سفرناما

ملائيشيا جون محبتون

ھي سفرنامو اهڙي تہ دلچسپ ۽ بھترين انداز ۾ ضابطہ تحرير ۾ آندو ويو آهي جو پڙهندڙ کي ملائيشيا جي تاريخ، جاگرافي، ڪلچر، ٻولين، تھذيب، تمندن، سياست ۽ سماج متعلق بي بھا معلومات ۽ ڄاڻ مھيا ڪري ٿو. هن ڪتاب ۾ هر مضمون پڙهڻ کان پوءِ نئين ڄاڻ ملي ٿي. ھي سفرنامو ھڪ خوبصورت وڻندڙ ۽ معلومات جي خزاني سان سينگاريل حسين سفرنامو آهي. جنھن ۾ بلوچ صحبت پنھنجين حسين يادگيرين ۽ احساسن جي خوشبو سان گڏ ملائيشيا جا سڀئي حسين منظر اهڙي تہ بي مثال انداز ۾ ڪٺي ڪيا آهن، جيڪو اوهان کي پنھنجي جادو ۾ ائين جڪڙي ڇڏين ٿا جو اوهان ان کي هڪ ئي ساعت ۾ مڪمل ڪرڻ چاهيندو. ڪتاب جو اھم ترين موضوع اتان جا تاريخي ماڳ مڪان، موسم، گارڊن، رهڻي ڪھڻي، شھرن جو نظام، اتان جا مندر، مسجدون، سياستدان ۽ اتان جي ترقي آھي.

  • 4.5/5.0
  • 5
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Malaysia Joon Muhbatoon

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

BOOK NO: (388)

ڪتاب جو نالو: ملائيشيا جون محبتون
موضوع : (سفرنامو)
ليکڪ: بلوچ صحبت علي
سنڌي، پھريون ڇاپو: جون 2024ع
ڪمپوزنگ: علي انور لغاري ۽ دائود ڪبير لغاري
ڇپيندڙ : ڪنول پبليڪيشن
ڪنول پبليڪيشن/ پرنٽر & بڪ شاپ، سيد آرڪيڊ، گاڏي کاتو- حيدرآباد.
: 0333-7523132

قيمت: 800 رُپيا
Dollar: $3.00

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2025ع

Malaysia joon muhbatoon (love of Malaysia))
Travelogue
© Baloch Suhbat Ali
1st Edition: JUN 2024
Published by: Kanwal Publication
ISBN: 978-969-2252-65-2

ڪـتـاب مـلـڻ جـا هـنـڌ،
ڪنول پبليڪيشن& بڪ شاپ، سيد آرڪيڊ، گاڏي کاتو- حيدرآباد.
ڀٽائي بڪ اسٽور، ڪويتا ڪتاب گهر، حيدرآباد - رومي ڪتاب گهر، گدو چونڪ حيدرآباد -
دانيال ڪتاب گهر، قاسم آباد. نئون نياپو ڪتاب گهر، سچل ڳوٺ ڪراچي. الاحسان ڪتاب گهر، ميھڙ
- مرڪ پبليڪيشن هائوس، صدر ڪراچي - سنڌيڪا بڪ شاپ، لاڙڪاڻو - المھراڻ ڪتاب گهر، سانگهڙ - سليمان برادرس، نواب شاه - مدني بڪ اسٽور، دادو. عوامي ڪتاب گهر، جيڪب آباد
سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر- الفتح نيوز ايجسني، مھراڻ سينٽر، سکر. ٿرڪتاب گهر، مٺي- سامروٽي ڪتاب گهر، مٺي. تھذيب بڪ شاپ، خيرپور ميرس- سنڌ بڪ اسٽور پڪا چانگ، سراج بڪ اسٽور، قنبر

ارپنا

چڱا چنڊ! چئيج، سنيھا کي سڄڻين،
مٿان اڱڻ اڀري، پرين جي پئيج،
جهيڻو ڳالھائيج، پيرين وجهي هٿڙا.
سر کنڀات (شاھہ لطيف رح)

(اي ڀلارا/پيارا/مانوارا چنڊ! وڃ وڃي پرينءَ کي اسان جا پيغام پھچائي اچ. سندن گهر جي اڱڻ مٿان مھڪي، اڀري ۽ سندن پيرن مٿان هٿ رکي، نھايت نرمائي سان ڳالھائيج).

ارپنا

پنھنجي هي ننڍڙي ڪاوش ارپيان ٿو،
پنھنجي تاريخي ضلعي دادو جي معزز ۽ مان واري سيشن جج
محترم سائين محمد مُراد ميمڻ صاحب کي،
جنھن جي مثبت روين، خوش اخلاقي، مان گهڻو متاثر ٿيو آهيان.

______بلوچ صحبت علي

وَڍِيَلَ ٿي وايُون ڪَري، ڪُٺَلِ ڪُوڪاري

وَڍِيَلَ ٿي وايُون ڪَري، ڪُٺَلِ ڪُوڪاري؛
ھُنَ پَنَ پنھنجا سارِيا، ھِيَ ھنجُون ھَڏَنِ لءِ ھاري.

لفظن جي معنيٰ :

وڍيل = اصل هنڌ کان جدا ڪيل
ڪٺل = وڇوڙي جي ماريل (سسئي)
ھڏن = پيارن، عزيزن، هوتن

تشريح : ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ

وڻ مان وڍيل ٽاري (نڙ يا بانسري) لاتيون پيئي ڪري ۽ ھيءَ (سسئي قرب ۽ فراق ۾) ڪٺل دانھن مٿان دانھون پيئي ڪري. ھن نڙ/بانسري واري ٽاريءَ پنھنجا (اصلي) پن ياد ڪيا آھن ۽ ھيءَ (سسئي) وري ھوتن (محبوبن) کي ياد ڪري ڳوڙها پيئي ڳاڙي.

(ھن بيت جي خاص اھميت اھا آھي جو شاھ جي رسالي جو پھريون مڪمل نسخو جنھن کي ’گنج‘ چيو ويو ۽ جيڪو 1207 ھجريءَ ۾ يعني شاھ لطيف جي وفات کان 45 سال پوءِ لکيو ويو ۽ جيڪو سر سسئيءَ سان شروع ٿئي ٿو، ھيءُ ان جو پھريون بيت آھي، يعني شاھ جي ڪلام جي ابتدا ھن بيت سان ڪئي ويئي آھي)

انگريزي ترجمو : امينہ خميساڻي

The flute cut from trees, wails, the wounded one cries,
This one recollects its green shades, that one’s tears for her love rise.
پنجابي ترجمو: ڪرتار سنگهہ عرش

ونجهلی سسی دونویں رل کے رون دین دُہائی
اک رکھوں وڈھی تے دوجی بیٹھی ہوت گوائی

سرائيڪي ترجمہ : استاد لغاري

وَڍِيَلَ پَئِيۡ وايانۡ ڪَرٖي، ڪُٺَلۡ ڪُوۡڪارٖي،
اُونۡ پَنَ آپَڻٖي سارِئٖي، اٖي ھَنۡجُهونۡ هوۡتٖينۡ ڪاڻَ هارٖي.

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر، ڪھاڻيڪار، سنڌيڪار، سفرنامانگار ۽ ڪالم نگار بلوچ صحبت عليءَ جو محبتن جي ملڪ ملائيشيا بابت لکيل خوبصورت۽ معلوماتي سفرنامو ”ملائيشيا جون محبتون“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
”ملائيشيا جون محبتون“ هڪ سفرنامو آهي پر اهو اهڙي تہ دلچسپ ۽ بھترين انداز ۾ ضابطہ تحرير ۾ آندو ويو آهي جو پڙهندڙ کي ملائيشيا جي تاريخ، جاگرافي، ڪلچر، ٻولين، تھذيب، تمندن، سياست ۽ سماج متعلق بي بھا معلومات ۽ ڄاڻ مھيا ڪري ٿو. هن ڪتاب ۾ هر مضمون پڙهڻ کان پوءِ نئين ڄاڻ ملي ٿي. ھي سفرنامو ھڪ خوبصورت وڻندڙ ۽ معلومات جي خزاني سان سينگاريل حسين سفرنامو آهي. جنھن ۾ بلوچ صحبت پنھنجين حسين يادگيرين ۽ احساسن جي خوشبو سان گڏ ملائيشيا جا سڀئي حسين منظر اهڙي تہ بي مثال انداز ۾ ڪٺي ڪيا آهن، جيڪو اوهان کي پنھنجي جادو ۾ ائين جڪڙي ڇڏين ٿا جو اوهان ان کي هڪ ئي ساعت ۾ مڪمل ڪرڻ چاهيندو. ڪتاب جو اھم ترين موضوع اتان جا تاريخي ماڳ مڪان، موسم، گارڊن، رهڻي ڪھڻي، شھرن جو نظام، اتان جا مندر، مسجدون، سياستدان ۽ اتان جي ترقي آھي.
ھي ڪتاب جون 2024ع ۾ ڪنول پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون بلوچ صحبت عليءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

تخليقي صلاحيتن وارو بيباڪ ليکڪ

انگريزي ادب جي ڏاهي Rene Descartes جو قول آهي تہ:
The reading of all good books is like a conversation with finest minds of past centuries.
آءُ جڏهن سال 1999ع ۾ دادو شھر ۾ انگريزي گرامر سکڻ جي شوق جي آبياري لاءِ ڳوٺ مان اچي، ڪنھن انگريزي گرامر واري ٽيوشن سينٽر ۾ داخلا وٺي، ٽيوشن وٺڻ جي شروعات ڪئي هئي، تڏهن مون انگريزي پڙهائڻ وارن ناليوارن استادن جا نالا ٻڌا هيا. انھن استادن ۾ محترم سائين پروفيسر سليم سولنگي، سائين محمد هاشم سولنگي، سائين اعجاز سيف پنھور، سائين عبدالحڪيم لغاري، سائين ڌڻي بخش عباسي، سائين اظھر علي چارڻ ۽ ٻيا ڪيترائي قابل احترام استاد صاحبان اچي وڃن ٿا. ان کان علاوہ سائين سليم جو شاگرد بلوچ صحبت علي جو نالو بہ ٻڌڻ ۾ آيو هو. قابل ذڪر هيو.
سائين پروفيسر سليم سولنگي صاحب جي تربيت هيٺ رهڻ ۽ ان جي شاگردي ۾ گهڻو عرصو هجڻ جي ڪري، بلوچ صحبت پاڻ گهڻو پرايائون ۽ ڪافي سالن تائين سائين اعجاز سيف پنھور سان گڏ پروگريسو انگلش ڪوچنگ سينٽر ۾ دل و جان سان تدريسي خدمتون پڻ سرانجام ڏيندا رهيا. اهڙي طرح پنھنجا سوين شاگرد تيار ڪري دادو شھر جو نالو روشن ڪيائون. بلوچ صحبت جا شاگرد هن وقت مختلف ادارن ۾ وڏن عھدن تي فائز آهن. ڪافي عرصو پڙهائڻ کان پوءِ پاڻ قانون جي شعبي ۾ قانون جو شاگرد بڻجڻ لاءِ ۽ قانون جي علم جي اُڃ اُجهائڻ لاءِ ڪراچي روانا ٿيا، جتان سنڌ لا ڪاليج/ڪراچي يونيورسٽي مان قانون جي ماسٽر ڊگري وٺي اتي ئي وڪالت جي شعبي سان سلھاڙجي ويا. هن شعبي ۾ بلوچ صحبت جو استاد سائين سيد سجاد علي شاھہ (اڳوڻو چيف جسٽس آف پاڪستان) هيو. جنھن جي رهبري هيٺ هن پاڻ کي وڪالت جي شعبي ۾ مڃرايو. ڪراچي ۾ ڳچ عرصو رهڻ کان پوءِ جڏهن هن کي دادو جي مٽيءَ جي ڇڪ ٿي تہ پاڻ پنھنجي اباڻي شھر دادو ۾ واپس موٽي آيا ۽ هن وقت دڙو روڊ تي سندس وڪالت جي آفيس آهي ۽ دادو ضلعي تہ ڇا پر سڄي سنڌ ۾ هڪ مڃيل وڪيل طور سڃاتا وڃن ٿا.
مون سي ڏٺا ماءُ جنين ڏٺو پرين کي،
انھن سندي ڪاءَ، ڪري نہ سگهان ڳالهڙي.
شاھہ رح
مان جڏهن پنھنجو پھريون ڪتاب ”دل شڪستو نہ ٿي“ لکي رهيو هئس ۽ ان ڪتاب جو پھريون مضمون ”منفي خيال جا غلام نہ بڻجو“ ان جون 30 عدد کن ڦوٽو ڪاپيون ڪرائي، دادو شھر جي مختلف اديبن، ڏاهن، دانشورن، شاعرن ۽ تعليمدانن ڏي ڏياري موڪليون هيون. ان جو مقصد اهو هيو تہ اهي ڏاها ليکڪ منھنجي ان مضمون کي پڙهي، ان تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندي منھنجي رهنمائي ڪن ۽ پنھنجي تنقيدي راءِ کان مون کي آگاھہ ڪندي منھنجي اصلاح ڪن تہ جيئن مون کي خبر پوي تہ مان بہ ليکڪن جي صف ۾ بيھي سگهان ٿو يا ليکڪ ٿي سگهان ٿو يا رڳو ويٺو پنا ڪارا ڪيان. يقين ڪيو تہ سڀني کان وڌيڪ جنھن شخصيت منھنجي همت افزائي ڪئي ۽ مون کي گهڻي کان گهڻو حوصلو ۽ همت ڏياري هئي، سو هيو بلوچ صحبت علي.
تم ذرا شجر کو دلاسا دو،
میں پرندے بُلا کے لاتا ہوں۔

باقي گهڻن مھربانن تہ منھنجي پھرئين مضمون تي منھنجي دلشڪني ڪري، اهڙا تہ منفي ڪمينٽ پاس ڪيا ها جو منھنجو تہ تڏهن کان ئي ذري گهٽ لکڻ تان دل کڄي ويئي هئي پر سچ چوندا آهن تہ حوصله افزائي ڪرڻ بہ هر ڪنھن جي وس جي ڳالھہ نہ آهي ڇو تہ اها همت واري چڻنگ ان پيٽرول وانگر آهي، جيڪا ڪنھن بيٺل گاڏيءَ کي هلائڻ لاءِ ضروري هوندي آهي. انگريزي ۾ ڪنھن ڏاهي ڪيڏي نہ سٺي ڳالھہ ڪئي آهي تہ:
Don’t worry about the haters… They are just angry because the truth you speak contradicts the life they live.
اهي ڏينھن اهي شينھن. تڏهن کان مون لکڻ بند نہ ڪيو آهي. منھنجو مٿيون ڪتاب جڏهن سال 2019ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي وارن ڇاپي پڌرو ڪيو هو، تہ ادبي حلقن ۾ ڪتاب کي ڏاڍو ساراهيو ويو هو ۽ هٿو هٿ ڪتاب وڪامي ويو. ادبي حلقي ۾ ان جي گهڻي تعريف ٿي هئي. جيڪا مون لاءِ فخر جي ڳالھہ آهي.
هن وقت تائين منھنجا مختلف موضوعن تي 8 ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. مون جڏهن بہ زندگيءَ جي ڪنھن موڙ تي ٿڪاوٽ، مايوسي، نراسائي ۽ بيچيني محسوس ڪئي هوندي تہ منھنجي ذهن ۾ بلوچ صحبت علي جھڙا دوست اچي ويندا آهن. جيڪي پنھنجي ايڏي مصروف ترين پروفيشنل ڪم يعني وڪالت جي پيشي جي، جيڪو ڪل وقتي ڪم آهي، تنھن جي باوجود لکڻ لاءِ وقت ڪڍن ٿا ۽ مسلسل لکي رهيا آهن تہ اهڙن اٽل ۽ اڏول آدمين کان اسان جھڙن طفل مڪتب ماڻھن کي بہ وڏو حوصلو ملندو آهي؛
کُھي جا کنيائين، وک تنھين ويجهي ڪئي،
ڇڪي ڇنيائين، پنڌ مڙوئي پٻ جو.
شاھہ رح
بلوچ صحبت علي جي سفرنامي ”ملائيشيا جون محبتون“ بابت ٻہ اکر لکڻ منھنجي لاءِ وڏي سعادت ۽ خوشيءَ جو سبب آهي. ڇاڪاڻ جو اسان هاڻي تقريبن هڪڙي ئي ٻيڙي جا سوار ٿي ويا آهيون. بلوچ صحبت جيان مون بہ ڪافي ملڪ ڏٺا آهن، مان بہ انڊونيشيا گهمي آيو آهيان. ساڳي ريت بلوچ صحبت پيغمبري پيشي سان پڻ سلھاڙيل رهيو آهي ۽ مان اڄ بہ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ واري تدريسي عمل سان سلھاڙيل آهيان. ان کان علاوہ مون بہ ٿورو گهڻي قانون کي پڙهيو آهي ۽ قانون جي ڊگري ورتي آهي. مون کي محسوس ٿيو تہ بلوچ صحبت علي هاڻي هڪ نئين ترتيب ۽ نئين جذبي سان لکي رهيو آهي. هن جي سفرنامي ۾ ائين لڳو تہ هو پڙهندڙ کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش نہ ٿو ڪري بلڪ پاڻ کي خوش رکڻ جي هر وقت موڊ ۾ رهي ٿو. مون کي گوتم جو قول ياد ٿو اچي تہ:
Your first duty is to make yourself happy. If you are happy, you will make others happy.
اهو ئي سبب آهي جو بلوچ صحبت جي لکڻين کي گهڻو پڙهيو وڃي ٿو. هن هيل تائين 28 کن مختلف موضوعن تي ڪتاب لکيا آهن. هي سندس30 ڪتاب آهي. هن کان اڳ ۾ ”انڊونيشيا جو عشق“ شايع ٿي چڪو آهي، جيڪو سندس 29 ڪتاب ٿئي ٿو ۽ سندس ايندڙ ڪتابن ۾ ”ٿائلينڊ جا ٿاڪ“ جو شمار اهم ڪتابن ۾ ٿيندو. اهو سندس 31 ڪتاب هوندو. بغير ڪنھن لالچ لوڀ جي پنھنجي قوم ۽ ادب جي خدمت ڪرڻ سڀني جي وس جي ڳالھہ ناهي.
بلوچ صحبت جو هن ڪتاب ۾ هر مضمون پڙهڻ کان پوءِ هڪڙي شعوري سگهہ پيدا ٿئي ٿي، پڙهندڙ کي ڪا نئين ڄاڻ ملي ٿي ۽ پڙهندي پڙهندي ڪو جذبو، ڪو اڌمو ٿڌو ساھہ ڀري، ٻاهر نڪري چوي ٿو ۽ دل مان اهي الفاظ نڪرن ٿا تہ،”ڪاش!اها جاءِ، بازار، بندر، ايئرپورٽ وغيرہ، مان پاڻ اکين سان ڏسان ها ۽ پنھنجن هڪجيڏن کي ٻڌايان ها“. بلوچ صحبت علي جي هر لکڻيءَ ۾ هڪ گهرو اڻٽٽ تسلسل ۽ سلسلو جڙيل هوندو آهي ۽ جيڪو پڙهندڙ کي مجبور ڪندو آهي تہ هو اڳ ۾ اهو ٽڪ ڪيل موضوع پڙهي ۽ پوءِ اڳتي وڌي. هو ريڊر کي پنھنجي قلم جي جادو سان جڪڙي رکي ٿو. اهو ئي تہ ليکڪ جي لکڻي جو ڪمال آهي. لکڻ ۾ اهڙي ڪشش قائم ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 30 سالن جو لاڳيتو تجربو ۽ اٿاھہ من جو مطالبو گهرجي.
بلوچ صحبت علي وٽ اٿاھہ معلومات آهي جيڪڏهن عام ليکو ڪبو تہ اسان جي پوسٽ گريجيوئيٽ ماڻھن وٽ سندس ڀيٽ ۾ 10 سيڪڙو معلومات مس هوندي.
بلوچ صحبت دنيا کي ”الٽي اک“ سان نہ فقط ڏٺو آهي بلڪ محسوس پڻ ڪيو آهي. اهڙي سگهہ عام سياح نہ ٿو ساري سگهي. هو گهمندي ڦرندي دلچسپي واريون ڳالھيون نوٽ بڪ تي، دل و دماغ ۾ گڏ ڪندو ويندو آهي. سنڌ ڌرتيءَ سان سڪ ۽ محبت سندس سُتي ۾ پيل آهي. بلوچ صحبت علي پنھنجي لکڻي ۾ ڪُپت ڪرڻ کي گناھہ برابر سمجهي ٿو. سندس لکڻيون سچ تي مبني هئڻ جون مضبوط دليل آهن. پنھنجي سٻاجهي سڀاءُ سبب نوجوان ساڻس پيار ۽ احترام ڪن ٿا. وس پڄندي هن ڪنھن کي بہ ڪونہ ڏکوئيو آهي. هن جي سڀني سان هٿ جوڙ واري واٽ آهي. بلوچ صحبت عام زندگيءَ ۾ يا لکڻين ۾ نياز نوڙت وارو ماڻھو آهي. پاڻ پڏائڻ کي عيب سمجهندو آهي. هن جي پنھنجي ئي غزل جو بند آهي تہ:
جوئي آهيان، سوئي آهيان، سادو سودو،
ڪوڙ جو ڪوڙو مون کي رتبو ماريندو آ.
ڇا اهي سڀ خوبيون، ۽ ڏات جي هن ڏاهي جا گُڻ سندس مقبوليت لاءِ ۽ کين کي مان ڏيڻ لاءِ ڪافي نہ ٿا ٿي سگهن!. شاھہ لطيف اهڙن ئي اسان جي هيرن جواهرن لاءِ چيو آهي تہ:
محبت پائي من ۾ رَنڊا روڙيا جن،
تن جو صَرافن اَڻ توريو ئي اَگهايو.
توهان جو ٿورائتو

نادر علي جمالي
دڙو روڊ- دادو
علم دوست-ادب دوست

Suhbat: a torchbearer of Sindhi Literature

My dear friend Suhbat Ali is one of the few remaining Sindhi writers carrying the baton of Sindhi literature forward.
Eminent writers like Altaf Shaikh have inspired our generation by showing us a window to the beautiful world, that is vying to be explored. His ubiquitous books in 70-90s helped increase our awareness about the land beyond our own and broaden so many Sindhi minds.
Times have changed since, and technology has transformed our lives in many ways, one of which is easy access to the world of infomation.
With all this said, the pleasure of holding and reading a hard copy book remains unmatched. We are indebted to our authors who have continued to feed knowledge and wisdom to us and we are desperately short of those in Sindh. Suhbat is one such beacon shining in a relatively dark sea of Sindhi literature these days.


Mumtaz Leghari
Old friend
Senior Banking Executive, Qatar

خوبصورت، وڻندڙ ۽ معلومات جي خزاني سان سينگاريل حَسِين سفرنامو

برصغير جو عظيم نانءُ ”مولانا ابو ڪلام آزاد“ پنھنجي جڳ مشھور ڪتاب ”غبار خاطر“ ۾ لکي ٿو تہ،” ڪجهہ ماڻھو اهڙين طبيعتن جا مالڪ هوندا آهن جن لاءِ زندگيءَ ۾ فقط مصروفيت ڪافي نہ هوندي آهي. پر هي اهڙا ماڻھو هوندا آهن جيڪي زندگي ۾ اضطراب کي گهڻو پسند ڪندا آهن. هنن جي دلربائي آهي ئي مضطرب رهڻ ۾ ڇاڪاڻ تہ هڪ ٿڌي، خشڪ ۽ هنگامن کان خالي مقصد سندن اڃ اُجهائي نہ ٿي سگهي. کين زندگيءَ جو اهڙو مقصد گهرجي جيڪو اضطراب جي ڌوڌن سان ڌڳي رهيو هجي ۽ سندن اندر ۾ بيقراري ۽ سرمستيءَ جا ڀنڀٽ ڀڙڪائي ڇڏي. فارسي جو شعر آهي تہ :
نہ دانم تازه مي ڪارد، نہ زخم ڪھن مي خارد،
بده يا رب! دل ڪين صورت بي جان نمي خواهم.
معنيٰ: نہ ڪو نئون زخم ڪم ڏيکاري ٿو. نہ ڪي پراڻا زخم خلش ڏين ٿا. اي منھنجا رب! هاڻي مون کي هڪ نئين دل عطا ڪر ڇو تہ هي ڦڪي زندگي مون کي قبول ناهي.“
اڄ جي سنڌ جو بي مثل ادبي ڪردار بلوچ صحبت علي بہ انھن ئي ڳڻڻ جيترين ڪجهہ شخصيتن جي سٿ ۾ هڪ منفرد نانءُ طور نمايان نظر اچي ٿو. جيڪي پنھنجي مقصدن خاطر مضطرب رهڻ پسند ڪندا آهن ۽ ان راھہ ۾ ايندڙ تڪليفن کي کلندي، کيڪاريندي، پنھنجي سيني سان لڳائيندا آهن. لکڻ ۽ پڙهڻ هن گهڻ رخي شخصيت جي زندگيءَ جو مقصد آهي ۽ پنھنجي ان مقدس مقصد سان هن جي عشق جي انتھا اها آهي جو هن مڪمل طور تي پنھنجو پاڻ کي پنھنجي نصب العين ۾ فنا ڪري ڇڏيو آهي.
ائين چوڻ ۾ ڪو بہ وڌاءُ نہ ٿيندو تہ سنڌ جو هي منفرد ڪرداربجا طور تي فنا في العشق جي درجي تي پھتل آهي. هي سال 2024ع منھنجي هن آئيڊيل شخصيت جي حياتيءَ جو گولڊن جوبلي سال آهي. ايتري مختصر عرصي ۾ ذري گهٽ ٽن درجنن کان مٿي ڪتاب هن عظيم شخص جي اتاهين عشق جا اهڃاڻ آهن.
برصغير پاڪ و هند جو عظيم مفڪر علامہ آءِ آءِ قاضي رح پڻ پنھنجي هڪ خطبي ۾ انساني حياتيءَ جي بامقصد جياپي بابت فرمائن ٿا تہ،”گهمڻ، ڦرڻ، سير سفر ڪرڻ، تجربا ڪرڻ، مشاهدا ماڻڻ ۽ پوءِ پنھنجن انھن تجربن، مشاهدن، فطري لقائن، قدرتي مظھرن، منظرن ۽ نظارن جي حسين احساسن کي قلمبند ڪرڻ انساني حياتيءَ جي با مقصد جياپي جو اهڃاڻ آهي.“
انھي نقطي نگاھہ کان هڪ فطرت پرست جمالياتي روماني شاعر پنھنجن اهڙن تجربن، مشاهدن، احساسن ۽ ڪيفيتن کي شاعري جي صورت ۾ اظھاريندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو شاعر، نثر نگار، اديب، يا ڪو بہ عام ماڻھو ڪنھن بہ ملڪ، شھر يا ڪنھن قدرتي ماڳ مڪان جي سير و ساحت ڪري ٿو تہ پوءِ هو پنھنجي ان تجربي کي سفرنامي جي صورت ۾ قلمبند ڪري ماڻھن آڏو آڻڻ جي ادبي ڪاوش ڪندو آهي.
پر بلوچ صحبت علي ان حوالي سان منفرد مقام رکي ٿو. ڇاڪاڻ تہ هو نہ صرف سفرنامن جي صورت ۾ پنھنجا تجربا، مشاهدا ۽ احساس نثري انداز ۾ اسان جي آڏو آڻي ٿو بلڪہ انھن کان علاوہ انھن خاص ملڪن ۽ ماڳن، مڪانن، دڪانن، روڊن، رستن، گهٽين، درياهن، سمنڊن، سمونڊ ڪنارن، باغ باغيچن، جبلن، پھاڙن، ڍنڍن، ڍورن، وڻن، ٻوٽن ۽ ٻين انيڪ فطرتي لقائن جي اهڙي تہ دل کي ڇھندڙ منظر نگاري ڪري ٿو جو ماڻھو ان ۾ گم ٿي وڃي ٿو.
سنڌي ادب جي خوش نصيبي جو صحبت بنيادي طور شاعر هجڻ ڪري انھن ملڪان ملڪ جي تجربن، مشاهدن ۽ وڌرتي منظرن کي پنھنجي شاندار شاعريءَ جو حسين ويس پڻ پارائي نہ صرف پاڻ سنڌي شاعريءَ جي آسمان تي هڪ خوبصورت چمڪندڙ ستاري جيان پڻ جرڪندي نظر ايندو آهي پر ادبي حوالي سان سنڌي شاعري جي دامن کي پڻ اڻ لڀ خزانن سان ڀريندو رهندو آهي.
سير و سياحت کي اسلام ۾ مذهبي حوالي سان بہ گهڻي اهميت مليل آهي. جيئن قرآن شريف ۾ فرمايل آهي تہ، ”فسيروا في الارض“ يعني:”دنيا گهمو ڦرو“. ان کان علاوہ جڳ مشھور اديب پبلو نرودا گهمڻ ڦرڻ ۽ سير و سفر جي حوالي سان ڪيڏي نہ خوبصورت ڳالھہ ڪئي آهي. جڏهن هو چوي ٿو تہ:
”توهان آهستي آهستي مرڻ لڳو ٿا، جڏهن توهان سفر نہ ٿا ڪيو، جڏهن توهان پڙهو نہ ٿا، جڏهن توهان زندگيءَ جا ساز نہ ٿا ڪنايو، جڏهن توهان پنھنجو قدر نہ ٿا ڪيو“.
تنھن ڪري سير و سفر ۽ سياحت کي مختلف حوالن سان هميشہ عالمگير اهميت حاصل رهي آهي. ائين چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو تہ سير و سياحت زندگي جي نشاني ۽ اهڃاڻ آهي. سفرنامي جي ويجهي ماضي يعني ماضي قريب جي تاريخ ٻڌائي ٿي تہ سفرنامو هڪ مسلم فن آهي. ۽ ان فن جا موجد عرب مسلمان هئا.
قرآن شريف ۾ جيئن تہ واپار ۽ سير و ساحت جي اهميت تي زور ڏنل آهي ۽ لکڻ پڙهڻ جي بہ واضح اهميت آهي. ان ڪري عرب جيئن تہ واپاري بہ هئا ۽ واپار سانگي ملڪان ملڪ ويندا هئا. تڌهن پنھنجن انھن تجربن ۽ مشاهدن کي قلمبند ڪندا هئا ۽ ايئن سفرناما وجود ۾ آيا. ابن بطوطه جو سفرنامو ان جو هڪ مثال آهي.
سنڌي ادب ۾ سفرنامن جي اڻاٺ رهي آهي. ان حوالي سان هڪ هٿ جي آڱر تي ڳڻڻ جيترا نالا مس اچن ٿا. سنڌ جي مشھور سفرنامي نگارن ۾ الطاف شيخ ۽ عبدالحئي پليجي جا نالا ئي ڳڻائي سگهجن ٿا. جڏهن تہ انھن کان علاوہ ڳڻپ ۾ ايندڙ ڪجهہ ٻيا وڏا ادبي نالا بہ آهن، جن پنھنجن تجربن ۽ مشاهدن کي سفرنامن جو روپ ڏنو. جيئن تنوير عباسي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، بدر ابڙو، عبدالجبار جوڻيجو وغيرہ. بلوچ صحبت علي جو سفرنامي جي حوالي سان ”ملائيشيا جون محبتون“ چوٿون ڪتاب آهي. ان کان اڳ ۾ سندس”دبئي“، ”نيپال“، ۽ ”انڊونيشيا“ جا سفرناما،”دادوءَ کان دبئي“، ”نيپالي نينھن“، ”انڊونيشيا جو عشق“ پڻ ڇپجي چڪا آهن. جڏهن تہ مجموعي طور تي بلوچ صحبت علي تقريبا ٽن درجن ڪتابن جا سرجڻھار آهن. جيڪي اڳ ۾ ئي ڇپجي چڪا آهن.
بلوچ صحبت علي بنيادي طور تي ادبي حوالي سان هڪ ڪھنہ مشق شاعر آهي پر نثر ۽ ترجمي نگاري ۾ بہ سندس قابل تعريف ڪم ٿيل آهي. آءُ ان راءِ جو آهيان تہ بلوچ صحبت علي کي فقط شاعر چوڻ حقيقت جي انحرافي ٿيندي. حقيقت ۾ هو هڪ گهڻ پاسائين شخصيت آهي. جنھن کي قدرت ادب جي هر صنف ۾ مھارت عطا ڪئي آهي. پوءِ اها شاعري هجي، ترجمي نگاري هجي، نثر هجي، آزاد نظم هجي يا سفرنامن جو موضوع هجي. هن جڏهن بہ قلم هٿ ۾ کنيو آهي، ان کي عبادت سمجهي هٿ ۾ کنيو آهي ۽ ان ڪم کي مقدس ڄاڻيندي پنھنجي قلم سان هميشہ انصاف ڪيو آهي.
بلوچ صحبت علي جو هي سفرنامو ”ملائيشيا جون محبتون“ سندس اڳين سفرنامن جيان پڻ سنڌي ادب ۾ هڪ خوبصورت اضافو آهي ۽ ان ۾ ڪو بہ شڪ ناهي تہ سنڌي ادب ۾ سفرنامن جي اڻاٺ جي پورائي جي حوالي سان ٻين ليکڪن سان گڏ بلوچ صحبت علي جا سفرناما پڻ هڪ مثبت ۽ بھتر ڪوشش آهن. جنھن لاءِ هي کاهوڙي شخصيت بلاشڪ داد جو مستحق آهي. سندن تحرير ۾ قدرت ڪمال جي مھارت عطا ڪئي آهي. سندس آسان انداز بيان ۽ لفظن جي مٺاڻ پڙهندڙن کي پنھنجي سحر ۾ جڪڙي ڇڏي ٿي ۽ پڙهندڙ ان ۾ محو ٿي وڃن ٿا.
انداز بيان جي سادگي، لفظن جو آسان ۽ خوبصورت سٽاءُ ۽ قدرتي منظرن جي خوبصورت منظر نگاري بلوچ صحبت علي جي سفرنامي جي اهڙي تہ سحر انگيز خوبي آهي جو سندس سفرنامو پڙهندي پڙهندڙ خود ان ڪيفيت ۾ گم ٿي وڃي ٿو ۽ ائين محسوس ڪري ٿو ڄڻ هو بذات خود اتي موجود آهي. اها لاشڪ بلوچ صحبت علي جي انتھائي خوبصورت ادبي خوبي آهي جو هو پنھنجي سفرنامي جي يادگيرين، تجربن، مشاهدن ۽ احساسن کي اهڙي تہ دلڪش منظر نگاري سان پيش ڪري ٿو، جو پڙهندڙ ان جي سحر ۾ مُحو ٿي وڃي ٿو ۽ سفرنامي مان مڪمل طرح لطف اندوز ٿئي ٿو.
”ملائيشيا جون محبتون“ هڪ سفرنامو آهي پر اهو اهڙي تہ دلچسپ ۽ بھترين انداز ۾ ضابطه تحرير ۾ آندو ويو آهي جو پڙهندڙ کي ملائيشيا جي تاريخ، جاگرافي، ڪلچر، ٻولين، تھذيب، تمندن، سياست ۽ سماج متعلق بي بھا معلومات ۽ ڄاڻ مھيا ڪري ٿو. صحبت جيئن تہ بذات خود خوش مزاج، گهڻرنگي ۽ گهڻرخي شخصيت آهي، ان ڪري سندس سفرناما بہ بيحد دلچسپ، رومانوي، وڻندڙ ۽ معلوماتي هوندا آهن.
ائين ئي هي سفرنامو ”ملائيشيا جون محبتون“ بہ هڪ اهڙو ئي خوبصورت وڻندڙ ۽ معلومات جي خزاني سان سينگاريل حسين سفرنامو آهي. جنھن ۾ بلوچ صحبت پنھنجين حسين يادگيرين ۽ احساسن جي خوشبو سان گڏ ملائيشيا جا بہ سڀئي حسين منظر اهڙي تہ بي مثال انداز ۾ ڪٺي ڪيا آهن، جيڪو اوهان کي پنھنجي جادو ۾ ائين جڪڙي ڇڏين ٿا جو اوهان ان کي هڪ ئي ساعت ۾ مڪمل ڪرڻ چاهيندو.
سنڌي ادب جي هن وڏي نانءُ بلوچ صحبت هميشہ جيان پنھنجي شاندار روايت کي وڌائيندي ”ملائيشيا جون محبتون“ جي صورت ۾ سنڌي ادب ۾ هڪ ٻئي شاندار ڪتاب جو اضافو ڪيو آهي، جنھن لاءِ هي عظيم فقير منش شخصيت بيشڪ مان لھڻي. هي سال هن شاندار سرجڻھار جي حياتي جو گولڊن جوبلي سال آهي. ڌڻيءَ در دعا آهي تہ ﷲ پاڪ کيس صحت، شفا ۽ وڏي ڄمار عطا ڪري ۽ هو پنھنجي حياتي جي ڊائمنڊ جوبلي يعني سينچري مڪمل ڪري ۽ پنھنجي شاندار علمي ۽ ادبي صلاحيتين سان سنڌي ادب جي جهولي کي مالا مال ڪندو رهي. آمين.
علم جي خزاني جو ادنيٰ طالب علم

اين -اي -بلوچ
وڪيل هاءِ ڪورٽ
شاھہ آباد محلہ- دادو

محبت جن جي من ۾

Ralph waldo Emerson جو قول آهي تہ:
Life is a journey, not a destingation.
(زندگي مسلسل سفر جو نالو آهي، جنھن ۾ ڪا بہ منزل نہ آهي.)
سنڌ محبتن، امن، پيار، صوفين، درويشن، شاعرن؛ لطيف، سامي ۽ سچل جي ڌرتي رهي آهي، جتي محبتن، عزتن، پيار، پاٻوھہ، ڏات ۽ ڏاهپ جا قصا ۽ ڪھاڻيون قابل ذڪر ۽ ڏيھان ڏيھہ مشھور آهن. ساڳي ريت هي اها ئي عظيم قوم جي عظيم ڌرتي آهي جتان جي شاعرن، ڏاهن، عالمن، علم جي اڪابرن هميشہ مُحبت، ڀائيچاري، اخوت ۽ اُمن جو درس ڏنو. اسان جي روحاني مرشد شاھہ عبدالطيف ڀٽائي فرمايو آهي تہ؛
مُحَبَتَ جَنِ جَي مَنَ ۾، تَنِ تَشِنِگِي تَارِ
پِي پِيَالَو اُڃَ جَو، اُڃَ سِين اُڃَ اُٿِيَارِ،
پُنھون پَاڻَ پِيَارِ، تہ اُڃَ سَان اُڃَ اُجَهائِيَ.
سنڌ جا سيلاني، مسافر، وڻجارا ۽ ڌرتيءَ سان پيار ڪندڙ ليکڪ جڏھن محبت من ۾ سانڍي قدرت جو اڏيل خوبصورت رنگ برنگي جھان ڏسـڻ لاءِ ولايت نڪري پون ٿا تہ سندن محبتي خمير، جماليات جي ڪامل نگاھہ، سونھن پرستي، سنڌ پرستي ۽ سندن عاشق مزاج طبيعتون انھن موهيندڙ منظرن ۾ گم ٿي وڃن ٿيون ۽ انھن خوبصورت نظارن کي پنھنجي اک ۽ دل جي ڪيمرا ۾ هميشہ لاءِ قيد ڪري ڇڏين ٿا ۽ اتان جا اهي تحفا پنھنجي ڌرتي ڌڻين لاءِ کڻي پنھنجي وطن واپس ورن ٿا. جيڪي اسان جي ٻڍي توڙي ٻالڪ جي علم ۾ اضافي جو ڪارڻ بڻجي ٿو. شاھہ صاحب سر سامونڊي ۾ وڻجارن لاءِ لکي ٿو تہ؛
سيئي جوڀن ڏينھن جڏهن سڄڻ سفر هليا!،
رئان رهن نہ سپرين، آيل! ڪريان ڪيئن؟
مون کي چاڙهي چيئن، ويو وڻجارو اوهري!
(اُهي منھنجا جوانيءَ جا ڏينھن ئي هئا، جڏهن سڄڻ سفر تي اُسھيا. اي جيجل! مان ڪيئن ڪريان. جو روئان ٿي تہ بہ پرين وڃڻ کان نہ ٿا رهن. مونکي جيئري ئي چکيا تي چاڙهي (آگ ۾ ساڙي)، وڻجارو ٻيڙي هاڪاري هليو ويو.)
منھنجي دوست بلوچ صحبت هيل تائين سنڌي ادب جي جهولي ۾ 29 بھترين ڪتابن جا تحفا ڏنا آهن. صحبت جو هي چوٿون سفرنامو آهي. سندس پھريون سفرنامو ”دادوءَ کان دبئي“ آهي جيڪو سال 2020ع ۾ ڇپيو. ان کان پوءِ سندس ٻيون سفرنامو ”نيپالي نينھن“ 2023ع ۾ ڇپيو. ان کان پوءِ هن جو ٽيون سفرنامو”انڊونيشيا جو عشق“ بہ تازو ڇپجي چڪو آهي. هي سفرنامو ”ملائيشيا جون محبتونlove of Malaysia“ توهان جي هٿن ۾ آهي ۽ هن کان پوءِ ايندڙ سفرنامو ”ٿائلينڊ جا ٿاڪ“ بہ تمام جلدي توهان جي هٿن ۾ هوندو.
صحبت جي شخصيت تي لکڻ لاءِ تہ گهڻو ڪجهہ لکي سگهجي ٿو. ڇو تہ هن جي شخصيت گهڻ رخي آهي. هڪ تہ پاڻ پروفيشنل طور تي ناميارو وڪيل آهي، ٻيو تہ ڪھنہ مشق شاعر، بھترين ترجمي نگار ۽ دلچسپ سفرناما لکندڙ ليکڪ آهي. مان صحبت جي سڀني پاسن کي ڇڏي، توهان سان صحبت جي هن ڪتاب جي باري ۾ پنھنجا ويچار ونڊڻ چاهيان ٿو. مون هي سڄو ڪتاب هڪ ساهي ۾ پڙهيو آهي. هن ڪتاب جي باري ۾ مختلف اديبن، ڏاهن، ۽ ڏات ڌڻين لکيو آهي، جنھن مان هن ڪتاب جي اهميت چٽي طرح ظاهر ٿي بيھي ٿي. مان هن ڪتاب ۾ ڏنل معلومات تي وڌيڪ روشني وجهڻ چاهيان ٿو.
ملائيشيا جيڪو سياحت جي حوالي سان دنيا اندر ايترو تہ مشھور ٿي چڪو آهي جو هن وقت تائين سنڌ ۽ پاڪستان سميت دنيا جي مختلف ملڪن اندر رهندڙ ماڻھن ۾ هڪ خوبصورت مسلمان ملڪ جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. منھنجي ذاتي راءِ اها آهي تہ سنڌ جي سياحت کاتي جي عملدارن کي هي ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي ۽ اهي سمورا اپاءَ وٺڻ گهرجن جيڪي هڪ برادر مسلمان ملڪ اندر حڪومت پاران پنھنجي رياست جي ترقيءَ ۽ عوام توڙي سياحن کي سھولتون ڏيڻ واسطي ورتا ويا آهن ۽ ورتا وڃن پيا. اها ڳالھہ آءُ يقين سان لکان پيو تہ مون سميت سموري سنڌي عوام سنڌ جي ترقي، امن، خوشحالي جا خواهشمند آهن.
پياري دوست صحبت جنھن دلچسپ انداز سان ھي سفرنامو تحرير ڪيو آهي، ان کي پڙهڻ سان هر ماڻھو اهو لطف، مزو هوبھو ائين ئي محسوس ڪندو جو ڄڻ تہ هو پاڻ ليکڪ سان گڏ ملائيشيا ۾ هجي ۽ هتان جي آرڪڊ هوٽل جي ماحول جو مزو وٺندو هجي. ان کان پوءِ ڪرنسي جي معلومات ڏيڻ سان گڏ اتان جي ٽرانسپورٽ سسٽم، لوڪيشن، ٽريفڪ جو آهستي آهستي، ٻلي پير هلڻ جا خوبصورت منظر اُنھن جو نظارو ڪندي حقيقت نگاري ۽ جنھن خوبصورت انداز سان ماڳن مڪانن جي تاريخي حيثيت تي روشني وجهي اهڙو تہ ماحول پيدا ڪري ٿو جو پڙهندڙ جي ان مھل من اندر هڪ خواهش جنم وٺي ٿي تہ هن سڄي سفرنامي کي هڪ ساهي ۾ پورو ڪجي ۽ صحبت جي اک سان انھن ماڳن جو نظارو ڪجي. واڪنگ اسٽريٽس کان واڪ ڪندا، چائنا مال Sungai wang mall مان شاپنگ ڪرڻ کان علاوہ اتان جا جڳ مشھور پيٽروناس ٽاور ۽ اُتان جي ڦوٽوگرافرن جي هڪ هٽي بہ واھہ جو بيان ٿيل آهي. هنن ٽئن ٽاورز جي ذڪر بنا هي سفر نامڪمل آهي.
يقينن هن سفرنامي کان اڳ مونکي پيٽرونس ٽاور جي ايڏي خبر نہ هئي پر جڏهن صحبت جي هن سفرنامي ۾ اُنھن پيٽرونس ٽاور جي باري ۾ پڙهيو تہ دل ۾ خواھش جنم ورتو تہ هي ٽاور هڪ دفعو زندگي ۾ ضرور ڏسڻ کپي!
پڙهندي پڙهندي مونکي ليکڪ جي هن ”ملائيشيا جو محبتون“ جي سفرنامي وڌيڪ ان مھل متاثر ڪيو جڏهن مون تاريخي مندر باتو ڪيو جي بابت پڙهيو، هن مندر جي باري ۾ پڙهندي ذھن سنڌ جي تاريخي ۽ خوبصورت مندرن ڏانھن هليو وڃي ٿو ۽ سوچڻ لڳو تہ اسان وٽ تاريخ جا تمام پراڻا مندر آهن جيئن مڪلي مندر، شري پنچ مُکِي، ساڌ ٻيلو، روهڙي وارو ڪالي ماتا مندر، ڪراچي وارو سوامي نارائڻ مندر، گرو مندر ۽ ٻيا سنڌ ۾ هزارين مندر آهن. جن کي هندو ڀائر پنھنجي مدد پاڻ تحت مينٽين ڪيو پيا اچين، ڪي تہ بند بہ ٿي ويا. ڪٿي ڪٿي اسان جي ذهني ڪمزور ماڻھن انھن تاريخي ماڳن، مڪانن کي پڻ نقصان پھچايو آهي. سنڌ جي سياحت کاتي جي عملدارن پاران ڪوششون وٺي اتي ملڪي، غير ملڪي سياحن لاءِ اهڙيون تہ سھولتون، عبادت گاهون، تفريحي رونقون بحال ڪيون وڃن، جو دنيا جي شوقين سياحن جو هن پاسي بہ لاڙو ٿئي، تاريخي ماڳن جي اهميت اجاگر ٿئي ۽ اتان جي لوڪل ماڻھن لاءِ روزگار جا موقعا پڻ فراهم ٿي سگهن ۽ سنڌ سکي ستائبي ٿئي.
ليکڪ هن ڪتاب ۾ باتو ڪيوَ battu caveجو ذڪر پڻ ڪيو آهي، جنھن جا حسين نظارا، مندر جي مورتي سان گڏو گڏ اُنھن مورتين، مجسمن، ديوتائن ۽ اُنھن ماڳن ۽ مڪانن جي اڏاوت، تعمير، ڪاريگري، ڪاشيگري، اهو ٻڌائي تہ هي شاهڪار مجسما تاريخي جو اڻٽٽ حصو آهن. انھن جي باري ۾ پڙهندي دل سٽ کاڌي تہ هينئر ئي هينئر انڊونيشيا جي ٽڪيٽ ڪٽرائي وڃي اهي سڀ نظارا ڏسي اچان جن جو صحبت ذڪر ڪيو آهي. ڪاش! ائين ٿئي ها.
ڪتاب جو اھم ترين موضوع اتان جا تاريخي ماڳ مڪان، موسم، گارڊن، رهڻي ڪھڻي، شھر جو نظام ۽ اهم ڳالھہ اتان جا مندر، مسجدون جنھن مان ثابت ٿئي ٿو اتان جا حڪمران ۽ عوام رواداري، ڀائچاري، امن جا پيروڪار آهن. جنھن ۾ ليکڪ جنھن طريقي سان هن ملڪ جي باري ۾ لکيو آهي اُن مان ظاهر ٿئي ٿو تہ قوم ۽ وطن خاطر هتان جي حڪمرانن جون خدمتون غير معمولي آهن. آءُ ذاتي طور تي ملائيشيا جي حڪمرانن مھاتيِر محمد ۽ انور ابراهيم جو مداح آهيان، ڇاڪاڻ تہ ملائيشيا اڄ جتي آهي اها هن عظيم اڳواڻن جي خوابن جي تعبير، انھن جي اڻٿڪ جدوجھد، محنت، ايمانداري جو پگهر ۽ انيڪ قربانيون شامل آهي. ڪاش سنڌ جي حڪمرانن ۾ بہ مھاتير محمد جھڙيون خوبيون هجن ۽ سنڌ بہ ملائيشيا جيان دنيا جي نقشي تي اڀري اچي.
جيڪي بہ ماڻھو ملائيشيا گهمڻ جا خواهشمند آهن، ليکڪ انھن لاءِ اهي سموريون معلوماتي ڳالھيون هن ڪتاب ۾ پڻ لکيون آهن تہ جيئن کين هتي ڪنھن بہ مشڪلات سان منھن نہ ڏيڻو پئي. هن جديد دور ۾ جتي هر ماڻھو مختلف ملڪ گهمڻ يا اتي روزگار حاصل ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو، انھن کي هڪ ڳالھہ ضرور ذهن ۾ رکڻ گهرجي تہ پنھنجي ملڪ کان ڪنھن بہ ٻئي ملڪ سفر ڪرڻ کان اڳ اتان جي ڪلچر، تاريخ، ٻولي، رهڻي ڪھڻي، سستي سفر، کاڌ خوراڪ، صحت، امن امان جي حالتن، مشھور ماڳن، روزگار حاصل ڪرڻ جي طور طريقن سميت سموري معلومات حاصل ڪرڻ بعد ئي سفر ڪرڻ گهرجي.
صحبت جو هي سفرنامو هر لحاظ کان پڙهڻ جھڙو آهي. خاص ڪري اسان جي نوجوانن کي هي سفرناو ضرور پڙهڻ گهرجي. اڳ ۾ اهو چيو ويندو هو تہ سفرناما لکندڙ ليکڪن جي کوٽ آهي. ڇو تہ مشھور ليکڪ محترم الطاف شيخ، عبدالحئي پليجو ۽ بدر ابڙو کان علاوہ ٻين ليکڪن تنوير عباسي، قربان منگي، آفتاب ميمڻ، آغا ثنا ﷲ خان، اسحاق انصاري جا بہ بھترين سفرناما آهن. انھن ليکڪن جي سفرنامن کي ڪنھن بہ ريت نظر انداز نہ ٿو ڪري سگهجي. انھن سفرنامن سنڌي ادب ۾ سفرنامي جي صنف ۾ ڪافي خوبصورت ڪتابن جو اضافو ڪري هن سفرنامي واري صنف کي جياري اوج تي پھچايو آهي. ان سان گڏ مون کي اهو چوڻ جي اجازت ڏيو تہ صحبت جي مٿين سفرنامن پڻ اسان جو ڌيان ڇڪرايو آهي تہ سفرنامي جي صنف اڄ بہ پنھنجي اوج، عروج ۽ مستي ۾ آهي. اڄ بہ اسان جا دوست سائين الطاف شيخ جي ڏسيل راھہ تي هلندي، سفرنامن جي دنيا کي آباد ڪيو پيا اچن. جيڪا هڪ سٺي ڳالھہ آهي. ”انڊونيشيا جو عشق“ ۽ صحبت جا ٻيا اڳ ۾ آيل سفرناما اهو ڏس ڏين ٿا تہ صحبت کي پنھنجي ڌرتيءَ سان ڪيڏو چاھہ آهي. مان اميد ڪيان ٿو تہ صحبت جو قلم سنڌ ۽ سنڌ جي سونھن تي لکندو رهندو. ان سان گڏ پنھنجن نوجوان دوستن، شاگردن کي پڻ اها گذارش ڪندس تہ اهي سائنسي علم، شاعري، افسانن کان علاوہ بھترين سفرناما بہ ضرور پڙهن تہ جيئن انھن جي اندر ۾ ۾ اتساھہ جي چڻنگ پيدا ٿئي ۽ دنيا کي ڏسڻ/گهمڻ جو شوق جنم وٺي.
اصل عاشقن جو، سِرُ نہ سانڍڻُ ڪم،
سو سِسِنئان اَڳِرو، سندو دوسان دم،
هي هڏو ۽ چم، پِڪَ پريان جي نہ پڙي.
(سر سانڍڻ، عاشقن جو وڙ اصل نہ آهي. دوستن جي صحبت جو هڪ دم بہ سو سرن کان مٿي. پرينءُ جي سرڪيءَ سان، هي هڏن ۽ چم جو جسم مٽ نہ ٿو ٿي سگهي).
سنڌ ۽ سنڌي قوم جو عاشق

انجنيئر مسلم بڙدي
آمريڪا

مھاڳ: محبتن جي ملڪ ملائيشيا ڏانھن صحبت جو سفر

بلوچ صحبت علي سونھن، سرت، امن، اهنسا، عشق، محبت، ماڻھپي ۽ پيار جو پرچارڪ شاعر ۽ ليکڪ آهي. هن جون سڀئي ادبي تخليقون، شعري هجن يا نثري يا ترجمي تي مشتمل، اِنھن ئي خوبصورت خيالن ۽ معياري موضوعن تي آڌاريل هونديون آهن. هن جا سفرَ بہ اِنھن ئي گڻن واري منزل جي تلاش تي محيط هوندا آهن. حقيقت ۾ ”دادو کان دبئي“، ”نيپالي نينھن“، ”انڊونيشيا جو عشق“، ”ملائيشيا جون محبتون“،”ٿائيلينڊ جا ٿاڪ“، جھڙا سفرناما لکندڙ ۽ ”عشق زندہ آباد“جي عنوان وارا واٽس ايپ گروپ ٺاهيندڙ صحبت علي جا سڀئي ڪتاب ادب، سماج، زندگي، فطرت ۽ انسانذات سان سندس عشق محبت ۽ نينھن جو ئي نتيجو آهن. محبت، عشق ۽ نينھن نہ رڳو هن جا پسنديدہ لفظ آهن پر اهي سندس رويي، عقيدي ۽ طرزِ زندگي مان بہ جهلڪندي نظر ايندا آهن.
”ملائيشيا جون محبتون“، ملائيشيا ڏانھن ڪيل سفر جي ڪٿا آهي. جيئن زندگي ڏکن سکن جو ميلو آهي اهڙي طرح سفر بہ انيڪ امڪانن سان نبرندو آهي. خوشي، تڪليف، تجسس، حيرانگي، صبر، برداشت ۽ ٻيون ڪيئي امڪاني وارتائون سفر جي سامان مثل هونديون آهن جيڪو مسافر کي ساڻ کڻي هلڻو هوندو آهي پر سفر جو سرور ۽ ماڳ تي پھچڻ جي مراد ۽ منشا مسافر کي اڻميو اتساھہ بخشيندي رهندي آهي ۽ هو اڳتي وڌندو رهندو آهي. صحبت علي ۽ سندس همسفر ساٿين جي بہ اها ئي ڳالھہ آهي.
”سفر زندگيءَ جو اڻانگو ۽ اوکو،
ڏبا ڏورڻا بہ ڏندين ڏاند بڻجي
ڏکن ڏاکڙن جي چڙهي پاکڙن تي،
لڏي لام لھبو وڃي نيٺ رسبو.“

زندگي جو ڏکيو يا سکيو سفر تہ اوس ڪرڻو ئي آهي ۽ هر ڪنھن لاءِ ان سفر جي طوالت ۽ وقت بہ الڳ الڳ مقرر ٿيل آهي پر سفر ۾ثابت قدم رهي منزل تي رسڻ وڏي ڳالھہ آهي. ڪنھن شاعر جي مٿي ڄاڻايل شعر ۾ موجود پيغام نہ رڳو زندگيءَ جي سفر پر هر قسم جي مھم جوئي، جاکوڙ ۽ جدوجھد ۾بہ سھڪاري ٿي سگهي ٿو.
بحرحال زندگي جو سفر تہ هر ڪو ڪري ٿو پر شھرن، ملڪن ۽ ماڳن مڪانن جو سفر هر ڪنھن جي نصيب ۾ نٿو هجي. هن قسم جي سفر تي صرف اهي ئي اُسھي سگهن ٿا، جن جي مزاج ۾ محبت، سنگت ۽ ساٿ سان صحبت ۽ هلڻ جي همٿ هوندي آهي. حقيقت ۾ بلوچ صحبت علي هڪ اهڙو خوشنصيب شخص آهي جيڪو دنيا جي درشن جي آرزو هميشہ اندر ۾ سانڍي سفر لاءِ پيو سوچيندو رهندو آهي ۽ سندس دل گهريا دوست بہ ساڻس همسفر بڻجڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا آهن. هو جڏهن مختلف ملڪن جا گهٽ گهيڙ لتاڙي، ماڻھن ۽ ماحول جو واءُ سواءُ وٺي، حيرتن، اسرارن، چاهتن ۽ محبتن جي نون جهانن سان آشنا ٿي وطن ورندو آهي تہ پوءِ ان ڏوريل، ڏٺل ۽ جهاڳيل جھان جا تجربا، منفرد قصا ۽ ڪھاڻيون وڏي دلچسپ انداز ۽ سھڻي طريقي سان قلمبند ڪري انھن کي سفرنامي جي صورت ڏئي ٻين تائين پھچائڻ جي ڪوشش پڻ ڪندوآهي تہ جيئن پڙهندڙ بہ ان سفر جي صورتحال، منزل جي مزي ۽ ڄاڻ جي کاڻ مان فيضياب ٿي سگهن. اهڙي علمي ادبي سخاوت لاءِ هو جس لھڻي. هن جا دبئي، نيپال ۽ انڊونيشيا جا دلچسپ سفرناما بہ پڙهڻ وٽان آهن. ملائيشيا جو هي سفرنامو بہ گهڻين دلچسپين سان ڀرپور آهي.
هن سفرنامي جي مطالعي مان پڙهندڙ بخوبي ڄاڻي سگهندا تہ صحبت علي ۽ سندس ساٿين جو هي سفر صرف هڪ ئي ملڪ جونہ هيو پر هڪ ئي اڏام ۾ هي همٿ ڀريا همراھہ ٽن ملڪن يعني ملائيشيا، ٿائيلينڊ ۽ انڊونيشيا جو چس ۽ چاھہ وارو چڪر هڻي واپس وريا. انھن ملڪن جي ساندھہ ڪيل سفر مان هڪ جو احوال سفرنامي جو روپ وٺي ”انڊونيشيا جو عشق“ جي نالي سان اڳ ۾ ئي ڇپجي چڪو آهي، جنھن جي مطالعي مان ڪافي دلچسپ معلومات ۽ حض حاصل ڪري چڪا آهيان. ملائيشيا جو هي سفرنامو بہ لاجواب آهي جنھن ۾اهڙيون تہ دلچسپ ڳالھيون پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون جن جي پڙهڻ سان تفريح، تجسس، تصور توڙي اتساھہ وارا احساس مالا مال ٿي وڃن ٿا. هونئن تہ هن ڪتاب جي مطالعي دوران ڪيترن ئي دلچسپ قصن، ماڳن، ماڻھن ۽ انھن سان ڪيل مڪالمن سان مکاميل ٿيڻ جو موقعو ملي ٿو پر هن ۾ صحبت علي ملائيشيا جي هڪ اڳوڻي وزيراعظم جو جيڪو هڪ پراثر ۽ متاثر ڪن قصو بيان ڪيو آهي سو مان چاهيان ٿو تہ هتي ونڊ ڪري ان مان حاصل ٿيندڙ اتساھہ، همٿ ۽ حق سچ تي مستقل مزاجيءَ سان ڄمي بيھڻ جو سبق اوهان سان گڏجي حاصل ڪيان. قصو بيان ڪندي هو لکي ٿو تہ ” ملائيشيا جو وزيراعظم مھاتير محمد هڪ ڀيري انگلينڊ ويو جتي هن لنڊن جي هڪ مشھور جڳھہ ٽريفگلر اسڪوائر وٽ نوجوانن جي هڪ گروپ کي ”نيلسن منڊيلا کي آزاد ڪيو“ جا نعرا هڻدي ڏٺو تہ ڀرسان وڃي کائن پچيائين تہ ”توهان کي نعرا هڻندي هتي گهڻو وقت ٿيو آهي.“ انھن نوجوانن مان ڪنھن جواب ڏنو تہ ”پنجن سالن کان اسان هي نعرا هڻي رهيا آهيون.“ وري مھاتير پڇيو تہ،”اڃان ڪيترو عرصو هتي بيھندئو؟“ جنھن تي هن جواب ڏنو تہ ”اسان تيسيائين هتي بيٺا رهنداسين، جيسيتائين نيلسن کي آزاد نہ ٿو ڪيو وڃي.“ مھاتير نوجوانن سان مخاطب ٿيندي چيو تہ،”ڇا توهان کي يقين آهي تہ توهان جي هن احتجاج سان نيلسن کي آزاد ڪندا؟“ ڇوڪرن انڪار ۾ ڳاٽو ڌوڻيو. ان تي مھاتير محمد کائن پڇيو تہ، ”تہ پوءِ توهان احتجاج ڇو ڪري رهيا آهيو؟“ڇوڪرن جواب ڏنو تہ، ’’هن احتجاج جا ٻہ ڪارڻ آهن، هڪ تہ احتجاج حق جي بنياد تي ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪاميابي جي شرط تي نہ ۽ ٻيو تہ اسان هن احتجاج جي ذريعي نيلسن تائين اهو پيغام پھچائڻ چاهيون ٿا تہ دنيا جا سمورا گورا (انگريز) هن جا مخالف نہ آهن ۽ اسان جھڙا ڪيترائي هن کي بيگناھہ ۽ مظلوم بہ سمجهن ٿا ۽ هن جي آزادي جي لاءِ عملي جدوجھد ڪندي ڪوشش بہ ڪري رهيا آهن.“
ان واقعي تي تبصرو ڪندي مھاتير محمد چيو هو تہ ”مون انھن برطانوي نوجوانن کان ٻہ ڳالھيون سکيون. هڪ تہ اوهان جڏهن ڪنھن ڳالھہ بابت پنھنجو حق سمجهو تہ ان لاءِ پنھنجو آواز ضرور اٿاريو، ڀلي کڻي پوءِ توهان جي ان اٿاريل آواز جو نتيجو نڪري يا نہ. ٻيو تہ توهان ظالم کي اهو ضرور ٻڌايو تہ دنيا توهان جي ظلم تي احتجاج ڪندي هڪ جاءِ تي گڏ ٿي سگهي ٿي.“
هن سفرنامي جي مطالعي سان ٻين ڪيترين ئي حيران ڪن حقيقتن سان گڏ اهو بہ ڄاڻي وٺبو جيڪو صحبت علي بيان ڪيو آهي تہ ”ملائيشيا ۾ پھريئن زال تي ٽيڪس معاف آهي. ٽيڪس ٻي زال کان شروع ٿئي ٿو. ٽين زال تي ٽيڪس جي شرح وڌي وڃي ٿي ۽ چوٿين شادي تي ٽيڪس جي شرح تمام گهڻي حد تائين وڌي ويندي آهي.انھن ٽيڪسن جو ڪارڻ هتان جي حڪومت اهو ٻڌائي ٿي تہ پھرئين گهرواري ضرورت آهي، باقي ٻيون سڀ گهرواريون عيش عشرت ۽ عياشِي آهي.“
پرڏيھہ واري سفر ۾ هونئن تہ گهڻن ئي ماڻھن سان پالو پئي ٿو، پر جن سان وڌيڪ لھہ وچڙ ٿئي ٿي اهي ٽيڪسي ڊرائيور ۽ ٻيو هوٽل ۽ ريسٽورنٽس جا ملازم هوندا آهن، جن کان سواءِ گهمڻ ڦرڻ، رهڻ ڪرڻ ۽ کائڻ پيئڻ جي سھولتن حاصل ڪرڻ ۾ دشواري ٿيندي آهي. اهي سفر کي خوشگوار بہ بڻائي سگهن ٿا ۽ بي مزا بہ. جيئن صحبت کي هڪ ئي نالي يعني ”انور“ وارا ٻہ ڊرائيور مليا جن مان هڪ بخيل ۽ چيڙاڪ جنھن جي رويي سفر کي ”سور“ پئي بڻايو تہ وري ٻئي انور سان ڪٽجندڙ سفر ”سُرور“ پئي بڻيو. ساڳئي طرح هوٽل جي ملازمن جو مھمانن سان رويو بہ راحت بخش يا ڏنگيندڙ ٿي سگهي ٿو، تنهڪري پرڏيھہ ۾ ٽيڪسي يا هوٽل بوڪ ڪرائڻ وقت ڊرائيور جي ”ڊيلنگ“ ۽ ملازمن جي ”موڊ“ کي جاچي پوءِ فيصلو ڪرڻ گهرجي. صحبت علي ملائيشيا جي هڪ ٽيڪسي ڊرائيور جو تعارف هيئن ڪرايو آهي تہ ”هي نہ فقط بخيل قسم جو پوڙهو هو پر ان سان گڏ خبيث پڻ هيو. جنھن جي نظر بار بار پوئتي پوي پئي تہ ڪٿي گاڏي سان حرڪت تہ نہ ٿا ڪن. هڪ دفعي تہ هن رڙ ڪري بہ چيو هو تہ،” ڊونٽ ٽچ تہ ٿنگس.“ هن سان وڌيڪ ڪچھري ڪرڻ جوکائتو ڪم هيو.“ سفرنامي ۾ بيان ڪيل اهڙا تجربا مستقبل ۾ پرڏيھہ جي سفر جو ارادو رکندڙ ماڻھن جي گهڻي رهنمائي ڪن ٿا.
سفرنامي ۾ ملائيشيا جي ٻين ڪيترن ئي تاريخي ۽ تفريحي ماڳن سميت ڪولالمپر جي آسمان سان ڳالھيون ڪندڙ پيٽروناس جا ٻہ جاڙا ٽاور، 272 ڏڪا مٿي ۽ 100 ميٽر کليل ڇت واري باتو ڪَيوِ، لارڊ موروگن جي 42 ميِٽر ڊگهي ۽ سونھري مجسمي، گينتنگ هائلينڊ، ٿيم پارڪ ۽ ”اسڪاءِ ورلڊ“ جو دل لڀائيندڙ احوال بہ پڙهڻ لاءِ ملي ٿو تہ اتان جي سماجي بيهڪ، عورتن جي بااختيار هجڻ ۽ ملڪ جي ماحول بابت بہ ڪافي دلچسپ معلومات ملي ٿي.
مجموعي طور تي هي هڪ دلچسپ ۽ معلوماتي سفرنامو آهي جنھن کي پڙهندي مان تمام گهڻو محظوظ ٿيس ۽ هن سفري ڪٿا جي سحر ۾ ايترو ئي محو ٿي ويس جيئن اردو جي هڪ شاعر راهي معصوم رضا چيو آهي تہ ؛
اس سفر میں نیند ایسی کھو گئی،
ہم نہ سوئے رات تھک کر سو گئی.
.....

پروفيسرمختيار سمون
ناليج سينٽر لاڙڪاڻو
05.04.2024

ليکڪ جي نوٽ بوڪ تان

Judge a man by his questions rather than his answers. Voltaire

مان سائين الطاف شيخ صاحب جو دل سان ٿورائتو آهيان، جنھن منھنجن سڀني سفرنامن جھڙوڪ؛ ”دادوءَ کان دُبئي“، ”نيپالي نينھن“، ”ملائيشيا جون محبتون“، ”انڊونيشيا جو عشق“ ۽ ”ٿائلينڊ جا ٿاڪ“ جي باري ۾ نہ فقط بھترين صلاحون ڏنيون، پر منھنجي همت افزائي ڪندي هنن ڪتابن لاءِ پنھنجن قيمتي راين کان پڻ مون کي آگاھہ ڪيو. شال رب پاڪ سائين الطاف کي وڏي حياتي ڏيئي جو هن ناچيز ۽ طفل مڪتب ليکڪ جي گذارش کي قبول ڪندي، پنھنجي قيمتي وقت مان چند گهڙيون، هن ڪتاب تي پنھنجا ويچار لکي ڏنا. اها ئي سندس وڏائي، ڏاهپ ۽ عظمت آهي.
هن سفرنامي ۾ مان جتي جتي ويو آهيان، انھن تاريخي ماڳن، مڪانن، گهمڻ جي جاين، سمونڊ جي ڪنارن، هوٽلن، گهٽين، روڊن رستن جو حوال جيئن جو تئين پنھنجن پڙهندڙن لاءِ هتي پيشي ڪيو آهي. منھنجي خوش قسمتي آهي تہ سڄي سنڌ ۾ منھنجا جيڪي پڙهندڙ دوست آهن، انھن مون کي فون ڪري ۽ فيس بوڪ تي پنھنجا رايا ڏيئي، مون کي جيڪو مان ڏنو، منھنجي جيڪا همت افزائي ڪئي، مان انھن جو دل سان ٿورائتو آهيان. اهو چوڻ تہ ماڻھو پڙهن نہ ٿا بلڪل ڪوڙ آهي. اڄ جو نوجوان گهڻو پڙهي ٿو. پر جيڪي پاڻ پڙهن نہ ٿا، اهي ئي سمجهن ٿا تہ سنڌ جو نوجوان نسل نہ ٿو پڙهي. پر ائين بنھہ ناهي. اصل ۾ ان قسم جي فرسوده، گٺل سوچ، پاروٿا خيال ۽ بيڪار راءِ اسان جي سماج ۾ مايوسي ڦهلائي ٿي. اهڙن ئي ماڻھن کي هن قسم جي سفرنامن، ناولن، ڪھاڻين، سائنسي ادب، لطيف جي شاعري پڙهڻ سان گهڻو اتساھہ ملندو. ان ڪري هتي اها حقيقت قبول ڪرڻ بھتر آهي تہ مون ڪٿي ڪٿي هن سفرنامي ۾ رس ۽ چس پيدا ڪرڻ لاءِ وڌاءُ کان ڪم وٺي سفرنامي کي دلچس ۽ رومانوي ڪيو آهي.
ان ۾ ڪو بہ وڌاءُ نہ ٿيندو تہ سفرناما مڪمل طور تي سچ نہ ٿا لکي سگهجن. انھن ۾ سواد خاطر مرچ مصالحہ بہ ملائڻا پوندا آهن ۽ مون بہ ائين ڪيو آهي. جوهر بروهي جو شعر آهي تہ:
تاريخن جي ورقن ۾ ڀي، بدروحن جا سايا آهن.
هينئر تہ محبت ۾ بہ ملاوٽ آهي، محبت بہ خالص نہ رهي. ڪنھن جو قول آهي تہ: ”محبت کان بہ وڌيڪ خالص جذبو جيڪڏهن هن دنيا ۾ آهي تہ اهو ”نفرت“ جو ئي آهي.
مان پنھنجن وڪيل دوستن جن ۾ محترم علي انور ڪانڌڙو (ايڊيشنل پروسيڪيوٽر جنرل)، اقبال ايس سولنگي(سنڌي) (ڊي ڊي پي پي، دادو) عبدالرزاق نَوَل (اي ڊي پي پي دادو)، عبدالستار ميمڻ (اي ڊي پي پي، دادو)، محمد رمضان ميمڻ (ڊي ڊي پي پي نوشھرو فيروز)، مسعود چنہ (ڊي ڊي اي، دادو)، جاويد علي سھتو (اي ڊي پي پي، دادو)، مُجن پنھور(اي ڊي پي پي، دادو)، علي اڪبر برهماڻي (ڊي ڊي اي دادو)، نياز حسين پنھور ايڊووڪيٽ، سيد فيض احمد شاھہ سينيئر ايڊووڪيٽ، نجم الدين جتوئي ايڊووڪيٽ (سيوهڻ بار ايسوسيئشن)، ظفر علي اوٺو ايڊووڪيٽ (سيوهڻ بار ايسوسيئشن)، خالد سعيد سومرو ايڊووڪيٽ، امجد حسين ٻلھڙو ايڊووڪيٽ (صدر ميھڙ بار ايسوسيئشن)، مختيار علي لُنڊ ايڊووڪيٽ، اشفاق علي عباسي ايڊووڪيٽ، علي اڪبر ٻرڙو ايڊووڪيٽ، شوڪت علي برهماڻي ايڊووڪيٽ، شعبان پھوڙ ايڊووڪيٽ، پير هني (پير غلام محمد) ايڊووڪيٽ ۽ الطاف سولنگي ايڊووڪيٽ، جن جو پيار، مان محبتون، مون کي لکڻ ۽ پڙهڻ تي اتساهينديون رهنديون آهن. شال سدائين سکيا هجن. انھن کان علاوہ منھنجا پرين پيارا دوست محترم ابرار حسين چانڊيوE.T.O Dadu ، صفدر نواز ڀٽي ايڊووڪيٽ، عمران انجم سومرو ايڊووڪيٽ، سائين فضل حسين جمالي سينيئر ايڊووڪيٽ، سائين غلام حسن (شهمير) قريشي سينيئر ايڊووڪيٽ، سائين عبدالرسول عباسي سينيئر ايڊووڪيٽ سپريم ڪورٽ ۽ محترم پير آفتاب حسين ايڊووڪيٽ جن جون محبتون ۽ شفقتون سدائين سيني ۾ سانڍڻ جھڙيون آهن.
ان کان علاوہ پنھنجي پياري دوست بيريسٽر پير مجيب الحق صاحب جو پڻ شڪر گذار آهيان. جنھن هميشہ مون کي عزتن ۽ محبتن سان مان ڏيئي پيار ۽ پاٻوھہ سان نوازيو. مون کي فخر آهي تہ منھنجي دوست پير مجيب الحق جي خاندان جون دادو شھر لاءِ انيڪ خدمتون آهن، خاص ڪري سندس والد سائين پير مظھر الحق صاحب جون، جنھن ذاتي دلچسپي وٺي علمي ۽ تعليمي شعور جو قدر ڪندي دادو کي Pir Illahi Bux Law College, Dadu جو تحفو ڏنو، جنھن ڪاليج جي پھرئين بيچ جو مان شاگرد آهيان. ان کان علاوہ مان ٿورائتو آهيان، محترم اين اي بلوچ، محترم نادر جمالي ۽ قطر Qatar مان پنھنجي پياري دوست چارٽرڊ اڪائونٽنٽ ممتاز لغاري، آمريڪا مان پنھنجي دوست انجنيئر مسلم بڙدي ۽ سنڌي ادب جا نالي واري ليکڪ، ناليج سينٽر لاڙڪاڻي جي باني سائين مختيار سمون صاحب جو جن هن ڪتاب لاءِ پنھنجي خيالن جا ماڻڪ موتي چونڊي مون کي ۽ منھنجي هن ڪتاب کي ارپيا.
آخر ۾ مان ڪنول پبليڪشن جي سرواڻ پياري ڀاءُ سعيد سومري جو پڻ شڪرگذار آهيان، جنھن ڪتاب کي سينگاري سنواري، تمام ٿوري وقت ۾ توهان جي هٿن تائين پھچايو. ڪنول پبليڪشن جو سنڌ، سنڌي ادب ۽ ٻولي لاءِ ڪيل خدمتون قابل تعريف آهن.
اوهان جي محبتن ۽ مرڪن جو مقروض.

بلوچ صحبت علي
B.Sc, LL.B, LL.M
Advocate High Court

Malaysia is a country unlike any other

Malaysia is a country unlike any other: Full of promise and fragility. It s history, cultural and religious diversity make it a rich, compelling and surprising land

. Taric Ramadan

الطاف شيخ جو اجازتنامو

هن سفرنامي لکڻ وقت مون سائين الطاف صاحب سان واٽس اپ تي رابطو ڪيو. مون گذارش ڪئي تہ، ”سائين!مون کي توهان جي سفرنامي ”مونکي موهيو ملائيشيا“ مان ڪجهہ مواد کپي ٿو ۽ ان لاءِ مون کي توهان جي اجازت جي ضرورت آهي.“
پاڻ اوڏي مھل ئي مون کي ورندي ڏيندي چيو تہ،”بلڪل بلڪل. صحبت! جيڪو مواد وڻيي تون کڻ، توکي منھنجا طرفان اجازت آ. هن ڪتاب”مون کي موهيو ملائيشيا“ مان يا ٻين ڪتابن مان تون مواد کڻي سگهين ٿو. ان کان علاوہ تون مون کي پنھنجي سفرنامي ”انڊونيشيا جو عشق“ جون ٻہ عدد ڪاپيون موڪلجانءِ. اڳ ۾ تو ”نيپالي نينھن“ جون ڪاپيون موڪليون هيون. منھنجو هاڻي ٻاهر نڪرڻ نہ ٿو ٿئي، مان گهر ۾ هوندو آهيان. اڳ ۾ نڪرندو هئس تہ امر جليل يا ٻين اديبن سان ملاقات ٿيندي هئي، پر هاڻي ٻاهر نہ ٿو نڪران. ان ڪري ڪتاب ڪنھن کي ڏجن. هروڀرو ڪاپيون ضايع ٿينديون. وڌ ۾ وڌ تون بس ٻہ ڪاپيون ڪتاب جون موڪلجانءِ هڪڙي مان پاڻ رکندس ۽ ٻي ڪاپي پنھنجي دوست ڊي آءِ جي ولي ﷲ دل کي موڪليندس. باقي تو کي اجازت آهي تون ڀلي منھنجي ڪنھن بہ ڪتاب مان مواد کڻجان، مون کي ڪو بہ اعتراض نہ آهي. ان کان علاوہ مون وٽ جيڪو مواد ڪمپيوٽر تي آهي اهو مان توکي موڪلايان ٿو، خبر ناهي تہ اهو ڪتاب ڪھڙي فارميٽ ۾ آهي، الائي ورڊ ۾ آهي، پي ڊي اي ايف ۾ آهي، ڇا ۾ آهي. يا جيڪڏهن توهان ظھور بوزدار کي سڃاڻو ٿايا سليمان وساڻ کي سڃاڻو تہ اهي توهان جي هيلپ ڪري سگهن ٿا. توهان انھن سان ڳالھايو ۽ چئجو تہ الطاف اجازت ڏني آ، اهي مون کان ڀلي پڇي سگهن ٿا. صحبت جيڪڏهن توهان جو ڪم اڃان بہ نہ ٿئي، مان ڀانيان ٿو تہ اهو پي ڊي ايف ۾ آهي ۽ ان کي ورڊ فارميٽ ۾ ڪنھن ڪمپيوٽر واري کان پڇجانءِ، ان ۾ هوشيار آهن ڇوڪرا. آءُ بہ جڏهن ڪيترا ڪتاب پي ڊي ايف مان منتقل نہ ڪري سگهندو آهيان تہ مان سکر ۾ پروفيسر آهي عبدالطيف انصاري ان کي موڪليندو آهيان. اهو وري فارميٽ چينج ڪري يڪدم مون کي موڪليندو آهي. سو تون بہ ان کي چئجانءِ يا وري هڪڙو ٻيو آصف نظاماڻي آهي خيرپور ميرس جو، ان کان پڇي وٺندو آهيان. جيڪڏهن ڪاپي پيسٽ نہ ٿو ٿي سگهي تہ پوءِ انھن کان پڇي وٺجانءِ يا وري دادو ۾ بہ ماهر ڪمپوٽر آپريٽر هوندا، تون معلوم ڪجان، اهي توکي پي ڊي ايف کي ورڊ فائيل ۾ ڪنورٽ ڪري ڏيندا .“

ڪولالمپر ايئرپورٽ ملائيشيا

هاڻي اسان ملائيشيا جي گادي واري شھر جي ايئرپورٽ Kula Lumpur International Airport (KLIA) تي لھي چڪا هئاسين.
هي ايئرپورٽ 45 ڪلوميٽر (28 ميل) ڪولالمپر جي ڏکڻ ۾ واقع آهي. هي پبلڪ ايئرپورٽ آهي. انتھائي خوبصورت ايئرپورٽ سياحن جي ساهن ۾ روح ڦوڪي ڇڏي ٿو. هن ايئرپورٽ ۾ آمد ۽ روانگي جا الڳ الڳ ٽرمينل آهن، جتي هر وقت بين الاقوامي جھازن جو اچڻ وڃڻ رهي ٿو.
اسان 12.25 منٽن تي ڪولالمپر ايئرپورٽ ۾ لينڊ ڪيو هيوسين ۽ هن ايئرپورٽ تي قانوني طور تي سختي گهڻي هئي. پر اسان جي لاءِ نہ هئي، ڇو تہ اسان هتي وزٽ ويزا تي آيا هياسين. هر ڪائونٽر جي اڳيان سياحن جي وڏي قطار بيٺل نظر آئي ۽ گهڻي رش هئڻ ڪري ڪافي ٽائيم لڳي ويو هيو. ايئرپورٽ مان نڪرندي اسان کي تقريبن 3 ڪلاڪ لڳي ويا ها. هتي اميگريشن واري حصي ۾ توهان کي ڪيمرا جي اجازت نہ هوندي آهي. ڇوتہ مون اتي ڦوٽو گرافي ڪئي پئي تہ اوچتو سيڪيورٽي گارڊ آيو ۽ پيار سان چيائين تہ،” هتي ڪئميرا جي اجازت نہ آهي، توهان ڦوٽوگرافي نہ ٿا ڪري سگهو“. مون چيو،”توهان جي مھرباني، مون کي خبر نہ هئي“. هن چپن تي مرڪ آندي ۽ هٿ ملائيندي اڳتي هليو ويو.

ڪولالمپر ايئرپورٽ ۾ قانوني سختي

ملائيشيا جي ايئرپورٽ جي باري ۾ دوستن اڳ ۾ ئي ٻڌايو هو تہ هن ايئرپورٽ ۾ وزٽ ويزا تي ايندڙ سياحن لاءَ تمام گهڻي سختي آهي. انھن جي سخت چيڪنگ ڪئي ويندي آهي. انھن کان سوالن جي بوڇاڙ ٿئي ٿي. ان ڪري ڪجهہ وقت اڳ ۾ ڪيترن ئي سياحن کي هن ايئرپورٽ مان ڊي پورٽ ڪيو ويو هو. اميگريشن وارا هن ايئرپورٽ ۾ گهڻو تنگ ڪندا آهن. خاص ڪري انڊيا جي ماڻھن کان گهڻي پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي ٿي. مطلب تہ گهڻو ڊيڄاريو ويو هو.
هن مھل بہ ايئرپورٽ ۾ ڪائونٽرن تي تمام وڏي رش هئي. پير رکڻ جي جاءِ نہ هئي. اسان سڀئي دوست بہ هڪ ڊگهي لائين ۾ بيھي رهياسين. مان سوچيان پيو تہ اسان جو ڪيڏي مھل وارو ايندو. هتي ئي اسان کي شام جا چار پنج ٿي ويندا. لائين آهستي آهستي اڳتي سرڪي رهي هئي.
ٿوري دير کان پوءِ هيڏي هوڏي نظر ڊوڙائي تہ ڏٺم تہ ان ڊگهي قطار ۾ انڊين، نيپالي، پاڪستاني، بنگلاديشي، سوڊاني، انڊونيشين ۽ ٻين غريب ملڪن جا نوجوان گهڻي تعداد ۾ نظر پئي آيا. جن کي انگريزي بہ پوري ساري پئي آئي. نہ ئي انھن کي خبر هئي تہ انھن جي ڪھڙي هوٽل ۾ بڪنگ ٿيل آهي يا وري اهي ڪٿي ڪٿي گهمڻ ويندا. اهي تہ بنيادي سوال هيا، جيڪي هر وزٽ واري کان پڇيا پئي ويا. پر جنھن کي خبر ئي نہ هجي تہ هنن کي رهڻو ڪٿي آهي، گهمڻو ڪٿي آهي تہ پوءِ اميگريشن وارن کي شڪ پئي ٿيو تہ هي ضرور سلپ ٿي ويندو. ان ڪري اهڙن ماڻھن لاءِ هتي سختي گهڻي هئي.
اسان کي دوستن ٻڌايو تہ هر دوست وٽ هزار يا ٻہ هزار ڊالر ضرور هجن. پر اسان وٽ ايترا ڊالر نہ هيا. اسان سڀني وٽ مس وڃي ٻہ هزار کن ڊالر ٿيا هوندا. پر اتي اهو اشو نہ ٿيو. دوستن مٿان وري اهو چئي بہ ڊيڄاريو تہ هتي توهان وٽ موجود ڪرنسي بابت بہ پڇا ڳاڇا ڪندا ۽ اسٽيٽمينٽ وٺندا. ايتري سختي ان ڪري ڪندا آهن تہ توهان وٽ گهٽ ۾ گهٽ ايترا پئسا آهن توهان پنھنجو خرچ پاڻ ڪري سگهو، جي ناهن تہ پوءِ ان جو مقصد اهو سمجهيو ويندو آهي تہ توهان گهمڻ نہ بلڪ سلپ ٿيڻ آيا آهيو.
ان کان علاوہ مون مٿي ٻڌايو آهي تہ هُوٽل جي بڪنگ جو ڪاغذ توهان وٽ ضرور هجي. اسان وٽ جيتوڻيڪ هڪ ڏينھن جي بڪنگ هئي. ان متعلق اسان کان سوال بہ ڪيو ويو هو تہ توهان وٽ فقط هڪ ڏينھن جي بڪنگ آهي؟. اسان هن کي سمجهايو تہ اهو ان ڪري جو، ممڪن آهي تہ اها هوٽل اسان کي نہ وڻي ۽ اسان کي هوٽل چينج ڪرڻي پوي. ان جواب تي هو مطمئن ٿي ويو.
وڌيڪ اسان وٽ انڊونيشيا جي ويزا لڳل هئي. جتان اسان ٿي بہ آيا هياسين. مٿان وري ٿائلينڊ جي بہ ويزا بہ هئي تہ هوٽل بڪنگ پڻ هئي. انھن هوٽلن جون بڪنگس بہ هيون تہ ٽڪيٽون بہ هيون. انھن شين اسان کي اميگريشن وارن وٽ سپورٽ ڪيو. ان کان علاوہ مان وڪيل هيس، جاني سرڪاري ملازم هيو، پرتاب جو پنھنجو اين جي او وارو سيٽ اپ هيو، سنتوش تہ ڊاڪٽر هيو ۽ هن جو پنھنجو وڏو ڪاروبار هيو. انھن شين بہ گهڻو فائدو ڏنو. هنن کي پڪ ٿي وئي هئي تہ هي ماڻھو وزيٽرس آهن. سلپ ٿيڻ وارا پري کان پڌرا آهن. اسان سان ڪابہ اهڙي سختي نہ ٿي. مون کان تہ اميگريشن واري ڇوڪري پڇيو تہ ” توهان ڇا ڪندا آهيون؟“
”مان وڪيل آهيان.“ مون جواب ڏنو.
”ووڪيشين ۾ گهمڻ آيا آهيو.“ هن وري مرڪي پڇيو.
”جي توهان جي ملڪ جي تعريف ٻڌي آ.“
هن منھنجي پاسپورٽ تي ٺپو هڻندي مرڪي چيو،”ملائيشيا ڏاڍو خوبصورت اٿو، ڪٿي هتان جا ئي ٿي نہ وڃو، خيال ڪجو.“
”جتي دل ڦرجي ويندي، اتي پنھنجو بہ زور نہ هلندو، پاڻ ڇا ڪري سگهنداسين، ضرور ان جا ئي ٿي وينداسين“. مون پاسپورٽ وٺي ڪائونٽر ڇڏيندي چيو. مون کان اڳ ۾ ان ئي ساڳي ڪائونٽر واري ڇوڪري ڊاڪٽر کي گهڻي دير لاءِ بيھاري ڇڏيو هو، مون کي ائين لڳو تہ ڪٿي ڊاڪٽر هن کي وڻي نہ ويو هجي. خبر ناهي ڇا ڳالھہ هئي، ڪھڙي انڪوائري پئي ڪري. ٿوري دير کان پوءِ هو ڊاڪٽر کي بيھاري، ڊاڪٽر جو پاسپورٽ کڻي ڪنھن ٻي ڪائونٽر جي پوڙهي ملازم کان پڇڻ ويئي. ان کان پڇي موٽي اچي ساڳي سيٽ تي ويھي رهي. مون کي لڳو تہ هو مطمئن ٿي وئي آهي. ان ڪري هن ڊاڪٽر جي پاسپورٽ تہ ٺپو هڻندي هن کان معذرت ڪندي، هن کي اوڪي ڪيو. پريان جاني ۽ پرتاب اڳ ۾ ئي اميگريشن وارو مرحلو اوڪي ڪري نڪري چڪا هيا. هن مرحلي کان نڪري پاڻ کي ڪنھن انڪوائري کان آزاد سمجهي، تمام گهڻو هلڪو محسوس ڪيوسين. سچ اهو آهي تہ اميگريشن ۾ جيڪڏهن ڪو اٽڪي پيو تہ بس ويو. ڇو تہ اميگريشين وارن جي اڳيان اسان جو سڄو رڪارڊ هوندو آهي. اسان جا ڪاغذ ئي انھن آفيسرن جي پرشن جا اُتر ڏيئي انھن کي مطمئن ڪندا آهن. اسان جا چھرا تہ هون ئي اُتي معصوم ٿي ويندا آهن.

ايئرپورٽ جو ڪو آپريٽو اسٽاف

ان پروسيس مان جان ڇڏائي وڃايل پئسن جي تلاش جاري ڪندي، نيٺ ايئرپورٽ جي هڪڙي مني ايڪسچينجر واري دڪان تي آياسين.
هن دڪان تان ئي پاڻ پئسا چينج ڪرائي، ملائيشين رينگٽ ورتا. ايئرپورٽ تان پئسا چينج ڪرائڻ سٺي ڳالھہ آهي، پر توهان کي جتي ڊالرن جو سٺو اگهہ ملي، اتان ئي چينج ڪرايو تہ بھتر. اهو سچ آهي تہ ايئرپورٽ کان ٻاهر پئسا سٺي اگهہ ۾ مٽجي ملن ٿا. پر ايئرپورٽ ڇڏڻ کان اڳ ۾ توهان کي ايترا پئسا ضرور مٽائڻ گهرجن جو توهان ايئرپورٽ کان هوٽل تائين مزي سان بنا ڪنھن تڪليف جي پھچي سگهو. پوءِ توهان جي مرضي آهي تہ توهان باقي ڪرنسي بہ مٽائڻ چاهيو تہ آرام سان مٽائي سگهو ٿا.
اسان جي بڪنگ آرڪڊ هوٽل ۾ ٿيل هئي. جيڪا ايئرپورٽ کان تقرين 60 ڪلوميٽر پري ڪولالمپر شھر ۾ هئي. اسان ٽرين يا بس زريعي آرڪڊ هوٽل تائين پھچڻ چاهيون پيا، پر اتي موجود نوجوان صلاح ڏني تہ هڪڙي ماڻھو جي ايتري ٽڪيٽ آهي جو توهان چئني جا تمام گهڻا پئسا ٿي ويندا ۽ توهان جو وڏو خرچ ٿي ويندو. توهان جيڪڏهن بس ۾ يا ٽرين ۾ ڌڪا کائي ڪولالمپر پھچي بہ وڃو پر وري بہ توهان کي اتان هوٽل تائين پھچڻ لاءِ ٽيڪسي ڪرائڻي پوندي. سو ان کان بھتر آهي تہ توهان هتان کان ئي ٽيڪسي ڪرائي وٺو. ان ۾ توهان جو گهٽ خرچ ٿيندو. اسان کي ان نوجوان جي صلاح سٺي لڳي.
ان ڪري ٽرين جو پروگرام ملتوي ڪري هن دوست کي چيو سين تہ،”اسان کي ايئرپورٽ کان ئي ٽيڪسي ڪرائي ڏيو.“ هو دوست اسان کي ٽيڪسي واري آفيس تائين وٺي آيو، ٽيڪسي واري ڪائونٽر تي انتھائي با اخلاق، خوشگوار موڊ ۾ ڇوڪري ويٺي هئي، جنھن سلام ڪري اسان کي ٽيڪسي جو ڪرايو ٻڌايو، جنھن کان بعد هو ڪائونٽر ڇڏي ٽيڪسي واري اسٽينڊ تائين اسان سان رَلي آئي.
هو سونھن ۽ سوڀيا ۾ پنھنجو مٽ پاڻ هئي. ويتر هن جي حُسن اخلاق سڀني کي متاثر ڪيو هو. اسان کي پڻ هن ڏانھن ڌيان ڇڪرايو هو. اسان سڀئي هن جي اعليٰ ڪردار کان متاثر ٿيڻ کان سوا نہ رهي سگهياسين. هن سان ايئرپورٽ تي تصويرون پڻ ڪڍرايونسين. هاڻي ٽيڪسي بہ اچي ويئي هئي. هن ويندي ويندي پنھنجو نمبر ڏنو هو ۽ چيو هو تہ،”توهان جي جڏهن بہ واپسي ٿئي تہ براءِ مھرباني مون کي هن نمبر تي اطلاع ڪجو، مان توهان کي ايئرپورٽ جي ٽيڪسي موڪليندس.“ اسان هن جو شڪريو ادا ڪندي، ٽيڪسي ۾ سامان رکي، ويھي رهياسين. مون کي لڳو تہ هتي بہ ڪميشن وارو چڪر آهي. نوجوان ڇوڪري جو پنھنجو ڪائونٽر ڇڏي، اسان سان ٽيڪسي واري آفيس تائين رلجي اچڻ، وري ان عورت جو ٽيڪسي تائين اچڻ، مٿان پنھنجو نمبر ڏيئي اهو چوڻ تہ توهان واپسي ۾ ٽيڪسي ڪرڻ لاءِ مون ڪال ڪجو. اهي سڀ پيرا ان شڪ ڏانھن وڃن پيا تہ هتي بہ سڄو ڪم ڪميشن تي هلي ٿو. ڇوڪري جو اسان سان همدردي ڪرڻ بہ لالچ جو هڪڙو حصو هيو.

وکري اسٽائيل جي ٽيڪسي ڊرائيور جا پاروٿا خيال

هي ٽيڪسي ڊرائيور وکري ٽائيپ جو عجيب ماڻھو هو. نہ پوڙهو هو، نہ جوان. هن جي مٿي تي ڪائو بواءِ واري اسٽائيل جي وڏي ڪيپ پاتل هئي. هن ڪلين شيون ڊرائيور جو انداز ئي نرالو هو. هن وٽ آئس ٽي Ice Tea سائيڊ ۾ سفيد رنگ جي ٿيلھي ۾ هئي، جنھن ۾ اسٽرا پيل هئي. پلاسٽڪ جي اسٽرا مان آئيس ٽي جون سرڪيون ڀريندو رهيو ۽ ساڳي وقت تي هو اسان سان گفتگو بہ ڪندو رهيو.
هن کان جڏهن پڇيو ويو تہ هو اسان کي هتان جي ڏوھہ جي باري ۾ ڪجهہ ٻڌائي. پھريائين تہ هو crime لفظ سمجهي ئي نہ پيو، پر جڏهن هو اسان جي ڳالھہ سمجهي ويو هو تہ هن ٻڌايو تہ هتي ڏوھہ نہ هئڻ جي برابر آهي. مطلب تہ ڏوھہ جو ريشو تمام گهٽ آهي. اسلامي ڪورٽون ڪم ڪري رهيون آهن ۽ هتي اسلامي قانون رائج آهي، پر اڄ جو ملائيشيا سيڪيولر ٿي ويو آهي. مون کي سيڪيولر قانون پسند نہ آهي.“ هن کي اها بہ خبر هئي تہ پاڪستان هڪڙو اسلامي ملڪ آهي ۽ اسان پاڪستاني آهيون.
هن ٻڌايو تہ،”مھاتيرمحمد ڪافي پوڙهو ٿي ويو آهي. هن وقت ملڪ جو موجوده پرائيم منسٽر انور ابراهيم آهي. پر هو مون کي پسند ناهي. جيتوڻيڪ هو مسلمان آهي. پر هو سيڪيولر آهي ۽ مون کي سيڪيولرازم قطئي پسند نہ آهي.“وکري اسٽائل جو هي ڊرائيور ڳالھہ ڳالھہ تي چپ تي آنڱر رکي اسان کي خاموش رهڻ جو چوي پيو.
پرتاب بہ هن جو مزاج سمجهي ويو هو، ان ڪري هن جي ئي اسٽائيل ۽ انداز ۾ هن سان گفتگو ڪري رهيو هو. هن سياست تي بہ پئي ڳالھايو تہ اتان جي حڪمرانن تي بہ. هن جي نظر ۾ لبرالازم سٺي شي نہ هئي.
هو ملائيشيا جي ايڏي تڪڙي خوشحالي ۽ آزاديءَ جو بنھہ قائل نہ هيو. مون کي لڳو تہ هي پاروٿن خيالن جو پوڙهو آهي ڇو تہ هن جي گفتگو مان اهو اندازو پئي ٿيو تہ هو اڄ جي جديد ملائيشيا جو مخالف آهي ۽ هو ان خيال جو آهي تہ اڄ جي ماڊرن ملائيشيا جو ماڻھو پراڻي دور ۾ رهي ۽ پراڻن خيالن جو هجي. جتي مذهبي ڪٽرپڻو هجي. اظھار جي آزادي ٺپ نہ هجي. ملائيت عروج تي هجي، بس رڳو مذهبي راڄ هجي هر پاسي. سڄي دنيا جا ماڻھو ملائيشيا گهمڻ اچن پيا. هن جي ترقي جو راز ئي هتان جي آزادي آهي. پر هن صاحب کي اها ڳالھہ پسند نہ هئي. افسوس!
هن سان ڪچھري جو مزو بہ اچي پيو تہ ٻئي پاسي وري هن جي پاروٿي سوچ تي ڏک بہ ٿئي پيو تہ جديد ملائيشيا دنيا سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي هلي رهيو آهي، هن تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي، پر هن قسم جا نہ سھو ماڻھو اڄ هنن جي ترقي جي راھہ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن. تقريبن مني ڪلاڪ جي ڊرائيو کان پوءِ هو اسان کي ”آرڪڊ هوٽل“ تائين کڻي آيو. هن کان ائين موڪلايوسين، جيئن مينھن کان ٽپڙ اندر ڪبا آهن.


آرڪڊ هوٽل جو ماحول

هوٽل جي اڳيان ٽيڪسي اچي بيٺي. جاني ڊرائيور کي ڀاڙو ڏنو ۽ اسان سامان کڻي هوٽل ۾ داخل ٿياسين. سڀ کان اول اسان کي هن هوٽل ۾ داخل ٿيندڙ مھل هن هوٽل جي موهيندڙ خوشبو موهي وڌو. ڪائونٽر تي اسڪارف پاتل مسلمان ڇوڪري ويٺي هئي. جنھن اسان کي اسلام عليڪم چئي کيڪاريو. جاني ڪائونٽر تي بيھي هن کي هڪڙي ڏينھن واري بڪنگ وارو پنو ڏيکاريو. هن اسان کي ڪائونٽر جي سامھون صوفن تي ويھڻ جو اشارو ڪيو. هن اسان سڀني کان اسان جا پاسپورٽ وٺي ڦوٽو ڪاپي ڪري پاڻ وٽ رکي ڇڏيا هيا ۽ اسان کي اسان جا اوريجنل پاسپورٽ موٽائي ڏنا.
هوٽل جي اوسي پاسي واري ماحول تي هڪ نظر وڌيسين. صفائي سٿرائي جو سٺو بندوبست ٿيل نظر آيو. هي هوٽل مين روڊ تي هئي. جتان اسان کي ڪنھن بہ گهمڻ واري پوائنٽ ڏانھن نڪري وڃڻ سولو هيو. جيتوڻيڪ هي ڪا فائيو اسٽار يا فور اسٽار هوٽل نہ هئي، پر تنھنجي باوجود هن جو معيار ڪافي حد تائين بھتر هيو. وڌيڪ چوندا آهن تہ ٻاهريون ڏيک ڏسي تڪڙ ۾ ماڻھو پنھنجي راءِ هڪدم قائم نہ ڪري. ان ڪري اسان سوچيوسين تہ هڪڙي ڏينھن جي بڪنگ مان ئي اسان کي سڄي خبر پئجي ويندي تہ هن هوٽل جو اصل معيار ڪيترو آهي.
هي هوٽل شھر جي مرڪز ي علائقي ۾ واقع هيو. هتان ٽئن ٽاور (پيٽرونز) ۽ ڪي ايل K.L.Tower ٽاور پري نہ هيا، بلڪ هتان کان ئي صاف صاف نظر اچي رهيا هيا. اسان هوٽل تي هڪڙي ڏينھن جي پيمنٽ جمع ڪرائي ڇڏي هئي. اسان وٽ ايترا رينگٽ نہ هيا ان ڪري هن کي جاني ڊالر جو نوٽ ڏنو پر هن ڪائونٽر تي ويٺل ڇوڪري چيو تہ،” مون وٽ ڊالر چينج نہ آهن، توهان ٻاهران کليا ڪرائي اچو“. هن ٻڌايو تہ ايڪسچينج هتان کان ٿورو مفاصلي تي هڪڙي شاپنگ مالSungei Wang Plaza ۾ آهي. هن اسان کي ڪمرن جون چاٻيون ڏيئي ڇڏيون هيون. ان سان گڏ هن وزيٽنگ ڪارڊ پڻ ڏنو هيو، جنھن جي پوئين پاسي واءِ فاءِ جو ڪوڊ لکيل هيو. هو پڙهيل لکيل ڇوڪري اهو ڄاڻي پئي تہ سياحن سان ڪھڙو ۽ ڪيئن ورتاءُ ڪجي. اسان هن جي اخلاق مان متاثر ٿيا هياسين. اسان پنھنجا بيگ، ٿيلھا ۽ سامان کڻي پنھنجن ڪمرن ڏانھن وڃڻ لاءِ لفٽ جي سامھون اچي بيھي رهياسين.

آرڪڊ هوٽل جي واش روم ۾ مسئلو

جتي هي هوٽل تمام صاف سٿري هئي. اُتي هن ۾ ڪجهہ خاص قسم جون سھولتون بہ هيون. خاص ڪري هتي پاڻي جھڙي انمول تحفي جو ڪو بہ ملھہ نہ هيو. پر ان لاءِ پنھنجي روم کان نڪري هيٺ لائونج جي پاسي ۾، اسٽور جي اندر، پنھنجي خالي بوتل ۾ ڊسپينسر مان پاڻي ڀري اچڻو هيو. اسان جھڙي سست ماڻھوءَ لاءِ هي ڏاڍي ڏکي ڳالھہ هئي، ايڏو وڏو خفو ڪير ڪري. هن هوٽل جا ڪمرا جيتوڻيڪ ننڍا هيا، پر صفائي جي حساب سان ۽ سھولت جي حساب سان انتھائي اعليٰ معيار جا هيا. اسان جا ڪمرا پنجين فلور تي هيا، اسان لفٽ ذريعي پنجين ماڙ ۾ آياسين. اسان جا ڪمرا هڪ ٻئي جي ڪمرن سان گڏو گڏ هيا. مون کي ياد ٿو اچي تہ اسان جا روم نمبر 501 ۽ 502 هيا. ڏاڪڻ سان گڏ ئي گيلري ۾ هڪڙي ٽيبل ۽ ان سان گڏ استري رکيل هئي. ان جو مقصد اهو هيو تہ جنھن بہ مسافر کي ڪپڙا استري ڪرڻا هجن تہ هو پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪپڙا استري ڪرڻ وارو ڪم بخوبي سرانجام ڏيئي سگهي پيو. هي آرڪڊ هوٽل، بڪيٽ بنتينگ Bukit Bintang واري مشھور علائقي ۾ هئي.
جيئن مٿي مون ذڪر ڪيو آهي تہ ڪائونٽر تي انتھائي ڪو آپريٽو ليڊي ويٺل هئي، هن پنھنجو نالو فاطمہ ٻڌايو هو. هوءَ مسلمان ڇوڪري هئي ۽ هوٽل بہ ڪنھن مسلمان مالڪ جي هئي. هن ادڙي کي اسلامي ڊريس پاتل هئي، خاص ڪري هن جي مٿي تي اسڪارف ٻڌل هيو. هو اسان انگريزي ۾ گفتگو ڪري رهي هئي.
اسان سڀئي ٿوري دير ۾ فريش ٿي ويا هياسين. مان ۽ ڊاڪٽرسنتوش روم پاٽنر هياسين، جڏهن تہ جاني ۽ پرتاب ٻي روم ۾ هڪٻئي جا حال ڀائي هيا. هوٽل ۾ گرم ۽ سرد پاڻي جو سٺو بندوبست ٿيل هيو. گرم ۽ سرد پاڻي لاءِ جيڪو اليڪٽرڪ هيٽر لڳل هيو. ان جي ڳاڙهي بتي ٻري رهي هئي. جنھن مان اهو لڳي رهيو هيو تہ هيٽر کليل آهي ۽ پنھنجو ڪم ڪري رهيو آهي. ان هيٽر جي پائيپ مان پاڻي ٽمي هيٺ ڪِري رهيو هو. مون ڊاڪٽر کي سڏ ڪري اهو ڏيکاريو ۽ چيو تہ،”ڊاڪٽر! هي تہ انتھائي خطرناڪ آهي. هن آلات ۾ بجلي آهي ۽ اتان ئي وري پاڻي ڳڙهي پيو. جنھن ڪري ڪرنٽ لڳڻ جو خطرو موجودآهي.“
سو ڊاڪٽر هڪدم ڪمري مان ئي ڪائونٽر تي فون ذريعي ڪال ڪري ان هوٽل انتظاميه کي صورتحال کان آگاھہ ڪيو. ڊاڪٽر جي ان فون جو اهو نتيجو نڪتو جو ٿوري دير ۾ ئي بنگالي مستري /پلمبر مٿي اچي پڳو. هن کي باٿ روم ڏيکاريوسين ۽ اهو بہ ٻڌايوسين تہ،”هن هيٽر مان پاڻي ٽمي پيو.“ هو مسئلي کي سمجهي ويو هو. ان ڪري هو ان هيٽر جي پائيپ لائين جي نٽ کي ٽائيٽ ڪرڻ شروع ڪيو، جنھن مان لڳي پيو تہ ان ڍري نٽ جي ڪري ئي پاڻي ٽمي رهيو هو. پائيپ لائين جي نٽ کي ٽائيٽ ڪرڻ سان ئي پاڻي بند ٿي ويو هو ۽ اسان بہ مطمئن ٿي ويا هياسين پر بنگالي جي چھري مان لڳي پيو تہ هو اسان مان مطمئن نہ هيو.

سنگي وينگ پلازا تائين پنڌ جا مزا

هاڻي اسان جي اڪائونٽس واري جوڌي جاني وٽ ملئيشين ڪرنسي (رينگٽس) ختم ٿي ويا هيا. ان ڪري سڀني دوستن جي اها گڏيل راءِ هئي تہ هوٽل کان هيٺ لھي هلجي، ڪرنسي مٽائي اچجي تہ جيئن روزه مره جي خرچ واري سلسلي کي اڳتي وڌائجي ۽ هوٽل واري کي بہ پئسا ڏجن. ان خيال سان ڪرنسي مٽائڻ لاءِ هوٽل کان هيٺ لھي اچڻو پيو. هوٽل کان ساڄي پاسي جي مين روڊ وارو ڦٽ پاٿ وٺي پنڌ هلڻ شروع ڪيوسين.
مون کي ٻاهرين ملڪن جي روڊن، رستن ۽ گهٽين ۾ پنڌ رولاڪيون ڪندي سٺو لڳندو آهي ڇو تہ هتي نہ دز، نہ مٽي، نہ ڌوڙ،(جيئن اسان جي دادو شھر ۾ ايس پي موڙ کان ويندي جوهي موڙ تائين توهان پنڌ ڪندي ڌوڙ ۾ وهنجي ويندو، جو گهر پھچندو تہ توهان کي گهر وارا بہ نہ سڃاڻيندا)، نہ اهو ڊپ تہ متان ڪو اوچتو مٿان اچي، پسٽل ڪڍي وار ڪري پئسا، موبائيل يا بٽون ڦري وڃي. يا وري ڪا موٽر سائيڪل، رڪشا يا چنگچي وارو اچي ٺڪاءَ ٽڪر ڪرائي ڪيرائي هليو وڃي. اهڙي قسم جي هتي ڪابہ خرافات نہ آهي.
جيتوڻيڪ ٽريفڪ پوليس گهٽ نظر آئي، پر پوءِ بہ اسان کي ڪٿي بہ ڪا هٻڙ ڌٻڙ، گوڙ گمسان، شور شرابو محسوس نہ ٿيو. ون سائيڊيڊ ٽريفڪ تمام سٺي نموني سان روان دوان هئي. چوراهن تي سگنل سسٽم هئڻ ڪري، هر ماڻھو ٽريفڪ قانون جي پاسداري ڪري پيو. ڪنھن کي بہ ٽريفڪ رولز جي ڀڃڪڙي ڪندي نہ ڏٺوسين. روڊ پار ڪرڻ لاءِ بہ زيبرا ڪراسنگ جا نشان ۽ ٻيا ٽريفڪ جا اشارا، سائن بورڊ نسب ٿيل هيا. سچ تہ توهان کي واڪنگ اسٽريٽ ۾ پنڌ ڪندي مزو اچي ويندو.
اسان جي هوٽل کان ٿورو اڳتي، ساڄي پاسي ۾ گاڏين جو امپورٽيڊ شوروم هيو. جتي مختلف ڪمپنين جون خوبصورت ۽ مھانگيون گاڏيون بيٺيون هيون. اتان کان ٿورو اڳتي هلياسين تہ هڪڙي Beam foot cycle (بيم جي نالي سان ايپ) روڊن تي چارجڊ ٿيل سائيڪل ننڌڻڪي بيٺل نظر آئي. جيڪا اسڪين ڪري، آن لائين پيمنٽ ڪري، هلائي سگهجي پئي. اسان جي ملڪ ۾ ائين بيٺل هجي ها تہ ائين گم ٿي وڃي ها ڄڻ تہ هن جو وجود ئي نہ هيو. پر مجال آ هتي جو ڪو هن کي هٿ لائي. اسان وٽ تہ چور اي ٽي ايم مشين ئي پٽي کڻي ٿا وڃن.
ان سائيڪل تي هن جو بار ڪوڊ بہ لڳل هيو. ڪافي سياح اها چارجڊ سائيڪل استعمال ڪندي نظر آيا. يعني هي سائيڪل ڪنھن بہ روڊ، ڦٽ پاٿ، گهٽي، پيچري، روڊ، رستي يا ڪٿان بہ توهان اها سائيڪل ڪاهي، هلائيندا رهو ۽ جڏهن ڪنھن منزل تي پھچي وڃو تہ اتي ڇڏي ڏيو. اتان وري ٻي ڪا سائيڪل کڻي توهان پنھنجي اڳين منزل ڏانھن اسھي سگهو ٿا. ان سائيڪل جي هڪ اڌ تڪڙ ۾ تصوير ڪڍي، پاڻ اڃان اڳتي روانا ٿياسين. هاڻي تہ اهُڙيون چارجڊ سائيڪلون هتي پاڪستان ۾ بہ اچي ويون آهن.
مين روڊ تي ٽريفڪ ۽ گاڏين جي هيڊ لائٽس ڏسي ائين لڳو تہ سمونڊ تي روشني محو رقص آهي. ٽريفڪ جو آهستي آهستي، ٻلي پير هلڻ جا خوبصورت منظر بہ اکين کي راحت بخشي رهيا هيا. پل پار ڪندي، سامھون کان مين روڊ جو بھترين نظارو اکين جي راحت جو ڪارڻ پئي بڻيو. ٿوري دير لاءِ اتي پل تي بيھي روشني جي ان قلندري رقص جو مزو ورتوسين. سچ تہ رات جون رولاڪيون، پرديس، خوبصورت منظر، جتي ڪير ڪنھن جو نہ هجي، سواءِ دوستن جي. ان گهڙي اهو سوچان ٿو تہ هي ٽريفڪ جو سمونڊ ڪٿي دنگ ڪندو. ڪا خبر نہ آهي.

هتان جو مشھور شوارمو

Shawarma Street Bukit Bintang

پيار جو پنڌ ڪندا، يارن سان مزاڪ مستيون ڪندا، روڊ ڪراس ڪندا، پاڻ شوارمي جي دڪان جي اڳيان گذرياسين، جتي ماڻھن جي وڏي ڀيڙ نظر آئي. وڏي قطار ۾ بيٺل ماڻھو، پيٽ جي باھہ کي وسائڻ لاءِ منتظرنظر آيا. هي شوارمي جو دڪان هيو. جتي ايڏي رش هئي. هتان جي شوارمي جي باري ۾ هتان جي ماڻھن جو اهو خيال هو تہ هتان جو شوارمو ايترو تہ مزيدار، لذيذ ۽ مشھور آهي جو هن جا شوقين تمام پري پري کان هتي اچي، قطار ۾ بيھي شوارمو خريد ڪن ٿا. ان ڪري هن گهٽي ۾ گهڻي رش بہ هئي، تہ رونق پڻ. شوارمي جا شوقين وڏي قطار ڪري پنھنجي واري جي انتظار ۾ بيٺا هيا.
توهان جيڪڏهن هن گهٽي ۾ اچو ٿا ۽ توهان کائڻ پيئڻ جا شوقين آهيو تہ توهان کي هي شوارمو ضرور آزمائڻ گهرجي. پر ان لاءِ توهان کي ڊگهي لائين ۾ بيھي انتظار ڪرڻو پوندو ۽ جڏهن توهان جي هٿن ۾ اهو شوارمو ايندو ۽ توهان جي وات کان ٿيندو، جڏهن توهان جي پيٽ ۾ داخل ٿيندو تہ نہ فقط توهان جي زبان هن سواد مان لطف اندوز ٿيندي پر ان سان گڏ توهان جو پيٽ پڻ توهان کي دعائون ڏيندو تہ يار! واھہ ڪھڙي شي کارائي ٿئي. پر ان لاءِ توهان کي پنھنجن ٽنگن کي تڪليف ڏيڻي پوندي، توهان کي انتظار جي آوي ۾ پچڻو پوندو.
ماڻھن جي ان انبوھہ جي پاسي کان گذرندا اڳتي وڌي وياسين. شوارمي جي خوشبو اسان جي حواسن تي ڇانئجي ويئي هئي. ماڻھن جي انبوھہ کي تجسس سان ڏسندا ۽ اهو سوچيندا وياسين تہ پيٽ ماڻھو کي قطار ۾ بہ بيھاري سگهي ٿو. پر سچ اهو آهي تہ دل تہ اسان جي بہ چوي پئي تہ هن شوارمي جو مزو وٺجي، پراسان پاران لائين ۾ ڪير بيھي، انتظار ڪير ڪري. انتظار ڏاڍو ڏکيو آهي. اهو سچ چيو اٿن تہ ”انتظار موت برابر.“

Sungei Wang Plaza Est.1977

مختلف علائقن کان ٿيندا، واڪنگ اسٽريٽس کان واڪ ڪندا، چائنا مال نالي Sungei wang mall اچي پھتاسين. هن مال جو نالو سنگي وانگ پلازا (شاپنگ مال) آهي، جيڪو بُڪيٽ بنتينگ، ڪولالمپر، ملائيشيا جي شھر ۾ واقع آهي.
هن مال ۾ وڏا وڏا سپر مارڪيٽ اچن ٿا، انھن ۾ ڪيترائي وڏن برانڊن ۽ ڪمپينين جا نالا آهن، جن ۾ جمپا ايٽ سنگي وانگ، بلاسٽيڪارس، ڪيمپ 5، ڊائيسو ۽ مسٽر ڊاءِ اچي وڃن ٿا. هن مال جي عملي طور شروعات جنوري 1977 ع ۾ ٿي هئي. هن مال جا ڪل 8 شاپنگ فلور آهن ۽ 3 پارڪنگ فلور. جڏهن تہ هن شاپنگ مال ۾ 674 مختلف ڪاروباري دڪان آهن. هي شاپنگ مال 10 وڳي رات جو بند ٿي ويندو آهي.
هي تمام وڏو شاپنگ مال هو. جيڪو مڪمل طرح سان ايئر ڪنڊيشنڊ هيو. هن جي مين گيٽ تي سيڪيورٽي گارڊ بيٺل نظر آيا. مال ۾ اندر گهڙڻ سان ئي ائين لڳو تہ هن مال ۾ هر قسم جي ضرورت جي شيءَ ملي سگهي ٿي. هتي ڪيترائي وڏا دڪان، اسٽور ۽ آفيسون نظر آيون.
جاني ۽ پرتاب ڪرنسي چينج ڪرڻ واري دڪان جي ڪائونٽر تي بيھي رهيا. مان ۽ ڊاڪٽر پوئتي بيھي شاپنگ مال جو جائزو وٺڻ لڳاسين. هي دڪان مال جي شروع ۾ ئي کاٻي پاسي جي ڪنڊ ۾ ئي هيو. ٿوري دير ۾ ئي هو پئسا چينج ڪرائي موٽي آيا.

دوستن جو اتي خيال ٿي ويو تہ آيا بہ آهيون تہ هن مال جو ڇو نہ چڪر بہ هڻندا هلون ۽ هتان هڪڙي سم بہ وٺي هلجي تہ جيئن پنھنجن مٽن مائٽن، عزيزن ۽ دوستن يارن سان رابطي ۾ اچي سگهجي. هن مال جي ٻي ماڙ تي سم جو دڪان هيو. جاني هن دڪان واري کان سم خريد ڪئي. ان ۾ ڪجهہ بيلينس بہ لوڊ ڪرايو. ٿوري ئي دير کان پوٰءِ سم آن ٿي ويئي هئي. اها سم ڊاڪٽر جي حوالي ڪئي وئي. هاڻي اسان جا رابطه بحال ٿي ويا هيا. واٽس ايپ تہ هون بہ ڪم ڪري رهيو هو. هوٽل جي واءِ فاءِ تي اسان دوستن کي مسيج ڪري اطلاع تہ ڏيئي ڇڏيو هو، پر پنھنجي سمي تمام ضروري هئي. ان کان پوءِ ان خيال سان مال جي مختلف دڪانن، اسٽورن کي ڏسندا، گهمندا ڦرندا، مختلف شين جا اگهہ معلوم ڪندا هلندا رهياسين.
ڪٿي ڪٿي اهو محسوس ٿيو تہ ملائيشيا، انڊونيشيا کان وڌيڪ سستو آهي. جيتوڻيڪ انڊونيشيا جي ڪرنسي ڪريل هئي پر هنن جا ريٽ گهڻو مھانگا هيا، جڏهن تہ هتان جي رينگٽ جو اگهہ وڌيڪ هئڻ جي باوجود شين جا ريٽ مناسب پئي لڳا.

Zatoun Sweets ”زيتون“ترڪش مٺائي جو دڪان

پاڻ اتان گهمي ڦري سم خريد ڪري، جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو آهي تہ اها ڊاڪٽر سنتوش جي نالي ڪرائي، هن جي حوالي ڪري، شاپنگ مال کان ٻاهر نڪتاسين تہ مُک گيٽ جي سامھون کان ئي کاٻي پاسي جي ڪنڊ ۾ ئي، هڪڙو مٺائي/بيڪري جو ”زيتون“ جي نالي سان وڏي ڪيبن ٽائيپ دڪان نظر آيو.
هن دڪان جي ڪائونٽر تي هتان جي روايتي ڊريس ۾ ملبوس عورت، ايندڙ گراهڪن کي مٺائي وٺڻ لاءِ آمده ڪري رهي هئي. هن مٺائي جي دڪان، مٺائي کي سينگاري سنواري ۽ پنھنجي خوش اخلاقي سان ئي گراهڪن جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪايو هيو. هڪ تہ مٺائي تازي ٺھيل لڳي رهي هئي ۽ ٻيو تہ مختلف قسمن جون ذائقيدار ۽ اسان جي روايتي مٺائين کان بلڪل منفرد هئڻ ڪري، دوستن جو خيال هو تہ هن مٺائي جو ذائقو چکجي. سو جاني ان زيتون واري دڪان جي ڪائونٽر تي مٺائي خريد ڪرڻ لاءِ بيھي رهيو. هتي بہ ڪافي رش هئي. ائين پئي لڳو تہ هتان جا ماڻھو کائڻ پيئڻ جا وڏا شوقين ۽ ڪوڏيا آهن. ان رش ۾ اسان بہ بيھي پنھنجي واري جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. مون ان دڪان ۽ دڪان جي مالڪياڻي ءَ جون ۽ اتان جي مٺائي جون تڪڙ تڪڙ ۾ ڪجهہ تصويرون ٺاهي ورتيون تہ جيئن يادگيرين جي لسٽ ۾ اهي بہ شامل ڪري سگهجن.
هن ليڊي جي مدد لاءِ هڪڙو نوجوان پڻ بيٺو هيو. جيڪو هن کي مٺائي کڻي ڏيڻ سان گڏ گراهڪن کي پڻ منھن ڏيئي رهيو هو. ان ڇوڪري کان پڇڻ تي هن ٻڌايو تہ،”اسان 1990ع کان ئي ”الزيتون“ جي نالي سان مٺائي ۽ بيڪري هلايون پيا. اسان وٽ هر قسم جي ڊبل روٽي، بريڊ، ڪيڪ، پيسٽريز، شادي جا ڪيڪ، چاڪليٽ، ڪافي، برٿ ڊي جا ڪيڪ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي قسمين قسمين مٺايون موجود آهن. هن الزيتون جو بنياد اصل ۾ عمر بن ياسر اسٽريٽ، بغداد، عراق کان پيو. جيڪو بعد ۾ سڄي دنيا ۾ ڦهلجي ويو. اسان مڪس مٺائي خريد ڪري، پيڪ ڪرائي، اڳتي وڌياسين. چوراهي کان ڪراس ڪري ٻي پاسي وڌياسين تہ سامھون ماڻھن جي وڏي ڀيڙ نظر آئي.
ڀيڙ مان ٺوٺيون هڻي اڳتي نڪري ڏٺوسين تہ ساڳيو ئي ”زيتون“ مٺائي جي ٻي شاخ نظر آئي، هي مٺائي جو کليل دڪان هُن عورت واري دڪان کان بہ وڏو هيو. هتي هڪڙو ننڍڙو ڇوڪرو جنھن جي عمر 10 يا 12 سال کن ٿيندي، جيڪو ترڪش ميوزڪ تي ڪائونٽر تي ويھي ڊانس ڪري رهيو هو ۽ هن سان گڏ هڪڙو وڏي عمر وارو همراھہ هن جو وڏو ڀاءُ يا پيءُ (جيڪو بہ هيو) بہ ان ساڳي ئي ميوزڪ تي ڊانس ڪري ماڻھن جي توجھہ پاڻ ڏانھن ڇڪائي رهيا هيا تہ مٺائي بہ کپائي رهيا هيا. هن ڇوڪري کي ۽ ان سان گڏ ٻي همراھہ کي ترڪش وڏاڳاڙهي ناسي رنگ جا ڊگها ٽوپ Romi cap پاتل هيا. جيئن اسان وٽ سائين حسن علي آفندي کي پاتل نظر اچي ٿو.
هي مٺائي کپائڻ جو نئون انداز مون پھريون ڀيرو ڏٺو هو. ماڻھو ميوزڪ جي رونشي تي گڏ ٿي ويا هيا. ڄڻ تہ ڪو مداري ڪرتب ڏيکاري رهيو هجي. ان ڪري هر ماڻھو جو توجھہ ان ميڙاڪي ڏانھن هيو ۽ هو بيتاب ٿي اهو ڏسڻ چاهي پيو تہ اتي ڇا پيو ٿئي. ڪھڙو ڪرتب هلي رهيو آهي. سو ٿوري دير اهو تماشو اسان بہ بيھي ڏٺو، پر مزو نہ آيو، سو پاڻ اڳتي وڌياسين.

رولاڪين دوران ملئي ٻارڙن سان ملاقات

جنھن ڦٽ پاٿ تي مان هلي رهيو هئس، ان تي منھنجي پويان ڪجهہ ٻارڙا شور ڪندا، مشڪريون، حرڪتون ڪندا بلڪل منھنجي پويان اچي پڳا. هنن ٻارڙن جي هٿن ۾ surf skate ڦيٿن وارو ڪاٺ جو تختو هيو. هي ٻارڙن جو گروپ هيو. شايد ڪٿي راند جي ميچ تي وڃن پيا.
مون انھن ٻارڙن کي بيھڻ لاءِ چيو ۽ عرض ڪيو تہ،”مان توهان جون ڪجهہ تصويرون ٺاهڻ چاهيان ٿو، جي اجازت هجي ته؟. ان ڳالھہ تي ٻارڙا ڏاڍو خوش ٿيا. جڏهن مون هنن جون گروپ تصويرون ڪڍيون تہ انھن مان هڪڙي چيو،”توهان بہ اسان سان گڏ بيھو نہ. اچو تہ هڪڙي سيلفي ڪڍرايون.“ سڀ ٻارڙا گڏ بيھي رهيا. هنن سان سليفي بہ ڪڍرائي تہ الڳ تصويرون بہ. مان ٻارڙن سان ٻار ٿي ويو هئس. مون محسوس ڪيو تہ ٻارڙا ڏاڍو خوش ٿيا هئا.
جڏهن پاڻ کي سنڀاليو ۽ ڏٺو تہ منھنجا دوست ڪافي اڳتي نڪري چڪا هيا، جن پوئتي مُڙي بہ نہ ڏٺو هو تہ ڪو دوست رهجي تہ نہ ويو آهي. مون محسوس ڪيو تہ اها ڳالھہ اسان جي دوستن ۾ گهٽ آهي تہ هو هر دوست کي ساڻ کڻي هلن. جيڪڏهن اڳيون دوست ڪٿي بيھي ٿو تہ ٻين دوستن کي بہ اتي ٿوري دير انتظار ڪرڻ گهرجي پر ائين نہ آهي. پوئتي مڙي ڏسڻ اسان مان ڪو سکيو ئي ناهي.

موسيقي ۽ مٺائي جو مزو

نيٺ ڀڄندي دوستن تائين پھتس. هاڻي منھنجا دوست هڪڙي چوراهي وٽ اچي بيھي رهيا هيا. هن چوراهي تي نوجوانن جو هڪڙو ميوزيڪل بينڊ موسيقي جي سُرن کي ڇيڙڻ لاءِ پنھنجا طبلا باجا، تيار ڪري رهيا هيا ۽ ٿوري دير ۾ ئي انھن ميوزڪ جو شو شروع ڪيو ۽ موسيقي جو مڌر آواز ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳو. هي نوجوان ڪنھن عربي ڌن تي ڪو ملئي گانو ڳانو رهيا هيا. ماڻھن جو انبوھہ گڏ ٿي ويو هو. ميوزڪيل بينڊ کي داد ملي رهيو هيو. اسانجي بہ دل چيو تہ هن موسيقي جو مزو مٺائي سان مڪس ڪري وٺجي تہ واھہ جو مزو اچي ويندو.
پاڻ جتي بيٺا هياسين، اهو مين روڊ سان چوراهو هيو. اسان ان ئي چوراهي جي ڪنڊ وٺي ويھي رهياسين. اسان جيان ڪيترائي ماڻھو اتي ويھي موسيقي جو مزو ماڻي رهيا هيا. جاني پيڪيٽ کولي سڀني دوستن کي مٺائي جو مزو چکرايو. واقعي هي مٺائي تازي، کائڻ ۾ مزيدار، لذيذ ۽ اسان واري مٺائي کان گهڻي قدر بھتر هئي. ڇو تہ هن ۾ گيھہ يا تيل جو نالو نشان نہ هيو. خشڪ/سڪل قسم جي مٺائي پنھنجو الڳ معيار رکي پئي. ترڪش مٺائي جي خاصيت اها آهي تہ تمام گهٽ مٺي هوندي آهي ۽ اسان جي علائقي وارين مٺائين کان بلڪل مختلف هوندي آهي ۽ اڪثر ڪري ڪَتل جو گهڻو استعمال ڪيل هوندو آهي. دل چئي پئي تہ ٻيجل لاءِ بہ هتان مٺائي وٺي وڃان، پر سفر، پنڌ، سامان جي گهل گهلان، وري مٿان ٿائيلينڊ جو سفر، اهو سوچي تہ مٺائي کي ڪٿي ڪٿي پيا رلائيندا وتنداسين، هتي ئي خراب ٿي ويندي. ان ڪري اهو خيال ئي ذهن جي دنيا تان ٽاري ڇڏيو.
اتان پنڌ ڪندا، ڪولالمپر سٽي سينٽر (KLCC ) جي وچان ڪراس ڪري ٽئن ٽاور ڏانھن وڌڻ لڳاسين. اصل ۾ جيڪو بہ سياح ملائيشيا گهمڻ اچي ٿو، ان سياح جي دلي خواهش هوندي آهي تہ هو ”ٽئن ٽاور“ يا پيٽرونس ٽاورز جو درشن ضرور ڪري. سو اسان بہ ٽئن ٽاور جي سڪ سيني سان سانڍي پاڪستان کان نڪتا هياسين. هاڻي ٽئن ٽاور اسان جي ويجهي ئي هيو. ائين لڳي پيو تہ ٽئن ٽاور وارا هي ٻيئي جاڙا ڀائر اسان کي پڪاري رهيا آهن ۽ سڏ ڪندي چئي رهيا آهن تہ،”منھنجا دوستو! اچو اچو، مان توهان جي اوسيئڙي ۾ پاڻ کي سينگاري ڇڏيو آهي. توهان سياحن جو درشن ئي منھنجي زندگي آهي ۽ منھنجي بقا ئي توهان جي ديد ۾ آهي.“

Petronas Towers ٻہ جاڙا ڀائر

پيٽرونس ٽاورس اصل ۾ ٻن جاڙن مينارن کي Twin Towers جي نالي سان ئي سڏيو ويندو آهي. هي ٽاور جالان ايمپنگ ڪولالمپور Jalan Ampang, Kula Lumpur گادي واري هنڌ تي واقع آهن. هي ٽاور 88 ماڙ بلنڊنگ آهي. هن جي اوچائي 451.9 ميٽرن (1482.6) ڦٽن تي مشتمل ڊگهي عمارت آهي. جيڪا 2010ع دنيا جي تائين وڏي ۾ وڏي عمارت هئي پر پوءِ هن جو رڪارڊ بُرج خليفا دبئي واري عمارت ٽوڙي ڇڏيو. هي ٻئي جاڙا مينار ڪولالمپر سٽي سينٽر KLCC ۾ واقع آهن.
هن جو تعميري ڪم پھرئين مارچ 1993ع ۾ شروع ٿيو هو. هن جي اڏاوت ٻن ماهر انگريز سول انجنيئرن Thornton Tomasetti and Ranhill Bersekutu ڪئي آهي. جڏهن تہ هن جو معمارCesar Pelli آهي. سياحن لاءِ هن جي کلڻ جو وقت صبح جو 10 وڳي کان آهي رات جو دير تائين کليل رهي ٿو. هن جو فلور ايريا 395000 ميٽر اسڪوائر آهي. هن ۾ ٽوٽل 88 فلور، انڊرگرائونڊ سميت آهن.
هن جو ٽاپ فلور 375 ميٽر تي يعني (1230 ڦٽ) مشتمل آهي. هن جي تعمير تي 1.6 بلين ڊالرس جي لاڳت آئي آهي. هن جو تعميراتي ڪم پھرئين مارچ 1998ع ۾ مڪمل ٿي چڪو هو ۽ هن کي پھرئين آگسٽ 1999ع تي عام پبلڪ جي درشن لاءِ کوليو ويو. هي عمارت KLCC Kuala Lumpur city Center جي ملڪيت آهي.
هي ٻيئي جاڙا مينار ملائيشيا جي گادي واري هنڌ ڪولالمپر جي دل ۾ واقع آهن. هي 88 ماڙ جي بلنڊنگ دنيا جي جديد تعميرات جو شاهڪار آهي. هن جي 41 ۽ 42 ماڙ تي هڪڙي پل آهي،جيڪا هنن کي پاڻ ۾ ملائي ڳنڍي ڇڏي ٿي. جتان ماڻھو هڪڙي عمارت کان ٻي عمارت ۾ داخل ٿي سگهي ٿو. هنن ۾ ڪيترائي گهر آهن تہ ڪيترائي ڪاروباري مرڪز بہ. خاص ڪري هن ۾ تيل ۽ گيس جي ملٽي نيشنل ڪمپنين جا هيڊڪواٽرس بہ آهن.
ان کان علاوہ هن ۾ ڪولالمپر ڪنوينشن سينٽر ۽ سريا ڪي ايل سي سي جا شاپنگ مال بہ اچي وڃن ٿا. ان ڪري جيڪو بہ سياح هتي اچي ٿو ۽ ٽئون ٽاور (جاڙا مينار) نہ گهمي تہ سمجهو تہ هن جو ملائيشيا جو ٽوئرئي اجايو ويو.
ٽئن ٽاور ڏانھن سفر جاري هيو، پاڻ واڪ ڪندا، هلي رهيا هياسين. اسان کي ٽئن ٽاور سان گڏ ڪي ايل (ڪولالمپر) ٽاور پڻ ڏسڻو هو. پاڻ سٽي سينٽر جي وچان وچان، دڪانن کان ٿيندا، اڳتي وڌي رهيا هياسين. اسان سڀئي پنڌ و پنڌ گمھندا گهمندا، نيٺ پاڻ ٽئن ٽاور جي هيٺان وڏي، ڪشادي بادشاهي مسجد لاهور جي احاطي جيان کليل ميدان ۾ اچي نڪتاسين. جتي پاڻي جا ڦوهارا هلي رهيا هيا ۽ انھن جي وچ ۾ رستو ٺھيل هو. گهمندي ڦرندي، ٽاورن جي اڳيان بيھي هڪڙي گهري نظر انھن ٻن جاڙن اڀ سان ڳالھيون ڪندڙ مينارن تي وجهي سوچڻ لڳاسين تہ،”هن ملڪ جا حڪمران پنھنجي عوام ۽ ملڪ سان ڪيڏو نہ سچا آهن. هنن هي دنيا جا وڏا مينار ان ڪري ٺھرايا تہ دنيا جا ماڻھو هنن کي ڏسڻ هتي اچن ۽ هنن جي ملڪي ناڻي ۾ اضافو ٿئي.“ جڏهن تہ اسان پنھنجن ماڳن مڪانن جي بجيٽ ئي کائي چٽ ڪري ٿا وڃون. رڳو ڪاغذي ڪم، باقي موقعي واري جاءِ تي ڪاريءَ وارا ڪک. نہ روڊ، نہ ئي رستو. جڏهن پنھنجي گهر جا پنھنجا ئي ڀاتي دشمن ٿي وڃن تہ باقي ڌارين تي ڪھڙو ڏوھہ.
اسان ٿوري دير لاءِ انھن مزدورن، انجنيئرن جي محنت کي بہ سلام ڪندي، انھن کي ڀيٽا ڏني سين تہ اهي هٿ ڪيڏا عظيم آهن، جن هنن مينارن جي وجود کي ملائيشيا جي ڌرتي جو حصو بنايو. رات جو هي مينار ڪيڏو نہ مزو ڪن پيا. پاڻ جنھن رخ کان مينارن جو درشن ڪري رهيا هياسين، ان پاسي ماڻھن جي ايتري رش هئي جو پير رکڻ جي بہ جاءِ نہ هئي. پاڻ ان ڪشادي، ويڪري ميدان واري احاطي کي پار ڪري، پريان ڦوٽو پوانٽ تي پھچي، مينارن جي اڳيان اچي بيٺاسين. هتي ماڻھن جي اڃان بہ گهڻي رش هئي. مون کي لڳو تہ هي سياح ٽاور کي ڏسڻ گهٽ پر ٽاور جون ۽ ٽاور سان گڏ بيھي تصويرون ڪڍرائڻ جي شوق ۾ آيا آهن.
خاص ڪري گهڻائي انھن فيمليز جي هئي، جن سان ننڍڙا ٻارڙا گڏ هيا. جنھن پوائنٽ تان ٻنھي ٽاورن جي تصوير بھتر، سٺي ۽ مڪمل اچي پئي اتي اڳ ۾ ئي تمام گهڻي رش لڳل هئي.

ٽئن ٽاور تي ڦوٽوگرافرن جي هڪ هٽي

هڪ تہ هر سياح، ننڍي توڙي وڏي جي اها خواهش هئي تہ ان جاءِ يا ان پوائنٽ تي ڦوٽو ڪڍرائي، جيڪا سڀني سياحن جي توجھہ جو مرڪز بڻيل هئي. هتي تصويرون ڪڍرائڻ جو مقصد اهو هيو تہ تصويرن جي بيڪ گرائونڊ ۾ اهي ٻيئي جاڙا ٽاور نظر اچن. اهي ٻيئي ٽاور ئي هر تصوير لاءِ اهم هيا. ڦوٽوگرافرن جي ڪمائي جو ذريعو ئي اهي ٻيئي ٽاور هيا. جن جي بدولت هتان جا ڦوٽوگرافر ماڻھن کي لٽي رهيا هيا. ان ڪري ئي هتي هڪڙو مسئلو نظر آيو، جيڪو اهو هيو تہ هتي پروفيشنل ڦوٽوگرافن جو وڏو آزار هيو. جيئن اسان وٽ درگاهن ۾، يا مزارن ۾ ڦوٽو گرافرن جي لٺ پئي لڳندي آهي. جيڪي سياحن کي پنھنجن چالاڪين سان لارا لپا ڏيئي، انھن کي هرکائي، انھن جون تصويرون مھانگي اگهہ ۾ ڪڍي، ماڻھن کي مُڏي ڪاتي سان پيا ڪھندا آهن.
هنن جي هڪ هٽيءَ جي ڪري ئي هي ٻي ڪنھن سياح کي ان خاص پوائنٽ تي ڦوٽو ڪڍرائڻ جو وارو/موقعو ئي نہ پيا ڏين، رڳو پنھنجن گراهڪن جو تصويرون، سو بہ هڪ ٻہ نہ، پر لاتعداد تصويرون ڪڍي، ٻين کي انتظار جي آڙاھہ ۾ اڇلايو ڇڏين. انھن کي ڪنھن سياح جو ڪو خيال، اونھو، فڪر يا ڳڻتي نہ هئي. ان ڪري معاملو ڏاڍو سنجيدہ ۽ گنڀير هيو. ڦوٽوگرافي واري اهم پوائنٽ تي هنن جو قبضو هيو ڄڻ تہ هي ڪشمير جو ٽڪرو هيو، جتي انڊين آرمي جو قبضو هجي. ڇو تہ هڪڙو پروفيشنل ڦوٽوگرافر پنھنجو ڪم پورو ڪري، اها جاءِ ٻي ڦوٽوگرافر جي حوالي ڪري ڇڏي پيو. نتيجي ۾ ٻيا عام اسان پارا سياح اهڙي جو اهڙا. مون نوٽ ڪيو تہ هتي هر فيملي سان ٽي چار ٻار گڏ هيا. ان ڪري ڦوٽو گرافر هر ٻار کي الڳ الڳ پوز هڻائي، ڪيتريون ئي تصويرون ڪڍي، گهڻو وقت ضايع ڪري رهيا هيا. ڇو تہ ڦوٽوگرافر چاهين پيا تہ جيترا گهڻا ڦوٽو نڪرندا، اوترا وڌيڪ پئسا ٺھندا. ان ڪري انھن کي اها پرواھہ نہ هئي تہ ڪو ٻيو مسافر بہ ان پوائنٽ تي ڦوٽو ڪڍرائڻ لاءِ انتظار ڪري رهيو آهي. هڪڙو ڦوٽو 5 رينگٽ ۾ پيا ڪڍن. مٿان وري اهو سلسلو هو تہ هڪڙو ڦوٽو گرافر اڃان پنھنجو ڪم پورو مس ڪري پيو تہ ان جي پويان ٻيو ڦوٽوگرافر اڳ ۾ ئي انتظار ۾ بيٺل نظر اچي پيو.
هنن جي پاڻ ۾ ايتري تہ ٻڌي هئي جو هو ٻي ڪنھن عام سياح کي وارو ئي نہ پيا ڏين. ڇو تہ هو هتان جا لوڪل ملئي ماڻھو هيا. هڪٻئي جي ٻوليءَ کان واقف هيا. ان ڪري اهي ڦوٽوگرافر اهو حق جتائن پيا تہ انھن جو حق سڀني کان وڌيڪ آهي ۽ هتي خاص ڪري هن پوائنٽ تي حق ئي انھن جو آهي. سو ان ڳالھہ تي جاني کي بہ ڪاوڙ اچي وئي، هن هڪ ٻن ڦوٽو گرافرن سان پڻ پنھنجي ڪاوڙ جو اظھار ڪري مزاحمت ڪئي.
جنھن جي ڪري مس وڃي اسان جو وارو آيو. جاني تڪڙ تڪڙ ۾ اسان سڀني جو بھترين نہ پر شاندار تصويرون جاڙن ٽاورن سان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ويو. پر جڏهن جاني جو وارو آيو تہ هن جون تصويرون هن جي دلي خواهش مطابق نہ نڪتيون. جنھن جي ڪري هن جي ڪاوڙ ۾ ويتر اضافو ٿي ويو. هن جو موڊ خراب ٿي ويو هو. خراب ٿيڻ بہ گهرجي. حقيقت اها آهي تہ ان ڳالھہ تي هن جي ڪاوڙ جائز هئي. ڇو تہ هُن اسان سڀني جون شاندار تصويرون ڪڍيون هيون، پر اسان مان ڪو بہ هن جي هڪڙي بہ سٺي تصوير نہ ڪڍي سگهيو هو.
ان جو سبب اهو هيو تہ اسان مان ڪو بہ ماهر ڦوٽوگرافر نہ هيو. پاڻ هن ٽئن ٽاور کي ڏسڻ لاءِ لکين روپيا خرچ ڪري هيڏو پري ملائيشيا آيا هياسون، پر جڏهن ان خاص پوائنٽ تي تصويرون ئي سٺيون نہ نڪرن تہ پوءِ باقي ڇا ٿو بچي.... ڇو تہ جاني جنھن انداز سان تصويرون ڪڍرائڻ چاهي پيو، ان لاءِ ڪنھن پروفيشنل ڦوٽو گرافر جي ضرورت هئي. پر اسان مان ڪو بہ ان ليول جو ڇا پر ڦوٽوگرافر ئي نہ هيو. پينوراما ڦوٽو سيٽ ڪري ڪڍڻ جي باوجود جاني جون تصويرون سٺيون نہ پئي نڪتون. اصل ۾ ڪاريگري ڦوٽوگرافرن جي هئي.
ڪڏهن ٽاورن جا اڌ ڦوٽو پئي آيا تہ ڪڏهن هيٺان ڪٽيل ڦوٽو پئي نڪتا. مطلب تہ مڪمل سڄي ٽاور ۽ جاني جي مڪمل تصويراسان کان نہ نڪتي. مٿان وري اسان جي پويان انتظار ۾ بيٺل ڦوٽوگرافرن جي رڙ مٿان رڙ تہ،”جلدي ڪري ڪڍي وٺو، منھنجا ڪسمٽر گهڻو انتظار نہ ٿا ڪري سگهن.“
سو ان لاءِ پويان ويٽنگ ۾ بيٺل ڦوٽو گرافر کي عرض ڪيو سين تہ،”براءِ مھرباني، ٻہ ٽي تصويرون توهان ئي اسان جي موبائيل سان ڪڍو.“ هن جان ڇڏائڻ جو سٺو موقعو ڏٺو ۽ تڪڙ ۾ ٻہ ٽي ڪلڪ هڻي ڪڍيا ۽ اسان کي پري ڪري پاڻ پنھنجن گراهڪن جون تصويرون ڪڍرائڻ لاءِ هنن کي مختلف پوز ٻڌائيندو رهيو.
ان دوران هڪڙو ڦوٽو گرافر مون سان بہ اچي ٽڪرائجي ويو ۽ چوڻ لڳو تہ،”توهان جون اهي سڀ تصويرون بيڪار آهن. مان توهان جون بھترين تصويرون ڪڍان ٿو.“
سو ٿيو ائين جو هن مون کي ٽاور جي اڳيان بيھاري ٻہ ٽي پوز هڻائي تصويرون ڪڍيون. هن جڏهن مون کي پنھنجي ڪيمرا ۾ ئي اهي تصويرون ڏيکاريون، جيڪي واقعي ئي شاندار تصويرون هيون ۽ مون کي ڏاڍيون وڻيون هيون.
ان ۾ ڪو بہ شڪ ناهي تہ پروفيشنل ڦوٽوگرافر جو پنھنجو هٿ آهي، ڇو تہ ڦوٽو ڪڍڻ ۾ ان ماهر ڦوٽو گرافر سان گڏ هن جو فن بہ شامل هوندو آهي. سو مون هن کان پڇيو تہ،”گهڻي ۾ هڪڙي تصوير ٺاهيندين.“
”پنج رينگٽ“، هن ڪئميرا کي ٺيڪ ڪندي چيو. جيتوڻيڪ اهي پاڪستاني حساب سان تمام گهڻا پئسا هيا پر تنھن هوندي منھنجو تہ موڊ ٿي ويو هو تہ ان پروفيشنل ڦوٽوگرافر کان ڦوٽو ڪڍرائجن، پر جاني آيو چيائين،”ڇڏيو سائين، مان توهان جون شاندار تصويرون ڪڍيون هن.“
سو هتان جي پروفيشنل ڦوٽو گرافرن جو رويو بلڪل بيڪار، نامناسب ۽ مايوس ڪندڙ هيو. هي سڀ لالچي قسم جا ماڻھو هيا، جن کي مھمان سياحن جو ڪو بہ خيال ۽ قدر نہ هو سواءِ پنھنجي ڪمائي جي. سو ٽئن ٽاور وٽ ڦوٽن جا انبار ڪڍرائي، گهمي ڦري ٻي گيٽ کان ٻاهر نڪري آياسين. هاڻي سج لھي چڪو هيو ۽ اسان جو خيال هو تہ ڪي ايل Kuala lumpur ٽاور جو چڪر هڻي اچجي. پاڻ سامھون واري گيٽ کان ٻاهر نڪري چوراهي تي اچي بيٺا هياسين. ماڻھن کان ڪي ايل ٽاور جي پڇا ڪئيسن. پر ڪنھن بہ صحيح نہ ٻڌايو، نيٺ هتان جي هڪڙي مقامي ماڻھو ٻڌايو تہ،”هينئر ڪي ايل ٽاور بند ٿي ويو هوندو، توهان جو اوڏانھن وڃڻ فضول هوندو.“

انڊين هوٽل ۾ رات جي ماني

ٽئن ٽاور کان نڪري پاڻ ڪي ايل ٽاور گهمڻ جو ارادو ڪيوسين تہ خبر پئي تہ ڪي ايل ٽاور هن وقت بند ٿي چڪو هوندو. ان ڪري ان پاسي اسان جو وڃڻ بيڪار آهي. سو پاڻ اتان پنڌ ڪندا، مختلف گهٽين، کان ٿيندا، مين روڊن جي سگنلز تي بيھندا، اڳتي وڌندا رهياسين. هي روڊ مون کي آءِ آءِ چندريگر جھڙو صاف سٿرو، ڪشادو لڳو. جتي ٽريفڪ جي گهڻي اچ وڃ هئي. انھي پنڌ دوران اسان کي بک بہ محسوس ٿي، سو جاني کي چيوسين تہ،” بابا! ڪٿي هلي پيٽ پوڄا ڪجي.“ سو جاني اوڏي مھل هڪدم گوگل جي مدد وٺندي ڪنھن ويجهي انڊين هوٽل جي تلاش لاءِ گوگل کي حڪم ڪري ڇڏيو. ٿوري دير کان پوءِ جاني ٻڌايو تہ هتي ئي ٿورو اڳتي انڊين بھترين هوٽل آهي، جنھن جي ماني مشھور آهي. سو ان کي آزمائجي تہ بھتر.“ گوگل جي ڊاريڪشن تي ان هوٽل پاسي نڪري پياسين. ٿوري دير کان پوءِ، پاڻ هوٽل ۾ هياسين.
هن هوٽل ۾ ڪافي رش هئي ۽ جنھن مان اندازو ٿيو پئي تہ هن هوٽل جي ماني سٺي هوندي. پاڻ ڪرسين تي ويھي انتظار ڪرڻ لڳاسين تہ ڪو بيرو اچي آرڊر وٺي پر هتي اهو طريقو رائج الوقت نہ هيو. سو جاني اٿي پيو ۽ وڃي ڪائونٽر تي ويٺل همراھہ کان طريقو پڇڻ لڳو. جنھن تي هن ٻڌايو تہ توهان جنھن ٽيبل تي ويٺا آهيو، ان جو توهان کي هڪڙو ڊجيٽل ٽوڪن اشو ڪيو ويندو. ان کان پوءِ توهان کي جيڪا بہ ڊش کپي اها هن لائين ۾ بيھي پنھنجن پليٽن ۾ وٺڻي پوندي ۽ آخر ۾ هن ڪائونٽر تي اوهان جا ورتل سڀ کاڌا توهان جي ٽوڪن ۾ جوڙ ڪيا ويندا. ان ۾ چپاتي، نان، جوس يا بوتل وغيرہ شامل نہ آهن. ان لاءِ توهان وٽ ٽيبل جو بيرو ايندو جيڪو توهان جو ٽوڪن کڻي توهان جي ضرورت جون شيون کڻي اچي توهان کي ڏيندو ۽ بل ان ٽوڪن ۾ ايڊ ڪرائي ايندو. هي عجيب طريقو ڏسي پھرئين تہ بک ئي ختم ٿي ويئي. جيسين ماني اچي، تيسين پيا هڪ ٻئي کي ڏسون. سو، خير ماني ٿوري دير کان پوءِ ٽيبل تي لڳي ويئي.
گرم گرم چپاتيون، تازا گارلڪ نان، لذيذ سبزي جو ٻوڙ وغيرہ مطلب تہ ائين لڳو تہ ماني تازي آهي ۽ ان جي ذائقي ۾ پڻ لذت آهي. سو هن هوٽل جو ماحول بہ اسان کي وڻيو. چوڌاري کليل هي هوٽل اسان جي شھر جي ٻھراڙين وارين هوٽلن جي ياد تازي ڪرائي ڇڏي. ماني کان پوءِ جاني جوس جو آرڊر ڏنو. جنھن ۾ پائين ايپل جو جوس سڀني کي وڻيو. اهڙي ريت ماني جو مزو وٺي، بل ادا ڪرڻ لاءِ جاني بيري کي ٽيبل تي سڏ ڪيو، هي بيرا يا مالڪ اردو ٻولي ڳالھائي رهيا هيا. جن مان اڪثريت بنگالي ۽ انڊين جي هئي. بيري ڊجيٽل ٽوڪن جاني کان وٺي، ٿوري دير ۾ بل جي پرنٽ ڪڍي جاني کي هٿ ۾ ڏني. هن وٽ بل واري مشين هٿ ۾ ئي هئي، جيڪو تمام جديد طريقيقار هيو. بل تي جاني نظر وجهڻ کان پوءِ چيو تہ،”مار ايترو بل.“ جنھن تي ڊاڪٽر جو ڌيان موبائيل مان هڪدم هٽي جاني ڏي هليو ويو. چيائين،” ايڏو وڏو بل آ ڇا.“ جنھن تي جاني چيو،”نہ نہ، مذاق پئي ڪيو، مناسب بل آ، انڊونيشيا جي انڊين هوٽل جي حساب سان اڌ جيترو هيو.“ ڊاڪٽر چيو تہ، ”اسان جو تہ ساھہ ئي نڪري ويو هو، اهڙي مذاق ڪبي آ.“ ان تي سڀني کان وڏو ٽھڪ نڪري ويو.
اهو ارادو ڪيوسين تہ هڪدفعو ناشتو يا منجهند جي ماني کائڻ لاءِ وري ٻيھر هن هوٽل ۾ ضرور اينداسين. سو اتان کان ئي ساڳيو رستو وٺي پنڌ گهمندا ڦرندا، واپس هوٽل ڏي ورياسين.
صبح جي ناشتي ۾ دوستن کي نج کير واري چانھہ، انڊا، اڦراٺا، انڊو آمليٽ يا ڇولا نہ مليا ها، ان ڪري انھن جو ناشتو انھن جي خواهشن مطابق نہ ٿي سگهيو هو. سو دوست ان خيال جا هيا تہ ڇو نہ هوٽل ۾ پنھنجو ناشتو پاڻ ئي تيار ڪجي. ان خيال سان ئي واپسي مھل ايندي رستي تي پوندڙ اسٽور کان کير، بريڊ، جيم، پتي ۽ ٻيو ناشتي جو ضروري سامان وٺي، اڳ ۾ ئي کائڻ جي تياري ڪري اچي پنھنجي هوٽل جي آرامدہ بسترن تي ليٽي پياسين. سو ننڊ سگهو ئي اسان جي وجود کي وڪوڙي ويئي ۽ روح کي جسم کان ڌار ڪري، اسان کي ٽئن ٽاورن جي موهيندڙ ماحول ۾ کڻي ويئي ۽ اسان ان جي عشق جي آغوش ۾ اهلجي پياسين.

هوٽل جو اليڪٽرڪ ٿرماس ڪم اچي ويو

اسان سڀني صلاح ڪري گڏيل راءِ جوڙي تہ باقي ڏينھن بہ هن هوٽل ۾ ئي ترسڻ کي ترجيح ڏجي، ڇو تہ هن هوٽل جو ماحول اسان سڀني کي ڀانءِ پئجي ويو هو. پر تنھنجي باوجود بھتر کان بھتر جي تلاش ۾ رهندي، اسا سڀني دوستن جي اها پڻ خواهش هئي تہ ٽئن ٽاور جي ويجهي ئي ڪا هن هوٽل کان بہ بھتر رهائش ملي تہ اتي ئي هلي جهوپو اڏجي. ان خيال سان ان علائقي ۾ رولاڪيون ڪندا، مختلف هوٽلن بابت ڄاڻ وٺندا رهياسين. پراُتي اسان کي ڳالھہ نہ وڻي. شايد ان ڪري جو پھريون ملھہ کستوري هوندو آهي. ان ڪري سڀني پنھنجو خيال مٽائي اهو گڏيل فيصلو ڪيو تہ باقي ڏينھن بہ هن آرڪڊ هوٽل ۾ ئي گذاريون تہ بھتر.
سو هن موزون ۽ معياري هوٽل کي الوداع ڪرڻ تي دل نہ پئي چئي. ڇو تہ ان جا مختلف ڪارڻ هيا. هڪ تہ هتان جو اسٽاف گهڻي حد تائين تعاون ڪندڙ هيو ۽ ٻيو تہ هن هوٽل ۾ گهڻيون سھولتون پڻ موجود هيون. هوٽل جي روم ۾ هر ڏينھن لاءِ ٻہ عدد پاڻي جو ننڍيون بوتلون، نيس ڪيفي جا مڪسڊ ڪافي وارا ٻہ عدد ساشي، کنڊ جون ٻہ ننڍڙيون پڙيون، لپٽن جون ٽي بيگ جون ٻہ پڙيون، گلاس، ڪوپ، ننڍڙي فرج ۽ اليڪٽرڪ ٿرماس ڪمري ۾ موجود هيا. هن قسم جون شيون اڪثر ڪري سٺين ۽ وڏين هوٽلن ۾ موجود هونديون آهين. جڏهن تہ روم کان ٻاهر گيلري ۾ ڪپڙا استري ڪرڻ لاءِ اليڪٽرڪ استري جي سھولت پڻ موجود هئي.
ان کان علاوہ جيڪڏهن ڪنھن کي پيئڻ جو پاڻي کپي تہ هو ڪائونٽرتان پاڻيءَ جون بوتلون خريد ڪري سگهي پيو ۽ جيڪڏهن ڪو سياح بغير پئسن جي يعني مفت جو پاڻي پيئڻ چاهي تہ هن کي هيٺ ڪائونٽر تي لھي وڃڻو پوندو ۽ ڪائونٽر جي کاٻي پاسي کان اسٽور روم ۾ رکيل پاڻي جي ڊسپينسر مان پاڻي جي بوتل ري فل ڪري، پنھنجي ڪمري ۾ کڻي اچي سگهي ٿو. هن قسم جون سھولتون، اسان کي ٻي هوٽل ۾ گهٽ نظر آيون.
ٻي ڏينھن جي ناشتي/نيرن لاءِ جاني جڳاڙ ڪيو هو. هن اليڪٽرڪ ٿرماس ۾ ٻہ ٽي بيگ وجهي، کير وجهي اسان واري مزاج جي تيز چانھہ ٺاهڻ جو نئون تجربو ڪيو هو. نتيجي طور هو بھترين چانھہ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ويو هو. کير جي اٻُرڻ جي ڪري پتي بار بار ٻاهر اڀامي نڪري اچي پئي ۽ ان کي ٺارڻ لاءِ اسان وٽ ڪو بہ طريقو نہ هيو. سوا ان جي تہ ان اليڪٽرڪ ڪيٽل جو بٽڻ بند ڪري ڇڏجي يا وري ڪٽلي کي هيٺ لاهي ڇڏجي.
ان جو نتيجو اهو نڪتو جو چانھہ اوٻارجي ٻہ ٽي دفعا هيٺ فرش تي ڪري پئي. نيٺ چانھہ تہ ٺھي ويئي، پرناشتي وارو موڊ نہ ٺھي سگهيو هو. جيئن تيئن ڪري ناشتو ڪري، هيٺ لٿاسين. ”گريب مي“ ايپ جي ذريعي ٽيڪسي ڪرائي تي گهرائي سين. ٿوري دير کان پوءِ ٽيڪسي اسان جي هوٽل جي گيٽ وٽ اچي بيٺي هئي، جنھن مان ائين لڳو تہ ٽيڪسي اسان جي ويجهو ئي ڪٿي هئي.

تاريخي مندر باتو ڪيو جو تعارف

اسان کي هاڻي Batu Cave وڃڻو هو. اسان ”گريب ايپ“ جي ذريعي ئي ٽيڪسي هوٽل تي گهرائي ڇڏي هئي. ملائيشيا ۾ اڪثر ڪري ٻاهرين ملڪن جا سياح هن ايپ کي گهڻو استعمال ڪندا آهن. هان ايپ جي ذريعي ئي توهان کي جلدي ٽيڪسي وغيرہ ملي ويندي ۽ توهان کي گهڻو انتظار بہ نہ ڪرڻو پوندو. سو پاڻ ٽيڪسي ڊرائيور کي باتو ڪيو جي باري ۾ ٻڌائي ويھي رهياسين. هن ڊرائيور جو نالو انوار هيو. انتھائي معزز ۽ شريف ماڻھو پئي لڳو. ٽيڪسي هاڻي ملائيشيا جي روڊن تي ڊڪي رهي هئي. اسان دنيا جي تاريخي ماڳ باتو ڪيو جي درشن ڪرڻ لاءِ آتا هئاسين. ڊرائيور ٽيڪسي کي باتو غار جي مُک دروازي وٽ آڻي بيھاريو. اسان باتو ڪيو جي ٻاهران ٽيڪسي مان لٿا هئاسين. لھڻ مھل ڊرائيور اسان جو ڌيان ڇڪائيندي چيو هو تہ،”جڏهن توهان باتو ڪيو گهمي ڦري هيٺ واپس اچو تہ توهان کي مان گيٽ کان اڳيان بيٺل ملندس.“
اسان مان جاني هن کي اهو بہ ٻڌايو تہ هن باتو ڪيو جي گهمڻ کان پوءِ اسان کي ملاڪا هلڻو آهي.“
جنھن تي ڊرائيور جواب ڏيندي چيو تہ،” توهان ملاڪا اڄ نہ هلو، اتي صبح جي ٽائيم وڃڻ گهرجي ۽ شام تائين واپسي ڪجي تہ بھتر، اڄ توهان کي مان گينتنگ هائلينڊ گهمائڻ وٺي ٿو هلان.“
ملائيشيا ۾ هون تہ گهمڻ جون ڪيتريون ئي مشھور ۽ تاريخي جايون آهن، جيئن ملاڪا، لنڪاوي، باتوڪيو، ٽئن ٽاورس ۽ ڪي ايل ٽاور وغيرہ، پر انھن ۾ باتو ڪيو انتھائي خوبصورت قديمي مندر آهي. ان ڪري هي سياحن جي توجھہ جو مرڪز رهيو آهي. جيئن تہ هن باتو ڪيو ۾ ئي ۾ اندر ٽي اهم ۽ تاريخي مندر آهن، جن ۾ ”ٽيمپل ڪيو (غار)“، ”ڪيو (غار) ولا“ ۽ ”رامائڻا ڪيو(غار).“ ٽيمپل ڪيو کي ڪيٿيڊرل ڪيو (غار) پڻ سڏيو وڃي ٿو، جيڪو لارڊ مروگن Lord Murugan جي نالي ارپيل آهي. جيڪو هندو ميٿالاجي ۾ جنگ جي ديوتا جي طور سڃاتو ويندو آهي. گيٽ جي بلڪل پوئين پاسي کان ئي 42.7 ميِٽر ڊگهو سونھري مجسمو لارڊ موروگن جو آهي، جيڪو دنيا ۾ سڀني کان ڊگهي ۾ ڊگهو مجسمو آهي. هنن کي اهو موروگن مجسمو ٺاهي مڪمل ڪرڻ ۾ ساندھہ ٽي سال لڳي ويا هيا. هن موروگن مجسمي جي مھورتي تقريب جو احتمام جنوري 2006 ع ۾ ٿائيپوزم Thaipusamجي ميلي دوران ڪيو هيو. هن مجسمي ۾ جيڪو مٽريل استعمال ڪيو ويو ان ۾ 350 ٽن اسٽيل جون شيخون، 1550 ڪيوبڪ ميٽرس ڪنڪريٽ، 300 لٽر سون جو رنگ اچي وڃي ٿو.
باتو ڪيو جو سفر 272 رنگين سيمينٽ وارين ڏاڪڻين سان شروع ٿئي ٿو. توهان آهستي آهستي مٿي چڙهندا وڃو، ٿوري دير لاءِ ڏاڪڻن جي وٿي واري ڪنڊ ۾ بيھي ساهي پٽيو. ڇو تہ هڪ ساهي ۾ سڀ ڏاڪا چڙهڻ توهان جي صحت جي حق ۾ نہ آهي. جيئن جيئن توهان هي خوبصورت رنگين ڏاڪا چڙهندا مٿي ويندو، تئين تئين توهان کي ڪولالمپر شھر جا خوبصورت منظر توهان جي اکين جي قريب ايندا ويندا/ڏسڻ لاءِ ملندا. هن شھر جو خوبصورت منظر هتان کان بيھي ڏسڻ جو مزو ئي ٻيو آهي. توهان جي دل باغ و بھار ٿي ويندي. جڏهن توهان مٿي چوٽيءَ تي چڙهي ويندو تہ توهان 100 ميٽرن جي کليل ڇت واري غار جي دروازي اڳيان اچي پھچندو ۽ پوءِ هتان کان وري هڪدفعو ٻيھرسڄي شھر تي نگاھہ وجهي ڏسو تہ توهان کي هتان جي فطري سونھن موهي وجهندي ۽ توهان جي روح کي اهڙو تہ سڪون ايندو جو توهان کان هتان جي ٻي دنيا ئي وسري ويندي.
اهڙو مزو توهان کي ملائيشيا ۾ ڪٿي بہ نہ ايندو. ڇو تہ هي غار مٿان کان کليل هئڻ ڪري توهان کي سج جي روشني اندر داخل ٿيندي نظر ايندي ۽ توهان کي وڏو مزو ڏيندي. ڇو تہ هي روشني غار جي اندران ئي اچي ٿي. 130 سالن جي هي پراڻي غار توهان کي هندو مذهب جي قديمي ديوتائن سان ملائڻ جو ڪردار ادا ڪري ٿي. جيڪڏهن توهان مٿي نہ ٿا چڙهڻ چاهيو تہ هتي ئي هيٺ باتو ڪيو جي دامن ۾ ئي ”ڪيو ويلا“ ۽ ”رامائڻا ڪيو“ آهن، انھن جو درشن ڪري وٺو ۽ ڪيو ويلا توهان کي خوبصورت رنگين بلبن جي روشنائي سان وهنتل نظر ايندو ۽ توهان کي انتھائي موهندڙ منظرن جو ڏيک ڏيندو.
هن جا ڪردار هندو لوڪ ادب تان کنيل آهن. هتي پٿرن جا پنوڙا بہ ٺھيل آهن جيڪي سياحن جي توجھہ جو مرڪز بڻيل آهن. جڏهن تہ رامائڻا ڪيو بہ هتي ئي جبل جي کاٻي پاسي واقعي آهي. هن غار سان اڳتي 15 ميٽر ڊگهي لارڊ هنومان جي مورتي پڻ رکيل آهي. هن غار جي کلڻ ۽ بند ٿيڻ جو وقت صبح جو 7 وڳي کان وٺي رات جو نائين وڳي تائين آهي. هتان جي مُک مندر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪا بہ داخلا في نہ آهي. يعني منھنجو مطلب آهي تہ هتي ٽيمپل ڪيو يا ڪيٿيڊرل ڪيو ۾ توهان وڃڻ چاهيو ٿا تہ توهان کان ڪا بہ في نہ وٺندا. پر جيڪڏهن توهان ڪيو ويلا ۾ وڃڻ چاهيو ٿا تہ ان لاءِ توهان کي ان جي مخصوص داخلا في ڀرڻي پوندي. جنھن ۾ ملائيشيا جي ماڻھن کان 7 رينگٽ ۽ ٻاهرين سياحن کي 15 رينگٽ ورتا وڃن ٿا. ٻيو تہ رامائڻا ڪيو جي داخلا في 5 رينگٽ آهي. هنن پنھنجي ملڪ جي ماڻھن لاءِ ڪيڏيون نہ سھولتون پيدا ڪيون آهن.
هتي اچڻ کان اڳ ۾ توهان کي هتان جي چند اصولون جو خيال ڪرڻو پوندو تہ جيئن توهان کي هتي ڪا تڪليف نہ ٿئي. انھن ۾ هڪ تہ توهان کي پنھنجي لباس جو خاص خيال رکڻو آهي. هتي شارٽس، چڍو ۽ ڦاٽل پينٽ (هاٽ پينٽ) جي اجازت بلڪل بہ نہ آهي. ياد رکو تہ توهان کي اهڙو لباس پاتل هجي جنھن ۾ توهان جو سڄو جسم خاص ڪري ٽنگون ڍڪيل هجن. ڇو تہ هي مذهبي عقيدت ۽ احترام واريون جايون آهن. جتي ڇڙواڳي جي بنھہ اجازت نہ هوندي آهي.

Battu Cave جو خوبصورت ماحول

پاڻ گيٽ کان اندر ڇا گهڙياسين، ڄڻ تہ هڪڙي ٻي دنيا ۾ داخل ٿي ويا هجون. گيٽ جي اڳيان کليل اڱڻ تي ماڻھن جي گهڻي رش هئي. ان کليل ڪشادي، ويڪري اڱڻ /آڳند تي ڪيترائي ڪبوتر، پاريھر، پکي پکڻ داڻُو چڳي رهيا هيا ۽ انھن کي ڪنھن بہ ماڻھوءَ کان ڊپ نہ پيو لڳي. مون کي خيال آيو تہ هنن پکين جي خوف ختم ٿيڻ لاءِ ڪيڏو وقت لڳو هوندو. هتان جي پکين انسانن تي ويساھہ ڪرڻ ڪڏهن شروع ڪيو هوندو، ڇو تہ اسان جا پکي تہ اسان جي پاڇي کان بہ اڏرندي ٽاھہ کائي ڇرڪي وڃن ٿا. سو هن موهيندڙ منظرن کي منھنجا دوست پنھنجن يادن جو حصو بڻائي موبائيل جي ميمري ۾ قيد ڪري رهيا هيا. مون بہ هن ماحول جون ڪيتريون ئي يادگار تصويرون پڻ ڪڍيون.
سامھون کان ئي مندر جا نيل نظر آيا پئي ۽ خوبصورت رنگين ڏاڪڻ جي ڏاڪن تي جڏهن نظر پئي تہ ويتر اسان جي روح سٽ کاڌي تہ ان پاسي تڪڙي هلجي. مٿان وري ان ڏاڪڻ جي پاسي کان تمام وڏي موروگن جي مورتي نظر پئي، جنھن جو سونھري رنگ هن مورتيءَ جي سونھن ۾ اضافي جو ڪارڻ بڻيل هيو. موروگن جي ان مورتي ۾ ايڏي ڪشش هئي جو مختلف ملڪن جا ماڻھو، وڏو خرچ ڪري هن کي ڏسڻ لاءِ هتي اچي پھتا هيا. هن قدآور مورتي جي سونھن اسان کي موهي وڌو هيو ۽ هن جي ڪشش ۽ ڪشف پاڻ ڏانھن ڇڪي رهي هئي. اسان انھن منظرن ۾ ئي گم هياسين تہ اسان جو ڌيان ڪنھن گوڙ ڏانھن ڇڪجي ويو.
ڏٺوسين تہ هتان جي ليڊي سيڪيورٽي گارڊ هڪڙي عورت کي پاڻ سان وٺيو پئي وئي. ان عورت سان هو سخت لھجي ۾ مخاطب ٿي رهي هئي. خبر ناهي تہ ڇا معاملو هيو. پر ڪجهہ هيو ضرور، خير اسان جو پنڌ اڃان بہ اڳتي هيو. پاڻ ٽي ٽڪيٽون وٺي اندر داخل ٿياسين. ڊاڪٽرچيو تہ،”هو اڳ ۾ هن جاءِ تي اچي چڪو آهي، ان ڪري هو ٻيھر 272 ڏاڪڻيون چڙهي پاڻ کي ٿڪائڻ نہ ٿو چاهي. ڇو تہ ڏاڪڻيون ٿڪائيندڙ آهن.“
اسان هي ماڳ پھريون ڀيرو گهمڻ آيا هياسين ۽ اسان لاءِ هي جاءِ نئين هئي ۽ هن کي پسڻ لاءِ اسان وٽ نئون جذبو، جوش ۽ جنون هو. هي بلڪل نئين دنيا هئي، جنھن جي کوج ڪرڻ ئي اسان جي زندگي جو مقصد هيو. ان ڪري پاڻ ٽيئي توڪل ڪري، هڪڙي ڏاڪي تي پير رکيو. مون کي ڪنھن جو قول ياد ٿو اچي تہ،”هزارن ميلن جو سفر، هڪڙي قدم کڻڻ سان ئي کٽي پوي ٿو.“ سو اسان اهو هڪڙو قدم کڻي چڪا هياسين ۽ مٿي مندر ڏي چڙهڻ شروع ڪيوسين. ڏاڪڻون چڙهندي چڙهندي مان ٿڪجي پيو هئس، جاني ۽ پرتاب اڳيان اڳيان چڙهي نہ بلڪ ڀڄندي چڙهي رهيا هيا.
مون کي ياد ٿو اچي جڏهن مان ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ وڪالت ڪندو هئس، انھن ڏينھن ۾ ڪورٽ جي عمارتن ۾ لفٽ لڳل نہ هوندي هئي. اسان جو پيارو دوست سيد جوهر عابد رضوي ايڊووڪيٽ بہ سٽي ڪورٽ ۾ وڪالت ڪندو هيو. هن جي عجيب ڪيفيت هئي، هو ڪورٽ بلنڊنگ جو ڏاڪڻيون ڀڄندي چڙهندو ۽ لھندو هيو. خاص ڪري سائوٿ جي ڏاڪڻ ڏاڍي مٿي ۽ اُڀي هئي. هي سنھڙو سيپڪڙو، سنگل باڊي همراھہ ڀڄندي ڏاڪڻون چڙهندو هيو ۽ ڀڄندي لھندو هيو. اسان جو ٻيو پيارو دوست محترم محمد رمضان چنہ ايڊووڪيٽ وري چوندو هو تہ،”اسان تہ ڏاڪڻون چڙهي چڙهي خصي ٿي ويا هون.“
مرحوم محمد رمضان ملير مان سٽي ڪورٽ ايندو هو. هو چوندو هو تہ هو ايم اي انگلش آهي. نيوي جي کاتي مان رٽائر ڪري آيو آهي. قد آور مڙس، هر آنڱر ۾ مُنڊي پاتل. پٿرن سان جڙيل هي منڊيون هن کي فقير منش انسان جو ڏيک ڏين پيون. ڪجهہ عرصي کان پوءِ هو ملير ڪورٽ ۾ ئي وڪالت ڪرڻ لڳو. اتي ئي عريضي نويسي پڻ شروع ڪئي هئي. بعد ۾ هن جو پٽ ان جاءِ تي ويٺل نظر آيو.
قصو ڪوتاھہ، ڪٿان کان ڪٿي هليو ويس. واٽ تي ڪٿي ڪٿي اسٽاپ لاءِ بہ ڏاڪڻ جي وچ تي ڪافي اسپيس ڏنل هيو تہ جيئن ڪو ماڻھو بيھي ساهي پٽڻ چاهي تہ هو بيھي سگهي ٿو. 272 ڏاڪڻون چڙهندا وياسين ۽ هڪ ٻئي سان کل ڀوڳ بہ ڪندا وياسين. نيٺ ان حصي تي اچي پھتاسين، جتي مٿان کان جبل ڪوريل/ ڪٽيل آهي ۽ ان جي پاسن کان چھچ گهاٽن ساون وڻن جي ساوڪ نظر آئي. جيڪي ان جبل جي سونھن بڻيل هيا. ان کان علاوہ گپتيشور غار نيپال جيان، هتي هن غار جي ڇت مان بہ پاڻي ٽمي رهيو هيو. ڄڻ تہ مٿان هلڪي هلڪي برسات وسي رهي هجي.
پاڻ کي پاڻي جي ڦڙن کان بچائيندا، ان ڪشادي غار کي چوڏس ڏسندا، گهمندا رهياسين. هتي هر پاسي، هر ڪنڊ کان ڪا نہ ڪا مورتي جيڪا ڪنھن نہ ڪنھن ڀڳوان، ديوتا جي نظر پئي آئي، جتي اگربتيون ٻري رهيو هيون، تہ مٿان گلن جو پتيون بہ نڇاور ٿيل هيون.
انھن مورتين، مجسمن، ديوتائن جي اوسي پاسي ۾ ڪي پوڄاري پڻ نظر اچي رهيا هيا، جيڪي پنھنجي ڪاروبار ۾ محو هيا. پرتاب اڃان بہ اڳتي وڌي رهيو هيو. ٿوري دير لاءِ اهو خيال دل ۾ آيو تہ جيڪڏهن اهو هيبناڪ پھاڙ مٿان اچي ڪِري تہ اسان سياحن مان هڪڙو بہ زندہ نہ بچي. ڇو تہ اهو پھاڙ ٿوڻين يا ڪنھن ٽيڪ جي بنا بيٺو هيو. اندران سڄو ڪٽيل ۽ ڪوريل. عجيب منظر هيو. ان پھاڙ تان پاڻي مسلسل ٽمي رهيو هيو. يقينن پاڻي جبل کي ڪوريندو ۽ ڳاريندو تہ هوندو نہ.
اسان جي منزل هتي نہ هئي. اسان کي اڃان بہ اڳتي مٿي وڃڻو هيو ۽ ڪيئي ٻيون ڏاڪڻون اڃان بہ چڙهڻيون هيون. ٿڪاوٽ جي باوجود اسان مٿي چڙهي رهيا هياسون. هاڻي تہ ساھہ ۾ بہ سھڪو ٿي پيو هو. پر پوءِ بہ اهو پنڌ پار ڪري پنھنجي منزل جي بلڪل ويجهو اچي پڳا هئاسين. هي غار جو آخري ڇيڙو هيو. هتان کان پوءِ غار بند هئي. اڳتي ڪو بہ رستو نہ هيو. هتي بہ اهو ئي ساڳيو ماحول هيو. غار جي اندران پاڻي ٽمي رهيو هيو ۽ ڪنھن ڪنڊ کان غار ۾ روشني داخل ٿي رهي هئي. هيءَ جهيڻي روشني بلبن جي روشني سان ملي ڪري اونداهي غار کي روشن ڪري رهي هئي.

ول نہ ڏيلھي کاسون

اصل ۾ هي باتو ڪيو (غار) هندن جو وڏو مندر آهي ۽ هن جي مٿين حصي تائين پھچڻ کان پوءِ توهان کي ڪيترن ئي ديوتائن جون مورتيون ملنديون ۽ هڪ اڌ گفٽ جو دڪان بہ ملندو، جڏهن تہ هيٺ ڪافي شاپنگ جا دڪان آهن. هن باتو ڪيو (غار) ۾ هر سال ڪيترائي ياتري پنھنجون اميدون کڻي هن جاءِ تي ايندا آهن ۽ هتان خالي هٿين نہ ويندا آهن، بلڪ پنھنجون خالي جهوليون اُميدن، وشواسن سان ڀري واپس موٽي اچڻ جو واعدو ڪري ويندا آهن. اعتماد، اعتقاد، ڀروسو، يقين ۽ ويساھہ ئي گهڻن ماڻھن لاءِ گهڻو ڪجهہ هوندو آهي، پر ڪن لاءِ تہ ڪجهہ بہ نہ.
جيئن مان مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان تہ هن غار تائين مٿي وڃڻ لاءِ ٽوٽل272 ڏاڪا چڙهڻا هوندا آهن، انھن ڏاڪن تي مختلف قسمن جا رنگ چڙهيل آهن. هر ڏاڪي جو رنگ الڳ آهي. هڪڙي ڏاڪڻ مٿي چڙهڻ لاءِ آهي ۽ ان جي پاسي کان وچ تي هڪڙي سيمنيٽ جي ننڍڙي ديوار ڏنل آهي ۽ ان جي پاسي ۾ ٻي ڏاڪڻ مٿان کان هيٺ لھڻ وارن ياترين لاءِ ٺھيل آهي. يعني مٿي چڙهڻ لاءِ الڳ ۽ هيٺ لھڻ لاءِ الڳ. جيتوڻيڪ ڏاڪڻ جا ڏاڪا ڪشادا ۽ سيمينٽ جا ٺھيل آهن، پر پوءِ بہ مٿي چڙهڻ لاءِ هڪ تہ دل کپي ۽ ٻيو جذبو. اسان جھڙو دل جو مريض بہ جيڪڏهن همت ڪري تہ 272 ڏاڪا چڙهي سگهي ٿو ۽ چڙهي بہ وياسين.
پر جڏهن هيٺ لھي ايندو تہ هو ضرور چوندو تہ، ”نہ چڙهسون نہ ڏيسون.“ يا وري چوندو تہ،”ول نہ ڏيلھي کاسون.“ هتي مون کي هڪڙو ٽوٽڪو ياد ٿو اچي تہ ڪو مون جھڙو دل جو ڪمزور ماڻھو جڏهن کجيءَ جي سنھڙي ۽ ڊگهي وڻ تي مٿي چڙهي ويو ۽ کجور پٽي ڍوو ڪري کاڌائين. جڏهن لھڻ مھل هن هڪ نظر هيٺ زمين تي وڌي تہ همراھہ کان رڙ نڪري وئي، چيائين،”مار! ايڏو مٿي چڙهي ويو هان ؟.“ سو هن لاءِ لھڻ وارو عمل ڏاڍو ڏکيو هيو. پر پوءِ بہ دل ٻڌي، همت ڪري دعا گهرڻ لڳو ۽ باس باسي تہ،”جيڪڏهن هيٺ لھي ويس تہ رب جي نانءُ تان پاڏو قربان ڪندس.“
ايئن چئي هن همراه هيٺ لھڻ شروع ڪيو. جڏهن ٿورو هيٺ لھي آيو ۽ وري هيٺ نظر وڌي تہ هن کي لڳو تہ هو اڃان بہ گهڻو مٿي آهي. سو هو پنھنجي باس مٽائي چوڻ لڳو تہ،”اڃان بہ جي هيٺ لٿس تہ رب جي نان تي ٻڪرو قربان ڪندس.“ پر جڏهن صفا هيٺ لھي آيو تہ چوڻ لڳو،”تہ رب جي نالي تي هاڻي ڪڪڙ ڏيندس.“ ۽ جڏهن صفا اچي پٽ تي پير رکيائين تہ همراھہ رب جو شڪر ادا ڪندي پنھنجي باس تائين ئي هٿ کڻي ويو. مٿي نھاري چوڻ لڳو تہ، ”هڻ نہ چڙهسون نہ ڏيسون.“
سو اسان بہ دعائون گهرندا، دل ٻڌي هيٺ لھي آياسين. جيتوڻيڪ ڏاڪڻ ايڏي ڏکي ناهي پر مٿاهين تي چڙهڻ جو خوف ڪڏهن ڪڏهن ماڻھو کي ڊيڄاري ڇڏي ٿو. هن غار تائين پھچڻ جو ذريعو ئي هي ڏاڪڻ آهي. مان سوچيان ٿو تہ جيڪڏهن ان ڏاڪڻ جي جاءِ تي ڪا لفٽ لڳل هجي ها يا وري چيئر لفٽ لڳل هجي ها تہ بہ ڪافي ماڻھو هي ڏاڪڻ استعمال ڪن ها. ڇو تہ هن ڏاڪڻ ذريعي چڙهي مٿي غار تائين پھچڻ جو مزو ئي پنھنجو آهي.
جيڪڏهن توهان کي سج اڀرڻ جو منظر ڏسڻ پسند آهي ۽ توهان اهو منظر باتو ڪيو کان ڏسڻ چاهيو ٿا تہ توهان کي صبح جو سوير سج اڀرڻ کان اڳ ۾ هتي اچڻ گهرجي.
توهان کي هتي اچڻ مھل ڀولڙن جو خاص خيال ڪرڻو پوندو، جيڪي بک جي ڪري توهان جي هٿن ۾ موجود ڪا بہ شي توهان کان کسي سگهن ٿا.

باتو ڪيو کان لھي اچڻ کان پوءِ جي ڪيفيت

هاڻي اسان غار کان هيٺ لھي چڪا هئاسين. ڊاڪٽر سنتوش مل اڳ ۾ ئي هن مندر جي آڳر تي چھل قدمي ڪندي اسان جي اوسيئڙي ۾ هيو. ڏاڪڻيون لھڻ چڙهڻ جي ڪري پاڻ گهڻو ٿڪجي پيا هياسين. ساھہ ۾ سھڪو ٿي پيو هو. آهستي آهستي اسان ٻاهر نڪرڻ جي ڪئيسين. جڏهن ان چوراهي کان ٿيندي مُک دروازي ڏي وڌي رهيا هياسين تہ سامھون کان ئي، گيٽ جي پاسي ۾، ڪنھن ديوتا جو مجسمو اسان جي نگاهن جي نشاني تي هيو. مون ڊاڪٽر کان پڇيو تہ، ”ڊاڪٽر هي ڪھڙي ديوتا جي مورتي آهي.“ ان تي ڊاڪٽر ٻڌايو تہ هي”ڪارتڪ“ ديوتا آهي. وڌيڪ پرتاب ڳالھہ کي واضع ڪندي چيو تہ، ”ڪارتڪ گنيش ديوتا جو ڀاءُ ۽ شو ڀڳوان جو پٽ آهي.“ مون ڊاڪٽر کي چيوتہ،”اهو تہ منھنجو پسنديدہ ديوتا آهي ۽ مان تہ ان ديوتا جو عاشق آهيان.“ جنھن تي سڀني وڏا ٽھڪ ڏنا. پرتاب ان مھل ٻڌايو تہ هڪڙو ڀڄن آهي تہ:
جي گڻيش، جي گڻيش، جي گڻيش ديوا،
ماتا تيري پاروتي پتا ماها ديوا.
(شنڪر ڀڳوان کي مھا ديو بہ سڏيو ويندو آهي).
ان ڪارتڪ ديوتا جي باري ۾ ڳالھائيندي، پاڻ اڳتي هلندا، ڪچھري ڪندا باتو ڪيو جي مين گيٽ کان ٻاهر نڪري آياسين. سامھون گيٽ کان ٻاهر نڪرڻ مھل منھنجي نظر ڊرائيور کي ڳوليندي رهي. پريان ئي اسان جي ٽيڪسي بيٺي هئي ۽ مان گيٽ کان گهڻو اڳتي ٽيڪسي ڏانھن وڌي ويو هئس. جتي ڊرائيور ڦٽ پاٿ تي ويٺي اسان جو انتظار پئي ڪيو. مون جڏهن پوئتي مڙي دوستن ڏي ڏٺو تہ منھنجا دوست ليمي جي شربت واري ريڙهي تي بيٺي بيٺي ليمي جي رس وارو شربت پيئڻ جو موڊ ٺاهي چڪا هيا.
ڊاڪٽر مون کي پاڻ ڏانھن اچڻ جو اشارو ڪندي، سڏ ڪري چيو تہ،”اچو شربت تہ پيئون“. هن ريڙهي تي عورتون شربت کپائي رهيون هيون. اتي ٻن قسمن جا شربت هيا. هڪڙي جو رنگ گلابي هيو ۽ ٻيو سفيد. هي ٻيئي شربت شيشي واري فريم ۾ بند هيا. مون کي ليمي جي رس وارو شربت وڌيڪ سٺو لڳو. مون ان عورت کي اشارو ڪندي چيو تہ،”مون کي ليمي جو شربت ڏي.“ هن ڊسپوزل گلاس ۾ شربت سان گڏ پلاسٽڪ اسٽرا وجهي ڏنو. هي واقعي ئي مزيدار ذائقي وارو شربت هيو.
اسان ڊسپوزل گلاس هٿ ۾ کڻي، ليمي جي شربت جون چسڪيون ڀريندا، ڦٽ پاٿ تي هلندا، ٽيڪسي واري وٽ اچي پڳاسين. دل ۾ خيال آيو تہ جيڪڏهن هڪڙو گلاس ٽيڪسي واري لاءِ بہ وٺجي ها، تہ ڇا ٿي پوي ها. ڇو تہ هو بہ اسان وانگر انسان آهي، هو اسان جو ٻن اڍائي ڪلاڪن کان انتظار ڪري رهيو هيو. ٽيڪسي واري منھنجي چھري جا تاثرات پڙهي ورتا هيا ۽ هن مسڪرائي ڳالھہ ٽاريندي چيو تہ،”توهان کي باتو ڪيو ڪيئن لڳو.“ ”زبرست پيارا، تمام خوبصورت ماڳ آهي.“ پرتاب ٽيڪسي جو دروازو کولي سيٽ ۾ ويھندي چيو. اسا بہ پوئين سيٽ تي ويھي رهياسين ۽ ائين ئي مون واري سوچ هن ٽريفڪ جي گوڙ ۾ دٻجي ويئي.
هن ماڳ کان پوءِ اسان کي گينتنگ هائلينڊ وڃڻو هو. سو ڊرائيور کي گينتنگ هائلينڊ لاءِ هلڻ جو چئي ڇڏيو. اسان هاڻي گينتنگ هائلينڊ وڃي رهيا هياسين. هي ٽيڪسي جبلن ۽ ساون چھچ وڻن جي وچان روڊ تي ڊڪي رهي هئي. مون ڏٺو تہ هتي اڪثر ڪري روڊ جي ٻنھي پاسن کان ساوڪ ئي ساوڪ هئي. جهنگ ئي جهنگ هيو. جبل ئي جبل. مٿان وري ڪارن ڪڪرن جو لعل لبيس. ڇا تہ موهيندڙ منظر هيا. اسان گينتنگ هائلينڊ لاءِ جبل ڏانھن ويندڙ رستي تي مٿي چڙهي رهيا هياسين. جيئن ڪوھہ مري يا گورک هل اسٽيشن جو رستو هوندو آهي.

گينتنگ هائلينڊ

ڊرائيور انوار اسان کي گينتنگ هائيلينڊ وٺي وڃي رهيو هو. هي صاف سٿرو علائقو هيو. اسان جي ٽيڪسي مٿي جبل جا ور وڪڙ ڪاٽيندي، زگ زيگ روڊ کي چيريندي مٿي چڙهي رهي هئي. هن پاسي گاڏين جي ڪافي رش هئي، ائين لڳي رهيو هو ڄڻ تہ هرڪو گينتنگ هائلينڊ وڃي رهيو هجي.
گينتنگ هائلينڊ ۾ گهمڻ لاءِ ڪيئي مشھور جايون هيون. ان لاءِ توهان جو هتي هڪ ٻہ ڪلاڪ ترسڻ سودمند نہ ٿيندو، منھنجي صلاح آهي تہ توهان هتي گهٽ ۾ گهٽ هڪڙي رات ضرور گذاريو. پوءِ ئي توهان هن گينتنگ هائلينڊ کي حقيقي روپ ۾ پسي سگهندا. ڇو تہ هتي گهمڻ لاءِ تمام گهڻو ڪجهہ آهي. جيئن ”ٿيم پارڪ“‏، ”ڪسينو“، ”ڪيبل ڪار“، ”اسڪاءِ ورلڊ“، ” سن وي لگون“ وغيرہ وغيرہ قابل ذڪر آهن. رستي ۾ ئي اسان کي محسوس ٿيو تہ هتان جي آبھوا ۽ صاف سٿرو ماحول صحت لاءِ ڪيڏو نہ فائديمند آهي. ان ڪري هتان جي ماڻھن جي چھرن تي رونق بکي رهي آهي ۽ ماڻھو صحتمند آهن. ڇو تہ صاف سٿري آبھوا ۾ ساھہ کڻن ٿا. اصل ۾ هي جاءِ ڪافي مٿي جبل تي آهي، جنھن جي ڪري هتان جي آبھوا خوشگوار ۽ پُرسڪون آهي.
پاڻ جيئن ئي ٽيڪسي کان هيٺ لٿاسين تہ اسان جي آجيان هتان جي ملھار جهڙالي موسم ڪئي. اسان جي وجود کي هتان جي قرب واري ڪوهيڙي وڪوڙي ڇڏيو هو. پر پوءِ احساس ٿيو تہ اهو ڪوهيڙ نہ هيو بلڪ اسان ڪڪرن جي ڀاڪرن ۾ هياسين. مون کي ان مھل سيءُ محسوس ٿيڻ لڳو. مٿان وري موسم جي مھرباني جو ان مھل هلڪي هلڪي برسات بہ شروع ٿي چڪي هئي. هن بوندا باري اتان جي ماحول جي مزي ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا هيا. ايڏي خوبصورت موسم روح سان گڏ جسم ۾ تازگي جي ڇڻڪار ڪري رهي هئي. مون وٽ پاڻي جي وڏي بوتل هٿ ۾ هئي، جنھن ۾ چوٿون حصو پاڻي وڃي بچيو هو. باقي پاڻي مان اڳ ۾ ئي پي چڪو هيس.
ڊاڪٽر چيو تہ،”توهان پاڻي پي ختم ڪري ڇڏيو، بوتل خالي ڪري ٽيڪسي ۾ رکي ڇڏيو، اسان کي ڪم ايندي.“ مون باقي سمورو پاڻي پي بوتل خالي ڪري ڪار ۾ رکي ڇڏي. ڪڪرن سان گڏ ٿڌڙي هير بہ اسان سان کيچل ڪري رهي هئي. پاڻ خيالن ئي خيالن ۾ ٿوري دير لاءِ ڪنھن جھاز جيان ڪڪرن کان بہ مٿي اڏامي رهيا هياسين. هتي ڪيڏو سڪون ۽ شانتي هئي. مون کي نيپال جو ” اسٽوپا آف پيس “ ياد اچي ويو.
جبلن/پھاڙن ۽ وڏن وڻن جي وچ ۾ اچي، ڪڪرن جي گهيري ۾ اچي هن خوبصورت موهيندڙ ماحول ۾ پاڻ کي ماڻھو ڪيڏو نہ خوش قسمت سمجهي ٿو. ڊرائيور اسان کان موڪلائڻ مھل ڪجهہ هدايتون ڏيندي چيو تہ،”توهان پنھنجي مرضي سان گهمو ڦرو، جيتري توهان جي دل چوي، شام جو جڏهن هيٺ لھو تہ ”پوسٽل اسٽاپ“ تي لھي اچجو. توهان ڪيبل ڪار جي ذريعي هيٺ لھجو ۽ ڪيبل ڪار جي خالي لھڻ واري ئي ٽڪيٽ وٺجو، مٿي واري واپسي جي ٽڪيٽ نہ وٺجو، مان توهان جو اتي ٽيڪسي اسٽينڊ، پوسٽل اسٽاپ وٽ انتظار ڪندس.“ پاڻ ڊرائيور کان موڪلائي فن لينڊ ۾ داخل ٿياسين.
داخل ٿيندي ئي محسوس ٿيو تہ هي دنيا آهي ئي ننڍڙن معصوم ٻارڙن جي. ان ڪري هتي ٻارڙن کي آڻجي ها تہ ڪيڏو نہ مزو اچين ها. ڇاڪاڻ تہ جتي هي فن لينڊ وڏن ماڻھن جي تفريح جو باعث بڻيل هيو اتي خاص ڪري فيمليز ۽ ٻارن لاءِ پڻ بھترين ماحول مھيا ڪري رهيو هيو. ٻارڙن جا جهولا، مختلف رانديون، ڪمپيوٽر گيمون، چوڏل، ريل گاڏيون، ڪارون، مٿي کان مٿي ويندڙ مختلف ڦرڻيون، ڪمپيوٽرائيزيڊ آسماني ڇت، مطلب تہ ٻارڙن لاءِ خاص ماحول جوڙيو ويو هيو. مون ڏٺو تہ هتي ٻار ڏاڍو انجواءِ ڪن پيا. هتي جتي وڏا وڏا چوڏول هيا پر انھن اڀ سان ڳالھيون ڪندڙ چوڏولن ۾ ويھڻ لاءِ درياءُ دل کپي. جيڪو اسان جھڙي ماڻھو لاءِ ڏاڍو مشڪل هيو.
ڪجهہ دوستن جو خيال هو تہ ڪنھن نہ ڪنھن جهولي جي ٽڪيٽ وٺي ان ۾ چڙهي، رڙيون ڪري، زوردار هوڪرا هڻي، پنھنجو ٻالڪپڻ هڪ دفعو ٻيھر ياد ڪري ماحول جو مزو وٺجي، پر مان انھن سان متفق نہ ٿيندي پنھنجي راءِ ڏني تہ،”توهان ڀلي چڙهو، پر منھنجو موڊ نہ ٿو ٿئي“. پاڻ مختلف جاين کان ٿيندا، گهمندا رهياسين تہ هڪڙي پاسي کان خوشيءَ جون رڙيون ٻڌڻ ۾ آيون، جڏهن ان پاسي وڃي ڏٺو سين تہ هڪڙي ٻار راند کٽي ورتي هئي. ان راند جي کٽڻ جي خوشيءَ ۾ اهي هوڪرا هڻي رهيا هيا. اصل ۾ هي راند ائين هئي جو ڪنھن ٻار جا جيڪڏهن هڪ ٻئي پويان ساندھہ ٻہ بال ان ٽارگيٽ/بالٽيءَ تي پون پيا ۽ ٻيئي بال ٿيڙ کائي ان بالٽي تان ٻاهر نڪري نہ ٿا اچن تہ سمجهو تہ هن راند کٽي ورتي. ان انعام ۾ ان ٻارڙي کي هڪڙو ڀالو Teddy bear جو تحفو ڏنو ويو هو. ان خوشي ۾ هن سان گڏ هن جا والدين بہ رڙيون ڪري رهيا هيا.
هتي اهڙي قسم جون ڪيتريون ئي رانديون هيون جنھن ۾ توهان کٽي بہ سگهو پيا تہ هارائي بہ. هنن راندين ۾ بھرو وٺڻ لاءِ يا کيڏڻ لاءِ، مخصوص ٽڪيٽ رکيل هئي جيڪا ان ٻار کي خريد ڪري، راند ۾ شامل ٿيڻو هيو. هن فن لينڊ ۾ هيٺ توڙي مٿي ٻارڙن لاءِ انيڪ رانديون هيون، جيڪڏهن ڪو ٻار سڄو ڏينھن بہ هتي گهمي ۽ راندين ۾ بھرو وٺي تہ بہ ڏينھن پورو ٿي وڃي پر رانديون نہ کٽنديون.
اڳتي هلندي هڪڙي بئنڪ نظر آئي ۽ ان سان گڏ اي ٽي ايم مشين بہ. ڊاڪٽر چيو تہ،” ٿورو بيھو تہ مان هتي پنھنجو اي ٽي ايم ڪارڊ آزمايان“. ڊاڪٽر ۽ جاني اي ٽي ايم مان پئسن ڪڍرائڻ جي پروسيس ۾ لڳي ويا، پر خبر پئي تہ جيڪڏهن توهان جي اي ٽي ايم ڪارڊ جي انٽرنيشنل ٽرانسيڪشن ايڪٽو نہ ٿيل آهي تہ توهان پئسا نہ ٿا ڪڍرائي سگهو. ان لاءِ جڏهن بہ توهان ڪنھن ٻي ملڪ سفر ڪيو تہ پھريان پنھنجي بينڪ جي مينيجر ذريعي پنھنجي اي ٽي ايم جي انٽرنيشنل ٽرانسيڪشن ضرور ايڪٽو ڪرايو. اهڙي نموني گهمندي، مردن، عورتن توڙي ٻارڙن جو چوڏلن ۾ چڪر دوران رڙيون ٻڌندي، خوب انجواءِ ڪندي اڳتي وڌي آياسين.

اسڪاءِ ڪسينو Sky Casino

اتي ئي گينتنگ هائلينڊ ۾ ملائيشيا جو وڏو ڪسينوSky Casino or Casino De Genting (جوا خانو) بہ نظر آيو. هي ڪسينو ٻہ ماڙ عمارت ۾ سمايل آهي. هن ۾ ڪيتريون ئي جوا جون رانديون آهن. جنھن ۾ سلاٽ slot مشينون، اليڪٽرونڪ بليڪ جيڪ ٽيبلز Electronic Blackjack tables . ان کان علاوہ هن ڪسينو جي سڄي ڇت LED اسڪرين آهي. هن ڪسيني ۾ داخل ٿيڻ جي ڪا بہ في وغيرہ نہ آهي. توهان مفت ۾ داخل ٿي سگهو ٿا. پر جيڪي ٻاهريان سياح آهن انھن کي پنھنجا پاسپورٽ سيڪيورٽي وارن کي چيڪ ڪرائڻا پوندا آهن. ان ڪري هن خوبصورت جڳھہ جو وزٽ ڪرڻ نہ وسارجو. ڀلي توهان ڪنھن بہ راند ۾ حصو نہ وٺو. پر هتان جو چڪر ضرور هڻجو.
هن ڪسيني ۾ داخل ٿيڻ مھل مک گيٽ تي ايترا سيڪيورٽي گارڊ بيٺل ڏسي مون کي حيرت ٿي تہ هيتري نفري ڇا جي لاءِ آهي. اهو سڀ اسان جي حفاظت لاءِ هيو تہ ڪو بدمعاش نشي ۾ ڌت ٿي متان ڪنھن سياح کي ڇيھو نہ رسائي. خير سيڪيورٽي چيڪ اپ کان فارغ ٿي، ڪسيني ۾ اندر داخل ٿيندي ئي سگريٽن ۽ وسڪي جي خوشبو ڀليڪار ڪندي اسان جي آجيان ڪندي چوڻ لڳي،”منھنجا مترو! ڀلي آيو“. تقريبن هر گيم ۾ رانديگر پنھنجي قسمت آزمائي رهيا هيا. ڪا بہ ڪمپيٽر گيم يا مينيوئل گيم واري ڪرسي خالي نظر نہ آئي. هر گيم ۾ جوارين جي رش لڳل هئي مطلب تہ ڪو بہ واندو نہ هيو. هر ڪو پنھنجي ڌنڌي سان لڳل هيو. يقينن ڪو راند هارائيندو هوندو تہ ڪو کٽيندو هوندو، ڪنھن کي پئسا ملندا هوندا تہ ڪو وري ڏيندو هوندو. اهو تہ جوا جو دستور آهي. سو مون کي انھن جوارين جي چھرن مان ئي اندازو ٿي ويو هو تہ ڪنھن هارايو ۽ ڪنھن کٽيو. ڇو تہ انھن جوارين مان ڪي کلي خوش ٿي رهيا هيا تہ ڪي اداسي ۾ اداس هيا.
ڪمپيوٽر تي ڪيترائي ماڻھو ڪيتريون ئي مختلف رانديون ڪُڏي رهيا هيا. راند ۾ مشغول رانديگر سگريٽ ڇڪڻ سان گڏ انگورن جي پاڻيءَ مان بہ لطف اندوز ٿي رهيا هيا. دنيا جو عجيب چرخو هو هتي. هر طرف پئسن جي راند هئي. ان مان اهو تاثر جڙي رهيو هو،”وٺ رينگٽ کي.“ سو رينگٽ اسان کان زور هيو. پاڻ مختلف جاين تي گهمندا ڦرندا اڳتي وڌي رهيا هياسين. مون جاني کي چيو تہ،”جاني پاڻ بہ هڪڙي راند کيڏي سگهون ٿا.“
جاني پڇيو،”سائين ڪھڙي.“
وراڻيم،” نَوَ ٽِڻ.“
کلي چيائين،”نہ سائين اها راند هتي ڪونھي.“
وري چيم،”ڀلا اٽي ڏڪر.“
چيائين،”نہ سائين اها بہ ناهي هتي.“
ٻيھر چيم،”ڀلا چيدا (بلور).
ٽھڪ ڏيئي چيائين،”نہ سائين انھن راندين سان هنن جو ڪو بہ تعلق ڪونھي.“
آخر ۾ چيم،” ڀلا لڪ لڪوٽي يا ڪوڏي ڪوڏي.“
چيائين،” سائين توهان ڪھڙي دور جون ڳالھيون ٿا ڪيو، هتي اهڙي قسم جي ڪا بہ راند نہ کيڏي ويندي آهي.“
مون کي ڪاوڙ اچي ويئي، چيم،”باقي هي گيمون اسان جي ڪھڙي ڪم جون، هتي تہ بيھڻ ئي بيڪار آهي، اچو تہ هلون هتان.“
سو پاڻ ائين مزاڪ مستي ڪندا اتان ٻاهر نڪري آياسين.

گينتنگ هائلينڊ جي ڪيبل ڪار ۾

هاڻي اسان کي گينتنگ هائلينڊ کان هيٺ لھي اچڻو هيو، ان لاءِ سڀ کان مٿين حصي اسڪاءِ ڊيڪ تي پھچي هڪڙي پاسي جي ٽڪيٽ وٺي چيئر لفٽ تي ويھي رهياسين. هي لفٽ مٿان جبل جي چوٽيءِ کان هيٺ زمين تي لھڻي هئي. سچ تہ بلندي تان هيٺ لھڻ بہ هڪڙو وڏو رسڪ آهي. عجيب خوف، جنھن جو نہ ڪو ڇيڙو نہ ئي ڪو انت. هروڀرو اوچائي جو ڊپ ذهن ۾ ويھي ويو هو تہ جي ڪيبل ٽٽي پوي يا وري ڪٿي ڦاسي پوي تہ پوءِ نہ هيٺ نہ مٿي يا وري جهنگل جي حوالي. ڇو تہ انھن ڏينھن ۾ اسان وٽ پاڪستان جي ڪنھن علائقي ۾ ڪٿي اها ڪيبل لفٽ ڦاسي پئي هئي ۽ پوءِ وڏي مشڪل کان پوءِ وڏن ماهرن اچي، مسافرن جون جانيون بچايون ويون هيون. پر جيسين ڪو اچي، تيسين اهي نہ زمين ۾ هيا ۽ نہ ئي وري آسمان ۾. انھي دوران مسافرن جو ساھہ مٺ ۾ هيو. هن لفٽ ۾ مان، جاني، پرتاب ۽ ڊاڪٽر هياسين. اسان کان علاوہ، ٻہ ٻيا اوپرا ماڻھو بہ هن ۾ سوار هيا. جن ۾ هڪڙو نوجوان هلڪي ڏاڙهي سان ۽ هڪڙو وڏي عمر جو ماڻھو هيو.
جڏهن جاني انھن منظرن جي رڪارڊنگ ڪندي سنڌي ۾ ڪمينٽري شروع ڪئي ۽ هتان جي ملھار موسم جي باري ۾ ڳالھائڻ شروع ڪيو تہ ان مھل اسان سان گڏ ويٺل نوجوان جو صبر لبريز ٿي ويو. هن مداخلت ڪندي، اردو ۾ ڳالھائيندي اسان جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪايو ۽ چيو تہ،”معاف ڪجو، جڏهن هتي اُس نڪرندي آهي تڏهن اڃان بہ هتان جا منظر وڌيڪ چٽا ۽ موهيندڙ ٿي ويندا آهن ۽ گهڻو مزو تڏهن ٿيندو آهي جڏهن ڪارا ڪڪر هٽي ويندا آهن، آسمان صاف ٿي ويندو آهي، سج نڪري ايندو آهي ۽ هتان جي سڄي گرينري (ساوڪ) چٽي صاف ٿي ويندي آهي، ان مھل انھن نظارن تي توهان عاشق ٿي ويندو ۽ توهان کي وڏو مزو ايندو.“

معاذ پٺاڻ سان ملاقات

هن پنھنجو تعارف ڪرائيندي ٻڌايو تہ،”هن جو نالو معاذ پٺاڻ آهي ۽ هن جو تعلق پشاور سان آهي“.
مون هن کي پنھنجو تعارف ڪرائيندي ٻڌايو تہ،”اسان جو تعلق سنڌ صوبي سان آهي، اسان سنڌي آهيون. اسان پھريون ڀيرو هتي آيا آهيون. جڏهن تہ اسان جا دوست پرتاب ۽ ڊاڪٽر سنتوش اڳ ۾ هن گينتنگ هائيلينڊ ۾ اچي چڪا آهن.“
هن پٺاڻ گفتگو جاري رکندي، اُتان جي موسم جي باري ۾ معلومات ڏيندي چيو تہ،”هتي هن علائقي ۾ موسم جي خبر نہ ٿي پوي. هڪڙي منٽ ۾ برسات تہ ٻي منٽ ۾ جهڙ يا وري اس نڪري اچي ٿي.“
ڊاڪٽر هن کان پڇيو،” تہ توهان هتي ڪم ڪندا آهيو يا پڙهندا آهيو“؟.
معاذ ورندي ڏيندي چيو تہ،”مان هتي دوستن وٽ ترسيل آهيان، گهر وڃڻ تي دل نہ ٿي چوي. مون کي تقريبن ست مھينا ٿي ويا آهن“.
جاني هن کان سوال ڪندي پڇيو تہ ”ڇا توهان جو ويزا وغيرہ ايڪسٽينڊ ٿيل آهي“.
هن هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو هو. اسان جي ڳالھہ کي ڪٽيندي هن سامھون واري بلنڊنگ ڏي اشارو ڪندي چيو تہ،”مان هن عمارت جي فليٽ ۾ رهندو آهيان، هتي اڪثر ڪري ڪسينو جا ملازم ئي رهندا آهن“.
هن گفتگو کي جاري رکندي چيو تہ،”مان اڄ پھريون دفعو هن ڪيبل ڪار ۾ سفر ڪري هيٺ وڃي رهيو آهيان، هونءَ مان روڊ سان ايندو ويندو آهيان“.
پرتاب هن کان پڇا ڪئي تہ،”توهان هتي فليٽ جو ڪيترو ڪرايو ڀريندا آهيو.“
جنھن جو جواب ڏيندي هن چيو تہ ،”مان هتي دوستن سان گڏ رهندو آهيان، ان ڪري مون کي ڪرائي جي خبر ناهي“.
مون هن کي چيو تہ،”توهان سان ملي خوشي ٿي آهي“.
ان تي هن چيو تہ،”مان پنھنجي وطن جي دوستن کي پري کان ئي ڏسي سڃاڻي ويندو آهيان تہ هي منھنجي وطن جو ئي ماڻھو آهي“.
واقعي پاڻ ٿورو اڳتي هيٺ لٿاسين ۽ ڏٺوسين تہ بادل ختم ٿي چڪا هيا، هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ چٽي ٿي بيٺي هئي. اسان هينئر پنج هزار ميٽرن جي بلندي تي هياسين. خوشي، مزو ۽ ڊپ جو گاڏڙ احساس نئون جنم ورتو هيو.
پٺاڻ سان ڪچھري هلي رهي ئي تہ منظرن جو مزو بہ اچي پيو. نيچرل بيوٽي (فطري سونھن) جون ڳالھيون هلي رهيون هيون، ڇو تہ فطرت پاڻ ان وقت اسان تي مھربان هئي. ڪچھري دوران هن پڇيو تہ،”توهان ٿائلينڊ ڪٿي ڪٿي ويا آهيو“.
جنھن تي جاني هن کي ٻڌايو تہ،”اسان هاڻي هن ملائيشيا جي ٽرپ کان پوءِ ٿائيلينڊ وينداسين“.
ان تي هن خاص ڪري تاڪيد ڪندي چيو تہ،”توهان ڦُڪيٽ ضرور وڃجو، منھنجي اتي سنگت آهي. مان هن سان توهان جو ڪانٽيڪٽ ڪرائي ڇڏيندس. پر في الحال هوءِ چائنا ويل آهي. جيڪڏهن هو اتي واپس اچي ويئي تہ هو توهان کي سڄو ٽوئر پاڻ ڪرائيندي“.
مون ان ڪيبل ڪار ۾ جيڪا وڊيو رڪارڊنگ ڪئي هئي، سا مون پنھنجي ننڍڙي ٻيجل کي ڊيڊيڪيٽ ڪئي. هي وڊيو ٻيجل جي لاءِ ئي ٺاهي هئي، ڇو تہ هن جي خواهش هئي ۽ هن مون کي بار بار تاڪيد ڪندي چيو هو تہ،”بابا! توهان جيڪا بہ وڊيو ٺاهيو، اُها مون ڏي ضرور موڪليندا وڃجو“.
اهڙي ريت معاذ سان گڏ اسان جي آخري منزل پوسٽل اسٽيشن هئي. جتي ٽيڪسي وارو اسان جو انتظار ڪري رهيو هو. پوسٽل ايريا ايترو وڏو هو جو اسان ٻہ ٽي دفعا ڀلجي پيا سين. انھي دوران ڊرائيور جون ڪالون بہ آيون پئي. سو آخر ۾ معاذ کان موڪلائي، ٽيڪسي واري کي ڳولھي اچي ٽيڪسي ۾ ويھي رهياسين.

لالا محب پٺاڻ سان ڪچھري

پرتاب ٻڌايو تہ،”هن جي دوست ۽ سنڌي ٻولي جي مشھور سنگر سيف سميجي جو ڀاءُ اسد سميجو بہ هتي ئي ملائيشيا ۾ رهندو آهي جيڪو اڄ ڪلھہ پاڪستان ويل آهي. اسد سميجي پنھنجي دوست لالا محب کي اسان جي خدمت تي معمور ڪري ڇڏيو آهي“.
پرتاب ملائيشيا پھچندي ئي هن سان رابطي ۾ اچي ويو هو. لالا محب اسان سڀني کي رات جي مانيءَ تي مدعو ڪيو هو.
اسان جيئن تہ گينتنگ هائيلينڊ کان واپس اچي رهيا هياسين تہ لالا محب فون ڪري پرتاب کان پڇيو،”توهان ڪٿي پھتا آهيو، مان توهان جو انتظار ڪري رهيو آهيان. توهان جيئن ئي چائنا مال (سُنگي وينگ پلازا) پھچو تہ مون کي اطلاع ڪجو، مان توهان کي اتان کڻڻ ايندس“.
اسان تقريبن ڪلاڪ کن کان پوءِ ان چائنا مال وٽ پھچي ويا هياسين. ٽيڪسي وارو اسان کي سُنگي وينگ پلازا کان ٿورو پوئتي لاهي هليو ويو هو. ڇو تہ مال واري روڊ تي ٽريفڪ گهڻي جئم هئي. اسان ان مال جي گيٽ جي اڳيان ”زيتون“ مٺائي واري جي پاسي ۾ پُل جي هيٺان بيھي لالا محب جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. پرتاب هن کي ٻڌائي ڇڏيو هو تہ اسان مال وٽ پھچي چڪا آهيون ۽ ان جي سامھون ئي بيٺا آهيون. هن روڊ تي ٽريفڪ جام هئڻ ڪري ڪافي ڀيڙ هئي. انھي دوران ٻہ ٽي دفعا لالا محب پرتاب سان فون تي رابطي ۾ آيو.
ٿوري دير کان پوءِ ڏٺوسين تہ هڪڙي ڪاري رنگ جي BMW اچي اسان جي اڳيان بيٺي. هن سائيڊ گلاس لاهي پرتاب کي سڃاڻي ورتو ۽ اسان کي گاڏيءَ ۾ ويھڻ جو اشارو ڪيو.
هاڻي اسان سڀ ان گاڏي ۾ ويھي چڪا هياسين. هن اسان سڀني سان هٿ ملائي، رسمي طور اسان کان حال احوال وٺڻ شروع ڪيا. لالا محب طبيعت ۾ مون کي سنجيدا ۽ ميچوئر ماڻھو لڳو. گفتگو دوران هو اسان کي ٻڌائيندو هليو تہ هن وقت هن روڊ تي ٽرئفڪ گهڻي جئم ٿيندي آهي. ان ڪري هو هن پاسي گهٽ ايندو آهي. تقريبن ڏهن پندرنھن منٽن جي ڊرائيو کان پوءِ هو اسان کي جنھن هوٽل تي وٺي آيو هو ان هوٽل جو نالو Restoran Hardraman Wt Palace هيو.

لالا محب جي مھمان نوازي

هوٽل جي گيٽ تي گارڊ بيٺل نظرآيا. رسمي چيڪ اپ کان پوءِ اسان سڀ لالا محب جي سرواڻي ۾ هوٽل ۾ داخل ٿياسين. لالا محب جي ڪنھن بہ جهڙتي نہ ورتي، جتان مون کي اندازو ٿيو تہ هي شخص هتي ايندڙ ويندڙ آهي، هرڪو هن کي سڃاڻي.
هوٽل ۾ داخل ٿيندي ئي بھترين خوشبو ڀاڪر پائي، جسم کي وڻ ويڙهي جيان وڪوڙي ويئي. هنن وڏين هوٽلن جي خوشبو اهڙي تہ پياري هوندي آهي جو روح جي پاتال ۾ لھي ويندي آهي. سو هتان جي خوشبو ۽ ارد گرد وارو متل مانڊاڻ اهو ٻڌائي پيو تہ هن هوٽل جو ماحول ڪيترو رنگين ۽ گرم آهي.
صوفن تي ويھندي مون اوسي پاسي جي ماحول تي هڪڙي مٿاڇري نظر وڌي. هوٽل جي کليل گيلري ٽائيپ ايريا ۾ ڪيئي صوفا ۽ آرامدہ ڪرسيون سجايل هيون. جتي هن هوٽل جا ڪسٽمرز، پنھنجن دوستن يارن سان هتان جي ماحول جو مزو وٺندي، شيشي (حقي) مان لطف اندوز ٿي رهيا هيا.
ڪي ڪسٽمر اڪيلا ئي ۾ ئي شيشي جي منفرد ۽ مختلف ذائقن جو مزي ۽ سڪون کان آسنا ٿي رهيا هيا تہ ڪي وري جوڙن سان پريم جي ساگر مان سونھن جون سرڪيون ڀري پيار جو ناڪام ڀرم رکي رهيا هيا. اهڙي ئي انتھائي خوبصورت ماحول ۾ لالا محب اسان لاءِ سڀ کان اول تہ فريش جوس جو آرڊر ڏنو هو. دوستن مختلف فريش جوسز جي مزيدار ذائقي مان لطف اندوز ٿيڻ ٿي چاهيو.
ان سان گڏ هن اسان کان پڇيو تہ،”توهان مان شيشو ڪير پئيندو (حقو ڪير ڇڪيندو) آهي.“
”ڪو بہ نہ“، پرتاب هن کي جواب ڏنو.
ڇو تہ اسان مان ڪو بہ دوست ڪنھن بہ نشي جي بلڪل ويجهو نہ هيو، نہ شراب، نہ چرس، نہ آفيم، نہ سگريٽ ۽ نہ ئي حقي جي.
سو اسان جي ان جواب تي لالو پٺاڻ حيران ٿي ويو هو تہ هي ڪھڙي قسم جا ماڻھو آهن. انھي دوران گفتگو بہ هلندي رهي، تہ لالا محب جي حُقي جا وڏا وڏا ڪش بہ. جيڪي ڪڪرن جي شڪل ڌاري آسمان ۾ جهڙ بڻجي مٿي هوا ۾ اڏامي پئي ويا. انھي دوران ٻہ ٽي دفعا ائين بہ ٿيو تہ ان حقي جا ٽانڊا وسامي ويا، جيڪي بغير ڪنھن چوڻ جي ئي هڪدم ويٽر تبديل ٿي ڪيا. هن حقي جي مختلف ذائقن جو لالا محب مزو ماڻي رهيو هو. جڏهن تہ اسان اڃان تجسس واري دنيا ۾ ئي گم هئاسين. محب جي ڪچھري مان مون ئي ائين لڳو تہ محب اتان جي زندگي مان مطمئن هيو.
هو اصل ۾ هيو تہ ڪوئٽا جو، پر هتي ڪافي عرصي کان ڪاروباري دنيا ۾ مصروف ٿي ويو هو. اسد سميجو هن جو بزنس پاٽرنر هيو. هو ٻئي هتي خوش هيا. اسد جيئن تہ سيف سميجي جو ڀاءُ آهي ۽ هي ٻيئي ڀائر اسان جي پرتاب جا دوست آهن. عجيب اتفاق آهي جو منھنجي نہ اسد سميجي سان ملاقات آهي ۽ نہ وري سيف سميجي سان.

دوستن جي لالا محب سان ڪاروباري گفتگو

انھي دوران جاني ۽ ڊاڪٽر محب کان ڪاروبار جي سلسلي ۾ ڄاڻ پڻ وٺندا رهيا. هُن ٻڌايو تہ،”هتي بہ پاڪستانين جو ساڳيو ئي ڪم آهي. هڪٻئي جو ٽنگون ڇڪڻ، فقير فقير کي ٺپ نہ سھي. مان توهان کي صلاح ٿو ڏيان تہ ڪنھن بہ ڪاروبار جي شروعات لاءِ توهان وٽ تجربي ۽ وڏي سيڙهپ جو هجڻ انتھائي ضروري آهي. ان کان علاوہ هتي توهان کي هر ڪاروبار جي شروعات لاءِ سرڪار کان لائيسنس وٺڻو پوندو. بھتر ائين ٿيندو تہ توهان وقت ڪڍي ڪاروبار جي سلسلي ۾ اچو، هتان جي سٺن ڪاروباري دوستن سان ملو، انھن جي صلاح وٺو، تڪڙ ۽ جلدبازي ۾ ڪو بہ فيصلو نہ ڪيو. ڇو تہ وزٽ تي ايندڙ هر ماڻھو جي اها خواهش هوندي آهي تہ هو هتان جو ئي ٿي وڃي ۽ هتي ئي ڪاروبار ڪري. پر اهو ڏاڍو ڏکيو ۽ جوکائتو ڪم آهي.“
لالا محب اسان جي جاني ۽ ڊاڪٽر سنتوش جي سوالن جا جواب انتھائي سٺي، خوش اخلاقي ۽ دوستاڻي انداز ۾ ڏيئي رهيو هو. جيئن تہ ڪاروباري گفتگو منھنجو موضوع ئي نہ هيو، ان ڪري مان بوريت محسوس ڪري رهيو هئس. منھنجي ان ڪيفيت کي پرتاب پروڙي ورتو هو. ان ڪري هن مون سان مخاطب ٿيندي چيو تہ،”لڳي ٿو توهان بور ٿي رهيا آهيو، ڇو تہ توهان هن گفتگو ۾ شامل نہ آهيو ۽ نہ ئي دلچسپي وٺي رهيا آهيو.“
مون پرتاب کي چيو تہ،”توهان صحيح ٿا چئو پر اهڙي ڪا ڳالھہ ناهي دوستن جي گفتگو غور سان ٻڌي رهيو آهيان“. ڪچھري دوران محب جا وڏا سوٽا ۽ دونھين جا جهڙ هوا ۾ اڏامي رهيا هيا جيئن آڪاش ۾ رولاڪ بادل.
انھي گفتگو دوران هڪ تہ وقت جي خبر ئي نہ پئي تہ وقت ڪيڏو تيزي سان گذري ويو هو. نيٺ اسان کي تڏهن خبر پئي جڏهن ويٽر اچي چيو تہ، ”سر! ڊنر لڳي چڪو آهي.“

هوٽل جي مزيدار ماني ۽ ترڪش ڪافي

لالا محب چيو،”باقي ڪچھري پوءِ ٿا ڪيون، اچو تہ پھرئين ماني کائون“. هاڻي اسان اتان اٿي ڊائننگ ٽيبل تي ويھي ماني کائڻ شروع ڪئي سين. اسان ڏٺو تہ محب ماني نہ پيو کائي. ان تي پرتاب هن کي صلاح ڪندي چيو تہ،” توهان بہ وٺو نہ“.
”مان ٿوري دير اڳ ۾ پنھنجي دوست سان هتي ماني کائي ويو آهيان. توهان کائو.“ هن شيشي جو ڪش هڻندي دونھون مٿي اڏاريندي چيو.
ڊنر ۾ مختلف کاڌن جي ڄڃ لٿل هئي. سڀ آئٽم مزيدار ۽ فريش هيا. اسان چئني دوستن لاءِ هي تمام گهڻي ماني گهرائي ويئي هئي. محب ٻيھر ويٽر کي سڏ ڪري ماني جي دوران ريشمي ڪباب ۽ چڪن رول بہ اضافي گهرائي ورتا. هون بہ اسان جي دوستن مان ڪو بہ اهڙو کائڻ جو ڪوڏهيو ڪونھي، پر ماني ايڏي مزيدار هئي جو معمول کان بہ گهڻي کائي وياسين.
سچي ڳالھہ اها آهي تہ محب اسان جي دل سان خدمت ڪئي هئي. ان ڪري هو، پنھنجي اخلاق، محبت، مان ۽ خوش اخلاقي روين سان اسان جون دليون کٽي چڪو هو. ماني کائڻ کان پوءِ، ان ڊائننگ ٽيبل کان اٿي اچي ساڳي ٽيبل ۽ ڪرسين تي ويھي ٻيھر ڪچھري ڪرڻ لڳاسين.
هن جي حقي جو ٽانڊو وسامي ويو هو. ويٽر هڪدم ساڳي فليور وارو ٻيو ٽانڊو کڻي اچي حقي تي رکيو. وري هن دونھان ڪڍڻ شروع ڪيا. ماني کان پوءِ هن چانھہ، ڪولڊ ڊرنگ، جوس ۽ ڪافي جي آفر پڻ ڪئي. مانيءَ جي مٿان جاني جيڪڏهن چانھہ نہ پيئي تہ هن کي مزو ئي نہ اچي. سو جاني چانھہ جي خواهش ظاهر ڪئي. مان وري ڪافي شوق سان پيئندو آهيان، سو ملائيشيا ۾ هجون ۽ ترڪش ڪافي جو مزو نہ وٺون تہ جھاز جي ٽڪيٽ جا پئسا ئي پاڻي ۾. سو مون ترڪش ڪافي جي خواهش ڪئي. جڏهن تہ پرتاب ۽ ڊاڪٽر فريش جوسز کي ترجيح ڏني.
اهڙي ريت هي دوست ٻہ ڪلاڪ کن اسان کي پنھنجي قيمتي ٽائيم سان نوازيندو رهيو. سير آميز ڪچھري ڪري پاڻ هن کان اجازت گهريسين. هو اسان سان گڏ هوٽل کان ٻاهر آيو ۽ اسان کي ساڳي جاءِ تي ڇڏي اچڻ لاءِ بضد رهيو. پارڪنگ ايريا ۾ ڦوٽ سيشن ٿيو، ڪجهہ يادگار تصويرون ڪڍيون ويون. ان کان پوءِ هو اسان کي هوٽل کان کڻي ان ساڳي ئي چائنا مال وٽ آندو. اتي ائي اسان کي ڊراپ ڪري، اسان کي ڀاڪر پائي، موڪلائي روانو ٿي ويو.
هاڻي اسان هڪ دفعو ٻيھر ڪولالمپر جي روڊن تي رات جون رولاڪيون ڪندي پنھنجي هوٽل ڏانھن واپس وري رهيا هياسين.

بنگالي هوٽل ۾ ناشتو

پاڻ ٻي ڏينھن ناشتي لاءِ پنھنجي هوٽل آرڪڊ کان ساڄي پاسي نڪرڻ جي بجاءَ، روڊ ڪراس ڪري سامھون کان وڏي مال ۾ داخل ٿياسين. اسان ان خيال جا هياسين تہ اسان کي اسان جي مزاج جو ناشتو ملي وڃي تہ واھہ. جنھن ۾ اڦراٺا، ڇولا، انڊو آمليٽ، ڏهي ۽ ان سان گڏ ڪڙڪ ۽ دود پتي چانھہ. سو ان چڪر ۾ ان مال کان ٿيندا، ڦرندا، خبر ئي نہ پئي تہ وري بہ اچي سامھون ئي پنھنجي آرڪڊ هُوٽل جي اڳيان بيٺاسين. واھہ جي ٿي.
اتي ئي، آرڪڊ هوٽل جي پرئين پاسي کان ڪنڊ ۾ هڪڙي هوٽل نظر آئي. ڊاڪٽر اندر ويو، ماحول جو جائزو وٺي پوئين پير واپس موٽي آيو. هن ٻڌايو تہ، ”هتي بہ اهو ئي انگريزي اسٽائيل وارو ناشتو، جنھن ۾ سلائيس ۽ انڊا آهن.“ اسان مان ڪو بہ دوست اهو ناشتو ڪرڻ لاءِ تيار نہ هيو. ان ڪري اتان ئي روڊ پار ڪري، پنھنجي هوٽل جي مک گيٽ کان کاٻي پاسي، مين روڊ جي ڦٽ پاٿ تي هلندا اچي هڪڙي بنگالي هوٽل جي اڳيان بيٺاسين. هن کان جڏهن پڇيوسين تہ،” ناشتي ۾ ڇا آهي.“ ڪائونٽر تي ويٺل همراھہ اردو ۾ ٻڌايو تہ،”توهان ڪافي دير ڪري آيو آهيو، ناشتو ختم ٿي چڪو آهي “.
سو اتان نڪري پاڻ ان لائين سان ئي ٻي ڪنھن هوٽل جي تلاش ۾ اڳتي هلڻ لڳاسين. ٿورو اڳتي هلياسين تہ اسان کي هڪڙي ٻي هوٽل نظر آئي. هي بہ بنگالين جي ئي هوٽل هئي. هوٽل ۾ جڏهن داخل ٿياسين تہ ڪائونٽر تي ويٺل همراھہ اسان کي سلام دعا ڪري ڪرسين تي ويھڻ جو اشارو ڪيو. جڏهن هن کان بہ پڇيوسين تہ،”ناشتي ۾ ڇاهي“. هن ٻڌايو تہ،”اسان وٽ اڦراٽا ختم آهن پر توهان کي ماني گرم گرم، تازي ۽ سٺي ملندي“. سو پاڻ ان هوٽل ۾ ويھي رهياسين. ناشتي ۾ انڊو آمليٽ بہ ملي ويو ۽ ڇولا بہ اچي ويا پر ماني اهڙي سنھڙي جو ٻہ گرھہ مس ٿين ۽ ڦوڪ سان اڏامي وڃي.
مٿان وري چانھہ جي ڪھڙي ڳالھہ ڪجيCondensed Milk ڪريم واري چانھہ جنھن ۾ نہ سواد، نہ مزو. سليماني چانھہ ۾ ڪريم واري کير جا ٻہ ٽي چمچا وجهي، چانھہ تيار ڪري اچي اڳيان رکيائين. ناشتو جھڙو ٿيو تھڙو نہ. مطلب تہ اسان کي ماما ڪلچر واري چانھہ نہ ملي جيڪا الطاف شيخ پنھنجي ڪتاب ”مون کي موهيو ملائيشيا“ ۾ ذڪر ڪيو آهي. سو اتان ئي ٽيڪسي گريب ڪري پاڻ پتراجا مسجد جو پروگرام ٺاهيوسين.

ملائيشيا ۾ ”ماما“ ڪلچر ۽ ناسي ليماڪ

ملائيشيا پاسي تامل مسلمان جيڪو چانھہ پاڻي جو هٽڙو يا ريسٽورنٽ هلائي ٿو اهو ”ماما“ سڏجي ٿو. هي ائين آهي جيئن اسان پٺاڻ دڪاندار کي”لالا“ سڏيون ٿا. هونءِ تہ اسان وانگر ملئي ڪلچر ۾ هر وڏي مرد توڙي عورت کي، پوءِ اهو ڀلي کڻي پنھنجو هجي يا ڌاريو ماما يا ماسي(ملئي زبان ۾ ماچي) سڏيون ٿا. پر اڄڪلھہ انھن کي اسان مسٽر فلاڻو يا مئڊم فلاڻي چئي مخاطب ٿيون ٿا. يا سر، جناب چئون ٿا. ... ان تان مون کي ياد آيو تہ مامائن جي هوٽلن جي بہ هڪ چانھہ جيڪا تيھہ تاريڪ (Teh Tarik) سڏجي ٿي، سڄي ملائيشيا ۾ مشھور آهي...
...چانھہ کي Teh چون ۽ تاريڪ جي لفظي معنيٰ آهي ڇڪڻ يعني Pull ڪرڻ. ”تيھہ تاريڪ“ ساڳي عام چانھہ هوندي آهي. پر هي تامل دڪاندار (ماما) اها چانھہ ٽھڪڻ بعد ڪوپ يا گلاس ۾ وجهڻ بدران وڏي جست يا اسٽيل جي ڪَرِيءَ ۾ وجهي پوءِ اها ٻي هٿ ۾ جهليل ٻي ڪريءَ ۾ وجهندو آهي. ائين ان چانھہ کي هڪ ڪريءَ مان ٻي ڪريءَ ۾ ڏهن پندرنھن اٿل پٿل ڏيندو آهي، جيئن اسان وٽ گهرن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ننڍي ٻار کي چانھہ ٺاري ڏيڻ لاءِ ڪبو آهي. بلڪ هاڻ تہ اهو فئشن ۽ ڪرتب ڏيکارڻ جو ڪم ٿي پيو آهي، ٻن ڪرين جي وچ ۾ گهڻي کان گهڻو مفاصلو رکي هڪ ڪريءَ مان ٻي ڪريءَ ۾ آبشار وانگر چانھہ نائي ڏيکارين. هڪ ماما کي ڏٺم تہ هو هٿ ۾ چانھہ جون ڀريل ٻہ ڪريون کڻي ٻئي هٿ ۾ جهليل خالي ڪرين ۾ چانھہ اوتي رهيو هيو. ...ان قسم جا تماشا ڏسڻ لاءِ مامائن جي دڪانن اڳيان ڪيترائي غيرملڪي سياح نظر اچن ٿا.
ملائيشيا جي ان قسم جي چانھہ”تيھہ تاريڪ“ يا عام چانھہ توهان کي هرگز نہ وڻندي جو ملائيشيا ۾ چانھہ يا ڪافي ۾ condensed کير استعمال ٿئي ٿو. جيڪو بيحد گهاٽو ۽ مٺو ٿئي ٿو. اسان کي بہ شروع جا ٻہ ٽي مھينا بنھہ پسند نہ آئي. گهر ۾ پائوڊر واري کير مان چانھہ ٺاهي پيئندا هئاسين. پر ٻاهر تہ جٿي ڪٿي اها مٺي کير جي چانھہ ملي ٿي سو مجبورن ٽي چار دفعا پي اهڙا تہ عادي ٿي وياسين جو پنھنجي ملڪ جي دود پتي يا انگريزي اسٽائيل جي چانھہ (الڳ کير ۽ الڳ کنڊ واري) وسري وئي. جيئن شروع جي ڏينھن ۾ ملئي ماڻھن تان کلندا هئاسين تہ نيرن تي ڪيئن ٿا ناسي ليماڪ Nasi Lemak کائين. ڇو جو اسان لاءِ نيرن تي ڀت کائڻ سو بہ مڇيءَ سان عجيب ڳالھہ آهي. پر پوءِ ناريل جي کير ۾ رڌل اهو ناسي ليماڪ وارو ڀت اهڙو وڻي ويو جو اڄ بہ ملائيشيا جو نالو ٻڌڻ سان ناسي ليماڪ ٿو ياد اچي. (الطاف شيخ جي سفرنامي ”مون کي موهيو ملائيشيا“ جي مضمون ملائيشيا ۾ ”ماما“ ڪلچر تان کنيل).

پُتراجايا مسجد

پتراجايا ملائيشيا جو مشھور شھر آهي، جتي اڪثر ڪري سرڪاري آفيسون آهن. هي علائقو ڪولالمپر جي ڏکڻ ۾ واقع آهي. هن شھر جي خوبصورتيءَ جو راز هن جي 20 صدي جو جديد تعميراتي ڪم آهي، خاص ڪري هتان جي پتراجايا مسجد جي اڏاوت. هن مسجد جي اڏاوت گلابي رنگ ۾ آهي ۽ هن مسجد جو گنبذ بہ ان ساڳي ئي رنگ جو آهي. هن مسجد جي سامھون کان ۽ پاسي ۾ ملائيشيا جي پرائيم منسٽر جي آفيس آهي. هن پترا واري علائقي ۾ پڻ هڪڙي خوبصورت پُل آهي. جيڪا پتراجايا هٿراڌو ٺھيل ڍنڍ کان صاف نظر اچي ٿي.
Putrajaya Mosque مسجد جي اڏاوت اصل ۾ سال 1997ع ۾ شروع ٿي، جيڪا ٻن سالن يعني 1999ع تائين جاري رهي. هي پترا اسڪوائر(چوراهي) تي واقع آهي ۽ هن سان گڏوگڏ ئي پتراجايا ڍنڍ پڻ آهي.
هن مسجد جو تعميراتي ڪم نيڪ محمد محمود جي هٿن مبارڪن سان ٿيو هو. هن ۾ 15000 ماڻھن جي هڪ ئي وقت نماز پڙهڻ جي گنجائش آهي. هن جي تعمير ۾ 250 ملين رپيا لاڳت آئي. جيئن تہ هي مسجد ملائيشيا جي پھرين وزير اعظم جي نالي سان ئي منسوب ٿيل آهي. جنھن جو نالو تنڪو عبدالرحمان پترا الحج ( Tunku Abdul Rehman Putra Al Haj ) آهي. هن مسجد کي فارسي اسلامي فن تعمير جي سفوي (Safavid ) دور جي طرز تي ٺاهيو ويو آهي.
ان کان علاوہ دنيا جي مختلف تاريخي مسجدن جون ڪجهہ ڊزائينون پڻ ٻين ملڪن کان ورتيون ويون آهن. هن مسجد جي باري ۾ هيٺيون انگريزي ۾ تفصيلي مضمون توهان جي ڄاڻ ۾ تمام گهڻو اضافو ڪندو. نوٽ: هي مضمون مون نيٽ تان کنيو آهي.

Tunku Abdul Rehman & Putraja Mosque

Named after Malaysia’s first Prime Minister, Tunku Abdul Rahman Putra Al Haj, Masjid Putra with its trademark pink domes is one of Putrajaya’s popular landmarks. Surrounded by Putrajaya Lake and facing Putra Square–two other popular attractions in Putrajaya–the mosque was built between 1997 and 1999.
The mosque is modelled after the Persian Islamic architecture of the Safavid period, with some design elements borrowed from other mosques around the world. Its basement wall is reminiscent of the one in Morocco’s King Hassan Mosque, while its 116-metre minaret resembles that of the Sheikh Omar Mosque in Baghdad, Iraq.
Masjid Putra consists of three main areas – a 12-column main prayer hall, a landscaped courtyard named The Sahn and an area housing a religious learning centre and function rooms. The mosque can accommodate 15,000 worshippers at a time. The Masjid Putra, commonly known as the ‘Pink Mosque’ on account of its rose-tinted granite structure and striking pink domes, is undoubtedly the most iconic structure in Putrajaya besides the green onion- domed building of Perdana Putra, the Prime Minister’s Office.
Situated on the edge of a man-made lake, the mosque is amongst a number of modern architectural marvels in the ‘Garden Intelligent City’ of Putrajaya.
The mosque’s monumental dome, clad in glazed pink tiles, pointed clerestory windows and soaring geometrical minaret is a culmination of various Islamic architectural influences. In contrast to the Masjid Negara in Kuala Lumpur, Masjid Putra exudes clear expressions of multiple Islamic architectural elements originating from the Middle-East.
The imposing nature of the mosque is expressed through three main elements, which are the grand mosque’s structure, courtyard or sahn and the 116 metres (380 feet) minaret. Despite enjoying its strong and imposing image, sahn has been used as a transition space between the outer world and religious realms. This has also been demarcated by a monumental arched portal.
The Masjid Putra is sited fronting the large Putra Square, and the man-made lagoon is connected from the public square’s level of the promenade in a sloping nature, with waterfront landscaped gardens beautifying the area. It is linked to the Putrajaya Boulevard and commercial district of Precinct 2 through the Persian-inspired Putra Bridge. At the promenade, the Souq Putrajaya with various eatery places and shops are provided, with a basement level entrance of the mosque. In addition to the main pink dome, eight smaller pink domes with similar patterns are distributed across the cupolas of the main prayer hall building. They flank the main dome which sits on an octagonal tier above a flat roof.
The square layout of the main prayer hall is richly crafted with intricate decorations in the Islamic tradition. Every single angle and corner is embellished with floral and decorative motifs. Twelve columns span the space, forming pointed arches across the hall.The prayer hall is surrounded by a glass wall that provides an indirect source of natural lighting to illuminate the interior spaces. The front qibla wall is finished by floral plaster motifs on the each side of the mihrab, and diamond-shaped windows.The mihrab, placed in the centre of the three-segmented qibla wall, comprises a square frame supported by pilasters before the niche, which sits under a smaller arch.
The marble frame is adorned with calligraphic inscriptions. The stairs of the elevated wooden minbar lead to a pulpit platform topped with a dome embellished in gold.

پُتراجايا مسجد جو احوال

هتي اچڻ لاءِ توهان کي ڪيتريون ئي ٽوئرسٽ ڪمپنيون گهمائڻ جو ذمو کڻن ٿيون. جنھن ٽوئر ۾”پتراجايا وزٽ ايئڊ ڪروز (جيڪو ٽوئر ڪولالمپر کان ئي آهي)“. ان کان علاوہ ”پتراجايا ٽوئر ود ٽريڊيشنل بوٽ ڪروز“، ”پتراجا ائينڊ روئر ڪروز ٽوئر“، ”ڪولالمپر؛ پتراجايا ۽ باتو ڪيوز پرائيويٽ ٽوئر“، ”پرائيويٽ هاف ڊي پتراجايا ٽوئر“ وغيرہ وغيرہ. اهو توهان تي منعصرآهي تہ توهان انھن ٽوئررسٽ ڪمپنين سان ڳالھائي، ٽيڪسي بُڪ ڪرائي هتي پھچو ٿا يا ڪوسٽر، سوزوڪي، ڊوم يا بس ڪرائي. منھنجي خيال ۾ تہ توهان لاءِ ٽيڪسي بھتر رهندي، ڇو تہ ٽيڪسيءَ ۾ توهان جو گهڻو وقت بچندو ۽ توهان گهٽ وقت ۾ پتراجا جون گهڻيون جايون گهمي سگهو ٿا.
اسان جي ٽيڪسي مسجد جي ٻاهران ۽ مک دروازي جي اڳيان اچي بيٺي. اسان رستي مان ئي ڪجهہ فروٽ پڻ ورتو هيو. تہ جيئن گهمڻ دوران اگر ڪٿي ٿڪاوٽ محسوس ٿئي ۽ بُک لڳي تہ فروٽ کائي پنھنجي توانائي کي ٻيھر سھيڙي وٺون.
اسان ٽيڪسي مان لھي هڪ نظر اردگرد جي ماحول تي وڌي ۽ ڏٺوسين تہ مسجد جي اڳيان تمام وڏو ڪرڪيٽ جيڏي ميدان جھڙو کليل چوراهو آهي. هن چوراهي کي پُترا چوراهو چيو ويندو آهي. هتي مختلف رنگن جا رنگين جهنڊا ڦڙڪي رهيا هئا ۽ بجلي تي هلندڙ پاڻيءَ جي ڦوهاري جو سڄو نظام نظر اچي رهيو هيو. ان وقت هي ڦوهارا بند هيا. مون کي محسوس ٿيو تہ هي ڦوهارا رات جو هلندا هوندا ۽ ان مھل وڏو مزو ڪندا هوندا ۽ هتان جي رات جي رونقن ۾ اضافو ڪندا هوندا، هتي رونقن وارو ماحول پيدا ڪندا هوندا. هن مسجد جي سامھون ئي ملائيشيا جي وزيراعظم جي آفيس پڻ نظر آئي.
هي علائقو Perdana Purtra Putrajaya ۽ هتي Seri Perdana Putrajaya ۾ وزير اعظم جي رهائش بہ آهي. پرتاب ۽ ڊاڪٽر پرائيم منسٽر آفيس ڏسڻ لاءِ اڳتي وڌيا تہ مان ۽ جاني مسجد کي ڏسڻ لاءِ مسجد جو رخ ڪيوسين. توهان کي هتان جي وزيراعظم جو مختصر تعارف ڪرائيندو هلان تہ هن وقت هتان جو موجوده وزيراعظم انور بن ابراهيم آهي.
هي ملائيشيا جو ڏهون وزيراعظم آهي. هن جي عھدي جي شروعات سال 24نومبر سال 2022ع کان ٿي. هن حزب اختلاف جي حيثيت سان 2008ع کان 2016ع تائين ڪم ڪيو. ٻيھر بہ ساڳي ئي عھدي تي 2020ع کان سال 2022ع تائين اپوزيشن ۾ ويٺو. هن جي ڄمڻ جي تاريخ 10 آگسٽ 1947ع آهي. هن جو تعلق People’s Justice Party سان آهي.

ٻيپھري جي نماز پڙهڻ جو شرف

مسجد جي مين گيٽ تي سيڪيورٽي معمور ٿيل هئي. نوجوان سيڪيورٽي گارڊن سان گڏ هڪڙو سينيئر آفيسر بہ بيٺل نظر پئي آيو. هنن سيڪيورٽي جوانن کي اڇي رنگ جي پينٽ شرٽ ۽ مٿي تي ٽوپي پاتل هئي. جيئن اسان وٽ نيوي جي آفيسرن جي ڊريس هوندي آهي. بلڪل اهڙي يونيفارم ۾ هي جوان الرٽ بيٺل نظر پئي آيا. هنن اسان جي چيڪنگ ميٽل واري اوزار سان ڪئي. منجهند جو وقت هيو، دل ۾ خيال بہ جاڳيو تہ پتراياجايا مسجد ۾ حاضري جو فائدو وٺي، رب تعاليٰ جي بارگاھہ ۾ عقيدت جو اظھار ڪيون.
مون سيڪيورٽي کان پڇيو تہ،” ٻيپھري جي نماز ڪيڏي مھل ٿيندي آهي.“
ان تي هن انتھائي خوش اخلاقي سان جواب ڏيندي ٻڌايو تہ،”منجهند جي نماز ۾ باقي ڏھہ منٽ بچيا آهن.“
مون جاني کي چيو تہ،”پاڻ خوش قسمت آهيون پتراجا يا مسجد ۾ موجود آهيون ۽ ٻيپھري جي نماز جو بہ وقت ٿي ويو آهي، ان ڪري بھتر آهي تہ جماعت سان ئي نماز پڙهي وٺون.“
جاني بہ منھنجي ان ڳالھہ سان اتفاق ڪندي چيو تہ،”ان کان وڌيڪ سٺي ڀلا ٻي ڪھڙي سعادت ٿي سگهي ٿي، هلو تہ هلي وضو ڪري اچون. وقت گهٽ آهي.“
سو پاڻ وضو خاني جو پڇندا مسجد جي هيٺ بيسمينٽ (تھہ خانو يا هيٺيون طبقو) ۾ لھي وياسين. هي ڪشادو وضوخانو مسجد جي اڱڻ کان گهڻو هيٺ تھہ خاني ۾ ٺھيل هو. توهان کي ٻڌائيندو هلان تہ هي فقط وضوخانو نہ هيو، بلڪ، صاف سٿرا واش روم، ٽوائليٽ، وهنجڻ جي جايون وغيرہ وغيرہ. اسان ڏاڪڻن ذريعي هيٺ وياسين اتان وضو ڪري پاڻ مسجد جي کليل اڱڻ ۾ داخل ٿياسين ۽ پوءِ مسجد ۾ اندر داخل ٿيڻ مھل بہ دروازي تي ٻہ گارڊ ساڳي ئي ڊريس ۾ ويٺل نظر آيا. جن کي سلام ڪري مسجد ۾ اندر داخل ٿياسين. هيٺ بھترين قسم واريون بخمل جي ڪپڙي جو نکون وڇايل هيون. جماعتين جي مسجد ۾ گهڻي رش نہ هئي. مسجد تمام وڏي هئي، جيئن اسان وٽ عيدگاهون وغيرہ. هن مسجد کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو هو.
ساڄو پاسو مرد حضرات نمازين ۽ کاٻو پاسو عورتن لاءِ مخصوص ٿيل هيو. وچ تي تراشيل ڪاٺ جا خوبصورت پردا ڏنل هيا. فرض نماز کان اڳ ۾ ئي مون ٻہ نفل ۽ چار رڪعتون سنت پڙهي ورتيون هيون. جڏهن فرض نماز جو وقت ٿيو تہ هڪ منٽ جي بہ دير نہ ٿي. نہ ڪنھن جو انتظار نہ ڪنھن جو آسرو. مون کي جينز جي پينٽ ۽ ٽي شرٽ پاتل هئي. جڏهن تہ ڪافي جماعتي اتي ملئي ڊريس ۾ نظر آيا. جنھن جي ٽوپي جو پنھنجو الڳ نمونو آهي.
ٿوري دير کان پوءِ جڏهن فرض نماز شروع ٿيڻ واري هئي تہ پيش امام صاحب اندران محراب جي پاسي واري حجري مان ٻاهر نڪري آيو. هي اڌڙوٽ عمر جو پيش امام، مڪمل طور تي دين جو پابند پئي لڳو. هن کي ڪاري رنگ جو جبو پاتل هو ۽ مٿي تي ڪاري رنگ جي دستار مبارڪ ٻڌل هئي. معزن تڪبير لڳائڻ شروع ڪئي تہ سڀ جماعتي آهستي آهستي اڳيان پھريئن صف ۾ اچي بيھي رهيا مان ۽ جاني بہ پھرين ئي صف ۾ بلڪل پيش امام صاحب جي پٺيان اچي بيھي رهيا هياسين. سوچڻ لڳس تہ،” پراتاجا ۾ پترا مسجد ۾ اچي ويا هجون، باجماعت نماز نصيب ٿي، ان کان وڌيڪ ٻيو مالڪ ڪري اسان کي“.

پُتراجايا مسجد جي پيش امام سان ملاقات

فرض نماز پڙهائي، هُن دعا گهري. منھنجي دل ۾ خيال آيو تہ پيش امام سان ملڻ گهرجي. اهو سوچي مان اڃان اٿيو ئي مس هئس تہ پيش امام پاڻ جماعتين سان ملڻ لاءِ پنھنجو مصلحو ڇڏي، اڳتي وڌي هر هڪ سان ملڻ لڳو. مان ۽ جاني بہ اڳتي وڌي هن سان ملياسين.
هو انتھائي خوش اخلاقي سان سڀني جماعتين سان ملي رهيو هو. هن جي نوراني چھري تي رونق هئي. هو جماعتين سان مسڪرائي ملي رهيو هيو. هو فرض نماز پڙهائي پنھنجي حجري ۾ هليو ويو هو. مون محسوس ڪيو تہ نماز پڙهائڻ جو هن وٽ ڪمال جو ڏانءُ ۽ فن آهي. جو جڏهن سجدي ۾ وڃي پيو تہ ائين لڳي پيو تہ هو سجدي جو مڪمل حق ادا ڪري پيو. ڇو تہ هو سجدي کي پورو وقت ڏيئي پيو. تڪڙ ۾ سجدي واري حالت مان نڪري نہ پيو اچي. وري جڏهن هو رڪوع واري حالت ۾ اچي پيو تہ ائين لڳي پيو تہ هن رڪوع جو بہ باقائدي حق ادا پئي ڪيو. سڪون سان هن نماز پڙهائي، ڪنھن بہ قسم جي تڪڙ ۾ نہ هيو.
مون کي واقعي ئي ڏاڍو دلي ۽ روحاني سڪون نصيب ٿيو هو. فرض نماز کان پوءِ، نفل ۽ سنت ادا ڪري مسجد جو ديدار ڪرڻ شروع ڪيوسين. مون ڏٺو تہ مسجد جي پاسي ۾ ڪيترائي قرآن پاڪ پيل هيا. جيڪي مختلف ترجمن سان هيا. هي قرآن پاڪ تمام بھترين پني ۽ سھڻي خوش خطي ۾ انتھائي معياري طور ڇپيل هيا. مسجد جي ڇت جي ڪھڙي ڳالھہ ڪجي. خاص ڪري گنبذ جي.
هن مسجد جي گُنبّذ ۾ مختلف رنگ چٽيل هيا. چٽ سالي جو اعليٰ ڪم ٿيل هيو. دل چوي پئي تہ وقت جلدي گذري وڃي ۽ هن ئي مسجد ۾ ٽيپھري، سج لٿو ۽ سومھڻي پڙهي پوءِ هتان نڪرون. اسان اڌ منو ڪلاڪ کن هن مسجد ۾ هياسين. هن مسجد ۾ هر لمحي جي موجودگيءَ دوران اسان کي هتي جيترو روحاني سڪون مليو اهو شايد ڪٿي مليو هجي. دل تہ هتان نڪرڻ تي دل نہ پوي چوي پر پوءِ بہ دوستن جو خيال ذهن ۾ هيو. ڇو تہ پرتاب ۽ سنتوش ٻاهر اسان جي انتظار ۾ بيٺل هيا.
سو اهڙي ريت دل پڪي ڪري اتان ٻاهر نڪري مسجد جي آڳند تي هليا آياسين. هتي شين واري آٽوميٽڪ مشين رکيل هئي. جنھن ۾ فقط پاڻيءَ جون ننڍيون بوتلون ئي پيل هيون. هن مشين ۾ توهان ايترا سڪا يا ايتري ڪيش وجهو، جيڪا قيمت شين تي لکيل آهي ۽ پئسن وجهڻ کان پوءِ مشين اها شي توهان کي ٻاهر ڪڍي اڇلائي ڏيندي. هن قسم جون مشيون توهان کي ڪراچي جي وڏن شاپنگ مالن ۾ بہ نظر اينديون. اتان ٻہ بوتلون پاڻي جون وٺي، ٻاهر نڪتاسين. هتي ڪٿي بہ مفت پاڻي يا سبيل نالي جي ڪا شي اسان کي نظر نہ آئي. هتي هر شي جي قيمت مقرر آهي.

پُتراجايا مسجد جا خوبصورت ڏيک

اسان وٽ ائين ٿيندو آهي جو جڏهن بہ ڪو ماڻھو ڪنھن مسجد، امام بارگاھہ يا وري عيدگاھہ ۾ نماز پڙهڻ ويندو تہ هن کي نماز کان وڌيڪ پنھنجن جوتن جي ڳڻتي هوندي آهي. سو مسجد ۾ داخل ٿيڻ مھل ئي پنھنجا چپل لاهي هٿ ۾ ڪندو ۽ اهڙي جاءِ تي لڪائي رکندو جتي هن جي دل مطمئن ٿيندي تہ هتي هن جو جوتو محفوظ آهي ۽ ان کانپوءِ هو بي کٽڪو ٿي نماز ادا ڪندو. پر هن پتراجا مسجد جي بوٽن، چپلن رکڻ جي نظام مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو.
جماعتين جي چپلن، جوتن، سينڊلن ۽ بوٽن لاءِ خاص قسم جا لوهي جهنگلا يا ريڪ وغيرہ ٺھيل/رکيل آهن، جن کي الڳ الڳ نمبر پڻ ڏنل هيا. هن لوهي جهنگلن کي ڪارو رنگ ڏنل آهي. انھن تي توهان پنھنجا بوٽ يا چپل يا ڪو سامان سڙو رکي سگهو ٿا. توهان کي نمبر ياد رکڻ گهرجي تہ ڪھڙي نمبر واري ريڪ ۾ پنھنجا جوتا رکيا. پر مون محسوس ڪيو تہ هتي ماڻھن کي سامان جي يا چپلن جي ڳڻتي نہ هئي. اهي سڀ ريڪ اڪثر ڪري خالي نظر نظر آيا، ڇو تہ ڪو بہ جماعتي پنھنجا جوتا ان ريڪ ۾ نہ پيو رکي. رب جو بندو رب جي اڳيان، بغير ڪنھن لالچ، لوڀ ڳڻتي ۽ فڪر جي، وڏي ادب ۽ احترام سان بارگاھہ الاهي ۾ بيھي، رب جي بندگي ۾ مصروف نظر آيو پئي.
هن مسجد جي هڪڙي ٻي ڳالھہ بہ سٺي لڳي تہ جيڪي ٻاهرين ملڪن جا سياح يا غير مذهب سياح هن مسجد کي گهمڻ چاهين پيا، انھن لاءِ اهو ضروري هيو تہ انھن جو جسم مڪمل طور ڍڪيل هجي. خاص ڪري انگريزن لاءِ جن جا جسم اڌ اگهاڙا هيا، يا اهي هتي شارٽس پائي آيل هيا، يا انھن جي ڊريسنگ پراپر نہ هئي. اهڙن سياحن لاءِ هن مسجد جي انتظاميا طرفان مرد حضراتن کي ڌوتي ۽ مستوراتن کي ناسي رنگ جو برقعو/جبو پارائڻ جو بندوبست ٿيل هيو. اهي هي جبو يا ڌوتي پائي مسجد جي اندر مسجد جي مخصوص ايريا ۾ گهمي ڦري سگهن پيا. مطلب تہ هر مڪتب فڪر جي ماڻھو کي، ڪنھن بہ فرقي سان تعلق رکڻ واري شخص کي اجازت هئي تہ اهي هن مسجد جي زيارت ڪري پاڻ کي تازو توانو ڪن. ڇو تہ هن مسجد جو فن تعمير ڏسڻ وٽان هيو.
پاڻ جيئن ئي مسجد کان ٻاهر نڪتاسين تہ اسان جون اکيون دوستن جي وجود کي تلاش ڪرڻ لڳيون. اسان پري کان ڏٺو تہ پرتاب ۽ ڊاڪٽر وزير اعظم آفيس جي مين گيٽ آڏو ٽھلي رهيا هيا. اسان هنن کي اشارو ڪيو تہ اسان اوهان ڏانھن اچون پيا. پاڻ وچان وچان ان کليل ميدان ۽ پاڻي جي ڦوهاري کان ٿيندا، اڳتي نڪتاسين.
انتھائي خوبصورت موسم هئي. اسان جي سامھون ئي هڪڙي وڏي بس اچي بيٺي جنھن مان ڪيئي ٽوئرسٽ هڪ هڪ ٿي پئي لٿا. انھن ۾ عورتون، مرد ۽ ٻارڙا هيا. اهي سڀ پتراجا مسجد جي اڳيان هن چوراهي تي لٿا ۽ مسجد جي زيارت لاءِ مسجد ڏانھن روانا ٿيڻ لڳا.
پرتاب ۽ ڊاڪٽر هاڻي اسان جي سامھون بيٺا هيا. پرتاب چيو تہ،”سامھون پرائيم منسٽر آفيس آهي توهان ڏسي اچو ۽ تصويرون بہ ڪڍي اچو تہ پوءِ پتراجايا ڍنڍ گهمڻ گڏجي ٿا هلون“.
مان ۽ جاني جڏهن پرائيم منسٽر آف ملائيشيا انور بن ابراهيم جي آفيس جي گيٽ وٽ پھتاسين تہ هتي ڪنھن بہ قسم جي ڪا بہ سيڪيورٽي نظر نہ آئي. گيٽ جي اندران هڪ اڌ يونيفارم ۾ پوليس وارا نظرپئي آيا، باقي گيٽ کان ٻاهر ڪٿي بہ پوليس نفري، رينجرس يا فوج جو سپاهي يا ڪو بہ پروٽوڪول نظر نہ آيو. حيرت جي ڳالھہ اها هئي تہ هتي ڪنھن بہ اسان کان اهو نہ پڇيو تہ اسان ڪير آهيون ۽ وزير اعظم جي آفيس جي اڳيان ڇو ٿا ڦرون. نہ ئي وري اسان کان ڪنھن اهو بہ پڇيو تہ توهان کي هتي اچڻ جي پرمشن ڪنھن ڏني آهي. يا وري توهان هتي ڦوٽو ڪڍرائڻ جي اجازت ڪنھن کان ورتي آهي. مطلب اسان جي ملڪ ۾ جيڪا ڪامورن کي هروڀرو جي پروٽوڪول مليل هوندي آهي، اهڙي قسم جي ڪا بہ حرامپائي هتي نظر نہ آئي هئي. هتي هر سياح آزاد آهي. نہ ڪا روڪ نہ ٽوڪ. توهان آزادي سان گهمي ڦري سگهو ٿا. هي تہ وزير اعظم جي آفيس هئي، اسان وٽ تي ايس ايڇ او يا ايس پي جي آفيس ٻاهران ڪو ڦوٽو ڪڍي يا گهمي ڦري تہ خبر ئي نہ پوندس تہ همراھہ ڪيڏي مھل کنڀجي ويو. پوءِ تہ اهڙو حشر ڪندس جو ستن پيڙهين کي دانھن ڏيندو. پر هتي بس توهان مزي سان گهمو ڦرو ۽ مزو وٺو. هر طرف سڪون ئي سڪون جو سڪو رائج الوقت هيو. سياحن سان اهڙي قسم جو ورتاءُ ٻڌائي پيو تہ هن ملڪ جا ماڻھو پنھنجي ملڪ سان ڪيترو سچا آهن ۽ انھن پنھنجي ملڪ جي ترقيءَ جو راز سياحت ۾ بہ ڳولھي لڌو آهي. وزير اعظم جي آفيس جي عمارت تي ڪيترائي رنگين جهنڊا ڦڙڪي رهيا هيا، جيڪي هن خوبصورت عمارت جي ڏيک ۾ ويتر وڌيڪ خوبصورتي جو باعث بڻجي رهيا هيا.
ان پُترا چوراهي تي پاريھر، ڪبوتر، ڳيرا ۽ ٻيا ڪيترائي پکي بي خوف ۽ بي خطر ٿي داڻو چڳي رهيا هيا. ائين پئي لڳو تہ هتان جا پکي پکڻ سڀ آزاد هجن. سڀني کي آزادي سان گهمڻ ڦرڻ جو پورو پورو حق مليل هيو. پري کان مسجد جو وڏو مينار ۽ گنبذ جو منظر /نظارو پڻ موهيندڙ هيو. سچ تہ هن علائقي ۾ اسان کي ڪيڏو روحاني سڪون پلئي پيو هو. اهو نہ پڇو...

پُتراجايا اسڪوائر تي ريفريشمينٽ

پنڌ گهمندي گهمندي هاڻي اسان ٿڪجي پيا هياسين. مٿان اس بہ تکي ٿيندي پئي ويئي. ان ڪري ٿورو ساهي پٽڻ جي غرض سان اتي ئي پارڪ جي ڪنڊ ۾ وڻن جي ڇانو هيٺان سيمينٽ جي ٺھيل سيٽن تي ويھي فروٽ کائڻ شروع ڪيوسين. مون نوٽ ڪيو تہ اسان جي سامھون هڪڙي ڊوم وين بيٺي هئي. هن جي پوئين پاسي کان ڊڪي کليل ۽ مٿي ٿيل هئي. هن وين جي پاسي ۾ بيٺل همراھہ برگر، بوتلون، جوسز ۽ ٻيو کائڻ پيئڻ جو سامان وغيرہ ان وين ۾ وجهي کپائي رهيو هو. هي همراھہ هن وين ۾ ئي پنھنجو روزگار ڪري پيو. ڇو تہ هي سياحن جي گهمڻ جي بھترين جاءِ هئي ۽ هن جي سٺي روزي ٿيندي هوندي.
هتي شام جو يقينن تمام گهڻي رش ٿيندي هوندي، ماڻھو فيملين سان هتي تفريح لاءِ ايندا هوندا. ڇو تہ هتي هڪ پاسي پُتراياجايا مسجد هئي تہ ٻئي پاسي وزيراعظم جي آفيس. ڏاڍي پرنور فضا ۽ رونق واري جاءِ هئي. ان کان علاوہ پتراياجايا ڍنڍ ۽ نباتاتي گارڊن علاوہ ٻيو گهڻو ڪجهہ گهمڻ لاءِ هيو. ان ڪري هنن ماڻھن جا چرندڙ ڦرندڙ گاڏا، گاڏيون، هنن جي روزي جو ذريعو هيا. مون کي سٽي ڪورٽ ڪراچي ياد اچي ويو، جتي اسٽامپ وينڊر پراڻي ختم ٿيل، بنان انجڻ جي سوزوڪي کي ڌڪي اچي ڪورٽ واري روڊ تي بيھاريندا آهن ۽ ان کي آفيس ڪري، ان ۾ اندر ٽائيپ رائيٽر رکي، درخواستون بہ لکندا آهن تہ وري مختلف دستاويز، قسم ناما، انڊرٽيڪنگ، نڪاح ناما، ضمانت ناما وغيرہ رکي کپائيندا آهن ۽ شام جو ان ساڳي ئي ختم ٿيل، بنان انجڻ جي سوزوڪي کي ڌڪي اچي ڊينسو هال واري عمارت جي احاطي ۾ بيھاريندا آهن. پر هتي ڳالھہ ٻي هئي. هتان جون سوزوڪيون ۽ وينون بلڪل نيون هيون ۽ هلندڙ /چالو حالت ۾ هيون. اسان فروٽ کائي، ان جو کلون ان ئي شاپر ۾ وجهي، اتي ئي پاسي ۾ پيل ڊسٽ بن ۾ اڇلي، پتراجايا ڍنڍ جي درشن لاءِ روانا ٿياسين.
پاڪستان ۾ هجون ها تہ اهي کلون روڊ تي اڇلائي ڇڏيون ها يا وري گهر جو ڪچرو گهٽي ۾ ئي اڇلائي اچون ٿا. منع ڪرڻ جي باوجود نہ مڙون ها. جتي منع ٿيل هوندو آهي تہ،”هتي ڪچرو نہ اڇلايو“ تہ اتي ئي وڃي ڪچرو اڇلائي اينداسين. جن ديوارن تي لکيل هوندو آهي تہ،”هتي پيشاب ڪرڻ منع آهي“ تہ اتي ئي اڳٺ کولي پيشاب ڪنداسين، يا وري جتي لکيل هوندو آهي تہ No parking اتي ئي اچي ڪار يا گاڏي بيھاري هليا وينداسين. ان کان علاوہ ڪٿي جيڪڏهن No smoking لکيل هوندو آهي تہ اتي ئي سگريٽ ڪڍي، ڪش هڻي دونھان ڪڍنداسين. اسان سڀ ڪم ابتو ڪندا آهيون، اسان جي ماڻھن جي اها ڪني عادت ٺھي ويئي آهي. مجال آ جو اسان کي ڪنھن جي پرواھہ هجي. ڇو تہ اسان کي نہ چوڻ واروآهي نہ ئي ڪو آکڻ وارو. پر هتي جيڪڏهن ڪنھن روڊ تي توهان ڪچرو اڇلايو تہ توهان کي ڏنڊ جي ڳري رقم ادا ڪرڻ پوندي. ان ڪري هرڪو سڌو لڳو پيو هوندو آهي.

پتراجايا ڍنڍ Putrajaya Lake

سڄوپتراجايا انتھائي خوبصورت صاف سٿرو آهي پر پتراجايا مسجد، پتراجايا ڍنڍ ۽ نباتاتي باغ Botanical Garden جي رونقن جو ڪو بہ مثال نہ ٿو ملي. اسان پاڻ کي خوش قسمت سمجهي رهيا آهيون جو ملائيشيا جي ڪولالمپور واري پتراجايا مسجد جو ديدار پلئي پيو.
اصل ۾پتراجايا ڍنڍڪولالمپر جي ڏکڻ ۾ 33 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي ملائيشيا جي پتراجايا جي مرڪز ي علائقي ۾ واقع آهي. 650 هيڪٽرن جي هن هٿراڌو ڍنڍ جو مقصد فطري طور تي شھر کي ٿڌو رکڻ آهي. ان کان علاوہ هتي مڇي مارڻ، پاڻيءَ جو رانديون ۽ پاڻي ذريعي آمد و رفت سان گڏ سياحن جي تفريح ۽ وندر جو پڻ هڪڙو بھترين ماحول جڙيل آهي.
هي سڄي ڍنڍ 6.5 ڪلو ميٽرن تي ٺھيل آهي. ان کان علاوہ هتي جيڪي پلون آهن انھن ۾ سري واواسڻ پل Seri Wawasan Bridge، پترا برجPutra Bridge ، سري جيمائيلنگ برج Seri Gemilang Bridge ، سري سوجانا برجSeri Saujana Bridge ، سري بختي برجSeri Bakhti Bridge, ، سري بيستري برج Seri Bestari Bridge، پتراجايا مونو ريل برج Putrajaya Monorail Bridge ۽ ٻيون پلون هن شھر جي سونھن ۾ اضافو ڪن ٿيون. اسان سڀ پلون تہ نہ ڏسي سگهياسين پر هڪ اڌ جيڪي رستي تي گهمڻ دوران نظر آيون انھن جو درشن نصيب ٿيو.
هن ڍنڍ جو صاف شفاف پاڻي اهو ٻڌائي رهيو هيو تہ هن ڍنڍ جي ڪيئن نہ پيار ۽ پاٻوھہ سان آبياري ڪئي ويئي آهي. جنھن بہ هن ڍنڍ کي ٺاهيو آهي اهو يقينن وڏو آرٽسٽ هوندو.
مسجد جي پويان ڍنڍ جو منظر انتھائي موهيندڙ هو. ساڳي ريت هتي Botanical Garden (نباتاتي باغ) جو هجڻ پڻ ڪنھن بہ نعمت کان گهٽ نہ هيو. هر طرف ساواڻ ۽ ساوڪ جي سرهاڻ هئي. وڻ ٽڻ ٻوٽا چاھہ مان چهڪي رهيا هيا. جڏهن تہ وڻن تي مختلف رنگن جا گل پڻ ماحول کي مھڪائي رهيا هيا. ڍنڍ جو صاف شفاف پاڻي هن ڍنڍ جي سونھن جو اهم ڪارڻ هيو. بازي بازي تہ ڪي موٽر تي ٻيڙيون بہ هلندي نظر آيون.
اسان پنڌ ڪندا هيٺ سيمينٽ جي ڏاڪڻين کان لھي ڍنڍ جي اورين ڪناري تي ڍنڍ سان روح رهاڻيون ڪيون ۽ ٻيو تہ مسجد جي پوئين پاسي واري منظر پڻ هن ڍنڍ جي رونقن ۾ اضافو ڪيو هو. هتي وڏا وڏا وڻ جيڪي ڇانگيل ۽ انھن جي ٿڙن تي سيڙهي لڳل هئي. هيٺان صاف سٿري ڇٻر ۽ پاسن کان مختلف گلن جا ٻوٽا هن ڍنڍ جي جان هيا. سيميٽ جا وڏا واٽر ڪورس ٺھيل، جن کي مٿان لوهي گرل سان ڍڪيو ويو هو. ڍنڍ جي ڪناري تي ويھي پاڻ جيڪي تصويرون ڪڍرايون، انھن جي ڳالھہ ئي ٻي هئي. انتھائي خوبصورت ڍنڍ سياحن جي توجھہ جو خاص مرڪز بڻيل هئي. پاڻ اتان ٿيندا، واپس ساڳين ڏاڪڻين کان مٿي چڙهي اڳتي نڪتاسين تہ جيئن نباتاتي باغ جو بہ درشن ڪندا هلون.
رستي تي ڏاڪڻن وٽ بجلي جي هڪ اڌ تار کليل نظر آئي، اسان کي ڊپ لڳو تہ ڪٿي ڪنھن سياح مسافر کي ڪرنٽ نہ لڳي ۽ ڪو نقصان نہ ٿئي. سامھون کان مٿاهين تي اڳ ۾ پرتاب ويٺو هيو. هو اسان جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيو هيو. پرتاب پنھنجي منھن سان، مون کي ٻڌائڻ بنان ئي منھنجي اهڙي شاندار تصوير ڪڍي ورتي هئي جيڪا واقعي ئي مون کي ڏاڍي وڻي.
ايئن ئي پاڻ پنڌ ئي پنڌ پرائيم منسٽر آفيس ڪراس ڪري اڳتي نڪري آياسين تہ سامھون کان تمام وڏي سائيز ۾ هٿ جو چمبو بجلي جي پولن جي مٽيريل سان چاندي جي رنگ ۾ ٺھيل هو، جيڪو تمام سھڻو لڳي رهيو هو. ان جي ويجهو اچي اتي ڪجهہ تصويرون ٺاهيونسين. بلاشڪ هي چنبو جست جي پٽين سان پري کان چمڪي رهيو هيو. هي سائيز ۾ بہ بجلي جي پول جيڏو هيو.

پرتاب جا پنڌ

پاڻ ان چنبي جي هيٺان بيھي ڪجهہ تصويرون ٺاهيون. اتان ڪيئي پيچرا اڳتي نڪرن پيا. هتي اچي اسان منجهي پيا هياسين تہ هاڻي ڪاڏي هلجي. ڪھڙو پيچرو وٺون. نيٺ هڪڙي پيچري کي پڪڙي، مٿي چڙهڻ لڳاسين. پرتاب اسان سڀني کان پنڌ ڪرڻ ۾ اڳيان اڳيان هو. ڇو تہ هن جو چوڻ آهي تہ پنڌ ڪرڻ ئي هن جي پسنديدہ غذا آهي. ان ڪري هو روز صبح جو اڄ بہ 6/5 ميل پنڌ ڪري ٿو. هن جي صحت جو راز ئي پنڌ ڪرڻ آهي. هن پنھنجو وزن ڪافي گهٽائي ڇڏيو هو. وچ ۾ تہ هن ڊائٽنگ پڻ شروع ڪئي هئي.
نيپال جي شھر کٽمنڊو جي علائقي ٿمل ۾ جڏهن هوٽل جي لائونج ۾ هن سان پھرئين ملاقات ٿي هئي تہ ان مھل هن جو وزن ڪافي گهڻو هيو. پر هاڻي هن پنھنجي صحت جو خيال ڪندي پنھنجو وزن گهڻي حد تائين گهٽائي ڇڏيو هو.
پرتاب سان جڏهن پنڌ ڪرڻ بابت گفتگو ٿي تہ هن ٻڌايو تہ هن جو والد بہ هر روز صبح جو ڪافي پنڌ ڪري ٿو. هو پنڌ کي عبادت سمجهي ٿو، پنڌ ئي هن جي زندگي آهي. هن جو والد اصولن جو پڪو ۽ مخلص انسان دوست ماڻھو آهي. هو گوشت واريون شيون بنھہ نہ واپرائيندو آهي. هن جو ناشتو انتھائي سادو ۽ تازو هوندو آهي. هو هڪ سچو وشنو آهي. جيتوڻيڪ منھنجي پرتاب جي والد سان ڪا بہ ملاقات ڪانھي پر دل جي خواهش ضرور آهي تہ اهڙي مرد مجاهد سان ضرور ملجي. زندگي رهي تہ هن سان ملاقات جو شرف حاصل ڪبو ۽ ڪچھريون ڪبيون.
سو ان ڪري ئي هو اسان سڀني کان پنڌ ۾ تڪڙو، چست، توانو ۽ همت وارو آهي. پرتاب ٻارن جيان ٽپا ڏيندي هليو پئي ۽ مون بہ هن جو نقل ڪندي ائين ڪيو، پر اهو مون لاءِ ڏاڍو ڏکيو هو. جيتوڻيڪ مان ڪجهہ ٻرانگهون مس کنيون هيون، پر ٿڪاوٽ نھوڙي وڌو هو. سو ائين ئي اڃان اڳتي، اڃان اڳتي، پنڌ ئي پنڌ، هل هلان، پاڻ کي آسرا ڏيندا تہ بوٽينڪ گارڊن گهڻو پري ناهي، ڪافي پري نڪري آيا هياسين. اسان کي بوٽينڪ گارڊن جي تلاش هئي. نيٺ آخر، اسان بہ هڻي هنڌ ڪيو ۽ اسان جي محنت رنگ لاتو، گوگل جي مدد سان اچي نباتاتي پارڪ کي ڳولھي ڪڍيوسين.
هي پارڪ جيترو خوبصورت هيو، اوترو ئي موهيندڙ پڻ هيو. مختلف قسمن جا وڏا ڊگها ڇانو وارا وڻ، خوبصورت قسمين قسمين گل، بھترين گهاٽي ڇٻر ۽ صاف و شفاف پيچرا، روڊ، رستا هن پارڪ/باغ جي سونھن ۽ سوڀيا ۾ اضافو ڪري رهيا هيا. ڦٽ پيري جي پاسي سان جيڪي بہ بجلي جا لوهي تنبو لڳل هيا، انھن تي ملائيشيا جا وڏا جهندا ڦڙڪي رهيا هيا. هن ڦٽ پاٿ جي ٻنھي پاسن کان وڏا وڏا وڻ ۽ وچ تي بھترين روڊ ماحول کي کنيو بيٺا هيا.

بوٽينيڪل خوبصورت گارڊن ؛ جنت جو ٽڪرو

چوراهي جي وچ تي بجليءَ جي تنبو تي هڪڙو سائن بورڊ لڳل هيو، جنھن تي تير جو نشان هو، جنھن تي لکيل هو، Astaka Morocoo, Taman Botani. جنھن جي معنيٰ اسان جي سمجهہ کان ٻاهر هئي. عقل جي دوڙ ذريعي سمجهي وياسين تہ باغ ان پاسي آهي، جنھن پاسي اشارو ڏنل آهي. سو ان اشاري تي هلندي جڏهن هيٺ باغ ۾ لٿاسين تہ باغ جي وچ ۾ چارون طرف پتراجايا ڍنڍ جو پاڻي هيو ۽ اتي سياحن جي تفريح لاءِ هوٽلون ۽ ٻيا ڪيترائي تفريح جا ماڳ نظر آيا. جڏهن تہ ڪافي ٻيڙا، ٻيڙيون، بتيلا پڻ تيار بيٺل نظر آيا پئي.
جيڪڏهن ڪنھن بہ سياح کي ڍنڍ جو سير يا گارڊن کي گهمڻو هيو تہ اهي ڪرائي تي ٻيڙو ڪرائي ڍنڍ جو چڪر هڻي سگهن پيا. اڳتي هلياسين تہ پاڻيءَ تي ڪاٺ جي خوبصورت بھترين پل ٺھيل هئي، جنھن کي ايڏو تہ خوبصورت نموني سان ٺاهيو ويو هو جو اتان توهان هر طرف جو نظارو آساني سان ڪري سگهو پيا. ان پل جي هيٺان پاڻي وهي رهيو هيو. ڄڻ تہ جنت الفردوس جي ڪا سھڻي جاءِ هجي. ڇا تہ موهيندڙ منظر هيو. خاص ڪري جڏهن ان ڪاٺ واري پل جي مٿان بيھي هيٺ وهندڙ پاڻي تي هڪ نظر وجهون پيا، تہ ائين محسوس ٿئي پيو تہ اسين پاڻ ان پاڻي تي بيٺا آهيون. هي منظر روح کي سڪون بخشڻ لاءِ ڪافي هيو.
سامھون کان مسجد بہ نظر اچي پئي تہ وزير اعظم جي آفيس بہ. اتي وڏن اکرن ۾ سيمينٽ جي هڪڙي دڪي نموني ٺھيل پٿر تي ”بوٽيني پتراجايا تمن“ لکيل هيو. اڳتي هلياسين تہ هتان جي نيڪال جي نالي جنھن جو مٿيون حصو سوڙهو ۽ هيٺيون تري وارو حصو ويڪرو هيو، جو برسات يا ٻيو ڪو نيڪال جو پاڻي وغيرہ مزي سان نڪري سگهي پيو.
وڏي ڳالھہ تي هي نالي انتھائي درجي جي هيٺ تھہ تائين صاف هئي. ان جي برعڪس اسان جي شھرن ۽ ڳوٺن جي گهٽين جون ناليون گند سان، ڪچري سان ڀريل، کليل، جيڪي مڇرن ۽ بيمارين جا ڳڙھہ آهن. صفائي وارا صدورا مٿان مٿان ڪچرو هٽائي، وري اتي ئي ان جي پاسي ۾ رکي هليا وڃن. انھن کي کڻڻ وارا اچن تہ ٺيڪ نہ تہ وس وارا آهن.
اسان هاڻي رولاڪيون ڪندي ٿڪجي پيا هياسين. سو جاني کي چيوسين تہ،” گريب ايپ“ ذريعي ٽيڪسي گهرائي. هن ٽيڪسي گهرائي پر ٽيڪسي واري ميسيج ڪيو هو تہ هو اسان تائين اندر نہ ٿو اچي سگهي ان ڪري هن اسان کي چيو تہ،”اسان کي ٻاهر ٽيڪسي اسٽينڊ تي اچڻو پوندو.“ سو اسان ساڳي ئي پيچرن تان پنڌ ڪندا واپس ورياسين.
پڇندا پڇندا ٽيڪسي اسٽيند تي اچي پھتاسين. جتي ٽيڪسي ۾ هڪڙو پوڙهو، گنجو بخيل قسم جو ڊرائيور اڳ ۾ ئي اسان جو انتظار ڪري رهيو هو. هي نہ فقط بخيل قسم جو پوڙهو هو پر ان سان گڏ خبيس پڻ هيو. جنھن جي نظر بار بار پوئتي ان ڪري پوي پئي تہ ڪٿي هي ماڻھو ٽيڪسي سان حرڪت تہ نہ ٿا ڪن. اسان کي هن جو رويو نہ وڻيو هيو. هڪ دفعي تہ هن رڙ ڪري بہ چيو هو تہ،” ڊونٽ ٽچ دي ٿنگس.“ سو هو اسان کي ائين ئي واپس هوٽل ئي پڄائي ويو ڄڻ تہ اسان هن سان گڏ ٽيڪسي ۾ هياسين ئي ڪونہ. اهڙي ماڻھوءَ سان ڪچھري ڪرڻ جوکائتي جو ڪم هيو.

اڌوري شاپنگ

هوٽل ”آرڪڊ“ ۾ واپس اچي، وهنجي، فريش ٿي هيٺ لٿاسين. ٽيڪسي ذريعي ان سُنگي وينگ پلازا جي شاپنگ مال ڏي رخ رکيوسين. رستي ۾ سڀني دوستن جو موڊ ٿيو تہ ڪافي رولاڪيون ڪرڻ کان پوءِ بک بہ زوردار لڳي آهي ان ڪري بھتر اهو آهي تہ سڀ کان اول پاڻ ڪي ايف سي جي سلامي ڀريون. پوءِ واڪنگ اسٽريٽ تان گهمندا گهمندا ڪي ايف سي جي ڳولھا ڪندا، اچي ڪي ايف سي ڀيڙو ٿياسين. وڏي مشڪل سان ڪي ايف سي ڳوليسين. KFC ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ڪائونٽر تي وڃڻ بيڪار هيو. ان کان ڳ ۾ جاني ڊجيٽل اسڪرين جي اڳيان لڳل قطار ۾ بيھي رهيو. هي ڊجيٽل اسڪرين ڪي ايف سي جي دڪان ۾ اندر هئي، جتي ٻہ ٽي ماڻھو جاني جي اڳيان قطار ۾ اڳ ۾ ئي بيٺا هيا.
هي ٽچ اسڪرين هئي. جتي توهان کي پنھنجو آرڊر ڏيڻو هو. ان ٽچ اسڪرين واري ڪمپيوٽر تي سڀ آئٽم لڳل هيا. جاني انھن مان هڪڙي ڊيل Deal کي ٽچ ڪري اوڪي ڪيو. ان ڪمپيوٽر ٽائيپ مشين جي اسڪرين مان هڪڙي پرچي يا بل نڪتو، اهو بل کڻي ڪائونٽر تي وڃي پيمنٽ ڪري، ٽوڪن وٺي هليو آيو. اسان اتي موجود ٽيبلن مان هڪڙي ٽيبل تي ويھي پنھنجي واري جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. ٿوري دير کان پوءِ اسان جي ٽوڪن جي نمبر جو سڏ ٿيو. سيلف سروس جو هي شاندار ماحول هيو.
ڪي ايف سي تان ريفريشمينٽ ڪري، وري بہ سنگي وينگ مال ۾ ئي ٻيھر داخل ٿياسين. جتان اسان کي شاپنگ ڪرڻي هئي. هن مال جي هڪڙي دڪان تي 15 کان 50 رينگٽن جي سيل لڳل هئي، جنھن ۾ ڪجهہ جوراب، پينٽون، شرٽون، شارٽس وغيرہ موجود هيا. جن جو معيار ڪافي سٺو هيو. اتان ڪجهہ شرٽون، پينٽون ۽ انڊر ويئر وغيرہ خريد ڪياسين. خريداري دوران مون بار بار ڊاڪٽر کان راءِ وٺندي هن کان پڇيو پئي تہ،”ڊاڪٽر! ڏسو، ٻڌايو، ڪھڙي شي سٺي آ، ڪھڙو رنگ ڀلو آ، ڪھڙي ڊزائين توهان کي پسند آهي.“ پر مجال آ جو ڊاڪٽر ٻڌائي.“
ڊاڪٽر ان راز کان اسان کي آشنا ڪيو تہ هن جي سڄي خريداري هن جا گهر وارا ڪندا آهن. ان ڪري هو ان خريداري واري معاملي ۽ جهنجهنٽ کان مڪمل طور تي آزاد آهي. ان کان پوءِ جاني ۽ پرتاب وارن خريداري ۾ منھنجي مدد ڪئي. ان ساڳي ئي دڪان تي مختلف قيمتن جا ٻيا بہ ٽيگ لڳل هيا.
بھرحال، ڊاڪٽر جيڪا جرسي پسند ڪري خريد ڪئي، اها سڀني دوستن کي ڏاڍي وڻي. هڪ تہ هن جو ڪپڙو ڀلو هيو ۽ ٻيو هن جو رنگ بہ ڊيسينٽ هيو. ان جرسي جو ڪو جواب ڪونہ هيو. هي لاجواب هئي. بوسڪي رنگ جي ۽ بوسڪي ڪپڙي جيان، نرم ملائم، بلڪل پشم جيان، هن جيڪيٽ سڀني کي موهي وڌو هيو. ان دڪان تي مسلمان ڇوڪرو سيلز بواءِ جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو هيو جيڪو پاڻ اتان ملائيشيا جو ئي هيو. پر هن جي مالڪياڻي انگريزياڻي هئي.
هن نوجوان ڇوڪري جي بھترين رويي ۽ خوش اخلاقي جي جي ڪري اسان سڀني دوستن اتان اڌوري شاپنگ ڪئي. گهڻي خريداري ان ڪري نہ ڪري سگهياسين تہ هاڻي اسان کي هتان کان ٿائيلنڊ وڃڻو هو. بينڪاڪ ايئرپورٽ لھي پوءِ اتان کان ڦُڪيٽ ۽ پتايا وڃڻا هياسين. جنھن جي ڪري گهڻو سامان ڍوئڻ جو جهنجٽ ۽ اونھو پڻ ذهن ۾ تاري هيو. اهڙي ريت شاپنگ جو شوق اڌو گابرو پورو ڪري اچي آرڪڊ هوٽل ڀيڙا ٿياسين.

الوداع ڪولالمپور

17 جولاءِ 2023 جو ڏينھن آهي. اسان جي چھرا اداس آهن. نيٺ ملائيشيا کان جدائي جو ڏينھن بہ اچي ويو. اسان جي سفر جا سانباها آهن. هر دوست ٽڙيل پکڙيل سامان سھيڙي، پيڪنگ ڪرڻ ۾ مصروف آهي. اکيون آليون آهن. ملائيشيا کان وڇڙي وڃڻ جي سوچ ذهن ۾ پاڻي تي ڪاغذ جي ٻيڙي جيان تري رهيو هو ۽ هن حسين شھر جون خوبصورت يادون پاڻ سان آندل بيگن ۽ ٿيلھن ۾ ڀري/ ٺپي، ان سان گڏ دل ۽ دماغ ۾ هميشہ جي لاءِ محفوظ ڪري، ڪولالمپر شھر کي الودائي ڀاڪر پائي، چاھہ جي چمي ڏيئي، اهو وچن ورجايوسين تہ اسان جي سائين الطاف شيخ جي محبوب ملڪ ملائيشيا جي درشن لاءِ هڪ دفعو ٻيھر هتي ضرور اچبو.
ايئرپورٽ لاءِ ٽيڪسي گريب ڪري ڇڏ هئي سين. هاڻي تي ٽيڪسي بہ هوٽل جي ٻاهران اچي ويئي هئي. اسان پنھنجا بيگ، گهليندا هوٽل جي خوشبو کان موڪلائي هيٺ لٿاسين. ٽڪيسي ۾ ويٺي روڊ جي ٻنھي پاسن کان وڻن، ٻوٽن، گلن ۽ قديمي خوبصورت تاريخي عمارتن جا ديدار ڪندا هلندا رهياسين، تان جو خبر ئي نہ پئي جو اچي ڪولالمپر ايئرپورٽ پڳاسين. ٽيڪسي تان بيگ لاهي، ڪرايو ادا ڪري پاڻ هن حسين شھر جون خوبصورت يادون ساڻ ڪري ڪولالمپر ايئرپورٽ تي قدم رکياسين. اسان کي هتان کان ڦڪيٽ ايئرپورٽ وڃڻو هيو.
اسان جي فلائيٽ 12 وڳي منجهند جو هئي ۽ اسان جي اڏام ٿائيلينڊ ڏانھن هئي. هاڻي اسان جهازجي سيٽن تي ٿانيڪا ٿي ويھي رهيا هياسين. نيٺ جھاز رن وي تي ڊوڙڻ شروع ڪيو. هر طرف ڪارن ڪڪرن جون قطارون نظر پئي آيو. رن وي تي ڊوڙي ڊوڙي جڏهن جھاز ٿڪجي پيو تہ هن هڪڙو زوردار جهٽڪو ڏيئي، اڀ ڏي اڏرڻ شروع ڪيو ۽ ڏسندي ڏسندي هي پيارو باتڪ ايئر ملائيشيا ڪڪرن کان بہ مٿي نڪري نروار ٿي بيھي رهيو. جھاز ۾ ڪچھري سان گڏ، من مستون، دوستن سان چرچا، کل ڀوڳ ۽ حرڪتون پڻ اسان جي سفر کي رونقون بخشي رهيون هيون.
جيتوڻيڪ هي ننڍو سفر هيو پر انتھائي خوبصورت رهيو. هن جھاز جون خوبصورت ايئرهوسٽس پنھنجي سونھن ۽ سوڀيا جو معيار برقرار رکيو پئي آيون. جنھن جي ڪري جھاز جو ماحول ڪنھن فائيو اسٽار هوٽل جي لابي کان گهٽ نہ هيو.
هر طرف خوشبو جو واسو هيو. رونقن جا رابيل ٽڙيل هيا. گلابن جيان گلابي بدن بہ پنھنجي جوڀن جا جلوا پسائي رهيون هيون. سڀني نعمتن کي (جيڪي دنيا ۾ ئي ملڻيون هيون) اکين تي رکي، ٿائيلينڊ جو تصور ذهن آغوش ڪري، حورن جي چڪر ۾ خوابن جا در کولي، اکين جي عبادتن ۾ مصروف ٿي، جنت الفردوس ۾ داخل ٿيڻ جو سڌون پئي ڪيوسين. اهڙي ريت ننڊ پنھنجي ڀاڪرن ۾ ڀري، ڪوهون ڏور کڻي ويئي هئي. شايد انھن نارين جي نينھن ۽ ورونھن ۾ نشو هيو... ۽ پوءِ جڏهن اعلان ٿيو تہ،”جھاز ڦڪيٽ ايئرپورٽ تي لينڊ ڪرڻ وارو آهي توهان پنھنجا بيلٽ ٻڌي ڇڏيو“. ڊاڪٽر ان مھل آرام ۾ هيو. مون ڊاڪٽر سان مذاق ڪندي چيوتہ،”ڊاڪٽر! بيلٽ ٻڌي ڇڏ.“ ڊاڪٽر هيٺ ڏسي چيو تہ،” بيلٽ تہ ٻڌل آهي.“ چيم،” نہ ڊاڪٽر سيٽ بيلٽ، توهان ڪھڙو بيلٽ ٿا سمجهو.“ رڙ ڪري چيائين،”اڙي يار! مان پينٽ وارو بيلٽ سمجهان پيو....“ ان تي زوردار ٽھڪڙو مچي ويو.

ليکڪ جا ڇپيل ڪتاب

1. Progressive General Vocabulary & Structure (English Grammar) 2000 (First Edition April 2000)
2. Burning Issues of present time (current affairs/ 2003).
3. Let’s Love Grammar (English Grammar/2004).
4. Musawar Dictionary (for Children 2004).
5. New International English (for kids 2004).
6. Teach Me (A guide for class VI 2004).
7. Teach Me (A guide for class VII 2004).
8. Teach Me (A guide for class VIII 2004).
9. سيتا جا سدا بھار ماڻھو 2004ع.
10. البرٽ آئنسٽائن جي جيون ڪٿا (پھريون ڇاپو) (ترجمو) 2006ع.
11. سوجهرن جا سفير (ڀاڱو پھريون) سنڌ جي برک شاعرن جا انٽرويوز 2006ع.
12. سوجهرن جا سفير(ڀاڱو ٻيون) سنڌ جي برک شاعرن جا انٽرويوز 2018ع.
13. توکان پوءِ (شاعري).(نثري نظم) 2012ع
14. ڀاڱا ڀاڱا ڀونءِ (شاعري). 2015ع
15. خط خوشبوءِ جھڙا (بشير سيتائي جا لکيل خط).2013ع
16. من صحرا صحرا (شاعري)2018ع
17. پھاڪا (سنڌي ۽ انگريزي ٻولي جا 1662 پھاڪا) 2018ع
18. ٿامس ايڊيسن جي دلچسپ ڪھاڻي (آتم ڪٿا) 2019ع
19. البرٽ آئنسٽائن جي سوانح حيات (ٻيو ڇاپو)2019ع
20. Progressive General Vocabulary & structure .Grammar. Second ediction 2019
21. منھنجو استاد منھنجو رهبر: پروفيسر سليم سولنگي 2020ع
22. وليم شيڪسپيئر جا ڊراما ۽ ڪھاڻيون؛ ترجمو 2020ع
23. دادوءَ کان دبئي (سفرنامو) 2020ع
24. روين جي راند؛ attitude is everything جيف ڪيلر ترجمو 2022ع
25. آگ کی برفباری (اردو شاعري) 2022ع
26. ڏٺي ڏينھن ٿيام (تاريخي شخصيتن جا خط) 2022ع
27. پرھہ جي پڪار (the 5 am club رابن شرما ترجمو) 2023ع
28. نيپالي نينھن (سفرنامو) 2023ع
29. انڊونيشيا جو عشق (سفرنامو)2024ع
30. ملائيشيا جون محبتون (سفرنامو) 2024ع
31. ٿائلينڊ جا ٿاڪ (سفرنامو) 2024ع