سفرناما

ٿائيلينڊ جا ٿاڪَ

ٿائيلينڊ دنيا جو اھو ملڪ آھي جيڪو ڪڏھن بہ ڌارين جي غلاميءَ ۾ نہ رھيو آھي ۽ ٿائي لفظ جي معني ئي آزاد آھي. بلوچ صحبت ٿائي ماڻھن جي سڀاءَ کي سھڻي نموني بيان ڪيو آھي. ھن ڪتاب ۾ ٿائيلينڊ جي خوبصورتين، اتان جي صفائي سٿرائي، آزادي ۽ اتان جي ماڻھن کي منفرد انداز سان لکيو آھي. ھي ھڪ اھڙو دلچسپ سفرنامو آھي جيڪو نائيٽ ڪلبن جي رنگين حسناڪين کان وٺي قدرتي جزيرن ۽ سامونڊي بيچ جي اھڙي تہ خوبصورت منظر نگاري ڪري ٿو جو عام پڙھندڙ کان وٺي تخليقي صلاحيت رکندڙ شاعر اديب ۽ ليکڪ پڻ ان منظر نگاري مان نڪور تخيلقون پيدا ڪري سگهن ٿا.

  • 4.5/5.0
  • 145
  • 24
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Thailand jaa thaak

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

BOOK NO: (387)

ڪتاب جو نالو: ٿائيلينڊ جا ٿاڪَ
موضوع : (سفرنامو)
ليکڪ: بلوچ صحبت علي
سنڌي، ¬¬¬پھريون ڇاپو: ڊسمبر2024ع
ڪمپوزنگ: علي انور لغاري ۽ دائود ڪبير لغاري
ڇپيندڙ : ڪنول پبليڪيشن
ڪنول پبليڪيشن/ پرنٽر & بڪ شاپ، سيد آرڪيڊ، گاڏي کاتو- حيدرآباد.
: 0333-7523132

قيمت: /-2000
Dollar: $5.5$

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2025ع

Thailand jaa thaak (rendezvous of Thailand)
Travelogue
© Baloch Suhbat ¬¬¬Ali
1st Edition 2024
Published by: Kanwal Publication
ISBN: 978-969-2252-68-3

ڪـتـاب مـلـڻ جـا هـنـڌ،
ڪنول پبليڪيشن& بڪ شاپ، سيد آرڪيڊ، گاڏي کاتو- حيدرآباد.
ڀٽائي بڪ اسٽور، ڪويتا ڪتاب گهر، حيدرآباد - رومي ڪتاب گهر، گدو چونڪ حيدرآباد -
دانيال ڪتاب گهر، قاسم آباد. نئون نياپو ڪتاب گهر، سچل ڳوٺ ڪراچي. الاحسان ڪتاب گهر، ميهڙ
- مرڪ پبليڪيشن هائوس، صدر ڪراچي - سنڌيڪا بڪ شاپ، لاڙڪاڻو - المھراڻ ڪتاب گهر، سانگهڙ - سليمان برادرس، نواب شاه - مدني بڪ اسٽور، دادو. عوامي ڪتاب گهر، جيڪب آباد
سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر- الفتح نيوز ايجسني، مھراڻ سينٽر، سکر. ٿرڪتاب گهر، مٺي- سامروٽي ڪتاب گهر، مٺي. تھذيب بڪ شاپ، خيرپور ميرس- سنڌ بڪ اسٽور پڪا چانگ، سراج بڪ اسٽور، قنبر

چاھہ جو رشتو سدا آباد آ،
هڪ ٻئي جي لاءِ سڪ جو سڏ ٿيو.
دور ڪيو دُوريون سڀئي اي دوستو،
دل وڏي ڪيو پاڻ ۾ سڀ گڏ ٿيو.
(مختيار سمون)

ارپنا

هي سونھن ڀريو سفرنامو ۽ پنھنجي ننڍڙي ڪاوش ارپيان ٿو، سنڌ ڌرتيءَ جي هرد لعزيز شخصيت، پنھنجي محسن، سنڌي ادب جي ڏاهي، نامياري ليکڪ ۽ خوبصورت شاعر ھئڻ سان گڏ هڪ بھترين انسان دوست محبتي ماڻھو
سائين محترم مختيار سمون کي
جنھن جون سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي لاءِ ڪيل انيڪ خدمتون ۽ ڪاوشون تاريخ جو حصو بڻجي امر ٿي ويون آهن

__ بلوچ صحبت علي

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر، ڪھاڻيڪار، سنڌيڪار، سفرنامانگار ۽ ڪالم نگار بلوچ صحبت عليءَ جو ٿائيلينڊ بابت لکيل خوبصورت سفرنامو ”ٿائيلينڊ جا ٿاڪ“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
بلوچ صحبت جي سمورن سفرنامن ۾ 'ٿائيلينڊ جا ٿاڪ' ڪيترن ئي پھلوئن کان انفراديت رکي ٿو. ٿائيلينڊ دنيا جو اھو ملڪ آھي جيڪو ڪڏھن بہ ڌارين جي غلاميءَ ۾ نہ رھيو آھي ۽ ٿائي لفظ جي معني ئي آزاد آھي. بلوچ صحبت ٿائي ماڻھن جي سڀاءَ کي سھڻي نموني بيان ڪيو آھي. ھن ڪتاب ۾ ٿائيلينڊ جي خوبصورتين، اتان جي صفائي سٿرائي، آزادي ۽ اتان جي ماڻھن کي منفرد انداز سان لکيو آھي. ھي ھڪ اھڙو دلچسپ سفرنامو آھي جيڪو نائيٽ ڪلبن جي رنگين حسناڪين کان وٺي قدرتي جزيرن ۽ سامونڊي بيچ جي اھڙي تہ خوبصورت منظر نگاري ڪري ٿو جو عام پڙھندڙ کان وٺي تخليقي صلاحيت رکندڙ شاعر اديب ۽ ليکڪ پڻ ان منظر نگاري مان نڪور تخيلقون پيدا ڪري سگهن ٿا.
ھي ڪتاب ڊسمبر 2024ع ۾ ڪنول پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون بلوچ صحبت عليءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

دادوءَ جو ابن بطوطـ ۽ ٿائلينڊ جا ٿاڪ

جيتوڻيڪ ادب ۾ سفرنامي جي صنف تمام پراڻي آھي پر چوڏھين صدي عيسوي جو موروڪو واسي عرب سياح ابن بطوطـ سفرنامي جي تاريخ ۾ تمام اھم حيثيت رکي ٿو، ڇاڪاڻ تـ ھن پنھنجي زندگي جا ٽيھہ سال دنيا جو سير سفر ڪندي گذاريا ۽ ان سير سفر جو داستان پنھنجي جڳ مشھور سفرنامي "رحلة" ۾ بيان ڪيو. عربي ٻولي ۾ "رحلة" مسافري کي چئبو آھي ۽ خاص ڪري اھا مسافري جيڪا علم ، ڄاڻ ۽ ڏاھپ جي حاصلات لاءِ ڪئي وڃي (الرحلة في طلب العلم).
سنڌي ادب جي اوائلي سفرنامن ۾ ڪلھوڙا دؤر جي شاعرن مبين شاھ عنايت رضوي، شاھ عبدالطيف ڀٽائي، مخدوم ھاشم ٺٽوي ۽ ٻين جي شاعري ۾ سفرنامي جي تاثرن کان وٺي سندن ھمعصر مخدوم عبدالرئوف ڀٽيءَ طرفان "زيارت نامي" ۽ ان بعد ٽالپورن جي دؤر ۾ ساڳئي ئي عنوان سان سيد ثابت علي شاھ نجف، شام ۽ ڪربلا جو منظوم سفرنامو تحرير ڪيو.
انگريزن جي دؤر ۾ مرزا قليچ بيگ جو سفرنامو "ڏاڙھياري جبل جو سير"، لعلچند امرڏنو مل جڳيتاڻي جو سفرنامو "مسافريءَ جو مزو"، ميران محمد شاھ جو "گنجي ٽڪر جو سير" ، ڀيرو مل مھرچند آڏواڻي جو "سنڌ جو سيلاني" ، پروفيسر نارائڻ داس ملڪاڻي جا ڪشمير ، ھند ۽ گجرات جي سفرنامن سميت ٻيا ڪيترائي سفرناما شامل آھن. ورھاڱي کانپوءِ جديد سفرنامن ۾ آغا بدر الدين دراني جو "مسافر حجاز" ، محمد اسماعيل عرساڻي جو "سير ريگستان" ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو "ھندستان کان آمريڪا جو سفر" کان وٺي الطاف شيخ جي ھڪ سئو کان وڌيڪ سفرنامن جي وڏي فھرست ملي ٿي. ھنن سمورن اوائلي، قديم ۽ جديد عالمي ۽ سنڌي سفرنامن جي دنيا جو تسلسل اڄ بہ جاري آھي ۽ جديد سفرنامـ لکندڙن ۾ ڪيترائي نوان نالا اڀري رھيا آھن جن ۾ اسان جو دادو واسي دوست بلوچ صحبت پنھنجو منفرد مقام رکي ٿو ۽ سندس ڏات ۽ ڏانوَ کي مڃتا ڏيندي اسين کيس اڄوڪي دؤر جو دادو واسي ابن بطوطـ پڻ چئي سگهون ٿا.
بلوچ صحبت جي سفرنامن جي انفراديت انھن سفرنامن جي عنوانن مان پڻ پسي سگهجي ٿي جيئن 'دادوء کان دبئي' ، 'نيپال جو نينھن'، 'ملائيشيا جون محبتون' ، 'انڊونيشا جو عشق' ۽ ھاڻي وري "ٿائيلينڊ جا ٿاڪ'. ھي سمورا سھاڻا سفر ھن پنھجي دل گهرين دوستن ڊاڪٽر سنتوش ، پرتاب راءِ ۽ جاني سان گڏ ڪيا آھن ۽ سفرنامن ۾ سندن ذڪر اھڙي خوبصورت انداز سان ڪيو آھي جو لڳي ٿو تـ ھي سفرنامو ھڪ ڪھاڻي يا ناول ھجي ۽ ان ناول جا ھي سمورا ڪردار ھجن. بلوچ صحبت ھڪ بھترين شاعر اديب ۽ ليکڪ سان گڏ ھاءِ ڪورٽ جو وڪيل پڻ آھي.
شاعر، اديب ۽ ليکڪ ھئڻ ڪري ھو پنھجي تخيل ۽ فڪري گھرائيءَ سان نون نڪور ماڳن ، ماڻھن ۽ لقائن کي ڪھاڻين ، قصن ، داستانن ۽ ناولن جيان بيان ڪرڻ جي سگهہ رکي ٿو. ساڳي طرح سان وڪالت جو پيشو تحقيق يعني کوجنا ڪري نئين ۽ مفيد معلومات ڳولڻ جا گر سيکاري ٿو ۽ اھڙن گرن جي ڪري ھي سفرنامو پنھنجي منفرد حيثيت رکي ٿو.
اھڙي انفراديت جو ھڪ مثال ھي آھي تـ جڏھن بلوچ صحبت ڦي ڦي ٻيٽ جي منظرنگاري ڪري ٿو تـ ھو نہ صرف قدرتي حسناڪين جو شاعراڻو ذڪر ڪري ٿو پر وڪالت جي گرن مطابق اتي بيٺل وڏين ۽ تيز ٻيڙين جا نالا ۽ نمبر پڻ نوٽ ڪري سفرنامي ۾ لکي ٿو. ساڳي طرح سان ھو مختلف ماڻھن جي ڳالھہ ٻولھہ جي مختلف طريقن جون مختلف معنائون اخذ ڪري بيان ڪري ٿو ۽ پڙھندڙ کي سوچڻ جا نوان رخ پسائي ٿو. ايئن چئي سگهجي ٿو تـ بلوج صحبت جا سفرناما ادب ۽ آرٽ سان گڏ تحقيقي سائنس جو پڻ سنگم آھن.
بلوچ صحبت جي سمورن سفرنامن ۾ 'ٿائيلينڊ جا ٿاڪ' ڪيترن ئي پھلوئن کان وڌيڪ انفراديت رکي ٿو. ٿائيلينڊ دنيا جو اھو ملڪ آھي جيڪو ڪڏھن بہ ڌارين جي غلامي ۾ نہ رھيو آھي ۽ ٿائي لفظ جي معني ئي آزاد آھي. بلوچ صحبت ٿائي ماڻھن جي سڀاءَ کي ھيئن بيان ڪري ٿو تـ "ماڻھو پنھنجي زندگي جا پاڻ مالڪ ھيا. مذھبن، عقيدن، نظرين، ملن، ڀوتارن، پيرن ۽ سياستدانن جو ان ۾ ڪوبہ عمل دخل نہ ھيو. نہ ئي زندگي ڪنھـن جي ماتحت ھئي.
ھر ماڻھو مذھبي طور ۽ نظرياتي طور آزاد ھيو. ماڻھو پنھنجي زندگي پنھنجي مرضي سان گذارڻ جا عادي ھيا. ايئن پيو لڳي تـ اھي ھتان جي زندگي مان مڪمل طور تي مطئمن ھيا.“ اھڙو آزاد ملڪ جيڪو ڏکڻ ايشيا جي ٻيو نمبر معاشي طاقت ھجي ۽ جتي اليڪٽرانڪس، گارمينٽس ۽ سياحت جون جديد صنعتون ھجن انھن سڀني جو ذڪر بلوچ صحبت پنھنجي شاعراڻي تخيل ۽ فڪري گهرائي تحت منظر نگاري سان گڏ ٿائيلينڊ کان علاوہ آسٽريليا، انڊيا ۽ ٻين ملڪن کان آيل سياحن سان دلچسپ ڳالھہ ٻولھہ کان وٺي ٻيٽن ، جبلن ، وڻن ٽڻن ۽ ماڳن مڪانن سان پڻ انسانن جيان ڳالھہ ٻولھہ ڪري سفرنامي کي ايترو تہ دلچسپ ۽ جاندار بڻائي ڇڏيو آهي جو ايئن لڳي ٿو تہ پڙھندڙ ان پوري سفر ۾ ساڻس گڏ موجود ھجي.
جيمز بانڊ ٻيٽ ، ڦي ڦي ٻيٽ ۽ ٻين ڪيترن جڳ مشھور ٻيٽن جو سامونڊي سير ڪندي مختلف جبلن جا نظارا بيان ڪندي اتي موجود خوبصورت وڻڪاري جو ذڪر ڪندي چوي ٿو تـ ھنن وڻن کي اڪيلو ڇڏڻ تي دل نٿي چوي ۽ خواھش ڪندي چوي ٿو تـ ڪاش ھي سڀ وڻ کڻي اچي پنھنجي گورک ھل اسٽيشن جي زينت بڻايان ۽ منھنجو گورک ڪيڏو نہ مرڪي پوي.
ساڳي طرح سامونڊي سفر دوران ماڻھن جي سڀاءَ کي بيان ڪندي لکي ٿو تہ "سامونڊي سفر دوران سڀ مسافر ھڪ ٻئي سان اھڙي طرح کل ڀوڳ ڪري رھيا ھئا ڄڻ اھي ھڪ ئي خاندان جا ڀاتي ھجن. مذھب رنگ نسل ذات پات جو ڪوبہ متڀيد نہ ھئو سڀ انسانيت جي ھڪ ئي مذھب ۽ شناخت سان سلھاڙيل ھئا" ۽ اتي بلوچ صحبت خواھش ڪري ٿو تہ ڪاش اسانجي ڌرتي تي بہ ايئن ھجي. اسين ذات پات، قبيلن ۽ مذھبي فرقن تحت ھڪ ٻئي جا دشمن بڻجي فسادي ڇوٿا بڻجي وڃون؟ اھڙي طرح پتايا اولڊ سٽي جي سير دوران ٿائيلينڊ جي قديم تھذيب ۽ ثقافت کي نيپال کٽمنڊو جي بختاپور سان ڀيٽي ٿو ۽ انھن ماڳن جي صفائي سٿرائي ۽ خاص ڪري برسات بعد پاڻي جي نيڪالي بيان ڪندي کيس موئن جو دڙو ۽ سنڌ جا ٻيا ماڳ مڪان ۽ شھر ياد اچن ٿا جيڪي گپ چڪ ۽ ڌٻڻ بڻجي وڃن ٿا.
مختصر طور اھو چئي سگهجي ٿو تہ "ٿائيلينڊ جا ٿاڪ" بلوچ صحبت جو تحرير ڪيل ھڪ اھڙو دلچسپ سفرنامو آھي جيڪو نائيٽ ڪلبن جي رنگين حسناڪين کان وٺي قدرتي جزيرن ۽ سامونڊي بيچ جي اھڙي تہ خوبصورت منظر نگاري ڪري ٿو جو عام پڙھندڙ کان وٺي تخليقي صلاحيت رکندڙ شاعر اديب ۽ ليکڪ پڻ ان منظر نگاري مان نڪور تخيلقون پيدا ڪري سگهن ٿا جيئن سيد سردار شاھہ جڏھن سنڌ جي سرموڙ شاعر حسن درس سان پنھنجي ٿائلينڊ جي سفر ۽ خاص ڪري پتايا بيج جا منظر بيان ڪيا تہ حسن درس ان منظرنگاري کي پنھنجي شاعري جو روپ پھرائيندي چيو تہ:

ناريل جي وڻن کي آهي ڏسڻ جي عادت،
۽ مرد کي مصيبت آهي ڇھڻ جي عادت،
۽ ڇوڪرين ڇتين کي آهي ڪھڻ جي عادت،
ڪنھن تي نہ پون ڪڙڪي،
سي مرد سڀ مري ويا ناراض عورتن جا.....
دلڪش بدن سمندر انداز عورتن جا ...!!!


ڊاڪٽر اظھر علي شاھ
سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس نوشھرو فيروز
7 جولاءِ 2024ع

غير جمالياتي ماڻھوءَ ٿائيلينڊ نہ اچي

ايڊووڪيٽ بلوچ صحبت سان گهڻي پراڻي شناسائي آهي. هو جڏهن سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچيءَ جو سيڪريٽري هئو تہ آئون اڪثر تاج بلوچ صاحب سان گڏجي سنگت جي هفتيوار گڏجاڻين ۾ ويندو هوس. بلوچ صحبت صاحب پنھنجي سڀاءَ ۽ گفتگو ۾ گهڻ پڙهيو ۽ دوستن جو دوست، مھمان نواز ۽ وڻندڙ طبيعت جو شانائتو شخص لڳو. هو اڪثر لکڻين تي پنھنجي وزندار راءِ ڏيندو هو. پيارو امداد سولنگي صاحب ۽ بلوچ صحبت صاحب ٻئي سٺا وڪيل ۽ بھترين اديب ۽ پاڻ ۾ گهاٽا دوست آهن. اتفاق اهڙو جو ٻئي اوچتو ئي اوچتو ڪراچيءَ کي خير آباد ڪري امداد صاحب وڃي موري جا وڻ وسايا تہ بلوچ صحبت صاحب وڃي سنڌ جي دل دادوءَ ۾ مسڪن جوڙيو. سچ تہ ڪراچيءَ جي ادبي محفلن ۾ آئون ٻنھيءَ جي ڪمي محسوس ڪندو آهيان. سال 2014ع ۾ منھنجي سليڪشن ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ٿي تہ ڪجهہ خير خواھہ دوست ڪورٽ هليا ويا ۽ منھنجي سليڪشن کي چئلينج ڪيائون ۽ سنڌ جو مشھور ۽ مھانگو وڪيل ڪيائون. پاڻ مسڪين ماڻھو؛ ”ملان جي ڊوڙ مسجد تائين“، آئون تاج بلوچ صاحب وٽ ويس؛ تاج صاحب بلوچ صحبت صاحب سان ڳالھايو؛ جنھن ٻي ڏينھن تي آفيس اچڻ لاءِ چيو. آئون ٻي ڏينھن بلوچ صحبت جي آفيس ويس، سائين ڪاغذ پٽ ڏسي اتي جو اتي جواب تيار ڪيو، ڪجهہ ضروري ڪاغذ آڻڻ لاءِ چيو ۽ منھنجو جواب فائيل ٿي ويو. آئون سندس قابليت تي حيران هيس؛ جو هن ڪيس جا ڪاغذ سامھون رکيا ۽ ڪلاڪ ٻن ۾ پئراوائيز جواب تيار ڪري ورتو. هن مون کان ڪاغذن جو خرچ بہ نہ ورتو. بلوچ صاحب اهڙا تہ جاندار جواب تيار ڪيا جو خير سان ڪجهہ مھينن ۾ ڪيس اڪلائجي ويو؛ پنھنجي جان ڇٽي وئي ۽ مون وڃي يونيورسٽي جوائين ڪئي. سچ ۾ آئون سائين جو گهڻو احسانمند آهيان. هاڻي جڏهن هن پنھنجي سفرنامي ”ٿائلينڊ جا ٿاڪ“ تي ٻہ اکر لکڻ لاءِ چيو آهي تہ دل جي حضور سان آئون هي سٽون لکي رهيو آهيان.
بلوچ صحبت صاحب خوبصورت شاعر ۽ نثر نگار آهي. سندس ٽيھن کان مٿي ڪتاب شايع ٿيل آهن. هيءُ ڪتاب ”ٿائلينڊ جا ٿاڪ“ سندس سفرنامي تي ٻڌل آهي. هيءُ سفر بلوچ صاحب پنھنجن دوستن سان گڏ گذريل سال جولاءِ ۾ ڪيو هو. سفرنامو ايڏو تہ وڻندڙ ۽ تفصيلي آهي جو گهر ويٺي پڙهندڙ ڄڻ تہ مفت ۾ مسافريءَ جا مزا وٺي ٿو اچي. نہ صرف ايترو بلڪہ بلوچ صاحب جي جمالياتي طبيعت سبب ٿائلينڊ جي سموري سونھن ڄڻ تہ پنن تي پلٽي بلڪہ پٿاري پئي آهي. سندس چوڻ آهي ته، غير جمالياتي ماڻھوءَ کي ٿائيلينڊ اچڻ ئي نہ گهرجي. بلوچ صاحب پنھنجي حُسن نظر سان هر شئي جي سونھن کي ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، ۽ ڪمال جي ڳالھہ اها آهي تہ هن ساڳي سونھن کي اکرن ۾ آندو آهي. پيرحسام الدين شڪارپور جي شام، سنڌ واھہ ۽ گهاڙ واھہ جي پاسن جي سونھن ۽ روح پرور هوا جو ذڪر ڪندي لکيو آهي تہ ”اهڙي بھاري ڪا اکرن ۾ آڻي سگهبي! “ پر ٿائلينڊ جو هي سفرنامو پڙهڻ کان پوءِ لڳي ٿو تہ بلوچ صحبت صاحب اها بھاري اکرن ۾ آندي آهي“ جيڪا هن ڏٺي ۽ محسوس ڪئي آهي. هو لکي ٿو، ”ٿائيلينڊ جي هر رات جاڳندي آهي، ۽ اتان جي هر شام پرنور هوندي آهي“ يا گوتم جي درٻار بابت لکندي هو لکي ٿو، ”پاڻ جيئن جيئن مٿي چڙهڻ لڳاسين تيئن تئين موسم بہ خوشگوار ٿيندي پئي ويئي. اوچتو ئي ڏاڪڻ تي چڙهندي مھل تازي هوا جو جهونڪو ساهن کي سرور بخشي ويو. ڄڻ تہ اڄ ڪا اتر جي هير گهلي پئي هجي. آڪاش بہ اڪيلو نہ هيو. هن سان بہ ڪارن ڪڪرن جو ميڙاڪو هيو. پر اسان چار ڄڻا هوندي بہ اڪيلا هياسين. ڪڏهن ڪڏهن اڪيلائي ۾ بہ ماڻھو ميڙي ۾ هوندو آهي، پر ڪڏهن وري ميڙي ۾ بہ اڪيلو هوندو آهي. مون کي لڳو تہ ڪارا ڪڪر اڀ سان ناراضگي جو اظھار ڪري رهيا هيا، ڇو تہ هتي گوتم جي اڱڻ تي اڻسڃاتل مسافرن جو ميڙو متل هيو. سو ان ميڙي کي مچائڻ لاءِ اهي بادل برسي پوڻ لاءِ بيتاب هيا ۽ پوءِ ٿيو بہ ائين ٿوري دير کان پوءِ بوندا باري شروع ٿي ويئي هئي. مينھن جون ڪڻيون هيٺ ڪرنديون رهيون، اسان ڀڄندا رهياسين ۽ سنياسي اسان سان گڏ رمندا رهيا. سنياسين جي ديس ۾ اسان بہ ٿوري دير لاءِ مڪمل سنياسي ٿي ويا هياسين.“
ڪيڏي نہ سحر انگيز تحرير آهي. هيءُ سفرنامو پڙهندي مون تي تہ ان ”هينسي جو کيپ“ چڙهندو ٿو وڃي، جيڪا بلوچ صاحب ۽ سندس ساٿين پتايا بيچ کان موٽندي هينسي بوتل جھڙي سھڻي ڇوڪريءَ کان ورتي هئي.
هن سفر نامي جون ٻہ اهم خوبيون آهن. هڪ تہ هيءُ سفرنامو تمام گهڻو معلوماتي آهي. هن سفر نامي ۾ ٿائلينڊ جي تاريخ ۽ سماجي زندگي کان ويندي؛ ويزا جي مرحلن تائين کي ڏاڍي خوبصورت نموني بيان ڪيو ويو آهي. اهو سڀ ڪجهہ پڙهندي هيءُ سفرنامو ڄڻ تہ هڪ بھترين ٽوئرسٽ گائيڊ وانگر لڳي رهيو آهي. ٻئي پاسي هن سفرنامي ۾ سفر جي خوبصورت ڪٿا سان گڏ اهي مسئلا ۽ مامرا بہ بيان ٿيل آهن؛ جيڪي هن سفر دوران بلوچ صاحب ۽ ٻين دوستن کي درپيش رهيا. خاص طور تي ٽئڪسي وارن جي چالاڪيءَ کي ايڏي بھترين انداز سان پيش ڪيو ويو آهي؛ جو هن سفرنامي پڙهڻ کان پوءِ جيڪو بہ ٿائلينڊ گهمڻ ويندو اهو ٽئڪسي وارن جي چالاڪين کان اڳواٽ واقف هوندو. بلوچ صاحب هڪ ٻيو بہ اهم نقطو بيان ڪيو آهي تہ ٿائلينڊ ۾ حلال حرام جو تصور گهٽ آهي ان ڪري سياحن کي احتياط ڪرڻ گهرجي؛ ڇاڪاڻ تہ اُتان جا ماڻھو تہ نانگ، بلائون، ڏيڏر، ڪتا، ڪميون، واڳون ۽ ٻيون حرام شيون بہ کائي وڃن ٿا. هن سفر نامي جي ٻي اهم ڳالھہ جيڪا بلوچ صاحب لکي آهي؛ اُها اِها آهي تہ اتي اڪثر ننڍا ننڍا ڪاروبار عورتون ڪن ٿيون. هو لکي ٿو.
”سامھون پتايا بيچ اسان جي سلامي لاءِ اسان کي پري کان ئي پڪاري رهيو هو. جيڪو اسان پھرئين رات ئي گهمي آيا هياسين. پر هن دفعي اسان روڊ جي کاٻي پاسي مٿي هلي رولاڪين کي رونق بخشي پتايا بيچ جي سونھن مان مڪمل طور تي لطف اندوز ٿيڻ چاهيون پيا. رات روڊن تي ستي پئي هئي، ٽريفڪ جي هيڊ لائيٽس جون روشنون، رات جي رونقن ۾ خلل وجهي رهيون هيون. دڪانن جي ڦٽ پاٿن تي لڳل سيور، سونھن جي ديوين جي جسمن تي روشنين جا ترورا ڇاڻي رهيا هيا. جنھن جي ڪري ويتر انھن جي سونھن جرڪي پئي هئي. نتيجي ۾ اسان جي ننڊ ڪوهون ڏور هلي ويئي هئي. سامھون کان گاڏي تي پلاسٽڪ جي ٽرانسپيرنٽ گلاسن ۾ هڪڙي ٿائي نوجوان عورت مختلف قسمن جا فروٽ کپائي رهي هئي، جنھن ۾ صوف، گدرو، ڇانھين، انب، ڪيلو، اناناس، ڏاڙهون، زيتون، چقندر نموني ڪو فروٽ وغيرہ. ان کي ساڳي شو ڪيس ۾ هن وٽ برف تي رکيل ڇانھين، سردو ۽ ٻيو فروٽ ڪٽيل پڻ رکيل هيو. جڏهن تہ شو ڪيس جي ٻاهران ڪچا ناريل پڻ پيا هيا، جيڪي ملائي ۽ پاڻي جي ڪري شوقينن جي نظر ۾ هيا. ان سان گڏ ئي وري ٻي عورت فروٽ چاٽ کپائي رهي هئي. مون ڏٺو تہ هتي اڪثر ڪري گاڏن، ريڙهن تي عورت ئي ڪاروبار ڪندي نظر پئي آئي، مرد ورلي ڪو نظر هوندو. اهڙي ريت ڪيئي عورتون هلندي ڦرندي ٻارڙن جون شيون، رانديڪا، بسڪوٽ، سگريٽ وغيرہ کپائي پنھنجي پيٽ جي دوزخ کي وسائي رهيون هيون.“ مطلب تہ عورتون رڳو مساج گهرن، نائيٽ ڪلبن ۽ رات جي رونقن لاءِ ڪونھن بلڪہ اُتان جون عورتون ٻيا بہ ڪاروبار ڪن ٿيون ۽ اهڙي ريت هو پنھنجي خاندان جي ڪفالت بہ ڪن ٿيون تہ ملڪي اُپت ۾ پڻ چڱڙو اضافو ڪري وڃن ٿيون.
مجموعي طور تي هيءُ سفرنامو ايڏو تہ دلچسپ آهي جو پڙهندڙ هيءُ سفرنامو پڙهندي پاڻ کي پتايا بيچ کان ويندي بئنڪاڪ جي روشنين ۽ رنگينن ۾ گم ٿيندي محسوس ڪندو. هو گوتم ٻڌ جي مجسمي جي اڳيان پاڻ کي عقيدتمندي سان بيٺل بہ محسوس ڪندو تہ ڦي ڦي آئلينڊ بہ اکئين وسي وٺندو، پڙهندڙ اها هر ذري گهٽ هر پني تي حسين جسمن جي خوشبوءِ بہ ماڻي وٺندو تہ اُها خوشبوءِ بہ محسوس ڪري سگهي ٿو، جيڪا بلوچ صاحب هڪ مساج پارلر ۾ محسوس ڪئي هئي ۽ اها خوشبوءِ خوبصورتيءَ سان اکرن ۾ اوتي آهي. انتھائي خوبصورت ٻوليءَ ۾ انتھائي خوبصورت سفر جي سھڻي ڪٿا لکڻ تي بلوچ صحبت صاحب کي واڌايون هجن.


ڊاڪٽر شير مھراڻي
ڪراچي يونيورسٽي
2 جولاءِ 2024ع

بلوچ صحبت جي لفظن ۾ منظر نگاري ۽ لطيف احساس

گهڻي زماني کان پوءِ فيس بوڪ ميسينجر ۾ صحبت بلوچ جو نياپو آيو تہ ھُن ڪي ٽي سفرنامه لکيا آھن. انھن تي مان ڪي اکر کيس لکي ڏيان. اھي ٽئي مُلڪ منھنجا ھڪ ڀيرو نہ پر ڪيئي ڀيرا گهميل آھن. پر ھُن مون کي چونڊ جو اختيار ڏنو تہ مان ڪنھن بہ ھڪ ملڪ جي سفرنامي تي لکان.
مان ٿائيلينڊ جي چونڊ ڪئي. ٿائيلينڊ جنھن کي”مرڪن جو ديس“ ڪوٺيو ويندو آھي. ٿائيلينڊ جو پھريون سفر2000 ع ۾ ڪيو جڏھن مان آءِ ايم ايف جي ھڪ ميٽنگ جي سلسلي ۾ ھانگ ڪانگ ويو ھيس ۽ واپسيءَ ۾ ٿائيلينڊ ۾ ڪجهہ ڏينھن رھيو ھيس. پوءِ منھنجو اھو ڄڻ ھڪ ايم ٿي ويو تہ ڪھڙي بہ مُلڪ وڃان تہ وڃڻ يا اچڻ وقت ھفتو کن ٿائيلينڊ ۾ گذاريندو ھيس. پر ھر ڀيري منھنجو ماڳ الڳ ھوندو ھو.
بلوچ صحبت سان ڪراچيءَ ۾ کوڙ ڪچھريون ٿيل آھن. انھيءَ زماني ۾ امداد سولنگيءَ ۽ بلوچ صحبت جي ”جوڙي“ ھوندي ھئي جيڪي سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جون بنا ناغي ميٽنگون ۽ پروگرام ڪرائيندا ھيا. امداد ۽ صحبت ٻئي ڀلا شاعر بہ آھن تہ وري سٺا وڪيل بہ آھن. انيس انصاري اڪيڊميءَ جي مشاعرن ۾ بہ پنھنجو جلوو ڏيکاري چڪا آھن. پر پوءِ وري پنھنجن شھرن ڏانھن موٽي ويا جتي ھاڻي اتان جا مشھور ھاءِ ڪورٽ جا وڪيل آھن.
عام طرح ايئن سمجهيو ويندو آھي تہ ٿائيلينڊ معنيٰ ”عياشي لاءِ وڃڻ“ ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناھي پر عياشي رڳو سيڪس واري نہ سمجهجي. ھا ”سيڪس“ بہ آھي پر رڳو اھو سمجهڻ تہ سڄو ملڪ ان ڪم سان لڳو پيو آھي تہ بالڪل بہ ايئن ناھي. ھر شھر ۾ ھڪ مخصوص ھنڌ اھڙو آھي جتي، نائيٽ ڪلب، بار ۽ پبَ اھڙا آھن.
پر اتا ن جي سامونڊي ڪنارن، يا اتان جي اترين علائقن جي گهمڻ لاءِ ھاڻي تہ گهڻا تڻا ماڻھو پنھنجن ڪٽنبن سان اتي تفريح لاءِ اچن ٿا. ھاڻي تہ ڪافي پاڪستاني ڪٽنب بہ اتي موڪلون ملھائڻ وڃن ٿا.
منھنجو بہ اتي گهڻي وڃڻ جو سبب اھو ھو تہ اتي جيڪي سياحن کي سھولتون ملن ٿيون اھي ڪنھن ٻي ملڪ ۾ ايتري ججهي انداز ۾ ناھن. ٻيو تہ ھر بجيٽ جي سياح کي مرضيءَ ۽ پئسي مطابق اتي رھائش کان وٺي، کاڌي پيتي تائين ھر سھولت ميسر آھي.
ھاڻي تہ کڻي پاڪستان ۾ ڊالر مھانگو ٿيڻ ڪري اسان کي ھر ملڪ گهڻو مھانگو ٿو لڳي. نہ تہ ڪجهہ سال اڳي تہ اتي ڏينھن جو ايترو خرچ ايندو ھو جيترو ڪنھن بہ ماڻھوءَ جو عام طور تي پاڪستان ۾ خرچ ٿئي ٿو. پر اتان جي رھائش پاڪستاني ھوٽلن کان ان ئي قيمت ۾ بھترين ھوندي ھئي.
2008ع ۾ منھنجو پھريون سفرنامو ”پرين ھن پار“ شايع ٿيو، جنھن لاءِ مان سائين الطاف شيخ کي عرض ڪيو ھو تہ مون کي ان لاءِ مھاڳ لکي ڏي. ان مھاڳ ۾ ھڪ ڳالھہ لکي تہ ”سفرناما مون کي اهي تہ وڻندا ئي آهن جيڪي ڪنھن نئين ملڪ يا ماڳ جا هجن، پر اهي بہ چاھہ سان پڙهندو آهيان جيڪي انھن ملڪن يا شھرن جا آهن جن مان آئون ڀلي ڏھہ دفعا ٿي آيو هجان ڇو جو جيئن چوندا آهن تہ سُرمو سڀ ڪا پائي پر اک اک جو ڦير. تيئن شھر، گهٽيون ۽ مندر مسجدون ڀلي ساڳيون هجن، پر هر ڏسڻ واري جي اندر جي اک انھن کي مختلف اينگلز Angles سان ڏسي ٿي.“
اھا ئي ڳالھہ مان صحبت بلوچ جي سفرنامي لاءِ بہ ورجائيندس تہ ماڳ مڪان تہ اھي منھنجا بہ گهميل آھن پر ھر ماڻھوءَ جو انھن ڏي رويو ۽ محسوس ڪرڻ جو انداز ٻيو ھوندو آھي ۽ وري ان کي لکڻ جو بہ پنھنجو انداز ھوندو آھي. اھڙو ئي انداز صحبت بہ روا رکيو آھي.
ڪي دوست ان ڳالھہ تي بحث ڪندا آھن تہ ڇا اڃا سفرنامي لکڻ جي ضرورت آھي؟ ٽي وي تي ايترا ڊاڪيومينٽري يا سفر جا چينل آھن ۽ يوٽيوب جھڙا چينل آھن جتي ماڻھو ھر ملڪ جي باري ۾ وڊيو ڏسي سگهي ٿو تہ پوءِ سفرنامي جي ڪھڙي ضرورت رھي ٿي؟ منھنجو کين اھو جواب هوندو آھي تہ ڊاڪيومينٽري ھڪ معلومات ھوندي آھي پر ان ۾ گهمندڙ جا پنھنجا احساس، پنھنجا تاثر نہ ھوندا آھن جنھن جي ڪري ڊاڪيومينٽريءَ ۾ اھا جان نہ ٿي رھي تہ اڳلي ماڻھوءَ کي متوجهہ ڪري سگهي. تنھن ڪري تہ ھاڻي ”وي لاگ“ جو دؤر آھي جنھن کي ھڪ ويوئزل سفرنامو چئي سگهجي ٿو. ايئن ئي لکت ۾ ڪنھن ھنڌ تي مضمون لکيل ھجي جيڪو ھوندو تہ معلومات سان ڀرپور آهي پر ان ۾ احساسن جي ڪمي ھوندي آهي، جيڪا سفرنامي ۾ ملي ٿي.
جيئن صحبت بلوچ جي ھنن لفظن ۾ ڪيڏي نہ منظر نگاري ۽ لطيف احساس آھن:
”واڪنگ اسٽريٽ کان اڳتي پتايا گيٽ کان ٿيندا پاڻ جڏهن بيچ تي لٿاسين تہ اسان جا پير سمونڊ جي واريءَ تي هيا. هتان جي واري ايڏي تہ نرم ملائم، پشم جھڙي هئي، واري تي پير رکڻ کان پوءِ ائين لڳو تہ اسان جا پير ڄڻ تہ ڪنھن ريشم جي ڪشميري بخمل تي پئجي ويا هجن.“
ان کان علاوہ اسان جي ليکڪ مختلف ھنڌن تي مزاح جي ذريعي پنھنجي اندر جي اڌمن کي ظاھر ڪيو آھي، جيڪو ھڪ ڪلاڪار ئي ڪري سگهي ٿو.
اسان جي دوست ۽ منھنجي سفر ڪرڻ جي طريقي ۾ ھڪ وڏو فرق ضرور آھي تہ ھُو پنھنجن دوستن سان گڏ سفر ڪرڻ کي ترجيح ڏئي ٿو جڏھن تہ منھنجي وري ڪوشش اھا ھوندي آھي تہ اڪيلي سِر سفر ڪيان ڇو جو ھر ماڻھوءَ جو پنھنجو مزاج ھوندو آھي، جيئن ڪو اھو چاھيندو تہ ھو ڪجهہ وقت سمنڊ ڪناري خاموشيءَ سان سج لھڻ جو منظر ڏسي تہ ان وقت ڪو ماڻھو ڪنھن پب ۾ بيئر جا ڍڪ ڀرڻ چاھيندو ھوندو. يا ڪو ميوزيم يا آرٽ گيلري ڏسڻ چاھيندو تہ اڳلو وري مال مان خريداري ڪرڻ جا سانباھا ڪندو.ھر ھڪ جو پنھنجو مزاج آھي پر هن پوري سفرنامي ۾ اھو ضرور محسوس ٿئي ٿو تہ دوستن جو پاڻ ۾ ٽيم ورڪ سٺو آھي ۽ ”ڪس ۽ ڪسر کائڻ“ واري مقولي تي عمل ڪندي پنھنجي سفر جو ڀرپور نموني مزو ماڻن ٿا.
ان کان علاوہ سفرنامي ۾ ٿائيلينڊ جي بارگيننگ، واڪنگ اسٽريٽ جون رونقون، ليڊي بواءِ، ھم جنس پرستن ۽ سدا سھاڳڻين جا بہ قصا خير قصا تہ نہ پر مشاھدا جام لکيا آھن باقي تجربن جي جهلڪ ڏيکاري پردو ڪيرائي ڇڏي ٿو.
مون صحبت بلوچ جا ٻيا سفرناما بہ پڙھيا آھن، صحبت بنيادي طور تي شاعر آھي ان ڪري سندس لکڻين ۾ شاعراڻي رواني ملي ٿي، ان جي ڪري ھن جا سفرناما پنھنجي الڳ سڃاڻپ رکن ٿا.
منھنجي کيس دعا آھي تہ سندس قلم مان اڃا وڌيڪ شاعري ۽ نثر نکري اسان وٽ پھچندو رھي.


اسحاق انصاري
ڪراچي 19 جون 2024ع

پنھنجي پاران: ٿائيلينڊ: پيار ڪرڻ وارن جو محبوب ملڪ

محترم سائين الطاف شيخ جو سفرنامو ”اي جرني ٽو ٿائيلينڊ“ ڪافي عرصو اڳ ننڍپڻ ۾ ئي پڙهي ڇڏيو هو. انھن ئي ڏينھن ۾ ٿائلينڊ گهمڻ جو جنون دماغ ۾ سوار ٿي ويو هو ۽ دل ئي دل ۾ پڪو پھہ ڪيو هو تہ نيٺ هڪ ڏينھن ايندو جو مان ٿائيلينڊ ۾ چند ڏينھن جو ٿاڪ ڪري ايندس. ان ڏس ۾ جڏهن پاسپورٽ ٺھرايو هيم ۽ دنيا گهمڻ جو عشق بہ دل ۾ پاليو هو تڏهن کان ئي دبئي، نيپال گهمڻ جو موقعو مليو هو، نيپال کان پوءِ، انڊونيشيا ۽ ملائيشيا جي جادو جڏهن من موهي وڌو هو، تڏهن وري دل ۾ ٻي خواهش ڪر کنئي هئي تہ ٿائيلينڊ بہ هاڻي چڪر هڻي گهمي اچجي.
هن کان اڳ ۾ آيل سفرنامن، ”دادوءَ کان دبُئي“، ”نيپالي نينھن“، ”انڊونيشيا جو عشق“ ۽ ”ملائيشيا جون محبتون“ سفرنامن جي باري ۾ الطاف شيخ جيڪي چند اکر لکي ڏنا، اهو مون لاءِ وڏو اعزاز آهي. ويجهڙائي ۾ آيل ڪتابن جي مھاڳ لکڻ مھل سائين الطاف شيخ صاحب جي واٽس اپ تي ڪال ڪئي هئي. ڊسمبر جي 27 تاريخ ۽ سال 2023 هئي ۽ صبح جا 11 لڳي 40 منٽ ٿيا هيا. الطاف صاحب جي آواز ۾ هيڻائي ۽ ڪمزوري محسوس ٿي. هن جي طبيعت ناساز هئڻ جي باوجود، هن مون سان فون تي ٻہ ٽي منٽ ڳالھايا. هن ٻڌايو تہ، ”هو اسپتال ۾ داخل هيو. هن کي دل جي عارضو جو معاملو هيو. هو اسپتال کان هاڻي گهر ۾ اچي ويو هو. مون جڏهن سائين کي پنھنجن ٽنھي سفرنامن، ”انڊونيشيا جو عشق“، ”ملائيشيا جون محبتون“ ۽ ”ٿائيلينڊ جا ٿاڪ“ بابت ڪتاب جي ٽائيٽل بيڪ پيج جي باري ۾ گذارش ڪئي تہ هن چيو تہ،”صحبت ! طبيعت ۾ مزو نہ آهي توهان کي چند اکر هتي ئي فون تي لکرائي وٺان ٿو.“ هن فون تي ڪتابن جا بيئڪ پيج لکرائي ورتا هيا. اِن ڪال کان اڳ ۾ هن منھنجي واٽس اپ تي پنھنجي ڪتاب ”سانباهو سمونڊ جو“جو پي ڊي ايف ۾ موڪليو هيو. ڇاپو چوٿون (اپريل 2017). هي ڪتاب الطاف شيخ صاحب پنھنجي دوست محترم سائين عبدالطيف انصاري (هالا واري کي) ارپيو آهي. جيڪو نالو واري وڪيل ۽ منھنجو بہ دوست ڇا محسن هيو. سو اهو بئڪ پيج مون پنھنجي سفرنامي ”انڊونيشيا جي عشق“ ۾ ڇاپيو آهي.
هڪ دفعي ڪچھري ڪچھري ۾ اسان جي پياري دوست محترم پروفيسر سائين غلام سرور پنھور بہ ٿائيلينڊ جي ڏاڍي تعريف ڪئي هئي. هن ٻڌايو تہ ٿائيلينڊ گهمڻ جھڙو ملڪ آهي. ماڻھوءَ کي زندگي جي گهمان گهمي مان چند گهڙيون پنھنجي لاءِ بہ ڪڍي جيئڻ گهرجن. پاڻ کي بہ ڪڏهن ڪڏهن وقت ڏجي. اسان جا دوست نادر جمالي ۽ پروفيسر مظھر لُنڊ تہ هر سال ٿائلينڊ جو چڪر هڻي دل جو عمرو ڪري ايندا آهن. مظھر جو چوڻ آهي هو هر سال ”ناناڻي ڳوٺ“ ويندو آهي. ”ناناڻي ڳوٺ“ جو مطلب آهيٰ ٿائيلينڊ. ان کان علاوہ اسان جي گهڻي سنگت ٿائيلينڊ گهمي آئي آهي. جن ۾ ڊاڪٽر آفتاب چارڻ مرحوم، ڊاڪٽر منير احمد عباسي، ڊاڪٽر سنتوش مل، پرتاب راءِ شيواڻي، انجنيئر سريش کتري ۽ ٻين دوستن پڻ ٿائيلينڊ جي رونقن جي باري ۾ گهڻو ڪجهہ ٻڌايو هو. ٿائيلينڊ وڃڻ مھل سريش اسان کي گهڻو همٿايو هو. هن چيو هو تہ،”توهان ٿائيلينڊ جو هڪڙو چڪر ضرور هڻي اچو، پوءِ ڏسو تہ زندگي توهان کي ڪيڏي نہ خوبصورت لڳي ٿي.“ سريش ٿائيلينڊ ۾ ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪرڻ جي سانگي ويو هيو. نيٺ پنھنجي تعليم مڪمل ڪري هو سنڌ واپس وريو. ان ڪري اسان هن جي صلاح کي لبيڪ چوندي پاڻ ۾ اها صلاح ڪئيسين تہ هلو تہ ٿائيلينڊ ۾ هلي ٿاڪ ڪجي.
جولاءِ 2023 ۾ سڀني دوستن جو خيال ٿيو تہ انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ ٿائيلنڊ گهمڻ جو وقت اچي ويو آهي. سو ان خيال سان ويزا جا سڀ ڪاغذ مڪمل ڪري، ويزا اپلاءِ ڪيو، جيڪو پھرئين ئي ڌڪ ۾ ملي ويو (اڪثرڪري وزٽ ويزا ڏيئي ڇڏيندا آهن).
مون کي پڙهندڙن طرفان هن کان اڳ ۾ شايع ٿيندڙ سفرنامن ”دادو کان دبئي“، ”نيپالي نينھن“، ”انڊونيشيا جو عشق“ ۽ ”ملائيشيا جون محبتون“ تي جيڪا موٽ ملي، ان جو مان دل سان ٿورائتو آهيان. مون کي اميد آهي تہ هي سفرنامو بہ توهان کي ايترو ئي پسند ايندو، جيترو هن کان اڳ وارن سفرنامن کي توهان ساراهيو آهي. هي سفرنامو بہ انڊونيشيا ۽ ملائيشيا جو تسلسل آهي. هن سفرنامي کي پڙهڻ ۾ توهان کي تمام گهڻو لطف ايندو ڇاڪاڻ تہ هن ۾ توهان جي دلچسپي جي گهڻي ڳالھہ ڪيل آهي. هتي مان توهان سان هڪڙو اعتراف بہ ڪندو هلان تہ ڪٿي ڪٿي مون سفرنامي کي دلچسپ بڻائڻ جي لاءِ، مزي ۽ رونشي خاطر وڌاءُ ڪري هن ۾ ڪيترائي فليور ايڊ ڪيا آهن، خاص ڪري عشق ۽ سيڪس جو تہ جيئن توهان کي سفرنامي پڙهندي مزو اچي ۽ توهان بوريت جي بازار مان ڪڏهن بہ نہ گذرو.
مان ٿورائتو آهيان پنھنجي محسن دوست ڊاڪٽر اسحاق انصاري صاحب، ڊاڪٽر اظھرعلي شاھہ صاحب ۽ ڊاڪٽر شير مھراڻي صاحب جن جو، جن صاحبن ٿوري وقت ۾ مون تي ڀلايون ۽ ڀال ڪري ڪتاب لاءِ چند اکر لکي منھنجو مانُ مٿانھون ڪيو.

توهان جي محبتن ۽ مرُڪن جو مقروض


بلوچ صحبت علي
B.Sc ، LL.B & LL.M
وڪيل هاءِ ڪورٽ

Thailand is a really beautiful place ، culturally and spiritually. You appreciate it the longer you stay.

One of the dreams on my wish list is to spend more time in Thailand. Kevin Kwan

ٿائلينڊ سان تاريخي، سياسي ۽ سماجي پسمنظر ۾ ڪچھري

هن ملڪ جو سرڪاري نالو ”ڪنگڊم آف ٿائيلينڊ “ آهي. هن کان اڳ ۾ هن جو نالو ”سائيم“، ”سميم“، ”ٿائيليانڊ“، ”آئي مائي“ ۽ ”سيام“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هي ملڪ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ واقع آهي.
هي ملڪ 1423 ننڍن وڏن جزيرن/ٻيٽن تي مشتمل آهي. هتان جا مرد توڙي عورتون، بھترين ۽ معياري زندگي گذارڻ لاءِ زندگي جي مختلف شعبن ۾ ڪم ڪن ٿا. هن ملڪ ۾ هتان جي ماڻھن لاءِ مھانگائي نہ هئڻ جي برابر آهي. ماڻھو انتھائي خوشحال ۽ پرسڪون زندگي گذاريندا آهن. هن ملڪ جي 513120 چورس ڪلو ميٽر ڪل ايراضي آهي. جڏهن تہ 0.4 في صد حصو يعني 2230 چوٿين حصي واري ايراضي پاڻي آهي.
هن ملڪ ۾ توهان ڪنھن بہ ماڻھو کي واندو گهمندي نہ ڏسندو. حالانڪ تعميراتي شعبي واري ڪم بہ توهان عورتن کي مردن سان شانا بشانا ڪم ڪندي ڏسندو. ٿائيلينڊ جون سرحدون؛ اُتر ۾ ميانمار ۽ لائوس، اوڀر ۾ لائوس ۽ ڪموڊيا، ڏکڻ ۾ خليج ۽ ملائيشيا ۽ اولھہ ۾ بحر انڊمان سان ملن ٿيون. ۽ سامونڊي سرحدن ۾ ڏکڻ اوڀر ۾ ويٽنام، ڏکڻ اولھہ ۾ انڊونيشيا ۽ هندستان سان ملن ٿيون.
بينڪاڪ ٿائيلينڊ جو سڀني کان وڏو شھر آهي، جيڪو گادي جو هنڌ پڻ آهي. هڪ تہ هن شھر جو شمار دنيا جي جديد ترين شھرن ۾ ٿئي ٿو ۽ ٻيو تہ وري مصروف ترين شھرن ۾ به. سڄي ٿائيلينڊ ۾ هن شھر ۾ ئي سڀ کان وڌيڪ ۽ گهڻي ۾ گهڻو ڪاروبار ٿئي ٿو. وڏا وڏا شاپنگ مال، بيشمار ننڍيون توڙي وڏيون بازارون، کاڌي پيتي جون انيڪ هوٽلون، ڪيفيز، جديد طرز تعمير واريون خوبصورت عمارتون ۽ توهان کي هتان جي هر گهٽي، روڊ، ڪنڊ پاسا، سڀ صاف سٿرا نظر ايندا. اصل ۾ بينڪاڪ ٿائلينڊ جو ڪاروباري مرڪز جي حيثيت سان مشھور آهي.جيئن اسان وٽ سنڌ صوبي ۾ ڪراچي.
هن شھر 1960ع کان 1980ع وارن ڏهاڪن دوران انتھائي تيزي سان ترقيءَ جو منزلون طئي ڪيون. ان ڪري اڄ هي شھر سياست، معاشيت، تجارت، سياحت ۽ جديد معاشري جو مثال بڻيل آهي. 1990ع جي ڏهاڪي ۾ گاڏين، ڪارن، موٽرن جي دونھين جي ڪري شھر جي فضا آلودگي جو شڪار ٿي ويئي هئي. جنھن تي حڪومت فوري طور تي عملي قدم کڻي ان فضا جي آلودگي جي آلاڻ ۽ ڪارڻ کي روڪڻ لاءِ 8 عدد ميٽرو ٽرين ۽ ٻين آمدرفت جي سھولت کي دونھين جي آلودگي کان فضا کي پاڪ ڪيو. جنھن جي ڪري چند ئي سالن ۾آبھوا ۾ موجود آلودگي کي ختم ٿي ويئي.
سڄي ملڪ ۾ ٽرين جو بھترين نظام موجود آهي. لوئر ڪلاس کان وٺي فرسٽ ڪلاس تائين ريل ۾ هر سھولت موجود آهي. شھرن ۾ ميٽرو جو پڻ بھترين نظام موجود آهي ۽ هتان جي ميٽرو دنيا جا اعليٰ ترين معياري ميٽرو سان مقابلو ڪري سگهن ٿيون. ميٽرو ۽ ٽرين جو ڪرايو، بس، ٽيڪسي جي ڪراين کان تمام گهڻو سستو آهي. سڄي ملڪ ۾ بس، ڪار ۽ ٽيڪسي جو معياري نظام پڻ عام ماڻھن کي سھولتن سان نوازي ٿو. هتان جي ٽيڪسي ۾ ڪيمرا لڳل هوندي آهي ۽ ميٽر آٽوميٽڪ هوندو آهي. جنھن جو ڪنيڪشن ڊاريڪٽ ٽيڪسي جي ڪمپني وارن سان هوندو آهي. ڪنھن بہ حادثي جي صورت ۾ ٽيڪسي جي پٺيان لکيل نمبر تي رابطو ڪري توهان اطلاع ڏيئي سگهو ٿا. ڪرايو توهان اهو ئي ڏيو جيڪو ڪار جي اسڪرين تي نظر اچي ٿو، ڇو تہ اهو سڌو سنئون ڳنڍيل هوندو آهي ڪمپني وارن سان. ان ۾ ڊرائيور جو ڪو بہ دخل نہ هوندو آهي.
ڊرائيور ڪڏهن ڪڏهن ميٽر بند ڪري توهان کي هڪڙي جاءِ کان ٻي جاءِ تي وٺي وڃي سگهن ٿا. ڇو اهڙي قسم جو ٻہ نمبر ڪم بہ هتي ٿي سگهي ٿو ۽ اهو ڪم هتي عام جام ٿيندو آهي. ائين ڪرڻ سان توهان جيڪي بہ پئسا ٽيڪسي ڊرائيور کي ڏيندو ، اهي هن جي ئي کيسي ۾ هليا ويندا.
هن شھر جي ڪل آبادي 835218 آهي. آبادي جي لحاظ کان هي ٿائيلينڊ جو سڀ کان وڏو شھر آهي. هن شھر جي مشھور گهمڻ وارين جاين ۾ چائو فرايا رور (ندي)، واٽ بيٽ چاما بفيٽ، گرانڊ پئليس ۽ سوينگ، ڊيموڪريٽڪ موويمينٽ ۽ واٽ آريان آهي. ٿائي ماڻھو ٻاهرين ملڪن جي سياحن کي تمام گهڻو لٽيندا آهن.
ان ڪري جڏهن بہ توهان هتي اچو تہ انتھائي هوشياري کان ڪم وٺو. موڳا مٽر نہ ٿيو. نہ تہ صفا لٽجي ويندو. ڪنھن بہ شي يا جڳھہ جي گهمڻ جا اگهہ مختلف ماڻھن کان پُڇي، مختلف دڪاندارن کان پڇي، پڪ ڪري، پوءِ ئي اهو بڪ ڪرايو يا خريد ڪيو. ٿائيلينڊ جي ڪل آبادي 69548117 ماڻھن تي مشتمل آهي. جن مان 80 سيڪڙو آبادي ٿائي ماڻھن جي آهي، جڏهن تہ انھن 80 سيڪڙو ٿائي ماڻھن مان 37 سيڪڙو سينٽرل ٿائي، 25 سيڪڙو ٿائي لائو، 8 سيڪڙو لانا ۽ 2 سيڪڙو ويسٽرن ٿائي ماڻھو اچي وڃن ٿا. 80 سيڪڙو ٿائي ماڻھن کان علاوہ، 10سيڪڙو ٿائي چائنيز، 3 سيڪڙو خامر ۽ 7 سيڪڙو ملاياس جا ماڻھو شامل آهن. جيڪڏهن هتان جي ماڻھن جي مذهب جي باري ۾ ڳالھائينداسين تہ هتي 93.40 سيڪڙو ماڻھو ٻڌازم جا پوئلڳ، 5.37 سيڪڙو اسلام جا پوئلڳ مسلمان ، 1.13 سيڪڙو عيسائي ۽ باقي ٻين مذهبن جي مڃڻ وارا ماڻھو آباد آهن.
ٿائيلينڊ جي سرڪاري ٻولي ”ٿائي“ آهي. ان کان علاوہ ٻيون بہ ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالھايون وينديون آهن جن ۾ ٿائي، آئسان، لانا، ڊيمبرو، ڪارين، اوڪين، پٽاني مالي، بينڪاڪ مالي ۽ ٽيوچو وغيرہ اهي سڀ ٻوليون هتي ڳالھايون وينديون آهن. هتان جي سالياني جي ڊي پي، 1.591 ٽريلن ڊالر آهي.
هتان جي في ماڻھو جي آمدني 22675 ڊالر آهي. جيڪو پاڪستان 6521359.48 روپين جي برابر آهي.
ٿائلينڊ جي مشھور گهمڻ وارين جاين ۾ ڦُڪيٽ جزيرو نمايان آهي. هن جزيري کي گهمڻ يا ڏسڻ لاءِ سڄي دنيا جا ماڻھو هتي اچن ٿا. هي جزيرو انتھائي خوبصورت ۽ ڏاڍو پرڪشش آهي. پوري ٿائيلينڊ ۾ هي جزيرو غيرملڪي ماڻھن جي سڀ کان وڌيڪ توجهہ جو مرڪز بڻيل آهي ۽ سڀني کان وڌيڪ پسنديدہ ۽ گهمڻ واري جڳھہ آهي.
ڦُڪيٽ شھر ۾ توهان کي ٻہ نمبر ڪاروبار تمام گهڻو نظر ايندو. هتان جا ماڻھو جيڪا شي 15 باٿ جي آهي اها ٻاهرين ماڻھو کي 50 باٿ ۾ ٺوڪن ٿا. اهڙي نموني ئي هتان جا ماڻھو سستي شيءَ کي مھانگو ڪري وڪڻن ٿا ۽ ٻيڻي ٽيڻي اگهہ ۾ سياحن کي لٽين ٿا. ڦڪيٽ پنھنجي خوبصورت جزيرن جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشھور آهي. ٿائيلينڊ جي مشھور جڳهن ۾ ”چٽو چڪ“ مارڪيٽ تمام گهڻي مشھور هئڻ سان گڏ مصروف ترين بہ آهي.
هن مارڪيٽ مان توهان دنيا جي هر شيءَ جيَ خريداري ڪري سگهو ٿا. هر سال ڏھہ لک کان وڌيڪ سياح هن بازار جو چڪر هڻي خريداري ڪن ٿا. ان کان علاوہ ٿائيلينڊ جو پتايا سٽي ۽ ان جو پتايا سمونڊ دنيا ۾ پنھنجو هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. جيڪي بہ ماڻھو ٿائيلينڊ ويندا آهن، اهي يا تہ ڦڪيٽ سٽي يا پتايا سٽي ۾ رهڻ پسند ڪندا آهن. ڇاڪاڻ تہ اهي ٻيئي شھر پنھنجي نائيٽ لائيف، نائيٽ بارس، ڊانس ڪلبن ، شراب خانن، جووا خانن ۽ مساج سينٽرن مطلب تہ دنيا جي فاحش ترين بيچز جي ڪري مشھور آهن.
هن شھر جي خوبي اها آهي تہ ڀلي کڻي ڏينھن هجي يا رات هتي هر وقت ماڻھن جا ميلا لڳل هوندا آهن ۽ سدائين ماڻھن جا هجوم ۽ رونقون لڳل رهنديون آهن. هنن شھرن ۾ ڪاروبار عروج تي هوندو آهي. خاص ڪري فاسٽ فوڊ جي ڪاروبار جي ڳالھہ ئي ٻي آهي. ڇاڪاڻ تہ غيرملڪي ماڻھو گهڻو ڪري هوٽل کان کاڌو گهرائيندا آهن.
پتايا شھر ٿائيلنڊ جو ٻيون نمبر وڏو شھر آهي. هي انتھائي خوبصورت شھر آهي. ٿائيلينڊ ۾ هر موسم ٿيندي آهي جيئن اسان وٽ سيارو، اونھارو، سرءُ ۽ بھار. ٿائي لينڊ جو بادشاھہ Vajiralongkorn آهي، هي چاڪري سلطنت جو ڏهون بادشاھہ آهي. King Bhumibol Adulyadej (Rama ix) ۽ Queen Sirikit جو اڪيلو سڪيلڌو پٽ آهي، جنھن کي 1972ع ۾ 20 سالن جي عمر ۾ تخت تي ويھاريو ويو هو. جنھن وٽ ملڪ جا سمورا اختيار هوندا آهن. ٿائي ماڻھو هن کي خدا جيان پوڄيندا آهن ۽ هن کي پنھنجو ديوتا مڃندا آهن. ٿائيلينڊ جي ماڻھن جو انگريزي ٻوليءَ تي عبور نہ آهي بلڪ انھن جي انگريزي تمام ڪمزور ۽ خراب آهي.
ان ڪري جيڪو بہ ڏيڻو وٺڻو هوندو آهي ان لاءِ هٿ جي اشاري سان ئي سمجهائي وٺو تہ بھتر. يا وري ٻيو ڪم ڪيو تہ توهان وٽ نيٽ آن هجي ۽ توهان گوگل ٽرانسليٽر مان فائدو وٺي سگهو ٿا. ٿائيلينڊ جا ماڻھو دنيا جي هر جانور جهڙوڪ؛ ڪوئن، ٻلين، ڪتن، منگر مڇن (واڳوئن)، سوئرن، وڇوئن، لال بيگن، نانگن بلائن، ڪيڙن مڪوڙن ۽ ڏيڏرن جو گوشت وڏي شوق سان کائيندا آهن. هتان جا ماڻھو ڪچيون سايون ڀاڄيون ۽ ڪچا سامونڊي جيت، ڪيڙا بہ کائي وڃن ٿا. ان ڪري جڏهن بہ ٿائيلنڊ وڃو تہ حلال ۽ حرام جو خاص خيال رکندا ڪريو. خاص ڪري توهان کي انڊين هوٽل ان مقصد لاءِ ڳولھڻا پوندا.
بينڪاڪ جا ماڻھو هون تہ نہ فقط ٻہ نمبر طور گهڻو مشھور ۽ بدنام آهن پر انتھائي فراڊيا ۽ لٽيرا پڻ آهن. پنھنجين شين کي وڪڻڻ لاءِ توهان سان ايڏو تہ مٺي نموني ڪوڙ هڻي اوهان سان پيش ايندا جو توهان کي خبر ئي نہ پوندي تہ توهان جا ترا نڪري ويا. جيڪڏهن توهان پنھنجي ڪاوڙ جو اظھار بہ ڪيو تہ هي ماڻھو توهان سان وڙهڻ تي دير ئي نہ ڪندا. جيئن توهان ڪراچي صدر م ڪنھن پٺاڻ سان جهيڙو ڪري ڏسو. پوءِ سڀ پٺاڻ توهان سان وڙهڻ لاءِ ائين گڏ ٿي ويندا، جيئن ڪانوَ جهيڙي مھل گڏ ٿيندا آهن.
بينڪاڪ سٽي ۾ موجود ”ليوميني پارڪ“ انتھائي خوبصورت ۽ موهيندڙ آهي. غيرملڪي سياح هن پارڪ ۾ اچي تفريحي مزو ضرور وٺندا آهن. بينڪاڪ جو نيشنل ميوزيم اوڀر ايشيا جو سڀني کان وڏو ۽ مشھور ميوزيم آهي. هن ميوزم ۾ توهان کي پراڻي ٿائي تھذيب جا ڪيترائي آثار ۽ اهڃاڻ ڏسڻ لاءِ ملندا. هر سال لکين ماڻھو هن ميوزم کي ڏسڻ لاءِ ايندا آهن ۽ هتان جي پراڻي تھذيب کان آشنا ٿين ٿا. ٿائيلينڊ ٻڌازم جا مندر توهان کي هر جاءِ تي ڏسڻ ۾ ايندا.
هر جڳھہ تي توهان کي گوتم ٻڌ جون مورتيون ملنديون. ماڻھو هنن مندرن ۾ مذهبي عقيدي جو خيال ڪندي، پنھنجا جوتا لاهي، مٿي کي ڍڪي پوءِ اندر داخل ٿيندا آهن ۽ انھن مورتين جي اڳيان سر نوائي، هٿ ٻڌي پنھنجن خواهشن جو اظھار ڪري منتون ۽ باسون باسيندا آهن. سڄي ٿائيلينڊ ۾ توهان کي پراڻن کان پراڻا، قديمي مندر ۽ وري ساڳي جاءِ تي توهان کي جديد کان جديد مندر، جديد طرز جي اڏاوت ۾ پڻ نظر ايندا.
ٿائيلينڊ ۾ گوتم جو مشھور مندر ”واٽ ارون“ ۽ ”واٽ روخاوو“ آهن. ان کان علاوہ 37 ٻيا بہ اهڙا مندر آهن جن کي ڏسڻ لاءِ سڄي دنيا جا ماڻھو هتي اچن ٿا. سڄي دنيا جا ماڻھو، وڏا وڏا تاجر، واپاري، بزنس مين جيڪي سير و سياحت سان شوق رکندڙ آهن، اهي پنھنجي زندگي جو مزو ماڻڻ لاءِ، خاص ڪري جنسي لذتن جي حاصلات لاءِ ٿائلينڊ جو رخ ڪن ٿا. ٿائيلنڊ حسين ماڻھن جو هڪڙو حسين ملڪ آهي.
ڇو تہ هتي حسن جي حدن جو ڪو ڇيھہ يا ڪا سرحد ڪونھي ۽ هر طرف سونھن جي هڪڙي الڳ دنيا قائم آهي، جتي حسن جي ديوين ۽ ڪوڪاف جي پرين جو راڄ آهي. هڪٻئي کان وڌيڪ حُسن جون ديويون حسن جي نمائش ڪندي نظر اينديون آهن. سو هتي حسن جي هٿيار سان عاشقن جي دلين جو شڪار سرعام ٿئي ٿو. سڄي دنيا جا خوبصورت کدڙا بہ توهان کي هتي ئي ٿائيلينڊ ۾ ملندا. سو کدڙن جا شوقين بہ هر سال هتي اچي پاڻ کي لٽائي ويندا آهن. هون بہ عاشقي نالو ئي لٽائڻ جو آهي، ڏيڻ جو آهي، وٺڻ جو نانءَ ئي محبوبہ آهي. ان ڪري هتي کدڙي ۽ نوجوان خوبصورت ڇوڪري ۾ فرق ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ماهر ماڻھو بہ ڌوڪو کائي ويندا آهن. پوءِ خبر پوندي آ تہ،” يار مري ويس هي تہ ٽين جنس آهي.“
هتان جا نوجوان ڇوڪرا پنھنجو جنسي ڪاروبار ڪرڻ لاءِ پنھنجي مخصوص عضوي جو آپريشن ڪرائي کدڙو ٿي ويندا آهن. ڇوڪرين ۽ کدڙن ۾ فرق يا تہ هنن جي مرداڻي آواز مان لڳائي سگهجي ٿو يا وري يا وري نڙي جي هڏي مان توهان هن کي سڃاڻي سگهو ٿا. پر ٻنھين ۾ فرق ڪرڻ سمونڊ ۾ هٿ وجهي مڇي پڪڙڻ جي برابر هوندو.
هتان جون نائٽ ڪلب ۽ شراب جون بارون سڄي دنيا ۾ فحاشي جي ڪري مشھور آهن. ڇو تہ روڊ تي، گهٽي تي، واڪنگ اسٽريٽس تي هلندي، گهمندي ڦرندي هتان جو ڇوڪريون توهان جي پيار کي ماڻڻ جون ڪوشش ڪرڻ لاءِ توهان کي دعوت ڏينديون ۽ توهان کي اچي زوري ڀاڪر پائينديون. توهان کي هٿ کان پڪڙي بيھارينديون. ٿائيلينڊ ۾ 100 مان 65 ڇوڪريون ان عبادت واري ڌنڌي تي لٿل هونديون آهن. جيڪي توهان کي ڦاسائڻ ۾ ڪا بہ دير ۽ ڪا ڪسر نہ ڇڏينديون. هتي هر شي کليل هوندي آهي. هنن کي حڪومت طرفان ان ڪم جي اجازت مليل هوندي آهي. هتي ڪا بہ پابندي نہ هوندي آهي بلڪ اهو ڪم سرڪار جي سربراهي ۾ ئي ٿيندو آهي ۽ ان ڪم جي سرڪار طرفان انھن کي لائيسنس مليل هوندو آهي. هتان جون ڊانس بارون شام جو ڇھين وڳي کان ئي کلي وينديون آهن ۽ پوءِ صبح جو پنجين وڳي تائين سياحن کي پنھنجا جلواه پسائيندي، رات کي رونقون بخشينديون آهن.
دنيا جون خوبصورت کان خوبصورت عورتون، جوان ڇوڪريون بلڪل برهنا، نيڪڊ ۽ نيوڊ ٿي ڊانس جي دنيا ۾ گم ٿي وينديون آهين. هنن بارن ۾ شراب انتھائي عام هوندو آهي. چند باٿن جي عيوض هتان جون خوبصورت جوانڙيون سڄي رات لاءِ توهان سان گڏ هلڻ لاءِ تيار هونديون آهن. پنھنجن نازن، نخرن، ادائن، تيورن سان توهان جي انگ انگ کي مھڪائي ڇڏينديون. ان ڪري هتي باذوق ماڻھو ئي ويندا آهن ۽ جن جو خاص ڪري جماليات سان ڳانڍاپو هوندو آهي. جيڪي ماڻھو جماليات کان وانجهيل آهن، منھنجي صلاح آهي تہ اهي هن پاسي جو رخ نہ ڪن تہ بھتر.
ٿائي مساج سڄي دنيا ۾ مشھور ۽ معياري سمجهيو ويندو آهي ۽ ان سان گڏ انتھائي سستو پڻ. ٿائي مساج سينٽر توهان کي فل پيڪيج سان گڏ ”هيپي اينڊنگ“ جو پڻ پيڪيج ڏيندا آهن تہ توهان مڪمل طور تي ٿڪاوٽ دور ڪري ريليڪس ٿي وڃو. ڇو تہ توهان ٿائيلنڊ ۾ آيا ئي خاص ڪري ان مقصد ۽ گهمڻ ڦرڻ لاءِ آهيو. انھن دڪانن ۾ ڇوڪريون مڪمل طور تي ڪپڙن کان آجو ڪري توهان جي جسماني ۽ روحاني راحت جو سامان مھيان ڪنديون آهن. هتان جو ناريون پنھنجي ان ڪم م مڪمل طور تي مھارت رکن ٿيون. ان ڪري اهي توهان جي جسم جي هر حصي کي، انگ انگ کي ائين مالش ڪري جوان ڪنديون آهن، ڄڻ تہ ڪو پوڙهو اوچتو جواني ڏي موٽيو هجي. هنن نازنين جو فقط هڪڙو ئي مقصد هوندو آهي تہ اهي توهان جي کيسي مان پئسا جيترا ڪڍي سگهن ڪڍڻ ۾ ڪامياب وڃن.
جيڪڏهن هتان جي سامونڊي ساحلي پٽين جي ڳالھہ ڪيون تہ ٿائيلينڊ ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون جايون آهن جتان جون بيچز عياشِي ۽ فحاشي جي اڏن جي ڪري ڏاڍيون بدنام ۽ مشھور آهن. اهي فقط ان ڪمن جي ڪري ئي سڃاتيون وڃن ٿيون ۽ هتي اچڻ کان پوءِ توهان دنيا جي ٻين بيچيز کي وساري ويھندو.
هتان جي خوبصورت بيچز کي گهمڻ لاءِ سڄي دنيا جا سياح هتي اچن ٿا. ڇو تہ هتان جو هر جزيرو پنھنجي هڪڙي الڳ ٿلڳ سڃاڻپ رکي ٿو. ڦڪيٽ ۽ پتايا سٽي جون بيچز انتھائي خوبصورت آهن. بيچز جي ڪنارن تي خوبصورت ترين هوٽلون بہ واھہ جو مزو ڪن ٿيون. ڇو تہ انھن تي رزارٽ ٺاهيا ويا آهن، جيڪي سياحن جي عياشي جا اڏا آهن.
ٿائيلينڊ جي نائٽ لائيف انتھائي عياشي ۽ فحاشي جي ڪري مشھور بہ آهي تہ بدنام به. هتان جون ڇوڪريون توهان کي روڊن، رستن جي ڪنارن تي، بيچز تي، هوٽلن جي ٻاهران، جتي موقعو ملين، توهان کي هر پاسي پيار ڪرڻ ۽ محبتون ونڊڻ لاءِ سرعام دعوتون ڏيندي نظر اينديون. ٿائيلينڊ جي 60 سيڪڙو آبادي شھرن ۾ ۽ باقي 40 سيڪڙو آبادي ڳوٺن ۾ يا ٻھراڙين ۾ رهندي آهي.
ٿائيلينڊ ۾ تعليم ۽ صحت جو نظام تمام گهڻو سٺو نہ آهي بس نارمل يعني وچٿرو ئي آهي. هتان جا ماڻھو ٿورو پڙهي پو ڪنھن نہ ڪنھن ڌنڌي ڌاڙي سان لڳي وڃن ٿا. پوءِ ڀلي اهو ڌنڌو صحيح هجي يا غلط. هڪ رپورٽ جي مطابق تہ هتي سڄي ملڪ ۾ 8 لک کان وڌيڪ ماڻھو ايڊز جا مريض آهن ۽ انھن مريضن ۾ روز بروز اضافو ٿيندو وڃي ٿو.
هتي ڊرائيونگ ليفٽ سائيڊ واري ٿيندي آهي. مطلب تہ ڊرائيور کاٻي پاسي کان ويھندو آهي ۽ اسان وٽ ساڄي پاسي ڊرائيور ويھندا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڊرائيونگ جو بھترين نظام موجود آهي. هتان جي ڪرنسي ”ٿائي باٿ“ آهي. هڪڙو ٿائي باٿ پاڪستاني 8.19 روپين ۾ ملي ٿو. ٿائيلينڊ جي معشيت جو دارومدار اليٽرونڪ شين ۽ گارمينٽس تي منحصر آهي. پر ملڪ جي سڀ کان وڏي معاشي انڊسٽري سياحتڪاري آهي. ان ۾ هر جائز ۽ ناجائز ڪم اچي وڃي ٿو. ٿائيلينڊ ۾ ٽوٽل 38 ايئرپورٽ موجود آهن. جنھن ۾ 10 ايئرپورٽ بين الاقوامي پروازن جي لاءِ مخصوص آهن ۽ باقي لوڪل علائقن جي اڏام لاءِ آهن.
ٿائي ايئرلائين دنيا جي مشھور ۽ بھترين ايئر لائين آهي. هر سال هن ائيرلائين جي ذريعي ڪروڙين ماڻھو سفر ڪن ٿا. هڪڙي سروي جي مطابق تہ ٿائيلينڊ ۾ 6 لک پٺاڻ بہ موجود آهن. جيڪي اتي نسل در نسل رهندا ٿا اچن. ان ڪري هنن جا خاندان ۽ ڪاروبار بہ مڪمل طور تي ٿائيلينڊ ۾ آهن. ٿائيلينڊ جو قومي جانور ”هاٿي“ آهي.
اصل ۾ ٿائيلينڊ جا ماڻھو ڇھين صدي عيسوي کان 11 صدي عيسوي دوران چائنا کان لڏي هتي آيا هيا. اڄ بہ چائنيز ماڻھن جا تمام گهڻا مندر هتي موجود آهن.

ٿائيلينڊ جي ويزا ڪيئن وٺجي؟

ٿائي ڪائونسليٽ جنرل جي آفيس مين خيابانِ حافظ ، فيز ڇھون، ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي ڪراچي ۾ واقعي آهي. هي آفيس سومر کان جمع جي ڏينھن تائين کليل هوندي آهي. اسان تقريبن 9 وڳي ڌاري ڪائونسليٽ جنرل جي آفيس جي پاسي واري خالي پيل پلاٽ تي پنھنجون ڪارون بيھاري چڪا هئاسين. پنھنجي ڀاڻج بخشل کي ۽ ٻيجل کي اتي ئي ڇڏي، مان، جاني ۽ پرتاب پنھنجا ڪاغذ کڻي گيٽ جي پاسي ۾ دري وٽ اچي بيٺاسين. دري تي اسان کان اڳ ۾ ٻہ پنجابي بيٺا هيا، جيڪي پنھنجا ڪاغذ چيڪ ڪرائي رهيا هيا. هينئر اسان بہ ٿائيلينڊ جي ويزا لاءِ پنھنجا ڪاغذ اتي ئي چيڪ ڪرائي، مين گيٽ کان اندر داخل ٿياسين.
ڪاغذن جي حوالي سان توهان کي ٻڌائيندو هلان تہ اسان جا ڪاغذ تہ ٽريول اينجٽ تيار ڪيا هيا. انھن ڪاغذن ۾ توهان کي اها ڳالھہ ذهن ۾ رکڻي آهي تہ توهان جي پاسپورٽ جي مدي کي ختم ٿيڻ ۾ باقي ڇھہ مھينا نہ بچيا هجن. مطلب تہ جيڪڏهن توهان جو پاسپورٽ ڇھن مھينن ۾ ختم ٿئي ٿو تہ بھتر آهي تہ توهان نئون پاسپورٽ ٺھرايو. ايمبيسي وارا توهان جي ويزا تي اهو اعتراض لڳائي سگهن ٿا. توهان وٽ جيڪڏهن پراڻو/پراڻا پاسپورٽ آهي/آهن تہ اهو/اهي بہ کنيو وڃو تہ بھتر. مڪمل طور تي ڀريل ٻہ ويزا جون درخواستون، توهان جون تازيون 4 باءِ 6 جون ٻہ عدد تصويرون، ان سان گڏ ڪورنگ ليٽر جنھن ۾ توهان جو نالو، پاسپورٽ نمبر، گهمڻ جو مقصد، سفر ڪرڻ جي تاريخ ۽ ٻي ڄاڻ ڏنل هوندي آهي. جيڪڏهن ملازم آهيو تہ توهان کي اهو بہ ليٽر کپي جنھن ۾ توهان جي باس کي توهان جي ٻاهرين ملڪ جي سفر ڪرڻ تي ڪو بہ اعتراض نہ هجي، جيڪڏهن توهان فيملي سان وڃو ٿا تہ توهان وٽ نڪاح نامو، ٻارڙن جا ڄم سرٽيفڪيٽ مطلب تہ اهي سڀ ڪاغذ جيڪي توهان جي تعلقات ۽ ٻي سان رشتي کي ثابت ڪري سگهن، اهي پاڻ سان نيو وڃو. ان کان علاوہ شناختي ڪارڊ جي ڪاپي، ۽ پاسپورٽ جي بہ ان پيج جي ڪاپي جنھن ۾ توهان جي باري ۾ ڄاڻ ڏنل آهي. نان ريفنڊبل ٽڪيٽون، هوٽل جي رهائش، اڌ سال جي بيئنڪ اسٽيٽمينٽ، جنھن ۾ اڪائونٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2 لک ڏيکاريل هجن ۽ ٻيا لاڳاپيل ڪاغذ هجن تہ بھتر.
ٿائي ڪائونسليٽ جنرل جي آفيس ۾ داخل ٿيندي ئي گارڊ اسان کي ساڄي پاسي وڃڻ لاءِ چيو. هي ڊگهي گهٽي ٽائيپ واري سوڙهي هئي، جتي پلاسٽڪ جون ڪرسيون رکيل هيو. اتي اسان کان اڳ ۾ ئي ڪي مرد ۽ ڪي عورتون ويٺيون هيون. ڪرسيون ٻنھي ديوارن سان ملائي رکيون ويون هيون. وچ واري جاءِ ماڻھن جي اچ وڃ لاءِ خالي رکي وئي هئي. ان جي سامھون ٻہ شيشن جا ڪائونٽر ٺھيل هيا. ماڻھن جون ٻہ قطارون هيون، خبر ئي نہ پئي پوي تہ ڪھڙي قطار اڳتي وڌي، سُري يا هلي رهي آهي. اسان بہ هڪڙي لائين جي ڪرسين تي پاڻ ۾ گڏ ويھي رهياسين، ٿوري دير کان پوءِ گارڊ آيو، جنھن چيو تہ،” هي قطار هلي ٿي توهان بہ هن ۾ اچي ويھو.“ اسان بہ ان ڊگهي قطار وارين ڪرسين تي ويھي رهياسين. اها قطار آهستي آهستي اڳتي وڌندي، سُرندي ۽ چرندي رهي. ٿوري دير کان پوءِ ڏٺوسين تہ ماڻھو ايندا ويا، رش وڌندي ويئي ۽ قطار ماڳھين ڊگهي ٿيندي وئي.
منھنجي پاسي ۾ پينٽ شرٽ سان هڪڙو اڌڙوٽ عمر وارو اردو اسپيڪنگ شخص ويٺو هو. جنھن جي هٿن ۾ ٻارن جو تصويرون ۽ ٻيا پاسپورٽ هيا. مون کان اڳ ۾، منھنجي ساڄي پاسي واري ڪرسيءَ تي پرتاب ويٺل هيو. وچ ۾ مان ۽ منھنجي کاٻي پاسي کان جاني هيو. جاني سان گڏ هڪڙو نوجوان هيو، جنھن کي جڏهن خبر پئي تہ ويزا جي في 8 هزار مان وڌي 12 هزار ٿي ويئي آهي، تہ هو پريشان ٿي ويو هو. هن کي اڳ ۾ شايد اها سُڌ نہ هئي. پر هن کي هتي اچڻ کان پوءِ اها خبر پئي. جنھن جاني سان سلام دعا ڪري، چيو تہ ”مون وٽ 8 هزار آهن، باقي پئسا تون اڌارا ڏي تو کي ايزي پئسا ڪيان ٿو.“
اسان کي حيرت ٿي هي ماڻھو اپ ڊيٽ نہ آهي. ڇو تہ هن کي گهران نڪرڻ مھل اها معلومات وٺڻ کپي ها ۽ هن کي ان ڳالھہ جي خبر هجڻ گهرجي ها تہ ٿائلينڊ جي ويزا پروسيس واري في چڙهي ويئي آهي. مون تہ ائين لڳو تہ خبر هوندي بہ هو جڳاڙ جي چڪر ۾ هيو. پر جاني بہ سياڻو آهي، هن جي چھري جي تاثراتن مان ئي سمجهي ويو تہ هي ٻيو چڪر آهي. ان ڪري جاني هن کان معذرت ڪندي چيو تہ ”معاف ڪجو ڀاءَ! مون وٽ پنھنجي ويزا جا پئسا پورا آهن ۽ اضافي پئسا هجن ها تہ توهان کي ضرور ڏيان ها ۽ توهان کي مايوس نہ ڪيان ها. پر توهان گهران نڪرڻ کان اڳ ۾ ٿائي ڪائونسليٽ کان ويزا جي في ڪنفرم ڪري پوءِ نڪرو ها.“
ان کان پوءِ مون محسوس ڪيو تہ اسان کي هتي انتظار ڪندي ڪافي وقت لڳي ويو هو ۽ قطار ڊگهي ٿيندي پئي ويئي. اتي ويٽنگ روم ۾ ڪنھن بہ قسم جي ڪا بہ سھولت ميسر نہ آهي، ان جي ابتڙ آسٽريليا جي ڪائونسليٽ جنرل واري جيري Gerry ۾ توهان لاءِ هر سھولت ميسر آهي. جنھن جو شاندار ماحول هيو. هتي تہ ڪاري وارا ڪک، نہ پاڻي، نہ ئي وري ڪو ريفريشمينٽ جو اسٽور روم ۽ نہ ئي ڪو واش روم وغيرہ. سڃ ئي سڃ.
خير پرتاب جا ڪاغذ جمع ٿي ويا، ان کان پوءِ منھنجا به. ڪائونٽر تي لڳل شيشو ايترو هيٺ هو جو توهان کي جُهڪي ان ڪائونٽر تي ويٺل ليڊي سان مخاطب ٿيڻو پوي پيو، جهڪي بيھي رهڻ کان پوءِ بہ توهان ان ڪائونٽر واري عورت يا مرد ملازم کي ڏسي نہ پيا سگهو، پر هو توهان کي چڱي طرح ڏسي سگهي پئي. هي بہ هڪڙي قسم جي پاليسي آهي، جنھن ۾ اڳين ماڻھو کي ذهني طور تي اهو احساس ڏياريو ويندو آهي تہ توهان اسان کان ڪمتر آهيو ۽ اسين توهان کان وڌيڪ معتبر ۽ برتر آهيون. ڪائونٽر واري عورت مون سان مخاطب ٿيندي مون کي چيو تہ،” دادو بلوچستان ۾ آهي؟ “
مان حيرت ۾ پئجي ويس، ششدر ٿيندي هن کي جواب ڏنو،”نه، دادو تہ سنڌ جي دل آهي.“
هن ٻيھر ٻيو سوال ڪندي پڇيو تہ،” دادو جي اوسي پاسي ۾ ڇا مشھور آهي.“
جنھن تي مون هن کي چيو تہ،” تہ منڇر ڍنڍ ۽ سيوهڻ جي مزار.“
”توهان ٿائيلينڊ پھريون دفعو ٿا وڃو.“
” جي ها.“
”ٿائيلينڊ ۾ ڪاٿي ويندو؟“
”پتايا، ڦڪيٽ ۽ بينڪاڪ“
”موٽڻ جو ارادو بہ آهي يا.“ هن چپن تي مرڪ آڻيندي چيو.
”جي ها موٽي ايندس، پر جي اُتي ويچاري دل ڦرجي ويئي تہ پوءِ مشڪل آ.“ مذاق ڪندي مون بہ مرڪي هن کي جواب ڏنو.
چيائين،”ٺيڪ آ، توهان ”پئسا جمع ڪرايو.“
مون 12هزار ڪڍي هن کي ڏنا.
هن کلي منھنجي ويزا تي ٺپو هڻي، تصوير ڪڍرائڻ لاءِ چيو. تصوير نڪرڻ کان پوءِ هن چيو تہ،”توهان ٿوري سائيڊ ۾ انتظار ڪيو تہ توهان کي رسيد ڏيون.“

ٿائي ڪائونسليٽ ۾ سھولتن جي اڻاٺ

اهڙي ريت جاني کان بہ سوال ڪيا ويا ۽ هن جي ڪاغذن کي بہ غور سان اٿلائي پٿلائي ڏٺو ويو. ان جانچ پڙتال کان پوءِ اهي ڪاغذ بہ قبول ڪيا ويا هيا. جاني کي بہ انتظار ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو. پاڻ ٽيئي هاڻي رسيدون وٺڻ جي نالي ماتر انتظارگاھہ ۾ بيھي رهياسين. ”انتظارگاھہ“ ڇا بس کليل آسمان هيٺ اچي بيھي رهياسين. جتي ويھڻ لاءِ بہ هڪ اڌ ڪرسي پئي هئي جنھن تي بہ ڪو نہ ڪو ماڻھو اڳ ۾ ويٺو هو. ڪو بہ معقول ۽ مناسب انتظارگاھہ نہ هيو. مون کي زوردار پيشاب لڳو هو. ان ڪري منھنجا نرا وٺجي ويا ها. سو اتي موجود گارڊ کان پُڇي مان ۽ جاني پرتاب کي رسيدون وٺڻ جي ذميواري سونپي، پارت ڪري واش روم ڏي وياسين. بلڊنگ جو وڏو چڪر ڪاٽي، عمارت جي پٺين پاسي نڪري آياسين. جتي فقط هڪڙو ئي واش روم هيو جيڪو هتان جي ننڍن ملازمن، پٽيوالن، يا وري خاڪروب وغيرہ لاءِ معمولي قسم جو هيو. جاني واش روم ۾ ويو ۽ گم ٿي ويو. جڏهن تہ مون کي زوردار پيشاب لڳو هو. سو منھنجو تہ ان مھل سر پيو وڃي ۽ هاڻي تہ پيشاب روڪي بہ نہ پيو سگهان. پيشاب کي روڪڻ بہ ڪيڏو نہ خطرناڪ آهي. نيٺ ٿوري دير کان پوءِ جاني ٻاهر نڪتو ۽ مون ٿڌو ساھہ ڀري اندر ڌو ڪيو. پيشاب کان پوءِ جڏهن صفا رليڪس ٿيس ۽ ٿڌي دماغ سان سوچڻ لڳس تہ هي ٿائي ڪائونسليٽ جنرل جي آفيس آهي. هتي روزانو ڪيترائي سياح وزٽ ڪرڻ جي غرض سان پري پري کان اچن ٿا. جن کان ڳريون فيون اوڳاڙيون وڃن ٿيون. پر انھن لاءِ پيشاب ڪرڻ جي بہ مناسب جاءِ ڪانھي ۽ ڪنھن بہ قسم جي ڪابہ سھولت ڪانھي. اسان جي حڪومت کي ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي. منھنجي پاسي ۾ اتان جي اسٽاف جو خاڪروب بيٺو هيو مون هن کان حال احوال وٺڻ شروع ڪيا ۽ ان ڀنگيءَ سان ڪچھري ۾ لڳي ويس.
”نالو ڇا ٿئي؟“
”شهباز“
”ڪڏهن کان ٿو ڪم ڪرين“؟
”ڪافي عرصي کان“
”گهڻي پگهار ٿئي.“
”بس شڪر آ.“
”هتي روز ڪيترا ماڻھو ايندا آهن“؟
”صاحب ! هيئنر تہ سيزن آ، 200 کان 500 تائين.“
مان حيران ٿي ويس، جيڪڏهن گهٽ ۾ گهٽ 200 ماڻھن جو بہ حساب ٻڌجي تہ هڪ ماڻھو کان 12 هزار وٺن ٿا تہ ان حساب سان 24 لک روزانو ٿين ٿا، ايڏي وڏي ڪمائي کان پوءِ بہ ڪا ئي سھولت ميسر نہ آهي ۽ نہ ئي انھن کان ڪو پڇڻ وارو آهي. سرڪار کي گهرجي تہ هن ڪائونسليٽ جنرل کان عوام جي سھولتن جي گهر ڪري.

عاليشان ٽريولنگ وارن وٽ

اسان ڪاغذ جمع ڪرائي ٿائي ڪائونسليٽ کان فارغ ٿياسين. اسان کي ٻڌايو ويو تہ 26.06.2023 تائين ٿائيليڊ جي ويزا بہ لڳي ويندي.ڇو جو ڪاغذن جي جمع ٿيڻ کان پوءِ ٽن ڏينھن اندر ويزا لڳي ويندي آهي ۽ وزٽ ويزا نہ لڳڻ جا تمام گهٽ چانسز هوندا آهن. دوستن جي صلاح کان پوءِ پاڻ اتان نڪري سڌو عاليشان ٽريول ايجنسي وارن سان ملڻ لاءِ هليا آياسين. هاڻي اسان چارئي دوست عاليشان واري جي آفيس ۾ موجود هياسين.
اسان پنھنجا ڪاغذ عاليشان واري کي ملائيشيا جي ويزا لاءِ اڳ ۾ ئي جمع ڪرائي ڇڏيا هيا. جنھن جي في 12000 هزار پڻ ادا ڪري ڇڏي هئي. هنن ٻڌايو تہ هڪ ٻن ڏينھن ۾ توهان جي ملائيشيا واري ويزا بہ اچي ويندي. هاڻي اسان جون ٽنھي ملڪن جون ويزائن واريون گهرجون بہ پوريون ٿي چڪيون هيون.
باقي اسان کي رڳو ٽڪيٽون وٺڻيون هيون ۽ هوٽلون بڪ ڪرائڻيون هيون. ان لاءِ بہ اسان عاليشان جو خدمتون ورتيونسين. ٽنھي ملڪن جون ايئر ٽڪيٽس، لوڪل ٽڪيٽس ۽ انڊونيشيا ۾ هڪ رات جي هوٽل جي بڪنگ پڻ ڪرائي ڇڏي هئيسين. ڇو تہ اسان جي سنگت جو اهو خيال هو تہ متان هوٽل اسان کي نہ وڻي ۽ اسان جي خيال مطابق نہ هجي تہ اسان اها هوٽل خالي ڪري ٻي هوٽل ۾ شفٽ ٿي سگهون. عاليشان واري اسان سڀني جو ٽڪيٽون بڪ ڪرائي ڇڏيون هيون. سڀ کان اول اسان کي ڪراچي کان بينڪاڪ ايئرپورٽ، پوءِ اتان وري ڊينپسار ايئرپورٽ انڊونيشيا، انڊونيشيا کان پوءِ ملائيشيا ۽ آخر ۾ ٿائلينڊ ۾ پتايا کان ٿيندي، ڦڪيٽ ۽ پوءِ بينڪاڪ مان ئي وري واپسي ڪراچي جو شيڊيول ڏنو ويو هو. انڊونيشيا ۾ ست ڏينھن، ملائيشيا ۾ چار ڏينھن ۽ ست ڏينھن ٿائيلينڊ ۾، جنھن ۾ پتايا، ڦڪيٽ ۽ بينڪاڪ اچي وڃن پيا. اسان سڀ دوست ان شيڊيول تي متفق ٿياسين. اها جولاءِ جي 11 تاريخ هئي ۽ سال 2023، جنھن ڏينھن اسان جي ڪراچي کان اڏام هئي ويندي 25 جولاءِ تائين. اسان عاليشان واري کي ٽوٽل رقم اڳواٽ ڏيئي ڇڏي هئي. ان ڪري هن اتي ئي اسان جون ٽڪيٽون بڪ ڪري ڇڏيون هيون. هوٽل بہ بالي ۾ بڪ ٿي ويئي هئي ۽ ان جي ڪنفرميشن بہ ڏني ويئي هئي ۽ ٽڪيٽن جو ۽ سڄي سفر جو شيڊيول بہ ڏنو ويو هو. جيڪڏهن اهي ٽڪيٽون اسان مھينو يا ٻہ مھينا اڳ ۾ بڪ ڪرايون ها تہ تمام گهڻو فرق پوي ها. پر انھن ڏينھن ۾ وويڪيشن جي ڪري ٽڪيٽن جا اگهہ آسمان سان ڳالھيون ڪري رهيا هيا. پر چوندا آهن تہ شوق جو ڪو ملھہ ڪونھي ۽ اسان بہ ذهني طور تي هتان نڪرڻ لاءِ تيار هياسين. سو نڪري پياسين سونھن نگر ڏي.

هلو هلو ڪورئين، نازڪ جنين نينھن،
ڳنڍين سارو ڏينھن ڇنڻ مور نہ سکيا.
( شاھہ)

گنجي پوڙهي سان مٽي مائٽي

پاڻ منجهند جو 1 لڳي 30 منٽن تي ٿائلينڊ جي شھر ڦڪيٽ جي ايئرپورٽ تي لھي چڪا هياسين. هتي ڊوميسٽڪ ڪائونٽر تي ڪا خاص رش نہ هئي. جيئن ايئرپورٽن ۾ مختلف ڪيترائي ڪائونٽر هوندا آهن تہ جيئن مسافرن کي سڀ ڪائونٽر وارا منھن ڏين ۽ ڪنھن بہ هڪ ڪائونٽر تي مسافرن جي رش لڳل نہ هجي. ان جو مقصد بہ اهو هوندو آهي تہ ڪنھن بہ مسافر کي ڪا تڪليف نہ اچي. پاڻ جنھن ڪائونٽر تي بيٺا هياسين. ان جي اڳيان ڪافي وڏي قطار هئي. سو آهستي آهستي قطار اڳتي سُري رهي هئي. اسان بہ پنھنجا بيگ ذري کڻون پيا تہ وري ٻہ ٽي وکون کڻي هيٺ فرش تي رکي قطار جي اڳتي وڌڻ جي اوسيئڙي ۾ بيٺل رهياسين. هاڻي پاڻ جن ڪائونٽرن جي اڳيان هياسين، اتان کان ئي هرڪو الڳ الڳ ڪائونٽر تي هليو ويو. سو ائين ئي اتان کان پاڻ الڳ الڳ ٿي وياسين. جاني ۽ پرتاب الڳ تہ مان ۽ ڊاڪٽر الڳ. منھنجي ساڄي هٿ واري ڪائونٽر تي ليڊيز ويٺي هئي، قطار ۾ ڊاڪٽر منھنجي اڳيان بيٺو هيو. سو ڊاڪٽر کي جڏهن اڳتي اچڻ يعني ڪائونٽر تي پھچڻ جو اشارو ٿيو تہ ڊاڪٽر هن ڏانھن هليو ويو. ان کان پوءِ منھنجو وارو هيو. منھنجي سامھون بہ هڪڙو ڪائونٽر هيو، پر ان تي مون کي هڪڙو خبيص قسم جو پوڙهو ويٺل نظر آيو، سو مون دل ۾ پڪو پھہ ڪري ڇڏيو هو تہ ان ڏي نہ ويندس. مان بہ ڊاڪٽر واري ئي ڪائونٽر تي ويندس. ڀلي تہ مون کي بہ گهڻو وقت بيھاريو وڃي. ڪا ڳالھہ ناهي، گهٽ ۾ گهٽ موڊ تہ سٺو هوندو. پر جيڪڏهن هن بخيل وٽ ويس تہ ٺھيل موڊ جو بہ خانو خراب ٿي ويندو. سو ان آسري م ڪڏهن ڊاڪٽر واري ڪائونٽر تي نظر وجهان تہ وري ڪڏهن ان پوڙهي گنجي کي. ڊاڪٽر کي هن ڪافي وقت بيھاري ڇڏيو هو. پر مون کي لڳو تہ معاملو ڪو گنڀير آهي. هو ڊاڪٽر کي ڪائونٽر تي بيھاري، پنھنجي سيٽ تان اٿي، ڊاڪٽر جو پاسپورٽ پنھنجي هٿ ۾ ڪري، پنھنجو ڪائونٽر خالي ڇڏي، ڪنھن ٻي ڪائونٽر تي ڪنھن سينيئر کان صلاح و مشورو ڪرڻ هلي ويئي.
ڊاڪٽر پنھنجي جاءِ تي ڄميو بيٺو رهيو. مجال جو هڪ انچ بہ اتان چريو هجي. ڊاڪٽر جي چھري تہ ڪنھن بہ قسم جي ڪا بہ پريشاني نہ هئي. ڇو تہ ڊاڪٽر هن کان اڳ ۾ بہ ٿائيلينڊ جو چڪر هڻي آيو هو ۽ ان کان علاوہ هو تقريبن سڄي دنيا گهمي چڪو آهي. سو قصو ڪوتاھہ تہ ٿوري دير کان پوءِ هوءَ ٿائي ليڊي موٽي آئي، سيٽ تي ويھڻ کان پوءِ هن ڊاڪٽر جا فنگر پرنٽ ورتا، ڦوٽو ڪڍيا ۽ ڊاڪٽر کي پاسپورٽ ڏيندي شڪريو ادا ڪري تڪليف جي معافي ورتي. هاڻي سڀ دوست هليا ويا ها. يعني اميگريشن واري ڪائونٽر کي ڪليئر ڪرڻ کان پوءِ ماڻھو آجو ٿيو وڃي. اهي هاڻي سرحد ٽپي چڪا هيا، سرحد جي پرئين پاسي بيھي منھنجو انتظار ڪرڻ لڳا ۽ مان ئي آخر ۾ رهجي ويو هئس. سو جنھن جو اڳ ۾ ئي ڊپ هيو، سو ٿيو بہ ائين. ان کان اڳ ۾ جو ڊاڪٽر فارغ ٿي وڃي ۽ مان ڊاڪٽر واري ڪائونٽر تي هليو وڃان، سامھون پوڙهي ڪائونٽر واري مون کي سڏ ڪري پاڻ ڏانھن گهرايو.
منھنجي سامھون هڪڙو ٿلھو متارو وڏي عمر جو پوڙهو گنجو ماڻھو ويٺو هو. جنھن کي نڪ تي نظر جو چشمو پاتل هو. هو مون کي چشمي جي مٿان، ڪنڌ هيٺ ڪري گهوري ائين ڏٺو ڄڻ مان هن جو ڄاتل سڃاتل هجان.
ڪاوڙ ۾ پڇيائين،” ڪٿان کان ٿو اچين“؟
چيم،”ملائيشيا کان.“
وري پڇيائين،”ان کان اڳ ۾ ڪاڏي ويو هئين؟ “
مون وراڻيو،” انڊونيشيا ويو هئس.“
هن وري ٽيون دفعو زوردار حملو ڪندي پڇڻ لڳو،”هاڻي ڪاڏي ٿو وڃين.“
مون جواب ڏنو،” ڦڪيٽ.“
پوءِ هن منھنجي پاسپورٽ کي هيٺ مٿي ڪري غور سان جاچيندي چوڻ لڳو،” ڇا ڪندو آهين؟ “
وراڻيم،”قانوندان آهيان.“
هن جو اهڙو تلخ رويو مون کي خراب لڳي رهيو هو، پر مون ان مھل زهر جي گوري بنا پاڻيءَ جي ڳيت ڏيئي ڇڏي هئي. ان زهريلي نانگ جا ڏنگ برداشت ڪري رهيو هوس.
ان کان پوءِ خبر ناهي هن کي ڇا ٿي ويو هو جو هن جي چھري تي اوچتو مرڪ تري آئي، هن وات گودو ڪري، ٻٽيھي ٻاهر ڪڍي، کلي چوڻ لڳو، ”معاف ڪجو، توهان کي تڪليف ٿي.“
مون دل ۾ چيو، ”جيڪو مون سمجهيو هو اهو ئي نڪتين خبيص.“ مون بہ مصنوعي مرڪ سجائي، چپ ٽيڙي هن جا ڳڻ ڳائيندي ٿورائتو ٿيس.
هن هڪدم منھنجي پاسپورٽ ٽي ٺپو هڻي، ڪائونٽر جي شيشي مان هٿ وڌائي مون کي پاسپورٽ ڏنو. سچ تہ منھنجو تہ هن ٿوري دير لاءِ ساھہ ڪڍي ڇڏيو هو. خبر ناهي ڇا معاملو هو. مون هن جو ٿورائتو نہ چاهيندي بہ ٿيس. ان کان پوءِ ڪائونٽر ڇڏي تڪڙي پيرن تي زور رکيو. سامھون منھنجا دوست بيٺا هيا.
پرتاب چيو،” ڇو ڀلا ايڏو بيھاري ڇڏيائين.“
مون ڪاوڙ ۾ چيو،” وڻي ويو هيومانس، مٽي مائٽي ڪري پيو چاهي. ان ڪري سوال جواب گهڻا ڪيائين. باقي سڀ خير هو.“
سڀني وڏا ٽھڪ ڏنا ۽ پاڻ اڳتي نڪري وياسين.

پرتاب جي بيگ جي ضمانت

انھن منجهائيندڙ معاملن کان جان ڇڏائي، ايئرپورٽ تي سامان واري بيلٽ کي ڳوليندا اچي بيلٽ واري گول چڪر واري پٽي اڳيان چڪر ڪاٽي بيھي رهياسين. اسان جو سامان اسان جي اڳيان پيو ڦري. اسان سڀني پنھنجن بيگن جي ان ڦرندڙ بيلٽ مان ضمانت ڪرائي، قيد مان آزادي ڏياري ڇڏي هئي. باقي پرتاب جو بيگ اڃان ڪاري رنگ جي پٽي تي قيد جا ڏينھن گهاريندي ڪارو چڪر ڪاٽي رهيو هو. بيلٽ تي ٻہ ٽي بيگ بار بار چڪر هڻي ٿڪجي پيا هيا. پرتاب جو بيگ بہ هن جي سامھون اچي نڪتو، پر پرتاب بيگ کي پڪڙي هڪڙي نظر وجهي وري ان کي ساڳي ئي ڦرندڙ بيلٽ تي ٻيھر رکندي چيو تہ،”نہ نہ هي منھنجو بيگ ناهي.“
هاڻي تہ ڪافي دير ٿي وئي هئي، بيلٽ تي بس هڪڙو ئي بيگ ڦري رهيو هو. سو پري کان وري بہ ساڳيو ئي بيگ اسان ڏي اچي رهيو هيو، جاني پرتاب کي چيو تہ،”سائين! اهو ئي بيگ آهي توهان جو، جيڪو اوهان سوير ڇڏي ڏنو.“ جيئن ئي بيگ ويجهو پھتو تہ پرتاب بيگ کي پڪڙي هيٺ لاٿو، غور سان بيگ کي ڏسندي چيو تہ،” ها يار! اهو ئي آهي، پر خبر ئي نہ ٿي پوي هتي تہ ساڳيا بيگ پيا ڦرن.“ اهڙي ريت پرتاب جي بيگ جي بہ ضمانت ٿي ويئي. ان ڪري هتي توهان کي ٻڌائڻ ضروري آهي تہ جڏهن بہ توهان ايئرپورٽ وڃو ۽ پنھنجا بيگ يا ٿيلھا لگيج ۾ جمع ڪرايو تہ توهان پنھنجن بيگن يا ٿيلھن تي خاص نشاني رکي ڇڏيو تہ جيئن توهان کي پنھنجا بيگ ڳولھڻ ۾ تڪليف نہ ٿئي. ڇو تہ هتي ساڳي سائيز، ساڳي رنگ، ساڳي ڍنگ جا ڪيترائي بيگ هوندا آهن. جيتوڻيڪ توهان کي بيگ جمع ڪرائڻ مھل اسٽيڪر يا ٽيگ توهان جي ٽڪيٽ جي پويان چنبڙايو ويندو آهي، پر ايڏي باريڪ بيني سان ماڻھو ڪٿي ٿو اهي شيون جانچي.
بيگ کڻي، پنھنجو سامان سڙو سنڀاري، اڳتي وڌياسين تہ ڪائونٽر تي اهو اعلان پئي ٿيو تہ پنھنجو ڊيڪليريشن فارم ضرور ڀرجو. مطلب توهان وٽ جيڪا بہ ڪرنسي آهي، جيتري بہ آهي، اها ڪمپيوٽر تي فارم ڀري پرنٽ وٺي اڳتي جمع ڪرايو. ان لاءِ ڪيترائي ئي ڪمپيوِٽر ترتيب سان هڪڙي ڪنڊ ۾ رکيل هيا. انھن جي اڳيان ڪا بہ ويھڻ لاءِ ڪرسي وغيرہ نہ هئي، سڀني مسافرن کي بيٺي بيٺي فارم ڀرڻو هيو. پرتاب آن لائين پنھنجو فارم ڀرڻ شروع ڪيو، جاني بہ پنھنجي فارم کان پوءِ منھنجو فارم بہ ڀري ڇڏيو. هي declaration فارم هيو، جيڪو هر مسافر کي ايئرپورٽ ڇڏڻ کان اڳ ۾ لازمي ڀرڻو هيو. ان کان پوءِ ڊاڪٽر سنتوش جو فارم بہ پرتاب ڀري ڇڏيو. الائي ڇو اها فارميلٽي بار پئي لڳي. هروڀرو جي گِهل. ڪيئي ماڻھو پريشان نظر آيا. هيو تہ پنجن منٽن جو ڪم، پر هن ڪم ماڻھن کي منجهائي وڌو هيو. ڇو تہ مسافر سفر کان پوءِ ٿڪجي پوندو آهي ۽ هن جي خواهش هوندي آهي تہ جيترو جلد ٿي سگهي ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪري. مون کي ايئن لڳو تہ ايئرپورٽ بہ هڪڙو قيدخانو/مني جيل آهي، جتي ماڻھو سک جو ساھہ نہ ٿو کڻي سگهي. ان ڪري هو انھن قانوني ٻنڌڻن کان آزادي ماڻڻ لاءِ جلد کان جلد ٻاهر نڪرڻ چاهيندو آهي. پرانھن قانوني ڪارواين ۾ نہ چاهيندي بہ اُلجهي پوندو آهي.
پڻ ٿا پَلاڻِين، اوٺِي اَڄ اُٻاکرا،
پَه پارِيسِيون پاڻ ۾ ڏير ڏِهاڻي ڏيِنِ،
هوت پنھون ٿا نِينِ، ٻاروچي ٻولي ڪَيو!
شاھہ
(جت اڄ وڃڻ جي ٿا ڪن، اُڀپيرا بيٺا (اُڀا کڙا) آهن. ڏير هر روز پاڻ ۾ پارسيءَ (ڳجهيءَ ٻوليءَ) ۾ مصلحتون پيا ڪن. پاڻ ۾ ٻروچڪي (بلوچي) ٻولي ڳالھائي، هوت پنھون پاڻ سان وٺيو وڃن.

ايئرپورٽ کان نڪرندي نڪرندي

ائين فارم ڀري پاڻ ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪتاسين. ڪيترن ئي ماڻھن وٽ هٿن ۾ ڪارڊ هيا، جن تي انھن جا نالا لکيل هيا، جيڪي پنھنجن مھمانن کي وٺي اچڻ لاءِ ايئرپورٽ تي آڌر ڀاءَ لاءِ ڪافي وقت کان انتظار ۾ بيٺل هيا. پاڻ ايئرپورٽ کان ٽيڪسي نہ ڪرائي ڇو تہ ايئرپورٽ جي ٽيڪسي ٻاهرين ٽيڪسي جي ڀيٽ ۾ مھانگي پوي ٿي. سو اسان جو خيال هو تہ ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪري ٽيڪسي گريب ٿا ڪيون. سو اسان پنھنجا بيگ گِهليندا، ڪچھري ڪندا، ايئرپورٽ جي رونقن جو مزو وٺندا هلندا رهياسين. ٿوري دير کان پوءِ جاني ٽيڪسي ”گريب“ ڪري ڇڏي هئي. هتان جو شاندار ٽيڪسيون آهن. جن ۾ ڪارون، لينڊ ڪروزرس، پراڊوز، مطلب تہ وڏيون وڏيون گاڏيون، جن جا ريٽ مختلف ۽ گهڻا مھانگا نہ آهن. ٽيڪسي ڪرائڻ مھل مسافر سياحن کي گهرجي تہ ماڻھن جي تعداد ۽ سامان جي وزن يا وري اهو ڏسڻو پوندو تہ بيگن جا ڪيترا ننگ آهن. ان حساب سان ئي ٽيڪسيون ”گريب“ ڪجن تہ بھتر. جيڪڏهن سياحن جو تعداد گهٽ آهي يا انھن وٽ بيگ بہ ٿورا آهن يا وزن بہ گهٽ آهي تہ پوءِ انھن کي ننڍي ٽيڪسي ڪرائڻ گهرجي. ننڍي ٽيڪسي مان ئي ڪم هلي ويندو. پر جيڪڏهن سامان گهڻو آهي ۽ چار پنج ماڻھو آهن ۽ سفر بہ ٿورو پري يا وڏو آهي تہ پوءِ انھن لاءِ ضروري آهي تہ انھن کي پراڊو ٽائيپ آن لائين ٽيڪسي ”گريب“ ڪرڻ کپي. ٽيڪسي اسان ڏي اچي رهي هئي. ٽيڪسي واري جي تصوير موبائيل جي اسڪرين تي اچي ويئي هئي ۽ جاني جي بہ تصوير هن تائين پھچي چڪي هئي تہ جيئن ماڻھو هڪٻئي کي آساني سان سڃاڻي سگهي. ٿوري دير کان پوءِ ان ٽيڪسي واري ليڊي جو جاني جي موبائيل تہ ميسج آيو تہ،”توهان ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪري اچو ۽ پارڪنگ ايريا کان اچي مين روڊ تي بيھو، مان گاڏي ان طرف ڪاهي اچان ٿي.“ اسان هيڏو سامان بيگ، ٿيلھا گهليندا اچي مين روڊ تي بيٺاسين. ٿوري دير کان پوءِ ڏٺوسين تہ، ڪاري رنگ جي لينڊ ڪروز ٽائيپ وڏي گاڏي اچي اسان جي سامھون بيٺي.
جاني هن کي موبائيل مان ئي تصوير ڏيکاري چيو تہ،”توهان آهيو.“
هن چيو،” جي مان ئي آهيان، هي منھنجي تصوير آهي.“
هوءَ هڪدم گاڏي مان لٿي. گاڏي جي ڊڪي ۾ اسان جا بيگ ٺاهي رکڻ لڳي. سامان جي مڪمل سيٽنگ ڪرڻ کان پوءِ هن ڊڪي بند ڪري ڇڏي. هن کي ڪاري رنگ جي پينٽ شرٽ پاتل هئي ۽ هن جا وار پوني اسٽائيل ۾ ٻڌل هيا. هوءَ قد جي ننڍي ٿائي عورت انتھائي بااخلاق نظر آئي. جاني هڪ دفعو وري هن کي پنھنجي منزل جو ڏس پتو ٻڌائيندي سمجهايو، جيڪا هوءَ سمجهي ويئي هئي. اسان هاڻي گاڏي ۾ ويھي چڪا هياسين. هوءَ انگريزي بلڪل نہ پئي سمجهي.
پرتاب اڳيان ويھڻ جو فائدو وٺندي هن سان ڳالھہ ٻولھہ جي شروعات ڪئي، پر هن کي انگريزي سمجهہ ۾ نہ پئي آئي. هوءَ فقط پنھنجي ٻولي ۾ ئي ڳالھائڻ چاهي پئي. يا تہ هوءَ ڳالھائڻ ئي نہ پئي چاهي. هن هلڪي موسيقي جي سرن کي ڇيڙيو هو. اها موسيقي بہ ٿائي ٻولي ۾ هئي. جيڪا اسان مان ڪنھن جي بہ سمجهہ ۾ نہ پئي آئي. اسان لاءِ ائين ئي هئي جيئن پٺاڻن جي ٻولي. مون کي لڳو تہ هوءَ خاموش رهڻ چاهي پئي. سو هن سڄي سفر دوران خاموشيءَ جي گوري کائي ڇڏي هئي. سفر روان دوان هيو. هن جو سڄو ڌيان ڊرائيونگ تي هيو. اسان دوست هتان جي هر موهيندڙ منظر کي پنھنجي ڪيمرا جي ميموري ۾ رڪارڊ ڪري رکڻ چاهيون پيا. سو ائين ئي ٿوري دير کان پوءِ مون جڏهن پنھنجي پاسي ۾ نظر وجهي ڏٺم تہ ڊاڪٽر ننڊ جي آغوش ۾ هليو ويو هو ۽ هن کي ڏسندي مون کي بہ ائين ننڊ اچي ويئي هئي جيئن ڪو ماڻھو ڪنھن کي اوٻاسي ڏيندي ڏسندو آهي تہ ان کي بہ اوٻاسي اچي ويندي آهي.

ڦڪيٽ ڏانھن ويندڙ جنت الفردوس جو رستو

بينڪاڪ ايئرپورٽ کان ڦڪيٽ جو پنڌ تقريبن ڏيڍ ڪلاڪ کن جو هيو. اسان جي سفر جي ٿڪاوٽ اسان کان ڪوهون ڏور هلي ويئي هئي. ان جا ٻہ ٽي ڪارڻ هيا. هڪ تہ ڊرائيونگ سيٽ تي صنف نازڪ ويٺل هئي ۽ ٻيو تہ روڊ جي ٻنھي پاسن کان ساوڪ ئي ساوڪ هئي. مٿان وري موسم بہ عاشقانہ هئي. جُهڙ ئي جُهڙ بس ڪارا ڪڪر.
اڄ پڻ اُتر پار ڏي، ڪارا ڪڪر ڪيس،
وڄون وسڻ آئيون، ڪري لعل لبيس،
پرين جي پرديس، مون کي مينھن ميڙيا.
( شاھہ)
اهي خوبصورت ۽ موهيندڙ منظر اکين جي نور کي چٽي ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا هيا. هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ. اک کُٽي ساوڪ نہ کُٽي. مان سمجهان ٿو ۽ جيڪڏهن مان جنت ۾ ويس، پر مون کي نہ ٿو لڳي تہ مان ويندس، تہ ايڏي ساوڪ ۽ ساواڻ شايد جنت ۾ مشڪل سان نظر اچي. روڊ جي ٻنھي پاسن کان وڏا وڏا سيمينٽ جا ٺھيل بجلي جا تنبو هيا، جن کي سفيد رنگ ڪيو ويو هو. صاف سٿرا، ڪشادا روڊ، روڊن جي پاسن تي هر قسم جا صاف سٿرا چٽا سائن بورڊ، تير جا نشان، پٽا ٺھيل، سگنلز جا بھترين نظام اهو تاثر ڏين پيا تہ هتان جا ماڻھو پنھنجي ملڪ سان ڪيڏا سچا ۽ وفادار آهن. ان ڪري سڄي دنيا جا سياح سڄو سال هتي سياحت ڪرڻ ايندا آهن. هنن سائن بورڊن جي ڪري ڪيتري آساني سان مسافر پنھنجن منزلن تي پھچي سک جو ساھہ کڻن ٿا. نہ تہ اسان وٽ تہ ڪيئي ماڻھو ڀٽڪي ڪٿي کان وڃي ڪٿي نڪتا. اسان جي ملڪ جي روڊن وارن سائن بورڊن تي پارٽين جي واٺن جون تصويرون، نعرا، جهنڊا ٺھيل هوندا آهن. ڪٿي تير جو يا شھرن جو نالو لکيل هوندو تہ اهو بہ گم. سو نئين ماڻھو لاءِ اهو تمام وڏو مسئلو هوندو آهي. هو هلندو ئي انھن سائن بورڊن تي آهي. انھن سائن بورڊن سان هٿ چراند جي ڪري نئون ماڻھو ماڳھين ڀليو وڃي، ڪٿي کان ڪٿي نڪري. افسوس انھن وڏيرن کان سائن بورڊ بہ نہ ٿا ڇٽن.
پر هڪڙي ڳالھہ مون نوٽ ڪئي تہ هتان جي ٿنڀن جو تارون بہ اسان جي ملڪ وانگي کليل ئي هيون. جيئن اسان وٽ بجلي جا ميٽر تارن سان ائين گهيريل هوندا آهن، جيئن ڳڙ جي ٽڪري يا کنڊ جي چپٽي تي ڪيولين جو گهيرو. سو روڊ جي پاسي ۾ گارڊ نموني بيريئر پڻ لڳل هيا جيڪو گاڏين کي روڊ کان هيٺ لھي وڃڻ کان يا ڪِرڻ کان روڪڻ جي لاءِ لڳايا ويا هيا. پاسي کان جيتوڻيڪ جبل هيا، پر انھن کي سائو ويس اوڍيل هو. جبل جي ڪا بہ هڪ انچ جي بہ ٽڪري اهڙي نہ هئي، جتي ڇٻر، ساوڪ، گاھہ نہ ڦٽيل هجي. وڻ ٽڻ بہ هن ماحول کي دلربا بڻائيندي بادلن کي برسي پوڻ جي دعوت ڏيئي رهيا هيا. هتي نہ شور نہ گوڙ، نہ هل، نہ ماحولياتي آلودگي ۽ نہ ئي وري برسات کان پوءِ گپ چڪ جي ڳڻتي. خاموش فضائن ۾ خاموشي جو راڄ. مٿان آسمان جو ڪارن ڪڪرن جي قرب ۾ ائين منڊجي وڃڻ، جيئن منڊي ۾ ٽڪ جو جڙجي وڃڻ هجي. پر هن سڄي سفر جو مزو، موسم جو مزو، رولاڪين جو مزو، يارن سان هيو، يارن جي ياري ۾ هيو. سچ تہ گهمڻ جو مزو بہ يارن ۽ پيارن سان ئي آهي، ڀلا اڪيلائي ۾ ڪھڙو گهمڻ.

No lift جو سائن بورڊ ۽ دل جي معراج

اسان جي گاڏي جي فيميل ڊرائيور اسان جي حلئي مان ئي سمجهي ويئي هئي تہ هي غالب، ڪبير، ساحر ۽ اقبال جي ديس جا معتبر ماڻھو آهن. ان ڪري هن پنھنجي اکين جي روشني سان ئي اسان جي اندر جا مزاج بہ پڙهي ورتا هيا. ان ڪري هاڻي هن بھادر ليڊي ڊرائيور پنھنجي گاڏي ۾ هلڪو ميوزڪ بہ هلائي ڇڏيو هو، هي ٿائي ٻولي جي موسيقي هئي پر واھہ جي ڌن هئي. مڌر مڌر، هلڪا ساز، گٽار واھہ جو مزو پيدا ڪن پيا. موسيقي هلائي ڇڏڻ جو مطلب اهو هيو تہ هن No lift جو سائن بورڊ لڳائي ڇڏيو هيو. مطلب تہ هوءَ چوڻ چاهي پئي تہ نہ توهان منھنجي ڪم ۾ خلل وجهو نہ ئي وري مان توهان کي ڊسٽرب ڪيان. هرڪو پنھنجي منھن. سو هن جي اها موسيقي هلائڻ واري ادا مون کي ڏاڍي وڻي. هڪ تہ شاعر ٻيو وري موسيقيءَ سان جنون جي حد تائين محبت اسان جي طبيعتن ۾، من جي ماحول کي ۽ دل جي خوبصورت دنيا کي موسيقيءَ سان ويتر پرنور ڪري وڌو هيو. ٿائي موسيقيءَ جي ٻولي بہ اسان لاءِ ائين هئي جيئن ڊٻي ۾ ٺڪريون، ڪير سمجهي ڪلام جا ڳوڙها، نہ انگريزي، نہ سنڌي، نہ اردو، نہ فارسي ۽ نہ ئي وري عربي.
جنھن روڊ تي پاڻ هلي رهيا هياسين. انتھائي ڪشادو ۽ بغير ڪنھن اسپيڊ بريڪر جي هو، ڪٿي ڪٿي ڪو سنگل آيو پئي جنھن تي هوءَ بريڪ هڻي سنگنل گرين ٿيڻ جو انتظار ڪري، قانون جي پاسداري ڪندي، پنھنجي ملڪ جي قانون کي مانُ ڏيئي رهي هئي. ڪٿي ڪٿي تہ ناريل ۽ کجين جا وڏا وڏا وڻ پڻ نظر پئي آيا. ورن وڪڙن جي هن روڊ تي ڪٿي ڪٿي ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ وڏي عمارت نظر پئي آئي تہ ڪٿي وري روڊ سان ڪو وڏو دڪان يا ڪو وڏو اسٽور پڻ نظر آيو.
روڊ کي ٻئي پاسي ڪراس ڪرڻ لاءِ وچ زيبرا ڪراسنگ پڻ نظر آئي. ڊريسنگ ۾ عورتن جو لباس بلڪل اسان جي ملڪ کان مختلف هيو. جينز جي ڪپڙي مان ٺھيل شارٽس ۾ يا اڪثر ڪري مٿان گنجي يا وري ٽي شرٽ وغيرہ ۾ نظر آيون. باقي ڪل خير. اسان سفر مان لطف اندوز ٿي رهيا هياسين ۽ شايد سفر اسان مان بہ. ڇو تہ هو سمجهي وئي هئي تہ هي چار ئي ڄڻا ايڏا خاموش خاموش ڇو ويٺا آهن. ضرور دال ۾ ڪجهہ ڪارو ضرور آهي. سچ بہ اهو هيو تہ اسان اجنبي ماڻھو، نوان ماڻھو، هن ملڪ جي قانون کان اڻ واقف، نئون ملڪ، نئون رخ، نوان روڊ، نوان نظارا، اکين جي عياشي ٿي ويئي هئي. هڪڙي اهڙي جاءِ تي منھنجي ڪيمرا جي اک ڦوٽو ڪڍي ورتو، جنھن ۾ تمام وڏي بورڊ تي انگريزي ۾ لکيل هيو Factory closed down sale . فيڪٽري بند ٿي ويئي هئي ۽ مالڪ فيڪٽري کپائي رهيو هو.
پاڻ ائين ئي سفر کي بي ترتيبي، ڇڙواڳي ۽ تجسس ۾ سفر ڪاٽيندا، اچي”ميراج هوٽل“ جي سامھون لٿاسين. اسان جي هن هوٽل ۾ اڳ ۾ ئي آن لائين بڪنگ ٿيل هئي. اسان پنھنجا بيگ لاٿا. سفر دوران گاڏي جي سيٽن جي پاسي ۾ پاڻيءَ جون بوتلون رکيل هيون جنھن مان هڪ ٻن دوستن پاڻي پيتو هيو. ان ڪري لھڻ مھل پرتاب انھن پاڻيءَ جي بوتلن جا پئسا هن ليڊي کي ڪڍي ڏنا، پر هن پاڻ صاف انڪار ڪندي چيو تہ،”اهي بوتلون توهان لاءِ ئي تہ رکيون هيون.“
سامان لاهي پاڻ Mirage Hotel Patong ۾ داخل ٿياسين. مون کي اوڏي مھل ڳالھہ سمجهہ ۾ آئي تہ جاني ميراج هوٽل ڇو بڪ ڪرائي هئي. ڇو تہ جاني جي ٻي ننڍڙي جو نالو بہ معراج آهي. جڏهن تہ وڏي ننڍڙي جو نالو غلام مصطفيٰ آهي. ان ڪري هن جي نالي سان ئي هن هي هوٽل بڪ ڪرايو هو. تہ جيئن هو ٿائلينڊ ۾ بہ هر پل ۽ ايندي ويندي معراج کي ياد ڪري دلي سڪون ماڻي سگهجي. پر مون سوچيو تہ خبر ناهي هتي دل جي معراج بہ پوري ٿيندي هوندي الائي نہ.

ڦڪيٽ: رومانس جو شھر

هن مھل اسان ڦڪيٽ Phuket شھر ۾ هياسين. هي شھر ٿائيلينڊ جي اولھہ تي Andaman Sea جي ڪناري تي واقع آهي. هن ٻيٽ جو 70 سيڪڙو حصو جابلو يا جبلن سان آهي. جبلن جي هي وڏي قطار اتر کان ڏکڻ کان وٺي، ويندي اولھہ پاسي تائين هلي وڃي ٿي. هتان جا خوبصورت بيچز هتان جي اولھہ سامونڊي ڪنارن تي واقع آهن ۽ هتان جي اوڀر وارو حصو گهڻو ڪري گپ وارو رهي ٿو. ڦڪيٽ هن ملڪ جو هڪڙو صوبو آهي. هن ملڪ ۾ ٽوٽل 76 صوبا آهن ۽ ملڪ جي گادي جو هنڌ بينڪاڪ آهي.
هن شھر جو سڀ کان گهڻو گهميو ويندڙ علائقو ۽ گهٽيون ”ڦي ڦي آئلينڊ“ ۽ Phang Nga Bay Sea cave Canoeing“ ۽ ان کان علاوہ ٻيون ڪيتريون ئي گهمڻ جون جايون آهن.
ڦڪيٽ ٻيٽ تي ڦڪيٽ سٽي، ٿائلينڊ ملڪ جي ڦڪيٽ صوبي جي، گاديءَ جو هنڌ آهي. هتان جي پراڻي يا قديمي بازار يا شھر ۾ 19 صديءَ جا قديمي رنگ برنگي گهر ۽ دڪان ٺھيل آهن. هتي ئي سنو-پورچوگيز وارن جون قديمي عمارتون پڻ موجود آهن. هتي 1903ع ۾ هڪڙي ننڍڙي امير واپاري نالي Baan Chinprach جي محلات اڏيل آهي، جنھن ۾ اٽلي جا ٽائليس لڳل آهن، جيڪي هن جي خوبصورتي ۾ اضافو ڪن ٿيون. هن ۾ ڪمال جو فرنيچر رکيل آهي. جنھن ۾ خوبصورت دريون ۽ قديمي طرز تي ٺھيل هٿ جو شاندار فرنيچر پڻ موجود آهي. هتي ئي 1903ع جي ٺھيل هي هڪ ”هوا ميوزم“ آهي جيڪو ڪلچر ۽ تاريخ جي حوالي سان الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. هتان جي آبادي 74424 آهي جيڪا ڊسمبر 1923 جي انگن اکرن مطابق آهي. هتان جي شھري پاپوليشن 250،4،74 آهي. هي علائقو ڪل 12.56 ڪلو ميٽر تي مشتمل آهي. هتي هڪڙي يونيورسٽي بہ آهي جنھن جو نالو Phuket Rajabhat University آهي. هن جا پاڙيسري شھر؛ پراڻو ڦڪيٽ ٽائون، موو Moo-2, موو-5، بين تاوان، بين بين يئن، مو بئن سوانا خان-1، موو بئن فائيسن. هتان جي ايريا جو ڪوڊ +66 ۽ 76 آهي.

ڪائونٽر تي چندي جي پيتي

ڦڪيٽ سٽي جي باري ۾ هون بہ مان مھاڳ ۾ گهڻو ڪجهہ تفصيل سان لکي آيو آهيان پر پوءِ بہ توهان سان پيرائتي ڳالھہ سلجي تہ بھتر. سو ٿيو ائين جو پاڻ هوٽل جي ڪائونٽر تي ڦري گهري اچي پھتاسين.
ڪائونٽر تي بيٺل ان گنجي نوجوان اسان کي الڳ الڳ روم ڏنا. اسان جو يعني منھنجو ئي ڊاڪٽر جو چوٿين ماڙ تي، جڏهن تہ پرتاب ۽ جاني جو ٽين ماڙ تي ٺڪاڻو ٿيو.
ان ساڳي ئي ڪائونٽر تي مون کي حيرت ٿي تہ هڪ پلاسٽڪ جي شيشي جي (چندي جي پيتي وانگي) هڪڙي پيتي رکيل هئي جنھن تي انگريزي ۾ Tip Box لکيل هيو. اسان وٽ دڪانن، اسٽورن تي چندي جون پيتيون رکيل هونديون آهين. هتي وري ٽپ جي نالي واريون پيتيون رکيون ويون هيون. حرامپائي جا نوان طريقا هي ماڻھو بہ سکي ويا آهن هاڻي. اسان جي سادن ماڻھن کي مُلو لٽي ٿو ۽ هتي وري هي. اسان وٽ تہ هون بہ ماڻھو ”عقيدت“ جي مذهبي ڄار ۾ لٽجي پيو، پر هتان جي لٽ مار جا نمونا ئي پنھنجا. ان چندي جي پيتيءَ تي، ان کان هيٺ Thank you جھڙا لفظ لکيل هيا.
جاني، پرتاب ۽ ڊاڪٽر لائونج ۾ پيل ڪرسين ۽ صوفي تي ويھي رهيا. هي ڪا خاص هوٽل ڪانہ هئي. بلڪ three اسٽار هوندي. ڇاڪاڻ تہ هن جو لائونج يا ڪائونٽر وارو ايريا ڪو خاص نہ هو. اسٽاف بہ گهڻو ڪري ٿائي هيو پر اهي بہ ڪي خاص تعاون ڪرڻ وارن منجهان نہ هيا.
ڪائونٽر تي بہ نان ڪو آپريٽو اسٽاف ويٺو هيو. جن ۾ ڪنھن بہ قسم جو مھذب پڻو ڪونہ هيو. لفٽ ذريعي پاڻ پنھنجن ڪمرن تائين پھتاسين. ٿوري دير ۾ وهنجي فريش ٿي، سفر جو ٿڪ ماري جيئن ئي هوٽل کان هيٺ لھي آياسين تہ سامھون ئي هڪڙو ڦڪي رنگ جي ٽيڪسي وارو اچي اسان سان ٽڪرايو. هن پنھنجا بروشر ڏيکاري، لارا لپا ڏيئي، اسان کي خوب مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. ان ڪوشش ۾ هو نيٺ ڪامياب ويو ۽ اسان کي آمادہ ڪري ويو. اسان هن سان گهمڻ جو ٽائيم سيٽ ڪيوسين. هن ويندي ويندي چيو تہ هو صبح جو سوير اچي اسان کي گهمائڻ لاءِ وٺي هلندو.
هي ڊرائيور اسان جي هوٽل ميراج کان واقف ٿي چڪو هيو. وڌيڪ پڪ ڪرڻ لاءِ هُن اسان کان روم نمبر بہ وٺي ڇڏيا هيا. هن ڊرائيور کي ڪنھن بہ قسم جي پريشاني نہ هئي ڇو تہ هن ٽيڪسي واري جو دڪان يا آفيس بہ ان ئي اسٽريٽ ۾ ميراج هوٽل جي پاسي ۾ هئي. اسان هن سان طئي ڪري واڪنگ اسٽريٽ ڏي نڪري آياسين. هوٽل جي ٿورڙو اڳيان ئي واڪنگ اسٽريٽ ڏانھن ويندي چوراهو پوي ٿو. ان چوراهي جي سامھون ئي پيراڊائيز ٽوئر اينڊ ٽرويل ايجنسي وارن جي آفيس هئي، جنھن ۾ موجود ليڊي پروپرائيٽر ماڻھن سان ڊيل ڪري رهي هئي.
هن چوڪ جي کاٻي پاسي کي چند قدمن تي واڪنگ اسٽريٽ هئي. چوراهي جي ٿورو اڳيان سامھون کان + فارميسي جو وڏو دڪان هيو. جنھن جي صفائي قابل ديد هئي. ان فارميسي جي مٿان مساج سينٽر جو بورڊ لڳل هيو. پاڻ هڪ نظر چوراهي تي بيھي اوسي پاسي جي دڪانن تي وڌي ۽ معلوم ٿيو تہ هي ڪاروباري مرڪز آهي ۽ پوءِ تجسس ۽ بيچيني واري اک کڻي واڪنگ اسٽريٽ ڏي وڌڻ لڳاسين.

ڏيڏرن، ڪُتن، ڪُمِين ۽ واڳوئن جو گوشت

جنھن پاسي پاڻ هلي رهيا هياسين اتي ئي اڳيان بجلي جي تنبو تي سائن بورڊ لڳل هيو جنھن تي انگريزي ۽ ٿائي ٻولي ۾ پتانگ هاسپيٽل، پوليس اسٽيشن ۽ پتانگ ميونسپيلٽي لکيل هو. پنھنجي کاٻي پاسي هڪڙي وڏي هوٽل هئي، جنھن جي شيشن وارن شو ڪيسن ۾ ڪمي، ڏيڏر، جهينگا، واڳون، ڪتي ۽ نانگ بلائن جا جسم برف سان ڍڪيل هيا. جتان گذرڻ مھل مون کي ايڏي ڌپ آئي جو طبيعت صفا خراب ٿي وئي. اهڙي ڪني بدبو مون زندگي ۾ نہ سنگهي هئي. اها بدبوءِ ناسن ۾ گهڙي ويئي هئي. مون کي چڪر اچڻ لڳا هيا، ذري گهٽ تہ وڃي ڪِريو هيس. اوڪارا ڏيندي ڏيندي اڳتي وڌيس. دوست اڳيان هيا مان انھن جي پٺيان.
پر پاڻ سنڀالي الٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر الٽي بہ نہ آئي، خالي پيٽين ڪھڙي الٽي جا ڌڌڪا ايندا. نيٺ منھن جي پڪائي ڪري، ماسڪ لڳائي، اڳتي اسٽريٽ ۾ داخل ٿياسين. داخل ٿيڻ سان ئي سامھون کان اسڪوٽرن جي دڪان جي پاسي ۾ هڪڙو ٽيڪسي واري ٽوئرسٽ گائيڊ جو دڪان هيو. جنھن سڏ ڪيو، اسين سڀ دڪان تي چڙهي وياسين. هن کان مختلف گهمڻ جون جايون دريافت ڪيونسين.
ڊاڪٽر دڪان ۾ موجود دڪاندار سان مختلف گهمڻ جي جاين بابت معلومات وٺڻ لڳو هو. اسان کي لڳو تہ هن دڪاندار جا اگهہ مڙئي ڪجهہ مٿي آهن. سو ٻيو ڪو دڪان ڏسجي تہ بھتر. ان ڪري ان دڪاندار کان معذرت ڪندي اڳتي وڌياسين. جيتوڻيڪ هن دڪاندار اسان جي ڄاڻ ۾ گهڻو اضافو ڪيو هو پر اسان کي هتان ڪافي معلومات ملي چڪي هئي. ان ڪري اتان نڪري ان ئي گهٽي ۾ اڳتي وڌياسين تہ هڪڙو وڏو دڪان هيو جنھن جي ٻاهران ڳاڙهي رنگ جي شلوار ٽائيپ اوڍڻ ۽ ڪاري رنگ جي گنجي سان ويٺل نوجوان ناريون پاڻ ڏانھن سڏي اشارا ڪري رهيون هيون.

No Sex ، No Cannabis

هن دڪان جي شيشي تي دڪان جو نالو Patong Massage لکيل هيو. جنھن جي ڪنڊ ۾ لکيل هو No Sex ، No Cannabis ۽ وائي فائي فري هيو. هن ڇوڪرين جو دڪان اها پلصراط هئي، جنھن کي پار ڪرڻ اسان جي وس ۾ نہ هيو. هنن اسان کي پڪڙي وڌو هو. ڊاڪٽر کي تہ بيھاري ڇڏيو هيائون. جڏهن تہ پرتاب ۽ جاني اها پلصراط جيئن تيئن ڪري اکيون ٻوٽي پار ڪري ويا ها ۽ مون کي بہ بھانو ملي ويو هو تہ منھنجا دوست اڳتي نڪري ويا آهن. سو مان بہ انھن قاتل حسينائن کان جان ڇڏائي نڪري آيس. هاڻي ڊاڪٽر انھن وٽ يرغمال بڻيل هيو. مون کي نہ پيو لڳي تہ ڊاڪٽر اها پل پار ڪري سگهندو، پر پوءِ مون ڏٺو تہ ڊاڪٽر مرڪندو اتان نڪري آيو. هن واڪنگ اسٽريٽ ۾ داخل ٿيڻ مھل توهان کي ايئن محسوس ٿيندو تہ توهان دنيا جي ڪنھن وڏي چڪلي ۾ داخل ٿي ويا آهيو.
ان کان ٿورو اڳتي ئي چند قدمن تي هڪڙو کليل مندر روڊ جي کاٻي پاسي ڦٽ پاٿ تي نظر آيو، هتي غالباََ هنومان جي مورتي رکيل هئي. جنھن جي ارد گرد مختلف قسم جون ٽي چار مورتيون رکيل هيون. جن تي گينڊي جا گل ۽ هار پيل هيا.
اگربتيون ٻري رهيون هيون. ان کان علاوہ اسٽنگ جون پڻ گهڻي تعداد ۾ کليل بوتلون انھن مجسمن جي اڳيان رکيل هيون. انھن بوتلن ۾ مٿان اسٽرا بہ پيل هيون. مون کي لڳو تہ هي ديوتا sting بوتل جو وڏو شوقين آهي. پر شايد هن کي خبر ناهي تہ اها بوتل هن جي صحت لاءِ ڪيڏي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. ان ديوتا جي پاسي ۾ ئي هڪڙو ننڍڙو بينر بہ ٽنگيل نظر آيو هيو، جيڪو هيٺ لڙڪي رهيو هو. جنھن تي انگريزي ۾ لکيل هيو No littering! Please do not litter!
روڊ جي ٻنھي پاسن کان، مساج (مالش ڪرڻ وارا) جا ۽ سيڪس جا ڪيئي دڪان کليل آهن، جن جي ٻاهران خوبصورت ٿائي عورتون، نوجوان ڇوڪريون پاڻ کي سينگاري سنواري گراهڪن جي انتظار ۾ ويٺيون آهن، جيڪي توهان جي اتان گذرڻ مھل توهان کي پيار ۽ پاٻوھہ مان سڏ ڪنديون ۽ چونديون تہ،”اچو نہ مالش ڪرايو.“ نہ فقط دڪانن تي پر روڊ جي ٻنھي پاسن سان، وچ تي، هر هنڌ توهان کي مختلف رنگ نسل، قد بد، جسم جون خوبصورت عورتون، کدڙا، پڻ بيٺل نظر ايندا. جن جو فقط ئي فقط هڪڙو ئي ٽارگيٽ هوندو آهي تہ مرد جھڙي معصوم پکيئڙي کي، حسناڪين جا جلوا ڏيکاري، قرب جو قاتلاڻو داڻو وجهي، پيار ۾ پنھنجو ڪري، ماريءَ جي ڄار ۾ شڪار ڪري ڪيئن زير ڪجي.

انڊين بمبئي هوٽل ۾ ڀوڄن

اسان جيئن ئي ايئرپورٽ کان هتي هوٽل تائين پھتا هئاسين. انھي دوران ڪٿي بہ مانجهاندو ڪرڻ نصيب نہ ٿيو هيو. سو مٿان وري واڪنگ اسٽريٽ ۾ رولاڪيون ڪرڻ. اهو ائين هيو ڄڻ پاڻ تي پيٽرول هاري، باھہ جي مچ اڳيان گذرڻ. سو ان مھل اسان محسوس ڪيو تہ اسان جي اندر ۾ هڪڙي بکُ پيٽ جي آهي، جنھن کي ماني ڳڀو کپي ۽ ٻي جسماني شھوت جي بک، جنھن کي نڪور جسم کپي. هن وقت ٻيئي بکون ملي ڪري ٽين بک کي جنم ڏنو هيو ، اهو هيو ”سُک“ جو هليو وڃڻ. سو جڏهن سک ويو تہ بک کي ڇا ڪبو پوءِ ڀلي کڻي اها بک پيٽ جي هجي يا پيٽ کان هيٺ جي. ان اضطرابيت واري ڪيفيت ۾ ئي هياسين تہ سامھون کان انڊين بمبئي هوٽل جو لڳل بورڊ لڳل نظر آيو. سو انھن سڀني بُکن کان ڇوٽڪاري لاءِ، سُک سان صلح ڪرڻ جي صلاح ڪئيسين. انھي صلاح دوران ئي اندران آواز آيو تہ سک ئي شانتي آهي، بک اچڻ وڃڻ واري شي آهي. سُک کي ئي هڻو ٻَک. ان ڪري چوندا آهن تہ ”بک بڇڙو ٽول داناءَ ديوانا ڪري.“
سو اسان ائين ئي مٿاڇرو گهمندا گهمندا، شين کي پري کان ڏسندا، سونھن ديوين جي ونڊو شاپنگ ڪندا، هلندا رهياسين ۽ ڪنھن بہ شوخ حسينا جي سڏ کي لبيڪ نہ ڪيوسين. جيتوڻيڪ اهو عمل اسان جي اخلاقي روين جي خلاف هيو. ڇو تہ توهان ڪنھن جي ڳالھہ ٻڌو تہ صحيح. ڪنھن سان ڳالھايو تہ صحيح. ڀلي توهان کي انھن جي ڳالھہ نہ وڻي، پر انھن جي سڏ کي لبيڪ تہ چئو، انھن کي مان تہ ڏيو، چند لمحا ئي سھي، انھن وٽ بيھي، انھن جي ڳالھہ تہ ٻڌو. جيئن ميلن ۾ مٺائي جا دڪاندار گراهڪن کي سڏ ڪري، هٿ ملائي مٺائي وڪڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. پر پاڻ صفا بي مروت ٿي، انھن حسن جي ديوين جون دلفريب ادائون ٺڪرائي، ڪٺور دل بڻجي، اڳتي ائين نڪري وياسين، ڄڻ تہ اسان انھن کي ڏٺو ئي نہ هجي. منھنجي استاد، مرشد ۽ محسن سائين بشير سيتائي جي غزل جو هڪ بند ياد ٿو اچي تہ؛
هڪ طرف پيٽ هو، ٻي طرف پيار هو،
ٻن چڪين ۾ زندگي وئي پيسجي.

سو انڊين فوڊ جو پُڇندا اهڙي هوٽل تي اچي نڪتاسين. جنھن جو نالو Bombay kitchen & lounge. هن هوٽل ۾ چڪن برياني، فرائڊ فش، بار بي ڪيو، بروسٽ، سبزيون، داليون، سفيد چانور (ڀت)، پيزا ۽ ٻيو گهڻو ڪجهہ هيو. هن جي بورڊ تي لکيل هو Super Delicious Food واقعي هن هوٽل جي چِڪن مصالحي دار برياني، دال ۽ پنير مسالا ۽ گرما گرم چپاتي لذيذ هيون.
سڀني کان وڌيڪ لذيذ برياني لڳي، جنھن جي سواد ئي پيٽ جي بلا کي گهوگهو ڏيئي سمھاري ڇڏيو. ان جو هڪ سبب اهو بہ هيو تہ ڊگهي مسافري ڪرڻ کان پوءِ اسان کي بک گهڻي لڳي هئي ۽ بک ۾ هر شي سٺي لڳندي آهي ان ڪري سياڻن جو بہ اهو چوڻ آهي تہ ماني توهان ان مھل کائو جڏهن توهان کي بک لڳي. پر مون کي ائين لڳو تہ ماني جو اٽو ڳوهي رکيو ويو هو جيڪو پاروٿو هيو يا رکيل هو، جنھن ۾ اٽي جي رکيل هئڻ ڪري ٿورڙي بانس پئي آئي.

بمبئي هوٽل ۾ پاڪستاني همراھہ

بھرحال گهڻي ڀاڱي ماني سٺي ۽ لذيذ هئي. ان هوٽل ۾ هڪڙو همراھہ جيڪو بار بار ليڊي ويٽر کي اسان جي سروس سٺي ڪرڻ لاءِ چئي رهيو هو، هو اردو ۾ ڳالھائي رهيو هو. هن جو تعلق ڪراچي سان هيو. هن ٻڌايو تہ هتي ٻيو بہ ملازم آهي جيڪو هن جي مٿان معمور ٿيل آهي، اهو ڪيترين ئي ٻولين کان واقف آهي. هو نہ فقط اردو ڳالھائي ٿو، پر پنجابي، عربي، ٿائي ۽ دنيا جون مختلف ٻوليون پڻ ڳالھائي سگهي ٿو. ان ڪري هن هوٽل جو مالڪ هن تي تمام گهڻو مھربان آهي. هن ٻڌايو تہ هو ان مقصد سان آيو آهي تہ هتي هوٽل جي ڪاروبار جو ڪم بخوبي سمجهي وٺي ۽ جڏهن هو هوٽل جو ڪم سکي پوندو تہ هو هتي ئي پنھنجو هوٽل کولڻ چاهيندو. هن سان بيٺي بيٺي سٺي اليڪ سليڪ ٿي ويئي. هو ڏاڍو مھربان هيو. هن پنھنجو نالو بہ ٻڌايو هيو، جيڪو مون کان هتي وسري ٿو. هن اهو پڻ ٻڌايو تہ هتي انگريز پاڻ سان گڏ پنھنجون پريميڪائون وٺي اچن ٿا يا هتان ئي کڻن ٿا، جيڪي انھن وٽ هر پل گڏ رهنديون آهن.
ان کان پوءِ پاڻ ان اردو اسپيڪنگ دوست کي چيو تہ، ”يار پاڻ چانھہ جا موالي آهيون، تون اسان جي مزاج کي سمجهي ويو آهين. ان ڪري اسان کي ڪا اهڙي دود پتي چانھہ پيئار جو دماغ مان ٺڪا نڪري وڃن.“ هو اسان جي ڳالھہ سمجهي ويو هو. هن چيو تہ،”توهان گهٻرايو نہ مان سمجهي ويو آهيان، توهان کي پٺاڻ واري ڪڙڪ چانھہ کپي، پر مان توهان کي ان کان بہ وڌيڪ سٺي چانھہ پياريان ٿو، جيڪا توهان کي سڄي ٿائلينڊ ۾ منھنجي ياد ڏياريندي.“
”ائين ڪر يار، نہ تہ هتي تہ ڪِريم واري چانھہ پي ٻاڙ ئي نہ ٿي لھي.“ جاني هن کي مسڪرائيندي چيو.
سو واقعي ئي هن ٿوري دير کان پوءِ جيڪا چانھہ آندي، ان تہ اسان جا جسماني سڀ ٿڪ لاهي ڇڏيا هيا. ان ڪري مون دوستن کي چيو تہ هاڻي بھتر اهو آهي تہ جيترا ڏينھن بہ هتي آهيون، ماني جو ٿاڪ هتي ئي ڪجي. هن بمبئي هوٽل جي سامھون ئي Oscar sports Bar هئي، جنھن جي ٻاهرين ڪائونٽر تي ڪيترائي انگريز ويٺل نظر آيا. پاڻ ماني کائي اتان نڪتاسين. رستي ۾ بازار جو ماحول ڏسندا وياسين. هن دوست اسان کي ٻڌايو تہ هتي رات جو پير رکڻ جي جاءِ نہ هوندي آهي. هتي ميلو متل هوندو آهي.
هر طرف پريمي ۽ پيار جا پوڄاري پريم جي پوڄا پاٺ ۾ مگن نظر ايندا آهن. عبادتن ۾ ڪو بہ روح خلل پسند نہ ڪندو آهي. هن جو اهي ڳالھيون ٻڌي، اسان هن کي چيو تہ، ”تون گهٻراءِ نه، اسان رات جو بہ هتي ضرور اينداسين پر في الحال اسان پتونگ بيچ Patong Beach ڏسڻ وڃون پيا.“
هن ٻڌايو تہ،” پتونگ بيچ هن اسٽريٽ سان ئي آهي. جتي هي گهٽي ختم ٿيندي تہ پتونگ بيچ شروع ٿيندو توهان پنڌ ئي وڃي سگهو ٿا.“
سو اسان پنڌ ڪندا پتونگ بيچ اچي نڪتاسين. ھہڙن ملڪن ۾ پنڌ ڪرڻ جو مزو ئي پنھنجو آهي ۽ ھہڙن ملڪن ۾ ئي پنڌ ڪرڻ سان صحت ٺھندي آهي. اسان جي ملڪن جو پنڌ تہ ويتر ئي مرڻينگ ڪريو ڇڏي.

پتونگ بيچ ڦڪيٽ تي رولاڪيون

اسان واڪنگ اسٽريٽ کان ٿيندا، گهمندا ڦرندا، پتونگ بيچ تي اچي نڪتاسين. جتي واڪنگ اسٽريٽ ختم ٿئي پئي اُتي ئي ٻاهران گيٽ تي هڪڙو وڏو گول بورڊ لڳل هيو، جنھن تي انگريزي ۾ نيرن اکرن سان پتونگ بيچ لکيل آهي، جنھن جي مٿان مختلف سائيز جا گولڙا ٺھيل آهن، جن ۾ مختلف رنگ ڀريل آهن. جيڪي هن پتونگ بيچ جي نالي واري بورڊ کي نمايان ڪيو بيٺا آهن.
هي بيچ ڦڪيٽ جي اولھہ ٻيٽ تي واقع آهي جنھن جو رخ ائينڊمن سمونڊ Andaman Sea ڏانھن آهي. جيڪو ڏکڻ اوڀر ۾ آهي. هي سامونڊي ڪنارو صاف ۽ نرم ملائم واري Sand وارو آهي. هن جي اوسي پاسي ۾ ڪيتريون ئي هوٽلون، ڪيفيز، بارس، دڪان، ڪلب، مساج سينٽرس ۽ وڏيون وڏيون عمارتون آهن.
هن جي سامھون ئي بانگلا روڊ Bangla Road ۽ Paton OTOP Shopping Paradise complex آهي، جيڪو رات جي رونقن جي ڪري ۽ نائٽ لائيف سبب گهڻو مشھور آهي. پاڻ جڏهن بانگلا اسٽريٽ کان ٿيندا، پُڇندا پُڇندا هتي پھتاسين تہ سج لھڻ وارو هيو ۽ شام جو پکي پنھنجا پر پکيڙي رهيو هو. سچ تہ هتان جي شام جون رونقون ئي ٻيون هيون. نہ خوف، نہ ڊپ، نہ لالچ، نہ لوڀ، هر ڪو پرسڪون، شانتي ۾، پنھنجي ڪاروهنوار ۾ مگن هيو. اجنبي ديس جا مسافر پانڌيئڙا پڻ پنھنجي خوشي، سک ۽ شانتي جي تلاش ۾ رولاڪين جي واٽ تي هلي رهيا هيا.
توهان کي ٻڌائيندو هلان تہ ڦڪيٽ بيچ جي ٻاهران مين روڊ آهي جتي ڪارون، اسڪوٽر (اسڪوٽي)، ٽيڪسيون، سوزوڪيون گهڻي تعداد ۾ نظر آيون. روڊ تمام ويڪرو، ڪشادو ۽ صاف سٿرو نظر آيو. ڪٿي بہ ڪا حد دخلي نظر نہ آئي. هر ماڻھو پنھنجي ملڪ جي قانون جو پاسدار هيو.
واڪنگ اسٽريٽ کان اڳتي پتونگ بيچ گيٽ کان ٿيندا پاڻ جڏهن بيچ تہ لٿاسين تہ اسان جا پير سمونڊ جي واريءَ تي هيا. هتان جي واري ايڏي تہ نرم ملائم، پشم جھڙي هئي، واريءَ تي پير رکڻ کان پوءِ ائين لڳو تہ اسان جا پير ڄڻ تہ ڪنھن ريشم جي ڪشميري بخمل تي پئجي ويا هجن. واري ايڏي نرم ملائم ۽ صاف هئي جو سياح پنھنجي شام کي رنگين ڪندي، سمونڊ جي ماحول جو مزو وٺي، ان واريءَ تي ننگي پير پسار ڪري رهيا هيا تہ ڪي وري پيرا گلائيڊنگ ڪرڻ ۾ مصروف هيا، يعني ڇٽيءَ جي ذريعي سمونڊ جي مٿان چڪر هڻڻ. سامھون کان ڇٽي نموني ڪپڙي جي ڦوڪڻي کي هوا مٿي ڇڪي وڃي رهيو هو تہ هيٺ زمين تان ڪيترائي ماڻھو هن ان ڦوڪڻي نما ڇٽيءَ کي هيٺ لاهڻ جي ڪوششن ۾ رڌل هيا. هن ڇٽيءَ جا رنگ پاڻ ۾ ملي ڪيڏو نہ سونھن سان مرڪي اسان جي اکين کي ٿڌاڻ بخشي رهيا هيا. هنن رنگن ۾ سفيد، نيرو، ڦڪو، وانڱڻائي، سائو ۽ نارنگي ڪيڏو نہ مزو ڪري رهيا هيا. هنن رنگن ۾ گهڻائي اڇي رنگ جي هئي. جيڪو امن جو پيغام آهي. هن ڪپڙي جي ڇٽي ۾ ڪيترائي وڏا رسا/واڍَ ٻڌل هيا، جيڪي ان ڇٽي/ڦوڪڻي کي هيٺ لاهڻ ۾ مدد ڪن پيا. سمونڊ تي هوا ايڏي تيز هئي جو پيرا گلائينڊگ وارا ڇٽي کي مٿي آسمان تي، سمونڊ جي مٿان ڪافي اوچائي تي کڻي وڃڻ کان پوءِ، پنجن ڏهن منٽن جو سياح کي سمونڊ جي مٿان چڪر هڻائي پوءِ ان سياح کي هيٺ لاهين پيا. ان کي لاهڻ لاءِ ٻہ ٽي ڄڻا ملي ڪري ان کي هيٺ لھڻ مھل ڇڪي بيھن پيا. تہ جيئن اهو مٿي وڃڻ وارو همراھہ هيٺ لھڻ مھل ڪِري نہ پوي.
هن بيچ جو موسم ايڏو خوشگوار هيو، جو ڇا ڳالھہ ڪجي. بلڪل ڪارا ڪارا ڪڪر اڀ تي ڇانو ڪيو بيٺا هيا. هيٺ سمونڊ جون ڇوليون، وهڪرا ۽ سمونڊ جي شور جو موهيندڙ ۽ مڌر آواز. مٿان وري شام، سا بہ سمونڊ ڪناري. سج لھڻ جو منظر واھہ. غفار تبسم جو سٽون ياد اچي ويون تہ:
سمونڊ ڪناري، ڪنھن شام ڌاري،
سج لٿو هوندئي، ياد ڪيو هوندئي.
سمونڊ جون ان قسم جون ڇوليون چلولايون ادائون بڻجي، مستيون ڪري، اسان جي من جي موسم کي هن ڌرتي جي موسم سان ملائي هڪڙو نئون سنگم پيدا ڪري رهيون هيون، جنھن ۾ سڪون، راحت، سک ۽ شانتي جي موج ۽ مستي نمايان محسوس ٿي رهي هئي. پرتاب هيٺ پلٿي هڻي واريءَ تي ائين ويھي رهيو هو، ڄڻ تہ هن کي هن سمونڊ ڪناري صدين جا ٿڪ لاهڻا هجن. هن کي ڳاڙهن ۽ ڪارن پٽين وارو پاجامو ۽ ڪاري ٽي شرٽ پاتل هئي. جنھن مان هن جي ذوق ۽ شوق جو ڪاٿو لڳائي سگهجي پيو. ڇو تہ مون کي اندازو هيو تہ پرتاب سمونڊ جي گهرائي کان واقف هيو. ڪراچي ۾ هن جو گهر بہ سمونڊ جي ڪناري تي هيو. ان ڪري هن جي اندر ۾ پڻ اها ئي سمونڊ جي گهرائي واري اڻ تڻ هئي. اسان جي دوستن مان ڪو بہ دوست پيراگلائينڊنگ ڪرڻ جي موڊ ۾ نہ هيو. سڀني کي ڊپ تہ هيو ئي هيو پر مٿان وري پنھنجا جيب بہ اجازت ڏيڻ جي موڊ ۾ نہ هيا. سو ڍڪي ڀلي.
مون پنھنجا جوگر بوٽ نہ لاٿا ها، پر مان دوستن سان انجواءِ ڪرڻ ۾ مڪمل طور شامل حال هيس. هاڻي ٽيئي دوست هيٺ سمونڊ جي واريءَ تي پلٿي هڻي سڄي سمونڊ جي سونھن ڀري سنسار ۽ وايو منڊل جو مزو وٺڻ لاءِ ائين ويھي رهيا ڄڻ تہ اجهو ئي اهي نوَٽڻ راند شروع ڪرڻ وارا هجن. پر پوءِ مون ڏٺو تہ اهي نوَٽِڻ راند نہ پيا ڪن پر انھن جي نگاهن جا مرڪز هنن جا معزز موبائيل هيا. جن سان هو سمونڊ جي ماحول کي پنھنجن پيارن وٽ سڌو سنئون پيش ڪري، انھن کي لائيو موهيندڙ منظر ڏيکاري داد حاصل ڪري رهيا هيا. ڪاش مان بہ ائين ڪري سگهان ها.

ڦڪيٽ بيچ ۽ سگريٽ جي عياشي

آهستي آهستي هاڻي رات پنھنجي اوندھہ جي ڪاري چادر وڇائي رهي هئي. هن مھل بہ سمونڊ جي ڪناري تي، ٻاهرئين ملڪن جا سياح گهڻي تعداد ۾ موجود هيا، جيڪي پنھنجين فيملين سان خوب ماحول جو مزو ماڻي رهيا هيا. ٻارڙا، ننڍا، وڏا، عورتون سڀ هن ماحول ۾ هڪ ٿي ويا هيا. نہ مذهب رهيو هو، نہ ئي مذهب جو ڪو ڄار ۽ نہ ئي ڪنھن تي ڪو پاڇو نظر پئي آيو.
هن بيچ جي پريان کان نظر ايندڙ جبل کي سائي ڇٻر/ساوڪ جي چادر اوڍيل هئي. مٿان وري ڪارن ڪڪرن بہ گهٽ نہ ڪئي هئي، اوچتو ئي اوچتو اسان کي سرپرائيز ڏيندي، اسان جي آمد جي خوشيءَ ۾ ۽ اسان جي آجيان ڪرڻ لاءِ برسي پيا. سمونڊ، ساحل، کجين جا وڏا وڻ، رولاڪيون، هن ماحول کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا هيا. مينھن جو ڦڙيون ٿوري دير اسان تي باراني رحمت بڻجي پيار نڇاور ڪنديون رهيون جنھن جي ڪري هن سامونڊي ڪناري جي فطري سونھن وڌيڪ جيئڻ لاءِ اُتساهي رهي هئي. اهڙي ماحول ۾ سگريٽ جا ڪش هڻڻ، مان سمجهان ٿو تہ عياشيءَ جي انتھا ٿيندي آهي. سو مون جاني کي چيو تہ،”مون کي سگريٽ وٺڻا آهن.“
پاڻ ٻيئي اتي ڪناري تي ئي سگريٽن جي ڪيبن تي آياسين، پر اتي موجود ڪيبنز ۾ سگريٽ منھنجي پسند جا نہ هيا بلڪ مون کي اهي سگريٽ ”پولو“ لڳا. يعني ”موت مار سگريٽ.“ سو سامھون روڊ ڪراس ڪري پاڻ هڪڙي جنرل اسٽور ۾ داخل ٿياسين. جنھن ۾ سڄي اسٽور کي رلڻ کان پوءِ بہ سگريٽ نظر نہ آيا.
ڪائونٽر تي ويٺل ناري پڇيو تہ ،” توهان کي ڇا کپي.“
مون چيو،” سگريٽ.“
هن ڪائونٽر جي پاسي ۾ بند پيل باڪس کوليو، جنھن ۾ مختلف قسمن جا سگريٽ پيل هيا. مون هن کي نيري رنگ جي پاڪيٽ ڏانھن اشارو ڪيو. هن اهو ڪڍي ڏنو ۽ پوءِ مون هن کي لائيٽر جو پڻ چيو. هن لائيٽر بہ ڏنو.
مان سوچ ۾ پئجي ويس تہ هي سگريٽ بہ سامھون ڊسپلي ۾ نہ ٿا رکن ۽ هنن وٽ سگريٽ بہ کلي عام رکڻ جي بہ اجازت نہ آهي. ڪيڏي نہ سٺي ڳالھہ آهي ۽ وڏي سوچ آهي. سگريٽ کي هنن بند ڪري ڇڏيو تہ جيئن ڪو ٻار بہ نہ ڏسي سگهي. ساڳي جاءِ تي وري واڪنگ اسٽريٽ تي تہ هر شي سرعام ملي پئي.
پاڻ سگريٽن سان گڏ، اتان ئي پاڻيءَ جون چار عدد ننڍيون بوتلون پڻ وٺي ٻاهر آياسين. اسان کان پريان ڪي نوجوان دوست بہ ويٺا هيا، جيڪي ساحلي ديوار تي مٿان ويھي ڪچھري ڪري رهيا هيا ۽ سج لھڻ جي منظر جو مزو بہ وٺي رهيا هيا. مون کي سائين بشير سيتائي جي غزل جو بند ياد ٿو اچي تہ؛
شام شفق ۽ سج لھڻ جو منظر ڏاڍو وڻندو آ.

بارود جا ڌماڪا ۽ اسان جا ڇرڪ

هاڻي سج بہ ٿڪجي پيو هو تہ سمونڊ بہ.ٻيئي ٿڪاوٽ کان چڪنا چور ٿي، واپس ورڻ جي ڪري رهيا هيا. سمونڊ کي ڏنل پٿرن جي ديوار تي صفا رليڪس ٿي ويھي رهڻ جو احساس اندر ۾ سمائي، مون اهو نئون سگريٽن جو پاڪيٽ کولي، ان مان هڪڙو سگريٽ ڪڍي چپن تي رکيو/دکايو. سگريٽ جو ڪش هڻي، دونھين کي ڳيت ڏيئي، اندر ڦڦڙن ۾ اوتي، وري اندران دونھي کي ناسن ۽ وات مان ڪڍي، ٻاهر آسمان ڏي ڦوڪيندي، هڪڙي گهري نظر سج لھڻ واري منظرتي وڌي تہ مون کي ايئن لڳو تہ سمونڊ جو اندر بہ اداس آهي. سمونڊ جون ڇوليون بہ هاڻي نراسائي جي ور چڙهي رهيون هيون. دڪاندار دڪان بند ڪري وڃي رهيا هيا. وڻجارا وڃڻ جون وايون پيا ڪن تہ ديسي پرديسي سياح بہ آهستي آهستي پنھنجن وٿاڻن ڏانھن واپس وري رهيا هيا.
سگريٽ جو مزو وٺي، عياشي ڪري، حاتم طائي جي قبر کي لت هڻي اهو سوچڻ لڳاسين تہ ڦڪيٽ بيچ تي سگريٽ جو مزو وٺڻ ڪيڏو نہ دل افروز ۽ سڪون بخشيندڙ آهي. سامھون انگريز فيملي بيچ تي نيٽ ٻڌي والي بال کيڏي رهي هئي. هڪڙي پاسي ڪي چند مرد نظر آيا تہ ٻي پاسي عورتون. جن جون رڙيون، هوڪرا، ٽھڪ، کل ڀوڳ اهو باور ڪرائي رهيا هيا تہ اهي خوش هيا ۽ والي بال جي زوردار والين واري راند جو مزو ماڻين پيا.
اڃان انھيءَ ئي خوابن واري دنيا ۾ گم هياسين تہ اوچتو ئي اوچتو فائرنگ شروع ٿي ويئي. برسٽ هلڻ لڳا. ماڻھو خوف ۾ ڇرڪ ڀري، هيڏي هوڏي محفوظ جاءِ ڏانھن ڊوڙڻ لڳا. فائرنگ جو آواز بلڪل ائين هيو، ڄڻ تہ ڪليڪشنيڪوف جا برسٽ هجن. اسان بہ اهڙا بھادر جو فائرنگ جي آواز کان پوءِ پاڻ بہ وڃي ڪا ڪنڊ ورتي. پر پوءِ خبر پئي تہ اهي تہ ڦٽاڪا آهن، جيڪي ٻار رونشي مان هڻي مزو وٺي رهيا آهن ۽ اهڙي قسم جا ڦٽڪا اتي ئي سمونڊ جي ڪناري تي هڪڙي عورت کپائي رهي هئي. پر اسان نہ ورتا. عجيب خوفائتو منظر هيو. ان کان پوءِ سُک جو ساھہ کنيوسين. دل ئي دل ۾ لڄي بہ ٿياسين. ڊاڪٽر کي چيم،”وڏا بھادر آهيو؟ “
ڊاڪٽر ڳالھہ کي سمجهي ويو هو، ٽھڪ ڏيئي چيائين،”جھڙا تھڙا.“
اتي ئي هڪڙو نوجوان ڪاٺ جا ٺھيل شو پيس (رانديڪا) کپائي رهيو هو، جنھن جي هڪڙي هٿ ۾ ڪاٺ جو ننڍڙو چنبي جيترو هاٿي ۽ ٻي هٿ ۾ ڪاٺي جي سائيڪل هئي. هي شيون اسان وٽ بہ هتي جام آهن. پر هن همراھہ سمونڊ جي ڪري، سياحن کان انھن جا اگهہ مٿي وٺي رهيو هو. اسان تہ هن کان معذرت ڪئي. هاڻي پاڻ آهستي آهستي پتونگ بيچ کي ڀاڪر پائي، چمي ڏيئي ان وچن سان موڪلايوسين تہ سڀاڻي وري تنھنجي حاضري ڀرائينداسين، دل ۾ نہ ڪجانءِ.
جيئن ئي پاڻ ٻاهر نڪتاسين تہ چوراهي تي بجلي جي ٿنبي تي سائن بورڊ لڳل هيو، جنھن تي تير جا نشان ٺھيل هيا، ان تي لکيل هيو؛ Patong Beach ، Kalim Beach ، Kamala Beach ۽ ڦڪيٽ ٽائون وغيرہ. ڊاڪٽر اتي بيھي پنھنجي يادگار تصوير ٺھرائي، جنھن تي اسان سڀني کي بہ ساڙ ٿيو ۽ اسان بہ ان ساڳي جاءِ تي بيھي تصويرون ڪڍرايون.
پاڻ هاڻي روڊ جي پاسي سان ڦٽ پاٿ تي هلي پنھنجي هوٽل ڏانھن واپس وري رهيا هياسين. سامھون کان ڪاٺ جي ٺھيل گول چڪري ۾ انگريزي ۾ لکيل هيو Sea Pearl Beach Resort . اتان کان ٿيندا، روڊ ڪراس ڪندا هلندا رهياسين. هتان جي ٽيڪسي اهڙي هئي، جيئن اسان وٽ ايمبولنس هونديون آهن، بلڪل ائين ئي ڳاڙهي رنگ ۾ بيٺل نظر آيون پر هي ٽيڪسيون پويان کليل آهن تہ جيئن مسافر آسانيءَ سان چڙهي. پاڻ ٻي ڏينھن جي ٽوئر لاءِ اتي موجود هڪڙي ٽوئرسٽ ڪمپني جي دڪان تي چڙهي وياسين. دڪان جي ڪائونٽر تي ويٺل نوجوان ناري کان ٽوئر جي جاين بابت پڇڻ لڳاسين. هن انتھائي سٺي نموني سان اسان کي گائيڊ ڪيو. اسان هن کان بروشر وٺي ان تي هڪڙي گهري نظر وجهي پاڻ ۾ صلاح ثواب ڪرڻ لاءِ چميگويون ڪري رهيا هياسين. هن دڪان جو نالو Tour information ، daily tour ، air ticket پر خبر ناهي ڇو هو اسان کي مطمئن نہ ڪري سگهي ۽ هن جي ڳالھہ اسان کي نہ وڻي. سو هن کان معذرت ڪندي پاڻ سڀئي ٻاهر نڪري آياسين.

واڳن ۽ نانگن جا ڪباب ۽ اسان جا اوڪارا

پاڻ هاڻي اتان نڪري ڦٽ پاٿ تي هلي رهيا هياسين. روڊ تي پاسن کان سجايل ڪيبن نموني دڪانڙا، ريڙها، اسٽال ڦٽ پاٿ تي هيٺ دڪان سجائي ويٺل ڪيترائي مرد ۽ عورتون مختلف قسم جا آئٽم کپائي رهيا هيا. هتي وسڪي، بيئر، شراب جون بوتلون روڊ جي پاسي گهٽي جي ڦٽ پاٿ تي ائين پيون هيون، جيئن اسان وٽ جوسز يا ڪولڊ ڊرنڪ جون بوتلون رکيل هونديون آهن. ڪنھن بہ قسم جي ڪابہ پابندي نہ هئي، هر ڪو ئي صاحب اختيار هيو، ان ڪري جنھن کي جيڪا شئي کپي سر عام وٺي سگهيو پئي ۽ نہ فقط وٺي بلڪہ واپرائي بہ سگهيو پئي. نہ اجازت نامي جي ضرورت ۽ نہ ئي وري پوليس جو ڪو ڊپ ڊوھہ.
اهي ننڍڙا ننڍڙا اسٽال ڏاڍو رات جي هن پھر ۾ سندر لڳي رهيا هيا. انھن اسٽالن تي ويٺل شراب کپائيندڙ ناريون، ڪنھن بہ قسم جي گهٻراهٽ يا مونجهاري کان بنھہ ڏور هيون. مون هنن ۾ ڪمال جي خود اعتمادي ڏٺي. ٽھڪ ڏيئي، مسڪرائي، گراهڪن کي سڏ ڪندڙ ناريون ڏاڍو خوش لڳي رهيون هيون. انھن خوبصورت اسٽالن ۾ ننڍڙا اليڪٽرڪ پکا، هيڊ فونس، سئچ، اڌ بتيون، نيل ڪٽر، هٿراڌو نھن، پرس، نچڪڻا، ٽرمر، هيئر ڊريسر، ڪاسميٽڪ ۽ ميڪ اپ جو مڪمل سامان مطلب تہ انيڪ شيون پيون هيون.
ان کان علاوہ منھنجي دل جنھن شيءَ ڪچي ڪئي ۽ جنھن مون کي اوڪارا ڏياري ڇڏيا ۽ الٽي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو اُها، اِها هئي تہ اتي ئي ڪي اهڙيون بہ هوٽلون هيون، جن جي شيشي وارن شوڪيسن ۾ جيرا جاڳندڙ ۽ مئل برف جي تھن تي رکيل، مختلف قسمن جون مڇيون، سنيل، جهينگا، تڏ، ماڪڙ، وڇون، نانگ، ڏيڏر، ڪوئا، واڳون ۽ ڪتا نظر آيا. انھن مان ڪجهہ جانورن جو گوشت هتي روسٽ ٿيل هو تہ ڪي وري فرائڊ ٿيل هيا. اهڙن نانگن بلائن، واڳن جو گوشت هتي شوق سان کاڌو ويندو آهي. اسان جو اهڙي قسم جي دڪان مان گذرڻ ڄڻ پاڻ کي هٿ سان بيمار ڪرڻو هيو. مون تہ هر دفعي منھن تي ٻوٿاڙو چاڙهي ٿي ڇڏيو. تہ ان ڪني ڌپ کان پنھنجن حواسن کي بچائي سگهان، پر پوءِ بہ ڪٿي نہ ڪٿي ان ڌپ جي ور چڙهي ٿي وياسين. اڳتي هلي ويتر طبيعت اڃان بہ خراب ٿي ويئي، جتي ڏٺوسين تہ واڳون جا ڪباب کپائيندڙ ريھڙي تي ٿائي ليڊي اسان کي سڏي رهي هئي ۽ چوي پئي،” تہ واھہ جا ڪباب ٿو، ڏاڍا لذيذ ۽ مزيدار، هڪ دفعو موقعو ڏيو، ڪباب چکي ڏسو.“ هن جي اهڙن جملن ويتر طبيعت ئي بگاڙي ڇڏي. سڄي واٽ الٽيون ڪندو، هوٽل تي آياسين.
مطلب تہ مون ڏٺو تہ هتي هر شيءَ کپي ٿي، هر شي وڪامجڻ لاءِ آتي آهي، خريدار هر وقت خريد ڪرڻ جي موڊ ۾ هوندو آهي. بولو جي تم ڪيا ڪيا خريدو گي. سو جنھن کي بہ دنيا جي ڪنھن بہ شيءَ جي گهرج هجي، ان لاءِ صلاح آهي تہ هو، هتي ٿائيلينڊ هليو اچي.
مين بھي خريدار هون، مون بھي خريدون گا،
پيار جھان بڪتا هي، پتا بتا دو، پتا بتا دو.

Hennessy جا کيپ

ڦڪيٽ ايئرپورٽ تي ڊيوٽي فري شاپ آهي، جتان جڏهن گذرون پيا تہ اهو ڊيوٽي فري شاپ اکين آڏو اچي بيھي رهيو ۽ چوڻ لڳو تہ، ”مون کان بہ ڪجهہ وٺو، مون کي نظر انداز ڪري اڳتي نہ وڃو.“ سو ان شاپ تي ڪيتريون ئي ليڊيز سيلز وومن مخصوس ڳاڙهي ناسي وڳي ۾ نظر آيون. سو نہ چاهيندي بہ الائي ڇو اسان سڀني جي پيرن ۾ ڏاوڻ پئجي ويا. خبر ناهي اهي ڏانوڻ ڇا جا هيا، هنن سونھن ديوين جي جلون جا هيا، يا هتان جي انگوري پاڻيءَ جي مڌر خوشبوءَ جا هيا يا وري اهي ڏانوڻ هتي پيل نينسي جا هيا. پاڻ اتي ئي ڇڪجي بيھي رهياسين. هن دڪان جي ماحول جو جائزو وٺڻ لڳاسين. هرپاسي خوبصورت بوتلون پئي نظر آيون. ڪي بوتلون تہ اهڙي خوبصورت پيڪنگ ۾ هيون جو دل کي ڳالھہ وڻي ويئي هئي. هن کليل دڪان ۾ دنيا جون سڀئي انگور جي پاڻي جون بوتلون خوبصورتي ۽ نفاست سان سجايل هيون. ايترا نمونا ڏسي پاڻ سڀئي اچرج ۾ پئجي وياسين تہ آخر ڪھڙي شي وٺون. وٺون بہ يا نہ وٺون.
سو دوستن جو خيال هو تہ ڦڪيٽ ۾ هجون ۽ ڦڪيٽ جي ڌرتيءَ جو پاڻي نہ چکيون. اهو ٿي نہ پيو سگهي. ان ڪري ان عمل کي هتان جي ڌرتي جي اصولن ۽ رواجن جي خلاف سمجهيو ويندو ۽ ممڪن آهي تہ اسان جي ان عمل تي اسان جي خلاف قانوني ڪاروائي نہ ڪئي وڃي. ڇو تہ جنت الفردوس ۾ هجي ۽ ماڻھو شرابن طهورا کان محروم رهجي وڃي تہ اهو مباح ناهي. ان کان علاوہ اسان کي اهو بہ لڳو تہ متان هتان جي ڌرتي اسان کي اها ميار ڏيئي تہ ڀٽائي جي نگريءَ جا جوڌا جيڪي پرھہ جا پياڪ هوندا آهن ۽ اهي سوم رس پيئڻ جا عادي هوندا آهن. انھن هي ڪھڙو عمل ڪيو آهي. سو ڌرتي ماتا متان ٻئي هٿ کڻي پاراتا ڏيندي چيو تہ،”اي ظالمو! مون وٽ مھماني جا آداب بہ توهان کي نہ آيا.“
سو اسان جي ان اضطرابيت واري ڪيفيت کي ڊاڪٽر سنتوش خوب پروڙي ورتو هو ۽ هن اسان جي مدد ڪندي چيو هو تہ ’’پراڻا نالا هاڻي ذهن ۾ نہ ٿا رکي سگهون، پراڻن يارن سان هتي بہ ياري رکون تہ پوءِ ڪھڙو فائدو؟ ڇو تہ دل بہ پراڻن نالن کان بيزار ٿي پئي آهي. ڪو نئون ذائقو هجي، ڪا نئين لست هجي، ڪو نئون سواد هجي، ڪو نئون ڍُڪ هجي. ڇو تہ هتي بہ جيڪڏهن اها ساڳي ئي گهر واري دال کائون تہ پوءِ هيڏو پري ڇو آيا آهيون. ڪارن، ڳاڙهن جي هي زمين نہ آهي. اچو تہ ڪو نئون نالو هٿ ڪيون، ڪا نئين شي سان وٺي هلون، اهڙي شي جنھن سان دل جي دنيا ۾ رونق آڻي روحن جي ٺوٺ ڌرتي کي خمارن ۽ ڪيف جھڙي ڪيفيت سان واقف ڪري پاڻ کي کيپ چاڙهي ڇڏيون.‘‘
سو ان سوچ ۾ ٻڏتر هئاسين تہ ڊاڪٽر جي اڳيان روحاني ڪيفيت واري ڪيف چاڙهيندڙ هڪڙي Hennessy (V.S.O.P) سامھون اچي ويئي. سڀئي اچي ان هينسي جي اڳيان بيھي رهياسين. انھي دوران هڪڙي ٻي ٿائي خوبصورت هينسي ڳاڙهن ڪپڙن سان بہ اچي ان هينسي جي پاسي ۾ بيھي رهي. هاڻ اسان لاءِ ڏاڍو ڏکيو ٿي ويو هو تہ انھن ٻنھين ”هينسين“ مان ڪنھن هڪڙي ”هينسي“ جي چونڊ ڪري وٺي جوڀن راتين کي جرڪايون.
مون ڊاڪٽر کي چيو تہ،” توهان ساڄي هٿ واري هينسي کڻو ۽ مان بہ سوچيان ٿو تہ مان ڪھڙي هينسي کڻان.“ ڊاڪٽر سمجهي ويو هو. هن شرارتي انداز ۾ چيو تہ ”اسان کي ڪو اعتراض ڪونھي.“ سو پاڻ هينسي وٺي پيڪ ڪرائي ان تي ڊيوٽي فري شاپ جو ٺپو هڻائي ائيرپورٽ کان نڪتا هياسين. توهان وٽ ڊيوٽي فري شاپ جو ڪارڊ ۽ ان جو بل هجڻ ضروري آهي.
سو اڄ پنھنجي روم ۾ هيترن ڏينھن کان پوءِ ان هينسي جي آجيان، مُک درشن ۽ آڌرڀاءُ لاءِ پاڻ وارو روم سجايو ويو هو. پرتاب ۽ جاني کي پنھنجن ڪمرن ۾ مدعو ڪيوسين. جيئن تہ اها هتي ٻي يا ٽين رات هئي. پھرئين (شادي جي) رات نہ. ان ڪري ان رات کي سڀاويڪ بنائڻ لاءِ هينسي سان ڪچھري ڪرڻي هئي. هينسي جو جھڙو ٻاهريون شيپ ۽ لڪ خوبصورت ۽ موهيندڙ هيو، هوءَ اندران بہ ايترو ئي سرور بخشيندڙ نڪتي. واقعي ئي هينسي جو ٽيسٽ/سواد بہ ٻين برانڊن کان بنھہ مختلف هيو. مون سان گڏ منھنجا سگريٽ ريڊ دنل بہ هيا تہ مٿان وري جاني نمڪو جو بہ بھترين بندوست ڪيو هو. سوني تي سھاڳو، ڄڻ تہ محفل کي چار نہ پر چاليھہ چنڊ لڳي ويا هيا.
رات پنھنجي جوڀن جي شروعات ڪري چڪي هئي ۽ اسان بہ پنھنجي ڪيف واري حالت ۾ اچي ويا هياسين.

هينسي جو هينگ اوور

مون محسوس ڪيو تہ رات ڪافي ٿي چڪي هئي، اسان جي جوان جذبن سان گڏ هي رات بہ جاڳي رهي هئي. ٿائيليڊ جي هر رات جاڳندي آهي. ٿائلينڊي هر شام پرنور ۽ پرُرونق هوندي آهي. جلون جي نمائش عام هوندي آهي. ان ڪري هتان جي رات نہ ٿڪ ڀڃندي آهي ۽ نہ ئي آرس. ان ڪري اڄوڪي رات بہ مست هئي، خوش هئي ۽ قاتل حسينائن جي جوانين جي ورندي هئي. جام سان جام ٽڪرائجي ويا هيا، شيشن جا گلاس ٽٽڻ کان بچي ويا هيا. شيشن جي گلاسن ۾ پاڪ پويتر پاڻي اوتجي تہ ويو هو پر پوءِ بہ من جو مندر بيتاب، بيقرار ۽ تڙپ واري ڪيفيت ۾ هو. ان پاڻي ۾ مون کي جوش، جذبو، ولولو، جنبش ۽ تحرڪ نظر آيو. هن جي خوشبو ئي اسان کي کيپ چاڙهي ڇڏيا هيا. دل ئي دل مان هڪڙو اڌمو ٻاهر نڪتو هو، ”واھہ نينسي واھہ، تون ڪمال جي شي آهين.سچ تہ تون ڏاڍي پياري آهين، اڄ تہ صفا اسان جي روح ۾ لھي وئي آهين.‘‘
انھي دوران پنھنجي دوست رياض ڏيرو صاحب وڪيل کي اتان ميھڙ وڊيو ڪال ڪيم. جنھن مان واري موٽ ڏيندي ڪال اٽينڊ ڪئي. هن سان حال احوال ٿيا، ٿوري گهڻي ڪچھري ٿي، موجوده ماحول جو ذڪر اذڪار ٿيو.
رياض جي ڪچھري کان پوءِ تہ اسان جي محفل کي اڃان بہ چار چنڊ لڳي ويا. اتان ئي وري راج ڪمار صاحب کي ڪال ڪيم پر ڪال ان اٽينڊ وئي. راج شايد پنھنجي رنگ ۾ ئي رنگجي ويو هوندو ۽ اسان تي وري هينسي جا خوبصورت رنگ چڙهي ويا هئا.
انھي دوران ڊاڪٽر پنھنجي دوست محترم سليم ڪليار سان ڪال ملائي. سليم ڪال اٽينڊ ڪندي، ڊاڪٽر سان سلام دعا ڪئي. سليم ڏاڍو خوش ٿيو. هن کي هي اسان وارو ماحول ڏاڍو وڻيو. هون بہ هن جي طبيعت اسان سان ملي ٿي. هو ڏک سک ۾ ڊاڪٽر جو ساٿي آهي، دوست آهي. رات جي ڪنھن بہ ٽاڻي/مھل جيڪڏهن سليم کي چئبو تہ سليم دنيا جي ٻي ڇيڙي تي هلڻو آهي تہ مجال آ جو سليم ورندي ڏيئي يا پڇي تہ ڇو ٿا هلون.
سليم سنڌي ادب جي غزل جي صنف جو خوبصورت نانءُ آهي. هو سنڌي ادبي شاخ شاهپور جو انتھائي پراڻو ۽ ايڪٽو ميمبر آهي. منھنجي سفرنامي ”نيپالي نينھن“ جي جڏهن شاهپور جي پريس ڪلب ۾ مھورتي تقريب ٿي هئي تہ سليم ان سلسلي ۾ خوب نڀايو هو. هن سان گڏ پياري سائين سليم چنا، عبدالحميد ڏاهري، علي رضا ڏاهري ۽ اسان جي ڊاڪٽر سنتوش مل خوب نڀايو هو. هن مھورتي تقريب جو سڄو وايو منڊل منھنجي يار ڊاڪٽر سنتوش مل مچايو هيو. منھنجي هن ڪتاب جي مھورت ۾ اسان جو پيارو دوست مظفر کوکر پڻ شريڪ ٿيو هو. مان خبر ناهي ڪٿان کان ڪٿي توهان کي وٺي هليو هان، معاف ڪجو پر سچ اهو آهي تہ اهڙي خاص مھل دوستن کي ياد ڪرڻ ڏاڍو اهم هوندو آهي.
اسان پنھنجي سوچ، دل ۽ دماغ کي هن پاڪ پويتر پاڻي سان معطر ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا هياسين. اسان جي ان ڪيفيت کان هتان جي موسم بہ آشڪار ٿي چڪي هئي، ان ڪري بادلن اسان جي آجيان ۾ مٿان کان پيار جو پاڻي هارڻ شروع ڪيو هو. سو پاڻ هوٽل کان نڪري، ٻاهر آياسين. ڀڄندي ڀڄندي اسان جي سوچ ۽ اسان جي اندر جو ڪيفيتون پڻ ڀڄي چڪيون هيون. هاڻي اسان جي اندر ۽ جذبن کي نپوڙڻ جي لاءِ ڪنھن حسين حور جي ضرورت هئي. پاڻ تہ هون ئي ڌرتي جي جنت؛ ٿائيلينڊ ۾ هياسين. سو بہ واڪنگ اسٽريٽ جون رولاڪيون ڪندي. جتان جي نائٽ لائيف هونءَ ئي گهڻو مشھور آهي. هن ڪيفيت ۾ هن گهٽي جا جلوہ ڪجهہ وڌيڪ پرنور ڏسڻ ۾ آيا. شايد اسان هن گهٽي کي هڪڙي ٻي اک سان ڏٺو پئي. ڇو تہ هن کان اڳ وارو چڪر پيٽ جي بک جو هيو ۽ هينئر وارو چڪر بلڪل آدم جي ڪيفيت وارو هيو ۽ ڪنھن ثواب واري ڪم ڪرڻ جي دنيا ۾ اچي ويا هياسين.
هينسي پنھنجا رنگ ڏيکارڻ ۽ نکيرڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا. هاڻي واقعي ئي هن واڪنگ اسٽريٽ ۾ پير رکڻ جي جاءِ نہ هئي. پرنور رونقون، روشنيون ئي روشنيون، موهيندڙ محبوبائن جا دلفريب جلوہ، جوڀن جوانڙين جا جوشِيلا انداز، قاتل حسينائن جون قاتل ادائون. جيئن جيئن واڪنگ اسٽريٽ ۾ هڪ قدم اڳتي پئي کنيوسين، تئين تئين جوانڙيون، چنڊ چھرن جھڙيون حسين ناريون اڳيان اچي بيھي پيون رهن. گهڻيون تہ ايتري حد تائين مشڪري ڪندي اچي ٻانھن ۾ هٿ پيون وجهن تہ ايڏانھن ڇا هي؟ اسان وٽ ئي سڀ ڪجهہ آهي، پر جيئن تہ اسان هن سڄي گهٽي جي چپي چپي کي ڏسڻ پيا چاهيون. ان ڪري ڪنھن جو بہ اسان تي زور نہ هليو، سواءِ نينسي جي، جنھن اسان جي دلين ۽ سوچن کي هائيجيڪ ڪري، اسان کي ماندو/ساڻو ڪري وڌو هيو.

کدڙو ڇوڪريءَ جي روپ ۾

اڳيان هلندي، مارڪيٽ ۾ رولاڪيون ڪندي، خدا جي حسناڪين کي قريب کان ڏسندي، وڌندا رهيا هياسين. هلندي دڪانن جي ٻنھي پاسن کان اهو سڏ ڪرڻ وارو سلسلو،”تہ هيڏي اچو نه“ هلي رهيو هيو، ڊاڪٽر جي اسرار تي پاڻ مين روڊ واري ماحولي مڃتا کي ڇڏي، هڪڙي ڪنڊ پاسي واري گهٽي ۾ لڙي پياسين. هي گهٽي بہ مين روڊ واري مارڪيٽ جو ئي تسلسل هئي. اڳتي هلندي هڪڙي انتھا جي خوبصورت ناري، صنوبر جي وڻ جيان قدآور، پنھنجي جلون جي سرعام نمائش ڪري رهي هئي. هن عورت جي ڪمال جي ڊريسنگ هئي.
ڊاڪٽر ويجهو وڃي هن کي غور سان ڏسي رهيو هو. لڳي پيو تہ ڊاڪٽر جي دل کي ڳالھہ وڻي هئي. مون بہ ڊاڪٽر جي پوئواري ڪندي وڃي ڊاڪٽر جي پاسي ۾ بيٺس. شايد ڊاڪٽر کي هن جي ادائن ڪجهہ وڌيڪ موهي وڌو هو. ان ڪري ڊاڪٽر جو فل موڊ هيو تہ هن سان ٿوري دير لاءِ ڪچھري ڪجي. ڊاڪٽر هن جي ايڏو ويجهو ٿي بيھي رهيو، جو ٻنھي ۾ هڪ اڌ انچ جي وٿي وڃي بچي هئي. ڊاڪٽر هن جي قد ڪاٺ، ادائن، سونھن کي ڇڏي، هن جي چھري کي پڙهڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪري رهيو. مون کي سمجهہ ۾ نہ آيو تہ آخر ڊاڪٽر ايڏو چتائي ان ۾ ڪھڙي شي ڳولھي رهيو آهي. ڊاڪٽر کي شايد هن جو تجربو ڪم اچي ويو هو. اوچتو هن مون کي ٻانھن کان پڪڙي تڪڙي تڪڙي پرتي ڇڪي ويو. هن جي اهڙي اوچتي ردعمل تي مون ڊاڪٽر کان پڇيو تہ،” آخر ڇا ٿيو آهي، ڪھڙي ڳالھہ آهي، تو کي شايد ڳالھہ نہ وڻي يا اگهہ ٻيڻو هيو.“
چيائين، ”يار اگهہ جي ڳالھہ ناهي، هي تہ شي ميل آ، کدڙو آ، ڀڄ پري.“
سو مون کي بہ ڳالھہ سمجهہ ۾ اچي ويئي پر ڊاڪٽر کي چيڙائڻ لاءِ چيو،” پوءِ ڇاهي، شي ميل بہ ڪار آهي.“
وڏو ٽھڪ ڏيئي چيائين، ”نہ يار! ذائقو خراب ناهي ڪرڻو، هل بس هتان.“
پريان اسان جا ٻيئي دوست پرتاب ۽ جاني بيٺي هي تماشو ڏسي رهيا هيا، اهي بہ ٿوري دير لاءِ منجهي پيا تہ همراه ويا بہ تڪڙو ۽ موٽيا بہ ايڏو تڪڙو. آخر ڇو.؟
بعد ۾ انھن کي اها ماجرا ٻڌاسين تہ اسان سان هي ٽين جنس جو ماڻھو ٽڪرايو هو. سو اهڙي ريت اتان نڪري وري ساڳي مين روڊ واري گهٽي تي اچي وڃون ٿا. روشنين ۽ رونقن جو ماحول گرم هيو. گهورڙين/ايجنٽن جي هٿ ۾ پلي ڪارڊ هيا، جيڪي پنھنجي پنھنجي وکر جو هوڪو ڏيئي ان کي وڪري ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ رڌل هيا. هي واڪنگ اسٽريٽ واقعي ئي رات جي رونق بڻيل هئي.
هاڻي ڳالھہ سمجهہ ۾ اچي پئي تہ ماڻھو ڪيڏو پري کان هتي لکين روپيا خرچ ڪري اچي سڪون جو ساھہ ڇو ٿا کڻن. ڪمال جي رات ۽ ڪمال جا جلوہ. پاڻ ايڏي وڏي ميلي ۾ هڪٻئي کي ڳولھڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ هڪٻئي کي اک تي رکڻ ضروري سمجهيو پئي. فقط ڪپڙن جي رنگن ذريعي ئي هڪٻئي کي ڳولھي سگهون پيا. ان ماڻھن جي ميلي ۾ گم ٿي وڃڻ جو خطرو لاحق هيو. جاني ۽ پرتاب هن ماحول ۾ هوندي بہ اسان کان ڇا پاڻ کان بہ ڪوهون ڏور هيا. سنڌي ۾ چوڻي آهي تہ ”ڏسان ٿو تہ سڙان ٿو، کاوان ٿو تہ مران ٿو.“

حلال ۽ حرام برگر وارو

اهڙي ماحول ۾ ڊاڪٽر سدائين جوان جذبن جي آبياري عشق پاڻيءَ سان ڪندي، پنھنجي هر رات جو لمحو سونھن جي عبادت ڪندي گذاريو. اسان سڀني کان وڌيڪ بي لوث ۽ بي ريا عبادت ۾ ڊاڪٽر اڳيان اڳيان هو. ان ڪري اسان جي پوري پوري ڪوشش هئي تہ ڊاڪٽر جي ان عبادت ۾ رخنو نہ وجهجي بلڪہ جتي جتي هن کي ڪمپني جي ضرورت هجي اتي هن جو ساٿ ڏجي. ڇو تہ دوست کي پرديس ۾ اڪيلو ڇڏڻ مڙس ماڻھو جو ڪم نہ آهي.
ان ئي واڪنگ اسٽريٽ تي هڪڙو حلال ”الشامي دي بيسٽ ڪباب“ جي نالي سان هڪڙو نوجوان گاڏو لڳائي ٿو، جنھن جو برگر، چڪن رول، ڪباب وغيرہ گهڻو مشھور آهن. خاص ڪري هتان جون جوانڙيون هن جا ڪباب شوق سان کائن ٿيون.
مون نوٽ ڪيو تہ هو ڇوڪرو ايندڙ ويندڙ نوجوان نارين ۽ مردن جي توجھہ جو مرڪز هيو. هن سان ڇوڪريون ايندي ويندي چرچا، کل ڀوڳ، ڪنديون هلنديون پئي ويون. ان جي جواب ۾ هن همراھہ جي چھري تي خوشي جون لڪيرون چٽيون ٿي بيھي رهن پيون. نتيجي ۾ هي بہ انھن جوانڙين سان کل ڀوڳ ۽ مذاق ڪندي نظر آيو. جنھن مان اسان کي اهو لڳو تہ هن جو اهو روز جو معمول آهي. يا انھن ڇوڪرين جي هن سان سٺي عليڪ سليڪ/دعا سلام آهي. مون بہ هن کان هڪڙو چڪن رول ٺھرايو. هن جي گاڏي تي لڳل بينر ۾ ”حلال“ لکيل هيو. پوءِ خبر ناهي تہ حلال هيو يا حرام. اسان وٽ تہ حرام شيون بہ حلال ڪري کپايون وڃن ٿيون. مئل مرغي کي بہ حلال جو ٺپو لڳايو وڃي ٿو. ان کان علاوہ هتي گڏهن ۽ ڪتن جوگوشت پڻ پڪتو ويو. پٺاڻن جي هوٽل تي تہ ڪتي جو گوشت ٻاڪرو گوشت ڪري کپايو پئي ويو. ڪيترائي هوٽل وارا پڪڙجي پيا. پر مجال آ جو ڪو سڌارو آيو هجي. سو حلال ۽ حرام جي سوچ رکي هتي اچڻ ڪجهہ عجيب لڳي ٿو.
مطلب تہ هن واڪنگ اسٽريٽ کي رات جو زندہ ڏسي اسان جي مردہ جسمن ۾ ساھہ پئجي ويو هو ۽ اسان جيئرا جاڳندا، ڪچھري ڪندا، واپس پنھنجي هوٽل تي آياسين، ايئن محسوس ٿيو تہ اسان جي زندگيءَ جا ڏھہ سال اڃان بہ گهٽ ٿي ويا آهن. اسان نوجوان ٿي ويا هون. اسان کي ٻي ڏينھن صبح جو گهمڻ لاءِ نڪري وڃڻو هيو. ڇو تہ اسان ٽيڪسي واري سان ستين بجي جو انجام ڪيو هيو ۽ ان ڪري اسان کي سوير سمھڻو هيو. پر پوءِ بہ سمھندي سمھندي، بستر تي پاسا ورائيندي ورائيندي رات جا ٻہ ٿي ويا هيا. جيتوڻيڪ اسان پنھنجن بسترن تي سمھي پيا هياسين پر واڪنگ اسٽريٽ جي نائيٽ لائيف جاڳي پئي ۽ اسان کي پاڻ ڏانھن پڪاري رهي هئي. پر اسان اهو آواز ڄاڻي واڻي اڻٻڌو ڪري ڇڏيو ۽ نہ ڪنايو.

ٺڳ ٽيڪسي واري جو ڄار

ٻي ڏينھن صبح جو سوير ئي ڪائونٽر تان ڪال آئي تہ ٽيڪسي واري سان توهان جو شيڊيول طئي ٿيل آهي ۽ توهان کي گهمڻ لاءِ هاٿي پارڪ ۽ ٻيون گهمڻ واريون جايون ڏسڻيون آهن، ان ڪري جلدي هيٺ اچو، ٽيڪسي وارو ٽيڪسي ڪاهي آيو آهي ۽ توهان جي انتظار ۾ هوٽل جي گيٽ جي اڳيان بيٺو آهي. اسان تڙ تڪڙ ۾ تيار ٿي هيٺ لٿاسين.
ٽيڪسي وارو اڳ ۾ ئي اسان جي انتظار ۾ ٽيڪسي کي صاف سٿرو ڪري، چمڪائي بيٺو هيو. هو فون تي هري هري ڪنھن سان ڳالھائي رهيو هو. هن جي روين ۽ حرڪتن مان اُتي ئي اندازو ٿي ويو هو تہ ڪا گڙٻڙ ضرور آهي. مون کي هن جي چال چلت بہ اڍنگي لڳي. سو هن جي اهڙين مشڪوڪ حرڪتن ويتر اسان کي شڪ جھڙي بيماريءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو. ڇو تہ هن جيترا پئسا چيا هيا، اهي هن ٽوئر/سئر جي حساب سان تمام ٿورا هيا. ايترن پئسن ۾ هو اسان کي ايتريون جايون ڪيئن ٿو گهمائي سگهي. هو ٿائي هيو ۽ ٿائي لھجي ۾ انگريزي ڳالھائي سگهي پيو. ٽيڪسي ڦڪي رنگ جي هئي. هو ٿوري دير ۾ ئي اسان کي هاٿين جي جهنگل ۾ وٺي آيو، جتي پري کان ئي اسان کي ڪجهہ هاٿي مَنَھہ/ جهوپڙي/پيھي جي هيٺان زنجيرن سان ٻڌل نظر آيا. اُتي ئي هڪڙو اسٽور ٽائيپ وڏو دڪان هيو. جنھن ۾ بوتلون، چپس، آئيس ڪريم، پاڻي ۽ جوس جون بوتلون پيون هيون. اتي موجود ٿائي نوجوان ڇوڪري هٿن ۾ ٽڪيٽ جهليو بيٺي هئي. هن ٽيڪسي واري اسان کي اشارو ڪيو تہ ان مائي کان ٽڪيٽون وٺو.
اسان ان ٿائي عورت ڏي اڳتي وڌياسين. هن ٽڪيٽون ڪڍي ڏيکاريون، جن ۾ الڳ لڳ وقت لاءِ هاٿين جي سواري ڪري سگهجي پئي. جنھن ۾ هاٿين تي سواري جا وقت مقرر ٿيل هيا، اڌ ڪلاڪ، منو ڪلاڪ يا وري مٿي ڪلاڪ جي سواري. الڳ الڳ وقت لاءِ الڳ الڳ رقم مقرر ٿيل هئي ان ۾ 1000، 1200 ۽ 1400 باٿ جي رقم رکيل هئي. ايڏي وڏي رقم فقط هاٿي جي سواري جي هئي. جيڪا ڳالھہ اسان مان ڪنھن کي بہ نہ وڻي. اسان هاٿين تي سواري ڪرڻ نہ آيا هياسين، بلڪ هتان جي فطري سونھن کي پسڻ آيا هياسين.سو Phuket Elephant Trekking وارن جي اصل ۾ هن ٽيڪسي واري سان ڪميشن جو حساب ڪتاب رکيل هيو.
جڏهن تہ اسان هاٿين تي سواري ڪرڻ/چڙهڻ لاءِ ڪنھن بہ ريت تيار نہ ٿياسين تہ ٽيڪسي واري فراڊي جي ان حساب سان ڪا بہ ڪميشن نہ پئي ٺھي، جنھن ڪري هن جيڪو اسان سان ڪرايو طئي ڪيو هو، ان ۾ هن کي فائدو نہ پئي پيو. اڃان اڳتي ان ساڳي رقم تي هلڻ بہ هن لاءِ دشوار هيو، ڇو تہ هتان جيڪڏهن هن کي ڪميشن ملي ها تہ هو يقينن اڳتي اسان کي انھي طئي ٿيل پئسن عيوض گهمائي ها، پر هو اُن عورت سان ٿائي ٻولي ۾ سس پس ڪرڻ لڳو.
هاڻي مون کي پڪ ٿي وئي هئي تہ هنن ٽيڪسي وارن جو انھن وزٽ واري ڪمپني سان اڳ ۾ ئي طئي ٿيل هوندو آهي تہ جيترا ماڻھو توهان اسان ڏي وٺي آڻيندو، اوتري توهان جي ڪميشن ٺھندي. سو ان ڪميشن جي چڪر ۾ اسان پارو اجنبي ماڻھو رليو وڃي. صاف ظاهر آهي تہ جڏهن اسان هاٿين جي سواري ڪرڻ کان بنھہ انڪار ڪيو تہ اتي موجود دڪاندار ليڊي هن فراڊي ڊرائيور کي ڪميشن ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ جڏهن هن ٽيڪسي واري کي ڪميشن نہ ملي تہ هن کي اسان وارو سودو مھانگو پيو. ان ڪري هن وڌيڪ اڳتي هلڻ کان صاف انڪار ڪندي چيو تہ،” مان اڳتي نہ هلندس.“ ان ڪري هن همراھہ جو موڊ خراب ٿي ويو. ڇو تہ سڄو کيل پئسن جو هيو.
ٿائي عورت اسان کي سمجهائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪندي چيو تہ،”هاٿي جي سواري مزيدار آهي، توهان کي مزو ايندو، جهنگل گهمندو، توهان سان رعايت بہ ڪيون ٿا، توهان کي سستي ٽڪيٽ بہ ڏيون ٿا، ٻيو توهان کي اڃان ڇا کپي.“ پر اسان ان خيال جا هياسين تہ اسان هاڻي ٻار تہ ناهيون جو هاٿي جي ويھي سواري ڪيون.

ڪاروبار ۾ ڪميشين جو رواج

اسان جي سامھون هاٿين تي ڪي انگريز، انگريزياڻيون ۽ انھن جا ٻار سواري ڪرڻ لاءِ هاٿي جي مٿان ويھي سواري ڪرڻ لاءِ ان مَنَھہ کان ٻاهر نڪري رهيا هيا. اسان بہ اتي ئي دل واري شيپ تي ويھي ڪجهہ تصويرون تڪڙ ۾ ٺھرايون. هاڻي اسان ڊرائيور جي فراڊ کي پرکي چڪا هياسين ۽ ان نتيجي تي پھتا هئاسين تہ هن ڊرائيور سان اسان کي اڳتي ڪنھن ٻي پوائنٽ تي نہ هلڻ گهرجي. ڇو تہ هن جو سڄو ڪم اڳتي بہ طئي ٿيل ڪميشن تي هوندو. ڪميشن جو هتي بہ اهڙو آزار ڏسي مون کي پنھنجون ڪورٽون ياد اچي ويون، جتي بہ منشي کان وٺي، ڪلارڪ، ريڊر، سرشتيدار، پوليس وارو سپاهي، ٿاڻي جا وڏا منشي، مطلب جنھن کي بہ جتي موقعو مليو، اتي ڪميشن جو اگهہ مقرر ڪري، وڪيلن تائين ڪيس پھچائن ٿا ۽ اهو ڪاروبار اسان جي ملڪ، اسان جي شھرن ۽ اسان جي ڪورٽن ۾ عام آهي. شل نہ ڪو مجبور ماڻھو ڪنھن سان پنھنجو دکڙو ونڊي ويھي، بس پوءِ تہ ڄڻ هن جي لاٽري کلي ويئي. اٻوجهہ سادو ماڻھو همدرديءَ جي آڙ ۾ ايئن ئي لٽجي ويندو.
اهو سلسلو ڏينھن و ڏينھن وڌندو وڃي ٿو. مون ياد آهي تہ اسان وٽ هڪڙو پلمبر ايندو هو، جنھن جو اهو ڪم هوندو هو. هوچوندو هو،”سائين هي شي فلاڻي دڪان تي نہ ملي، ٻي دڪاندار کان وٺي آيو آهيان. هو دڪاندار منھنجو واقف آهي. هو هيترا ڏوڪڙ گهري ٿو، پر توهان هن کي هيترا ڏيوس. مان هن کي سمجهائيندس تہ سائين پنھنجو آهي، سائين سان ڪو حساب نہ آهي“. بلڪل ائين ئي ٿيو مون سان بہ. منھنجو پنھنجو جونيئر ئي مون کي لٽي ويو. ڇو تہ مان ان شخص تي حد کان وڌيڪ اعتبار ڪندو هئس.هن کي پنھنجو سمجهندو هوس. هو مون کي چوندو هو،”سائين توهان منھنجا ڀاءُ آهيو“. مون کي هن کان ان ويل اهو پڇڻو هيو تہ ڪھڙو ڀاءُ؛ هابيل يا قابيل“. سو ٿيو ائين جو مون کي ايران جو ڪو عقيق مليو مون ان کي چاندي ۾ جڙائڻ چاهيو، مون منڊي پنھنجي ان جونيئر کي جڙائڻ لاءِ ڏني، پر جڏهن اها منڊي جڙجي آئي تہ چيائين،”سائين ٻيا هيترا وٺن ٿا توهان بس پنج هزار ڏيوس.“ مون کي حيرت ٿي تہ چاندي جي منڊي ايڏو مھانگو ملھہ. خير مان سمجهي ويس تہ هن کي پنھنجي پيٽ جو سور آهي. ڇو تہ اهي ڳالھيون لڪن ڪونہ ٿيون. ان ڪري مون هن کي ڪجهہ بہ نہ چيو، بلڪ هن جيترا پئسا چيا اوترا ڪڍي ڏنا. ان کان علاوہ ڪيترن ڪمن ۾ هن اها حرڪت ڪئي. بعد ۾ خبر پئي اسان جو ماڻھو ئي اسان کي لٽي پيو تہ پوءِ ٻين تي ڪھڙي ميار. سو اهو ڪميشن وارو ڪم ويندي نوڪري کان وٺي معمولي ڪم تائين بہ هلي پيو. سو هتي بہ اها ڪميشن واري بيماري عام آهي. ان ڪري ان ڊرائيور سان اڳتي هلڻ کان بنھہ نابري واري ويٺاسين، هن کي واپسي جو رستو وٺرايوسين. جنھن تي اسان هن کي پيار سان سمجهائيندي چيوسين تہ،”توهان جيڪي پئسا طئي ڪيا، جيڪي جايون گهمائڻ جو واعدو ڪيو، تون ان ڪميٽنمٽ تي پورو نہ لٿو آهين، تون پنھنجي ان واعدي وچن کان ڦري ويو آهين، تون اسان سان فراڊ ڪري رهيو آهين. اسان تنھنجي شڪايت درج ڪرايون ٿا ۽ تنھنجي گاڏي جو نمبر ۽ تنھنجي تصوير اسان ڪڍي ڇڏي آهي .“
هن ڪاوڙ ۾ منھن خراب ڪندي چيو تہ،”توهان کي هاٿي جي سواري ڪرڻي هئي.“
جنھن تي اسان هن کي چيو تہ،”ڇو ضروري هو ڇا. اسان هاٿي جي سواري نہ پيا ڪرڻ چاهيون، توهان سان ڇا اسان اهو طئي ڪيو هو تہ ڇا بہ ٿئي اسان هاٿي جي سواري ضرور ڪنداسين؟.“
همراھہ ڏاڍو شڪي تہ ٿيو پر هيو وري بہ وطني ۽ اسان جيڪي غير وطني هياسين اهي مظلوم هياسين. سو هي فراڊي ڊرائيور اسان کي واپس اسان جي هوٽل تي کڻي آيو. اسان جو موڊ خراب ٿي ويو هو.
دل جي دنيا جي عجيب ڪيفيت ٿي ويئي هئي. اهو سوچيون پيا تہ ڇا هتي بہ ايئن فراڊ ٿيندو آهي؟ سو منھنجي صلاح آهي تہ جڏهن بہ توهان ڪا بہ بڪنگ ڪرايو هڪ تہ ڪنھن خاص شاپ/آفيس يا معتب جڳھہ کان ڪرايو، ٻيو تہ سڀ شيون واضع چٽيون ڪري اڳواٽ ئي طئي ڪيو تہ بھتر، نہ تہ هن قسم جا ڌوڪيباز توهان جو سڄو ڏينھن خراب ڪري ڇڏيندا، نتيجي ۾ توهان جو ڏينھن بہ ويو تہ رات بہ.
دوستن جو خيال هيو تہ هن فراڊي/ڌوڪيباز/جڳاڙي ڊرائيور جي ڪري پنھنجي رات خراب نہ ڪنداسين، بلڪ هتان جي نائٽ لائيف کي انجواءِ ڪنداسين. ڊرائيور آخر ۾ جڏهن ڪمپلين جي ڌمڪي ٻڌي تہ هي ماڻھو آن لائين ڪمپلين ڪندا تہ هن اسان کي پئسا موٽائي ڏنا، جيڪي اسان وٺڻ کان انڪار ڪيا، پر هن پنھنجي جان ڇڏائڻ لاءِ ۽ قانوني ڪاروائي کان بچڻ لاءِ اسان کان ورتل پئسا تہ واپس ڪري ڇڏيا. پر اسان جو جيڪو ٽائيم هن خراب ڪيو هو، اهو ڪٿان واپس اچي ۽ اسان جو جيڪو خوشگوار موڊ هن خراب ڪري اسان جو ڏينھن بگاڙي ڇڏيو هو، اهو سٺو موڊ ڪٿان اچي. بس پوءِ ان درد کي اتي ئي دفن ڪري، وري واپس هوٽل جي ڪمرن ۾ آياسين ۽ ٻي ڏينھن جو شيڊيول ٺاهيوسين تہ پاڻ کي سڀاڻي ڪٿي ڪٿي نڪرڻ گهرجي.
ٺڳ ٽيڪسي واري کي دماغ جي دري مان اڇلائي، گرم گرم ڪافي جو مزو وٺي وري چئن يارن جي چوڪڙي هڻي ڪچھري منجهند جو ڪچھري ۾ گم ٿي وياسين.

پيٽرول پمپ وٽ سگريٽ دکائڻ جي غلطي

ٽيڪسي واري جي حرڪتن کي ذهن مان ڪڍي پاڻ ٻيو ڪو پلان ٺاهڻ لڳاسين. ڇو تہ پاڻ کي ويھي پنھنجو ڏينھن کارڻو نہ هيو. ڏينھن سڄو هليو ويو تہ باقي ڇا بچيو. سو ان ڪري ٿوري دير کان پوءِ پاڻ ٻيھر نئين، جذبي، جوش ۽ جنون سان هوٽل جي ڪمرن کان هيٺ لھي آياسين. ان ساڳي ئي چوراهي تي اچي بيھي رهياسين. اتي اڳ ۾ ئي بيٺل هڪ ٻن ٽيڪسي وارن سان ڳالھايوسين پر انھن جا ڀاڙا آسمان سان ڳالھيون ڪري رهيا هيا. سو انھن کان هٿ ڪڍياسين. پاڻ اڃان بہ مناسب ڀاڙي واري جي تلاش ۾ هياسين. سو ائين ئي چوراهي کان ٿورو اڳتي نڪري آياسين. واڪنگ اسٽريٽ جي سامھون ئي هڪڙو مولائي ٽائيپ خدا جو بندو، انتھائي سادو ماڻھو پنھنجي سوزوڪي ۾ اداس ويٺو نظر آيو. خبر ناهي هو ڪھڙي سوچ ۾ گم هو. هن سان سلام دعا ٿي. هن سٺي موٽ ڏني. هن پنھنجو نالو ليڪ ( لائق هوندو) ٻڌايو هو. هن کي هاف سلويز (اڌ ٻانھن واري شرٽ) آسماني رنگ جي شرٽ پاتل هئي ۽ ڪاري رنگ جي پينٽ. لائق اڌڙوٽ عمر جو شخص هو. هن جي وارن کي رنگ ڪيل هو. پر هو انتھائي خوش اخلاق ۽ سٺو ماڻھو هيو.
هن کي چيوسين،” لائق! ڳالھہ ٻڌ! اسان کي ٿوري ٽائيم ۾ گهڻو گهمڻو آهي، سو هتان جي اوسي پاسي جون اهم گهمڻ واريون پوائنٽون، تون گهمائي سگهين ٿو؟“
هن مرڪي چيو ،” جي ها، مان توهان کي گهمائي سگهان ٿو.“
”گهڻا پئسا وٺندين؟“ پرتاب هن کان پڇيو.
”توهان جيترا پئسا ڏيو.“ هن سوزوڪي اسٽارٽ ڪندي چيو.
”اسان توهان کي هيترا پئسا ڏينداسين.“ جاني هن کي پئسا ٻڌايا.
ان تي هن چيو تہ،” ٺيڪ آهي، اهي پئسا مناسب آهين. پر مان توهان کي پنج ڪلاڪ گهمائي سگهان ٿو، ان کان پوءِ پنھنجي واپسي ٿيندي، ايترن ڪلاڪن ۾ منھنجي ڪوشش هوندي تہ توهان کي گهڻو ڪجهہ گهمائي سگهان، پر توهان جي ڪھڙي ترجيع آهي گهمڻ ۾.“
”تاريخي ماڳ، مڪان، مندر، مسجد، نيشنل پارڪ وغيرہ.“ مون هن کي سمجهائيندي چيو.
”ٺيڪ آهي، منھنجي ڪوشش هوندي تہ توهان کي ٿوري وقت ۾ گهڻو ڪجهہ گهمايان. مون کي ڪو اعتراض ڪونھي، توهان ويھو گاڏي ۾ پاڻ هلون ٿا.“ هن مطمئن ٿيندي چيو.
اسان جي لاءِ بہ اهي پئسا مناسب هيا. اسان هن جي سوزوڪي ۾ چڙهي ويھي رهياسين. پرتاب بہ هن دفعي اسان سان کليل سوزوڪي ۾ پويان ويٺو، ڊرائيور جي پٺيان واري ڊگهي سيٽ ۾ ڊاڪٽر ۽ پرتاب ويھي رهيا ۽ پوئين سيٽ تي مان ۽ جاني. هي فقير منش ماڻھو سوزوڪي هلائيندو رهيو. سوزوڪي جا ٻيئي ساڄي ۽ کاٻي پاسي وارا پاسا کليل هيا ۽ پويون حصو/ پاسو بند هيو.
انھن ٻنھي کليل پاسن کان هن وٽ سفيد/اڇي رنگ جي پلاسٽڪ لڳل هئي،جيڪا فولڊ ٿيل هئي. خاص ڪري برسات مھل ان پاڻيءَ واري رنگ جي پلاسٽڪ کي کولي هيٺ لاهي سگهجي تہ جيئن برسات جو پاڻي اندر نہ اچي. ان وقت اڃان برسات نہ پئي هئي، تنھنڪري هي پلاسٽڪ واري ڪَلي مٿي فولڊ ٿيل هئي. مون سگريٽ دکائي اڃان هڪ ٻہ مس ڪش هنيا تہ هن ڊرائيور لائق سوزوڪي کي مين روڊ تان لاهي پيٽرول پمپ ۾ پيٽرول ڀرائڻ لاءِ داخل ٿيو.
جيئن ئي هو پمپ تي داخل ٿيو گيٽ وٽ ئي مون سگريٽ اڇلائي ڇڏيو. مون کي اندازو ئي نہ هيو تہ هو هاڻي پيٽرول ڀرائيندو بس اوچتو کڻي ”آ“ ڪيائين. ان ڪري مان بہ مونجهاري جو شڪار ٿي ويو هئس. پيٽرول پمپ تي سگريٽ ڪيڏو خطرناڪ هيو، اهو اسان سڀني کي اندازو آهي. پر هن فقير منش لائق کي پتو ئي نہ پيو تہ ڪو پويان سگريٽ جا ڪش هڻي رهيو آهي. ان پيٽرول پمپ تي سي اين جي جون مشينون بہ نظر آيون. هتي ڊيوٽي تي هڪڙو نوجوان ٿائي ڇوڪرو هو. لائق هن سان خبر ناهي ڇا ڳالھايو هو، اسان جي سمجهہ کان ٻاهر هيو. ان ڇوڪري کي ڪاري رنگ جي پينٽ ۽ نيري رنگ جي شرٽ پاتل هئي، جنھن تي سفيد رنگ جو پٽو ٺھيل هيو ۽ مٿي تي نيري رنگ جي ٽوپي پاتل هئي. سو هن اتان پيٽرول ڀرايو ۽ وري سوزوڪي کي واپس ساڳي ئي روڊ تي ڊوڙائڻ لڳو. مون کي احساس ٿيو تہ ڪيڏو نہ سٺو ٿيو جو مون ٻاهر ئي روڊ تي سگريٽ مان هٿ ڪڍيا. نہ تہ خبر ناهي ڪھڙو ممڻ مچي ها. شايد وڏي فشري ٿئي ها ۽ نہ بہ ٿئي ها. پر ڪجهہ نہ ڪجهہ ضرور ٿئي ها.

رستي سان ايندڙ خوبصورت موهيندڙ ماڳ

اسان سڀ ان سوزوڪي ۾ ئي ويٺل رهياسين. پمپ کان ٻاهر نڪري وري سوزوڪي روڊ تي ڊوڙڻ لڳي. جتان جتان گذر ٿئي پيو، اتي خوبصورت نظارا اسان جو آڌرڀاءَ ڪن پيا. رونقن جي هن شھر ۾ پرنور حياتيءَ جي ڪشش، سڪ ۽ ڇڪ اکين سان پسي رهيا هياسين. آسمان ڪارن بادلن سان سينگارجي ويو هو. ڪي ڪي سفيد/اڇي رنگ جون ڪڪريون اسان جي هن سوزڪي جي مٿان، اسان سان گڏ هلي رهيون هيون. موسم اهڙي تہ خوبصورت ۽ ملھار ٿي ويئي هئي جو ڄڻ تہ اجهو ٿي برسات پوي. سامھون کان مٿانھين تي جبل جي ٽڪري هئي، سوزوڪي ان ٽڪري تي چڙهندي زور لڳائڻ شروع ڪيو هو تہ لائق بہ ايڪسيليٽر تي دٻاءُ وڌائي ڇڏيو هو. نيٺ ان مٿاهين ٽڪري تي اچي، روڊ جي پاسي ۾ هن گاڏي جو هينڊ بريڪ ڇڪي، گاڏي بند ڪري ڇڏي. هن اسان کي لھي اچڻ جو چيو. هن ٻڌايو تہ،”هي بہ هڪڙي سياحن لاءِ گهمڻ جي جاءِ يعني ”وزينٽنگ پوائنٽ“ آهي، توهان گهمي ڦري سگهو ٿا. هتي اهڙو ڪو خاص ناهي، پر هنن نظارن، وڻن، ٽڻن، ۽ پريان سامونڊي ڪنارن جي ڪري توهان کي مزو ايندو ۽ ٻيو تہ توهان جون تصويرون سٺيون نڪرنديون.“ اسان سڀني کي اها پوائنٽ پسند آئي هئي. واقعي هي بھترين ڦوٽوگرافي جي جاءِ هئي
هن ٻڌايو تہ هتي ايندڙ اڪثر سياح ٿوري دير لاءِ بيھي هتان جي گهاٽي جهنگ، وڻن ٽڻن ۽ نظارن کي ساھہ کڻندي محسوس ڪري، پنھنجي روح کي ريجهائي، ماحول جو مزو وٺي پنھنجي سفر تي اڳتي روانا ٿين ٿا. سو پاڻ بہ هيٺ لٿاسين.

هڪ چريو ۽ ٻيو بخيل فقير

جيئن ئي ٻہ ٽي قدم اڳتي کنياسين تہ ڏٺوسين تہ سامھون کان هڪڙو همراھہ موالي ٽائيپ، جنھن سالن کان مٿي جا وار نہ لاٿا هيا، نہ ڌوتا هيا. جيڪي اتي ئي ڳنڍيون ڪري ويا هيا. ٻُچي ڏاڙهيءَ سان هي ڍونگي فقير مون کي الائي ڇو مشڪوڪ لڳو. همراھہ کي قميص تہ پاتل نہ هئي، پر ڪاري رنگ جو گوڏن تائين چڍو پاتل هو. جيئن اسان وٽ روڊن، رستن، مزارن ۽ درگاهن تي اهڙي قسم جا پٺي اگهاڙا ۽ ننگا فقير نظر ايندا آهن. جن جي ظاهري ڏيک ويک مان ئي لڳندو آهي تہ ڪٿي هو ايجنسي جو ماڻھو تہ ناهي.
سو توهان کي هن فقير جي ڳالھہ ٻڌائيندو هلان تہ هن جي اڳيان فرش تي سائي رنگ جي چادر وڇايل هئي. ان چادر جي چئني پاسن کان هن سفيد رنگ جي چاڪ سان گول ليڪو ڏيئي ڇڏيو هو. ان چادر تي مختلف قسمن جا هار، مڻيا، موتي، تسبيح، مُنڊيون، پٿر، وغيرہ پيل/رکيل هيا، جنھن مان هو اهو تاثر ڏيئي رهيو هيو تہ هو هڪڙي پاسي فقير آهي تہ ٻي پاسي اهي شيون کپائڻ جو پڻ ڪاروبار ڪري رهيو آهي. اسان کي نہ تسبيح وٺڻي هئي ۽ نہ ئي ڪڙا ڪولابا. مون ڏٺو تہ ان ئي ساڳي چادر تي سئي، سڳا مختلف رنگن جا، ۽ مختلف رنگ جي ڌاڳي جا ريل پڻ پيل هيا. مون جڏهن ان چاڪ واري ليڪي کي اورانگهڻ جي ڪوشش ڪئي تہ هن مون کي هٿ سان پري ٿي وڃڻ جو اشارو ڪيو. هو پنھنجي ڪنھن بہ شيءَ کي هٿ لائڻ بہ نہ پيو ڏيئي. ان مان مون کي لڳو تہ هي نہ ڪاروباري آهي ۽ نہ ئي وري ڪو فقير هيو، بلڪ هي هڪڙو بخيل قسم جو شاتر ماڻھو هو. هن پنھنجي ان سائي رنگ جي چادر جي اڳيان جيڪو چاڪ سان گول دائرو ڪڍي، بائونڊري ڏياري ڇڏي هئي تہ ڪو ماڻھو ان بائونڊري واري ليڪي کان اندر يا ان جي ويجهو نہ اچي، بلڪ ان ليڪي کان بہ پوئتي بيھي ڪري ڳالھائي ۽ شين کي تہ ڪو هٿ بہ نہ پيو لائي سگهي. ان مان مون کي لڳو تہ هي ٻي مخلوق سان تعلق رکي ٿو.
ان کان علاوہ جڏهن مون هن سان ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪئي تہ اهو مون لاءِ عجيب لمحو هو. هن پري کان ئي مون سان اشارن ۾ ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪئي. جنھن مان مون کي لڳو تہ فقير صاحب مراقبي ۾ آهي ۽ هو ڳالھائڻ جي موڊ ۾ ٺپ نہ آهي. سو دوستن کي چيم تہ،”اڳتي هلو، هن چري جي جان ڇڏيو، هي اسان کان بہ وڌيڪ چريو آهي، جيڪڏهن هن سان اتي ئي ڳنڍجي پياسين تہ پوءِ گهمنداسين خاڪ.“ سو ائين ئي هن چرئي کان جان ڇڏائي، اڳتي وڌياسين. نہ تہ مون کي خبر هئي تہ اسان جي ماڻھن جي نظرن ۾ اهي درويش آهن، اهي فقير آهي، مجذوب آهي. ان ڪري اسان جي ڪيئي اهڙن اڌ اگهاڙن نانگن (نانگو/ننگو) جي آو ڀڳت/تعظيم/پوڄا ڪري انھن کي مرشد جو روپ ۽ رنگ ڏنو ويندو آهي ۽ اسان جا سادڙا اٻوجهہ ماڻھو انھن ٺوڳين، ڍونگين ۽ فراڊين جي هٿان لٽبو رهندو آهي. افسوس.

گهاٽي جهنگ ۾ وسرام

هاڻي اسان جي سامھون هڪڙو گول سيمينٽ جو ٺھيل چبوترو، مٿان کان ڍڪيل، تمام مٿي ٿلھي نموني جڳھہ هئي. هن کي خاص ڪري هتان بيھي سمونڊ جي نظاري ڪرڻ ۽ گهاٽي جهنگل جي وچ ۾ بيھي ڦوٽا ڪڍرائڻ جي مقصد سان ئي ٺاهيو ويو هو ۽ ڊرائيورن جي لاءِ خاص ڪري هتي بيھڻ جو سبب بہ هيو، ڇو تہ چاڙهي جي ڪري انجڻ جو گرم ٿي وڃڻ ان ڪري اتي ٿوري دير لاءِ بيھڻ تہ جيئن مسافر بہ خوش ٿين ۽ گاڏين کي بہ ڪو نقصان نہ ٿئي. مون کي گورک هل اسٽيشن دادو وارو لڪ ياد اچي ٿو، جتي پوٽوهر جيپون چاڙهي تي چڙهندي گرم ٿي وينديون آهن. ان ڪري ڊرائيور حضرات هڪڙي پوائنٽ تي بيھي گاڏين جي بونٽ کولي ڇڏين ٿا ۽ انھن جي ريڊي ايئٽر ۾ پاڻي وجهي انھن کي ٿڌي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اڌ ڪلاڪ کن جي اسٽاپ کان پوءِ اهي اڳتي جبل تي ٻيھر چڙهڻ شروع ڪندا آهن.
اسان هاڻي هن خوبصورت سائين جهنگل واري ٽڪري تي موجود هياسين. ان گول چبوتري جي اندر اسان کان اڳ ۾ ڪيتريون ئي فيمليون، انھن جا ٻارڙا، عورتون ۽ نوجوان ڇوڪرا تصويرون ڪڍڻ ۾ رڌل نظر پئي آيا. ان ڪري اسان انھن جي خلوتن ۾ خلل وجهڻ مناسب نہ پئي سمجهيو، ان ڪري اسان ان چبوتري کان ٻاهر بيھي انھن جو انتظار ڪرڻ لڳاسين.
ناريل، کجين ۽ فروٽ جا ڪيترائي وڏا وڻ، ان سان گڏ ڪيترائي ٻيا مختلف وڻ، ٻوٽا هن ماحول جي مانڊاڻ ۾ رونقن جو روپ ڌاري، ماحولياتي گدلاڻ کي ڪوهون ڏور ڌڪي، پنھنجو مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا هيا. ان سيمينٽ جي ٺھيل ٿلھي جي مٿان جهوپڙي جيان ان جي مٿان ڪکن، ڪانن، ۽ ڪاٺ جي ڪامن جو ڇاپرو بہ ٺھيل هيو ۽ هيٺ ويھڻ لاءِ پڻ سيمنٽ جي ڏاڪڻ تي اوساري ٿيل هئي. جيئن ڪو ماڻھو ويھڻ چاهي تہ آساني سان ويھي سگهي.
هتي جيتوڻيڪ فطري سونھن جون جهلڪيون تمام ويجهڙائي کان پسي سگهجن پيون ۽ پسيون بہ سين، پر پوءِ بہ هتي اڳيان ويٺل موالي ٽائيپ (ايجنسين جو ماڻھو)، هن فطري رونقن جو مزو خراب ڪري ڇڏيو هو. سوچيان پيو تہ هتي هن کي ڇو ويھاريو ويو آهي. ڪو نہ ڪو هن جو مقصد ضرور هيو. جيئن مون مٿي لکيو تہ هي نہ فقير هو نہ ئي ڪاروباري ماڻھو، اهو بلڪل درست آهي. هن فقراهي ۽ ڪاروباري هئڻ جو ڍونگ ڪيو هو. هن جي پٺيان اصل ٻي ڪا ڪھاڻي هئي. جيڪا پاڻ نہ سمجهي سگهياسين يا تہ سمجهڻ چاهيوسي ئي نہ.
هن ٽڪري جي چوڌاري گهاٽا ۽ ڊگها وڻ ڏسي روح ائين تازو توانو ٿي ويو هو جيئن ڪمپيوٽر کي جڏهن ريفريش ڪرڻ لاءِ F5 جي ڪمانڊ ڏيئي فريش ڪندا آهيون. هر طرف ساوڪ ئي ساواڻ جا جلوا افروز هيا. ديد جي عيد ٿي وئي هئي. جاني کي ڏاڍو تنگ ڪيو هيوسين تہ ادا منھنجو هتي فوٽو ڪڍ، هيئن ڪڍ، هون تصويرٺاھہ، پويان وڻ اچن، پويان سمونڊ جو منظر اچي، پويان هي منظر اچي، هو منظر اچي، مطلب تہ رڳو ڪيمرا جا ڪلڪ هيا. جاني جي اها ئي ”حاضر سائين يا جي بابا“ واري ڪار هئي.
اهڙي حسين ماحول ۾ اسان جي پوڙهن دوستن بہ پنھنجي جوانيءَ کي واپس ٿيندي محسوس ڪيو هو. هاڻي اسان جو اڌ ڪلاڪ پورو ٿي ويو هو. اسان ورڻ جي ڪئيسين تہ سامھون کان ئي لائق اسان جي انتظار ۾ هيو. هن دفعي مون سنگت کان پرمشن ورتي تہ مان اڳيان ٿو ويھان. سو مان لائق ڊرائيور جي پاسي ۾ ويھي رهيس. سوزوڪي اتان نڪري وري ساڳي ئي مين روڊ تي ڊوڙڻ لڳي.
هن وقت موسم بہ مھربان ٿي ويئي هئي. اسان رستي ۾ ئي رولاڪيون ڪندي اڃان بہ اڳتي پهاڙن جي گهيري ۾ اچڻ پئي چاهيو. انھي دوران رستي ۾ برسات شروع ٿي ويئي هئي. هي ٿوري دير لاءِ وقتي مينھن هيو. لائق روڊ جي پاسي تي گاڏي بيھاري، پلاسٽڪ جا پردا هيٺ لاهي ڇڏيا هيا. پر اڳتي جڏهن برسات جي ڦڙ ڦڙ بند ٿي وئي هئي تہ هن سوزوڪي کي روڊ جي پاسي ۾ بيھاري، ڊرائيونگ سيٽ تان لھي اچي، اهي پردا وري مٿي ڪري ويڙهي، ڏوري ٻڌي ڇڏي هئي. ڇو تہ انھن پردن جي ڪري گرمي ٿئي پئي. مون کي بہ جڏهن اڳيان گاڏي جي هيٽ اپ ٿي وڃڻ جي ڪري گرمي محسوس ٿي تہ مان بہ لھي پويان سنگت سان اچي ويھي رهيس. آسمان ۾جهڙ کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نظر نہ آيو. هر طرف ڪارن ڪڪرن جي ڪاراڻ ئي ڪاراڻ هئي. اهڙي موسم جي ڪري ماحول خوشگوار ٿي ويو هو. موڊ مٽجي ويا ها. ماحول جو رنگ مٽجي ست رنگي ٿي ويو هو. روڊ جي ٻنھي پاسن کان گهاٽو سائو جهنگل هيو. لائق پري کان جبل جي چوٽي تي اشارو ڪندي چيو ته“ اسان کي ان جبل جي چوٽي تي هلڻو آهي. اتي گريٽ بدها آهي يعني گوتم ٻڌ جي وڏي ۾ وڏي مورتي آهي.“

گوتم ٻُڌ جي اڱڻ تي

لائق جي گاڏي هلائڻ جو انداز مون کي ڏاڍو وڻيو هو. ڊرائيونگ ڪندي هن ڪنھن بہ قسم جي ڪا اٻھرائي يا ڪا تڪڙ نہ ڪئي هئي. هو نہ تيز هلائي رهيو ۽ نہ ئي آهستي، بلڪ وچولي اسپيڊ ۾، هن جو پير ايڪسيليٽر تي هو. اڳتي هلي هن جڏهن گيٽ پار ڪيو تہ گيٽ جي وڏي بورڊ تي وڏن اکرن سان ٿائي ٻولي ۾ ڪجهہ لکيل هيو ۽ ان جي هيٺان انگريزي ۾ لکيل هيو Mt. Nakkerd Buddha Garden Phuket .
ان جي هيٺان مختلف رنگن سان ڪيترائي جهنڊا لڳل نظر آيا. پاڻ جبل جي چوٽي تي چڙهندي گول ڦري رهيا هياسين. نيٺ لائق ٻڌايو تہ،” هاڻي اسان گوتم ٻڌ جي درٻار جي گهڻو ويجهو آهيون. بس ٿوري دير ۾ پھچڻ وارا آهيون. هو ڏسو سامھون کان هن جي مورتي نظر پئي اچي.“ واقعي هن جي مورتي جو پويون پاسو اسان کي گاڏي مان ئي نظر اچي رهيو هو. نيٺ پاڻ گوتم جي اڱڻ تي اچي پڳاسين.
هن گوتم جي مورتي ايم ٽي نيڪرد جبل جي چوٽي تي هڪڙي باغ ۾ آهي. هي مورتي ڪاتا بيچ جي ويجهو آهي، جيڪا ٻيٽ جي تازي سونھن آهي. گوتم ٻڌ جي هي مورتي ملڪ جي بلند ترين مورتي سمجهي ويندي آهي. ڦڪيٽ جي سڀني کان مشھور گوتم جي هي مورتي/اسٽيچيو آهي.
سفيد ماربل جي پٿر جي ٺاهيل هي مورتي پنھنجي خوبصورتي جو اعليٰ شاهڪار آهي. اسان گاڏي مان هيٺ جيئن ئي لٿاسين تہ لائق ڊرائيور چيو تہ،” توهان واپسي ۾ هتي ئي اچجو مان هتي گاڏي پارڪ ڪيان ٿو.“ اسان اڳتي وڌياسين تہ گيٽ تي تمام وڏو بينر لڳل هو، جنھن تي گوتم جون ڪيتريون ئي چوڻيون لکيل هيون. ان پينافليڪس جي پاسي ۾ ان سان ئي گڏ سيڪيورٽي گارڊ جي آفيس هئي، جتان ٽڪيٽ وٺي اندر گوتم جي درٻار ۾ داخل ٿياسين.
رستي ۾ ڪنڊ تي بھترين ڪاريگري سان پراڻي ڪاٺ جا وڏا بُنڊ ڪٽي، ان جي ٿڙن مان ڊسٽ بن وغيرہ ٺاهيا ويا هيا. ان سان گڏ ڪجهہ مختلف ديوين ۽ ديوتائن جون مورتون هيون، جتي اگربتيون ٻري رهيون هيون. پر اڳيان ڪاٺ جي لڪڙي کي رڪاوٽ ڪري رکيو ويو هيو تہ جيئن ڪو سياح هن کان اڳتي نہ اچي ۽ جي پوڄا پاٺ لاءِ اچي تہ بہ جوتا ٻاهر لاهي پوءِ اندر داخل ٿيئي. پاڻ ٻاهران ئي ٻاهران انھن ديوتائن جو درشن ڪري، ٻرندڙ اگربتين جي خوشبو وٺي، اتان نڪتاسين.
گوتم جي مجسمي ڏانھن ويندي، پاسي کان هڪڙي وڏي ڪوٽ نما ديوار تي نظر وڌيسين تہ ان اڀي ديوار تي تمام وڏا پٿر ائين نسب ٿيل هيا ڄڻ تہ اتي کُپي ويا هجن يا اُتي وڏي ڪاريگريءَ سان سيٽ ڪري رکيا ويا هجن. جنھن کي ڏسي ماڻھو حيرت ۾ پئجيو وڃي ۽ پٿرن کي ائين ديوار تي بيٺل ڏسي عجب لڳي پيو تہ ايڏا وڏا پٿر اتي مٿانھن چوٽي تي ديوار سان ڪيئن چنبڙائي لڳايا ويا. ڪمال جي ڪاريگري هئي.
هاڻي سامھون کان گوتم جي تمام وڏي مورتي هئي. جنھن کي ڏسڻ لاءِ هزارين سياح هتي گڏ ٿيا هيا. ڪافي ويڪري ماربل سان ٺھيل ڏاڪڻ چڙهڻ ۾ ڏاڍي آسان هئي. صاف سٿري کير جھڙي رنگ جي ماربل واري ڏاڪڻ ويڪر ۾ تمام وڏي هئي، ان ڪري ئي ٿڪاوٽ جو احساس نہ ٿي رهيو هو. اهڙي خوبصورت ماحول ۾ هتي، هن جاءِ تي، گوتم جي اڱڻ تي پير رکڻ ڪنھن بہ نعمت کان گهٽ نہ هيو ۽ مٿان وري جڏهن پرين پيارا دوست گڏ هجن پوءِ تہ ٻيو ڇا کپي.

گوتم جي درٻار ۾ زندگيءَ جو ٽڪرائجي وڃڻ

پاڻ جيئن جيئن مٿي چڙهڻ لڳاسين تيئن تئين موسم بہ خوشگوار ٿيندي پئي ويئي. اوچتو ئي ڏاڪڻ تي چڙهندي مھل تازي هوا جو جهونڪو ساهن کي سرور بخشي ويو. ڄڻ تہ اڄ ڪا اتر جي هير گهلي پئي هجي. آڪاش بہ اڪيلو نہ هيو. هن سان بہ ڪارن ڪڪرن جو ساٿ ۽ ميڙاڪو هيو. پر اسان چار ڄڻا هوندي بہ اڪيلا هياسين. ڪڏهن ڪڏهن اڪيلائي ۾ بہ ماڻھو ميڙي ۾ هوندو آهي، پر ڪڏهن وري ميڙي ۾ بہ اڪيلو هوندو آهي. مون کي لڳو تہ ڪارا ڪڪر اڀ سان ناراضگي جو اظھار ڪري رهيا هيا، ڇو تہ هتي گوتم جي اڱڻ تي اڻسڃاتل مسافرن جو ميڙو متل هيو. سو ان ميڙي کي مچائڻ لاءِ اهي بادل برسي پوڻ لاءِ بيتاب هيا ۽ پوءِ ٿيو بہ ائين ٿوري دير کان پوءِ بوندا باري شروع ٿي ويئي هئي. مينھن جون ڪڻيون هيٺ ڪرنديون رهيون، اسان ڀڄندا رهياسين ۽ سنياسي اسان سان گڏ رمندا رهيا. سنياسين جي ديس ۾ اسان بہ ٿوري دير لاءِ مڪمل سنياسي ٿي ويا هياسين.
ٿوري دير کان پوءِ منھنجو ساڄو هٿ اچانڪ کاٻي پاسي سيني تي دل جي مٿان رکجي ويو، مون محسوس ڪيو هن دلربا موسم ۾ هتان جي سونھن ديوين جي شوخ نگاهن جي تيرن جي وسڪاري سبب منھنجي ويچاري دل نشانو بڻجي زخمي ٿي پئي هئي ۽ پوءِ زخمي دل کي کڻي اڳتي بي دليو ٿي هلندو رهيس. ان ماه لقا جي درشن اسان جي هن ٽرپ کي ويتر جلا بخشي هئي. هو ڪاري فل سليو واري شرٽ سان ۽ ڪاري پينٽ ۾ هئي. هن کي پيرن ۾ وائيٽ جوگر پاتل هيا.
هو نہ فقط قد ۾ مون کي ماري ويئي هئي پر ڏاڪڻ مٿي چڙهندي پنھنجي قاتل اکين جي نھار سان ۽ تيز ڌار سان پڻ مون کي ڪھي شڪار ڪري چڪي هئي. هن کي بوسڪي رنگ جو پرس ڪلھي تي هيو ۽ هن جي هٿ ۾ ڪارو چشمو هيو. هن جا وار کليل هيا. عين ان وقت مون کي منھنجي دوست ابل اداس جي غزل جو بند ياد اچي ويو تہ ؛
وار ويڙهي نہ وجهہ بڪل ۾ تون،
هي هوائون گهلڻ ڇڏي ڏينديون،
بجلي يادن جي، جي وڃي ڪٽجي،
دل جون راڊون ٻرڻ ڇڏي ڏينديون.
سو اسان جي معصوم نگاهن جو پيغام هنن جي اکڙين تشڪر سان قبول ڪري ورتو هو، جنھن جو مان دل سان شڪرگذار ٿيو هيس. جيتوڻيڪ ان مھل هن کي آفر ڪرڻ لاءِ مون وٽ سوا پاڻي جي بوتل جي ڪجهہ بہ نہ هيو، ان ڪري مون هن کي پاڻي جي بوتل جي پيار سان آڇ ڪئي. جيڪا هن دل سان قبول ڪندي چيو تہ،”توهان جي مھرباني مون کي واقعي ئي ڏاڍي اڃ لڳي هئي، مان ڏاڪڻون چڙهندي گهڻو ٿڪجي پئي آهيان.“
پوءِ مون هن کان هن جي تصوير ڪڍڻ جي اجازت گهري، جنھن تي هن مرڪي ڏنو هو . ڦوٽو ڪڍڻ مھل اوچتو هن جي سھيلي بہ خبر ناهي ڪٿان اچي ڦھڪو ڪيو ۽ هن سان گڏ تصوير ڪڍرائڻ لاءِ بيھي رهي. جيڪا ڳالھہ مون کي نہ آئڙي هئي، پر تنھن هوندي بہ مون اهو زهر جو ڍڪ امرت سمجهي پيئي ڇڏيو هو ۽ اها تصوير ڪڍي پنھنجي دل جي ميمري ۾ هميشہ لاءِ سيو ڪري ڇڏي هئي ۽ هو منھنجي اجازت وٺڻ تي مرڪي ڇا هئي ڄڻ هن جي مرڪڻ مھل آسمان تي کنوڻين کيٽ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا هيا ۽ پوءِ انھن کنوڻين جي ڪڙڪاٽ تي هن ڇرڪ ڀريو هو. ان کان پوءِ مون هن جي ساھہ جا سھڪا محسوس ڪيا هيا. هاڻي ڦڙڦڙ شروع ٿي ويئي هئي ۽ هن هڪدم پنھنجي ڇٽي ڪڍي ورتي هئي. پنھنجائپ ۾ هن مرڪي چيو هو،”اورتي ٿي ڇٽيءَ جي هيٺان اچ، ڀڄي ويندين.“ مون مرڪي چيو هو،”مان تہ هون ئي تنھنجي عشق ۾ سڄو ئي اندران ٻاهران ڀڄي چڪو آهيان، ان جو تو وٽ ڪھڙو حل آهي.“ هن ڪاوڙ ۾ ڇٽي ڇڪي/لاهي ڇڏي هئي ۽ چائين،”جي ڀڄڻ جو ايترو شوق ٿئي تہ هاڻي پيو ڀڄ.“
هن سان گڏ هن جي سھيلي بہ ساڳي ئي ڊريس ۾ هئي. انھي ڪش مش ۾ هن مون کان واٽس نمبر وٺي ڇڏيو هو ۽ پوءِ مون جڏهن پنھنجو هوش سنڀاليو تہ منھنجا دوست گوتم جي مزار تي بيٺا هيا. هوءَ اڳتي وڌي ويئي هئي ۽ مان بہ دوستن تائين پھچڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويو هئس. ڏاڪڻ جا ٻيئي ڇيڙا اهڙي نموني سان ٺھيل هيا ڄڻ ڪا ازدها بلا هجي.
پر مون کي لڳو تہ مون کي هن ڪارن ڪپڙن واري ازدها ڏنگي وڌو هو. مٿي پھچي جڏهن هيٺ نگاھہ وڌي هيم تہ وري بہ سامھون کان هوءَ ڏاڪڻ مٿي چڙهندي اچي رهي هئي ۽ مان اتي ئي پنڊ پهڻ ٿي ويو هئس. هن مون کي ڏسي وري مرڪي ڏنو هو. هن جي ڳلن تي مرڪڻ جي ڪري چگهہ/سينئرو dimple ٺھي ويو هو، جيڪو هن جي سونھن کي نکاري نروار ڪري رهيو هو. سچ تہ هن جي سونھن مون کي موهي وڌو هو، مون گوتم ڏي نھاري دل ئي دل ۾ دعا گهري تہ،” گوتم تو ڪيڏو مھربان آهين، تو ڪيڏو نہ سچ چيو هو تہ،”ماڻھن جي دلين ۾ خوشي جا ڪنول ٽيڙائي ڇڏڻ، هزارن زيارتن کان افضل آهي .“

گوتم جي درٻار جو اکين ڏٺو احوال

مان هاڻي جتي بيٺو هوس منھنجي پويان هڪڙي عاشق مزاج ديوتا جو مجسمو ٺھيل هيو. مون کي لڳو تہ هتي جيترا بہ ننڍا وڏا ديوتا آهن انھن جو تعلق عشق، محبت، پيار، انسانيت سان ئي رهيو آهي. هن دلربا ديوتا جي هڪڙي هٿ ۾ واڪنگ اسٽڪ نما لٺ هئي، تہ ٻي هٿ ۾ سورج مکي يا ڪنول جھڙو گل هيو.
ان کان علاوہ هن کي اور ڪوٽ، لانگ بوٽ ۽ مٿان ڪيپ پاتل هيس. ان اسٽيچيو جي پويان گوتم جو وڏو اسٽيچو هيو، جيڪو وائيٽ ماربل سان ٺھيل هيو. سڌارت گوتم هنن سڀني ديوتائن کان بالاتر هيو. ان کان علاوہ ان وڏي اسٽيچو جي اڳيان هڪڙو ننڍو ٻيو بہ اسٽيچو رکيل هيو. جيڪو پلٿي هڻي ويھاريل ڏيکاريو ويو هو. جيئن گوتم سڌارت اڪثر ڪري گيان ڪندي ويٺل نظر ايندو آهي. انھن جي اڳيان ٻہ وڏا حوض ٺھيل هيا، جنھن ۾ ڪنول جا گل پوکيل هيا،جن جا ساوا وڏا پن پاڻي ۾ تري رهيا هيا.
هتي تمام گهڻيون مورتيون هيون. سڀئي سونھري رنگ ۾ رنڱيل هيون. منھنجو ڌيان هڪدم اهڙي اسٽيچو ڏانھن ڇڪجي ويو، جيڪو سائيز ۾ تہ ننڍو هيو، پر روب ۽ دٻدٻي ۾ ڪنھن فوجي نوجوان آفيسر وانگي لڳي پيو. جنھن جي هڪڙي هٿ ۾ ڇڙهي/لٺ ۽ ٻي هٿ ۾ سراهي (گهگهي) هئي. جنھن مان اهو لڳو پيو تہ ان سراهي مان هو پاڻي ڪڍي ٿو يا لاهي ٿو. هن جا وار سائيڊن کان فوجي ڪٽ ٿيل هيا. اڳتي جيئن ئي هلياسين تہ سونھري رنگ جا ڪيترائي اسٽيچو قطار ۾ ڪي ستل، ڪي ويٺل تہ ڪي ليٽيل نظر آيا. ٿوري دير کان پوءِ مون کي احساس ٿيو تہ هنن هيترن ديوتائن جي وچ ۾ اسان پارن گنهگارن جو ڪھڙو ڪم. اسان تہ خوني، ڦورو، لٽيرا، پراون پنھنجن جا حق غضب ڪرڻ وارا، جيري ڪارڻ ٻڪري ڪھڻ وارا آهيون. پر هي تہ گوتم جي اها عظيم نگري آهي جتي گوتم پيرين اگهاڙو هلندو هيو. جنھن چيو تہ،” ڪنھن هڪڙي ديوتا جي سامھون سوَ سال سر جهڪائي ويھي رهڻ کان بھتر آهي تہ ڪنھن هڪڙي پرهيزگار شخص جي صحبت ۾ وڃي ويھو.“ مون کي تہ هتي هر ماڻھو پرهيزگار پئي لڳو سواءِ منھنجي.
هنن سونھري رنگن جي مورتين جي اڳيان پيسن رکڻ وارو دٻو يا پيتي پڻ رکيل هئي. هو دل سان هتي ونڊ يا نذرانو ڏيئي رمندو رهي. ان وڏي گوتم جي اسٽيچو جي پويان هڪڙو ٻيو بہ سونھري رنگ جو ننڍو گوتم جو ئي اسٽيچو هيو. تقريبن مڙني مجسمن اڳيان چندي واريون پيتيون رکيل هيون، جنھن مان لڳي پيو تہ هتي بہ اسان وانگي درگاهن، مسجدن ۽ مندرن وارو چندي يا نذراني جو چڪر عام آهي. جيئن اسان وٽ ملي جو پيٽ نہ ٿو ڀرجي، تئين هتي بہ پنڊتن، ٻاون، چيلن، گروئن ۽ ڀوپن جو وڏو ڄار وڇايل آهي. گوتم جو فلسفو ويو ڌوڙ ٿي.
جيئن اسان وٽ ويچارو مريد، زائرين تي چندي يا نذراني جو وڏو بار هوندو آهي. هتي بہ ائين ئي آهي. بگ بدها جو مجسمو انتھائي خوبصورت هيو. هن کي شال اوڍيل ۽ ڌوتي ويڙهيل هئي. هن کي ڪنھن ٿالھہ نما ڊزائين ۾ ويھاريل ڏيکاريو ويو آهي. هي ڪا عمارت آهي، جنھن جي مٿان گوتم جي مورتي ٺاهي وئي آهي ۽ ان جي هيٺان تمام وڏا پلر آهن ۽ هيٺ شايد ڪمرا، آفيسون يا وري ٻيو ڪجهہ هو. اتي هڪڙو ماربل جو بورڊ بہ لڳل ڏٺم، جنھن تي انگريزي ۾ Big Budda Phuket لکيل هو. سونھري رنگ واري اسٽيجو جي هيٺان نون 9 هٿن وارو مجسمو پڻ ٺھيل هو، جنھن جي اڳيان هڪڙي بيٺل مورتي پڻ ڏيکاريل هئي. جڏهن تہ ان جي هڪڙي پاسي کان سائي رنگ جي ڌڙ سان ۽ نانگ جي ڦڻ جيان اڀن مٿن سان ٻہ ٻيون بہ مورتيون بيٺل نظر آيون ۽ ساڳي قسم جون مورتيون وري ان جي ٻي پاسي بہ هيون.
انھن جي اڳيان باھہ ٻارڻ واري سگري ٽائيپ ۽ هڪڙو سونھري ٿالھي جنھن تي ڪجهہ سڪا رکيل هيا ۽ ڦڪي رنگ جي سراهي جنھن جو ڪنو ناسي رنگ جو هيو، پڻ ڏسڻ ۾ آيو. وڏي ڳالھہ تہ هڪڙي لوهي پائپ تي دل جي شڪل جا ننڍڙا پيس، سنهڙي تين جا ٺھيل هيا جيڪي پڻ عقيدتمندن پنھنجن نالن سان ٺھرائي اتي لڳرائي/ٽنگرائي ڇڏيا هيا تہ جيئن انھن جي من جي مراد پوري ٿئي. جيئن اسان وٽ سعدي موساڻي ۽ ٻين درگاهن جي وڻن تي تعويز يا ڌاڳا ٻڌي پنھنجي عقيدت ۽ من جي مراد پوري ٿيڻ جي غرض سان اظھار ڪيو وڃي ٿو.
اڳتي هلي ڏٺوسين تہ سونھري چبوتري جي هيٺان ڪاري رنگ جي ديوتا جو مجسمو ويھاريل ڏيکاريو ويو آهي جنھن جي ڪلھي تي پڻ ڏنڊو يا لٺ رکيل آهي. هو غالب هنومان هيو. مون کي مورتين جي يا ديوتائن جي ايتري ڄاڻ نہ آهي، جيتري اسان جي پرتاب ۽ ڊاڪٽر سنتوش کي آهي. ان سان گڏ ئي هڪڙو ٻيو بہ ساڳي ٽائيپ جو چبوترو هيو، جنھن جي هيٺان بہ سونھري رنگ جي ديوتا جي مورتي موجود هئي. جنھن جو ڌڙ هڪڙي پاسي تہ مٿو ٻيئي پاسي هيو. مورتين جي هن ديس ۾ جتي منھنجي دل مورتي ٿي وئي هئي اتي منھنجو من، منھنجون اکيون بہ ڪنھن سونھن ديوي جي عشق ۾ مورتين جو روپ ڌاري چڪيون هيون.

انگريز سياح تي اوچتو حملو

گهمندي گهمندي اسان اهڙي پاسي اچي نڪتاسين، جتي بڙ جي وڻن جو ڪافي گهاٽو جهڳٽو بيٺل نظر آيو. هي وڻ گهڻي وقت جا پراڻا پيا لڳن. شايد صدين جي تاريخ جا گواھہ هيا. ڇو تہ هنن مان ڪن وڻن جا ٿڙ کاڌل ۽ ٽاريون سڪل نظر پئي آيون. جڏهن اسان اڳتي وڌي وڻن جي هيٺان ۽ پاسي ۾ رکيل ڪِن مورتين کي ويجهڙائي کان، غور سان ڏسڻ لاءِ ٿورو اڀڪپري واري جاءِ تي اچي پھتاسين تہ ڪنھن انگريز سياح وٺي زور سان رڙ ڪئي. سڀني سياحن ڇرڪ ڀريا ۽ پوئتي مڙي ڏسڻ لڳا. اسان بہ مڙي پوئتي جو ڏٺو. ڇا ڏسون تہ ڀولڙي جو ننڍڙو ٻچڙو، ڀڄندو اچي انگريز جي هٿ مان کير جي بوتل ڦري اتي ئي بوتل جو ڍڪ ڪڍي، بوتل ۾ منھن ۾ وجهي پرسڪون ٿي کير پيئڻ لڳو.
مون انگريز کان پڇيو”بچاءُ تہ ٿيو نہ.“
چيائين، ”ها، پر ڀولڙي جي سٽ ڏيئي بوتل ڦرڻ جي ڪري ٿورڙي هلڪي رهڙ اچي ويئي آهي.“
مون چيو،” بي ڪيئرڦل.“
ڪافي ماڻھو گڏ ٿي ويا هيا. پر ڀولڙي جي ٻچي جي ان حرڪت تي ڪنھن بہ ناراضگي جو اظھار نہ ڪيو هو، بلڪ سڀئي سياح ان عمل مان لطف اندوز ٿيندي کلي رهيا هيا. چوندا آهن تہ ڏيڏر کي کڻي توهان سون جي ڪرسي تي ويھاريو، پر وري بہ هو ٽپ ڏيئي گپ تي لھي ويندو. فطرت تبديل نہ ٿيندي آهي. سو ڀولڙي بہ اهو ڪم ڪيو هو.
گوتم جي هن وڏي مجسمي جي چوڌاري ساوا چھچ وڏا وڻ بيٺل هيا پريان کان جبل ڏاڍو سھڻو لڳي رهيو، ان جي سونھن جو ڪارڻ بہ اهي وڻ ۽انھن وڻن جي ساواڻ هئي. مطلب تہ گهاٽي جهنگ ۾ گوتم اچي وسرام ڪيو هو. ان کان علاوہ هڪڙو تمام وڏي سائيز جو، ڪاري رنگ جو وچ ۾ سونھري رنگ جي گول دائري سان هڪڙو گهنڊ بہ اتي رکيل نظر آيو، خبر ناهي ڪيڏي مھل وڄندو هوندو ۽ ان کي ڪير وڄائي سگهي پيو. ان گهنڊ جو درشن ڪندي، اچي ان جي ويجهو بيٺاسين. پر مون کي ان کي وڄائڻ وارو مترڪو ڪٿي بہ رکيل نظر نہ آيو. جيتوڻيڪ مون اهو مترڪو ڏاڍو ڳوليو پر مون کي نہ مليو نہ تہ اهڙو تہ زور سان گهنڊ وڄايان ها، جو اوسي پاسي جا سياح سڀ اچي گڏ ٿين ها.

چندي جي پيتي وارو چيلو/پوڄاري

ايئن ئي اڳتي وڌندا، رولاڪيون ڪندا، هڪڙي اهڙي جاءِ تي اچي نڪتاسين جتي هڪڙو جهور پوڙهو هڪڙي صندل نما ٿلھي تي پلٿي هڻي ويٺو هو. هن جي هيٺان ويھڻ لاءِ بہ ڳاڙهي رنگ جا ڪشن رکيل هيا. هن کي ڳاڙهو ناسي جبو پاتل هيو. مٿي جا وار لٿل يعني ٺوڙھہ/گنج ٿيل هئي. هي يا تہ ٻُڌاسٽ هيو يا ڪو ٻائو، پنڊت، چيلو يا پوڄاري لڳي پيو. مون پنھنجون جتيون لاهي، ان ٿلھي تي مٿي چڙهي اچي هن بزرگ جي اڳيان بيھي رهيس. هن مون کي هٿ سان ويھڻ جو اشارو ڪيو ۽ مان هن جي سامھون پيل ڪشن جي فوم تي هن وانگي پلٿي هڻي ويھي رهيس. هن منھنجي ساڄي ٻانھن تي ڌاڳو ٻڌو ۽ پوءِ گلاب جو پاڻي منھنجي مٿان ڇڻڪيو ۽ آخري ۾ مور جي پرن واري ٻھاري سان منھنجي مٿي تي ٿپڪي هڻڻ لڳو.
ان ڪاروائي کان پوءِ هن پنھنجا هٿ مٿي ڪري دعا گهرڻ لڳو تہ مون بہ پنھنجا هٿ مٿي ڪيا. هن دعا گهرڻ کان پوءِ اشارو ڪيو تہ هن جي پاسي ۾ پيل چندي واري پيتي ۾ ڪجهہ روڪڙا وجهان. جيئن تہ مون وٽ ٻڌا نوٽ هيا، کليا يا ريجو يا سڪا نہ هيا، ان ڪري مون جاني کي سڏ ڪيو. جانيءَ کان ڪجهہ سڪا وٺي ان نذراني واري پيتي ۾ وجهي پوئين پير ٻاهر نڪري آيس.
مونکي خبر هئي تہ ان نذراني واري پيتي ۾ ڪجهہ وجهڻ بنا منھنجي دعا نہ اگهندي. سو اهڙي قسم جو ڪاروبار اسان جي سنڌ ۾ بہ عام جام ٿئي ٿو. ويچارو عام سادڙو ماڻھو ويساهن جي ورچڙهيل ان چڪر ۾ لٽجي پيو. مير پير، درگاهون، اوتارا، اهڙي لٽ مار جا مرڪز آهن. مون کان پوءِ، ٻين دوستن کي بہ ريس آئي، سو پرتاب ۽ جاني بہ ان چيلي جي حاضري ڀري آيا. اهڙي ريت گهمندي گهمندي اتان ٻاهر نڪري آياسين. واپسي واري گيٽ جي ڀرسان، نڪرڻ مھل ٻہ ڪائونٽر نظر آيا، هڪڙي ڪائونٽر جي شيشي تي لکيل هيو.
Lost &found ٻي تي information and First Aid. هي ڏاڍو سٺو ڪم هو، ڪنھن جي ڪا بہ شي گم ٿي وڃي يا ڪنھن کي ڪا شي هٿ اچي تہ اهو ماڻھو هتي اچي هنن سان رابطو ڪري سگهي پيو. ان کان پوءِ جيئن ئي مين گيٽ ٻاهر نڪتاسين تہ لائق اسان جي انتظار ۾ بيٺل هيو. هن مسڪرائي پري کان سڏ ڪري چيو تہ،”سائين مان هتي آهيان.“ هن مزدور جي مسڪراهٽ اهو پيغام پئي ڏنو تہ هو سچائي سان پنھنجي روزي ڪري رهيو آهي. ڇو تہ ايڏي انتظار کان پوءِ بہ هن جي چھري تي ڪاوڙ يا بيزاري جا ڪي بہ گهنج ۽ نہ ئي وري ڪي تاثر اڀريا هيا.

گوتم ٽيمپل/چرچ ۾

پاڻ گوتم کان موڪلائي، دعا گهري، ٻاهر نڪري وري واپسي جو رستو ورتوسين. اسان جي ڊرائيور لائق ٻڌايو تہ هن وٽ اڃان بہ ڪجهہ ٽائيم آهي، ان ڪري هو اسان کي هڪڙي ٻي اهم پوائنٽ بہ گهمائڻ چاهي ٿو. پاڻ بگ بدها ڦڪيٽ ڪئرون مانگ Karon Muang کان نڪري آياهئاسين ۽ هاڻي ڪنھن ٻي منزل ڏانھن روانا هياسين.
لائق ڊرائيونگ سيٽ تي ويھي، پنھنجي سوزوڪي سان ڪچھري ڪندي اڳتي هلي رهيو هو. خبر ناهي تہ هو ڪھڙي اهم پوائنٽ گهمائڻ چاهي پيو. لائق تقريبن اڌ ڪلاڪ جي ڊرائيو کان پوءِ سوزڪي کي اهڙي جاءِ تي آڻي بريڪ ڏني جتي، اوسي پاسي ۾ ڪافي گاڏيون پارڪنگ ۾ بيٺيون هيون. هي پارڪنگ ايريا هيو، پر کليل کليل. تمام وڏو ميدان. سامھون کان وڏن وڏن نيلن مان لڳو تہ هو اسان کي ڪنھن چرچ ۾ وٺي آيو آهي. پر ائين نہ هيو. چند سو قدمن کڻڻ کان پوءِ اسان ان چرچ جي دروازي تي هياسين. اسان سڀني اتي ئي ڪاٺ جي دروازي وٽ پنھنجا جوتا لاٿا. ڇو تہ اسان کان اڳ ۾ بہ اتي گيٽ وٽ ڪيئي جوتا رکيل هيا، جتان اهو اندازو ٿيو هو تہ اسان کي بہ پنھنجا جوتا هتي ئي رکڻ گهرجن. پاڪستان ۾ هجون ها تہ شايد پنھنجا جوتا بغل ۾ هڻي اندر کڻي وڃي ڪٿي نہ ڪٿي، ڪنھن نہ ڪنھن ڪنڊ پاسي ۾ لڪائي رکون ها تہ جيئن اسان جا جوتا سيف هجن، ڀلي اسان جو ايمان سلامت هجي يا نہ. اهو ڪو مسئلو نہ آهي.
اسان کي اڳتي هلي ڏسڻ کان پوءِ معلوم ٿيو تہ هي چرچ نہ آهي، بلڪ هڪڙو تاريخي مندر آهي. هي مندر هيٺ زميني سطح تي هيو. هن جي چوگرد وڻ، ٻوٽا ۽ خوبصورت پارڪ هيو. گيٽ کان جيئن ئي اندر داخل ٿياسين تہ اسان کي چند ڏاڪڻيون مٿي چڙهي ان مندر ۾ اندر داخل ٿيڻو هو. هتي بہ اهو ئي اصول هيو تہ شارٽس وارن مردن ۽ عورتن کي ان ڊريسنگ ۾ اندر داخل ٿيڻ جي اجازت نہ هئي خاص ڪري اهڙين عورتن کي، جن کي شارٽس پاتل هيا، انھن کي اتي پاجامو پارايو ويو هو.
اندر داخل ٿيڻ سان ئي روحاني سڪون جو ساھہ سان رابطو بحال ٿي ويو هو. ديوارن تي مختلف قسمن جي ديوين ۽ ديوتائن جون تصويرون پينٽ ٿيل هيون. اندر سامھون کان گوتم جي مورتي پيل هئي، جنھن جي ارد گرد هٿراڌو ٺھيل گلن جا ٻوٽا ۽ گل سجائي رکيا ويا هيا. سامھون کان ٻن وڏن گلدانن ۾ پڻ ساڳي قسم جا هٿراڌو گل سجائي رکيا ويا هيا جن جو رنگ نارنگي/ڦڪي رنگ جھڙو هيو.
هن گوتم واري حال ۾ تمام گهڻيون مختلف سونھري رنگن جو مورتيون پيل هيون. مان سوچيان پيو ڇا تہ ڪاريگر جو ڪمال هو. جو هن هر مورتي جو نڪ، اک، ڪن، وات، مٿو، ڳچي، سينو، ٻانھون، هٿ، چھري جا تاثرات، مسڪرائڻ، سنجيدگي، اهڙي تہ بھترين نموني سان چٽيا ويا هيا، جو ان ڪاريگر کي داد ڏيڻ کان سواءِ دل رهي نہ سگهي. ڪاش اهو ڪاريگر جنھن هيڏيون خوبصورت مورتيون ٺاهيون منھنجي سامھون هجي ها تہ مان هن جا ٻيئي هٿ چمي اکين تي رکان ها. ڇو تہ هي ڪم ڪو عام ڪاريگر نہ پيو ڪري سگهي، هن ڪم جو ڪو ماهر ڪاريگر هوندو جنھن جي ڇيڻي، ڪٽائي جو هٿ ايڏو صاف آهي جو فقط هنن مورتين ۾ ساھہ وجهڻ جي دير هئي، نہ تہ اهي تہ جيئريون جاڳينديون نظر پئي آيون. پر هي ڪم فائيبر تي ٿيل هيو، جيڪڏهن اهو ڪم پٿر تي اڪريل هجي ها تہ پوءِ مون کي مائيڪلو اينجلو کان پڇڻو پوي ها تہ ڪٿي هي مورتيون ٺاهيندڙ تنھنجو شاگرد تہ ناهي، يا تو پاڻ تہ نہ ٺاهيون آهن.
جيئن هڪڙي مورتي ستل نظر پئي آئي، جنھن مان ائين لڳو تہ هي تہ هينئر هينئر ننڊ پئجي وئي آهي، آهستي ڳالھايو ، ڪٿي هن جي ننڊ نہ ڦٽي پوي ۽ ننڊ مان جاڳي نہ پوي. سو انھن ئي مورتين ۾ ڪي مورتون پاسي سان ستل هيون تہ ڪي ويٺل، جڏهن تہ ڪيئي وري بيٺل نظر آيون. گوتم جڏهن زندگي جي آخري گهڙين ۾ هيو تہ هن پاسيري ليٽي وقت گذاريو هو ۽ هن جو موت بہ ان ئي ڪيفيت ۾ ٿيو هو.
اسان هڪ نظر ان مندر جي چئن پاسن کان ڊوڙائي جتي هر پاسي کان مورتيون ئي مورتيون هيون. ڪي سائيز ۾ وڏيون تہ ڪي ننڍيون. اندران ئي مٿي وڃڻ لاءِ سيمينٽ جي ڏاڪڻ ٺھيل هئي، جنھن جي ذريعي پاڻ هيٺان کان مٿي واري حصي ۾ وياسين.
ڏاڪڻ جي پاسي وارين ڀتين تي بہ مختلف پينٽنگ ٿيل هئي. هڪڙي ڳالھہ جيڪا سٺي لڳي، اُها اِها هئي. تہ هن سڄي ماحول ۾ خاموشي، سڪون ۽ شانتي جو عالم هيو. جنھن جي ڪري هتان جو ماحول معطر ۽ معتبر نظر پئي آيو. مندر جي جهروڪن مان تازي هوا جا جهونڪا اندر داخل ٿي من ۾ محبت جو مانڊاڻ مچايو ڇڏين پيا. ان ڪري ئي هتي شانتي جو روح واسو ڪري ويو هو. سامھون کان هڪڙي سڄي پاسي ۾ ڪنول جي گل جھڙا ڪپڙي جا ٺھيل شيڊ بند پيل هيا، جيڪي اُس جي اچي وڃڻ جي ڪري هيٺ مٿي ڪري لاهي، کولي وري بند ڪري ڇڏيندا هيا. جنھن جي ٻنھين پاسن کان ٻہ مورتيون هٿي ٻڌي ادب ۾ بيٺيون هيون. ڇا تہ هنن ماحول ٺاهيو هو. واقعي اسان کي بہ سڪون اچي ويو هو ۽ اسين بہ اهڙي سڪون ۾ بہ شانتي، سک، چين جو مزو ماڻي حيرت جي دنيا ۾ غرق ٿي ويا هئاسين.

باس باسڻ وارو منتر

اڃان اسان ان ئي مندر جي اندر ۽ ان جي مٿين حصي ۾ پوڄا پاٺ ڪرڻ ۾ مصروف هياسين تہ ڏٺوسين تہ اتي ئي ڪنڊ ۾ سامھون ڪيترن ئي قسمن جا رنگين، مختلف قسمن جا گل مختلف انداز سان سينگاري رکيل نظر آيا. هي گل هٿراڌو نہ هيا بلڪ قدرتي تازا گل ظھور پذير ٿيل هيا. جن جي خوشبوءَ سان سڄو هال مھڪي ۽ معطر ٿي ويو هيو. هيٺ پٽ تي نذراني طور رکيل هتان جي ڪرنسي جابہ انيڪ نوٽ وکريل پيا هيا. هتي مون کي ڪنھن بہ جاءِ تي ڪو پراڻو، ڦاٽل، وريل، نوٽ نہ ڏٺو، سڀ ڪڙڪ نوٽ نظر آيا. اتي ئي هڪڙو بورڊ لڳل هو جنھن جي نيري رنگ جي مٿان سفيد اکرن ۾ ٿائي ۽ انگريزي ٻولي ۾ ڪجهہ لکيل هو.
ٿائي ٻولي تہ پاڻ سڀني مان ڪنھن کي بہ نہ ٿي آئي. پر انگريزي ۾ جيڪو لکيل هو سو ان جو متن هيٺين ريت هيو. اصل ۾ هي هڪڙو منتر هيو، جيڪو عقيدتمندن لاءِ اتي لکرايو ويو هو تہ جيئن اهي اتي اچي، پنھنجي من جي مراد کي ماڻڻ لاءِ پڙهن:

Lord Buddha’s Relics Mantra
A-Hang Bu-Chae-MiTou-Ra- Toh
A-Hang Bu-Chae-Mi Ta-Tue- Yo
A-Hang Bu-Chae-Mi Sup-pa- Soe
Repeat 1 ، 3 ، 5 ، 7 ، 9….times ، then make a wish

مطلب تہ هي بہ هڪڙي دعا ئي هئي، جيڪا، هتي ايندڙ هر مرد توڙي عورت پڙهي پنھنجي من جي مراد ماڻي سگهي پئي. پر اسان پنھنجي مٺڙي ٻولي سنڌيءَ ۾ ئي پنھنجي من جي مراد جي من ئي من ۾ تمنا ڪري ويٺاسين، ان اميد سان تہ گوتم اسان جي ٻولي ضرور سمجهندو هوندو. سو هرڪنھن اکيون ٻوٽي هٿ ٻڌي پنھنجي دل جي تمنا لاءِ دعا گهري هئي. اتان فارغ تي پاڻ جيئن ئي مٿي ڇت تي چڙهي جيئن آياسين تہ هتي وري منظر ئي ٻيو لڳو پيو هيو. مسجد جي نيلن جھڙا سفيد رنگ جا savour هر طرف لڳل هيا، جيڪي اندر جي اونداهي رات کي بہ ڏينھن جو روپ ڏيئي شرف بخشي رهيا هيا.
تمام خوبصورت نموني سان سينگاريل هي مندر صاف شفاف ۽ بھترين ماحول جي عڪاسي ڪندي سک ۽ شانتي جو ڄڻ تہ هڪڙو آکاڙو هيو. سچ تہ هي ماحول اسان جي من کي موهي رهيو هيو. پاڻ کي ائين لڳي رهيو هو تہ ڄڻ اسان هيترن سارن گوتم ٻڌ جي مورتين جي سامھون اچي ڄڻ تہ سڌارتا جي ديس ۾ پھچي ويا هجون. اهڙي ديس مان ائين ئي نڪري وڃڻ تي دل نہ پئي چوي ۽ نہ ئي دل چوي پئي تہ گوتم کان ايترو جلدي ۾ موڪلايون. اڃان تہ گوتم جي فلسفي تي گوتم سان سير آميز گفتگو بہ ڪرڻي هئي. انھي ئي ٻڏتر ۾ هياسين تہ مٿان مينھن جو هڪ دفعو ٻيھر مھربانيون ٿي ويون ۽ اوچتو ئي اوچتو برسات شروع ٿي ويئي هئي.

گوتم جي اڱڻ تي اوچتي برسات

انگريزياڻيون هن ماحول ۾ خوب مستي ۾ اچي ويون هيون. آسمان ۾ بلڪل اهي ئي ڪارا ڪڪر ڇانيل نظر آيا جيڪي ڀٽائيرح پنھنجي سر سارنگ ۾ ڏسي چيو هو تہ ؛
اڄ پڻ اتر پار ڏي ڪارا ڪڪر ڪيس،
وڄون وسڻ آئيون، ڪري لعل لبيس،
پرين جي پرديس، مون کي مينھن ميڙيا.
(اڄ پڻ اتر طرفان ڪارن وارن جھڙا ڪڪر بيٺا آهن، وڄون ڳاڙها ويس ڪري، جهلڪا ڏيڻ آيون آهن. منھنجا جاني جيڪي پرديس ۾ آهن، تن سان مون کي مينھن ملايو آهي. (ڇو تہ مينھن ۾ پرين لاءِ اهڙي سڪ اٿي جو هو ڄڻ هينئن ۾ حل ٿي ويا.)
هن علائقي ۾ ٿوري مفاصلي تي هڪٻئي کان ٿورو پري، ڪيئي چرچ، مندر نظر پئي آيا، جن مان اهو لڳو تہ هتان جو ماڻھو عقيدي جي اوڙاھہ ۾ ڪجهہ سرس ڪريل ۽ ورتل آهي. هي مندر اندران توڙي ٻاهران اهڙي تہ خوبصورت انداز سان سينگاريل، سنواريل ۽ سجايل هيا جو ماڻھو هتي پنھنجين فيملين کي روح رهاڻيون رچائڻ لاءِ وٺي پئي آيا. جن کي هتي انھن مندرن، گرجا گهرن، چرچن ۾ شانتي جو پڙاڏو نہ فقط ٻڌڻ ۾ ايندو هوندو پر اهي پاڻ پنھنجين اکين سان پسي، اميدن جا خزانا کڻي واپس ورندا هوندا. هن علائقي ۾ هر مندر ۽ گرجا گهر جي ارد گرد ساواڻ، ساوڪ، وڻ ٽڻ، گل ٻوٽا ترتيب سان سجائي پوکيا ويا هيا، جيڪي ايندڙ ويندڙ، فيمليز ، ٻارن کي موهي ڏاڍو خوبصورت ماحول پيدا ڪري رهيا هيا. هيڏي ساوڪ مٿان برسات، وري صاف سٿرا روڊ رستا، ٻيو ڇا کپي.
اهڙي موهيندڙ ماحول مان نڪري وڃڻ لاءِ دل صفا نابري واري ويٺي، ڊاڪٽر سنتوش تہ مندر جي سفيد ماربل تي هيٺ پلٿي هڻي ويھي چوڻ لڳو،”توهان هلو مان پاڻھي هوٽل پھچي ويندس. مون کي هتي سڪون ٿو اچي، مان ٿوري دير لاءِ هتي وشرام ڪرڻ ٿو چاهيان. توهان منھنجي ڳڻتي نہ ڪيو.“ پر ڊاڪٽر کي ٻڌايوسين تہ،”لائق ٻاهر سوزڪي وٽ اسان جي انتظار ۾ آهي. هن اسان کي گهڻو گهمايو آهي. توهان جي سڪون جو بندوبست پاڻ بانگلا اسٽريٽ ۾ ڪيون ٿا. توهان هلو.“ وڏين منٿن ميڙن کان پوءِ راضي ٿيو، پوءِ ان دلڪش نظارن جون خوبصورت يادون کڻي ٻاهر نڪتاسين ۽ ڏٺوسين تہ واقعي ئي لائق بيتابي سان اسان جي اوسيئڙي ۾ بيٺو هيو.
هن هڪدم سوزوڪي اسٽارٽ ڪئي، اسان آرام سان سوزوڪي ۾ ويھي هڪ دفعو ٻيھر ٿائيلينڊ جي روڊن تي گمنام محبت جا تصور کڻي گشت ڪري رهيا هياسين. واپسي ۾ ڊاڪٽر ٿڪاوٽ جي ڪري اتي ئي سوزڪي ۾ سڄي سيٽ تي ليٽي پيو هو. پرتاب هاڻي اڳيان هو، جاني ۽ مان پوئين سيٽ تي گڏ ويھي ٿائيلينڊ جي سونھن جي تعريف جا ڍڪ ڀري ۽ اکين کي بہ عشق جي آبِ حيات پياري رهيا هياسين.
ڊاڪٽر هونئن بہ پنھنجي واندڪائي جو وقت وڃائيندو نہ آهي، بلڪ ان کي انتھائي دليلن سان سمجهائي سجايو ڪندو آهي، جڏهن بہ اهڙي قسم جو سفر هوندو آهي، پو ڀلي کڻي اهو سفر ننڍو هجي يا وڏو. يا پوکرا کان کٽمنڊو جو هجي يا کٽمنڊو کان پوکرا جو هجي، روڊ، رستي جو هجي يا هوائي/فَضائي هجي. ڊاڪٽر ننڊ سان خوب نڀائيندو آهي. ڇو تہ ڊاڪٽر ۽ ننڊ جي ياري ڪافي پراڻي آهي. ان ڪري هي يارن جو يار ياري نڀائيندو آهي، وڃائيندو نہ آهي. مطلب تہ هو ننڊ جو ڪوڏيو آهي.

اولڊ سٽي ڦڪيٽ جو پنڌ ٽوئر

ان کان پوءِ هن سڌي ۽ سچي ڊرائيور لائق چيو تہ،”مون وٽ اڃان بہ ٽائيم بچي ٿو ، مان توهان کي اولڊ سٽي جو ٽوئر ڪرايان ٿو.“
هو 20 / 25 منٽن جي ڊرائيو کان پوءِ اسان کي هڪڙي اهڙي شھر ۾ وٺي آيو، جيڪو اسلام آباد جھڙو صاف سٿرو ۽ ڪشادين، گهٽين ۽ وڏن روڊن وارو هيو. لائق روڊ جي پاسي سان سوزوڪي پارڪنگ ڪندي چيو تہ، ”هي ڦڪيٽ جو قديم شھري حصو آهي، جتي توهان کي هر شي پراڻي تھذيب ۽ ثقافت واري آساني سان ملي سگهي ٿي. توهان وٽ ڪلاڪ کن آهي، توهان مزي سان هن شھر کي پنڌ گهمو، ڇو تہ هتي ايتري ٽريفڪ آهي جو مون لاءِ گاڏي کي هر هنڌ پار ڪرڻ مسئلو آهي.“
لائق جي ڳالھہ سچي هئي. لھڻ کان پوءِ اسان جي آجيان هن قديمي شھر وڏي پيار ۽ پاٻوھہ سان ڪيو. هتان جي صاف ٿڌڙي هوا جي جهونڪي ۽ هتان جي مٽيءَ جي خوشبو بہ اسان کي ڀليڪار ڪيو. مون محسوس ڪيو تہ هتان جي مٽي ۾ ۽ هوا ۾ عجيب خوشبو هئي. جنھن واقعي اسان کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو تہ ڇا هي ايڏا تھذيب يافتہ ماڻھو هيا ۽ ان قديمي ورثي جو تسلسل هتان جا ماڻھو اڄ بہ جياريو، سنڀاريو ۽ نکاريو پيا اچن.
پنھنجي ڪلچر ۽ پنھنجي ثقافت سان هن قديم شھر جي رهواسين جو پيار ۽ پنھنجن ماڳن مڪانن سان اهڙو سچو عشق ۽ محبت ڏسي مون کي تہ ائين لڳو تہ واقعي هي ماڻھو ئي پنج هزار سال پراڻي تھذيب جا وارث آهن. اسان نہ. اسان تہ خالي مئن جي دڙي جي وارثي جا دعويدار آهيون. اسان پنھنجي تھذيبي اهڃاڻ مئن جي دڙي جي تاريخي شين کي ڪٿي سنڀاليو آهي. ڇو تہ اسان خالي پنھنجي پاڻ کي ان کوکلي آسري ۾ رکيو پيا اچو تہ اسان ئي پنج هزار سالن جي پراڻي تھذيب جا وارث آهيون. پر اسان جو هڪڙو بہ عمل اهو نہ ٿو ڏسي تہ واقعي ئي اسان ان تھذيب جا حقيقي وارث ۽ مالڪي ڪندڙ مالڪ آهيون.
هي علائقو جتي قديمي عمارتن، آثارن ۽ تھذيب جي اهڃاڻن کي بچائيندي نظر اچي ٿو، ساڳي جاءِ تي هتان جي ماڻھن ۾ بہ اهو ئي رنگ ڍنگ، اخلاق، ادب، صفائي سٿرائي، پڻ اهو ڏسي ٿي تہ هي ماڻھو ئي پنھنجي پراڻي تھذيب جا وارث آهن. ڇو تہ هنن ماڻھن جھڙي نموني قديمي شين جي حفاظت ڪري، انھن کي سنڀاليو آهي، اهو قابل رشڪ آهي. هن شھر جي صفائي جو مثال بہ پنھنجو مٽ پاڻ هو. شھر جي گهٽي گهٽي چمڪي رهي هئي. مٽي، دز ۽ ڌوڙ جو نالو نشان ئي نہ هيو. ويڪرا ۽ ڪشادا روڊ، روڊ تي پارڪنگ جا، زيبرا ڪراسنگ جا نشان پينٽ ٿيل هيا. روڊ جي ٻنھي پاسن کان ناليون ۽ گٽرن جا منھن چڱي طرح ڍڪڻن سان بند ٿيل هيا. ڪا بہ نالي کليل نظر نہ آئي، نہ ئي ڪو گٽر جو پاڻي روڊ تي بيٺل ڏٺوسين. نہ روڊ تي گند ڪچھرو، نہ ئي ڪا کليل شاپر ڪٿي روڊ، رستي تي ڪريل نظر آئي. هن قديمي شھر کي ڏسي مون کي نيپال کٽمنڊو جو شھر ”بختارپور“ ياد اچي ويو. مون کي لڳو تہ بختارپور هن کان بہ قديمي شھر آهي، پر نيپالين بہ پنھنجي ورثي جي مالڪي ڪئي آهي ۽ اسان پارن سڌڙن نہ.
ائين لڳي پيو ڄڻ تہ ڦڪيٽ جي هن قديمي شھر جي صفائي کي اکين سان ڏسي، اسان جي نظر جي چٽائي چٽي ٿي ويئي هجي. پر اصل ۾ اهو ڪمال هن شھر جي صفائي جو هو. روڊ آلا هيا، ائين لڳو پئي تہ هاڻي جو هاڻي، ٿوري دير اڳ ۾ هتي برسات پئي آهي. پر ڪٿي بہ پاڻي جو ڪو دٻو يا پاڻي بيٺل نظر نہ آيو، ڪٿي بہ گپ جو نالو نشان بہ نہ ڏسي سگهياسين. هر طرف صفائي جي رونقن جا جلوہ هيا. ڪٿي بہ ڪو گند، ڪچرو، روڊ تي ، روڊ جي پاسي تي، ڪنھن دڪان جي اڳيان، پٺيان نظر نہ آيو. ڇا تہ صفائي جو بيمثال شھر هيو. هن شھر جي صفائي ڏسي ائين لڳو، اسان تہ ڪنھن شھر ۾ نہ بلڪہ آفريڪا جي ڪنھن جهنگ ۾ رهون پيا.

انگريزياڻيءَ جو اوچتو ٽڪر

ائين ئي ڦٽ پاٿن تي وڏيون وڏيون قديمي عمارتون ڏسندا، ڪٿي بيھندا تہ ڪٿي ڪنھن دڪان ۾ گهڙي، اتي شوڪيس ۾ سجايل نوادرات کي تعجب مان گهوري ڏسندا، پنھنجن ئي خيالن ۾، سالن جا پراڻا تصور ذهن ۾ کڻي هلندا رهياسين تہ هلندي هلندي سوچيندا بہ رهياسين. سو مون کي خبر ئي نہ پئي جو سامھون کان مون جيان شارٽس پاتل ۽ سفيد گنجي ۾ انگريزياڻي پنھنجي ئي خيالن ۽ ڌن ۾ مگن قديمي عمارت جي ڪاٺ وارين درين، درن ۽ ٻہ ماڙ بلڊنگ جون تصويرون ڪڍندي اچي پئي. هن کي سفيد رنگ جو پرس بہ ڪلھي تي لڙڪي رهيو هو. هن جو سڄو ڌيان آسمان تي موجود ڪڪرن، پراڻي بلڊنگ تي هيو. شايد هو موسم کي قديمي عمارت سان ڀيٽي رهي هجي يا وري هن ماحول جي قدآمت ڏانھن ذهني طور تي هلي وئي هجي، سو هو تصويرن ڪڍڻ ۾ ايڏو تہ محو ٿي ويئي هئي، جو هن کي خبر ئي نہ پئي تہ هوءَ ڪٿي آهي.
هوءَ بہ ڦٽ پاٿ تي هلندي اهو ڪم ڪري رهي هئي، تہ مان بہ قديمي عمارتن سان ڳالھائيندي هلندو پيو اچان. ٿورو اڳتي اڃان چند قدم مس کنيا تہ هڪڙي دڪان جي ٻاهران ڏيڍي وٽ، ڪنھن آرٽسٽ جي شھڪار تصوير پينٽ ٿيل هئي. مان ان تصور جي تصور ۾ گم ٿي ويو هئس ۽ ان جو ڦوٽو ڪڍي رهيو هوس تہ اوچتو هوءَ مون سان ٽڪرائجي وئي. هن مون کي ايڏو زور سان ٽڪر هنيو هو، جو منھنجي موبائيل ذري گهٽ هيٺ ڪئي پئي هئي، پر مون اها جهٽ ڪري پڪڙي ورتي ۽ ڪِرڻ کان بچائيندي، هن کي معذرت ڪندي هن کي sorry چيو. هن چيو تہ،” نہ نہ غلطي منھنجي آهي، ان ڪري مان توهان کان معافي ٿي وٺان. “ مون مرڪي چيو،” ڪا ڳالھہ ناهي، مان بہ هن تصوير جي فن ۾ گم ٿي ويو هئس، ڇو تہ جنھن بہ ڪلاڪار هن ڀت تي هي تصوير ٺاهي واقعي ئي هو ڪمال جو ماڻھو هوندو، جيئن توهان کي خلقڻ وارو بہ ڪيڏو نہ حسين هوندو.“
هيءَ ڪلين شيون مرد جي تصوير هئي. هن کي اکين تي چشمو پاتل هيو. ۽ هو سوچڻ واري انداز ۾ ويٺو هو. هن جو هٿ کاڏي تائين هيو ۽ هن جي اشهد آڱر چپن تائين اڀي ٿيل هئي. هن جي وائيٽ ڪالر جي هيٺان انگريزي ۾ لکيل هيو ؛ Street Art
King Bhumibal
2th Happy paint
هن منھنجن لفظن ڏانھن ڪو بہ ڌيان نہ ڌريو هو. هاڻ هن جو ڌيان ان تصوير ڏانھن هيو. هن بہ ان تصوير کي غور سان جاچي پئي ڏٺو. پوءِ اوچتو هن کان رڙ نڪري ويئي،” او ماءِ گاڊ.“ مان هن کان معذرت ڪندي اڳتي وڌي ويس. مان سمجهان ٿو تہ منھنجا دوست پوئتي ڏسن ئي نہ پيا تہ مان ڪٿي رهجي تہ نہ ويو ها. ڇو تہ جيڪڏهن مان گم ٿي ويس تہ مون لاءِ هوٽل تي پھچڻ بہ وڏو مسئلو هوندو. ان ڪري جو مون وٽ نہ هوٽل جو نمبر ۽ نہ ئي هوٽل جو ڪارڊ هيو. سو توهان لاءِ ضروري آهي تہ جنھن دوست جو موبائيل نمبرواري سم آن هجي، اهو نمبر نوٽ ٿيل هجي. يا وري هوٽل جو ڪارڊ ضرور هجي. سو مان هن مائي کي اتي ئي ڇڏي دوستن جي پويان تڪڙيون وکون کڻڻ لڳس. جيڪي اڳتي سڏ پنڌ تي نڪري چڪا هيا.

اولڊ سٽيءَ ۾ آثار قديم جا نوادرات

ان سون جھڙي گهٽيءَ ۾ ئي هڪڙو ٻيو دڪان نظر آيو، جيڪو جڙي ٻوٽين جو هو. ڪنھن طبيب جو يوناني دواخانو لڳي پيو. جنھن جي بورڊ تي پڻ انگريزي ۾ لکيل هيو؛ Saim Health Herb سو پاڻ کي جڙي ٻوٽين جي ضرورت ڪانہ هئي. ان ڪري اُتي ٿوري دير بيھي ڊاڪٽر سان مذاق ڪندي چيو،”ڊاڪٽر جڙي ٻوٽي کپي ڇا، ڪا ڦڪي، ڪو ڪک، يا حڪمت واري دوا.“ ڊاڪٽر کلي چيو،” نہ ادا! اڃان گوڏا ڪم ڪن ٿا.“ جاني ۽ پرتاب بہ ان تي وڏو ٽھڪ ڏيندي اڳتي اتان گذري وياسين. انھي دوران ٻيجل جي بہ ڪال اچي وئي هئي. جنھن کي وڊيو ڪال ۾ هتان جا منظر ڏيکاري رهيو هوس، پر هن جو هڪڙو ئي سوال هيو تہ،”بابا! ڪڏهن موٽندو.“ جنھن مون کي سچ تہ اداس ڪري وڌو هيو. ڊاڪٽر جي موبائيل جي وائي فائي سان اسان سڀ ائين ڳنڍيل هياسين، جيئن، ”ڪڙو منجهہ ڪڙي، لوهارن لپيٽيو.“ جڏهن اسان هڪٻئي کان پري ٿي وڃون پيا، يا ڊاڪٽرفون تي ڳالھائيندي ڳالھائيندي پوئتي رهجي وڃي پيو تہ اسان واءِ فاءِ کان ڪٽجي وڃون پيا. ان تي پرتاب رڙ ڪري ڊاڪٽر کي چوي پيو، ”ڊاڪٽر واءِ فاءِ تہ کول.“

روڊ جي پرئين پاسي کان ٻہ اهڙا دڪان نظر آيا، جن لاءِ دل چيو تہ روڊ پار ڪري دڪان ۾ داخل ٿي اتان ڪجهہ کائڻ پيئڻ جون شيون پنھنجي لاءِ ۽ ڪجهہ سنگت لاءِ وٺي اچان.
هڪڙي دڪان جي بورڊ تي وڏن اکرن سان انگريزي ۾ لکيل هيو؛ Sanwiches & Coffee ( Daily Dose) ۽ ان سان گڏ پاسي واري ٻي دڪان تي بورڊ تي لکيل هيو. Wine Bar Tapas Bakery .
انھن دڪانن سان گڏ ٽيون دڪان بہ هيو، جنھن جي بورڊ تي وڏن اکرن سان انگريزي ۾ لکيل هيو؛ Juicy Lucy Burger & Bar سو اهڙي قسم جا دڪان جيڪي اسان کي پنھنجن مخصوص نالن سان موهي رهيا هيا ۽ اسان جي روح کي ڇڪ ٿي رهي هئي، انھن دڪانن کي دماغ مان ڪڍي، اڳتي نڪري وڃڻ ڪنھن بہ صورت ۾ اسان جھڙن مور ماڻھن کي مباح نہ هيو پر ڇا ڪجي. اسان وٽ وقت جي ڪمي/کوٽ هئي.
ان کان علاوہ ٻارڙن جي رانديڪن جا، ڪپڙن جا، پراڻين نوادراتن جا ڪيترائي دڪان نظر آيا، جتي ماڻھن جي پيھہ نظر نہ آئي، بلڪ اتي بہ خاموشي جو راڄ هيو. ڪاروبار ۾ گهماگهمي ڪٿي بہ نظر نہ آئي، ان جو سبب اهو بہ ٿي سگهي پيو تہ اسان ڏينھن جو اتي هياسين، ممڪن آ تہ اتي سج لٿي کان پوءِ گهڻي رش ٿيندي هجي، يا وري رات جو ماڻھو ٻاهر نڪرندا هجن. هتان جي عمارتن جون دريون اهي ئي پراڻين طرزن جون ٺھيل نظر آيون. اسان وٽ بہ خاص ڪري بزنس روڊ، يا پاڪستان چوڪ، ڊينسو هال، يا ٽاور وٽ يا کارادر ۽ ميٺادر وٽ اهڙي قسم جون عمارتون اڄ بہ موجود آهن. جيڪي هندن جي لڏڻ پلاڻ کان پوءِ بہ اهي پراڻيون عمارتون قديمي آثارن جا ڏيک ڏين ٿيون. اهڙي ريت قديمي نوادرات جي ونڊو شاپنگ ڪندي، اسان کي ڪافي وقت ٿي چڪو هو. پر اسان کي ڪٿي بہ ٿڪ جو احساس نہ ٿيو هو. عجيب اتفاق هيو. ڇو تہ پنڌ هلندي اسان کي گهڻو وقت ٿي ويو هو، سو ان مارڪيِٽ کي خدا حافظ چئي واپس آياسين.
ائين گهمندي اهڙي سينگاريل ۽ سنواريل گهٽي ۾ اچي نڪتاسين، جيڪا گهٽي گهٽ ڪنھن گهوٽ ڪنوار جو ڪمرو وڌيڪ پئي لڳو. گهٽي جي ديوار تي تمام وڏي سائيز بيِڊ جي سائيز جي آئيني جي چوڌاري خوبصورت گلن جو هار وڇايو ويو هو. سڄي گهٽي خوبصورت هٿراڌو گلن سان سينگاريل هئي. جيتري گهٽي جي ڪنڊ ڪنڊ صاف هئي اوتري گهٽي کي سينگار جي زيور سان پاڻ آرائستہ ڪيو ويو هو. مون کي حيرت ٿي گهٽي جي ايڏي سينگار. اسان ان شيشي واري فريم جي اڳيان بيھي ڪيتريون ئي تصويريون ڪڍيون. لاجواب ماحول هيو. اسان وٽ گهٽي ۾ رڳو ڊسٽ بن رک تہ ٻي ڏينھن نظر ئي نہ اچي. ٻيو تہ اسان جي پاڙي جي ڳالھہ آهي تہ صبح جو سوير فجر مھل هڪڙي همراھہ وڏيون رڙيون ڪيون. هن جي دانھن تي اوڙي پاڙي جا ماڻھو بہ نڪري آيا. ڏٺوسين تہ اسان جي پاڙي جو ڌنار پنھون جت هيٺ روڊ تي ويھي ليٿڙيون پيو پائي. پڇڻ تي هن ٻڌايو تہ،” کيسي ۾ پنجاھہ روپيا هيا، ڦورو آيا ڦري هليا ويا. ابا ڙي، بابا ڙي.“
لائق کي ڳولھي ان جي ٽيڪسي ۾ اچي ويھي رهياسين. هيترين جاين جي گهمڻ کان پوءِ بہ ٿڪجي نہ پيا هياسين ۽ اڃان بہ دل چوي پئي تہ لائق وٽ ٽائيم بچيو هجي تہ اڃان بہ ڪٿي وٺي هلي ۽ ڦڪيٽ جي ڪنڊ ڪنڊ گهمائي اچي، ڇو تہ خبر ناهي زندگي اڳتي هلي هتي ٻيھر اچڻ جو موقعو بہ ڏيئي يا نہ. اڃان اتي ئي هياسين تہ ٻيھر برسات شروع ٿي ويئي هئي ۽ وري دل جي ويران دنيا آباد ٿي ويئي هئي. اسان وٽ نہ برساتي/ڇٽي هئي ۽ نہ برسات کان بچڻ جو ڪو بندوبست، ائين برسات ۾ ڀڄندا، موسم جو مزو وٺندا رهياسين. ٻنھي روڊن جي پاسن کان سائي چھچ ڇٻر ائين نکري، تازي ٿي بيٺي هئي، ڄڻ تہ برسات ان ساوڪ کي ميڪ اپ جو روپ ڏيئي ڇڏيو هجي. هتان جي روڊن جي ساوڪ اسان کي هر پل پاڻ ڏانھن متوجھہ پئي ڪيو. نيٺ پاڻ سڄو سفر خير خوشي سان پورو ڪري واپس ساڳي ئي بانگلا اسٽريٽ جي سامھون واري چوڪ تي اچي پھتاسين.

فروٽ مارڪيٽ جو تازو فروٽ

لائق جا ٿورا مڃندي، هن کان موڪلائي، سامھون واري فروٽ مارڪيٽ ۾ داخل ٿياسين. هن مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ سان ئي، تازي فروٽ جي خوشبوءِ اسان جي روحن ۽ ساهن ۾ وڻ ويڙهي جيان وڪوڙي ويئي. هن فروٽ مارڪيٽ جو نالو Banzaan Fresh Market هيو. هر قسم جو تازو فروٽ ڪاٺ جي صندلن، اسٽالن، دڪانن ۽ ريڙهن تي پلاسٽڪ جي پيتين ۾ ترتيب سان سجائي رکيو ويو هيو. اسان جي سامھون فروٽ جو تمام وڏو دڪان هيو، جنھن جي صفائي ۽ تازي فروٽ جي خوشبوءِ اسان کي پاڻ ڏانھن متوجھہ ڪيو هيو. هن مارڪيٽ جي هر اسٽال تي عورت ئي فروٽ وڪرو ڪري رهي هئي. هن وٽ تازا انب، وڏا وڏا ٺوٺ جيڏا ڪيلا، ڪيوي جو فروٽ، اناناس، ڏاڙهون، چڪون، نانگ جي کل وارو ”سنيڪ اسڪن“، ڊريگن، نارنگي، ڪارا ٻير، چيري، دُرئين، گري فروٽ، پپيتو ۽ وڏا وڏا انگور پيل هيا. ان کان علاوہ هڪڙو فروٽ ڳاڙهي نارنگي رنگ جوآلو بخاري جي سائيز جو بہ پيل هيو، جنھن تي تمام گهڻا سنھا سنھا بُج هيا. مون اهو فروٽ هٿ ۾ کڻي ان عورت کان پڇيو تہ،” هي ڪھڙو فروٽ آهي؟“ هن نالي ٻڌائڻ بنا ئي، ان فروٽ کي هٿ سان کل لاهي، ان جي اندران سفيد سفيد ڳر جو فروٽ مون کي کائڻ لاءِ ڏنو. مون ان سفيد ڳر کي اڃان بہ ٻہ اڌ ڪيو تہ ان مان هڪڙي ڪاري رنگ جي ککڙي نڪتي. مون جڏهن اهو کاڌو تہ ان جو ذائقو مون کي ليچي جھڙو لڳو. جيڪو ڏاڍو سوادي ۽ مٺو هيو. ان جو اڌ ڪلو ورتوسين. ان مھربان عورت ان فروٽ جو نالو بہ ٻڌايو پر مون کي هيئنر ياد نہ ٿو اچي. ان کان علاوہ هن کان اناناس بہ ورتوسين. جنھن کي هن تمام بھترين نموني ۽ ڪاريگري سان ڇلي، کل لاهي، ان جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري شاپر ۾ وجهي ڏنو، ان شاپر ۾ چھنبدار ڪاٺ جا اسٽڪ پڻ وجهي ڏنا. پاڻ سڀ دوست ان خيال جا هياسين تہ هي فروٽ هلي پنھنجي هوٽل جي ڪمرن ۾ کائون ٿا.
اتان ٻاهر نڪري آياسين تہ رستي ۾ لذيذ خوشبو آڌر ڀاءُ ڪيو، هتي بہ نوجوان ناري مڇي جا پيس تئي تي فرائي ڪري رهي هئي، جن جي خوشبو ئي ايڏي لذيذ هئي تہ انھن جو ذائقو ڇا هوندو. پر منھنجي دل ان فراءِ ڪرڻ واري تيل جي معيار تي مطمئن نہ ٿي، ڇو تہ فٽ پاٿ تي ويھي اهي شيون کپائڻ مان ئي لڳي پيو تہ تيل جي ڪوالٽي ٻہ نمبر آهي. جيتوڻيڪ هن عورت اسان کي سڏ ڪري چيو تہ،”ڏاڍي مزيدار مڇي اٿوَ، هڪ دفعو آزمايو.“ پر ڊاڪٽر راضي نہ ٿيو، سو ان مڇي کي آزمائڻ بنا ئي هوٽل تي پھچي فروٽ کي فرج ۾ رکي ڇڏيوسين. جيتوڻيڪ اسان کي اهو فروٽ اوڏي مھل ئي کائڻو هيو، ڇو تہ تازو ڪٽيل فروٽ نہ کائجي ۽ فرج ۾ رکي ڇڏجي، اها اسان سان نہ پر فروٽ ۽ فرج سان بہ وڏي زيادتي هئي ۽ ٻيو تہ اسان سان بہ. ڇو تہ گهڻي گهمڻ جي ڪري بک بہ گهڻي لڳي هئي. پر اهو فروٽ اسان لاءِ شجر ممنون هيو. سوال اهو هيو تہ اهو فروٽ آخر فرج ۾ ڇو رکيوسين. کاڌوسين ڇو نہ. ان سوال جو جواب نہ ڊاڪٽر وٽ هيو ۽ نہ ئي مون وٽ. ممڪن آهي تہ ان جو صحيح جواب پرتاب ۽ پياري جاني وٽ هجي.
هاڻي بک بہ اچي ورايو هو، سو وهنجي سھنجي، فريش ٿي، تيار ٿي، ڪپڙا مٽائي، هيٺ بانگلا اسٽريٽ ۾ لٿاسين. بک ۾ پنڌ ڪندا، هلندا هلندا، ڪي ايف سي ڳوليندا، پڇندا پڇندا، گوگل جي گول چڪر ۾ ڪٿان کان ڪٿي اچي نڪتا هياسين. هي بہ تمام وڏو مال هيو پر ان وقت بند ٿي رهيو هيو. ان مال ۾ ئي ڪي ايف سي جو دڪان هيو. جيڪا کليل هيو. ڪي ايف سي ۾ داخل ٿيڻ سان ئي، چڪن بروسٽ جي خوشبو اسان جو آڌر ڀاءُ ڪري بُک کي آسرو ڏنو، جنھن جي ڪري اسان جي جسم ۾ ساھہ پئجي ويو هو. نہ فقط اسان جي جسم ۾، پر اسان جي جسم جي هر حصي ۾ جان اچي ويئي هئي.

سنگت جي خريداري ۽ کيسا خالي

ڪي ايف سي مان ڀوڄن ڪري نڪرڻ کان پوءِ، هاڻي تہ مئل جسم ۾ ساھہ پئجي ويو هو. توانائي ملي ويئي هئي. اسان جي اندر جي بيٽري چارج ٿي ويئي هئي. هاڻي اسان ان پوزيشن ۾ اچي ويا هياسين جو پاڻ ٻيھر چار پنج ڪوھہ پنڌ ڪري سگهون پيا. اهو سچ آهي تہ ”ان آهي تہ ايمان آهي.“ پنڌ ئي پنڌ واپسي جو رستو وٺي هڪڙي بازار مان گذرياسين. هن بازار جو اسٽائيل، گيٽ اپ سيٽ بہ اسان جي شھرن جي آچر/اتوار بازار يا وري ”بچت بازار“ جيان لڳي رهيو هيو. کليل کليل. وڏا وڏا کليل اسٽال، جيڪي پردن ۽ شاميانن سان ڍڪيل/ بند ٿيل هيا. ٻنھي پاسن کان شاميانن ۾ دڪان ۽ انھن جي وچ ۾ ويڪري ۽ ڪشادي گهٽي موجود هئي. انھن شاميانن کي وچ م بانس جي لڪڙي سان بيھاريو ويو هو ۽ انھن جي وچ ۾ سيور لائيٽ جا تجلا هيا.
هن بچت بازار جي دڪانن ۾ هر قسم جي سامان جو دڪان هيو. اسان بازار جي جنھن حصي ۾ موجود هياسين، اتي شرٽن، چڍن، پاجامن، پينٽن، هينڊ گلوز توڙي ليڊيز جي ڪپڙن ۽ ميڪ اپ واري سڄي سامان کي واضح ۽ چٽو ڪري ٻاهر ڊسپلي ۾ سجائي رکيو ويو هو. هر ڪو دوست پنھنجي منھن سان خريداري ڪرڻ ۾ محو عشق ۽ مصروف هيو. ڊاڪٽر پنھنجي منھن سان تہ پرتاب پنھنجي ڌن ۾، ڪو ڪٿي تہ ڪو ڪٿي. مست اپني دهن ۾ غير ڪي سنتا نھين.
مان جاني سان گڏ هيس، پر خبر ناهي ڪيڏي مھل جاني اک مان نڪري ويو. ڇو تہ اسان بہ پنھنجي ڌن ۾ شين کي جاچيندا رهياسين تہ ڪا سٺي شي ملي وڃي تہ وٺون. هن مارڪيٽ ۾ خاص ڪري مردن ۽ عورتن جا ڪپڙا گهڻا معياري، سستا ۽ نئين ڊزائينن ۾ نظر پئي آيا.
جڏهن جانيءَ کي سنڀاليم تہ جاني سامھون ئي هڪڙي ڪپڙي جي اسٽال تي هڪڙي ڇوڪري سان بيٺي مرڪيو. جاني جي خريداريءَ جو نرالو انداز بہ اهڙو تہ پيارو آهي، جو اڳيون دڪاندار اهو سمجهندو تہ هي ماڻھو ڪو وڏو سيٺ آهي. هن اسٽال ۾ چڍا، شرٽون، ٽرائوزرس، پينٽون، ٽي شرٽون ۽ گنجيون هيون. هن دڪان جي مالڪياڻي اتان جي ٿائي عورت هئي. مان بہ هاڻي جاني جي ويجهو اچي بيھي رهيس. جاني هن کان ڪجهہ ايٽم/وڙ خريد ڪري پنھنجي خريداري مڪمل ڪري چڪو هيو. جانيءَ جي چپن تي عجيب مرڪ تري آئي هئي ۽ هن جو چھرو رونقن سان ڀرجي آيو هيو پر هوءَ بلڪل سنجيدہ نظر پئي آئي. ساڳي ريت اها ٿائي ڇوڪري بہ مسڪرائي ماحول کي ٺاهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي هئي. هن کي خبر هئي تہ ھہڙو ڳڀرو جوان ڪٿان هٿ ايندو هن رات جو. هن کي ڪاري شرٽ پاتل هئي تہ جاني کي بہ. هن کي شارٽس پاتل هيو تہ جاني کي بہ. پر ٻنھين جا رنگ الڳ الڳ هيا، جنھن سان ايترو فرق نہ پيو پوي. جنھن دڪان تي جاني بيٺو هو، هي ان ڇوڪري جو پنھنجو ذاتي دڪان هيو. جاني هن سان ڪجهہ ڳالھائي رهيو هو. هاڻ مان بہ ان ئي دڪان ۾ اچي چڪو هئس. مون کي بہ هڪ اڌ شرٽ ۽ شارٽس کپي پيو.
ڇو تہ هن ملڪ ۾ فقط شارٽس جو ئي رواج هيو. انھي دوران مون کي ۽ ڊاڪٽر کي زوردار پيشاب لڳو هو. اسان دوستن کي ٻڌائي اتي ئي پبلڪ واش رومن ۾ هليا وياسين، جيڪي ايترو صاف ۽ سٺا نہ هيا، ڇو تہ اهي عارضي طور تي ٺھيل هيا. يعني توهان پنھنجو ڪم ٽپايو. سو پيشاب ڪري ٻاهر نڪتاسين تہ، همراھہ اسان جي انتظار ۾ بيٺو هيو، چيائين،”پئسا“؟ مون کيسي ۾ هٿ هنيو، مون وٽ تہ هتان جي ڪرنسي جو رپيو بہ نہ هيو. ڊاڪٽر جي بہ ساڳي پوزيشن هئي. سو ڊاڪٽر مون کي گروي رکي، جاني کان هتان جي ڪرنسي وٺي آيو، ان کان پوءِ منھنجي ضمانت ٿي. هتي ائين بہ ٿيندو آهي تہ توهان وٽ پنھنجا پئسا، خاص ڪري هتان جي ڪرنسي جا ايترا ضرور هجن، جو هلڪو ڦلڪو خرچ توهان ڪري سگهو ۽ ٻين جي آسري ۾ نہ رهو. نہ تہ توهان کي گهڻي تڪليف ٿيندي.
سو اتان هلڪي ڦلڪي شاپنگ ڪري پاڻ واپس هوٽل تي پنڌ، ڪچھري ڪندا آياسين. ٻي ڏينھن اسان کي جيمس بانڊ آئلينڊ وڃڻو هو. ان ڪري اسان ان رات ئي هوٽل جي چوراهي وٽ ئي موجود دڪان کان جيمس بانڊ جي لاءِ فاسٽ بوئٽ Fast boat جون ٽڪيٽون بوڪ ڪرائي ڇڏيون هيوسين.
صبح جو اسان کي اسان جي هوٽل مان جيمز بانڊ ٻيٽ لاءِ وين کي اچي کڻڻو هيو، ان ڪري نہ چاهيندي رات جو سوير سمھي پياسين. ڇو تہ صبح جو ستين وڳي اسان کي جيمز بانڊ ٻيٽ وڃڻو هيو. ڦڪيٽ جي موهيندڙ رات کي گڊ نائيٽ چئي، ليٽي پياسين.

ٿُلھي آسٽريلين پوڙهي جو عشق

ٻي ڏينھن هوٽل جي ڪائونٽر تان ڪال آئي تہ،”جيمز بانڊ ٻيٽ تي هلڻ لاءِ ٽريول ايجنٽ وارن جي وين توهان کي کڻي وڃڻ لاءِ هيٺ هوٽل جي اڳيان اچي بيٺي آهي.“ اسان تہ هونئن ئي اڳ ۾ تيار ٿي ويٺا هياسين. اسان جلدي هيٺ لھي آياسين. ضروري سامان ۾ مون پاڻ سان ٿيلھو، جنھن ۾ ٽوال، اضافي پاجامو، چڍو، ٽي شرٽ ۽ ان سان گڏ پاڻيءَ جي بوتل رکي ڇڏي هئي. لفٽ ذريعي هوٽل کان هيٺ لھي آياسين. گيٽ جي سامھون ئي ڊوم ٽائيپ وين تيار بيٺي هئي. پنھنجن پنھنجن ڪمرن جي چاٻي ڪائونٽر تي جمع ڪرائي، ٻاهر نڪري آياسين.
وين جو جيئن ئي دروازو کليو تہ هڪڙو ٿلھو متارو (پاڪستاني فلم انڊسٽري جي مشڪري اداڪار ننھو) جھڙو ۽ انگريز ريسلر جھڙو پوڙهو مڙس سامھون واري سيٽ تي ويٺو هو ۽ ان سان گڏ هڪڙي عورت پر قد ڪاٺ ۾ بلڪل هن جي ابتڙ ويٺي هئي. يعني قد جي ننڍي ۽ جسم ۾ پڻ سنهڙي سيپڪڙي. اسان وين ۾ داخل ٿيندي ئي پنھنجين سيٽن تي ويھي رهياسين. پر هن همراھہ نہ فقط اسان ڏي ڏٺو پئي، پر اسان جي مزاج کان واقف لڳو پئي. سو هن همراھہ اسان جي داخل ٿيڻ سان ئي اسان کي کيڪاري هيلو هاءِ ڪندي چيو،” گڊ مارننگ.“ جيتوڻيڪ ان قسم جي سلام دعا اسان کي ڪرڻي هئي پر روايتي طور تي لڄوڻا ماڻھو. اسان بہ هن کي مانُ ڏيندي واپسي ۾ جواب ڏنو ”گڊ مارننگ.“ مون کي اتي ئي لڳو تہ هي همراھہ اسان جي سفر جو سٺو ساٿي ٿي سگهي ٿو ۽ هي ٿلھو مڙس يقينن اسان جي سفر کي سھانو ڪندو. سو اسان ٽيئي دوست سڀني کان آخري سيٽ تي ويھي رهياسين.
اها وين اڌ منو ڪلاڪ کن جي ڊرائيو کان پوءِ، اچي بيٺي، اتان وري اسان کي هڪڙي بس /ڪوسٽر ٽائيپ کنيو. ان بس ۾ ڪيترائي ٻيا بہ سياح هيا، جن ۾ گهڻائي انگريزن جي هئي. انگريز جون جولاءِ جي مھيني ۾ ٻاهر نڪري ٿو، گهمي ٿو، پنھنجي وويڪيشن کي سجايو ڪري ٿو. ان بس اسان کي کڻي هڪڙي بندرگاھہ ۾ آڻي لاٿو. جنھن اسان کي سمونڊ جي پل وارو حصو اڳتي ڪرائي، سامونڊي جھاز جي ويجهو ڇڏيو. هي هڪڙو ٻيٽ لڳي پيو. جتي کجين، ناريلن جا ڪافي وڻ هيا. ناريلن جي وڻن ۾ پڻ ننڍڙا ننڍڙا ڪچڙا ناريل لڙڪي رهيا هيا. سامھون کان سمونڊ هيو. سامونڊي ڪناري تي واريءَ جون ڪيتريون ٻوريون ۽ پاچڪا ڏنل هيا تہ جيئن سمونڊ جو پاڻي اڳتي زمين جي ڪناري کي نہ پائي/ڪوري/کائي. خوبصورت ماحول هو. هن بندگارھہ کان اسان کي هاڻي جيمس بانڊ آئلينڊ وڃڻو هو جتي فاسٽ بوٽ اسان جي انتظار ۾ هئي.
اسان کي هٿن ۾ ڪنگڻ ٽائيپ رٻڙ جي پٽي پارائي/ٻڌي ويئي، جيڪا ان جھاز جي نشاني هئي. مطلب تہ اسان ان جھاز جي گروپ سان هياسين. ڇو تہ اتي ٻيا جھاز بہ هيا، جن بہ ماڻھن کي آندو هيو ۽ انھن جي ڪارائي واري پٽيءَ جو رنگ ٻيو هيو. سامھون نظر وڌي سين تہ دڪان تي اهو ساڳيو ئي اسان جي وين وارو پوڙهو ويٺي بوتل جون چسڪون ڀري رهيو هو. ٿوري دير کان پوءِ اهو پوڙهو ٿلھو مڙس پنھنجي سيٽ تان اٿي، اسان ڏي هلي آيو. هن اسان سان سلام دعا ڪئي. هن چيو تہ،”مان بہ توهان جي هن سفر جو ساٿي آهيان.“
”پو تہ واھہ جو مزو ايندو.“ پرتاب هن کي جواب ڏنو.
هي پوڙهو ڏاڍو چرچائي ۽ کل مک انسان هيو. جيتوڻيڪ هن جي عمر تمام وڏي هئي ۽ هن جو وزن بہ گهڻو هيو، هو گهڻي پنڌ ڪرڻ کان لنوائي پيو. پر پوءِ هن جي همت ۽ جذبي کي سلام هيو جو هو ان حالت ۾ بہ گهمڻ نڪتو هيو.
ٿوري دير لاءِ هو اسان سان بيٺو، ڊاڙا ڦٽاڪا هڻي، پوءِ وري جلدي ئي واپس وڃي هوٽل جي ڪرسي تي ويھي رهيو. اتي هڪڙي ٻي انڊين فيملي بہ آيل هئي، ان فيملي جي مرد گوتم سان بہ اتي ئي ملاقات ٿي. هن جي فيمليز ۾ ڪجهہ، عورتون، ڇوڪريون ۽ ڪجهہ مرد بہ هيا. جيڪي هن ماحول جو بخوبي مزو لٽي رهيا هيا. اسان هاڻي فاسٽ بوٽ ۾ چڙهي چڪا هياسين، هي ڪافي وڏو جھاز هيو، جنھن جا ٻہ حصا هيا.
هڪڙو مٿي، جيڪو پاسن کان کليل هيو ۽ سندس ڇت بند هئي جڏهن تہ هڪڙو حصو هيٺ جنھن ۾ جھاز جو پائلٽ جھاز کي هلائي رهيو هيو. هن ۾ تقريبن پنجاھہ سٺ کن ماڻھو هيا، جنھن ۾ فيمليز، ٻارڙا، پوڙها توڙي نوجوان مرد ۽ ليڊيز جن ۾ انگريزياڻين جو تعداد گهڻو هيو، شامل هيا.
سڀني مسافرن کي ان جھاز جي ائڊمنسٽريٽر هڪڙي نوجوان انائونسمينٽ ڪندي، هدايتون ڏيندي چيو تہ،”مھرباني ڪري توهان سڀئي لائيف جيڪٽ پائي ڇڏيو. پاڻ خطرناڪ سمونڊ ۾ هلون پيا. اڳتي سمونڊ رف بہ ٿي سگهي ٿو. بارش بہ ٿي سگهي ٿي. تنھنجي ڪري توهان جي حفاظت لاءِ اهو لائيف جيڪٽ انتھائي ضروري آهي.“ اسان هن جي هدايتن تي عمل ڪندي لائيف جيڪٽ پائي ڇڏيو هو.
هي جيڪٽ ڳاڙهي رنگ جو هو. جنھن جي پٺي تي انگريزي جي سفيد اکرن ۾ لکيل هيو: Mariam Travel & Tour پاڻ حسب معمول جھاز جي پڇڙي کان ويٺا هياسين. ٽي چار نوجوان ٻيا بہ هيا جيڪي صفا هيٺ ڏاڪڻ کان لھڻ/چڙهڻ واري جاءِ تي ويٺي سگريٽ نوشي ۽ مئي نوشي ڪري رهيا هيا. هو کل مزاق ڪندا رهيا ۽ انجواءِ ڪندا رهيا. پاڻ پوڙهي سان گڏ ويٺا هياسين.
پوڙهي کان پڇيوسين تہ،”پوڙها ڪٿان جو هين.“
کلي جواب ڏنائين،”اڃان پوڙهو تہ نہ ٿيو هان. خير منھنجو تعلق آسٽريليا جي شھر سڊني سان آهي، توهان ڪٿان جون منڍيون آهيو.“ اسان کان بہ کل نڪري ويئي. جاني جواب ڏنس تہ،” پاڻ پاڪستاني آهيون.“
ان تي همراھہ جي چھري جو رنگ ئي مٽجي ويو هو پر پوءِ ٿوري دير کان پوءِ آهستي آهستي هن جي چھري تي رونق ظاهر ٿي ۽ اسان کي ساھہ پيو.
***
لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچُ جو، ڪَرَھا ٿِيا قَضاڪَ!
اَھُکِي جا اُٺَنِ کي، سا مَيَنِ پوءِ مَ ماڪَ!
اَکَڙِيُنِ خوراڪَ، پَسَڻُ پَرڏيھِيُنِ جو.
---
مون کي ٻروچ (پنھونءَ) جي عشق جو تير لڳو آهي ۽ سندس اُٺ رھزن ثابت ٿيا. اُٺن کي جا ماڪ اوکي لڳي، سا بہ شل اُٺن نہ پوي. پرديسين جو (پنھون ۽ سندس ساٿين جو) ديدار منھنجي نيڻن لاءِ عمدو کاڄ آهي. سُر حسيني ٦‏:٥

خطرناڪ سمونڊ ۾ ناشتو

جھاز هلندو رهيو، اسان جھاز جي ماحول، سمونڊ، ٿڌين هوائن مان لطف اندوز ٿيندا رهياسين. اسان جي هن سڄي سفر جي جان هي آسٽريلين پوڙهو هيو. اسان کي سڄي سفر ۾ کلائيندو رهيو. اسان کي بہ چرچا هڻندو رهيو تہ وري پاڻ کي بہ هن نہ بخشيو. هن پوڙهي سان گڏ جيڪا پوڙهي هئي (اڌڙوٽ عمر جي عورت)، مجال آ جو هن هڪڙو لفظ بہ ڳالھايو هجي، نہ هن اسان سان ڳالھايو ۽ نہ ئي ان پوڙهي مڙس سان. سو ٿوري دير کان پوءِ انائوسمينٽ ۾ اسان کي جيمز بانڊ آئلينڊ جي باري ۾ لائوڊ اسپيڪر ذريعي ٻڌايو ويو. پر سمونڊ، هوائن جي شور ۽ جھاز جي گوڙ جي ڪري ڳالھہ سمجهہ ۾ گهٽ پئي آئي. بلڪ ٻڌڻ ۾ بہ گهٽ پئي آئي.
اسان کي اهو پڻ ٻڌايو ويو تہ اسان کي ڪٿي ڪٿي ڪھڙي ڪھڙي آئلينڊ وٺي پيا وڃن. ان رسمي تعارف کان پوءِ اهو اعلان ڪيو ويو تہ،”ناشتو تيار آهي. هي توهان سڀني جو ناشتو آهي. سڀني لاءِ هڪجھڙو ئي ناشتو آهي، ڪنھن لاءِ بہ ڪو خاص ۽ عام ناشتو نہ آهي. اسان لاءِ هن جھاز ۾ موجود سڀ مسافر برابر آهن. پر توهان کي گذارش آهي تہ توهان مان سڀ کان اول ٻار ۽ عورتون ناشتي جي لاءِ اٿي اچن ۽ ان کان پوءِ پوڙها ۽ بعد ۾ ٻيا.“ ناشتو سامھون ئي جھاز جي ڊيڪ جي بلڪل پٺيان ڪائونٽر ٺھيل هيو، جتي ناشتو لڳل هو. ان ڪائونٽر تي هڪڙي عورت ڪائونٽر جي ذميواري سنڀالي رهي هئي ۽ هر مسافر کي ناشتي کڻڻ ۾ مدد ڪري رهي هئي.
هن جھاز ۾ وڻ وڻ جي ڪاٺي هئي. ڪي عورتون نقاب ۽ برقعي ۾ هيون تہ ڪي وري جينز، يا شارٽس ۾ هيون. ڪائونٽر تي اهو بہ اعلان ڪيو ويو هو تہ هي مفت ناشتو آهي ۽ توهان جي ٽرپ ۾ شامل آهي، عورتن ۽ ٻارڙن جي ناشتي واري ٽيبل تي ڪافي رش ٿي ويئي هئي. هاڻي جڏهن رش گهٽ ٿي تہ پوڙهن ۽ ٻين مردن کي ناشتي لاءِ گهرايو ويو.
اسان بہ جڏهن اٿياسين تہ اسان کان اڳ ۾ هو پوڙهو اٿي چڪو هو. مون کي لڳي پيو تہ هن کي هلڻ ۾ تڪيلف ٿي رهي هئي. پر پوءِ بہ جيئن تيئن ڪري هو ڪائونٽر تي پھچي ويو هو، هن پليٽ کنئي، جنھن ۾ هن سينڊوچ، فريش فروٽ، بسڪوٽ ۽ ٻيو گهڻو ڪجهہ پليٽ ۾ کڻي واپس پنھنجي جاءِ تي اچي ويٺو. پوڙهو پري کان چشمي جي وچ مان اسان ڏي ڏسي رهيو هو، شايد اهو ڏسندو هوندو تہ اسان پنھنجي پليٽ ۾ ڇا ٿا کڻي اچون. مون پوڙهي کي ڏسندي چيو تہ،”پوڙها کاءَ کاءُ اڄ نہ کائيندين تہ ڪڏهن کائيندين.“ هن وڏو ٽھڪ ڏنو هو.
اسان مان بہ هر هڪ دوست حسب ضرورت پنھنجي پليٽ ڀري تقريبن سڀ ايٽم کڻي آيو هو. ان ۾ پاڻي جي بوتل جو اضافو هيو. جاني پاڻ سان گڏ منھنجو ناشتو بہ کڻي آيو هو. مون محسوس ڪيو تہ جاني سفر ۾ سڀني دوستن جو گهڻو خيال ڪندو آهي. ان جو سبب اهو بہ آهي تہ اسين سڀ هن کان وڏا آهيون ۽ هو اسان سڀني کان ننڍو آهي. ان ڪري هو اسان جي تعظيم ۾ اسان جو گهڻو خيال ڪندو آهي. ناشتي کان پوءِ ٽي بيگ جي چانھہ جون چسڪيون وٺي، فريش ٿي ويا هياسين. هاڻي سمونڊ آهستي آهستي کهرو ٿيندو پئي ويو ۽ اسان جي عجيب ڪيفيت ٿيندي پئي وئي. پاڻي جو جھاز سمونڊ تي تري رهيو هو. هر طرف پاڻي ۽ پاڻيءَ جون ڇوليون هيون.
جھاز پنھنجي رفتار وڌائي چڪو هو. مون کي اوچتو هڪڙي خبر ياد اچي ويئي، جيڪا مون ڪنھن وڊيو ڪلب ۾ ڏٺي هئي تہ دنيا ۾ سڀ کان وڏي مخلوق سمونڊ ۾ رهندي آهي. سو مون سوچيو جيڪڏهن ان ناشتي مھل ڪا اهڙي سمونڊ واري وڏي مخلوق اوچتو هيٺيان کان ئي جھاز کي ٽڪر هڻي يا ٻاهر نڪري اچي تہ پوءِ ڇا ٿيندو.
موت يقيني هيو. اهڙي صورتحال ۾ اسان مان ڪو بہ ڪنھن بہ صورت ۾ بچي نہ پيو سگهي ۽ پوءِ اسان ئي سمونڊ جي مخلوق جو ناشتو بڻجي وڃون ها. هن سامونڊي جھاز جو ڪافي عملو هيو، جيڪو سڄي جھاز کي سنڀالي رهيا هيا. هي سڀ نوجوان، ڏٽا مٽا ماڻھو هيا، جيڪي سمونڊ جي گهرائي ۽ رازن کان بخوبي واقف هيا. سو ٿوري کان پوءِ وري ٻيو اعلان ٿيو تہ ڪنھن کي بہ جيڪڏهن وسڪي، شراب، بيئر، جوس وغيرہ کپي تہ هو ڪائونٽر تي اچي خريد ڪري سگهي ٿو. ياد رهي تہ ناشتو مفت ۾ هيو، انھن شين جا پئسا لڳندا. اسان مان تہ ڪو بہ دوست نہ اٿيو، ڇو تہ اسان سڀ مفت وارا هياسين، پئسا ڪير ڀري، پر اسان جي پاسي ۾ جيڪي انڊين چار دوست هيا، جيڪي چارئي ڊاڪٽر هيا. اهي سڀ ئي اٿي پيا ۽ وڃي بيئر ۽ شراب جو بوتلون وٺي اچي، وري بہ ساڳي ئي جھاز جي پڇڙي ۾ هيٺ وڃي ويھي رهيا.

سامونڊي سئر ۽ ٽي نوجوان انڊين ڊاڪٽر

سامونڊي پاڻي، نيرو سمونڊ، اُڀ تي آگم، جھاز جو سمونڊ تي ترڪڻ ۽ شراب. اهي سڀ شيون ملي عجيب سنگم ۽ سرگم پيدا ڪري رهيا هيا. اهي انڊين ٽيئي دوست نشي ۾ چُور ٿي ويا ها. مون کي ڊپ پئي لڳو تہ ڪٿي اهي هيٺ سمونڊ ۾ نہ ڪري پون. ڇو تہ اهي جھاز جي صفا آخري ڏاڪڻ تي ويٺا هيا. جيڪا زمين کان جھاز ۾ مٿي چڙهڻ لاءِ هوندي آهي. ڇو تہ هنن ڇورن کي ڪو پنھنجو هوش ئي نہ هيو. سڀ مست ٿي ويا هيا. اهڙي ماحول ۾ منھنجا دوست بہ اڳيان ڊيڪ تي هليا ويا هيا ۽ مون کي تہ ڪنھن بہ صلاح نہ ڪئي هئي تہ اچو تہ اڳتي هلون. پائليٽ سان ملي اچون يا ان سان تصويرون ڪڍرايون. يا وري ڊيڪ تي هلي بيھي ڦوٽا ڪڍرايون. سو ان تنھائي واري ماحول ۾ مون جڏهن سگريٽ دکايو تہ انھن ڊاڪٽرن مان هڪڙو نوجوان اُتان اٿي، اچي منھنجي ويجهي ويجهو ويٺو. آهستي چيائين،”هڪڙو سگريٽ ملي ويندو؟“ مون سڄو پاڪيٽ ئي هن جي حوالي ڪندي چيو،” اچي هي وٺو.“
هن شڪريو ادا ڪندي چيو تہ،”منھنجا سگريٽ ختم ٿي ويا آهن. مان توهان کي هن سگريٽ جا پئسا ڏيان!“
هن لائٽر بہ وٺي سگريٽ دکايو. سگريٽ جو دونھون سمونڊ جي لھرن ڏانھن اڇلائي ڇڏيو.
مون کي هن جي پئسن واري ڳالھہ بُري لڳي هئي. ان ڪري مون هن کي چيو تہ، ”توهان شايد جنھن کان بہ سگريٽ گهريو هوندو ان توهان کان پئسا ورتا هوندا. ائين نه؟ ان ڪري توهان مون کي بہ پئسن جي آفر ڪئي. مان هتي سگريٽ جو ڪاروبار ڪرڻ نہ آيو آهيان ۽ نہ ئي پنھنجي ملڪ ۾ منھنجي سگريٽن جي ڪا ايجنسي آهي‏.“
”توهان شايد منھنجي ڳالھہ جو مائنڊ ڪيوآ، مان ڊاڪٽر آهيان، مون کي ائين مناسب نہ لڳو تہ توهان کان سگريٽ وٺان.“ هن سگريٽ جو ڪش هڻندي چيو.
”مان پاڻ هاءِ ڪورٽ جو سينئر وڪيل آهيان، مون کي توهان جي اها پئسن واري حرڪت خراب لڳي.“ مون بہ سگريٽ جو ڪش هڻي ڊاڪٽر ڏانھن اشارو ڪندي چيو.
”مون کي افسوس آهي مان پنھنجا لفظ واپس وٺان ٿو، مون کي ائين نہ چوڻ گهربو هيو.“ هن مرڪي هٿ ملائيندي چيو.
”ڪا ڳالھہ ناهي توهان ڊاڪٽر آهيو تہ اسان جو دوست سنتوش مل بہ ڊاڪٽر آهي.“ مون سنتوش ڏي اشارو ڪندي چيو.
اهڙي ريت هن پنھنجي ٻين دوستن سان پڻ تعارف ڪرائيندي ٻڌايو تہ،”اسان سڀ ڊاڪٽر آهيون.“ پوءِ تہ ڪچھري جو سلسلو شروع ٿي ويو. پر انھن مان ٻہ ڊاڪٽر سنجيدہ، بردبار، پروقار، ماٺيڻا ۽ ڪامل mature هيا. جڏهن تہ ٻہ وري ڇڇورا، کوچرا ۽ ٻاراڻي طبيعت جا لڳا. جن سان منھنجي نہ لڳي. هاڻي هوا تيز ٿي ويئي هئي ۽ ان سان گڏ برسات بہ شروع ٿي ويئي هئي. تيز هوائون، سمونڊ، زوردار برسات، واھہ جو سماءُ هيو. موسم ملھار ٿي ويئي هئي. پاڻي جھاز ۾ اندر داخل ٿي رهيو هو ۽ اسان ڀِڄي/پُسي ويا هياسين. ان ماحول ۾ سگريٽ وڌيڪ مزو ڏيئي پيو. مون کي لڳو جيمز بانڊ اسان کي پڪاري هيو هجي ۽ چوندو هجي تہ،”ايڏي دير ڪبي آهي.“ استاد بخاري جو گيت ياد اچي ويو تہ؛
ڏاڍي دير ڪري پو ٿا يار اچو،
نہ ٿا سار لھو تہ ڪو مئو يا بچو.

جيمز بانڊ ٻيٽ جا جلوا، واجد ۽ راشد گهلو جي ياد

برسات تيز هئي. ان ڪري جھاز جي عملي هڪدم پاسن کان جھاز ۾ ٻڌل اڇي رنگ جي ويڙهيل /فولڊ ٿيل پلاسٽڪ جي صاف شفاف ڪَلي کي هيٺ لاٿو تہ جيئن برسات جو پاڻي اندر جھاز ۾ داخل ٿي مسافرن جي پريشانيءَ جو ڪارڻ نہ بڻجي. پر پوءِ بہ تيز هوا جي جهونڪي جي ڪري، پلاسٽڪ واري پردي جو اڏمي مٿي ٿي وڃڻ جي ڪري، برسات اندر داخل ٿي رهي هئي. مون جيڪو پاڻ سان گڏ بيگ آندو هيو. جنھن ۾ ايڪسٽرا چڍا، پاڻي جي بوتل، ٽوال وغيرہ رکيل هيو، برسات جي پاڻيءَ جون ڦڙيون ان ٿيلھي تي پوڻ لڳيون ۽ اهو ٿيلھو ان بارش جي پاڻيءَ سان مون سان گڏ پُسي رهيو هو. سو مان پنھنجي ان سيٽ تان اٿي، ان ٿيلھي کي ڌڪي وچ واري ڪاٺ جي سيٽ جي هيٺيان ڪري ڇڏيو هو.
انھي دوران هن جھاز جو واءِ فاءِ بہ ڪم ڪري رهيو هو. مون سنڌ صوبي ۾ پنھنجي دادو بار روم جي دوستن کي ياد ڪندي پنھنجي دوست راشد حسين گهلو وڪيل کي ڪال ڪئي، اتفاق سان ڪال ملي وئي هئي. هي وڊيو ڪال هئي ۽ پوءِ ٿوري دير کان پوءِ هميشہ جيان راشد جو مرڪندڙ چھرو منھنجي موبائيل جي اسڪرين تي هيو.
هن کي ٻڌايم تہ،”پاڻ جيمز بانڊ آئلينڊ وڃڻ لاٰءِ سامونڊي جھاز فاسٽ بوٽ ۾ آهيون (لانگ بوٽ ۾ نه). توهان کي هتان جي جھاز جو اندروني منظر ڏيکاريان پيو. هي پيار ڀريا، پيارا ماڻھو ڏسو. ڪيڏا نہ سھڻا ماڻھو اسان سان سفر ۾ شامل آهين. ڪاش اهڙا ماڻھو زندگي جي سفر ۾ بہ شامل هجن ها.“ هوڏانھن راشد وڏو ٽھڪ ڏنو. پنھنجي خوش قسمتي اها هئي جو پاڻ مٿي کليل جھاز ۾ هياسين، جتان سمونڊ جا نظارا ويجهڙائي کان راشد کي ڏيکاري رهيو هيس. ٻيو تہ برسات ۽ تيز هوا جي شور جي ڪري راشد جو آواز صحيح ٻڌڻ ۾ نہ پئي آيو. وڌيڪ اهو تہ منھنجو هڪ هٿ جھاز جي لوهي جهنگلي ۾ پيل هيو، مان بيٺو هئس ۽ ٻي هٿ ۾ موبائيل سان راشد کي سڀني مسافرن جو جھاز ۽ سمونڊ جي ڇولين جو ديدار پڻ ڪرائي رهيو هئس. انھي دوران راشد فون اسان جي محترم سينيئر وڪيل سائين عبد الرسول عباسي جي حوالي ڪندي چيو تہ،”سائين عباسي صاحب سان ڳالھايو.“ سائين سان ٻانھن ٻڌڻ جي هون ئي پراڻي واٽ آهي. سو سائين سان اليڪ سليڪ ڪندي، سائين کي بہ اهي سمونڊ جا منظر ڏيکاريا.
عبدالرسول عباسي صاحب اسان جي پياري دوست اشفاق احمد عباسي وڪيل جو والد صاحب آهي ۽ دادو جو نامور وڪيل آهي. سمونڊ ۽ پاڻي جي جھاز جي اهڙي خوبصورت ماحول ۾ جيڪي خوبصورت سياح اسان جا همسفر هيا، اهي انتھائي ڪوآپريٽو، ملڻسار، مھربان ۽ معتبر ماڻھو هيا. هي سامونڊي سئر جو منھنجو پھريون سفر هيو ۽ مان پھريون ڀيرو اهڙي سامونڊي وڏي جھاز جي سفر مان گذري رهيو هئس. انھن جھازن ۾ جھاز راني ڪندي مون کي لطيف جو سر سامونڊي ياد اچي ويو هو. هن کان اڳ ۾ ڪراچي جي پورٽ قاسم ۾ راشد گهلو صاحب جي وڏي ڀاءُ ادا واجد حسين گهلو صاحب جي دعوت ۾ اسان دادو بار جا ڪيترائي نوجوان جيڪي ADJجي امتحان ڏيڻ لاءِ ڪراچي ويا هياسين، انھن دوستن ۾ محترم شوڪت علي برهماڻي، محترم خالد سعيد سومرو، محترم عتيق حسين سومرو، محترم غلام مرتضي ٰ ٻٻر، محترم صفدر علي چارڻ، محترم محمد علي قريشي، محترم مسعود علي چنہ، محترم عبدالستار ميمڻ ۽ محترم جاويد علي سھتو صاحب هيا، ادا واجد گهلو صاحب اسان کي پاڻي واري رافٽ ۾ گهڻو گهمايو هيو. ادا اتان چيف انجنيئر جي عھدي تان رٽائر ڪيو، جيڪو واحد سنڌي هيو، جيڪو پروموشن جي ذريعي ان اعليٰ عھدي تي پھتو هيو. هن اسان کي اهڙو تہ شاندار لنچ ڪرايو هيو، جيڪو اڄ ڏينھن تائين نہ ٿو وسري.
جيئن تہ اهو آچر جو ڏينھن هيو، ان ڪري موڪل هجڻ جي ڪري، ڪي پي ٽي جو اسٽاف موجود نہ هئڻ جي باوجود ادا واجد جي مھربانين جي بدولت اسان ڪراچي سمونڊ ۾ اهڙي پاڻي جي جھازن ۾ چڙهيا هياسين، واجد صاحب جا اهي ٿورا ڪٿي لاهبا. مشڪل آ. واجد صاحب جي محبتن جا سچ تہ اڄ بہ مقروض آهيون. هاڻي بہ جڏهن دادوءَ ۾ پنھنجي فيملي جي ڪنھن شادي ۾ آيل هيو، پر هن سان ملاقات نہ ٿي سگهي. واجد صاحب جنھن جھاز ۾ گهمايو هو، اهو ننڍو جھاز هيو ۽ بعد ۾ جنھن ٻي جھاز ۾ اسان کي شفٽ ڪري گهمايو هو، اهو بہ ننڍو جھاز هيو، پر پھرئين جھاز کان وڏو هيو، جڏهن تہ هي جيمز بانڊ آئلينڊ ڏانھن ويندڙ جھاز تمام وڏو آهي.

جيمز بانڊ ٻيٽ ۾ موت جو رقص

هاڻي تقريبن منو ڪلاڪ، يا ڪلاڪ کن جي ڊرائيو کان پوءِ اهو اعلان ڪيو ويو تہ اسان هڪڙي ٻيٽ تي لينڊ ڪيون ٿا، پر اتي هي جھاز نہ ٿو هلي سگهي ۽ لنگر انداز نہ ٿو ٿي سگهي، ان لاءِ اسان کي لانگ بوٽ يعني ڊگهي ڪاٺ جي ٻيڙي جي مدد وٺڻي پوندي. اسان لاءِ انھن ڊگهي پڇ واري وڏي ٻيڙي گهرائي هئي، جيڪا اتي ئي ڪناري وٽ لنگرانداز ڪئي ويئي هئي. اسان کي ٻڌايو ويو تہ اها ٻيڙي اسان جي هن جھاز سان گڏ لڳندي. پوءِ اسان مان هڪ هڪ سياح هِن جھاز مان لھي اُن ڊگهي ڪاٺ واري ٻيڙي ۾ چڙهندو ۽ ائين ئي اسان کي ٻي جھاز ۾ شفٽ ٿيڻو پوندو، جيتوڻيڪ هي شفٽنگ جو مرحلو ڏاڍو ڏکيو هو پر خطري کان بہ خالي نہ هيو.
وڏي ڊگهي پڇ واري ڪاٺ جي ٻيڙي/مڪڙي کي اسان واري جھاز سان گڏ ملائي بيھاريو ويو هو. اعلان ڪيو ويو هو تہ هر مسافر آرام آرام سان هن جھاز مان لھي، هن ڪاٺ واري ٻيڙي تي چڙهي. ڪاٺ واري ڊگهي ٻيڙي هئڻ ڪري، اسان واري جھاز کان گهڻو هيٺ هئي ۽ هي جھاز مٿي هيو، ان ڪري هيٺ لھڻ مھل پاڻي جي ڇولين جي ڪري جھاز جو لڏڻ ۽ وري لانگ بوٽ/مڪڙي جو ڇڄي پري ٿي بيھڻ جي ڪري ڪيڏي مھل ڪو سياح پريشان ٿي وڃي پيو. پر پوءِ بہ جيئن تئين ڪري هرڪو مسافر هن ٻيڙي ۾ لھي آيو. ان کان سواءِ ٻيو ڪو حل نہ هيو. هاڻي اسان سڀئي ان ڪاٺ جي ڊگهي ٻيڙي ۾ شفٽ ٿي چڪا هياسين.
اسان هن دفعي بہ هن مڪڙي ۾ پويان پويان ويٺا هياسين. هن ٻيڙي جي اندر ڪاٺ جا تختا لڳل هيا، جن جي هڪ سيٽ تي چار پنج ماڻھو ويھي سگهن پيا. جيئن پرائمري اسڪول جي ڪلاسن ۾ بينچون سٿيل هونديون آهين. بلڪل اهڙي ريت هي ماحول بہ هيو. جاني، ڊاڪٽر ۽ مان هڪڙي ئي بينچ تي ويھي رهيا هياسين ۽ اسان جي پوئين بينچ تي پرتاب انگريزن سان رلي ملي ويو هيو. شفٽنگ دوران ڪافي ماحول ۾ شور گوڙ پيدا ٿي ويو هو. مون کي ڊپ اچي ورايو تہ ڪٿي هن هٻڙ ڌٻڙ ۾ پنجاھہ سٺ مسافرن جي لھڻ جي ڪري ٻيڙي اونڌي نہ ٿي پوي، ڪو حادثو نہ پيش اچي ۽ ڪٿي سڀ سامونڊي مخلوق جو کاڄ نہ بڻجي وڃون. بس رب پاڪ رحم فريايو.
هي ڪاٺ وارو ٻيڙو بہ پيٽرول واري موٽر تي هيو، هاڻي هر سياح ڳڻتي واري ماحول مان نڪري آيو هو ۽ خوش نظر اچي رهيو هو. اسان جي دوست ڊاڪٽر سنتوش بہ حيدري جا زوردار نعرا هنيا. جنھن جي ڪنھن سڄي ٻيڙي جي مسافرن جو ڌيان اسان ڏي ٿي ويو هو.
هن ڪاٺ واري ٻيڙي جو ٿورڙو سفر هيو، ڇو تہ ڪناري تائين پاڻي جو وڏو جھاز نہ پيو لڳي سگهي، ان ڪري هن وڏي ٻيڙي جي ذريعي ئي اسان کي جبل جي ڪنڊ تي ڪناري تي آندو ويو. پوءِ ٻيڙي کي ڇڪي وڏن رسن سان ڪناري تي لڳل پٿرن سان ٻڌو ويو. جڏهن ٻيڙو ڪناري تي لڳو تہ سڀ مسافر هڪ هڪ ٿي هيٺ لھڻ لڳا. مون ڏٺو تہ اسان جو يار آسٽريلين پوڙهو ٿلھو، وڏي جھاز کان هيٺ نہ لٿو هيو ۽ هتي ڪٿي ڏسڻ ۾ بہ نہ آيو هو ۽ هو پڪ سان ان وڏي جھاز ۾ ئي انتظار ڪندي رهجي ويو هيو.

جيمز بانڊ آئلينڊ تي رولاڪيون

پاڻ جيئن ئي اُن ٻيڙي کان هيٺ جبل تي لٿاسين. لھڻ کان پوءِ هر سياح پنھنجي منھن سان رولاڪيون ڪرڻ ۾ لڳي ويو. هي جبل تمام قديمي لڳي پيو. ڪجهہ وکون کڻڻ کان پوءِ اسان جي اکين جي اڳيان ٻہ ٽي دڪان هيا، جن ۾ گفٽ ٽائيپ شيون پيل هيون. جيئن ميلن ملاکڙن ۾ دڪانن تي پيون هونديون آهن. انھن دڪان جي کاٻي پاسي کان قديمي جبل ائين لڳي پيو ڄڻ تہ ان تي ڪنھن گولين جا برسٽ هلايا هجن. ڇو تہ هو سڄو ٽنگ پروڻ ٿيل هيو. ڪي ڪي سوراخ تہ ايترا وڏا هيا جو اتان ماڻھو ٽپيو وڃي ٻي پار پوي. مطلب تہ سمونڊ جي ڇولين جو ذري ذري ان جبل کي چمي چمي نيٺ هن کي اندران اندران ڳاري، ڪوري خالي کوکلو ڪري ڇڏيو هو. پر نہ جبل جي سڪ گهٽ ٿي هئي ۽ نہ وري سمونڊ جي رولاڪ ڇولين جي محبت گهٽي هئي.
جنھن زمين يعني پٿريلي جبل تي هلون پيا تہ سامھون کان نظر ايندڙ لقاءَ اسان کي ڇرڪائي وڌو هيو. اکين اڳيان منظر هي هيو تہ ٻہ انگريز پٺي اگهاڙي ان ڪناري کان هيٺ سمونڊ ۾ لھي وهنجي رهيا هيا. ڏاڍو عجيب لڳو تہ هي ايڏي وڏي سمونڊ ۾ هيٺ لٿا آهن، نہ هنن کي ڊپ، نہ خوف، نہ ڀوءَ. انھن ماڻھن جي ريس تي ڊاڪٽر بہ هيٺ لھي پيو. منھنجي منع ڪرڻ جي باوجود ڊاڪٽر نہ مڙيو، سو هو بہ سمونڊ ۾ لھي پيو.
پر جڏهن اتي ئي ساڳي جاءِ تي اسان جو دوست ڊاڪٽر لٿو تہ خبر پئي تہ ان جاءِ جي پاڻيءَ جي هيٺان سيمينٽ جي دڪي ٺھيل آهي، اڳتي ٿورو ممڪن آهي تہ هيٺ وڏو پاڻي هجي پر اتي ئي اٿي بيھڻ سان چيلھہ جيڏو پاڻي نظر آيو. ڊاڪٽر ٻہ ٽي ٽٻيون هڻي، اتي ئي اٿي بيھي انگريزن جي پت خراب ڪري چڪو هيو، جن ٿورو اڳ ۾ اهو تاثر پئي ڏنو تہ اهي گهري/اونھيءَ سمونڊ ۾ وهنجي/تڙڳي رهيا آهن.
ڊاڪٽر ٻاهر نڪري آيو هو، اسان ان جاءِ تان ئي مٿي جبل تي چڙهڻ لڳاسين. جيئن مون مٿي توهان کي ٻڌايو تہ هي جبل سڄو ئي ٽنگ پروڻ ٿيل هو. پاڻي جي وهڪري يا ڇولين هن جبل کي اندران ئي اندران کائي ڇڏيو هو. ان ڪري ان جبل تي ننڍا ننڍا کڏڙا، سوراخ ٿي ويا هيا. پر هڪڙو وڏو سوراخ /چُر/ٽُنگ هيو، جتان پاڻ ڪراس ڪري ٻي پاسي وياسين. هيٺ پيرن ۾ جبل تکو، تيز ٿي لڳو، مون کي بوٽ پاتل هيا، پر جن جا پير اگهاڙا هيا، انھن جي پيرن کي اهي چنھنبدار جبل جون ڪنڊيون، پٿريون ضرور تڪليف ڏينديون هونديون، خاص ڪري نازڪ صنف لاءِ تہ هتي پيرين اگهاڙي هلڻ انتھائي مشڪل هيو. پر هتي ڪا بہ پيرين اگهاڙي نظر نہ پئي آئي، سڀني کي تقريبن جوگر پاتل هيا.
هتي ٻيو ڪجهہ بہ نہ هو، بس جيمز بانڊ جون يادون هيون. سال 1974ع ۾ هتي جيمز بانڊ جي فلم جي شوٽنگ ٿي هئي ۽ جيمز بانڊ ان فلم جي شوٽنگ جي دوران هتي آيو هو. ان ڪري هن جو نالو بہ جيمبز بانڊ رکيو ويو هو. هي گهمڻ واري پوائنٽ Phang Nga Bay ، Thailand وٽ آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ هتي ايندي اسان جي اکڙين جيڪي زندہ نظار ا پسيا هيا، اهي اکڙين جو زندگيءَ ۾ پھريون ۽ آخري درشن هيو.
سمونڊ جي وچ تي پريان جبل جي اڀي سنھي ٽڪري نظر پئي آئي، اها ئي سڀني سياحن جي توجھہ جو مرڪز هئي. سامھون کان نظر پئي آئي. اوسي پاسي ۾ پھاڙن جو سلسلو جيڪو سائي چادر ويڙهي اسان کي ڀليڪار چئي رهيا هيا. پھاڙن کي ڪٿي ڪٿي ڪٽي ۽ ڪوريو ويو هو تہ جيئن هتي ايندڙ سياحن کي تڪليف نہ ٿئي.
جيمز بانڊ جبل اڀو ۽ اوچو هيو. هن سان گڏ ٻيون بہ ڪيتريون ئي ٽڪريون ۽ ننڍا ٻيٽ هيا، جيڪي اڀا ۽ اوچا هيا. انھن تي ايڏي ساوڪ هئي جو، سڄو جبل ساوڪ ئي ساواڻ سان پُر نظر پئي آيو. اتي اسان کان اڳ ۾ هڪڙو ٻيو جھاز بہ لنگر انداز ٿي چڪو هيو. ان ڪري ٻنھي جھازن جا ماڻھو جڏهن هن ٽڪري تي اچي مڙيا/گڏ ٿيا هيا ۽ هڪڙو نئون جھان اڏجي ويو هو ۽ ڪو نئون ميلو مچي ويو هو.
هتي سياحن کي شارٽس، اڌ ڪٽيل جينز جون پينٽون، ٽي شرٽون پاتل هيون. جيڪي هتي اچڻ کان پوءِ ڏاڍا پرجوش پئي لڳا. هن پوائنٽ تي ڪيترا ئي وڏا وڏا قديمي انيڪ قسمن جا وڻ نظر پئي آيا. جن خبر ناهي پنھنجي وجود جي اکين سان ڇا ڇا نہ ڏٺو هيو. اهي وڻ اڄ خوشيءَ ۾ نہ پئي ماپيا، ڇو تہ هتي اڄوڪي ماڻھن جي ميلي کي ۽ انساني وجود کي اکين سان ڏسي، انھن وڻن پاڻ ۾ ٿوري دير لاءِ زندگي جو احساس ضرور محسوس ڪيو هوندو. تحفن تحائفن جي دڪانن کان علاوہ هتي ريفريشمينٽ جا بہ ڪي چند دڪان هيا. جن ۾ بوتلون، جوسز، آئيس ڪريم، چپس، بسڪوٽ وغيرہ وغيرہ. هر ماڻھو هر نظاري کي پنھنجي ڪيمرا جي اک ۾ محفوظ ڪرڻ پئي چاهيو. سو ان ڪم ۾ پئي رڌل نظر آيا.
مست اپني دهن ۾ غير کي سنتا نھين، سو ان حساب سان اسان جي دوستن ۾ پر هر ڪنھن کي گهمڻ ڦرڻ جي آزادي هئي. جاني ۽ پرتاب پنھنجي منھن سان گهمندي گهمندي، اڃان بہ پريان جبل جي چوٽي تي چڙهي ويا هيا، باقي ڊاڪٽر ۽ مان هڪٻئي جون تصويرون ڪڍڻ ۾ پورا هياسين. مطلب تہ ”ٻہ تہ ٻارنھن.“
سڀ کان وڏي ڳالھہ تہ ڊاڪٽر جي موبائيل جي زبردست رزلٽ هئڻ ڪري، دل چئي پئي تہ جيمز بانڊ جو هر نظارو ڊاڪٽر جي ئي موبائيل سان پنھنجي اندر ۾ قيد ڪري ڇڏجي. اسان جيئن ئي اتان دڪانن کان ٿيندا اڳتي وڌياسين تہ ساڄي پاسي کان سمونڊ جو ڪنارو نظر آيو، جتي ماڻھو وهنجي رهيا هيا. اسان بہ اتي پھتاسين. هتي تہ هڪڙي ٻي دنيا آباد هئي. ڊاڪٽر جيئن تہ شروع ۾ ئي سمونڊ جي پاڻي جو سواد چکيو هيو، پر هو دل ڀري نہ وهتو هو. ان ڪري هن وري ٻيھر هتي بہ وهنجڻ جو ارادو ڪري پنھنجي شرٽ لاهڻ لڳو.

فلائنگ ڪس جو ڪاٽا ٿي وڃڻ

مون ڊاڪٽر کي چيو تہ، ”ڊاڪٽر سوير تہ وهتو هين سمونڊ ۾.“ چيائين،”هي نظارا ڏسي، دل ئي نہ ٿي ڀرجي وهنجڻ کان. دل چوي ٿي تہ سڄو ڏينھن پيو وهنجان. هتان نڪران ئي نہ.“
چيم،”خيال ڪجاءِ هي سمونڊ آ ڊاڪٽر، درياءَ، تلاءُ يا ڪا ڍنڍ نہ آهي.“
چيائين،”ان ڳالھہ جي تون ڳڻتي ئي نہ ڪر.“
مون چيو،”پو بہ ڊاڪٽر احتياط ضروري آهي.“
چيائين،”تون سھي ٿو چوين، پر مان ان خيال جو آهيان تہ جيمز بانڊ اچون ۽ هتان جي سمونڊ ۾ نہ تڙڳون، تہ پوءِ هتي اچڻ بيڪار آهي.“
مون ڊاڪٽر کي انڪار ڪندي چيو تہ ’’مان پنھنجي طاقتور جسم جي نمائش ڪرڻ لاءِ قطئي موڊ ۾ ناهيان. ڇو تہ مون کي ڊپ ٿو لڳي تہ ڪٿي جيڪڏهن ڪنھن باوذوق ۽ شوقين حسينہ ۽ عاشق مزاج ناري منھنجا ريسلنگ وارا ڏورا ۽ ڪشادو ۽ طاقتور مرداني سيني تي موهجي پئي تہ پوءِ ائين نہ ٿئي جو پنھنجي جھاز ۾ ويھڻ بدران مون سان گڏ ويھي ۽ پنھنجي ملڪ وڃڻ بدران مون سان پاڪستان هلي اچي۽ پوءِ مون سان گڏ توهان بہ ڏچي ۾ نہ اچي وڃو.‘‘
ڊاڪٽر منھنجي ان ڳالھہ تي وڏو ٽھڪ ڏيندي چيو تہ،”مان تہ پاڻي ۾ لھان ٿو پوءِ ڏسان ڪير ٿو مون تي ۽ منھنجي جسم تي موهجي.“ ائين چئي هن سمونڊ ۾ ٽپو ڏنو.
مون رڙ ڪري چيو تہ،”ڊاڪٽر! پري نہ وڃجانءِ، متان اڳتي سمونڊ اونھو نہ هجي.“ سو هو ڪناري سان ئي وهنجندو/شنان/تڙ ڪندو رهيو.
انھي دوران مون هن جون انيڪ تصويرون ۽ وڊيوز ٺاهيون. پرتاب ۽ جاني جي ڪا خبر نہ هئي. ڪجهہ دير کان پوءِ ڊاڪٽر ٻاهر نڪري آيو. هاڻي اسان ڪناري تي تصويرون ڪڍي رهيا هياسين تہ هڪڙي نوجوان ناري اسان جي ويجهو آئي ۽ چيائين تہ،”مان ٿي توهان جو تصويرون ٺاهيان.“
ڊاڪٽر اڃان ان ئي حال ۾ هو، جنھن حال ۾ هو پاڻي کان ٻاهر نڪتو هيو. جسم تي خالي چڍو پاتل هيس. مون ڊاڪٽر ڏي ڏٺو ۽ ڊاڪٽر مون ڏي. مون ڊاڪٽر کي اک ڀڃي چيو تہ،” ڊاڪٽر ڪٿي منھنجي ڳالھہ صحيح تہ نہ ٿي ٿئي.“
ڊاڪٽر منھنجو جملو سمجهي ويو ۽ هن وڏو ٽھڪ ڏنو هو. ڊاڪٽر جي ان ٽھڪ تي هوءَ ناري ٿورو پريشان ويئي هئي. ان تي هن رڙ ڪري چيو تہ،” نہ نہ مان توهان کان پئسا نہ ٿي وٺان، مان مفت ۾ توهان جي تصوير ٺاهيان ٿي.“
اسان ٻيئي شڪي ٿياسين. هن اسان ٻنھين جون ۽ ڊاڪٽر جون جيمز بانڊ آئلينڊ سان اهڙي نموني سان تصويرون ٺاهيون جو ائين لڳي پيو تہ اهو ٻيٽ ڊاڪٽر جي ٻنھي چنبن ۾ آهن. هيٺ هٿ جو هڪڙو چنبو، ۽ ٻي هٿ جو ٻيو چنبو مٿي ڪري ان جي مٿان رکرايو تہ جيئن جيمز بانڊ واري ٽڪري ٻنھين چنبن جي وچ ۾ اچي وڃي. هن جي ڪمال جي ڪاريگري هئي. هو وڏي ماهر ڦوٽو گرافر هئي. اسان هن جو شڪريو ادا ڪيو. هن کي ٽپ نہ ڏيندي هڪڙي فلائنگ ڪس ڪندي موڪلايوسين. پر منھنجي ان فلائنگ ڪس کي ڊاڪٽر پنھنجي ڪس سان ڪانٽا ڪري وڌو هيو.
جيڪا هن مائينڊ نہ ڪئي بلڪ خوش ٿيندي واپسي ۾ ساڳيو ئي عمل دهرائيندي شڪريو ادا ڪيو. مون کي ريلو (پيشاب) ڏاڍو زور سان لڳو هو، ان ڪري واش روم جي تلاش ۾ هيڏي هوڏي گهمندا رهيا سين. پوءِ هڪڙي جبل جي ڪنڊ ۾ لکيل واش روم ۾ هليو ويس جنھن ۾ خالي دروازو لڳل هو، باقي اتي ٻي ڪا بہ سھولت نہ هئي. نہ پاڻي نہ ڊبليو سي ۽ نہ ئي وري ڪمبوڊ، نہ ئي ڪونئرو. سو ائين ئي ريلو ڪري، پنھنجي مفت ۾ ڊائلاسيز ڪرائي، ٻاهر نڪتاسين. هينئر اسان کي رولاڪيون ڪندي ڪافي ٽائيم ٿي ويو هو.
جھاز جي عملي لھندي مھل سڀني کي تاڪيد ڪندي چيو هو تہ، ”توهان وٽ اڌ ڪلاڪ آهي، جيڪو اڌ ڪلاڪ کان مٿي دير ڪري ايندو تہ هي ٻيڙو هتي نہ هوندو ۽ هو هتي رهجي ويندو. ان کي ٻي ڏينھن ئي ٻيو ڪو جھاز کڻندو، سو مھرباني ڪري وقت تي واپس ٿجو.“
اسان کي اها ڳالھہ ذهن ۾ هئي. سو هڪدم ٻيڙي ڏي موٽياسين. واپسي مھل ايندي، اسان جي هٿ تي رٻڙ واري چوڙي ڏسي، هڪڙي عورت رڙ ڪري چيو تہ،”توهان جو ٻيڙو تہ نڪري وڃي پيو، جلدي وڃو.“
سو اسان جڏهن ٻيڙي وٽ تڪڙي تڪڙي پھتاسين ۽ ڏٺوسين تہ واقعي ٻيڙو تہ سڄو ڀريل هيو. سڀ اسان ڏي عجيب نظرن سان ڏسن پيا. انڊين دوست گوتم چيو تہ ”ڏاڍي دير ڪئي اٿو توهان جو ئي انتظار ٿئي پيو. توهان جا ٻيا ٻہ دوست ڪٿي آهن.“ اسان ڏٺو تہ جاني ۽ پرتاب اڃان نہ پھتا هيا. اسان کي ڏاڍي ڳڻتي وٺي وئي هئي. عملي کي چيوسين تہ،”ٿورڙو ترسو، بس، اچڻ وارا آهن.“ ۽ ٿيو بہ ائين ئي، ٿوري دير ۾ جاني وارا بہ اچي ويا ها. جھاز جي وڏي سائيز وارو واڍ، کوليو ويو هو. هرڪو پنھنجن سيٽن تي ويٺل هيو. جھاز هلڻ شروع ٿيو پوءِ پنھنجو هي ٻيڙو اتان نڪتو. ٿوري دير کان پوءِ پنھنجي سامونڊي جھاز جي پاسي ۾ لڳو. ساڳي ريت هڪ هڪ ٿي واپس پنھنجي جھاز ۾ چڙهياسين.
جيئن چڙهي مٿي آياسين تہ اسان جو يار موٽو اڪيلو ۽ اداس ويٺو هو. اسان کي ڏسي وري هن جي چھري تي رونق تري آئي. هينئر وري جھاز اڳتي وڌڻ شروع ٿيو. هن ٻيٽ جو هر منظر موهيندڙ هو. ڪاش ان جيمز بانڊ جي ٻيٽ ۾ گهر هجي ها. سال جو سڄو سودو سامان، راشن گڏ ڪري اتي ئي رهجي ها، ڪنھن کي بہ هٿ نہ اچون ها. دنيا کان لاتعلق ٿي، باقي زندگي جا ڏينھن اتي ئي گذارجن ها ۽ پوءِ ماڻھو هن دوزح جھڙي دنيا ۾ اچي ئي نہ ها. آءِ لو يو جيم بانڊ.

بتيلا، سمونڊ ۽ موت

هاڻيِ اسان ٻيھر پنھنجي ساڳي ئي پاڻيءَ واري وڏي جھاز ۾ هياسين. هر ماڻھو مستيءَ ۾ مست هيو. سڀ جيمز بانڊ جا نظارا ڏسي خوش ٿي ويا هيا. ويندي مھل (جڏهن اسان جيمز بانڊ آئيلينڊ کان اڳ ۾) جھاز جي ڪپتان اهو اعلان ڪيو هو تہ اسان کي هڪڙي ٻيٽ ۾ وڃڻو هو، پر موسم جي خراب هجڻ جي ڪري اسان اتي نہ ٿا هلي سگهون.
ان ڪري ان خوبصورت ٻيٽ جي درشن کان پاڻ محروم رهجي ويا هياسين. ان کان پوءِ اسان جيمز بانڊ پھتا هياسين. سو هينئر ڪجهہ مفاصلي کان پوءِ هڪڙو ٻيو جبل سامھون آيو آهي. جھاز ان جي ويجهو بيھي رهيو هو. هن سان گڏ ٻيو جھاز بہ لڳي ويو هيو. ان جھاز جي رسن کي هن اسان واري جھاز سان ملائي ٻڌو ويو هو. تہ جيئن ٻيئي جھاز هڪٻئي جي سپورٽ ۾ ٻڌل رهن ۽ چرپر نہ ڪن. اسان جي جھاز واري عملي اسان سڀني سياحن کي اي بي سي ٽيم ۾ ورهايو هو. هر هڪ ٽيم کي هو ننڍڙين پلاسٽڪ جي ٻيڙين ۾ لاهي سمونڊ جي پاسي ۾ جبل جو سير ڪرائڻ لاءِ وٺي پيا وڃن.
اسان جي جھاز جي پويان ٻڌل اٺ /ڏھہ ننڍڙين ٻيڙين ۾ هوا ڀري انھن کي هيٺ سمونڊ ۾ لاٿو ويو هو. سڀ کان اول اي ٽيم جي ماڻھن کي ٻہ ٻہ ڪري، جھاز مان لاهي اڳتي سمونڊ ۾ جبل جي اندران چڪر هڻائي اچن پيا. هي ڏاڍو سٺو تجربو هيو. پر هن ۾ هڪڙو وڏو جوکو/جوکائتو ڪم هيو، اهو هيو تہ ننڍڙي پلاسٽڪ جي ٻيڙي جو توازن هيٺ مٿي ٿي سگهي پيو.
جنھن جي ڪري ٻيڙي اونڌي بہ ٿي سگهي پئي. نتيجي ۾ سرتان سانگو لاهي بہ سگهجي پيو. خاص ڪري وڏي ٻيڙي کان اسٽيل جي ڏاڪڻ جي ذريعي هيٺ لھي ننڍڙي ٻيڙي ۾ شفٽ ٿيڻ وارو عمل ڏاڍو ڏکيو هيو. ڇو تہ جھاز مان لھڻ مھل ٻيڙي تمام هيٺ هئي، ان ڪري ڏاڍو سنڀالي پير رکڻو پوي پيو. سنهڙي ماڻھن لاءِ تہ مسئلو نہ هيو پر جيڪي ٿلھا يا ٿلھيون عورتون هيون انھن لاءِ ڏاڍو ڏکيو ڪم هيو.
اي بي ٽيم وارا سياح سڀ چڪر هڻي آيا هيا. سڀني کي ڏاڍو مزو اچي ويو هو. واپسي ۾ سڀ ڏاڍا خوشگوار موڊ ۾ واپس اچي رهيا هيا. عورتن جا موڊ مردن کان وڌيڪ چمڪي رهيا هيا. هاڻي اسان ”سي“ ٽيم وارن جو وارو هيو. سو مٿان برسات بہ شروع ٿي وئي هئي. پاسي واري جھاز جي ٻيڙين جو رنگ ڦڪو هيو ۽ اسان جي جھاز جي ٻيڙين جو رنگ نيرو هيو. ڪٿي پريان وري ڳاڙهي رنگ جون ٻيڙيون بہ نظر پئي آيون. اهي سڀ رنگين ٻيڙيون جڏهن سمونڊ ۾ ترڻ لاءِ هيٺ لٿيون هيون تہ سچ تہ واھہ جو منظر هيو ۽ واھہ جو مزو اچي ويو هو. اهو منظر ڏسڻ وٽان هيو. ٻيڙين جا رنگ ۽ سمونڊ جو رنگ، مٿان وري بارش جو رنگ، ماحول ۾ رومانس جو نشو پيدا ڪري ڇڏيو هيو.
هر ٻيڙي واري ناکئا جي ڊريس جو رنگ بہ الڳ هيو. مٿان سياحن جي ڪپڙن جو رنگ بہ مختلف هيو. ٿوري دير لاءِ پنھنجي جھاز تان سمونڊ ۾ نظر وڌي سين تہ هر طرف رنگين رنگن واريون ٻيڙيون نيري رنگ جي سمونڊ تي ائين تري رهيون هيون، جيئن مختلف رنگن وارا پوپٽ مختلف گلن جي مٿان ڀيرا ڏيندا آهن. سمونڊ جي ان ٽڪري تي ٻيڙين جو راڄ هيو. اسان جي جھاز جي عملي جو هر ملازم ڏاڍو ماهر ۽ ڦرتيلو هيو. جيڪي ٻيڙي جي ڪنڊ تي ويٺي ٻنھي چپوئن سان ٻيڙي کي اڳتي ڌڪڻ لاءِ چپوئن کي پوئتي پاڻي ۾ڌڪي رهيا هيا. انھن ننڍڙين ٻيڙين ۾ هڪ ناخدا ۽ اڳيان ٻہ ماڻھو ويھاريا ويا هيا، جن ۾ هڪڙو سياح ٻيڙي جي صفا اڳيان، ٻيو ٻيڙي جي صفا وچ ۾ مطلب تہ جيئن ٻيڙي جو بيلينس برقرار رهي. هاڻي اسان جو وارو اچي ويو هو. مان ۽ ڊاڪٽر هيٺ لٿاسين. ڊاڪٽر لھڻ سان ئي مشڪري شروع ڪئي. مذاق مستي ۾ پنھنجي جسم کي لوڏي، ٻيڙي کي لوڏڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. مون ڊاڪٽر کي چيو،” ڊاڪٽر ائين نہ ڪر يار، ڪٿي ٻيڙي نہ اونڌي ٿئي، هي سمونڊ آهي.“

خونخوار واڳون جو اوچتو حملو

پر ڊاڪٽر مسلسل مذاق جي ئي موڊ ۾ هيو. ڇو تہ هن خطرناڪ سمونڊ ۾ مشڪري ڪرڻ بہ هر ڪنھن جي وس جي ڳالھہ نہ آهي. سو ڊاڪٽر جي انھن حرڪتن کي مان ڏيندي اسان بہ سمونڊ سان ياري رکي ڇڏي. هاڻي مان ۽ سمونڊ هياسين تہ هوڏانھن ڊاڪٽر اڪيلو. سو هاڻي ڏسون ٿا تہ ڊاڪٽر جون مشڪريون ڪيتريون ٿيون هلن. اهڙي ريت مذاق مستي واري ماحول جو مزو وٺي ٻين ٻيڙي وارن سياحن کي پري کان هٿ لوڏي هيلو هاءِ ڪري رهيا هياسين. ڪي ٻيڙي واري پرين پار کان ٿي واپس پئي واريا تہ ڪي وري اسان جي اڳيان هلي رهيا هيا تہ ڪي اسان جي پٺيان اچي رهي هيا. حسب معمول ڊاڪٽر پنھنجون ٻيئي ٽنگون هيٺ ٻيڙي کان ڪڍي، پاڻيءَ ۾ ائين لڙڪائي ڇڏيون هيون، جيئن اسان وٽ ماڻھن کٽ تي ويھي ٽنگون هيٺ لڙڪائي هروڀرو بہ پيو لوڏائيندو آهي. ڊاڪٽر جون ٽنگون هيٺ سمونڊ جي پاڻي کي ڇھي رهيون هيون. اسان جي ٻيڙي کي جيڪو ٻيڙي وارو نوجوان هلي رهيو هو، ان پنھنجو نالو يعقوب ٻڌايو هيو. هو بہ ڏاڍو مزيدار ماڻھو هو، جھاز جي عملي جو محنتي نوجوان هيو.
مٿان برسات شروع ٿي ويئي هئي. جاني ۽ پرتاب وارا جنھن ٻيڙي ۾ سوار هيا، اها اسان جي ٻيڙي کان ۽ اسان کان اڳ ۾ نڪري ويا هيا. انڊين فيملي گوتم بہ پنھنجي فيملي سان اسان کان اڳ ۾ نڪري ويو هو. ٻيڙي هلندي هلندي جبل جي پاڙ ۾ اچي نڪتي، اتان پاڙ مان جبل کي آروپار سرنگهہ/سوراخ ٿيل هيو، هاڻي ٻيڙي ان سوراخ/سرنگهہ جي اندران گذرڻ لڳي. هن سرنگهہ ۾ مڪمل گهُگهہ اونداهي ٿي ويئي، يعقوب کي مٿي تي پٽي واري ٽارچ ٻڌل هئي. هن اها ٽارچ آن ڪري ڇڏي هئي. اسان بہ پنھنجي موبائيل جي ٽارچ/بتي کولي ڇڏي هئي. هاڻي غار/گفا ۾ داخل ٿياسين تہ اوچتو يعقوب ڪاٺ جي چپي(چپو) جو زوردارڌڪ پاڻي ۾ وهائي ڪڍيو ۽ وڏي رڙ ڪيائين. اسان پڇيوسين تہ،”ڇا ٿيو.“ چيائين،”خونخوار واڳون هيو.“ پوءِ اهو واقعي ئي واڳون هيو يا ان جو حملو هيو، پر مون کي نہ پئي لڳو تہ اهو واڳون جو حملو هيو. ڇو تہ جيڪڏهن ائين هجي ها تہ هو اسان کي ان اسپاٽ تي نہ وٺي وڃن ها.
يعقوب ڊيڄارڻ جي ڪري ائين ڪيو هوندو يا مذاق ۾ ائين ڪيو هوندو. ڇو تہ اڳتي هلي هن هڪڙي ٻي ڳالھہ بہ ڪئي تہ ”هتي ڪالھہ عورت تي واڳون حملو ڪيو هو.“ هو عورتن کي بہ ڊيڄارڻ چاهي پيو. يا مذاق ڪري ماحول ۾ تجسس ۽ مزو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
ان کان پوءِ تہ ڊاڪٽر دير ئي نہ ڪئي. پنھنجون لٽڪندڙ ٽنگون مٿي ڪري ٻيڙي ۾ سڌو ٿي ويٺو. پر سچ اهو هيو تہ ان کان پوءِ ماحول ۾ خوف پيدا ٿي ويو هو. جبل جي اندر ڪيئي چمڙا بہ ٽارچ جي روشنيءَ تي نڪري نروار ٿي نظر آيا. سامھون کان جاني وارا واپس ٿيندي اسان جي ٻيڙي کي ڪراس ڪندي نظر آيا. جن کي هٿ لوڏي سلام دعا ڪري کيڪاريوسين. جاني وڊيو ٺاهي رهيو هو. پرتاب جا شاندار پوز هن ماحول جي رونق بڻجي رهيا هيا. ڇاڪاڻ تہ جھاز وارن جو ڦوٽو گرافر پڻ سياحن جي ڦوٽو گرافي ڪري رهيو هو ۽ ان لاءِ جھاز جي عملي اسان جي دوستن کي چيو هيو تہ،”توهان مان جيڪي تصويرون ٺھرائن اهي ٻڌائن.“ پر دوستن اها ڳالھہ بہ شيئر نہ ڪئي. ان جو ڪو سبب هيو، جيڪو مان سمجهان ٿو. سو مٺي بہ ماٺ تہ مٺي بہ ماٺ. غار مان اندران نڪري پرئين پاسي پڳاسين تہ اتي ڪافي جهنگ هيو. جبلن جي پاسن کان هيٺان کان مٿي تائين وڻ پوکيل هيا. جيڪي تنھائي جو شڪار هيا، جن سان ائين لڳي پيو تہ صدين تائين ڪنھن ڪچھري نہ ڪئي هوندي. اسان کي انھن جو فقط درشن ئي نصيب ٿيو هو. ان ڪري ٻيڙي واري چيو تہ،”سائين اڳتي نہ ٿا هلي سگهون. هيٺ مٽي آهي، ٻيڙي کي نقصان ٿي سگهي ٿو.“
سو اتان ئي چڪر هڻي، هن اسان واري ٻيڙي کي موٽايو تہ سامھون کان گوتم واري ٻيڙي وڃي پئي، هن سان بہ هيلو هاءِ ٿي. گوتم ۽ هن جي فيملي وارا هن ٽرپ کان مڪمل طور تي لطف اندوز ٿي رهيا هيا. مٿان وري ٻہ ٻيا بہ ٿلھا پوڙها ملي ويا. انھن مان هڪڙو پوڙهو واقعي ئي تمام ڊگهو، قدآور، ٿلھو ريسلنگ جو رانديگر پئي لڳو. انھن جي واپسي ٿي رهي هئي. هن سان گڏ هن جي نوجوان زال بہ هئي. جيڪا واقعي ئي حسين جميل هئي. اتي ئي واپسي ۾ اسان جي دوست ڊاڪٽر نعرا حيدري جا نعرا هنيا. پوءِ تہ ڊاڪٽر جي جواب ۾ هن پوڙهي بہ پنھنجي ٻوليءَ ۾ نعرا هنيا. واھہ جو مزو ٿي ويو. هن جي گهرواريءَ جا وڏا وڏا ٽھڪ هن جبل جي ٽڪري ۾ پڙاڏو بڻجي گونجي رهيا هيا. انھن مان هڪڙو ٿلھو جهونو ٻيڙي تي نہ پيو ويھي سگهي، ڇو تہ هن جو وزن اسان واري آسٽريلوي جهوني کان بہ سوايو هيو. سو جيڪڏهن هي ڏاند ٻيڙيءَ تي ويھي ها تہ شايد سڄو وزن هڪڙي پاسي ٿي وڃي ها، ان ڪري هو ليٽي پيو هو ۽ ٻيڙي جو وزن برقرار رهجي ويو هو.
ٻيڙي مان ئي جبل تي مٿي نظر وڌيسين تہ انگريزي ٻير جا وڻ ۽ ٻيا ڪيترائي ڊگها وڻ نظر آيا، جيڪي اداسيءُ جي عالم ۾ خاموش خاموش هيا. هتي عجيب منظر هيو. مڪمل خوف جو واسو هيو. مون کي ڏاڍي اُگري جاءِ لڳي. هي جبل ڪيڏو نہ سنسان هيو. ڪيڏي نہ ويراني هئي هتي. ڪٿي رات جو هتي ٻي ڪا مخلوق تہ نہ ٿي رهي. ڇو تہ هتي نہ سرگوشيون، نہ ئي انھن جي ڪا لام لڏندي نظر آئي. مون سوچيو تہ ھہڙن پيارن وڻن کي هن ويران، بيابان ۽ آسيب يافتہ جڳھہ ۾ اڪيلو ڇڏي وڃڻ ڪيڏو نہ مھا پاپ آهي. ڪاش مان پاڻ سان هي سڀ وڻ کڻي اچي پنھنجي گورک هل اسٽيشن جي زينت بڻايان ها ۽ منھنجو گورک ڪيڏو نہ مرڪي پوي ها، ڇو تہ گورک تي بہ سڃ ئي سڃ آهي. گورک تي بہ پنھنجن ئي جون ڀلايون آهن. مون پڪ سڃاتا پنھنجا هيا، ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾. ان ڪري هي وڻ گورک جي ويڪري چوٽي تي اچي ڪيڏو نہ خوش ٿين ها، ڪيڏو نہ ٽڙي پون ها. سو مون ٿوري دير لاءِ سوچيو تہ ڪيترا ماڻھو هتي روز ايندا هوندا، پر ڪنھن سياح بہ هتي ٿوري دير لاءِ ٻيڙي مان لھي، هنن وڻن سان ڪچھري ڪرڻ گوارا بہ نہ ڪئي، نہ ئي هنن جي درد کي ڪنايو. هي لاوارث وڻ، هي يتيم ٻوٽا ائين هتي ٽڙي مري ويندا هوندا. افسوس ڪيڏو نہ الميو آهي. اياز انھن ٻوٽن جي درد کي محسوس ڪندي چيو هو تہ:
خدا ڄاڻي ڪنھن رنگين چمن ۾ ڇو نہ ڄاواسين،
ٽڙياسين دامنِ صحرا ۾ خوشبوءَ ئي اجائي وئي.

ذري گهٽ سمونڊ جي ور چڙهي وڃڻ

انھي سامونڊي سفر ۾ چرچا، کل ڀوڳ ڪندا پاڻ ۾ ملي ائين هڪ ٿي ويا هئاسين، ڄڻ تہ سڀ هڪڙي ئي فيملي جا فرد هجون. اسان ۾ ڪو بہ هڪ ٻئي لاءِ ڌاريو، اوپرو، اجنبي نہ هيو. ڪو بہ مسلمان، ڪو بہ هندو، ڪو بہ عيسائي، نہ هيو. ڇو تہ هتي نہ ڪو مذهبي متڀيد هيو، نہ ئي رنگ ۽ نسل جو ڪو فرق هيو. سڀ هڪ هياسين. سڀني سياحن جو هڪڙو ئي مذهب هيو، نہ ذات، نہ پات، نہ دين ڌرم، نہ ئي ڪوڙ جون ڪوڙيون ڪوڙڪيون. بس هتي سڀني جو هڪڙو ئي مذهب انسانيت هيو. سڀني وٽ هڪٻئي لاءِ پيار، عزتون ۽ محبتون هيون. ڪنھن کي اها خبر نہ هئي تہ مان ذات جو ڪير آهيان، منھنجو ڪھڙو مذهب آهي، شيعو آهيان، يا سني. هندو آهيان يا مسلمان. ديو بند آهيان، بريلوي آهيان، اهلحديث آهيان يا اهلسنت آهيان. ڪاش اسان جي ڌرتي ۾ بہ ائين ئي هجي ها، جيتوڻيڪ سڀ سنڌي آهيون، هڪڙي ٻولي ڳالھائڻ واري قوم آهيون. پوءِ بہ گهر گهر ۾ جهيڙو، ڀاءُ ڀاءُ جو دشمن. معمولي ڳالھين تان ڪوڙيون ايف آئي آر ڪٽرائي، ڪوڙا ميڊيڪل ٺھرائي، هڪ ٻئي کان ذاتي انائن ۾ گوءِ کڻي، ٻئي کي نيچ ڏيکاري، پنھنجو پلڙو ڀاري ڪندا آهيون. ائين ڇو آهي. ڀٽائي ڪيڏو نہ سچ چيو هو تہ:
حقيقت هن جي حال جي، جي ظاهر ڪيان ذري،
لڳي ماٺ مرن کي، ڏونگر پون ڏري،
وڃن وڻ سڙي، اوڀر اڀري ڪين ڪي.

اهڙي ريت پاڻ برسات ۾ ڀڄندي واپس آياسين. واپسي ۾ جڏهن پنھنجي پاڻي واري جھاز ۾ مٿي چڙهڻ لاءِ ننڍڙي ٻيڙي کان مٿي شفٽ ٿي رهيو هوس ۽ هن جي اسٽيل جي ڏاڪڻ تي پير رکي، پاسي واري لوهي پٽي تي هٿ وجهي مٿي چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي تہ پير آلا هئڻ ڪري منھنجو هڪڙو پير ترِڪي پيو ۽ مان هيٺ سمونڊ ۾ هيٺ وڃي/ڪِري رهيو هوس تہ مون کي يعقوب ٻيڙي واري نوجوان ٻانھن ٻيلي ٿيندي مون کي پنھنجو هٿ ڏنو، هن جي هٿ جي ٽيڪ تي مان ڏاڪا چڙهڻ لڳس تہ مٿي جھاز تي موجود ڊاڪٽر بہ مون کي هٿ ڏنو ۽ مان مٿي چڙهي آيس. ائين موت جي منھن کان بچي ويس. جيڪڏهن يعقوب هٿ نہ ڏئي ها تہ سڌو سمونڊ جي پاتال ۾ هجان ها.
پاسي واري جھاز مان رڙين جو آواز اچي رهيو هو، ڏٺوسين تہ هڪڙي ٿلھي عورت هيٺ جھاز مان لھڻ مھل رڙيون ڪري چئي رهي هئ تہ،”نہ مان هيٺ نہ لھندس. مون کي ڊپ ٿو لڳي. مان ڪري پونديس. مون کي هيٺ نہ لاهيو.“ هن جون اڀ ڏاريندڙ رڙيون هيون.
اسان جي جھاز جا سڀ مسافر هن عورت جي رڙين ڪري هن ڏانھن متوجھہ ٿي ويا هيا. جيڪا هن ماحول ۾ ڏاڍو مزو ڪري رهي هئي. ملوڪان موت عشقان شڪار وارو ڪم هلي پيو. نيٺ روئي رِڙي هوءَ هيٺ ننڍڙي ٻيڙي ۾ چڙهي تہ سھي، پر چڙهڻ کان پوءِ بہ هن جو رڙيون جاري هنيون.
جنھن مان لڳي پيو تہ هن کي ڊپ نہ پيو لڳي، بلڪہ هوءَ سڀني کي خوش ڪرڻ لاءِ مذاق مذاق ۾ مستيون ڪري رهي هئي.

انگريزياڻين کي ٽڪر جو فائدو

هاڻي ان خوشگوار ماحول مان نڪري اڳتي آياسين. وري بہ جھاز ۾ سوار هياسين. جھاز هڪ دفعو ٻيھر رفتار پڪڙي چڪو هيو. ڪافي اڳتي اچڻ کان پوءِ وري هڪ دفعي جھاز کي بيھاريو ويو هو. هن دفعي مختلف اعلان ڪيو ويو تہ،”جنھن بہ سياح دوست کي سمونڊ ۾ وهنجڻ جو شوق آهي اهي ماڻھو ٻاهر نڪري هليا اچن.“ اسان روايتي سست ماڻھو سوچ ۾ پئجي وياسين تہ هاڻي ڇا ڪجي. مون پرتاب کي چيو تہ،”پرتاب لھہ سمونڊ ۾، سمونڊ جو مزو وٺي آ.“ چيائين،”نہ بابل اسان جي جاءِ ناهي.“ اسان اڃان ان ٻڏ تر ۾ هياسين ۽ سوچڻ ۾ ئي مصروف هياسين تہ ڪير سمونڊ ۾ لھي. سمونڊ ۾ لھڻ لاءِ بہ سمونڊ جيڏي دل کپي نہ. سا اسان وٽ ڪٿي؟ سو ڏسندي ڏسندي، سڀ کان اول ان اعلان ڪندڙ نوجوان پاڻ سمونڊ ۾ ٽپو ڏنو ۽ وهنجڻ لڳو. هو ڪو وڏو تارو هيو. ڇو تہ جھاز جو عملو تارو نہ هجي، اهو تہ ٿي نہ ٿو سگهي. ان کان پوءِ جھاز جو ٻيو عملو بہ هيٺ لٿو ۽ جھاز جا وڏا واڍ /ٿلھا رسا ڇوڙي هيٺ اڇلائي/لاهي ڇڏيا. حيرت جي ڳالھہ اها ٿي تہ ڏسندي ڏسندي ئي ٻہ نوجوان ڇوڪرا ۽ ٻہ خوبصورت انگريز ڇوڪرين بہ بنا ڪنھن ٻڌائڻ جي ئي اوچتو ٽپو ڏيئي سمونڊ ۾ ڌو وڃي ڪيو. اسان سڀني جا وات گودا ٿي ويا هيا تہ هي ڇا پيو ٿئي.
هي انگريز ايڏي تہ خود اعتمادي سان سمونڊ ۾ تري رهيا هيا جو اسان سڀ حيران ٿي وياسين. تہ يار مرد تہ مرد پر عورتون بہ پنھنجو مٽ پاڻ هيون. ايڏيون بھادر عورتون سمونڊ ۾ وهنجي رهيون هيون ۽ اسان مرد هوندي بہ ڊڄون پيا. ڇوڪرين کي فقط برا ۽ پينٽي پاتل هيئي باقي سڄي جسم تي ڪجهہ بہ نہ هيو.
هنن لاءِ اهو مسئلو ئي نہ هيو تہ هيترن مردن ۾ اهي سرعام وهنجي رهيون آهن. لائوڊ اسپيڪر تان اطلاع/اعلان ڪندڙ همراھہ اهو بہ اعلان ڪيو تہ،”ياد رکو تہ جنھن کي بہ وهنجڻ اچي، اهو ئي سمونڊ ۾ لھي باقي ٻيا نہ لھن، پر جيڪڏهن ٻين کي بہ وهنجڻ جو شوق آهي تہ اهي لائيف جيڪٽ پائي پوءِ لھن.“ ان اعلان کان پوءِ اسان جو دوست ڊاڪٽر بہ تيار ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو،”تہ يار مان بہ هيٺ وڃان ٿو وهنجڻ، اهڙا پيارا ماڻھو وهنجن ٿا، باقي اسان ڏوھہ ڪيو.“ ان کان اڳ ۾ جو ڊاڪٽر کي روڪيون، هن کي منع ڪيون، هن ڪنھن سان بہ صلاح ڪرڻ جي بغير ئي، جھاز جي مٿان ئي سمونڊ ۾ ٽپ ڏيئي ويھي رهيو ۽ اسان روڪيندي بہ نہ روڪي سگهياسين.
سو ڊاڪٽر جي ان فيصلي اسان کي ڇرڪائي ڇڏيو هو. اسان اڃان ان ٻڏتر ۾ ئي هئاسين تہ ڊاڪٽر اوچتو جھاز مان سمونڊ ۾ ايڏو تڪڙو ٽپو ڏنو جو وڃي ذري گهٽ انھن ٻنھي انگريزياڻين سان ٽڪرايو. ان تي اسان بہ مٿان رڙيون ڪري چيو تہ،”ڊاڪٽر خيال ڪر، ڪٿي وڃي ٽڪر هنيو ٿئي.“ ڊاڪٽر کي ڄڻ خبر نہ چار.
سو هن پاڻيءَ جي ٽٻي مان فارغ ٿي مٿي منھن ڪڍي چيو تہ،”ڇا ٿيو“؟ چيوسين تہ،”ڊاڪٽر! ٿورو پوئتي ڏس.“ ڊاڪٽر جيئن ئي پوئتي مُڙي ڏٺو تہ هن سان بلڪل گڏوگڏ اهي ٻيئي انگريزياڻيون مرڪي، ڊاڪٽر کي گهوري رهيون هيون. ڊاڪٽر کي ان ٽپي مان اهو فائدو ضرور ٿيو هو تہ انگريزياڻين سان جيڪي مرد هيا اهي ڊاڪٽر جي ٽپي ڏيڻ مھل ئي سمجهي ويا هيا تہ همراھہ نئون تيراڪ بہ آهي تہ شوقين مڙس بہ. ڊاڪٽر جو مطلب ئي اهو هيو. سو هو پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ويو هو. پر مان سچ تہ حيرت ۾ پئجي ويو هيس ۽ ڊاڪٽر کي سمونڊ ۾ ترندو ڏسي مون جاني کي چيو تہ، ”يار جاني، ڊاڪٽر کي ترڻ اچي ٿو. وڏي ڳالھہ آهي هو سمونڊ ۾ وهنجي ٿو، اسان وهنجون تہ ٻڏي مرون.“ جاني ڳالھہ کي سمجهي ويو هو، ان ڪري هن کلندي جواب ڏنو تہ،” سائين! ڊاڪٽر وڏو تارو آهي. ان ڪري ڇڏيوس ڀلي پيو مزو وٺي.“

جانيءَ جي سمونڊ ۾ ترڻ جي غلطي

هاڻي جڏهن ڊاڪٽر سمونڊ ۾ وهنجڻ جي همت ڪئي هئي تہ اسان جي جاني کي بہ اچي مستي چڙهي، هن کي بہ شوق جاڳيو. جاني کي ساڙ ٿيو تہ ڊاڪٽر انگريزياڻين سان وهنجي سگهي ٿو تہ اسان ڇو نہ. اسان بہ ڪنھن کان گهٽ تہ ڪونہ آهيون. سو هن کي وهنجڻ جو واءُ زوري گهلڻ لڳو ۽ هن جي دلي خواهش ڪر کنيو ان ڪري هن مون سان صلاح ڪندي پڇيو تہ،”سائين مان بہ وڃانوَ ٿو هيٺ سمونڊ ۾.“ جيتوڻيڪ مون هن کي جهليو هو تہ،” بابا نہ، تنھنجي اسان جي جاءِ ناهي، هي سمونڊ آهي، نہ ڪي درياءُ، ڍنڍ يا ڪو ڍورو.“ جاني جو زور هيو تہ مان بہ هيٺ لھان. پر مان پاڻ ۾ اها سھپ نہ پيو سمجهي سگهان تہ مان هن سمونڊ ۾ وهنجي سگهان ٿو. ڇو تہ اسان کي ترڻ نہ ايندو آهي. نہ ئي پاڻ ڪڏهن ڪنھن شاخ يا ڍنڍ ۾ ئي تريا آهيون. درياءُ تہ پري جي ڳالھہ آهي. هي تہ وري بہ سمونڊ هيو.
سو مون دوست کي منع ڪئي تہ،”مان نہ لھندس.“ جيتوڻيڪ ڊاڪٽر پاڻي مان ڪيترا دفعا سڏ ڪري چيو تہ،” اچ نہ ادا وڏو مزو لڳو پيا.“
مون چيو، تہ ”نہ ادا اسان جي وس ۽ وت کان ٻاهر آهي.“
سو اسان تہ هٿ کڻي وياسين. پرتاب بہ وهنجڻ جي فن کان واقف هيو پر هو بہ خبر ناهي ڇو نہ لٿو. هن بس سڀني کي صاف انڪار ڪري ڇڏيو هو. اهي سڀ جھاز جي پاسي ۾ ئي پويان وهنجي رهيا هيا. جھاز جو عملو انھن جي ويجهو بيٺل هيو. متان ڪنھن سان ڪو مسئلو نہ ٿئي. انھي دوران جاني اوچتو ئي اوچتو ٽپو ڏنو.
جيتوڻيڪ هن کي لائيف جيڪٽ پاتل هئي. پر هن جا بٽڻ چڱي طرح ٻڌل نہ هيا. ان ڪري سمونڊ ۾ ٽپي ڏيڻ کان پوءِ ان لائيف جيڪٽ جو بٽڻ هڪڙي پاسي کان کلي ويو ۽ هن جا بٽڻ نڪري ويا. ان کان علاوہ جاني جو سمونڊ ۾ وهنجڻ جو هي پھريون تجربو هو. سمونڊ جي پاڻيءَ ۾ زور هيو، وهڪرو تيز هيو. ان ڪري هڪ ڌڪ سان ئي سمونڊ جو پاڻي جاني کي پوئتي ڌڪي ويو. مون زوردار رڙ ڪري ڊاڪٽر کي چيو تہ،”ڊاڪٽر جاني کي پڪڙ، هو ٻڏي ٿو.“ پر شايد منھنجو آواز ڊاڪٽر تائين نہ پئي ويو. مون رڙ ڪري چيو تہ،”جاني! جاٺا را مارا را، جاٺا را مارا را.“
جاني کلي چيو تہ ” سائين! پيرارا کپارا، تہ جاٺارا مارارا، جاٺارا ڪٿون مارارا، هتي سر ٿو وڃي، توهان کي جاٺي جي پئي آ.“ سمونڊ ۾ ڪٿان جاٺو لڳي ۽ ڪٿان پير کپن. سو جاني هاڻي مسئلي ۾ گهيرجي ويو هو. هو هڪڙي هٿ سان جيڪٽ جي نڪتل ڪلپ کي ٻڌڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو تہ ٻي هٿ سان پاڻي کي ڌڪي پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هيو.
مون مسلسل رڙيون پئي ڪيون تہ جاني کي بچايو. جاني کي پڪڙيو، جاني کي رسو ڏيو، پر مان مٿي هيس. منھنجون رڙيون ڪو بہ نہ پيو ٻڌي. جاني جي ڀرسان يعقوب جھاز جي اسٽاف جو ماڻھو هيو. هن کي رڙ ڪري چيم تہ،”جاني کي بچايو هو ٻڏي ٿو.“ جاني جي وات ۾ سمونڊ جو پاڻي غوطي کائڻ جي ڪري، پيٽ ۾ اندر داخل ٿي چڪو هيو. جاني جھاز کان پري ٿيندو پئي ويو.
پر هو پاڻ کي بچائڻ جي مسلسل جدوجھد ڪري رهيو هو. پوءِ منھنجي رِڙين جي ڪري يعقوب جھاز جو رسو جاني کي اڇلائي ڏنو. جاني جو هٿ رسي تائين نہ پھچي سگهيو، رسو وڃي پاڻي ۾ ڪريو. هن وري ٻيھر رسو جاني تائين اڇلايو. هن دفعي جاني جو هٿ رسي ۾ پئجي ويو هو.
جاني رسي کي ڇڪيندي، آهستي آهستي اچي جھاز جي ڏاڪڻ تائين پھتو. ڏاڪڻ کان چڙهي آيو. مون جاني کي سمجهايو تہ يار ائين ٽپو ڏنئي ٻڌائي بہ نہ. هي سمونڊ آ، ڪو درياءُ، يا سمئنگ پول ناهي. پوءِ تہ ڏاڍي پريشاني ٿي هئي.
وڏي ڳالھہ تہ انڊين ڊاڪٽرن مان هڪڙي ڊاڪٽر پڻ ٽپو ڏنو هو، جنھن کي پڻ بچايو ويو هو. هن ٻڌايو پئي تہ هن بہ سمجهيو تہ پاڻي ننڍو آهي، پر جڏهن هن سمونڊ ۾ ٽپو ڏنو تہ پاڻي ۾ ايڏو زور هيو، جو پاڻي هن کي زوري ڌڪيو پئي ويو. جنھن جي ڪري هن رڙيون ڪيون. پوءِ وڏي جدوجھد کان پوءِ اسٽاف هن کي بچائي ورتو هيو. مان سمجهان پيو تہ جيڪڏهن ھہڙن جھازن ۾ ماهر اسٽاف نہ هجي تہ روز ماڻھو ٻڏي مرن.
ٿوري دير کان پوءِ ڏٺوسين تہ ڊاڪٽر ۽ پرتاب ان پوڙهي انگريز ديو جي محبوبا سان ننڍڙي ٻيڙي ۾ چڙهي پريان جبل ڏي وڃن پيا. مون کي ڏاڍو ارمان ٿيو تہ ڪاش هنن سان گڏ مان بہ وڃان ها. ٻنھي دوستن مون سان ويساھہ گهاتي ڪئي هئي. مون کي صلاح ئي نہ ڪيائون. ڊاڪٽر کي تہ تمام وڏو موقعو هو. پر پوءِ واپسي ۾ خبر پئي تہ ڊاڪٽر ۽ پرتاب ٻيئي ان ٻيڙي ۾ واپس اچن پيا. مون رڙ ڪري ڊاڪٽر کي چيو تہ،” هوءَ ڪاڏي ويئي؟“
ڊاڪٽر چيو تہ ’’رستي ۾ ئي لھي ٻي ٻيڙي ۾ چڙهي پئي.“
مون رڙ ڪري چيو تہ،”ڊاڪٽر ضرور تنھنجي ڪا شرارت هوندي نہ تہ هوءَ تہ وڏي ڪو آپريٽو آهي.“
اسان جي ٽھڪن کي پوڙهو آسٽريلين محسوس ڪري، انجواءِ ڪري رهيو هيو. هو ڪٿي بہ لٿو نہ هيو ۽ ڪٿي بہ سمونڊ جي پاڻي جو مزو نہ ورتو هو. هو بس ان هڪڙي ئي جاءِ تي ويٺل هيو. جنھن جو هن بعد ۾ سبب ٻڌايو تہ هن جي گوڏن جو آپريشن ٿيل آهي. ان ڪري هو لھي چڙهي نہ ٿو سگهي.
هن شاندار ٽوئر کان پوءِ جڏهن جھاز واپس ٿيو تہ واپسي ۾ ٻہ انگريز اٿي بيٺا. سڄي جھاز جي عملي جي لاءِ ٽپ /چندو گڏ ڪرڻ لڳا ۽ اسان وٽ بہ پھتا تہ توهان بہ شيئر ڪيو.
اسان بہ ان ڪار خير ۾ بھرو ورتو. ڇو تہ ان ۾ ڪو شڪ نہ هو تہ هن جھاز جو اسٽاف انتھائي ڪو آپريٽو، محنتي ۽ سچو هيو. اهڙي ريت واپسي ۾ بہ ساڳي ئي وين آئي کڻڻ.
اسان جو دوست ٿلھو وين ۾ بہ اسان سان چرچا،کل ڀوڳ ڪري رهيو هو. وين وارو سڀني کان آخر ۾ اسان کي اسان جي هوٽل جي اڳيان ڇڏيو. هي ٽرپ رسڪي ضرور هيو، پر پوءِ بہ دوستن کي وڏو مزو آيو.

سي اينجل ٽاپ سڃو سامونڊي جھاز

ٻي ڏينھن اسان کي وري ڦي ڦي آئلينڊ وڃڻو هو. ان ڪري ان ڏينھن ئي ان ساڳي عورت کان هن ڦي ڦي آئيلينڊ ٽرپ جون بڪنگ ٽڪيٽون وٺي ڇڏيون هيون. اسان هي ٽڪيٽون بہ هن عورت کان ورتيون هيون، ڇو تہ اسان کي ائين پڪ هئي تہ جيمز بانڊ آئلينڊ جي ٽرپ دوران جھڙو شاندار مزو ۽ تجربو ٿيو، سو ساڳيو هتي بہ ٿيندو پر هتي ڳالھہ ابتڙ هئي.
پاڻ کي صبح جو وين وارو اسان جي هوٽل کان هتي کڻي آيو هو. هن وين ۾ هڪڙي انڊين فيملي بہ هئي، جن سان هڪڙو 10 ٻارنھن سالن جو ٻارڙو بہ هيو. هن جو پيءُ ٿلھو نوجوان هيو ۽ هن جي ماءُ وچٿري هئي، نہ سنھي نہ ٿلھي، البتہ ٿلھائڻ جي ويجهو هئي ۽ سنھي هئڻ جي ڪيٽيگيري کان ٻاهر هئي.
هي انتھائي ڊيسينٽ انڊين فيملي هئي، جيڪا اسان سان هن سفر ۾ گڏ هئي. هن بندرگارھہ ۾ تمام گهڻي رش هئي. مطلب تہ هزار کن ماڻھو نظر پئي آيا. مون کي لڳو تہ اڄ تہ واھہ جو مزو ٿيندو ڦي ڦي آئلينڊ پھچي وڏو مزو ڪنداسين. پر هتي بہ اهو ئي ڌوڪي وارو سلسلو روا هيو.
هتي پھچڻ کان پوءِ ان وين واري حرامي نوجوان ڊرائيور جيڪو موالي لڳي رهيو هو (حرامي ڇو لکيم، ان جو احوال توهان کي اڳيان ٻڌائيندس). هن اسان کي اشارو ڪندي چيو تہ،”مان هتي ئي گاڏي پارڪ ڪيان پيو. توهان مون سان ڦي ڦي آئلينڊ جي ٽرپ کان پوءِ واپسي ۾ هتي ئي اچي ملجو.“
هٿن جي ڪاراين جي جاءِ بدران، شرٽن تي چنبڙندڙ اسٽيڪر”سي اينجل“ جا لڳايا ويا هيا تہ جيئن ان مان ظاهر ٿئي يا سڃاڻپ ٿئي تہ اسان ڪھڙي جھاز جا ماڻھو آهيون ۽ اسان جو ڪھڙي جھاز سان تعلق آهي؟. هي جھاز ان پوئين جھاز کان بہ وڏو بحري جھاز هيو. جنھن جاٽي طبق هيا. هڪڙا سڀ کان هيٺ جتي جھاز جي انجڻ جو حصو هوندو آهي، جنھن ۾ جھاز جو سامان وغيرہ رکيل هوندو آهي. پر هنن ان حصي کي بھترين نموني سان سينگاري سنواري ڇڏيو هو. ان کي بلڪل سينيما هال جيان ڪري ڇڏيو هو. ان پٽ تي ڪيتريون ئي ڪرسيون لڳل هيون، جيڪي پاسي ۾ جھاز جي درين کان ٿورو هيٺ هيون. جنھن جي ڪري جھاز جي اندران سمونڊ جي پاڻي جو منظر نہ پيو ڏسي سگهجي. سامھون کان ايل سي ڊي لڳائي وئي هئي.
هن هال ۾ تقريبن سو کان ٻہ سو ماڻھو هيا، جنھن ۾ مرد، پوڙها، جوان، عورتون، ٻارڙا جن جو مختلف ملڪن سان تعلق هيو. جنھن ۾ انگريز، عرب، انڊين، پاڪستاني، سريلنڪن ۽ ٻيا ملڪ وغيرہ اچي وڃن ٿا. سو پاڻ جھاز جي پائليٽ جي پوئين پاسي کان ئي کاٻي پاسي ويٺا هياسين. هي حصو سڄو بند هيو، سواءِ پويان ڏاڪڻ جي، جتان ماڻھو جھاز جي مٿين حصي ۾ وڃي سگهيو پئي. اهو پويون حصو کليل هيو، جتي واش روم وغيرہ بہ ٺھيل هيا.
جھاز جيئن ئي هلڻ لڳو تہ هڪڙو ٿائي پوڙهو نمودار ٿي سڀني مسافرن جي اڳيان مائيڪ پڪڙي، انائونسمينٽ ڪندي سڀني سياحن کي ڀليڪار ڪئي.
ان کان پوءِ هن جو ڀاشن شروع ٿيو، جيڪو بور ڪرڻ لڳو. ساڳيو ئي ڦرڻ، لٽڻ ۽ ڦر ڦران واري ڪار. پنھنجي ٽڪيٽ کي اپ گريٽ ڪرايو. ڪو مٿين طبقي ۾ وڃڻ چاهي تہ وڃي سگهي ٿو. ان لاءِ هن کي ايڪسٽرا پئسا ڀرڻا پوندا. هي جھاز جيترو وڏو جھاز هيو، هن ۾ حرامي پايون بہ اوتريون ئي گدي گدي ڀريون ويون هيون. هن ۾ نہ پاڻي، نہ ناشتو، نہ ئي ڪو ريفريشمينٽ. جنھن کي ناشتو ڪرڻو هيو تہ اهو پنھنجي پئسن سان مھانگو ناشتو هن جھاز جي بيھودي عملي کان خريد ڪري سگهي پيو.
جھاز جو ٻيو حصو بہ هيو، جيڪو کليل کليل هيو. جتي بہ ايترا ئي ماڻھو هيا. پر مٿين طبقي وارا ماڻھو کليل سمونڊ جو مزو لائيو وٺي سگهن پيا. ٿوري دير کان پوءِ هتي هڪڙي ڪاري رنگ جي اڌڙوٽ ٿلھي بيڊولي عورت بہ اونده ۾ ڪارو چشمو پائي نڪري نروار ٿي، جنھن جي هٿ ۾ ڪو ڪا ڪولا جي جمبو سائيز واري بوتل هئي، هو ٿوري ٿوري بوتل پلاسٽڪ جي گلاس ۾ لاهي ان مسافر کي ڏيندي پئي وڃي، جنھن کي گهرج هئي يا جيڪو گهري پيو.
ان سان گڏ جنھن کي چانھہ کپي پئي تہ گرم پاڻي واري ٿرماس مان هن کي پلاسٽ جي گلاس ۾ ٽي بيگ وجهي، ان ۾ گرم پاڻي لاهي پئي ڏيئي. مطلب تہ ماحول مزيدار ۽ سازگار نہ هيو. هر ڪو خاموش خاموش هيو. ڪا چھل پھل ڪانہ هئي. هتي ڪا رونق نہ هئي. ٿوري دير کان پوءِ جيئن جھاز چرڻ شروع ڪيو تہ ماڻھن کي الٽيون اچڻ لڳيون ۽ جڏهن تيز ٿيو ۽ سمونڊ بہ پنھنجي مستي ۾ اچي جھاز کي لوڏڻ لڳو تہ ويتر ماڻھن جا اوڪارا هيا.
سمونڊ جون ڇڙواڳ ڇوليون اسان جي پاسي وارن شيشي جي درين سان ٽڪرائجي اهو تاثر ڏيئي رهيون تہ ٻاهر موسم تمام خراب آهي. سمونڊ کھرو آهي. ان ڪري هن جھاز جي لوڏن اڃان بہ گهڻن جي طبيعت خراب ڪري وڌي. ڪيترائي ئي ٻار ۽ عورتون الٽون ڪري ڪري بيزار ٿي پيا.
وري جھاز جڏهن مٿي وڃي هيٺ سمونڊ جي ڇولي ۾ ڪري پيو تہ ويتر اڃان بہ جسم کي تڪليف ٿئي پئي. سو جيئن تيئن ڪري ڪلاڪ ٻن جي هن پنڌ کي پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئيسين. ان لاءِ اکيون ٻوٽي، ڪلمو پڙهي، ﷲ ﷲ ڪري اکيون ٻوٽي ليٽي پياسين. نيٺ اچي ڦي ڦي آئلينڊ جي بندرگاھہ سان جھاز لڳو ۽ اسان رب پاڪ جو شڪرادا ڪندي دل ئي دل ۾ چيوسين تہ،”مرسون مرسون ول نہ آسون .“

ڦي ڦي ٻيٽ تي مانجهاندو

جڏهن ڦي ڦي آئلينڊ جي بندرگاه تي پير پاتوسين. هتي جنھن پاسي بہ اسان نگاھہ ڦيرائي ڏسون پيا، اتي رڳو پاڻي ئي پاڻي هيو. ان کان علاوہ هتي سمونڊ جي ڪنارن تي ناريلن ۽ کجين جا قدآور وڻ دلربا انداز ۾ بيٺل هيا. صفائي سٿرائي جو شاندار بندوبست هيو، بھترين ۽ معياري قسم جون فائيو اسٽار وڏيون وڏيون هوٽلون، جنرل اسٽور، وڏا وڏا دڪان. بسن/ڪوچز جون آفيسون، فاسٽ بوٽ ۽ ٽريول ايجنٽن جا دڪان ۽ بھترين شراب خانا کليل نظر آيا. اهي سڀ شيون هتان جي ماحول کي کنيو بيٺا هيا. انگريزن ۽ عربن جي اچڻ جو ڪارڻ ئي اهي رولاڪيون ۽ عياشيون هيون. ٻيو ڪجهہ بہ نہ.
پاسي ۾ اوچا اوچا پھاڙ آسمان سان محو گفتگو هيا. انھن پھاڙن تي سائي رنگ جي ڪمبل بہ واھہ جو نڀايو هو، هر طرف ساواڻ ۽ ساوڪ جي سونھن انھن جبلن کي ماڻھن جي توجھہ جو مرڪز بڻائي ڇڏيو هيو. ان ۾ ڪو شڪ نہ هيو تہ هي ٻيٽ انتھائي خوبصورت، موهيندڙ ۽ دل جي دنيا کي آباد ڪرڻ جو مرڪز هيو. صاف شفاف سمونڊ جو پاڻي ۽ سونھن جا جلوہ اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هيا تہ اسان صحيح جاءِ تي پھتا آهيون.
پر چوندا آهن تہ ”بک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري“، سو پاڻ هينئر داناءَ مان ڦري ديوانا ٿي چڪا هياسين. ان ڪري پيٽ جي ڳڻتي گهمڻ واري سوچ تي وڌيڪ حاوي هئي. جھاز جي اسٽاف جي اشارن سان پاڻ ان هوٽل جي ٻين ماڙ تائين لنچ ڪرڻ پھچي ويا هياسين، جتي لنچ جو سٺو بندو بست ٿيل هيو. جنھن کي جتي سيٽ ملي اتي ئي ويھي رهيو.
تمام گهڻي رش هئڻ جي ڪري، هر ڪو پنھنجي منھن سان هيو. مان ۽ ڊاڪٽر گڏ هياسين. جاني ۽ پرتاب پنھنجي منھن سان ويھي پيٽ پوڄا ڪري رهيا هيا. نيٺ پاڻ کي پليٽن، چمچن ۽ ڪراڪري واري ٽيبل بہ نظر اچي وئي. هتي بوڦي سسٽم وارو ماحول هيو. مون پليٽ کڻي کليل ديڳڙين/هنڊين مان هڪ ٻن ايٽمن مان ٿورو ٿورو پليٽ ۾ لاهي ورتم. هي انگلش ٽائيپ کاڌو هيو. خاص ڪري انگريزن لاءِ. ايشين لاءِ گهٽ هيو.
ان حساب سان اسان جي کائڻ جون شيون گهٽ هيون. مون ننڍڙا ننڍڙا دال جا ڪجهہ سنبوسا پنھنجي پليٽ ۾ وڌا، اڳيان سائي ڀاڄي مڪس جو ٻوڙ بہ پيو هيو. هن کي بہ دل سان قبوليوسين. جيتوڻيڪ مان قبوليو نہ آهيان. پاسي ۾ سفيد چانور بہ هيا، اهي بہ ٿورا پليٽ ۾ لاٿم. پاسي کان ئي هڪڙو اسٽول خالي پيو هو. ان تي ئي ويھي رهيس. منھنجي سامھون هڪڙو جهونو گوڏ ٻڌل همراھہ ويٺي چانور ٻوڙ پئي کاڌا. هي جهونو مون کي اسان جي جھاز ۾ مليو هيو. جيڪو اسان جي جھاز جي پويان واري حصي ۾ ڏاڪڻن جي ويجهو واري سيٽ تي ويٺو هيو. مون جيئن ئي پليٽ ٽيبل تي رکي جيڪا هن جي اڳيان هئي ۽ منھنجي پليٽ تي چانور ٻوڙ ڏسي هن سمجهيو تہ ڪو مان بہ چانورن جو وڏو شوقين آهيان ۽ هن جي ديس جو آهيان الائي ڇا؟. سو هن مون کي سلام ڪندي پنھنجي ڪنھن عجيب ٻولي ۾ ڪجهہ چيو، جيڪو منھنجي مٿان گذري ويو.
سو هن کي احترام سان وراڻيم،”تہ چاچا ! مون کي چانور-ٻوڙ سان ڪا دلچسپي ناهي، بس بک تپايو آهي، مان اصل ۾ پاڪستاني آهيان، توهان.“ هن جواب ڏنو تہ معاف ڪجو مان تامل آهيان. منھنجو تعلق سري لنڪا سان آهي. مون سمجهيو تہ توهان بہ تامل آهيو، ان ڪري توهان چانور ٻوڙ کائو پيا، سو اهو ئي سبب هيو جو مون توهان سان پنھنجي ٻولي ۾ ڳالھايو.“
مون چيو تہ خير آ ڪو مسئلو ناهي، پر مون کي بک گهڻي لڳي آهي ڇو جو شگر جو مريض آهيان، اجازت ڏيو تہ ڀوڄن ڪري وٺان.“ هن مسڪرائي چيو تہ ”جھاز اسان جا لاھہ ڪڍي ڇڏيا.“
مون هن کي ٻڌڻ بنا ئي سنبوسو کڻي وات ۾ وڌو. سنبوسو گرم هيو. وات سڙي پيو هو. مٿان وري ڏٺم تہ ڊاڪٽر بہ ساڳن سنبوسن سان پليٽ ڀري کڻي آيو آهي. منھنجي پاسي ۾ ئي خالي اسٽول رکيل هيو. هو اتي ئي ويھي رهيو. پوءِ تہ ماني جو مزو ئي دوبالا ٿي ويو. جيتوڻيڪ کاڌي جي ٽيبل تي ڪيترا ئي آئٽم پيل هيا، پر ماڻھو ڪيترو کائيندو، بس ٿوري دير کان پوءِ پيٽ ڀرجي ويو. ڊاڪٽر کي چيم،”ڊاڪٽر! هلون.“ ڊاڪٽر چيو،”جي ها اچو تہ هلون. ماني اسان جي مزاج جي نہ آهي. بس مڙئي بک کان بصر ڀلا.“

مٺو ڪونھي ڇا...؟

ان مانجهاندي ۾ نہ مٺو هيو، نہ ئي ڪولڊ ڊرنڪ، نہ ئي ڪو فريش جوس ۽ نہ ئي وري اسان وانگي کاڌي کان پوءِ چانھہ. هڪڙي انڊين عورت تہ رڙ ڪري ويٽر کان پڇيو تہ،” مٺي ۾ ڇا آهي؟“ هن ويٽر نہ سمجهيو هيو ۽ هن ڪو بہ جواب نہ ڏنو هيو. ان ڪري هن وري ٻيھر رڙ ڪري هن کان ڪاوڙ ۾ پڇيو”مار پويو! مٺو ڪونھيو ڇا منھنجو مطلب ڊزرٽ.“
تہ هن جي جواب ۾ ويٽر چيو تہ ”نو ڊزرٽ اونلي لنچ.“
ان تي وري پوڙهي عورت غصي ۾ چيو تہ،”هيڏا پئسا ورتا ٿو، مٺو نہ، تہ ڪا ڪولڊ ڊرنڪ، ڪو جوس، ڪا آئس ڪريم، ڪجهہ بہ نہ، صفا نڀاڳا آهيو.“
ويٽر هن ڏي ڪاوڙ مان گهوري ڏٺو، ان مھل تہ ڪاوڙ پي وئي پر دل ئي دل ۾ هن کي ضرور چيو هوندائين تہ،”پوڙهي رڳو تون ئي مٺو مٺو پئي ڪرين، ٻي ڪنھن تہ پڇيو بہ نہ.“ اهڙن جذبن جو اظھار ڪندي هوءَ پليٽون کڻي هلي وئي هئي. هن منجهند جي مانيءَ ۾ سلاد ۽ رائتو وغيرہ هيو، پر سلاد بہ اسان جي سواد جو ۽ اسان جي مزاج جو نہ هيو.
منجهند جي مانيءَ کان پوءِ اسان کي چيو ويو تہ،”توهان وٽ ٻہ ڪلاڪ کن آهن، توهان گهمي ڦري سگهو ٿا. ياد رکو هتي هر شي پئسن جي آهي، جھاز جي طرفان ٻيو ڪجهہ بہ فري ۾ نہ آهي.“ سو اسان لنچ ڪري هوٽل کان هيٺ لھي سامونڊي ساحل جو رخ ڪيو سين.

ڦي ڦي ٻيٽ جا موهيندڙ نظارا

سمونڊ جي ڪناري سان ڪيتريون ئي ڪاٺ جون وڏيون ٻيڙيون Long boats لنگر انداز ٿيل نظر آيون هيون. انھن ٻيڙين تي انگريزي ۾ مختلف نالا پينٽ ٿيل هيا. جيئن PPB 021 Sea Smile Group، ان سان گڏ ٻي ٻيڙي بيٺي هئي، جن تي پنن جي گلن وارا رنگين هار پيل هيا. ان تي انگريزي ۾ لکيل هيو؛ PPB 111 Sarida.
ٻيڙين جي پاسي ۾ سمونڊ جي ڪناري تي سيمينٽ واري ديوار تي ڪي انگريزياڻيون ۽ انڊين ڇوڪريون پنھنجن اڌ اگهاڙن جسمن جون نمائش ڪري رهيون هيون. پاسي کان وري هوٽلن جي اڳيان ڪکن ڪانن جون جديد فينسي نموني واريون جهوپڙيون بہ ٺھيل هيون، جن جي هيٺان ڪاٺ جون ڪرسيون سجائي رکيون ويون هيون، هي ڪرسيون بانس جي لڪڙن مان ٺاهيون ويون هيون. ڪٿي ڪٿي تہ هوٽلن جي اڳيان سامونڊي ڪناري سان، ناريلن جي وڻن جي هيٺان تہ صوفا پڻ رکيل هيا. جيڪو بہ ماڻھو ٻاهرويھي ماحول جو مزو وٺڻ چاهي تہ وٺي سگهي پيو. مون مٿي جو نگاھہ ڪئي تہ موسم بھاران ۽ مھربان هئي. آسمان ڪڪرن جي گهيري ۾ لُٽجي ويو هو. ڪارا بادل هن ڌرتيءَ تي مسڪرائي هڪٻئي سان راند روند ۾ مست هيا.
بيچ ۾ بھاري لڳي پئي هئي. واھہ جو ميلو لڳل هيو. هر طرف بتيلا، جديد مشينن وارا پاڻي جا ننڍا توڙي وڏا جھاز نظر پئي آيا. جاني ۽ ڊاڪٽر بہ انگريزن جي ڪلچر جي پوئواري ڪندي پنھنجون شرٽون لاهي ڇڏيون هيون. پنھنجا سينا تاڻي ائين هلي رهيا هيا. ڄڻ ڪي پھلوان ڪا ملھہ ماري آيا هجن. هنن جوانن جون ڪشاديون ڇاتيون نہ هيون، ڄڻ تہ ڪي ڪاتيون هيون. ان اهو ممڪن هيو تہ ڪٿي مغرور ناريون هنن کي هاءِ جيڪ نہ ڪري وڃن. اسان ائين ئي پنڌ ڪندا، اڳتي سامونڊي ڪناري ڏانھن وڌي رهيا هياسين. ڇو تہ هن موسم ۾ اسان کي سمونڊ جي ڇڪ ٿي رهي هئي.
سامھون کان ڏٺوسين تہ ٽوٻن جو دڪان آهي. جن وٽ آڪسيجن گئس جا سلينڊر پيا آهن. دڪاندار پاڻي ۾ تيراڪيون ڪرائڻ لاءِ چئن نوجوانن کي پٺن تي آڪسيجن (ساھہ کڻڻ وارا) سيلينڊر ٻڌي، هنن کي هدايتون ڏيندي تياري ڪرائي رهيو هو. اسان بہ انھن جي مٿان اچي بيھي اهو تماشو ڏسڻ لڳاسين تہ ڏسون هي پنجابي ڇورا ڪيئن ٿا سمونڊ ۾ تيراڪي ڪن.
هي نوجوان پاڻ ۾ پنجابي ۾ ڳالھائي رهيا هيا. سمونڊ جي جنھن ڪناري تان هنن کي لاهن پيا. اتي سيمينٽ جي وڏي ڏاڪڻ هئي، جنھن جي ڏاڪن تي هي ڇوڪرا ويٺا هيا. پريان ٿوري نگاھہ وڌيسين تہ حيران ۽ پريشان ٿي وياسين. ڇا ڏٺوسين تہ هڪڙي ننڍڙي ٻار کي زوري سمونڊ ۾ تيراڪي ڪرائي پئي وڃي. هي عمل ٻارِڙي جي مرضي جي خلاف هيو. ڇو تہ ٻارڙو ان تيراڪي مان لطف اندوز نہ ٿي رهيو هو بلڪ روئي پيو. هي اٺن ڏهن سالن جو ٻارڙو هيو. پر هن جي والدين جي مرضي هئي تہ هو غوطاخوري ڪري مزو وٺي پر ٻارڙو صفا موڊ ۾ نہ هيو. منھنجي ڪيمرا مسلسل ٻارڙي جي رڪارڊنگ ڪري رهي هئي. پر ٻارڙو روئي رهيو هو ۽ هن جو گائيڊ هن کي پنھنجي هٿن سان پڪڙي سمونڊ جي تيراڪي ڪرائي رهيو هو. مون کي ان گائيڊ تي ۽ ان جي والدين تي ڏاڍي ڪاوڙ پئي آئي، جاني بہ ان ڳالھہ سان متفق هيو تہ ائين ٻارڙي کي هن جي مرضي بنا سمونڊ جي پاڻي تي گائيڊ جي حوالي نہ ڪرڻ گهرجي.
خير جڏهن ٻارڙي روئڻ کان بس نہ ڪئي ۽ مسلسل احتجاج ڪندو رهيو تہ نيٺ ٻارڙي کي هن پاڻي مان ڪڍي ٻاهر آندو ويو. پر ٻارڙو پاڻيءَ کان ٻاهر نڪرڻ جي باوجود بہ روئي رهيو هيو. جنھن مان اهو اندازو ڪري سگهجي پيو تہ ٻارڙي کي سمونڊ جي پاڻيءَ مان ڪيڏو ڊپ پئي لڳو.
پنجاپي ڇوڪرا هاڻي سمونڊ ۾ لھڻ لاءِ سندرو ٻڌي تيار ٿي بيٺا هيا. انھن پٺين جي پويان آڪسيجن جا سلينڊر لڳائي وات ۾ ساھہ کڻڻ وارا آلات بہ لڳائي چڪا هيا.
هن قسم جي تيراڪي ڪرڻ جي بہ ڪافي وڏي ٽڪيٽ هئي، جيڪا هر ڪو ماڻھو افورڊ نہ پيو ڪري سگهي. جڏهن انھن چئن ئي ڄڻن کي پاڻي ۾ لاٿو ويو تہ انھن مان ٽي ڄڻا تہ ظاهري طور تي خوش نظر اچي رهيا هيا، پر هڪڙو منجهيل منجهيل پئي لڳو.
پرگائيڊ ان ڇوڪري کي بہ هيٺ لاٿو. هڪڙي گائيڊ وٽ ٻہ ٻہ ڄڻا هيا، جيڪو ٻنھي کي پٺاڻن کان وٺي سمونڊ ۾ ائين ڪاهي وڃي پيو جيئن ڪو هاري ٻن ڏاندن جي وچ ۾ ڏاندن کي جهلي هلندو آهي. گائيڊ سمونڊ ۾ مٿاڇري تي انھن کي ٿورو اڳيان وٺي سمونڊ جو مزو وٺرائي رهيو هو. هن چئن ئي ڇوڪرن کي تيراڪي وارو ڪاري رنگ جو سوٽ پارايو ويو هو، جنھن جي ڪلھن تي ڦڪي رنگ جو مونو سلائي ٿيل هيو. ڇورا سمونڊ ۾ لھڻ کان پوءِ ڊپ ۾ وڪوڙجي ويا ها. جيڪڏهن گائيڊ رڳو هٿ ڪڍين ها تہ هو ايڏيون رڙيون ڪن ها جو سڄو ڦي ڦي آئلينڊ ٻڌي ها. اسان ان سڄي تماشي جو مفت ۾ مزو وٺي لطف اندوز ٿي رهيا هياسين. سانون ڪي...

ڦي ڦي ٻيٽ جون ڪاروباري عورتون

ايئن ئي گهمندي گهمندي اڳتي هلي ڏٺوسين تہ هڪڙي وچولي عمر جي عورت، جنھن کي مٿي تي ڪاري رنگ جو اسڪارف/رئو اوڍيل هيو، جيڪا ريڙهي تي پلاسٽڪ جي گلاسن ۾ ڇولا، دهي بڙا، سنبوسا، پاپڙ وغيرہ ۽ ٻي ڪا شيءَ کپائي رهي هئي. هنن ريھڙن تي هر شي صفائي سان سجايل ۽ ڍڪيل هئي. ان کان اڳتي ٿورو هلياسين تہ ڏٺوسين نوجوان ڇوڪري جنھن کي مٿي تي سفيد رنگ جو اسڪارف ويڙهيل هيو، هوءَ مھانڊن ۾ ٿائي لڳي رهي هئي. ان اسڪارف جي مٿان هن کي انگريزن وارو ٽوپلو بہ پاتل هيو. هي مختلف شربت کپائي رهي هئي. هن وٽ مختلف پلاسٽڪ جي باٽلين ۾ شربت جا قسم پيل هيا، جيڪي هو پنھنجا گهران ٺاهي آئي هئي.
ان کان اڳتي هلياسين تہ هڪڙي ٻي گاڏي تي مختلف Souvenir رنگين پيا هيا، جنھن تي انگريزي ۾ لکيل هيو؛ Phi PhiKrabiThailand سمونڊ جي ڪناري تي جهوپڙيون ٺھيل هيون، جتي هوٽلن سياحن جي تفريح لاءِ وڏا وڏا نِيرن ۽ ڦڪن رنگن جا ڪُشن رکرائي ڇڏيا هيا. جتي ڪيئي حسين ماڻھو پنھنجو ٿاڪ ڪيو ويٺا هيا. ٿوري دير لاءِ انھن ڪشنن تي ٽيڪ ڏئي، انھن هوٽلن کان ڪجهہ گهرائي، پنھنجو ٿڪ ڀڃي، مزو وٺي وري اڳتي رمندا آهن. جوڳي نہ ڪنھن جا مٽ.
هتي اچڻ کان پوءِ ائين لڳو تہ هن آئيلينڊ ۾ ڪلاڪ ٻن جي گذارڻ جي ڳالھہ ئي ناهي. هتي تہ ماڻھو کي هڪ سڄي رات رهڻ کپي، هڪڙو سڄو ڏينھن رولاڪيون ڪرڻ لاءِ بہ پورو نہ پوي. سو هتي رات رهي هتان جي ماحول کي چڱي طرح ويجهڙائي کان ڏسجي. انھن نظارن کي ڏسندي اڳتي وڌياسين. پاڻ گهمي تہ نہ رهيا هياسين بلڪ پاڻ رلي رولاڪيون ڪري رهيا هياسين. ان کي ئي رلڻ چئبو آهي. مون کي تولا رام سوٽهڙ جي نظم جي هڪ سٽ ياد ٿي اچي تہ؛ ”آئون گهمندو گهٽ، ڀٽڪندو گهڻو آهيان.“
سو پاڻ بہ ان جيان اتي تي ڀٽڪي رهيا هياسين. ان کان علاوہ هتي جنھن دڪان جي سامھون بيٺا هياسين اهو ليڊيز جي ملبوسات/ڪپڙن جو وڏو دڪان هيو. جتي مختلف قسمن ۽ رنگن جا ڪپڙا پيل هيا. هن بيچ کي چار چنڊ لڳائڻ وارا، ناريل ۽ کجين جا وڏا وڏا وڻ، نيري سمونڊ جون ڇوليون ڏيندڙ پاڻي، مٿان وري سفيد ۽ نيري رنگ جي بادلن جو سنگم، واري تي پيل پلاسٽڪ جون ڪرسيون، ٽيبل ۽ انھن تي ويٺل خوبصورت ناريون، جن جا قدآور جسم ڏسي روح ۾ تازگي جو احساس جنم وٺي پيو.
سامھون کان Back Terrace Restaurant نظر آيو، جنھن جي ارد گرد وڏا وڏا کجي جا وڻ ۽ ڪاشني جا ٻوٽا بورڊ جي هيٺان نظر آيا. اڳتي هلياسين تہ ٻي هوٽل نظر آئي، جنھن جي بورڊ تي انگريزي ۾ لکيل هيو؛ Phi Phi Island Cabana Hotel . جنھن جو ماحول پڻ موهيندڙ هيو. سامھون کان ٻہ عدد هڪ ٻئي کان ٿورڙو پري، ننڍڙا شوپيس مندر مينارن سان نظر آيا، جيڪي فقط ڏسڻ ۽ اکين جي درشن لاءِ ئي سجايا ويا هيا. هي سمينٽ جا ٺھيل هيا.
سمونڊ جي ٻنھي پاسن کان سھڻا بھترين، ساوڪ ۽ مختلف گلن سان شرسار پارڪ هن ماحول کي کنيو بيٺا هيا. وچ تي تہ سنهڙا پيچرا، رومينٽڪ ماحول پيدا ڪري، عاشقن کي عشق ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ لاءِ آتا هيا. اتي ئي هڪڙو ريڙهي وارو آئس ڪريم کپائي رهيو هو، ان وٽ ڪافي رش هئي. دوستن جو خيال هو تہ هن کان آئس ڪريم کائي گرمي کي ڀڄائجي.
آئس ڪريم جو مزو ورتوسين. پاسي ۾ هڪڙو چرڙياڻ ٽائيپ ماڻھو نظر آيو، جنھن کي وڏو انگريزن جو ٽوپلو، اکين تي چشمو ، مختلف رنگن جا ڪپڙا (شرٽ تي ٿائيلينڊ لکيل هيس)، ڪاري رنگ جو بغل ۾ ٿيلھو، مشڪري ٽائيپ هن ماڻھو سان تصويرون ڪڍرايوسين. جنھن مذاق مذاق ۾ چيوتہ،” توهان کي تصويرن جا پئسا ڏيڻا پوندا.“ اسان بہ هن کي چيو تہ کوڙ پئسا. همراھہ جي ٻٽيھي ٻاهر اچي ويئي، کلندو اسان سان سيلفي ٺھرائيندو رهيو.
آئس ڪريم واقعي ئي سوادي هئي. مختلف فليور جي هن آئس ڪريم جو ذائقو سڀني دوستن کي وڻيو هيو. اسان جي آرڊر کان پوءِ ڪافي ٻيا بہ ماڻھو اچي ان اسٽال تي آئس ڪريم کائڻ جي غرض سان بيٺا هيا. هي بيچ ڪوڪو نٽ آئس ڪريم هئي. اڳتي هلياسين تہ هڪڙو دڪان نظر آيو جنھن جي اڳيان پينافليڪس جو بورڊ لڳل هيو.جنھن تي انگريزي ۾ ئي لکيل هيو.
Speed Boat From Phi Phi.
To Krabi ، Railay and Aonang جون هتان ئي ٽڪيٽون ملي سگهن ٿيون. ٽڪيٽ وٺڻ جو ٽائيم 10 وڳي صبح کان 10 لڳي 45 منٽن تائين هيو. هاڻي اسان جي واپسي جو ٽائيم ٿي ويو هو. پر انھن رولاڪين جي ڪري مون کي اڃ اچي ورايو هو، ڇو تہ مان اڃ جو صفا ناهيان. مون جاني کي پاڻي جي بوتلن لاءِ چيو. جاني هڪڙي دڪان تي ويو پر وري اتان واپس موٽي آيو، ڇو تہ هن اسٽور جا ريٽ ٻين دڪان وارن کان ڊبل هيا.
وري ٻي تان ساڳي ئي بوتل اڌ قيمت ۾ وٺي آيو. مطلب تہ هتي بہ هڪڙو اگهہ مقرر نہ هيو. توهان بارگيننگ ڪري سگهو پيا. اڳيان ئي پل تي هڪڙو نوجوان ڳاڙهي رنگ جي شرٽ ۽ بليڪ پينٽ سان گڏ ”انيتا رزورٽ“ جو بينر کنيو بيٺو هو. هتي ڪيتريون ئي بارون bars نظر آيون، جن وٽ شراب سرعام وڪامي رهيو هو.
”چينگ ڪلب هوٽل ريسٽورنٽ“ بہ اسان جي اڳيان هئي، جتان جو اسٽاب بار بار پڪاري رهيو هيو هو تہ هيڏانھن اچو. پر اسان جو پنڌ واپسي وارو هيو. هاڻي پاڻ واپس جھاز ۾ اچي چڪا هياسين. اسان کان اڳ ۾ ئي ڪافي ماڻھو جھاز ۾ موجود هيا. جن جا موڊ خراب هيا. جن مان ائين لڳي پيو هنن کي اهو سفر يا ڦي ڦي آئلينڊ وارو ٽرپ پسند نہ آيو هو ۽ انھن کي ٺپ مزو نہ آيو هو، جيئن اسان کي نہ آيو هو.
واپسي ۾جھاز ۾ ئي هڪڙي الٽي واري ٽيبليٽ سڀني مسافرن کي ڏيندا ويا. تہ جيئن هن دفعي ڪو بہ الٽي نہ ڪري. پاڻ جيئن ئي پنھنجو سفر پورو ڪري اچي بندرگاھہ ۾ ساڳي جاءِ تي لٿاسين تہ اسان سان جيڪو واقعو پيش آيو، جيڪو ان حرامي وين واري ڊرائيور گند ڪيو، ان جو ذڪر هتي ضرور ڪندس. ان لاءِ توهان جڏهن بہ ٿائلينڊ وڃو تہ هوشياري وٺجو. ڪنھن بہ اجنبيءَ تي ٺپ اعتبار نہ ڪجو. ٿائلينڊ ۾ گهڻو فراڊ ٿئي ٿو.

Sea Angel جھاز وارن جون حرامپايون

جيئن ئي پاڻ واپسي ۾ ان بندرگاھہ ۾ لٿاسين. هاڻي اسان کي هتان کان ئي پنھنجي هوٽل تي وڃڻو هيو، جتان اسان کي هي وين وارو موالي کڻي آيو هو. جھاز مان جيڪي بہ سياح لٿا هيا، هر ڪو پنھنجي پنھنجي وين ۾ واپس پنھنجن ماڳن ڏي وڃي رهيو هيو. اسان بہ پنھنجي ئي ان وين واري ڊرائيور کي ڳولھي لڌو، جنھن چيو تہ،”توهان کي ٿورو انتظار ڪرڻو پوندو. پوءِ هلون ٿا.“ اسان سان گڏ اها انڊين فيملي بہ هئي، اهي ڊاڪٽر دوست بہ هيا ۽ هڪڙي ٻي ليڊيز جنھن سان هڪڙو ٻارڙو بہ منھنجي ٻيجل جيڏو هيو، اها فيملي بہ هئي.
پاڻ اتي ئي هيڏي هوڏي پسار ڪندا رهياسين. هاڻي بندرگاھہ تي آيل تقريبن سڀ مسافر وڃي چڪا هيا. باقي اسان ئي رهجي ويا هياسين. باقي جھاز جو اهو ئي ساڳيو عملو اتي موجود هيو جنھن ۾ اسان جو ڊرائيور ۽ چيڪ ان وارو اسٽاف. ان کان علاوہ هڪڙي ٻي ليڊيز بہ هئي، جيڪا ڪائونٽر تي ويٺي هئي. هاڻي ڪافي دير ٿي چڪي هئي.
پر ڊرائيور جي اها ئي رٽ تہ ”اڃان ترسو، اڃان ترسو.“ جنھن جي ڪري اسان سڀني جو پارو چڙهندو پئي ويو. نيٺ ڊرائيور چيو،”مان نہ هلندس توهان هتان جي مالڪن سان ڳالھايو.“ ان تي اسان چيڪ ان جي ڪائونٽر تي وڃي اتي موجود ليڊي انچارج سان ڳالھايوسين. جنھن چيو تہ،”جنھن ٽريول ايجنسي جي معرفت توهان آيا آهيو، انھن ڏي اسان جا پئسا رهيل آهن، جيسيتائين اهي پئسا چُڪتو نہ ڪندا تيسيتائين هي ڊرائيور نہ هلندو.“
ان تي اسان ان ٽريول ايجنسي جي مالڪه جو نمبر ورتو جنھن جي معرفت اسان هي ٽڪيٽون ۽ ٽرپ بڪ ڪرايو هو، ان سان ڳالھايو، جنھن چيو تہ ،” مان هنن کي سمجهايان ٿو، توهان کي اهو ئي ڊرائيور کڻي ايندو يا توهان ان ڊرائيور سان منھنجي ڳالھہ ٻولھہ ڪرايو.“
اسان ان ڊرائيور سان هن کي ڳالھرايو، هي تمام بداخلاق قسم جو ڊرائيور هو. هو هن جي ڳالھہ نہ ٻڌي رهيو هيو، بلڪ هن ڪال کڻي وڃي ان ڪائونٽر جي انچارج ليڊي کي ڏني جنھن شايد وري بہ هن سان ساڳي ڳالھہ ڪئي هوندي تہ اڳيان پئسا يا پراڻو حساب ڪتاب ڪليئر ڪيو تہ توهان جا مسافر منزل تي پھچايون. مسئلو هنن جو پاڻ ۾ ڏيتي ليتي جو هيو. وچ ۾ هنن اسان کي خوار ڪري ڇڏيو هيو. هاڻي تہ سج بہ لھڻ وارو هيو. پر مجال آ جو هنن جي ڪن تي ڪا جونءِ چري. جھاز جو اسٽاف بہ نڪري ويو هو. اسان سڀ پرديسي ۽ تقريبن سڀ انڊين ٻيو وري غريب ملڪ پاڪستان سان تعلق هجڻ جي ڪري هو اسان کي بليڪ ميل ڪري رهيا هيا.
هتي جيڪڏهن اسان سان ڪو انگريز مسافر هجي ها تہ اهڙي صورتحال نہ ٿئي ها. هو چاهن پيا تہ واپسي جو ڪرايو اسان ڀريون يا هو مالڪ ايڊوانس ۾ ڪرايو موڪلين. هن دڪان جو هنن سان ڪو پيڪيج هو. پر شايد اڳيان پئسا نہ ڏيڻ ڪري، هنن جي ساک هنن وٽ خراب ٿي چڪي هئي، جنھن جي ڪري هي سمجهن پيا تہ هي سٺو موقعو آهي تہ پراڻو حساب چڪتو ڪيون. ڇو تہ جڏهن هي مسافر شور ڪندا تہ پريشر ڊوولپ ٿيندو ۽ جيڪڏهن ذهني دٻاءُ جو زور /پريشر ڊوولپ ٿيو تہ پراڻا پئسا ملي ويندا.
پر هنن جو اهو طريقيڪار بلڪل غلط هيو. اسان سڀني ڏاڍو شور ڪيو، مزاحمت ڪئي، پر ڪجهہ بہ نہ ٿيو. ڇو تہ اسان جتي هياسين اهو فقط ان ڪمپني جو علائقو هيو. ان جي پنھنجي چوديواري واري ڀت ڏنل هئي، پنھنجو ئي گيٽ هيو. اسان سان هڪڙي عورت جنھن تمام گهڻو شور ڪيو پر انھن تي ڪجهہ نہ ٿيڻُو هو. ڊرائيور کي سڀني تمام گهڻو ٿُڪ بجو ڪيو، پر هو ٿڪ بجي کان ڏاڍو هو ۽ اسان کي وري رت ڪڍڻ جو قانون نہ هيو.
جيتوڻيڪ ڊاڪٽر ڏاڍو جذباتي هيو، هن جو خيال هو تہ هن ڊرائيور کي پادر هڻجن‏، ڇو تہ هو اسان کي کڻي آيو آهي، ان ڪري هاڻي هن جي ذميواري آهي تہ هو اسان کي واپس پنھنجي ماڳ تي پھچائي. پر ڊاڪٽر کي سمجهايوسين تہ پاڻ پرديس ۾ آهيو، هتي ڪنھن بہ قسم جي فشري نہ ٿا افورڊ ڪري/کڻي سگهون.
اسان سان گڏ جيڪي ڊاڪٽر هيا، انھن بہ جنھن کان هن ٽرپ جي بڪنگ ڪرائي هئي، انھن بہ ان ايجنٽ سان ڳالھايو هو پر هنن کي بہ اهو آسرو ڏنو ويو تہ توهان جو معاملو حل ٿا ڪيون ٿورو ترسو. هاڻي پاڻي مٿي کان بہ مٿي چڙهي ويو هو. هڪڙي ليڊي تہ ٻاهران ٽيڪسي گهرائي نڪري وئي هئي. باقي اسان سڀ ڦاٿل هياسين. اسان سان گڏ انڊين فيملي جي ليڊي پڻ ڪاوڙ جو اظھار ڪري رهي هئي.
هاڻي اسان سڀني فيصلو ڪيو هو تہ پنھنجي وين ٻاهران گريب grab.com ذريعي ڪرائي تي گهرايون/ڪيون. سو اسان وين گهرائي چڪا هياسين. وين اچي رهي هئي. اسان سڀ گڏ هياسين. ٿوري دير کان پوءِ وين اهو گيٽ ڪراس ڪري اندر اچي وئي هئي. هي ڊرائيور ايڏو حرامي جو ان وين واري ڊرائيور کي بہ پنھنجي ٿائي ٻولي ۾ داٻا ڏيئي، ان کي واپس موٽائي ڇڏيو. جنھن تي دوست ڏاڍا ناراض ٿيا تہ هي ڇاهي؟ هنن تہ اسان کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي. مون چيو تہ،”گهرايو نہ، پاڻ حبس بيجا ۾ آهيون، هن جو اهو عمل قانون جي خلاف آهي، ڇو تہ هي طريقو مھذب ملڪن جي ماڻھن جو قطئي ناهي، سو هنن جو هي عمل غير قانوني آهي.“

وين ڊرائيور جو فراڊ

هن حرامي ڊرائيور وين واري کي بہ ڀڄائي ڇڏيو هو. سڀني پنھنجي ڪاوڙ جو اظھار ظاهر ڪيو هو، پر سواءِ ڪاوڙ جي ٻيو ڪري بہ ڇا پيو سگهجي. پرتاب آن لائين ڪمپلين لکڻ شروع ڪئي هئي. انھي دوران اسان اهو فيصلو ڪيو هو تہ هتان کان نڪري مين روڊ تي هلي اتان ئي ڪا وين ڪرايون ٿا.
پاڻ سڀ هاڻي مين روڊ ڏي نڪري آياسين. گيٽ کان جيئن ئي ٻاهر نڪتاسين تہ اهو ڊرائيور ۽ ان سان گڏ هڪڙو ٻيو همراھہ موٽر سائيڪل تي اسان جي پويان آيا، انھن سان گڏ هڪڙو خطرناڪ ڪتو پڻ هيو. پاڻ اتان ٻاهر نڪري وري هڪڙي وين کي گريب ڪئي هئسين. انھيءَ دوران ئي پرتاب آن لائين ڪمپلين سان گڏ ايمرجنسي نمبر گوگل تان سرچ ڪري پوليس کي ڪال ڪري چڪو هو. هنن همراهن جڏهن اهو ٻڌو تہ پوليس سان ڳالھائين ٿا تہ هو اتان ئي موٽي ويا.
ٽيڪسي وارو اچي ويو. هي اهو ئي ٽيڪسي وارو هو، جنھن کي هن واپس ڪري ڀڄائي ڇڏيو هو. هن اسان کان ماجرا پڇي جنھن تي اسان هن کي سڄي صورتحال ٻڌائي. هو سمورو معامرو سمجهي ويو هو. ان ڪري هو هن معاملي جو اکين ڏٺو شاهد هيو. پاڻ جيئن ئي سڀ ان دڪان/ٽريول ايجنٽ واري آفيس پھتاسين، جتان اسان ڦي ڦي آئلينڊ جو ٽڪيٽون بوڪ ڪرايون هيونسين. ان مھل آفيس ۾ ان ليڊي مالڪياڻي جي جاءِ تي ڪو نوجوان ڇوڪرو ويٺو هيو. هن ڊرائيور پاڻ سڄي ڳالھہ ان دڪاندار ايجنٽ کي ٻڌائي.
اسان سڀ هن تي ڏمريا پيا هياسين تہ توهان جي ڏيتي ليتي جي چڪر ۾ اسان کي تڪيلف ٿي. هن وين واري جي سڄي ڳالھہ غور سان ٻڌي، هون بہ جھاز واري ڪمپني هنن سان پيمينٽ جي اشو تي رابطي ۾ هئي. سو هن معذرت ڪئي، اسان کان معافي ورتي. وين واري کي پاڻ پئسا ادا ڪيا. اهو سڀ ٺيڪ هيو پر Sea Angel وارن جو طريقو غلط هيو.
اسان جي شڪايت تہ آن لائين موڪليل/ ٿيل هئي، پوءِ ڇا ٿيو. يا کڻي چئجي تہ ڇا ٿيڻو هو؟ ان جي ڪا بہ خبر نہ پئجي سگهي ۽ نہ ئي وري اسان مان ڪنھن ان شڪايت جي بعد ۾ پوئواري ڪئي. هي ڦي ڦي وارو تجربو انتھائي تڪليفده ثابت ٿيو. پر ان ڪري چوندا آهن تہ ”مڙس مئو، وزن جي خبر پئجي ويئي.“

حسين جسمن جي خوشبوءِ

ان رات تمام گهڻي ٿڪاوٽ جي باوجود، دوستن جي اها صلاح بيٺي تہ اڄ رات بانگلا اسٽريٽ جي چپي چپي کي دل سان گهمبو، رلبو، رولاڪيون ڪبيون. سو اسان سڀ جلدي ئي فريش ٿي هيٺ لٿاسين. رات جو وقت هيو. هر طرف رونقن جو راڄ هيو پر بانگلا مارڪيٽ ۾ ڄڻ چوڏهين جو چنڊ کڙيو پيو هجي.
هر طرف روشنين جا جلوا، ترورا ۽ تجلا هيا. پاڻ رلندي، رولاڪيون ڪندي، هر معصوم چھري جي چانڊوڪيءَ کي تمام ويجهي کان جاچيندي، ان سان کل ڀوڳ ڪندي هلندا رهياسين. جوڀن، جوانڙيون، تابناڪ نيڻن جون بڙڇيون کڻي، ڪاريھر وارا ڪر کنيون اڀو ٿي بيٺيون هيون. انھن جون اهي ماريندڙ ادائون سونھن پياڪ سياحن کي کيپ چاڙهڻ لاءِ ڪافي هنيون.
ان بانگلا اسٽريٽ ۾ پير رکڻ جي جاءِ نہ هئي. هر طرف اهي نازڪ نفيس جسم هيا، جن جي خاص تيورن کي نالي ماتر ڪپڙي جي ٽڪري سان پنھنجين سون سريکن اڀ ڪپرين ۽ نرم ملائم مينارن کي ڍڪي فارمليٽي پوري ڪئي وئي هئي. سو بہ مجبوري خاطر، نہ تہ هنن جو هتي وس پڄي ها تہ هنن جو سڄو جسم ننگو هجي ها. هتي سڄي جسم کي پردي ۾ ويڙهي رکڻ يا ڪپڙي سان ڍڪي ڇڏڻ عيب سمجهيو وڃي ٿو. ننگي جسم جي نمائش ڪرڻ ئي هتان جو رواج آهي. جسم جي مختلف عضون جي نمائش ۾ ئي هنن جو ساھہ آهي. انھن جي زندگي جي بقا ئي جسم جي هر عضوي کي مرد جي اکين کي ڏيکارڻو آهي. اهڙي ميلي ۾ ڏٺوسين تہ ڪي ماڻھو جوڙن ۾ هيا تہ ڪي گروپ ۾، ڪن جا جيون ساٿي گڏ هيا تہ ڪن سان وري پريميڪائون. مطلب تہ ڪو بہ مرد اڪيلو يا ڇڙهو نہ هو. سواءِ اسان جي يا وري ڪجهہ عرب سڳورن جي.
اسان ئي شايد واحد گروپ ۾ هياسين، جيڪي سڀ پاڻ ۾ مرد حضرات هياسين. اسان کان علاوہ عرب سڳورا بہ اسان جيان ئي نظر پئي آيا. باقي اڪيلو انگريز ڪٿي بہ نہ مليو، گهٽ ۾ هڪڙي ناري تہ اڪيلي انگريز سان گڏ نظر آئي، باقي ڪنھن وٽ هڪ کان مٿي بہ يعني ٻن سان يا ٽن سان بہ اڪيلو انگريز نظر آيو.
ان ئي گهٽيءَ ۾ ڏٺوسين تہ مشڪرو سامھون کان، ڳاڙهي شرٽ ۾، وڏن ڪارن وارن سان ۽ منھن تي مشڪرن وارو پوش چاڙهي، هٿن تي سفيد رنگ جا دستانا پائي، وچ رستي تي هڪڙي پلاسٽڪ جي پيتي رکي پنھنجي فن جو مظاهرو ڪندي پنھنجي روزي ڪري رهيو هو. هن جي چھري تي سفيد رنگ جو پوش پاتل هيو، ڀرون ڪارا، انھن جي مٿان وري ڳاڙهي رنگ جا نشان، هيٺان نڪ تي بہ ڳاڙهي رنگ جا نشان ۽ وات تي ۽ ڏندن تي بہ ڳاڙهي رنگ جا نشان. ائين لڳي پيو تہ ڪو آدمخور هينئر ئي ڪنھن جيئري جاڳندي انسان جو رت سرڪي خون ڪري آيو آهي.
پر جنھن اسٽريٽ ۾ پاڻ بيٺا هياسين، اتي تہ اڳ ۾ رت پياڪ حسينائن جو راڄ هيو. سو هن ويچاري جي ڪٿي هلندي اهڙي ظالم شھر ۾. هن دوست جي ڀرسان هن جي پلاسٽڪ جي چندي واري پيتي پيل هئي، جنھن تي انگريزي ۾ لکيل هيو؛ Take a Photo. Tip Box ان ڪري جنھن کي بہ هن سان ڦوٽو ڪڍراڻو هيو تہ هو ان جي ٽپ باڪس ۾ ڪجهہ خرچي وجهي هن جي همت افزائي ڪري پيو.
ڪي سياح جينز جي فل پينٽ ۾ هيا تہ ڪي وري ٽرائوزر ۾، پر گهڻا سياح خاص ڪري انگريز ۽ انگريزياڻيون شارٽس ۽ ٽي شرٽ ۾ ملبوس هيون. روڊ جي ٻنھي پاسن کان جيڪي بہ هوٽلون يا مساج سينٽر هيا، انھن ۾ روشني جا تجلا چمڪي رهيا هيا.
هڪ انھن جي روشني جن جي مرڪ سان ئي چانڊوڪي ٿئي پئي ۽ ٻي اها مخلوق هئي، جنھن جي سونھن ۽ سوڀيا سڀني کي موهي ڇڏي پئي. چاهيندي بہ اڳتي قدم کڻڻ بدران اتي ئي پير ڄميو وڃن. سامھون کان ٽيٽو جو دڪان هيو. جتي ڪيترائي مرد توڙي عورتون، پنھنجي جسم جي مختلف حصن تي ٽيٽو ٺھرائي رهيا هيا.
هتان جي ماڻھن جا بہ عجيب شوق آهن. جسم جي مختلف حصن تي مختلف ڪارا نشان ٺھرائڻ هنن ماڻھن جو مشغلو آهي. جنھن ۾ جسم جي سيني تي، ڇاتين تي، ڪلھن تي، پٺي تي، ويندي خاص عضون تي بہ گوتم جا، وڇون جا، نانگ جا، جيتن جا، پوپٽن جا نشان ٺھرايا وڃن ٿا.
ان کان علاوہ جسم جي خاص عضوون تي پڻ اهي نشان ٺھرائي پنھنجن خاص عضون جي نمائش پڻ ڪن ٿا. ٽيٽو جا مختلف سائيز آهن، توهان ڪھڙي سائيز جو ٽيٽو ٺھرائڻ چاهيو ٿا. اهو توهان تي ڇڏيل آهي. باقي ننڍي سائيز جي ٽيٽو جي قيمت الڳ/گهٽ آهي، جڏهن تہ وڏي سائيز جي ٽيٽو ٺھرائڻ جي وڏي قيمت ڀرڻي پوي ٿي. ٿورو اڳيان مس وڌياسين تہ گوڏن کان مٿي جينز جي ڪپڙي جو چڍو پاتل ناري اڳيان اچي بيھي رهي. جينز هنڌان هنڌان ڦاٽل/ٽڪيل/ڪٽيل هيس. ويندي جسم جي اهم جاين تان بہ ان کي ڪٽيو ويو هو. هن جي مٿين جسم تي ڪاري رنگ جي گنجي پاتل هئي.
هن جا ڪارا وار کليل هيا. هن جي هٿ ۾ وڏي سائيز جي اسڪرين واري موبائيل هئي. جنھن تي حقي جي تصوير سامھون اچي رهي هئي. ان اسڪرين تي انگريزي ۾ لکيل هيو؛ Hookah/ Shisah Menu بئڪ گرائونڊ ۾ حقو ٺھيل هيو ۽ ان جي اندر مختلف رنگ نظر اچي رهيا هيا.
هن اسان کي روڪي، موبائيل جي اسڪرين ڏيکاريندي، مسڪرائيندي چيو،” تمام بھترين، منفرد ۽ مزيدار فليور آهن، توهان هڪ دفعو تہ آزمايو نہ.“ اسان جي دوست ڊاڪٽر مسڪرائي هن کي جواب ڏيندي چيو تہ،”اسان کي خبر آهي، جنھن جي عمر جي خبر هجي، ان جا ڏند ڏسڻ بيڪار آهن، سو اسان کي اڃان اڳتي گهڻو ڪجهہ ڏسڻو آهي، موٽي ٿا اچون.“
هن ڊاڪٽر کي هٿ کان پڪڙي ورتو هو ۽ چيائين،” پڪ نہ.“ ڊاڪٽر جواب ۾ پڪ نہ هجڻ جي ڪري پڪ نہ ڏني ۽ اسان اڳتي نڪري آياسين. ڊاڪٽر هٿ ڇڏائي اڳتي نڪري تہ آيو هيو، پر پوءِ لڳو تہ اسان کي هن جي آفر کي ٺڪرائڻ نہ گهرجي ها، پر مجبوري... حيف هجيئي استاد ..... KangrooBar جي اڳيان ناري ٻارڙن جا رانديڪا کپائي رهي هئي. عجيب منظر هيو.
هڪ طرف پيٽ هيو، ٻي طرف پيار،
ٻن چڪين ۾ زندگي ويئي پيسجي.
بشير سيتائي.

جسم فروشيv/s جائز ڪاروبار

سامھون کان شوارمي جو هڪڙو تمام وڏو دڪان کليل هيو. جنھن ۾ ٻہ گوشت جا وڏا شوارما ٽنگيل هيا. اڳيان وري ٻي عورت ان ئي ساڳي بازار ۾ ٻارڙن جا ڪيترائي رانديڪا پنڌ ڪندي وڪڻي رهي هئي. هن کي جڏهن تصوير ڪڍرائڻ جو چيم، تہ هن مائنڊ نہ ڪيو هو. پر خوش ٿي پوز هڻي بيھي رهي. هڪڙي پاسي دڪانن تي، روڊن تي رستن تي جسم فروشي سرعام بازار جو حسن بڻجي رهي هئي، پر هي تہ هئي ئي بازار حسن ۽ جڏهن تہ ٻي پاسي ان ئي جاءِ تي اهڙيون عورتون بہ هيون، جيڪي پنھنجين ٻچن لاءِ حلال جي روزي ڪمائي رهيون هيون ۽ انھن جو جائز ڪاروبار هيو. ڪنھن جي لاءِ ڪھڙو ڪاروبار جائز آهي تہ ڪنھن لاءِ ڪھڙو ڪاروبار ناجائز آهي، ان جو فيصلو مان نہ ٿو ڪري سگهان. ممڪن آهي جيڪو ڪاروبار منھنجي نظر ۾ ناجائز آهي، اهو ٻي ڪنھن جي نظر ۾ جائز هجي ۽ جيڪو ڪاروبار منھنجي نظر جائز آهي اهو ممڪن آهي تہ ٻي ڪنھن جي نظر ۾ خراب هجي. ان فلسفي ۾ هتي نہ ٿو پوڻ چاهيان. مان انھي ئي تذبذب ۾ رهيس تہ روٽي روزي جي لاءِ ماڻھوءَ کي ڇا نہ ٿو ڪرڻو پوي. واھہ جو قدرت جو نظام آ. ماڻھو کي پيٽ خاطر ڪيڏو نہ ذليل ۽ خوار ٿيڻو پوي ٿو. آسي زميني جي نظم جو بند ياد اچي ويو تہ:
آءُ گهڙي کن هيٺ لھي آ،
پنھنجو جوڙيل ڏيھہ ڏسي وڃ،
مون کان هڪڙي ڳالھہ پڇي وڃ،
منھنجي هڪڙي ڳالھہ ٻڌي وڃ،
اي خدا تون هيٺ لھي آ،
آءُ گهڙي کن هيٺ لھي آ.
عجيب سلسلو هيو. اڃان ٿورو اڳتي مس هلاسين تہ سامھون کا هڪڙي ٻي پوڙهي عورت هٿن ۾ گلاب جي گلن جا گلدستا ۽ موتئي جي سفيد گلن جي مالھا/ هار کنيو کپائي رهي هئي. گلابن جي خوشبوءَ پري کان وڪوڙي ويئي هئي. وري اڳيان ٻي عورت شيشي جي گلاسن ۾ گلاب جا گلابي رنگ ۽ سفيد رنگ وارا گلاب کپائي رهي هئي. هڪڙي پاسي جسم فروشي ٿي رهي هئي تہ ٻي پاسي گلن جو ڪاروبار هلي پيو. اصل ۾ اهي هيا تہ ٻيئي گلابن جا ڪاروبار، پر خريدار ٻنھين جا الڳ الڳ هيا.
هڪڙي ٻي پوڙهي عورت ڦٽ پاٿ تي هيٺ ويٺل هئي ۽ هن جي اڳيان اهي گلابن جا گل، پتڙيون ۽ گلدستا پيل هيا. ايندڙ ويندڙ سياحن کي معصوميت سان تڪي رهي هئي تہ هن جي پاسي ۾ ئي لينڊ ڪروزر سفيد رنگ جي پارڪ ٿيل هئي. مون کي بشير سيتائي جي نظم جو بند ياد اچي ٿو تہ:
ڪٿي مفلسي جا وڏا مچ ٻرن ٿا،
۽ بيماري ۾ جيئرا لاشا سڙن ٿا،
مرڻ کان اڳي روز ماڻھو مرن ٿا،
اهو سڀ ڏسون ٿا.
اڳيان پاسي ۾ ئي هڪڙي عورت بيئر ۽ شراب جون بوتلون گهٽي ۾ صندل تي رک سرعام وڪڻي رهي هئي، ان پيتي ۾ برف سان ڍڪيل اهي بوتلون ڏاڍيون چل/يک ٿڌيون پئي لڳيون. هتي سڀ جائز ناجائز بہ جائز ۽ ڪار هيو. هتي سڀ حلال حرام بہ حلال ئي هيو. چڪلي ۽ ميلي جا بہ ڪي اصول هوندا آهن، پر هتي ڪو بہ اصول اصول نہ هيو.
پاڻ هلندا هلندا مين روڊ تي اچي ويا هياسين. سامھون پتايا بيچ اسان جي سلامي لاءِ پري کان ئي پڪاري رهيو هو. جيڪو اسان پھرئين رات ئي گهمي آيا هياسين. پر هن دفعي اسان روڊ جي کاٻي پاسي مٿي هلي رولاڪين کي رونق بخشي پتايا بيچ جي سونھن مان مڪمل طور تي لطف اندوز ٿيڻ چاهيون پيا. رات روڊن تي ستي پئي هئي، ٽريفڪ جي هيڊ لائيٽس جون روشنون، رات جي رونقن ۾ خلل وجهي رهيون هيون. دڪانن جي ڦٽ پاٿن تي لڳل سيور، سونھن جي ديوين جي جسمن تي روشنين جا ترورا ڇاڻي رهيا هيا. جنھن جي ڪري ويتر انھن جي سونھن جرڪي پئي هئي. نتيجي ۾ اسان جي ننڊ ڪوهون ڏور هلي ويئي هئي.
سامھون کان گاڏي تي پلاسٽڪ جي جرڪندڙ، صاف شفاف گلاسن ۾ هڪڙي ٿائي نوجوان عورت مختلف قسمن جا فروٽ کپائي رهي هئي، جنھن ۾ صوف، گدرو، ڇانھين، انب، ڪيلو، اناناس، ڏاڙهون، زيتون، چقندر نموني ڪو فروٽ وغيرہ هيا، ان کان علاوہ هن وٽ ساڳي شو ڪيس ۾ برف تي رکيل ڇانھين، سردو ۽ ٻيو فروٽ ڪٽيل پڻ نظر آيو.
جڏهن تہ شو ڪيس جي ٻاهران ڪچا ناريل پڻ پيا هيا، جيڪي ملائي ۽ پاڻي جي ڪري شوقينن جي نظر ۾ هيا. ان سان گڏ ئي وري ٻي عورت فروٽ چاٽ کپائي رهي هئي. مون ڏٺو تہ هتي اڪثر ڪري گاڏن، ريڙهن تي عورت ئي ڪاروبار ڪندي نظر پئي آئي، مرد ورلي ڪو نظر آيو هوندو. اهڙي ريت ڪيئي عورتون هلندي ڦرندي ٻارڙن جو شيون، رانديڪا، بسڪوٽ، سگريٽ ۽ چپس وغيرہ کپائي پنھنجي پيٽ جي دوزخ کي وسائي رهيون هيون.
هن ئي روڊ تي Mojilo Bar اسٽريٽ بار بہ هئي، جيڪا ان ننڍي گهٽي جي حساب سان تمام وڏي بار هئي. ان بار جي بورڊ جي هيٺان ئي صندل تي وسڪي ۽ بيئر جون انيڪ سجايل بوتلون کلي عام پيل هيون. ان جي سامھون ئي روڊ جي ٻئي پاسي اسٽار بڪ Starbucks coffee جو پڻ وڏو دڪان هيو. ان کان علاوہ هتي نشي پتي جا يعني ويڊ شاپ Weed Shop پڻ تمام گهڻا نظر آيا. جتي هر قسم جو نشو، چرس، آفيم، ڏوڏي، (هيرون کان علاوہ) وغيرہ سر عام روڊ وڪامي رهيا هيا. اهڙي قسم جا ويڊ شاپ تمام گهڻا، هن بانگلا اسٽريٽ جي چپي چپي تي نظر آيا.
اڳيان هڪڙي عورت هٿ جي هنر جو ڪم ڪري رهي هئي، هو ويٺي ويٺي سوينئر/يادگار هٿ جي سلائي جو ٺاهي رهي هئي. هو نالن کي هٿن سان ڀرت تي لکي رهي هئي. هن نوجوان ناري کي مٿي تي پٺاڻن واري ٽوپي پاتل هئي. هن جي دڪان تي پٽي لڳل هئي. جنھن تي ڪاري مارڪر سان وڏن اکرن سان انگريزي ۾ لکيل هيو؛ Hand made souvenir: made to order ، ”Name” . ڦوٽ پاٿ تي ڪمن ڪارين کان پوءِ ٿڪجي پوندڙ ناريون پنھنجي سامان سان ئي اتي قطار ۾ هيٺ ويٺل نظر آيون. جنھن مان لڳي پيو تہ اهي هاڻي بيھي بيھي ٿڪجي پيون آهن ۽ ٿوري دير لاءِ اتي گهٽي جي ڪناري تي ئي ويھي ساهي پٽي رهيون آهن. اهڙي ريت هن گهٽي ۾ شيخ ڪباب ۽ ٻُوٽي ڪباب جا بہ ڪيترا ئي دڪان نظر آيا. جيڪي واڳون، ڳوھہ، نانگ، بلائن، ڏيڏرن ۽ ڪتن ٻلن جا گوشت کپائي رهيا هيا.
اسان کي انھن جي ڀرسان گذرندي بہ ڌپ کنيو پئي وئي، سوچان پيو تہ هتان جا ماڻھو اهي شيون ايڏو شوق سان ڪيئن ٿا کائين. ان کان علاوہ هتي انگريزي ۾ هڪڙو سائن بورڊ لڳل ڏٺم. جنھن تي لکيل هيو: Classic Hotdogs + Free toppings! وغيرہ ان کان علاوہ هتي هر قسم جي سامان جا دڪان موجود هيا، جنھن مان لڳي پيو تہ زندگي هتي انتھائي خوشگوار گذري پئي.
ماڻھو پنھنجي زندگيءَ جا پاڻ مالڪ هيا. مذهبن جو، عقيدن جو، نظرين جو، ملن جو، ڀوتارن جو، جاگيردارن جو، پيرن جو ۽ سياستدانن جو ڪو بہ ان ۾ عمل دخل نہ هيو. نہ ئي زندگي ڪنھن جي ماتحت هئي. هر ماڻھو مذهبي طور ۽ نظرياتي طور آزاد هيو. ماڻھو پنھنجي زندگي پنھنجي مرضي سان گذارڻ جا عادي هيا. ائين لڳي پيو تہ اهي هتان جي زندگي کان مڪمل طور تي مطمئن هيا. هتي اهڙو بہ سائن بورڊ لڳل اکين جي اڳيان گذريو، جنھن تي لکيل هو تہ؛
Rooms for rent daily ، weekly & monthly .
ٿورڙو اڃان اڳتي مس هلياسين تہ Sweet Corn جو ريڙهو نظر آيو، جنھن ۾ عورت مڪئي جا سنگ ۽ سوپ هلائي رهي هئي. هي علائقو کائڻ پيئڻ وارن چٽيرن جو هيو، جيئن اسان وٽ برنس روڊ ڪراچي ۾ مشھور آهي.
ان کان علاوہ ڪھڙي ڪھڙي شين جو ذڪر ڪجي. هڪڙي جاءِ تي تمام وڏي پينافليڪس تي انگريزي ۾ لکيل هيو؛ Happy Bar. هيپي بار ۾ ڪھڙي شي نہ هوندي، دنيا جھان جي هر شي. توهان رڳو زبان مان لفظ ڪڍو اها توهان جي اڳيان پيش ڪئي ويندي. مطلب تہ پاڻ جيترو ڀٽڪي، رلي، گهمي سگهياسين، رلياسين.
هن ننڍڙي گهٽيءَ ۾ زندگي کي خوش رکڻ جو ڪيڏو نہ سامان سجايو ويو هيو. دنيا جھان کان تنگ، بيزار، بيقرار، پريشاني جي حالت ۾، غمن ۾ غرق ٿيل، مايوسي جي ڌٻڻ ۾ گتل ڪو ماڻھو جڏهن هن گهٽي ۾ داخل ٿئي ٿو تہ هن کي نئين زندگي ملي ٿي وڃي، هو دنيا جا ڏک غم سڀ وساري ويھي ٿو ۽ ٿوري دير لاءِ فقط ئي فقط هتان جي رنگين جلوون ۾ مدهوش ٿي، زندگي جو سڪون ماڻي، عذابن کان ڇوٽڪارو وٺي ٿو.

ڦاسڻ کان پوءِ ڦتڪڻ ڪھڙو

هن وقت پاڻ پنھنجي هوٽل جي ڪمري ۾ هياسين. ٻاهر برسات پوڻ جو آواز ڪنن تي پئجي رهيو هو. دري کولي ڏٺم تہ زوردار برسات وسي رهي هئي. ڊاڪٽر گرم پاڻي سان شنان ڪري ٻاهر نڪتو هو. مون کي دري جي پاسي ۾ بيٺل ڏسي، پڇيائين،” برسات آ ڇا.“
”جي زوردار.“ مون سگريٽ جو ڪش هڻندي چيو.
”واھہ جي موسم ٿي ويئي آ ڊاڪٽر، هي ئي اها موسم آهي، جنھن ۾ رولاڪيون ٿينديون آهن. هڪ پاسي برسات، ٻي پاسي رات ۽ ٽين پاسي ٿائيلينڊ ۾ ٿاڪ، صفا بي ايمان موسم ٿي ويئي آ.“ مون سگريٽ کي چپن تي رکندي چيو.
”پوءِ پاڻ هن روم ۾ ڇا ٿا ڪيون؟“ ڊاڪٽر رڙ ڪري چيو.
”پو.“ مون ڪمري جي دري بند ڪندي چيو.
”هلو تہ هيٺ هلي رولاڪيون ڪيون، برسات جو مزو وٺون.“ ڊاڪٽر جسم کي سينٽ هڻندي چيو.
”ٺيڪ آ، سنگت سان بہ ڳالھايون ٿا.“ مون جاني کي واٽس اپ تي وائس ميسج ڪيو. جاني ۽ پرتاب تہ اسان کان بہ اڳ ۾ تيار ٿي ويٺا هيا ۽ هيٺ لھڻ جا سانباها پيا ڪن. سو اسان جي ميسج تہ هنن کي ويتر مڇرائي ڇڏيو.
هاڻي پاڻ سڀ هوٽل کان هيٺ لھي آيا هياسين. برسات بيھي ويئي هئي، پر هتان جو هر ماڻھو برساتي/ڇٽيءَ ۾ ويڙهيل نظر آيو، روڊ تي ڄڻ تہ برسات پئي ئي نہ ئي هئي، صاف سٿرا، روڊ، بھترين گهٽيون. پاڻي سائيڊن کان گٽرن ۾ هليو ويو هو. ڪٿي بہ گند ڪچرو نظر نہ آيو.
ماڻھن جي اها ئي رش، اها ئي رونق ۽ اهو ئي جذبو نظر آيو. ڪنھن بہ ڪاروبار ۾ ٽڪي جو فرق نہ پيو هو. هر ڪنھن ڪاروباري عورت وٽ برسات جو مڪمل بندوبست ٿيل هيو. اسان جيان ائين نہ هو جو مينھن وسي ۽ گهران ٻاهر نڪرڻ ئي بند ٿي وڃي. گٽرن جا منھن کلي پون. گٽرن جو پاڻي روڊن تي هجي. ڪاروبار بند. اهڙو هتي ڪجهہ بہ نہ هيو. پاڻ جڏهن بانگلا اسٽريٽ جو مڪمل چڪر هڻي آيا هياسين. سامھون کان ڪنھن حسين، قاتل حسينا، پنھنجي جسم جي نمائش ڪندي اسان سڀني کي پنھنجي قرب ۾ قابو ڪري ڇڏيو هيو. هونءَ بہ عشق ۽ محبت ۾ ڦاسڻ کان پوءِ ڦٿڪڻ ڪھڙو. اهو سچ آهي!

ٿائي مساج ٿڪ لاهي ڇڏيا

هن ٿائي مائي جو خيال هو تہ اسان سڀ هن کان مساج ڪرائي ڏسون. ان تي اسان جا ٻيا دوست متفق نہ هيا. پرتاب تہ ان خيال جو هو تہ،”بانگلا اسٽريٽ گهمڻ بذات خود ذهني ۽ جسماني مساج آهي. ان ڪري هروڀرو ذهني مساج کي ڇڏي جسماني مساج جي پويان نہ وڃجي تہ بھتر.“ پر ڊاڪٽر جي راءِ اسان سڀني کان مختلف هئي. هو ان خيال جو هو تہ،” ٿائيلينڊ اچجي ۽ مساج نہ ڪرائجي، ان کان بھتر آهي تہ ماڻھو هيڏي اچي ئي نہ ۽ ٻيو ڪو ڀلو پار ڏسي اچي تہ بھتر. اسان سڀ ڊاڪٽر جي ان صلاح سان متفق ٿياسين ۽ ڊاڪٽر کي چيوسين تہ،”ٺيڪ آ مساج ڪرايون ٿا، پر مساج کان پوءِ بہ جيڪڏهن ڪو رليڪس نہ ٿئي تہ پوءِ ان سان ڇا ڪجي.“ ان ڳالھہ تي ڊاڪٽر بہ سوچ ۾ پئجي ويو پر هن وٽ هن جو واھہ جو جواب هيو. هن چيو،”جيڪڏهن مساج دوران ڪو رليڪس نہ ٿيو تہ پوءِ ان جا پئسا مان ڀريندس.“ ان کان وڌيڪ ٻيو ڀلا ڇا کپي. هن ٿائي دڪان جو مساج ايڏو ڪو خاص مھانگو نہ هيو.
سو اسان سڀئي هڪڙي ئي ٿائي مساج واري دڪان تي بيھي رهياسين. ٿائيلينڊ جون هي رت پياڪ حسينائون اسان جي نيتين جا ايڪسري ڪري ويون هيون. ان ڪري هنن دير ئي نہ ڪئي، ٻانھن کان پڪڙي ڇڪي دڪان ۾ اندر وٺي ويون. دڪان ۾ اچڻ کان پوءِ اسان بارگيننگ شروع ڪئي. بارگيننگ مڪمل ڪري پاڻ آرام سان صوفن تي ويھي رهياسين.
هن دڪان جو نالو Thaipa Massage هيو.سروس سينٽر ۾ داخل ٿيڻ سان ڄڻ ڪنھن ٻي دنيا ۾ داخل ٿي ويا هجون. سڀ کان اول تہ دنيا جي بھترين خوشبو، اسان جي حواسن جي آجيان ڪندي اسان کي ڀليڪار ڪيو. هن قسم جي خوشبو مون زندگي ۾ نہ محسوس نہ ڪئي هئي ۽ نہ ئي ڏٺي هئي.
عجيب وڻندڙ خوشبو جيئن فائيو اسٽار هوٽلن ۾ داخل ٿيڻ مھل محسوس ٿيندي آ. هنن حور پرين جي چھري تي نہ فقط مصنوعي مسڪراهٽ جي تھن جا ليپا ڏنل نظر پئي آيا پر مون کي لڳو تہ هنن جي چھرن تي بہ ڪوڙ ميڪ اپ جي ڌوڙ ڄميل ۽ چڙهيل آهي. ڪوڙي مسڪراهٽ، ڌوڪو ڏيندڙ ميڪ اپ.
هنن حسينائن جا رويا ايڏا تہ پيار ڪندڙ، مان ڏيندڙ، محبتون ارپيندڙ هيا جو ماڻھو ٿوري دير لاءِ سوچي ٿو تہ پاڻ ڪٿي لکنو، يا دهلي ۾ مغلن جي درٻار ۾ تہ نہ اچي ويا هون. ان کان پوءِ هنن اسان جي اڳيان فرج ۾ فريش جوس جا پيڪيٽ ڪڍي رکيا. هاڻ اسان سڀ جوس بہ پي رهيا هياسين تہ ڪچھري جو بہ مزو وٺي رهيا هياسين.
ڊاڪٽر سان هوءَ وڌيڪ هري مري ۽ فري ٿي ويئي هئي. ان ڪري هن سان مستي مذاق جو سلسو هلي رهيو هو، جنھن جي ڪري اسان بور نہ پئي ٿياسين. ان کان پوءِ ان ئي سروس سينٽر ۾ اعليٰ قسم جا باٿ روم هيا. جنھن ۾ هنن وهنجڻ/شنان ڪرڻ/تڙ ڪرڻ جي بھترين شاورن جو بندوبست ڪيو هيو. سڀ کان اول تہ هنن اسان کي شنان ڪرڻ لاءِ بھترين اعليٰ معيار جو سامان مھيا ڪيو/ ڏنو. جنھن ۾ اعليٰ معيار ۽ بھترين قسم جا صابڻ، مھانگا شيمپو، نوان ٽوال ۽ باڊي اسپري وغيرہ. هي ناريون ان خيال جون هيون تہ اسان مان ڪوبہ پنھنجي سر پاڻ وهنجڻ جي بہ تڪليف نہ ڪري، بلڪ اهو ڪم بہ هو پاڻ سرانجام ڏين. سوني تي سھاڳو هو، پر اسان اهو قبول نہ ڪيوسين.
سو جڏهن وهنجي فريش ٿي ٻاهر نڪتاسين تہ اسان کي پائڻ لاءِ ننڍا چڍا ڏنا ويا. ڇو تہ هاڻي مساج جو عمل شروع ٿيڻ وارو هو. ڪمري ۾ هڪ دفعي ٻيھر خوشبو جو اسپري ڪيو ويو هو ۽ ان سان گڏ سڀني کي باڊي اسپري پڻ ڪيو ويو هو ۽ بئڪ گرائونڊ ۾ لائيٽ آف ڪري، هلڪي آواز ۾ رومانٽڪ موسيقي جي مڌر ڌن پڻ وڄائي وئي هئي.
هن مڌر ميوزڪ ۽ جهيڻي روشني واري ماحول اسان کي ڪنھن رومانوي دنيا ۾ اچي ڦٽو ڪري ڇڏيو هو. اسان جي جسم کي شارٽس ۾ قيد ڪري، هيٺ فرش تي بھترين قسم جي بخملي ڪالينن تي ليٽايو ويو هو. اسان سڀ الڳ الڳ چيمبرس ۾ هياسين. وچ ۾ فقط شيشن جي ديوار هئي ۽ انھن ديوارن جي ڇت وارا حصا هوا جي لاءِ کليل هيا، جتان پرين پاسي آواز پڻ ٻڌڻ ۾ آيا پئي.
ٿوري دير کان پوءِ ڊاڪٽر واري ڪمري مان عجيب وغريب آواز اچڻ لڳا. مون رڙ ڪري چيو تہ،” ڊاڪٽر! سڀ خير آ نہ“؟
ڊاڪٽر کلندي جواب ڏنو تہ،” مالش شروع ٿي ويئي آهي ان ڪري اهي آواز نڪرن پيا، ٻي ڪا ڳالھہ نہ آهي، لڳي ٿو توهان جي مالش اڃان شروع نہ ٿي آهي.“
مون ڊاڪٽر کي جواب ڏنو تہ،” جيڪا مالش مون کي ڪرڻ لاءِ مون سان ويٺي آهي، منھنجي دل ٿي چوي تہ مان هن کي پاڻ مساج ڪيان .“
جنھن تي ڊاڪٽر تمام وڏو ٽھڪ ڏنو. وري ڊاڪٽر وڏي آواز سان پڇيو تہ “ يارٰ! ٻي سنگت جو ڪو حال احوال تہ ڏيو .“
جنھن تي مون چيو تہ،”صفا چوچٽ ئي ڪونھي، ٻٽجي ويا آهن. لڳي تو سافٽ مزاج سان پنھنجو سافٽ ويئر اپ ڊيٽ نہ ڪرائڻ ۾ پورا هجن. پر مون کي لڳي ٿو سافٽ مساج بدران ڪٿي هارڊ مساج جو پاسو نہ ورتو هجين.“ وري بہ ڊاڪٽر ٽھڪ ڏنو.
مساج کان پوءِ سنڌ سنڌ هلڪو ٿي پيو هو. سڪون اچي ويو هو. اسان جو جسماني، روحاني ۽ نفسياتي سافٽ ويئر ائين اپ ڊيٽيڊ ٿي ويو هو ڄڻ تہ صدين جي ٿڪاوٽ دور ٿي ويئي هجي. صفا تازا توانا ٿي ويا هياسين. ڪلھي کان وٺي پنين تائين، پيرن کان وٺي مٿي تائين شاندار مالش ٿي هئي. ان مالش کان پوءِ وري ٻيو دؤر شاور جو ٿيو هو. ان ٻي شاور کان پوءِ ايڏا توانا ٿي ويا هياسين. جو ٽائيم جي خبر ئي نہ پئي، رات جا پوڻا ٻہ ٿي ويا هيا. واپسي ۾ مان، جاني ۽ پرتاب ٻاهر نڪري آيا هياسين. پر ڊاڪٽر اڃان نہ نڪتو هو.
مون کي بک لڳي هئي. مون سامھون گاڏي واري کان برگر ورتو هيو. اتي ئي ان برگر واري جي پاسي ۾ ويھي برگر کاڌو هيو. ٻيا دوست بہ هن وٽ ويھي ڊاڪٽر جو انتظار ڪري رهيا هيا. ڊاڪٽر اڃان نہ نڪتو هو. پرتاب کي هاڻي ننڊ اچي پئي، تنھن جي باوجود هو دوستي جو ساٿ نڀائيندي دوستن سان گڏ ويٺو هو. ٿوري دير کان پوءِ ڊاڪٽر نڪري آيو هو. چيو هيائين، ”دير تہ نہ ٿي آهي.“
چيوسين،”نہ اسان کي هتي ڪلاڪ ڏيڍ ٿي ويو آهي، باقي سڀ خير.“
رڙ ڪري چيائين،” هان ايڏو ٽائيم ورتم ڇا.“
چيم ،”ڊاڪٽر تنھنجو ڏوھہ ناهي.“
هن کلي ڏنو هو. ائين ئي دوست واپس پنھنجي هوٽل تي لڏندا لمندا آياسين. هاءِ ٿائيلينڊ تنھنجا ٿاڪ!

بينڪاڪ ايئرپورٽ ۽ ٻيجل جا سوال

اڄ اسان جي پتايا کان بئنڪاڪ جي فلائيٽ هئي. سو اسان پتايا ڦڪيٽ جي ٽرمينل ڊي ڊومسٽڪ ۾ موجود هياسين. اڄ 21 جولاءِ 2023ع جو ڏينھن هيو. اسان جي روانگيءَ جو وقت يارنھن لڳي پنجيتاليھہ منٽ هيو. ان وقت پاڻ ائيرپورٽ تي گهمي رهيا هياسين.
هي ڪو اهڙو وڏو خاص ايئرپورٽ نہ هيو. پر پوءِ بہ صفائي سٿرائي جي حساب سان تمام سھڻو ۽ سٺو هيو. مون ٻيجل کي واٽس اپ تي لائيو ڪال ڪري هن ايئرپورٽ جو ديدار ڪرايو. هو ڪيمرائي جي اک سان ايئرپورٽ کي ڏسي رهيو هو. ڄڻ تہ مون سان گڏ گهمي رهيو هو. مون کي جٿي بہ موقعو مليو پئي تہ مان هن کي واٽس اپ تي وڊيو ڪال ڪري، هن کي اهي شھر، ماڳ مڪان، ملڪ، شاپنگ مال ۽ ايئرپورٽ گهمايان پيو.
پر هن جو وري بہ آخر ۾ اهو ئي ساڳيو سوال هيو تہ،” بابا باقي گهڻا ڏينھن بچيا آهن، ڪڏهن موٽندو، هتان کان پوءِ ڪاڏي ويندو.“ ان ڪري جڏهن مون هن کي اهو ٻڌايو تہ،”بابا! پاڻ ايئرپورٽ تي آهيون، هتان کان بينڪاڪ ٿا وڃون ۽ پوءِ چئن ڏينھن يعني 25 تي اسان جي بنڪاڪ کان ڊاريڪٽ ڪراچي جي فلائيٽ آهي.“
ان تي هن جو حوصلو بلند ٿيو هو ۽ هن پنھنجي زبان سان دهرائيندي چيو،” باقي ٽي ڏينھن.“ سو پاڻ ايئرپورٽ کان جھاز تائين ٻيجل سان رابطي ۾ هياسين. هي جھاز Thai Lion Air Sl 771 ۽ بوئنگ 787-8 هيو.
هن جھاز ۾ فقط ڏهن ڪلو سامان کڻڻ جي اجازت هئي، هن جھاز جي ئي ڪري اسان گهڻي شاپنگ نہ ڪئي هئي ۽ سڀني جو اهو ئي خيال هيو تہ پاڻ بينڪاڪ مان ئي شاپنگ جي لٽ مار ڪنداسين. جھاز ڏسندي ئي ڏسندي وڃي اڀ کي ڪڇيو هو. مان جھاز جي دري جي پاسي کان هيس. هيٺ نگاھہ وڌم تہ سفيد بادل جھاز کان گهڻو هيٺ هليا ويا هيا.
پاڻ تمام وڏي بلندي تي هياسين. تقريبن سوا ڪلاڪ کان پوءِ جھاز هيٺ لھڻ جي ڪري رهيو هو. مٿان کان اک جڏهن هيٺ نگاھہ وجهي رهي هئي تہ وچ ۾ ڪجهہ مفاصلي کان پٽا پئي نظر آيا ۽ انھن پٽن جي وچ ۾ شھر پئي لڳو. هاڻي جھاز گهڻو هيٺ لھي آيو هو. گهرن سان گڏ ميدان، ڪينال جو پاڻي، ساوڪ جا ميدان نظر پئي آيا. نيٺ پاڻ هيٺ لھي آيا هياسين. هن وقت منجهند جو سوا هڪ ٿئي پيو. پاڻ بينڪاڪ جي ايئرپورٽ تي لينڊ ڪري چڪا هياسين.
پرتاب سان سيٽ تي ٿائلينڊ ۾ڪنھن ڪمپني جو مينجر سفر ڪري رهيو هو. ايئر پورٽ تي اهو بہ ٻيھر پرتاب سان ٽڪرائجي ويو. جنھن سان دوستن ڦوٽو بہ ڪڍرايا ها. هن جو خيال هيو تہ،”توهان پتايا جھڙي خوبصورت شھر کي ڇڏي بينڪاڪ جھڙي گندي شھر ۾ ڇو آيا آهيو. پتايا ۾ ايتري ٽريفڪ نہ آهي، جڏهن تہ بينڪاڪ ۾ ٽريفڪ جو وڏو آزار آهي. ڪلاڪن جا ڪلاڪ روڊ تي ٽريفڪ جام رهي ٿي.“ خير هو پنھنجي جاءِ تي سھي هيو ۽ اسان بہ غلط نہ هياسين. ڪھڙو اسان کي هتي هميشہ جي لاءِ رهڻو هيو. ڪليئرنس کان پوءِ پاڻ ايئرپورٽ جي ٽيڪسي اسٽينڊ تي هليا آياسين، جتي ٽيڪسي جا ريٽ تمام مٿي هيا. ان ڪري جاني کي اتي ئي هڪڙو ايجنٽ ٽڪرائجي ويو، جنھن سان هو تمام وڏي ڊسڪائونٽ تي راضي ٿيو. ان ڪري ان ٽيڪسي اسٽينڊ تان ورتل ٽوڪن ساڻ ڪري پاڻ پنھنجا بيگ گهليندا اتان ٻاهر نڪري آياسين. هاڻي اسان لفٽ ۾ هياسين. هي پارڪنگ پنجين ماڙ تي هئي، جتان اسان ٽيڪسي ۾ سامان رکيو. ٽيڪسي واري اسان کان اتان ئي پئسا وٺي ڇڏيا هيا. پنجين ماڙ کان پوءِ هيٺ لٿاسين تہ اهو ٽيڪسي وارو ٽيڪسي تان لٿو ۽ هڪڙو ٻيو عاشق مزاج نوجوان جنوني ٽيڪسي ڊرائيور سيٽ تي ويھي رهيو. دل ئي دل ۾ چيوسين،”خدا خير ڪري.“

نمونيباز عاشق مزاج ڊرائيور جو جادو

هي هڪڙو سنگل باڊي مون جيان، پر وکري اسٽائيل جو ڊرائيور هيو. ظاهري ڏيک مان لڳي پيو تہ هن جو ڊرائيونگ تي زور گهٽ پر پاڻ کي ٺاهڻ تي ڪجهہ وڌيڪ هيو. اسٽائلش ڪائو بواءِ وارو گول گول ٽوپلو مٿي تي پاتل، هٿن ۾ زنجيري، آڱرين ۾ منڊيون، ڪاري جينز ۽ ڀڀڪيدار شوخ رنگ جي شرٽ پاتل هي نوجوان ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺو، جنھن کي اسان ٻڌايو تہ اسان کي ”يونگ هوٽل“ تي وڃڻو آهي. هن هڪدم اسان جي ڳالھہ سمجهي ورتي هئي. هن جي عاشق هئڻ جو پڪو ثبوت مون کي اهو ملي ويو تہ هنن جي ڪنن ۾ ايئر پاٽس لڳل هيا.
ٻہ موبائيلون گاڏيءَ جي ڊيسڪ تي هن جي اڳيان کان پيون هيون. هڪڙي سان هو گوگل ميپ هلائي رهيو هيو ۽ ٻي سان عشق جي چڪي. جنھن موبائيل تي هو گوگل ميپ جي مدد سان رستي تي هلي رهيو هيو. ان موبائيل سان هو ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ جي جرئت نہ ڪري رهيو هو، جڏهن تہ ٻي موبائيل سان هو حرڪت ڪندي ٿڪجي نہ پيو. هو مسلسل فون تي ڳالھائيندو پئي آيو. اسان مان ڪنھن کان بہ هن حال احوال وٺڻ جي ڪوشش نہ ڪئي هئي. ان ڪري اسان بہ هن کي لفٽ نہ ڪرائيندي لت ڏيئي سمھي پياسين. سفر جي ٿڪاوٽ جي ڪري اسان کي ننڊ جو گهيرٽ اچي ويو هو. ايئرپورٽ کان هوٽل تقريبن 2 ڪلاڪ کن جي ڊرائيو تي هيو. واقعي اسان جي هوٽل ايئرپورٽ کان گهڻو پري هئي. پر جتي اسان جو هوٽل هيو، اهو علائقو اصل ۾ هيو بينڪاڪ جي شھر جو مرڪز. ان ڪري هن يانگ هوٽل جي چوائس ڪئي ويئي هئي.
ڊرائيور ڏاڍو ڦڙتيلو، تيز، چالاڪ قسم جو جوان هيو. هو سڄي واٽ فون تي گفتگو بہ ڪندو هليو، يقينن هو پنھنجي پريمڪا جي پريم ۾ گرفتار هيو. سو عشق ۽ مشڪ لڪڻ جا آهن ئي ڪونہ. پر گهڻائي ڪنھن بہ شيءَ جي ماڻھوءَ کي نيٺ ٿڪائي وجهندي آهي. رستي ۾ هڪڙي جاءِ تي همراھہ بريڪ ڏني، ڪار کي سائيڊ ۾ بيھاري، اسان کي ٻڌائڻ بنا ئي تڪڙ ۾ هيٺ لٿو. سامھون پيشاب خانہ ٺھيل هيا، هو تڪڙي ان ۾ گهڙي ويو. مون کي لڳو تہ همراھہ کي ريلي منجهائي ڇڏيو هيو. سو وري ريلو ڪري، تڪڙ تڪڙ ۾ سگريٽ جا سوٽا هڻي ٻاهر نڪري آيو.
اصل ۾ مون محسوس ڪيو تہ هو سگريٽ جو موالو هيو ۽ هن کي ڊرائيو ڪندي ڪافي ٽائيم ٿيو هو. هن سگريٽ نہ دکايو هو. ڇو تہ هو ٽيڪسي ۾ اندر ڪنھن بہ صورت ۾ سگريٽ نہ پيو دکائي سگهي. ان ڪري هو ٻاهر وڃي هڪ ڌڪ سان ٻہ شڪار ڪري آيو. پيشاب بہ ۽ سگريٽ بہ ڇڪي آيو.
هاڻي هو ٻيھر ڊرائيونگ سيٽ تي اچي ويٺو. هو تمام وڏي اسپيڊ ۾ ڪار هلائي رهيو هيو. وچ تي چوراهي وٽ اوچتو ڪا عورت اسڪوٽر تي هن جي اڳيان اچي ويئي. جنھن کي هن بچائيندي، ان اسڪوٽر واري کي پويان ٺوڪي ڪڍيو. پو تہ همراھہ ڪار کي بريڪ هڻي اتي ئي هيٺ لھي ويو. غلطي ان عورت اسڪوٽر واري جي هئي. ڇو تہ موڙ وٽ پوئتي ڏسڻ بنا ئي هو مين روڊ تي لھي پئي هئي ۽ اسان جي ٽيڪسي اسپيڊ ۾ هئي. هن ليڊي اسان واري ڊرائيور کان معذرت ڪري جان ڇڏائي. نيٺ گوگل جي مدد سان ڦري ڦري، ڳولھي ڳولھي هو اچي هوٽل زنگ جي سامھون بيھي رهيو. هن چيو،” اها ئي هوٽل آهي زنگ.“ اسان بہ آرس ڀڃيندا هيٺ لٿاسين. سامان لاهي هن جو شڪريو ادا ڪيوسين.
هن هوٽل کي سڄو ئي هلڪو وانگڻائي رنگ ڏنل هيو. جيڪو سڀني کان منفر۽ مختلف پئي لڳو. هاڻي مان توهان کي اهو ٻڌائيندس زنگ هوٽل جو ڪھڙو ماحول هيو، ڪھڙا عجيب اصول هيا ۽ هي هوٽل جديد تقاضائن مثل ڪيتري اپ ڊيٽڊ هئي. ڇا تہ ڪمال جي هوٽل هئي. هي هوٽل جاني جي پسند تي ئي بوڪ ڪرائي وئي هئي.

زنگ هوٽل جا سخت اصول

هوٽل جي شيشي واري داخل ٿيندڙ مک دروازي تائين پنھنجا بيگ گهلي، ڪائونٽر تي پھتاسين. ڪائونٽر/دخل تي اڳ ۾ ئي ٽي ٿائي عورتون هن هوٽل جي مخصوص ڊريس ۾ موجود هيون. هنن کي جڏهن پنھنجي بڪنگ ڏيکاري سين تہ هن اسان کان اسان جا پاسپورٽ طلب ڪيا. اسان سڀني پنھنجا پاسپورٽ ٿيلھن مان ڪڍي، انھن مان هڪڙي ڇوڪريءَ جي حوالي ڪيا.
اها ڇوڪري اسان جا پاسپورٽ ڦوٽو ڪاپي ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويئي، جڏهن تہ ٻي ڪجهہ لک پڙھہ جو ڪم پئي ڪيو. مان هوٽل جو جائزو وٺڻ لڳس، هي فور اسٽار هوٽل هئي. هن جي ڪائونٽر جي اڳيان تمام وڏو لائونج هيو. جتي صوفا بہ ان ئي هوٽل جي رنگ جھڙا يعني وانڱڻائي رنگ جا هيا.
سامھون کان شيشي جي وڏي دروازيءَ کان پريان سئمنگ پول بہ هيو، جنھن بہ سياح جي دل چوي تہ هو وڃي وهنجي اچي سگهي پيو. پر ان لاءِ اهو شرط رکيل هو تہ هن وٽ swimming kit جو هجڻ لازمي آهي. نہ تہ هن کي اتي وڃڻ جي اجازت نہ آهي. ان سان گڏ هڪڙو وڏو وسڪي جو ۽ کاڌ خوراڪ جو جنرل اسٽور پڻ هيو. جيڪو 24 ڪلاڪ کليل هيو. پاسپورٽ جي ڦوٽو ڪاپي ٿيڻ کان پوءِ ان ڪائونٽر واري عورت اي فور جي سائيز جو پنو اسان جي حوالي ڪندي سخت تاڪيد ڪندي چيو تہ،” توهان کي اسان جي هوٽل جي اصولن جي پاسداري ڪرڻي پوندي ٻي صورت ۾ انھن جي جيڪڏهن ڀڃڪڙي ٿي تہ ان جو ڏنڊ توهان کي ڀرڻو پوندو.“
انھن اصولن ۾ هيو تہ :
هوٽل ۾ اندر سگريٽ پيئڻ منع آهي. جيڪڏهن توهان هوٽل جي ڪمري ۾ اندر سگريٽ نوشي ڪئي تہ اهو قانوني طور تي ۽ هوٽل جي اصولن جي خلاف ورزي سمجهي ويندي.
هوٽل ۾ جيڪڏهن ڪا بہ ٻاهران عورت وٺي آندي ويئي تہ ان جي شناختي ڪارڊ جي ڪاپي ڪائونٽر تي جمع ڪرائي ويندي. جنھن لاءِ ان عورت کي ڪو بہ اعتراض نہ هوندو.
ان کان علاوہ صفائي جي حوالي سان جيڪڏهن ڪمري ۾ ڪو گند ڪيو ويو تہ ان جو بہ ڏنڊ ڀرڻو پوندو.
مطلب تہ اهڙي قسم جا ايترا شرط ۽ اصول ڏسي مون جاني کي چيو تہ ”هن قسم جي هوٽل جي بڪنگ ڪرائڻ جي آخر ڪھڙي ضرورت هئي.“
اسان ڪٿي بہ اصولن تي زندگي ناهي گذاري، ڇڙواڪ، لاپرواهي واري آزادانہ زندگي جا مالڪ هياسين، هن هوٽل اسان کي پڪڙي، جڪڙي ڇڏيو هو. اسان هن هوٽل جي سڀني اصولن سان متفق ٿياسين، پر سگريٽ نہ پيئڻ وارو اصول ڏکيو لڳو. مون ڪائونٽر تي ويٺل ليڊي کي چيو ته.”جيڪڏهن روم ۾ بہ سگريٽ نہ پيون تہ پوءِ ڪٿي پيون.“
هوءَ منھنجي ڳالھہ سمجهي ويئي هئي، ان ڪري مون کي هن اشارو ڪندي،کلي چيو هو تہ ”منھنجي سامھون هن لابي جي ٻاهران.“ ڀلا ان کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي سٺي ڳالھہ ٿي سگهي پئي. هن اسان کي ڪارڊ ڏيندي هدايت ڪئي هئي تہ،”هن ڪارڊ سان ئي سامھون هوٽل ۾ داخل ٿيڻ وارو گيٽ بہ کلندو تہ لفٽ بہ هلندي، هي ڪارڊ نہ هوندو تہ هوٽل جو دروازو بہ نہ کلندو تہ لفٽ نہ چرندي.“
اسان کي ٻن ڪمرن لاءِ ٻہ الڳ الڳ ڪارڊ ڏنا ويا هيا. اسان ڪارڊ کڻي پنھنجا بيگ گهلائيندا، هوٽل جي گيٽ تي ڪارڊ ٽچ ڪري، دروازو کولي اندر داخل ٿياسين. هي سڄي ڊجيٽيلائيزڊ هوٽل هئي. هر شي ڪمپوٽرائيزڊ، آن لائين، ڪئمرا سسٽم. نيٽ ورڪ ۽ بھترين ماحول. پاڻ هوٽل جي لفٽ وٽ اچي وياسين. هاڻي اسان چارئي پنھنجي سامان سوڌو لفٽ ۾ هياسين.
لفٽ تي ڪارڊ ٽچ ڪيوسين پر مجال آ جو لفٽ چري. وري ٻيو ڪارڊ لڳايو ويو پر نہ. نيٺ ڳالھہ سمجهي ۾ آئي تہ لفظ اوور لوڊ ٿي ويئي. لفٽ ۾ گنجائش کان وڌيڪ وزن آهي. هڪ اسان جو وزن، مٿان اسان جا ٻہ ٻہ بيگ، ويچاري لفٽ ايترو بار کڻي تہ ڪٿان کڻي. هي چئن ڄڻن جي لفٽ هئي. ان ڪري ٻہ ٻہ ٿي مٿي وياسين. سڀني دوستن جا ڪمرا هڪ ٻيئي سان گڏ هيا. پنھنجي ڪمري ۾ داخل ٿيندي ئي ڊاڪٽر رڙ ڪئي.
مون چيو،” خير تہ آ، ڇا ٿيو“؟.
چيائين ،”يار شيشي وارو باٿ روم آ، (شيشو بلر هيو، واش روم بند هيو مڪمل طور تي) هتان سڀ ڪجهہ نظر ٿو اچي.“
مون چيو،” ڪا ڳالھہ ناهي، خير آ، اسان پاڻ ۾ آهيون.“
ڪمري جا بيڊ روم ڪشادا، صاف سٿرا، ڪٻٽ، ٻہ عدد گلاس، ٻہ عدد ڪوپ، ڪافي، چانھہ، کنڊ جا شاشي، پاڻي جون ٻہ عدد ننڍيون بوتلون ۽ عدد بجلي واريءَ ڪٽلي/ٿرماس، مطلب ضرورت جون سڀ شيون دستياب ڪري ڏنيون ويون هيون.
جاني وارن جو ڪمرو اسان جي روم جي بلڪ سامھون هيو. هرڪو دوست پنھنجي پنھنجي روم ۾ هليو ويو هو. هي ڊبل شيئرنگ بيڊ هيا. پاڻ جلدي ۾ ئي فريش ٿيڻ لڳاسين. ٿوري دير ۾ تڙ ڪري، وهنجي سھنجي، تازا توانا ٿي، سفر جو ٿڪ لاهي صفا بالم ٿي ويھي رهياسين. دوستن سان رابطو ڪري هيٺ رولاڪين لاءِ هوٽل جي لابي ۾ لھي آياسين.

هڪ اڌوري شام: بينڪاڪ جي نانءُ

ٿوري دير کان پوءِ پاڻ سڀئي دوست هوٽل کان ٻاهر نڪري آياسين. هن وقت برسات شروع ٿي ويئي هئي. پاڻ هوٽل جي ساڄي پاسي کان پنڌ هلڻ شروع ڪيو. پاڻ ڀوڄن ڪرڻ لاءِ ڪنھن انڊين هوٽل جي تلاش ۾ هياسين. اسان مين روڊ جي پاسي سان ڦٽ پاٿ تي هلي رهيا هياسين. رستي ۾ ڪي دڪان، شاپنگ سينٽر نظر آيا. جن مان ڪي کليل هيا تہ ڪي وري بند. ان کان پوِءِ هڪڙي وڏي بلڊنگ نظر آئي، هن جي تعميراتي ڪم مان اهو لڳي پيو هي عمارت ويجهڙائي ۾ تعمير ٿي آهي، پر هن وقت هي سڄي خالي خالي هئي.
ان کان پوءِ، روڊ جي پاسي کان هڪڙي خالي پلاٽ تي ليمن جو باغ پوکيل هيو. هن باغ کي چئني پاسن کان تارن جو لوڙهو ڏنل هيو. ليمن جي وڻن ۾ پڪل مال موجود هيو. هي ليما وڏي سائيز جا هيا. ڪي پڪل ليما هيٺ ڪريل بہ نظر پئي آيا. پر هن باغ جي مالڪي نظر نہ پئي آئي. هن ئي روڊ سان ڪيترائي دڪان ۽ پلاٽ براءَ فروخت نظر آيا. بورڊن تي وڏن اکرن سان لکيل هيو For sale . پاڻ پنڌ ڪندي ڪافي پنڌ ڪري آيا هياسين. اسان ڪنھن چوراهي تي اچي پھتاسين. چوراهو زيبرا ڪراسنگ جي ذريعي پار ڪري، پريئن پاسي نڪري وري بہ روڊ جو ساڄو پاسو ورتوسون.
اڳيان گوگل موجب ڪافي انڊين هوٽلون هيون. ان چوراهي جي ڪنڊ تي تمام شاندار گاڏين جو دڪان هيو، جيڪي رينٽ (ڪرايي) تي هيون. ان کان اڳتي هلندي ڏٺوسين تہ پوليس جي ڪلر واريون ڊاٽسنون هتي لوڪل سواري جي طور تي هلي رهيون هيون. هن گاڏي جو نمبر 362 هيو.
برسات جي ڪري گاڏين پنھنجون لائيٽون آن ڪري ڇڏيون هيون. موسم ملھار ٿي چڪي هئي. هڪڙي جاءِ تي پينٽگ ۽ ڊرائنگ جو وڏو دڪان هيو. جنھن ۾ تمام شاندار، اعليٰ قسم جون پينٽنگس تيار ٿيل هيون، جن اسان جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪايو هيو. انھن پينٽنگس ۾ هڪڙي عورت جي تصوير پٺيئن پاسي يعني پٺاڙن جي ٺھيل هيئي جنھن جو منھن اڳتي هيو. هن کي مٿي تي ٽوپلو پاتل هيو. پر هن جو مٿيون ڌڙ بلڪل اگهاڙو ڏيکاريل هيو ۽ هن جي هيٺن ڌڙ تي سنهڙي ڄاري جھڙو ڪپڙو پھريل هيو. هن جو هڪڙو هٿ ٽوپلي تي رکيل هيو. جڏهن تہ هن جي ٻي هٿ تي ڪجهہ ڪپڙي جو ٽڪر نظر پئي آيو. آرٽسٽ جي فن جو هي اعليٰ شھڪار پئي لڳو. ڪافي دير ان پيٽنگز واري دڪان تي بيھي، مصور جي شاهڪارن جي برش جو ڪمال پئي ڏٺوسين. اڳيان کان ئي مني ايڪسچينگ هيو، جاني کي پئسا چينج ڪرائڻا هيا تہ جيئن هو اسان سڀني جو اڪائونٽس مينٽين ڪري سگهي. هن بوٿ ٽائيپ مني ايڪسچينج جي شيشِي جي اندران ڪائونٽر تي ليڊي ويٺي هئي. هي بوٿ ڦڪي رنگ جو هيو. جتي ويسٽرن يونين جو ڦڪي رنگ جو بورڊ ٻاهر لٽڪي رهيو هو.

انڊين سک سردار جي واري هوٽل ۾ ڀوڄن

ڊاڪٽر کي سفيد رنگ جي ٽي شرٽ پاتل هئي، جنھن تي انگريزي الفابيٽ جو ڳاڙهي ڀرت ۾ ”B“ لکيل هيو. ڊاڪٽر جي چھري تي خوشي جي لھر ڊوڙي رهي هئي. هو هتي اچي ڏاڍو پرسڪون محسوس ڪري رهيو هو. جيڪا هن جي مسڪرائيندڙ چھري مان صاف ظاهر ٿي رهي هئي. هن بوٿ جي پاسي ۾ هڪڙي پنجابي سک جي هوٽل هئي. اسان جيئن ئي ان هوٽل جي اڳيان گذرياسين تہ اسان کي روايتي انداز ۾ اندر سڏ ڪيو ويو. ”آئو جي، پاوجي، اتھي سبھہ فريش ايٽم ني.“ سردار جي جي ان سڏ تي اسان سڀ ان هوٽل ۾ داخل ٿياسين. هوٽل جي ورانڊي واري ڇاپري ۾ ڪي انگريز ويٺا هيا، ان ڪري اسان اندر وڃي ويھي رهياسين. جتي فقط ٻہ ٽيبلون هيون. ٻنھي ٽيبلن جي اڳيان چار چار ڪرسيون رکيل هيون. پاسي ۾ ئي اتي واش روم بہ هيو.
واش بيسن جي پڇڻ تي هن ٻڌايو تہ اهو بہ هن واش روم ۾ اندر ئي آهي. هي سردار جي نوجوان هيو. هن جي مٿي تي وارن جي چوٽي تي پٽڪو ٻڌل هيو. هن کي ڏاڙهي بہ رکيل هئي. هن جو اخلاق سٺو هيو. هن اسان جي اڳيان مينو رکي پڇيو تہ،”توهان ڇا کائيندو .“ پاڻي مينو کي نظر مان ڪڍي پنھنجي پسند جي ٻوڙ ۽ مانيءَ جو آرڊر ڏنو. هو اردو ۾ اسان سان ڳالھائي رهيو هو. ڪٿي ڪٿي پنجابي بہ. هن جي هوٽل جا بيرا، سڀ نوجوان ڇوڪريون هيون. هن وٽ نان بہ هيو، تہ اڦراٽا، چپاتي، دال ۽ چڪن ڪڙهائي بہ هئي.
ايشين کاڌي جا شوقين ماڻھو، اسان جي مزاج کي هو سمجهي ويو هو. هن بورچي کي آرڊر ڏيڻ کان اڳ ۾ اسان کي پڇيو تہ،”ٻوڙ ۾ مصالحه تيز ڪرايان يا نارمل.“ اسان سڀئي هو ن بہ چٽ پٽي کاڌي کائڻ جا شوقين آهيون. سو هن کي تيز مصالحي جو چيوسين ۽ ماني کان پوءِ دوده پتي چانھہ پڻ اڳواٽ ۾ چئي ڇڏيسين.
ماني لاءِ ڏھہ پندرنھن منٽ انتظار ڪرڻو پيو، پر ماني صفا تازي گرم گرم آئي. ان کان علاوہ سلاد ۾ بصر، کيرو ۽ ٽماٽا پڻ ڏنا ويا هيا ۽ سائي چٽڻي جي پيالي ۽ کٽاڻ جي پڻ ننڍڙي پيالي اڳيان رکي ويئي. سردار جي ماني کان پوءِ اچي اسان جو پاسو ورتو. ڪٿي ٿا رهو، گهڻن ڏينھن لاءِ آيا آهيو. توهان کي جاڏي بہ وڃڻو هجي تہ مون کي ٻڌايو تہ توهان کي ٽيڪسي ڪرائي ڏيان. ان کان علاوہ ٻيون ڪيتريون ئي آفر.
سردار جي جي هوٽل جي ماني ڏاڍي مزيدار هئي. تمام سٺو ذائقو هيو. ٽيسٽ بہ مختلف هيس. پر هتي انڊين کاڌا تمام مھانگا آهن. ماني کائي اڳتي هلياسين. مان توهان لاءِ انڊين هوٽل جو مينو بہ شيئر ڪندس تہ هتي دال ۽ چپاتي ڪيتري مھانگي آهي. چانھہ جا بہ وڏا ريٽ هيا، پر تنھن جي باوجود سٺي ڳالھہ اها هئي تہ چانھہ اسان جي مزاج جي ملي، جيڪا مشڪل سان ڪٿي ملي پئي. هن کان فون نمبر بہ ورتوسون. بلڪ هن پنھنجو ڪارڊ بہ ڏنو. ان کان پوءِ بل ادا ڪري ماني کي هضم ڪرڻ لاءِ اڳيان بازار جو رخ ڪيوسين. ٿورو اڳيان مس وڌياسين ۽ ڏٺوسين تہ مار! هتي تہ انڊين هوٽلن جي ڪتي ويامي پئي آهي. تمام گهڻيون انڊين هوٽلون هيون، جنھن ۾ دهلي درٻار هوٽل وڏي نظر پئي آئي.
اڳيان ئي ڪنڊ ۾ هڪڙو خوشبو وارو شخص دڪان جي پاسي ۾ مختلف قسمن جا خوشبو کپائي رهيو هو، جنھن ۾ عود، انبر ۽ سلطان وغيرہ ان کان علاوہ، هن وٽ عطر جون بہ شيشيون رکيل نظر آيون. سامھون هڪڙي ٻي انڊين هوٽل هئي، جنھن جو نالو Indian buffet هيو. پاڻ اڃان بہ رولاڪين جي موڊ ۾ هياسين. دڪانن جي ڦٽ پاٿ تي ويٺل ڪيترائي ماڻھو مختلف روزمرھہ جي زندگي جو سامان وڪڻي پنھنجي پيٽ پالي رهيا هيا.

شيطان ٽيڪسي وارو

سج لھڻ کان پوءِ هون بہ پياڪ پنھنجي هوش ۾ نہ هوندا آهن. بلڪہ مستي ۾ مست هوندا آهن. پر اسان پو بہ پنھنجي هوش حواس ۾ هئاسين. هر ملڪ جي رولاڪين جو بہ پنھنجو پنھنجو الڳ منفرد مقام ۽ مزو هوندو آهي. ڀنل روڊ، رستا، آليون گهٽيون، جهڙالي موسم، رات جي اونداهي، مٿان برساتي ڦڙ ڦڙ، بلبن جي جهيڻي روشني، ويران واٽون، اداس آکيرا، نراس نويڪلايون، اهي سڀ ڪيفيتون ملي ڪري اسان وارين رولاڪين جي وجود کي چار چنڊ لڳائي رهيون هيون. برسات تيز ٿي ويئي هئي. اسان جو اندر ٻاهر سڄو ڀڄي ويو هو. دوستن کي گذارش ڪئي سين تہ هاڻي پنڌ نہ ڪري سگهبو، ٽيڪسي يا رڪشو پڪڙيو تہ بھتر. اسان کي هڪڙي مارڪيٽ وڃڻو هو جنھن جو نالو مون کي ياد نہ ٿو پوي، جيسيتائين ٽيڪسي يا رڪشو وغيرہ پڪڙيون يا روڪڻ ۾ ڪامياب وڃون، تيسين هلندا رهياسين، ڪڏهن روڊ جي اتر ٿي وياسين تہ ڪڏهن ڏکڻ . ڪٿي ويران اونداهين رستن تان گذرون پيا تہ ڪٿي وري رونقن ۽ روشنين جي دنيا مان نڪري نروار ٿيون پيا.
هڪ اڌ رڪشي واري کي بيھاري، ان سان بہ ڳالھايوسين پر ڪنھن کي اها ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ پئي اچي. سو آخر جڏهن مينھن بہ بيزار ڪيو ۽ ٿڪاوٽ بہ ٿي ۽ قدرت بہ مھربان ٿي ۽ سامھون نظر ڪئيسن تہ هڪڙي ٽيڪسي بيٺل نظر آئي، ان جي ڊرائيور سان ڳالھايوسين. هن سان بارگيننگ ڪرڻ کان پوءِ اسان هن جي ٽيڪسي ۾ ويھي رهياسين. ياد رکو تہ هتان جا ٽيڪسي ڊرائيور وڏا شيطان آهن، ان ڪري جيترو ٿي سگهي انھن کان ضرور بچجو. توهان کي گريب اي ٽيڪسي وارن کان ٽيڪسي گهرائڻ گهرجي يا اوبر وارن کان. هن ٽيڪسي واري اسان کي چيو،” تہ ان بازار ۾ ڇو ٿا وڃو. اتي تہ همجنس پرستي ٿيندي آهي.“
”واقعي ئي.“ ڊاڪٽر رڙ ڪري پڇيو.
اسان حيرت ۾ پئجي ويا هياسين. ٿوري دير ۾ اسان پنھنجو فيصلو مٽائڻ وارا هياسين پر پوءِ ڪجهہ دوستن جي صلاح هئي تہ هي ڊرائيور پنھنجي ڪميشن جي چڪر ۾ اسان کي گمراھہ ڪري پيو. ان ڪري هن جي ڳالھين ۾ ناهي اچڻو. سو هن کي چيوسين تہ، ”اسان ان ئي بازار ۾ وينداسين، تون هل بس.“
جڏهن اسان هن جي ڳالھہ نہ مڃي تہ هو مجبورن ان ڏسيل منزل ڏانھن هلڻ لڳو. اسان بہ گوگل ميپ آن ڪري ڇڏيو هو. ڇو تہ هاڻي اسان کي شڪ جوآرس وڪوڙي ويو هو. هو شارٽ ڪٽ ڪندو، مختلف رستن کان ٿيندو نيٺ اچي اسان کي ان بازار جي گهٽي جي منڍ ۾ بيھاريو. برسات هئي جا رڪجڻ جو نالو ئي نہ پئي وٺي، هن مھل تہ ويتر برسات تيز ٿي وئي هئي. سوچون پيا تہ ان برسات ۾ هيٺ روڊ تي ڪيئن لھون. پر پوءِ بہ لھي پيا سين. روڊ تي پاڻي هيو. پاڻي جي ڪري اسان جا بوٽ پُسي/ڀِڄي ويا هيا ۽ اسان پڻ ڀِڄي ويا هياسين.

فري سيڪس اسٽريٽ

پاڻ ان اسٽريٽ ۾ جيئن ئي داخل ٿياسين تہ هي بہ پتايا جي بانگلا اسٽريٽ جيان ڪا واڪنگ اسٽريٽ هئي. هتي بہ جسم فروشي سان گڏ، مالش ۽ مساج جا وڏا مرڪز هيا. هڪ پاسي برسات جون بوندون برسي رهيون هيون تہ ٻي پاسي رات جي پکيئڙي پنھنجا پر پکيڙي ڇڏيا هيا. پر پو بہ هن گهٽي جو هر دڪان کليل هيو. هر بار ۾ رونقون محو رقص هيون. مون کي ائين لڳو تہ هي دڪان نہ پر ڪي عياشي جا وڏا اڏا هجن. جتي ماڻھو پنھنجا هوش، حواس وڃائي، پئسا لٽائي، نشي ۾ چور ٿي ڪريا پيا آهن. اسان هاڻي هڪڙي بار ۾ داخل ٿياسين. گيٽ تي سيڪيورٽي گارڊ ڦڙتيلا ٿي بيٺا هيا. بار ۾ وڏي رش هئي. ايتري رش جو پير رکڻ جي بہ جاءِ نہ ٿي ملي.
هنن بارن ۾ مختلف قسمن جا ڪيترائي شو ڏيکاريا ويا ٿي. جن ۾ خاص ڪري لائيو سيڪس شو ۽ عورتن جي مختلف ڪرتبن وارا شو. انھن شوئن دوران انھن جا مخصوص ڪارناما ئي هنن جي رش جا ڪارڻ هيا. هن قسم جوهتي بہ ڪيتريون ئي واڪنگ اسٽريٽ آهن، جن جا نالا تہ واڪنگ اسٽريٽ آهن پر انھن جو اصل ۾ پنڌ سان ڪو پري پري تائين جو بہ تعلق نہ هوندو آهي. اهي اصل ۾ جسماني ۽ ذهني ٿڪاوٽ دور ڪرڻ جا ٿاڪ آهن.
هي بہ اهڙي قسم جي سيڪس ۽ مساج واڪنگ اسٽريٽ ئي هئي. هتي بہ توهان جي مزاج جا ماڻھو توهان جي انتظار ۾ بيٺل نظر ايندا. ايندڙ ويندڙ سياح کي پيار ۽ پاٻوھہ مان پڪاري، اشارا ڪري، ڪڏهن ڪڏهن تہ زوري پڪڙي بہ پنھنجي من و ڪامنا پوري ڪندا. گهمندي گهمندي اسان کي ائين لڳو تہ اسان تہ غلط جاءِ تي اچي ويا هون. اسان جو هتي ڇا وڃي. سو اتان ئي موٽڻ جي ڪئسين. واپسي ۾ پنڌ ڪندا، گوگل جا ٿورا مڃيندا، پنھنجي هوٽل ۾ اچي هوٽل جي بسترن جي زينت بڻياسين.

سِک جي همدردين ۾ بد نيتي

صبح جو اٿندي اٿندي تقريبن ڏھہ ٿي ويا ها. ان ڪري وري بہ ان سک جي هوٽل تي ناشتي لاءِ اچي نڪتاسين. هن کان اسان بينڪاڪ جي ڪنھن سٺي هوٽل جو پڇيوسين. جنھن تي هن مختلف هوٽلن جو ٻڌايو پر ان جا ريٽ آسمان سان ڳالھيون ڪن پيا. پر جڏهن اسان هن کي ”سليپ ائينڊ سائونڊ“ sleep & sound هوٽل جو ٻڌايو تہ هن اسان کي مايوس ڪندي چيو تہ،”هي هوٽل بيڪار آهي، ڪنھن نہ ڪم جي آهي. شھر ۾ تہ آهي ئي ڪون. شھر کان پري ڪنھن ٻھراڙي ۾ آهي، ان ۾ توهان ڇو بڪنگ ڪرائي.“ اسان سمجهي ويا هياسين تہ هي همراھہ پنھنجي ڪميشن جي چڪر ۾ اسان کي مايوسي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪڻ چاهي ٿو. اسان هن جي بدنيتي واري عنصر کي اتي ئي پروڙي ورتو هو.
هن جي من ۾ لالچ جو طوفان گهُلي هلچل مچائي رهيو هو، ان ڪري هن وڌيڪ پنھنجي همدردي جي آڙ ۾ لالچ/حرص کي ظاهر ڪندي مھربان ٿيو تہ،” تہ مان توهان کي هتان کان ٽيڪسي بہ بڪ ڪرائي ڏيندس، جيڪا انتھائي سستي اگهہ ۾ هوندي.“ هن وڏي ڪوشش ڪئي تہ اسان جو همدرد ٿئي ۽ پنھنجون کوکليون همدرديون اسان سان ظاهر ڪندي، پنھنجو اعتماد بحال رکي، سو ان ڏس ۾ هن ٻيھر چيو،”مان توهان جا سڀ ڪم ڪري سگهان ٿو، توهان جو ڪو بہ ڪم هجي بس توهان مون کي هن فون نمبر تي اطلاع ڪيو. توهان جو ڪم ٿي ويندو.“
هن پنھنجو ڪارڊ ڏيندي چيو. جيتوڻيڪ هن جو ڪارڊ اسان ڪالھہ وٺي ڇڏيو هو. پر هي ڀروسي جوڳو ماڻھو نہ هيو. ڇو تہ جڏهن اسان هتان کان بينڪاڪ وڃڻ لاءِ ڪنھن ٽيڪسي جي ڊرائيور کان ريٽ معلوم ڪيا تہ اهي هن جي ٻڌايل پئسن کان اڌ کان بہ گهٽ هيا. جنھن مان معلوم ٿيو هي سک نوسرباز آهي ۽ ڪميشن جي لالچ ۾ ايندڙ لالچي ڪوئو آهي.
اسان هن جي هوٽل ۾ ناشتو پورو ڪري ٻاهر نڪري آياسين.
رستي تي هلندي هلندي ڪنھن راھہ ويندڙ مسافر کان پڇيوسين تہ، ”هتي گوتم ٻُڌ جو مجسمو ڪٿي آهي.“ هڪڙي همراھہ مٿاهين چاڙهي ڏانھن اشارو ڪندي چيو تہ ،” سڌو هليا وڃو، ان طرف آهي، پر توهان کي ٿورو پنڌ ڪرڻو پوندو.“
اسان سڀئي هن جي ڏيکاريل طرف ڏانھن نڪري وياسين ۽ پنڌ ڪندا، ڪچھري ڪندا هلندا رهياسين. پنڌ ٿورو نہ هيو پر ڪافي گهڻو هيو. جنھن واقعي ئي ٿڪائي وڌو هو. پر پرتاب تي پنڌ جو ڪو بہ اثر نہ ٿيو هو. هو اڳي کان بہ اڳرو هيو. هو تڪڙيون وکون کڻي تيزي سان چاڙهي چڙهي رهيو هو. جيڪو اسان جي لاءِ ڏاڍو ڏکيو هو. ڏکيو ان ڪري هيو تہ هي سڌو پنڌ نہ هيو، بلڪ تمام وڏي اڀڪپري هئي، جبل هيو، جيتوڻيڪ مٿي وڃڻ لاءِ روِڊ هيو، پر هيو مٿي چڙهڻ وارو پنڌ.

گوتم جي مجسمي جي ڇڪ

هڪ جبل جي چڙهائي جو پنڌ مٿان وري بارش پوءِ تہ سنڌ ئي ساڻان ٿي پيا. هي بگ بدها (گوتم ٻڌ جي مورتي) جبل جي چوٽيءَ تي هئي پر جيئن تہ اهو صبح ساجهر جو پھر هيو. رستي تي ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻھو نظر پئي آيا، ڪي واڪ ڪرڻ جي غرض سان ڊڪي رهيا هيا يا تڪڙي پنڌ ڪري جسماني ورزش جو مزو وٺي رهيا هيا تہ ڪي وري اسان پارا پنڌ جو مزو ماڻي رهيا هيا. ڇو تہ سڪ هئي، ان ڪري اهو پنڌ اسان کي جذبي، جوش ۽ جنون کي ڪومائي نہ پيو سگهي. مون ڀارو مل سوٽهڙ جي هڪڙي پوسٽ پڙهي هئي، جنھن ۾ هن راهول والپول جي ڪتاب ”جيڪو ٻُڌ سيکاريو.“ اها پوسٽ هن ريت هئي:
ٻُڌ کان پڇيو ويو تہ،”ڇا سبب آهي جو هن جا ڀشڪو، جيڪي سادي ۽ خاموش زندگي گذارين ٿا، اهي سڄي ڏينھن ۾ هڪ ماني کائڻ باوجود خوش ۽ ٻھڪندڙ آهن؟“
ٻُڌ جواب ڏنو،”هڪ تہ هي ماضيءَ تي پڇتائن نہ ٿا ۽ ٻيو تہ اهي مستقبل لاءِ پريشان نہ آهن. اهي حال ۾ جيئڻ چاهين ٿا، تنھنڪري خوش ۽ روشن آهن. باقي بيوقوف ماضيءَ تي پڇتائيندي ۽ مستقبل لاءِ پريشان رهي، پاڻ کي ڪنھن سائي پن وانگر سڪائي ڇڏيندا آهن.“
سو ٻڌ جا اهي سونھري قول ذهن ۾ رکي مٿي چڙهندا رهياسين. اسان جيتوڻيڪ واڪ جي مقصد لاءِ نہ آيا هياسين، پر اسان جي هن اوچائي تي چڙهندي چڙهندي واڪ ٿي ويئي هئي. منھنجو سڄو جسم پگهر ۾ شل ٿي ويو هو. چاڙهي چڙهندي ڪيڏو زور لڳندو آ. پرتاب سڀني کان اول ۽ اڳيان اڳيان تڪڙي تڪڙي وکون کڻي رهيو هو.
جانيءَ هن جي پٺيان پٺيان هلي رهيو هو. مون کان اڳ ۾ ڊاڪٽر ۽ آخر ۾ مان. ڇو تہ مون لاءِ ايڏو پنڌ ڪرڻ گهڻو ڏکيو هيو. دل جي عارضو هوندي بہ مون ايڏي اچائي کي سر ڪيو هو. نيٺ گوتم ٻڌ جي مجسمي تائين پھچي وياسين. ايندي ايندي روڊ جي ٻنھي پاسن کان جهنگ هيو.
پاڻ جڏهن مٿي پھتاسين تہ اتي ئي بھترين نموني سان پيشاب ڪرڻ واريون جايون ٺھيل هيون ۽ هٿ منھن ڌوئڻ لاءِ واش بيسن جو پڻ سٺو بندوبست ٿيل هيو. گوتم ٻُڌ جي مجسمي تائين پھچندي تمام گهڻيون ڏاڪڻيون چڙهڻيون هيون. هي ڏاڪڻ تمام ڪشادي ست اٺ ڦٽ جي ويڪري هئي، سيمينٽ جا ڏاڪا پڻ آرامده هيا. هي تمام گهٽ اڀي ڏاڪڻ هئي. پر ڊگهي گهڻي هئي.
هن ڏاڪڻ جي ٻنھي پاسن سان ڊريگن بلا شڪل جو ور وڪڙ وارو جسم سيمينٽ سان ٺھيل هيو. هن جي منڍي ڏاڪڻ جي هيٺائين حصي تي هئي. پوئين پاسي مٿي، گوتم ڏانھن پڇ هيس. پاڻ مٿي چڙهي آيا هياسين. هر طرف سونھري مجسما نظر پئي آيا. ڪي ننڍا تہ ڪي وڏا. (رڪارڊ جي مطابق تہ ست ننڍا بدها بہ آهن) ان کان علاوہ بہ ڪجهہ ننڍڙا اسٽيچو بہ سونھري رنگن ۾ نظر آيا.
پر سڀني کان وڏو مجسمو گوتم جو هيو. اصل ۾ سڌارتا جو هي مجسمو 59 ڦٽ ڊيگهہ ۾ ۽ 18 ڦٽن جي اوچائي تي آهي. جتان جومٽين بيچ جو نظارو ڪري سگهجي ٿو. هي بيچ هن گوتم جي مجسمي کان گهڻو پري نہ آهي. گوتم ٻڌ جا پوڄاري هن جاءِ تي اچي سڪون ماڻين ٿا ۽ پنھنجي عبادت، پوڄا پاٺ پڻ ڪن ٿا. اهي پنھنجي صحت، ڪاروبار ۾ ترقي، خوشحالي، خوشي، سک ۽ شانتي جي دعا گهرن ٿا. اهي اگربتيون بہ ٻارين ٿا تہ گل بہ نڇاور ڪن ٿا. ان کان علاوہ هتي ڪنڊ تي ڦٽاڪا بہ هڻن ٿا. ان لاءِ لوھہ جي يا تين جي ڊرم کي اڌ ڪٽي، ان ۾ڦٽاڪن کي باھہ ڏيئي اڇلايو وڃي پيو، تہ جيئن ڦٽاڪا ان ۾ ئي پيا ڦاٽن. هي بہ هڪڙي قسم جي رسم آهي، جنھن سان من جي مراد پوري ڪئي وڃي ٿي، يا وري جنھن جي من جي ڪامنا پوري ٿي تہ اهو هتي اچي ڦٽاڪا هڻي ٿو. هتي هڪڙي ٻي عجيب ڳالھہ نظر آئي، جيڪا هي هئي تہ هتي هٿراڌو ڪاڳر جا ٺھيل ڪيترائي ئي ماڻھن جي قد جيڏا ٻوٽا نظر آيا. جن تي مختلف ٿائي باٿ جا ڪڙڪ نوٽ لڳل/چنبڙيل نظر آيا. هي اهي نوٽ هيا جيڪي آسائتا آس کڻي اچڻ مھل ۽ دل جي مراد/دعا پوري ٿيڻ مھل هتي لڳائي نذراني جو دان ڏين پيا.

سوني دروازي تي حرامپائيءَ جي حد

ٻي ڳالھہ تہ هتي پانڌيئڙن جي توجھہ ڇڪرائڻ يا انھن کي هرکائڻ لاءِ پڻ اهو ڪم ڪيو ويندو آهي تہ اهي نوٽ ڪاڳر جي وڻن تي چنبڙائي ڇڏيل ڏسي، هر زائرين اهو دل ۾ خيال ڪري تہ مون کي بہ اتي پئسا رکڻا آهن. ٻين لفظن ۾ ماڻھن کي پئسا ڏيکاري هرکائڻو هوندو آهي. تہ جيئن ماڻھو اچن ۽ اهي شيون ڏسي پاڻ بہ پئسا رکن. اهڙي قسم جون حرڪتون اسان وٽ وڏين درگاهن جي احاطن ۾ وافر مقدار ۾ نظر اينديون آهن. جن جي پٺيان مجاورن جو خالي هٿ نہ هوندو آهي پر انھن جو دماغ بہ شامل هوندو آهي. اسان وٽ قلندر جي درگاھہ ۾ اندر هزار يا پنج سو روپين جا نوٽ سامھون رکيل ڏيکاريا ويندا آهن تہ جيئن زائرين انھن نوٽن کي ڏسي هرکي پون ۽ اهو سوچين تہ،” يار ماڻھو هتي هزار يا پنج سو جا نوٽ رکي ويا آهن مون کي ڏھہ يا 20 يا پنجاھہ جو نوٽ نذراني طور نہ ڏيڻ گهرجي ۽ مون کي بہ اهڙا ئي نوٽ رکڻ گهرجن.“ ماڻھن جي نفسيات سان کيڏڻ آهي.
هڪڙي دفعي مون سان ائين ٿيو جو مان پنھنجي ننڍڙي ٻيجل کي ساڻ ڪري، نظام الدين ڀاڻج سان لال شھباز قلندر جي مزار تي عقيدت ۾ حاضري ڀرائڻ ويس ۽ زيارت ڪرڻ کان پوءِ جيئن ئي ٻاهر آيس ۽ سوني دروازي جي اڳيان ڪراس ڪندي گذريم تہ سوني دروازي تي هڪڙو پرائيوٽ ماڻھو بيٺل نظر آيو، جنھن اشارو ڪندي پاڻ ڏانھن سڏ ڪيو.
مان ، ٻيجل ۽ نظام هن ڏي هليا وياسين. ويجهي پھتاسين تہ ڏٺوسين تہ ڄاري واري دروازي تي هزار هزار جا ٻہ نوٽ ۽ هڪڙو نوٽ پنج سو روپين جا اٽڪايا ويا هيا. هن مسڪرائي نوٽن ڏي منھنجو ڌيان ڇڪائيندي چيو تہ،” صاحب! سائين جو نذرانو.“
مون هن جي ان ڳالھہ کي صفا نظرانداز ڪندي هزار وارا ٻيئي نوٽ ڪڍي ٻيجل کي ڏيندي چيو تہ،”بابا اچي هي وٺو سائين جي خرچي توهان لاءِ .“ منھنجي ان عمل تي هن همراھہ جو وات گودو ٿي ويو ۽ هن رڙ ڪري چيو،”سائين هي قلندر جا پئسا آهن، هي ڇا ٿا ڪيو؟ “
مون هن کي سمجهائيندي چيو تہ،”تون ان ڳالھہ جي ڪا بہ ڳڻتي نہ ڪر، مان سائين جو مريد آهيان، سائين سدائين وٺندو آهي، اڄ سائين منھنجي ننڍڙي کي خرچي ڏني آهي، مان ڄاڻان تہ قلندر ڄاڻي، اسان پاڻ ۾ ٺھي وينداسين، تون وچ ۾ نہ پئو.“
مون ڏٺو تہ هو همراھہ صفا بوکلائجي ويو. سو ڪاوڙ ۾ چيائين، ”سائين جي ڏيو نہ ٿا تہ پوءِ هي پئسا کڻو تہ نہ، هي اسان جي روزي آهي.“
مون هن کان پڇيو تہ،”توکي اوقاف کاتي وارن هتي رکيو آهي يا تون اوقاف کاتي جو ملازم آهين.“
چيائين،”نہ سائين مان اوقاف جو ملازم ناهيان، بس روزي پيا ڪيون.“ سو هن قسم جي حرڪت لال سائين جي اندر درگاھہ ۾ بہ ٿئي پئي. جتي ماڻھن کي هرکائڻ لاءِ وڏا وڏا نوٽ رکي ماڻھن کي اشارو ڪن ٿا تہ توهان بہ اهڙا نوٽ رکو.
سو هتي بہ گوتم جي آڳنڌ تي بہ اهو ئي سلسلو هليو پئي. ساڳيو ئي ملن جيان لٽڻ وارو فارملو هتي بہ لاڳو هيو. ماڻھن کي لٽڻ ۽ ڦرڻ جو اهو فارمولو دنيا جي مڙني درٻارن، مندرن، درگاهن، گرجاگهرن، مسجدن ۽ آشرمن ۾ سالن ۽ صدين کان لاڳو آهي. مذهب جي آڙ ۾ سادو ماڻھو صدين کان پئي لٽجندو رهيو آهي. اهو پوءِ کڻي قلندر جي مزار هجي، ڀٽائي جو روضو هجي يا وري عبدﷲ شاھہ اصحابي جي مزار.

ٿلھي مجسمي جي پيٽ ۾ سڪو وجهڻ

توهان کي ٻڌائيندو هلان تہ هتي هڪڙو اهڙو بہ اسٽيچو/مجسمو هيو، جنھن جو رنگ بہ سونھري هيو. هو تمام وڏي پيٽ سان ٿلھو متارو هيو. هن جي پيٽ ۾ گجي وٽ سوراخ هيو. عقيدتمند هن جي پيٽ کي ڀرڻ لاءِ ۽ پنھنجن آسن ۽ اميدن کي پروان چڙهائڻ لاءِ هن جي گجي ۾/سوراخ ۾ هتان جي ڪرنسي جو سڪو ٿورو پري کان يعني 3 يا 4 ڦٽن کان بيھي هن ۾ اڇلائي وجهڻ جي ڪوشش ڪن پيا تہ جيئن اهو سڪو هن جي پيٽ ۾ اندر وڃي ڪري ۽ هن جي اميد/من جي مُراد پوري ٿئي.
مون کان اڳ ۾ هڪڙي نوجوان ڇوڪري پنھنجي خوابن جي پورائي لاءِ هن پيٽي جي پيٽ ۾ سڪي وجهڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي، پر هر دفعي هوءَ ناڪام ويئي. هن وري ٻيھر ڪوشش ڪري هن جي پيٽ ۾ سڪي کي اڇلائي وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، جئين بلورن کيڏڻ مھل ليڪي کان بيھي گهچي ۾ بلور اڇلائبا آهن، پر هن دفعي بہ هن جي پيٽ ۾ سڪو نہ پيو ۽ دن کان ٻاهر نڪري آيو ۽ هيٺ پٽ تي ڪري پيو.
ڇوڪري بيزار ٿيندي هن جي ويجهو وڃي، هٿ سان ئي هن جي پيٽ ۾ سڪو وجهي ڪاوڙ جو اظھار ڪندي اڳتي وڌي ويئي. ان کان پوءِ منھنجو وارو هيو. جاني چيو تہ،”سائين مون وٽ سڪو آهي، توهان بہ قسمت آزمايو، من توهان جو بہ ڀاڳ کلي پوي.“ هن سڪو منھنجي هٿ ۾ ڏيندي چيو.
مون سڪو وٺي، ان ٿلھي ڀڳوان جي سامھون ان لائين تي بيھي رهيس ۽ اتان ئي هٿ ڊگهو ڪري ان مجسمي جي پيٽ ۾ سڪو اڇلايو پر سڪو هيٺ ڪري پيو، هن جي دن واري سوراخ ۾ نہ ويو.
”سائين وري ڪوشش ڪيو.“ جاني رڙ ڪري چيو.
مون ٻيھر سڪو کڻي هن جي پيٽ ڏانھن اڇلايو پر ٿوري دوڌ ڪندي هٿ کي گهڻو ڊگهو ڪري اڇلايو، پر هن دفعي بہ سڪو هيٺ ڪري پيو. نيٺ مون ائين ئي ٽي دفعا ناڪام ڪوشش ڪئي، پر هن دفعي مان لائين کان ٿوري اڳتي نڪري آيس ۽ مون جاني کي چيو تہ،”هي ديوتا ائين پري کان اڇلائي ڏيڻ وارو نذرانو قبول نہ ڪندو، ان ڪري هن کي ويجهو ٿي ڏبو تہ هو انڪار نہ ڪندو.“
مون ڇا ڪيو جو، ٿورو اڳتي جهڪي، هٿ ڊگهيري وڃي هن جي دن تائين پھتم ۽ سڪو اڇلائي هن جي دن ۾ وڌم. سڪو هن دفعي دن ۾ اندر هيو.
ان تي جاني رڙ ڪري چيو تہ،”نہ سائين نہ، اها دوڌ آهي، توهان ايڏو ويجهو وڃي وڌو.“
مون چيو، ”جاني ڀاءُ! بس ماڻھن سان دوڌ نہ ڪجي، باقي ديون، ديوتائن، سان دوڌ ڪئيسين تہ خير آ. ديوتا فقيرن ۽ سنياسين جون هجتون دل سان قبول ڪندا آهن ۽ انسانيت سان پيار ڪندا آهن.“ دوستن هن راند کي پسند ڪيو هو.
ائين چئي اسان اڳتي وڌياسين. ڏٺم تہ هڪڙو مجسمو ننڍڙي قد جو، بلڪ ائين چئجي تہ هي ٻارڙو سنياسي يا ڀشڪو هو. هن جي ٺوڙھہ ٿيل هئي. هن جي اڳيان چندي واري پيتي رکيل هئي. مان تہ هون ئي هٿين خالي آيو هيس، ان ڪري هن کي ڏيڻ لاءِ مون وٽ ڪجهہ بہ ڪونہ هيو. پر هتي تہ زائرين هن کان وٺڻ آيا هيا، پر هي پاڻ اسان کان گهرن پيا. ڏاڍو عجيب فلسفو هو.
ان ڪري مون هن جي ٺوڙھہ تي تمام ويجهو ٿي چمي ڏيندي هن کي چيم،”يار پئسن جو ڪاروبار گهاٽي وارو آهي، منھنجي هي چمي تنھنجي ٺوڙھہ تي توسان ياري جي آهي، سو پئسن جو دل ۾ نہ ڪجان، اچ تہ پريم جو ڪاروبار ڪيون.“
اهڙي ريت پاڻ اتان نڪري اڳتي هليا وياسين.
ان دوران گهمندي گهمندي مون پنھنجي دوست اعجاز سيف پنھور کي اتان گوتم ٻڌ جي درٻار مان لائيو وڊيو ڪال ڪئي تہ جيئن هن کي هي منظر ڏيکاري سگهان ۽ هن کي ٻڌايان تہ،” اسان جا جسم برساتي پاڻيءَ سان ڀڄي ڀيڄ ڀيڄ ٿي رهيا آهن ۽ مون کي يقين آهي تہ توهان گرمي جي گرمائش ۾ شيھي جيان رجي رهيا هوندا.“
اعجاز ٻڌايو تہ،”هتي ڇتي گرمي آهي، تيز اس جسم جي چمڙي کي ساڙي رهي آهي، نہ بجلي آهي ۽ نہ ئي گئس. توهان جي جيئري ئي جنت ۾ آهيو، پر اسان تہ دوزخ جو لائيو شو اکين سان ڏسي رهيا آهيون، بس مالڪ ڪا ٻاجهہ ڪري، باقي ڪم لھي ويا آهن.“
سو دوستن کي هن هلڪي برسات ۾ گهمندي ۽ هنن ديوتائن جو زيارتون ڪندي ڏاڍو مزو پئي آيو. وري پاڻ ساڳي ئي رستي کان پنڌ ڪندا، ڪچھري ڪندا، هڪٻئي سان چرچا، کل ڀوڳ ۽ مذاق مستيون ڪندا ورياسين. خبر ناهي تہ من جون مرادون پوريون بہ ٿيون يا پئسن نہ ڏيڻ جي ڪري مٿي آسمان ۾ ٽنگجي ويون. وري ڪو ٻائو ملي تہ ان کي پئسا ڏيئي ان کان پنھنجي قسمت جو حال احوال پڇي وٺون.

فلوٽنگ مارڪيٽ ۾ رولاڪيون

فلوٽينگ floating (ترندڙ) مارڪيٽ لاءِ اسان هڪڙي ٽيڪسي ڪرائيسين. ان ٽيڪسي تي جڏهن ويٺاسين تہ اهو ٽيپھري ڌاري جو وقت هيو. آسمان ڪارن ڪڪرن سان پلال جي ويڙهيءَ جيان ويڙهجي سٿجي ويو هو. ڏسندي ڏسندي ئي بوندن برسات جو روپ ڌاري برسڻ شروع ڪيو هو. برسات جي ڪري نہ فقط من جي موسم مٽي هئي، پر فلوٽنگ مارڪيٽ ۾ بہ مانڊاڻ مچي ويو هو. ماڻھن جي چھرن تي رونق اچي ويئي هئي. مان سوچان ٿو تہ ماڻھو جي سڀاءَ ۾ موسم جو ڪيڏو نہ عمل دخل آهي. سچ تہ هاڻي گهمڻ جي موسم نکري نروار ٿي ويئي هئي. ٻاهرين فضا اسان جي اندر ۾ مھڪي اٿي هئي. هر پاسي پرنور جلوون جو پرجوش جوش هيو ۽ اسان جي اندر جو رٺل آتمائون بہ هن علائقي ۾ اچي شانتي جي ويس ڍڪي، گهمڻ لاءِ جاڳي پيون هيون.
سو جڏهن ٽيڪسي واري بريڪ هڻي چيو تہ،”توهان جي فلوٽينگ مارڪيٽ اچي ويئي آهي.“ اسان هيٺ لٿاسين. جاني هن کي ڪرايو ادا ڪيو. هن چيو تہ،”جيڪڏهن توهان ساڳي ئي ڪرائي تي مون سان واپس هلڻ پسند ڪيو تہ بہ مان هتي توهان جي انتظار ۾ بيٺو هوندس.“
اسان هن کي چيو تہ،”متان اسان کي گهمندي گهڻي دير ٿي وڃي، توهان کي تڪليف ٿئي، ان ڪري بھتر آهي تہ توهان ڀلي هليا وڃو.“
تنھن تي هن چيو تہ،”نہ نہ ڪا ڳالھہ ناهي توهان ڀلي مزي سان گهمو ڦرو، ڪو مسئلو ڪونھي، مان هتي ئي توهان جي انتظار ۾ بيٺو هوندس.“
پاڻ جيئن ئي واڪ ٿرو گيٽ Walk through gate (چيڪنگ واري دروازي کان پاڻ کي اسڪين ڪرائي) داخل ٿي فلوٽنگ مارڪيٽ جي اندرئين حصي ۾ آياسين تہ اسان جي سامھون فلوٽنگ مارڪيٽ جي آفيس هئي. اسان ان آفيس ۾ داخل ٿياسين. سامھون ئي ڪائونٽر هيو، جتان اسان کي ٽڪيٽ وٺڻي هئي. سو جاني ۽ پرتاب ٽڪيٽ جي ڪائونٽر تي اچي بيٺا.
هتي ٻن قسمن جون ٽڪيٽون هيون. هڪڙي سادي گهمڻ جي ٽڪيٽ ۽ ٻي ٽڪيٽ جنھن ۾ ڪلچرل ڊريس پارائي، ٻيڙي ۾ ويھاري، وڏي پروٽوڪول سان توهان کي فلوٽنگ مارڪيٽ جو سير ڪرايو پئي ويو. مون اها گذارش ڪئي تہ جيڪو مزو پنڌ آزادي ٿي پنھنجي مرضيءَ سان گهمڻ ۾ آهي، اهو ٻيڙي ۾ هتان جي ڌارئي ثقافتي ڊريس جي زنجير ۾ پاڻ کي جڙائي گهمڻ ۾ نہ ايندو. سو منھنجا ٽيئي دوست ان ڳالھہ تي متفق ٿيا تہ پاڻ فلوٽنگ مارڪيٽ کي پيرين پنڌ گهمنداسين.
سو سادي ٽڪيٽ وٺي پاڻ اڳتي نڪتاسين. ڪاٺ جي تختن جي هيٺ پاڻي ئي پاڻي هيو. هي مارڪيٽ پاڻيءَ جي مٿان ٺھيل هئي. ڪاٺ جي تختن جي زمين ان ڪري وڇائي ويئي هئي تہ جيئن پاڻيءَ کي قابو ۾ آڻي سگهجي. ڪاٺ جي آلن تختن تي هلڻ مھل ايئن محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ تہ پاڻ پاڻيءَ تي هلي رهيا هجون. هي مضبوط قسم جو ڪاٺ ڪنھن پراڻي سامونڊي جھاز جو لڳي رهيو هو.
برسات مسلسل جاري هئي. ڪاٺ سڄو پسي نرم ٿي ويو هو. پر پوءِ بہ اهڙو مضبوط، جھڙو لوھہ. فلوٽنگ (ترندڙ) مارڪيٽ ۾ هر قسم جا دڪان هيا، ڪپڙن جا، کائڻ پيئڻ جا، تحفن تحائفن جا ۽ خاص ڪري ڦوٽو ڪڍرائڻ جا ڪي خاص پوائنٽ ٺھرايا ويا هيا، جيڪي انتھائي خوبصورت هيا. انھن ۾ جيڪا خاص پوائنٽ اسان سڀني کي پسند آئي، اها هئي LOVE واري. يعني ڳاڙهن اکرن سان، ڪلھي تائين ايندڙ سائيز جو ايلL، ان کان پوءِ وري او O، وري ويV ۽ آخر ۾ اِي E اچيو. اهي اکر هڪٻئي کان پري پري رکيا ويا هيا. جيڪڏهن ڪو ماڻھو انھن اکرن جي وچ ۾ بيھي تصويرڪڍرائڻ چاهي تہ ڪڍرائي سگهي پيو. انھن ۾ ڦوٽو ڪڍرائڻ جو مزو ئي ٻيو هيو. پاڻ گهمندا گهمندا هڪڙي ميوزم ۾ اچي نڪتاسين، جنھن ۾ هڪڙي ڪنوار جي کڻڻ واري ڏولي پڻ سجايل هئي، ائين پئي لڳو تہ اجهو ڪي اجهو ڪا ڪنوار اچي هن ۾ ويھندي. ان کان علاوہ ڀت تي وڏن اکرن سان ٿائي ٻولي ۾ ڪجهہ لکيل هيو؛ .....جنھن جو ترجمو جاني هڪڙي ايپ مان ڳولھي ڪڍيو هو. ان کان علاوہ هتي ڪيترائي مجسما پڻ نظر آيا، جن مان ڪي عورتن جا هيا تہ ڪي مردن جا. جيڪي بادشاھہ ۽ راڻين جا لڳن پيا.
پاڻ اتان جي گيٽ کان نڪتاسين تہ وري ٻاهر مين روڊ واري گِيٽ تي اچي نڪتاسين. جتي خوش اخلاق سيڪورٽي گارڊ بيٺو هيو. اسان کي گيٽ کان ٻاهر نڪرڻو نہ هيو. ڇو تہ ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ توهان ٻيھر اندر فلوٽنگ مارڪيٽ ۾ داخل نہ ٿا ٿي سگهو. ان لاءِ وري توهان کي ٻي ٽڪيٽ وٺڻي پوندي. پر اتي معمور سڪيورٽي گارڊ ڏاڍو مھربان هيو.
جنھن اسان جي ڪيفيت کي سمجهندي چيو تہ،”ڪا ڳالھہ ڪانھي توهان ٻيھر اتان ئي واپس اندر اچي سگهو ٿا.“ اسان هن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ وري اتان ئي اندر داخل ٿياسين. نہ تہ وري ٻي ٽڪيٽ وٺڻي پوي ها، ڇو تہ اسان اڃان فلوٽينگ مارڪيٽ گهمي ئي ڪٿي هئي. سو گهمندي گهمندي. دوستن جو موڊ ٿيو تہ کوپري واري آئسڪريم جو مزو وٺجي. ان ڪري ناريل واري اسٽال تي پاڻ اچي نڪتاسين. جتي نوجوان ناريل جي ڪريم واري آئس ڪريم کپائي رهيو هيو. هن جي آئس ڪريم جو سواد ئي ٻيو هيو. واقعي ئي برساتي موسم ۾ آئس ڪريم کائڻ جو الڳ ئي مزو آهي.
ڪاٺ جي چمچن ۽ ناريل جي کوپري ۾ آئس ڪريم رکيل هڪ بلڪل الڳ ٿلڳ پيشڪش هئي. اتان اڳتي هلياسين تہ هڪڙو ننڍڙو ٻيجل جيترو، پاڻي جي شيشي واري حُوض ۾ ٽنگون هيٺ لڙڪائي ويٺو هيو. ان حوض ۾ ننڍڙيون ننڍڙيون مڇيون پيل هيون، جيڪي پيرن جي مَرِ يا مير کي يا ڪِنن بيڪٽيريا يا جراثيمن کي کائي رهيون هيون.
هو ننڍڙو ڏاڍو پرسڪون ويٺو هيو. هن کي مڇين جي پتڪڙن چڪن جي ڪري ڪتڪتايون تہ ضرور ٿينديون هونديون، پر هو ڏاڍو آرام سان، پرسڪون ويٺو هيو. هي اڌ ڪلاڪ جو پروگرام هيو ۽ ان جا چارجز ڪافي وڏا هيا. اهڙي قسم جا ٻيا بہ ڪيترائي دڪان هيا، جتي ڪي اڪئيريمaquarium (شيشي جا حوض) رکيل هيا، پر ان وقت اهي ٻيا سڀ خالي هيا. هن دڪان جي مالڪياڻي اسان کي بہ سڏ ڪري رهي هئي تہ اچو پنھنجا پير صاف ڪرايو، پر اسان مان ڪنھن جو موڊ پير صاف ڪرائڻ جو نہ هيو. سو هن کي مسڪرائي شڪريو ادا ڪري اڳتي رمندا رهياسين.

برپٽ ۾ ڳاڙهي ڪنوار

ان کان اڳتي جيئن ئي وڌياسين تہ هڪڙي نوجوان قدآور ناري پاڻ سينگاريو سنواريو، ڪنوار وارو ڳاڙهي رنگ جو چمڪندڙ وڳو پائي، چوٽن تي گلابن جا گل لڳايو ايئن بيٺي هئي ڄڻ تہ هن کي ڪنھن گهوٽ جو انتظار هجي يا وري هن کي ڪنھن شادي ۾ وڃڻو هجي. هوءَ ائين تيار ٿي آئي هئي جھڙي ريت عورتون پاڻ کي نڪاح کان اڳ ۾ پارلر کان تيار ڪرائي renovate ڪرائي اينديون آهن.
هوءَ اسان جي اڳيان اچي بيھي رهي. جنھن مان ائين لڳو تہ هن اسان کي ڄاڻي واڻي روڪيو هجي. هن اسان سڀني کي ڀليڪار ڪندي خواهش ڏيکاري تہ هن سان يادگار تصويرون ڪڍرايون. جنھن تي جاني چيو تہ،”سائين هن سان نڪتل تصويرون جي گهر تائين پھچي ويون نہ، پو تہ پنھنجو خير ناهي.“
سڀني کان زوردار ٽھڪ نڪري ويو، هوءَ بہ سمجهي ويئي هئي تہ ڇورا مستي ٿا ڪن. يقينن ان تصويرن جو هوءَ معاوضو وٺي رهي هئي. هي عورت اتي بيھي پنھنجو ڪاروبار ڪري، پنھنجي روزي ڪمائي رهي هئي. هن اسان چئن کان 100 باٿ ورتا ۽ سڀني سان تصويرون ٺھرايون. هوءَ واقعي ئي خوبصورت هئي يا هن جي چھري تي ميڪ اپ جا تھہ چڙهيل هيا، اهو نہ ٿو چئي سگهجي. هونءَ بہ اسان پارا سڌڙيا رڳو اهڙين ئي شو ڪيس ۾ سجايل رانديڪن سان ئي کيچل ڪري پنھنجي ٻاڙ ماريندا آهن يا وري پنھنجن پنھنجن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ وڃي، دوستن يارن کي اهي تصويرون ڏيکاري وڏيون ڊاڙون هڻي اهو چوندا آهن تہ،”ڏس هي اها ناري هئي، جيڪا مون سيٽ ڪئي.“ سڀ حرامپايون!
ان ڪري هر ايندڙ ويندڙ ماڻھو جي، خواهش هئي تہ هوءَ هن سان تصوير ڪڍرائي. اسان کي هن سان تصوريون ڪڍرائڻ جو ڪو بہ ارادو نہ هيو. پر هن جي اسرار تي سوچيو سين تہ ٺيڪ آ هن جي بہ روزي ٿي ويندي ۽ اسان جو بہ ڪم بہ. ان ڪري اسان مان هر هڪ دوست واري وٽي سان هن سان گڏ بيھي تصويرون ڪڍرايون. هن سان تصويرن ڪڍرائڻ مھل سچ تہ عجيب ڪيفيت ٿي ويئي هئي، خوشيءَ ۾ ماڻھو نہ پيو ماپي. ڄڻ تہ برپٽ ۾ ڪا ڳاڙهي ڪنوار ملي ويئي هجي. يا وري ماڻھو فوشرپائي ۾ پاڻ کي ٿوري دير لاءِ گهوٽ سمجهي ويٺو هجي يا وري 18 سالن جي ڦوھہ جواني ۾ موٽي آيو هجي. ان ويل چھري تي رونق ۽ چپن تي مسڪراهٽ پاڻھي ائين وکري ويئي هئي، جيئن چوڏهين جو چنڊ، سڄي ڌرتيءَ کي روشن ڪري ڇڏيندو آهي. هن سان اهڙي نموني تصويرون ڪڍرايونسين ڄڻ تہ هن کي پاڻ سان گڏ سنڌ وٺي اينداسين. هن بہ پنھنجي مسڪراهٽ جي خيرات ڪڍي هئي، جنھن جو هر سونھن پرست مستحق هوندو آهي.
هن کي پنھنجي ان ڪم جو معاوضو ڏيئي اڳتي وڌياسين. هاڻي سج لھي رهيو هيو ۽ ڪافي ٽائيم بہ ٿي ويو هو، اسان کي ٽيڪسي واري جي بہ ڳڻتي هئي تہ هو اسان جي انتظار ۾ نہ بيٺو هجي. بلڪ اسان کي ايئن لڳو تہ هو ايتري دير کان پوءِ هليو ويو هوندو. نڪرڻ مھل ڪجهہ ثقافتي اسٽال لڳل نظر آيا، جن ۾ قديمي دؤر جون شيون سجائي رکيون ويون هيون ۽ اهي اسٽال ڪلچرل قدآمت کي ظاهر ڪري رهيا هيا. ان ۾ قديمي دؤر جا ماڻھو پنھنجي ڪرت ۾ مصروف نظر پئي آيا. جيئن اسان جي سنڌ ميوزم ۾ آهي. سو هلندي هلندي هڪ نظر انھن تي وجهي، تڪڙ ۾ تصويرون ڪڍي ٻاهر نڪري آياسين. اتي گهڻو ان ڪري نہ بيٺاسين تہ هاڻي سج لھي چڪو هو ۽ انداهي جو ماحول منڊلي مچائي رهيو هو.
روڊ تي ٽيڪسي وارو نظر نہ آيو. پڪ ٿي ويئي تہ هليو ويو هوندو. اڃان ٿورو اڳتي مس وڌياسين تہ سامھون کان هن سڏ ڪري چيو تہ، ”مان هتي آهيان، ايڏي دير ڪبي آهي، توهان کي ان جا پئسا ڏيڻا پوندا“ پر پوءِ هن ٽھڪ ڏنو. هن جي ٽھڪ ۾ سڀ ڪجهہ سمايل هيو. هن مذاق پئي ڪئي. تمام بھترين ماڻھو هو.
هن اسان کان پڇيو،” فلوٽنگ مارڪيٽ ڪيئن لڳو؟“
مون چيو،”شاندار، ڪاش اهڙيون فلوٽنٽگ مارڪيٽون اسان جي ملڪ ۾ بہ هجن.“
جنھن تي هن چيو تہ،”توهان جي ملڪ ۾ ناهن.“
مون چيو،” نہ.“ هو حيرت ۾ پئجي ويو هو.
هن کي چيوسين تہ،” هاڻي اسان کي هوٽل تي ڇڏي اچ.“ فلوٽنگ مارڪيٽ جو خوبصورت يادون کڻي پاڻ واپس ورياسين.

سيڪس اسٽريٽ ۾ ماڻھن جو ميلو

هتان جي ”واڪنگ اسٽريٽ“ سيڪس جي ڪري سڄي ٿائيلينڊ ۾ مشھور آهي. هتي دنيا جي هر رونق لکين اکين جي محتاج هوندي آهي. هتي اچڻ کان اڳ ۾ توهان لاءِ اهو ضروري آهي تہ توهان ۾ جماليات جي حس هجي. جيڪو ماڻھو جماليات کي پسند نہ ڪري، يا سونھن پرستي هن جي خمير ۾ شامل ناهي اهو هتي نہ اچي تہ بھتر. ڇو تہ هتي توهان کي پيار جا پٻڻ، محبتن جا مجذوب نشا ۽ قرب جا قصا زندہ چرپر ڪري ساھہ کڻندي نظر ايندا. هتي توهان کي تمام گهڻا ڊانس ڪلب ملندا، جتي جوا، دنيا جو هر نشو، حسناڪين جا نشا، سونھن پرستي جا کيپ، وسڪي جي هينگ اوور جا ليپ ۽ نوجوان ڇوڪريون ڊانس کان ويندي لايئو شو تائين توهان جي خدمت ڪندي نظر اينديون.
اسان گهمندي هڪڙي گيٽ کان ٻي بلڊنگ ۾ داخل ٿياسين. ساڄي پاسي کان سيمينٽ جي ڏاڪڻ کان چڙهي مٿين فلور ۾ داخل ٿياسين. هيٺ مين گيٽ تي سيڪيورٽي فورسز جا ڪيترائي جوان نظر آيا، جيڪي فقط ان ڪري بيٺا هيا تہ ڪٿي ڪو بدمعاش بدمعاشي نہ ڪري. سو اهي ايندڙ ويندڙ سياح جي تحفظ لاءِ بيٺا هيا. مٿين فلور جي گيلري جي ديوار تي ڪيترائي ٺڪر جا پاٽوڙا پيل نظر آيا. جن ۾ گل، اگربتيون، ٻيو پوڄا پاٺ جو سامان سر عام نظر آيو هو. مختلف قسمن جي شين جي پوڄا سرعام ٿي رهي هئي.
ڪٿي ڪٿي مون کي ڏاڍي حيرت ٿي تہ انھن پاٽوڙن ۾ ”لنگم“ ڪاٺ جو يا پلاسٽڪ جو پڻ رکيل هيو، جنھن تي بہ گل ۽ اگربتيون ٻري رهيون هيون. هون تہ ماضي ۾ لنگم سان گڏ ”يوني“ جي بہ پوڄا ٿيندي رهي آهي پر هتي تہ ڪيتريون ئي يونيون هونئن ئي پوڄا لاءِ قطار ۾ بيٺيون هيون. تاريخي تلخ حقيقتن کي ذهن جي اسڪرين تي ڏسندي، ان ماحول جي مانڊاڻ کي مچائيندڙ دماغن کي داد ڏيندي اڃان بہ اڳتي پنڌ پياسين.
سو اسان ائين ئي هلندا رهياسين ۽ ماحول کي جاچيندا رهياسين. پوڄا پاٺ جي بازار ايڏي گرم هئي، جو هٿ جي ڇھاءُ سان آڱريون ئي سڙيو پون. سونھن ۽ سيڪس جون عبادتون عروج تي اٽڪي پيون هيون. محبتن جو ماحول ڀرپور متل هيو. پر اسان سڀ قرب جا ڪٺل ڪافر، عشق جي عبادتن جو چاهيندي بہ موڊ نہ ٺاهي سگهياسين. جنھن بہ فليٽ جي ڪمري جي اڳيان گذريون پيا، اتان پيار جي پڪار سان گڏ، عاشقيءَ جا اشارا ڪندي سڏ پيو ٿئي تہ؛”اچو نہ اندر، ٻاهر ڇو بيٺا آهيو، اسين سڀ توهان جي درشن لاءِ هي سيج سجائي آهي.“
ايڏي قرب کان پوءِ بہ جيڪڏهن ڪنھن جو سڏ نہ ورنايون ها تہ سچ تہ پاڻ محبتن جا منڪر هجون ها، پر پاڻ ائين نہ ڪيو. ڪيترن ئي فليٽن ۾ اندر بہ داخل ٿياسين پر اندر ايڏي رش ڏسي، هٻڙ ڌٻڙ، هبس، گهُٽ ٻوسٽ ۽ شور گوڙ جو ڪن چيريندڙ آواز ٻڌي، ٻاهر نڪري پئي آياسين. ڪجهہ دوستن جو تہ اتي ساھہ ٻوساٽجي پيو، پر ڪن دوستن کي اندر سڪون ئي راحت پلئي پئي پيو. جن جي اها خواهش هئي تہ اتان نڪرجي ئي نہ. سو اهو گول چڪر ڪاٽي هيٺ لھي آياسين.
هي مين واڪنگ اسٽريٽ هئي. هتي ڪيترائي سيڪس جا لائيو شو هليا پئي. هنن شو ڪرڻ وارن جا هيٺ روڊ تي ڪيترائي ايجنٽ پوسٽر کڻي گراهڪن کي ڦاسائي اندر وٺي پئي ويا. اسان کي بہ هڪڙي اينجٽ ائين ڦاسائي اندر وٺي ويئي، جيئن ڪا ٻلي ڪبوتر جو ٻچو چڪ ۾ ڦاسائي کڻي ويندي آهي. گيٽ تي چيڪنگ ڪئي وئي. مون وٽ پاڻي جي بوتل هٿ ۾ هئي، جيڪا ڪلب کان ٻاهر ئي رکڻي پئي. جنھن کي اندر ڪلب ۾ کڻي وڃڻ جي اجازت نہ ڏني ويئي. موبائيل فون يا ڦوٽو گرافي جي اجازت ٺپ نہ هئي.
هن اسٽريٽ ۾ ايندي مون کي سائين الطاف شيخ جي سفرنامي”اي جرني ٽو ٿائلنڊ“ جي ٽائيٽل بيڪ پيج تي لکيل ڪجهہ بھترين جملا ذهن تي تري اچن ٿا. جنھن ۾ لکيل آهي تہ؛
”Sex ڪو چاڪليٽ تہ نہ آهي جو ايندي ويندي پيو کائجي. وڌ ۾ وڌ ماڻھو هڪ دفعو خواهش پوري ڪري سگهي ٿو. هتي تہ هر ڪلاڪ کان بعد ڪا ڇوڪري وٺيو اچن. مون کي ايندو ڏسي انھن ٻن ٿائي ڇوڪرين مان هڪ مون وٽ اچي بيٺي. ويھن سالن جي ڪا مس ٿيندي. اڌ اگهاڙي ڊريس ۽ شر انگيز حد تائين ولوله خيز لڳي رهي هئي. بئرو چوڻ لڳو،”سائين ٿڪل هوندو، ڪلاڪ زور ڏيڻ جا فقط هڪ سو ڀات. هزارين مساج پارلر آهن. جن مان هر هڪ ۾ ڪيئي نوجوان ٿائي ڇوڪريون شيشي جي ڪمري ۾ ويھي ۾ گراهڪن جو انتظار ڪن ٿيون. هنن مان هر هڪ صبح کان شام تائين، چپن، ڳلن تي ٿلھي ميڪ اپ جا تھہ چاڙهي، اڌ اگهاڙي لباس ۾ ، هر ايندڙ ماڻھوءَ ڏي دعوتي ۽ نماڻين نگاھہ سان نھاري ٿي جيئن کيس پسند ڪيو وڃي. ٿائيلنڊ جو هي شھر پتايا فقط رنڊين، کنڊين، ڀڙون، ڪنڃرن ۽ کدڙن کان مشھور ناهي، پر هتي چور ۽ ڳنڍيڇوڙ بہ گهمندي ڦرندي نظر اچن ٿا.“..

ايجنٽ ۽ ڪميشن مافيا

جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو آهي تہ هتي هن واڪنگ اسٽريٽ (گهٽي) ۾ هر روز شام جو سج لٿي کان پوءِ هڪڙي نئين دنيا آباد ڪئي ويندي آهي. جنھن ۾ نوجوان نارين جي جسمن جي جلوون جا ڪيترائي لائيو شو ڏيکاري، ايندڙ ويندڙ سياحن کي سرعام لٽيو، ڦريو ويندو آهي. ڇو تہ سياح جي دلي تمنا هوندي آهي تہ اهي هتي اچي دل سان پاڻ کي لٽائن. هتي اچڻ کان پوءِ بہ ماڻھو پاڻ کي پنھنجو يا پرايو پئسو خرچ نہ ڪري، کيسن کي پيڪ ڪري ڇڏي، اهو باذوق عاشق جو ڪم نہ آهي. هتي اچي پاڻ کي لٽائڻ معنيٰ زندگي جي حاصلات کي چمي ڏيڻ آهي. هتي هون تہ ڪيترائي شو ڪيا ويندا آهن. پر انھن ۾ لائيو سيڪس شو ڏاڍو مقبول ۽ مشھور آهي، جيڪو نہ فقط بيتاب ڪندڙ آهي پر بيچين ڪندڙ پڻ آهي. سو سڀني دوستن جي دلي خواهش هئي تہ لائيو سيڪس شو جي باري ۾ ايترو ٻڌو آهي تہ پوءِ بھتر آ تہ اهو اکين سان ڏسي بہ اچجي.
ان خيال سان پاڻ بہ هڪڙي ايجنٽ عورت جي ور چڙهي وياسين. هن اسان کي ان گهٽيءَ ۾ رولاڪيون ڪندي پڪڙي، ڦاسائي وڌو هو. خبر ناهي هر روز ڪيترا ماڻھو ان گهٽي مان ئي ٽريپ ٿي ويندا آهن. هنن ايجنٽن جو اهو ڪم هوندو آهي تہ توهان گراهڪ ڦاسائي اسان جي شو ۾ وٺي اچو ۽ پنھنجي ڪميشن هٿ و هٿ کڻي وڃو. جيترا گهڻا ماڻھو هوندا، اوتري گهڻي ڪميشن.
اسان وٽ وڪالت ۾ بہ ائين آهي. مان جڏهن ڪراچي کان هتي دادو ۾ وڪالت جي سانگي آيو هيس تہ مون کي بہ ڪيئي ايجنٽ، منشي اچي لڳا هيا. جن جو اهو چوڻ هيو،”سائين اسان توهان وٽ ڪيس کڻي ٿا اچون، اصيل ڦاسائي ٿا اچون، مھيني ۾ توهان جو بورڊ سون ڪيسن جو ٿي ويندو. توهان هر ڪيس ۾ اسان جو اگهہ مقرر ڪيو، اسان سڀ ڪيس توهان کي ڏينداسين.“
جيئن تہ منھنجي اهڙي قسم جي تربيت ڪراچي ۾ ئي ڪنھن بہ سينيئر صاحب وٽ نہ ٿي هئي. ان ڪري مون لاءِ اهو ڏکيو ڪم هيو. سو مون صاف انڪار ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ بعد ۾ خبر پئي تہ هتي ڪورٽن ۾ تہ وڪيلن کي ڪيس ملندا ئي مُنشين جي معرفت آهن ۽ اهڙين منشين جو سڄو ڪم ڪميشن تي هلندو آهي. وڪيل جي پنھنجي نالي، ڪارڪردگي، هوشياري، يا ڏاهپ تي نہ . پر اصل ۾ ائين نہ هيو. جڏهن بہ ڪو نئون اصيل ڪورٽ جي گيٽ کان هيٺ لھندي، پوليس چوڪي وٽ پھچندو آهي تہ اتي پوليس وارن جي ور چڙهي ويندو آهي. پوليس وارن ۽ پوليس وارين کان ڪو اصيل ورلي بچيو هوندو. پوليس وارن جا پنھنجا کانچا آهن. انھن جا پنھنجا وڪيل ٻڌل آهن. پر جيڪڏهن ڪو سڀاڳو اصيل اتان بچي اڳتي نڪري ويو تہ پوءِ ان کي ”ٻير وارا وڪيل“ سڳورا ڦاسائڻ ۾ دير ئي نہ ڪندا، پر جي اتان بہ پاڻ کي بچائي وڃي پارڪ ۾ ويٺو تہ پوءِ ”پارڪ وارا وڪيل“ کنڀي کڻي ويندس ۽ ڦاسائي وڏا حوال ڪٽي، ڊاڙو هڻي، قرب جي ڪاتيءَ سان هن جو کيسو ڪاٽيندا. پوءِ ڪم ٿئي يا نہ ٿئي. ان کان علاوہ، ڪسٽڊي آڻيندڙ پوليس وارا تہ اهڙا تہ آڙيڪاپ آهن، جو قيدين کي لارا لپا ڏيئي انھن کي اهڙا وڪيل ڪري ڏيندا، جتان هنن کي ڪميشن ملي. ان کان پوءِ، ڪورٽ جا ڪلارڪ، پٽيوالا، بار جي پٽيوالن کان وٺي، ٿاڻن جي منشين تائين. ان نيڪ ڪم ۾ اسان جي ڪورٽن سڳورين جا آڙيڪاپ ريڊر بہ ان ڪم ۾ وڏا شاطر آهن. ڪي تہ اهڙا بہ شاهينگ ماڻھو آهن جيڪي اصيلن کي وڪيلن جي خلاف برغلائي، انھن جي اصلين کي ذهني طور تي ورغلائي، انھن کان ڪيس واپس وٺرائي پنھنجا ڀڀ ڀرن ٿا. پر روزي تہ سڄي رب جي هٿ ۾ آهي، انھن حربن هلائڻ سان ڪجهہ بہ نہ ٿيندو. منھنجو هڪڙوا تفاقي حادثي جو ڪيس هيو، جنھن ۾ ٻہ ٽي ماڻھو ماري ويا هيا. اهو سڄو ڪيس مون پاڻ هلايو. ويندي آخر ۾ تقرير بہ ڪئيسين، جڏهن ڪيس فتويٰ تي آيو، تہ منھنجي اصلين کي منشي سڳورن برغلايو. انھن کي اهو چيو ويو تہ،”بس هڪڙي تاريخ تي تو کي آزاد ڪرايون ٿا.“ اصل ۾اهو تہ ان ڏينھن ئي آزاد ٿيڻو هو. سو هو آزاد ٿي ويو. پر مون ڏٺو تہ اسان جا اصيل بہ هتان جي منشين، ايجنٽن، دلالن جي حرامپاين کان اڻ واقف هوندي، انھن شڪارين جي ور چڙهي ٿا وڃن، جن جو ڪيس سان ڪو بہ تعلق نہ هوندو آهي. سو اسان وارو اصل بہ ان جي ور چڙهي ويو. فتويٰ مھل آزاد ٿي ويو. سڄي محنت اسان جي، پر ڪريڊٽ ٻيو ڪو کڻي ويو. سو هن گهٽي ۾ بہ ايجنٽن جو وڏو آزار آهي.

لائيو سيڪس شو جو ڌماڪو

پاڻ بہ هڪڙي لائيو شو ۾ داخل ٿيندي ئي ڏٺوسين تہ اسٽيج تي چند پروقار، خوبصورت ناريون، زيب تن سيڪسي ڊريس پائي، ڊانس ڪري تماشاين جي تفريح جو ڪارڻ بڻجي رهيون هيون. هي show اسان کان اڳ ۾ ئي شروع ٿي چڪو هيو. جهيڻي روشني ۾ پاڻ اسٽيج جي سامھون ويھي رهياسين. ٿوري دير کان پوءِ بيئر جا گلاس اسان جي اڳيان ٽيبل تي رکيا ويا. هي گلاس خالي نہ هيا، بلڪ بيئر سان تار هيا. اسان کان اڳ ۾ بہ تقريبن هائوس فل/ڀريل هيو. جنھن ۾ انگريز عورتون ۽ مختلف نسلن جا مرد ۽ عورتون ويٺي ماحول جو مزو وٺي رهيا هيا. انھن تماشائين ۾ عرب سڳورا، انڊين، رشين، ٿائي، چائني، آسٽريلن، وغيرہ وغيرہ شامل هيا. مون کي تجسس هيو تہ ان لائيو سيڪس شو ۾ آخر ڪھڙو ڪارنامو ڏيکاريندا. ڪھڙو ڪرتب آهي، جيڪو اسان هيل تائين نہ ڏٺو آهي. ان ئي تجسس ۾ هياسين تہ انھن نارين مان ٻيون سڀ ناريون اسٽيج ڇڏي هليون ويون، باقي هڪڙي ناري اسٽيج تي اڪيلي بيٺي رهي. ڇو تہ هن کي ئي پرفارم ڪرڻو هيو.
ان ڇوڪري پنھنجا ڪرتب ڏيکارڻ شروع ڪيا. انھن ڪرتبن ۾ هن ڇوڪري جو پنھنجو ڪو بہ ڪمال نہ هيو. سڄو ڪم هن جي يوني گول/اڌبتي جو هيو. هن جيڪي بہ ڪرتب ڪيا پئي، اهي نہ هن جي زبان سان، نہ چپن سان، نہ چھري سان، نہ هٿن سان، نہ مٿي سان، نہ ٽنگن سان، بلڪ ان اهي ڪرتب خدا طرفان عطا ڪيل يوني/گول اڌبتي سان وڏا ڪمال ڪري ڏيکاريا. جنھن ۾ ان اڌبتي سان سگريٽ دکائڻ، بيئرجي شيشي واري بوتل جو ڍڪڻ لاهڻ (جيڪا بلڪل اسان جي اڳيان رکي ويئي هئي، ان ساڳي قسم جي بيئر جي بوتل جي ٻُجي کولڻ)، ڌاڳي ۾ هار جيان پويل بليٽن کي قطار ۾ هڪٻئي پٺيان ان بليڪ هول مان ٻاهر ڪڍڻ، ان سان ڦوڪڻو ڦوڪي ڦوڪي ڦاڙڻ ۽ ان بين الاقوامي هٿيار سان سيٽي وڄائڻ وغيرہ وغيرہ. مون حيرت مان ڊاڪٽر کان پڇيو تہ،”هي لائيو سيڪس شو آ، ماڻھن کي چريو پيا ڪن.“ ڊاڪٽر کلي چيو تہ،” اهو ئي سڀ ڪجهہ آهي ٻيو ڇا ٿيندو ڀلا.“
اسان جي اڳيان بيئر جون بوتلون کليل هيون. مون کي ائين لڳو تہ ڪٿي اهي بيئر جون بوتلون بہ ان ساڳي ئي خطرناڪ انبوري سان نہ کوليون ويون هجن. ذهن ۾ اهو خيال ايندي ئي، بيئر جو هڪ ڍڪ بہ نڙي مان نہ لٿو ۽ مون ڏٺو تہ پرتاب تہ بيئر جي ان بوتل کي ڇھيو بہ ڪونہ. شايد پرتاب بہ مون جيان ساڳي ئي ڪيفيت مان گذريو هو، ان بہ بيئر کي هٿ نہ هنيو. بيئر جي بوتل کي ڏسي بڇان چڙهي پئي.
ٿوري دير کان پوءِ پرتاب چيو تہ،”يار! هي ڇا هي؟. اجايو آياسين هتي، پئسا ئي پاڻي ۾ ويا، مزو ناهي اٿو تہ هلون.“
جاني بہ پرتاب سان متفق هيو. جڏهن اها ڳالھہ ڊاڪٽر سان ڪئيسين تہ ڊاڪٽر کي ڪاوڙ تہ وڏي آئي، پر ڪاوڙ ائين پي ويو، جيئن ڪو پياسو ٿريو، پاڻيءَ جو سڄو گلاس هڪ ئي ساھہ ۾ پي وڃي ۽ مرڪي مذاق مذاق ۾ چيائين تہ، ”ها! هلو هلو گهر، گهر هلي سمھي پئو.“
اهڙي ريت پاڻ اتان نڪري آياسين.
کهايا پيئا ڪجهہ نھين گلاس ٽوڙا، صاحب سي بارا آني لي لو.“

پوڙهي عورت جا مزيدار سنبوسا

سو ان کان پوءِ وري بہ ان ساڳي ئي گهٽي ۾ رولاڪيون ڪندا رهياسين. هن گهٽي ۾ پوڙهي عورت جا سنبوسا مشھور آهن، جيڪا روڊ جي پاسي ۾ ڪنھن بند پيل دڪان جي اڳيان، ڪاٺ جي ننڍڙي صندل تي پنھنجو اسٽال لڳائي سنبوسا کپائي رهي هئي. هن وٽ مائيڪرو ويو بہ رکيل هيو، جنھن جي ذريعي هو سنبوسا گرم ڪري گراهڪن کي کپائي رهي هئي. اسان سڀ ان سنبوسي واري جي اسٽولن تي ويھي رهياسين. جيئن تہ ڊاڪٽر ناراضگي ۾ منجهند جي ماني نہ کاڌي هئي، ان ڪري اسان جي خواهش هئي تہ ڊاڪٽر کي ضرور ريفريشمينٽ ڪرائجي. سو جاني، ڊاڪٽر لاءِ سنبوسي جو آرڊر ڏنو. اسان مان ڪنھن جو بہ سنبوسن جي کائڻ جو ڪو بہ موڊ ڪون هيو. ڊاڪٽر کي گرم گرم، مزيدار، ذائقيدار، لذيذ سنبوسي مزو ڏنو، ان ڪري هن ٻي سنبوسي لاءِ بہ پوڙهي کي چيو. جڏهن ڊاڪٽر سنبوسن جي تعريف ڪئي تہ پوءِ اسان بہ پاڻ کي روڪي نہ سگهياسين. اسان کي بہ رِيس آئي. سو اسان بہ هڪڙو هڪڙو سنبوسو چکيو. انڪري توهان کي بہ صلاح آهي تہ توهان جڏهن بہ هن گهٽي ۾ اچو تہ هن پوڙهي مائي جا مشھور سنبوسا کائڻ نہ وسارجو. نہ تہ توهان پڪ ڄاڻو تہ توهان بھترين ذائقي کان محروم رهجي ويندا.

لائيو سيڪس شو جي نالي تي فراڊ

ان ساڳي ئي گهٽي ۾ گهمي رهيا هياسين تہ وري هڪڙو ٻيو انڊين ايجنٽ/دلال ٽڪرائجي ويو. جنھن لائيو سيڪس شو جي باري ۾ ساراھہ جا وڏا ڍڪ ڀريا. هن زور ڏيندي چيوتہ، ”توهان اندر هلو، هلي ڏسو، توهان کي مزو نہ اچي تہ توهان موٽي ٻاهر اچو، ٽيڪٽ ڀلي نہ وٺو.“
اسان چيو تہ،”ڀلا ڏسڻ ۾ ڇا هي، هون بہ اسان کي خبر تہ آهي تہ لائيو شو ۾ توهان ڇا ڏيکاريندو.“ سو پاڻ ان شو ۾ داخل ٿياسين.
پر اتي بہ اها ئي ساڳي ڪاسائي واري ڪار هئي. رڳو حرامپايون، ماڻھن کي چريو ڪرڻ، پئسا ڦرڻ. منھن تي دانگي ملڻ. اسان بہ ٻٻرن کان ٻير پيا گهرون. ڀلا چڪلي ۾ ٻيو ڇا هوندو. سڄو چاھہ جو چڪر هيو. سڄي دنيا چاھہ جي چڪر ۾ ذليل ٿي ويئي. سو ان چاھہ جي چڪر کان نڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئيسين پر نڪرڻ محال هو.
مون وسارڻ جي من ڪئي آ پر
تون ڀي يادن کي من پليندو ڪر.
سو پاڻ ٿوري دير ۾ ئي ان ڪاري چڪر کان ٻاهر نڪري آياسين. هن اسٽريٽ ۾ اهو ئي اچي جيڪو شيدائي هجي. باذوق هجي. سونھن پرست، حسن پرستي، جماليات جي اک رکندڙ هجي. شوقين هجي. محبتن جو ماريل هجي. هتي نہ ڪا جهل نہ ڪا پل. سو لائيو شو توهان ڏسي سگهو ٿا، پر ان ۾ توهان پاڻ پرفام نہ ٿا ڪري سگهو. جيتوڻيڪ اسان سڀ ان خيال جا هياسين تہ اهو شو ئي ڪھڙو جنھن ۾ پاڻ پنھنجو رول پلي نہ ڪيون. اهو شو ڏسڻ تہ ويتر عذاب آهي، ماڻھو تہ بيمار ٿي پوندو.
سو اتان نڪري پاڻ گهٽي جي رونقن ۾ گم ٿي وياسين. ڪيترا دفعا مون کي اهڙا داسا بہ لڳا جو پوئتي منھن ورائي ڏٺم تہ ”سونھن نگر جون ديويون پنھنجن نرالن ادائن سان مرڪي نھاري رهيون هيون. جنھن تي مون انھن کان معذرت ڪندي چيو تہ،” معاف ڪجو توهان کي داسو لڳي ويو.“
پر انھن جو سڌو جواب هيو،” نہ نہ، اهو داسو اسان پاڻ توهان کي هنيو، ڇا مُوڊ اٿو.“
پاڻ وري بہ اک ٽيٽ ڪري اڳتي وڌي نڪري وياسين، ڄڻ تہ ڪجهہ ٻڌو ۽ ڏٺو ئي نہ هيوسين. يا وري ڪوڙ جو سھارو وٺي اهو بھانو ڪري تہ،”منھنجا دوست اڳتي نڪري هليا ويا آهن انھن کي وٺي موٽي ٿو اچان.“
”نہ نہ توهان ڳڻتي نہ ڪريو، توهان جي دوستن کي اسان پاڻ وٺي ٿا اچون، توهان بس اسان سان هلو.“ هن ٻانھن کان پڪڙي ورتو هو.

فروٽ کائڻ تي بندش

هاڻي اسان پتايا کان بنڪاڪ اچي ويا هياسين. جيتوڻيڪ سِکُ اسان کي هوٽل جي باري ۾ مايوس ڪندي چيو هوتہ،”توهان جيڪا هوٽل بڪ ڪرائي آهي، اها تہ شھر کان ڪافي ڏور آهي، ٻھراڙي ۾ آهي. جهنگ ۾ آهي، اتي ڇو بڪ ڪرايئو. مون کي چئو ها تہ مان توهان کي شاندار هوٽل بڪ ڪرائي ڏيان ها.“ بظاهر تہ هن پنجابي سک جو ماني وارو هوٽل هيو، پر ان جي پٺيان هن جو ڪميشن وارو ڪم هيو. جيڪي بہ انڊين ماڻھو هن هوٽل ۾ ماني کائڻ اچن پيا، انھن کان ڏس پتو پڇڻ، ڪھڙي هوٽل ۾ رهيل آهيو، گهڻا ڏينھن رهندو. لائيو شو جون ٽڪيٽون توهان لاءِ بڪ ڪرايان، توهان لاءِ هوٽل بڪ ڪرايان، توهان کي ٽيڪسي ڪرائي ڏيان. مطلب تہ هر قسم جي ڪم لاءِ هي پنھنجون خدمتون سرانجام ڏيڻ جو چئي، پنھنجون همدرديون حاصل ڪري پيو. ويندي ڪنھن کي ڪا ڇوڪري کپي پئي تہ به، ان جي بہ آفر ڪري پيو.
ڊرائيور اسان کي اچي هوٽل جي پارڪنگ ايريا ۾ لاٿو. سامان لاهي پاڻ هوٽل جي ڪائونٽر تي آياسين. هي تہ شاندار هوٽل هئي. شھر جي وچ ۾. هتان کان هر طرف آساني سان نڪري وڃي سگهجي پيو. جيڪي مشھور مارڪيٽون، شاپنگ مال ۽خريداري جا مرڪز هيا، اهي سڀ ٿوري مفاصلي تي هيا. ڪائونٽر تي ٿائي ليڊي ويٺل هئي. جيڪا انگريزي گهٽ سمجهي ۽ ڳالھائي پئي. هن کي بڪنگ ڏيکاريسين.
هن بڪنگ اوڪي ڪندي اسان کي ڪمرن جون چاٻيون ڏنيون. ڪائونٽر جي ٽيبل تي نوٽيس لڳل هيو. هتي دُريئن فروٽ کائڻ ۽ سگريٽ پيئڻ منع آهي.“ مون هن کان پڇيو تہ،”هتي فروٽ کائڻ منع آهي، ڇو، عجيب ڳالھہ آهي.“
”هتي سڀ فروٽ کائڻ منع نہ آهي، پر دُريئن جي خاص منع ٿيل آهي، توهان هتي دُريئن فروٽ نہ ٿا کائي سگهو.“ هن مون کي سمجهائيندي چيو.
”پر آخر ڇو، دُريئن ۾ ڪھڙي خرابي آهي، دُرين تہ سڀني کان مھانگو فروٽ آهي.“ مون ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو.
”توهان سھي ٿا چئو هي گهڻو مھانگو فروٽ آهي، پر هن تي بندش ان ڪري آهي تہ هن جي ڌپ ڏاڍي خراب آهي، جيڪا هوٽل جي ماحول کي مڪمل خراب ڪري ڇڏي ٿي، ڪيترا مسافر ان ڪري ڪمرا خالي ڪري ويندا آهن تہ هتي دُرين جي ڌپ اچي ٿي.“ هن ٻيھر مون کي پيار سان سمجهايو.
مون کي هن جي ڳالھہ سمجهہ ۾ اچي ويئي هئي. سو هن جو شڪريو ادا ڪندي. پنھنجن پنھنجن ڪمرن ڏانھن هليا وياسين.
هي انتھائي صاف سٿري هوٽل هئي. جيڪا نہ گهڻي مھانگي هئي، نہ ئي وري ڪا سستي. پاڻ سامان ڪمرن ۾ رکي فريش ٿي هيٺ لٿاسين.

ٻہ نمبر ٽيڪسي وارو چاچو

”سليپ ائنڊ سائونڊ“ هوٽل جي سامھون پيٽرول پمپ هيو. هوٽل کان هيٺ لھي اچي، ٽيڪسي جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. ڪافي دير بيھڻ کان پوءِ بہ ڪا ٽيڪسي نہ ملي تہ پاڻ اڳتي پنڌ ڪرڻ شروع ڪيوسين. اڳتي جيئن ئي هلياسين ۽ هلندي هلندي پٺتي ڏٺوسين تہ هڪڙو پوڙهو چاچو رڪشا وارو اسان جي پويان رڪشي ۾ اچي پيو. جنھن کي روڪڻ لاءِ هٿ جو اشارو ڪيوسين. هتي رڪشا لوتي ٽائيپ ڊگها آهن. هتان جي رڪشائن کي بہ ٽي ڦيٿا هوندا آهن، جيئن اسان وٽ ڪراچي، حيدرآباد ۾ ٽن ڦيٿن وارا رڪشا اڄ بہ هلن ٿا، پر هتان جا رڪشا وري ڊيگهہ ۾ اسان جي رڪشائن کان وڏا آهن. پوڙهي چاچي رڪشا واري کي اندرا مارڪيٽ هلڻ جو چيوسين. هن پھريائين تہ پنج سو ڀات چيا. پر اسان چيوسين تہ،”پنج سو ڀات وڏا آهن. اندرا مارڪيٽ ايڏو تہ پري ڪونھي جو تون ايترا پئسا ٻڌائين ٿو.“ سو پڪائي ڪندي اسان هن کي ٻہ سو ڀات چيا، پر هو نہ مڃيو، وري چار سو ڀات تي آيو ۽ بعد ۾ ٽي سو تي ۽ آخر ٻہ سو ڀات تي بہ راضي ٿي ويو پر پوڙهو ڏاڍو پڪو هيو.
مطلب تہ توهان کي هن ملڪ ٿائيلينڊ ۾ پڪائي ڪرڻي پوندي. تڏهن توهان کي وڃي ڪجهہ فائدو پوندو. ان ڪرايي تي اسان بہ مطمئن ٿي وياسين ۽ سڀئي ان رڪشي ۾ ويھي رهياسين. هن قسم جي ٿائلينڊي رڪشا ۾ ٻن ڄڻن جي ويھڻ جي گنجائش هوندي آهي، پر سوڙھہ سنگهوڙ ۾ ٽيون ماڻھو بہ ويھي سگهي ٿو. پرجيئن تہ اسان چار ڄڻا ان ۾ اچي وياسين. ان تي رڪشا وارو بہ حيران هيو تہ هي چار ئي ڄڻا ڪيئن ماپي ويا آهن. هون تہ هي رڪشا ڏاڍو ڪشادوآهي پر سيٽ فقط پوئين پاسي جي اٿس. خير جڏهن اسان جي منزل آئي تہ مون کي رڪشا واري تي ڏاڍي مٺيان لڳي، ڇو تہ رڪشي وارو پنھنجي پرس مان خوبصورت عورتن جو تصويرون ڪڍي، اسان جي اڳيان رکيون. چوڻ لڳو،” صاحب ! هنن مان جيڪا وڻيو، مون وٽ سڀ آهن.“
رڪشي واري جي ان حرڪت تي اسان سڀ هڪٻئي کي ڏسندي، ڏاڍا ششدر ٿي وياسين تہ هن رڪشي واري جا ڪم ڏسو. پر پوءِ سمجهي وياسين تہ هتي هر ماڻھو ظاهرطور تي هڪڙي ڌنڌو ٿو ڪري پر ان جي پٺيان هن جا ٻيا ڪم هوندا آهن.
سو اسان تصويرون غور سان ڏٺيون، هن وٽ ننڍي عمر جو ڇوڪريون هيون، جيڪي انتھائي خوبصورت هيون. پر هي موقعو نہ هيو، نہ ئي وري اهڙي ڪم لاءِ ذهني طور تي تيار هياسين. ڇو تہ اسان جي ذهن ۾ واپسي هئي ۽ ان لاءِ خريداري ڪرڻي هئي ۽ اسان کي اندرا مارڪيٽ وڃڻو هيو. ان ڪري اسان هن کان معذرت ڪندي، ائين معافي ورتسين ڄڻ تہ غلطي ئي اسان جي هئي. هو رڪشي وارو مايوس ٿي ويو هو ۽ اسان کي مايوس نظرن سان ڏسي رهيو هو ۽ دل ئي دل ۾ پڪ سان گاريون ڏيندو هوندو. ويچارو پوڙهو رڪشي وارو!

اندرا مارڪيٽ ٻاهران شاپنگ

هاڻي اسان وٽ باقي هڪڙو ڏينھن بچيو هيو ، سو بہ سڀاڻي جو، ان ڪري اڄ اسان کي ڪيئن بہ ڪري شاپنگ پوري ڪرڻي هئي. نہ تہ اسان جي گهر جا دروازا اسان لاءِ بند هيا. سو هتي اندرا مارڪيٽ ان حوالي سان گهڻي مشھور آهي. دوستن سڀني جو اهو رايو هو تہ پاڻ اندرا هلون ٿا. اندرا مارڪيٽ تائين پاڻ پنھنجي هوٽل کان رڪشو ڪرايو سين.
سو تقريبن ڏهن پندرنھن منٽن کان پوءِ پاڻ اندرا مارڪيٽ جي ٻاهر هياسين. پر رستي تي ٽريفڪ جام هئڻ جي ڪري، اندرا مال کان اڳ ۾ ٿوري پنڌ تي ئي لھي پياسين.
رڪشي کي ڪرايو ڏيئي پاڻ پنڌ ئي پنڌ اڳتي وڌندا سائيڊ ۾ دڪانن جا ديدار درشن ڪندا، هلندا خريداري ڪندا پئي وياسين. اندرا مارڪيٽ ٿورو اڃان بہ اڳتي هئي. رستي ۾ هڪڙي دڪان تي ثقافتي، تھذيبي ڪافي سٺيون شرٽون ۽ شيون نظر آيون، پاڻ دڪان ۾ اندر وياسين تہ ليڊي دڪاندار اسان کي ڪافي سٺيون شيون ڏيکاريون. هنن شرٽن جي ڪوائلٽي بہ ڏاڍي ڀلي هئي. ان کان علوه شرٽن جا شوخ رنگ ۽ بھترين سلائي پڻ اسان سڀني کي پسند آئي هئي.
قيمت پڇڻ تي ان ليڊي ٻڌايو تہ في شرٽ 100 باٿ جي آهي. 100 باٿ يعني پاڪستاني تقريبن 800 روپيا ٿين پيا. 100 باٿ ۾ تمام سٺيون شرٽون ملن پيون. پاڻ ڪجهہ شرٽون ورتيون. مون پنھنجي دوست اعجاز سيف پنھور، ڀائٽي ياسين ۽ ڀاڻج ڊاڪٽر زاهد بلوچ لاءِ ڪجهہ شرٽون ورتيون ۽ ٻيجل جي لاءِ پڻ ڪجهہ شرٽون ۽ پينٽون، ٽرائوزرس ورتيون. ان کان علاوہ ٻين دوستن، عزيزن، قريبن لاءِ پڻ تحفا تحائف خريد ڪيا. پرتاب بہ ڪافي شرٽون دوستن، مٽن، مائٽن، عزيزن، يارن لاءِ ورتيون. جاني بہ پنھنجي ڀيڻيوي بلال لاءِ ٻہ ٽي شرٽون ورتيون. ان کان علاوہ ٻين دوستن ۽ مٽن مائٽن لاءِ پڻ خريداري ڪئي.
رستي تي اڃان اڳتي وڌندي هڪڙي دڪان وٽ ڪاري رنگ جون، زپ لڳل(زنجيري سان) بھترين امورٽيڊ ڪپڙي ۾ ٽايون نظر آيون، پر هن ٽائي واري جا ريٽ مھانگا هئڻ ڪري پاڻ نہ ورتا. اهڙي ريت ٿوري پنڌ تي اندرا مارڪيٽ مال بہ اچي ويو. اندرا پھچندي پھچندي اڳ ۾ ئي پاڻ ڪافي شاپنگ ڪري چڪا هئاسين.

اندرا مارڪيٽ ۾ چانھہ جون چسڪيون

سڀ کان اول منڍ ۾ ئي بيگن، ٿيلھن جو وڏو دڪان نظر آيو. جتي تمام ننڍا وڏا، مختلف قسمن جا سادا، اوچا بيگ پيا هيا. جاني جو خيال هيو تہ بيگ وٺجي. سو ان سلسلي ۾ دڪان ۾ داخل ٿياسين. پاڻ دڪان ۾ بيگ ڏسڻ شروع ڪيا. مختلف سائيزن ۽ مختلف نمونن جا ڪيترائي بيگ دڪاندار اسان کي ڏيکاريا. پر دوستن جو اهو خيال هو تہ اسان کي مارڪيٽ ڏسڻ گهرجي، ريٽ ڀلي هن دڪاندار کان ئي هتان ئي وٺجن پر ٻين دڪانن تي پڻ انھن جا اگهہ ضرور معلوم ڪجن.
سو انھي ئي ڳالھہ تي بيگ واري دڪان ۾ بيگن جي خريداري جي باري ۾ ڳالھائي رهيا هياسين تہ هڪڙو بيرو ڪٽلي ۾ چانھہ کڻي هوڪا ڏيندوآيو. ”چانھہ وارو، چانھہ وارو، چانھہ وٺو.“ جيئن اسان وٽ پٺاڻ گهورڙيا ڪٽلي ۾ سليماني چانھہ کڻي، چند ڪوپ ۽ پاڻيءَ جي بالٽي کڻي، هر دڪان يا آفيس تي وڃي هوڪو ڏيئي چانھہ کپائيندا آهن. بلڪل اهڙي ريت هتي بہ بيرو ڪٽلي کڻي آيو. هي چانھہ وارو گهورڙيو هو. هن جي ڪا بہ هوٽل نہ هئي. جڏهن کيس چيوسين تہ،”تو کان چانھہ تہ وٺون، ڀلا ٻڌا تہ پاڻ ڪٿي ويھي چانھہ پيئون، ڪا ڪرسي، ڪو اسٽول وغيرہ.“
جنھن تي هن جواب ڏنو تہ،”توهان جي پويان ئي لفٽ سان گڏ سيمينٽ جي مٿي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ آهي، ان ڏاڪڻ تي ويھي چانھہ پيئو.“ جيڪو اسان سڀني لاءِ انتھائي غير مناسب هيو.
مون کي ياد آيو تہ اسان واري تاج پيپر سينٽر شاهراھہ لياقت ۾ ۽ حور سينٽر سٽي ڪورٽ ۾ بہ اهڙي قسم جو افغاني پٺاڻ وڏي ڪٽلي ۾ سليماني چانھہ ۽ بالٽيءَ ۾ پاڻي ۽ ڪوپ کڻي هر آفيس جي در تي اچي چانھہ جو هوڪو ڏيندو هو. هو روزانو ان چانھہ مان هزار ڏيڍ ڪمائي وٺندو هو. سو پاڻ اتان نڪري اڳتي آياسين. هڪڙي دڪان ۾ تمام بھترين قسم جون شرٽون نظر آيون. ان دڪان تي چڙهي وياسين. هن وٽ ٽي شرٽن جو اگهہ جيتوڻيڪ ٻين دڪانن کان گهڻو مھانگو هيو پر هن وٽ ورائيٽي گهڻي هئي. سو پاڻ فيصلو ڪيو تہ پھرئين اڳيان چڪر مڪمل ڪري پوءِ هتي موٽي ٿا اچون ۽ اچي خريداري ڪيون ٿا. هي بہ شام جو وقت هيو. سج لھڻ وارو هيو. پر اندرا مارڪيٽ اڃان کليل هئي. پاڻ جيئن ئي سينٽر جي پرئين پاسي وياسين تہ هڪڙي ڪنڊ تي هوٽل نظر آيو، جنھن ۾ سنبوسا، پاڻي، بوتلون، جوس موجود هيو ۽ پاسي ۾ گهٽي جي ڪنڊ سان چانھہ ٺھي رهي هئي. هي هوٽل صفا ڪنڊ ۾ هڪڙي گهٽي ۾ هئي.
اسان اڳ ۾ ئي چانھہ جا موالي سو اتي ئي اسٽولن تي ويھي رهياسين. هن هوٽل جي مالڪه هڪڙي بخيل عورت هئي. جنھن پاڻي جي بوتل جا وڏا اگهہ ٻڌايا، جنھن تي جڏهن مون هن کي تہ،”هي ساڳي بوتل پوئين دڪان واري وٽ آهي، جنھن جا اگهہ تہ توهان کان گهڻُو گهٽ آهن.“ ان تي هو مائي چڙي پيئي ۽ ڪاوِڙ جو اظھار ڪندي چيائين تہ، ”نہ نہ ائين نہ ٿو ٿي سگهي، هو پاڻي سادو ۽ غير معياري هوندو، هي سٺو پاڻي آهي، توهان ڀلي پاڻي اتان وٺو.“
سو پاڻ هن کان هڪڙو هڪڙو گرم سنبوسو ورتو سين ۽ ان سان گڏ چانھہ جو بہ آرڊر ڏنوسين. چانھہ ٻاٽي تي چڙهيل هئي. جيڪو ڪو انڊين ڇوڪرو ٺاهي رهيو، ڇوڪرو اسان سان اردو ۾ ڳالھائي رهيو هو. سنبوسو تازو ۽ گرم هيو، جڏهن تہ چانھہ اهڙي خاص نہ هئي. اتي ئي اسان کي هڪڙو انڊين دوست بہ ملي ويو، جنھن جو نالو ذهن ۾ نہ ٿو اچي. هن سان بہ سلام دعا ٿي هئي. هو پنھنجي فيملي سان گهمڻ آيو هيو. هن کي بہ چانھہ جي صلاح ڪئيسين، زور بہ ڀريوسين، پر هن صاف انڪار ڪندي چيو تہ،”منھنجي فيملي ٻاهر منھنجو انتظار ڪري رهي آهي خوش هجو.“

ڪاسميٽڪ واري ڪو آپريٽو ڇوڪري

اتان چانھہ پي، فريش تي سائيڊ ۾ واش روم کان ٿي وري مٿي فرسٽ فلور تي شاپنگ لاءِ نڪري وياسين. مٿين فلور تي هر دڪان ۾ اڪثريت نوجوان عورتن جي هئي. پاڻ سڀ هڪڙي ميڪ اپ جي دڪان تي چڙهي وياسين، سينگار جا مختلف وڙ ڏٺاسين، پر جاني کي جنھن شي جي فرمائش ڪئي وئي هئي، اها هن وٽ نظر نہ آئي. هن ٻڌايو تہ اها شي هيٺ ميڪ اپ جي دڪان تي آهي. پريان کان بيگن، ٿيلھن جو هڪڙو ٻيو هٽ نظر آيو. جيئن تہ مون کي ۽ جانيءَ کي بيگ وٺڻا هيا. ان ڪري ان دڪان تي هليا وياسين. هن دڪان جون واڳون هڪڙي عورت جي هٿ هيون، جنھن جو گراهڪن سان سٺو ورتاءَ ۽ سڀاءُ هيو. ڪافي پڪائي ڪرڻ کان پوءِ اسان هن کان بيگ ورتا. هتي پڪائي جو وڏو رجحان آهن. توهان کي پڪائي ڪرڻ مان فائدو ٿيندو. نہ تہ نقصان ۾ ويندو. ڇو تہ هتي هڪڙو اگهہ مقرر نہ آهي.
پرتاب جيئن تہ ڪراچي کان بيگ وٺي آيو هو. پر هن کي اهو بيگ ڪراچي ۾ تمام گهڻو مھانگو پيو هيو. جيڪا بہ شاپنگ ڪئي هئسين، اهو سڄو سامان پنھنجي بيگ ۾ وجهي، پنھنجا بيگ گهلائيندا پاڻ هيٺ لٿاسين. هن ڪاسميٽڪ دڪان ۾ هڪڙي ڇوڪري دڪاندار هئي. جنھن جي ڏندن ۾ تار لڳل هئي. هي بہ ڏاڍي خوش اخلاق ڇوڪري هئي. هوءَ اسان سان اردو ٻوليءَ ۾ ڳالھائي رهي هئي. مون محسوس ڪيو تہ ٿائيلينڊ ۾ بہ اردو ڳالھائي پئي ويئي. انگريزي کان پوءِ اردو ئي اها زبان آهي، جنھن جي ذريعي ئي ماڻھو پنھنجي ڳالھہ اڳين ماڻھوءَ تائين پھچائي ٿو. جاني هن کان جنھن ميڪ اپ جو پڇيو، اهو هن وٽ دستياب هيو. مون ٻيجل لاءِ اليڪٽرڪ گيمز جو پڇيو، جنھن لاءِ هن چيو تہ،”مون وٽ ڪانھي پر مان توهان کي گهرائي ٿي ڏيان.“ اهڙي ريت اسان پنھنجو خريد ڪيل سامان ان ڪاسميٽڪ واري عورت وٽ رکي هن کي چيوسين تہ،”اسان کي اڃان ٻي بہ خريداري ڪرڻي آهي ان ڪري هي سامان هتي توهان جي دڪان ۾ رکي ٿا وڃون. اسان خريداري مڪمل ڪري هتي ئي موٽي ٿا اچون.“
هوءَ ڪاسميٽڪ واري ڇوڪري حد کان بہ وڌيڪ ڪو آپريٽو هئي. هن اسان جو سامان پنھنجي دڪان ۾ ڪائونٽر جي پٺين پاسي رکي ڇڏيو هيو. هاڻي اسان دڪانن ۾ داخل ٿي، شرٽن جو ڪپڙو، انھن جا اگهہ معلوم ڪندا هلندا رهياسين. هڪڙي دڪان ۾ ڪجهہ سٺيون، معياري ڪپڙي سان، جديد فيشن ۾ شرٽون مليون، اتان خريدار ڪري اڳتي ٻي ڪنھن دڪان تي آياسين. سج لھي ويو هو، پر خريداري کٽي ئي ڪانہ. سو هاڻي تہ رات بہ پنھنجي ڪاري چادر اوڍڻ جي ڪري پئي. ڏٺوسين تہ ڪجهہ دڪاندار پنھنجن دڪانن جا شٽر هيٺ ڪري دڪان بند ڪري رهيا آهن. پر ڪي دڪان اڃان بہ کليل هيا، پر هرڪو ڀڄڻ جي ڪري پيو. اسان کي اهو ڊپ تہ متان ڪاسميٽڪ واري دڪان نہ بند ڪري وڃي ۽ اسان جو سامان هن وٽ نہ رهجي وڃي، پوءِ ڪٿي پيا هن کي ڳولينداسين. اهڙي ريت ڦري گهري وري بہ ان ليڊي وٽ موٽي آياسين. هن ٻڌايو تہ ”هن اڄو ڪي کپت ۾ اسان جو سڀ سامان/شاپنگ ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪمپيوٽر رانديون بہ ان ۾ شامل ڪري ڇڏيا آهن.“
جنھن تي مون هن کي چيو تہ،” اها گيمز تہ چيڪ ئي نہ ڪئيسين. ائين بغير چيڪ ڪرڻ جي پاڻ اهي گيمون ڪيئن وٺون.“
جنھن تي هن چيو تہ، ”توهان گهٻرايو نہ سڀاڻي توهان ڪيڏي مھل بہ اچو، توهان کي گيم چيڪ ڪرائي ڏينداسين.“
ڊاڪٽر هن کي ٻڌايو تہ،”سڀاڻي تہ اسان جي واپسيءَ جي فلائيٽ آهي.“
ان تي هن مسڪرائي چيو تہ،”توهان صبح جو ڏهين وڳي ڌاري اچي وڃو توهان کي گيم چيڪ ڪرائي ڏني ويندي. مان نہ هوندس پر هي ڇوڪرو هوندو.“ هن ڇوڪري کي سڏ ڪري گهرايو ۽ اسان سان منھان منھن ڪرايو. هن جي اهڙي پڪ ڏيڻ تي اسان بہ مطمئن ٿي وياسين.
سو جاني کي اڃان بہ ڪجهہ شرٽون وٺڻيون هيون ۽ مون کي بہ. پر اهو دڪاندار دڪان بند ڪري هليو ويو هو. اسان پنھنجو خريد ڪيل سامان انھن نون بيگن ۾ وجهي، اتان ئي اندرا مارڪيٽ مان رڪشا ڪرائي، سڌو اچي هوٽل ڀيڙا ٿياسين.

گرل فرينڊ لاءِ گفٽ

پاڻ کي شاپنگ تان موٽندي ۽ گيمز چيڪ ڪرائيندي ڪافي وقت لڳي ويو هو. اڄ واپسي جي چنتا بہ هئي. ٻيجل بہ انتظار ۾ هيو. سو ٻيجل جي سڄي خريداري بہ مڪمل ٿي وئي هئي. پرتاب جيڪي ڪالھہ دوستن لاءِ شرٽون ورتيون هيون، هن جو خيال هو تہ اڃان بہ هن کي ڪجهہ ساڳي قسم جون شرٽون وٺڻيون آهن.
ڇو تہ هن جا دوست گهڻا آهن، ان کان علاوہ مٽ مائٽ پڻ. سو جڏهن پاڻ ساڳي دڪان تي آياسين تہ اها ساڳي ئي عورت بيٺي هئي. جنھن کي شرٽن جو چيوسين تہ ، هن چيو تہ،” ڪالھہ في شرٽ 100 باٿ جي هئي، اڄ ساڳي شرٽ 200 باٿ جي آهي.“
ان جو سبب هن ٻڌايو تہ رات پيٽرول چڙهي ويو آهي. سو وڏي بارگيننگ کان پوءِ، اها ساڳي شرٽ هن عورت 20 باٿ مٿي وٺي ڏنا. يعني 120 باٿ ۾.
مون پرتاب کي چيو تہ،” يار ان کان سٺو هيو تہ توهان ڪالھہ ئي وٺي ڇڏيو ها.“
پر هن ٻڌايو تہ هن کي اندازو نہ هيو تہ رات پيٽ ۾ شرٽ جا اگهہ ٻيڻا ٿي ويندا. خير مون بہ اتان ئي زنجيري واريون ٻہ ڪاري رنگ جون ٽايون پڻ ورتيون. هن ٽڪو بہ گهٽ نہ ڪيو هو. سو چوندا آهن تہ شوق جو ڪو ملھہ ڪونھي. سو شيءِ پسند اچي وئي هئي. ان ڪري پئسا نہ ڏسو. بس!
اهڙي ريت جاني ۽ ڊاڪٽر پنھنجي شاپنگ پوري ڪئي. هڪڙي شاپنگ مال جي وڏي دڪان تان مون ڪجهہ گفٽ ورتا تہ اتان جي نوجوان ناري مرڪي پڇيو تہ ”هي گفٽ ڪنھن جي لاءِ وٺو ٿا.“
مون هن سان مذاق ڪندي چيو تہ،”پنھنجي گرل فرينڊ لاءِ.“
ان تي هن وڏو ٽھڪ ڏيندي چيو تہ،”سچي.“
جنھن تي مون هن کي چيو تہ،”ڇا توهان سان مان ڪوڙ ٿو ڳالھايان.“
هن شرمندو ٿيندي چيو تہ،” نہ نہ، منھنجو اهو مطلب نہ هيو.“ مون چيو تہ ،” اها گرل فرينڊ تون بہ ٿي سگهي ٿي.“
هن وري وڏو ٽھڪ ڏيندي چيو تہ،”وڏا شرارتي آهيو.“
منھن تي هٿ ڏيئي هوءَ مرڪندي رهي. مون ڏٺو تہ هوءَ ڪافي دير تائين پنھنجي منھن سان مشڪندي رهي. اهو سچ آهي تہ هوءَ مرڪندي ڏاڍي سھڻي لڳي رهي هئي.

الوداع بينڪاڪ

هوٽل تي اچي پاڻ سامان پيڪ ڪرڻ لڳاسين. سامان ايترو گهڻو ٿي ويو هو جو بيگن ۾ ماپي ئي نہ. نيٺ سوڙھہ سنگهوڙ ڪري، دٻي دوسي، سڀ شيون هڪڙي بيگ ۾ وڌيوسين پر پوءِ بہ هر هڪ سان ٽي ٽي بيگ ٿي ويا. انھي دوران جاني K.F.C مان chicken nuggets جي لاءِ ڪجهہ بروسٽ ۽ نگيٽس وغيرہ جو آرڊر ڏيئي ڇڏيو هو.
اڌ منو ڪلاڪ کان پوءِ K.F.C جو آرڊر بہ پھچي ويو هو. مطلب تہ مانجهاندو گهٽ ريفريشمينٽ وڌيڪ هيو. پاڻ ريفريشمينٽ ڪري، ڪي ايف جي باقيات ڊسٽ بن ۾ اڇلائي، پنھنجا بيگ کڻي هوٽل مان هيٺ لٿاسين. هن دفعي هوٽل جي ڪائونٽر تي جوان ڇوڪري سان گڏ نوجوان ڇوڪرو بہ ويٺو هيو. پنھنجن بيگن جا اتي ئي پيل ڊجيٽيل اسڪيل تي تور ڪئيسين. جن جو وزن جھاز جي گهرج کان مٿي نہ هيو.
شڪر ڪيوسين. پوءِ ڪائونٽر تان ٽيڪسي گهرائي، بينڪاڪ ايئرپورٽ پھتاسين. هڪ دفعو ٻيھر جاني جا قرب جو هن ايئرپورٽ تي هميشہ جيان هاءِ ڪلاس جي آئس ڪريم کارائي. پاڻ هاڻي صفا بالم ٿي ويا هياسين. نيٺ بورڊنگ شروع ٿي ويئي. بورڊنگ جي عمل کي پورو ڪري، پاڻ جھاز ۾ اچي ويٺاسين. مون ڏٺو تہ ڪافي مسافر پنھنجون سيٽون تلاش ڪندي اندر داخل ٿي رهيا هيا. هڪڙي ليڊي ڪنھن ٻي ماڻھو جو بيگ مٿان ڪڍي ٻي هنڌ رکي ڇڏيو هو. هوءَ اڪيلي سر هئي. هن جي پاسي ۾ ڪو اوپرو مرد هيو. پر ٿوري ديرکان پوءِ هڪڙو همراھہ آيو. هن دير ئي نہ ڪئي ۽ ان ليڊي جو بيگ ڪڍي، ان عورت کي واپس ڏيندي پنھنجي ڪاوڙ جو اظھار ڪيو. ليڊي اڪيلي هئي. ان ڪري گهڻي ڇيڙ نہ پئي ڪري. پر هن جي چھري تي پڻ ڪاوڙ جا آثار نمايان نظرپئي آيا. ڏسندي ڏسندي جھاز رن وي تي ڊوڙڻ لڳو. نيٺ انائونسمينٽ ٿي تہ پاڻ جناح ٽرمينل تي لينڊنگ ڪيون پيا، توهان پنھنجا سيٽ بيلٽ ٻڌي ڇڏيو. پنھنجي ڌرتيءَ جي مٽيءَ جي سڳنڌ ئي نرالي ۽ موهيندڙ آهي. ان ڪري لينڊ ڪرڻ مھل جيڪا سرهائي رڳ رڳ ۾ سمائي ويئي هئي، ايئرپورٽ تي ئي نوڙي ڌرتيءَ کي سلام ڪري، سجدو ڪيوسين. اها ڳالھہ بيان ڪرڻ کان بالاتر آهي. اهو سچ آهي تہ ”وطن جي حب ايمان جي نشاني آهي.“ سو دل ڀرجي آئي هئي. ڀٽائي جا لفظ آهن تہ ” حيف تنين هوءِ، وطن جن وساريو.“ يا شيخ اياز جي مطابق تہ:
سنڌو ديس جي ڌرتي توتي، پنھنجو سيس نمايان مان،
مٽي ماٿي لايان مان...

Hazrat Ali (A.S)
Keep your thoughts cleaner than pure water. As water drops make a river ، thoughts make character and faith.

ليکڪ جا ڇپيل ڪتاب

1. Progressive General Vocabulary & Structure (English Grammar) 2000 (First Edition April 2000)
2. Burning Issues of present time (current affairs/ 2003).
3. Let’s Love Grammar (English Grammar/2004).
4. Musawar Dictionary (for Children 2004).
5. New International English (for kids 2004).
6. Teach Me (A guide for class VI 2004).
7. Teach Me (A guide for class VII 2004).
8. Teach Me (A guide for class VIII 2004).
9. سيتا جا سدا بھار ماڻھو 2004ع.
10. البرٽ آئنسٽائن جي جيون ڪٿا (پھريون ڇاپو) (ترجمو) 2006ع.
11. سوجهرن جا سفير (ڀاڱو پھريون) سنڌ جي برک شاعرن جا انٽرويوز 2006ع.
12. سوجهرن جا سفير(ڀاڱو ٻيون) سنڌ جي برک شاعرن جا انٽرويوز 2018ع.
13. توکان پوءِ (شاعري).(نثري نظم) 2012ع
14. ڀاڱا ڀاڱا ڀونءِ (شاعري). 2015ع
15. خط خوشبوءِ جھڙا (بشير سيتائي جا لکيل خط).2013ع
16. من صحرا صحرا (شاعري)2018ع
17. پھاڪا (سنڌي ۽ انگريزي ٻولي جا 1662 پھاڪا 2018ع
18. ٿامس ايِڊيسن جي دلچسپ ڪھاڻي (آتم ڪٿا) 2019ع
19. البرٽ آئنسٽائن جي سوانح حيات (ٻيو ڇاپو)2019ع
20. Progressive General Vocabulary & structure .Grammar. Second edition 2019
21. منھنجو استاد منھنجو رهبر: پروفيسر سليم سولنگي 2020ع
22. وليم شيڪسپيئر جا ڊراما ۽ ڪھاڻيون؛ ترجمو 2020ع
23. دادوء کان دبئي سفرنامو 2020ع
24. روين جي راند؛ attitude is everything جيف ڪيلر ترجمو 2022ع
25. آگ ڪي برفباري (اردو شاعري) 2022ع
26. ڏٺي ڏينھن ٿيام (تاريخي شخصيتن جا خط) 2022ع
27. پرھہ جي پڪار the 5 am club رابن شرما ترجمو 2023ع
28. نيپالي نينھن (سفرنامو) 2023ع
29. انڊونيشيا جو عشق (سفرنامو)2024ع
30. ملائيشيا جون محبتون (سفرنامو) 2024ع
31. ٿائيلينڊ جا ٿاڪ (سفرنامو) 2024ع

ايندڙ سفرناما
ماليديپ ۾ مانڊاڻ (مالديپ جو سفرنامو)
سريلنڪا جي سونھن (سريلنڪا جو سفرنامو)