايل رستي تي برف باري ۾ اُڏام شروع ڪئي ۽ اُن جي ڪنن ۾ ڪرنل جا لفظ گونجڻ لڳا ته” ”اسان سڀني جي زندگي تنھنجي ٻانھن جي ٻَلَ تي آهي“ ۽ پوءِ هوءَ گهڻو تيز اُڏامڻ لڳي وڏي جاکوڙ کانپوءِ آخرڪار اها ڪبوتري اتحادي فوجين وٽ پھچي وئي. هن ڪھاڻي مان ٻارن کي ان ٽوٽي ۽ ڪمزور ڪبوتري جي همت ۽ بھادري جو سبق ملي ٿو ۽ همت سان هر مشڪل ڪَمُ ڪري سگهجي ٿو. ” ڊاڪٽر پروين لکي ٿي تہ،”باهمت ڪبوتريءَ جو مجسمو لنڊن جي هڪ چو واٽي تي نصب آهي، جو ماڻھن ۾ وڏا ۽ سُٺا ڪم ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪري ٿو“.
”پريما ڪماري“تعليم جي موضوع تي مبني آهي، جنھن ۾ پريما هڪ غريب گهراڻي جي ڇوڪري وڏيءَ محنت سان اعليٰ تعليم حاصل ڪري ٿي، سچي واقعي تي لکيل ڪھاڻيءَ جو ڊاڪٽر صاحبہ سنڌيءَ ۾ منفرد ترجمو ڪيو آهي ڄڻ تہ اها ڪھاڻي سنڌي ۾ ئي لکي وئي هجي!.. هن ڪھاڻي مان اهو سبق ملي ٿو تہ مسلسل محنت ۽ جُستجو سان منزل حاصل ٿئي ٿي ۽ ماڻھو غريب مان امير بڻجي وڃي ٿو.
”محنت جو ڦل“مان اسان کي انسان دوستي جو درس ملي ٿو، جنھن ۾ ماڻھو ڪنھن ڏکئي وقت ۾ هڪ ٻئي جي ڪم ايندا آهن. هن ڪھاڻي ۾ انگريزي اديب ٿامس جي حياتي جو هڪ واقعو بيان ٿيل آهي، اُن موسميات جي موضوع تي هڪ منفرد ڪتاب لکيو هو ۽ ان کي زندگي جي هڪ موڙ تي جيل وڃڻو پيو تہ اُتان جي هڪ اداڪار ڪئن اُن جي مدد لاءِ جيل تي وڃي ملاقات ڪئي ۽ خاص ماني گهرائي اُن سان گڏ کاڌي ۽ هڪ سئو پائونڊ چيڪ اُن کي مڃتا طور انعام ۾ ڏنو. هيءَ هڪ سٺي ۽ دلچسپ ڪھاڻي آهي. جنھن ۾ اهو اداڪار اُن اديب جي مدد ڪري خوشي حاصل ڪري ٿو.
”وڻ بچايو، وڻ لڳايو“پُر اثر ڪھاڻي ۾ فطرت ۽ ماحول دوستي جو سڏ ڏنو ويو آهي، هن ڪھاڻيءَ ۾ فطرت ۽ وڻڻ سان پيار ڪندڙ ڪردار آندا ويا آهن، وڻ اسان کي آڪسيجن مھيا ڪن ٿا ۽ علائقي مان گرمي پد بہ گهٽائن ٿا. اهڙي احساس سان هيءَ هڪ ڀرپور ڪھاڻي آهي. جنھن مان ٻارن کي سٺي ڄاڻ ملندي فطرت ۽ ماحول کي بچائڻ جو درس بہ ملي ٿو.
هن ڪھاڻين جي ڪتاب ” انوکو رازو“ ۾ سڀئي ڪھاڻيون دلچسپ ۽ انوکيون آهن جيڪي ٻارن جي نفسيات تي بہ پوريون لھن ٿيون، تبصري کان رهيل ڪھاڻيون، ”جنھن کي ﷲ رکي“، ”دلي خواهش“، ”سبق حاصل ٿيو“، ”چوٿون چور“، ”ڏهوڻا پئسا“، ”محبت جي ڪاميابي“، ”جادوئي گڏيون“ بہ بھترين ڪھاڻيون آهن، جنھن ۾ سنڌيڪارا ڊاڪٽر پروين جي چونڊ منفرد آهي ۽ انھن ڪھاڻين جو ترجمو بہ هُن سھڻي نموني سان ڪيو آهي، هن ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻيون ايئن لڳن ٿيون ڄڻ تہ اهي اصلوڪيون ڪھاڻيون هجن. ٻي ٻوليءَ مان ترجمو ڪري پنھنجي ٻوليءَ ۾ پيش ڪرڻ ڪو سولو ڪم بہ ناهي، ان لاءِ بہ مترجم کي وڏي محنت ڪرڻي پوندي آهي، ان حوالي سان سنڌيڪارا پاڻ ملھايو آهي ۽ اميد آهي تہ هي سندس ترجمي واري ڪاوش پڙهندڙن کي قبول پوندي.

وحيد محسن

ڪتاب بابت

پيارا ٻارو! مون کي يقين آهي تہ توهان منھنجون لکيل ڪھاڻيون دل جي شوق سان پڙهي رهيا آهيو، تڏهن تہ مون کي آس پاس کان خبر پوندي آهي تہ منھنجي ٻالڪ ادب ۾ لکيل ڪتابن کي سھڻيءَ سنڌ جا سونھارا ٻار پڙهن ٿا شاگرد ۽ شاگردياڻيون منھنجي ڪتابن جي پڇا بڪ اسٽالن تان ڪن ٿا، خريد ڪن ٿا، پاڻ پڙهن ٿا ۽ پنھنجي ساٿين کي پڙهائين ٿا، انھيءَ لاءِ آئون توهان جي ٿورائتي آهيان توهان جي اها حُب ئي مون کان ايترا سارا ٻالڪ ادب جا ڪتاب لکرائڻ ۾ مدگار ٿيئي پئي،
هن ڪتاب ۾ آيل ڪھاڻيون اردوءَ جي مختلف ڪتابن ۽ انٽرنيٽ تان ترجمو ڪيون اٿم، جن جا لکندڙ ميرزا اديب، مسعود احمد برڪاتي، سليم مغل، نذير انبالوي، جدون اديب، ڊاڪٽر عمران مشتاق، ڪليم چغتائي، رئيس فاطمہٰ قمر علي عباسي ۽ ٻيا آهن، هي ڪھاڻيون نہ طويل آهن ۽ نہ ئي مختصر، هن ڪتاب ۾ آيل ڪھاڻيون توهان کي وڏن خوابن ڏسڻ ۽ انھن جي ساڀيان کي ممڪن بنائڻ جو گَسِ ڏينديون، توهان جي نرمل احساسن ۽ ڪومل جذبن کي حياتيءَ جا مضبوط رُخ پسائينديون اهي خواهشن کي سوکو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندڙ آهن. مُنڍ کان پڇاڙيءَ تائين هن ڪتاب جون هي ڪھاڻيون مختلف ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن تان پڙهي ترجمو ڪرڻ تائين مون انھيءَ ڳالھہ جو تمام گهڻو خيال ڪيو آهي تہ نہ فقط ترجمي جي عمل ۾ سچيتائيءَ جو مظاهرو ڪريان پر گڏوگڏ جيڪا بہ ڪھاڻين جي چونڊ پيش ڪريان اها مقصديت واري هجي جنھن سان پڙهندڙ ٻار کي ڪو دڳ، ڪو سنئون گَسِ ملي، ڇو تہ ماڻھوءَ کي جيستائين اها خبر ناهي هوندي تہ هُن کي وڃڻو ڪھڙي پاسي آهي؟ تيستائين هُو صحيح واٽ جي چونڊ ڪري نہ سگهندو آهي، منزل ڏانھن صحيح وک کڄي انھيءَ لاءِ جيترو توهان جي والدين ۽ استادن جي رهبري ضروري آهي ايترو ئي ان جو دارومدار توهان پاڻ تي آهي، توهان جي علمي حاصلات جو شوق ۽ ادب جو ذوق انھيءَ ۾ ضرور مددگار ٿيندو انھي معرفت حياتيءَ جي مقصديت ڄاڻو ۽ پنھنجي ڪردار ۽ ڪيريئر کي مثبت نموني هلايو. حياتيءَ ۾ پنھنجي ذميداريءَ کي قبول ڪرڻ کي احسن عمل سمجهو غير ذميدار ماڻھو ڪو بہ صحيح دڳ چونڊي نہ سگهندو آهي.
پيارا ٻارو! جيون حسين آهي اُن کي حسين تر بنائڻ لاءِ جتن ڪرڻ اسان سڀني جو اولين ڪم آهي، انھيءَ ڪري پنھنجي پسند ۽ ناپسند جي پرک پاڻ ڪريو جڏهن توهين پنھنجي پسند جو ڪم ڪندا تڏهن يقينن دلي ۽ دماغي طور خود کي هلڪو ڦلڪو ۽ خوش محسوس ڪندا، انھيءَ ڪم جي اختتام تائين توهان جو جذبو انھيءَ ڪم ۾ جدت ۽ سھڻائي آڻيندو جيڪڏهن ڪو ڪم ناپسند هجي ۽ ان کي ذميواريءَ جي بدران بيزاريءَ سان ڪبو تہ پوءِ اهو ڪم ڪڏهن بہ صحيح نموني توڙ تائين نہ رسندو، هن ڪتاب جي ڪھاڻين”انوکو رازو“، ”پريما ڪماري“، ”محنت جو ڦل“ ۽ ”دِلي خواهش“ ۾ محنت ۽ محبت سان گڏ تخليقي ذهن جا ڪمال پڻ شامل آهن اڻ کٽ قابليت ۽ صلاحيت کي فقط ڪامياب ٿيڻ لاءِ موقعو گهرجي، پُرسڪون دماغ ۽ پنھنجي ٻانھن جي ٻَلَ تي ڀروسو ۽ اعتماد اهي قوتون آهن جي اڳتي وڌڻ لاءِ تمام گهڻيون ڪارگر هجن ٿيون، هي ڪھاڻيون ٻين جي مدد جي خيال ۽ جذبي کي اجاگر ڪن ٿيون چڱن سان چاھہ جو سبق ڏيندڙ آهن، پنھنجو پاڻ ۾ ويساھہ جاڳائڻ جو ذريعو ۽ اڳيان وڌڻ جو سبق ڏسيندڙ آهن.
ڪنھن ٻيءَ ٻوليءَ مان ترجمو ڪرڻ مترجم لاءِ هڪ وڏي جوابداري آهي، ترجمو ڪندڙ کي انھيءَ صنف جي ۽ ٻنھي ٻولين جي سٺي ڄاڻ هئڻ گهرجي ۽ ڪوشش ڪري اهي اصطلاح ۽ لفظ استعمال ڪرڻ گهرجن جيڪي ان ٻوليءَ سان واسطو رکن ، جنھن ۾ هُو ترجمو ڪري رهيو آهي. هن ترجمي ڪرڻ مھل سنڌي ٻوليءَ جي گهُرجن ۽ سنڌي ٻارن جي ذهني سطح کي نظر هيٺ رکندي هي چونڊ ڪھاڻيون توهان جي اڳيان آنديون اٿم، اميد تہ پڙهندڙن ۾ قبول پونديون.

توهان جي راءِ جي منتظر

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
رابطو:2766564-0333

انوکو رازو

گهڻي وقت جي ڳالھہ آهي تہ هڪ ننڍي ملڪ جو بادشاھہ شجاع پريشان ٿي پنھنجي وزير کي چوڻ لڳو تہ، ” مون کي سخت ڪاوڙ ٿي اچي تون هڪ نالائق وزير آهين منھنجي فوج لاڳيتو هارائي رهي آهي، جھڙيون حالتون آهن تھڙيءَ طرح صاف ڏسڻ ۾ پيو اچي تہ اسان جي ملڪ تي قبضو ٿي ويندو هڪ بادشاھہ لاءِ انھيءَ کان وڏي ڪابہ بدقسمتي ڪونھي تہ هو جنگ هارائي وڃي، مون کي انھيءَ مسئلي جو حل ڪڍي ڏئي“. ايئن چوندي بادشاھہ زور سان باغ ۾ وڻن جي پنن کي پيرن سان چپلڻ لڳو ڪاوڙ ۾ پير سان وڻ کي لت هنيائين تہ ٽنگ ۾ خود کي ڌڪ لڳي ويس، تھائين هن جي ڪاوڙ وڌي وئي،
وزير وقار بيگ ڪنبڻ لڳو هن کي خبر هئي تہ هاڻي جيڪو بہ عتاب ايندو سو مٿس ئي ايندو. بادشاھہ شجاع غصي ۾ ٿرڪيو پئي، وقار بيگ ڏي ڏسي وري چوڻ لڳو” اهو سڀ تنھنجي بي وقوفيءَ جي ڪري ٿيو آهي“، سڄيون غلطيون تنھنجون آهن!!“
وزير وري حيرانيءَ سان ڊڄندي سوال ڪيو،
”عاليجاھہ! منھنجون غلطيون!؟“
”ها ها!! فقط تنھنجي ڪري ان ريت ٿي رهيو آهي، آئون دشمنن کان هيٺ ٿي ٿو وڃان جو تون مون کي اهي طريقا نٿو ٻڌائين جن سان ڪاميابيءَ سان جنگ ڪجي ۽ فتح حاصل ٿئي، وزيرن جو اهو ئي ڪم هوندو آهي تون تہ وڏو وزير آهين پر ڪنھن ڪم جو ڪونہ آهين جيڪڏهن بادشاهن کي سڀني ڳالھين جي خبر هجي تہ پوءِ اهي وزيرن کي ڇو رکن، تنھنجي هئڻ سان تہ آئون سمجهان ٿو منھنجي بادشاهي ئي هلي ويندي، آئون سوچيان پيو تہ هاڻي ڳولي ڪو ٻيو وزير رکان بس ايئن ئي ڪرڻو پوندو“.
اهو ٻڌي وزير جو منھن هيڊو ٿي ويو، هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪيائين بادشاھہ سلامت مون کي معاف ڪريو اوهان بلڪل درست فرمايو آهي تہ هن دفعي بہ شڪست منھنجي ڪري ٿي آهي، پر آئون توهان سان واعدو ٿو ڪريان تہ آئيندي لاءِ اسان جي فوج ڪاميابي ماڻيندي“.
”ها بلڪل! جيڪڏهن ايئن نہ ٿيو تہ تون ڀلي ڪو ٻيو ڪم ڳول“ اهو چئي بادشاھہ محلات ۾ اندر هلي ويو.
وزير وقار بيگ مٿو هيٺ ڪري سوچيندو پريشانيءَ ۾ شاهي باغ مان ٻاهر نڪتو هن خوف ۾ واعدو تہ ڪيو هو پر حقيقت ۾ کيس بہ خبر هئي تہ انجام ڪرڻ آسان ۽ ان جو پورائو ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل آهي، ويچارو ڏينھن رات انھن ئي فڪرن ۾ غلطان پئي رهيو، ٻئي ڏينھن گهر کان ٻاهر نڪري شھر جو گشت ڪندي بہ خيالن ۾ پورو هو، هُو برابر هلي رهيو هو ڪنڌ هيٺ هئس وٽس ان مونجهاري جو ڪو حَل بہ ڪونہ هو تان جو سامھون ايندڙ مسافر سان وڃي لڳو. اهو هڪ نوجوان مسافر هن شھر ۾ اڄ آيوهو. وزير جي ڪپڙن مان صحيح ڪيائين تہ هيءُ بادشاھہ جي درٻار جو ماڻھو آهي همدرديءَ سان پڇڻ لڳو تہ، ”اوهين پريشان پيا لڳو“ ڇا ڳالھہ آهي؟ مون کي ٻڌايو شايد آئون اوهان جي ڪا مدد ڪري سگهان“.
وزير چيس، ” ها ادا! فڪرمند تہ تمام گهڻو آهيان آئون بادشاھہ جو وڏو وزير آهيان. جيڪڏهن آئون ڪا اهڙي تدبير سوچي نہ سگهيس جنھن سان بادشاھہ جي فوج هر جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري فتح ياب ٿيئي تہ پوءِ آئون وڏ وزارت تان لھي ويندس“.
انھيءَ جوان چيس، ”فڪر نہ ڪريو آئون طارق رازو آهيان پنھنجي ڪم ۾ ڪاريگر آهيان ان کان سواءِ منھنجي دماغ ۾ مختلف ايجادون پڻ اينديون رهنديون آهن جن تي عمل ڪرڻ سان مون هميشہ کٽيو آهي منھنجون اهي ترڪيبون ۽ اٽڪلون هر ڪنھن کي پسند اينديون آهن هاڻي اچو تہ مسئلي کي ويچاريون، سوال اهو آهي تہ، ”بادشاھہ سلامت جون فوجون شڪست ڇو ٿيون کائين؟“
وزير وراڻيس، ”سبب اهو ناهي تہ سپاهي صحيح ڪانھي منھنجو مطلب آهي تہ سپاهي ناڪارا ڪونھي هو خوش خوراڪ، خوش اخلاق، بھادر ۽ محنتي آهن پر لڙائيءَ جي معاملي ۾ کوٽا انھيءَ ڪري آهن جو اهي دِلي طور جنگ کي ناپسند ڪن ٿا“.
طارق سوچي جواب ۾ چوڻ لڳو، ”مسئلو اهو آهي تہ بادشاھہ سلامت جنگ ۾ هارائڻ نٿو چاهي ۽ هن جا سپاهي جنگ وڙهڻ ئي نٿا چاهين ان هوندي بہ لڙائيون ٿينديون رهن ٿيون، فرض ڪريو تہ جيڪڏهن جنگ ٿئي ۽ لڙائيءَ جي نوبت ئي نہ اچي تہ اهو ٺيڪ آهي“.
وقار بيگ ڏانهس عجب سان ڏسي پڇيو، ”ڇا مطلب آهي؟“ کيس مرڳو طارق جي دماغي حالت تي شڪ ٿيو تہ اهو ڪھڙيءَ ريت ممڪن آهي جو جنگ بہ لڳي ۽ لڙائي بہ نہ ٿيئي پر پوءِ بہ صبر سان سندس ڳالھہ ٻڌڻ لڳو، طارق کيس سمجهائيندي چيو، ” آئون هڪ اهڙو قلعو ٺاهيندس جنھن جون ڀتيون مضبوط ڪُنڊائتن پٿرن جون هونديون ۽ لوھہ جا ڊگها ڦاٽڪ وارا وڏا دروازا هوندا. هڪ ڀت تي ڊگهو مينار ٺاهيندس جنھن تي پھريدار بيھاربا جيڪي مينار جي اوچائيءَ جي ڪري پري تائين ڏسي سگهندا، جيئن ئي پھريدار اعلان ڪندا تہ دشمن اچن پيا تہ اسان جي فوج انھيءَ قلعي اندر اچي ويندي ۽ اندران ڦاٽڪ بند ڪري ڇڏينداسين، ڀتيون ايڏيون وڏيون ۽ نوڪدار پٿرن جون ٺاهينداسين جو دشمنن جا سپاهي جيڪڏهن مٿي چڙهڻ جي ڪندا تہ ڦٽجي هيٺ ڪرندا ۽ ان ريت هُو قلعي جي ٻاهر ٿڪجي بنا لڙائي وڙهڻ جي واپس روانا ٿي ويندا.
وقار وزير خوشيءَ وچان رڙڪندي چيو ”لاجواب ترڪيب آهي اهڙي طريقي سان بادشاه سلامت جي هارائجڻ جو سوال ئي نٿو پيدا ٿيئي، ڇو جو نہ لڙائي ٿيندي ۽ نہ ئي ڪاميابي ۽ ناڪاميءَ جو سوال اٿندو“.
بس پوءِ تہ اهوئي ٿيو جيئن طارق چيو هو. اهڙو قلعو ٺاهيو ويو جڏهن پاڙي جي ملڪ حملو ڪيو جيئن ئي پھريدارن رڙيون ڪيون تہ، ”دشمنن جي فوج اچي پئي“ بادشاھہ شجاع جي فوج جا سڀ ماڻھو قلعي اندر اچي محفوظ ٿي ويا ۽ ڦاٽڪ کي بند ڪيو ويو، دشمنن سمجهيو تہ هيءُ بزدلي ڪري ڀڳا آهن اسين کين ڪونہ ڇڏينداسين سو قلعي مٿي چڙهائي ڪرڻ لڳا انھن جي فوج جي ڪيترن فوجين قلعي جي ڀتين تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڦٽجي هيٺ ڪري پيا، ڦاٽڪ مٿي گهوڙي سوارن گهوڙن کي ٽپائڻ جي رٿ رٿي پر ڪاميابي ڪانہ ٿين، مايوس ۽ نامراد ٿي واپس هليا ويا.
قلعي جي اندر جي فوجين ڀتين ۾ موجود وٿين مان ۽ مينار تان اهو سڄو تماشو ڏٺو پئي جڏهن دشمن واپس ويا تڏهن اهي خوشيون ملھائيندا قلعي کان ٻاهر اچي ويا، بادشاھہ تمام گهڻو خوش ٿيو طارق رازي کي وڏا انعام ۽ اڪرام ڏنائين سڄي رعيت خوش ٿي هڪڙو ماڻھو اداس ٿي ويو، اهو هو وڏو وزير وقار بيگ، وزير وقار کي طارق سان ساڙ ٿيڻ لڳو، جو بادشاھہ هاڻي هر صلاح سوليءَ ۾ طارق کي اهميت ڏيڻ لڳو هو، کيس پنھنجي هيري جي منڊي پنھنجي سواريءَ وارو سفيد عربي گهوڙو پڻ ڏنائين تہ سندس رهائش لاءِ هڪ سنگ مرمر جو محلات پڻ ٺاهرايائين، وزير کي هاڻي پڪ ٿيڻ لڳي تہ بادشاھہ شجاع ٿوري وقت ۾ طارق کي وڏو وزير ڪري ڇڏيندو ۽ سندس جي حياتي ڏکي ٿي پوندي سو ساڙ ۾ اٽڪلون سوچڻ لڳو، هڪ ڏينھن اڪيلائيءَ ۾ بادشاھہ کي چيائين ”بادشاھہ سلامت منھنجو خيال آهي تہ طارق کي هاڻي فارغ ڪريو ان مان ڇوٽڪارو حاصل ڪريو“.
بادشاھہ عجيب نموني ڏانهس ڏسڻ لڳو هن کي وڏي وزير جا اهي جملا اڻ وڻندا لڳا وري بہ پڇيائين، ”ڇو ؟ طارق مان ڇٽڪارو ڇو؟ آخر ڇا جي لاءِ؟ هن تہ اسان کي جنگ ۾ ڪاميابي ڏياري آهي“
”سائين ان جو هاڻي رهڻ خطرناڪ آهي!“
بادشاھہ پڇيس ”ڇو خطرناڪ آهي؟“.
وزير ڊگهو ساھہ کڻي آرام سان اکيون مٽڪائيندي چيو، ”سبب اهو آهي بادشاھہ سلامت تہ هو تمام چالاڪ آهي، ڪير ڇا ڄاڻي صبح هُو توهان جي دشمنن کي ڪا اهڙي شيءَ ٺاهي ڏئي جنھن سان قلعي جون ڀتيون ڪمزور ٿي ڪري وڃن“.بادشاھہ فڪرمند ٿي چيو، ” واقعي جيڪڏهن طارق ان ريت ڪيو تہ وڏو نقصان ٿيندو ۽ پوءِ تہ وري جنگ کٽي ڪونہ سگهبي تون صحيح ٿو چوين هاڻي پاڻ جو مسئلو حل ٿي ويو آهي طارق کي قيد ٿو ڪرائي ڇڏيان“.
ٻئي ڏينھن بادشاھہ طارق کان هيري جي منڊي، عربي گهوڙو، محلات ۽ ٻيو سڀ سامان کسي کيس انھيءَ ئي وڏي مينار جي ڪمري ۾ قيد ڪري ڇڏيو، مينار تي هڪ ئي ڪمرو ٺهيل هو جنھن جي اڌ پاسي ۾ طارق جي کٽ ۽ بسترو رکيو ويو ۽ ٻئي پاسي ۾ پھريدار موجود هئا. هن ڪمري ۾ فقط هڪ دري هئي. طارق صبح ٿيڻ سان دريءَ وٽ اچي بيھندو هو جتي ڏسندو هو تہ شھر جا ماڻھو هتان گذرندي مٿي مينار ڏي نھارين ٿا پر هو کيس ڏسي ڪونہ پئي سگهيا ۽ طارق کين ڏٺو پئي، ماڻھن کي طارق سان ٿيل سلوڪ تي ڏک ٿيو پر بادشاھہ جي رعيت ناانصافيءَ تي ڪجهہ ڪڇي ڪونہ سگهندي آهي، ماڻھن ۾ چوواٽن تي اهي ٻول پئي هليا تہ طارق سان بادشاھہ ناانصافي ڪئي آهي کين اهاخبر ڪانہ هئي طارق جھڙي ذهين موجد وٽ انھيءَ مسئلي جو پڻ حل نڪري رهيو آهي.
سياري جا ڏينھن هئا، آسمان تي جهرڪين ۽ ٻين پکين جا وڏا ولر گرم علائقن ڏي وڃي رهيا هئا. جن کي رستي هلندي ماڻھو غور سان ڏسي رهيا هئا، اوچتو هڪ ماڻھوءَ آسمان ڏي اشارو ڪري چيو تہ، ” ڏسو! ڪيڏي نہ وڏي جهرڪي آهي؟“ ماڻھو بيھي ڏسڻ لڳا واقعي اهو هڪ عجيب ۽ غريب پکي هو جو وڏو بہ تمام گهڻو هو تہ اڏامي بہ ڪونہ رهيو هو ۽ آهستي آهستي هيٺ زمين ڏي اچي پھتو تہ ڪنھن رڙ ڪري چيو، ”اڙي اهيءُ تہ طارق آهي هيءُ پکي ڪانھي ان ڪري ڪونہ پئي اڏاميو“، ماڻھو سڀ چوطرف ميڙ جي صورت ۾ گڏ ٿي ويا هئا، دراصل طارق پنھنجي ڪمري ۾ موجود سفيد چادرن کي ملائي پيرا شوٽ ٺاهي ڇڏيو جنھن جي وسيلي هو مينار مان هيٺ لھي آيو هو، سڀني کيس ڀاڪر پاتا.
بادشاھہ کي جڏهن طارق جي انھيءَ ذهانت جي خبر پئي تہ ڏاڍو متاثر ٿيو کيس چيائين تہ، ”مون توکي قيد ڪري غلط ڪيو هاڻي تون منھنجو وڏو وزير ٿي وڃ تنھنجي هئڻ سان مون کي سٺيون صلاحون ۽ مشورا ملندا ۽ منھنجي بادشاهت پڻ مضبوط ٿيندي“.
وزير وقار بيگ روئڻ لڳو بادشاھہ چيس، ”تون طبيعت ۾ ظالم ۽ ساڙيلو آهين هڪ ماڻھوءَ تنھنجي مدد ڪري مينار ٺاهي توکي ۽ ملڪ کي بچائڻ ۾ مدد ڪئي ان کي ئي تو منھنجي معرفت اٽڪل ڪري قيد ڪرايو هاڻي انھيءَ قيد ۾ تون پاڻ وڃ تہ توکي خبر پوي“ طارق دل جو صاف ۽ نيڪ نيت هو هُن بادشاھہ کي عرض ڪيو تہ وزير کي معاف ڪري بادشاھہ هڪڙي شرط تي معاف ڪرڻ لاءِ آماده ٿيو، ”اڳتي لاءِ وزير ذهين ۽ محنتي ماڻھن جو دشمن نہ ٿيندو کين موقعو ڏيندو تہ هُو دماغي سڪون سان نيون نيون ايجادون ڪن“.

***

ڪرنل ۽ ڪبوتري

ٻي مھا ڀاري لڙائي هلي رهي هئي. ڪرنل جي فوج کان ٽيھہ ميل پري اتحادين جا ڪيمپ هئا ۽ دشمن فوج کانئن فقط ڏھہ ميل پري هئي ۽ جرمن فوج طوفان وانگر اڳيان وڌي رهي هئي. ڏهن ميلن جو مفاصلو انھن لاءِ ڪا حيثيت رکندڙ ڪونہ هو. برف بي حساب پئي وسي وائرليس سيٽ ڪم نہ ڪري رهيو هو. کاڌي جو سامان بلڪل ختم ٿي ويو هو. فوجي هيڏانھن هوڏانھن پئي رُليا کين ڪجهہ بہ سمجهہ ۾ ڪونہ پئي آيو تہ هو ڇاڪن؟ فوج جي هن ٽن سون ماڻھن جي دستي جو انچارج ڪرنل سخت پريشانيءَ ۾ اهو سوچي رهيو هو تہ، ”بُک کي منھن ڏجي يا برف کي؟ دشمنن جي حملي کان بچجي يا مٿن حملو ڪجي؟“
جيڪڏهن اتحادين کي اطلاع ڪبي تہ اُتان کاڌي جو سامان بہ اچي سگهيو ٿي تہ ٻيو پڻ بچاءُ جو انتظام ٿي سگهيو ٿي. پر ايستائين ٽيھہ ميل پري سخت سيءَ ۽ برف باريءَ ۾ ڪيئن پھچجي؟ چئني پاسن برف پوڻ سان رستا مڪمل بند هئا. ٽن بھادر فوجين کي انھيءَ مھم تي موڪليو پر ڪا بہ خبر ڪونہ پئي سگهي تہ رستي ۾ مري ويا يا دشمن فوج کي هٿ چڙهيا ۽ قيد ٿي ويا؟ جيڪڏهن ٻيا ٻہ ٽي ماڻھو ٿا موڪليون تہ ممڪن آهي اهي دشمنن جي وَرِ چڙهي وڃن جي کانئن سختي ڪري سندن خيما معلوم ڪري وٺن تہ پوءِ فقط هو هڪ ئي بم اڇليندا ۽ سندن خاتمو ٿي ويندو“.
ڪيمپ ۾ کاڌو وڃي هفتي جو بچيو ڪرنل جون ننڊون اڏامي ويون هن ٽي سئو فوجين سان گڏ پاڻ کي بہ مرندي محسوس ڪيو، سيءُ بہ وڌندو پئي ويو. هنن وٽ هڪ ٻيو پيغام رسائيءَ جو ذريعو تربيت يافتہ ڪبوتر هئا جيڪي پڻ هُو موڪلي چڪا هئا. اهي بہ سڀ وڃي واپس ڪونہ آيا.هاڻي ڪئمپ ۾ فقط هڪ سست ۽ ڪم چور ڪبوتري موجود هئي. جنھن کي بہ زڪام هو، جنھن جي لاءِ فوجين توڻي ڪرنل جي اها راءِ هئي تہ اها ڪنھن بہ ڪم جي ڪانھي، هڪ دفعو تہ ڪرنل ارادو ڪيو تہ هن ڪبوتريءَ جو ڪو بہ استعمال ڪونھي ڇو نہ هن کي ڪھي ڀُڳي کائجي پر پوءِ پنھنجو ارادو مٽايائين جو خيال آيس تہ انھيءَ جو بہ هيڊ ڪواٽر تي حساب ڏيڻو پوندو. اهڙي زڪام واري ڪاهل ڪبوتريءَ کي پيغام سان موڪلڻ ڄڻ کيس موت جي حوالي ڪرڻ هو ان ڪري ڪرنل انھيءَ کي موڪلڻ جو سوچيو بہ ڪونہ پر جڏهن ڪيمپ ۾ فوجين وٽ بيچيني وڌي وئي تڏهن آفيسرن ڪرنل صاحب تي زور ڀريو، ”هن ڪبوتريءَ کي بہ آزمايو بک ۾ پاھہ ٿي مرڻ کان بھتر آهي تہ هڪ دفعو ﷲ جي آسري تي انھيءَ کي اتحادين جي ڪيمپ تي پيرن ۾ پيغام ٻڌي موڪليون، تحقيق اها اسان جي آخري ڪوشش آهي، پر ٻيو ڪو حيلو بہ ڪونھي!!.“
ڪرنل ڪبوتريءَ جو پڃرو پنھنجي خيمي ۾ گهرايو جنھن ۾ اڇي رنگ ۽ ڳاڙهين اکين واري گهوريندڙ ننڍي ڪبوتري کين ڏسڻ لڳي، ڪرنل مايوسيءَ سان چيو، ”اوهان جي سڀني جي مرضي آهي تہ پيغام تيار ڪريو آئون ڪبوتري موڪليان ٿو پر مون کي اميد گهٽ آهي تہ ڪا هيءَ منزل تي پھچندي“. ٻين آفيسرن جلدي جلدي پيغام تيار ڪيو جو قائدي مطابق ڪرنل کي پيش ڪري پڙهي ٻڌايو ويو. هڪ سپاهيءَ پڃرو کولي اڇي ڪبوتري ان مان ڪڍي ڪرنل جي هٿ ۾ ڏني. ڪرنل اهو لکيل پيغام انھيءَ ڪبوتريءَ جي پير ۾ ٻڌو ۽ پنھنجي منھن جي ويجهو آڻي چيائين تہ، ”اي منھنجي دوست ڪبوتري! آئون توکي هڪ بي حد اهم ڪم تي موڪلي رهيو آهيان جيڪڏهن تون منزل تائين رسي وئين تہ پوءِ اسين ٽي سئو ماڻھو زنده بچي وينداسين، ايئن سمجهہ تہ جيترا تنھنجا پَرَ آهن اسين انھيءَ کان وڌيڪ آهيون، اسان جي حياتي تنھنجي نازڪ ننڍڙن پرن ۽ ٻانھن جي ٻل تي آهي، ڪڏهن ڪڏهن جنگ جي راند مٽجي پڻ ويندي آهي وڃ تنھنجو خدا نگهبان! اسان سڀني جون دُعائون توسان گڏ آهن“.
ڪرنل ڪبوتريءَ کي هڪ فوجيءَ کي ڏنو ان مھل هن ڏٺو تہ ڪبوتريءَ جي اکين ۾ هڪ غير معمولي چمڪ هئي جيڪا بھادر ۽ جرات مند سپاهين جي اکين مان ليئا پائيندي آهي، ڪرنل هن کي آهستي جُهڪي سلام ڪيو، ۽ سپاهي انھيءَ کي هٿ ۾ کڻي رستو ٻڌائڻ لاءِ اڳيان ويو. ڪبوتريءَ کي جڏهن کُلي آسمان جي فضائن ۾ ڇڏيو ويو انھيءَ وقت پڻ برف پئي رهي هئي. سُست ۽ ٽوٽي ڪبوتريءَ جو عام ڏينھن ۾ تہ ڪڏهن بہ ڪو ڪم ڪرڻ تي دل ڪونہ چاهيندو هو ۽ وري ٻين لاءِ جان کي خطري ۾ وجهڻ ڀلا ڪٿي جي عقلمندي هئي؟ هوءَ تہ چاهيندي هئي کيس پڃري ۾ ئي سٺا سٺا کاڌا ملن ۽ هوءَ کائي آرام ۽ سڪون جي ننڊ پئي ڪري يا هتي هُتي پئي گهُمي، پر اڄ هڪ نئين ۽ عجيب ڳالھہ ٿي هئي، فوج جي ڪرنل کيس هڪ وڏي ذميواري ڏني هئي. سندس آواز ۾ ڪھڙو نہ جادو هو؟ هُن کيس ڪيڏي عزت ڏني هئي؟ شان سان سلام ڪيو هئائين جيئن فوجي جرنيلن کي سلام ڪيو ويندو آهي. ڪرنل جا لفظ سندس ڪنن ۾ پئي ٻُريا تہ، ”پياري ڪبوتري اسان سڀني جي حياتي تنھنجي نازڪ پرن ۾ سمايل آهي“. کيس ڪيڏو وڏو اعزاز مليو هو. اهو سڀ سوچي سندس جسم ۾ رت تيزيءَ سان ڊوڙڻ لڳو هوءَ پاڻ کي مانائتو ۽ اهم سمجهڻ لڳي پڪو فيصلو ڪيائين تہ ڪرنل جيڪا ذمه داري وڏي مانَ ۽ اعتبار سان کيس حوالي ڪئي آهي. اها هوءَ ضرور نڀائيندي ڀلي چاهي انھيءَ لاءِ سندس جان پڻ قربان ٿي وڃي.
ڪبوتريءَ ڏٺو تہ چئني طرف برف جي اڇاڻ هئي کيس اتر طرف اڏامڻو هو جنھن فوجيءَ کيس رستو ڏسيو اهو هن کي اتر طرف اڏامندو ڏسي مطمئن ٿي واپس وڃڻ لڳو، ڪبوتري ٿورو ئي پري وئي تہ برف هُن جي اکين ۾ پوڻ لڳي، اها هڪ وڏي مصيبت هئي گرم خيمي ۾ رهڻ واري ڪبوتري پنھنجي اکين کي برف ۾ کولي نہ سگهي نيٺ هن سوچي ڇڏيو تہ اکيون بند ڪري ئي اڏامڻو آهي، وچ ۾ ٿوري ٿوري وقفي کانپوءِ هڪ پل لاءِ اکيون کوليائين ٿي تہ جيئن رستو نہ ڀُلجي وڃي ان ريت هن پنھنجو سفر جاري رکيو، اڃا ٿورو ئي سفر ڪيو هئائين تہ کيس اندازو ٿيو تہ سيءُ وڌي رهيو آهي، هن ارادو ڪيو تہ هاڻي کيس رفتار تکي ڪرڻ گهرجي ان ريت تمام تکي اڏامڻ لڳي ايترو تيز جو جيڪڏهن ان وقت فوج جو ڪو سپاهي کيس ڏسي ها تہ اهو سمجهي ها تہ اها سندس بندوق مان نڪتل گولي آهي جنھن کي پَرَ لڳل آهن، ڪبوتري اڏامندي اڏامندي ٿڪجي وئي ۽ هيٺ ڪرڻ واري هئي جو سندس ڪنن ۾ ڪرنل جا لفظ گونجڻ لڳا نہ ”اسان سڀني جي زندگي تنھنجي ٻانھن جي ٻَلَ تي آهي“ انھن لفظن کيس وري همٿ ڏني آخر هوءَ وري تيز تيز اڏامڻ لڳي، پر ڪيستائين نيٺ هوءَ ٿڪجي ڪري پئي.
رات سڄي وقفي وقفي سان برف باري ٿيندي رهي ۽ ڪرنل بنا کير واري سليماني چانھن پيئندي سوچيندو رهيو تہ آخر انھن سڀني فوجين کي ڪيئن ۽ ڪھڙيءَ ريت بچائي سگهجي ٿو. ڪيڏيءَ مھل کيس خيال آيو پئي تہ جيڪڏهن اها ڪبوتري اتحادي فوجين وٽ پھچي وئي ته... پر اهو سوچي هن کي پنھنجي خيال تي خود ئي يقين ڪونہ آيو ڀلا اهو ڪيئن ممڪن آهي تہ سخت سياري جي رات، برف جو طوفان، هڪ ٽوٽي ڪبوتري ۽ رستي ۾ دشمنن جي فوج جا خيما، آهستي آهستي ڏينھن نڪري آيو برف جو طوفان بيھي رهيو هو. پر چوطرف ساڳي مايوسي هئي. سڄو ڏينھن پريشانيءَ ۾ گذريو شام جو آفيسر سندس خيمي ۾ اچي کيس ٻڌايو تہ، ”سر فقط هڪ ڏينھن جو راشن باقي موجود آهي“. ڪرنل هڪ بااعتماد آفيسر وانگر چيو، ”ڪا ڳالھہ ڪونھي صبحاڻي تائين بندوبست ٿي ويندو“.
آفيسر جي وڃڻ کان پوءِ کيس ٻين مشورو ڏنو تہ ڪرنل کي چئو بک ۽ سيءَ ۾ مري وڃڻ کان بچڻ لاءِ جيڪڏهن خود کي جرمن فوج جي حوالي ڪريون تہ جنگي قيدي ٿي زنده تہ هونداسين،
جڏهن ڪرنل کي اها خبر پئي تہ هن فوجين تي ڪاوڙ ڪئي چيائين، ”اهو خيال بہ ذهن ۾ نہ آڻجو بھادر آزاديءَ جو ساھہ کڻي يا زنده رهندا آهن يا مري ويندا آهن، خدا تي ڀروسو رکو صبح ڪجهہ نہ ڪجهہ ٿي ويندو“.
ٻي ڏينھن صبح جو سڄيءَ ڪيمپ ۾ وڏي هلچل شروع ٿي وئي، ڪرنل بہ هڪدم خيمي مان ٻاهر نڪري آيو. هن ڏٺو تہ پري پري تائين اڇيءَ برف تي سوين کاڌي جا ٿيلھا ۽ ڪارٽون پيا هئا، ڳاڙها، پيلا، نيرا ۽ اڇا کاڌي جا دٻا ڏسي فوجي خوشيءَ وچان چريا ٿي هڪٻئي کي مبارڪون ڏيڻ لڳا، ڪرنل پنھنجي ماتحت آفيسرن کي چيو تہ ” انھيءَ جو مطلب آهي تہ ڪيمپ تائين اسان جو پيغام پھچي ويو“، ڪرنل جي اجازت کان پوءِ ٻاهران اهو سامان کڻي اندر خيمن ۾ سنڀالي رکيو ويو، جنھن ۾ تقريبن هڪ مھيني جو کاڌو پيتو ۽ ٻورين ۾ جنگ جي لاءِ بندوقون، ڪارتوس ۽ ٻيو سامان هو جنھن سان ڪيترائي ڏينھن جنگ جاري رکي سگهيا ٿي، ڪرنل کي حيرت ٿي تہ آخر انھيءَ ٽوٽي ڪبوتريءَ هڪ رات ۾ ٽيھہ ميل سفر ڪيئن پورو ڪيو؟؟
ٻي مھا ڀاري لڙائي ختم ٿي چڪي هئي، فوجون پنھنجي پنھنجي هيڊ ڪواٽرن ڏي روانو ٿي ويون، ڪرنل کي هڪ ڏينھن شھر جي وڏي هيڊ ڪواٽر ۾ سڏيو ويو جتي هن پڃري ۾ هڪ اڇي ڪبوتري ڏٺي جنھن کي هُو پاڻ تہ هڪدم سڃاڻي ويو پر خود ڪبوتريءَ پڻ کيس ڏسي، سڃاڻي پنھنجيون گول گول اکيون گهمايون.
ڪرنل چوڻ لڳو، ”ڪاش! تو کي زبان هجي ها، پوءِ آئون همٿ ۽ جرات جي اها ڪھاڻي ٻڌان ها جو هن دنيا جي خاتمي تائين بھادرن ۽ آزاديءَ جي شيدائين جي رهبري ڪري ها!“
ڪبوتريءَ جڏهن سندس واتان اهي جملا ٻڌا تڏهن هن پنھنجا پَرَ کوليا جيڪي ڪُلھن کان چيريل هئا. ڪرنل ڏٺا تہ سندس اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا پَرَ ڪٽيل ڪبوتريءَ کي هُن پنھنجي ٻنھي پيرن جي کڙين کي ملائي زوردار سليوٽ ڪيو جيئن جرنيلن کي سليوٽ ڪيو ويندو آهي.
ٻي مھاڀاري لڙائيءَ جي فوجي ريڪارڊ ۾ انھيءَ ڪبوتريءَ جو ذڪر شان سان آهي، لکيل آهي تہ، ”جڏهن اها عظيم جانثار ڪبوتري ٽيھہ ميل سفر پوري ڪرڻ تي هئي تڏهن اتحادين جي ڪيمپ جي بلڪل ويجهو هوءَ زمين تي ڪري پئي، سندس ٻنھي ٻانھن مان رت جاري هو ۽ هوءَ بلڪل مرڻ واري هئي پر سندس پيغام پھچي ويو ۽ کيس کڻي هُن جو علاج ڪيو ويو چند هفتن ۾ چاڪ چڱي ڀلي ٿي وئي، سندس پَرَ ڪٽجي چڪا هئا. هن جرات مند ڪبوتريءَ جو ذڪر انھن بھادرن سان گڏ ٿيئي ٿو جن جي همٿ سان جنگ جا رُخ ئي مٽجي ويا کيس فوج جو سڀ کان وڏو اعزاز ڏنو ويو، اڄ بہ انھيءَ باهمت ڪبوتريءَ جو مجسمو لنڊن جي هڪ چو واٽي تي نصب آهي، جو ماڻھن ۾ وڏا ۽ سٺا ڪم ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪري ٿو.
تحقيق دنيا ۾ اهي ئي زنده رهن ٿا جي پنھنجي همٿ سان ناممڪن کي ممڪن بنائين ٿا.


***

پريما ڪماري

هندستان جي شھر تامل ناڊو جي هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ رهڻ واري پريما ڳوٺ جي ٻين غريب ٻارن وانگر هڪ غريب گهر ۾ جنم ورتو، هن جو پيءُ رام ڪمار محنت ۽ مزوري ڪري گهر وارن جو پيٽ پاليندڙ اڪيلو ڪمائيندڙ هو. کيس ٻہ ٻار پريما ۽ پٽ ڌن راج هئا جن جي لاءِ هن جي دل جي خواهش هئي تہ اهي پڙهي لکي وڏا ماڻھو ٿين جيڪو کيس ناممڪن نہ تہ مشڪل ضرور محسوس ٿيو پئي پر راج ڪمار انھن ماڻھن مان هو جيڪي مايوسيءَ ۽ نااميديءَ کي ويجهو اچڻ نہ ڏيندا آهن.
ڳوٺ جي ننڍي گهر ۾ پريما وٽ نہ ڪي رانديڪا هئا ۽ نہ ئي ڪتاب هوءَ پاڙي جي نينگرين سان ڪجهہ دير کيڏي پوءِ گهر ۾ اچي ڀاءُ کي سنڀاليندي هئي جو فقط ٽن سالن جو هو ۽ پريما پنجن سالن جي کيس ذهن ۾ ذرو بہ خيال ڪڏهن ڪونہ آيو تہ ڪو هوءَ تعليم حاصل ڪري ۽ اڳيان ڪو پيرن تي بيھي ڏيکاري ڇو جو اهي جنھن ماحول ۽ حالتن ۾ رهندڙ هئا انھن حالتن ۾ اهڙا خواب ڏسڻ ۽ انھن کي ساڀيان ڏيڻ ناممڪن هو، راج ڪمار هڪ ڏينھن پريما ۽ ڌن راج ڏي نھاريندي پنھنجي گهر واريءَ کي چيو تہ ”مون ارادو ڪيو آهي پاڻ ممبئي هلون، ممبئي وڏو شھر آهي جتي ڪمائيءَ جا موقعا پڻ وڌيڪ آهن تہ منھنجو اولاد تعليم پڻ حاصل ڪري سگهندو، جوڻس هائوڪار ڪئي.
راج ڪمار ڪو پڙهيل ڳڙهيل ماڻھو تہ هو ڪونہ جو کيس ڪا اعليٰ نوڪري ڪنھن وڏي اداري ۾ ملي سگهي ۽ گهر جون مالي حالتون سڌري وڃن پر هن همٿ نہ هاري ممبئي ۾ اچي شھر جي بلڪل ويجهو ڪچي آباديءَ ۾ هڪ جهوپڙي اڏي ويٺو ۽ پنھنجي ٻنھي ٻارن کي سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڇڏيائين. خود هڪ فيڪٽريءَ ۾ مزوري ڪرڻ لڳو، آهستي آهستي حالتون صحيح ٿين لڳيون.
پريما جو دل تہ ڄڻ ڳوٺ ۽ ساهيڙين ۾ رهجي ويو، پڻس کيس پڙهڻ لاءِ آڀاريندي چوندو هو تہ، ”پٽ ! آئون توکي ڌن راج جيان پنھنجو پٽ ٿو سمجهان تو نياڻيءَ جو پڙهڻ بہ ايترو ئي ضروري آهي جيترو ڌن راج جو، آئون خاص ڳوٺ ڇڏي هيترو ڪشالو ڪڍي ممبئيءَ ۾ آيو آهيان تہ جيئن منھنجي پريما هاڻي ڇھن سالن جي ٿي وئي آهي اها پڙهڻ شروع ڪري نہ تہ پڙهڻ جي وهي نڪري ويندي“.
ننڍڙيءَ پريما کي ايتريون وڏيون ڳالھيون فاالوقت تہ سمجهہ ۾ ڪونہ پئي آيون پر پيءُ جي چوڻ تي اسڪول روزاني شوق سان وڃڻ لڳي ۽ واپس اچي محنت سان اسڪول جو ڪم پڻ ڪندي هئي، شروع ۾ کيس ڳوٺ ياد ايندو هو ۽ هوءَ واپس ڳوٺ هلڻ ۽ ساهيڙين سان ملڻ جو چوندي هئي اها ڳالھہ بہ وقت سان ختم ٿيندي وئي.
پريما هاڻي وڏي ٿي رهي هئي پڙهائيءَ ۾ پڻ تمام هوشيار هئي سڀ ٽيچرز کيس پيار ڪندا هئا هوءَ استادن جي پسنديده شاگردياڻي هئي خاص طور حسابن ۽ انگريزيءَ ۾ تہ گهڻي هوشيار هئڻ ڪري ڪلاس ۾ پڻ مانيٽر مقرر ٿي، مئٽرڪ جي امتحان جي رزلٽ اچڻ سان استادن کيس کوڙ ساريون مبارڪون ڏنيون جو اسڪول ۾ سندس پھريون نمبر آيو هو. راج ڪمار جي ڄڻ محنت وصول ٿي وئي، هو ڪارخاني ۾ ٻہ شفٽون ڪم ڪرڻ لڳو هاڻي هُن کي اها ڌن سوار هئي تہ ٻنھي ٻارن کي اعليٰ تعليم ڏياري، هر وقت سندن جي ڪاميابيءَ لاءِ دعائون گهرندڙ هن محنتي پيءُ ڌن راج کي بہ پريما جي ڪاميابين سان ريس ڏياري پڙهڻ جو وڌيڪ شوق ڏيارڻ چاهيو پر ڌن راج پنھنجي عقل مطابق چوندو هئس تہ، ”پتا توهان کي ڪھڙي خبر هتي شاندار نوڪري سفارش تي ملي ٿي اسان کي ڪير ٿو سڃاڻي پوءِ گهڻي پڙهڻ مان ڪھڙو فائدو؟“.
پريما پڻ سمجهائيندي هيس تہ ”ڌن راج تون محنت ڪر ڏس پڙهائي فقط نوڪريءَ لاءِ ڪونہ ڪبي آهي پنھنجي سوچ ۽ ڪردار کي بھتر بڻائڻ لاءِ بہ پڙهيو وڃي ٿو“.
هاڻي گهر جون حالتون ڪجهہ بھتر ٿيڻ لڳيون هيون راج ڪمار پئسا گڏ ڪري هڪ رڪشا ورتي جنھن کي ڀاڙي تي هلائڻ لاءِ ڏنائين تہ گهر واريءَ پڻ ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، هنن جهوپڙيءَ مان نڪري هڪ ڪمري وارو ننڍو گهر ورتو اهو ئي ڪمرو سندن بيڊروم هو تہ اهوئي ڊرائينگ روم تہ اهوئي اسٽڊي روم، ان ڪري هتي لکڻ پڙهڻ جو ماحول ٺاهڻ ڏکيو هو.
پريما پيءُ جيان اڏول نينگري هئي. جيئن ئي سندس داخلا سرڪاري ڪاليج ۾ ٿي هن سخت محنت ڪئي، راتيون جاڳي پئي پڙهندي هئي ۽ اٿندي ئي ڪلاس ۾ پنھنجي جڳھہ پيدا ڪري ورتائين. هتي بہ استاد کانئس متاثر رهيا، ڪاليج جي طرفان ميرٽ اسڪالرشپ مليس ۽ ايئن حوصلو وڌيڪ وڌيو هڪ ئي ڪمري ۾ سڀني گهر وارن سان گڏ رهندي بہ هُن بي ڪام جي امتحان ۾ صوبي ۾ ٻي پوزيشن کنئي. استادن کي ۽ سندس مائيٽن کي هُن جي ڪاميابيءَ جي پوري اميد هئي هاڻي پريما کي اڳيان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻي هئي سندس هڪ استاد رامچند صلاح ڏني تہ هوءَ ”چار ٽرڊ اڪائونٽس“ ۾ داخلا وٺي، پريما حيران ٿي استاد ڏي نھاري چيو، ”سر! آئون سي اي ڪيئن ڪري سگهان ٿي؟“.
ڊاڪٽر رام چند پريما جي گهرو مالي حالتن کان واقف هو چوڻ لڳس، ”مون کي خبر آهي تہ تون سي اي ڪرڻ کان ڇو ٿي گهٻرائين ۽ اها بہ ڄاڻ اٿم تہ تنھنجي مالي حالتون سٺيون ناهن جن جي ڪري تون انگريزي ميڊيم اسڪولن ۾ ڪونہ پڙهي سگهي آهين ۽ تو سرڪاري اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي آهي پر يقين ڄاڻ انھيءَ سان ڪوبہ فرق نٿو پوي، تون سخت محنتي آهين مون کي يقين آهي تہ ضرور ڪاميابي ماڻيندينءِ“.
ڊاڪٽر رامچند جي لفظن کي پريما پنھنجي لاءِ وڏو اعزاز ڄاڻي سي اي ۾ داخلا وٺڻ جو پڪو ارادو ڪيو، فقط پنھنجي لاءِ نہ پر پنھنجي ڀاءُ ڌن راج کي بہ تيار ڪيو تہ هُو پڻ اڳيان اچي ۽ اهو ئي مقصد هئس تہ ٻئي ڄڻا گڏجي علم حاصل ڪريون، ڌن راج جو ڀيڻ جي محنت ۽ ڪاميابي ڏسي پڙهائيءَ ۾ سٺو ٿي ويو هو هر وقت پريما سندس مدد ڪندي پئي آئي. پريما ايم ڪام ماسٽر جي ڊگريءَ سان گڏوگڏ سي اي جي تياري بہ ڪندي آئي تہ گهر ۾ ماءُ جي مدد پڻ ڪندي هئي. هن جي محنت ۽ رزلٽ ڏسندي علمي اداري کيس چاليھہ هزار اسڪالر شپ ڏني هن جي مائيٽن ۽ استادن کي پورو يقين هو تہ پريما سي اي جي امتحان کي پھرين دفعي ئي پاس ڪندي ۽ هُو ڌن راج کان پڻ مايوس ڪونہ هئا جو پريما کيس پاڻ سان گڏ پڙهڻ ۾ لڳائي ڇڏيو هو.
امتحان جو نتيجو حيران ڪندڙ هو. پريما کي پنھنجي پاس ٿيڻ جي تہ خاطري هئي پر کيس اها خبر بلڪل ڪونہ هئي تہ ڪو هوءَ هندستان جھڙي وڏي آباديءَ (هڪ ارب کان بہ مٿي) واري ملڪ مان امير ڪبير ۽ وڏن ڪاليجن جي شاگردن کي مات ڏيئي پھرين پوزيشن کڻندي، اهو تہ ڪڏهن هن سوچيو بہ ڪونہ هو، رزلٽ اچڻ جي دير هئي پوري ملڪ جي ميڊيا وارا سندن گهر پھچي ويا، ٿورن ڪلاڪن ۾ پريما جي ذهانت ۽ فتح جي ڪارنامن جو پڙاڏو ٻاهرين ملڪن تي پھچي هُن کي عالمي سطح تي مشھور ڪري ويو. دنيا جي وڏين اخبارن ۾ هُن جي هاڪ هلڻ لڳي سندس انٽرويوز ٿيڻ لڳا، هن جي ڪارنامن کي ميڊيا ڳائي وڄائي پوريءَ دنيا ۾ پکيڙيو ڌن راج پڻ ڪامياب ٿي ٻاويھون نمبر کنيو.
چوويھن سالن جي پريما ڪماري پنھنجي هن وڏيءَ ڪاميابيءَ تي خوش ۽ حيران هئي سندس والدين پڻ خوشيءَ مان ڪپڙن ۾ ڪونہ پئي ماپيا، دنيا جي وڏن ادارن پريما کي پاڻ وٽ نوڪريءَ جي پيش ڪش ڪئي هڪ محنتي خاندان جي بھادر، باهمت ۽ محنتي ڇوڪريءَ پنھنجي سڄي خاندان جي قسمت ئي مٽائي ڇڏي پريما جي ڪاميابي فقط انھيءَ ڪري ڪونہ مڃي وڃي ٿي تہ هن هڪ مشڪل ترين امتحان ۾ اعليٰ درجو حاصل ڪيو پر اها ڪاميابي انھيءَ ڪر ي بہ وڌيڪ اهم آهي جو جن حالتن ۾ هن هيءُ معرڪو سر ڪيو هو اهي گهرو حالتون ڪنھن بہ ريت ايتري وڏي امتحان لاءِ سازگار نہ هيون اهڙين حالتن ۾ پڙهڻ ۽ سي اي جھڙي امتحان ۾ اعليٰ ۽ اول پوزيشن کڻڻ تعليم جي دنيا جو اُتساهيندڙ آموز واقعو آهي. (سچو واقعو)

***

جنھن کي ﷲ رکي

محمد حميد هڪ ايماندار، صابر ۽ شاڪر شخص هو کيس ٻہ نياڻيون، ٻہ پٽ هئا هو ننڍي شھر جي هڪ پاڙي ۾ ٻن ڪمرن جي گهر ۾ پنھنجي اولاد، گهرواري، ماءُ پيءُ ۽ هڪ ڀيڻ ڪل ملائي نون ڀاتين سان رهندڙ هو.
محمد حميد جو ڀاڄين جو دڪان هو هُو صبح سوير گهران نڪري ڀاڄي منڊيءَ تان سايون ڀاڄيون ڪَٽَن ۾ وٺي رڪشا ۾ کڻائي شھر جي وچ ۾ موجود پنھنجي دڪان تي کولي اچي رکندو هو. سندس وَکر صبح نوين بجي کان وڪامجڻ شروع ٿي، رات جو ستين يا اٺين وڳي ختم ٿي ويندو هو، هُو بچيل ڀاڄيون کڻي ۽ بازار مان نان وٺي گهر اٺين بجي رات تائين پھچي ويندو هو. جوڻس چلھہ ٻاري انتظار ۾ ويٺي واٽ نھاريندي هئي تہ جيئن ئي ڀاڄيون پھچن هوءَ ٻوڙ ٺاهي گهر وارن کي ماني کارائي کيس نڻان حميده پڻ مدد ڪرائيندي هئي اهڙيءَ ريت اڌ /مني ڪلاڪ ۾ ڀاڄي پچي راس ٿيڻ کانپوءِ هو ٿيلھين ۾ بند نان کولي دستر خوان وڇائي سڀ گڏجي ماني کائيندا هئا. سندن گهر ۾ انھيءَ سادي ٻوڙ مانيءَ تي تمام گهڻو شڪرانو، ميٺ محبت ۽ هڪٻئي لاءِ قربائتا جملا هئا، بسم ﷲ ڪري شروع ڪرڻ کانپوءِ سڀ آخر ۾ وڏي آواز سان گڏجي ”شڪر الحمد ﷲ“ چوندا هئا. محمد حميد جي گهر ۾ داخل ٿيڻ تي بہ سڀ کيس وڏو مان ڏيئي روزاني جي خير خيريت پڇي آڌر ڀاءُ ڪندڙ هئا.
سندن گهر جي بلڪل سامھون شھر جي قاضيءَ جو ٻہ ماڙ گهر هو گرمين ۾ رات جو جڏهن هو پنھنجي ماڙيءَ جي بالڪونيءَ ۾ اچي بيھندو هو تڏهن کيس محمد حميد جي گهر جو اڱڻ چٽو پٽو ڏسڻ ۾ ايندو هو، جتي انھن سڀني کي کِلُ خوشيءَ سان ماني کائي شڪر گذاري ڪندي ڏسي هو سوچيندو هو تہ، ”ڪاش! منھنجي گهر وارن کي ﷲ پاڪ اها توفيق ڏئي جو هو رب جو ڏنل رزق هيتري شوق ۽ خوشيءَ سان کائي رزق جو شڪر ادا ڪن اي ڪاش! ﷲ تعاليٰ انھن کي اها هدايت ڏئي تہ هُو کاڌي کائڻ ۾ ڪروڌ ڪرڻ جي بدران هر کاڌي تي خوش رهڻ سکن“.
ٻن سالن کانپوءِ هڪ ڏينھن هڪ ايمبولينس اچي محمد حميد جي گهر تي ٺڪاءُ ڪيو ۽ انھيءَ جي ڊرائيور اطلاع ڏنو تہ روڊ ڪراس ڪندي محمد حميد جو ايڪسيڊينٽ ٿي پيو آهي ۽ هوُ انھيءَ وقت انتقال ڪري ويو هاڻي هيءُ فوتيءَ جو لاش اسپتال جي انتظاميا موڪليو آهي، فوتيءَ جي گهر ۾ جهور پوڙهي پيءُ ۽ ارڙهن سالن جي پٽ کانسواءِ ٻيو ڪو بہ مرد ڪونہ هو، انھيءَ ڪري سندس پٽ حيان پوليس وارن ۽ اسپتال جي انتظامي عملدارن سان گڏ ايمبولينس وٽ پھچي پيءُ جي لاش جي سڃاڻپ ڪئي تيستائين سڀ پاڙي وارا بہ اچي مِڙيا هنن محمد حميد جي ڪفن ۽ دفن جو گڏجي بِلو ڪيو ۽ انھن غريبن جي ممڪن مدد ڪئي.
ڪجهہ ڏينھن تہ محمد حميد جي ڪٽنب کي خود کي سنڀالڻ ۾ لڳا پوءِ آخرڪار ويچارا روئي پٽي ماٺ ڪري رهيا. هاڻي گهر جو کاڌو پيتو ۽ خرچ ڪٿان اچي؟ وڏي پٽ حيان کي سڀني چيو تہ هاڻي تون پڙهائي ڇڏي پيءُ جو دڪان سنڀال. ڇوڪرو ٻارهين ڪلاس جو امتحان ڏئي چڪو هو تنھن وڃي ڀاڄين جو دڪان سنڀاليو پڻس جو تہ وڏو خواب هو پٽ کي انجنيئر ڪندس پر قدرت کي منظور ڪونہ هو.
هيءُ واقعو عراق جي انھيءَ دور جو آهي جنھن وقت ۾ ملڪ ۾ جنگ جاري هئي ۽ فوج طرفان قانون هو تہ ارڙهن سالن جي عمر تائين پھچڻ واري هر نوجوان کي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻو آهي هر گهر جي ڇوڪرن جي رجسٽريشن آدم شماري ڳڻپ جي کاتي ۾ ٿيل هئي ۽ جيڪو بہ انھيءَ عمر کي پھچندو هو ان جي گهر فوج طرفان داخلا فارم پھچي ويندو هو.
عبدالحيان اڃا ڀاڄيءَ جو دڪان سنڀاليو هو تنھن کي ڇھہ مھينا ئي ڪونہ ٿيا جو سندس فوج ۾ داخلا لاءِ فارم ۽ فوج طرفان جلدي پھچڻ جو خط اچي ويو، ماڻس ۽ ڏاڏي جا تہ ٻک ئي نڪري ويا، هو فڪر ۾ پئجي ويا، اوڙي پاڙي سان صلاح سولي ڪيائون گهر۾ اهو هڪڙو ئي وڏو پٽ هو ٻيو ڇوڪرو تہ ڏهن سالن جو هو ۽ ڏاڏو تہ جهور پوڙهو، هاڻي هيتري ساري آڪھہ بنا کاڌ خوراڪ جي ڪيئن ٿي جيئري رهي سگهي؟، پاڙي جي قاضيءَ صلاح ڏني جي گهڻي مجبوري هوندي آهي تہ پوءِ فوج سامھون ڏنڊ ۾ پئسا وٺندي. اهو بندوبست ڪيو تہ پوءِ ڇوڪرو بچي پوندو. گهر ۾ تہ پنج درهم بہ نہ هجن ڏنڊ جا پئسا چار هزار درهم هئا جي تہ هنن خواب ۾ پڻ ڪونہ ڏٺا هئا. هڪ بزرگ صلاح ڏني تہ پنھنجي گهر کي وڪڻي اهي پئسا فوج ۾ جمع ڪرايو.
محمد حميد جي بيواھہ زال سهري سان صلاح مشورو ڪرڻ کانپوءِ گهر کي وڪيو، چوندا آهن تہ، ”لاچار کي آچار ڪونھي“ سو مجبوريءَ کين بي گهر ڪري ڇڏيو گهر جا ساڍا چار هزار دينار مليا پنج سئو درهم مان ڪجهہ دڪان تي وکر وجهي ۽ هڪ گهر مسواڙ تي ورتائون، باقي چار هزار درهم فوج جي شھر واري هيڊ ڪوارٽر تي پھچائڻ لاءِ حيان جي ماءُ سوٺو کنيو هوءَ همٿ واري عورت هئي پٽ کي چيائين گهر ۽ دڪان جي حفاظت ڪجان ۽ آئون صبح جي بس ۾ شھر وينديس هيڊ ڪوارٽر تي پئسا ڏئي رسيد وٺي شام جي بس ۾ واپس ننڍي شھر پھچي وينديس پٽنھنس هائوڪار ڪئي.
هوءَ جيئن رقم جي ڳوٿري کڻي صبح جو بس اسٽاپ تي پھتي تہ ڪا بہ بس ڪونہ پئي هلي، پئسن پھچائڻ جو مدو چاليھہ ڏينھنجو هو. چاليھن ڏينھن کانپوءِ فوج پئسا تہ نہ کڻي ها پر جبري طور گهران سندن پٽ کي وٺي وڃي ها، اها خبر کيس هئي صبح چاليھہ ڏينھن پورا ٿيڻ وارا هئا. جڳھہ وڪڻڻ ۽ سودو ڪرڻ ۾ کين مھينو لڳي ويو هو. هوءَ تمام پريشانيءَ ۾ بس اسٽاپ تي بيٺي رهي صبح سوير فجر مھل ٻہ بسون هليون ويون هيون. اڄ مسافر گهٽ هئڻ ڪري ٽيءَ بس لاءِ ڪو بہ مسافر هن عورت کان سواءِ ڏسڻ ۾ ڪونہ پئي آيو نيٺ هن همٿ ڪري ڊرائيور کان پڇيو، تہ ” سڄيءَ بس جو ڪيترو ڀاڙو ٿيندو؟“ مولانا ڊرائيور چيس ”ڏھہ درهم“ ويچاريءَ مجبور اٺن درهمن ۾ ساڻس ڳالھہ ٺاهي ۽ اڪيلي هن مولانا سان گڏ فوجي هيڊ ڪوارٽر وڃڻ لاءِ بس ۾ ويٺي، ڊرائيور رستي ۾ ساڻس ڳالھائي ڳالھہ پروڙي ورتي تہ هن وٽ ڳوٿريءَ ۾ پئسا آهن.
هُو”منھن ۾ تہ ملان هو پر اندر ۾ ابليس“ تنھن نڪا ڪئي هم نڪا ڪئي تم دِل ۾ سٽ سٽي ڇڏيائين تہ مائيءَ کي ماري پئسا هٿ ڪريان ٿو. ٿوريءَ دير کانپوءِ بس ڪچي ۾ لاهي ورتائين. عورت گهڻو ئي پڇيس تہ چوڻ لڳو ”بس آواز پئي ڪري ٿورو پاڻي ۽ موبل آئيل ڏسانس ٿو چپ ڪري ويھہ روڊ تي بيھاريندس تہ ٻيون گاڏيون گذري ڪونہ سگهنديون“،
ويچاري مائي دِل ۾ قرآن پاڪ جون صلاتون پڙهڻ لڳي، ڊرائيور بس جي پوين پاسي وڃي ٻئي دروازي کان اندر اچي مائيءَ جي مٿي ۾ ڏنڊو هنيو جا بيھوش ٿي وئي کيس گهيلي بس مان ڪڍي پري هڪ ٻير جي وڻ هيٺ ڦٽو ڪيائين ٻيا بہ ڪي ڌڪ هڻي مرڻينگ ڪري ٿيلھو کڻي اچي بس ۾ ويٺو ۽ سڌو واپس پنھنجي ئي ڳوٺ جي بس اسٽاپ تي آيو جيئن ماڻھن کي ٻڌائي سگهي تہ هُو شھر ويو ئي ڪونھي ۽ نہ ئي کيس مسافر مليا آهن، هُن عورت جي بسَ ۾ چڙهڻ وقت بہ اُتي ڪير ڪونہ هو کيس ڪنھن ڪونہ ڏٺو هو.
ملان ڊرائيور پئسن جي ڳوٿري گهر ۾ هٿيڪي ڪري رکي پنھنجي زال کي سڄي حقيقت ٻڌائي پاڻ واپس بس اسٽاپ تي آيو کيس ڊپ هو تہ متان ڪير مٿس شڪ نہ ڪري ان ڪري سڀني جي وچ ۾ ئي وقت گذاريان هاڻي رات ٿي وئي هئي. عبدالحيان ۽ سندس ڏاڏو فڪر مند ٿي ويا کين ڪيترائي وِسوِسا ٿيڻ لڳا، پر ڪري ڪجهہ ڪونہ ٿي سگهيا، صبح سوير حيان بس اسٽاپ تي پھچي شھر وڃڻ واري بس ۾ سوار ٿيو.
ٻئي پاسي اهو مولوي ڊرائيور پڻ پنھنجي بَس ڪڍڻ جي بدران ٻيءَ صبح واريءَ بس ۾ شھر لاءِ چڙهيو تہ جيئن جانچ ڪريان ان مائيءَ جو ڇا ٿيو ؟ جڏهن بس انھيءَ هنڌ تي پھتي ڊرائيور کي چيائين. ”بس کي هتي جهنگ ۾ روڪ مون کي ضروري حاجت لاءِوڃڻو آهي“ ڊرائيور سندس دوست هو ان بہ پنجن منٽن لاءِ بس کڻي روڪي، هي لھي انھيءَ ٻير جي وڻ وٽ ويو حيان جي ماءُ سڄي رات ڦٿڪي هئي پر ساھہ منجهس هو تنھن وري آواز ٻڌي ڀُڻڪو ڪيو” پاڻي پاڻي“ مولانا ڏٺو ”مار! هيءَ تہ اڃان جيئري آهي هن عورت جو مرڻ ضروري آهي جي زنده رهي تہ اچي سڄي ڪار گذاري پوليس کي ٻڌائي مون کي جيل ۾ وجهائيندي بھتر آهي هن پل ختم ڪريانس“ پريان هڪ وڏو پٿر پيو هو اهو کڻي انھيءَ عورت جي مٿي ۾ ميڄالو جهورڻ لاءِ هٿ وڌائين خدا جي ڪرڻي اهڙي جو انھيءَ پٿر هيٺ ڪو ننڍو زهريلو نانگ ويٺو هو جنھن کيس هڪدم ڏنگي ڇڏيو منھن مان رڙيون نڪرڻ لڳس جي بَس ۾ ڊرائيور ۽ ٻين ماڻھن کي ٻڌڻ ۾ آيون.
حيان اڳيان ئي سيٽ تي ويٺل هو ڊرائيور سان گڏ هيٺ لھي اوڏانھن ويو جيڏانھن اهو مولوي ڊرائيور ويو هو. اُتي پھچي حيان تہ حيران ۽ پريشان ٿي ويو جو سندس امڙ بلڪل مرڻينگ حالت ۾ پٽ تي پئي هئي. بس ڊرائيور ماڻھن جي مدد سان مولويءَ ۽ حيان جي ماءُ کي گاڏيءَ ۾ وڌو، مولويءَ تي زهر جو اثر وڌي رهيو هو، هُن مَرڻ کان اڳ پنھنجي دوست بس ڊرائيور کي حقيقت ٻڌائي ۽ ٿوريءَ دير ۾ ڪلمو پڙهي فوت ٿي ويو.
حيان ماءُ کي وٺي شھر جي اسپتال ويو جتي ترت سندس علاج ٿيو ۽ وڃي فوجي هيڊ ڪوارٽر ۾ سڄي ڳالھہ ٻڌايائين. سندس ڏاڏي تائين بہ خبر پھتي جن ڪجهہ ماڻھن جي مدد سان انھيءَ مولوي ڊرائيور جي گهران اها درهمن جي ڳوٿري کڻي حيان کي شھر پھچائي جي پئسا هن هيڊ ڪوارٽر ۾ پياريا.
حيان ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ پنھنجيءَ امڙ کي خيريت سان وٺي گهر واپس وريو، چوندا آهن ”جنھن کي ﷲ رکي تنھن کي ڪير چکي“ سو هن شڪر گذار ڪٽنب کي ڌڻيءَ سڳوري وڏيءَ پريشانيءَ مان ڪڍي ٻيھر نيڪيءَ جي سفر جو شهسوار ڪيو.


***

محنت جو ڦل

انگريزي اديب ٿامسن جي حياتيءَ جو واقعو آهي تہ هن موسميات جي موضوع تي هڪ تمام بھترين ڪتاب لکيو ۽ هُو وڏو نالي وارو ليکڪ ٿي ويو پر جيئن تہ ٻارو توهان کي خبر آهي تہ تخليقڪار پنھنجي تخليقي ڪم ۾ ايترو تہ مشغول هوندا آهن جو کين ٻين ڪمن لاءِ وقت تمام گهٽ هجي ٿو، هُو عام ماڻھو ناهن هوندا جيئن عام ماڻھو پنھنجي روز مره جي ڪمن ۾ دنيا کي منھن ڏئي ٿو هن جي سوچ اٿي ويٺي دنيا جي ڪمن ڪارين سان وڌيڪ ڳنڍيل هجي ٿي پر تخليقڪار پنھنجي فَنَ جي پورائي جي ڪري ڪنھن حد تائين عام ڪمن ڪارين کي اهڙيءَ ريت نڀائي نٿا سگهن جھڙيءَ ريت ٻيا ماڻھو. انھيءَ ڪري چيو ويو آهي تہ هڪ تخليقڪار ۽ عام ماڻھوءَ جي ذهني وسعتن ۾ عميق فاصلو آهي، پنھنجي فن کي يڪسوئيءَ سان ڪرڻ وارا خاص طور اديب روزگار جي معاملن ۾ ڪڏهن ڪڏهن پريشان هجن ٿا. اهو معاملو مٿي ڄاڻايل اديب سان بہ هو. هُو هر وقت پنھنجي لکڻ ۽ پڙهڻ وارن ڪمن ۾ ۾ مشغول رهڻ ڪري ٻيو ڪم ڪرڻ کي ترجيح نہ ڏيندو هو جنھن ڪري هُن جي پئسي جي جيڪا بہ اُپت هئي سان پنھنجي لکيل ڪتابن ۽ انھن جي وڪري جي پئسي سان مشروط هئي. جڏهن سندس ڪو ڪتاب مشھور ٿيندو هو تڏهن هُو ڏاڍو خوش ٿيندو هو. کيس پبلشر (جيڪو سندس ڪتاب ڇپرائيندو هو) کان جهجهن ڏوڪڙن ملڻ جي اميد هوندي هئي. اهي پئسا جڏهن پورا ٿيڻ تي ايندا هئا تڏهن هو وري وڏي اُتساھہ سان ٻيو ڪتاب لکڻ شروع ڪندو هو. انھيءَ وچ ۾ جيڪڏهن پئسو ختم ٿي ويندو هئس تہ پوءِ هِتان هُتان قرض کڻي پيو وقت کي ٽپائيندو هو. وري آسرو هوندو هئس تہ ايندڙ ڪتاب مان جيڪي ڏوڪڙ ملندا انھيءَ ۾ اهو قرض لاهي ڇڏيندس.
ٿامسن جي موسميات واري ڪتاب جي ڇپجڻ کان اڳ هن گهڻو قرض کنيو هو. ڪتاب جيئن ئي ڇپيو قرض خواهن اچي جهليس هڪڙو تہ اهڙو نٺر ماڻھو هو جو جندئي نہ ڇڏيس سمجهيائين تہ پاڻيھي پبلشر کان کڻي مون کي واپس ڪندو پر ايئن اڃان ٿيئي تنھن کان اڳ انھيءَ قرض خواھہ کيس جيل ۾ وجهرائي ڇڏيو. پبلشر پڻ هٿ ڪونہ وڌو جو اڃان ڪتاب مڪمل طور وڪجي راس ڪونہ ٿيو هو. ناٽڪن (ڊرامن) جو هڪ اداڪار مطالعي جو شوقين هو. ڪئن نالي انھيءَ اداڪار هن جي جيل وڃڻ جو ٻڌو تڏهن کيس ڏاڍو احساس ٿيو، ڇو جو هُن مطالعي نويس جي نظر ۾ اديب، شاعر ۽ فنڪار قوم جو سرمايو آهن سندن هٿ تنگ نہ هئڻ گهرجي حڪومت کي پڻ سندن جوڳي مدد ڪرڻ گهرجي تہ جيئن اُهي هڪمنائيءَ سان پنھنجي فن کي وڌائي سگهن. هُن اهو ماحولياتي موضوع بابت ڪتاب پڙهيو ۽ کيس گهڻو پسند پڻ آيو. سوچيائين تہ ڇو نہ هِن ليکڪ جي مدد ڪريان، جنھن اهڙو لاجواب ڪتاب لکيو آهي. سو پاڻ ڪھي وٽس جيل ملاقات لاءِ ويو، ملڻ کانپوءِ چيائين تہ ”توهان سان منھنجي واقفيت تہ ڪونھي پر آئون ڊرامن جو اداڪار آهيان توهان سان ملاقات لاءِ هتي آيو آهيان“ ٿامسن ورندي ڏنس.
”ها! مون بلڪل تنھنجو نالو ٻڌو آهي تون هڪ مشھور اداڪار آهين پر هتي مون سان ملڻ ڇاجي ڪاڻ آيو آهين؟“، ڪُئن چيس، ” جي اڄ توهين اجازت ڏيو تہ آئون رات جي ماني توهان جي لاءِ آرڊر تي تيار ڪرائي هتي کڻي اچان ۽ پاڻ گڏجي ماني کائون“. شاعر موڪل ڏنس ڪُئن رات جي ماني ويجهي هوٽل تان ٺاهرائي کڻي آيو.
جڏهن ٻئي ڄڻا آرام سان ماني کائڻ ويٺا. تڏهن هڪٻئي سان حالي احوالي پڻ ٿيا، ڪئن جو چرچي ڀوڳ جو نمونو ٿامس کي پسندو آيو منجهن هڪ قسم جو دوستيءَ وارو رويو قائم ٿي ويو. جڏهن ماني کائي بس ڪيائون تہ پوءِ ڪئن چيس ”آئون جنھن ڪم لاءِ هتي آيو آهيان اهو توهان کي ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان مسٽر ٿامسن آئون توهان جو قرضي آهيان توهين مون ڏي هڪ سئو پائونڊ قرض لھڻو ٿا“.
ٿامسن ڏانھنس حيرت سان ڏسندي چيو، ”ڇا جو قرض؟ منھنجي تہ اڄ توسان پھرين ملاقات آهي، هن کان اڳ تہ پاڻ ڪٿي مليائي ڪونہ آهيون ۽ نہ ئي ڪا خط و ڪتابت پڻ پنھنجي وچ ۾ آهي پوءِ اهو قرض ڪھڙو؟“
ٿامسن سوچڻ لڳو تہ هي ناٽڪي ماڻھو شايد مون سان مسخري ٿو ڪري جڏهن منھنجون مالي حالتون هاڻي ٺيڪ نہ آهن تڏهن هيءُ بہ ڄڻ مون تان ٺٺولي ڪرڻ آيو آهي. ان ڪري ٿوري رُکي نموني ڪُئن کي چيائين،” معاف ڪجو توهان ڏي منھنجو ڪو بہ قرض ڪونھي توهان جي دعوت لاءِ مھرباني هاڻي توهان وڃي سگهو ٿا“.
ڪُئن مرڪندي چيس،
آئون قسم کڻي چوان ٿو تہ آئون ڪنھن بہ قسم جي ٽوڪ يا ڀوڳ توهان سان نہ پيو ڪريان نہ ئي منھنجو ڪنھن اهڙيءَ کِل مشڪريءَ جو رادو پڻ آهي هيءُ سئو پائونڊ جو چيڪ وٺو آئون دِل جي خوشيءَ سان توهان کي ڏيان پيو، اهو توهان جو مون تي قرض ان ريت آهي جو چند ڏينھن ٿيا مون توهان جو موسمن بابت لکيل دلچسپ ڪتاب پڙهيو جنھن مون کي ڄاڻ ۽ خوشي ڏني پڙهي ايترو مزو آيم جو سوچيم تہ جنھن شخص اهڙو سٺو ڪتاب لکيو آهي ان کي انھيءَ جو عيوضو يا اجورو ضرور ملڻ گهرجي ۽ انھيءَ جي شڪر گذاري واجب آهي. پوءِ دل ۾ خيال آيم تہ مون وٽ جيڪا هيتري دولت آهي ڇو نہ انھيءَ کي ٻين حقدارن کي ڏيڻ لاءِ ڪو وصيت نامو لکان انھيءَ سان جن ماڻھن جا مون تي حق يا احسان آهن اهي ادا ٿي ويندا انھن کي ڪجهہ نہ ڪجهہ منھنجي ڇڏيل ورثي مان ملي ويندو انھيءَ حساب سان هڪ سئو پائونڊ توهان کي انھيءَ ڪتاب جي پڙهڻ جي خوشيءَ جي عيوض ورثي ۾ ڏيڻا ڪيا وري جو اڄ ٻڌم تہ اوهين ڪنھن قرض جي ڪري جيل ۾ پيا آهيو پوءِ هيڪاري اهو فيصلو ڪيم تہ منھنجي مرڻ کان پوءِ جڏهن وصيت تي عمل ٿيئي تہ انھيءَ کان بھتر آهي آئون پنھنجي حياتيءَ ۾ ئي اهو ڪم ڪريان، ممڪن آهي جڏهن انھيءَ وصيت جو پورائو ٿيئي تيستائين توهان کي انھن هڪ سئو پائونڊن جي ڪا ضرورت ئي نہ هجي. اهو خيال ڪري اڄ هتي جيل ۾ ملاقات ڪرڻ آيس تہ جيئن توهان جي مھل سر مدد ٿي سگهي“. اهو اديب سندس ڳالھہ کان گهڻو متاثر ٿيو ۽ خاص اها خوشي ٿيس تہ اهي ڏوڪڙ مٿس ڪو ٿورو، ٺٺولي يا بخشش ناهن بلڪہ سندس نور نچويل اکين ۽ دماغ جي پورهئي ۽ محنت جو ڦل آهن، اهو خيال ڪري سئو پائونڊن جي چيڪ جو انعام خوشيءَ سان قبول ڪري قرض خواهن کي پئسا ڏيئي پنھنجو پاڻ کي آجو ڪرايائين.

وڻ بچايو، وڻ لڳايو

مون کي ياد آهي تہ هڪ دريا جي ڪناري وٽ هڪ وڏو ٿلھي بنڊ وارو بڙ جو وڻ هو، جنھن جي هيٺ هڪ پوڙهو اڇي مٿي وارو ماڻھو کٽ تي ويٺل ڏسڻ ۾ ايندو هو. آسي پاسي ٻيا پڻ وڻ هئا. ساون چهچ پنن ۽ خوشبودار ميوي وارن وڻن جي ڀر ۾ هن بڙ جي قديم وڻ جي هڪ خاص حيثيت هئي. خاص ان ڪري جو پوڙهي هڪ ٿڌو پاڻيءَ جو وڏو مَٽِ انھيءَ وڻ جي هيٺ رکي ڇڏيو هو، جيڪو واٽهڙو لنگهندو هو تہ ڪجهہ دير سخت گرميءَ ۾ ساھہ پٽڻ لاءِ اچي اُتي ويھي انھيءَ مَٽَ مان ٿڌو پاڻي پي سامت ۾ اچي پوڙهي کي دُعا ڏيندو هو.
هيءُ بزرگ پکين جي چوڳي لاءِ ٿالھيءَ ۾ ٻاجهر جا داڻا وجهي رکندو هو. وڻن تي پکين جي خوبصورت آوازن جي گونجارن ۽ ويجهو موجود ٻنيءَ مان سرنھن جي خوشبو اهڙو تہ سندر ماحول پيدا ٿي ڪيو جو اڪثر ڪيترائي سوارين وارا سواريءَ کي بيھاري هن قدرتي ڇانوَ ۾ ايئر ڪنڊيشنڊ جھڙي ٿڌيءَ هوا جھڙو مزو ماڻي خوش ٿيندا هئا. سندن سرير جو سڄو سور ۽ ٿڪ لھي ويندو هو. ويرم کن ترسي وري اڳيان سفر کي ڪاهيندا هئا. ڪيترائي دفعا انھيءَ پوڙهي کي ماڻھن پئسن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي تہ هُو تيئن کين مُرڪي جواب ۾ ٿڌو پاڻي پياري روانو ڪندو هو سندس اهو ئي چوڻ هو تہ، ”مون کي ڪو بہ پئسو پنجڙ نہ پر توهان جون دُعائون ٿيون گهرجن“.
ڪا خبر ڪونہ هئي تہ هُو ڪٿي جو هو ۽ ڪٿان آيو هو؟ سندس ڪل ڪائنات اهو وڻ ۽ هنڌ کٽولو هئا.
هڪ ڏينھن حڪومت جا سرڪاري داروغا اُتي آيا انھن انھيءَ علائقي جون ماپون ورتيون، جن ماپن جي وچ ۾ اهو بڙ جو وڻ پڻ پئي آيو.
پوڙهو الياس پڇڻ لڳو، ”اها ماپ ڇو پيا وٺو؟“ هنن ورندي ڏني تہ، ”هتان روڊ ٿو نڪري وڏو روڊ شھر وڃڻ لاءِ ٺهندو ۽ هيءُ وڻ بہ ڪٽيو ويندو“ جڏهن هفتي کانپوءِ اهو ڇانو ڀريو پراڻو بڙ ڪٽيو ويو تڏهن ماڻھن پڻ چاچي الياس سان گڏ اعتراض ڪيا ۽ احتجاج ڪندي نعرا هنيا تہ، ”مري وينداسين، بَڙَ کي وڍجڻ ڪونہ ڏينداسين“ ”وڻن سان دوستي نڀايو، ”بڙ کي بچايو“ ”بڙ کي بچايو“ پر ويچارن ڳوٺاڻن جا نعرا نعرا ئي رهجي ويا. پاسي کان ٻيا وڻ بہ ڪٽيا ويا بڙ جي وڻ جو ٿڙ جيئن ئي زمين تي ڪريو چاچي الياس مان ڄڻ ساھہ نڪري ويو. سندس کٽ جي سيرانديءَ پيل مَٽَ کي بہ کڻڻ جي ڪنھن کي توفيق نہ ٿي اهو بہ ڀورا ڀورا ٿي ويو هُو کٽڙي سوري جيئن پرڀرو ويٺو هو تيئن اتي ئي وسامي ڍير ٿي ويو. کيس ڳوٺ جي حڪيمن ڏي کڻي ويا پر چاچو دماغي شاڪ ۾ رهي چند ڏينھن ۾ راھہ رباني وٺي ويو.
ٻہ ٽي ڏينھن انھيءَ وڻ ۽ چاچي جو تذڪرو هليو. پوءِ جيئن ئي پڪو روڊ ٺهيو ماڻھن جي آمد و رفت وڌي سڀ مشغولين ۾ اچي ويا ۽ اهو روڊ پوءِ شھر ڏي ويندڙ وڏي روڊ سان ملايو ويو. آئون انھن ڏينھن ۾ اسڪول ۾ پڙهندو هئس. اسڪول کان پوءِ جيئن ئي ڪاليج ۾داخلا ٿي تہ اسين شھر هليا وياسين پر ٻڌوسين تہ حڪومت هاڻي انھيءَ دريا مٿي هڪ مضبوط پل پئي ٺاهي جنھن سان اهو ڳوٺ تہ شھر ۾ تبديل ٿيڻو هو پر انھيءَ پل لاءِ پڻ ڪيتري ئي وڻن کي قربان ڪيو ويو وڻن جي ڊگهين قطارن کي ڪٽي پوءِ اها پل ٺاهي وئي.
تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ مون کي سعودي عرب ۾ نوڪري ملي وئي. اُتان موڪلن ۾ اچڻ ٿيو تہ پنھنجي اباڻي ڳوٺ ويس جتي آئون تہ اهو علائقو ئي سڃاڻي ڪونہ سگهيس. الائي ڪيترائي پڪا گهر ۽ بنگلا هتي جڙي راس ٿيا هئا. بجلي بہ موجود هئي تہ ٻيون پڻ شھرن واريون سڀ سھولتون هيون منھنجي حيرت ڏسي ننڍو ڀاءُ چوڻ لڳو، ”ادا هيءَ زمين هاڻي سون جي اگهہ ۾ پئي وڪجي هتي هائوسنگ اسڪيمون اچي ويون آهن پاڻ کي بہ گهر ۽ ٻنيءَ جو وڏو پئسو ملي سگهي ٿو“ ان ريت اسان پنھنجا ٽيھہ ايڪڙ ٻني ۽ گهر وڪڻي شھر ۾ وڏو گهر سٺي هنڌ تي ورتو ۽ شھر کان ٿورو پري ڪارخانو لڳايو.
مون جتي ڪارخانو لڳايو اُتي بہ وڻن جون قطارون هيون پر مجبور اهي وڍڻا پيا جو فيڪٽري ٿوريءَ جڳھہ ۾ تہ ٺهي نٿي سگهي. جڏهن اهي وڻن جون قطارون ڪٽجڻ لاءِ واڍن آريون هلائڻ شروع ڪيون سڀني وڻن تي ويٺل پکين ۽ انھن جي آکيرن ۾ ڦڙ ڦوٽ مچي وئي. مون کي ڏک بہ ڏاڍو ٿيو منھنجي اکين اڳيان اهو منھنجي ننڍپڻ جو منظر گهمي ويو، جڏهن روڊ ٺاهڻ لاءِ بڙ جي وڻ ۽ ٻين وڻن کي ڪٽيو ويو هو.
ڪيترن وڻن مان آکيرا ڪريا جهرڪين، ڪبوترن ۽ ٻين پکين جا ٻچا دانھون ڪوڪون ڪندا رهيا پر هاڻي ڪجهہ بہ ڪري نٿي سگهياسين، اهڙيءَ ريت ڪارخانو ٺهي راس ٿيو ۽ ڪم شروع ٿيو آهستي آهستي آئون ڪافي مالدار ٿي ويس پر جڏهن بہ ڪو پکين جو آواز ٻڌندو هئس مون کي اهي وڻ اَوَس ياد ايندا هئا.
هڪ ڏينھن آفيس ۾ ويٺل هئس هڪ شخص عارف نالي اچي مليو ڪپڙي لٽي ۾ تہ ٺيڪ ٺاڪ هو. مون کان ڏھہ رپيا گهريائين مون کي کِلَ آئي. چيومانس ”تون ماڊرن فقيرن آهين اهو بہ نئون گهرڻ جو انداز آهي“ عارف هڪدم چيو، ”سر آئون فقير ناهيان ڏهن رپين جو سوال آهي“ ٿوري سوال جواب کانپوءِ مون بحث ڪرڻ مناسب ڪونہ سمجهيو کيس ڏھہ رپيا ڏيئي ڇڏيا هن وڃڻ مھل ٻہ جملا چيا. ”توهان جا اهي ڏھہ رپيا ضايع ڪونہ ٿيندا هڪ ڏينھن انھيءَ جو اجورو توهانکي هن ئي دنيا ۾ ملندو“.
مون کي خبر هئي تہ فقير اهڙيون دُعائون اڪثر ڏيندا آهن ڪا اهميت ڪونہ ڏنم، فائل تي نِوڙي پنھنجو آفيس جو ڪم ڪرڻ شروع ٿي ويس. هو ٻئي سال ۽ پوءِ ٽي سال بہ ساڳين ڏينھن ۾ آيو ۽ ساڳيوئي ڏهن روپين جو سوال مون کيس ڪڍي هڪ سئو رپيا ڏنا هُو نہ کڻي مون کيس پنج سئو جو نوٽ ڏنو تہ کڻي ۽ منھنجي جند ڇڏي منھنجو وقت برباد نہ ٿئي پر هن جي ساڳي ڳالھہ هئي”ڏھہ رپيا“
چار سالن کانپوءِ عارف وري آيو تڏهن هُو عمر جو ڪجهہ وڏو پئي لڳو مون اڳواٽ ئي ڏھہ رپيا ڪڍي ميز تي رکيا پر هُن ڳالھہ ئي ٻي ڪئي. چيائين” سائين! اڄ آئون توهان کي ڪجهہ ڏيڻ آيو آهيان“ ايئن چئي هڪ آلبم ڪڍيائين جنھن ۾ موجود فوٽو مختلف وڻن جا هئا. هن هڪ تصوير تي هٿ رکي چيو، ” هيءُ وڻ توهان جا آهن جي ميوو پڻ ڏين پيا. ڇا توهان اهو ميوو وڪڻڻ پسند ڪندا“.
آئون حيران ٿي ويس انھن وڻن جي ٿڙ تي منھنجو نالو پڻ اُڪريل هو. ”منھنجا اهي وڻ ڪيئن ٿي سگهن ٿا؟“ عارف سڄي ڳالھہ سمجهائي تہ هُو فطرت جي حسن جو ديوانو آهي. کيس وڻن ۽ ٻوٽن سان تمام گهڻو پيار آهي. هن سائنس پڙهيل کي خبر آهي تہ هڪ وڻ چار انسانن کي زنده رهڻ جي آڪسيجن مھيا ڪري ٿو ان ڪري هُو هڪ مھم تحت آس پاس وڻ لڳائيندو آهي جي ڇانو بہ ڏيندا آهن تہ ميوو پڻ، عارف ماڻھن ۾ وڻن پوکڻ جو شعور پيدا ڪرڻ لاءِ انھن کان ڏھہ ڏھہ رپيا کڻي انھن جي ئي پئسن مان وڻ لڳائي پاسي جي نھر مان انھن کي پاڻي پڻ ڏياريندو آهي، پنھنجي خرچ تي هڪ ماڻھو بہ رکيو اٿس.
هن جو مشن آهي تہ ”وڻ بچايو، وڻ لڳايو“. مون کي هن نوجوان جي محنت ۽ همٿ کي داد ڏيڻو پيو وڌيڪ پئسا ڏنا مانس تہ گهڻا وڻ لڳائي ۽ انھن مان غريبن جي مدد ڪري اهو اسان جو جاري رهندڙ صدقو ڪڏهن بہ بند نہ ٿئي.


***

دِلي خواهش

پوليس ۾ ڀرتي ٿيندڙ ڇوڪرن جي تربيت لاءِ حڪومت شھر کان ٻاهر هڪ ڪيمپ قائم ڪئي هئي. سڀ نوجوان سورنھن کان ارڙهن سالن جي عمر جا هئا. انھن کي بندوق ۽ ٻئي اسلحي جي استعمال جي سکيا سان گڏ آفت سٽيل شھرين جي مدد ڪرڻ پڻ سيکاريو ويندو هو. گروپ جا ڪجهہ ڇوڪرا مشق تي وڃڻ کان اڳ پنھنجين بندوقن ۽ پستولن جي جانچ ڪري رهيا هئا تہ ڪي ٽريننگ آفيسر جي چوڻ تي پنھنجو سامان درست هنڌن تي رکي رهيا هئا. انھيءَ سلسلي ۾ ٿوري بہ ڪوتاهي ڪرڻ تي کين سزا ملندي هئي.
اوچتو گوڙ گهمسان جا آواز اچڻ لڳا، ڇوڪرن ٻاهر جهاتي پائي ڏٺو تہ ٻہ ڇوڪرا هڪ ساٿي ڇوڪري کي ٻانھن ۾ ڀڪوڙي وٺي پئي آيا جيڪو ٿورا ڏينھن اڳ هتي ڀرتي ٿيو هو. اهو فيصل هو جنھن جي ڪنڌ ۾ رسيءَ جو ڦاهو پيل هو. جڏهن اهي سڀ ويجها آيا تڏهن سڀ ڇوڪرا انھن جي چوڌاري گڏ ٿي ويا، هڪڙي ڇوڪري هن جي ڪنڌ مان رسيءَ کي کولڻ جي ڪوشش ڪئي تہ ٻيو چوڻ لڳو، ” نہ کول ان ئي رسي سميت هن کي آفيسر وٽ وٺي وڃو، پر انھيءَ ڇوڪري اها صلاح نظرانداز ڪري ڇڏي ۽ هن جو رسو کولڻ شروع ٿي ويو رسي ۾ ڳنڍيون ايتريون تہ ڏاڍيون ٿي ويون هيون جي گهڻي محنت سان ڪجهہ ڍريون ٿيون تڏهن اهو ڇوڪرو فيصل ڪجهہ سامت ۾ آيو سندس منھن ڳاڙهو لال ٿي ويو هو ساھہ اچي گهٽيس پر پوءِ رسيءَ جي ڍري ٿيڻ سان حواس بحال ٿيا ۽ پاڻي پي سڀني ڏي نھارڻ لڳو.
جيڪي ڇوڪرا کيس وٺي آيا هئا انھن آفيسر کي اطلاع بہ ڪرايو ۽ جيئن ئي آفيسر آيو تہ سوال ۽ جواب شروع ٿي ويا. انھن ڇوڪرن کيس ٻڌايو تہ ”اسان ڊوڙي رهيا هئاسين واپس وڃڻ مھل هن کي وڻ ۾ ٽنگيل ڏٺوسين هن جون ٽنگون هوا ۾ هيون ۽ زبان ٻاهر پئي آيس اسان هڪدم مٿي وڻ تي چڙهي هن جي رسيءَ کي ڪٽيو نہ تہ هي مري وڃي ها!!“.
آفيسر فيصل ڏي نھاري پڇيو،.
”تو اها حرڪت ڇو ڪئي؟ توکي ڪھڙي پريشاني آهي؟
ڇا توکي هتي ڪير تنگ ٿو ڪري؟ ڇا اسين سڀ تنھنجا دوست نہ آهيون؟“
فيصل ”اهڙو ڪڇي جھڙي ڀت“ رڳو آسمان ۽ وڻن ڏي نھارڻ لڳو. آفيسر وري وڌيڪ سوال ڪرڻ لڳو پر هو چپ رهيو. آفيسر کي ڪاوڙ اچي وئي. رڙ ڪري چيائين” ڇا تون ٻوڙو آهين يا تنھنجو دماغ جڳھہ تي ڪونھي؟ آئون بڪواس پيو ڪريان؟“ ”جواب ڇو نٿو ڏين؟“ آفيسر جي رڙين سان موجود ڇوڪرن ۾ چُر پُر شروع ٿي وئي. اوچتو سارجنٽ اعظم بہ اچي پھتو اهو هڪ سخت ۽ رکي مزاج وارو سارجنٽ هو.
”ڪھڙو تماشو پيو ٿيئي؟ ايترا ڄڻا ڇو گڏ ٿيا آهن؟“هن جو گونجدار آواز ٻڌي سڀ ڇوڪرا ٽڙ پکڙ ٿيڻ لڳا.
”سر! هن خوڪشيءَ جي ڪوشش ڪئي پر ڇوڪرن هن کي بچائي ورتو“. ٽريننگ آفيسر جواب ڏنو.
”مرڻ ڏيوس ها، جي خود ڦاهو کائي مري ٿو تہ پوءِ توهان ڇو روڪيو؟“. پوءِ فيصل طرف مڙي سندس ڪنڌ ۾ پيل رسي کي لوڏو ڏيئي اکين ۾ اکيون وجهي سختيءَ سان چوڻ لڳو، ”توکي خبر آهي تہ خودڪشيءَ ۾ ناڪاميءَ جي سزا ڪھڙي آهي؟“ فيصل وري بہ ماٺ هو سندس مستقل جيءَ ماٺ هن آفيسر کي بہ ڪاوڙائي وڌو. هن جي کاڏيءَ کي زور سان جهلي مٿي ڪري چوڻ لڳو، ” آئون ضابطي واري نظام کي پسند ڪندو آهيان مونکان انھيءَ قسم جا ناٽڪ نہ برداشت ٿيندا آهن ۽ نہ ئي انھن ڇوڪرن کي ڍرَ ڏيندس انھيءَ سان اسان جي کاتي جي بدنامي ٿيندي“.
”ڇا نالو آهي تنھنجو؟“
”فيصل“.
”عمر ڪيتري آهي؟“
”سورنھن سال“.
”ڪيتري وقت کان هتي آهين؟“
”هفتي کان“
”آپگهات ڇو ٿو ڪرڻ چاهين؟“
”مون کي خبر ناهي“
”گهڻو چالاڪ ٿيڻ جي ڪوشش نہ ڪر. اٿي بيھہ“
”ڇوڪرا! ڇا تون پوليس جي کاتي مان خوش ناهين؟“
”نہ بلڪل نه“ اهو چوندي هُن پاڻ کي سارجنٽ جي ٿڦڙ کائڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيو.
”تو جھڙا ڇوڪرا ڪٿي بہ خوش رهي نٿا سگهن. بهشت ۾ بہ نہ . ايئن چوندي هُن هڪ زوردار لپاٽ فيصل کي ٺڪاءُ ڪرائي. لپڙ لاءِ تہ هُو تيار هو پر ايتري زوردار لپاٽ هن حياتيءَ ۾ ڪونہ کاڌي هئي. وڃي پري ڪريو اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهڻ لڳيس سارجنٽ اتي بس نہ ڪئي هن جي رسيءَ کي ڇڪ ڏيئي کيس گهليندو پنھنجي آفيس ڏي وٺي ويو جتي پيل هڪ بئنچ تي کيس ڦٽو ڪندي چوڻ لڳو.”ڪتي جا پڇ! تو جهڙن پُڇن کي سڌو ڪرڻ ۾ آئون طاق آهيان، تون خود کي کير پياڪ ٻار ٿو سمجهين! ڇا سڄي عمر ماءُ جي هنج ۾ گذاريندين!؟“
اوچتو فيصل ڪاوڙ ۾ رڙ ڪئي. ”آئون توهان سڀني وحشين ۽ جهنگلين کان نفرت ٿو ڪريان! توهين سڀ ماڻھو ڪتا آهيو!“ سارجنٽ جو منھن ڪروڌ سان ڳاڙهو ٿي ويو هن کي ڪڏهن ڪنھن اهڙي قسم جا لفظ ڪونہ چيا هئا پر پوءِ جڏهن کيس سمجهہ ۾ آيا تڏهن هڪ زوردار لت فيصل جي پيٽ ۾ وڃي لڳي. فيصل انھيءَ اوچتي حملي لاءِ تيار ئي نہ هو. هو وري وڏي آواز ۾ روئڻ لڳو. سارجنٽ پنھنجي ميز ڏي مڙيو تہ فيصل ننڍي ٽيبل تي پيل هڪ چاقو کڻي پنھنجي ڪرائيءَ جي نَس ڪٽي، سارجنٽ جيئن ئي ڪرسيءَ تي ويٺو تہ هيءُ نئون کٽراڳ ڏسي هيڪاري هِنَ ڪاسائڪي ڪار تي وڌيڪ ڪاوڙ آيس پر ڏٺائين تہ رت ريلا ٿي پي هُنَ جي ڪراين مان نڪتو. ڊپ ٿيس تہ مون تي نہ سڄو الزام اچي هڪدم ٻولي مٽائي کيس پٽيون ٻڌي پيار ڪري سمجهائڻ لڳو، خبر هيس تہ اڄ ۽ صبح ايس ايس پي جو وزٽ آهي، جي منھنجي شڪايت ئي وئي تہ پوءِ تہ خير ڪونھي...!!
ايس ايس پي صاحب پنجيتاليھن سالن جو قدآور سٺن نقشن وارو ظاهري طور مھربان ماڻھو ڏسڻ ۾ پئي آيو سندس اکين جي جوت مان ذهانت ليئا پائي رهي هئي ڪچڙي منجهند ڌاري هن جي گاڏي اچي ڪيمپ جي آفيس وٽ بيٺي انھيءَ کان اڳ سارجنٽ فيصل کي سندس خيمي ڏي موڪلي ڇڏيو هو. ايس ايس پي عمران صاحب جيئن ئي آفيس ۾ پھتو سارجنٽ جي مٿي تي پگهر جا ڦڙا اچي گڏ ٿيا کيس خبر هئي آفيسر وري بہ هُن تي ئي الزام هڻندو تہ ”توهين نااهل آهيو جو توهان جي ڪيمپ ۾ خودڪشين جھڙا واقعا ٿي رهيا آهن“. ايئن ئي ٿيو هن عمران صاحب کي اٿندي ئي گهڻي وضاحت ڏني پر اهو ئي لقب مليس، ”اوهان جي غلفت ۽ نااهليءَ جي ڪري اهو واقعو ٿيو آهي“ سارجنٽ کي دل ۾ ڏک تہ اِلاهي ٿيو پنھنجي گهٽتي محسوس ٿي پر دِل ۾ ئي آفيسر کي گاريون ڏيئي سگهيو ٿي.
تربيتي ڪيمپ کان ٿورو پر ڀرو پاڻيءَ جي هڪ وڏي ٽانڪي ٽه ماڙ عمارت کان بہ مٿانھين ٺهيل هئي، اتي ئي ويجهو ايس ايس پي عمران کي سڀني نوجوانن جي پاسنگ آئوٽ پريڊ جو معائنو ڪرڻو هو سڀ گاڏين ۾ اوڏانھن روانا ٿيا، فيصل وري ٻيھر خودڪشيءَ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو، هُو انھيءَ ٽانڪيءَ مٿي چڙهي ويو ۽ جيڪي سيڙهيون پاسي کان ٽانڪيءَ ڏي وڃڻ واري رستي جون هيون انھن تي چڙهڻ لاءِ جيڪو دروازو لڳل هو هن انھيءَ کي بہ اندران بند ڪري ڇڏيو هو هاڻي ڪير بہ سندس پويان اُتي چڙهي نٿي سگهيو، سڀ ماڻھو انھيءَ ٽانڪيءَ جي چوگرد گڏ ٿي ويا.
سارجنٽ سخت پريشان هو تہ هن جزا مان خيريت سان جند ڪيئن ڇڏائي هن ٻين آفيسرن کي بہ گهرائي ڇڏيو هو. سڀ انھيءَ کي لاهڻ جون ترڪيبون ڪرڻ لڳا، ڪنھن چيو تہ فائر برگيڊ وارن کي گهرايو جن وٽ ڊگهي ڏاڪڻ آهي، جنھن سان ڇوڪري تائين پھچي سگهجي ٿو. پر ڪجهہ بہ عملي طور ڪونہ ٿيو هو ۽ فيصل سڀني جي بي وسيءَ جو تماشو ڏسي رهيو هو هن کي يقين هو تہ هاڻ هن تربيتي ڪئمپ مان هو ضرور آجو ٿيندو اوچتو ڪاري رنگ جي وڏي ڪار پوليس جي نيم پليٽ سان اچي انھيءَ ميدان ۾ بيٺي جنھن مان ايس ايس پي عمران صاحب اچي لٿو. آفيسر کيس سليوٽ ڪيو هن ويجهو ٿي پڇيو تہ ”ڪھڙو مسئلو آهي؟“
سارجنٽ وراڻيو، ”سر! هڪ تربيتي ڇوڪرو خودڪشيءَ جي ارادي سان مٿي ٽانڪيءَ تي چڙهي ويو آهي“.
”مون ٻڌو آهي تہ پھرين بہ هڪ ڇوڪري انھيءَ طريقي جي حرڪت ڪئي آهي“ عمران صاحب پڇيو،
جي سر، هيءُ اهو ئي ساڳيو ڇوڪرو آهي جنھن پھرين وَڻَ ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائڻ جي ڪوشش ڪئي پوءِ پنھنجي ڪرائي چاقوءَ سان ڪٽي هاڻي اڄ وري موت کي گلي لڳائڻ جي ڪري رهيو آهي. ايس ايس پي عمران پنھنجي هٿن کي نرڙ تي رکي ڪنڌ کڻي مٿي نھاريو تہ جيئن ڇوڪري تي سندس نظر پوي فيصل تي نظر پوندي ئي سندس منھن هيڊو ٿي ويو بي اختيار وات مان نڪتس ”غلطي منھنجي آهي“. سارجنٽ سندس جهيڻي آواز مان ڪجهہ سمجهيو ڪجهہ نہ سمجهيو ڏانهس نھاريائين تہ هو پنھنجي پورن ۾ پئجي ويو هو.
ايس ايس پي عمران جي پٽ کي تصويرن ٺاهڻ جو ڏاڍو شوق هو سندس ٺاهيل پينٽنگز جي هر هڪ واکاڻ ڪندو هو. پر سندس پيءُ کي اهو شوق سخت ناپسند هو. هُن پٽ کي چيو تہ ”اهي تصويرون ٺاهڻ بند ڪري ۽ پڙهائيءَ تي توجھہ ڏي نہ تہ کيس ڪٿي بہ ڪا نوڪري ڪونہ ملندي“ پر پٽ جو هڪ ئي جواب هو تہ هُو پنھنجي روحاني ۽ قلبي سڪون لاءِ اهي تصويرون ٺاهي ٿو هڪ ڏينھن عمران صاحب پٽ کي ويھاري گهڻو سمجهايو ”بابا پئسو دنيا جي وڏي طاقت آهي هيءُ تصويرون تنھنجو پيٽ ڀري نٿيون سگهن ڪو اهڙو ڪم ڪر جنھن مان چار پئسا ملن“ پر هو پنھنجي فيصلي تي قائم هو انھيءَ هوندي بہ ڪجهہ پڙهندو هو ۽ انٽرميڊئيٽ بہ سٺن نمبرن سان پاس ڪيو هئائين پر دلي شوق هئس تہ مصوريءَ ۾ نالو ڪڍي سندس پيءُ کيس ضد ڪري پوليس ۾ ڀرتي ڪرايو. هُو نفيس خيالن وارو ڇوڪرو هن ماحول کي برداشت نہ ڪري سگهيو.
فيصل جيئن ئي هيٺ ٽپو ڏيڻ جي لاءِ ٽانڪيءَ جي لوهي تارن واري ڇڄي تي چڙهي بيٺو ايس ايس پي پنھنجي خيالن مان سجاڳ ٿي رڙيون ڪرڻ لڳو. ”فيصل! پٽ فيصل!! خدا جي واسطي هيٺ اچي وڃ جيئن تون چاهيندين ايئن ٿيندو آئون خود توکي وڏو مصور ٺاهيندس تون هيٺ لھي اچ!“
فيصل هيٺ نِوڙي ڏٺو تہ پوڙهو پيءُ ٻانھون پکيڙي کيس ڀاڪر ۾ ڀرڻ لاءِ بيٺو آهي. ۽ سندس اکين مان لڙڪ لارون ڪري پئي ڪريا، فيصل پنھنجي اندر ۾ ڪيترو بہ اٽل هو پر پڻس جي واعدي تي کيس اعتبار هو تہ هُو واعدي جو سچو آهي ان ڪري آهستي اهستي هيٺ لھڻ شروع ڪيائين.
سارجنٽ حيران ٿي ايس ايس پي عمران ڏي ڏٺو ۽ عجب مان پڇيائين، ”سر فيصل توهان جو پٽ آهي؟“
”ها! مون زبردستي کيس پنھنجي شعبي ۾ آڻڻ ٿي چاهيو ۽ کيس هتي ڀرتي ڪرائڻ کان اڳ هدايت ڪئي هئم تہ ڪنھن کي بہ منھنجي باري ۾ نہ ٻڌائج مون نٿي چاهيو تہ منھنجي ڪري هن سان ٽريننگ ۾ ڪا رعايت ٿيئي. پر هاڻي آئون سمجهي ويو آهيان تہ ٻار جي ذهني لاڙي ۽ دِلي شوق کي ڏسي ئي انھيءَ جي مستقبل جي سوچ ڪرڻ گهرجي. هاڻي آئون خود بہ هن جي مدد ڪندس مون کي يقين آهي تہ آئون هن کي ملڪ جو نامور مصور ٺاهيندس“
فيصل هيٺ اچي چڪو هو، ٻيئي پيءُ ۽ پٽ هڪٻئي ڏي ڊوڙي ڀاڪرن ۾ ڀرجي ويا ڄڻ محبت جا موتيا مالھائن ۾ پروئجي ويا.


***

سبق حاصل ٿيو

پراڻي وقت جي ڳالھہ ڪندا آهن تہ هڪ بادشاھہ جو پٽ طبيعت ۾ لاُبالي ۽ گهٽ سمجهہ وارو هو سندس پيءُ هڪ مڃيل بادشاھہ ٿيو ۽ پنھنجي پٽ کي حڪومت جي ذمه واري حوالي ڪيائين پر کانئس گهڻيءَ هوشياريءَ جي هوندي بہ هڪ وڏي غلطي ٿي جو پٽ جي تربيت تي پوري توجھہ نہ ڏيئي سگهيو. جنھن جي ڪري هن جو پٽ شاهزيب گهڻو لاڏلو ۽ ڇيڳرو ٿي ويو. سمجهيائين تہ جڏهن ملڪ جون واڳون سنڀاليندو تڏهن مٿس جو ذمه داريءَ جو بوجهہ پوندو تہ پوءِ پاڻيھي سياڻو ٿي ويندو پر ائين نہ ٿيو سياڻا صحيح چئي ويا آهن تہ، ” جنھن سج اڀرندي تاءُ نہ ڪيو سو لھندي ڪھڙو ڪندو؟“.
سوهي شاهزيب بادشاھہ پڻ ڪونہ سڌريو هو کيس هر وقت نوان نوان راڳ پيا سُجهندا هئا. هُن جا وزير ۽ مشير گهڻا بي زار ٿي پيا هئا هر ڪم مان جلدي ورچي وڃڻ ۽ ڪڏهن بہ خوش نہ ٿيڻ جي عادت هئس. کيس خوش ڪرڻ لاءِ وزير روزاني نوان جتن ڪندا هئا. هُو وري عقل جو ڪورو وقتي ساڻن ٽھڪ ڏئي ٻئي ڏينھن وري نئين تماشي جي لاءِ تيار هوندو هو. ڪا فڪر ڪونہ هئس تہ ملڪ ڪيئن ٿو هلي؟ رعايا جو ڪھڙو حال آهي؟ ملڪ ۾ امن ۽ امان آهي يا نه؟ حڪومت انصاف سان هلي ٿي يا نه؟ بس جيڪي کيس وزير ٻڌائيندا هئا هُو ان تي ئي حڪم ڏيندو هو.
ڪڏهن محلات ۾ جادوگر گهرايا ويندا هئا تہ ڪڏهن شاعرن جون محفلون مچنديون هيون تہ ڪڏهن ڳائڻ وڄائڻ وارا گهرائي کين انعام ڏنا ويندا هئا تہ ڪڏهن بادشاھہ جي شان ۾ قصيدا پڙهڻ وارا حاضر ٿيندا هئا مطلب تہ ملڪ جي حالتن تي نظر رکڻ جي بدران روز محفلون مچنديون هيون. اڄ بہ هڪ محفل هئي جنھن ۾ شاعر جڏهن بادشاھہ جي شان ۾ شاعري ڪئي ۽ انکي ڳائڻ واري فنڪار سُر سان ڳايو تڏهن بادشاھہ جو منھن ڦري ويو وزير کي چيائين، ”هيءُ راڳ مون گهٽ ۾ گهٽ چاليھہ دفعا ٻڌو آهي هاڻي آئون وڌيڪ ٻڌڻ نٿو چاهيان بند ڪريو اها بڪواس ڪا نئين شيءِ آڻيو“. تيستائين وزير ڀانڊ(مسخرا) گهرايا جن اچي مشڪريون ٻڌايون پر بادشاھہ کي ڳالھہ پسند ڪونہ آئي هو درٻار مان اٿي هليو ويو.
ٻئي ڏينھن وزير کي چيائين آئون سخت بيزار پيو ٿيان ڪا اهڙي وندر آڻ جو منھنجي بيزاري ختم ٿيئي“ وزير وراڻيس ”بادشاھہ سلامت سڄي ملڪ جا ماڻھو توهان کي دُعائون ٿا ڏين ۽ هر وقت توهان جي وڏيءَ عمر جي دُعا ٿا گهرن اهي چون ٿا تہ اسين تہ خوشقسمت آهيون جو اسان کي اهڙو سٺو بادشاھہ مليو آهي“
شاهزيب بادشاھہ نہ اعتبار جوڳين نظرن سان کيس ڏسندي چوڻ لڳو تہ، ” وزير! تون ڪھڙي ڳالھہ ٿو ڪرين؟ مون کي تہ سمجهہ ۾ ئي ڪونہ ٿو اچي مون تہ ٻڌو آهي ماڻھو مون کي بددُعائون ٿا ڏين، خير ڇڏ تون ڪو اهڙو بندوبست ڪر تہ جيئن منھنجي بوريت ختم ٿيئي ڪانئين وندر هجي ڪو نئون ڪم هجي“.
وزير بہ هاڻي بيزار ٿي چڪو هو تہ هن بي سمجهہ بادشاھہ مان تہ لوھہ ٿي ويو آهيان، هاڻي ڇا ڪريان ڊپ بہ هئس تہ ڪا سزا نہ ڏي هڪدم هڪ خيال ذهن ۾ آيس چوڻ لڳو، ”بادشاھہ سلامت، توهان پنھنجي تصوير جيڪا پاڻ ٺاهي هئي ان تي توهان صحيح ڪريو آئون سون جي فريم ۾ مڙهائي ٿو اچان پوءِ اعلان ٿا ڪرايون تہ جيڪو سڀ کان وڏو ڪوڙ ڳالھائيندو ان کي هيءَ سون جي فريم واري تصوير انعام ۾ ڏني ويندي. بادشاھہ جي بي قراريءَ کي قرار آيو ۽ هو بلڪل رضامند ٿي ويو هي نئون رونشو سندس بوريت ختم ڪرڻ واسطي کيس سٺو لڳو.
ٻئي ڏينھن پڙهو گهمايو ويو مقابلي واري ڏينھن سڄي ملڪ مان هزارين ماڻھو اچي گڏ ٿيا. هن نراليءَ ريت تي کليا بہ پئي تہ حيران پڻ هئا. هيڏي هوڏي جاڏي ڪاڏي ماڻھن جا مٿا پئي ڏسڻ ۾ آيا هشام ماڻھن جا ڏسي بادشاھہ پئي مُرڪيو جن مقابلي ۾ حصو ورتو پئي سي خوش هئا تہ اڄ انعام ملندو هڪ عورت چيو تہ هوءَ ويھہ ڪلو کير هڪ هنڌ تي پي ويندي آهي ۽ ويھہ مانيون پڻ ساڳئي وقت تي کائي سگهي ٿي انھيءَ ڪري سندس مڙس هن مان ڪَڪِ آهي. بادشاھہ چيو اهو تہ ڪوڙ ئي ڪونہ ٿيو اهڙي پيٽير مائيءَ مان تہ هر ڪو مڙس ڪَڪِ ٿي سگهي ٿو.
هڪ نوجوان چيو تہ هُو هر وقت سمھي سگهي ٿو اجهو هن پل بہ هو سمھي ڏيکاريندو ايئن چئي هو زمين تي ليٽيو ۽ کونگهرا هڻڻ شروع ٿي ويو. بادشاھہ کي اهي ڪوڙ پسند ڪونہ آيا اهڙيءَ ريت ٻين جي بہ ڪوڙن ۽ بيان بازيءَ کان ڪڪ ٿي وزير کي چيائين تہ ”ختم ڪريو اهو مقابلو هيءُ فضوليت بند ڪريو“ تيستائين هڪ ننڍي نينگري اندر داخل ٿي وزير کي چوڻ لڳي ”مقابلو ختم نہ ڪريو اڃان آئون باقي آهيان“ اهو چئي بادشاھہ ڏي منھن ڪري چيائين تہ ”بادشاھہ حضور! آئون انھيءَ لاءِ حاضر ٿي آهيان تہ توهان جيڪو مون کان قرض کنيو هو اهو مون کي واپس ڪريو“
بادشاھہ کيس حيرت سان ڏٺو ۽ وڏي آواز سان چيو، ”ڇوڪري! تنھنجو دماغ خراب تہ ڪونہ ٿي ويو آهي؟ مون تہ توکي ڪڏهن ڏٺو ئي ڪونھي“
ڇوڪريءَ آرام سان چيو، ”بادشاھہ سلامت! توهان کي ياد ڪونھي توهان مون کان هڪ هزار سون جون اشرفيون کنيون هيون“ بادشاھہ جا تہ تاڪ لڳي ويا کيس ڏاڍي گهٽتي لڳي، ڪاوڙ ۾ چوڻ لڳو،
”تون تہ ڏاڍي ڪوڙي ڇوڪري آهين حَدَ کان وڌيڪ ڪوڙي، ڪڏهن بادشاھہ بہ پنھنجي رعايا کان اوڌر کڻندا سو بہ هڪ ننڍي نينگريءَ کان؟“
ڇوڪريءَ سامت جو ساھہ کنيو سندس واڇون خوشيءَ ۾ ٽڙي ويون، هڪدم نوِڙي بادشاھہ کي سلام ڪندي چيائين، ”بادشاھہ سلامت! هاڻي پنھنجو واعدو پورو ڪريو توهان پاڻ مون کي ڪوڙي قرار ڏنو آهي مون کي انعام عطا ڪريو“ بادشاھہ جا تہ تاڪ لڳي ويا تہ ڪيئن نہ هوشيار ڇوڪريءَ کيس ڪوڙ ڪري جذباتي ٺاهي ڦاسايو ۽ هوُ کيس پنھنجي ئي منھن مان ڪوڙي چوڻ کانپوءِ جي انعام نہ ڏيندو تہ پوءِ خلق جي خواري تہ سندس ڪنڌ ۾ پوندي، وزير کي حڪم ڪيائين تہ هن کي انعام ڏنو وڃي.
اوچتو درٻار ۾ گوڙ ٿيڻ لڳو فوج جو سپھہ سالار ماڻھن کي هٽائيندو رڙيون ڪندو اچي بادشاھہ وٽ پھتو ۽ ماڳهين روئيندي چيائين، ” بادشاھہ سلامت! ملڪ تي حملو ٿي ويو آهي، اوهان جي سلطنت جو تختو اونڌو ٿي ويو“ اچي مٿا پٽيائين، بادشاھہ کي خبر هئي تہ هي سپھہ سالار ڪوڙو بہ آهي ان ڪري جلدي اعتبار ئي نہ ڪري پر سپھہ سالار وري بہ چيس، ”مون تي اعتبار ڪريو آئون ڪوڙ نہ پيو ڳالھايان سچ تہ اهو آهي تہ توهين هاڻي بادشاھہ ڪونہ رهيا آهيو پاڻيھي شاهي قيد خاني ۾ قيد ٿي ويندا پوءِ توهان کي خبر پوندي، توهان سڄي زندگي ويھي کائڻ کانسواءِ ڪو بہ ڪم ڪونہ ڪيو آهي نہ عوام جي ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا آهن ۽ نہ ئي انسان ذات کي ڪو فائدو توهان مان رسيو آهي، هر وقت پنھنجي خوشنودي ۽ پنھنجي مرضي ڪئي آهي جڏهن ڪو ماڻھو ڪو بہ ڪم ڪونہ ڪندو تہ پوءِ بيزار تہ ٿيندو ئي پوءِ هُو وِرچڻ ٿيڻ کانسواءِ ڇا ڪري؟“.
ماڻھن جي پيھہ ۾ بادشاھہ کي ڌڪيو ويو سندس اکين اڳيان اونداهي اونڌڪار اچي ويئي هن جون ٻہ بہ ويون تہ ڇھہ بہ ويون صفا بتال ٿي ويو. ايستائين ڪا شي پيرن ۾ آيس مٿو هيٺ ڪري جو ڏٺائين تہ اها ئي تصوير هئي جا هڪ دفعو هن مصور ٿيڻ جي شوق ۾ خود پنھنجي ٺاهي هئي. هوءَ هو شيار ڇوڪري سونو فريم کڻي تصوير اُتي ئي فرش تي اڇلي رواني ٿي وئي هئي. شاهزيب بادشاھہ کي سندس ڪاهلي، بي عقلي ۽ خوش فھمي ۽ خود غرضيءَ جو وڏو سبق مليو.


***

چوٿون چور

اهي چار ئي ڄڻا ئي ڪرت طور چوري ڪندڙ هئا. ٽي تہ پراڻا ۽ خانداني چور هئا باقي چوٿين چور جو تعلق هڪ شريف گهر مان هو. ننڍپڻ ۾ خراب ڇوڪرن جي سنگت جي ڪري ڪِنَنِ ماڻھن ۾ وڃي ڦاٿو ۽ نتيجي طور نيٺ چور ٿي انھن ٽنھي جي سنگت ۾ شامل ٿيو. انھن سڀني جو ٺڪاڻو هڪ ويران هنڌ تي شھر کان پري هو جتي نہ ڪير ايندو ۽ نہ ئي ويندو هو. هي سڀ چوري ڪري جيڪو بہ مال ميڙيندا هئا اهو اچي انھيءَ پراڻي ٽٽل ڦٽل ڪمري جي گهر ۾ رکندا هئا. پوءِ گڏجي ورهائي ونڊي کڻندي ڪڏهن بہ پاڻ ۾ جهيڙو جهڳڙو ڪونہ ڪيائون انھن مان هر هڪ بہ جڏهن شھر ڪنھن ڪم لاءِ ٻاهر نڪرندو هو تڏهن ڏاڍو ٺهي ٺڪي تيار ٿي ڪپڙو لٽو تمام سٺو پائي لڳندو ڪونہ هو تہ ڪي اهي چور بہ ٿي سگهن ٿا.
انھن چورن جو سردار چوريءَ جي معاملي ۾ وڏو تجربيڪار هئڻ جي ڪري کين روز نت نوان گر سيکاري چوريءَ جي ڪم ۾ ماهر ڪر ي چڪو هو. اهي سڀ پنھنجي استاد راجوءَ جي عزت ڪرڻ سان گڏ سندس هر هدايت تي عمل پڻ ڪندا هئا. هڪ ڏينھن سردار راجو چوڻ لڳو،”ڏسو! اڄ اسين سڀ تمام ڪاريگريءَ سان ڪم ڪنداسين ۽ اڄوڪي ڏينھن جيڪو بہ ڪو مال آڻيندو تہ انھيءَ جو مالڪ هُو خود هوندو. پنھنجي مالڪيءَ سان پنھنجو آيل پئسو هو جيئن چاهي خرچ ڪري سندس مرضي آهي“.
سڀ چور پنھنجي سردار جي اڄوڪي ڳالھہ ٻڌي تمام گهڻا خوش ٿيا. هنن پڪو ارادو ڪيو تہ اڄ چوريءَ جو جام مال آڻينداسين اسان کان سردار تہ ڪونہ کڻندو ان ڪري خوب عياشي ڪنداسين.
اهو سوچي چارئي چور الڳ الڳ هنڌن لاءِ روانا ٿيا. جيئن ئي صبح ٿيڻ وارو ٿيو تيسين سڀ چور پنھنجي ماڳ تي واپس آيا سردار پڇيو تہ توهان ڇا آندو آهي؟. هڪ چور سون جا زيور ڏيکاريا. سردار خوش ٿيو ٻئي چور قيمتي شيون ڪجهہ واچون پئسا ۽ ٻيو سامان ڏيکاريو، ٽيون چور ماٺ ويٺو هو سردار سڏي چيس، ”ڇو منھن لاهي ويٺو آهين؟ خير تہ آهي؟“ اقبال آخر ڇا ٿيو؟ ٻڌاءِ تہ سھي؟“ چوٿين چور جو نالو اقبال هو.
اقبال ڪجهہ دير تہ وري بہ ماٺ هو پر پوءِ سردار جي منھن ڏي ڏسندي ڊڄندي چيائين، ”سردار آئون مڃيان ٿو تہ ڪجهہ بہ کڻي ڪونہ آيو آهيان، مون سان هڪ اهڙو واقعو پيش آيو جو آئون چوري ڪري ڪونہ سگهيس، سردار ڏانهس ڪاوڙ سان نھاريندي چيو” ٺيڪ آهي واقعو ٻڌائي؟“
اقبال چوڻ لڳو” سردار اڄ مون ارادو ڪيو هو تہ آئون فقط هڪ ئي گهر مان چوري ڪندس وڌيڪ گهرن ۾ ڪونہ ويندس هڪ ئي گهر ۾ وڃڻ کانپوءِ جو حال ڏٺم وڌيڪ جي گنجائش ئي ڪونہ بچي“ سردار کي سندس اها ڊيگهہ پسند ڪونہ آئي ڇڙٻ ڏيندي چوڻ لڳو، ”آخر ٿيو ڇا؟ ڇو پيو پروليون ڏينءِ؟“
”سردار، آئون جنھن گهر ۾ گهڙيس اتي هڪ بيمار پوڙهي عورت کٽ تي پيئي هئي ڪو بہ مرد ڪونہ هو ۽ ان جي جوان ڌيءَ ٻئي ڪمري ۾ مصلي تي سندس لاءِ دُعائون گهرندي زمين تي ئي ليٽي پئي هئي کيس بہ مصلي تي ننڊ اچي ويئي هئي انھيءَ گهرجي حالت ڏسي مون ڪنھن پيتيءَ يا الماڙيءَ ۾ هٿ ڪونہ وڌو پاڻ جيڪي پئسا منھنجي کيسي ۾ هئا سي پوڙهيءَ جي وهاڻي هيٺ رکي آئون اُتان نڪري آيس تہ جيئن اهي انھن پئسن مان ڪو علاج ڪرائين“.
”پوءِ؟“ سردار سندن اکين ۾ اکيون ملائي پڇيو.
بس پوءِ آئون ڪيڏانھن ئي ڪونہ ويس هِتي هُتي ڦيرا کائي وقت ڪٽيم ڪنھن بہ گهر ۾ چوري ڪري ڪونہ سگهيس، سردار نفرت سان ٽھڪ ڏيندي چيو ”اڙي! تنھنجي تہ سيني ۾ جهرڪيءَ جو دل آهي تون تہ سخت بزدل آهين!! ڇا آئون غلط پيو چوان؟“ ٻين ٻن چورن ڏي نھاريندي سردار کانئن هائوڪار وٺڻ چاهي ٻنھي گڏجي هڪ زبان ٿي چيو ”بلڪل نه! سردار جيڪڏهن چور جي دل ۾ رحم اچي وڃي تہ پوءِ اهو ڪھڙو چور؟ اهو تہ پوءِ چوري ڪري ئي ڪونہ سگهندو!!“
”پوءِ ڇا هيءُ بي همٿو ۽ نڪمو ماڻھو اسان جي ٽولي ۾ رهڻ جي لائق آهي؟“ سردار کانئن پڇيو ٻنھي زور سان چيو، ”نہ بلڪل نه!“
سردار اقبال ڏي منھن ڪري چوڻ لڳو، ”اقبال ٻڌ! تون چوري چڪاريءَ جي ڪم جو ڪونہ آهين انھيءَ ڪري جيڏانھن وڻيئي منھن واءُ ڪري نڪري وڃ، ٻيھر هتي اچڻ جي ڪا بہ ضرورت ڪونھي پر خبردار جيڪڏهن هتي جو پتو ڪنھن کي ٻڌايئي؟ ٻڌي ڇڏ اُهو ڏينھن پوءِ تنھنجي حياتيءَ جو آخري ڏينھن هوندو“کانئس سندس ماءُ جو قسم کڻايائين جو کيس خبر هئي تہ اقبال جي پنھنجي ماءُ تي تمام گهڻي دِل آهي، انھيءَ جو ذڪر ڪندي اڪثر روئي پوندو هو.
اقبال ساڻن واعدو ڪيو تہ هُو ڪنھن کي بہ ڪجهہ ڪونہ ٻڌائيندو هُو هڪ گهايل پنکيءَ جيان پنھنجي ماڳ کي ڇڏي اڻ ڄاتل منزل ڏانھن روانو ٿيو نہ وٽس ڏوڪڙ هئا نہ ئي رهڻ لاءِ ڪو ٺڪاڻو پر ﷲ توهار ڪري هِتان نڪري اچي شھر ۾ پھتو، هن ويران گهر مان اُجهاميل من سان نڪري بہ هُو خود کي ڪنھن حد تائين هلڪو ڦلڪو محسوس ڪري رهيو هو. شھر ۾ ڀاڄين جي منڊيءَ تائين پھتو جتي کوڙ سارا مزور ڀاڄين جا ٻورا ڪلھي تي رکي سوزوڪين، ٽانگن ۽ ڊاٽسنن ۾ رکي رهيا هئا. جتان اهي ڀاڄيون شھر جي مختلف هنڌن تي وڪري لاءِ پھچي رهيون هيون، هڪ دڪاندار جي دڪان جي چانئٺ وٽ بيھي کيس سلام ڪري پڇيائين تہ، ”سائين! مون کي مزوري ملي سگهي ٿي؟“
دڪاندار ڪنھن بہ مزور کي ايترو فضيلت سان ڳالھائيندي ڪونہ ڏٺو هو هُو ڪپڙن لٽن ۾ بہ مزور ڪونہ پئي لڳو کيس مٿي کان پيرن تائين جانچي پڇيائين، ”پھريون دفعو ڀاڄي منڊيءَ ۾ آيو آهين؟“
”جي سائين!“
”ٺيڪ، هي ڀاڄين جا ٻورا سامھون ٽانگي ۾ رک ۽ ٺيڪيدار جيڪو ڪم چويئي اهو ڪجانءِ“ کيس ٺيڪيدار سان ملائي ڇڏيائين ان ريت هو ڀاڄين ۽ ميون جون ٻوريون ۽ ڪٽا کڻي هن دڪان جي گراهڪن جي رڪشائن ۽ سوزوڪين ۾ رکندو ويو. صحتمند ۽ چاق وچوبند هئڻ ڪري اقبال کي وزن کڻڻ ۾ ڪا بہ تڪليف ڪونہ ٿي هن ٿوريءَ ئي دير ۾ ٻن ڪلاڪن جيترو ڪم ڪيو، مالڪ ۽ ٺيڪدار ڏانهس ڌيان سان ڏسڻ لڳا ايئن ڪندي اچي منجهند ٿي کيس ماني کارايائون هن ڳالھين ۾ کين ٻڌايو تہ هو پڙهيل لکيل آهي ۽ حق حلال جي روزي ڪمائڻ چاهي ٿو.دڪاندار چيس تہ،
”ٺيڪ آهي! اڄ کان تنھنجو ڪم اسان وٽ پَڪو آهي، آئون مزور کي مزوري ڏيڻ ۾ ڪا بہ ڪنجوسي ڪونہ ڪندو آهيان“ هُو خوش ٿيو پر اهو بہ ٻڌايائين تہ وٽس ڪو بہ رهڻ جو ٺڪاڻو پڻ ڪونھي، مالڪ کيس پنھنجي گدام ۾ رهڻ جي موڪل ڏيئي ڇڏي. ان ريت ٿورن ئي ڪلاڪن ۾ کيس ڪم ۽ رهائش ملي وئي هو بہ دِل لڳائي محنت سان ڪم ڪندو هو، مالڪ جو هاڻي مٿس مڪمل ڀروسو قائم ٿي ويو.
هُن کيس چيو تہ، ”آئون پنھنجي ٻئي دوڪان تي ويھندس هيءُ دڪان اڄ کان تون سنڀال“، ان ريت هن کي هتي ڪم ڪندي چڱا سال ٿي ويا، اقبال پنھنجي محنت ۽ ايمانداريءَ سان سٺي ساک قائم ڪري ورتي ڪافي پئسا جوڙي هڪ گهر پڻ ورتائين تہ پنھنجو دوڪان بہ الڳ ٺاهي، شادي ڪري عزت ۽ آبروءَ جي زندگي گذارڻ لڳو، سردار سان ڪيل واعدو پاڙي ڪنھن کي بہ اُتان جي بابت ڪا ڳالھہ ڪونہ ڪيائين.
هڪ رات جو هُن جي اک کُلي وئي هن پنھنجي ڪمري ۾ ٿورو پري هڪ پاڇي کي چرپر ڪندي ڏٺو ۽ کيس سڃاڻي پنھنجي پلنگ تي اٿي ويھي رهيو، ”بيھي رهو!“ چئي هُو انھيءَ چور جي ويجهو ويو پنھنجي زال جا زيور الماڙيءَ مان کڻي چور کي آڻي ڏنائين اهو پاڇو سُڪ ٿي هڪ هنڌ بيٺو هو جڏهن هن زيور ڏنا تڏهن چيائين، ”سردار! اهي زيور کڻي وڃ تون انھن لاءِ ئي آيو آهين؟“
”تون؟“
”جي ها! آئون اقبال، مون کي سڃاتئي سردار؟“
” اقبال تو مون کي ڪيئن سڃاتو؟“ سردار چيو.
”ڇا، سردار مون کي ايترو بہ تجربو ڪونہ ٿيو هو جو آئون چور جي پيرن جو کڙڪو نہ سڃاڻان؟ منھنجي گهر ۾ فقط اها ئي قيمتي شي آهي اهي زيور آئون توکي ڏيئي رهيو آهيان، پر هڪڙي سوال جو جواب مون کي ضرور ڏي جنھن رات آئون ڪجهہ ڪونہ کڻي آيو هئس ۽ تو مون کي بي عزت ڪري ڪڍي ڇڏيو هو ۽ تون هزارون کڻي آيو هئين ۽ اڄ آئون بنا چوريون ڪرڻ جي پڻ خوشحال آهيان ۽ تون اڄ بہ چوري ڪري زنده آهين ۽ منھنجو محتاج ٿي آيو آهين ڇو؟“
سردار تي ڄڻ ڇپ ڪري، ڏاڍپ جي ڏاڍاڻ ڄڻ کَنَ پل ۾ اڏامي منھن هيڊو ٿي ويس. اقبال جي زال کڙڪي تي جاڳي پئي ۽ اچي اتي پھتي مڙس جي هٿ ۾ ئي پنھنجا زيور ڏسي هن سک جو ساھہ کنيو. سردار جي وجود ۾ وڍ پوڻ لڳا هو دلي طور هاڻي انھيءَ چوريءَ واريءَ ڪرت کان ڪَڪِ ٿي پيو هو هڪ لفظ بہ نہ ڳالھايائين، ماٺڙي ڪري اقبال جي گهران نڪري ويو.
اقبال ٻئي ڏينھن ڀاڄي منڊيءَ ۾ ويٺو هو تہ کيس ڪنن ۾ آواز آيو. ”مزور کي ڪم ملي سگهندو!!“ هن مڙي پويان ڏٺو تہ سردار جو آواز هو اُتي وڃي ساڻس مليو، ”سردار توهين هتي؟“ ”ها بلڪل! آئون هاڻي سردار نہ هڪ مزور آهيان هو سامھون تنھنجا ٻيا ساٿي پڻ بيٺا آهن اسين سڀ حق حلال جي روزي ڪمائڻ ٿا چاهيون هن نامراديءَ واريءَ حياتيءَ مان تنگ ٿي پيا آهيون“ اقبال سڀني کي واري واري سان ڀاڪرن ۾ ڀريو ۽ کين اُتي ئي ڪم سان لڳايو اهي سڀ هاڻي نيڪناميءَ جي زندگي گذارڻ لڳا.

***

سون جي بدڪ

ڳالھہ ٿا ڪن تہ پولينڊ جي ملڪ ۾ هڪ موچي ڇوڪرو ياسڪو نالي بھادر ۽ جستجو پسند ايماندار نوجوان هو. سندس کيسو هر وقت خالي هئڻ ڪري پنھنجي مالي حالت بھتر بنائڻ جي اون بہ تمام گهڻي هئس پر کيس ڪو بہ رستو نہ سُجهي رهيو هو. هڪ ڏينھن ياسڪو ٻڌو تہ ملڪ جي گاديءَ جي هنڌ تي هڪ قلعو آهي جنھن پراڻي قلعي لاءِ مشھور آهي تہ انھيءَ ۾ هيٺ ڪي سرنگهون ٺهيل آهن ۽ هڪ نھر بہ هيٺ وهي ٿي جنھن ۾ هڪ سون جي رنگ جي بدڪ وٽ وڏو خزانو آهي، لالچي بدڪ خزاني جي حفاظت لاءِ اها ڪنھن کي بہ سرنگ تائين پھچڻ ڪونہ ڏيندي آهي. هن جو هڪ شرط آهي تہ جيڪڏهن ڪو بھادر شخص وٽس مشڪلاتون اُڪري پار پئي پھچي ويو تہ پوءِ هوءَ پنھنجو سڄو خزانو انھيءَ کي ڏيندي.
ياسڪو هڪ ڏينھن سوچيو تہ ڇو نہ ڪنھن نموني بدڪ تائين پھچي آئون مالدار ٿيان. قسمت آزمائي تہ ڏسان! اهو سوچيندي نيٺ هن پڪو ارادو ڪيو ۽ سٺا ڪپڙا ڍڪي پاڻ سان ضروري سفر جو سامان کڻي ملڪ جي انھيءَ گاديءَ جي هنڌ واري شھر ۾ پھتو ۽ اتي پھچي رهندڙن کان وڌيڪ خبرون چارون پڇي پوءِ هُن انھيءَ ويران ۽ قديم قلعي ڏي رخ رکيو.
ڪافي دير هوُ مختلف اونداهين سرنگهن ۾ گهمندو رهيو . هٿن سان ڀتين کي محسوس ڪري هلندو هلندو پنھنجي ذهانت ۽ بھادريءَ سان سيڙهين جي رستي هيٺ اونھائيءَ ۾ هڪ نھر تائين پھتو جتي کيس محسوس ٿيو تہ غار ۾ موجود ڇت جي سوراخن مان روشني اچي رهي آهي. اها روشني هيٺ موجود نھر تي پئي رهي هئي . هن عجيب طلسم تي ويچار پئي ڪيائين تيستائين پاڻيءَ ۾ آواز ٿيو هڪ سھڻن سونن پرن واري بدڪ پاڻيءَ مٿي تري آئي هاڻي تہ غار وڌيڪ روشن ٿي ويو. بدڪ سندس ويجهو اچي ڳالھائڻ لڳي سندس آواز بلڪل انسان وانگر هو ۽ ٻولي بہ اها هئي جا ياسڪو ڳالھائيندو هو. هُو هيڪاري حيران ٿي ويو.
بدڪ چيس” اي نوجوان! تون هڪ تمام بي ڊپو ۽ سمجهہ دار ڇوڪرو آهين هتي ايترين مشڪلاتن جي باوجود بہ ڊنو ڪونہ آهين آئون تو مان خوش ٿي آهيان پر منھنجي خزاني کي حاصل ڪرڻ لاءِ فقط اهو شرط ڪونھي تہ خزانو حاصل ڪندڙ بھادر ۽ بي ڊپو هجي پر هڪ ٻيو بہ شرط آهي تہ هُو تمام بي رحم ۽ پٿر دل پڻ هجي، ڇو جو رحم دل ماڻھو پنھنجي دولت جلدي وڃائي ڇڏيندو آهي. انھيءَ ڪري تنھنجو امتحان ٿيندو آئون توکي لک رپيا ڏيان ٿي جي توکي هڪ ڏينھن ۾ خرچ ڪرڻا آهن پر فقط پنھنجو پاڻ تي خرچ ڪج هڪ روپيو بہ جيڪڏهن ڪنھن ٻئي تي لٽايئي تہ سمجهہ خزانو توکي ڪونہ ملي سگهندو“.
ياسڪو چپ چاپ توجھہ سان سندس ڳالھہ ٻڌي هڪ لک کڻي پنھنجي گهر پھتو. سوچڻ لڳو تہ، هڪ ڏينھن ۾ هڪ لک ڪيئن خرچ ڪريان؟ سٺا ڪپڙا خريد ڪريان وڏين هوٽلن تي ماني کاوان ۽ صبح تائين سڀ پئسا پورا ڪري بدڪ کان خزانو کڻي اچان، اهو سوچي هڪ ڪپڙن جي وڏي دڪان تي ويو جتي هن بھترين ڪپڙا بوٽ ۽ واچ ورتي پوءِ هڪ وڏيءَ هوٽل تي دل ڀري ماني کاڌي پوءِ بہ وٽس ڪافي پئسا موجود هئا. نيٺ سرڪس ڏسڻ ويو جتي مدارين ۽ بازيگرن جا ڪرتب ڏٺائين پئسا گهورون ڪيائين کيس اُتي مزو بہ جام آيو وري بہ ڪجهہ پئسا بچت هئس.
هاڻي شام ٿيڻ واري هئي سوچڻ لڳو تہ باقي بچيل پئسا ڪاڏي ڪريان اڃان انھن خيالن ۾ هو تہ هڪ ڪُٻو فقير اچي اُتان لانگهائو ٿيو. جنھن گهڻيون منٿون ڪيس تہ هو ٻن ڏينھن کان بُکايل آهي سندس مدد ڪري، ياسڪو تمام نرم دل ۽ حساس هو فقير جي اکين مان زارو قطار لڙڪ ڏسي پريشان ٿي ويو دل کي جهٻو آيس هن ڪجهہ پئسا فقير کي ڏيئي ڇڏيا.
اوچتو چوگرد روشني پکڙجي وئي. هن پنھنجي پويان بدڪ جو آواز ٻڌو بدڪ کيس ڪاوڙ مان چيو، ”تو منھنجي ڳالھہ ڪونہ مڃي تنھنجي دِل ضرورت کان وڌيڪ نرم آهي ۽ هڪ بي بس ماڻھوءَ جي مدد ڪري منھنجي اصولن کي ٽوڙيو آهي هاڻي اهو خزانو توکي نٿو ملي سگهي اڳتي سرنگهہ ۾ اچڻ جي ڪوشش نہ ڪجان، ڇو تہ اتي موت تنھنجي لاءِ واجهائي پئي“.
ياسڪو هيڏي هوڏي جاڏي ڪاڏي نھارڻ لڳو پوءِ کيس نہ بدڪ نظر آئي ۽ نہ ئي پوڙهو، هو جڏهن بي رحم بدڪ جي ڳالھہ ٻڌي رهيو هو تڏهن ئي سندس دِل مضبوط رهي کيس خزاني جي وڃڻ جو ڪو بہ ڏک ڪونہ ٿيو پاڻ سيٽي وڄائيندو پنھنجي گهر پھتو بدڪ جي ڏنل پئسن مان ورتل سامان پراڻيءَ پيتي ۾ وجهي پنھنجا ساڳيا ڪپڙا پائي هو دڪان تي جتي اڳ ۾ بہ ڪم ڪندڙ هو پھتو. ان ريت روز دل سان ڪم ڪرڻ سان کيس سٺو اجورو ملڻ لڳو ۽ پنھنجي ڪم ۾ ماهر بہ ٿي ويو محنت سان مسڪينيءَ مان نڪري پنھنجي جيون کي نئون دڳ ڏنائين وقت جو ڦيرو بدليو سندس ڏات، محنت ۽ ٻين جي ڪم اچڻ جي نيڪيءَ جيون ۾ نئين جوت چمڪائي. سٺو ذاتي گهر ٺاهي الڳ دڪان کولي آرامده حياتي گهارڻ لڳو،
ياسڪو جڏهن بہ ڪم ڪندي هٿوڙو هلائيندو هو تڏهن چوندو هو، ”منھنجي نزديڪ ماڻھن جو احترام سون کان وڌيڪ قيمتي آهي، هيءُ هڪ روپيو بہ جيڪو آئون پنھنجي محنت سان ڪمايان ٿو اهو سونيءَ بدڪ جي هڪ لک رپين ۽ سرنگهہ مان مليل مفت جي خزاني کان مون کي وڌيڪ پيارو آهي“.


***

ڏهوڻا پئسا

هندستان ۾ ٻہ پوڙها زال مڙس هڪ ننڍي گهر ۾ رهندڙ هئا سندن وٽ ايتري تہ غربت ۽ مسڪيني هئي جو ڪنھن چڱي گهر يا پاڙي ۾ رهڻ جي وٽن ڪا بہ طاقت ڪونہ هئي. کين فقط ٻہ نياڻين هيون جي پڻ شادي ٿي پري جي رياست ۾ رهندڙ هيون هي ٻئي هڪ ٻئي ۾ وندري ويٺا هوندا هئا. پوڙهو ڪجهہ پئسا ڪمائي ايندو هو جنھن مان ٿورا خرچ ڪرڻ کانپوءِ باقي پئسا هو ٻئي گڏ ڪندا هئا. کين دِلي خواهش هئي تہ حج بيت ﷲ جي زيارت ڪن ۽ پياري نبي پاڪ جي روزي جو ديدار ڪن، پر وٽن ڪو بہ وسيلو ڪونہ هو سو ٿورا ٿورا ڪري پئي پئسا گڏ ڪيائون، ان زماني ۾ ايتري مھانگائي بہ ڪونہ هئي هڪ سئو چانديءَ جي روپين ۾ اهي حج ڪري سگهيا ٿي پر وٽن هڪ سئو رپيا گڏ نہ پئي ٿي سگهيا جو ڪمائيءَ جا ڪي خاص ذريعا نہ هئا. وڏيءَ مشڪل سان هنن ڏھہ چانديءَ جا رپيا گڏ ڪيا جي هڪ ڳوٿريءَ ۾ وجهي ڀت ۾ ٺهيل مٿي تاڪ جي ڳجهي خاني ۾ رکي ڇڏيائون،
جڏهن ڪڏهن پوڙهو عبدﷲ واندو هوندو هو تڏهن اها ڳوٿري ڪڍي اهي چانديءَ جا سڪا ڳڻيندو هو. هڪ ڏينھن سندس گهر واري زليخا کيس چوڻ لڳي تہ، ”آئون نٿي سمجهان تہ ڪو ان ريت پاڻ جو حج ٿي سگهي ٿو پاڻ وٽ الائي ڪڏهن سئو سڪا گڏ ٿيندا تيستائين تہ لڳي ٿو پاڻ مري کپي وينداسين“.
عبدﷲ چيس تہ، ”وهلور نہ وڃ نہ خود ڏکايل ٿي ۽ نہ منھنجي آس ۽ اميد کي ٽوڙ، مايوسي ڪفر آهي ان ڪري نہ پنھنجو جگر جلائي نہ منھنجو اندر ساڙي رک ڪر رب تي ڀروسو رکي ماٺ ڪري ويھي رھہ“، هوءَ مڙس جي وڏي آواز تي ڊڄي چپ ٿي وئي.
هڪ صبح جو زليخا نماز پڙهي جيئن ئي گهر جو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، عبدﷲ چيس، ”اڄ آئون ڪم تي جلدي ٿو وڃان مون کي دير لڳندي ماني گڏ ٻڌي ڏئي“. هن ايئن ئي ڪيو سندس رواني ٿيڻ کانپوءِ روز مره جي ڪم ۾ مشغول ٿي وئي دروازي تي فقير صدا هنئي“.
بابا ﷲ جي نالي ڏيو هڪ ڏيندا تہ ڏهوڻا ملندا، هڪ دنيا ستر آخرت آهي آخرت ڪمايو“ مطلب ان قسم جا جملا اهو بکايل فقير صدا هڻي چوڻ لڳو، خديجہ جي مَنَ ۾ آيو تہ کانئس وڃي ڪو سوال جواب ڪريان در تي اچي پڇيائين،
”فقير اهو تہ ٻڌائي هڪ ڏيڻ سان ڏهوڻ ڪيئن ٿيندي؟“ فقير کيس مثال ٻڌائي قائل ڪيو تہ، ” ﷲ جي راھہ ۾ هڪ روپيو خرچ ڪرڻ سان ڌڻي سڳورو ڏھہ عطا ڪندو“
اُمالڪ پوڙهيءَ جي دِل ۾ خيال آيو تہ حج لاءِ تہ هڪ سئو رپيا ٿا گهرجن جيڪڏهن گڏ ٿيل ڏھہ رپيا هن بکايل فقير کي ڏيان تہ ممڪن آهي سندس جي دعا سان اسان کي هڪ سئو ملي وڃن ۽ حج پڻ ٿي وڃي. اهو خيال ڪري وڃي ڀت جي تاڪ تان ڳوٿري کڻي آئي ۽ چانديءَ جا ڏھہ سڪا کڻي کيس ڏنائين. انڌي کي ڇا گهرجي ٻہ اکيون سو فقير سرهو ٿي دُعائون ڏيندو روانو ٿيو.
ٻہ ٽي ڏينھن گذريا هڪ ڏينھن پوڙهي عبدﷲ پنھنجا پئسا ڳڻڻ ٿي چاهيا جان جو ڳوٿري کڻڻ لاءِ هٿ وڌائين تہ اها خالي هئي. هو حيران ٿي ويو. اچي زال کي ننڊ مان اٿاريائين تہ هي پئسا ڪيڏانھن ويا زال ڏٺو تہ ڦاسي تہ پئي آهيان هاڻي ڪھڙو ڦٿڪڻ سو سڄي ڳالھہ سربستي سچي کيس ٻڌايائين. مڙس تہ بتال ٿي ويو، ڪاوڙ ۾ اچي رڙيون ڪرڻ لڳو کيس ڪم عقل بي سمجهہ چوندي، پادر کڻي اچي سٽيائين” رن عقل جي اڪابر ٿي ٿيئين تنھنجو عقل تہ پير جي کڙيءَ ۾ آهي هاڻي کاءُ ڏھہ پادر تہ ڏهوڻ مليئي“. چيلھہ وارا ڏھہ پادر هڻي پٽون پاراتا ڏيئي وڃي کٽ تي ڪريو مائي بہ روئي روئي موچڙا کائي سمھي رهي،
عبدﷲ کي جڏهن بہ اهي پئسا ياد ايندا هئا تڏهن هو پادر کڻي زال کي ڏھہ جوتا ڳڻي هڻندو هو گڏ طعنن تنڪن سان وڍي ماري ڪُٽي پوءِ ماٺ ڪندو هو. زليخا بہ ڏوهاري هئي سو ڦٿڪي ڦٿڪي روئي ڌوئي سمھي رهندي هئي روز ﷲ کان ٻاڏائي پئي دُعائون گهرندي هئي تہ ”رب ڪو حيلو وسيلو ڪر تہ، حج بہ ٿيئي مارن موچڙن کان بہ جان ڇٽي“.
”جيڏو ﷲ تيڏو آسرو“ سو اميد تي ئي هن جي دنيا قائم هئي. اوچتو سندس ڀاڳ ڀيڙو ڏنو. ٿيو ايئن جو هڪ رات جو هڪ چور پٺيان پوليس لڳي چور جي هٿ ۾ هڪ هزار چانديءَ جي رپين جي وزني ڳوٿري هئي ڊوڙڻ سان آواز ٿيڻ تي پوليس کي سندس جي خبر بہ ٿي پيئي سو ڊوڙندو ڊوڙندو اچي زليخا وارن جي گهٽيءَ ۾ پھتو، ڏٺائين پوليس ويجهو پئي اچي اها ڳوٿري کڻي مٿي جو اڇل ڏنائين تہ سڌي زليخا، جي اڱڻ تي وڃي ڪري ۽ هو پاڻ اڳيان جي گهٽيءَ ۾ هڪ گهاٽي نم جي وڻ تي چڙهي لڪي ويو کيس اها بہ خبر ڪونہ پيئي تہ ڳوٿري ڪنھن گهر وڃي ڪري آهي پر پوليس کان بچي ويو.
صبح جو زليخا جيئن ئي نماز جي لاءِ وضو ڪرڻ ٻاهر اڱڻ جي نلڪي تي آئي تہ ڏسي هڪ ڪاري رنگ جي ڳوٿري اڱڻ تي پئي آهي هُن کولي جو ڏٺي تہ اُمالڪ حيرانيءَ ۽ خوشيءَ سان واڇون ٽڙي ويس، وڃي پنھنجي مڙس جي چيلھہ جا ٻہ ڌڪ هڻي کيس جاڳايائين تہ، ”هيءُ ڏس ﷲ تعالي ڏھہ جا هزار ڪري ڏهوڻ کان بہ مٿي ڏنا آهن، عبدﷲ سڪا ڏسي وائڙو ٿي ويو. مڃيائين تہ واقعي هيءُ سچيءَ نيت جو ڪمال آهي، ”جھڙي نيت تھڙي مراد“ اٿي ويھي رهيو.
ٻئي ڏينھن فقير صدا هئي مائيءَ چيس، ”فقير! تنھنجي ڳالھہ تہ بلڪل صحيح آهي تہ ﷲ جي راھہ ۾ هڪ ڏيو تہ ڏهوڻ تي ملندو پر موچڙا کائڻ ڏاڍا ڏکيا آهن“


***

محبت جي ڪاميابي

هڪ هاري پنھنجي ٻنيءَ تي ڍڳا ڪاهي هر هلائڻ لاءِ صبح جو جيئن ئي گهر کان نڪتو تہ پويان سندس گهر واري ڪريمان ٻاهر ڪجهہ پئسا کڻي در تي آئي تہ جيئن ڪا ڀاڄي ڀُتي وٺي اچي ماني ٺاهي. کيس ٻارهين وڳي گهرجي ويجهو ٻنيءَ تي مڙس کي ماني ڏيڻ لاءِ وڃڻو هو. واپس جو دروازي وٽ پھتي تہ ڏٺائين ٽي پرديسي سندس گهرجي چانئٺ جي ويجهو دِڪيءَ تي ويٺا آهن کانئن خير عافيت پڇي ماني ٽڪيءَ جي صلاح ڪيائين هنن هائوڪار ڪئي.
هوءَ ٿوريءَ دير کان پوءِ ماني ٺاهڻ لڳي جڏهن کاڌو پچي راس ٿي ويو تڏهن دروازي تي وڃي انھن کي کائڻ جي آڇ ڪيائين ۽ گهر اندر اچڻ جي صلاح ڪرڻ لڳي، انھن ۾ جيڪو پوڙهو شخص هو ان کيس چيو تہ ”امان اسين ڪنھن بہ انھيءَ گهر ۾ اندر ماني کائڻ تيستائين ڪونہ ويندا آهيون جيستائين انھيءَ گهر جا مرد موجود نہ هجن تنھنجو گهر وارو ٻاهر نڪري ويو آهي اهو جڏهن ايندو اسين تڏهن اينداسين“.
ڪريمان ماٺ ڪري پنھنجي مڙس جي لاءِ ٺاهيل ماني پاڙي جي ڇوڪري کي ڏني هو اها کڻي ٻنيءَ تي ڏيڻ ويو.
شام ٿي ڪريمان جو مڙس گهر آيو هن جو دروازي وٽ ٽي اوپرا ماڻھو ڏٺا حيران ٿيو ۽ کين پرديسي سمجهي مانيءَ جي صلاح ڪرڻ جو سوچيائين پر وري خيال آيس تہ خبر ناهي گهر ۾ سامان سيڌو آهي يا نه؟ پھرين گهر واريءَ کان پڇان پوءِ انھن کي گهرايان اندر اچي زال سال ڳالھہ پڻ ڪيائين ۽ کيس چيائين تہ ”انھن پرديسين کي ماني ڇوڪونہ کارايئي؟“ جوڻس جواب ڏنو ”مون گهڻيئي چيو ۽ انھن لاءِ پچائي بہ رکي آهي پر جيڪو پوڙهو ماڻھو آهي ان چيو تہ جيستائين تنھنجو مرد گهر ۾ نہ هوندو اسين اندر ڪونہ اينداسين“ هاري انھن جي اخلاق کان متاثر ٿيو ۽ ڪريمان کي چوڻ لڳو،
”ٺيڪ آهي وڃي کين چئو تہ منھنجو مڙس اچي ويو آهي توهين هاڻي اندر اچي ماني کائو“.
مائي دروازي تي وئي تڏهن پوڙهي هڪ ٻي ڳالھہ ڪئي هن چيو، ”اسان جو پاڻ ۾ عھد آهي تہ ڪو بہ هڪ ڄڻو ويندو ۽ باقي ٻيا ٻہ ٻاهر هوندا ۽ جنھن جو جھڙو نالو آهي ان ۾ اها ئي خاصيت آهيجيئن مثال طور، منھنجو نالو ”دولت“ آهي تہ آئون جي ڪڏهن توهان جي گهر اندر داخل ٿيندس ۽ مھمان ٿيندس تہ پوءِ توهان جي گهر ۾ ايتري دولت ايندي جا توهين سنڀالي بہ ڪونہ سگهندا، ڳڻڻ کان مٿي هوندي‘. ٻيا ٻہ دوست ”فتح “ ۽ ”محبت“ آهن، هاڻي تون ٻڌاءِ تہ ڪنھن کي ٿي مھمان ڪرين؟“
هيءَ عجيب روئداد ٻڌي ڪريمان تہ صفا حيران ۽ پريشان ٿي وئي. ورندي ڏنائين ”ٺيڪ آهي آئون گهر ۾ مشورو ڪري اچي ٻڌايان ٿي“. ڪمري ۾ اچي هاريءَ کي سڄي ڪٿا ٻڌايائين هن کي چوڻ لڳي تہ، ”پاڻ ”دولت“ کي مھمان ٿا ڪريون گهر ۾ جام پسئو اچي ويندو ۽ ان جي پاڻ کي سخت ضرورت پڻ آهي“.
هاريءَ چيس ، ”نہ تون ”فتح“ جي مھماني ڪر پوءِ جيڏانھن پاڻ جو پير ويندو اوڏانھن خير ٿيندو پاڻ برڪت وارا ٿي وينداسين هر پاسي فتح ۽ ڪاميابي حاصل ٿيندي، سکن جو سج اڀرندو“.
سندن ڌيءَ جا پريان پينگهي ۾ ويٺل هئي چوڻ لڳي، ”نہ بابا منھنجي خيال کان توهين ”محبت“ کي گهر ۾ آڻيو محبت ۾ وڏي طاقت آهي اها نفاق کي ختم ڪري ٿي تہ محبت دليون فتح ڪندڙ آهي ۽ محبت سان ڪيل محنت جي ڪري دولت پاڻيھي اچي ويندي. محبت جو مان سڀني کان مٿي آهي“ پڻس ڌيان سان ٻڌي ڪريمان کي چيو تہ ”پنھنجي ڌيءَ وڌيڪ سٺي ڳالھہ ڪري رهي آهي“.
ڪريمان پوءِ محبت کي سڏڻ لاءِ ٻاهر وئي جڏهن محبت وارو بزرگ ساڻس گڏ اندر پئي آيو تڏهن ٻيا ٻئي بہ اچڻ لڳا، ڪريمان وڏي پوڙهي کي چيو، ”توهان تہ چيو هو اسان مان ڪنھن بہ هڪ کي اندر اچڻو آهي هاڻي تہ توهين ٽيئي پيا هلو پوءِ اها رڪاوٽ پھرين توهان ڇو وڌي؟“.
پوڙهو مشڪڻ لڳو، چيائين، ” اسان وٽ ”محبت“ سڀني ۾ خاص آهي. انھيءَ سان اهو هڪ وارو شرط لاڳو ڪونہ ٿو ٿئي اهو جتي ويندو اُتي اسان ٻئي بہ ساڻس گڏ هونداسين“.
ڪريمان جو مڙس بہ دَرَ تي انھن جي آجيان ڪرڻ آيو، ۽ کين وٺي اچي عزت سان ويھاريائين. انھيءَ ڏينھن کانپوءِ سندن چڱا ڏينھن شروع ٿي ويا.
پيارا ٻارو! هن اشارتي ڪھاڻيءَ مان سبق اهو ٿو ملي تہ هن ڪائنات جو وڏي ۾ وڏو سک محبت جي حاصلات آهي، محبت والدين سان، اولاد سان، علم سان، دين سان، استادن سان، شاگردن سان، پوريءَ دنيا جي مخلوق سان رب پاڪ جي محبت جو مظھر آهي، محبت ئي آهي جا جيون جيئڻ جو حوصلو عطا ڪندڙ ۽ ڪم جي توفيق پيدا ڪندڙ ۽ انساني حياتيءَ ۾ اُتساھہ جو ڪارڻ آهي، پنھنجي زندگيءَ ۾ هن جذبي جي سچائيءَ ۽ مضبوطيءَ کي ضرور سمجهيو.


***

جادوئي گُڏيون

پراڻي وقت جي ڳالھہ آهي تہ ملڪ امير آباد ۾ عزيز نالي بادشاھہ حڪومت ڪندڙ هو کيس ٻہ شھزاديون هيون جن ۾ وڏي گل رخ تمام هوشيار، نيزي بازي، تير اندازي، علم، سمجهہ ۽ سونھن ۾ سرس هئي. هن کي گُڏيون تمام پسند هيون ننڍي هوندي بہ انھن سان راند ڪندي هئي تہ وڏي ٿي بہ کيس اهي پسند هيون.
هڪ ڏينھن بادشاھہ ٻئي ملڪ گهمڻ ويو جڏهن واپس وريو پئي تہ هڪ هوڪو ٻڌائين، ”ننڍيون ننڍيون خوبصورت جادوئي گڏيون وٺو“، هو ان هوڪي ڏي متوجه ٿيو هڪ پوڙهي جي هٿ ۾ ڳاڙهي رنگ جو دٻو هو جنھن ۾ اهي گڏيون هيون ۽ هُن ئي اهو هوڪو پئي ڏنو، بادشاھہ کانئس پڇيو تہ، ” انھن گڏين ۾ ڪھڙي خاص ڳالھہ آهي؟“ فقير پوڙهي وراڻيو، ”بادشاھہ سلامت هي جادوئي گڏيون آهن جي ڳائي وڄائي دِل وندرائين ٿيون ٻي ڳالھہ تہ جنھن بہ شخص جي ملڪيت هونديون مصيبت ۾ انھيءَ جي مدد ڪنديون“.
عزيز بادشاھہ کانئس خريد ڪيون پر هُن هدايت ڪئي تہ، ” شھزاديءَ کي چئجو تہ جيڏانھن بہ وڃي هي گڏين جو دٻو پاڻ سان گڏ رکي“.
بادشاھہ پنھنجي ملڪ واپس آيو ۽ اهو دٻو پنھنجي نياڻيءَ گل رخ کي ڏيئي هدايت ڪيائين تہ، ”هي مون خاص تنھنجي گڏين جي شوق جي ڪري ورتو آهي، هاڻي محتاط رهجان جيڏانھن بہ وڃين خود سان گڏ رکجانءِ“.
شھزادي گهڻي خوش ٿي ۽ رات جو گڏيون ڪڍي ڀيڻن ۽ راڻيءَ فرخنده کي ڏيکاريائين انھن گڏين ٻاهر نڪري پنھنجي دٻي مان هڪ ننڍو تخت ڪڍيو ٻہ انھيءَ تخت تي ويٺيون باقي چار گڏيون رقص ڪرڻ لڳيون ڪجهہ دير جي انھيءَ تماشي کان پوءِ آهستي آهستي اهي جادوئي گڏيون پنھنجي دٻي ۾ واپس هليون ويون.
هڪ دفعي شھزاديءَ کي پنھنجي گڏين جي دٻي مان آواز آيو ته”وڏو وزير دوکي باز“ هن وري ڌيان سان ٻڌو سمجهي وئي تہ اهي گڏيون ڪنھن ايندڙ خطري کان بچائڻ لاءِ آهن ٻئي ڏينھن پنھنجي والد سان سڄي ڳالھہ ڪيائين، هن چند ماڻھو وڏي وزير جي جاسوسيءَ تي لڳايا جن مڪمل خبر وٺي ٻڌايو تہ، ”هُو ٻئي ملڪ جي بادشاھہ سان ملي بادشاھہ عزيز جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش ۾ رڌل آهي“.
بادشاھہ عزيز کي ڏاڍو ڏک ٿيو جو پاڻ انھيءَ وڏي وزير تي گهڻو اعتماد ڪندڙ هو. سندس ويساھہ ئي ٽٽي ويو کيس خوشي ٿي تہ جادوئي گڏين هن جي بادشاهي بچائي هڪ ڏينھن سٺيءَ مند جي ڪري بادشاھہ شڪار جو پروگرام رٿيو شھزادي گل رخ پڻ مرداڻي ويس ۾ پيءُ سان گڏ شڪار ۾ شامل رهي ۽ هن جي پياري ٻانھي زمرد بہ ساڻس گڏ هئي.
ان ريت شڪار جي ڳولھا ڪندي هڪ سھڻو هرڻ نظر آيو جنھن جون اکيون تمام پياريون هيون، شھزادي ان سھڻي هرڻ جي ڪڍ لڳي ۽ پنھنجي ماڻھن کان پري ٿي وئي. هرڻ جي جستجوءَ ۾ کيس ڪا بہ خبر ڪونہ پئي تان جو هڪ ويران محل وٽ گهاٽن ٻوڙن ۾ هرڻ تہ کانئس ڇڏائجي ويو پر اُڃ سان هن جي حالت خراب ٿي وئي، نوڪرياڻي زمرد کي ساڻ ڪري محل جي دروازي تي آواز ڏنائين دروازو ڪونہ کليو خود ئي ٿورو ڌِڪو ڏيڻ سان کُلي ويو جيئن ئي اهي اندر داخل ٿيون دروازو پاڻيھي بند ٿي ويو.
محل جو جائزو وٺڻ سان کين اندازو ٿيو تہ هيءُ تہ بلڪل صاف سٿرو گهر آهي لڳي ٿو تہ ڪير هتي رهندڙ آهي، پر ظاهري طور ڪير بہ ڏسڻ ۾ ڪونہ آيو. ان ريت هڪ ڪمري جي هڪ وڏي پلنگ تي کين هڪ جوان ماڻھو ڏسڻ ۾ آيو جنھن جي سڄي جسم ۾ سوئيون لڳل هيون ۽ هُو بلڪل بي سڌ هو. هنن بورچيخاني ۾ ڏٺو تہ ڪجهہ سودو سلف پيو هو ٻنھي کاڌو پچائي کاڌو تيستائين بادشاھہ بہ سندن گهوڙن کي محلات جي ٻاهر ڏٺو پنھنجي ماڻھن سان پھچي محل جو دروازو کولڻ جي ڪوشش ڪيائين پر در ڪونہ کليو، گل رخ شھزاديءَ اندران سڄو حال احوال ڏنو. بادشاھہ بہ ڪري ڪجهہ ڪونہ ٿي سگهيو جو هن طلسمي محل مان شھزاديءَ کي ٻاهر ڪڍي.
شھزاديءَ سوچيو ڇو نہ هن جوان جي جسم مان هي سوئيون ڪڍجن ان ريت هن سوئيون ٽن ڏينھن ۾ ڪڍي ڇڏيون باقي مٿي ۽ نراڙ تي ڪجهہ سوئيون رهيل هيون.
پنھنجي نوڪرياڻيءَ زمرد کي چيائين تہ آئون وهنجي اچي پوءِ ٻيون سوئيون ڪڍان ٿي، تون تيستائين کاڌو ٺاهي وٺ شھزادي جيئن ئي غسلخاني ۾ وئي، زمرد ڇا ڪيو ماني ٺاهڻ بدران هن نوجوان جي منھن ۽ مٿي مان سوئيون ڪڍڻ لڳي، ٿوريءَ دير ۾ اهو شخص جيڪو شھزادو دانيال هو اُٿي سنئون ٿيو ۽ زمرد جا تمام گهڻا ٿورا مڃڻ لڳو، زمرد شڪل صورت ۾ شھزاديءَ گل رخ کان ڪجهہ قدر رنگ جي صاف ۽ سھڻي هئي مٿان ڪپڙا بہ موچارا هئس سو دانيال کي ڪوڙ گهڙي چيائين تہ ”آئون شھزادي گل رخ آهيان“.
شھزادي جيئن ئي ٻاهر آئي زمرد کيس پنھنجي ۽ دانيال لاءِ ماني ٺاهڻ جو حڪم ڏنو، ذهين ۽ صابرين شھزادي سمجهي وئي تہ هيءَ چوپڙ جي چال ابتي ٿي وئي آهي پر هن وقت مھاڏو اٽڪائڻ مناسب ڪونھي سو واپس وري بورچيخاني ۾ وئي. کيس ان مھل حضرت عليءَ جو قول ياد اچڻ لڳو تہ، ” ”جنھن تي احسان ڪريو انھيءَ جي شر کان بچو“ڪمري ۾ اچي ٻہ رڪعتون حاجت نفل پڙهي ﷲ پاڪ کان دُعا گهرڻ لڳي تہ کيس ڪو حل عطا ڪري ۽ ثابت قدم رکي.
شھزادي محل جو دروازو کولي ٻاهر جو واءُ سواءُ وٺڻ ٿي چاهيو تہ در هڪدم کُلي ويو معني تہ اهو محلات هاڻي طلسم مان آزاد ٿي چڪو هو. شھزادي کان گل رخ سوال ڪيو تہ، ”هو ڪيئن هتي پھتو؟“ هن سڄي حقيقت ٻڌائي تہ سندس چاچي هڪ جادوگر جي معرفت کيس غائب ڪري هن محل ۾ قيد ڪرايو ۽ خود سندس ملڪ دولت آباد تي قبضو ڪيو آهي ڇو تہ پنھنجي پيءُ کان پوءِ هُو تخت جو وارث آهي. شھزادي پنھنجي ملڪ وڃڻ جو ارادو ڪيو پر وٽس ڪو بہ پئسو پنجڙ ڪونہ هو. زمرد کان پڇيائين تہ، ”ٻئي ملڪ مان تنھنجي لاءِ ڇا آڻيان؟“ هن عام عورتن وانگر سون، هيرن، جواهرن ۽ سُٺن لٽن ڪپڙن جي فرمائش ڪئي ۽ جڏهن گل رخ کان پڇيائين تہ، هن کيس فقط ايترو آهستي سان چيو ”منھنجي لاءِ ”ننڍيون ننڍيون جادوئي گڏيون کڻي اچجو“ جا ڳالھہ هن زمرد جي غير حاضريءَ ۾ ڪئي.
جڏهن زمرد مٿي محلات جي ڪمري ۾ هار سينگار ڪرڻ وئي تڏهن گل رخ شھزادي دانيال کي چيو تہ، ” حضور توهان پري پيا وڃو ۽ توهان وٽ سفر لاءِ ڪو پئسو بہ ڪونھي محل مان نڪرڻ کانپوءِ ٿورو اڳيان نم جو وڻ ايندو. اتي کڏ کوٽجو نشاني لڳل آهي توهان کي ڪجهہ سامان ملندو اهو پاڻ سان گڏ رکجو،“ شھزادو جيئن ئي مٿي زمرد کان موڪلائڻ لاءِ ويو. گل رخ نم جي وڻ وٽ کڏ کوٽي پنھنجا زيور هڪ ننڍيءَ هَڙ ۾ ٻڌي زمين ۾ وڌا ۽ گڏ هڪ پرچو لکي وڌائين جنھن ۾ لکيل هو تہ ”ننڍيون ننڍيون گڏيون فقط اجمير جي بادشاھہ وٽ ملنديون“ شھزادي خط ۽ زيور پاڻ سان گڏ سوگها رکيا ۽ سفر تي روانو ٿيو. رستي ۾ هڪ ڪنڀار سندس مدد ڪئي ۽ پنھنجي ماءُ وٽ رات ٽڪايو جنھن کيس ٻڌايو تہ دولت پور تہ تمام پري آهي باقي اجمير هتان هڪ ڏينھن جي پنڌ تي آهي. شھزادي ٻئي ڏينھن شھزاديءَ گل رخ جي ڏنل زيورن مان هڪ هيري جي منڊي سوناري وٽ وڪڻي ڪافي پئسا هٿ ڪيا جن مان ان ڪنڀار ۽ ان جي ماءُ جي مدد ڪيائين گڏ هڪ سٺو گهوڙو وٺي انھن وٽان ماني کائي اجمير روانو ٿيو.
اجمير شريف ۾ پھرين خواجه غريب نواز جي مزار تي حاضري ڀريائين اُتي ئي کيس خبر پئي تہ ملڪ جي باشاھہ عزيز جي لاڏلي نياڻي گم ٿي وئي آهي، ۽ هُو هر خميس تي هتي حاضري ڀرڻ ايندو آهي. سو اڄ بہ ٿوريءَ دير ۾ بادشاھہ وڏي اٽالي سان مزار تي ايندو، مزار اندر هُو اڪيلو داخل ٿيو دانيال بہ وڏي دِل سان دُعا گهري ختم ڪئي بادشاھہ کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو هو کيس نويڪلائي ۾ مليو هو. اهڙو موقعو هٿان وڃائڻ بدران سڄي ڳالھہ ٻڌايائين بادشاھہ کي اهو خط ۽ زيور بہ ڏسيائين هن کيس شام جو محلات ۾ اچڻ جو چيو. رات جو کيس دعوت ۾ چوڻ لڳو تہ ”تون هڪ نئون ماڻھو آهين اهي زيور جي وڪڻندين تہ ڪير شڪ نہ ڪري مون کي وڪرو ڪر آئون ٻيڻي قيمت ڏيندس“. شھزادي خوش ٿي زيور بادشاھہ کي ڏنا جنھن کيس تمام گهڻا پئسا ڏنا پر اهو ڪونہ ٻڌايائين تہ جنھن کي تون نوڪرياڻي پيو سمجهين اها منھنجي شھزادي ڌيءَ گل رخ آهي،“. ڇو جو هن نٿي چاهيو تہ زمرد ان حقيقت کانپوءِ شھزاديءَ کي ڪو نقصان پھچائي سندس ارادو پھرين زمرد کي گرفتار ڪرڻ جو هو. شھزادو جادوئي گڏيون حاصل ڪري هڪ رات باشاھہ وٽ ٽڪيو. رات جو گڏيون پنھنجي دٻي مان ٻاهر نڪري رقص ڪرڻ لڳيون ۽ سڄو واقعو پنھنجي ملڪه گڏي کي ٻڌائڻ لڳيون جو شھزادي گل رخ سان پيش آيو هو. دانيال اها حقيقت جادوئي گڏين جي واتان ٻڌي حيران ٿي ويو. کيس نوڪرياڻي زمرد تي ڪاوڙ اچڻ لڳي.
ٻئي ڏينھن سڀ ڳالھہ بادشاھہ کي ٻڌائي گڏجي صلاح ڪيائون تہ هاڻي شھزادو دانيال دولت پور پوءِ ويندو پھرين گڏجي طلسمي محل وٽ هلجي ۽ شھزاديءَ گل رخ کي حاصل ڪجي.
دانيال ۽ بادشاھہ عزيز پنھنجي ماڻھن سان گڏجي انھيءَ محل تائين پھتا، گل رخ دروازو کوليو ۽ زمرد شھزادي کي ڏسي نخرا ڪري چوڻ لڳي تہ ” منھنجي لاءِ زيور ۽ ڪپڙا آندا آهن؟“ شھزادي دانيال چيس، ”ها! اهي بہ آندا آهن ۽ گڏ تنھنجي والد صاحب کي بہ آندو آهي“. ايئن چئي وڏي آواز سان چيائين، ”بادشاھہ سلامت اندر اچي وڃو“. بادشاھہ هٿ ۾ کليل تلوار کڻي داخل ٿيو زمرد جو کيس ڏٺو ڳالھہ سمجهي سندس پيرن تي ڪري معافيون گهرڻ لڳي پر بادشاھہ پڪو ارادو ڪري ڇڏيو هو تہ انھيءَ کي معاف نہ ڪبو جو هيءَ هڪ خانہ بدوش عورت جي اولاد آهي جنھن کي هنن يتيم خاني مان کڻي پالي تانتي وڏو ڪيو هو ۽ اڄ سندس ڌيءَ کي پنھنجي خادمه ۽ خود کي ملڪه ڪندي هن کي ڪو بہ شرم ڪونہ آيو تہ اهڙيءَ احسان فراموش عورت کي سزا ملڻ ضروري آهي بادشاھہ جي ماڻھن زمرد کي گرفتار ڪيو ۽ سندس حڪم مطابق هڪ اونھي تھہ خاني ۾ سڄيءَ حياتيءَ لاءِ اڇلي ڇڏيو.
شھزادو دانيال گل رخ کان پڇڻ لڳو تہ، ” توهان مون کي سڄي حقيقت شروع کان ڇو ڪونہ ٻڌائي؟“ شھزاديءَ چيس تہ، ”زمرد توهان کي هڪ پَل پڻ اڪيلو ڪونہ ڇڏيندي هئي ۽ توهين هن تي شھزادي هئڻ جو پڪو اعتبار ڪري چڪا هئا آئون جي سچي ڳالھہ بہ ڪريان ها تہ انھيءَ وقت توهين اعتبار ڪونہ ڪريو ها ان ڪري مون ننڍڙين گڏين کي آڻڻ جي درخواست ڪئي تہ جيئن منھنجي بابا تائين توهين پھچو ۽ توهان کي اصل حقيقت جي خبر پوي“.
شھزادو کلي چوڻ لڳو” تمام سٺو ٿيو اهي جادوئي گڏيون نہ هجن ها تہ واقعي آئون ڪڏهن بہ صحيح ڳالھہ کان واقف نہ ٿيان ها“. شھزادي دانيال ۽ شھزادي گل رخ جي ڌوم ڌام سان شادي ٿي ۽ هن پنھنجو دولت پور جو تخت بادشاھہ عزيز جي معرفت حاصل ڪيو.

***

ليکڪا جو تعارف

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو جنم 20-11-1958ع تي ڏيپلي شھر ۾ محمد موسيٰ ميمڻ جي گهر ۾ ٿيو سندن تعليم ايم، اي(انگريزي ادب)، ايم، اي (سنڌي ادب)، پي، ايڇ ڊي (سنڌي) آهي، ڪرت طور ايسوسيئيٽ پروفيسر طور ، تعليم کاتي، مان ريٽائر ڪيائين، لکڻ جي شروعات نثر نويسڪا طور 1980ع ۾ ڪندي ادبي تاريخ، ڪالم، تحقيق، تنقيد، لطيف شناسي، ٻاراڻو ادب، افسانا ۽ ٻين موضوعن تي اٺ سئو کن مضمون، مقالا ۽ ڪھاڻيون لکيا اٿن.
سندن ڇپيل ڪتاب: 1. سنڌي ادب جو جائزو 2004ع، 2. سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس 2008ع، 3. اٿي رائو ريل،(تنقيد) 2009ع، 4. آديسين ادب آهي اکڙين ۾،(لطيف شناسي) 2008ع، 5. سون ورنيون سوڍيون 2009ع،6. وکر سو وهاءِ 2010ع، 7. اخلاقي قدر،(ٻالڪ ادب: مضمون) 2010ع، 8. عالم سڀ آباد ڪرين،(لطيف شناسي) 2015ع، 9. پلئہ پايو سچ،(مضمون) 2015ع، 10. سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو،(ادبي تاريخ)2015ع، 11. گلدستو،(مضمون) 2017ع، 12. سنڌي ادب (ايم سي ڪيوز)2018ع، 13. سنڌي نثر جي تاريخ ۾ عورتن جو حصو،(پي ايڇ ڊي مقالو)2020ع، 14. ٽي تحفا (ٻالڪ ڪھاڻيون) 2021ع، 15. شرارتي جن،(ٻالڪ ڪھاڻيون)2022ع، 16، پوپٽ ۽ گلاب(ٻالڪ ڪھاڻيون) 2023ع، 17.شھزادي ماھہ نور(ٻالڪ ڪھاڻيون) 2023ع، 18. ثاقب جي آئيسڪريم(ٻالڪ ڪھاڻيون) 2023ع، 19. سھڻا سخن 2023ع، 20. جديد سنڌي ادب جو بنياد وجهندڙ تاريخ ساز شخصيت شمس العلماء مرزا قليچ بيگ (تحقيق) 2023ع، 21. سنڌي نثر جديد مطالعو (آخوند عزيز ﷲ کان عثمان علي انصاريءَ تائين (تحقيق) 2023ع، 22. امر انسان (ٻارن لاءِ سوانحي مضمون) 2024ع، 23. انوکو رازو (ٻالڪ ڪھاڻيون) 2024ع، 24. معلومات جو خزانو (ٻارن لاءِ) 2024ع، 25. ويھہ تولا سون (افسانا) 2024ع، 26. سائنسي ميلو (ٻالڪ ڪھاڻيون) 2024ع.