ٻاراڻو ادب

معلومات جو خزانو

ھي ڪتاب خاص طور نون کان ارڙهن سالن تائين جي ٻارن جي لاءِ معلومات جو خزانو آھي. ھي ڪتاب پنجن بابن ۾ ورھايل آھي: ”باب پھريون: دين جي معلومات“، ”باب ٻيو: دنيا جي معلومات“، ”باب ٽيون: پاڪستان جي معلومات“، ”باب چوٿون: سنڌ جي معلومات“ ۽ ”باب پنجون: سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي معلومات“.    

  • 4.5/5.0
  • 51
  • 24
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Maloomat Jo Khazano

حق ۽ واسطا

ڪتاب جا سڀئي حق ۽ واسطا اداري ۽ ليکڪا وٽ محفوظ آهن
ڪتاب جو نالو: معلومات جو خزانو
موضوع: ڄاڻ/معلومات
تحقيق ۽ ترتيب: ڊاڪٽر پروين موسىٰ ميمڻ
ڇاپو: پھريون (2024)
تعداد: هڪ هزار
ٽائيٽل: مھراڻ سھتو
ڪمپوزنگ: گلزيب هڪڙو
ڇپائيندڙ: محمد موسىٰ ادبي اڪيڊمي، ڏيپلائي ٽائون، حيدرآباد.
ڇپيندڙ: محمد موسيٰ ڏيپلائي اڪيڊمي ۽ ايڊوانس پرنٽنگ ايجنسي حيدرآباد
مُلھہ: 200 روپيہ

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
books.sindhsalamat.com
2025ع

ملڻ جا هنڌ
سنڌي ادبي بورڊ بڪ اسٽال حيدرآباد، قليچ ڪتاب گهر حيدرآباد، دانيال ڪتاب گهر قاسم آباد حيدرآباد، پيڪاڪ ڪتاب گهر حيدرآباد، سنڌ ڪتاب گهر پريس ڪلب حيدرآباد، ايڊوانس پرنٽنگ ايجنسي حيدرآباد، ڪامران شيخ سنڌيڪا لاڙڪاڻو

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جي ٻالڪ ادب ۾ معلومات/ڄاڻ لاءِ سوالن ۽ جوابن جي چونڊ ۽ تحقيق تي مشتمل ڪتاب ”معلومات جو خزانو“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ھي ڪتاب خاص طور نون کان ارڙهن سالن تائين جي ٻارن جي لاءِ معلومات جو خزانو آھي. ھي ڪتاب پنجن بابن ۾ ورھايل آھي: ”باب پھريون: دين جي معلومات“، ”باب ٻيو: دنيا جي معلومات“، ”باب ٽيون: پاڪستان جي معلومات“، ”باب چوٿون: سنڌ جي معلومات“ ۽ ”باب پنجون: سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي معلومات“.
ھي ڪتاب 2024ع ۾ محمد موسىٰ ادبي اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نعت

اچو تہ دنيا جي محبت کي عشقِ محمديءَ ۾ بدلايون،
ڇو نہ فقيريءَ کي سچي اميريءَ ۾ بدلايون.

پڙهي پڙهي درود پاڪ جھانن جي سردار تي،
زندگيءَ جي انڌيرن کي روشنيءَ ۾ بدلايون.

پڙهايون علمِ قرآني ۽ نبيءَ جي سنت جو،
ٻارن جي حيات کي سھڻي زندگيءَ ۾ بدلايون.

فيشني تھذيب کان جي نجات گهرجي اسان کي،
حالتن کي حقيقت سان سچائيءَ ۾ بدلايون.

آهن ”پروين“ اڄ بہ ڪي منھنجي نبيءَ جا غلام،
ڇاهين ٿا جي تہ بديءَ کي نيڪيءَ ۾ بدلايون.


ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

ٻہ اکر

پيارا ٻارو! علم جي ڄاڻ هر ننڍي وڏي جي لاءِ ضروري آهي، علم هڪ اٿاھہ سمنڊ آهي، جنھن مان ڪي ٿورو بہ ڪمائتو جيڪڏهن ڪنھن کي نصيب ٿيئي ٿو تہ هُو خوشنصيبن ۾ شمار ٿيئي ٿو، پياري نبيءَ صہ جو فرمان آهي تہ، ” علم اختيار ڪرڻ جو رستو جنت جو رستو اختيار ڪرڻ آهي“ ۽ اهو بہ فرمايو اٿن تہ، ” علم هڪ وڏي نعمت ۽ ﷲ تعاليٰ طرفان عطا ڪيل تحفو آهي“
تعليم تي سڀني جو هڪ جيترو حق آهي، چاهي اهو غريب هجي يا امير، ڳوٺ جو هجي يا شھر جو، عورت هجي يا مرد، ننڍو هجي يا وڏو، علم ڪنھن بہ عمر ۾ حاصل ڪرڻ عيب ڪونھي، بلڪہ احسن آهي، پر اها بہ تحقيقت آهي تہ جيڪي ننڍپڻ لاڪون ٻارجي ذهن ۾ ويھندو آهي انھيءَ تي ئي سندس شخصيت جي تعمير ٿيئي ٿي.
اڄ جيڪي بہ وڏا ناليوارا ماڻھو جن پنھنجي حياتيءَ ۾ اهم ڪارناما سرانجام ڏناسي ننڍپڻ کان ئي محنت، شوق ۽ جذبي سان علم حاصل ڪري اڳيان وڌيا، ڪيترائي عالم، اديب ۽ شاعر آهن جن پنھنجي ننڍپڻ ۾ ڪتابن جي مطالعي کي حياتيءَ جو اهم حصو بنايو ۽ ڪيترن هِن ڏِسَ ۾ پنھنجي ايندڙ نسل جي نوجوانن لاءِ پڻ لکيو تہ جيئن اهو سلسلو هلندو رهي روشنيءَ مان روشنيءَ جو سفر قائم رهندو اچي.
ٻالڪ ادب ۾ لکڻ لاءِ ڪي خاص پابنديون نہ هوندي بہ هڪ اهم پابندي اها آهي تہ لکڻ واري کي ٻارن جي تعليم، ذهني سطح، طبي عمر ۽ ماحول مطابق لکڻو هجي ٿو.
ارڙهن سالن جي عمر تائين جي ٻارن لاءِ لکيل ادب ٻالڪ ادب شمار ٿيئي ٿو. ارڙهن سالن جو جوان وڏن لاءِ لکيل ادب کي پڙهڻ ترجيحي طور پسند ڪندو آهي جيڪو صحيح طريقو بہ آهي.
ڇھن ستن سالن جا ٻار سَوِلا ڪتاب خاص طور تصويري يا ننڍي نظم يا شعر تي مشتمل ۾ دلچسپي وٺندا آهن، اٺن سالن کان ٻارهن سالن تائين جي ٻار جي لاءِ لکيل ادب آکاڻين ۽ ڪھاڻين تي مشتمل هئڻ سان گڏ هڪ ئي وقت خيالي تہ ساڳئي وقت حقيقي ڳالھين تي بہ مبني هجن ٿا، هن عمر ۾ ٻار ذميدار ٿيڻ شروع ٿين ٿا، اسڪولن ۾ تعليم سان گڏ غير نصابي سرگرمين ۾ پڻ حصو وٺندڙ هجن ٿا تہ گهرو ڪم ڪار ۽ ڪٽنب سان بہ لھہ وچڙ ۾ اچن ٿا، هيءَ عمر سندن لاءِ آس پاس جي ماڻھن جي ڪردار کي ڏسڻ تہ پنھنجي ڪردار جي تشڪيل تي ڌيان ڏيڻ جي آهي، هيءَ سکڻ ۽ سمجهڻ جي هڪ بھترين عمر آهي هن عمر ۾ ٻارڙن جي لاءِ حقيقي ڪھاڻين جي گهڻي ضرورت آهي، ٻارهن کان مٿي عمر يعني ارڙهن سالن تائين پھچندڙ ٻار هڪ سٺي شھري ۽ گهر ڀاتي ٿيڻ جي لاءِ تيار ٿيندڙ هجي ٿو. هو زماني جي حقيقتن کي سمجهڻ ۽ سچ ۽ ڪوڙ، خراب ۽ سٺي جي فرق کي سمجهڻ جي شعوري واٽ ڏي هلڻ لاءِ تيار ٿيندڙ هجي ٿو، جنھن لاءِ کيس تعليم سان گڏ ادب جي سمجهہ ڏيڻ ۽ پڙهڻ لاءِ تيار ڪرڻ ضروري آهي، جو هيءُ وقت سندس شخصيت، مزاج، عادتن، اٿي ويٺي ۽ ڪردار جي جوڙجڪ جو آهي، هن دور ۾ کيس شاعري، اخلاقي ادب، دين، ڪٽنب ۽ قبيلي جي اهميت ۽ ان بابت هدايت جي ضرورت آهي، جنھن لاءِ کيس هڪ وڏي معلومات ڏيڻ گهرجي.
پيارا ٻارو ڪتاب وڏي سوغات آهي، انھن جو هڪٻئي کي تحفي طور ۾ ڏيڻ پڻ تعليم يافتہ هئڻ جو هڪ لحاظ کان شڪرانو آهي، ڪتاب جي وڏي عمر هجي ٿي ماڻھوءَ جي طبعي عمر انھيءَ کان گهڻو گهٽ آهي، ماڻھوءَ جي مري وڃڻ کان پوءِ سندس ڪتاب ئي کيس زنده رکن ٿا ٻي ڳالھہ تہ ڪتاب پڙهڻ سان ماڻھوءَ جو شعور وڌي ٿو ۽ جيڪڏهن پوءِ اهو پڙهندڙ ليکڪ ٿو ٿي وڃي تہ پوءِ هُو اهو حاصل ڪيل شعور ۽ مطالعي مان پرايل سگهہ پڙهندڙن تائين پھچائي ٿو، انھيءَ ڪري توهان جي لاءِ صلاح آهي تہ پنھنجي مطالعي کي وڌايو ۽ وقت ڪڍي ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن موضوع تي لکڻ لاءِ بہ ڪوشش ڪريو ۽ ان کي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپايو، جيڪڏهن توهان جون لکڻيون معياري هونديون تہ انھن کي جڳھہ ضرور ملندي پنھنجو لکيل ڇپيل صورت ۾ ڏسي توهان جو اُتساھہ وڌندو، اهڙيءَ ريت اڳتي هلي توهان ٻالڪ ادب جا ليکڪ ٿي ويندا، يقين ڄاڻو تہ انھيءَ ننڍپڻ جي لکڻ جي شوق کي جي توهان جاري رکيو تہ پوءِ ڪير بہ توهان کي وڏو اديب ٿيڻ کان روڪي نٿو سگهي، توهان ڏسندا تہ اسان جي ڪيترن ئي وڏن اديبن ننڍپڻ کان ئي مطالعي جو شوق رکيو ۽ ننڍيءَ عمر کان لکڻ شروع ڪيو، وڏن وڏن ليکڪن جي سالن جي محنت ۽ نور نچويل پورهئي کان پوءِ ڪتاب توهان جي هٿن ۾ اچن ٿا.
ڏسو! جڏهن توهين ڪنھن ليکڪ جو ڪتاب پڙهو ٿا تہ ڄڻ ان سان شريڪ حال آهيو، اهي ڪتاب توهان کي حال کان باخبر، ماضيءَ کان روشناس ڪرائيندڙ ۽ مستقبل جي لاءِ اُتساهيندڙ هجن ٿا، ٻالڪ ادب جا سٺا ڪتاب نہ فقط توهان جي ذهني صلاحيتن کي وڌائيندا پر روحاني طور مضبوط ڪندا، زماني سان گڏوگڏ هلڻ سيکاريندا، وقت جي تقاضائن جو ادراڪ ڏيندا، پارا ٻارو! ڪتاب وفادار ساٿي آهن، حياتيءَ ۾ ڪڏهن بہ دوکو نہ ڏيندا، توهان جي خيالن م هڪمنائي پيدا ٿيندي، خيال جي طاقت ايٽم بم جي طاقت کان بہ وڌيڪ طاقتور آهي، جيڪڏهن خيال تعميري آهن تہ انسان وڏين اوچاين تي پھچي سگهي ٿو. ارادي جي پڪي هئڻ ڪري سندس عمل جي قوت وڌي ٿي، اهو ڄاڻي ڇڏيو تہ جنھن ڏينھن توهان ڪجهہ نہ پڙهيو تہ ڄڻ توهان سڄو ڏينھن ضايع ڪيو.
آئون هتي توهان کي پنھنجي باري ۾ ٻڌائيندي هلان مون ٽئي درجي کان ٻالڪ ادب پڙهڻ شروع ڪيو ويندي انٽر ميڊئيٽ تائين بہ مون کي ٻارن جا ڪتاب تمام گهڻو پسند ايندا هئا، اهي رسالا ۽ اخبارون بہ خاص گهرائيندي هيس جن ۾ ٻارن جي لاءِ ڪھاڻيون ۽ شاعري ۽ ٻيو مواد هوندو هو.
ٻالڪ ادب جي انھيءَ لاڳيتي مطالعي مون کي لکڻ جي همٿ ڏني ۽ مون 1973ع ۾ پھريون دفعو پنھنجي لکڻي کي ”هلال پاڪستان، اخبار معرفت شايع ڪرايو، جا هڪ ڪھاڻي /افسانو هو پر پوءِ آهستي آهستي مضمون ۽ ٻيو مواد لکندي رهيس، اڄ! الحمد ﷲ پنجاھہ سالن جو عرصو مون کي لکندي ٿيو آهي، ٽيھارو کن ڪتاب ڇپجي چڪا آهن تہ ايترائي تڪميل جي مرحلن ۾ آهن، سوين مضمون، مقالا، ڪالم، ڪھاڻيون لکيم پر مون کي وڏي خوشي ٻارن لاءِ لکندي ملي آهي، اهو سڀ توهان جي ڏنل موٽ ڪري ٿيو آهي، منھنجي ڪتابن ”اخلاقي قدر“ (مضمون-ٽي ڇاپا)، ”ٽي تحفا“ (ٻالڪ ڪھاڻيون)، ”شرارتي جن“ (ٻالڪ ڪھاڻيون)، ”پوپٽ ۽ گلاب“ (ٻالڪ ڪھاڻيون)، ”ثاقب جي آئيسڪريم“ (ٻالڪ ڪھاڻيون)، ”شھزادي ماھہ نور“ (ٻالڪ ڪھاڻيون)، ”سھڻا سخن“ (قول، چوڻيون، ٻارن لاءِ)، ”انوکو رازو“ (ٻالڪ ڪھاڻيون)، ”سائنسي ميلو، (ٻالڪ ڪھاڻيون)، ”امر انسان“ (مضمون) جي بي مثال ڪاميابيءَ کانپوءِ هي معلوماتي ڪتاب توهان جي لاءِ پيش ڪري رهي آهيان.
آئون خاص طور نون کان ارڙهن سالن تائين جي ٻارن لاءِ لکندڙ رهي آهيان هيءُ ڪتاب ”معلومات جو خزانو“ مون خاص انھيءَ لاءِ تيار ڪيو آهي، ٻالڪ ادب ۾ هن قسم جي ڪتاب جي کوٽ ڏٺم ۽ ٻيو چاهيم تہ منھنجي سونھاريءَ سنڌ جي ٻارن کي دين، دنيا، پنھنجي ملڪ پاڪستان ۽ خاص سنڌ صوبي، سنڌي ٻولي ۽ ادب بابت ضروري معلومات ڏيان، اميد تہ پسند ايندو.

ڊاڪٽر پروين موسيٰ
رابطو: 03332766564

باب پھريون: دين جي معلومات

 قرآن پاڪ ﷲ تعاليٰ جي طرفان موڪليل الھامي ڪتابن ۾ آخري ڪتاب آهي
 قرآن پاڪ وحيءَ جي صورت ۾ حضرت جبرائيل عليہ السلام معرفت پياري نبيءَ حضرت محمد مصطفيٰﷺ تي 23 سالن ۾ نازل ٿيو.
 قرآن پاڪ عربي زبان ۾ نازل ٿيو.
 پھرين نازل ٿيل سورة، سورة ”علق“ ۽ پھريون لفظ”اقراء“ معنيٰ ’پڙھہ‘ آهي.
 قرآن پاڪ ۾ ڪل 88 مڪي سورتون ۽ 26 مدني سورتون آهن.
 قرآن پاڪ ۾ 114 سورتون، ٽيھہ سيپارا، ست منزلون، 14 سجدا ۽ 540 رڪوع آهن.
 قرآن پاڪ جا ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجما موجود آهن.
 سورة البقرہ قرآن جي وڏي ۾ وڏي سورة اڍائي سيپارن جي آهي.
 سورة ”الڪوثر“ سڀني سورتن ۾ ننڍي سورة ٽن آيتن جي آهي.
 قرآن پاڪ جو پڙهڻ، ياد ڪرڻ ۽ ان جي حڪمن تي عمل ڪرڻ احسن عمل آهي.
 سورة ”فاتحہ“ قرآن پاڪ جي اها سورة آهي جنھن جي تلاوت هر نماز ۾ فرض آهي، سورة ”فاتحہ“ جو ٻيو نالو” سورة الشڪر“آهي.
 يسٰ شريف جي سورة کي قرآن شريف جو دل سڏيو ويو آهي.
 سورة الرحمٰن کي ”عروس القرآن“ چيو وڃي ٿو.
 قرآن شريف ۾ نماز جي سڀ کان گهڻي تاڪيد ڪيل آهي جا تقريبن ست سئو دفعا آهي
 جنھن ماڻھوءَ قرآن پاڪ پڙهي ياد ڪيو ۽ ان جي تلاوت کي قائم رکيو ان جي والدين کي قيامت جي ڏينھن تاج پھرايو ويندو.
 قرآن پاڪ ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ هنڌن تي خيرات جو ذڪر آهي.
 قرآن پاڪ جي هر هڪ حرف جي پڙهڻ جون ڏھہ نيڪيون آهن.
 قرآن پاڪ رمضان شريف جي مھيني ۾ نازل ٿيو.
 قرآن جي نازل ٿيڻ جو ذڪر سورة القدر (ٽيھون سيپارو) ۾ آهي.
 جنھن رات قرآن پاڪ نازل ٿيو ان رات کي ”ليلة القدر“ چوندا آهن، جا هڪ هزار راتين کان ڀلاري رات آهي.
 سورة ”الڪھف“ لاءِ چيو وڃي ٿو تہ جمع جي ڏينھن پڙهڻ خاص برڪت جو موجب آهي.
 قرآن پاڪ کي آهستي ۽ صحيح طريقي سان پڙهڻ جي هدايت سورة المزمل ۾ آهي.
 قرآن پاڪ ۾ ڄاڻايل آهي تہ هن پاڪ ڪتاب کي پاڪائيءَ کان سواءِ هٿ نہ لڳايو.
 رمضان پاڪ ۾ قرآن پاڪ سڀ کان گهڻو پڙهيو وڃي ٿو. گهرن توڻي مسجدن ۽ مدرسن ۾ قرآن جا دور پڄايا وڃن ٿا.
 مڪي شريف ۾ آخري نازل ٿيندڙ سورة ” سورة الطففين“ آهي.
 قارون جو واقعو سورة”القصص“ ۾ بيان ٿيل آهي.
 سورة ”الاَنبيا“ ۾ نبين سڳورن جا قصا ۽ واقعا سندن گهريل دعائون بيان ڪيل آهن.
 قرآن پاڪ جو پھريون ڪاتب حضرت خالد بن سعيد العاص آهي
 ”سيپارو“ فارسي زبان جو لفظ آهي.
 ستن آسمانن جي مٿان آخري ڇيڙي تي ٻٻر جو وڻ آهي جنھن مقام کي ”سدرة المنتھيٰ“ سڏجي ٿو.
 سورة ”نمل“ ۾ ماڪوڙيءَ جو ذڪر آهي جنھن جو آواز حضرت سليمان پري کان ٽن ميلن کان ٻڌو.
 دين اسلام جا پنج رڪن آهن.
 پھريون ڪلمو طيب جنھن کي پڙهڻ سان ماڻھو دين اسلام ۾ داخل ٿيئي ٿو، ٻيو نمبر نماز، ٽيون روزو، چوٿون زڪوات ۽ پنجون حج آهن.
 پنج وقت نماز هر مسلمان تي فرض آهي.
 رسول پاڪ جو فرمان آهي تہ ”نماز جنت جي ڪنجي آهي“.
 پنج نمازون، فجر، ظھر، عصر، مغرب ۽ عشا آهن.
 ان کانسواءِ نفل نمازن ۾ ”تھجد“ نماز جي وڏي فضيلت آهي جا فجر کان اڳ رات جي اڌ حصي بعد پڙهي وڃي ٿي.
 تھجد ۾ چار کان اٺ رڪعتون پڙهيون وڃن ٿيون. وڌيڪ بہ پڙهي سگهجن ٿيون.
 تھجد نماز دعا جي قبوليت جو ذريعو مڃي وڃي ٿي.
 ”استسقا“ نماز، برسات نہ ٿيڻ جي صورت ۾ پڙهي ويندي آهي جنھن ۾ توبہ استغفار کان پوءِ برسات لاءِ دُعا گهري ويندي آهي.
 انھيءَ کانسواءِ نفل نمازن ۾ ”اوابين“، ”اشراق“، ” چاشت“ پڙهيون وڃن ٿيون. هر مسلمان جي موت بعد دفن ڪرڻ کان اڳ جنازي نماز پڙهي ويندي آهي.
 نماز عبادت سان گڏ هلڪي ورزش جو مڪمل نظام آهي، جنھن سان ڪنڌ، ڪلھا، پُٺا، ٻانھون، چيلھہ ۽ ٻين عضون جي ورزش ٿئي ٿي، اکين جي نظر وڌي ٿي، چيلھہ مضبوط ٿئي ٿي، دل ۽ دماغ کي قوت ملي ٿي.
 نماز دين جو ٿنڀو آهي جا هر بالغ مسلمان تي فرض آهي. نماز ڪڏهن بہ معاف نٿي ٿيئي مجبوريءَ ۾ قضا نماز پڙهڻ بہ لازم آهي. قبر ۾ نماز جو پڇاڻو ٿيندو.
 حضرت امام حسين﷦ شھادت کان اڳ عصر نماز ادا ڪئي سندن سِر مبارڪ سجدي ۾ شھيد ڪيو ويو.
 مسجد ”قبا“ اسلام جي سڀ کان پھرين مسجد آهي جنھن جي تعمير رسول پاڪ جن ڪرائي.
 نماز کان پوءِ ٽيون رُڪن روزو آهي.
 سال ۾ هڪ دفعو رمضان جي مھيني ۾ ٽيھہ روزا هر بالغ مسلمان مرد توڻي عورت تي فرض مقرر آهن.
 جيڪڏهن ڪو بيمار آهي تہ ان کي اهو روزو اڳيان هلي قضا ڪرڻو آهي، جيڪڏهن بلڪل بيماريءَ سبب نٿو رکي سگهي تہ کيس ڪنھن بہ مسلمان روزيدار کي پنھنجي روزن جو فديو (مقرر پئسا يا اناج) ڏيڻو آهي.
 روزو صبر، ايمان ۽ استقامت جو امتحان آهي.
 ﷲ تعاليٰ روزي کي فقط پنھنجي لاءِ خاص عبادت طور وقف ڪيو آهي، جنھن جو اجر روزي دار کي بهشت جي صورت ۾ ملندو.
 روزن کان پوءِ ﷲ تعاليٰ شوال جي چنڊ ڏسڻ بعد ”عيد الفطر“ خوشي ۽ انعام جو ڏينھن مقرر ڪيو آهي.
 عيد الفطر جو صدقو ”فطرو“ سن 2 هجريءَ ۾ واجب ٿيو.
 عيد نماز کان اڳ غريب مستحقين کي رقم يا اناج جي صورت ۾ فطرو ادا ڪرڻو آهي.
 چوٿون رڪن زڪواة تمام اهميت جو حامل آهي. امير کي امير ترين ۽ غريب کي غريب ترين ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ اسلام ۾ زڪواة مالي نظام جي بھتريءَ لاءِ مقرر ڪئي وئي.
 ساڍا ست تولا سون ۽ ايتري ئي نصاب جي چانديءَ جي قيمت ۽ نقد رقم تي اڍائي سيڪڙو زڪواة مقرر آهي.
 زڪواة ڏيڻ سان مال پاڪ ٿيئي ٿو.
 قرآن پاڪ ۾ اڪثر هنڌن تي ” اقيموالصلواة وآتو الزڪواة“ معنيٰ، ”نماز قائم ڪريو ۽ زڪواة ڏيو“ جو ذڪر آيل آهي.
 پنجون رڪن ”حج“ ادا ڪرڻ آهي هر استطاعت معنيٰ مالي طور خرچ جي قوت رکڻ واري مسلمان تي حياتيءَ ۾ هڪ دفعو حج ادا ڪرڻ جو فرض مقرر ڪيو ويو آهي.
 9 هجريءَ ۾ حج فرض ٿيو.
 سعودي عرب ۾ عرفات ۽ منيٰ جي وچ ۾ هڪ هنڌ آهي. جنھن کي مزدلفہ چوندا آهن.
 حج اداڪرڻ لاءِ عرفات جي ميدان ۾ حج جو خطبو ٻڌڻ کانپوءِ حاجين جي لاءِ مزدلفہ ۾ قيام ڪرڻ ضروري آهي.
 حج جا پنج ڏينھن نائين ذوالحج کان تيرهن تاريخ تائين تمام اهم آهن
 حج جي فرضن ۾ وقوفِ عرفات،حج جو خطبو ٻڌڻ، مزدلفہ ۾ رات گذارڻ ۽ منيٰ ۾ قيام، رمي ڪرڻ، قرباني ڪرڻ ۽ طوافِ وداع آهن.
 حج ادا ڪرڻ کان اڳ ” طوافِ زيارہ“ ادا ڪبو آهي.
 جمعي جي ڏينھن ادا ٿيندڙ حج کي ”حج اڪبر“ چيو وڃي ٿو.
 حضرت محمد مصطفيٰﷺ جن آخري نبي آهن سندن جنم 11 اپريل سن 571 عيسوي ۾ ٿيو.
 رسول پاڪﷺ جي والدہ جو نالو بيبي آمنہ ۽ والد جو حضرت عبدﷲ هو ۽ ڏاڏي جو نالو حضرت عبدالمطلب هو.
 پاڻ قريش خاندان ۾ مڪي شريف ۾ پيدا ٿيا.
 پاڻ ڪريم جن ڄمڻ کان اڳ ۾ئي يتيم ٿي ويا کين سندن ڏاڏي حضرت عبدالمطلب پاليو ۽ پوءِ ڏاڏي جي وفات کانپوءِ چاچي حضرت ابوطالب کين سنڀاليو.
 بيبي حليمہ سعديہ سندن رضاعي ماءُ هئي جنھن کين کير پياريو ۽ پرورش ڪئي.
 بيبي حليمہ جا ٽي ٻار عبدﷲ، انيسا ۽ شيما هئا، جي سندن ٿڃ شريڪ ڀاءُ ۽ ڀينرون هئا.
 پاڻ ننڍپڻ کان سچار، امين ٿورو ڳالھائو هئا.
 غارِ حرا ۾ عبادت لاءِ ويندا هئا. جتي مٿن ﷲ تعاليٰ طرفان پھرين وحي نازل ٿي، وحي لفظ جي معنيٰ آهي ”اشارو ڪرڻ“.
 وڏن ۾ حضرت ابوبڪر مٿن سڀ کان پھرين ايمان آندو.
 عورتن ۾ حضرت خديجہ رضہ سندن بي بيءَ پھرين ايمان آندو.
 حضرت علي﷦ سندن سوٽ پھريون ٻار هو جنھن ننڍپڻ ۾ ئي ايمان آڻي اسلام قبول ڪيو.
 حضرت خديجہرضہ هڪ سلڇڻي، نيڪ ۽ مالدار بيبي هئي.
 رسول پاڪ جن کي چار نياڻين ۽ ٻن پٽن جو اولاد ٿيو.
 پٽ ننڍيءَ عمر ۾ وفات ڪري ويا.
 نياڻين ۾ بي بي زينبرضہ، بي بي رقيھرضہ، بي بي اُمِّ ڪلثومرضہ ۽ بي بي فاطمہ رضہ هيون.
 حضرت بيبي فاطمہ رضہ سندن سڀني ڌيئرن ۾ پياري نياڻي هئي جنھن جي شادي حضرت علي﷦ سان ڪيائون.
 حضرت امام حسن﷦ ۽ حضرت امام حسين﷦بي بي فاطمہ رضہ ۽ حضرت علي﷦ جو اولاد آهن.
 حضرت امام حسين﷦ جي شھادت جو ڪربلا جو واقعو اسلام جي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو شجاعت ۽ سچ جي راھہ جو واقعو شمار ٿيئي ٿو.
 حضرت امام حسين﷦ ﷲ تعاليٰ جي راھہ ۾ پنھنجي ناني حضرت محمدﷺ جي ڏنل دين اسلام کي قائم رکڻ لاءِ ڪافر يزيد سان جنگ جوٽي، ڏهين محرم تي جان جي قرباني ڏيئي اسلام کي قائم رکيو. سندن ياد ۾ ڏهين محرم جو ڏينھن عقيدت ۽ احترام سان ملھايو وڃي ٿو.
 ”اُمھات المومنين“ مان مطلب مومنن جون مائرون، اهي پياري نبي پاڪصہ جن جو گهرواريون آهن، جن کي اُمت جون مائرون سڏيو ويو آهي
 پاڻ ڪريمصہ جن جي پھرين گهر واري حضرت خديجہرضہ هئي، حضرت ميمونہ سان سندن آخري نڪاح هو تڏهن سندن عمر مبارڪ 59 سال هئي.
 پياري نبيءَ جي فرمانن کي حديث جو علم چيو وڃي ٿو.
 حديثن جا ڇھہ اهم ڪتاب مستند مڃيل آهن.
 1.صحيح بخاري، 2. صحيح مسلم، 3. سنن ابي ماجه، 4.سنن ابي دائود، 5. جامع ترمذي، 6. جامع سنائي انھن ڪتابن کي گڏي ”صحاح سته“ چيو وڃي ٿو.
 حديث جو علم رسول پاڪﷺ جي فرمايل ڳالھين، حڪمن ۽ قولن تي مشتمل آهي
 قرآن پاڪ ۽ حديث/سنت جي رستي هلڻ سان دين اسلام قائم ٿيندو.
 سيرتِ طيبہ جي معنيٰ آهي طريقو يا عادت ۽ طيبہ جي معنيٰ آهي پاڪ مطلب تہ نبي پاڪ صہ جي پاڪ عادتن ۽ طريقن کي ”سيرت طيبہ“ سڏجي ٿو.
 رسول پاڪﷺ جن ڪافرن جي ڏنل تڪليفن سبب ﷲ جي حڪم سان مڪي کان مديني ڏانھن هجرت ڪئي هجري سال جي شروعات تڏهن کان ٿيئي ٿي.
 سن 10 هجري تي مسلمانن مڪو فتح ڪري پياري نبيﷺ جي قيادت ۾ حج جو فرض ادا ڪيو.
 رسول پاڪﷺ جن حج ادا ڪرڻ کانپوءِ مديني پاڪ ويا جتي پوءِ ٿوري وقت کانپوءِ سندن وفات ٿي.
 پياري نبي پاڪﷺ جو روضو مبارڪ مديني پاڪ ۾ آهي.
 حضرت عائشہ صديقہ رضہ حضرت ابوبڪر﷦جي نياڻي رسول پاڪﷺ جن جي سڀ کان آخري گهر واري هئي.
 حضرت عائشہ رضہ قرآن پاڪ جي پھرين حافظياڻي عورت شمار ٿيئي ٿي. سندن نالي تي مڪي جي ويجهو ”عائشہ مسجد“ آهي، جنھن کي ميقات جو درجو حاصل آهي حاجي اتان احرام پائي نفل پڙهي مڪي ۾ اچي عمرو ادا ڪري سگهن ٿا.
 حضرت عائشہ رضہ کي اسلام جي پھرين عالمہ هئڻ جو درجو حاصل آهي.
 بيبي عائشہ جي گواهيءَ ۾ سورة النور ۾ ارڙهن آيتون نازل ٿيون، امڙ عائشہ صديقہ رضہ پاڻ ڪريمصہ جن سان ساڍا نو سال گڏ گذاريا، بيبي عائشہ جي وفات 70 سالن جي عمر ۾ ٿي.
 رسول پاڪصہ جن کانپوءِ حضرت ابوبڪر صديقرضہ، حضرت عمر فاروقرضہ، حضرت عثمان رضہ، حضرت عليرضہ جن خلافت ڪئي.
 حضرت ابوبڪر صديق جي خلافت جو دور تقريبن سوا ٻہ سال هو.
 حضرت ابوبڪر جا لقب ”عتيق“ ۽ ”صديق“ مشھور آهن. کين ”يارِ غار“ بہ سڏيو ويندو آهي جو ”غارِ ثور“ ۾ پاڻ ڪريم جن سان گڏ هئا.
 حضرت ابوبڪر پنھنجي حڪومت جي دور ۾ ڪوڙن نبين جي دعويدارن خلاف قدم کنيا ۽ زڪواة نہ ڪڍندڙن خلاف جھاد ڪيو.
 پاڻ رسول پاڪصہ جن جي ڀر ۾ مديني پاڪ ۾ مدفون آهن.
 حضرت عمررضہ جو لقب ” فاروق“ هو. فاروق جي معنيٰ حق ۽ باطل ۾ فرق ڪرڻ وارو آهي.
 ٻانگ جي آواز سان مسلمانن کي نماز تي سڏڻ جي صلاح حضرت عمر فاروق ڏني هئي.
 اسلام جي دين پکيڙڻ ۾ هن تمام وڏو ڪم ڪيو سندن دور ۾ ڪيترائي ملڪ فتح ٿيا.
 28 ذوالحج 24 هجريءَ تي مسجد ۾ زهر ۾ ٻڏل تلوار سان مٿن حملو ٿيو جنھن سبب وفات ڪيائون.
 حضرت عمر فاروقرضہ جي خواهش تي کين رسول پاڪصہ ۽ حضرت ابوبڪررضہ جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو آهي.
 حضرت عثمان بن عفان جو نالو” عثمان“ لقب ”غني“ ۽ ”ذوالنورين“ هو.
 رسول پاڪصہ جون ٻہ نياڻيون اُمِ ڪلثومرضہ ۽ بي بي رقيھرضہ سندن نڪاح ۾ هيون جنھن ڪري ”ذوالنورين“ سڏيا ويا.
 حضرت عثمان نرم مزاج ۽ عبادت گذار هو سڄو ڏينھن قرآن پاڪ جي تلات ۽ عبادت ۾ بسر ڪندڙ هو، ڏھہ سال خلافت ڪيائين.
 عثمانرضہ جي وقت ۾ ڪجهہ ملڪ فتح ٿيا اسلام جو دائرو وڌيو پر بغاوتون پڻ ٿيون ملڪ ۾ خارجي منافقن سازش ڪري کين روزي جي حالت ۾ قرآن پاڪ پڙهندي شھيد ڪيو.
 18 ذوالحج 35 هجري 656ع تي حضرت عثمانرضہ جي شھادت ٿي.
 هن حليم ۽ سخي خليفي جو وڏو ڪارنامو قرآن پاڪ جا صحيح نسخا تيار ڪرائي غلط متن وارن نسخن کي ساڙائڻ هو جنھن ڪري اڄ تائين حضرت عثمان جي خلافت واري دور جي صحيح نسخن مٿان ٻيا قرآن پاڪ تيار ٿين ٿا.
 حضرت علي ڪرم ﷲ وجھہ چوٿون خليفو مقرر ٿيو، سندن لقب ”اسد ﷲ (ﷲ جو شينھن) ”ابو الحسن“ (حسن جو پيءُ) هئا.
 حضرت عليرضہ جي شادي بي بي فاطمہ رضہ سان ٿي، پاڻ ”بدر“، ”احد“، ”خندق“ ۽ ”خيبر“ جي جنگين ۽ ٻين معرڪن ۾ رسول پاڪﷺ سان گڏ رهيا. کين ”فاتح خيبر“ سڏيو وڃي ٿو.
 حضرت عليرضہ جي دور ۾ منافقين جو زور وڌي ويو خارجين بغاوتون ڪيون.
 عبدالرحمان بن ملجم زهر ٻڏل تلوار سان کين مسجد شريف ۾ رمضان المبارڪ ۾ حملو ڪري زخمي ڪيو. 21 رمضان تي سندن شھادت ٿي.
 حضرت علي﷦ جي شھادت مھل عمر 63 سال هئي.
 حضرت بي بي فاطمہ رضہ رسول پاڪ جي ننڍي نياڻيءَ جي ويھين جمادي الاَول جمعي جي ڏينھن ولادت ٿي.
 پاڻ ستن سالن جي هئي تہ والدہ فوت ٿي وئي. سندن شادي حضرت علي﷦ سان پندرهن سالن جي عمر ۾ ٿي.
 پاڻ تمام سخاوت واري هئي جيڪي بہ گهر ۾ هوندو هو ﷲ جي راھہ ۾ ڏيندڙ هئي.
 حضرت علي﷦ جي گهر ڪو بہ خادم يا خادما ڪونہ هئا. پاڻ سڄو گهر جو ڪم پنھنجي هٿن سان ڪندي زباني قرآن پاڪ جو ورد ڪندڙ هئي.
 رسول پاڪﷺ، حضرت عليرضہ، بي بي فاطمہ رضہ، حضرت حسنرضہ، حضرت حسينرضہ جن کي ”پنجتن پاڪ“ سڏيو وڃي ٿو. هڪ دفعي ﷲ جي رسول پنھنجي چادر هيٺ انھن سڀني کي گڏ ڪري دُعا گهري تہ ”اي ﷲ هنن منھنجي گهر وارن کي نھايت پاڪ بنائي“.
 13 رمضان المبارڪ سن 11 هجري اڱاري جي ڏينھن بي بي فاطمہ سلام ﷲ عليھا جي وفات ٿي.
 حضرت حسن عليہ السلام 3 ھہ تي پيدا ٿيا.
 رسول پاڪﷺ جن سان شڪل صورت ۽ عادتن ۾ مشابھت رکندڙ هئا.
 حضرت علي جي شھادت کانپوءِ پاڻ مسلمانن جي زور ڀرڻ تي خليفا ٿيا. سندن خلافت جو عرصو ڇھہ مھينا رهيو. پاڻ حليم، سخي ۽ صابر هئا.
 ”خلافتِ راشدہ“ يعني سچي پيرويءَ واري خلافت جو دور حضرت حسن﷦ جي خلافت کان پوءِ ختم ٿيو.
 12 ربيع الاول سنہ 49 هجريءَ تي کين زهر ڏنو ويو.
 پاڻ جنت البقيع ۾ پنھنجي والدہ حضرت بي بي فاطمہ رضہ جي پاسي ۾ مدفون آهن.
 امام حسن﷦ کانپوءِ امير معاويہ حڪمران ٿيو جنھن جي خلافت ۾ بادشاهي نمونو بہ هلندڙ هو ان دور کي ”خلافتِ ملوڪيت“ سڏيو ويو آهي.
 حضرت امام حسين﷦ ماءُ جي وفات وقت بلڪل ننڍيءَ عمر جو هو.
 حضرت علي﷦ پنھنجي صاحبزادن جي تعليم ۽ تربيت جو مڪمل خيال ڪيو ان ڪري سندن اولاد سچار، بھادر ۽ نيڪ وصفن وارو ٿيو.
 حضرت امام حسين﷦باانصاف، بھادر باغيرت ۽ اعليٰ درجي جو انسان هو.
 کين خلافت جي ڪا بہ لالچ ڪونہ هئي پر يزيد جھڙي بدڪار انسان جي هٿ تي بيعت ڪري اسلام کي هيٺ ڪرڻ نٿي چاهيائون.
 يزيد کين بيعت جي لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر سندن انڪار تي دوکي سان کين گهرائي ڪربلا جي ميدان ۾ فرات نديءَ ڪناري اهل و عيال سان شھيد ڪيائين.
 پاڻ بک ۽ اڃ ۾ پاھہ ٿي جنگ ڪندي ڪيترن ڪافرن کي ڪيرائي 10 محرم الحرام تي عصر جي نماز جي وقت شھادت حاصل ڪيائون.
 حضرت بلال بن رباح حبشي خاندان جو غلام هو سندس پيدائش مڪي مڪرمہ ۾ ٿي.
 حضرت بلال اسلام قبول ڪري ڪافرن جون گهڻيون تڪليفون برداشت ڪيون.
 حضرت ابوبڪر رضہ کين وڏيءَ قيمت تي خريد ڪري آزاد ڪيو.
 اسلام جي بي انتھا پياري مؤذن/ٻانگي طور سندن نالو مشھور آهي. سندن حياتيءَ جو وڏو عرصو پياري نبيءَ جي خدمت ۾ گذريو.
 حضرت بلال رضہ جي ٻانگ جو آواز ٻڌڻ لاءِ ماڻھو ۽ ملائيڪ بيتاب هوندا هئا. مديني منورہ ۾ سندن ٻانگ تي ماڻھو زاروزار روئيندا مسجد نبويءَ ۾ داخل ٿيندا هئا.
 هڪ مرد مجاهد طور هن غلام جي شجاعت اعليٰ درجي جي هئي سمورن جنگين ۾ شامل رهيا ۽ مڪي پاڪ فتح مھل خدا پاڪ جي رسول پاڪصہ سان گڏ مڪي شھر ۾ فاتح جي حيثيت ۾ داخل ٿيا.
 قريش جي شاخ بنو اميہ سان تعلق رکندڙ حضرت عمر بن عبدالعزيز وڏو عالم سخي، بھادر ۽ نيڪ شخص هو. هُو 25 سال مديني منورہ ۾ گورنر مقرر رهيو.
 اسلام جو سڀ کان ننڍو سپھہ سالار حضرت اُسامه بن زيد هو.
 ننڍيءَ عمر جي هڪ ٻئي مشھور سپھہ سالار محمد بن قاسم جنھن سترهن سالن جي عمر ۾ سنڌ کي حاصل ڪيو جو اصل نالو عماد الدين آهي.
 ”سَيفَ ﷲ“ جو لقب مشھور جرنيل طارق بن زياد کي مليو” سيف ﷲ“ جي معنيٰ ﷲ جي تلوار
 عالمن، شھيدن ﷲ جي ولين ۽ متقي ۽ پرهيزگارن سان زمين جي زينت قائم آهي ۽ آسمان جي زينت، عرش الاهي، ڪرسي، جنت ۽ ملائڪ آهن ۽ نفس جي زينت وضو، نماز، روزو ۽ حج آهن.
 حضرت ابراهيم عليہ السلام ﷲ جو پيارو پيغمبر شروع کان بت پرستيءَ خلاف هو ۽ پنھنجي والد کي پڻ روڪيائين ڪافرن کين باھہ ۾ وڌو، ﷲ جي حڪم سان اها باھہ ٿڌي ٿي وئي.
 حضرت ابراهيم جا ٻہ فرزند حضرت اسحاق عليہ السلام ۽ حضرت اسماعيل عليہ السلام نبي هئا.
 حضرت يونس عہ نينوا جي وستيءَ ۾ نبي ٿيو.
 حضرت يونس عليہ السلام مڇيءَ جي پيٽ ۾ چاليھہ ڏينھن رهيو ۽ ان کانپوءِ صحيح سلامت ٻاهر نڪتو.
 حضرت يونس جي سمنڊ ۾ گهريل دُعا/ آيت سورة انبيا ۽ سيپاري سترنھن ”اقترب“ ۾ آهي، انھيءَ آيت سڳوريءَ کي ”اسمِ اعظم“ چيو وڃي ٿو.
 آسماني ڪتاب زبور عبراني زبان ۾ نازل ٿيو.
 ”شبِ براد“ جي سڳوري رات پندرهن شعبان تي ٿيندي آهي.
 27 رجب جي رات سڳورين راتين ۾ شمار ٿيئي ٿي، جنھن کي ”شب معراج جي رات“ چوندا آهن.
 رمضان جي آخري ڏهي جي ڏهن راتين ۽ ذوالحج جي پھرين کان ڏهين تاريخ تائين جي ڏهن ڏينھن کي ڀلارو ۽ افضل سڏيو ويو آهي، جن ۾ عبادت جي قبوليت سڀ کان وڌيڪ موجود آهي.
 رمضان شريف کانپوءِ شوال جي مھيني جا ڇھہ نفلي روزا عمومن سنت جي حوالي سان رکيا ويندا آهن جن جو گهڻو ثواب آهي.
 10 محرم عاشوري جي ڏينھن حضرت امام حسين عہ جي ياد ۾ خير خيرات ڪرڻ ۽ عبادت ڪرڻ متحسب آهي.
 حضرت امام زين العابدين جو قول آهي تہ، ” منھنجي بابا يعني حضرت امام حسين﷦مون کي آخري وصيت اها ڪئي تہ هر ان شخص تي ظلم کان ڊڄو جنھن جو ﷲ کان سواءِ ڪو بہ مددگار نہ هجي.“
 اصحابِ صفہ (صفہ وارا ماڻھو) اهي اصحابي آهن جي رسول پاڪﷺ جن سان گڏ ﷲ جي عبادت ۾ صفہ جي چبوتري وٽ مشغول هوندا هئا (صفہ)
 اصحاب الفيل (هاٿين واراماڻھو) يمن جو بادشاھہ ابرھہ هاٿين جو لشڪر کڻي مڪي معظمه ۾ آيو هن جو ارادو ڪعبتہ ﷲ کي (نعوذباﷲ) ڊاهڻ جو هو پر ﷲ تعاليٰ ابابيل پکين جو لشڪر موڪلي کين تباھہ ڪيو، انھن جو ذڪر سورة الفيل ۾ آهي.
 اصحابِ ڪهف (غار واراماڻھو) اهي ست يا نو عيسائي جي ڪافر بادشاھہ دقيا نوس جي خوف کان غار ۾ لڪي سمھي رهيا ۽ تقريبن ٽي سئو سال ننڊ ۾ رهيا انھن سان گڏ ڪتو بہ هو. اهو ذڪر قرآن پاڪ جي سورة ”ڪهف“ ۾ آهي.
 جانورن ۽ پکين جون ٻوليون سمجهندڙ پيغمبر جو نالو حضرت سليمان آهي.
 حضرت دائود عہ کي ﷲ پاڪ ايترو تہ خوبصورت آواز ڏنو هو جو جڏهن هو ”زبور“ کي ترنم سان پڙهندو هو تڏهن زميني ۽ آسماني مخلوق شوق سان سندن آواز ٻڌندا هئا.
 حضرت آدم عليہ السلام جي ٻن مشھور پٽن هابيل ۽ قابيل کان سواءِ سندن ٽيون پٽ سيش عہ نالي هو.
 حضرت ذڪريا حضرت مريم جو ماسڙ (ماسيءَ جو گهر وارو) هو.
 حضرت مريم کي جڏهن سندن والدہ ﷲ تعاليٰ جي حڪم سان ڪعبي جي نذر ڪيو، تڏهن سندن سنڀال حضرت ذڪريا ڪئي.
 قرآن پاڪ ۾ حضرت نوحعہ جي عمر 950 سال ڄاڻايل آهي.
 جن باھہ جي پيدائش آهن ۽ انسان مٽيءَ جي پيدائش آهن.
 البيروني مسلمان سائنسدان جو پورو نالو ابوريحان محمد بن احمد البيروني آهي. هن 9 سيپٽمبر 973ع تي ايران جي هڪ ڳوٺ ۾ جنم ورتو. هن جا ڪيترا ئي ڪتاب آهن جن ۾ ”ڪتاب الھند“ ۽ ”القانون المسعودي“ گهڻا مشھور آهن.
 البيرونيءَ جي قابليت تي هندوستان جي عالمن کيس ”وديا ساگر“ يعني ”علم جو سمنڊ“ جو لقب ڏنو. هو 13 ڊسمبر 1048ع تي فوت ٿيو ۽ ايران ۾ دفن ٿيل آهي.
 امام اعظم ابو حنيفہ رحمة ﷲ جو اصل نالو نعمان بن ثابت آهي. پاڻ عراق جي شھر ڪوفي ۾ پيدا ٿيو.
 شيخ سعدي رحمة ﷲ جو اصل نالو محمد فريد خان آهي. شيخ سعدي تمام وڏو عالم ٿي گذريو، ”حڪاياتِ سعدي“اعليٰ درجي جي تصنيف آهي.
 حضرت داتا گنج بخش جو اصل نالو شيخ علي ۽ سندن والد جو نالو عثمان بن علي آهي.
 داتا گنج بخش پاڪستان جي وڏي شھر لاهور ۾ مد فون آهن.
 حضرت امام حسن بصري (رح) مديني منورہ ۾ پيدا ٿيو. سندن وصال بصري ۾ ٿيو، جنھن ڪري کين بصري چوندا آهن. وفات وقت سندس عمر 89 سال هئي.
 امام حسن بصري اعليٰ درجي جو عالم ،عابد، زاهد ۽ ڪثير العلم امام هو.
 امام حسن بصريءَ جي والدہ خيرہ، ام المومنين حضرت سلمہ (رسول پاڪﷺجن جي گهر واريءَ) جي ڪنيز هئي. ان ڪري سندن ننڍپڻ پياري نبيءَ جي گهر ۾ گذريو.
 حضرت عمر بن عبدالعزيز وڏو مدني عالم، سخي، بھادر ۽ نيڪ گورنر ٿي گذريو، جو مصر جو ويھہ سال گورنر رهيو.
 حضرت امام محمد غزاليءَ جو نالو اسلام جي وڏن عالمن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندن اصل نالو ابو حامد محمد هو.
 امام غزاليءَ جو لقب ”حجة الاِسلام“ آهي پاڻ نيشاپور جي مدرسي ”بيھقيہ“ ۾ سڀني شاگردن ۾ پھريون نمبر ايندو هو.
 امام غزاليءَ ڪيترائي ڪتاب لکيا خاص ”احياء العلوم“ ۽ ”ڪيمياءِ سعادت“ اسلامي قانونن، تھذيب ۽ اخلاق تي اهم ڪتاب آهن.
 ”ڪيمياءِ سعادت“ جو سنڌي ترجمو مرزا قليچ، اٺ سئو صفحن تي ڪيو جو سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي.
 خالد بن يزيد بن معاويہ کي اسلام جو پھريون طبيب، سائنس دان ۽ ڪيميا دان سڏيو ويو آهي. جو بنو اميہ جي خلافت واري دور ۾ هو.
 طب جي انسائيڪلو پيڊيا سڀ کان پھرين محمد زڪريا الرازي ترتيب ڏني.
 محمد بن زڪريا رازي اسلام جو وڏو ڪيميا دان هو هن جا لکيل ڪتاب گهڻا مشھور ٿيا جن ۾ ”حاوي“، ”المنصوري“، ”طب الملوڪي“، ”قلب الفقراء“، ”برء الساعة“ ”وجع مفاصل“، ڪيميا ۽ طب جي موضوعن تي تمام اهميت رکن ٿا.
 عباسي خاندان جي خليفي معتصم باﷲ جون انيڪ وصفون هيون کين ”مثمن“ چوندا آهن، جو عربي لفظ آهي، جنھن جي معنيٰ 8/اَٺَ آهي، ڇو جو هو عباسي خاندان جو اٺون خليفو هو. حضرت عباس﷦جي نسب جي اٺين پيڙهيءَ مان هو. خليفي هارون رشيد جي اولاد ۾ هُو اٺون نمبر هو. 218 ھہ ۾ تخت تي ويٺو. اٺ سال، اٺ مھينا ۽ اٺ ڏينھن خلافت ڪيائين. 48 سالن جي حياتي ٿيس، سندس ستارو عقرب هو جو اٺون نمبر برج آهي.هن اٺ فتوحات ڪيون ۽ اٺن دشمنن کي هلاڪ ڪيو. سندن وفات اٺين بجي ٿي، جنھن ڏينھن ربيع الاول جي اچڻ ۾ اٺ ڏينھن باقي هئا.
 حضرت خواجہ معين الدين چشتيءَ جي هٿان نوي لک غير مسلم مسلمان ٿيا. پاڻ اجمير شريف جي راجا پرٿوي راج کي اسلام جي دعوت ڏنائين جنھن انڪار ڪيو ۽ ساڻن دشمني ڪرڻ لڳو ۽ کين اُتان نڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڪجهہ وقت ۾ پاڻ حضرت خواجہ شھاب الدين غوريءَ کي خواب ۾ زيارت ڪرائي ۽ کيس چيائين تہ ”خراسان مان جلدي هندستان اچ اجميرجي حڪومت تنھنجو انتظار ڪري پئي“. شھاب الدين هڪ لک ويھہ هزار جو لشڪر تيار ڪري پرٿوي راج تي حملو ڪيو ۽ ان ريت هو حڪمران ٿيو ۽ خواجہ معين جي پيش گوئي سچ ثابت ٿي. اڄ خواجہ معين الدين جي روحانيت جي ڪري هندو توڻي مسلم اجمير ۾ سندن روضي تي عقيدت سان حاضري ڀريندا آهن.
 عباسي خليفي هارون رشيد جي والدہ جو نالو خيزران هو.
 اسپين جي ملڪ کي اندلس يا هسپانيہ چوندا آهن.
 هن ملڪ کي بني اميہ جي ڇھين خليفي عبدالملڪ جي دور ۾ مشھور مسلمان سپھہ سالار طارق بن زياد فتح ڪيو.
 طارق جنھن جبل جي ويجهو فوجون لاٿيون اهو انگريزيءَ ۾ (جبرالٽر) جي نالي سان مشھور آهي.
 بني اميہ جي حڪومت جي ختم ٿيڻ کان پوءِ بنو عباسيہ جي دور ۾ شھزادي عبدالرحمان هتي خودمختيار حڪومت قائم ڪئي.
 عبدالرحمان بادشاھہ هتي بي حساب خوبصورت عمارتون تعمير ڪرايون.
 هتي جي مسجد الاقصيٰ، قصرالتاج، شاهي محل ۽ ٻيون عمارتون اڏاوت جي فن جون شاهڪار عمارتون آهن.
 علامہ ابن خلدون جو اصل نالو عبدالرحمان بن محمد هو. هو قرآن، حديث، تاريخ، فلسفي ۽ ادب ۾ ڀڙهو. 732 هجري رمضان جي پھرين روزي تي 1332ع مطابق، اتر آفريڪا جي تيونس شھر ۾ پيدا ٿيو.
 مصر جي وڏي يونيورسٽي ”جامع الازهر“ ۾ درس و تدريس ڪيائين.
 ”مقدمه ابن خلدون“ سندس مشھور تصنيف آهي، جنھن جا ٻہ باب حڪيم فتح محمد سيوهاڻي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا آهن ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ انٽر جي سنڌيءَ جي نصاب ۾ ”ڪمال ۽ زوال“ جي نالي سان سبق طور رکيا آهن.
 سندس ٻين ڪتابن ۾ ”ڪتاب العبر“ پڻ مشھور آهي هن جي ڪتابن جا ڪيترين ٻولين ۾ ترجما ٿيا آهن.

باب ٻيو: دنيا جي معلومات

 هن دنيا جي عمر جو اندازو ڏيڍ ارب سالن کان وڌيڪ آهي.
 سج ڌرتي کان 15 ڪروڙ ڪلوميٽر ڏور آهي.
 سج گرميءَ جي حوالي سان وڏو گرھہ آهي تہ پکيڙ ۾ مشتري وڌيڪ آهي.
 چنڊ جي مٿاڇري تي بي شمار ٻرندڙ جبلن جا منھن ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
 دنيا جو وڏي ۾ وڏو ريگستان آفريڪا ۾ آهي
 سڀ کان ٿڌو علائقو سائبريا آهي تہ گرم ترين جڳھہ عزيزي ريگستان آهي
 دنيا ۾ سڀ کان وڏو اوچائيءَ وارو جبل هماليہ جبل آهي.
 دنيا ۾ سڀ کان گهڻا ٻرندڙ جبل انڊونيشيا ۾ آهن.
 دنيا ۾ ڪي اهڙا نانگن جا قسم آهن جي ٻہ سال کائڻ پيئڻ کان سواءِ زنده رهي سگهن ٿا.
 دنيا جي مشھور ستن عجائبن ۾ ”ديوار چين، جو شمار ٿيئي ٿو، جا بادشاھہ فنشي هونگ تعمير ڪرائي.
 دنيا جي سڀ کان وڏي نھر گرانٽ ڪئنال چين ۾ آهي.
 اٽليءَ جي شھر وينس کي نھرن جو شھر ڏيو وڃي ٿو، جنھن جي اٺن جزيرن وچ ۾ 160 ننڍيون وڏيون نھرون وهن ٿيون جنھن جي ڪري هي دنيا جو خوبصورت شھرن ۾ شمار ٿئي ٿو.
 چين جي ملڪ ۾ هڪ وڏو 250 ايڪڙن تي سولر فارم ٺھيل آهي.
 ترڪي دنيا جو واحد ملڪ آهي جو ٻن کنڊن ايشيا ۽ يورپ جي وچ ۾ آهي.
 چين پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ آهي.
 چين دنيا جو وڏي ۾ وڏو آباديءَ وارو کنڊ آهي.
 چين جي آبھوا صاف آهي، هتي دونھن وارين گاڏين تي سخت پابندي آهي تہ گهڻو سائيڪل جو استعمال آهي.
 1949ع ۾ چين مغربي ملڪن مان آزاد ٿيو.
 عظيم مفڪر ڪنفيوشس جو تعلق چين سان آهي.
 ”تبت“ جو ملڪ دنيا ۾ گهڻي۾ گهڻو اوچائيءَ وارو ملڪ آهي.
 هالينڊ جو شمار دنيا جي انھن ملڪن مان ٿيئي ٿو. جتي ماڻھن جا قد ڊگها آهن.
 ترڪيءَ ۾ موجود سلطان احمد مسجد کي ” نيلي مسجد“ چيو وڃي ٿو
 ثمر قند، از بڪستان جو هڪ وڏو شھر آهي.
 ”قرطبہ“ اسپين جو هڪ قديم شھر آهي.
 تاشقند ازبڪستان جو گاديءَ جو هنڌ آهي.
 دنيا ۾ سڀ کان پھرين هوائي اڏام 1901ع ۾ٿي.
 دنيا ۾ ڪيترائي مذهب صدين ۾ ظاهر ٿيا آهن. جن جا لکين پوئلڳ موجود ۽ پنھنجي مذهبي ڪتابن جومطالعو ڪندڙ آهن اهڙن اهم مذهبي ڪتابن ۾ قرآن پاڪ، انجيل، زبور، توريت، ويد، اپشند، رامائڻ، مھاڀارت، گيتا، گروگرنٿ، زينڊ اويسٽا، بڪ آف اسپرنگ ۽ ٻيا آهن.
 دنيا جي ادب ۾ ڪيترائي اهم ڪتاب آهن جن بي حساب ڪاميابي ماڻي ۽ ڪيترين ٻولين ۾ اهي ڪتاب ترجمو ٿيا آهن.
 فنونِ لطيفہ (فن جو جمع) انھيءَ فن کي چيو وڃي ٿو جنھن ۾ دماغي ۽ فڪري محنت هجي جيئن مصوري، خطاطي، موسيقي، ادب وغيرہ.
 فنونِ ثقيلہ اهي فن آهن جن ۾ گهڻي جسماني محنت جي گهرج آهي ثقيل معني ڳرو، يعني اهي ڪم ڏکيا ۽ محنت جا آهن جيئن مَلھہ، پھلواني، رانديون، باڪسنگ، ترڻ ۽ ٻيا.
 فارسي ادب جا پنج ڪتاب پوريءَ دنيا ۾ مشھور ٿيا آهن. جي اڄ بہ مشرق توڻي مغرب ۾ مڃيا وڃن ٿا.انھن ۾ ”شاهنامہ“، ”فردوسي“،مولانا روم جي ”مثنوي “، ”گلستانِ سعدي“ ۽ ”ديوانِ حافظ“ آهن.
 مشھور شاعر فردوسي 940ع ۾ ايران جي علائقي طوس ۾ پيدا ٿيو. شاعري سندس شھرت جو سبب بڻي. هومحمود غزنوي بادشاھہ جي درٻار سان واسطي ۾ رهيو. هن شاهنامولکڻ شروع ڪيو محمود غزنوي ساڻس واعدو ڪيو تہ هر شعر تي کيس اشرفي ڏيندو پر شاهنامو مڪمل ٿيڻ تي کيس فقط ويھہ هزار درهم ڏنا ويا. جنھن جو فردوسيءَ کي گهڻو ڏک ٿيو ۽ هو غزني ڇڏي اتان روانو ٿي ويو.
 دنيا جي سڀ کان پھرين اخبار ”ڪسن بان“ چين مان شايع ٿي.
 ارنيسٽ هيمنگويءَ جي ڪتاب ”اولڊ مين اينڊ دي سي“ جڳ مشھور ڪاميابي ماڻي. جنھن جو سنڌي ترجمو ”پوڙهو ۽ سمنڊ“ جي نالي سان آهي.
 انگريزي ادب ۾ شڪسپيئر، جان ملٽن، ڊرائيڊن، ورڊس ورٿ ۽ ٻيا وڏا شاعر ۽ اديب آهن جن جا ڪتاب دنيا جي ٻولين ۾ ترجمو ٿيا. جن مان ڪيترا سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ پڻ ترجمي جي صورت۾ موجود آهن.
 يونان جي سرزمين تي ارسطو، سقراط، بقراط، افلاطون، هومر ۽ ٻيا ڏاها مفڪر پيدا ٿيا. جنھن ڪري يونان کي ”ڏاهپ جي سرزمين“ چيو وڃي ٿو. سندن ڪتاب اڄ بہ پوريءَ دنيا ۾ مشھور آهن.
 حضرت داتا گنج بخش جي ڪتاب ”ڪشف المحجوب“ کي تصوف جي موضوع تي اعليٰ درجو حاصل آهي.
 حضرت شاھہ عبدالطيف ڀٽائيءَ جو ”شاھہ جو رسالو“ سنڌي ادب جي شاعريءَ ۾ هڪ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو. جنھن جو اردو، فارسي، عربي، انگريزي، سرائيڪي، پنجابي ۽ براهوي ۾ ترجمو موجود آهي.
 ”تزڪ“ فارسي زبان جو لفظ آهي، جنھن جو مطلب آهي ” شاهي روزنامچو“ يا ٻين لفظن ۾ اهي حالات جيڪي بادشاھہ پنھنجي زماني جي باري ۾ تحرير ڪري ”تزڪِ بابري“ ظھيرالدين بابر مغل بادشاھہ جو لکيل آهي، ”تزڪِ جھانگيري“ نور الدين جھانگير بادشاھہ جو لکيل ڪتاب آهي. جنھن جو انتقال 1627ع ۾ لاهور ۾ ٿيو ۽ اُتي ئي دفن ٿيل آهي.
 ننڍي کنڊ تي سترهن مغل بادشاهن حڪومت ڪئي.
 مغل بادشاهن ۾ شاهجان بادشاھہ کي تعمير سازيءَ جو وڌيڪ شوق هو، تاج محل جو دنيا جي ستن عجائبن ۾ شمار ٿيئي ٿو.سندس ٺاهرايل آهي. جو هن پنھنجي راڻيءَ ممتاز لاءِ ٺاهرايو جنھن جي اڏاوت ويھن سالن ۾ مڪمل ٿي.
 ٺٽي جي شاهي مسجد شاهجان بادشاھہ جوڙائي.
 دنيا جي وڏي حصي کي مقدونيہ جي رياست جي حڪمران سڪندر فتح ڪيو کيس ”سڪندرِ اعظم“ سڏيو وڃي ٿو. کيس پنج سال يونان جي ڏاهي ارسطوءَ تعليم ڏني.
 عظيم فاتح سڪندر اعظم عراق جي شھر بابل ۾ فوت ٿيو.
 شير شاھہ سوريءَ جو اصل نالو فريد خان هو. هن بھارجي حاڪم سلطان محمدجي جان بچائي جڏهن مٿانس هڪ شينھن حملو ڪري رهيو هو. جنھن جيڪري هُن کيس ”شير شاھہ“ جو لقب ڏنو. هو پوءِ بھار جو گورنر مقرر ٿيو اڳيان هلي همايون بادشاھہ کي شڪست ڏيئي هندوستان جو بادشاھہ ٿيو.هن تعمير جي مَدَ ۾ وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا. روڊ رستا ۽ مسافر خانا بي حساب ٺاهرايا.
 ٻارو! ريڊار RADAR انگريزي ٻوليءَ جو لفظ آهي، سائنسدان هن ايجاد کي 1922ع ۾ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي. پر انھيءَکي مڪمل ڪاميابي ٻي مھاڀاري لڙائيءَ ۾ ملي جنگ جي زماني ۾ هيءُ اوزار گهڻو ڪارآمد ثابت ٿيو. پاڻيءَ جي جهازن جي سفر ۽ هوائي جهازن جي اڏام کي محفوظ بنائڻ ۾ ريڊار جو وڏو هٿ آهي انھيءَ جي مدد سان رات جي اونداهيءَ توڻي موسم جي ڪري ڌنڌ ۾ پري تائين ٿيل واري حرڪت جو مشاهدو ٿيئي ٿو. هيءُ اوزار ريڊيو جي لھرن کي چئني طرف موڪلي ٿو ۽ پوءِ جڏهن اهي هوائي لھرون ڪنھن چرپر واريءَ شيءِ سان ٽڪرائين ٿيون تڏهن واپس مڙي اينديون آهن. جن کي اهو اوزار جهٽي وٺندو آهي، اهي لھرون ويجهن ڳوٺن، شھرن، آسمان ۽ سمنڊ جو هڪ نقشو ٺاهين ٿيون، جنھن سان مختلف جهازن، آبدوزن، پاڻيءَ جي ٻيڙين يا ٻين شين جي خبر پوندي آهي.
 ايٽمي وڏي جنگ جنھن ۾ ڪيترائي ملڪ شريڪ ٿين ان کي عالمي جنگ، جنگ عظيم /مھاڀاري لڙائي سڏيو وڃي ٿو، پھرين جنگ عظيم/مھا ڀاري لڙائي 1914ع ۾ ٿي ۽ 1918ع ۾ ختم ٿي جنھن ۾ سوا ڪروڙ ماڻھو فوت ٿيا، ٻي لڙائي 1939ع ۾ ٿي ۽ 1945ع ۾ ختم ٿي، جنھن ۾ پنج ڪروڙ ماڻھو فوت ٿيا ۽ ان کان وڌيڪ زخمي ۽ ناڪاره ٿيا.
 جاپان جي ٻن وڏن شھرن هيرو شيما 6 آگسٽ 1945ع ۽ ناگا ساڪيءَ تي 9 آگسٽ 1945ع ايٽم بم ڪيرائي انھن ملڪن کي ٻي مھاڀاري لڙائيءَ ۾ تباھہ ڪيو ويو.
 بجليءَ جي تار 1834ع ۾ ايجاد ٿي.
 ڪلاشنڪوف ميخائيل ڪلاشنڪوف ايجاد ڪئي جا پوءِ سندس نالي سان ئي مشھور ٿي آهي.
 ٽيليفون 1876ع ۾ گراهم بيل ايجاد ڪئي.
 ڪوڊيڪ ڪئميرا 1888ع ۾ جارج ايسٽ مين ايجاد ڪئي.
 پرنٽنگ مشين الياز هود 1846ع ۾ ايجاد ڪئي.
 فائونٽين پين لوئيس واتر مين 1884ع ۾ ايجاد ڪئي
 ريڊيو، مارڪونيءَ سن 1895ع ۾ ايجاد ڪيو.
 گلن جو بادشاھہ گلاب جو گل آهي.
 دنيا ۾ گلاب جا ست سئو ڇانوي قسم آهن.
 دنيا ۾ سڀ کان گهڻو ريشم چين ۾ ملي ٿو.
 دنيا ۾ سڀ کان وڏو دريا ” نيل دريا“ آهي جنھن جي ڊيگهہ چار هزار هڪ سئو سٺ ميل آهي.
 دنيا جي سڀ کان اونھي دريا جو نالو ”اميزون“ آهي.
 دنيا جو سڀ کان تيزيءَ سان وڌڻ وارو وڻ بانس جو وڻ آهي.
 شطرنج جي راند ڏيڍ هزار سالن کان هلندڙ آهي.
 هُما ”هڪ فرضي پکي جو نالو آهي، قديم ايران ۾ اهو چيو ويندو هو تہ جنھن ماڻھوءَجي مٿي تي اهو پکي ويھندو تہ اهو ماڻھو بادشاھہ ٿيندو.
 پرن وارن جانورن کي ”پکي“ چيو وڃي ٿو، اهي پکي بيضا ڏيندا آهن، فقط چمڙو هڪ اهڙو پکي آهي جنھن جي مادي بيضن جي بدران ٻچا ڏيندي آهي.
 سڀ مڇيون بيضا ڏينديون آهن فقط وهيل (Whale) مڇي جا پاڻيءَ جي سڀ کان وڏي مخلوق آهي. بيضن جي بدران ٻچا ڏيندي آهي.
 ماکيءَ جي مک ماکيءَ کانسواءِ ميڻ بہ ٺاهيندي آهي.
 هاٿيءَ جي دماغ جو وزن يارنھن پائونڊ آهي.
 مڇرجا ٻاويھہ ڏند هجن ٿا.
 مور جو پسنديدہ کاڌو نانگ آهي.
 عام طور عربي نسل جو گهوڙو ٻين گهوڙن کان تيز رفتار هجي ٿو.
 اٺ ريگستان جو جانور آهي. کيس ريگستان جو جھاز سڏيو ويو آهي جو سخت اُس ۾ ڪيترا ڏينھن بنا کاڌي ۽ پاڻيءَ جي رهي سگهي ٿو.
 اٺ جي ڊوڙڻ جي رفتار 65 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي. هڪ وقت هڪ سئو ليٽر پاڻي پي سگهي ٿو.
 اٺ حلال جانور آهي. ان جو گوشت کائڻ ۾ لذيذ ٿئي ٿو.
 اٺڻيءَ جو کير طاقتور،کنڊ، ڪينسر ۽ پيٽ جي بيمارين ۾ فائدي وارو آهي.
 مرغي ۽ مور جھڙي گڏيل شڪل جو پکي ”مرغ زرين“ سڏائيندو آهي.
 شتر مرغ 70 ڪلوميٽر جي رفتار سان ڊوڙي سگهي ٿو، هن جو قد 9 فٽ تائين هوندو آهي تہ اکيون ٻين پکين جي اکين کان وڏيون هونديون آهن.
 ڏٺل خواب تي ڪيترو بہ غور ڪريو پر جڏهن توهان صبح جو ان تي سوچيو ٿا تڏهن ڪڏهن بہ اهو نٿا ٻڌائي سگهو تہ خواب باقاعدي شروع ڪٿان ٿيو ۽ ختم ڪٿي ٿيو. جو خواب عمومن ترتيب سان ناهن هوندا.
 سچو خواب وليت جي نشانين مان آهي. ڪنھن ماڻھوءَ جي ڇھين حواس جي گهڻي تيز هئڻ سان کيس جاڳندي يا ننڊ ۾ ڪنھن ايندڙ واقعي بابت ڄاڻ ملي سگهڻ جا واقعا ٻڌا ويا آهن.
 خوابن جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ آيل آهي.
 حضرت يعقوب عليہ السلام ۽ سندس پٽ حضرت يوسف جي سچن خوابن جو ذڪر سورة يوسف ۾ آهي.
 سٺو خواب غلط وقت تي ۽ غلط ماڻھوءَ کي ٻڌائڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي.
 نباتات انساني حياتيءَ جي اهم ضرورت آهي.
 وڻن کي پوکڻ سان آڪسيجن جي واڌاري سان گڏ ٻيا انيڪ فائدا آهن خاص طور ماحول جي آلودگيءَ کان بچي سگهجي ٿو.
 وڻن جي ٽارين تي پکي پکڻ آرامي بہ ٿين ٿا تہ پنھنجا آکيرا ٺاهي محفوظ رهن ٿا.
 وڻن جي ڪاٺ مان فرنيچر، بئنچون، ميزون، ڪرسيون، پلنگ ۽ ٻيو سامان ٺھي ٿو.
 نم جي وڻ ۾ انيڪ فائدا آهن، ٻٽيھن مرضن ۾ دوا طور استعمال ٿيندڙ نم جو وڻ سٺي ڇانوَ ڏيندڙ ۽ گهاٽو وڻ آهي.
 بَڙ جي وڻ جي عمر وڏي ٿيندي آهي. اهو وڻ گهاٽو آهي ۽ ان جو ٿڙ ويڪرو هجي ٿو.
 وڻن جي حفاظت ڪرڻ لازمي آهي
 ٻوٽن جي حيات واري علم کي حياتيات جو علم چيو وڃي ٿو.
 وڻ اسان جا محسن آهن. انھن جو موجود هئڻ سٺين موسمن جي ضمانت آهي.
 ٻير، صوف، انب، چيڪو، ڏاڙهون، ڪيلو، نارنگي ٻيا ڪيترائي ميوا وڻن تي پيدا ٿين ٿا
 ناريل هڪ اهڙو ميوو آهي جيڪو دنيا جي گرم ۽ دريا جي ڪناري وارن ملڪن ۾ ٿيئي ٿو. کائڻ ۾ سوادي ۽ ان جو پاڻي مٺو آهي. ناريل جوتيل مٿي ۾ لڳائڻ ۽ کاڌي پچائڻ ۽ علاج ۾ ڪم اچي ٿو. ناريل جي ڪاٺ مان ٽوڪريون، رسيون ۽ ٻيون شيون ٺهن ٿيون.
 ڪيلي جي وڻ ۾ ڪاٺي ناهي هوندي.
 وڻ انساني حياتيءَ جي اهم ضرورت ۽ آڪسيجن جو ذريعو آهن.
 آڪسيجن هوا کان وزني آهي. پاڻ نہ ٻرندي آهي پر ٻرڻ ۾ مددگار آهي.
 انساني جسم جي عام حالت ۾ گرمي پد F98.6 آهي.
 صبح سوير جو پنڌ ڪرڻ سان آڪسيجن جو وڏو مقدار انساني جسم ۾ داخل ٿيئي ٿو جو صحت لاءِ فائديمند آهي.
 پاڻيءَ ۾ آڪسيجن موجود آهي ان ڪري ئي چيو وڃي ٿو تہ پاڻي زندگي آهي.
 انساني حياتيءَ جي لاءِ پاڻيءَ جي ضرورت اهم ترين آهي.
 روزاني اٺ گلاس پاڻي پيئڻ وارو ماڻھو گهڻين بيمارين کان بچندو.
 پاڻيءَ جو صحيح استعمال، روزاني ورزش ۽ مناسب کاڌو حياتيءَ جي وڌائڻ جو ذريعو آهن.
 سال ۾ چار موسمون ٿين ٿيون، سيارو، اونھارو، سرءُ ۽ بھار.
 سياري ۾ سيءَ کان ۽ اونھاري ۾ گرميءَ کان بچاءُ لاءِ اُپاءُ ضروري آهن، ٻنھي موسمن جي پنھنجي شدت هجي ٿي.
 سياري جي کنگهہ ۾ کنگهہ جي شربت کان وڌيڪ اثرائتو علاج چاڪليٽ، ادرڪ ۽ ماکيءَ جو استعمال آهي.
 دنيا ۾ انسان سڀ کان وڌيڪ زڪام جي بيمارين جو شڪار ٿيندا آهن.
 ”ڪارو موت“ (Black death) طاعون جي بيماري کي چيو وڃي ٿو.
 دنيا ۾ اربين انسان رهن ٿا، پر ﷲ تعاليٰ سڀني جا آڱرين جا نشان الڳ الڳ ٺاهيا آهن. رب جي اهڙي ڪاريگري آهي جو جي آڱرين جي کَلَ بہ لھي وڃي تہ بہ اهي فنگرپرنٽ نشان وري اڀري ايندا آهن (سبحان ﷲ)
 انسان جي آڱرين تي هڪ قدرتي قسم جو تيل هوندو آهي اهوئي تيل هن جي فنگر پرنٽس جي نشانين کي قائم رکي ٿو.
 هڪ ماءُ جي پيٽ مان گڏ ڄاول ٻارن جي بہ آڱرين جا نشان هڪٻئي کان مختلف هجن ٿا، دنيا جي اربين انسانن جي آڱرين جانشان عليحدہ عليحدہ آهن.
 موجودہ تحقيق مطابق جيڪڏهن آڱرين جا نشان ڊهي وڃن تہ پوءِ ڳاڙهي ڦٽڪيءَ کي اُٻاري ان جي تازي ٿيڻ بعد آڱريون ٻوڙڻ سان نشان آڱرين تي ظاهر ٿين ٿا.
 انساني دماغ ستر سيڪڙو پراڻين يادن ۽ مستقبل لاءِ سوچڻ ۾ صرف ڪري ٿو.
 انساني اک ۾ ست رنگ موجود آهن.
 انساني جسم جو دماغ سمھڻ کانپوءِ بہ ڪم ڪندو آهي.
 انساني اک مرڻ کانپوءِ بہ اڌ ڪلاڪ زنده هوندي آهي.
 انساني جسم ۾ رڳن جو تعداد هڪ هزار ٿيندو جملي رت جي نسن جي ڊيگهہ سٺ هزار ميلن جي مفاصلي تائين ٿيندي آهي.
 انساني جسم جي واڌ ويجهہ 25 سالن تائين ٿئي ٿي.
 انسان جي جسم جو اندريون نظام ﷲ پاڪ جي حڪم سان ايترو تہ مضبوط ۽ پاڻ ۾ ڳنڍيل آهي جو جيڪڏهن جسم جي ڪنھن حصي کي نقصان پھچي ٿو تہ ٻيا انھيءَ نقصان جي پورائي ۾ لڳي ويندا آهن.
 ڊسليڪسيا (سکڻ جي گهٽ صلاحيت) ۾ ٻار توڙي بالغ دماغي طور بي ترتيبي ۽ بي ضابطگيءَ جو مجموعو هوندا آهن.
 انساني جسم ۾ خون جي گهٽتائيءَ جي مرض کي ANEMIA (اينميا) چوندا آهن.
 جانورن ۾ ڀولڙي کي ٻہ دماغ هوندا آهن ۽ ان کي انسان وانگر زڪام پڻ ٿيندو آهي.
 جانورن ۾ سڀ کان ننڍي دل شينھن جي هوندي آهي جڏهن تہ جانورن ۾ شينھن کي جهنگ جو بادشاھہ بہ چيو وڃي ٿو.
 اٺ کي ريگستان جو جھاز سڏيو ويندو آهي. اٺ جي وزن کڻڻ جي صلاحيت گهوڙي ۽ هاٿيءَ کان بہ وڌيڪ آهي.
 نر مڇر جي زندگي ست ڏينھن ۽ مادي مڇر جي زندگي ٽيھہ ڏينھن اهي، مڇر عام طور تي عورت کان وڌيڪ مرد کي چڪ پائيندا آهن.
 دنيا ۾ ٻلين جا سئو کان وڌيڪ قسم آهن. ٻليءَ جي لاءِ چيو وڃي ٿو تہ اها مٺاڻ جو ذائقو محسوس نہ ڪري سگهندي آهي. انھيءَ جي وڏي وندر سمھڻ ۽ ٻيو شڪار ڪرڻ آهي.
 برازيل جو هڪ پکي 815 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان اڏامندو آهي.
 آمريڪا جو هڪ پکي پلووو هڪ ئي اڏام ۾ ٻہ هزار ميل سفر ڪري ويندو آهي.
 همنگ پکيءَ جو شمار تمام ننڍڙن پکين ۾ ٿيئي ٿو هن جو وزن اتڪل 2 گرام آهي.
 ڪي نانگ بنا کائڻ جي ٻہ ورهيہ جيئرا رهي سگهن ٿا.
 پکين جي دل هڪ منٽ ۾ اٽڪل پنج سئو ڀيرا ڌڙڪندي آهي.
 جانورن ۾ سڀ کان ڊگهو ٽپو ڏيندڙ جانور ” ڪينگرو“ آهي.
 ماڪوڙي ڄمڻ کان مرڻ تائين ننڊ نہ ڪندي آهي.
 ڏکڻ آمريڪا جي دريائن ۾ هڪ اهڙي مڇي بہ ملي ٿي جنھن جي جسم مان 440 والٽ بجلي خارج ٿئي ٿي.
 ڪيوي واحد پکي آهي جيڪو پنھنجي شڪار جي بوءِ سونگهي سگهي ٿو.
 ڇھن ٽنگن وارو لال بيگ دنيا جي تيز ترين ڪيڙن ماڪوڙن مان آهي، جو هڪ ميٽر جو فاصلو سيڪنڊ ۾ ڪري ٿو.
 ”سائنس“ لاطيني ٻوليءَ جي لفظ جي معنيٰ آهي” ڄاڻڻ“
 سمنڊ جو پاڻي لوڻياٺو هجي ٿو انھيءَ جو سبب اهو آهي تہ برسات جبلن ۽ گليشيئرن جي برف جو ڳريل پاڻي مختلف ڍنڍن ۽ دريائن مان گذري جڏهن سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو تڏهن پاڻ سان ڪيترائي معدنيات کڻي اچي ٿو ان ڪري سمنڊ جو پاڻي لوڻياٺو/نمڪين ٿي ويندو آهي.
 سمنڊ ۾ مستقل لھرن جي ڪري ڪجهہ پاڻي هوا ۾ ٻاڦ ٿي اڏامي ويندو آهي هيٺ پيل لوڻ سمنڊ جو حصو بڻجي ويندو آهي.
 ناياب نباتيات جي زندگي انھيءَ لوڻياٺ تي مشتمل آهي تيز هوائن، ڪشش ثقل ۽ ڪشش قمر/ چنڊ جي ڪري سمنڊ جو پاڻي لاڳيتو حرڪت ۾ هجي ٿو انھيءَ ڪري ان پاڻيءَ ۾ تازگيءَ هر وقت موجود هجي ٿي.
 ڊيزل انجڻ ڊولف ڊيزل ايجاد ڪئي.
 ريڊيو جي ايجاد لاءِ سائنسندان مارڪونيءَ جو نالو مشھور آهي.
 رائيفل ونچسٽر ايجاد ڪئي.
 گراهم بيل ماڻھن جي پاڻ ۾ رابطي جي لاءِ ٽيليفون جھڙي اهم ايجاد ڪري نالو ڪمايو.
 ٿامس ايڊيسن جو وڏو ڪارنامو دنيا کي روشني ڏيڻ يعني بلب ايجاد ڪرڻ آهي.
 جيڪڏهن هائڊروجن کي ساڙيو وڃي تہ پاڻي حاصل ٿيندو.
 ڪوئلي مان ايسٽڪ ايسڊ تيزاب ملندو آهي.
 روشني سون مان گذري سگهي ٿي
 الڪوحل ۽ ٿرماميٽر گئليلو ايجاد ڪيو.
 آٽو انجڻ ڊائملر ايجاد ڪئي.
 ليزر چارلس ٽائونس ايجاد ڪئي
 هيليڪاپٽر سڪورسڪي ايجاد ڪيو.
 دنيا جو سڀ کان پھريون هوائي جھاز هوا ۾ 59 سيڪنڊ رهيو.
 هوائي جھاز ٻن آمريڪي ڀائرن اوورولي رائيٽ ۽ ولبر رائيٽ ايجاد ڪيو. جن کي ”رائيٽ برادران“ چيو ويندو آهي.
 دنيا ۾ ماچيس سڀ کان پھرين واڪر نالي شخص 1827ع ۾ ايجاد ڪيو.
 دنيا ۾ موٽرڪار 1887ع ۾ ڊيلمر ايجاد ڪئي.
 دنيا ۾ ڪنجيون ۽ ڪلف ٻہ هزار قبل مسيح مصري رهاڪن ٺاهيا.
 دنيا ۾ ڪئميرا جي ايجاد جو خيال پھرين ابو الھيشم جي ذهن ۾آيو جو عراق جي شھر بغداد جو رهندڙ هو.
 ”ڪتاب المناظر“هن جي مشھور ڪتاب آهي، جنھن ۾ هن ڪئميرا جي باري ۾ تفصيل سان لکيو آهي. جديد ڪئميرا جي ايجاد لاءِ جوزف نيپس کي مڃيو وڃي ٿو.
 جيٽ جھاز جرمنيءَ جي ملڪ جي ايجاد آهي.
 انٽرنيٽ ڪلين راڪ ايجاد ڪئي.
 ريفريجريٽر، جيڪڊ پرڪنز سن 1834ع ۾ ايجاد ڪيو.
 دنيا ۾ لغڙ اڏائڻ جي شروعات چين جي شھر کان ٿي،
 جن شين کي چقمق پاڻ ڏينھن ڇڪي ٿي تن کي مقناطيسي شيون سڏجي ٿو.
 دنيا ۾ ”بانسري“ جو ساز پھريون ساز سڏيو وڃي ٿو.
 دنيا ۾ فٽ بال جي راند عالمي طور وڏي اهميت کندڙ ۽ مقبول ترين راند آهي.
 فٽ بال جي راند ۾ استعمال ٿيڻ وارا فٽ بال پوريءَ دنيا ۾ گهڻي پئماني تي ٺهن ٿا، پاڪستان جي شھر سيالڪوٽ ۾ سٺي معيار جا فٽ بال تيار ٿين ٿا.
 سيالڪوٽ ۾ هر سال تقريبن چار ڪروڙ فٽ بال تيار ٿين ٿا.
 ورلڊ ڪپ ۽ فيفا جي مقابلن ۾ سيالڪوٽ، جرمني ۽ ٿائيلينڊ جا ٺھيل فٽ بال استعمال ٿين ٿا.
 مسلمان سائنسدانن ۾ جابر حيان، الخوارزمي، عمر خيام، ابو علي حسن الھيشم، يعقوب الڪندي، ابوريحان البيروني، ابنِ سينا ۽ ٻيا آهن.
 يونان جي اهم فلاسافر سقراط 470 ق م ايٿنز شھر ۾ جنم ورتو، کيس اعليٰ نقاد طور مڃيو ويو آهي، انصاف پسند سقراط دليلن ۽ گهڻي غور ۽ فڪر سان ڳالھہ کي سمجهندڙ ۽ سمجهائيندڙ هو کيس موت جي سزا ڏني وئي جا زهر جو پيالو پيئڻ سان عمل ۾ آئي. افلاطون سندس پسنديدہ شاگرد هو. مشھور فلاسافر ارسطو افلاطون کان علم حاصل ڪيو.
 برٽرانڊرسل ويھين صدي جو هڪ مانائتو فلاسافر ۽ رياضي دان هو جنھن 18 مئي 1972ع تي جنم ورتو.
 هن پنھنجي دوست مشھور سائنسدان البرٽ آئن سٽائين سان گڏجي 1955ع ۾ نيو ڪليئر هٿيارن جي روڪڻ لاءِ هڪ پڌرنامو جاري ڪيو.
 آئن سٽائين 14 مارچ 1879ع تي جرمنيءَ ۾ جنم ورتو 18 اپريل 1955ع تي وفات ڪيائين. 1921ع ۾ کيس فزڪس جو نوبل انعام مليو.
 آئن سٽائين جو شمار دنيا جي چند ذهين ترين ماڻھن ۾ ٿيئي ٿو هن سائنسدان جي دماغ جو آءِ ڪيو جو (Intelligence Quotient) (ذهانت جو معيار) اسڪور 160 هو.
 عورتن جو عالمي ڏينھن پوريءَ دنيا ۾ 8 مارچ تي ملھايو وڃي ٿو، دنيا ۾ سڀ کان پھرين عورتن کي ووٽ جو حق نيوزيلينڊ ڏنو.
 دنيا جي پھرين عورت صدر ”مايا اسٽيلا“ هئي.
 دنيا ۾ ”مس ورلڊ“ جي مقابلي جي شروعات 1957ع کان ٿي.
 دنيا جي ادب ۾ وليم شيڪسپيئر کي هڪ وڏي شاعر ۽ اديب طور مڃيو وڃي ٿو.
 شيڪسپيئر 23 اپريل 1564ع تي جنم ورتو، ساڳيءَ تاريخ تي 1616ع ۾ وفات ڪئي. ڪتابن جي دنيا ۾ کيس مڃتا ڏيندي پوريءَ دنيا ۾ هر سال 23 اپريل تي ڪتابن جو ڏينھن ملھايو ويندو آهي.
 گوئيٽي جرمنيءَ جو وڏي ۾ وڏو شاعر مڃيو وڃي ٿو.
 ٻارن جي حقن جي پڌرنامي کانپوءِ پوريءَ دنيا ۾ هرسال 20 نومبر ٻارن جو عالمي ڏينھن ڪري ملھايو وڃي ٿو.
 استادن جي تعظيم، عزت ۽ احترام کي مڃيندي 5 آڪٽوبر جو ڏينھن هرسال ”استادن جو ڏينھن“، ڪري ملھايو ويندو آهي.
 ”مادري زبان جو عالمي ڏينھن“ هر سال 21 فيبروريءَ تي ملھايو ويندو آهي.
 چانديءَ مان زيور ۽ برتن ٺاهيا وڃن ٿا ۽ سڪن ٺاهڻ ۾ بہ استعمال ۾ اچي ٿي.
سون: سون هڪ قيمتي ڌات آهي جو دنيا جي تقريبن هر هنڌ موجود ملي ٿو. هڪ اندازي موجب تہ سمنڊ ۾ اندازن ڏھہ هزار ملين ٽن سون موجود آهي. سون عام طور ٻن شڪلين ۾ ملي ٿو. خالص يعني نج صورت ۾ يا ٻين ڌاتن سان گڏيل صورت ۾ سون مان زيور، سِڪا ۽ تمغا ٺاهيا وڃن ٿا.
 1916ع تائين دنيا جي ڪرنسيءَ کي سون سان ماپيو ويندو هو. جنھن کي گولڊ اسٽينڊرڊ نظام چون ٿا، موجودہ وقت دنيا ۾ سون جي موجودگي سڀ کان گهڻي ڏکڻ آفريڪا ۾ چئي وڃي ٿي.
 يورنيم سان ايٽمي توانائي حاصل ٿيئي ٿي. اڄ جي دور ۾ اهو ملڪ ئي سڀ کان گهڻو طاقتور مڃيو وڃي ٿو جيڪو سڀ کان گهڻي ايٽمي توانائي استعمال ڪرڻ جي اهليت رکي ٿو. ايٽمي توانائي ظاهري طور تہ طاقت آهي پر در حقيقت تباهي آهي، هڪ ئي ايٽم بم سان چند سيڪنڊن ۾ دنيا کي ختم ڪري سگهجي ٿو. اهو هڪ وڏو الميو پڻ آهي. انھيءَ ڪري ان جي استعمال تي گڏيل قومن طرفان قانون پڻ جڙيل آهن.باقي يورينيم جو هڪ وڏو فائدو اهو آهي تہ انھيءَ مان سستي بجلي پيدا ٿيئي ٿي جا بجليءَ جي بحران کان بچائڻ لاءِ ڪارآمد آهي، جن ملڪن ۾ يورينيم گهڻو سٺي مقدار ۾ ملي ٿو انھن ۾ ڪينيڊا، روس ۽ ڏکڻ آفريڪا آهن.
 يورنيم، پلاٽينيم، ٿيوريم ۽ ريڊيم اهي چار ڌاتو سون کان بہ وڌيڪ قيمتي آهن
 المونيم جو ڌاتو سڀني کان عام آهي، هن ۾ برتن ۽ ٻيو سامان ٺهندو آهي.
 75 سيڪڙو ٽامو ۽ 25 سيڪڙو جست ملائڻ سان پتل جو ڌاتو ٺهندو آهي.
 پتل مان زيور ۽ برتن ٺاهيا وڃن ٿا،
 اسٽيل/فولاد جو استعمال صنعتي شين ۽ عمارت سازيءَ ۾ ٿيندو آهي.
 ”خُسوف“ عربيءَ ۾ چنڊ گرهڻ کي چوندا آهن، جڏهن زمين سج ۽ چنڊ جي وچ ۾ ايندي آهي تڏهن سج جي روشني چنڊ تائين پھچي ڪين سگهندي آهي، ان وقت چنڊ ڪارو ڏسڻ ۾ ايندو آهي يعني ”چنڊ گرهڻ“ ٿيندو آهي. مسلمان چنڊ گرهڻ مھل خسوف نماز ادا ڪندا آهن.
سج گرهڻ: جڏهن چنڊ زمين ۽ سج جي وچ ۾ ايندو آهي تڏهن سج تي هڪ ڪارو داغ ڏسڻ ۾ ايندو آهي انھيءَ کي ”سج گرهڻ“ چوندا آهن، ان موقعي تي ڪسوف نماز ادا ڪئي ويندي آهي، رسول پاڪ جن جو فرمان آهي تہ، جڏهن گرهڻ ڏسو تڏهن ﷲ کان ڊڄو ذڪر، دعا ۽ استغفار ڪريو.
 سال جو سڀ کان ڊگهو ڏينھن 21 جون تي ٿيندو آهي.
 سال جو سڀ کان ننڍو ڏينھن 21 ڊسمبر تي ٿيندو آهي.
 زمين ۽ زمين ۾ موجود شين جو مطالعو ”علمِ ارضيات“ سڏيو وڃي ٿو.
 اٽليءَ جو شھر 118 ننڍن سامونڊي ٻيٽن تي ٺھيل آهي جيڪي چار سئو پُلن جي مدد سان هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن
 اليڪٽران، پروٽان ۽ نيوٽران ايٽم جا ذرا آهن
 شور يا گوڙ جي تيزي 135 ڊيسيبلز ٿيندي آهي
 مريخ تي ٻہ چنڊ ڊيماس ۽ فوباس آهن.
 سڀ کان ننڍو کنڊ آسٽريليا ۽ سڀ کان وڏو کنڊ آمريڪا آهي
 سڀ کان وڏي بئنڪ ”ورلڊ بئنڪ“ واشنگٽن ڊي سي ۾ آهي
 آمريڪي دفاعي محڪمي جي عمارت کي ”پينٽاگون“ سڏيو وڃي ٿو.
 ”جيڪ ما“ دنيا جو اهو مشھور شخص آهي جنھن ڪيترائي دفعا هارورڊ بزنس اسڪول ۾ داخلا لاءِ ڪوشش ڪئي پر سندس داخلا ڪونہ ٿي، باقي هُو انگريزي ٻوليءَ ۾ تمام گهڻو هوشيار هو. هن بي اي ڪرڻ کانپوءِ پنھنجي ذاتي ڪمپني 18 ملازمن سان کولي جا اڄ ”علي بابا“ جي نالي سان پوريءَ دنيا جي وڏي ۾ وڏي تجارتي ڪمپني آهي، ڪو بہ تجارتي ادارو انھيءَ ۾ رجسٽر ٿيڻ کانسواءِ پنھنجو ڪم جاري رکي نٿو سگهي.
 جيڪ ما دنيا جي ڪامياب ترين انسان 55 سالن ۾ پنھنجي ڪمپنيءَ ۾ پنھنجي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري باقي حياتي تعليم جي واڌاري لاءِ وقف ڪرڻ جو ارادو ڪيو.
 سينڊ وچ تي اهو نالو ”سينڊ وچ“ ڪھڙيءَ ريت پيو؟ جي لاءِ چيو وڃي ٿو. برطانيہ جي هڪ علائقي سينڊ وچ جو مالڪ انگريز نواب جون مونٽا تاش راند جو شوقين هو راند وچان کاڌو کائڻ وساري ڇڏيندو هو. نيٺ اهو حل ڪڍيائين جو نوڪر کي چيائين تہ راند جي وچ ۾ هُو کيس ڊبل روٽيءَ جي ٻن ٽڪرن جي وچ ۾ تريل گوشت جو ٽڪر وجهي کائڻ لاءِ ڏيندو ڪري. جتان ئي موجودہ سينڊ وچ جي شروعات ٿي.
 نوجوانن ۾ سڀ کان پسنديدہ لباس جينز جي شروعات 1950ع کان ٿي آهي، هيءَ هڪ ٿلھي سوٽي ڪپڙي جي پينٽ آهي، جنھن کي اٽليءَ جي شھر جنيوا جي بندرگاھہ تي ڪم ڪندڙ مزدورن لاءِ 1871ع ۾ درزي جيڪب ڊبليو ڊيوس تيار ڪيو، پوءِ جنيوا شھر جي ماڻھن جو بہ اهو پسنديدہ لباس ٿي ويو ۽ شھر جي نالي سان ان کي ”جينز“ سڏيو ويو، 1950ع ۾ آمريڪا ۽ يورپ ۾ مقبول ٿيڻ بعد جينز دنيا ۾ عام ٿي آهي.
 نيپال ملڪ جي ڪرنسي کي روپيو سڏيو وڃي ٿو.
 پاڪستان ۽ هندستان جي ڪرنسي پڻ روپين ۾ شمار ٿيئي ٿي.
 برطانيا جو سِڪو پائونڊ شمار ٿيئي ٿو.
 لبنان جو سِڪو پڻ پائونڊ آهي.
 اسلامي ملڪ شام جي ڪرنسي پائونڊ شمار ٿئي ٿي.
 امريڪا، ڪئناڊا، آسٽريليا ۾ ڊالر جي ڪرنسي ملي ٿي.
 سعودي عرب ۾ ريال جي ڪرنسي جاري آهي.
 دنيا ۾ ڊالر، دينار، ريال ۽ چند ٻيون مستحڪم ڪرنسين ۾ شمار ٿين ٿيون.
 آمريڪا، برطانيا ۽ جپان جو شمار انھن ملڪن ۾ ٿيئي ٿو جن ملڪن جي آباديءَ جو فقط 8 کان 15 سيڪڙو ڳوٺن ۾ رهي ٿو باقي انھن ملڪن جي آباديون شھرن ۾ رهندڙ آهن.

باب ٽيون: پاڪستان جي معلومات

 پاڪستان 14 آگسٽ 1947ع تي الڳ ملڪ جي حيثيت سان قائم ٿيو،
 23 مارچ اهو ڏينھن آهي جنھن تي پاڪستان جو ٺھراءُ منظور ٿيو. جنھن کي ”قرارداد پاڪستان“ سڏيو ويو آهي. انھيءَ هنڌ تي لاهور ۾ ”مينار پاڪستان“ ٺھيل آهي.
 پاڪستان اسلام جي نالي تي قائم ڪيل،”اسلامي جمھوريہ پاڪستان“ جي نالي سڏيو وڃي ٿو.
 پاڪستان جي شھر ڪراچيءَ کي اهو اعزاز حاصل آهي جو مسلم ليگ جو پھريون اجلاس 1907ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿيو.
 پاڪستان جو هڪ حصو 1971ع جي هندوستان ۽ پاڪستان جي جنگ دوران اوڀرپاڪستان مان ”بنگلاديش“ جي نالي تي جدا ٿي دنيا ۾ هڪ الڳ ملڪ جي حيثيت ۾ قائم ٿيو آهي.
 هندوستان ۽ پاڪستان ٻہ پاڙيسري ملڪ هوندي بہ ڪجهہ مسئلن تي پاڻ ۾ سخت اختلاف رکندڙ آهن. جن جي وچ ۾ ٻہ جنگيون 1965ع ۽ 1971ع ۾ لڳي چڪيون آهن.
 پاڪستان جي سرحدن کي چين، ايران، افغانستان ۽ هندوستان جا ملڪ ويجها آهن.
 پاڪستان جو سڀ کان وڏو ريگستان ٿر پارڪر سنڌ ۾ آهي.
 پاڪستان جا چار صوبا، سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ سرحد( ڪي پي ڪي/خيبر پختونخواھہ) آهن.
 دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪوبہ دريا ڪونھي پاڪستان هڪ خوشقسمت ملڪ آهي جنھن ۾ انيڪ دريا، نديون،چشما ۽ ڍنڍون آهن.
 ڪينجهر ايشيا جي عظيم ڍنڍ پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ موجود آهي.
 ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي ائٽمي پاور ٺاهڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.
 دنيا ۾ ائٽمي پاور جي لحاظ کان پاڪستان جي اهميت آهي.
 پاڪستان جو پھريون ائٽمي بجلي گهر ڪراچيءَ ۾ ٺاهيو ويو.
 آباديءَ جي لحاظ کان پاڪستان دنيا جو يارهون نمبر ملڪ آهي.
 پاڪستان ۾ پھرين آدمشماري 9 فيبروريءَ کان 28 فيبروري 1951ع تي ٿي هئي.
 پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جو پھريون ٽيسٽ مئچ 1955ع ۾ کيڏيو ويو.
 پاڪستان ۾ ٻہ ڀيرا مارشل لا لڳو آهي.
 پاڪستان پيپلزپارٽي، مسلم ليگ ۽ تحريڪ انصاف، پاڪستان جون قومي ليول تي وڏيون سياسي پارٽيون رهيون آهن.
 پاڪستان ۾ ڪڻڪ، ڪپھہ، چانور ۽ ڪمند جام ٿيندا آهن. جڏهن تہ دنيا جي 45 ملڪن ۾ اهي شيون پيدا ڪونہ ٿيون ٿين.
 پاڪستان هڪ زرعي ملڪ. ۽ معدني دولتن سان مالا مال ملڪ آهي.هن ملڪ ۾ قدرتي گئس جا وڏا ذخيرا آهن. جڏهن تہ دنيا جي 77 ملڪن ۾ قدرتي گئس ڪونھي.
 پاڪستان جي سڀ کان وڏي ڊگهي سرنگ ”کوجڪ“ آهي.
 پاڪستان جو سڀ کان ڊگهو مينار ”مينارِ پاڪستان“ آهي.
 پاڪستان جو سڀ کان وڏو جهنگ ” ڇانگا مانگا“ آهي.
 پاڪستان جو سڀ کان وڏو ۽ ڊگهو دريا ” سنڌو دريا“ آهي.
 پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ پھريون گورنر غلام حسين هدايت ﷲ هو.
 پاڪستان جي قائم ٿيڻ کي جڏهن 1997ع ۾ پنجاھہ سال پورا ٿيا تڏهن سيد قاسم محمود” انسائيڪلوپيڊيا پاڪستانيڪا“ جو ضخيم جلد تيار ڪيو. جنھن جي لاءِ چيو وڃي ٿو تہ اهو پاڪستان جي باري ۾ پھريون معلوماتي انسائيڪلوپيڊيا تيار ٿيو.
 پاڪستان جو جهنڊو امير الدين قدوائي ڊيزائين ڪيو.
 پاڪستان جو وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو 1973ع کان 1977ع تائين ان عھدي تي رهيو سندس نياڻي محترمہ شھيد بينظير ڀٽو 1988ع کان 1990ع تائين وزير اعظم رهي ۽ ٻيو دفعو 1993ع کان 1996ع تائين وزير اعظم رهي. کيس اسلامي دنيا جي پھرين عورت وزير اعظم ٿيڻ جو اعزاز حاصل آهي.
 پيءُ ۽ ڌيءَ جي وزير اعظم ٿيڻ جو هڪ مثال هندستان جو بہ آهي جتي جواهر لال نھرو 1947ع کان 1964ع تائين وزير اعظم رهيو. سندس ڌيءَ مسز اندرا گانڌي 1966ع کان 1977 ع تائين وزير اعظم رهي ۽ وري ٻيو دفعو 1980ع کان 1986ع تائين وزير اعظم رهي.
 ساڳيءَ ريت اهڙو هڪ ٻيو مثال سريلنڪا جو پڻ آهي
 پاڪستان جي ملڪ کي سڀ کان پھرين ايران تسليم ڪيو.
 پاڪستان جو پھريون صدر سڪندر مرزا هو.
 فيلڊ مارشل جو عھدو فوج جي آفيسرن ۾ سڀ کان اعليٰ عھدو آهي. جنھن کي ڪي پي ڪي جي هزاره ڊويزن جي ضلعي هري پور جي ڳوٺ ريحانہ ۾ 1907ع ۾ جنم وٺندڙ جنرل محمد ايوب خان حاصل ڪيو، هو پاڪستان جو صدر رهيو، سندس دور ۾ 1965ع ۾ هندوستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جنگ لڳي صدر ايوب خان جي وفات 1974ع ۾ اسلام آباد ۾ ٿي.
 انگريزي اخبار ”ڊان“ڪراچيءَ مان 15 آگسٽ 1947ع تي جاري ٿي.
 پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ جو آغاز قائدِ اعظم محمد علي جناح ڪراچيءَ مان 15 آگسٽ تي ڪيو.
 9 فيبروري 1948ع تي ڪراچيءَ کي پاڪستان جو پھريون گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو ويو.
 پاڪستان جو قومي ترانو پھريون دفعو 13 آگسٽ 1954ع تي نشر ڪيو ويو.
 پھرين جولاءِ 1948ع تي قائد اعظم اسٽيٽ بئنڪ جو افتتاح ڪراچيءَ ۾ ڪيو.
 پاڪستان ۾ 1950ع ۾ ايران جي بادشاھہ جي پاڪستان اچڻ مھل قومي تراني جي موجودگي نہ هئڻ جي ڪري فقط موسيقيءَ جي ڌن کي هلائي استقبال ڪيو ويو. اها ڌن مشھور سنڌي موسيقار غلام علي چاڳلا ٺاهي.
 غلام علي چاڳلا جي ٺاهيل موسيقيءَ تي حفيظ جالنڌري موجودہ قومي ترانو لکيو.
 پاڪستان ۾ پھريون دفعو 1964ع ۾ ٽي وي جي نشريات جي شروعات ٿي، جڏهن تہ دنيا ۾ 1926ع ۾ ئي آغاز ٿي چڪو هو.
 پاڪستان ٽيليويزن تي رنگين نشريات جي شروعات 30 ڊسمبر 1976ع تي ٿي.
 1961ع ۾ جاپان جي ماهرن پاڪستان ۾ ٽيليويزن جي قائم ٿيڻ جي ڪم جو جائزو ورتو. 29 آڪٽوبر 1963ع تي ملڪ جي صدر فيلڊ مارشل محمد ايوب خان ٽي وي اسٽيشن جي قائم ٿيڻ جي منظوري ڏني پھرين ٽي اسٽيشنون ڪراچي، لاهور ۽ ڍاڪا ۾ قائم ٿيون. جاپان جي اليڪٽرڪ ڪمپنيءَ اين اي سي (NEC) پنھنجي خرچ تي پاڪستان ۾ تجرباتي بنياد تي ٽي وي اسٽيشن قائم ڪرڻ جي پيشڪش ڪئي ۽ ايئن 26 نومبر 1964ع تي پاڪستان ٽيليوزن جي نشريات جو افتتاح ڪيو ويو.
 پاڪستان جو سڀ کان وڏو ٽيلي ويزن اسٽيشن ڪراچيءَ ۾ آهي.
 علامہ محمد اقبال پاڪستان ٺاهڻ جو تصور پيش ڪيو هن کي قومي شاعر جو درجو حاصل آهي.
 علامہ اقبال پاڪستان جو قومي شاعر سڏجي ٿو.
 علامہ اقبال کي ”سر“ جو لقب انگريز سرڪار 1922ع ۾ ڏنو.
 پاڪستان جو پھريون وزيراعظم لياقت علي خان هو.
 پاڪستان جو پھريون ريڊيو اسٽيشن لاهور ۾ آهي
 پاڪستان جي سڀ کان وڏي بندرگاھہ ڪراچيءَ ۾ قائم ٿي.
 پاڪستان جي سڀ کان وڏي لوڻ جي کاڻ جهلم ۾ آهي.
 پاڪستان جي ٿر جي علائقي سارڻ ۾ پڻ لوڻ جي وڏي کاڻ موجود آهي.
 پاڪستان جي ٻي وڏي ڪوئلي جي کاڻ ڪوئيٽا بلوچستان ۾ آهي.
 پاڪستان جو پھريون گاديءَ جو هنڌ ڪراچي ۽ موجودہ وقت اسلام آباد پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ آهي.
 پاڪستان جو پھريون سِڪو 3 جنوري 1948ع تي جاري ٿيو.
 پاڪستان جو سڀ کان وڏو ضلعو خضدار بلوچستان ۾ آهي.
 پاڪستان ۾ سڀ کان گهڻي گرمي سبي ۽ جيڪب آباد جي شھرن ۾ هجي ٿي، جتي 50 سينٽي گريڊ تائين گرمي پد هجي ٿو.
 پاڪستان جي سڀ کان پھرين ٽپال ٽڪلي 4 جولاءِ 1948ع تي جاري ٿي.
 قائدِ اعظم محمد علي جناح جي مزار جو نقشو تعميري فن جي ماهر يحييٰ ٺاهيو. جنھن جي اڏاوت 15 جنوري 1971ع تي مڪمل ٿي.
 ”حياتِ محمد علي جناح“ رئيس احمد جعفريءَ جو ڪتاب آهي.
 دنيا جي بلند ترين جبل جي چوٽي مائونٽ ايوريسٽ تي پاڪستان جو جهنڊو 17 مئي 2000ع تي ڦڙڪايو ويو.
 پاڪستان جي خلائي تحقيقي اداري ”سپارڪو“ جو بنياد 1961ع ۾ رکيو ويو.
 پاڪستان جو سڀ کان وڏو ڊيم ”تربيلا ڊيم، آهي.
 ريڊيو پاڪستان جو مونوگرام مشھور مصور عبدالرحمان چغتائيءَ ٺاهيو.
 جون 1958ع ۾ همدرد يونيورسٽي ڪراچيءَ جو بنياد پيو.
 مشھور حڪيم محمد سعيد همدرد فائونڊيشن جي سربراھہ جي نياڻي سعديہ راشد همدرد فائونڊيشن جي صدر 1998ع ۾ مقرر ٿي.
 ملاله يوسف زئي پاڪستان جي نامور شخصيت آهي جا گڏيل قومن جي اداري معرفت نيويارڪ ۾ وڏي عھدي تي ڪم ڪندي آهي سندس تعلق ڪي پي ڪي خيبر پختونخواھہ سان آهي.
 چنبيليءَ جي گل کي 15 جولاءِ 1961ع تي پاڪستان جو قومي گل قرار ڏنو ويو.
 ڪھوٽا ايٽمي پلانٽ جو نالو جنرل ضياء الحق بدلائي عبدالقدير خان ريسرچ ليبارٽريز پھرين جنوري 1984ع تي رکڻ جي منظوري ڏني.
 1972ع ۾مشھور اخبار (DAWN) ڊان پنھنجي سلور جوبلي ملھائي.
 سکن جي مشھور عبادتگاھہ ”پنجہ صاحب“ پاڪستان جي شھر حسن ابدال ۾ آهي.
 ”فيصل مسجد“ اسلام آباد جو بنياد سعودي حڪمران شاھہ خالد بن عبدالعزيز رکيو ۽ ان تي آرائشي ڪم آرٽسٽ گل جي آغا ڪيو.
 حضرت خواجہ غلام فريد جي مزار پاڪستان جي شھر مٺن ڪوٽ ۾ آهي.
 حضرت داتا گنج بخش جو مزار لاهور ۾ آهي.
 حضرت لعل شھباز قلندر جو مزار سيوهڻ ۾ آهي.
 حضرت عبدﷲ شاھہ غازيءَ جو مزار ڪراچي ۾ آهي.
 حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو مزار ڀٽ شاھہ هالا ۾ آهي.
 مشھور شاعر فيض احمد فيض جي وفات 22 نومبر 1984ع تي ٿي.
 پاڪستان جي قائم ٿيڻ کانپوءِ سڀ کان پھرين جيڪا روزاني اردو اخبار جاري ٿي انھيءَ جو نالو ”امروز“ آهي.
 پاڪستان جي قديم مسجد ڀنڀور جي مسجد آهي.
 مغل بادشاھہ جھانگير جي راڻي نور جھان جو مقبرو لاهور ۾ آهي.
 ننڍي کنڊ ايشيا ۾ 1857ع جي انگريزن خلاف ٿيل آزاديءَ جي جنگ کي انگريزن ”غدر“ جو نالو ڏنو.
 پاڪستان ٺهڻ کان اڳ اسان جو ملڪ گڏيل هندوستان ۾ شامل هو. ان وقت ننڍي کنڊ تي انگريزن جي حڪومت قائم هئي.
 سر سيد احمد خان 1857ع جي آزاديءَ جي جنگ بابت ڪتاب ”اسبابِ بغاوت هند“ لکي انگريزن کي ڄاڻايو تہ جنگ جا اصل ذميوار مسلمان نہ پر انگريز ۽ هندو آهن.
 هن علي ڳڙھہ مدرسي کي قائم ڪيو جو اڳيان هلي ” علي ڳڙھہ يونيورسٽي“، ٿيو ۽ پاڪستان جي آزاديءَ ۾ انھيءَ يونيورسٽيءَ جو اهم ڪردار آهي.
 سنڌ جو، سر سيد ”حسن علي آفنديءَ“ کي سڏيو وڃي ٿو ، جنھن 1885ع ۾ ”سنڌ مدرسةالسلام“ مدرسي جو بنياد وڌو جنھن مان قائدِ اعظم محمد علي جناح سميت ڪيترن ناليوارن شخصيتن علم پرايو ۽ اڄ اهو مدرسو يونيورسٽيءَ جي حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي.
 ”ستارہ امتياز“ ۽ ”تمغہ امتياز“ حاصل ڪيل صادقين جو شمار پاڪستان جي عظيم مصور ۽ خطاطيءَ جي ماهر طور ٿئي ٿو.هُو 20 جون 1930ع تي پيدا ٿيو.
 سيد صادقين احمد نقوي جي ٺاهيل تصويرن جي پھرين نمائش 1954ع تي ڪوئيٽا ۾ ٿي.
 پاڪستان کانسواءِ دنيا جي ڪيترن وڏن ملڪن ۾ هن پنھنجي فن جي نمائش ڪئي. صادقين رباعيءَ جو وڏو شاعر هو ڏيڍ هزار رباعيون چيائين.
 قرآن پاڪ جي آيتن جي اثرائتي خطاطيءَ سبب سندس نالو ڏيھان ڏور مشھور ٿي ويو. خاص طور سورة ”الرحمٰن“ جي آيتن جي خطاطيءَ هن کي گهڻي مقبوليت عطا ڪئي.
 پاڪستان جي وڏين عمارتن جيئن اسٽيٽ بئنڪ، لاهور ميوزيم، فيصل مسجد ۽ ٻين جڳھين تي هن ديوارن تي وڻندڙ خطاطي ۽ مصوري ڪئي آهي.
 فريئر هال ڪراچيءَ ۾ ڀت تي خطاطي ڪندي هُو ڪري پيو. 10 فيبروري 1987ع تي وفات ڪيائين.
 پاڪستان جي پھرين عورت وزير اعظم شھيد محترمہ بينظير ڀٽو 1988ع ۾ مقرر ٿي، جا ٻہ دفعا وزير اعظم رهي.
 پاڪستان جي پھرين وائيس چانسلر عورت ڊاڪٽر ڪنيز فاطمہ يوسف اسلام آباد فيڊرل يونيورسٽيءَ ۾ 1972ع جي 16 آڪٽوبر تي مقرر ٿي.
 پاڪستان جي پھرين گورنر عورت بيگم رعنا لياقت علي 13 فيبروري 1973ع تي گورنر مقرر ٿي.
 اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي پھرين عورت گورنر ڊاڪٽر شمشاد اختر رهي.
 پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ وڏي سياسي جماعت طور ذوالفقار علي ڀٽو قائم ڪئي . هو 1928ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. 14 آگسٽ 1973ع تي ملڪ جو وزير اعظم بڻيو ۽ 5 جولاءِ 1977ع تائين وزير اعظم جي عھدي تي رهيو. هن 1978ع جي 04 اپريل تي هڪ نہ ڪيل ڏوھہ ۾ شھادت ماڻي.
 پاڪستان جو موجودہ آئين 10 اپريل 1973ع تي منظور ٿيو. جنھن جي تياريءَ ۽ منظوريءَ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جو هٿ هو.
 ڪراچيءَ ۾ پاڪستان اسٽيل مل جو بنياد ذوالفقار علي ڀٽو رکيو.
 ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ موجود سپر هاءِ وي جي تعمير جو افتتاح صدر يحييٰ خان 28 اپريل 1970ع تي ڪيو.
 حبيب بئنڪ پلازه ڪراچيءَ جو بنياد 4 سيپٽمبر 1971ع تي پيو.
 گوادر 1958ع ۾ پاڪستان جو حصو بڻيو.
 گوادر پورٽ دنيا جي وڏن ساحلن ۾ شمار ٿئي ٿو.
 پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي ڍنڍون آهن.
 سڀ کان وڏي ڍنڍ منڇر ڍنڍ آهي.
 مھو ڍنڍ سوات ۾ موجود آهي. هتي ويجهو هڪ چشمو آهي جنھن کي ”شفا جو چشمو“ چوندا آهن. جنھن جي پاڻي پيئڻ سان بيمارين ۾ شفا ملندي آهي. سوات، ڪالام، چترال هڪٻئي کي ويجها ۽ چين کان ٻہ سئو ڪلوميٽر جي فاصلي تي پاڪستان اندر گهمڻ جا هنڌ آهن.
 پاڪستان جي آباديءَ جو 56 کان 62 سيڪڙو حصو ٻھراڙي ۾ رهي ٿو. تہ هندوستان جي آباديءَ جو 61 کان 82 سيڪڙو حصو ٻھراڙين ۾ رهي ٿو.
 ملڪ جي آباديءَ ۾ عورتن جو حصو اڌ کان مٿي آهي.

باب چوٿون: سنڌ جي معلومات

 سنڌ دنيا جو هڪ قديم خطو آهي. جنھن جي قدامت جي ساک”موهن جي دڙي“ ۽ ”هڙپا“ جي هزارين سال اڳ ٺھيل آثارن مان پوي ٿي.
 پنجاب کان پوءِ سنڌ پاڪستان جو ٻيو نمبر وڏو صوبو آهي. جنھن ۾ ڪيترائي ننڍا وڏا شھر ۽ ڳوٺ آباد آهن.
 ڪراچي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ آهي.
 قائدِ اعظم جو مقبرو ڪراچيءَ ۾ آهي.
 سنڌ جو وڏو وزير ۽ ٻيا وڏا عملدار ڪراچيءَ ۾ رهن ٿا.
 سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ جون عمارتون ڪراچيءَ ۾ موجود آهن
 سنڌ جو وڏو اهم دريا ” سنڌو دريا“ آهي
 سنڌ جي مشھور ڍنڍن ۾ ”ڪينجهر“، ”هالاڻي“ ۽ ”منڇر“ آهن.
 سنڌ جي آبھوا گرم آهي، ٿر جو ريگستان جو علائقو سنڌ ۾ اچي ٿو. وڏن شھرن ۾ ڪراچي، سکر، حيدرآباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، خيرپور ۽ نوابشاھہ آهن.
 سنڌ جي ثقافت جو اهڃاڻ سنڌي ٽوپي، اجرڪ، رليون، کيس، ۽ جنڊيءَ جو سامان سنڌي علم ۽ ادب آهن. ڊسمبر جي مھيني جي پھرين هفتي جي آچر تي سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو سنڌ سان گڏ موجودہ وقت پوريءَ دنيا جي وڏن ملڪن ۾ موجود سنڌي قوم ملھائي رهي آهي، جيئن آمريڪا، لنڊن، ڪئناڊا، دبئي ۽ ٻيا ملڪ آهن.
 سانا (سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا) هڪ سرگرم سنڌي گروپ آهي، جنھن جون گڏجاڻيون آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ ٿين ٿيون، جتي سڀ گڏجي سنڌي ثقافت، علم ۽ ادب جي پٺڀرائي ڪن ٿا.
 انگلينڊ ۾ ”ورلڊ سنڌي ڪانگريس جون گڏجاڻيون ٿين ٿيون، جنھن ۾ سنڌي ماڻھو شرڪت ڪن ٿا، سنڌ جي مسئلن تي ڳالھہ ٻولھہ ٿئي ٿي، ثقافتي ڏهاڙا ملھائين ٿا.
 ثقافت جو ڏينھن گڏيل عرب امارات ۾ خاص طور دبئي ۾ اهتمام سان ملھايو وڃي ٿو.
 سنڌ جي شھر حيدرآباد جو اصل نالو ”نيرون ڪوٽ“ هو جنھن کي پوءِ حيدرآباد سڏيو ويو. غلام شاھہ ڪلھوڙي حڪمران هن شھر جو بنياد 1768ع ۾ رکيو.
 حيدرآباد جون راتيون ٿڌيون وڻندڙ ۽ ڏينھن گرم آهن.
 يونيورسٽين جو شھر ڄامشورو حيدرآباد جي ويجهو آهي. ڄامشورو ۾ سنڌ يونيورسٽي، مھراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۽ (لمس) لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي موجود آهن.
 سنڌو دريا کي ”دريا مھراڻ“ بہ سڏيو ويندو آهي. سنڌ جو هيءُ قديم دريا 2700 ڪلوميٽر جي ڊيگهہ رکي ٿو.
 سنڌ جو شھر ميرپورخاص پوريءَ دنيا ۾ انب جي ميوي جي ڪري گهڻو مشھور آهي.
 سنڌ جي ميون ۾ انب پوريءَ دنيا ۾ ايڪسپورٽ ٿيئي ٿو، ميرپور جو سنڌڙي انب پوريءَ دنيا ۾ مقبول آهي.
 سنڌڙيءَ کان سواءِ ٻيا پڻ ڪيترائي انبن جا قسم سنڌ ۾ عام جام آهن. جي پڻ کائڻ ۾ لذيذ ۽ اهم آهن، جيئن ”لنگڙو“، ”ڪليڪٽر“، ” دُسيري“، ”چوسو“، ”انور رتول“، ”بيگن پلي“ ”ديسي“ ۽ ٻيا آهن.
 سنڌ جو پھريون گورنر 1947ع کان پوءِ غلام حسين هدايت ﷲ هو.
 سنڌ جو پھريون نقشو 1870ع ۾ ڇاپيو ويو.
 سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيتريون ئي اخبارون روزاني ۽ ڪجهہ ماهوار رسالا ڇپجن ٿا. اخبارن ۾ سنڌ جي ئي حالتن بابت وڌيڪ خبرچار هجي ٿي. اهڙين اخبارن ۾ ”هلال پاڪستان“ ”ڪاوش“، ”عبرت“، ”سوڀ“، ”سنڌ ايڪسپريس“ ”پنھنجي اخبار“ ۽ ٻيون آهن.
 اهي اخبارون انٽرنيٽ تي پڻ پوري دنيا ۾ پڙهڻ لاءِ موجود آهن.
 سنڌ ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي هن دور ۾ چند اهم ٽي وي چئنلز ”ڪي ٽي اين“ ”ڪشش“، ”ڌرتي“ ”ٽائيم“، ”آواز“ ۽ ”مھراڻ“ کانسواءِ ڪافي يوٽيوب چئنلز پڻ موجود آهن. جن تان ادبي ۽ تفريح جا پروگرام پيش ڪيا وڃن ٿا.

باب پنجون: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي معلومات

 سنڌي ٻولي مٺڙي ۽ قديم ٻولي آهي.
 هيءَ هڪ سڌريل ۽ شانائتي ٻولي آهي.
 سنڌي ٻولي سنڌ ۽ پاڪستان کانسواءِ دنيا جي انيڪ ملڪن جيئن ابوظھبي، دبئي، سعودي عرب، ڪئناڊا، آمريڪا، لنڊن ۽ ٻين ملڪن ۾ جتي سنڌي آباد آهن، ڳالھائي وڃي ٿي.
 سنڌي ٻوليءَ بابت ڪم ڪندڙن ۾ انگريز دور جي عالمن کان سواءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، سراج ميمڻ ۽ ٻيا آهن.
 لفظ ”ادب“ جي معنيٰ آهي طريقو، شائستگي ۽ سليقو.
 ادب لطيف فن آهي، ان جي لطافت جو ڪارڻ اثر انگيزي آهي.
 دنيا جو هر ادب نثر ۽ نظم ۾ هجي ٿو.
 سنڌي لوڪ ادب جي نثري حصي ۾ لوڪ ڪھاڻيون ۽ داستان آهن تہ نظمي حصي ۾ لوڪ شاعري آهي.
 ادبي دورن ۾ عربن جو دور، سومرن جو دور، سمن جو دور، ارغون، ترخان ۽ مغل دور، ڪلھوڙون جو دور، ٽالپر جو دور، انگريزن جو دور ۽ موجودہ دور آهن.
 سنڌي ٻولي پھرين کاٻي کان ساڄي طرف گجراتي ۽ انگريزي جيان لکي ويندي هئي. جا ديو ناگري سنڌي هئي.
 موجودہ وقت عربي، سنڌي الف ب جي نموني سان سنڌي ساڄي کان کاٻي طرف لکي وڃي ٿي. جنھن جي شروعات ابوالحسن ڪئي.
 انگريز حڪومت صورتخطيءَ جي مقرر ڪرڻ کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري جي ڪمن ۾ پرنٽنگ پريس (ڇاپخانا) قائم ڪيا اخبارون جاري ڪيون، اسڪول کوليا. نصاب مقرر ڪري ڪتاب شايع ڪرايا. ٽالپر دور جي هٿ اکر لکيل ڪيترن نسخن کي ڇپايو.نثر جو عروج انگريز دور ۾ آيو.
 سنڌي نثر جو پھريون مثال جو موجود صورت ۾ ملي ٿو، سو آخوند عزيز ﷲ جو قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو آهي. جو ٽالپر دور ۾ ترجمو ڪيو ويو.
 قرآن شريف جي سنڌي مترجمن ۾ مولانا سيد تاج محمد امروٽي، عبدﷲ تنيو ۽ ٻيا آهن.
 حضرت مولانا سيد تاج محمد امروٽي جو جنم شڪارپور ۾ ٿيو، سندن وفات 1929ع ۾ ٿي.
 سنڌي الفا بيٽ ۾ 52 اکر آهن. جن ۾ اصلوڪن سنڌي اکرن سان گڏ فارسي ۽ عربيءَ جا اکر پڻ موجود آهن.
 هلندڙ سنڌي صورتخطي انگريز دور ۾ 1853ع ۾ لاڳو ٿي.
 پھريون درسي ڪتاب ”باب نامو“ لکيو ويو.
 ”سنڌي پھاڪا“ ديوان ڪوڙومل ۽ ”گل شڪر“ ڪيولرام سلامت راءِ شروع دورجا پھاڪن جا اهم ڪتاب آهن.
 شاھہ عبدالطيف شاعرن جو سرتاج شاعر سنڌي ادب جو وڏي ۾ وڏو شاعر شمار ٿيئي ٿو. جو ڪلھوڙن جي دور جو شاعر هو.
 شاھہ عبدالطيف جو جنم شاھہ حبيب جي گهر ڀٽ شاھہ جي ويجهو هالا حويليءَ ۾ ٿيو.
 ”شاھہ جو رسالو“، شاھہ لطيف جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.
 شاھہ جو رسالو”گنج“ جي قلمي نسخي جي صورت ۾ محفوظ هو.
 انگريز حڪومت جي دور ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ شاھہ جي رسالي کي سڀ کان پھرين جرمنيءَ جي شھر ”لپزگ“ مان شايع ڪيو ان کانپوءِ ٻيا رسالا ڇاپي جي صورت ۾ هندستان ۽ پاڪستان ۾ ڇپيا آهن.
 شاھہ جي رسالي ۾ زندگيءَ جي انيڪ موضوعن تي بي شمار بيت سنڌي قوم جي رهنمائي لاءِ موجود آهن.
 مشھور لوڪ داستانن کي شاھہ لطيف پنھنجي شاعريءَ ۾ آندو.
 هن شاعريءَ ۾ بيت ۽ وايون آهن. هيءُ هڪ شاهڪار شاعري شمار ٿيئي ٿي.
 پاڻ سڄي سنڌ گهميو ۽ پنھنجي قوم جا ڏک سور، خوشيون غميون بيتن معرفت ڄاڻايائين.
 شاھہ لطيف جي رسالي ۾ سنڌ جي ثقافت، تھذيب ۽ تمدن جي بھترين ڄاڻ موجود آهي.
 ڀٽ شاھہ تي هر سال 14 صفر تي ٽي ڏينھن لطيف سرڪار جي وفات جي تاريخ تي ميلو لڳندو آهي. سوين زائرين ايندا آهن.
 ادبي ڪانفرنس ٿيندي آهي ۽ لطيف تي علمي ۽ ادبي ڪم ڪندڙ اديبن ۽ شاعرن کي ايوارڊ ڏنا ويندا آهن.
 شاھہ لطيف کان اڳ قاضي قاضن ۽ شاھہ ڪريم مشھور شاعر ٿي گذريا آهن.
 شاھہ کانپوءِ سنڌ جي شاعرن ۾ سچل سرمت شيخ اياز، استاد بخاري، مخدوم طالب الموليٰ ۽ ٻيا آهن.
 سنڌي نثر جو وڏو نالو شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو آهي. هن سنڌي ادب ۾ سوين ڪتاب لکيا.
 کين ”سنڌي نثر جو ابو“ سڏيو وڃي ٿو.
 ٻين نثر نگارن ۾ علامہ دائود پوٽو، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرومل مھر چند، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، محمد عثمان ڏيپلائي، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ٻيا نالا آهن.
 نثر جون اهم صنفون، ناول، ناٽڪ، افسانو /ڪھاڻي، آتم ڪھاڻي، مضمون، سفر نامو ۽ ٻيون آهن جن ۾ هزارين ڪتاب موجود آهن.
 سنڌيءَ ۾ مضمون نويسيءَ جي شروعات 1860ع ۾ ٿي.
 قانون جي موضوع تي پھريون ڪتاب 1863ع ۾ لکيو ويو.
 ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ 1872ع ۾ سنڌيءَ ۾ گرامر جو ڪتاب لکيو.
 پھريون مضمونن جو ڪتاب ”گل ڦل“ آهي جنھن ۾ اهي مختصر مضمون آهن جي ”جوت“ اخبار ۾ شايع ٿيا، انھي ڪتاب کي پرمانند ميوارام جوڙيو.
 ”مقالات الحڪمت“ مرزا قليچ جو پھريون ترجمو ڪيل مضمونن جو مجموعو آهي.
 پھريون سنڌي ترجمو ڪيل ناول”راسيلاس“ آهي، پھريون سنڌي طبعزاد ناول ”دلا رام“ آهي.
 انٽرنيٽ تي سنڌي ڪتابن جي موجودگيءَ جو وڏو ادارو ”سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گهر“ آهي جنھن تي ڪيترائي ڪتاب اپ لوڊ ٿيل آهن.(منھنجا گهڻا ڪتاب سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گهر تي پڙهڻ لاءِ موجود آهن)
 ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ ڄامشورو پاران پڻ سنڌي ڪتاب آن لائين رکيا وڃن ٿا.
 سنڌي ٻولي ۽ ادب کي دورن ۾ ورهائي ادبي تاريخن ۾ هر دور جي اديبن ۽ عالمن ۽ ان دور جي علمي ۽ ادبي سرمايي جو احوال ڏنو ويو آهي.
 پھرين سنڌي ۽ فارسي گاڏڙ اخبار ”فوائد الاخبار“ آهي.
 صحافت ۾”الوحيد“ اخبار ۽ ”توحيد“ رسالو پاڪستان ٺھڻ کان اڳ سنڌيءَ ۾ اهم شمار ٿين ٿا.
 مشھور شاعر شيخ اياز جو اصل نالو شيخ مبارڪ علي آهي.
 شاعر نثار بزميءَ جو اصل نالو قلندر بخش آهي.
 شاعر سليم ڳاڙهويءَ جو اصل نالو الھورايو مھر آهي.
 مشھور شاعر استاد بخاريءَ جو اصل نالو احمد شاھہ آهي.
 ٻالڪ ادب جي شروعات انگريز دور ۾ سنڌ صورتخطيءَ مقرر ٿيڻ کانپوءِ ٿي، ديوان ننديرام سيوهاڻي ٻارن جي اسڪول واسطي ”باب نامو“ جوڙيو ۽”ايسپ جون آکاڻيون“ ترجمو ڪيون.
 ورهاڱي کان اڳ ٻارن جي ادب لاءِ لکندڙ ليکڪن ۾ ميان غلام حسين قريشي، سيد ميران محمد شاھہ، منشي اڌا رام ٿانورداس مير چنداڻي، ڪيولرام سلامت راءِ، آخوند عبدالرحيم وفا عباسي، پرمانند ميورام، شيوڪ پوڄراج، محمد صديق مسافر، نارائڻ داس ملڪاڻي، حاجي امام بخش خادم، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ڀيرومل مھر چند آڏواڻي، هري دلگير، ڪشنچند بيوس ۽ ٻيا نالا آهن.
 ورهاڱي کانپوءِ جي ٻالڪ ادب جي ليکڪن جا نالا گرداس واڌواڻي، ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، وليرام ولڀ، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، قمر ميمڻ، خالد ڀٽي، انور ابڙو، اياز پاٽولي، ولي محمد طاهر زادو، خليل عارف سومرو، اسرار شام، محمد بخش جوهر، ، استاد بخاري، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي، محمود مغل، يوسف سنڌي، ذوالفقار سيال، عبدالحئي ڀٽو، پروانو سيوهاڻي، غلام محمد غازي، نصير مرزا، نياز پنھور، طارق قريشي، استاد دايو، پريل دايو، ياسر قاضي، سعيد چانڊيو، اويس ڀٽو، قاضي منظر حيات، مختيار ملڪ، الطاف شيخ، ادل سومرو، اياز گل، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ، مريم مجيدي، بيخود بلوچ، فھميدہ چنا، اختر درگاهي، وحيد محسن، غلام محمد ڀٽي، علي محمد درد سولنگي، امداد جسڪاڻي، راز شاهاڻي، اويس ڀٽو، ياسين ڪنڀر، علي دوست ”عاجز“، سرمد عباسي، عيسيٰ ميمڻ، شگفتہ شاھہ، زيب نظاماڻي، قربان منگي، امر اقبال، وفا موليٰ بخش، فقير محمد سنڌي، نور احمد ڏهوٽ، عابده گهانگهرو، غلام مصطفيٰ سولنگي، مشتاق بخاري، غفار سومرو، الطاف ملڪاڻي ۽ ٻيا آهن.
 سنڌي ٻوليءَ ۾ انگريز دور ۾ ٻارن جا نڪرندڙ رسالا ” گلستان“، ”گل ڦل“ ۽ ٻيا آهن.
 ورهاڱي کانپوءِ ٻارن جي لاءِ نڪرندڙ رسالا ”گل ڦل“، ”ٻارن جي ٻاري“، ”ساٿي“، ”گلن جھڙا ٻارڙا“، ”سنگتي“ ”گلزار“، ”روشن دنيا“، ”ٻالڪ رنگ“، ”چڻنگ“، ”مرڪ“ ۽ ٻيا آهن.
 سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ سنڌ جي نصاب سازيءَ جو ادارو آهي.
 سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ طرفان پھرين درجي کان ٻارهين درجي تائين جا اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهايا ويندڙ ڪتاب تيار ٿيندا آهن. جن ۾ سنڌي، اردو، انگريزي، اسلاميات، حساب، فزڪس، ڪيمسٽري، بائيولاجي ۽ ٻين مضمونن جا ڪتاب ڇپجن ٿا. سنڌيءَ جي نصابي ڪتابن ۾ ٻارن جي لاءِ شاعري ۽ نثر ۾ مختلف موضوعن تي لکيو وڃي ٿو.
 شمس العلماء مرزا قليچ بيگ 1916ع کان 1921ع تائين چئن ڀاڱن ۾ گرامر جو ڪتاب لکيو جي پھرين الڳ الڳ ڇپيا موجودہ وقت سنڌي ادبي بورڊ طرفان گڏيل ڪتاب شايع ٿيل آهي. جو سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ طرفان ٻارهين ڪلاس جي نصاب جي مطالعي لاءِ پڻ رکيو ويو آهي.
 ورهاڱي کانپوءِ پھريون سنڌي سفر نامو ”سفر يورپ جي ڊائري“ آهي جو قاضي عبدالمجيد عابد لکيو.
 مشھور سفر نامانگار الطاف شيخ هڪ سئو کان مٿي سفر ناما لکيا آهن، ٻين سنڌي سفر ناما لکندڙن ۾ عبدالحئي پليجو، تنوير عباسي، محبوب شيخ، ماهتاب محبوب ۽ ٻيا آهن.
 پھريون سنڌي ناٽڪ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ”ليليٰ مجنون“ عنوان سان لکيو، ٻين ناٽڪ نويسن ۾ محمد اسماعل عرساڻي، محمد عثمان ڏيپلائي، ممتاز مرزا، شيخ اياز، قمر شھباز، آغا سليم ۽ ٻيا آهن.
 سنڌي ادب جا اهم ناول نگار محمد عثمان ڏيپلائي، غلام نبي مغل، طارق عالم ابڙو، علي بابا ۽ ٻيا آهن.
 سنڌي افسانو ورهاڱي کان ااڳ لکيو ويو، چند مجموعا ڇپيا هئا.
 1947ع کان پوءِ سنڌي افسانا نگارن ۾ جمال ابڙو، امر جليل، نجم عباسي، نسيم کرل ۽ ٻيا آهن.
 عورت افسانا نگارن ۾ ثميره زرين، خير النساء جعفري، ماهتاب محبوب، سيما عباسي، سيما ابڙو، شبنم گل، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ۽ ٻيون آهن.
 شبنم گل جو اصل نالو رضيہ سلطانہ آهي.
 علي بابا جو اصل نالو علي محمد آهي.
 سنڌي سوانح نگاريءَ ۾ سڀ کان پھرين مرزا قليچ جا ڪتاب ملن ٿا.
 ”تذڪرہ مشاهير سنڌ“، دين محمد وفائي جو اهم ڪتاب آهي.
 سوانحي مضمونن ۾ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو ڪتاب ”امر انسان“ اهميت رکي ٿو.
 پھاڪي ۾ وڏو سچ لڪيل هوندو آهي.
 پھاڪا، اصطلاح ۽ چوڻيون ٻوليءَ جو شان آهن.
 ٻارن جي لاءِ موجودہ دور ۾ گهڻو لکندڙ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جا چوڏهن ڪتاب ڇپجي ويا آهن، جيڪي ڪھاڻين، مضمونن، قولن ۽ چوڻين ۽ حڪايتن تي مشتمل آهن.