سفرناما

مالديپ ۾ مانڊاڻ

مالديپ سامونڊِي ٻيٽن جو جهڳٽو آھي جنھن ۾ اٽڪل ٻہ ھزار کن ننڍا وڏا ٻيٽ آھن، جن مان 215 اھڙا آھن جن ۾ ماڻھو رھن ٿا. ٻيا ٻيٽ ائين خالي آھن جن تي فقط گهاٽا ٻيلا، جانور ۽ پکي پکڻ آھن يا وري ڪجهہ اھڙا آھن جن تي ڪجهہ بہ نہ آھي. سال جو وڏو حصو سمنڊ ۾ ٻڏل رھن ٿا. هي سفرنامو انتھائي دلچسپ، معلوماتي، ۽ لاڀائتو آھي. سفرنامي ۾ اسلامي ملڪ مالديپ جي تاريخ، اتان جي سونھن، رھڻي ڪھڻي، مسجدن، اتان جي امن امان، ترقي، سياست سان گڏ مختلف پاسن تي خوبصورت پيرائن ۾ لکيو ويو آھي.

  • 4.5/5.0
  • 5
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Maldieves Main Maandan

سمورا حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

ڪتاب: مالديپ ۾ مانڊاڻ
موضوع: سفر نامو
ليکڪ: بلوچ صحبت علي
پروف ريڊنگ غلام ياسين لنڊ
ڪمپوزنگ: علي انور ۽ دائود ڪبير لغاري
ڇاپو: پھريون
ڳاڻيٽو: پنج سؤ
سال: 2024
قيمت: /1000

ڇپيندڙ : ڪنول پبليڪيشن
ڪنول پبليڪيشن/ پرنٽر & بڪ شاپ، سيد آرڪيڊ، گاڏي کاتو- حيدرآباد.
: 0333-7523132

قيمت: 800 رُپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2025ع

Maldieves main maandan
(congregation at Maldives)
(Travelogue)
Baloch Suhbat Ali
Edition: 1st 2025
Published by: Kanwal Publication

Price: 1000/- 3.0$

ارپنا

پنھنجي محبوب دوست محترم ڀاءُ

مظفر کوکر

جي نانءُ
هو اصل ۾ آهي تہ ڀان سعيد آباد، دادو جو، پر هن سان نيپال جي هوٽل Live in ۾ ملاقات ٿي هئي. هن وقت هو سوشل توڙي پرنٽ ميڊيا سان سلھاڙيل آهي ۽ ڄامشوري ضلعي جي پريس ڪلب جو صدر پڻ آهي. هي يارن جو يار ۽ محبتن جو ڀنڊار آهي. مون کي ڀٽائي جون سٽون ياد اچن ٿيون تہ؛
مُون سي ڏِٺا ماءَ، جَنِي ڏِٺو پِرِينءَ کي،
ڪَري نَہ سَگهان ڪا، تَنِي سَندِي ڳالِهڙِي

________ بلوچ صحبت علي

ياراڻيون

وَڃن مَ وينجهار، پاڻيٺ پَرکيا،
عَينڪ پايو اکئين لھن سڀ ڪنھن سار،
موتيءَ جي مزاج جو، قَدر منجهھ ڪِنارَ،
صرافَنئون ڌار، ماڻڪ ملاحظو ٿئي.(شاھہ).

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر، ڪھاڻيڪار، سنڌيڪار، سفرنامانگار ۽ ڪالم نگار بلوچ صحبت عليءَ جو لکيل سفرنامو ”مالديپ ۾ مانڊاڻ“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
مالديپ سامونڊِي ٻيٽن جو جهڳٽو آھي جنھن ۾ اٽڪل ٻہ ھزار کن ننڍا وڏا ٻيٽ آھن، جن مان 215 اھڙا آھن جن ۾ ماڻھو رھن ٿا. ٻيا ٻيٽ ائين خالي آھن جن تي فقط گهاٽا ٻيلا، جانور ۽ پکي پکڻ آھن يا وري ڪجهہ اھڙا آھن جن تي ڪجهہ بہ نہ آھي. سال جو وڏو حصو سمنڊ ۾ ٻڏل رھن ٿا. هي سفرنامو انتھائي دلچسپ، معلوماتي، ۽ لاڀائتو آھي. سفرنامي ۾ اسلامي ملڪ مالديپ جي تاريخ، اتان جي سونھن، رھڻي ڪھڻي، مسجدن، اتان جي امن امان، ترقي، سياست سان گڏ مختلف پاسن تي خوبصورت پيرائن ۾ لکيو ويو آھي.
ھي ڪتاب 2024ع ۾ ڪنول پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون بلوچ صحبت عليءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مالديپ ٻيٽ مالھا مثل آھن: الطاف شيخ

ننڍي کنڊ جي اوس پاس انڊامان، نڪوبار ۽ لکديپ ٻيٽن کان علاوھ ھڪ ٻيو ٻيٽن جو جهڳٽو مالديپ ٻيٽن جي نالي پڻ آھي جنھن کي مالديو Maldives بہ سڏين. ھي ٻيٽ قدرتي سونھن، موسم ۽ ڌرتيءَ کان الڳ ٿلڳ ھجڻ ڪري دنيا جي ٽوئر سٽن لاءِ (خاص ڪري جپان ۽ يورپ جي ملڪن جي ماڻھن لاءِ) جيڪي پنھنجي شھرن جي گوڙ گهمسان کان ڀڄي ڪنھن ماٺ مٺوڙي واري جاءِ تي ڪجهہ ڏينھن گذارڻ چاھين ٿا، بھترين جاءِ آھي.
مالديپ ٻيٽ عربي سمنڊ يا خليج بنگال بدران صحيح معنيٰ ۾ ھندي وڏي سمنڊ ۾ آھن. اھي ڪولمبو (سري لنڪا) کان 640 ڪلوميٽر پري آھن. ڪولمبو کان ھوائي جھاز جي اوٽ موٽ ٽڪيٽ ست ھزار رپيا کن آھي. سنگاپور کان بہ مالديپ ٻيٽن لاءِ ڊائريڪٽ اڏام آھي پر اھا تمام مھانگي آھي. اوٽ موٽ جو ڀاڙو اٽڪل 40ھزار رپيا آھي.
مالديپ ٻيٽن جي جهڳٽي ۾ اٽڪل ٻہ ھزار کن ننڍا وڏا ٻيٽ آھن جن مان 215 اھڙا آھن جن ۾ ماڻھو رھن ٿا. ٻيا ٻيٽ ائين خالي آھن جن تي فقط گهاٽا ٻيلا، جانور ۽ پکي پکڻ آھن يا وري ڪجهہ اھڙا آھن جن تي ڪجهہ بہ نہ آھي. سال جو وڏو حصو سمنڊ ۾ ٻڏل رھن ٿا. ھنن ٻيٽن بابت ھڪ ٻي ڳالھھ اھا آھن تہ مالديپ ٻيٽ (Maldives)ھڪ ھنڌ ھجڻ بدران سمنڊ ۾ پري پري تائين پکڙيل آھن.
خط استوا جي اتر کان اٽڪل6 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) کان شروع ٿي خط استوا کان ٿورو ھيٺ تائين ھليا وڃن ٿا. اتراھين ٻِيٽ کان آخري ڏاکڻو ٻيٽ 900 ڪلوميٽر پري آھي. سڀ ٻيٽ ننڍا ننڍا آھن. سڀ ۾ وڏي ٻيٽ جي ڊيگهہ 6 ڪلوميٽر آھي. ھي ٻيٽ ڪنھن ملڪ جي ملڪيت ھجڻ بدران پاڻ ھڪ ملڪ جي حيثيت رکن ٿا، جنھن جي گاديءَ جو ھنڌ مالي (Male)آھي.
جنھن ٻيٽ تي ھي شھر مالي آھي ان جي ڊيگهہ فقط ھڪ ميل (ڏيڍ ڪلوميٽر کن) آھي. ملڪ جو، يعني ھنن ٻيٽن تي پھچڻ لاءِ جيڪو بين الاقوامي ھوائي اڏو آھي اھو الڳ ٻيٽ تي آھي ۽ اھو ٻيٽ بہ ايترو ننڍو آھي جو ان تي فقط ھوائي اڏو آھي ۽ ھوائي جھازن جي مسافرن لاءِ ماني سپلاءِ ڪرڻ لاءِ ڪجهہ بورچيخانا آھن. مسافر ھوائي جھاز مان لھي مختلف لانچن ۾ يا ڊوميسٽڪ اڏامن ۾ مختلف ٻيٽن ڏي روانا ٿيو وڃن. 1972ع کانپوءِ ٽوئرزم وڌائڻ لاءِ 55 نيون ھوٽلون- ھر ٻيٽ تي ھڪ ھڪ، ٺھرايون ويون آھن، ان کان علاوھ ٽوئرسٽن لاءِ ننڍا گهر، ساديون ۽ سستيون ھوٽلون پڻ ڪيترن ئي ٻيٽن تي آھن. خاص ڪري سمنڊ جي ڪناري تي ننڍا وڏا Huts ٺھيل آھن. سمنڊ تہ خير چوڌاري ئي ٿيو. ٻيٽ جي وچ تي ٺھيل گهر يا ھوٽل جي کڏ تي بيھي ڏس تہ چوڌاري سمنڊ ۽ ٻيا ٻيٽ نظر اچن ٿا. ھنن ٻيٽن جي سمنڊ ۾ پوزيشن ائين آھي جيئن ھار ۾ موتي پوئيل ھجن. ھنن ٻيٽن لاءِ ڪنھن خوب لکيو آھي؛
“Satered across the equator like jewels flung into the sapphire depths of the Indian Ocean lie the Maldives.
ڪتاب؛ ”هي ٻيٽ هي ڪنارا“ تان الطاف شيخ صاحب جي اجازت سان کنيل.

مھاڳ: مالديپ جو موھہ

ننڍپڻ کان اهو ٻڌندا پيا اچون تہ،“گهڻي کاڌي کان گهڻو ڏٺو چڱو آهي“ ۽ مان سمجهان ٿو تہ ان چوڻي تي هاڻي سنڌ جي گهڻن ماڻھن عمل ڪرڻ شروع ڪيو آهي. جيڪا سٺي ڳالھہ آهي.
مان تہ هونءَ بہ چوندو آهيان تہ زندگيءَ جو سفر ڄمڻ سان ئي شروع ٿئي ٿو ۽ ان سفر جون ٽي منزلون آهن. پھرئين منزل سندس ننڍپڻ، ٻي منزل جواني ۽ آخري منزل آهي زندگي جو آخري حصو يعني “ٻڍاپو” ۽ انھن ٽنھي منزلن مان انسان ڪيترن ئي مشاهدن ۽ تجربن کان گذري ٿو. ڪٿي انتھائي خوش گوار تہ ڪڏهن تلخ تجربا ۽ مشاهدا بہ ڏسڻا پون ٿا ۽ ان سفر ۾ اڻ کٽ خواهشن جو سلسلو بہ شروع ٿئي ٿو. جيئن ڪنھن شاعر چيو تہ “هزارون خواهشين ايسي ڪه هر خواهش پي دم نڪلي”.
مان سمجهان ٿو تہ ان خواهشي سفر ۾ بہ اسان جو دوست بلوچ صحبت علي گهڻي قدر ڪامياب ويو آهي.پاڻ هن وقت سنڌ جي مصروف ۽ بھترين وڪيلن ۾ شمار ٿين ٿا، توڙي جو وڪالت فل ٽائم جاب آهي. صبح کان رات تائين ڪم ئي ڪم آهي، مان تہ حيرت ۾ هوندو آهيان تہ هي دوست هڪ وقت ۾ ايترن اهم شعبن کي وقت ڪيئن ٿا ڏين. وڪالت، ادب، شاعري ۽ دنيا جي ملڪن جون رولاڪيون ۽ سندس ذاتي گهريلو زندگي بہ آهي. ان لاءِ وقت ڪڍڻ، هڪ ذميوار والد هجڻ جون ذميواريون پڻ احسن طريقي سان نڀائي رهيا آهن. لکڻ جي حوالي سان ڳالھہ ڪجي تہ انتھائي مصروف ليکڪ ۽ شاعر ۽ سفرنامه نويس پڻ آهن. تقريبن 31 ڪتاب نثر توڙِي نظم ۾ نہ فقط لکيل پر ڇپيل پڻ آهن. جن ۾ انگريزي، اردو توڙي سنڌي ڪتاب شامل آهن.
هاڻي اچون ٿا سندن دنيا جي رولاڪين يعني سفرنامن طرف، اسان هن بحث ۾ نہ ٿا پئون تہ سنڌ ۾ سفرنامن جو باني ڪير آهي، پھريون سفرنامو ڪنھن ۽ ڪڏهن لکيو. پر اسان جي جيئن شعوري سانڀر ٿي آهي تہ اسان جڳ مشھور ليکڪ الطاف شيخ جا ئي سفرناما ٻڌا ۽ پوءِ ڪجهہ پڙهيا بہ. هن وقت بہ مان سمجهان ٿو تہ سنڌ ۾ سفرنامن جو ابو الطاف شيخ کي چئجي تہ وڌاءُ نہ ٿيندو. پاڻ هڪ سوء کان مٿي سفرناما لکي چڪا آهن ۽ شايد دنيا جو ڪو ملڪ رهيل هجي، جتي نہ ويو هجي. پاڻ ميرين انجنيئر هجڻ ڪري دنيا گهمي ڏسي چڪا آهن. هن وقت بہ سنڌ جا ڪيترائي ماڻھو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ روزگار سانگي رهيل آهن. تہ ڪي وري دنيا ڏسڻ لاءِ مختلف ملڪن جو رخ ڪن ٿا. پر سڀئي گهمڻ ۽ ڏسڻ کان پوءِ لکن نہ ٿا. اها خوبي هڪ ليکڪ، اديب ۾ ئي هجي ٿي تہ هو ان ملڪ جي تاريخ، تاريخي ماڳ، مڪان، خوبصورت منظر قلمبند ڪري ٿو. اهڙي طرح بلوچ صحبت وٽ اها نہ فقط خوبي، صلاحيت آهي پر ڏات ۽ ڏانءُ بہ آهي. جيڪو ڏسي ٿو اهو پڙهندڙن لاءِ اهڙي طرح لکي ٿو ڄڻ پڙهندڙ ان ملڪ جو مشاهدو گهر ويٺي ڪري رهيو هجي ۽ سٺي ليکڪ سفرنامو لکندڙ جي اها خوبي آهي.
اسان جي دوست جو هي سفرنامو، “مالديپ ۾ مانڊاڻ” بلڪل تازو گذريل جون جولاءِ 2024ع جو آهي ۽ هي سندس اٺون سفرنامو آهي.هن کان اڳ ۾ “دادو کان دُبئي”، “نيپالي نينھن”، ”انڊونيشيا جو عشق”، “ملائيشيا جون محبتون”، ۽ “ٿائيلينڊ جا ٿاڪ” جا سفرناما مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. هي سفرنامو “مالديپ ۾ مانڊاڻ” بہ اوهان جي هٿن ۾ آهي. جڏهن تہ سندس سفرنامو “سريلنڪا جي سونھن” پڻ پرنٽنگ جي مرحلن ۾ آهي.
اسان جو يار صحبت هن معاملي ۾ بہ خوش نصيب آهي. جو کيس چار يار بہ ڀلا مليا اٿس ۽ سٺن دوستن جو هجڻ بہ اميري ۽ شاهوڪاري جي نشاني آهي. جو کيس سفر جا ساٿي هميشھہ مخلص، بردبار سھپ ۽ ڏاهپ وارا مليا آهن ۽ هم خيال پڻ. ڇو تہ سفر ۾ هم خيالي هجڻ لازمي آهي. ڇو تہ سفر رڳو سھنجو نہ پر ڪڏهن ڪڏهن اڙانگو بہ ٿيندو آهي ۽ انھن حالتن ۾ سٺا هم سفر ئي حوصلو ۽ همت ڏيندا آهن.
مالديپ جي سفر لاءِ بہ بلوچ صحبت دوستن جي چونڊ ڏاڍي سٺي ڪئي آهي ۽ سفر بخير ڪري ماڳ موٽي آيا. سفرنامو بہ اسان جي نثري صنف ۾ هن وقت اهم مقام حاصل ڪري چڪو آهي. اسان جي درسي ڪتابن ۾ بہ نامور ليکڪن جا سفرناما ڏنل آهن. تہ جيئن اسان جو نئون نسل بہ ان صنف کان با خبر رهي سگهي ۽ ملڪن جي معلومات حاصل ڪري سگهي. ڇو تہ سفرنامي جو هڪ سماجي ڪارج بہ ٿئي ٿو. سفرنامو صرف تفريح ۽ ذاتي ذهني تسڪين لاءِ نہ پر معلومات لاءِ بہ هجي ٿو. جڏهن مون هي سرنامو مالديپ بابت پڙهيو جيڪو ڪيترن ئي صفحن تي مشتمل آهي. نھايت ئي informative لڳو. هڪ تہ بلوچ صحبت جي ٻولي ڏاڍي سھڻي، سولي ۽ ادبي آهي. لکڻ جو انداز بہ نھايت خوبصورت، دل کي وڻندڙ آهي. پھرئين صفحي کان پڙهندي آخري صفحي تائين ڪٿي بہ مون کي بوريت جو احساس نہ ٿيو. توڙي جو مون هي سفرنامو ڏهن ڏينھن ۾ پڙهي پورو ڪيو. ان جو ڪارڻ هڪ تہ پنھنجي ذاتي مصروفيت ۽ ٻيو هر وقت بجلي جو نہ هجڻ آهي ۽ مسلسل پڙهڻ سان منھنجي نظر يعني اکين تي اثر پوي ٿو. ان ڪري وقفي وقفي سان پڙهي پورو ڪيم.
هاڻي اچان ٿو تہ هن سفرنامي ۾ مون ڇا پڙهيو، ڇا حاصل ڪيو. توڙي جو مان ڄاڻان ٿو تہ هر ملڪ جون قانوني، جاگرافيائي، سماجي، سياسي ۽ معاشي حالتون مختلف آهن. هر ملڪ جو سڪو، تاريخ، تھذيب، ثقافت، رهڻي ڪھڻي پنھنجي آهي. موسمي ماحول پڻ پنھنجو آهي. ريتون، رسمون، رواج، ٻولي ۽ لھجا پنھنجا پنھنجا آهن. بلوچ صحبت جي هن سفرنامي مان آءُ مالديپ جو سفر گهر ويٺي پڻ ڪري چڪو آهيان. جنھن ۾ منھنجو روپيو بہ خرچ نہ آيو. بنان پئسي مزو ورتم. ڏاڍيون دلچسپ ۽ معلوماتي ڳالھيون پڙهڻ لاءِ مليون. پھريون تہ اهو معلوم ٿيو تہ مالديپ اسلامي ملڪن ۾ ننڍي ۾ ننڍو جزيرائي ملڪ آهي. ٻارنھن سو ٻيٽن کان مٿي جي ٻيٽن تي مشتمل آهي. لڳ ڀڳ پنج ڇھہ لک آبادي وارو خوبصورت ملڪ آهي. توڙي جو مالديپ کي آزاد ٿئي سٺ سال کن مس ٿيا آهن، پر هو هن وقت بہ معاشي لحاظ کان پنھنجي پيرن تي بيٺل نظر اچي ٿو. سڪي جي لحاظ کان بہ اسان کان ارڙنھن دفعا وڌيڪ آهي. هي ملڪ جنھن کي land of island ۽ ٻيٽن ۽ جزيرن جو ملڪ چئجي تہ بھتر رهندو. ڇو تہ بلوچ صحبت لکي ٿو تہ،“پاڻ بہ ٽي اهم ٻيٽ گهميا، جنھن ۾ گرائيدو ٻيٽ، مافوشي ٻيٽ ۽ گُلي ٻيٽ، جيڪي انتھائي خوبصورت آهن. ٻي اهم ڳالھہ اها بہ معلوم ٿي تہ هتي گهر يا دڪان ۾ اندر جوتا پائي وڃڻ جي اجازت نہ آهي. هر ماڻھو پنھنجا جوتا ٻاهر لاهي اندر اچي ٿو. ان جا ڪھڙا سبب ٿي سگهن ٿا. مان سمجهان ٿو تہ اهو عمل بھتر عمل آهي. ڇو تہ جوتن کي لڳل گند ڪچرو اندر اچڻ سان ماحولياتي گدلاڻ ڪري ڪيتريون ۽ بيماريون جنم وٺن ٿيون. ان ڪري صحت جي حوالي سان هي عمل بھتر لڳو. ٻي ڳالھہ اها بہ معلوم ٿي تہ هتي جا ٻيٽ خوبصورت هجڻ سان گڏ رهائشي توڙي، کائڻ پيئڻ جي حوالي سان مھانگا آهن. ان جو ڪارڻ مان سمجهان ٿو تہ هنن ٻيٽن تي ٻاهرين سياحن جي آمدورفت ڪجهہ سوائي آهي ۽ اتان جا مقامي ماڻھو يا تاجر انھن جي مجبوري جو فائدو وٺن ٿا ۽ هر شي ڊالر جي ريٽ تي ملي ٿي ۽ اها اسان جي پاڪستاني سڪي جي حساب سان گهڻو مھانگو آهي ۽ آبھوا جي لحاظ کان بہ جون جولاءِ اسان وانگر انتھائي گرم رهي ٿو، پر ان هوندي بہ گهمڻ، ڏسڻ جو مزو گرمي سردي نہ ٿو ڏسي ۽ خوبصورت منظر ٿڪ لاهي ڇڏين.
وقت جي پابندي تہ ڪو اتان جي ماڻھن کان سکي. يا هتان جي ٻيڙن، جھاز وارن کان سکي. يعني جيڪڏهن فيري جي نڪرڻ جو وقت ست بجه آهي تہ پوءِ ست لڳي هڪ منٽ بہ نہ ٿيندو. يعني ڪنھن جو بہ انتظار ناهن ڪندا. ڀلي فيري ۾ پنجن ماڻھو ڇو نہ هجن، يا سڄي فيري خالي ڇو نہ هجي. خوش اخلاقي ۾ بہ اتان جا ماڻھو پنھنجو مٽ پاڻ آهن. انتھائي ڪو آپريٽو. ڪجهہ ڏينھن ۽ راتيون گرائيدو ٻيٽ جو مزو وٺڻ بعد واپسي،مالي ...طرف، ٿئي ۽ اتي سلطان جامع مسجد ۾ نماز پڙهڻ جو شرف بہ حاصل ٿيو. بلوچ صحبت ۽ سندس دوست کي ان کان سواءِ نيشنل لائبريري ۽ آرٽ گيلري گهمڻ جو بہ موقعو مليو. ان کان سواءِ بلوچ صحبت لکي ٿو تہ مالديپ جي صدر جي رهائش گاھہ ... يا آفيس ٻاهران گهمياسين، ڪنھن بہ قسم جو سرڪاري پروٽوڪول، يا پوليس، فوج جي نفري، نظر ڪا نہ آئي ۽ محسوس ٿيو تہ واقعي ئي جهموري ملڪ کي جهموري ملڪ جي سربراھہ کي عوام مان ڪھڙو خوف خطرو ڇو تہ حڪمران عوامي هوندا آهن، عوام جي خدمت لاءِ ئي هوندا آهن تہ پوءِ عوام مان ڪھڙو خطرو. اهو ساڳيو ئي منظر مون پنھنجي ملائيشيا جي سفر ۾ ڏٺو هو، اتي بہ وزير اعظم هائوس آڏو ڪنھن بہ قسم جو ڪو پروٽوڪول يا پوليس نہ هئي. اسان آرام سان هائوس آڏو گهمياسين ۽ ڦوٽوگرافي پڻ ڪئي. مطلب هي آهي تہ حقيقي عوامي ۽ جهموري حڪمراني. هنن ملڪن گهمڻ ۽ ڏسڻ سان، اهو بہ پتو پوي ٿو تہ اسان ڪٿي بيٺا آهيون ۽ هي ملڪ ڪٿي بيٺا آهن. اسان جا حڪمران اسان سان ڇا حالت ڪري رهيا آهن. فرق واضع ٿي وڃي ٿو.
صفائي، سٿرائي، امن و امان جي حوالي سان بہ مالديپ بھترين ملڪ لڳو. هتان جا ٿاڻان بہ ويران نظر آيا. يعني ڪو بہ ڪرائيم وغيرہ نہ هجڻ جي برابر، يعني قانون تي مڪمل عمل آهي. اسان وٽ بہ قانون تہ آهي پر عمل رياست جي پسند نا پسند تي ٿي رهيو آهي. انصاف امير غريب لاءِ جدا جدا آهي. خير اها تہ اسان جي قسمت آهي جو هن ملڪ ۾ پيدا ٿي پيا آهيون تہ پوءِ هاڻي ڇا ٿو ڪري سگهجي.
مطلب تہ هي سفرنامو “مالديپ ۾ مانڊاڻ” انتھائي دلچسپ، معلوماتي، ۽ لاڀائتو ثابت ٿيو. بلوچ صحبت جي پوري همسفر ٽيم کي مبارڪ هجي، خاص ڪري پروفيسر مختيار سمي صاحب کي جنھن پڻ هنن جوانن سان سفر ڪيو ۽ هنن جي رهنمائي پڻ ڪئي. واقعي ئي مالديپ جي موھہ مون کي بہ موهي وڌو. آخر ۾ پنھنجي هن شعر سان اوهان کان اجازت وٺندس؛
زندگي جو سفر ڪٽيان ويٺو،
سور هڪ ٻئي مٿان سٿان ويٺو
نفرتن جون پٽي چڪيون “تابش”!
چاھہ جا چيچڪا ڇٽيان ويٺو.

تابش بخاري
دادو-سنڌ

سفرنامو عرف عشق نامو

هي جملا عام طرح ٻڌڻ ۾ ايندا آهن تہ ”مزو ناهي ملڪ ۾“، ”مزو ناهي زندگيءَ ۾“، خاص ڪري اڌڙوٽ ۽ منھنجي عمر وارا ٿڌا ساھہ ڀري ائين چوندا آهن. تازو وفات ڪري ويل آمريڪي فلاسافر ڊينل سي ڊينيٽ Danial C Dennett جو چوڻ آهي تہ انساني خوشيءَ جو دارو مدار جسماني صحت تي نہ بلڪ ذهني صحت منديءَ تي آهي. ڇاڪاڻ تہ ذهن ئي سموري بدن جي ڪارڪردگي کي ڪنٽرول ڪري ٿو. بند ڪمري ۾ رهندڙ ماڻھو ذهني ٻوسٽ جو شڪار ٿئي ٿو، آزاد ماڻھوءَ جو ذهن ھميشہ فرحت ۾ رهي ٿو. ڪنھن زماني ۾ سرحدون جڏهن ڪونہ هونديون هيون، تڏهن مارڪو پولو بنا ڪنھن رنڊڪ روڪ جي اٽليءَ جي شھر وينس کان سفر ڪندي چين پھچي شھنشاھہ قبلائي خان جي درٻار ۾ پھچي ٿو. قبلائي خان سندس سفر جا احوال ٻڌي حيرت ۾ پئجي وڃي ٿو. دنيا جي شھرن جا رنگين قصا ٻڌي پنھنجي قبائلي طرز جي زندگيءَ تي شرمندگي محسوس ڪري ٿو ۽ پاڻ کي ڪمتر محسوس ڪرڻ لڳي ٿو. سو اهو آهي جادو سئر سفر ڪرڻ جو.
سياحت ڪندڙ جي زندگي ۾ هڪ قسم جو سواد flavor اچي وڃي ٿو. هڪ سٺي کاڌي وانگر سندس زندگي ذائقيدار بڻجي وڃي ٿي. اڄڪلھہ جي سياحت تمام مھانگي ۽ منجهائيندڙ شرطن قاعدن سان جڪڙيل آهي.
بلوچ صحبت علي پڻ ويزا جي حاصل ڪرڻ سميت ٻين انيڪ مشڪلاتن جو ذڪر ڪيو آهي. خاص ڪري پاڪستان جھڙن پٺتي پيل ملڪن جي ڪمزور ڪرنسي ۽ خراب شھرت پڻ سبب آهن. پاڪستاني پاسپورٽ جي دنيا ۾ عزت ڪانھي. دنيا مان سرحدون ختم ٿي وڃن هڪ يوٽوپيائي تصور نہ آهي بلڪ هڪ پراُميد افضا سوچ آهي، جيئن ڪارل مارڪس چيو هو تہ،”انسان ذات لاءِ هر ننڍو وڏو ڇوٽڪارو انساني دنيا کي ٻيھر اڏڻ جو هڪ مرحلو آهي تاڪ ماڻھن جو هڪ ٻئي سان تعلق جڙي سگهي“.
سئر سفر ڪرڻ بہ تعلق جوڙڻ جو عمل آهي. ياد رهي زندگي بہ سفر آهي. اهو بہ ياد رهي تہ سياحت ڪندڙ پوري جڳ سان محبت ڪندڙ انسان هوندو آهي. هو بين الاقواميت پسند هوندو آهي. وطن سان محبت ڪرڻ هڪ فطري عمل آهي، پر شاھہ لطيف چواڻي ”عالم سڀ آباد“ هجي، پنھنجي وطن سان گڏ.
بلوچ صحبت علي جو سفرنامو ”انڊونيشيا جو عشق“ پڙهندي مون محسوس ڪيو ڄڻ تہ هن ڪيسونيوا ۽ بائرن جو روپ ڌاري اهو سفر ڪيو آهي. ڪسيونيوا پنھنجي ذوق شوق جو سربستو احوال پنھنجي اعترافن ۾ ڪيو آهي، جيتوڻيڪ ڪن نقادن جو خيال آهي تہ هن وڌاءُ کان ڪم ورتو آهي. پر هن جي صاف گوئيءَ اظھار جي جرئت تي کيس داد ڏيڻ کان رهي نہ ٿو سگهجي. (مشھور رومانوي شاعر بائرن برطانيه جي ٻوسٽ واري ماحول کان تنگ ٿي، ان کي خير آباد چئي اٽليءَ ۾ اچي رهيو ۽ ترڪن خلاف يونانين جي جنگ آزاديءَ ۾ شريڪ ٿي ڦوھہ جوانيءَ ۾ گذاري ويو. بائرن پاڻ ايترو تہ خوبصورتsmart هوندو هيو جو ناريون خود مٿس عاشق ٿي پاڻ کي ارپينديون هيون. ان سبب بائرن خوب مزا ماڻيا.
منھنجي خيال ۾ بلوچ صحبت علي پھريون سنڌي ليکڪ آهي جنھن پنھنجي هن سفرنامي ۾ موج مستيءَ وارن واقعن جو بي باقيءَ سان ذڪر ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڏنل ڪن چيپٽرن جا عنوان هن طرح آهن؛ ”شوخ حسينا سان ٽڪر“، ”فنس ڪلب جا نشا“، ”فنس ڪلب؛ هوءِ ۽ مان“، ”گرم بسترا“، ”موج مستيون“، ”ورجن بيچ جي ورجن ناري“، ”هوٽل جي جوان رات“، ”سھڻين جا نخرا“، ”قاتل حسينائون“ ۽”الوداع بالي....وري ملبو“.
انڊونيشيا آباديءَ جي لحاظ کان دنيا ۾ مسلمان آباديءَ جو وڏي ۾ وڏو ملڪ آهي. صدر سئيڪارنو جي دور ۾ سندس سيڪيولر حڪمت عمليءَ سبب ملڪ اندر سياحت عروج تي هوندي هئي ۽ جنسي ڪاروبار بہ عام هوندو هو. بعد ۾ اسلامي تبليغ جي اثر ڪري ان تي ظاهري طور ٻنجو اچي ويو هو، پر جيئن تہ ملڪ جي آمدنيءَ جو وڏو حصو سياحت ۽ تفريح آهي، تنھنڪري جهل پل ڪا بہ ڪانھي. جنھن جي شاهدي بلوچ صحبت جي هن سفرنامي جي احوال مان بہ ملي ٿو.
منھنجي خيال ۾ ساڳي صورتحال هو ٻئي مسلمان ملڪ ملائيشيا ۾ بہ هوندي، جتان جو بہ سفر بلوچ صحبت علي پنھنجي ڪن ٻين دوستن سان گڏجي ڪري ان تي بہ الڳ ڪتاب لکيو آهي. البتہ ملائيشيا ۾ مغربي سياحن لاءِ ايتري ڇڪ ناهي جيتري کين فلپائين لاءِ ٿيندي هوندي. فلپائين جي آباديءَ جو وڏو انگ مقامي عيسائين جو آهي جيڪي ڪافي لبرل آهن.
بلوچ صحبت علي هرڪم ۽ ارادي ۾ عمدگي پسند perfectionist رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جو سيڪريٽري وارو عھدو هجي، وڪالت جو پيشو هجي، يا بطور شاعر، مترجم ۽ ايڊيٽر انگريزي ماهوار The Literature جو هجي يا ٻاهرين ملڪن جي سياحت وارو پروگرام، انھن جي رٿا بندي، عمليت پسندي تڪميل لاءِ ذميدار ي، جفاڪشي ۽ نفاستي طريقهءِ ڪار سندس گڻ چئبا. خاص وصف سندس لکڻيءَ جو اندازِ بيان آهي. انڊونيشيا جي سفر جو احوال پڙهندي پڙهندي محسوس ٿيندو ڄڻ تہ پڙهندڙ بہ ان سفر ۾ ساڻ آهي. ڪم آندل ٻولي ايتري تہ روان ۽ مزيدارآهي جھڙوڪر زباني حال احوال يا دلچسپ قصا گوئي، جنھن ۾ پڙهندڙ ايترو تہ محصور ٿي ويندو جو چاهيندو تہ سفر جو احوال اڃان جاري رهي. جيئن چپس سان نمڪ پارا کائڻ دوران crispy لڳندا آهن تيئن ئي ان سفر جو داستان بہ آهي.
جيئن سنڌيءَ ۾ چئبو آهي ٻہ تہ ٻارنھن، تيئن انڊونيشيا جي ان سفر ۾ بلوچ صحبت علي سان ٽي دوست ڊاڪٽر سنتوش مل، پرتاب راءِ شيواڻي ۽ منصور علي چارڻ بہ شامل آهن. هم خيال ۽ سک ڏک جا ساٿي، انھن همراهن ڪري بلوچ جو اهو سفر ڪاميابيءَ ۽ خوشگوار پڄاڻيءَ تي پھچي ٿو. جيڪڏهن بلوچ صحبت علي اهو سفر اڪيلو ڪري ها تہ پوءِ ان جو اظھارِ بيان ۽ احوال بہ ممڪن آهي تہ مختلف هجي ها.
ان سفرنامي ۾ نہ صرف موج مستي ۽ حاصل ٿيل لذتن جو احوال آهي، ساڻ ساڻ انڊونيشيا جي تاريخ، تھذيب، سماجي ۽ معاشي ۽ سياسي حالتن جو بہ احوال ملندو. ٻيو تہ ڪتاب جي خالي هنڌ کي بلوچ صحبت علي ڏاهن جي قولن، پنھنجي شعرن جي بندن ۽ واضع سياسي بيانن سان پُر ڪري پنھنجي ڪمٽمينٽ ۽ آدرشن جو بہ واضع اظھار ڪيو آهي. ان مان ظاهرٿيو تہ بلوچ صحبت علي هڪ ڪميٽيڊ انسان دوست ۽ سنڌ دوست ليکڪ ۽ شاعر آهي. جيڪو سنڌ جي موجوده سماجي ۽ سياسي حالتن جي زوال کي ڏسي رنجينده تہ آهي پر مايوس نہ آهي. هو روشن مستقبل ۽ تبديلي جو آرزو مند آهي.
”دادو ۾ آهي جادو“ جي رهواسي بلوچ صحبت علي جي خوش مزاجي، دوست نوازي ۽ علم دوستي جو قائل رهندي مان سندس وڌيڪ ڪاوشن جو آرزو مند آهيان تہ وڌيڪ سفرڪندو رهي ۽ عشق ناما لکندو رهي.

ممتاز مھر

نوٽ: هن کان اڳ ۾ ايندڙ سفرنامي” انڊونيشيا جو عشق“ جي مھورتي تقريب جيڪا پريس ڪلب ڪراچي ۾ ٿي هئي، جنھن جي صدارت نالي واري نقاد، ڪھاڻيڪار، ۽ فلاسفر محترم ممتاز مھر ڪئي هئي ۽ صدارتي مقالو پڙهيو هو.

ليکڪ جي ڊيسڪ تان : جوڳيئڙا جھان ۾

سنڌي ٻوليءَ جي سفرنامن جي دنيا جو مھان ليکڪ الطاف شيخ آهي. جيڪو سنڌ توڙي هند ۾ ڄاتل سڃاتل شخصيت آهي. اهڙو ورلي ڪو سنڌ جو پڙهيو ڪڙهيو ماڻھو هوندو، جنھن الطاف جا سفرناما نہ پڙهيا هجن.اسان تہ سائين کي ننڍي هوندي کان ئي پڙهندا پئي آيا هون. الطاف شيخ سنڌ جو اهو سيلاني، فقيرمنش دانشور آهي، جنھن سان جڏهن بہ ملڻ جو موقعو مليو تہ هن جو مون سان سڀاءُ پنھنجي ننڍي ڀاءُ جيان هو. هن مون کي سدائين مان ڏنو. منھنجي جڏهن ڪراچي ۾ رهائش هوندي هئي تہ هر مھيني يا ٻي ٽين مھيني فون ڪري چوندو هو تہ،”صحبت! تو لاءِ ڪتاب ڪڍي ڇڏيا اٿم، اچ اچي کڻي وڃ“. جڏهن بہ مون کي ڪتابن کڻڻ ۾ دير ٿي ويندي هئي ۽ الطاف صاحب ڏي نہ وڃي سگهندو هيم تہ وري ٻيھر فون ڪري چوندو هو تہ ”صحبت ! جيڪڏهن تو کي ٽائيم نہ ٿو ملي تہ مان توڏي ڪتاب کڻي ٿو اچان“. سچ تہ مان ڏاڍو شرمندو ٿيندو هيم. سائين انتھائي شفيق، محبتي، مان ڏيڻ واري تمام وڏي شخصيت آهي. منھنجي هر سفرنامي تي مون کي همٿائڻ، سفرناما لکڻ تي منھنجي حوصله افزائي ڪرڻ، اهو ئي منھنجي لکڻ ۾ اتساھہ جو ڪارڻ آهي. سائين سان جڏهن بہ ملڻ ٿيندو آهي (هاڻي تہ ڪيئي ڏينھن ٿي ويا آهن، جو سائين جو درشن نہ ٿيو آهي، باقي فون تي ڳالھہ ٻولھہ ڪري وٺندا آهيون)تہ دروازي وٽ ئي آڌر ڀاءَ ڪندا آهن. ان ڪري سنڌ جي هن سيلاني فقير کي اسان جي جنمن جو ۽ نسلن جو سلام.
ان ۾ ڪو بہ شڪ نہ آهي تہ انسان جڏهن ماءُ جي پيٽان جنم وٺي اچي ٿو تہ تنھن ڏينھن کان وٺي هن جو سفر شروع ٿي وڃي ٿو. پوءِ هو ڪڏهن ڪٿي تہ ڪڏهن ڪٿي ۽ اهڙي ريت هو مسلسل سفر ۾ رهي ٿو. سفر پوءِ سنڌي وارو هجي يا کڻي انگريزي وارو، پر هوندو سفر ۾ آهي. سفر ئي زندگي آهي. پر ڪي ماڻھو گهڻين نعمتن هوندي بہ انھن شين کان محروم ئي رهجي ويندا آهن، يعني هوندي سوندي بہ. شاھہ صاحب سچ چيو آهي تہ؛
محروم ئي مري ويا ماهر ٿي نہ مئا،
چڙي جيئن چنہب هڻي، لڏيائون لُئا،
حباب ئي هيا، انھيءَ واديءَ وچ ۾.
سفرنامو ”منھنجو ديس جھان“ (هي ٿائيلينڊ، لائوس، ڪمبوڊيا، ملائيشيا ۽ سري لنڪا جو سفر نامو آهي). هن جو ليکڪ ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي آهي. هي ڪتاب مون کي منھنجي ايڊووڪيٽ دوست سيد عزيز الرحمان شاھہ (دادو بار جو اڳوڻو صدر) بار ۾ ئي ڏنو هو. جيتوڻيڪ شاھہ صاحب اسان وٽ جسماني طور تي نہ رهيو آهي، پر روحاني طور تي هو اسان دوستن سان اڄ بہ گڏ آهي. هن جو انتقال 3 آڪٽوبر 2024ع تي ٿيو. سو هن ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل پيچ تي سيد منير شاھہ لکيو آهي تہ؛
”سفر پھرئين ڏينھن کان ئي انسان جو مقدر رهيو آهي. شين ماڳن ۽ مڪانن بابت ڄاڻڻ انساني فطرت ۾ شامل آهي. سفر جي اهميت ۽ فائدن جي ڪري ان کي زندگي جو استعارو (Metaphor of life ) چيو ويو آهي.“
سفرنامي لکڻ جو اندز هر ليکڪ جو پنھنجو آهي. الطاف شيخ صاحب جو تہ مٽ ئي ڪونھي. سندس هر ڪتاب سون ۾ تورڻ جھڙو آهي. هن کان علاوہ سنڌ جا ٻيا ڪيئي سندباد هن صنف ۾ پنھنجي طبع آزمائي ڪري چڪا آهن ۽ ڪري رهيا آهن. الطاف شيخ ان سفرنامي جي باري ۾ ٻڌائي ٿو، جيڪو پڻ ڏاڍو دلچسپ آهي. اهڙو ڪھڙو سفرنامو ٿي سگهي ٿو. اچو تہ پڙهون.
سفرنامو ”هوا جي ديوار“ جو ليکڪ منظور جوکيو آهي. جنھن جو مھاڳ منھنجي استاد سائين الطاف شيخ جن لکيو آهي. الطاف شيخ پنھنجي هن مھاڳ ۾ لکي ٿو تہ؛
”هونئن تہ مون کان ڪو سٺي/دلچسپ ناول يا سفرنامي جو ٽيسٽ پڇي تہ آءُ تہ اهو ئي چوندس تہ جيڪو توهان هڪ دفعو پڙهڻ شروع ڪريو تہ ان کي ڇڏڻ تي دل نہ چوي“.
سفرنامي جي catalogue ۾ سفرنامن جي تمام گهڻي ڀرمار آهي. پر جڏهن بہ سفرنامي جو نالو يا تصور ذهن ۾ اڀري اچي ٿو تہ سڀ کان اڳ ۾ الطاف شيخ جو نالو نڪري نروار ٿي بيھي ٿو. الطاف شيخ سفرنامي جي دنيا ۾ ايترو ڪم ڪيو جو، ننڍي کان ننڍو پاٺڪ اهو کڻي سنڌ جو هجي يا هند جو، اهو الطاف شيخ صاحب جي نالي کان بخوبي واقف آهي.
الطاف شيخ کان علاوہ جن اديبن سفرناما شوق سان لکيا آهن، انھن جي بہ لسٽ ڊگهي آهي. پر هتي چند سفرنامن جو ذڪر ڪرڻ مناسب ۽ وقتائتو سمجهان ٿو.
سفرنامو ”ڏوري ڏوري ڏيھہ“ تنوير عباسي صاحب جو لکيل آهي. هي يورپ جو سفرنامو آهي. هن جي صفحي نمبر 30 تي تنوير عباسي صاحب ڪمال جون سٽون لکيون آهن. هو لکي ٿو تہ؛
”مائيڪل اينجلو سسٽين شئپل ۾ بلڪل اگهاڙيون تصويرون ٺاهيون. جن کي پوءِ انجير جي پنن سان ڍڪيو ويو. جڏهن انھن تصويرن تي اعتراض ٿيو تہ عبادت گاھہ ۾ اگهاڙيون تصويرون مذهب جي خلاف آهن. تہ مائيڪل اينجلو انجيل جو حوالو ڏنو تہ قيامت ۾ خدا سڀني کي اگهاڙو اٿاريندو. هن چيو تہ جي خدا جي اڳيان سڀ اگهاڙا هونداسين تہ، خدا جي گهر ۾ اگهاڙين تصويرن جي هجڻ ۾ ڪھڙو ڏوھہ آهي. مائيڪل ايجلو، مرڻ کان اڳ، پنھنجيون جيڪي بہ تصويرون وٽس موجود هيون، اهي ساڙي ڇڏيون“.
”نيل نديءَ ڪناري“سفرنامو سنڌ جي مشھور ليکڪ آفتاب ميمڻ جو آهي. هن ڪتاب جي عنوان ”هڪ ساحل ۽ هڪ سارا“هيٺ عمر قاضي پنھنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو تہ؛
”هونءَ تہ ڀلان ڀليءَ جو ڪو ڇيھہ ئي ناهي پر پال ٿاروڪس، وليم لسيٽ هيٽ مون ۽ ايرڪ نيو باءَ جا سفرناما پوريءَ دنيا ۾ شوق سان پڙهيا وڃن ٿا. جڏهن ڪوئي وي ايس نائپال جو هندستان جو سفرنامو”گهايل ثقافت“ پڙهي ٿو تہ هندستان جي اصل تصوير اکين آڏو اچيو وڃي. دانشورن ۽ صحافين جا سفرناما تہ انھن ملڪن جي پيداوار، ماڻھن جي مزاج ۽ سياسي اٿل پٿل يا جمود جو ڀرپور عڪس پيش ڪن ٿا پر جڏهن سفرنامي ۾ تخليقي ادب جو سُر شامل ٿي وڃي ٿو تہ ان جي لذت جو درجو ئي ٻيو ٿي پوي ٿو. ان سلسلي ۾ مان ڪيئن ٿو فراموش ڪري سگهان آمريڪي نوبل انعام يافتہ اديب جان اسٽين بيڪ جو مشھور ڪتاب ”ٽريول وٿ چارلي“ ۽ پرريبيڪا ويسٽ ۽ ڊي ايڇ لارينس بہ تہ پنھنجو مٽ پاڻ آهن. پر جيڪي سفرناما مڪمل طور تي تصوراتي حوالي سان لکيا ويا، انھن جي ڪيٽيگري الڳ آهي. هومر جي اوڊيسي کان وٺي جوناٿن سفٽ جي گليورس ٽريولس تائين ڪيترائي ڪتاب ڪڏهن بہ نہ پراڻا ٿيندڙ اهي پيارا داستان آهن، جي ماڻھوءَ جي شعور ۾ مسلسل اضافو ڪندا رهندا. هونءُ تہ سفرنامن جا قسم ماڻھن جي مزاجن وانگر انيڪ آهن پر جيڪڏهن ايڪيڊمڪ حساب سان انھن جي ورڇ ڪجي تہ انھن کي گهڻو ڪري سماجي، سياسي ۽ بنھہ ذاتي قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو“.
منھنجي سامھون آغا ثناﷲ خان جو سفرنامو ”اچو تہ نيپال گهمون“ رکيل آهي. ڪتاب جي مھاڳ ۾ انور فگار هڪڙو لکي ٿو تہ؛
آغا چوي ٿو تہ؛ ”صبح جو اٿون ٿا، تڪڙ تڪڙ ۾ تيار ٿي نڪري وڃون ٿا. سڄو ڏينھن گهمڻ ۾ ٿا گذاريون. هڪ هڪ شيءَ کي جاچي جاچي ڏسڻ هڪ ٽوئرسٽ جي خواهش هوندي آهي. ان کان سواءَ، ان ملڪ جا تاريخي ماڳ مڪان ڏسڻ بہ ضروري هوندا آهن“. واقعي ئي ٽورسٽ ٿوري وقت ۾ جيڪو مطالعو ۽ مشاهدو ڪري، نتيجا ڪڍي ٿو وٺي، سو بہ قيمتي سرمايو ٿيو پيو. وري جو ان کي سفرنامي جي صورت ۾ پيش ٿو ڪري، تہ اهو تاريخ جو هڪڙو اهڙو انوکو پھلو ثابت ٿي پوي ٿو، جو وقت گذرڻ کان پوءِ ڄڻ اهم ماخذ جي حيثيت ٿو وٺي“.
الطاف شيخ جي سفرنامي ”مون کي موهيو ملائيشيا“ جي مھاڳ ۾ رخسانہ پريت لکي ٿي تہ؛
”هن ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ تي ڪو بہ انسان جيترا اڳڀرا قدم کڻندو آهي، جيتريون سرحدون لتاڙيندو آهي، سندس ذهن جا ventilator اوترا ئي وڌيڪ کُلندا آهن ۽ ان تي دنيا گهمڻ سان نوان نوان انڪشافات ٿيندا آهن. سوچ کي نيون وسعتون ملنديون آهن. ائين ماڻھوءَ جي ذهني سوڙهائپ هڪ وڏي وشالتا ۾ تبديل ٿي ويندي آهي ۽ اهو ئي سفر ڪندڙ ماڻھو اگر اديب آهي تہ ان جو سفر نہ صرف پاڻ لاءِ لاڀائتو ٿئي ٿو، پر هو پنھنجي قوم ۽ ڌرتيءَ لاءِ بہ هڪ وڏو ڪارائتو درد بڻجي وڃي ٿو. جڏهن هو پنھنجين تخليقن ذريعي اهو سمورو stuff هڪ potential energy (ڳجهي توانائي) وانگر پنھنجي ديس واسين ڏانھن منتقل ڪري ٿو”.
اسحاق انصاري جي سفرنامي ”نڪري پيس نيپال“ جي مھاڳ ۾ بدر ابڙو لکي ٿو تہ؛”هر ليکڪ جو پنھنجو انداز هوندو آهي ۽ هرهڪ جو پنھنجي سوچ جو زاويو ٿئي ٿو. هرڪو پنھنجين محدود حالتن ۾ مشاهدو ماڻي ٿو. اسحاق انصاري بھرحال، هڪ سٺو سياح آهي. کيس خبر آهي تہ سياحت ڪيئن ڪجي؟ ڇا ڏسجي ۽ ڪيئن رٿا بندي ڪجي؟. اها اضافي خوبي اٿس تہ پنھنجا تجربا ۽ مشاهدا دلچسپ پيرائيي ۾ پڙهندڙن تائين پھچائي ٿو. نہ تہ کوڙ سارا سياح فقط گهمي ڦري دل وندرائي موٽي ايندا آهن. جن ڏٺو ۽ ٻين تائين ڄاڻ نہ پڄائي منھنجي نظر ۾ اهو بيڪار ويو“.
مون کي اصل ۾ جنھن شخصيت سفرناما لکڻ تي اتساهيو اهو سائين الطاف شيخ آهي. سائين سان ملاقاتن ۽ سندس سفرنامن مون کي شوق ڏياريو تہ مان بہ دنيا گهمان ۽ دنيا جي مختلف ملڪن جو سٺيون يادون کڻي پنھنجي ديس واسين تائين ڪتابي شڪل ۾ پھچايان.
هن سفرنامي ۾ منھنجا دوست جيڪي مون سان مالديپ جي مانڊاڻ ۾ ساڻ ۽ منھنجي دل جي دولت ۽ کاڻ هيا انھن ۾ ؛ناليج سينٽر لاڙڪاڻي جو روح روان سائين پروفيسر مختيار سمون صاحب، پرين پيارو دوست، خوبصورت صلاحيتن جي مال؛ ٿر ايجوڪيشن الائنس جو CEO محترم پرتاب شيواڻي، پريس ڪلب ڀان/ڄامشوري جو صدر محترم ڀاءُ مظفر کوکر، JJ ٽريولر ۽ ٽوئرازم جو سڄاڻ ساٿي جنيد ڏهر ۽ ڪلات بلوچستان جو ۽ براهوي ٻولي جو خوبصورت شاعر محترم يوسف عجب شامل آهن. جن سفر دوران مڪمل طور تي پنھجائپ جو احساس ڏياري، هن ٽرپ کي جلا بخشيو.
پنھنجي سفر جي همسفر ساٿين لاءِ لطيف سائين جو هي بيت لکندس تہ:
جوڳيئڙا جھان ۾، نُوري ۽ ناري،
ٻري جن ٻاري، آئون نہ جيئندي اُن ريءَ.

مان انتھائي تھہ دل سان ٿورائتو آهيان محترم پياري سائين دليپ ڪوٺاري صاحب جن جو، جن هن ڪتاب جي مھاڳ لکڻ لاءِ حامي ڀري پر شايد وقت جي ڪمي جي ڪري هو نہ لکي سگهيو. تنھن جي باوجود مان دليپ ڀاءُ شڪرگذار آهيان. دليپ سان منھنجي پھرئين ملاقات منھنجي سفرنامي “ٿائيلينڊ جا ٿاڪ” جي مھورتي تقريب ۾ ٿي، جيڪا 28 ڊسمبر 2024ع جو مٺي ۾ منقعد ٿي هئي. دليپ انتھائي سادڙو، محبتن جو ڀنڊار، پيارو ماڻھو لڳو. هن جي سادگي بہ ڪروڙن روپين کان بہ مٿي لڳي. جڏهن مون دليپ جي باري ۾ سنڌيانا ۾ پڙهيو تہ مون کي ڪافي حيرت ٿي هي خوبصورت انسان پاڻ ۾ ڪيڏي نہ مڻيا رکي ٿو. اصل ۾ دليپ سنڌي ادب جو اهو تخليقار آهي، جنھن سنڌي ادب جي جهولي ۾ ڪيترا ڪتاب ڏنا. هن پنھنجي هڙان وڙان خرچ ڪري مٺي ۾ هڪڙي جوت جلائي آهي، جنھن جونالو هن ’نينھن پبليڪيشن‘ رکيو آهي. هن پليٽ فارم تان هن مرد مجاهد هن وقت تائين نالي واري شاعر سائينداد ساند جو شعري مجموعو ’ڳوڙهن ڳالھايو‘ (1996ع)، نوجوان شاعرن فيض فِراقِيءَ جو شعري مجموعو ’غمن جون گهَٽائون‘ (2004ع) ۽ ڀارُو مل امراڻي سوٽھڙ جا ٻہ ڪتاب: ’گيت سانوڻ من ڀانوڻ جا...!‘ (لوڪ شاعري: 2006ع) ۽ ’مُرڪن مالھائُون‘ (شاعري: 2012ع) شايع ڪرايا آهن.
ان کان علاوہ منھنجي ڄاڻ ۾ اهو ڄاڻي بہ اضافو ٿيو تہ دليپ سنڌ جي ترقي، سنڌي ٻولي ۽ نئين ٽھي جي تعليمي اوسر ۾ بہ دلچسپي رکي ٿو. هي محب وطن محبوب ماڻھو ان ڏس ۾ سنڌي ادب سان عشق جو ثبوت ڏيندي جيڪي عملي ڪم ڪيا آهن انھن ۾ ڪتاب ڇپرائڻ جو عمل بہ شامل آهي. سو دليپ ڪوٺاري صاحب ٿرديپ جي تـوسـط ۽ ذاتـي لـڳاءَ سـان تـحـريـر، تحـقيـق، تـرجـمـي ۽ تـرتيـب وسـيلي 15 ڪتابڙا ڇپائي پڌرا ڪيا آهن، جن ۾: (1) ’سستو چُلھو- سؤکِي سانجڻ‘، (2) ’سھنج جو سامان‘، (3) ’ڀيڙو پاڻي-نيڙو پاڻي‘، (4) ’ٻار گُهرن ٿا پيار‘، (5) ’ننڍا قرض- وڏا لاڀ‘، (6) ’پِيار منجهان ڏيان پِينگهو لوڏي‘ (سنڌي لولين، هُلراڻن ۽ هيجاڻن جي چونڊ)، (7) ’مٽيءَ-هٿڙن جي ڪلا ۽ ٻوڏ سٽيل ٻارڙا‘ (ٻارن جي چترڪاري ۽ ٺھڪندڙ شعرن جون سٽون)، (8) ’اصـلـوڪـن لـوڪـن جـا آواز‘ (ڌرتـي ڌڻين جي شاعريءَ جا چونڊ اسم)، (9) ’اچـو تہ پنھنجو ڳـوٺ سـڌاريون‘ (صفائي سٿرائي ۽ ٻارن جي پورهئي جـي حـوصـلـي شـڪـنـيءَ تـي ڇھن طبعزاد ۽ ٻِن چونڊيل گيتن جو ڪتابڙو)، (10) ’ڏِيئي سَنديُون لاٽُون‘ (ٿرديپ سماچار جا چونڊ اداريا) ۽ (11) ’امن جي آرسي‘ وغيرہ شامل آهن.
دليپ ڪوٺاري نوجوان محققن جي معاونت ۽ تحقيقي سرگرمين لاءِ مٺي (ٿرپارڪر) ۾ ’رابيل ريسورس سينٽر‘ نالي هڪ ادارو بہ قائم ڪيو آهي. هو ’ڏات ڌڻي مڃتا فورم، مٺي‘ ذريعي سنڌ، خاص ڪري ٿر جي قلمڪارن ۽ ڪلاڪارن جي علمي، ادبي، فني ۽ فڪري پورهيي جي قدردانيءَ جي ڏِس ۾ مختلف مڃتا ۽ اعزازي تقريبون منعقد ڪري چُڪو آهي. ان کان سواءِ سنڌي ادبي سنگت مٺيءَ جي سيڪريٽري ۽ ضلعي ٿرپارڪر جي رابطا سيڪريٽريءَ طور پنھنجي دور ۾ نہ رڳو سرگرم رهيو، پر ڪيترا ادبي ۽ ثقافتي پروگرام بہ ڪرائي چڪو آهي. ان ڏس ۾ هيءَ شاخ سنڌ جي بھترين شاخن مان هڪ قرار ڏني وئي.
مان ٿورائتو آهيان پنھنجي پاڙيسري، پنھنجي دوست محترم تابش بخاري صاحب جن جو، جنھن پڻ تمام ٿوري وقت ۾ هن ڪتاب لاءِ چار اکر لکي ڏنا.
مان شڪرگذار آهيان پياري ڀاءُ محترم سعيد سومري صاحب جو جنھن ڪنول پبليڪيشن طرفان منھنجا ڪتاب ڇاپي مون تي سدائين ڀلايون ۽ ڀال ڪندو رهيو آهي. جيتوڻيڪ هو پروفيشنل پبلشر آهي، پر مون کي خوشي آهي تہ هو سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ سنڌي ادب کي هٿي وٺرائڻ ۾ پنھنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اوهان ريڊر منھنجن ڪتابن کي پڙهو ٿا، مون کي موٽ ڏيئي مانُ ڏيو ٿا، اهو ئي مون لاءِ سڀني کان وڏو انعام ۽ منھنجي حياتي جي ڪُل موڙي آهي. مان توهان سڀني جو شڪرگذار آهيان.
اوهان جو اهو ئي ساڳيو.

سنڌ ڌرتيءَ جو نوڪر

بلوچ صحبت علي
ايڊووڪيٽ هاءَ ڪورٽ

مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ

بحيرہ هندIndian ocean ۾ گهيريل هڪڙي ننڍڙي ملڪ مالديپ جي سونھن سڄي دنيا جي ملڪن ۾ الڳ ٿلڳ سڃاڻپ رکي ٿي. مالديپ جي تاريخ جي مطالعي کان پوءِ خبر پئي تہ مالديپ ۾ سڀني کان اڳ ۾ سنھالي زبان جي ماڻھن 500 ق م جو راڄ رهيو. هي اهي ماڻھو هيا جيڪي اڄ بہ سري لنڪا ۾ تمام وڏي انگ ۾ موجود آهن. سنھالي ماڻھن جو مذهبي لاڙو ٻڌازم ڏانھن هيو. ان ڪري انھن 14سو سالن تائين مالديپ تي حڪومت ڪئي. ايڏي وڏي عرصي تائين هتي ٻڌازم کان علاوہ ٻيو ڪو بہ مذهبي رنگ هنن ماڻھن جي دلين ۽ دماغن ۾ داخل نہ ٿي سگهيو. مالديپ هڪ هزار هڪ سئو ٻيانوي 1192 ننڍن ننڍن جزيرن تي مشتمل ملڪ آهي. انھن ايترن جزيرن مان فقط 200 جزيرا اهڙا آهن جتي انساني آبادي ٿي سگهي آهي. ماهر آثارقديمہ حسن احمد چيو آهي تہ هن هيل تائين اهڙن 59 جزيرن جي کوجنا ڪري چڪو آهي، جتي صدين تائين ٻڌازم جي پيروي ڪئي ويندي هئي.
11 صدي عيسوي ۾ عرب ملڪ کان تجارت جي غرض سان ايندڙ عربن جي ذريعي اسلام هن خطي ۾ داخل ٿيو. هن ملڪ جي ٻڌ بادشاھہ مسلمانن جي ايمانداري، سچائي ۽ روين کان متاثر ٿي اسلام قبول ڪري ڇڏيو ۽ پنھنجو نالو ”دوهيمي“ کان مٽائي ”سلطان محمد العادل“ رکي ڇڏيو. جنوبي ايشيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ مالديپ ۾ اسلام تمام گهڻو پوءِ آيو هو. بادشاھہ جي اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ رعايا بہ آهستي آهستي اسلام قبول ڪرڻ شروع ڪيو. جنھن جي ڪري تمام ٿوري وقت ۾ مسلمانن جي انگ ۾ تمام وڏو اضافو ٿيو. 1558ع ۾ مالديپ تي پرتگالي يلغار ڪري قبضو ڪري ويھي رهيا.
1654ع ۾ Dutch هن ملڪ کي Portuguese کان قبضو وٺي پنھنجي سلطنت ۾ شامل ڪري ڇڏيو ۽ اهو سلسلو گهٽ ۾ گهٽ ٻن صدين تائين جاري رهيو. انھي عرصي دوران ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن تي برطانيا راڄ جو سڪو هلڻ لڳو. انگريزن جي نظر جڏهن مالديپ جي جزيرن تي پئي تہ هنن مالديپ تي قبضو ڪري، هن کي برطانوي ڪالوني ڪري ڇڏيو.مالديپ اصل ۾ ٻڌ ڌرم جي قوم هئي، پر 1153 ۾ اسلام قبول ڪيو.پورچوگالين 1558ع ۾ مالديپ تي قبضو ڪيو. 1654ع ۾ ڊچن مالديپ تي قبضو ڪيو.مالديپ 1887ع ۾ انگريزن جو محافظ بڻجي ويو.مالديپ 1965ع ۾ برطانيه کان آزادي حاصل ڪئي.مالديپ 1968ع ۾ هڪ جمھوريه بڻجي ويو.
26 جولاءِ 1965ع ۾ مالديپ برطانوي حڪومت کان آزادي حاصل ڪئي. 1968ع ۾ مالديپ جهموريا ٿي چڪو هو ۽ مالديپ جو نئون نالو جهموريا مالديپ بڻجي چڪو هو. 300 چورس ميل سان گڏ مالديپ جي ملڪ جو شمار 188 نمبر تي ٿئي ٿو. مالديپ جو شمار دنيا جي ڏهن ننڍڙن ملڪن ۾ ٿئي ٿو. 2024 ع رپورٽ مطابق تہ پنج لک، ستاويھہ هزار ست سو نوانوي ماڻھن جي آبادي وارو هي ملڪ مالديپ جو شمار 173 نمبر تي ٿئي ٿو. مالديپ جي باري ۾ جيڪڏهن دلچسپ حيقيقتون بيان ڪيون وڃن تہ مالديپ آبادي جي لحاظ کان براعظم جو سڀني کان ننڍي ۾ ننڍو ملڪ آهي. مالديپ ۾ 98.5 سيڪڙو مسلمان، 1.5 ماڻھو ٻڌمت جا پوئلڳ ۽ ان کان علاوہ ٻين مذهبن کي مڃڻ وارا ماڻھو آهن. ان ڪري مسلمان ملڪن ۾ هي سڀني کان ننڍي ۾ ننڍو ملڪ آهي. ڊيويھيDhivehi يا مالديوي مالديپ جي ماڻھن جي قومي ٻولي آهي. هي ٻولي سري لنڪا ۾ ڳالھائي ويندڙ سنھالي ٻوليءَ سان ملندڙ جلندڙ آهي. بلڪل ائين جيئن اردو ۽ هندي پاڻ ۾ ملندڙ جلندڙ آهن. مالديوي کان علاوہ سنھالي يا انگريزي هن ملڪ جون ڳالھايون ويندڙ ٻوليون آهن.
مالي Male شھر هن ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ آهي. 1968ع کان اڄ ڏينھن تائين هن شھر مالي کي ئي گادي جي شھر هئڻ جو اعزازحاصل آهي. هي شھر آبادي جي لحاظ کان مالديپ جو سڀني شھرن کان وڏو شھر آهي. 2024ع سال مطابق ٻہ لک 9 سو پنجويھہ ويھہ هزار ماڻھن جي هن شھر ۾ آبادي آهي. مالي کان علاوہ ”ادو“ Adduشھر مالديپ جو ٻيون نمبر شھر آهي. ادو اٽول 29 ٻيٽن تي ٺھيل آهي. هن جي lagoon ايريا 130 چورس ڪلو ميٽر آهي ۽ زميني ايريا 15 ڪلو ميٽر آهي. هر شھر ۾ تقريبن چاليھہ هزار ماڻھو رهن ٿا. مالي شھر ۾ موجودہ ويلاناvelana يا مالي يا ابراهيم ناصر انٽرنيشنل ايئرپورٽ، مالديپ جو سڀني کان وڏو هوائي اڏو آهي. هن ملڪ ۾ ڪُل 12 ايئرپورٽ آهن. جنھن ۾ چار ايئرپورٽ بين الاقوامي ملڪن لاءِ رکيا ويا آهن. باقي اٺ ايئرپورٽ لوڪل مسافرن ۽ فوج لاءِ آهن. انھن ۾ Ifuru Airport، Dharavandhoo Airport، Maamigili Airport ۽ Kadhdhoo Airport اچي وڃن ٿا، جيڪي هڪ جزيري کان ٻي جزيري ڏانھن وڃڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن.
جڏهن پرتگالين هتي قبضو ڪيو هو تہ انھن هتان جي مذهب اسلام کي ختم ڪري هتي عيسائيت نافذ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي هئي. پر ماڻھن جي شديد احتجاج ۽ وڏي خونريزي کان پوءِ انھن کي اهو فيصلو واپس وٺڻو پيو. ڇو تہ مالديپ هڪڙو اسلامي ملڪ آهي. اڄ مالديپ جي قانون ۾ ڪو بہ غيرمسلم هتان جي ڪابينا جو حصو نہ ٿو ٿي سگهي ۽ مسلمانن ۾ هي حق فقط سني فرقي وارن کي ئي حاصل آهي. ڇو تہ مالديپ جي مڪمل آبادي سُني فرقي سان تعلق رکي ٿي.
اڄ ڏينھن تائين اها خبر نہ پئجي سگهي آهي تہ مالديپ جي معنيٰ ڇا آهي؟. ڇو تہ تامل ٻوليءَ ۾ ملائي جو مطلب ”جبل“ آهي. ڪن ٻولي جي ماهرن جو اهو خيال آهي تہ مالديپ سنسڪرت جي لفظ ”مالھا ديپوا“ مان نڪتل آهي. جنھن جو مطلب ”جزيرن جو هار“garland of islands آهي. ان کان علاوہ تاملTamil ٻوليءَ جو هڪڙو لفظ آهي Malaitivu جنھن جي معنيٰ islands of hills آهي. پر ڪي مفڪر اهڙا بہ آهن جيڪي چون ٿا تہ هي لفظ ”مھيلا ديپوا“ مان نڪتل آهي. جنھن جي معنيٰ ”عورتن جو جزيرو “ آهي. پر وري ڪي ماهرين هن کي عربي جي لفظ ”محل“ سان جوڙين ٿا. پر منھنجي خيال ۾ مالديپ کي دنيا جي نقشي تي ڏسندي ”جزيرن جو هار“ چئجي تہ اهو بھتر ٿيندو.
مالديپ بحيرہ هند ۾ ڀارت جي جزيري لڪاديپ جي ڏکڻ ۾ ۽ سريلنڪا جي ڏکڻ اولھہ ساحل کان 700 ڪلو ميٽرن جي دوري تي واقع آهي. ملڪ ۾ صدارتي نظام قائم آهي. پارليامينٽ صدر کي منتخب ڪري ٿي، هر چئن سالن کان پوءِ صدر منتخب ٿئي ٿو. پارليامينٽ کي ”مجلس“ چيو وڃي ٿو. جنھن جا ڪُل 54 ميمبر آهن. جن مان 8 ميمبر مالي شھر کان ۽ باقي ملڪ جي ٻين 19 ضلعن مان چونڊيو وڃي ٿو. هڪڙي اسلامي ملڪ هئڻ جي ناتي سان هتي هر جاءِ تي اسلامي قانون نافذ آهي. صرف چند جزيرن تي موجود خاص هوٽلن کي ئي شراب جي اجازت هوندي آهي. رمضان شريف ۾ سياحن کي ڏينھن جو عام عوامي جاين تي کائڻ پيئڻ کان منع ڪئي ويندي آهي. پر هن کي اها اجازت هوندي آهي تہ اهي پنھنجن هوٽلن ۾ جيڪو وڻين کائن پيئن. ان تي انھن کي ڪا بہ روڪ رنڊڪ نہ آهي. ان علاوہ ٻين ملڪن جي سامونڊي ڪنارن تي جيڪي ڪم اڪثر ڪري ڏسڻ ۾ ملندا آهن، عرعانيت يا فحاشي وغيرہ انھن ڪمن جي هتي اجازت بنھہ نہ آهي. اهي فاحش حرڪتون هتان جي سامونڊي ڪنارن تي نظر نہ اينديون.
1968ع ۾ يعني مالديپ جي قيام کان پوءِ، اڄ تائين فقط چند ماڻھو ئي صدارت جي عھدي تي فائز رهيا آهن. 11 نومبر 1978ع جو ٿيڻ واري صدر معموون عبدالغيوم کي ڇھہ دفعا لڳاتار صدر ٿيڻ جو شرف حاصل آهي. جيڪو 2008ع جي اليڪشن تائين صدر رهيو آهي. مالديپ جو صدر عبدﷲ يامين بہ ٿيو جيڪو 17 نومبر 2013 ع صدر جي عھدي تي فائز رهيو.
ابراهيم نثار 1957 کان 1968 ۽ ان کان پوءِ 1978 تائين صدر جي عھدي تي فائز رهيو. ان کان پوءِ Maumoon Abdul Gayoom 1978ع کان 2008ع تائين صدر رهيو. ان کان پوءِ محمد ناشيد 2008ع کان 2012ع تائين، ان کان پوءِ، محمد وحيد حسن 2012 کان 2013ع تائين، ان کان پوءِ، عبدﷲ يامين 2013ع کان 2018 ع تائين، ابراهيم محمد صالح 2018ع کان 2023ع تائين ۽ هن مھل محمد معيزوMuhammad Muizzu 2023ع کان صدر آهي. هي اٺون صدر آهي. پيپلز نيشنل ڪانگريس پارٽي جو ماڻھو آهي. 2021ع ۾ مالي جو Mayor بہ رهيو.
مالديوي ڪرنسيءَ کي مالديوين روفيا Maldivian Rufiyaa چوندا آهن. مالديوين هڪ روفيا پاڪستاني 18.55 روپين جي برابر آهي. وقت جي لحاظ کان پاڪستان ۽ مالديپ ۾ ڪو بہ فرق ڪونھي.
ٻنھي ملڪن جي ٽائيم ٽيبل ۾ ڪو بہ فرق ڪونھي. مالديپ جو ڪالنگ ڪوڊ +960 آهي. گذريل صديءَ جي دوران سمندر جي سطح ۾ 20 سينٽي ميٽر يعني 8 انچ جو اضافو ٿيو آهي. يعني پاڻي چڙهيو آهي. سمونڊ ۾ پاڻي جي سطح چڙهي وڃڻ جي ڪري مالديپ جي بقا کي ايندڙ دور ۾ خطرو آهي. 2004ع ۾ ايندڙ سونامي جي ڪري مالديپ جا ڪيترائي علائقا پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويا هيا ۽ ڪيئي ماڻھو بي گهر ٿي ويا هيا. انھن ۾ ڇھن غير ملڪي ماڻھن سان گڏ، هتان جا 75 ماڻھو اجل جو شڪار ٿي ويا هيا. موسم جي حساب سان مالديپ ڪافي گرم ملڪ آهي. هتي سال ۾ فقط ٻہ موسمون ٿينديون آهن. هڪڙي گرمي جي ۽ ٻي برساتين جي. سردي هتي نہ هئڻ جي برابر آهي. سياحت جي حوالي سان مالديپ دنيا ۾ پنھنجي الڳ ٿلڳ سڃاڻپ رکي ٿو. ملڪي آمدني جو 30 سيڪڙو حصو سياحت مان وصول ٿئي ٿو.
2014 ع ۾ 14 لک سياحن مالديپ جو سفر ڪيو هو. جيڪڏهن تہ 2024ع ۾ ٻہ ملين (20 لک) کان وڌيڪ سياح هتي گهمڻ آيا. جيڪڏهن توهان جو تعلق پاڪستان سان آهي ۽ توهان جي پاسپورٽ جي ختم ٿيڻ جو ان ۾ لکيل ختم ٿيڻ واري تاريخ کان گهٽ ۾ گهٽ ٽي مھينا اڳ ۾ جو آهي ۽ ان سان گڏ توهان جي پاسپورٽ تي خالي پيج جو هئڻ بہ لازمي آهي. ان کان پوءِ توهان مالديپ جي هڪ مھيني جي ويزا تي وڃي مالديپ جي جزيرن جو سير ڪري سگهو ٿا. مالديپ پاڪستانين کي هڪ مھيني جي ويزا آن ارائيول (ايئرپورٽ تي پھچڻ ) تي مفت ۾ لڳائي ڏيئي ٿو. يعني جڏهن توهان مالديپ پھچندو تہ توهان جي پاسپورٽ تي ويزا اتي ئي ايئرپورٽ تي لڳائي ويندي. توهان اتي رهي ڪري پنھنجي ويزا جي ڏينھن کي وڌرائي بہ سگهو ٿا.
سياحت کان علاوہ هن ملڪ جي ٻي سڀ کان وڏي آمدني ماهگيري آهي. يعني مڇي مارڻ جو ڌنڌو. ماهيگيري کان علاوہ محدود حد تائين صنعتڪاري پڻ آهي. مالديپ ۾ اڳ ۾ تعليم ڏانھن ڪو خاص ڌيان نہ ڏنو ويندو هو. پر هاڻي مالديپ ۾ تعليم جي شرع 97.86 في صد تي پھچي چڪي آهي. ڇو تہ مالديپ جزيرن تي مشتمل آهي. ان ڪري مالديپ جي جزيرن تي سفر ڪرڻ لاءِ هوائي جهاز، هيليڪاپٽر، ٻيڙيون ۽ بحري جھازن جو استعمال ٿئي ٿو.
بيچز تي والي بال کيڏڻ مالديپ جي ماڻھن جو وڏو شوق آهي. پر هتان جي قومي راند فوٽ بال آهي. ان کان علاوہ هتان جو قومي فروٽ coconut palm cocos آهي. هتان جو قومي گل Nucifera يعني ink rose آهي. هتان جا هون تہ ڪيترائي ٽريڊيشنل کاڌا آهن. جن ۾ Gulha, Mashunie هن ۾ مڇيءَ جو ڳر وارو ٿلھو ناسي گهڻي پچائڻ وارو پيسٽ آهي. ان کان پوءِMasbaiy, kuhi Boakibaa, Masroshi, Biskeemiya, Fish Curry, Fried Yams, Maldivian Fish Curry, Boshi Mashuni هي ڪيلي جي گل جو سلاد هوندو آهي.Maldivian live lobster, Mal ان کان علاوہ Garudhia (fish soup) آهي، جيڪا هنن جي پراڻي ۽ روايتي رٻ آهي. کوپري، مڇي ۽ نشاستي جي ميلاپ سان ٺھندڙ ڊش هتان جي مقبول ڊش آهي. جنھن کي گروديا ڊش چيو وڃي ٿو.
ان کان علاوہ جيٽس ڪنگ، واٽرڪنگ، فٽ بال ۽ ٽينس بال جھڙيون ٻيون رانديون گهڻيون مقبول آهن. دنيا ۾ سڀ کان پھرئين ٿيندڙ پاڻي ۾ هيٺ ميٽنگ بہ مالديپ ۾ ئي ٿي هئي. مالديپ سمونڊ جي سطح کان فقط 1.5 ميٽر بلند آهي. يعني مالديپ کي سڄي دنيا جي ملڪن کان ٻڏڻ جو خطرو وڌيڪ آهي. مالديپ سياحن جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ محفوظ جاءِ تصور ڪيو ويندو آهي. مالديپ ۾ وهيل مڇين جو تمام گهڻو انگ ملي ٿو. انھن مڇين جي ڊيگهہ اڪثر 18 کان 32 ڦوٽ آهي. اهو سچ آهي ۽ اسان پاڻ اکين سان ڏسي بہ آيا آهيون تہ مالديپ جي ساحلن جو پاڻي دنيا جي مڙني بيچز کان وڌي صاف ۽ شفاف آهي.
مان سمجهان ٿو تہ توهان کي مالديپ ضرور گهمڻ گهرجي.

ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟

هي ڳالھہ انھن ماڻھن لاءِ آهي، جن کي اها خبر ناهي تہ مالديپ زمين جو سڀ کان وڌيڪ هموار ملڪ آهي. جنھن جي سمونڊ جي سطح کان مٿاهين فقط 1.5 ميٽر تي آهي. پنھنجي گهٽ مٿاهين، سمونڊ جي سطح ۾ پاڻي جي اضافي ۽ زمين جي ڪٽجڻ واري عمل ۾ مسلسل واڌ يا اضافي جي ڪري مالديپ سمونڊ ۾ ٻڏي رهيو آهي.
هن کي ٻڏڻ لاءِ بچائڻ جي لاءِ مختلف قانون سازي ڪري ان تي عمل ڪيو پيو وڃي. ڪن ماڻھن جو خيال آهي تہ موجودہ شرح جي مطابق مالديپ 2030ع تائين مڪمل طور تي ٻُڏي ويندو. جزيري جي قوم ۾ ڇنڇر ۽ آچر ويڪ اينڊ جي طور تي نہ ملھايو ويندو آهي. بلڪ ان جي جاءِ تي جمع ۽ ڇنڇر هوندو آهي. ان ڪري مالديپ جا ماڻھو اڪثر ڪري آچر جي ڏينھن تي موڪل نہ ڪندا آهن بلڪ ڪم ۾ رڌل نظر ايندا آهن.
مالديپ هن سال جي سيپٽمبر مھيني جي پھرئين هفتي ۾ 27 هزار سياحن کي ڀليڪار ڪيو هو. ڇو هن ملڪ جي سالياني آمدني 2 ملين بين الاقوامي سياحن کان بہ وڌيڪ ٿي ويئي.سياحن جو ايڏو وڏو انگ اهو ٻڌائي ٿو تہ مالديپ سياحت جي حساب سان تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي. سال جي آخر تائين ان انگ ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيندو. جيڪو عالمي سطح تي هن ملڪ جي سياحت واري شعبي لاءِ تمام گهڻو فائديمند ثابت ٿيندو.

مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول

گهڻن سالن کان، مالديپ دنيا جي سياحن جي درشن جو مرڪز رهيو آهي. هن ٻيٽ ۾ اندر ڪيترا ٻيٽ سمايل آهن. انھن مڙني ٻيٽن جو انگ جڏهن ملايون ٿا تہ اهو وڃي 1192 ٿئي ٿو. مالديپ ڌرتي جي گولي تي اها جنت آهي جتي دنيا جا سياح خاص ڪري اونھاري جون موڪلون ملھائڻ هتي اچي خوب حَض حاصل ڪن ٿا. ڦوٽو گرافي ڪن ٿا، سمونڊ ۾ تيراڪيون ڪري موج مستيون ڪن ٿا. جھاز رانيءَ جا جنون، جوش ۽ جذبن جي نمائش ڪن ٿا. جھازن تي گهمي پنھنجي روح کي خوش ڪن ٿا. هتي اڪثر ڪري انڊيا جي فلمن جي شوٽنگ ٿيندي رهندي آهي، جنھن ۾ هيٺين فلن جي رڪاڊنڊنگ پڻ ٿي آهي. اسان جي دوست پرتاب ڪجهہ فلمن جا نالا نوٽ ڪرايا آهن. جيڪي فلمون ڏسڻ جھڙيون آهن. انھن ۾
"Samudra" - filmed in Maldives- "Fight Club – Members Only" - filmed in Maldives- "Kites" - filmed in Bandos Island Resort, Bandos, Maldives - "Maine Pyaar Kyun Kiya" - filmed in Maldives- "Baaghi 2" - filmed in Dhigali Island- Agent Vinod" - filmed in Hulhumalé Island - "KGF" - filmed in Fuvahmulah Island
گهمڻ ۽ سياحت جي شوقين ماڻھن جو خيال آهي تہ مالديپ اونھاري جون موڪلون ملھائڻ لاءِ بھترين جڳھہ آهي. ڇو تہ انھن ڏينھن ۾ هتي آسمان نيرو نيرو ۽ جهڙالي موسم ٿي ويندي آهي. صاف شفاف سمونڊ جو نيرڙو پاڻي، جنھن ۾ توهان سُئي بہ اڇلايو تہ صاف نظر اچي، مٿان وري نرم ملائم پشم جھڙي سرمئي رنگ جي واري جي تہ ڳالھہ ئي ٻي آهي. مون کي شاھہ سائين جو سر سارنگ ياد اچي وڃي ٿو؛
اڄ پڻ اتر پار ڏي، ڪارا ڪڪر ڪيس
وڄون وسڻ آئيون، ڪري لعل لبيس
پرين جي پرديس، مون کي مينھن ميڙيا
مطلب تہ هتي بہ اهو ئي نظارو هوندو آهي، جيئن شاھہ صاحب چٽيو آهي. شاھہ چوي ٿو تہ اڄ پڻ اتر طرف ڪارن وارن جھڙا ڪڪر بيٺا آھن. وڄون ڳاڙھا ويس ڪري، جهلڪا ڏيڻ آئيون آھن .منھنجا جاني ، جي پرديس ۾ آھن، تن سان مون کي مينھن ملايو .( پرينء لاء سيني ۾ اهڙي سڪ اٿي، جو هو ڄڻ هنئين ۾ حل ٿي ويا.) (سر سارنگ ، داستان پھريون . تشريح: ڪلياڻ آڏواڻي)
صرف 298 چورس ڪلو ميٽر جي ايراضي تي مشمتمل هي ايشيا جو سڀني ملڪن کان ننڍو ملڪ آهي. پر جيڪڏهن ان سان گڏ سمونڊ بہ شمار ڪجي تہ پوءِ اهو وڃي ٿيندو 90،000 هزار چورس ڪلو ميٽر. مالديپ ۾ رهندڙ قوم ۾ مرجان پٿر جا جبل، واريءَ جا بند، صاف ساحل ۽ لطف اندوز ڪرائيندڙ تمام گهڻيون دلفريب جايون ڏسڻ وٽان آهن. تنھن جي باوجود ملڪ ۾ ڪو بہ وڏو جبل، ڍنڍ، يا ڪا ٽڪري نہ آهي. ڪجهہ ٽڪريون آهين جيڪي 2.5 ميٽر جي مٿانھين تائين پھچي سگهن ٿيون.
اپريل کان وٺي نومبر تائين مالديپ جي گهمڻ واري موسم هوندي آهي. هتان جي موسم انھن ڏينھن ۾ 29 کان 31 ڊگري سيٽي گريڊ يا وري 24 تائين جي پد جي هوندي آهي. انھن مھينن ۾ وقفي وقفي سان برساتن جو سلسلو پڻ هلندو رهندو آهي جيڪو توهان جي رولاڪين ۾ روح ڦوڪي ڇڏيندو ۽ توهان کي گهمڻ ۾ ويتر مزو پيدا ايندو.

مالديپ جي تاريخي حيثيت

مالديپ ۾ اسلام ٻارهين صدي هجري ۾ آيو. 1314ع ۾ صوفي بزرگ ابوالبرڪات بربري جي هٿان مالديپي جزيرن جي سڀني ماڻھن اسلام قبول ڪيو. هن کي مالديپ جا ماڻھو ”روحاني انقلاب“ جي نالي سان ياد ڪندا آهن. اها اهڙي هوا گهلي جو نن وقت جي هندو حڪمران نالي ڌرم سانت بہ اسلام قبول ڪيو. مشھور مسلمان مورخ ابن بطوطہ بہ مالديپ آيو هو. هو هتي قاضي جي حيثيت سان پنھنجا فرض سرانجام ڏيندو هو. ابن بطوطہ جي سفرنامي ”مالديپ جا قديمي احوال“ هڪڙو تمام قديمي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو.
1558ع ۾ پرتگالين مالديپ جي جزيري تي قبضو ڪيو ۽ انھن جو تسلط 1573ع تائين قائم رهيو ۽ مسيحيت جي تبليغ جو ڪو بہ اثر نہ ٿيو. سترهين 17 ۽ 18 اڙهين صديءَ ۾ مالابارس Malabars جيڪي ڏکڻ اولھہ انڊيا کان آيا، انھن بہ هتي قبضو ڪيو. 1752ع مالبارس جي ڪاھہ مالديپ جو برو حال ڪيو. 1887ع ۾ هڪڙي معاهدي تحت برطانيا کي براعظم پاڪ ۽ هند سان گڏ مالديپ جو بہ حڪمران تسليم ڪيو ويو. پر مشنري ڪوششن جي باوجود مذهب جي تبديلي جي ڪوشش ڪامياب نہ ٿي سگهي. پھرئين جنوري 1953ع جو مالديپ کي آزاد جمھوريت قرار ڏنو ويو
مالديپ جو وجود پنجين صدي قبل مسيح ۾ ٿيو هو. انھن ڏينھن ۾ هتي هندستان ۽ سري لنڪا جا ماڻھو آباد هوندا هيا. اهي ماڻھو گوتم ٻڌ جا پوئلڳ هيا. پر اڳتي هلي انھن مان گهڻن اسلام قبول ڪيو ۽ پوءِ آهستي آهستي مالديپ اسلام جو آکاڙو بڻجي ويو. اڄ سڄي ملڪ ۾ ڪيترن جاين تي مسجدون تعمير ٿيل آهن. سلطان پارڪ ۽ اسلامڪ سينٽر پنھنجي فن تعمير جي خوبين جي ڪري ڪافي مشھور آهن. اڳين دور ۾ ڪثرت ۾ ملندڙ ڪائوري جي کولن cowrie shells (cypraea Moneta) ڪوڏيون جن کي ڪرنسي جي شڪل جي طور تي استعمال ڪيو ويندو هو.
هتي ڪجهہ پرتگالي بہ رهندا هيا، جن کي اڳتي هلي ملڪ نيڪالي ڏني ويئي هئي. 1558ع صدي ۾ ملڪ هڪڙي سلطنت جي ڪنٽرول هيٺ اچي ويو. جنھن کي Thiladhumathi atoll وارن حڪمرانن بچايو هيو. انھن ۾ محمد ٺاڪرومانو العظم ۽ هن جا ٻہ ڀائر علي ۽ حسن هيا. 17 جولاءِ 1926ع ٻيٽ برطانيه سان هڪڙي معاهدي تحت آزادي ورتي. اڄ هن ملڪ ۾ صدارتي جمھوريت آهي.
مالديپ تي هندستان ۽ سري لنڪن ثقافت جا رنگ چڙهيل آهن. رقص ۽ موسيقي آفريڪي تال تي هلندي آهي. ”بوڊو بيرو“Boduberu مالديپ جو روايتي ناچ آهي، جيڪو دهل جي تال، ڳائڻ ۽ ناچ سان پيش ڪيو ويندو آهي. هن کي مقامي ٻولي ۾ Mallafaiy Negum Gaaodi Lava Thaara چيو ويندو آهي. هتان جي ماڻھن جو پسنديدہ کاڌو مڇي ۽ چانور آهن. هتان جا ماڻھو بہ مختلف مصالحن سان تر کاڌن کي پسند ڪندا آهن. ”مسروشي“ Masroshi ملڪ جي روايتي ڊش آهي. لوڪ ڪھاڻيون، داستان ۽ افسانا، هتان جي ادب جو اڻ ٽوٽ حصو آهن. هنن جون ڪھاڻيون بہ نسل در نسل زباني منتقل ٿي آيون آهن. هتان جا ماڻھو پنھنجي هنري ڪاريگري جي ڪري پڻ گهڻو مشھور آهن. جنھن ۾ ڪونر جي رسي، تڏا، ليڪن جو ڪم، خطاطي ۽ مختلف زيور ٺاهڻ جا ماهر سمجهيا وڃن ٿا. مالديپ پھچڻ لاءِ توهان کي ريل گاڏي نہ ملندي. ڇو تہ هي ٻيٽن وارو ملڪ آهي. ان لاءِ توهان جھاز جي ذريعي ئي هتي اچي سگهو ٿا. هتان جا بين الاقوامي هوائي اڏا جن جو مون مٿي ذڪر ڪيو آهي، انھن ۾ خاص اڏا هي آهن. ويلانا انٽرنيشل ايئرپورٽVIA، Maafaru بين الاقوامي هوائي اڏو NMF، هانيمادهو انٽرنيشنل ايئرپورٽ HAQ، مااميگيلي انٽرنيشنل ايئرپورٽ VAM ۽ گان انٽرنيشنل ايئرپورٽ GAN اچي وڃن ٿا.

مالديپ جي ٻولي

مالديپ هڪڙو خوبصورت ملڪ آهي. جيڪو نيري نيري بحر هند سمونڊ تي واقع آهي. فيروزي پاڻيءَ وارو، ڪشش رکندڙ پاڻيءَ وارا ولاز/بنگلا، سرسبز، ساواڻ، جي سونھن واري ڌرتي، نرم ملائم واري وارن سامونڊي ڪنارن جو هي ملڪ ڪيترين ئي خوبصورت ۽ حيرت ۾ وجهندڙ حسين، پرلطف، سرگرمين جي ڪري گهڻو مشھور آهي.
مالديپ ۾ ڳالھائي ويندڙ قومي ٻولي ”ڊهيوي“ Dhivehiآهي. ڊهيوي ٻولي ۾ 24 اکر هوندا آهن، جڏهن تہ اسان جا 52، انگريزي ۾ 26، اردو ۾ 38 /39 اکر آهن. هنن جي الفابيٽ ۾ الف، ڪاف، با، را، نون، ش، ھہ، گاف، لام، ٿا، ميم، واو، ساڳيو ئي اسان وارو وا، سين، ث، ذ، ح، خ، ز، ش، ص، ض، ط، ظ، ع، غ، ق، و، مالديوي Thaana Script ۾ لکندا آهن. 
ٿانا اسڪرپٽ اصل ۾ 17 صدي جي پيداوار آهي. هن ٻوليءَ ۾ 10 حرف علت آهن ۽ 29 حرف صحيح آهن. انھن vowels کي يا نشانين کي هن ٻولي جي خاص نشانين سان ظاهر ڪيو ويندو آهي. جيئن اسان وٽ ”زبر“. ”زير“، ”پيش“، ”مد“ ۽ ”شد“ وغيرہ سان. هي ڏسو. هي بہ عربي رسم الخط مطابق لڳي ٿي. 
 

  • Long vowels 
Short vowels
  • aa: އާ

  • a: އަ
  • ee: އީ

  • i: އި
  • oo: އޫ

  • u: އު
  • ey: އޭ

  • e: އެ

oa: އޯ

  • o: އޮ

 هي ماڻھو بہ اسان جيان ساڄي کان کاٻي پاسي لکندا آهن. مالديپ جا ماڻھو انگريزي روانيءَ سان ڳالھائي سگهن ٿا. مالديب جا مشھور کاڌا جن جو مون مٿي ذڪر ڪيو آهي، انھن ۾ فرائيڊ يامس، ماس بني، گارودهيا، مسروشي، بوشي، مشوني، بس ڪيميا، مالديوين لائيو لابسٽر ۽ ساگو بونڊي بائي اچي وڃن ٿا . 
مالديپ سفر جي لاءِ مڪمل طور تي محفوظ ملڪ آهي. برصغير جي ڏکڻ ۾ گول ٻيٽن جي حسين امتزاج تي مشتمل ملڪ مالديپ آهي. مشھور واپاري مارڪو پولو هن خطي کي قدرتي خوبصورتي جي ڪري ئي هن کي “فلاور آف انڊيز” سڏيو هو. جڏهن تہ عظيم مسلمان مسافر ۽ مفڪر ۽ چوڏهين صدي ۾ مالديپ جي قاضي چيف جسٽس محمد ابن بطوطہ هن خطي کي دنيا جي عجوبن مان هڪڙو عجوبو One of the wonders of the world قرار ڏنو هيو.

 

آزاديءَ کان پوءِ

او شال آزادي اچي چوڏهين چنڊ جيان،
رهندي رات اڃان ڪارونجهر تي ڪيترو
(شيخ اياز)

ڪنھن بہ ملڪ جي آزادي، ان ملڪ جي ماڻھن لاءِ ڪيڏي وڏي نعمت آهي. سو انگريز سامراج ڌرتي تي ڪٿي ڪٿي نہ پھتو آهي. پرائي زمين کي پنھنجو ڪري ويھي رهڻ، ان ڌرتي جي ماڻھن تي پنھنجي حڪمراني ڪرڻ، انھن تي ظلم جا پھاڙ ڪيرائڻ، اهو ڪيڏو ظلم آهي. سو ان جبر، ظلم جي رات کڻي ڪيڏي نہ ڊگهي ڇو نہ هجي پر نيٺ تہ صبح ٿيڻو آهي، نيٺ تہ ڪو ڀڳت سنگهہ پيدا ٿيڻو آهي، نيٺ تہ ڪو روپلو ڪولھي ڄمڻو آهي، سو مالديپ ۾ بہ آزاديءَ جو سج اڀريو.
برطانوي راڄ 1950ع جو گانGan نالي جزيري کي پنھنجي ايئر بيس جي استعمال لاءِ مالديپ حڪومت سان سو سالن جو معاهدو ڪيو ۽ ان مد ۾ ٻہ هزار پائونڊ ساليانو ادا ڪندا هئا. پر 1957ع جو ان معاهدي جي مدت کي گهٽ ڪري، ان رقم کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي. جنھن تي گانGan جزيري جا ماڻھو جيڪي برطانيا جي موجودگي جو مالي فائدو وٺي رهيا هيا، اهي ان فيصلي جي خلاف اٿي بيٺا ۽ مالديپ کان الڳ ٿي بيٺا ۽ پنھنجي رياست نالي متحدہ جمھوريہ سوئيديو نالي جوڙي ورتي.
1962ع جو ابراهيم ناصر هن علائقي کي مقامي پوليس جي ذريعي ٻيھر ڪنٽرول ڪري ورتو ۽ معاهدي جي رقم ست لک پائونڊ طئي ڪري ٽيھہ سالن تائين ايئربيس کي برطانيہ جي حوالي ڪيو. ويھين صدي جي شروعات ۾، دنيا ۾ نمودار ٿيندڙ نئين تبدلين جي ڪري ۽ مختلف علائقن ۾ آزادي جي جدوجھد جي تحريڪن برطانوي سامراج کي ڪمزور ڪري وڌو. جنھن جي ڪري برطانيہ مالديپ ۾ پروٽيڪشن ايگريمينٽ کان بہ هٿ کڻي ويو ۽ 26 جولاءِ 1965ع جو برطانيہ رايل ايئربيسRAF واري معاهدي کان بہ مالديپ کي آزاد ڪري ڇڏيو. ياد رهي تہ برطانيہ پنھنجو هي ايئر بيس 1976ع ۾ ئي بند ڪري ڇڏيو هو ۽ هاڻي هتي گان جي نالي سان ايئرپورٽ آهي. اهو معاهدو سري لنڪا جي شھر ڪولمبو ۾ ٿيو هيو.
آزادي کان پوءِ 1968ع ۾ آدمشماري جي دوران سلطنت کي جمھوريہ مالديپ بڻايو ويو ۽ ملڪ جو نئون آئين ترتيب ڏنو ويو. جنھن مطابق ابراهيم ناصر ٻيھر چئن سالن جي عرصي تائين آزاد جمھوريہ مالديپ جو پھريون صدر چونڊيو ويو. 1975ع ۾ برطانيا پنھنجو ايئربيس استعمال ڪرڻ ڇڏي ڏنو. سري لنڪا سان مڇيءُ جي ڪاروبار ۾ گهاٽي جي ڪري ملڪ جا معاشي حالات خراب ٿيڻ لڳا. جنھن جي ڪري عوام روڊن تي نڪري آئي. ابراهيم ناصر سنگاپور هليو ويو. بعد ۾ هن تي اپوزيشن الزام هنيا تہ هن حڪومت ۾ ڪرپشن ڪئي، پر هن تي ڪو بہ الزام ثابت نہ ٿي سگهيو، ڇو تہ هنن وٽ ڪو بہ ثبو ت نہ هيو. ابراهيم ناصر جي ياد ۾ گادي جي هنڌ مالي ۾ ابراهيم انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو نالو رکيو ويو، جنھن کي مالي ايئرپورٽ بہ چئجي ٿو. 1978ع واري اليڪيشن ۾ اقوام متحدہ ۾ مالديپ جي سفير مامون عبدالغيوم کي مالديپ جو صدر ڪيو ويو. جيڪو 2008 تائين ملڪ جو صدر هيو.

جي جي ٽرويلرز جو سھڻو نوجوان: جنيد ڏهر

جي جيJ.J ٽريول ائِنڊ ٽوئر ايجنسي جي روح روان محترم جنيد ڏهر جا لک قرب جو هن نيپال گهمائي اچڻ کان پوءِ وري اسان کي ٻيھرگڏ ڪري، دنيا جا ٻہ خوبصورت ملڪ مالديپ ۽ سري لنڪا گهمائڻ وٺي هلي ٿو. جنيد جي ڪوشش هوندي آهي تہ هو سفر ۾ ٿيندڙ خرچ کي گهٽائي ۽ بچائي. جيترو ٿي سگهي گهمائي، ڦيرائي رولاڪيون ڪرائي، ٿڪائي ٻيھر هوٽل تي آڻي رهائي. هن جي اها بہ جستجو هوندي آهي تہ زيرو پوانٽ کان گهڻو پري نہ وٺي وڃي، ڇو تہ جيترو گهڻو پري وٺي ويندو، ان ۾ مسافر جو سفري خرچ بہ وڌي ويندو ۽ ٿڪاوٽ جو شڪار بہ ٿيندو. پوءِ هن کي بچندو ڇا. مان سمجهان ٿو هر وڻجارو اهو چاهيندو آهي تہ هن کي ٻہ روپيا بچن.
ظاهر آهي تہ هو اسان سان گڏ هلي ٿو، اسان کي پنھنجو ٽائيم ڏيئي ٿو، پنھنجو ڪاروبار، گهر گهاٽ ڇڏي، اسان کي ڪمپني ڏيئي ٿو تہ ان ۾ هن جو حق آهي تہ هو پنھنجو خرچ بہ ڪڍي ۽ ان کان علاوہ هن کي ڪجهہ پئسا بہ ضرور بچڻ گهرجن. هن دور ۾ مفت ۾ ڪير سروس ڏيندو. هو اسان جو ڀائرن جھڙو دوست آهي. پر هي هن جو ڌنڌو آهي، هن جي روزي آهي. ان ڪري هو چاهيندو تہ ٻہ روپيا هن کي بچن. ان حساب سان هو سھي آهي. اسان هن سان مطمئن آهيون. پر هن جي مينيجمينٽ واري طريقي تي ڪن درستن کي اعتراض آهي. يا کڻي چئجي تہ اهي هجتن ۾ جنيد کي چون ٿا، جيڪو مان سمھان ٿو تہ هر ڪسمٽر جو حق هوندو آهي.
دوست ان خيال جا آهن تہ طعام ۽ قيام جي لاءِ سٺي هوٽل هجي، ڀلي اها فائيو اسٽار نہ هجي، پر ڪنھن نہ ڪنھن اسٽار ۾ هجي ۽ سٺي رينڪنگ ۾ تہ اچي، پر جيڪا هوٽل رينڪنگ ۾ نہ اچي ان ۾ رهڻ ڪٿان جي سياڻپ آهي. دوستن کي ڪڏهن بہ ان ڳالھہ تي اعتراض نہ هوندو آهي، هو ڀلي اسان جي پيڪيج کي جيئن وڻيس تيئن ٺاهي، پر جيڪا هوٽل بوڪ ٿيڻ گهرجي، پوءِ اها ئي ٿئي، ان کان گهٽ معيار واري هوٽل نہ هلندي ۽ کائڻ پيئڻ، رهڻ ڪرڻ ۽ گهمائڻ ۾ ڪنھن بہ قسم جي ڪا بہ سستي نہ ڪري. ڇوتہ هن مھل گوگل جو دور آهي، هر شيءَ جون قيمتون لکيل آهن، هر معياري، ٿري، فور، ۽ فائيو اسٽار هوٽلن جا اگهہ صاف واضع آهن. جن ۾ ناشتو بہ شامل هوندو آهي. جيتوڻيڪ ٽرانسپورٽ جو معيار هن برقرار رکيو آهي. ان ۾ هو ڪوشش ڪندو آهي تہ ٽرانسپورٽ سٺي ۽ معياري هجي. ان مد ۾ هو ڪافي حد تائين ڪامياب بہ ويو آهي. اصل ۾ جنيد ڪاروباري ماڻھو آهي. فقط جنيد نہ پر حقيقت ۾ اسان سڀ ڪاروباري ماڻھو آهيون.
جنيد جي ٻي خوبي بہ آهي تہ هن ۾ ڪنھن بہ قسم جي هٺ، غرور، وڏائي ۽ آڪڙ نہ آهي. سدائين مھربان دوستن سان ڪوآپريٽو رهندو آهي. هن وڏا وڏا پيڪيج بہ ڪيا. جن ۾ هو 100 سو سو ماڻھو بہ ٽرپ ۾ وٺي ويو. هر ماڻھو جو مزاج الڳ الڳ هوندو آهي. سڀني ماڻھن جا انگل، نخرا سھڻ بہ هر ڪنھن جي وس جي ڳالھہ نہ آهي. پر پوءِ بہ هن جي ڪوشش هوندي آهي تہ ڪنھن بہ سياح دوست کي تڪيلف نہ اچي ۽ هو آخر تائين پاڻ نڀائيندو آهي.
مان پنھنجي ڳالھہ ڪندس تہ سچ تہ جنيد جي ڪمپني ۾ سفر جو مزو بہ هوندو آهي تہ مزاڪ مستيون بہ. هن سان دوست دل کولي چرچا بہ ڪندا آهن، پر هن ڪڏهن بہ دل ۾ نہ ڪيو ۽ نہ ئي انھن کي ان چرچي جي جواب ۾ ڪو چرچو هڻندو آهي. هو ان ڳالھہ کي کلي ٽاري ڇڏيندو آهي. خاص ڪري هن جا لفظ هوندا آهن تہ ”ڀلي ڪيو ابا، توهان جي مرضي“. سو جنيد جي قرب ۾ ڪشش آهي ۽ محبتن ۾ ميٺاج آهي. هن بنان سفر اڌورو هوندو آهي. ڇو تہ هن جي شخصيت ۾ قدرت اهڙي مقناطيسي ڇڪ ۽ ڪشش رکي آهي، جيڪا سڀني کي هن ڏي ڇڪي اچي ٿي. اهڙي محبوب ماڻھو کي ”مالديپ ۾ مانڊاڻ“ مچائڻ تي مان هن جو دل سان شڪريو ادا ڪيان ٿو.

شينجن ويزا جو طريقو

اسان جو دوست ڊاڪٽر سنتوش مل ان خيال جو هو تہ شينجن ويزا Schengen Visa وٺي يورپ جو ٽوئر ڪري اچجي. انھن ملڪن ۾ آسٽريا، بيلجم، بلگيريا، چيڪيا Czechia، ڪروايشا Croatia، ڊينمارڪ، ايسٽونيا Estonia، فنلينڊ، فرانس، جرمني، گريس(يونان)، هنگري، آئسلينڊ Iceland، اٽلي، ليٽويا Latvia، لٿيواينيا Lithuanai، لِڪ ٽنسٽائن Liechtenstein، ليڪسم برگ Luxemburg، مالٽا، ناروي، دي نيدرلينڊس، پولينڊ، پورچوگال، رومانيا، سلوويڪيا، سلوينيا، اسپين، سويڊن ۽ سئزرلينڊ اچي وڃن ٿا. هي ٽوٽل 29 ملڪ آهن. هن شينجن ويزا جون گهرجون تمام گهڻيون ۽ سخت آهن. انھن مٿين ملڪن ۾ بلگيريا، ڪروايشا، سائيپرس (قبرص)، رومانيا ۽ يونائيٽيڊ ڪنگڊم اهي ملڪ يورپين رياستن ۾ اچن ٿا، اهي شينجن ۾ نہ ٿا اچن ۽ اڃان تائين شينجن جو حصو نہ ٿيا آهن.
ان جو مطلب اهو آهي تہ انھن ملڪن مان ڪنھن بہ هڪ ملڪ جي اڏام ان کي ٻاهرين اڏام تصور ڪئي ويندي آهي ۽ اها بارڊر چيڪنگ جي ماتحت هوندي آهي. توهان کي هر ملڪ جي ويزا آساني سان ملي سگهي ٿي بشرطيڪ توهان پنھنجن ڪاغذن ذريعي اهو ثابت ڪيو تہ توهان پاڪستان واپس ايندو. ان لاءِ اهو ضروري هوندو آهي تہ توهان جي پاسپورٽ تي ٽريول هسٽري هجي. بغير ٽريول هسٽري جي توهان کي ويزا نہ ٿي ملي سگهي. پر ڪڏهن ائين بہ ٿيندو آهي تہ ملڪن جي پاليسي جي مطابق توهان جي ٽريول هسٽري نہ بہ هجي تہ بہ توهان کي اهو ويزا ملي سگهي ٿو.
2024ع ۾ ڪجهہ شينجن ملڪ اهڙا آهن، جيڪي ويزا ڏيڻ لاءِ بلڪل تيار آهن ۽ انھن جو ڪم سولو ٿيل آهن. يعني اهي ملڪ آساني سان ويز ا ڏيئي رهيا آهن. انھن ملڪن ۾ ٽاپ تي چار ملڪ آهن. سڀني کان اول جرمني جو ويزا ريشو سٺو وڃي رهيو آهي. جرمني جي ڪائونسليٽ جنرل ۾ توهان جو تمام مختصر انٽرويو ورتو وڃي ٿو. جنھن ۾ جيڪڏهن توهان انھن کي پنھنجي ويزا جي مقصد لاءِ مطمئن ڪري وڃو ٿا تہ سمجهو توهان جو ڪم ٿي ويو. پر ٻين ملڪن جھڙوڪ فرانس وغيرہ جي ڪائونسليٽ ۾ توهان جا ڪاغذ ويندا آهن. توهان جو ڪو بہ انٽرويو نہ ٿيندو. پر جرمني واحد ملڪ آهي جيڪو توهان جو فزيڪل انٽرويو ڪندو آهي. جرمني جي ويزا جي في صرف 80 يوروآهي . في يورو euro 301.68 آهي، جيڪو پاڪستاني 24134.31 روپيا ٿين ٿا.

ٻاهر نڪرڻ بہ ڪيڏو ڏکيو آهي

بھرحال ڊاڪٽر سنتوش مل جو خيال هو تہ جيترا پئسا ٻن ملڪن کي گهمڻ تي خرچ ٿين ٿا، اوتري رقم ۾ تہ يورپ جا ملڪ گهمي اينداسين. پر مان ان خيال جو هئس تہ منھنجي ٽريول هسٽري ايتري نہ آهي، ان ڪري منھنجي شينجن ويزا شايد نہ لڳي. جنيد بہ ان خيال جو هو تہ وقت ٿورو آهي. ان ويزا ۾ وقت لڳندو آهي. ايترو جلدي شينجن ويزا نہ ٿي لڳي سگهي.
سو دوستن اهو فيصلو ڪيو تہ پاڻ کي ماليديو ۽ سري لنڪا گهمڻ گهرجي. اسان جي سائين پروفيسر مختيار سمي صاحب جو بہ اهو خيال هو تہ هن سانوڻي موسم ۾ سري لنڪا ۾ رڳو برساتيون هونديون، برساتن ۾ ماڻھو هوٽل تائين محدود ٿي ويندو تہ پوءِ گهمندو ڇا؟. ازانسواءِ هو سري لنڪا اڳ ۾ بہ ٻہ ٽي ڀيرا گهمي آيو آهي. پر هي اهڙا ملڪ آهن، جن کي بار بار گهمڻ تي دل چوندي آهي ۽ هون بہ ڪو ملڪ ڀلا ڏهن يا ٻارنھن ڏينھن ۾ ٿورئي گهبو آهي. ملڪ کي گهمڻ لاءِ جيڪڏهن سڄي زندگي بہ ماڻھو اتي رهي گهمي تہ بہ نہ ٿو گهمي سگهي. ڊاڪٽر سنتوش بہ ان خيال جو هو تہ سري لنڪا هن جو بہ گهميل آهي، سو بہ ٻہ ٽي دفعا. بھتر آهي تہ يورپ هلون.
ان کان پوءِ دوستن جو پروگرام ٿيو تہ ڀلا پاڻ سڀ باڪو ۽ ترڪي ٿا هلون. ان تي ڪافي بحث مباحثا ٿيا. نتيجي ۾ اهو پروگرام بہ نہ ٿيو. هن دفعي بہ اڳين سال وارو ڪم ٿئي پيو. پروگرام ٺھن پيا وري ڊهن پيا. پر معاملا طئي نہ پيا ٿين. اڳي سال بہ اسان چار ئي دوست نڪري ويا هياسين. پر گروپ نہ هليو. پروفيسر مختيار صاحب ان خيال جو هو تہ ڪنھن بہ ملڪ کي گهمڻ لاءِ 4 يا پنج ڏينھن ٿورا آهن. بھتر آهي تہ گهٽ ۾ گهٽ ڏھہ ٻارنھن ڏينھن اُتي هلجي. ان ملڪ کي چڱي طرح ايڪسپلور ڪجي. آرام سان رهجي، گهمجي، ڦرجي. جنھن تي جنيد ڏهر بہ راضي ٿي ويو هو. پر هاڻي وري بہ ملڪن جو مسئلو اچي پيو تہ ڪاٿي هلجي.
ان کان اڳ ۾ مسئلو اهو هيو تہ اهو پروگرام جون مھيني ۾ طئي ڪيو ويو. جنھن لاءِ ڊاڪٽر سنتوش راضي نہ ٿيو هو. ڇو تہ هن جو نواب شاھہ روڊ تي فلور مل جو ڪم هلي رهيو هو. ان ڪري هو ان ڪم ۾ ڏاڍو مصروف هو. ڇو تہ اهو هن جو نئون نئون ڪم هو. مزدورن جي ديک ڀال ڪرڻ، انھن جي ماني ٽڪي جو بندوبست ڪرڻ، شام جو انھن کي اجرت ڏيئي روانو ڪرڻ، اهو سڄو ڪم ڊاڪٽر جي اڪيلي سر مٿان اچي ڪڙڪيو هيو. ان کان علاوہ جاني پنھنجي ننڍڙي مصطفيٰ کي ڏيکارڻ لاءِ اسلام آباد ويل هيو. هتي موجود نہ هيو ۽ هن لاءِ جون ۾ هلڻ ڏاڍو مشڪل هيو. ان ڪري هن بار بار اهو چيو پئي تہ هو جولاءِ جي ٻي هفتي ۾ هلي سگهندو. ڇو تہ ڊاڪٽر ظفر، جاني جو ڀيڻوو، آمريڪا کان جون مھيني جي آخري هفتي ۾ فيملي سان دادو اچي پيو ۽ جاني وارن وٽ ئي هن جي رهائش جو بندوبست آهي. جاني کي هن لاءِ ٺيڪ ٺاڪ وقت ڪڍڻو هيو. ڇو تہ ڊاڪٽر ڪافي سالن کان پوءِ فيملي سان اچي پيو ۽ ان مھل جاني بہ نہ هجي تہ پوءِ ڪير هن کي وقت ڏيندو. دادو ۾ لوڊ شيڊنگ جا مسئلا، گهر جا ڪم ڪار، انھن سڀني ڪمن ڪارن جي ذميواري جاني تي آهي.
اعجاز سيف صاحب جو پنھنجو اسڪول آهي، هو اسڪول جي ڪمن ڪارن ۾ وڪوڙيل آهي. ان کان پوءِ شام جو وري ڪوچنگ سينٽر. سينٽر تي بہ اعجاز کي ڪافي وقت ڏيڻو پوي ٿو. ان کان علاوہ اعجاز بہ گهر جو وڏو آهي. هن تي بہ ڪافي ذميواريون عائد ٿين ٿيون. باقي ڪجهہ ٻيا دوست آهن، جيڪي Hen packed آهن، يعني زال جا ماريل، سو انھن کي جيسيتائين اجازت نہ ملندي تيسيتائين اهي گهران نڪرندا بہ نہ آهن. بلڪ ساھہ بہ گهرن وارن جي اجازت سان کڻندا آهن.
سو خير هر ڪنھن جو پنھنجون مجبوريون ان مھل سامھون اچي ويون، جڏهن پروگرام طئي ٿي ويو. واقعي ڪڏهن ڪڏهن ماڻھو ويچارو پرائي وس ٿيو وڃي پوءِ نہ هِتان جو رهي ٿو ۽ نہ ئي وري هُتان جو. سو خبرون خير ڪافي دوستن جو پروگرام ملتوي ٿي ويو. پرتاب کي شاباش آهي جو هن برداش ڪيو ۽ دل ۾ دوستن جي ڳالھہ نہ رکي. نہ تہ ماڻھو جڏهن دوستن سان دوستيون نڀائڻ جي رڳو سوچي بہ ٿو تہ بہ هو ڪيئن بہ ڪري وقت کي ۽ شين کي مينيج بہ ڪري وٺي ٿو. باقي نہ هلڻ جا تہ سوين بھانا. مون ڪٿي دوستي جي باري ۾ گفتگو پڙهي هئي، جيڪا توهان سان ونڊ ڪيان ٿو؛
هڪ نوجوان ڳالھايو: ”اسان کي دوستيءَ جي باري ۾ ٻڌاءِ! “
مصطفيٰ جواب ڏنو: توهان جو دوست توهان جي اها ضرورت آهي، جيڪا پوري ٿي وئي هجي.اهي توهان جو فصل آهن. جنھن ۾ توهان محبت جا ٻج ڇٽيندا آهيو ۽ شڪر ۽ تحمل سان ان جا گوشا پٽيندا آهيو. اهي ئي توهان جو دسترخوان ۽ اهي ئي توهان جو چلھو آهن. انڪري جو توهان پنھنجي بک کڻي انھن ڏانھن ويندا آهيو ۽ انھن جي ڀر ۾ امن ۽ اطمينان تلاش ڪندا آهيو.
جڏهن توهان جو دوست پنھنجي دل جي ڳالھه اوهان سان سليندو آهي تہ توهان پنھنجي دل جي ’نه‘ جي اظھار کان نہ لھرائيندا آهيو، نہ ئي پنھنجي ’ها‘ کي پنھنجي نڙيءَ ۾ ئي جهلي رکندا آهيو ۽ جڏهن هن جي چپن تي خاموشي ڇانيل هوندي آهي، ان مھل بہ توهان جي دل هُن جي دل جي ڳالھه ٻڌڻ کان مرحوم نہ ٿيندي آهي.
انڪري جو هر دوستيءَ ۾ سڀ خواهشون، سڀ توقع ۽ سڀ خيال لفظن جي بنا پيدا ٿيندا آهن ۽ نفس ان ۾ شامل ٿي خوشي حآصل ڪندو آهي. بي طلب! جڏهن توهان پنھنجي دوست کان ڌار ٿيڻ لڳو تہ توهان کي ڏکارو ٿيڻ نہ گهرجي، انڪري جو هن جي وجود ۾ جيڪا شيءِ سڀ کان وڌيڪ پياري آهي، ممڪن آهي هن جي جدائيءَ ۾ وڌيڪ روشن ٿي وڃي.
جيئن پھاڙ، پھاڙ ماپڻ واري کي واديءَ کان صاف نظر ايندو آهي، توهان جي دوستي هر تمنا ۽ هر غرض کان پاڪ هئڻ گهرجي. سواءِ روح جي گهراين ۾ پيھي وڃڻ جي. انڪري جيڪا محبت پنھنجي رازن تان پردو کڻڻ چاهيندي آهي، محبت ناهي، هڪ وکريل ڄار آهي، جنھن مان لاحاصليءَ کان سواءِ ڪجهہ بہ حاصل نہ ٿيندو آهي
توهان ۾ جيڪا سڀ کان بھتر شيءِ هجي اها دوست کي ڏيو. جيڪڏهن هو توهان جي بحر حيات جو جذبو ڏسڻ ٿو گهري تہ ان جي دوستيءَ جي تقاضا اها آهي تہ توهان ان جو سيلاب بہ ڏيکاريو.
ڀلا اهو بہ ڪو دوست هوندو جنھن کي واندڪائيءَ جون گهڙيون گذارڻ لاءِ تلاش ڪريو. دوست کي تہ هميشہ ان وقت تلاش ڪرڻ گهرجي، جڏهن توهان ان سان زندگيءَ جون گهڙيون گذاريو. انڪري تہ دوست جو ڪم توهان جي خالي وقت جو پورو ڪرڻ ناهي پر توهان جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ آهي.
دوستيءَ جي راحت ۾ ٽھڪن ۽ گڏيل خوشين کي سمائي ڇڏيو. انڪري جو ماڪ انھن ڦڙن ۾ جيڪي ننڍين ننڍين شين تي ڪرندا آهن، دل کي پنھنجو صبح ملندو آهي ۽ اهو تر و تازو ٿي ويندو آهي.

نيٺ ڀاڳ کُليا

نيٺ هڻي هڻي سڀ دوست ان ڳالھہ تي بيھي رهياسين ۽ پروگرام وري بہ اهو ئي اچي بيٺو تہ پاڻ 13 جولاءِ 2024ع جو مالديپ هلجي، مالديپ جي خوبصورت ٻيٽن کي ايڪسپلور ڪجي. دنيا جي ماڻھن لاءِ تہ هي هني مون ڊيسٽينيشن آهي، پر اسان لاءِ بہ اها سوغات ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن اسان چاهيون ته.
سو ان سلسلي ۾ جنيد اسان جي ڀرپور مدد ڪندي چيو تہ،” 13 کان 17 جولاءِ تائين مالي ۾ گهمي ”مالديپ ۾ مانڊاڻ“ مچايون ٿا ۽ ان کان پوءِ 17 تاريخ کان 27 تاريخ تائين ”سري لنڪا جي سونھن“ کي اکين پسي، جيون جون موج مستيون ماڻيون ٿا“.
سو انھيءَ دوران ڪيترا دوست پروگرام ٺاهيندي بہ ڊاهي ڇڏيا. ڪيترن تہ پنھنجا غيرضروري، بنان جواز جي هٿ گهڙيا گهريلو ڪارڻ ڄاڻائي هلڻ کان نابري واري ويھي رهيا. مان چوان ٿو تہ هي گهمڻ تہ هر ڪنھن جو ذاتي مسئلو آهي. جيڪڏهن ڪو هلي ٿو تہ ٺيڪ، نہ ٿو هلي تہ پنھنجي گهر ۾ خوش. اسان کي هروڀرو ڪنھن کي زور نہ ڀرڻ گهرجي. مون تہ ڪنھن کي بہ زور نہ ڀريو ۽ نہ ئي ڀريندس. سو هر دوست کي پنھنجي حال ۾ ڇڏي ڏجي تہ هو پنھنجو فيصلو پاڻ ڪري، پر پنھنجو فيصلو اهڙو پختو ۽ پڪو ڪري جو ان کي ور ور نہ مٽائي، ايئن ڪرڻ سان ٻين دوستن جو پروگرام خراب نہ ڪري تہ بھتر.
نيٺ پنجن دوستن جو پڪو ارادو ٿي ويو. سو مالديپ ۽ سري لنڪا جو ٽرپ مڪمل ٿي ويو. ان حتمي فيصلي کان پوءِ اسان جي پياري پرتاب واٽس اپ گروپ ٺاهيو، جنھن جو هن نالو Maladive-SriLanka رکيو جڏهن تہ هن گروپ جو اڳ ۾ نالو ترڪي ۽ باڪو هيو. هن گروپ ۾ هي ناچيز. سائين پروفيسر مختيار سمون، پرتاب راءِ شيواڻي، ڊاڪٽر سنتوش مل، جنيد ڏهر، عبدالرسول چنہ، سليم ڪليار ۽ مظفر کوکر اچي وڃن ٿا.
جنيد ڏهر ٻڌايو تہ UL-152 سريلنڪن ايئرلائن آهي، جيڪا 13 جولاءِ 2024 تي صبح جو 6.55 منٽن تي اسان کي ڪراچي جناح ٽرمينل ايم کان کڻندي ۽ 11.05 تي ساڳي تاريخ تي ڪولمبو Colombo (cmb) ٽرمينل NA تي لاهيندي. اتان کان پوءِ اسان کي وري بہ سري لنڪن ايئر لائين UL-115 جيڪا اسان کي اڍائي ڪلاڪن جي انتظار ڪرڻ کان پوءِ يعني 13.30 وڳي اتان کڻندي ۽ 14.25 تي يعني پوڻي ٽين وڳي ڌاري مالي Male (MLE) ٽرمينل اين اي تي ڇڏيندي. انھن جھازن ۾ اسان جون اڪانامي ٽڪيٽون آهن. مالديپ جي موسم بہ پاڪستان جھڙي آهي. هتان جي وقت ۾ بہ ڪو فرق نہ آهي. پاڻ هتي 17 جولائي تائين هونداسين.
ان کان پوءِ پاڻ سري لنڪا نڪري وينداسين. سو 17 جولاءِ تي 9.25 منٽن تي صبح جو اسان جي سري لنڪن فلائيٽ UL-102 آهي، جيڪا بہ مالي يعني Male (MLE) ٽرمينل اين اي کان نڪرندي جيڪا اسان کي 11.20 منٽن تي اچي ڪولمبو ڇڏيندي. هي ٽرمينل اين اي آهي. اسان ان ڏينھن کان وٺي سري لنڪا ۾ هونداسين، ويندي 17 جولاءِ تائين. 17.07.2024 تي اسان جي واپسي جي فلائيٽ آهي، جيڪا سري لنڪن ايئر لائين آهي. UL-151 جيڪا ڪولمبو CMB آهي. هي بہ ٽرمينل اين اي کان نڪرندي ۽ اسان کي 5:45 منٽن تي صبح جو ڪراچي جي جناح ٽرمينل ايم تي ڇڏيندي. اهڙي ريت هي اسان جو شيڊول آهي. باقي اتي هلي ڇا گهمون ان جي خدا کي خبر. اڄ 9 جولاءِ آهي. باقي 3 ڏينھن چوٿين ڏينھن تي اسان جي فلائيٽ آهي. باقي توهان کي مالديپ جي باري ۾ سڀاڻي گهڻو ڪجهہ ٻڌائيندس. سو جوڳي نہ ڪنھن جا مٽ.
***

ڪھڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا

انگريزي چوڻي آهي تہ A frined in need is a friend indeed پر اهو ثابت ڪرڻ هر ڪنھن جي وس جي ڳالھہ نہ آهي. دوستي خالي لفظن جو ڍانچو نہ آهي پر ان ۾ ڏک، سک، تڪليفون، خوشيون، غم، ٽھڪڙا ۽ ساٿ شامل هوندو آهي. اسان جي هن سفر ۾ جن دوستن اسان سان پروگرام طئي ڪيا تہ اهي هن سفر ۾ اسان جي رونقن کي دوبالا ڪندا پر اهي ائين نہ ڪري سگهيا. ڪنھن بہ ڪم جي نہ ڪرڻ جا ڪي بہ بھانا ٿي سگهن ٿا، جيڪي واري جي ڀت جيان ڪمزور هوندا آهن، پر ڪنھن بہ ڪم کي ڪرڻ جي لاءِ جيڪڏهن ارادا مضبوط آهن تہ هر ڏکيو ڪم بہ سولو ٿي سگهي ٿو. دوستن ”ها“ ڪري وري ”نہ“ ڪئي. جنھن جي ڪري ڏک ٿيو، جيڪو نہ ڪرڻ کپندو هو. پر ڇا ڪيون، سادا آهيون، پرمتڙيا آهيون، ڀوڪ آهيون، ڌوپار آهيون ۽ هر ڪنھن تي جلدي اعتبار ڪري وٺندا آهيون، ان ڪري دل آزاري بہ ٿيندي رهندي آهي.
سو هن سفر ۾ بہ ڪجهہ دوستن اوچتو آخري ٻن ٽن ڏينھن ۾ کتو جواب ڏيئي سفر جي ساٿي بڻجڻ کان انڪاري ٿي ويھي رهيا. هر ڪنھن دوست جون پنھنجون مجبوريون. پر جڏهن ويزا لڳي ويئي هجي، ٽڪيٽون بہ ڪنفرم ٿي ويون هجن. مالديپ ۾ بہ هوٽل بڪ ٿي ويئي هجي تہ پوءِ ماڻھو جي حت الامڪان اها ڪوشش هجي ها تہ دوستن جو ساٿ ڏجي ها. دوستن سان گڏ بيھجي ها. دوستن کي رڻ ۾ نہ رولجي ها. پر جڏهن انھن دوستن طئي شده پروگرام کي ٽوڙي مروڙي، ختم ڪري ڇڏيو تہ پوءِ سوال اهو پيو پيدا ٿئي تہ 19 جون 2024 تي پوءِ منھنجي آفيس ۾ شام جو گڏ ٿي، سڀني دوستن حتمي راءِ ڏيندي مٿيان ٻہ ملڪ جھڙو مالديپ ۽ سري لنڪا فائينل ڪري ڇڏيو هو ۽ اهي دوست ان گڏجاڻي ۾ پاڻ بہ موجود هيا. انھن نہ فقط ان گڏجاڻي ۾ پنھنجو فيصلو پاڻ ڪيو پر انھن وڌ کان وڌ دلچسپي ڏيکاري پروگرام کي اوڪي ڪيو. پر بعد ۾ هر ڪنھن سان وڏا مسئلا ٿيا. جن انھن دوستن جي راھہ ۾ رڪاوٽون وجهي، انھن کي اسان سان گڏ هلڻ جو ارادو ملتوي ڪرائي ڇڏيو. جيڪو ٿيو سو خوب ٿيو...بقول شاھہ ڀٽائي رح جي تہ:
ڪڻي منجهہ ڪڻا، هوا هيڪاندا سنگ ۾،
ڳاهي ڳاھہ فراق جي ڪيا ڌارئون ڌار،
نہ ڄاڻاڻ ٻيھار ڪير ملي ڪنھن سين.
شاھہ رح

دادوءَ جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾

12.07.2024 تي ٽيپھري جا 4 لڳي 12 منٽ ٿيا هيا، جو پروفيسر مختيار سمون ۽ جنيد ڏهرمون وٽ منھنجي آفيس اچي نڪتا. جاني ۽ اعجاز سيف صاحب کي مون مھمانن جي اچڻ جو اطلاع اڳ ۾ ئي ڏيئي ڇڏيو هو. سو ٿوري دير ۾ جاني ۽ اعجاز سيف پنھور بہ آفيس پھچي ويا. ريفريشمينٽ ڪرڻ کان پوءِ دوستن جو خيال هو تہ هاڻي اڳتي نڪرجي، سفر وڏو آهي، مظفر انتظار ۾ آهي. سو اڌ منو ڪلاڪ جي ڪچھري ءَ کان پوءِ، منھنجا سفري بيگ بہ منھنجي آفيس جي دوست ايڊووڪيٽ عاشق علي لنڊ، سائين مختيار سمون صاحب واري ڪار جي ڊڪيءَ ۾ رکرايا. ٻيجل بہ موجود هو. ٻيجل کي چمي ڏيئي موڪلائي پاڻ حيدرآباد ڏانھن روانو ٿياسين. ٻيجل جي چھري جي اداسي مان پڙهي چڪو هئس، پر نہ چاهيندي بہ منھن جو پڪو ٿي، هن ڏي نھارڻ بنان ئي اڳتي وڌي ويس، مون کي خبر هئي تہ جيڪڏهن مان ٻيجل ڏي نھاريان ها تہ مان روئي پوان ها ۽ ٻيجل بہ. جيڪو مون کان برداشت نہ ٿئي ها.
ڪار جي ڊرائيونگ سيٽ تي شڪيل احمد سيال هو. جنيد پنھنجو بٽون ڪار جي پٺين سيٽ تي رهائي آيو هو. جيڪو صحيح سلامت اتي ئي پيو هو. جتي هن رکيو هو. هن خدا جو شڪريو ادا ڪيو هو.
رات جو سوا اٺين ڌاري اسان مظفر جي فليٽ جي هيٺان پارڪنگ ايريا ۾ موجود هياسين. مظفر کوکر ۽ هن جا ٻہ ننڍڙا اويس علي کوکر ۽ امان ﷲ کوکر اڳ ۾ ئي اسان جي انتظار ۾ بيٺا هيا. هنن دوستن اسان جا بيگ لاهي پنھنجي ڪار جي ڊڪي ۾ سيٽنگ ڪندي رکي ڇڏيا. اسان لفٽ ذريعي ڇھين ماڙ تي اچي نڪتاسين. تمام سھڻي نموني سان سينگاريل، سجايل، صاف سٿرو فليٽ مظفر جي باذوق هجڻ جو ثبوت پيش ڪري رهيو هو. مظفر جو تعلق ڀان سعيد جي ڳوٺ باداڻي شريف سان آهي. مظفر ڀان پريس ڪلب جو ڪافي سالن کان صدر چونڊجندو رهيو آهي. (هاڻي هن سال 2025ع ۾ هو ڄامشوري پريس ڪلب جو بہ صدر چونڊيو ويو آهي). مظفر جو پنھنجي ڳوٺ ۾ مينھن جو واڙو ۽ پنھنجون زمينون آهن. هو صحافت سان گڏ زميداري پڻ ڪندو آهي. هن جا ننڍڙا حيدرآباد ۾ پڙهندا آهن. هن جي نياڻي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي آهي. ڳوٺان هر ٻي ڏينھن هن جي فيملي لاءِ ڏھہ ڪلو نچ کير ايندو آهي.
هن هوادار فليٽ جي گيلري ۾ ٿڌي هوا جو طوفان گهُلي رهيو هو. جيڪو اسان جي خيالن کي حيدرآباد مان کڻي مالديپ پھچائڻ جا سانباها ڪري پيو. ٿوري دير کان پوءِ مظفر اسان جي ٿڪاوٽ کي سمجهندي چانھہ ٺھرائي. نج کير جي چانھہ جو مزو ئي پنھنجو آهي. ان منفرد چانھہ ۾ مظفر جو خلوص بہ شامل هيو ۽ ان سان گڏ هن جو اسان لاءِ اٿاھہ الفت پڻ. ان ڪري ان چانھہ اسان جي سفر جا سمورا ٿڪ ۽ دُک درد دور ڪري ڇڏيا هيا. هن دور ۾ جڏهن هر جاءِ تي ڪيميڪل چانھہ ملي، اتي نج کير واري چانھہ جو ڪمال اهو هوندو آهي تہ اها ريڊ بل وارو ڪم ڪندي آهي، توهان جي سٺي سفر واري ٿڪاوٽ کي دور ڪري، توهان کي فريش ڪري ڇڏيندي آهي.
چانھہ پيئڻ کان پوءِ ڪچھريءَ دوران پروفيسر مختيار سمون صاحب ٻڌايو تہ لاڙڪاڻي کان ڊرائيور ڊرائيونگ دوران موبائيل جو بي تحاشا استعمال ڪندي نظر آيو. هو انتھائي غير زميوار ڊرائيور هيو. هن جو سڄو ڌيان ڊرائيونگ تي نہ پر موبائيل جي اسڪرين تي هيو. ڊرائيور وٽ ٻہ موبائيلون هيون. جيڪي هو بار بار ڊرائيونگ ڪندي استعمال ۾ آڻي رهيو هو. پاڻ سيھوڻ واري روڊ کان حيدرآباد آياسين. ان تي جنيد بہ ان ڊرائيور جا ڪيترا قصا ٻڌايا. هن ٻڌايو تہ باڪو ۾ ڊرائيور ڪميشن تي تمام گهڻو ڪم ڪندا آهن ۽ ان ڪميشن جي چڪر ۾ سياحن جا سر کڻندا آهن. لالچي ۽ بي ايمان ڊرائيور هر پوائنٽ تي اڳ ۾ ئي ڪميشن طئي ڪري ڇڏيندا آهن. جيڪي بعد ۾ وڃي انھن کان اوڳاڙينداآهن. سو اهڙي قسم جون ويساھہ گهاتيون ٻاهرين ملڪن ۾ گهڻيون لاءِ ملنديون آهن. پر هاڻي تہ اسان وٽ بہ عام جام ٿي ويو آهي. مسٽ ٽين پرسن تہ جڳ مشھور سياسي رهنما آهي. ان ڪري سياحن کي ڊرائيورن کان گهڻو بچڻ گهرجي ۽ سياحن کي گهڻو محتاط رهڻ/ٿيڻ/هجڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي.

مظفر کوکر جي مھمان نوازي

هن وقت رات جا 9 لڳي چاليھہ منٽ ٿيا آهن. مظفر رات جي مانيءَ جو اڳ ۾ ئي بندوبست ڪري ڇڏيو آهي. انڪار ڪرڻ يا حجاب ڪرڻ دوستن سان غيرمناسب عمل آهي. سو اسان کي بہ بک لڳي هئي ان ڪري رات جي ماني مظفر وٽ ئي هئي. سو ٿوري دير ۾ مظفر جا صدورا ننڍڙا اويس علي کوکر ۽ امان ﷲ کوکر ڊائننگ روم ۾ ماني کڻي آيا. اسان کي ماني کارائڻ لاءِ هي ننڍڙا، اسان جي خدمت ۾ بيٺا رهيا. هنن جو ايڏو خلوص ڏسي اسان کي مظفر جي دوستي تي ناز ٿيڻ لڳو. انتھائي لذيذ ماني، جنھن ۾ ڪڪُڙ جو ٻوڙ، سنھڙيون تريل ڀينڊيون، چانور ۽ برياني شامل هئي. گهر جي تازي ماني ايڏي سوادي هئي جو مان تہ گنجائش کان بہ گهڻي کائي ويس.
انتھائي بااخلاق ننڍڙا ڏاڍا فرمانبردار لڳا. اويس علي ٻڌايو تہ هو هتي سنڌ گرامر اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهي ٿو. مظفر پنھنجي اولاد کي يورنيورسٽين تائين تعليم جي سانگي پھچايو آهي. مظفر جو ٻارڙن کي يونيورسٽيءَ تائين پھچائڻ پڻ ساراھہ جوڳو عمل آهي. اصل ۾ اهو ئي عمل آهي جيڪو اسان جي قوم کي اڳتي ترقي جي راھہ ۾ گامزن ڪندو. ان کان علاوہ ٻي سٺي ڳالھہ مون کي اها بہ لڳي ۽ مون کي خوشي ان ڳالھہ جي بہ ٿي تہ اسان جي ٻھراڙين مان ڪافي خاندان حيدرآباد يا ڪراچي پنھنجي ٻارن جي تعليم سانگي لڏي ويا آهن، پر پوءِ بہ انھن جون جڙون اڄ بہ پنھنجن ڳوٺن ۾ جڪڙيل آهن. انھن پنھنجا اباڻي ڪک نہ وساريا آهن. ائين ٿيڻ گهرجي.
هن مضمون لکڻ وقت رات جا ڏھہ ٿين پيا. سائين مختيار سمون بيڊ تي ليٽي پيو آهي تہ جيئن هو چيلھہ سڌي ڪري وٺي، وري بہ هن کي سفر ڪرڻو آهي. ڇو تہ هاڻي اسان کي مسلسل سفر ۾ رهڻو آهي. جنيد منھنجي پاسي ۾ پلاسٽڪ جي ڪرسيءَ تي ويھي موبائيل سان کيچل ڪري رهيو آهي. اسان کي هتان ايئرپورٽ لاءِ ڏيڍ يا ٻہ ڪلاڪ کن لڳندا. ان ڪري اسان وٽ اڃان گهڻو وقت آهي. اسان جي فلائيٽ 13 جولاءِ جي صبح جو ساجهر 6 لڳي 55 منٽن تي آهي. ان ڪري اسان هتان ئي اهو طئي ڪيو تہ اسان رات جو ٻارنھين ڌاري فليٽ مان نڪرنداسين. پر اسان بعد ۾ پنھنجي ان شيڊيول کي مٽايوسين. سو اسان يارنھين ڌاري فليٽ کان هيٺ لھي مظفر کوکر جي ڪار ۾ ڪراچي ايئرپورٽ ڏانھن روانا ٿياسين. پرتاب مٺي کان ڪراچي اچي پيو. هن سان جڏهن رابطو ٿيو تہ هن ٻڌايو تہ هو ٿوري دير لاءِ ڪراچي ڪلفٽن واري فليٽ ۾ ويندو اتان فريش ٿي ايئرپورٽ هليو ايندو. مظفر جو ننڍڙو امان ﷲ اسان سان گڏ هيو. ڇاڪاڻ تہ واپسي ۾ هو ڪراچي واري فليٽ ۾ ئي رهي پوندو.

اهم ڪاغذ تہ حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا

جنيد هونءِ ئي ڪچھري جو ڪوڏيو آهي، سو هن کان دنيا جھان جون سڀ ڳالھيون، ڪچھريءَ دوران وسري وينديون آهن. هو اسان سان ڪچھري ڪندو هلي رهيو هيو. رات، ڪراچي جا روڊ ۽ چار دوست. پاڻ هاڻي ڪراچي ۾ داخل ٿي چڪا هئاسين. هن مھل تہ ايئرپورٽ جي ويجهو پھتاسين.اسان کي خبر ئي نہ هئي تہ جنيد وٽ جيڪي اسان سڀني جا سفر جا اهم ڪاغذ هيا، اهي هو مظفر کوکر جي فليٽ ۾ رهائي آيو آهي. اسان سڀ پنھنجي ڪچھري ۾ محو هياسين. خيالن ئي خيالن ۾ مالديپ جي مافوشي آئلينڊ ۽ سري لنڪا جي ڪينڊي ليڪ جو سير ڪري رهيا هياسين. انھيءَ دوران پرتاب سان بہ رابطي ۾ رهياسين. پرتاب بہ ايئرپورٽ جي ويجهو هيو. رستي ۾ ئي اويس جي مظفر کي ڪال آئي تہ،”بابا! توهان جي ٽڪيٽن، هوٽل جي بڪنگ ۽ ويزا وارا ڪاغّذ تہ فليٽ ۾ رهجي ويا آهن“. جنھن تي جنيد رڙ ڪري چيو،”ابو“. چيائين،”جڏهن هٿ منھن ڌوئڻ ويس تہ اهي پلاسٽڪ جي ٿيلھي ۾ رکيل ڪاغذ ٻاهر رکي ويو هئس. پوءِ تہ ذهن ۾ ئي ڳالھہ نہ رهي“.
مظفر کي چوڻ لڳو تہ،”ڪا ڳالھہ ناهي، ڪٿي بيھجان تہ انھن ڪاغذن جي پرنٽ وٺي وٺون، مون وٽ موبائيل ۾ محفوظ آهن“. مون هن کي چيو تہ،”پر هن مھل تہ ڪافي رات ٿي چڪي آهي، اهڙي بيگاھہ وقت ۾ ڪٿي دڪان کليل هوندا“.چيائين،”ڀلا ايئرپورٽ تان ئي پرنٽ ڪڍرائي وٺنداسين“. مان سمجهان ٿو تہ جنيد جي مٿان گهڻيون ذميواريون آهن. ان ڪري هن کان گهڻيون شيون وسري وينديون آهن. جنھن جي لاءِ هن کي پاڻ سان هڪڙو اسسٽنٽ رکڻ گهرجي، جيڪو هن جا معامرا ڏسي. پر ائين ٿيندو رهندو آ. هي تہ ننڍڙيون شيون آهن‏، پر ماڻھن کان تہ وڏيون وڏيون غلطيون بہ ٿي وينديون آهن. پر يار هون بہ انسان آهي ئي خطا جو گهر. ڪير کڻي ڇا بہ چوي.

رينجرس وارن ڇو روڪيو

هاڻي اسان جڏهن ايئرپورٽ پھتاسين ۽ جنيد جو خيال هو تہ ايئرپورٽ تان ئي انھن ڪاغذن جون پرنٽون وٺون. انھن ئي ڳالھين ڳالھين ۾ گم هياسين تہ پاڻ مٿي وڃڻ جي لاءِ ايئرپورٽ واري روڊ تي هلي رهيا هياسين تہ رستي ۾ ئي ايئرپورٽ وٽ رينجرس جا گارڊ بيٺا هوندا آهن يا رينجرس وارن جي چوڪي هوندي آهي. جيڪي هروڀرو بہ ماڻھن کي پيا تنگ ڪندا آهن. جيڪڏهن ڪنھن ڳوٺاڻي کي ايئرپورٽ تي ڇڏڻ لاءِ چار ماڻھو هن سان گڏ هوندا تہ هڪ کان سواءِ ٻين سڀني کي گاڏي مان لاهي ڇڏيندا يا وري پيا پاڻ پاسپورٽ چيڪ ڪندا وتندا، جيڪو هنن جو ڪم ئي نہ آهي. هنن کان پڇيو تہ توهان کي پاسپورٽ چيڪ ڪرڻ جي ڪھڙي اٿارٽي آهي. سو دوستن جو بہ خيال هيو تہ پنھنجا پاسپورٽ ڪڍي هٿ ۾ رکو متان پڇن نه؟. اهڙي ريت پاڻ بہ جڏهن ان پوائنٽ تي پھتاسين ڏٺوسين تہ ڪجهہ سپاهي ڪرسين تي ويٺا هيا باقي هڪ اڌ روڊ تي بيٺو هو. انھن ڊيوٽي تي بيٺل وردي وارن مان هڪڙي سپاهي مظفر کي گاڏي بيھارڻ جو اشارو ڪيو پر مظفر اهو اشارو نہ ڏٺو يا وري هو نہ سمجهي سگهيو. هن جو ڌيان شايد ٻي پاسي هو. جنھن تي هو پويان ڀڄندو اچي، اڳتي وڌي گاڏي کي بيھاريو. مظفر گاڏي بيھاري کاٻي پاسي واري دري جو شيشو لاٿو تہ هن دري مان اندر منھن وجهي چيو تہ،”هڪ تہ توهان اشاري تي نہ بيٺو ۽ ٻيو وري توهان جي گاڏيءِ جا شيشا بہ ڪارا آهن. ان ڪري توهان کي ڏنڊ ڀرڻو پوندو“.
مظفر ڪار کي روڊ جي پاسي تي بيھاريو تہ همراھہ کان حال احوال وٺون تہ ابا ڏي خبر ڇا مسئلو اٿئي. اسان سڀ هيٺ لھي آياسين. جڏهن اسان رينجرس وارن ويٺل همراهن ڏي اڳتي وڌڻ لڳاسين تہ اهو سپاهي سامھون ئي اچي بيٺو. هن اسان کي ڏسي مرڪي ڏنوو. هٿ ملائيندي چوڻ لڳو تہ،”سائيڊ وارن شيشن تي ڪاري ڪلي لڳل آهي، گهٽ ۾ گهٽ شيشا تہ هيٺ لاهيو ها تہ مان اندر ڏسي سگهان ها تہ اندر ڪير مڙس آهن “. پر جڏهن هن کي پنھنجو تعارف ڪرايوسين تہ همراھہ مطمئن ٿيو ۽ چيائين تہ،“بس ٺيڪ آ توهان وڃي سگهو ٿا“.
سو ٻيلي رينجرس وارا ان پوائنٽ تي توهان کي هٿ ڏين تہ بيھي رهندا ڪيو. ٻيو ڪجهہ ڪونھي توهان جو ٽائيم زيان ڪندا. باقي هنن کي توهان جي حفاظت لاءِ بيھاريو ويو آهي، نہ ڪي انھن کي اهو اختيار ڏنو ويو آهي تہ اهي توهان کي بندقون جي آڙ ۾ هراسان ڪن. هي بندوقن وارا ڪيڏا بھادر آهن، اها سڀني کي خبر آهي.

ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ

سامان لاهي امان ﷲ کان موڪلائي ايئرپورٽ ۾ داخل ٿياسين. بين الاقوامي ايئرپورٽ واري حصي ۾ محرم مھيني ڪري زائرين جي وڏي رش لڳل هئي. مومنن جو اتي بہ ماتم هلي رهيو هو. پاڻ انتظار گاھہ جي سامھون ڏوڪڙ مٽائڻ وارن دڪانن جي اڳيان بيٺا هياسين تہ جنيد ڏهر جو دوست بلوچستان جي ڪلات شھر سان تعلق رکندڙ، شاعر ۽ ليکڪ يوسف عجب بہ اچي ويو. هن سان جنيد تعارف ڪرائيندي چيو تہ،”هي منھنجو دوست يوسف عجب آهي، جيڪو بلوچستان جي شھر ڪلات سان تعقل رکي ٿو، پاڻ سٺو شاعر ۽ ليکڪ آهي. هو انگريزي اخبار ۾ بہ لکندو آهي. ٻاهرين ملڪن جا بہ ڪيترائي دورا ڪري آيو آيو آهي“.
هن سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي هئي. هو انتھائي سادو، چھري تي چاپائين ڏاڙهي، نظر جو چشمو پاتل، ننڍڙو بيگ هن جي ساڄي هٿ ۾ هيو. جنيد اسان جو بہ هن سان تعارف ڪرايو. هي اسان جي سفر جو ساٿي هيو. هاڻي اسان سڀني جو فرض ٿئي پيو تہ اسان هڪٻئي جو خيال رکون.
جنيد ٻڌايو تہ يوسف هن جو تمام بھترين دوست آهي. هو ڪيترن سفرن ۾ هن جو ساٿي رهيو آهي. ان کان علاه هن پاڻ بہ ڪافي سفر ڪيا آهن. انھن ۾ هڪڙو سفر هن جو آمريڪا جو بہ آهي. هو ڪلات ۾ اسپيشل سبجيڪٽ ٽيچر آهي. هن جو پنھنجو ٽيوشن سينٽر بہ آهي، جتي هو انگريزي پڙهائيندو آهي. هن جا ڪلات ۾ باغ بہ آهن. هن اردو ۾ لکڻ کان پنھنجي ٻولي براهوي کي گهڻي ترجيع ڏني آهي. ڇو تہ هن جي مادري ٻولي براهوي آهي. هونءَ تہ هو لکندو آهي عجب يوسف جي نالي سان، باقي هو پاڻ کي بلوچ سڏرائيندو آهي. هو انگريزي اخبارن ۾ بہ لکي ٿو. ان کان علاوہ هن جو صحافت سان بہ تعلق آهي. هو محب وطن شاعر آهي. هن جي شاعري توهان کي اڳتي هلي پڙهڻ لاءِ ملندي. هن جو براهوي ٻولي ۾ مشھور غزل آهي:

مف است ننے پھلس کشکن، کشکار ہشار او گلشن تے
اے خنک ننا کہ خنتے ملار ، استان امر دین اے خن تے۔
قربان مروئی تمک نے اڑزان اسل اف راہشونی
گوریچ نا مونا غورٹ ہر بشخندہ کروکا چلتن تے۔

ترجمو:
ہم سے تو ایک پھول کا توڑنا برداشت نہیں ہوتا مگر وہ لوگ گلشن کے گلشن برباد کردیتے ہیں۔ اوران لوگوں اور ان کا کردار ناقابل فراموش ہوتا ہے جن کی رہنمائی سےہماری آنکھیں کھل چکی ہیں۔

صفدر حسين سمون سان ملاقات

ايئرپورٽ جي بہ پنھنجي خوشبو آهي، پنھنجو ماحول آهي. پنھنجي رونق آهي. خاص ڪري جڏهن رات جو پويون پھر هجي، هر مسافر پنھنجا بيگ، ٿيلھا، کنيو، اسڪرين تي پنھنجو فلائيٽ نمبر تي نظر وجهي، بورڊنگ جي لفظن تي ڌيان ڏيندو هجي. مسافر کي ڇڏي اچڻ لاءِ مٽ مائٽ بہ هن سان بيٺي بيٺي ڪچھري پيا ڪندا آهن. ڪي ماڻھو سڪو مٽائڻ جي چڪر ۾ هوندا آهن تہ ڪي وري ٽرالين ۾ پنھنجا بيگ ۽ سامان گھليندا اڳتي وڌندي نظر ايندا آهن. سو اسان بہ هڪٻئي سان ڪچھري ڪري ان رات جي پوئين پھر جو پئي مزو ورتو. ايئرپورٽ جرڪي رهيو هو. روشنين جا جرڪندڙ جلوہ ماحول کي کنيو بيٺا هيا. وڻ جي وڻ جي ڪاٺي، هڪڙي ئي ڇت هيٺان، هڪٻئي جي سامھون ڪي سيٽن تي دويٺل تي ڪي بيٺل نظر پئي آيا.
اڃان اتي ئي بيٺي بيٺي ڪچھري ڪري رهيا هياسين تہ پرتاب بہ اچي نڪتو. سو پرتاب کان حال احوال پئي ورتاسين تہ ٿوري دير کان پوءِ مختيار سمون صاحب جو ننڍو ڀاءُ محترم صفدر حسين سمون ۽ سندس سوٽ تنوير علي سمون بہ ايئرپورٽ تي اچي نڪتا. هنن ٻنھي دوستن جي ڪراچي ۾ ئي رهائش آهي. صفدر حسين سان جڏهن ڳالھہ ٻولھہ ٿي تہ هن ٻڌايو تہ هو وڪيل آهي ۽ ڪراچي ۾ وڪالت ڪندو آهي. هن جا سينيئر شبير ٻٻر ۽ سميع ملڪ وڪيل آهن. جيڪي ٻيئي منھنجا پراڻا دوست آهن. شبير ٻٻر سان هون بہ ڪڏهن ڪڏهن دادو بار ۾ ملاقات ٿيندي رهندي آهي، باقي سميع ملڪ سان ملاقات ڪندي سال ٿيا آهن.
هو انتھائي محبتي ۽ سلڇڻو نوجوان لڳو. هن چانھہ جو زور ڀريو. پر اسان انڪار ڪندي هن کان معذرت ڪئي. پر هو اسان جي ڪيفيت کي سمجهي ويو هو، ڇو تہ هو بہ آخر وڪيل هيو. هون بہ اسان کي چانھہ جي سچ تہ ضرورت بہ هئي. سو هو ٻيئي دوست ٿوري دير لاءِ هليا ويا. پاڻ هاڻي پئسا مٽائڻ ۾ لڳي وياسين. مون سان گڏ مختيار سمون صاحب ۽ يوسف عجب پڻ پاڪستاني روپيا مٽائي ڊالر ورتا. ڇو تہ هر ملڪ ۾ ڊالر هلي ٿو ۽ هر ملڪ ۾ ڊالر جي اهميت آهي. سو ٿوري دير کان پوءِ ڏٺوسين تہ صفدر پاڻيءَ جون بوتلون، چانھيون، بھترين مٺائي ٽائيپ بسڪوٽ وٺي آيو. سڀني دوستن کي پاڻي، چانھہ ۽ بسڪوٽ کارايا. هنن دوستن تہ ڄڻ تہ ناشتو ڪرائي ڇڏيو هجي. مختيار صاحب جي فرزند نالي عمران علي سمون: جيڪو اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڊپٽي ڊاريڪٽر آهي، ان جي بہ هن وقت مختيار صاحب کي فون آئي ۽ هن بہ ايئرپورٽ تي اچڻ جي خواهش ظاهر ڪئي پر سمي صاحب هن کي منع ڪري ڇڏيو تہ هاڻ اسان جي چيڪ ان شروع ٿي ويئي آهي، ان ڪري پاڻ گيٽ کان اندر ايئرپورٽ ۾ داخل ٿي وينداسين. ان ڪري ملاقات نہ ٿي سگهندي.
جنيد ضروري ڪاغذن جي پرنٽ ڪڍرائڻ لاءِ يوسف کي ساڻ ڪري ايئرپورٽ تي ئي رولاڪيون ڪرڻ لڳو. ٿوري دير کان پوءِ موٽي آيو ۽ چوڻ لڳو تہ،”يار سو روپئي جو هڪڙو پيج ڪڍي ڏنو اٿن. هتي پرنٽ وٺڻ ڏاڍو مھانگو آهي. ايئرپورٽ تان پرنٽ نہ وٺجي تہ بھتر“.
ٿوري دير کان پوءِ تقريبن ساڍي چئين يا پوڻين پجين ڌاري صبح جو فجر مھل چيڪ ان شروع ٿي ويو هو. گيٽ تي ماڻھن جي تمام وڏي رش هئي. قطار ۾ اسان بہ بيھي رهياسين. پر تيسيتائين صفدر اسان سان گڏ هو. وڏي ڀاءُ سان عقيدت ۽ احترام جو اهو رشتو ۽ ان سان نڀاءُ جو اهڙو ڏانءَ شايد ئي ڪنھن کي ايندو هجي. جيتوڻيڪ مختيار صاحب گهڻو ئي هن کي چيو تہ،”ادا توهان هاڻي گهر هليا وڃو، رات گهڻي ٿي ويئي آهي، اسان جي فلائيٽ 6 لڳي پنجونجاھہ منٽن تي آهي. توهان بيھي بيھي ٿڪجي پوندو“.
پر هو آخر تائين بيٺو رهيو. جيسين اسان گيٽ کان اندر داخل نہ ٿياسين. ويندي ويندي هُن اسان سڀني کان موڪلايو، پر پوءِ بہ اتي ئي مسافرن جي ڊگهي قطار جي پاسي ۾ بيھي رهيو هو. هن اسان سان ڪيتريون ئي تصويرون پڻ ڪڍرايون هيون. رات جو پويون پھر، ايئرپورٽ، ٿڪاوٽ، محبت ۽ پنھنجن کان پري ٿي وڃڻ جا منظر بہ عجيب آهن. جيڪي ماڻھو کي عجب ڪيفيتن ۾ ۾ وجهيو ڇڏين.
چڱا چنڊ چئيج، سنھيا کي سڄڻين،
مٿان اڱڻ اڀري، پرين جي پئيج،
جهيڻو ڳالھائيج پيرين وجهي هٿڙا. شاھہ رح

جناح ٽرمينل ڪراچي ۾

سڀني کان موڪلائي گيٽ مان داخل ٿي سري لنڪن ڪولمبو واري ڪائونٽر تي اچي پھتاسين. اتي ايڏي گهڻي رش ڪانہ هئي. اهو ساڳيو ئي همراھہ هن دفعي بہ ڪائونٽر تي ويٺو هو، جيڪو سال 2022ع جي دوران جڏهن اسان نيپال ويا هياسين تہ ان ڏينھن بہ هن اسان کي ڏاڍو تنگ ڪيو هو. خير هن دفعي سڌري ويو هو. اهڙي قسم جي ڪا بہ ڳالھہ نہ ٿي. جنيد اسان سڀني جا پاسپورٽ هن وٽ جمع ڪرائي پاڻ آجو ٿي بيھي رهيو. هن اسان جا بيگ لگيج واري پٽي تي رکي، انھن بيگن ۾ اسٽيڪر لڳائي، اسان کي بورڊنگ ڪارڊ ڏيندي، ان جي پٺين پاسي بيگ جا اسٽيڪرچنبڙائي ڇڏيا هيا.
اتان نڪري اميگريشن وارن ڪائونٽرن تي جڏهن پھتاسين تہ دل ئي دهلجي ويو. تمام وڏي رش ڏسي، پاڻ سڀني کان ڪنڊ واري ڪائونٽر تي اچي بيھي رهياسين. هتي ٻہ لائينون هيون. ساڄي پاسي واري قطار ۾ اسان بيھي رهياسين. ان وقت قطار ۾ گهٽ ماڻھو بيٺل هيا، پر ٿوري دير کان پوءِ ماڻھن جي ڀيڙ وڌندي وڌندي ويئي. قطار ڊگهي ٿيندي ويئي ۽ انتظار وڌندو ويو. ٻين ڪائونٽرن تي تہ اڃان بہ مسافرن جي گهڻي رش نظر آئي. اسان واري قطار اڳتي وڌي ئي نہ پئي، بلڪ چري ئي نہ پئي. ڪلاڪ کان پوءِ بہ ساڳي جاءِ تي بيٺا هياسين. جڏهن تہ اسان جي کاٻي پاسي واري قطار جا اهي ماڻھو جيڪي اسان کان بہ پٺتي بيٺل هيا، اهي وڃي ڪائونٽر تي پڳا هيا. ان مان لڳو ٿي تہ اسان واري ڪائونٽر تي ويٺل همراھہ ڪجهہ مڙئي سست سوايو آهي.
سو ٿيو ائين جو پرئين قطار وارن شور ڪيو تہ ڪائونٽر تي ويٺل همراھہ پنھنجا من پسند ماڻھو اڳتي اماڻي رهيو آهي. اصل ۾ ٻہ سنڌي سٻاجھڙا ٻھراڙي جا ماڻھو هيا، جيڪي ذات جا سرڪي هيا. انھن سان هڪڙي پوڙهي عورت بہ هئي، مردن کي مٿي تي سنڌي ٽوپي پاتل هئي. اهي ويچارا بغير بورڊنگ ڪارڊ وٺڻ جي ئي اچي قطار ۾ بيٺا. انھن کي سمجهايوسين تہ پھرئين وڃو بورڊنگ ڪارڊ وٺي اچو ۽ پوءِ اچي هن قطار ۾، ساڳي جاءِ تي بيھي اڳتي وڌو. اهي ٽيئي ڄڻا قطار کان نڪري بورڊنگ ڪارڊ لاءِ نڪري ويا ۽ جڏهن موٽي آيا تہ اتي ئي اچي بيھي رهيا، جنھن ماڻھو جي اڳيان بيٺل هيا. پر جن ماڻھن کي خبر نہ هئي، سو انھن اعتراض ڪيو. جنھن تي پرتاب بہ پنھنجن سنڌي سٻاجهڙن جو پاسو کنيو. پرتاب جي اها ڳالھہ مون کي ڏاڍي وڻي. چوڻ لڳو تہ ”پنھنجا ماڻھو آهن. ان لاءِ لپو هڻجي تہ بھتر“. انھي دوران اسٽاف جا ڪيترا ماڻھو آيا تہ فلاڻو جھاز اڏمڻ لاءِ تيار آهي، پر ڪي ماڻھو اڃان نہ پھتا آهن. رش گهڻي هئڻ ڪري اهي اڃان بہ ڦاٿا پيا هوندا. سو اهي انھن ماڻھن جي پڇا پيا ڪن. تہ اهي ماڻھو ڪٿي آهن، جيڪي اڃان نہ پھچي سگهيا آهن. ان جو مطلب اهو هيو تہ هن پروسيس ۾ انھن کي گهڻي دير ٿي ويئي هئي، جھاز ۾ بورڊنگ بہ مڪمل ٿي ويئي هئي. پر ڪي همراھہ شايد ڪٿي ڦاٿل ٿيا، ان ڪري جھاز ۾ نہ پھچي سگهيا هيا. بار بار اهڙي قسم جي اعلان ذريعي ماڻھن کي قطارن مان ڪڍي اميگريشن جو مرحلو طئي ڪرائي انھن کي اندر بورڊنگ لاءِ تڪڙو تڪڙو موڪلين پيا. هي قطار ۾ بيھڻ وارو مرحلو ڏاڍو ڏکيو ۽ ٿڪائيندڙ آهي. ان لاءِ ذهني طور تي تيار ٿي وڃو تہ ان قطار ۾ توهان کي ڪلاڪ کان بہ مٿي جو وقت لڳي سگهي ٿو.

ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو

ان قطار ۾ اسان کي تمام گهڻو وقت لڳي ويو. بيھي بيھي ٽنگن جو پاڻي سڪي ويو هو. انھي دوران اسان کي رات جا تقريبن سوا پنج ٿي ويا هيا. نيٺ اسان بہ اچي ڪائونٽر تي پھتاسين. ان کان پوءِ اميگريشن وارو مرحلو بہ خير سان طئي ٿي ويو هو. سامھون کان اها ئي ميڊم اميگريشن آفيسرعورت بيٺي هئي. جنھن انڊونيشيا مھل بہ گهڻو گند ڪيو هو. هن دفعي بہ ڊپ هيو تہ وري نہ ڪٿي ڪو خلل پيدا ڪري، تنگ ڪري ۽ هروڀرو بيھاري نہ ڇڏي.
پر هن دفعي ائين نہ ٿيڻو هو. شايد اسان جا ڀاڳ ڀلا هيا. سو ٿيو ڇا جو اسان جيئن ئي اميگريشن واري ڪائونٽر کان آجا ٿي اڳتي چيڪنگ لاءِ وڌياسين تہ اسان جي قطار مان کاٻي پاسي واري ڪائونٽر جي همراھہ ان ميڊم کي رڙ ڪري چيو تہ ميڊم! ” هي افعاني آ“.
جنھن تي ميڊم چيو تہ،”هن کي هيڏي مون ڏي موڪليو“.
هو ان افغاني واري چڪر ۾ لڳي ويئي ۽ اسان بغير ٽائيم ضايع ڪرڻ جي اڳتي نڪري وياسين. آخري مرحلي ۾ پنھنجي پاڻ کي سڄو ايڪسري ڪرائڻو پوندو آهي. سو هينڊ ڪيري اسڪين ڪرائين، پنھنجو بيلٽ، منڊي، واچ، پرس لاهي ڊش ۾ رکي، اهي شيون اسڪين مشين مان گذاري، پاڻ کي بہ واڪ ٿرو گيٽ مان پار ڪرائي، جهڙتي وٺرائي، اڳتي نڪري آياسين. وري اچي بيلٽ ٻڌاسين، بوٽ پاتاسين. سامان هٿيڪو ڪيوسين. هي بہ عجيب بيزار ڪندڙ مرحلو آهي. انھي اسڪينگ دوران ڪو سامان رهجي ويندو آ يا اتي ئي ڪِري بہ پوندو آ. پر جيڪڏهن مالڪ هوشياري نہ ڪئي تہ پوءِ ويو.
ان کان پوءِ پرسڪون ٿي اچي اسان پنھنجي زون ۾ ويھي رهياسين. اتي اڳ ۾ ئي سري لنڪا جا زال مڙس ويٺل هيا. ٿوري دير کان پوءِ ٻہ نوجوان ڇوڪريون بہ اچي منھنجي سامھون ويھي رهيون. اهي بہ سريلنڪن لڳن پيون. جينز جي پينٽ اڳيان گوڏن کان ڦاٽل، پيرن ۾ جوگر پاتل، ڪنن ۾ هيڊ فون، هٿن تي موبائيل وغيرہ.
مون جڏهن موبائيل جي اسڪرين تي نظر وڌي تہ هن وقت رات جا پنج لڳي 55 منٽ پئي ٿيا. جنيد ۽ يوسف کائڻ لاءِ ڪجهہ وٺڻ ويا ها، ٿوري دير کان پوءِ اهي واپس اچي چڪا ها. هنن جي هٿن ۾ خاڪي سڻڀيل لفافو هو، لڳي پيو تہ گهڻو ڪجهہ وٺي آيا آهن، هن ۾ چڪن نگيٽس، بروسٽ، پيٽيس وغيرہ هيا ۽ هن ساڳي لفافي ۾ هڪ اڌ ٽڪرو پيٽس ٽائيپ جو بہ هيو. جيڪو نالي ماتر کائڻ واري شي هئي. بس پيٽ جي ٽانڪي کي پيٽرول سنگهائڻو هيو.
ٿوري دير کان پوءِ اعلان ٿيو تہ سري لنڪن فلائيٽ نمبر فلاڻي ۾ بورڊنگ شروع ٿي ويئي آهي. اسان بہ اچي وڏي قطار ۾ پٺين پاسي بيھي رهياسين. اڳيان ڪائونٽر تي جھاز جو عملو تڪڙي تڪڙي ٽيڪٽ چيڪ ڪندا، مسافرن کي اڳتي جھاز ڏانھن موڪلي رهيا هيا. اسان بہ ٽڪيٽ چيڪ ڪرائي، پاسپورٽ ڏيکاري، پنھنجي ٽڪيٽ مان اڌ ٽڪيٽ جو ٽڪرو ڪٽرائي، اڌ هنن کي ڏيئي، اڌ پاڻ وٽ رکي اڳتي جھاز ڏي وڌياسين. جھاز جي گيٽ تي ميل ۽ في ميل ايئرهوسٽ سلام ڪندا، ٽڪيٽ نمبر ڏسندا، ماڻھن کي هٿ سان انھن جي گهربل سيٽن واري پاسي ڏانھن اشارو ڪندا، اڳتي موڪليندا رهيا. جھاز ۾ داخل ٿيندي ئي مون کي سري لنڪا جي سونھن محسوس ٿي هئي. سري لنڪا جي مٽي جي مھڪ محسوس ٿي هئي.
اسان بہ پنھنجو سيٽون جاچيندا، اچي سيٽن جي مٿان بيٺاسين. پنھنجا هينڊ ڪيري، سيٽن جي مٿان واري ڪيبن ۾ رکي ڇڏياسين. اسان دوستن جون سيٽون هڪٻئي سان گڏ هيون. جھاز ۾ گهڻي رش نہ هئي. گهڻي ڀاڱي جھاز خالي هيو. هاڻي هر ڪو پنھنجن سيٽن تي ٿانيڪو ٿي ويٺو هيو. ايئر هوسٽس بار بار چڪر لڳائيندي چئي رهيون هيون تہ،”براءِ مھرباني پنھنجا سيٽ بيلٽ ٻڌي ڇڏيو“. اسان پنھنجا سيٽ بيلٽ ٻڌي ڇڏيا هيا. مون پنھنجي سيٽ جي اڳين سيٽ جي پٺين پاسي واري ڪمپوٽر اسڪرين کي کولي ڇڏيو هو. مان جھاز جي چرپر واري خاني ۾ ڏسي رهيو هوس.
ٿوري دير کان پوءِ جھاز جي ڪيپٽن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هن پنھنجو نالو بہ ٻڌايو هو پر مون کان وسري ويو. هن جھاز جي مسافرن کي ڀليڪار ڪيو هو. هن ٻڌايو تہ هاڻي جھاز ٽيڪ آف ڪرڻ وارو آهي، توهان پنھنجا بيلٽ ٻڌي ڇڏيو. جھاز جي ٽيڪ آف ڪرڻ وارو بہ عجيب مرحلو هوندو آهي. جتي ڪيئي ڪيفيتون جنم وٺن ٿيون. پنھنجن جي ياد، پنھنجن کان دوري، پيارن کان پري وڃڻ، ڊپ، خوف، خوشي. مطلب تہ عجيب ڪيفيت وارو هي لمحو هوندو آهي.
سووقت جي خبر ئي نہ پئي تہ جھاز ڪراچي ايئرپورٽ جي رن وي تي ڊڪڻ لڳو ۽ ڊڪندي ڊڪندي جهٽڪي سان آسمان ڏي اڏاميو، ائين اڏامي ويو، جيئين ڪو پکي ڀڙڪو کائي مٿي اڏي ويندو آهي.
پکي پروڪا اڃان نہ آيا، اڪير تن جي هُري رهي آهي،
اداس سر تي هوا اٺي جي چئي پئي ڪا اڏار ايندي. اياز.

جھاز ۾ مُلن سان ملاقات

سري لنڪن هي جھاز UL-152 جيڪو 6؛55 منٽن تي سري لنڪا لاءِ اڏام ڪري چڪو هو. مون سان گڏ ساڄي پاسي يوسف عجب هيو تہ کاٻي پاسي پرتاب ۽ ان سان گڏ وري مختيار سمون صاحب ويٺل هيو. اسان چارئي گڏ هياسين. اڳيان واري سيٽ جي پٺين پاسي کان لڳل ڪمپيوٽر اسڪرين کي کوليوسين. ان تي جھاز جي اڏام واري آپشن کي ڪلڪ ڪري نقشو کوليوسين. جنھن ۾ جھاز جي رفتار، بلندي، مفاصلو ۽ ٻاهر ٿڌ جي درجا حرارت مطلب تہ پل پل جي خبر اسان جي اسڪرين تي هئي.
اسڪرين ٻڌائي پيو تہ هن جھاز کي 873 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان ماهر پائليٽ اڏائي رهيو آهي. هي جھاز 11583 ميٽرن جي بلندين تي اڏامي رهيو هيو. ڪڪرن کان ڪوهون ميل ڏور مٿي هليو ويو هو. هوا جي رفتار ٻاهر 43 ڪلوميٽر في ڪلاڪ هيو ۽ ٻاهر درجه حرارت – 49 سينٽي گريٽ هيو. جنھن جو نتيجو اهو نڪتو هو جو جھاز ۾ اندر بہ ٿڌ محسوس ٿي رهي هئي. مسافرن کي سيءُ ٿيڻ لڳو هو. ان ڪري مسافرن ايئرهوسٽس کان ڪمبل وٺي اوڍي ڇڏيا هيا. ڪافي مسافر تہ جھاز ۾ اندر نڇون ڏيئي رهيا هيا.
ڪراچي کان ڪولمبو جو تقريبن چئن ڪلاڪن جو سفر هيو. وڏو سفر هيو. اهڙي ريت هي طويل سفر ڪجهہ ننڊ ڪندي تہ وري ڪجهہ پرتاب سان ڪچھري ڪندي گذري ويا. اسان جي سيٽن جي اڳيان مولانا حضرات ڪافي تعداد ۾ ويٺل هيا. هي ملن جو وڏو ٽولو هيو. انھن کي سفيد رنگ جا پٽڪا ۽ سفيد رنگ جون ٽوپيون پاتل هيون. سڀني کي اڇي رنگ جا وڳا يعني شلوار قميص پاتل هئي. جن جا پانچا ٽڻين کان مٿي هيا. مون کي هي تبليغي جماعت جا مولانا لڳا. جھاز ۾ ئي جنيد هنن سان ڪچھري شروع ڪئي. ڪرڻ لڳو.
جنيد کي چيم تہ ،” هي ڏاڍا خطرناڪ ماڻھو آهن. هنن سان گهڻي ڇيڙ ڇاڙ نہ ڪر“.
پر جنيد منھنجي ڳالھہ ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي. ويتر هو مستي ۾ اچي ويو ۽ منھنجي باري ۾ ملن کي چوڻ تہ،“هي اسان جو دوست توهان سان تبليغ ۾ هلندو. توهان هن کي پاڻ سان وٺي وڃو”.
مان ملن کان بيزار ويتر جنيد مون کي ڦاسائي ڇڏيو. مون ملن سان اهڙو ورتا ڪيو ڄڻ مان بہ ڪو وڏو تبليغي هجان. ملن جا پيٽ وڏا هيا. ان مان مون کي لڳو تہ هنن دين کي وڏو لٽيو آهي. هنن سان ڪچھري ڪندي اها خبر پئي تہ اهي افغانستان جا ملڙا آهن ۽ اهي ٽن مھينن جي تبليغ لاءِ بنگلاديش وڃن پيا. جنيد انھن ملن مان هڪڙي ملي کي مون ڏانھن اشارو ڪندي چيو تہ،”هي اسان جو دوست بہ ٽي مھينا هڻي ايندو“.
جنھن تي مون چيو تہ،” ٽن مھينن مان ڇا ٿيندو“، مون لاءِ تہ سال بہ ٿورو آهي“؟.
پرتاب چيو تہ،” مان بہ سال جو چڪر هڻي ايندس“. مولانا سمجهي ويا ها تہ هي اسان سان ٽائيم پاس پيا ڪن. هي مولانا سڀ وڏي عمر جا هيا. ڪي ڪاري ڏاڙهي سان تہ ڪي وري سفيد ريش سان. پر اهي ماڻھو ان مھل حيران ٿي ويا، جڏهن پرتاب بيئر گهرايو ۽ پنھنجي اڳيان گلاس ۾ لاهي اوتڻ لڳو، مظفر ٻہ بيئر سامھون رکي ڇڏيا. جنيد بہ بيئر وارو شيشي جو گلاس هنن جي اڳيان ٺاهي ٺاهي پيئڻ لڳو. مون کي اهو لطيفو ياد اچي ويو جڏهن ڪو مسافر ٽرين ۾ مُلي جي اڳيان پاڻي جو گلاس پيتو تہ ان تي ملي کي وڏو اعتراض ٿيو ۽ چيائين تہ،“توهان کي شرم حيا ڪونھي جو توهان رمضان جو بہ احترام نہ ٿاڪيو، جنھن تي ان مسافر ملي کي چيو تہ ..... جڏهن مان اڳتي هلي ماني کائيندس”.
خير سري لنڪا جي جھازن جي باري ۾ دوستن جو خيال هو تہ ٿڪل جھاز آهن. جھازن جي حالت سٺي ناهي. پر ائين نہ هيو. تمام بھترين، آرامدہ ايڏي زبردست ڪولنگ جو ماڻھوءَ کي سيءَ وڪوڙي وڃي. هر سھولت سان آرائستا هي جھاز واقعي ئي بھترين لڳا. پر پوءِ بہ سفر تہ سفر آهي، ڪيڏو بہ آرامدہ ڇو نہ هجي. هون بہ سفر ۾ ماڻھو ٿڪجي پوي ٿو. پر آخر سفر بہ زندگي جيان نيٺ ڪٽجي ويندو. بشرطيڪ ماڻھوءَ جا حوصلا بلند ۽ بالا هجن.

گوتم سان ڦوٽا

پنھنجو جھاز هاڻي ڪولمبو ايئرپورٽ تي لھڻ وارو هو. پر ٻاهر زوردار برسات هلي رهي هئي. ان برسات ۾ ئي اسان جو جھاز سري لنڪا جي ڌرتيءَ کي چمي ڏيندي لٿو. جھاز جيئن ئي لينڊ ڪيو تہ مسافر آهستي آهستي ٿي هيٺ لھڻ لڳا. جھاز جي ڪرو، سڀني مسافرن کي ٻانھون ٻڌي موڪلائيندا رهيا. انتھائي ڪو آپريٽو جھاز جو عملو، داد لھڻي. سو جھاز کان جيئن ئي هيٺ لٿاسين تہ برسات هلي رهي هئي. هن ڌرتي جي پنھنجي خوشبو هئي پر برسات کان پوءِ سنڌ ڌرتي جي مٽي مان جيڪا سڳنڌ نڪرندي آهي، اها ڪٿي. خاص ڪري برساتي موسم کان پوءِ جڏهن ٿر جي ڀٽن مان مھڪ نڪرندي آهي، ان جو نشو ئي ٻيو آهي. جھاز جي پاسي سان ئي ايئرپورٽ جي شٽل (بس) تيار بيٺي هئي. اها اسان کي ڀنل روڊن تان کڻي ايئرپورٽ جي گيٽ وٽ اچي لاٿو. هي ايئرپورٽ برساتن جي ڪري گهڻو مشھور آهي. جنيد ٻڌايو تہ،”مان اڳ ۾ بہ جڏهن هتي آيو هيس تہ ان مھل بہ برسات ۾ لينڊنگ ٿي هئي ۽ هن مھل بہ هتي برسات هلي رهي آهي.” مون نوٽ ڪيو تہ ان مھل اتي گرمي پد 28 ڊگري سينٽي گريٽ هيو. جيڪا نارمل موسم ۾ شمار ٿئي ٿو.
پاڻ هينئر بندرا نائڪ انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪولمبو ۾ آهيون. هتي اسان جي منزل نہ آهي، اسان کي اڃان بہ اڳتي وڃڻو آهي، اسان جو پنڌ اڃان بہ پري آهي. اسان کي سري لنڪا کان مالديپ وڃڻو آهي. سو اسان جي فلائيٽ ساڍي ٻارنھن وڳي مالديپ لاءِ آهي. جڏهن اسان ايئرپورٽ ۾ داخل ٿياسين تہ سامھون کان گوتم ٻڌ جو تمام وڏو مجسمو رکيل آهي. هي ڏاڍو خوبصورت اسٽيچو آهي. هن جاءِ تي ايندڙ ويندڙ مسافر گوتم جي ان مجسمي سان ڦوٽو ڪڍرائي رهيا هيا. اسان بہ اتي ڪيترائي ڦوٽا ٺھرايا. ٿوري دير کان پوءِ ڏٺوسين تہ اهي ساڳيا ئي ملان اسان کي ڪاوڙ ۾ گهوري رهيا هيا. اهي بہ هتي گوتم جي مورتي جي سامھون ئي بيھي رهيا هيا. جڏهن اسان مان هر هڪ دوست ان گوتم سان گڏ بيھي، ملن جي سامھون ڦوٽا ڪڍرايا تہ ملن جي عجيب ڪيفيت ٿي وئي هئي. هو سمجهن پيا تہ اسان مسلمان آهيون. پوءِ گوتم سان ڇو پيا تصويرون ڪڍرايون. اسان انھن کي اهو ٻڌائڻ پئي چاهيو تہ جي ها اسان پڪا مسلمان آهيون، پر بنيادپرست ملا ٺپ نہ آهيون. اسان جي دل ۾ گوتم جي لاءِ ايتري عزت آهي، عيسائين جي حضرت عيسيٰ جي لاءِ. سو ملان کي اها ڳالھہ نہ وڻي. خير اسان اڳتي زون ”آر ٽو“ کي ڳولھيندا وڌياسين تہ انھن مولانن مان ٻہ ڄڻا اسان کي رستي ۾ ئي ٽڪرائجي ويا. اهي پريشان لڳي رهيا هيا. انھن مان هڪڙي چيو تہ،”اسان وٽ تمام گهڻو ٽائيم آهي ۽ اسان جي بنگلاديش لاءِ فلائيٽ شام جو ڇھين وڳي آهي، تيسيتائين اسان ڪٿي ويھي انتظار ڪيون.“
هي ويچارا شريف مُلان هيا، ان سان گڏ وري سادا بہ هيا، سو هنن کي ڪنھن بہ ڳالھہ جي خبر نہ هئي. سو مون هنن کي سيڪيورٽي گارڊ جي آفيس ڏانھن اشارو ڪندي، ا نھن کي ان دفتر ڏانھن موڪليندي چيو تہ، “منھنجا سائين! اهي ئي توهان جو مسئلو حل ڪندا. اسان تہ پاڻ پرديسي آهيون. اسان جو سفر اڃان اڳتي آهي“.
هاڻي اسان گيٽ نمبر R-2 جي انتظار گاھہ ۾ اچي ويٺا آهيون. ٿوري دير کان پوءِ اميگريشن وارن چيڪنگ جو اهو ئي ساڳيو طريقو پاڪستانين وارو عمل ۾ آندو. هي ايئرپورٽ صفائي سٿرائي جي خيال سان مون کي ڏاڍو سٺو لڳو.

عورتن جي طوھر جي رسم

ايئرپورٽ تي بوهري جماعت جا ڪافي مرد، عورتون ۽ ٻارڙا پڻ نظر آيا. هتان ئي شايد انھن کي انڊيا وڃڻو هو. ڇو تہ انڊيا ۾ بوهرين جو وڏو اجتماع ٿيڻ وارو هو. بوهرين جي چوڻ آهي تہ انھن جي مرشد انھن کي منع ڪئي تہ آهي اهي نوڪريون نہ ڪن. بلڪ اهي پنھنجو ذاتي ڪاروبار ڪن. ان ڪري هر ڪاروباري بوهري ڪروڙ پتي آهي. مون کي ياد ٿو اچي تہ سٽي ڪورٽ جي پاسي ۾ ئي بوهرين جي وڏي عبادت گاھہ آهي، جن مان اڪثريت ماڻھن جي ڪاروباري آهي. ان کان علاوہ ڪراچي ۾ صدر ۾ پڻ هنن جي تمام وڏي عبادت گاھہ آهي. بوهرين جي عورتن جي باري ۾ آهي تہ اهي پنھنجين عورتن جي زناني عضوي جو طوهر ڪرائي ڇڏيندا آهن تہ جيئن انھن ۾ شھوت جو جراثيم مري وڃي. سدائين برڪي ۾ نظر ايندڙ بوهري عورت جي پريم ڪھاڻي ڪنھن ورلي ٻڌي هوندي.
Circumcision)) عربي ۾ مردن جي طوھر لاءِ خطن (khitan) ۽ عورتن جي طوھر لاءِ خفد (khafd) لفظ استعمال ڪندا آهن. لفظ طوھر طھارت يا پاڪائي مان نڪتل آهي. مردن جو طوھر ھڪ جراحي يا سرجري وارو عمل آھي جنھن ۾ مرد جي جنسي عضووي جي چوٽي ۾ زائد کل کي گولائي ۾ ڪٽي ڌار ڪيو ويندو آهي.
طوھر جي رسم وڏي پيماني تي آسٽريليا ۽ آفريڪا جي اصل قديم رھاڪن ۽ مخصوص مذھبي گروھن جھڙوڪ مسلمانن، يھودين ۽ عيسائين ۾ مروج آھي. موجودہ دؤر ۾ طوھر صحت صفائي جي لاء ڪرايو وڃي ٿو پر شاھدين مان پتو پئي ٿو تہ ان جي ڪرائڻ جا کوڙ ٻيا سبب آھن. بائيبل جي روايت مطابق طوھر خدا جو ابراھيم، ان جي اولاد ۽ عبرانين سان ھڪ عھد آھي. اسلام ۾ طوھر سنت آھي ۽ ھر مرد مسلمان لازمي طور تي جسم جي پاڪائي لاء ڪرائيندو آھي. قرآن ۾ طوھر لاء خدا جي عھد واري روايت موجود ڪانہ آھي نہ وري مسلمان ان روايت کي مڃن ٿا. عالمن مطابق طوھر جي رسم اسلام کان اڳ عربستان ۾ رائج ھئي ۽ اسلام بہ ان کي قبول ڪيو. قرآن ۾ طوھر جو ڪوبہ ذڪر ڪونھي پر حديث ۾ ان جو ذڪر ٿيل آهي.
ھڪ حديث ۾ ذڪر ٿيل آهي تہ ابراهيم طوھرڪرايو ھيو. فقيھن مطابق اھو سنت يا واجب ۾ اچي ٿو. طوھر ھاڻي اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ڪندا آهن. ڪافي مسلمان علائقن ۾ حجم بہ اھو ڪم ڪندا آهن. ڪن مسلمان معاشرن ۾ ڄمڻ کان يا بالغ ٿيڻ کان ستين ڏينھن تي طوھر ڪرايو ويندو آهي. ترڪي ۾ طوھر اسپتالن م ڊاڪٽر ڪندا آهن ۽ ان لاء عمر 6 يا 7 سال ھوندي آھي. ڪن معاشرن ۾ طوھر لاء وڏو جشن ڪيو ويندو آهي جنھن ۾ طعام پڻ کارايا ويندا آهن. ڪٿي وري شادي سان گڏ طوھر جو جشن بہ ملھايو ويندوآهي.

عورتن جي طوھر جي رسم
ان رسم کي طب ۾ ڪلٽورڊيڪٽومي (clitoridectomy) چوندا آهن ۽ انساني حقن جي لاءِ جاکوڙيندڙ ان کي زناني جنسي عضوي جي بگاڙ (Female Genital Mutilation) ۽ مختصرن FGM چون ٿا ڇوتہ انھن مطابق ان طوھر سان عورت جي جسماني ۽ جذباتي نقصان ٿيڻ ڪري مريض ٿي ويندي آهي. اھا رسم مسلمانن ۾ ننڍي پيماني تي مروج آهي ۽ مسلمانن جي اڪثريت ان کي قبول نہ ڪندي آهي. اصل ۾ اھا اتر آفريڪا ۽ صحارہ ريگستان جي ڪجهہ علائقن جي ھڪ قديم رسم آھي ۽ ان کي بعد ۾ ان علائقن جي عيسائين ۽ مسلمانن بہ اپنايو. ڪجهہ اسلامي فقيھن ان رسم کي لازمي قرار ڏنو ۽ انھن مطابق تہ عورت جي عضوي ۾ لبن (clitoris) جي چوٽي کي ڪٽرائڻ کپي. ڪن ھنڌن تي تہ جنسي عضوي جو پورو ٻاھريون حصو ڪٽيو ويندو آهي. ان طريقي جي طوھر جي فقيھن مخالفت ڪئي آھي ۽ سندن خيال مطابق ان قسم جو طوھر علائقائي رسم مطابق ٿئي پيو. عورتن جو طوھردايون،حجم وغيرہ ڪندا آهن. ان طوھر ۾ انفيڪشن ٿيڻ جو امڪان تمام گهڻو ھوندو آھي ڪڏھن ڪڏھن تہ سنگين خرابيون ٿي وينديون آهن. مردن جي طوھر وانگر عورتن جي طوھر کي بہ پاڪائي سڏيو وڃي ٿو ۽ ان کي شادي لاء ان جي تياري سڏيندا آهن. عورتن جي طوھر ۾مردن وانگرجشن يا خوشي ڪانہ ڪئي ويندي آهي. الطاف شيخ صاحب پنھنجي سفرنامي ”سانباهو سمونڊ جو“ ۾ آفريڪا جي عورتن جي طهر بابت دلچسپ معلومات ڏيئي ٿو. هو پنھنجي ڪتاب جي صفحي نمبر 127 کان صفحي نمبر 132 اهڙي معلومات پڙهندڙ کي ڏيئي جنھن ۾ پڙهندڙ حيران ٿي وڃي ٿو ۽ سوچي ٿو تہ ڇا ائين بہ ٿيندو آهي؟.

دي ٽيچرز سان ملاقات

سري لنڪن ايئرپورٽ تي گهمندي گهمندي ڏاڍو مزو اچي پيو. ديوارن تي خوبصورت تصويرون پينٽ ٿيل هيون. صفائي جو سٺو بندوبست ٿيل هيو. اڳتي هلندي اسان جي دوست پرتاب ۽ مظفر کوکر ڊيوٽي فري شاپ جي پڇا ڪئي تہ خبر پئي تہ اڳتي آهي. ان پاسي سيڪيورٽي گارڊ بيٺل هو. جنھن اسان سڀني جا پاسپورٽ چيڪ ڪري اسان کي اڳتي ڇڏيو. آر ٽو بہ ان پاسي ئي هيو. اڳتي ڪافي دڪان هيا. سوم رس جو تمام وڏو دڪان هيو، جتي نوجوان ڇوڪريون ڪم ڪري رهيون هيون. پرتاب ان اسٽور تان پيڪيج ۾ ٻہ استاد يعني دي ٽيچرز پاڻ سان سفري ساٿي ساڻ ڪري هلڻ جو پڪو پھہ ڪيو. باقي مظفر بہ پنھنجي مزاج موجب پنھنجو راشن هٿ ڪيو. اهو سوم رس جو شيشيون دوستن سان ساڻ هيون. سو اتان نڪري سامان سوڌو پاڻ اچي آر ٽو ۾ ويھي پنھنجي جھاز جو انتظار ڪري رهيا هياسين. ٻاهر مسلسل برسات هلي رهي هئي. جنھن جي ڪري ايئرپورٽ جو ماحول بہ مٽجي ويو هو. هر مسافر جي چھري تي رونق هئي. هن زون ۾ ڪافي رش ٿي ويئي هئي. سڀ انتظار ۾ هيا تہ ڪيڏي مھل ٿي بورڊنگ ٿئي.
هاڻي اعلان ٿيو هو تہ اسان جو جھاز بورڊنگ لاءِ تيار آهي. سو مسافر سڀ اميگريشن پروسيس لاءِ قطار ۾ بيھي ويا هيا. ان ئي قطار ۾ ٻہ عجيب ڪورين ڇوڪريون نظر آيون. جن مان هڪڙي جي مٿي جي وارن جو رنگ گلابي هلڪو ۽ ٻي جي وارن جو رنگ فيروزي هيو. هي هٿراڌو رنگ ڪرايو ويو هو. هر ماڻھو جي پنھنجي پنھنجي پسند آهي. ڪن کي ڪارا وار وڻن تہ ڪن کي سفيد وار. ڪن کي وري انگريزن وارا ڳاڙها ڀورا ناسي وار. پر هن قسم جو مٿي جي وارن جو رنگ مون پھريون ڀيرو ڏٺو هيو. مرد حضرات تہ ٺوڙھہ ڪرائي پيا گهمن. ٺوڙھہ بہ هاڻي فيشن ٿي ويو آهي. پر ڪن کي وارن جو مسئلو آهي. ڇوتہ اهي گنجا آهن.
مختيار صاحب چيو تہ،”يار هنن ڇوڪرين جي وارن جو رنگ عجيب آهي. هي ڇوڪريون تہ سچ ۾ گڏيون پيون لڳن“. مطلب تہ هنن جي وارن کي ڏسي اسان تہ سوچڻ تي مجبور ٿي وياسين تہ وارن جو ڪارو يا اڇو تہ قدرتي رنگ هوندو آهي. پر ڪي ڪي عورتون يا مرد پنھنجي شوق جي آبياري لاٰءِ وارن کي مختلف رنگ ڪري ماڻھن جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. هي بہ ڪو انھن جي علائقي جو فيشن هوندو. قد جون ننڍڙيون، جسماني طور تي سنھڙيون، هي ڪورين ڇوڪريون بہ عجيب هيون. سڀني جي توجھہ جو مرڪز هيون. سو ايئرپورٽ تي هلڪي موسيقي، مڌر سرن جا رنگ ڇڙيل هيا. هي مڌر سُر ايئرپورٽ جي ماحول کي کنيو بيٺا هيا. هن پاڪ موسيقيءَ ۾ ڪو بہ بي سرو آواز شامل نہ هيو. ان ڪري موسيقي جي روح سان گڏ، اسان پارن موسيقي جي عاشقن جا بہ روح تازا توانا ٿي پيا هيا.
ٿر جو سريلو فنڪار ۽ ان کان وڌ رسيلو انسان مرحوم صادق فقير چوندو هو تہ هيءَ سموري ڪائنات موسيقي سان ٽمٽار آهي. ڪائنات جي سڀني رنگن سان سر جو سنگ ساٿ رهيو آهي ۽ اها ئي سريلائي آهي جيڪا هڪڙي جينيئس کان وٺي اٻوجهہ ماڻھو تائين هر ماڻھو کي موهي. پنھنجي مٺڙي منڊ ۾ منڊي متاثر ڪندي رهي آهي. شينھن جڏهن گجگوڙ ڪري ٿو تہ ان سان بہ هڪڙو سر پيدا ٿئي ٿو پر سر جي انھن آلاپن ۾ دهشت ۽ دٻدٻو سمايل آهي، جيڪو هر ٻڌنڌڙ کي ڌوڏي وجهي ٿو. تڏهن ئي تہ شينھن کي جهنگل جو بادشاھہ، چندن جي وڻ کي ٻيلي جو بادشاھہ، سورهيہ کي سينا جو سر موڙ ۽ سپوت کي راڄ جو سرواڻ چوندي، ڪنھن هندي شاعر ڪھڙي نہ عقل واري ڳالھہ ڪندي چيو آهي تہ،
شينھان کا کالو نھين، نھين چندن ڪا باغ
سور ماڪي سينا نھين، نھين سپوتان ڪا راڄ
يعني شينھن جو ولر نہ هوندو آهي، نہ ئي وري چندن جو باغ ٿيندو آهي، ٻہ وڻ بہ هڪ ٻئي جي سرهاڻ جي سٽ نہ سھندي، سڙي خاڪ ٿي ويندا، اهڙي طرح سپھہ سالارن يا بھادرن جي فوج نہ هوندي ۽ هر راڄ ڀاڳ ۾ سپوت بہ ڪي ڳاڻ ڳڻيا هوندا آهن.

سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين

بورڊنگ جوسلسلو هلي رهيو هو. هن وقت هتي ايئرپورٽ تي 12 لڳي45 منٽ ٿيا آهن. جڏهن تہ پاڪستاني ٽائيم موجب هتي منجهند جا 12 لڳي 15 منٽ ٿيا آهن. سري لنڪا اسان کان اڌ ڪلاڪ اڳتي آهي. سري لنڪا ۽ انڊيا جو وقت ساڳيو ئيآهي. انھن ٻنھي ملڪن جي ٽائيم ۾ ڪو بہ فرق ڪونھي ڪو. جڏهن تہ مالديپ ۽ اسان جي ملڪ ۾ ٽائيم جو ڪو بہ فرق نہ آهي.
اسان هاڻي بورڊنگ واري مرحلي مان گذري سري لنڪن جھاز ۾ UL-115 مالديپ روانگي لاءِ ويٺا آهيون. هن جھاز ۾ تہ تمام گهٽ ماڻھو هيا. اسان کي تقريبن جھاز خالي لڳو. جنھن کي جتي آيو پنھنجون سيٽون ڇڏي اتي وڃي دريءَ جي پاسي ۾ ويھي رهيو. اسان کي مالي Male (MLE) ايئرپورٽ تي لھڻ جو وقت 2 لڳي 25 منٽ ٻڌايو ويو هو. جڏهن تہ هتان هي جھاز ڏيڍ وڳي نڪتو هو. هي ڪلاڪ کن جو سفر هو. جيڪو مزيدار هيو. اميگريشن وارن اسان جي پرتاب جي ساٿين دي ٽيچرز وارن کي روڪي وڌو هيو ۽ انھن کي پاڻ وٽ حبس بيجا ۾ رکي ڇڏيو هو. ان جي بدلي ۾ پرتاب کي رسيد ڏنائون تہ واپسي مھل پنھنجن مھمانن کي هتان کان پاڻ سان وٺي وڃجو. ڇو تہ مالديپ ۾ سوم رس جي اجازت نہ آهي.
مالي ايئرپورٽ ڏاڍو خوبصورت آهي. ايئرپورت کان نڪرڻ مھل اسان کي گهڻي ڏکيائي نہ ٿي هئي، ٻاهر نڪرڻ کان اڳ ۾ جنيد جو ايجنٽ نالي محمد احمد (ٽوئر گائيڊ) جنيد جي نالي جو پوسٽر کنيو بيٺو هو، هو اسان سان اچي گڏيو. اچڻ سان ئي هن جلدبازي ڪندي چيو تہ،”جلدي ڪريو، تڪڙ ڪيو، فيري نڪري ويندي“. اتي ئي هن مني ايڪسچينج واري ڪائونٽر ڏي اشارو ڪندي چيو تہ،“جنھن دوست کي مالديوين روفيا کپن تہ هتان ئي وٺي ڇڏي”. سو ان همراھہ جي چوڻ تي اتان ئي ڊالر مٽاياسين ۽ اتان مالديپي ”روفيا“ ورتاسين. هڪڙو مالديپي روفيو اسان کي 16 روپين جو مليو. جڏهن تہ ان جو اهو اگهہ مناسب نہ مليو هو، ۽ ٻاهر هن جو اگهہ مٿي هيو.
اسان تڪڙ تڪڙ ۾ پنھنجا بيگ گھليندا، ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪري اچي منھوڙي وٽ بيٺاسين. هرطرف فاسٽ بوٽس(تيز رفتار ٻيڙيون) ۽ بتيلا پئي نظر آيا. اتي پھچندي همراھہ چيو تہ،”توهان دير ڪئي آهي. فيري نڪري ويئي آهي“.
جڏهن تہ جيڪا ڦيري بُڪ ٿيل هجي، ان جي نڪري وڃڻ جو سوال ئي پيدا نہ ٿو ٿئي. پر شايد اها بوڪ ٿيل نہ هئي. يا وري ٻيو سبب بہ ٿي سگهي ٿو. هتي سرڪاري فيريون بہ هيون تہ پرائيوٽ ماڻھن جون بہ، هوٽلن جون بہ ٻيڙيون هيون. خير اسان اتي پئي چڪر ڪاٽياسين. اهو همراھہ بہ ڪڏهن هيڏي تہ ڪڏهن هوڏي پئي ڦريو. مون کي تہ پھرئين نظر ۾ ئي جڳاڙي لڳو. مون کي بعد ۾ خبر پئي جنھن فيري جو هو چوي ٿو تہ هو نڪري ويئي اها سرڪاري فيري هئي، ان جو ٽائيم مقرر هيو. بوڪ ٿيل ڪا بہ فيري نہ هئي. سو ان سرڪاري ڦيري جو ڪرايو بنسبت ٻين ٻيڙين کان ٻيٽ تائين يا پنھنجي منزل تائين پھچڻ جو الڳ ٿلڳ ڪرايو هيو، جيڪو سستو هيو. سو اهو تہ تڪ نہ پيو ٺھي تہ فيري نڪري ويئي.
ٿوري دير ۾ مون ڏٺو تہ هن سمونڊ ڪناري، مظفر سوچن ۾ گم ٿي ويو هو ۽ هن کي شايد پنھنجي ازلي اڃ اجهائڻ جي ڳڻتي هئي ۽ هو ان سوچ ۾ ٻڏل هيو تہ،“يار هتي تہ سڃ ئي سڃ آهي. هيڏو سامونڊي پاڻي هوندي بہ ۽ سمونڊ جي ڪناري تي بيٺل هوندي بہ پاڻ پاڻي لاءِ پياسا آهيون ۽ اسان جو پاڻي بند ڪيو ويو. وڏا ڪي ظالم آهن. هيترا ڏينھن هتي ڪيئن رهنداسين“.

مالي جي منھوڙي وٽ انتظار جي باھہ ۾

هاڻي اهو همراھہ فون جي مٿان فون هجيس. هيڏانھن کان هوڏانھن پيو ڊوڙي، اسان منھوڙي تي، روڊ جي پاسي کان سمونڊ جي ڪناري تي فٽ پاٿ تي بيٺا هياسين. اسان جو سامان اسان سان گڏ هيو. ايئن ڪندي تقريبن اڌ ڪلاڪ کن ٿي ويو هو. پڇيوسين تہ،”ابا! ڏي خبر ڇا ٿيو، ڪاڏي ويئي تنھنجي فيري، يا رات هتي ئي گذارينداسين ڇا؟
هن ڪوڙ گهڙيندي چيو تہ،”هاڻي اسان کي مالي شھر کان ٻيڙي ڪرائڻي پوندي، اچو تہ اوڏانھن هلون“. سو جنيد ٻہ ٽيڪسيون ڪرايون. هڪڙي ۾ مان، جنيد ۽ يوسف هياسين تہ ٻي ۾ وري پرتاب، مختيار سمون صاحب ۽ مظفر کوکر هيا. رستي تي ڊرائيور سان بہ ڪچھري ڪندو آيس. ڊرائيور مالديپ جي باري ۾ ڪافي شيون ٻڌايون. نيٺ مالي شھر جي وچ ۾ سي پورٽ تي اچي بيٺاسين.
ايجنٽ همراھہ جون ساڳيون گُهتون. هيڏي ڊوڙي، وري هوڏي، فون مٿان فون. هاڻي تہ اسان کي ڦٽ پاٿ تي ويٺي ڪلاڪ کن ٿي ويو هو. سامھون سمونڊ هيو. ڪافي ماڻھو انتظار ۾ هيا. انھي دوران پرتاب ۽ جنيد ڪنھن پاسي هليا ويا. باقي اسان دوستن جو خيال هو تہ جيڪڏهن ڀلا ٻيڙو نہ ٿو ملي تہ رات هتي ئي مالي ۾ ڪنھن هوٽل تي گذاريون. صبح جو هتان نڪري هلنداسين. سو ان ئي سلسلي ۾ پرتاب ۽ جنيد هوٽل ڏسڻ ويا تہ ڏسون ڪا سٺي هوٽل ملي تہ اتي ئي رات رهي پئون.
سامھون کان ننڍڙو ريفريشمينٽ جو دڪان هيو. مون مختيار صاحب کي چيو تہ سائين! سامھون ريفريشمينٽ جو دڪان آهي ۽ اسان کي بک بہ لڳي آهي، مٿان وري لڳي ٿو تہ شوگر ليول هيٺ پئي لھي، اٿو تہ هلي ريفريشمينٽ ڪري اچون، هي دوست خبر ناهي ڪيڏي مھل اچن، ڪا خبر نہ آهي“.
”ها يار مون کي بہ ائين لڳي ٿو تہ شگر ليول هاڻي وڃي پئي هيٺ ٿيندي، هلو تہ هلون“. مختيار صاحب اٿندي چيو.
سو مان ئي سائين مختيار اتي وياسين. ان کان ويجيٽبل بند/برگر/سنبوسي ٽائيپ شي وٺي هانو جهل ڪيوسين. ان کان پوءِ پاڻيءِ جون بوتلون پڻ ورتيون سين. هاڻي جسم ۾ ٿورو ساھہ پيو هو. مٿان وري سگريٽ جو لڳو سو بہ سمونڊ ڪناري صفا لوھہ ٿي وياسين. اتي ئي هڪڙو نوجوان ڇوڪرو سيڪيورٽي گارڊ جي نيري ڊريس ۾ هيڏي هوڏي ڦرندي نظر آيو. هن کي چيم تہ،” ماچيس يا لائيٽر اٿئي“.
چيائين،”نہ سائين مان سگريٽ نہ پيئندو آهيان.“.
ائين ئي هن کان وقت پاس ڪرڻ لاءِ حال وٺڻ شروع ڪيا پوءِ تہ هن سان بيٺي بيٺي ڪچھري جو دور هليو. هن ٻڌايو تہ هو انڊيا جو آهي. هتي ڪنھن ڪمپني ۾ سيڪيورٽي گارڊ جي نوڪري ڪندو آهي. هو انٽر پاس آهي. هن کي هتان جا ٽي هزار روفيا ملندا آهن. هو ڏاڍو سٻاجهڙو نوجوان هيو. هن پنھنجو نالو منھاس ٻڌايو هو. هن اسان کان اسان جي باري ۾ پڇا ڪندي چيو تہ،”توهان هتي ڪئين ويٺا آهيو“.
”فيري جي انتظار ۾“.
”سرڪاري فيري تہ ڪڏهوڪو نڪري ويئي“. هن سمونڊ ڏي اشارو ڪندي چيو.
”توهان کي ڪھڙي ٻيٽ ۾ وڃڻو آهي“. هن وري پڇيو.
اسان کي “ڪي گروئيدا“ K.Ghurado وڃڻو آهي.
”ان لاءِ توهان کي پھريائين هتان کان مافوشي ٻيٽ وڃڻو پوندو ۽ پوءِ اتان کان وري ڪي گروئيدا K.Ghurado، پر هاڻي توهان کي هتان ڪا پرائيوٽ فيري ڪرائڻي پوندي“. هن سمجهائيندي چيو.
هن سان اهڙي ريت ڪچھري هلي رهي هئي. پوءِ هن سان آخر ۾ تصويرون بہ ڪڍرايوسين. اتي ويٺي ويٺي مختيار صاحب جي پاسي ۾ هڪڙي فيملي اچي ويٺي، جن مختيار صاحب کان حال احوال پئي ڪيا. هاڻي تہ ڪافي وقت ٿي ويو هو. سج بہ لھڻ وارو هو. پر اسان کي اسان جي منزل لاءِ، سمونڊ تي سواري ڪرڻ لاءِ ڪو بہ سامونڊي ٻيڙو نہ پيو ملي.
ايجنٽ ڪنھن نہ ڪم جو هو. بيڪار ماڻھو هو. صفا غيرزميوار شخص هيو. هن جي ان رويئي مان لڳي پيو تہ هو انتھائي ڌوپار قسم جو ماڻھو آهي ۽ هن همراھہ جو ڪو بہ هوم ورڪ ٿيل نہ هيو. هتي سڀ ٻيڙا بڪ ٿيل هيا. هن سان هلڻ لاءِ ڪو بہ ٻيڙو تيار نہ هيو. ٿوري دير کان پوءِ جنيد ۽ پرتاب اچي ويا هيا. پرتاب چيو تہ،”مون کي ڊالر جو ريٽ هتي ساڍا سترنھن روپيا مليو“. جنھن تي اسان جنيد ڏي نھارڻ لڳاسين ۽ چيوسين تہ جنيد ڀاءُ! تنھنجي هن ايجنٽ اسان کي ايئرپورٽ تان 16 رپيا ڪيئن وٺرائي ڏنا، ريٽ تہ مٿي آهي“. جنيد ڳالھہ سمجهي ويو هو ۽ وڃي ان ايجنٽ کي چيو تہ، ”همراھہ صفا ڪاوڙيا پيا ٿئي، ڇو اسان هينئر هينئر ساڍا سترنھن روپيا في ڊالر وٺي آيا آهن. تو ڪيئن اسان کي سورنھن روپيا وٺرائي ڏنا“.
جنھن تي همراھہ وڏو بحث ڪيو تہ نہ ائين نہ هوندو.
آخر ۾ پرتاب هن کي چيو تہ،”ڀلي تون هل مون سان، مان تو کي ان ريٽ تي وٺرائي ٿو ڏيان“.
سو نيٺ همراھہ شرمندو ٿيو، ڇو تہ هن جي ڏنڊي نہ لڳي سگهي هئي ۽ ساڍي سترنھن روپين جي حساب سان باقي پئسا سڀني دوستن کي موٽائي ڏنا. اصل ۾ اها جنيد جي مھرباني هئي نہ تہ هو ائين نہ ڪري ها.
ان ايجنٽ وري ٻيو پنھنجو ماڻھو گهرايو. جيڪو اچي اسان سان مليو ۽ چوڻ لڳو تہ،” ٻيڙو ٿي ويو آهي. توهان سامان کڻي هلو ان پاسي“.
اسان پنھنجا بيگ کڻي ان پاسي پھتاسين. اسان کان اڳ ۾ ڪيترائي ماڻھو خاص ڪري انگريز سياح اتي بيٺا هيا، جيڪي پنھنجو سامان ٻيڙي جي اڳين حصي ۾ رکرائيندا پاڻ، ٻيڙي ۾ چڙهي رهيا هيا. هي هڪڙو پرائيوٽ ٻيڙو ڪيو ويو، جنھن ۾ ويھہ پنجويھہ کن ماڻھو کنيا ويا. اسان بہ انھن سان ان ۾ ويٺاسين. تقريبن منو ڪلاڪ جي سامونڊي سفر کان پوءِ اسان اچي مافوشي ٻيٽ تي لٿاسين. سڀ ماڻھو هتي لھي ويا هيا. اتي ئي لھڻ مھل هڪڙو نوجوان اسان وٽ پھتو ۽ چوڻ لڳو ،”تہ توهان جي بڪنگ دي اٿينس هوٽل ۾ آهي. مان اتان آيو آهيان. هي دي اٿينس هوٽل وارن جو ٻيڙو آهي، جيڪو توهان کي کڻڻ آيو آهي، توهان هيڏي اچو“. اهي ٻہ ڄڻا هيا، هڪڙو ٻيڙي جو پائليٽ، ٻيو ان جو اسسٽنٽ. انھن ٻنھي اسان جا بيگ کڻي ٻيڙي ۾ وڌا.
مافوشي ٻيٽ جو هتي ذڪر نہ ٿا ڪريون، پر جڏهن اسان خاص ڪري مافوشي گهمڻ آياسين تہ ان جو حوال ان مھل ڪبو، يعني مافوشي ٻيٽ جي باري ۾ توهان کي اڳتي پڙهڻ لاءِ گهڻو ڪجهہ ملندو.

مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين

اسان تڪڙي تڪڙي مافوشي واري بورڊ جي اڳيان ڦوٽو ڪڍرائڻ لڳاسين تہ جنيد چيو،”سائين! ڇڏيو هتي اسان کي اچڻو آهي پوءِ دل ڀري ڦوٽو ڪڍجو، في الحال ٻيڙو تيار آهي، اچو ويھو تہ هلون“.
هاڻي اسان کي مافوشي ٻيٽ کان ڪي.گرائيدو K.Ghuradoo ٻيٽ ڏي وڃڻو هو. اسان سامان رکي ان فاسٽ بوٽ ۾ ويھي رهياسين. هن ٻيڙي واري پنھنجو اسپيڪرآن ڪري ڇڏيو هو. هن تيز موٽر واري ٻيڙي ۾ ٻہ نوجوان هيا. هڪڙو ڊرائيونگ سيٽ تي هيو تہ ٻيو هن جو اسسٽنٽ هيو. هو تمام تيزي سان ٻيڙي کي سمونڊ تي ترڪائي رهيو هو. ان ڪري سڀني دوستن کي خوف جو ڇھاءُ محسوس ٿيو. ڇو تہ اسان کي نہ لائيف جيڪٽ ڏني ويئي هئي ۽ نہ ئي وري ڪو ٻيو بچاءَ جو سامان. جڏهن تہ مان سمجهان ٿو تہ مسافرن کي مافوشي ٻيٽ تان کڻڻ، هنن جو روز جو معمول هيو، ان ڪري هنن کي ڪا بہ پرواھہ نہ هئي. شايد هو اسان کي وڌيڪ سمونڊ کي سمجهن پيا. جڏهن تہ اهڙي تيز رفتار ٻيڙي ۾ اسان جو پھريون سفر هو. پر هنن همراهن کي ڏسون پيا تہ هنن جي ڪنن تي ڪا بہ جونءِ نہ پئي چري، ۽ هنن کي ڪا پرواھہ ئي نہ هئي. سمونڊ ۾ هلندي هن ڪيترائي ٻيا بہ ٻيٽ ڪراس ڪيا هيا. هي اڃان بہ اڳتي وڃي رهيو هيو.
جنيد کي چيم تہ،”ڪٿي وڃي هوٽل بڪ ڪرايو اٿئي، گهٽ ۾ گهٽ مافوشي ٻيٽ ۾ تہ بڪ ڪرائين هيا. 24 ڪلاڪ کان بہ مٿي ٿي ويو آهي جو اسان مسلسل سفر ۾ آهيون“ .
جنيد کلي چيو تہ،” گرائيدو ٻيٽ تي پھچي پوءِ ٻڌائجو. توهان جا سڀ ٿڪ نہ لھي وڃن تہ چئجو“.
ان آسري ۾ سمونڊ جي سفر مان لطف انداز ٿيندا رهياسين. ڪيترائي ٻيٽ رات جي روشنيءَ ۾ وهنجي رهيا هيا.
وچ تي اهڙو موڙ آيو، جو هن ٻيڙي کي اهڙي نموني ٽرن ڏنو جو ذري گهٽ وڃي ٻيڙي اونڌي ٿي هئي. هر ڪنھن دوست جو ساھہ مٺ ۾ اچي ويو هيو.
يوسف عجب چوڻ لڳو،”ڏاڍو خطرناڪ ڊرائيور آهي. ايڏي اسپيڊ سان پيو هلائي، لڳي ٿو هوٽل تائين بہ مشڪل پڄون“.
”مون کلي يوسف کي چيو،”دل وڏي ڪر، ڪو مسئلو ڪونھي، هي ماڻھو سمونڊ کي، سامونڊي رستن کي ۽ پنھنجي ٻيڙي کي اسان کان وڌيڪ چڱي ريت ڄاڻن ٿا، تون دل نہ لاھہ، ﷲ چڱي ڪندو“.
”ﷲ تہ چڱي ڪندو پر في الحال تہ سر ٿو وڃي“. يوسف مسڪرائيندي چيو.
خير تقريبن اڌ ڪلاڪ جي سامونڊي سفر کان پوءِ ٻيڙو اچي ڪي گروائيدو ٻيٽ جي ڪناري تي لڳو. اسان جو سامان لاٿو ويو. سامھون اسان جي سامان ۽ اسان کي کڻڻ جي لاءِ هوٽل جو لوڊر بيٺو هيو. جنھن تي اسان ۽ اسان جو سامان ويھي رهيو. سامونڊي ڪناري کان تقريبن پنجن کان اٺن منٽن جي پنڌ تي، هڪڙي بازار کان ڪچي روڊ، رستي تي هلندي اسان پنھنجي هوٽل Athens view وٽ اچي نڪتاسين.
رات هوٽل ۾ هئي. هن هوٽل ۾ داخل ٿيندي ئي اهو چيو ويو تہ،”توهان پنھنجا بوٽ مک دروازي وٽ ئي لاهي رکي ڇڏيو“.
جيتوڻيڪ اسان جي لاءِ اها ڏاڍي عجيب ڳالھہ هئي. پر حڪم جي تعميل ڪندي سڀني دوستن پنھنجا جوتا گيٽ وٽ ئي لاهي رکي ڇڏيا. ڪاٺ جي ڏاڪڻ ذريعي مٿي پھرين ماڙ ۾ هليا وياسين. ڏاڪڻ چڙهڻ مھل ئي هوٽل جي صفائي صاف ۽ چٽي نظر پئي آئي. پاڻ پنھنجي ڪمري ۾ آياسين. هن ڪمري ۾ چار سنگل بيڊ پيل هيا. اسان ٽي هياسين. مان، سائين مختيار ۽ پرتاب. جڏهن تہ ٻي ڪمري ۾ ٻي سنگت يعني مظفر کوکر، جنيد ڏهر ۽ عجب يوسف. پنھنجو سامان، ٿيلھا، بيگ ڪنڊ تي رکي ٿانيڪا ٿي ويٺاسين. مون ڪافي تيار ڪرڻ لاءِ پاڻي گهرايو. مون کي خبر هئي تہ ٿڪاوٽ کي ڀڄائڻ جو بھترين ذريعو ڪافي آهي. سو ٽيبل تي بجلي واري ڪٽلي اڳ ۾ ئي پيل هئي، ان جي پاسي ۾ ڪافي ۽ کنڊ جون ننڍڙون پڙيون (ساشي) پڻ رکيل هيون. پر کير جي هڪڙي پڙي بہ نظر نہ آئي.
بيري کي چيم تہ، ”ڪوپ ۽ کير جون پڙيون تہ آڻ“.
بيري چيو تہ،”سائين ! کير توهان کي پنھنجو گهرائڻو پوندو“. سو مون ڪافي جي پڙين مان ئي ٻہ ڪافيون ٺاهيون. ڪوپ ايترا ننڍڙا هيا جو وڌ ۾ وڌ ٽي ڍڪ ٿين. سو ڪافي ڏاڍي ڪڙي ٿي وئي هئي. مختيار صاحب تہ ڪافي جو هڪ ڍڪ ڀري ڪوپ کان الوداع ڪئي. باقي مون سمجهو تہ اها ڪڙي ئي شگر کي ڌڪ هڻندي سو، اکيون ٻوٽي پي ويس. سچ اهو آهي تہ بنا کير جي ڪافي مون کي بہ نہ پئي وڻي پر پوءِ بہ زهر جو ڍڪ پي وياسين ۽ نڀائي وياسين. هن هوٽل ۾ ٻہ بيرا جيڪي بنگلاديش جا هيا. انھن ۾ هڪڙي جو نالو حڪيم هيو تہ ٻي جو نالو عبدﷲ هيو. ٻيئي بيرا ڏاڍا ڪو آپريٽو هيا.

ڪي گورائيدو K. Guraidhoo ٻيٽ جي رات

اسان سڀني دوستن جو خيال هو تہ ٻاهر هوٽل تي هلي ماني کائجي. سو جڏهن هوٽل کان هيٺ لٿاسين تہ هوٽل جو انچارج جيڪو سٺ پنجھٺ سالن جو چاچو هيو، ان کي بہ ماني جي صلاح ڪندي چيوسين تہ،“اسان ٻاهر ڪنھن سٺي هوٽل ۾ ماني کائينداسين، توهان بہ اسان گڏ هلو“.
سو اٿينس هوٽل جي انچارج چاچي اعظم کي ساڻ ڪري هوٽل کان ٻاهر نڪتاسين. رات هئڻ جي ڪري جتان گذرون پيا، اهو کليل ميدان هيو. اتي ڪافي ڊگها ۽ قديمي وڻ هيا.خاص ڪري بڙ وغيرہ. اونداهي جو راڄ هيو. ڪٿي ڪٿي ڪا ايڪٽر ٻيڪڙ اسٽريٽ لائيٽ ٻري رهي هئي نہ تہ خير. چاچو اسان سان گڏ هيو، ڇو تہ هي لوڪل ماڻھو هو. ان ڪري اسان کي ڪنھن بہ قسم جو ڪو بہ ڊپ يا خوف نہ هيو. نہ ڦر جو ڊپ نہ وري ڪنھن حرامپائي جو خوف. سو ائين ئي ڪچھري ڪندا هلندا رهياسين. هو اسان سان انگريزي ۾ ڳالھائي رهيو هو. چاچي چيو تہ،”مان توهان کي جنھن هوٽل تي وٺي ٿو هلان، ان جي ماني تازي ۽ سوداي آهي ۽ هن ٻيٽ ۾ ان جي ماني مشھور آهي“.
پنجن منٽن جي واڪ کان پوءِ هو اسان کي هڪڙي کليل هوٽل تي وٺي آيو. هوٽل جي ڪائونٽر تي نوجوان ڇوڪريون ويٺيون هيون. ڪجهہ ڇوڪريون تہ بيرياڻيون بہ هيون. چاچو اسان کي هوٽل تي ڇڏي، پاڻ موڪلائڻ لڳو. چيائين تہ،”هوٽل تي ڪير ڪونھي، توهان ماني کائي اچو“.
دوستن هن کي صلاح ڪندي زور ڀريو تہ،“چاچا! توهان بہ اسان سان ماني کائو”. پر هن صفا انڪار ڪندي چيو تہ،”نہ نہ مون ماني کاڌي آهي، توهان کائي وٺو، پوءِ هوٽل تي ملون ٿا“.
جيئن تہ ڪائونٽر کان علاوہ هن هوٽل ۾ ليڊيز بيرياڻيون هيون. ٿوري دير کان پوءِ انھن مان هڪڙيءَ مينو کڻي اچي اسان جي ميز تي رکيو. هن ۾ ٻہ مينو هيا، هڪڙي مينو جا ريٽ ڊالرن ۾ هيا تہ ٻي جا اگهہ مالديوين روفين ۾ هيا. هن هوٽل جو نالو ”جاوا جيز ڪيفي ۽ ريسٽورنٽ“ هيو. اسان دوستن گڏسڏجي، ڪجهہ ايٽم پسند ڪري، ماني جو آرڊر ان ڇوڪري کي ڏيئي ڇڏيو هيو. هاڻي اسان ڪچھري ڪري رهيا هياسين. سامھون کان ڪو پروجيڪٽ فليٽ نما عمارت ٺھي رهي هئي. ان جي چوڌاري ان کي سائو ڪپڙو چاڙهيو ويو هو. پريان کان هڪڙي ٻي هوٽل جا بلب بہ ٻري رهيا هيا.
ماني ۾ ڏاڍي دير ڪئي وئي. اڌ منو ڪلاڪ کن لڳي ويو هو. انھي دوران ٻہ ٽي دفعا پڇيو ويو تہ،” ڇا ٿيو اسان جي ماني جو“.
”ٺھي پئي، گهر جو عورتون تازي ماني پچائن ٿيون. اٽو ڳوهيل هوندو آهي. توهان ٿورو انتظار ڪيو”. ليڊي ٻڌايو. جڏهن ماني آئي تہ واقعي گرم گرم چپاتيون ۽ نان هيا. ماني ڏاڍي ذائقي واري هئي. پر جڏهن بل آيو تہ کاڌل ماني پئي پيٽ کان ٻاهر نڪري. مالديپ ۾ ماني کائڻ ڄڻ تہ توهان سڄي ڳوٺ کي ٿا ماني کارايو. ڏاڍي مھانگي ماني آهي. هاڻي مان توهان کي انھن شين جا اگهہ ٿو ٻڌايان، جيڪي آئٽم اسان گهرايا هيا. انھن ۾ دال فرائي 6 ڊالر يعني پاڪستاني 1680 روپين جي دال، اڇا چانور/ڀت ٻہ پليٽون 4 ڊالر يعني پاڪستاني ٿيا 1120 روپيا، حيدرآبادي چڪن برياني 9 ڊالر يعني 2520 روپيا پاڪستاني، پنير ڀاڄي 7 ڊالر يعني 1960 روپيا، پاڻيءَ جي ننڍي بوتل 500 ملي لٽر واري هڪ ڊالر يعني 280 روپيا، وڏي بوتل ڏيڍ لٽر واري پاڻي جي 2 ڊالر يعني 560 روپين جي ۽ ٽي چپاتيون 5 ڊالرن جون ۽ اسان کاڌيون 9 چپاتيون تہ انھن جي قيمت 15 ڊالر ٿي يعني 4200 جون خالي چپاتيون . ٽوٽل بل 44 ڊالر آيو يعني 12320 جي رات جي ماني ڇھن ڄڻن کاڌي. ماني ڏاڍي مھانگي هئي،جيڪا ڪافي دير گذرڻ کان پوءِ بہ هضم نہ پئي ٿي.
ان کان علاوہ مون، مظفر ۽ يوسف عجب پنھنجي لاءِ چانھہ گهرائي. چانھہ ڏاڍي لذيذ هئي. کير واري چانھہ نہ هئي، بلڪ پائوڊر ۽ ٽي بيگ پتي واري هئي. پر ان ۾ ذائقو هيو. جڏهن تہ پرتاب پنھنجي لاءِ ڪولڊ ڊرنڪ جو آڊر ڏنو هيو. مختيار صاحب رات جي ماني کان پوءِ چانھہ ٺپ نہ پئي. هن جو چوڻ آهي تہ ماني کان پوءِ ننڊ ڦٽي ٿي وڃي. مون وٽ سگريٽ هيا. ماني کان پوءِ هڪڙو گولڊ ليف سنڌي هڻي. سنڌي ان ڪري جو هي پاڪيٽ سنڌ مان کڻي ويو هيس. هوٽل تي تمام وڏي اسڪرين لڳل هئي. مان سمجهان ٿو اٺ بائي چار جي نہ هجي. مٿان ڇپرو، تين جي ڇت. هوٽل سڄي کليل. منھہ ٽائيپ وارو ڪائونٽر. چئني پاسي ناريلن جا ۽ ٻين ڪيترن ميون جا وڻ هيا. هوٽل ۾ گهڻي روشني نہ هئي. يا تہ هاسيڪار جهيڻي روشني ڪري سياحن لاءِ رومانٽڪ ماحول ٺاهيو ويو هو، يا وري لائيٽ بچائڻ جي لاءِ سولر جو سسٽم هوندو. پر جڏهن ايڏي وڏي اسڪرين هلي رهي هئي تہ پوءِ بجلي جي بچت جو تہ سوال ئي پيدا نہ ٿو ٿئي. ماني کائي پاڻ واڪ ڪندا، ڪچھري ڪندا، کل ڀوڳ ڪندا، هڪٻئي سان چرچا ڪندا، ساڳي ئي هوٽل تي اچي نڪتاسين. گهٽين ۾ ڪا بہ رونق نہ آهي، گهٽيون اداس آهن. لڳي ٿو تہ هتي ماڻھو جلدي سمھي ٿا پون.

گُرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪھاڻي

گورائيدو (Dhivehi) مالديپ ۾ ڪافو اٽول Kaffu Atoll جو هڪڙو رهائشي ٻيٽ آهي. گورائيدو ٻيٽ هڪ ڪلو ميٽر کان بہ گهٽ آهي. يعني 0.62 ايم آئي ڊگهو ۽ ويڪرو. اهو مالي اٽول جي ڏکڻ ۾ واقع آهي. جيڪو مالي ايئرپورٽ کان 391 ڪلو ميترن جي مفاصلي تي آهي. اتي پھچڻ جو بس هڪڙو ئي رستو ٻيڙي جي ذريعي ئي آهي. هي ٻيٽ سرفنگ ۽ ٽرٽل سنورڪلنگ، ڊالفينس، واري جي دڙن، ٽٻي ڏيڻ واريون جايون ۽ ڊالفن جي پٺي تي سواري ڪرڻ جي ڪري گهڻو مشھور آهي. هتي پبلڪ فيري MTCC مالي کان 2 ڪلاڪ ۽ 15 منٽ وٺندي آهي. جڏهن تہ اسپيڊ واري ٻيڙي فقط 45 منٽ وٺندي آهي. اسپيڊ فيري گرائيدو کان مالي ويندي آهي ۽ مالي کان گرائيدو ويندو آهي. مالي کان گرائيدو روزانو ٽي فيريون نڪرنديون آهن. اها پبلڪ فيري ايم ٽي سي سي فيري نمبر 309 آهي. فيري جو ڪرايو 22 مالديپي روفياآهي. گرائيدو ٻيٽ کان 7 وڳي صبح جو نڪرندي آهي ۽ مالي کان اڍائي وڳي منجهند جو نڪرندي آهي.
هي ٻيٽ چئن پاسن کان ناريلن، ڪيلن جي وڻن، کجين جي وڻن ۽ ساوڪ سان گهيريل آهي. روڊ ڪچا آهن. هتي جيڪو شھر اڏيل آهي اهو سڄو منصوبي تحت ئي اڏيل آهي. هر گهر جي اڳيان ٽي چار لوهي ڪرسيون واڻيل رکيل آهن. جتي سج لٿي مھل يا ٽيپھري کان پوءِ ماڻھو گهرن کان ٻاهر نڪري گهٽين ۾ ويھي ڪچھري ڪن ٿا. هر گهر جي اڳيان ساوڪ، گلن جا ۽ ٻين ڪيترن قسمن جا ٻوٽا پوکيل آهن. هتان جا ماڻھو مرد توڙي عورتون ٻنھين جا رنگ سانوارا يا مشڪي آهن. ڪنھن بہ گهر جي اڳيان کليل گٽر، نالي نظر نہ آئي. سڀ زمين جي هيٺان هيا. بجلي جو تارون بہ نظر نہ آيون ۽ نہ ئي وري واٽر سپلاءِ جون لائينون يا وري سئي گيس جون لائينون ڪٿي بہ ٻاهر نڪتل نظر آيون. هتي اهو رواج هيو تہ هر گهر جو ڀاتي گهر کان ٻاهر گهٽي ۾ ئي پنھنجا جوتا لاهي پوءِ اندر گهر ۾ گهڙندو. جوتا گهر ۾ اندر يا ڪمرن ۾ نہ هوندا بلڪ گهر کان ٻاهر. گرائيدو ۾ هڪڙو سرڪاري اسڪول بہ آهي تہ ٿاڻو بہ. هر ٻيٽ جي ٿاڻي ۾ پنج پوليس وارا آهن. هڪڙو آفيسر ۽ ٻيا سپاهي.
هتان جي ماڻھن جو اڳ ۾ ڪاروبار ماهيگيري هيو. جيڪو هاڻي صفا گهٽ ٿي ويو آهي. پرهتان جا جهونا ان ڪم ۾ اڄ بہ رڌل نطر اچن ٿا. جڏهن تہ هتان جي نئين ٽھي جو سڄو ڌيان ۽ توجھہ جو مرڪز هتان جي سياحت تي آهي. هتي هڪڙي وڏي مسجد بہ آهي جتي مون کي سومھڻي جي نماز پڙهڻ ۽ پيش امام سان ملاقات ڪرڻ جو شرف حاصل آهي. هتان جي رهائشي هوٽلن جا اگهہ ڪافي گهڻا آهن. ڪن جا اگهہ 70 ڊالر تہ ڪنھن جا 50 ڊالر، اسان کي جيڪا هوٽل ملي ان جو اگهہ 22 ڊالر في ڊبل بيڊ روم مليو هو. هتي گرائيدو سامونڊي بيچ بہ آهي، جتي شام جو اڪثر ڪري غيرملڪي سياح، چڍا پائي، سمونڊ جي ڪناري سان تڙڳندي توهان کي نظر ايندا.
هتان جي سامونڊي ڪنارن تي موجود پاڻيءَ جو رنگ فيروزي ۽ نيرو آهي. جڏهن تہ سمونڊ جي جن ڪنارن تي پاڻي گهرو آهي اتي ان جو رنگ ڪارو ٿيو وڃي. هتان جا سڀ ماڻھو انگريزي نہ پيا سمجهن. جڏهن تہ ڪي ماڻھو خاص ڪري هوٽلن وارا ٿوري گهڻي انگريزي ڳالھائي ڪم ٽپائين پيا. هتان جي هوٽلن ۾ اڪثر ڪري اسٽاف ٻاهرين ملڪن جو آهي، نيپال، بنگلاديس، انڊيا ۽ پاڪستان. ڏاڍو آئڊيل ٻيٽ آهي. تمام گهڻو انگريز/گورو فيملي سان لٿل نظر آيو. هوٽل جي روم ۾ گيلري هئي، جتان گهٽي نڪري پئي. سامھون کان جنرل اسٽور هيو. جڏهن تہ هڪڙو تمام وڏو وڻ فروٽ جهليو بيٺو هو. انب کان بہ وڏو، يا تہ هي durian جو وڻ هيو يا ٻيو ڪو. ٿڪاوٽ جي ڪري رات جو سمھڻ کان پوءِ گهري ننڊ اچي ويئي. ڇو تہ ڪمري ۾ پُرسڪون ماحول هيو. سڄي رات اي سي هلي رهي هئي. هڪڙي منٽ لاءِ بہ لائيٽ نہ ويئي هئي. ڪمرو ڪولنگ جي ڪري چل ٿي ويو هو. رات جي پوئين پھر تہ مون کي اي سي کي بند ڪرڻو پئجي ويو هو. جيئن تہ صبح جو اسان کي مافوشيMaafushi ٻيٽ تي گهمڻ لاءِ وڃڻو هو. ان لاءِ اسان کي ستين وڳي واري فيري پڪڙڻي هئي. جيڪا اسان واري گرائيدو ٻيٽ کان فڪس ستين وڳي نڪرڻي آهي، سو پھريئن رات ڏاڍي پرسڪون ۽ راحت بخش گذري.

اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح

14.07.2024 صبوح جو سوا پنجين وڳي اک کلي. هوٽل اٿينس وويو جي پرسڪون بسترن گهري ننڊ ڏياري سمھاري ڇڏيو هو. ان ننڊ ڏيارڻ ۾ نہ فقط بسترن جو ڪمال هو، پر طويل سفر جي ٿڪاوٽ جو بہ ڪجهہ ڪردار شامل هيو. مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ پاڻ کي اٿارڻ لاءِ الارام سيٽ نہ ڪيو. نہ ئي گهڙيال جي گهنٽي يا وري موبائيل جو الارام. منھنجو پروگرام ئي منھنجي ذهن ۾ الارام سيٽ ڪري ڇڏيندو آهي. ان ڪري مون کي ڪنھن بہ دوست کي اٿارڻ جي ضرورت نہ هوندي آهي. مان ڀلي رات جو ڪيڏي بہ دير سان سمھان پر وري بہ صبح جو سوير ئي اک کلي ويندي آهي. اصل ۾ مان پنھنجي دماغ جو الارام پنھنجي ڪم سان ئي رات جو سيٽ ڪري ڇڏيندو آهيان. منھنجو دماغ ئي منھنجو الارام آهي، جيڪو مون کي هرروز ساڳي وقت تي جاڳائيندو آهي. مون کي ڪنھن ٻي الارام جي ضرورت نہ آهي.
اها منھنجي سالن جي عادت آهي. ڪورٽ جلدي وڃڻ جي ڪري سوير اٿندو آهي. تقريبن 8 يا سوا اٺين وڳي ڪورٽ پھچي ويندو آهيان. مون کي منھنجو ڪلائينٽ ڳوليندو نہ آهي، بلڪ مان ۽ منھنجا ايسوسيئسٽس ڪلائينٽ کي ڳوليندا آهيون. منھنجي اها ڪوشش هوندي آهي تہ مان جج صاحبان جي ڪورٽ ۾ ويھڻ کان اڳ ۾ ڪورٽ روم ۾ موجود هجان، ان ڪري ڪورٽ روم ۾ منھنجي نالي جو سڏ اڪثر ڪري گهٽ ٿيندو آهي. ان ڪري مان ان سڏ کان اڳ ۾ ئي ڪورٽ ۾ ويٺل هوندو آهيان. پر هڪڙن وڪيلن جو خيال آهي تہ وڪيل جو سڏ ڪورٽ مان ضرور ٿئي، ڪورٽ مان ان جي نالي جي پڪار ٿئي تہ جيئن ٻاهر ويٺل اصيلن کي خبر پوي تہ فلاڻي وڪيل جو سڏ ٿيو آهي. ايئن ڪرڻ سان انھن جو نالو ٿيندو. بدنام هي سھي نام تو هوگا.
منھنجا روم پاٽنرز اڃان ننڊ جي آغوش ۾ ورتل آهن. مان برش ڪري، شيو ڪري، وهنجي فريش ٿي اچي پنھنجي بيڊ تي ويھي هي چند اکر لکي رهيو آهيان. ٿوري دير کان پوءِ سائين مختيار سمون بہ ننڊ مان بيدار ٿيا آهن. پرتاب گهري ننڊ جي مندر ۾ پوڄا پاٺ ڪندي نظر آيو. هوٽل جو ڪمرو صفا برف ٿي ويو هو. 24 ڪلاڪ اي سي جو هلڻ هن ڪمري جي صحت لاءِ سھي هجي يا نہ هجي پر اسان جي صحت لاءِ اوکو هيو.
جيتوڻيڪ هي ٻيٽ آهي، جهنگ آهي، ٻھراڙي آهي، هن جي چارون طرف پاڻي ئي پاڻي آهي. سمونڊ آهي. پر پوءِ بہ هتي زندگي جي هر سھولت موجود آهي. گئس، پاڻي، ۽ لائيٽ. هتي لائيٽ هڪ منٽ جي لاءِ بہ نہ ويندي آهي. نہ ئي ڪو بريڪ ڊائون آهي. نہ ئي وري گرڊ اسٽيشن جي صفائي جي بھاني سان لائيٽ بند ڪئي ويندي آهي. ۽ اهڙي ريت هتي ڪا بہ لوڊ شيڊنگ جي حرامپائي بہ نہ آهي. اسان جي ڪمري جو نمبر 204 آهي، جڏهن تہ جنيد وارا ڪمري نمبر 202 ۾ آهن جيڪو ساڳي ئي فلور ۾ آهي.
هينئر جنيد وارن جي ڪمري ۾ ويس تہ جيئن انھن کي ننڊ مان جاڳيان تہ جيئن اهي اٿي تيار ٿيڻ ۽ نڪرڻ جي تياري ڪن. جڏهن ٽي چار دفعا دروازو کڙڪايو تڏهن مس وڃي مظفر کوکر اکيون مھٽيندي دروازو کوليو. ڪمري ۾ نظر ڊوڙايم تہ سڀ دوست گهري ننڊ ۾ ستل هيا. پر پوءِ منھنجي آواز تي سڀ بيدار ٿي پيا. مان موٽي پنھنجي ڪمري ۾ آيس. مختيار سمون صاحب بہ تيار ٿي چڪو هو. هوٽل جو ماحول انتھائي خاموش، ماٺيڻو ۽ پرسڪون آهن. نہ گوڙ، نہ شور، نہ هُل نہ هنگامون. بس سڪون ئي سڪون هيو. سڪون جھڙي شيءَ بہ ڪيڏي نہ نعمت آهي. اسان وٽ دلاسو ڏيندا آهن تہ دنيا ۾ سڪون ڪٿي، سڪون رڳو قبر ۾ ئي آهي، پر اهو جملو هن ماحول ۾ صفا ڪوڙ ٿو لڳي. مالديپ ۾ توهان ڪنھن بہ ٻيٽ ۾ هجو، توهان کي سڪون جيئري ئي ملندو. ان لاءِ توهان کي قبر ڏانھن وڃڻ جو انتظار نہ ڪرڻو پوندو.

ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچھري

هن مھل پرتاب بہ ننڊ مان بيدار ٿي چڪو آهي. هن جو چوڻ آهي تہ “رات بہ مون کي ننڊ نہ آئي”. ان ڪري هن جي ننڊ پوري نہ ٿي آهي. هن ٻڌايو تہ،”اصل ۾ بار بار ستين وڳي اٿڻ جو خيال ايندي ئي اک پاڻھي ئي کلي پئي ويئي. ان ڪري ننڊ ۾ مسلسل خلل پيل هيو. سو ننڊ پوري نہ ٿي“.
پرتاب جي اها خوبي مون کي ڏاڍي سٺي لڳي تہ هو جيڏي مھل بہ ننڊ مان اٿندو آهي تہ صبُوح جو ادبي ڪچھري ڪري اسان سڀني کي ادبي ناشتو مفت ۾ ڪرائي وٺندو آهي. هن جي ناشتي ۾ ڪبير، اياز، ڀٽائي هوندا آهن. هن موهن ڪلپنا جي ڪتاب ”بُک، عشق ۽ ادب“ مان چند اکر چونڊي ٻڌايو تہ، ”زندگي ڇا هي“، ”هڪ چمي اوندھہ ۾ ڪنھن جي“.
پرتاب ڪچھري دوران اياز جا سونھري لفظ پيش ڪيا. هن ٻڌايو تہ،“اياز چوندو هو تہ،”ڀلي مون کي اڌ ماني ڏيو، پر پڙهڻ لاءِ مون کي سڄو ڪتاب کپي“.
ان کان علاوہ عبدالقادر منگي کي مالديپ ۾ ياد ڪري هن کي سٺن لفظن جي ڀيٽا ڏيئي رهيو آهي. هن ٻڌايو تہ جڏهن عبدالقادر منگي ٿر ۾ ڊي سي هوندو هيو تہ هن ٿر ۽ ٿري ماڻھن لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. خاص ڪري مٺيءَ جي نوجوانن لاءِ. هن “ٿر ڪتاب گهر” نالي واري ليکڪ کاٽائو جاني کي کولي ڏنو. هن کي روزگار سان لڳايو هو. اهڙي ريت هو ٿر جي ڪيترن ئي نوجوانن کي روزگار سان لڳائيندو هو. پنھنجي هڙان وڙان خرچ ڪري ادب جي دنيا کي آباد ڪري، نوجوانن کي اسرڻ جا نوان نوان موقعا ڏيندو هيو. هن جو ادب ۽ اديبن سان گهرو تعلق هيو.
ادبي ناشتي ڪرائڻ کان پوءِ، هينئر پرتاب بہ بستري کي لت هڻي چڪو آهي ۽ فريش ٿيڻ لاءِ واش روم جو رخ ڪيو آهي. هن وقت سوا ڇھہ ٿيا آهن. اسان کي ڇھين وڳي ئي هوٽل کان نڪري وڃڻو هيو. پر پرتاب اسان کي ادبي ڪچھري ۾ مست ڪري ڇڏيو هو.

عبدالقادر منگي جي ياد

عبدالقادر منگي، 26 نومبر 1947ع تي، لاڙڪاڻي ضلعي جي رتي ديري شھر ۾ علي شير خان منگيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس گهر جو نالو محمد بچل ۽ ڇٺيءَ جو نالو عبدالقادر هو. ننڍپڻ ۾ سندس پالنا سندس مامي ديدار حسين منگي ڪئي. مقابلي جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان فاريسٽ انسٽيٽيوٽ/ ڪاليج پشاور ۾ داخل ٿيو، جتان 1970ع ۾ ڊپلوماB.Sc فاريسٽري پاس ڪري سنڌ ۾ اچي رئنج فاريسٽ آفيسر مقرر ٿيو.
مئي 1975ع ۾ صوبائي سول سروس ۾ شامل ٿي اسسٽنٽ ڪمشنر طور کپري، گهاري، ٽنڊي الھيار ۽ سجاول ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ٿي. 1988ع ۾ 18 گريڊ ۾ ترقي حاصل ڪري، لاڙڪاڻي جو ايڊيشنل ڪمشنر مقرر ٿيو.
منگي صاحب علم ۽ ادب سان شغف، سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت سان محبت سبب تاريخي ماڳن مڪانن ۽ مشاهيرن تي ڪانفرنسون ۽ سيمينار ڪرايا. گهاري ۾ پنھنجي ايامڪاريءَ دؤران ڀنڀور ۽ ديبل تي 1983ع ۾ سيمينار ڪرايا ۽ ان موقعي تي پڙهيل مقالن کي سھيڙي “ڀنڀور ۽ ديبل” جي نالي سان سھيڙي ڪتابي شڪل ۾ آندائين.
جڏهن ٽنڊي الھيار ۾ بدلي ٿي آيو تہ اتي بہ وتائي فقير تي سيمينار ڪرايائين ۽ ان تي بہ ڪتاب ڇپايائين. اهي ٻئي دستاويز سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت ۾ اهم جاءِ والارين ٿا.
جنوري 1992ع ۾ ٿر مٺيءَ جي نئين قائم ٿيل ضلعي ۾ بدلي ٿي. ٿر ۽ ٿرين جي ڏکن ۽ ڏولاون کي هن پنھنجو درد سمجهيو ۽ ٿرين کي سھوليتن ۽ بھتر زندگيءَ جا موقعا فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ‘ٿر سيمنار’ ڪرايو. ان سيمينار جي رپورٽ ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪئي ۽ سرڪار کي سفارشون موڪليون. ان سال ئي ٿر ۾ ڪوئلي جي دريافت ٿي. هن ٿر جي بھتري ۽ ترقيءَ جو بنياد وڌو. ٿر ۾ سندس خدمتن عيوض کيس اوارڊ براءِ Services to Down Trodden people of Thar سگا پاران 1994ع ۾ مليو. پاڻ 2001ع ۾ حيدرآباد جو آخري ڪمشنر رهيو. پرويز مشرف جي نئين نظام ۾ نوابشاھہ ۽ سکر جو ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر رهيو. سندس آخري مقرري بطور سيڪريٽري ڪلچر، ٽوئرزم ۽ سوشل ويلفيئر جي ٿي، جتان 25 نومبر 2007ع تي رٽائرڊ ٿيو.
2009ع کان 2011ع تائين گورک هل ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ جو ڊائريڪٽر جنرل بہ رهيو. سندس ذاتي لائبرريءَ ۾ تقريباً هر موضوع تي ست هزار کن ڪتاب هوندا. سندس آتم ڪٿا ’جوئي آهيان سوئي آهيان‘ جي نالي سان سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ طرفان 2017ع ۾ ڇپي. 12 جون 2022ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.
پرتاب کيس کي ڀيٽا ڏيندي ٻڌايو تہ،“هڪ دفعي ائين ٿيو جو اسان ٻارڙا سڀ ڪرڪيٽ راند کيڏي رهيا هياسين تہ هو اتان گذريو پئي ويو. هن اوچتو گاڏي بيھاري، هيٺ لھي آيو ۽ اسان سان پاڻ بہ راند کيڏڻ لڳو. اسان وٽ بيٽون، وڪيٽون نہ هيون. اسان ڪپڙن ڌوئڻ واري داٻڙي سوٽي سان راند کيڏي رهيا هياسين. وڪيٽن جي جاءِ تي سروٽا رکي ڇڏيا هياسين. ٿوري دير کان پوءِ هو اتان هليو ويو ۽ ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ هن اسان لاءِ ڪرڪيٽ جو سڄو سامان موڪلي ڏنو. کاٽائو جاني کي چيائين تہ،”تون دڪان ۾ راندين جو سامان بہ رک“.
اهڙي ريت عبدالقادر منگي ٿر جي نوجوانن کي سيٽ ڪري معاشري جو زميوار فرد هئڻ جو ثبوت ڏنو. پرتاب ٻڌايو تہ،”منھنجو چاچو نٿو رام انھن ڏينھن ۾ ايس ڊي ايم هيو. هو مون لاءِ ادبي ڪتاب وٺي ايندو هو. مون کي پڙهائيندو هو. چاچي جي ڪري ٻيا سرڪاري ڪامورا بہ هنن جو خيال ڪندا هيا“.
ڪچھري ڪرڻ کان پوءِ پرتاب بہ تيار ٿي ويھي رهيو هيو. اسان هاڻي ناشتي جي لاءِ هيٺ هوٽل جي ڊائننگٽ ٽيبل تي اچي گڏ ٿيا هئاسين. اسان کان اڳ ۾ ئي مظفر، جنيد ۽ يوسف بلوچ ويٺا هيا. ٿوري دير کان پوءِ پرتاب بہ اچي ويو هو. ناشتي ۾ سلائيس/بريڊ، هاف فرائيڊ بيدو، صوف ڪچو سائو رس وارو، مشوري (جنھن ۾ ڏونگي جو ٻورو، بصر، ٽماٽر، ڪڪڙ جو گوشت وغيرہ)، جيم جيلي، مکڻ جون ٽڪيون ۽ ٻيو گهڻو ڪجهہ اچي وڃي پيو. مشوري قيمي جيان صفا چورو هيو. پر هن ۾ سٺو ذائقو هيو. ان کان علاوہ، جوس ۽ چانھہ جو پڻ بندوبست ٿيل هو. چانھہ پائوڊر واري ۽ ٽي بيگ هئي. مون ٻہ سلائيز گرم ڪرايا. اسان جي هن ٽرپ جي پيڪيج ۾ ناشتو بہ شامل هيو. مزيدار ناشتو ڪري پاڻ هوٽل کان نڪري آياسين.

هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاھہ ڊالر ڀرڻا پيا

سو هوٽل کان پنڌ ڪندا، گرائيدو ٻيٽ جي گهٽين کي گهمندا، ڪچھري ڪندا، سامونڊي ڪناري، جتي سرڪاري فيري جي لنگر انداز ٿيڻ واري سامونڊي ڪناري ڏانھن وڌندا رهياسين.
”يار ڪيڏو نہ خوبصورت ٻيٽ آهي پرتاب“. مون گهٽيءُ جي ڪنارن کان پوکيل ٻوٽن، انھن تي ڦٽي آيل رنگين گلن ڏانھن اشارو ڪندي چيو.
”واقعي ئي رهائش لاءِ خوبصورت، پرسڪون ۽ آئيڊيل ٻيٽ آهي. پرتاب جواب ڏنو.
”يار ڏس تہ سھي، ڪشاديون، ويڪريون، صاف سٿريون گهٽيون، جتي نہ کليل نالي، نہ نالي اٿڻ جو گندو پاڻي، نہ گٽر جو بند ٿي وڃڻ، نہ بجلي جو تنبو، نہ ڪرنٽ جو خطرو، نہ گئس جو پائپ، سڀ ڪجهہ انڊرگرائونڊ آهي. هتي ڪيڏو سڪون ۽ شانتي جو راڄ آهي. اسان وٽ سنڌ جا اهڙا شھر ڪڏهن ٿيندا”.
”جڏهن سنڌ جو هر ڌرتي ڌڻي ڌرتي سان سچو ٿيندو. هتي واقع ئي وڏو سڪون آهي. ان ۾ ڪو شڪ نہ آهي. هن کان وڌيڪ دنيا جو ٻيو ڪھڙو خوبصورت ماڳ ٿي سگهي ٿو، واقعي بھترين جڳھہ آهي، واقعي پريمي جوڙا، گهوٽ ڪنوار هن ئي شھر ۾ هني مون ملھائڻ اچن ٿا، هي شھر ان جي لائق بہ آهي“. پرتاب مسڪرائي چيو.
”سائين ٿورو تڪڙا اچو، ٽائيم ڪونھي، فيري نہ نڪري وڃي. ستين وڳي هن Guraidhoo ٻيٽ کان فيري نڪري ويندي آهي“. جنيد رڙ ڪري چيو.
سو اسان ڪوشش ڪري تڪڙيون وکون کڻي هلڻ لڳاسين. سمونڊ جي ڪناري يا فيري جي اسٽاپ يا بندرگاھہ تائين تقريبن پنج کان ڏهن منٽن جو پنڌ هيو. اڄ اسان گريدو ٻيٽ کان مافوشي ٻيٽ گهمڻ وڃون پيا.
مافوشي ٻيٽ اسان واري ٻيٽ کان وڌيڪ سھڻو ۽ ماڊرن طرز تي ٺھيل هيو. سو ان ڪري سڀني پرين پيارن جو اهو خيال هو ۽ انھن جي اها خواهش هئي تہ مافوشي ٻيٽ گهمي اچجي. اسان گريدو ڳوٺ جون گهٽيون، روڊ رستا، دڪان، گهر، وڻ ٽڻ، ٻوٽا، ڏسندا رلندا رلندا جڏهن اسٽاپ تي پھتاسين تہ اسان جي سامھون، اسان جي اکين اڳيان، فيري ڪنارو ڇڏي، پرتي وڃي رهي هئي.اسان کان هو 200 سو ٽي سو کن ڦوٽ پري هئي. اسان ڪناري تي پھچي مايوس نظرن سان ٻيڙي کي تڪي رهيا هياسين. جنھن کي روڪڻ يا ورائڻ اسان جي وس ۾ نہ هيو. جنيد اتان ٻيڙي واري کي رڙ ڪري بيھڻ جو يا موٽي اچڻ جو هٿ مٿي ڪري لوڏي اشارو بہ ڪيو پر هو نہ بيٺي. خير اسان سڀ مايوس ٿي وياسين. هن وقت پورا ست لڳي هڪ منٽ ٿيا هيا. اسان پوري ٽائيم مطابق پھتا هياسين. پر فيري پوءِ بہ هڪ منٽ اسان کان اڳ ۾ نڪري ويئي. ان تي سڀني کي ڏاڍو افسوس ٿيو. اٿياسين بہ سوير، پھتاسين بہ، پر هڪڙي منٽ جي تاخير جي ڪري ٻيڙي ڪنھن جو بہ انتظار نہ ڪيو. جوڳي نہ ڪنھن جا مٽ.

ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات

ڪناري تي هڪڙو ڊگهو مڙس، رنگ جو سانورو، ڊسپوزل گلاس ۾ چانھہ جون چسڪيون ڀري رهيو هيو ۽ سگريٽ جو مزو بہ وٺي رهيو هو. هن کي سلام دعا ڪري هن کان نالو پڇيم. هن پنھنجو نالو نظير علي ٻڌايو. هو سوڊان جو هيو ۽ سوڊاني اڇي رنگ جي جبي ۾ ملبوس هيو. هن ٻڌايو تہ،”مان هن ٻيٽ ۾ ڏهن ڏينھن کان رهان پيو، هرروز هن ٻيٽ کان ڪنھن ٻيٽ تي گهمڻ سانگي نڪري ويندو آهيان، پر هي ستين وڳي کان هڪ ٻہ منٽ اڳ ۾ نڪري ويندي آهي. هي ٻيڙي ڪنھن جو انتظار نہ ڪندي آهي. ڀلي سڄي ٻيڙي خالي ڇو نہ هجي، پر هو وقت پورو ٿيڻ تي ڪنارو ڇڏي نڪري ويندي آهي. هي سرڪاري ٻيڙي آهي. هن جو اسٽاپ بہ وقت جو پابند آهي“.
جنيد هن کي چيو تہ،”هاڻي تہ فيري نڪري ويئي، ڀلا پاڻ سڀ گڏجي ٻيو ٻيڙو ڪرائي تي ڪرايون ۽ ان جو حساب ڪتاب اڌ و اڌ ڪيون“.
هو ان ڳالھہ تي راضي ٿي ويو هو. هن سان گڏ هن جا ٻارڙا بہ هيا. هن جي گهرواري، هن جي جوان ٻہ ڇوڪريون ۽ هڪڙي ننڍڙي ڇوڪري ۽ هڪڙو پُٽ. هن جي هڪڙي ڇوڪري بلڪل اسلامي لباس يعني ڪاري برقعي ۾ صفا نھن کان چوٽيءِ تائين ويڙهيل/ڍڪيل، جڏهن تہ ٻي کي جينز جي پينٽ، گوڏن کان ڦاٽل (فيشن مطابق)، ٽائيٽ شرٽ پاتل ۽ ڇاتيءَ کان مٿي تائين چولي پاتل هئي، مطلب تہ شارٽ شرٽ هئي. جنيد ۽ هي سوڊاني ٻيڙو ڪرائڻ لاءِ ڪناري تي گهڻو اڳتي نڪري ويا هيا. اسان اسڪول جي اڳيان ڦوٽا ڪڍرائڻ لڳا هياسين.
ٿوري دير کان پوءِ جنيد ۽ نظير سوڊاني موٽي آيا هيا. جنيد رڙ ڪري سائين مختيار کي چيو تہ، ”سائين توهان جي پروفيشن وارو ماڻھو ملي ويو. هي ڊاڪٽر نظير بہ الجازان انجنيرنگ يونيورسٽي ۾ جنرل انگلش جو پروفيسر آهي. پوءِ تہ سڀني جا تعارف ٿي ويا. گروپ ڦوٽو ٿي ويو. هڪٻئي جي ويجهو ٿي وياسين. جنيد وارن 50 ڊالرن ۾ مافوشي تائين ٻيڙو ڪرايو هو. جنيد چيو،”ٻيڙو ٿي ويو آهي، ان جي صفائي ڪري رهيا آهن، ڏھہ منٽ لڳندا“. هاڻي ٻيڙو تيار هو. اسان کي پڪاريو ويو تہ اچو اچي ويھي رهو تہ هلون.
هاڻي پاڻ سڀ ان ٻيڙي ۾ ويھي رهياسين. اسان سڀئي دوست ۽ ڊاڪٽر نظير سوڊاني جي خاندان کان سواءِ ٻيو ڪو بہ نہ هيو. اسان سڀ ٻيڙي ۾ هڪٻئي سان ڪچھري ڪندا رهياسين. هن جي ننڍڙي ڇوڪري جو نالو علي هيو، جڏهن تہ هن پنھنجي گهرواري جو نالو ليلان، ڌي جو فاطمہ، ٻي جو آمنہ ٻڌايو هو. نّظير 13 سالن جي عرصي کان مٿي يونيورسٽي ۾ انگريزي پڙهائي رهيو آهي. پاڻ پي ايڇ ڊي آهي. هن ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري Jazera University Sudan کان ورتي آهي. هي ۽ هن جو خاندان جا ماڻھو ڏاڍا سٺا ماڻھو آهن. نظير جو تعلق تدريس آهي. علم ۽ اد ب سان آهي، ان ڪري اسان جي بہ هن سان لونءَ لڳي ويئي. هن نہ فقط مون کي پنھنجو اي ميل ڏنو پر ان سان گڏ پنھنجو واٽس اپ نمبر پڻ ڏنو. انھي دوران اسان ٻيڙي ۾ خوب ڪچھري ڪئي. ڦوٽا ڪڍرايا. ماحول ڏاڍو خوشگوار ٿي ويو هو.
گريدوکان مافوشي تائين اسان کي تقريبن اڌ منو ڪلاڪ لڳو هو. ٻيڙي ۾ ٽي نوجوان هيا. جيڪي ٻيڙي جي سارنڀار تي معمور هيا. هڪڙو ٻيڙي جو ڪنٽرول سنڀالي رهيو هو يعني ٻيڙي وارو ۽ ٻہ ڄڻا هن جي مدد لاءِ موجود هيا. ٻيڙيءَ جي ڇت تي اندرئين پاسي کان لائيف جيڪيٽ ٽنگيل هيا. هن مھل موسم خراب نہ هئي، ان ڪري سمونڊ جي مستي بہ مئل هئي. سمونڊ جي ان خاموشيءَ جو اسان ناجائز فائدو وٺندي لائيف جيڪٽ نہ پاتا هيا يا شايد اسان سمجهيو تہ اهي پائڻ جي ضرورت نہ هئي. فيري واري اسان کان پنجاھہ ڊالر ورتا جنھن مان 25 ڊالر نظير ڀريا ۽ پنجويھہ جنيد. پاڻ مافوشي آئلينڊ/ٻيٽ پھچي چڪا هياسين. هينئر 8 لڳي ڏھہ منٽ ٿيا آهن.

مافوشي آئلينڊ: قدرت جو خوبصورت ماڳ

اسان جي ٻيڙي آهستي آهستي ڪناري سان لڳڻ لڳي ۽ اسان بہ هڪٻئي پٺيان هڪ هڪ ڪري سڀ هيٺ لھي آياسين. جنيد ۽ نظير ٻيڙي واري کي پئسا ڏيئي، اهي بہ هيٺ لھي آيا. نظير سوڊاني پنھنجي فيملي سان گڏ پنھنجي منھن سان گهمڻ لاءِ روانو ٿي ويو ۽ اسان وري پنھنجي منھن سان. هرڪو پسي پرين کي. سو لھڻ سان ئي مافوشي Maafushi لفظ جيڪو وڏن اکرن سان لکيل هيو، ان اسان جي آجيان ڪري پاڻ ڏانھن گهرايو. هي ڪافو اٽول جو هڪڙو ٻيٽ آهي. هي ٻيٽ مالي کان 26.8 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. اسان سڀ ان لفظ جي موھہ ۾ موهجي وياسين ۽ انھن اکرن کي ساڳيو ئي پيار ۽ سنڌي ثقافت وارو مان ڏيندي انھن جي پٺيان بيھي، تصويرون ڪڍرائي، اکرن کي مان بخشيو. لفظ مافوشي جي معنيٰ آهي وڏو ٻيٽ "Big Island". ڇو ڊيھيوي Dhivehi مالديوي ٻوليءَ ۾ لفظ “ما "Maa"” جي معنيٰ وڏو "big" آهي ۽ “فوشي” "Fushi" جي معنيٰ ٻيٽ "island"آهي. سو ان حساب سان ان جو مطلب ٿيو “وڏو ٻيٽ”.
هر خطي جي مٽيءَ جي پنھنجي خوشبوءَ هوندي آهي، هن سامونڊي ٻيٽ واري مٽيءَ/وارِي جي پنھنجي منفرد ۽ نرالي خوشبو محسوس ٿي. ناريلن جي ڊگهن وڻن، سمونڊي جي فيروزي رنگ جي صاف شفاف پاڻي جي خوشبو بہ ڪنھن دلربا محبوب جي بدن جي خوشبو کان گهٽ نہ لڳو. جيئن ئي ٿوري دير لاءِ اتي بيھي چوڏس نظر ڦيرايم تہ هر طرف ناريلن جا ڊگها وڻ، نظر آيا. پاسن کان وڏيون وڏيون عمارتون، فليٽن جا اپارٽمينٽ جن مان ڪن جو ڪم هلي رهيو هو تہ ڪي مڪمل ٿي چڪا هيا.وڏا ڪشادا روڊ، روڊ جي وچ تي ۽ پاسن کان ٻوٽا، کجين جا، ناريلن جا ۽ گلن جا ننڍڙا ٻوٽا ماحول کي کنيو بيٺا هيا. پريمي جوڙن ۽ پريميڪائن جي هن ديس کي ”پيار وارن جو ديس“ چئجي تہ بہ منھنجي خيال ۾ ڪو وڌاءُ نہ ٿيندو. وشال سمونڊ جي جهولي، ڪيڏي نہ صاف سٿري ۽ موهيندڙ آهي. سمونڊ جي ڪنارن سان ٽڪرندڙ ڇولين جو آواز، شور، گوڙ اهو ٻڌائي ٿو ڄڻ تہ ڪن ٻن دلين جو ٽڪراءُ ٿيندي ميلاپ ٿيندو هجي. سمونڊ جي دل ڪيڏي وسيع آهي. پاسي ۾ نوٽيس بورڊ تي ڇوڪرين لاءِ خاص هدايتون لکيل هيون. جنھن ۾ ٻين هدايتن سان گڏ هي بہ لکيل هو تہ بڪني ۽ برا پائي هلڻ بيچ تي سخت منع آهي. پر مردن کي اجازت هئي تہ اهي ڀلي چڍا پائي گهمندا وتن. انھن کي ڪو بہ نہ ٿو چئي سگهي. ان نوٽيس بورڊ کي غور سان ئي پڙهي رهيو هيس تہ اسان جي سامھون هڪڙي ٻيڙي اچي ڪناري تي لٿي، جنھن مان ڪيترائي گورا لٿا. انھن مان هڪڙي چائني ڇوڪري بہ لٿي، ان کي بڪني پاتل هئي، شايد هن جي نظر ان بورڊ تي پئجي ويئي هجي، ان ڪري هن هڪدم لھڻ شرط ئي اتي سرعام ٽارائوز ڪڍي پاتو. منھنجي خيال ۾ اهڙن جاين تي ڪپڙن مٽائڻ جي لاءِ، ننڍڙا ننڍرا ڪمرا هجن. تہ جيئن پبلڪ مان ڪو بہ ماڻھو چينج ڪرڻ چاهي تہ هو ان ۾ وڃي، عوامي نظر کان اوجهل ٿي، ڪپڙا مٽائي وٺي.
اسان اتان اڳتي نڪري سامھون کان مختلف دڪانن جو ديدار ڪندا اڳتي وڌياسين تہ نظير هڪدفعو ٻيھر اسان سان ٽڪرائجي ويو. هو بہ گهمي پيو، اسان بہ. هن چيو تہ،”واپسي ۾ گڏ هلنداسين، ساڳي ئي فيري ۾“. اسان هن سان سهمت ٿياسين.
نظير سان ۽ هن جي فيملي سان ڪجهہ تصويرون نڪتيون پوءِ هر ڪو پنھنجي منھن سان وري. پاڻ گهمندا گهمندا، دڪانن جو جائزو وٺندا هلندا رهياسين. اسان جي واپسي 4 وڳي هئي. ان ساڳي ئي ڪناري تي جتي ٻيڙي اسان کي لاٿو هو. صبح واري نڪري ويل ٻيڙي اتي ئي اچي لڳندي. سو گهمندا گهمندا پاڻ هڪڙي عمارت جي هيٺان لنگهاسين ۽ پرتاب ان ۾ اندر هليو ويو. ڪائونٽر واري کان هوٽل جي ڪمرن جا اگهہ پڇي آيو. هن ٻڌايو تہ،”هوٽل ۾ ڪو بہ روم خالي نہ آهي. سڄي دنيا جا سياح خاص ڪري آسٽريليا، اسپين، آمريڪا، چائني، سعودي عرب جا ماڻھو لٿل آهن. هوٽلن ۾ وڏي رش آهي. هر هوٽل جو ڪرايو في بيڊ روم جو 185 ڊالر هيو، ٻي جو 70 کان 80 يا 100 ڊالر آهي. جيڪو اسان جي حساب کان تمام گهڻو مھانگو هو. هن علائقي ۾ گهٽ کان گهٽ هوٽل 35 کان 40 ڊالرن تائين هئي. سو بہ سنگل بيڊ“. اسان جي رهائش گريدو ۾ اٿينس وويو ۾ 25 ڊالرن ۾ هئي، جيڪا ٽرپل شيرنگ آهي. اهو ڪريڊٽ جنيد ڏي وڃي پيو تہ هن گهٽ ۾ گهٽ، سستي ۽ معياري هوٽل بڪ ڪرائي هئي. سوڊاني ڊاڪٽر نظير بہ اسان واري ٻيٽ ۾ ئي رهائش پذير هيو. هن ٻڌايو تہ هن جي رهائش جنھن هوٽل ۾ آهي، ان جو ڪرايو 22 ڊالر آهي. جيئن تہ نظير ڏهن ڏينھن لاءِ آيل هيو ۽ اسان فقط چار ڏينھن هياسين. ان ڪري هن سان رعايت ڪئي ويئي هئي. اتي ئي هڪڙو ٻيو اسپين جو جوڙو مليو. نوجوان ڇوڪرو ۽ حسين جميل ڇوڪري. ڇوڪري ڏاڍي خوش هئي. هن جي خوشي هن جي چھري مان ليئا پائيندي نظر آئي. هن سان ڪچھري دوران انھن ٻڌايو تہ اهي هر ٻيٽ ۾ چار ڏينھن گذاريندا. گهٽ ۾ گهٽ مھينو کن رهندا. مان سمجهان ٿو تہ انھن جي صحت ۽ وڏي عمر جو راز بہ اهو آهي تہ اهي دنيا جي جهنجهٽن کي خدا حافظ چئي، مالديپ ايندا ئي ان ڪري آهن تہ اهي سک جو ساھہ کڻن.

عورت جي نفسيات

مون ٿورو گهڻو عورت جي نفسيات جي باري ۾ پڙهيو آهي تہ عورت چاهيندي آهي تہ مرد هن کي هر حال ۾ خوش رکي. هن جي عزت ڪري، هن سان هر پل پيار ڪري. هن جي حسن جي تعريف ڪندو رهي ۽ پيو ڪري. سو اهڙيون ئي ڪجهہ شيون مون ڪٿي عورت جي نفسيات جي باري ۾ پڙهيون آهي تہ؛
عورت ڪيتري بہ وڏي ٿي وڃي پر هوءَ هميشہ ٻار رهي ٿي. ڌيان/خيال کيس خوش ڪري ٿو ۽ نظراندازي روئاري وجهي ٿي. عورت کي دٻائڻ جي ڪوشش نہ ڪريو ڇو تہ ان جي بغاوت تباهي آڻي ڇڏي ٿي. عورت نرم گاھہ جيان آھي، جيڪا مھرباني جي ھوا اڳيان جهڪي بيھي رهي ٿي، پر اها شيءَ ان ماڻھوءَ لاءِ آسان آهي جيڪو شخص ان ڳالھہ کي سمجهي ٿو ۽ انھن لاءِ جيڪي هُن سان جهيڙيندا آهن، انھن لاءِ ڏاڍو پيچيده عمل آهي. جيڪڏهن توهان ڪنھن بہ ڇوڪري سان پيارڪيو ٿا، تہ اهو توهان تي فرض آهي تہ توهان هن جو خيال رکو. جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا تہ هو توهان کي ڇڏي نہ وڃي، توهان سان بيوفائي نہ ڪري ۽ توهان سان گڏ هجي تہ توهان ان جي عزت ڪرڻ سکي وٺو. شيڪسپيئر جو هڪ خوبصورت قول آهي.
ناراض عورت کي دليل ڏيئي پرچائڻ جي ڪوشش ائين آهي جيئن ڪو ماڻھو ڪنھن طوفان دوران پاڻ کي بچائڻ لاءِ اخبار جي صفحن کي ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪندو هجي. بس هن کي ڀاڪر پائي، ڳراٽڙي لايو تہ هوءَ پاڻ ئي توهان لاءِ پئي سڪندي!. هڪ مرد جيڪو عورت جي ننڍين غلطين کي معاف نٿو ڪري، نتيجي ۾ هو ان جي عظيم خوبين کي بہ حاصل نہ ٿو ڪري سگهي. اصل ۾ هڪ عورت مرد جي ڇانو ۾ رهڻ چاهي ٿي، نہ ڪي مرد جي جبر هيٺ ، عورت دل جي ويجهو رٻڙ مان پيدا ٿي آهي، جيڪو پيار، شفقت ۽ محبت سان ڀريل آهي. ياد رکو تہ جيڪڏهن عورت جو دماغ سڪي وڃي ۽ مري وڃي، تہ پوءِ ڄڻ تہ سڄي قوم جو دماغ سڙي ويندو ۽ فنا ٿي ويندو!. سچي محبت هن جي خامين جي باوجود هن سان پيار ڪندي آهي، نہ ڪي هن جي خاصيتن جي ڪري، هڪ عورت ان مرد کي پسند ڪندي آهي، جيڪو هن جو ڀاء ٿئي، هن جو حمايتي ٿئي ۽ هن جو سچو دوست بڻجي ۽ جيڪو سندس عقل ۽ شخصيت جو احترام ڪري. اصل ۾ اهو سچ آهي تہ عورت کي پيار ڪرڻ لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي. سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ بجاءِ، هڪ عورت هڪ مرد سان پيار ڪندي آهي، جيڪو پنھنجي ننڍپڻ جي معصوميت کي بار بار ياد ڪري ٿو. هڪ عورت هڪ موسيقار وانگر آهي، جيڪو پنھنجي بھترين آواز کي وڄائيندو آهي ۽ تارن سان صرف ان لاءِ کيڏندو آهي جو هو ڄاڻي ٿو تہ پنھنجي دل جي تارن سان ڪيئن کيڏڻ گهرجي. عورت سمنڊ وانگر آهي، ٻاهران خوبصورت، ڪاوڙ ۾ طوفاني۽ اندروني طور تي عميق ۽ پراسرار. عورت جي نظر ۾، هڪ حقيقي مرد اهو هوندو آهي جيڪو هن کي خوشي ۽ سھارو ڏئي ٿو. سو هن کي خالي صلاح ڏيڻ کان اڳ کيس سھارو ڏيو. عورت لاءِ مرد ٿي هن جا همدرد بڻجو. هن جي ڏکن جا ساٿي ٿيو. ان تي پنھنجي مردانگي جا جوهر نہ ڏيکاريو.
مون کي لڳو تہ هي جوڙو هتي هني مون ملھائڻ آيو آهي. انھن ٻڌايو تہ هن کي گريدو ٻيٽ ۾ ڊبل بيڊ وارو ڪمرو 50 ڊالرن ۾ مليو. هنن ٻڌايو تہ اسان جي خواهش آهي تہ اسان هتان جي هر ٻيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار ڏينھن گذاريون. هو چاهي تي هتي سڄو سال رهي سگهي ٿو. ڇو تہ ڊالر ۾ ايتري شڪتي آهي ۽ انھن ڊالرن وارن لاءِ تہ ڪو مسئلو نہ هيو پر اسان پارن ڏتڙيل ملڪن جي سڪي جي ڪا بہ حيثيت نہ آهي، ان ملڪ جي ماڻھن جو حال ڏاڍو برو آهي. انھن جي پلئي تلخ تجربا ئي پون ٿا.
هتي ڪيتريون ئي نيون عمارتون، نوان فليٽ، نوان بنگلا ٺھي رهيا آهن. تعميراتي ڪم تمام گهڻو زور شور سان هلي رهيو هو. هتي ليبر گهڻو ڪري ٻاهرين ملڪن جو نظر آيو. خاص ڪري اسان سان جيڪي ماڻھو ٽڪرايا، انھن جو تعلق بنگلاديش، انڊيا سان هيو. ڇو تہ هتان جو لوڪل ليبر هنن کي ڏاڍو مھانگو پوندو آهي. ان ڪري اڪثر ٺيڪيدار ٻاهريون ليبر جھڙوڪ بنگالي، نيپالي يا پاڪستاني گهرائن ٿا، جيڪو انھن کي گهڻو سستو پوي ٿو.

مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون

ٿوري دير کان پوءِ رولاڪيون ڪندا مافوشي بيچ تي آياسين. جتي ڪرسين تي ڪيترائي انگريز ليٽيل ۽ سن باٿنگ وٺندي سمونڊ جي ڪناري نظر آيا. جڏهن تہ ڪيترائي انگريز سمونڊ جي ڪناري وهنجڻ سان ويڙھہ ڪري رهيا هيا. اسان بہ ٿڪ ڀنڃڻ لاءِ اتي ئي آياسين. ٿوري دير لاءِ انھن ڊگهين، ڪرسين تي ليٽي پياسين. هي بيچ جو حصو بہ ڪنھن پرائيوٽ هوٽل جو مخصوص ٿيل هو. جنھن تي فقط ان هوٽل جا ماڻھو ئي اچي سگهن پيا. ٻين ماڻھن کي شايد اجازت نہ هئي. ٿوري دير کان پوءِ ڪنھن هوٽل جو بيرو آيو ۽ التجا واري انداز ۾ چيائين تہ،“سائين هي ڪرسيون بڪ ٿيل آهن”. اسان هن کان معزرت ڪندي اتان نڪري سامھون واري هوٽل تي وياسين. جتي چونرا ٺھيل هيا. ڪاٺ جون ڪرسيون ۽ ٽيبلون پيل هيون. پر هاڻي ڏينھن تپي رهيو هيو. لڳي پيو تہ سج هيٺ لھي رهيو آهي. جيتوڻيڪ ڪو اهڙو گهڻو ٽائيم بہ نہ ٿيو هو. تنھن جي باوجود اهو صحيح هيو تہ مالديپ گرم آهي.
سج ڄڻ تہ نيزي تي چڙهي آيو هو. ان جو ڪري جو مالديپ جون جولاءِ ۾ گهڻو گرم هوندو آهي. سو اتان نڪرندي، سوڙهي گهٽيءِ کان ٿيندا، سمونڊ جي ڪناري تي آياسين. پرگرمي وڌي ويئي هئي. هون بہ هي ٽائيم سمونڊ تي پسار ڪرڻ جو نہ هيو. يا تہ توهان سج اڀرڻ کان اڳ ۾ هتي اچو ۽ سج اڀرڻ جو منظر سمونڊ کان بيھي ڪيو، يا تہ وري جڏھہ ڏينھن ٺري، يعني سج لھڻ مھل هتي اچو. سمونڊ گهمڻ جا اهي ئي اصل ۾ ٽائيم آهن. اسان جي گهمڻ جي ٽائيمنگ غلط هئي. پر هون بہ اسان خالي سمونڊ گهمڻ نہ آياهياسين. ان سان گڏ مافوشي ٻيٽ کي بہ ايڪسپلور ڪرڻو هيو. سو سمونڊ سان ڪجهہ تصويرون ڪڍرائي ٻاهر نڪتاسين. سمونڊ تي رولاڪيون ڪرڻ جو اڪثر وقت سج لٿي مھل هوندو آهي. منجهند جو تہ سمونڊ جي واري بہ ڏاڍو تپي ٿي.
اهڙي طرح، گهمندا ڦرندا، هڪڙي گهٽيءَ ۾ آياسين. هڪڙي ٽن ڦيٿن واري سائيڪل، جيڪا ٽريڪٽر جيڏي هئي. ان تي چڙهي تصويرون جو مزو ورتوسين. هي سائيڪل نہ هئي ڄڻ تہ توهان ڪنھن ٽن ڦيٿن واري ٽريڪٽر تي چڙهيا هجو. روڊ تمام وڏو هيو. پاسي ۾ سمونڊ جو ڪنارو. سامھون کان رهائشي علائقو. جتي فليٽن جا وڏا اپارٽمينٽ هيا. روڊ جي ڪناري سان کجين ۽ ناريلن جا وڏا وڻ قطار سان هن سامونڊي ڪناري جي ماحول ۾ سونھن پيدا ڪري رهيا هيا. هاڻي اڃ اچي اسان جو پاسو ورتو هو ۽ چپن بہ چرپر ڪئي هئي. گلي ۾ خشڪي جو سرڪڻ سوڙهو ٿيندو پئي ويو. سو ان گهٽيءَ ۾ وڏي هوٽل جي سامھون ئي ننڍڙو دڪان نظرآيو. جنھن جي ٻاهران پڪل ناريل پيل هيا. دوستن جو خيال هيو تہ مالديپ ۾ هجي ۽ ماڻھو ناريل جو پاڻي نہ پئي تہ پوءِ مزو ڪھڙو“. سو سڀني هڪڙو هڪڙو ناريل جو آرڊر ڏنو. تازي ناريل جي مٺي پاڻي ۽ ان کان پوءِ ان جي ڏونگهي/ملائي ويتررولاڪين جا سڀ ٿڪ لاهي فريش ڪري ڇڏيو هو.
اُتي ئي ترن جا بوڻينڊا بہ پيا هيا. ان ٿيلھي ۾ 6 بوڻينڊا هيا. هڪ هڪ بوڻينڊو سڀني جي حصي ۾ آيو. ڏاڍا لذيذ بوڻينڊا هيا. ان کان پوءِ عياشي کي دنگ ڪرڻ لاءِ مون نوجوان دڪاندار کان سگريٽ گهريو. هن مون کي ڪيمل سگريٽ ڏنو. هتي ڪيمل سگريٽ مھانگي ۾ مھانگو سگريٽ هو، ڄڻ تہ پاڪستاني بينسن. هي هڪڙو سگريٽ ست ماليوين روفين جو هيو. جيڪو تقريبن127پاڪستاني روپين جو ٿئي پيو. ان سان گڏ مون ننڍي پاڻي جي بوتل بہ هن کان ورتي.
دڪان هڪڙو نوجوان ڇوڪرو دڪان هلائي رهيو هو. مون هن کان حال احوال وٺڻ شروع ڪيا. هن ٻڌايو تہ هي دڪان هن جي ڀاءُ صيفل جو آهي. هن کي هتي ايندي ٽي مھينا ٿيا آهن. هو بنگلاديش جو آهي. هن جو ڀاءُ هي دڪان ڪافي عرصي کان هتي هلائي رهيو آهي. نوجوان ڏاڍو خوش اخلاق هيو. اسان هن دڪان جي ڪائونٽر جي اڳيان روڊ تي بيٺا هياسين. هي مين روڊ نہ هيو. بلڪ سمنڊ ڏانھن ويندڙ هڪڙ گهٽي هئي. دوستن هن کان پاڻيءَ گهريو. هن ڊسپينسر مان شيشي جو وڏو گلاس ڀري سڀني دوستن کي پاڻي پيارو. سڀني دوست پاڻي پي پنھنجي اڃ اجهائي، ٻين شين جا هن پئسا ورتا، پر هن پاڻيءَ جا پئسا نہ ورتا.
انھيءَ دوران زوردار مينھن وسڻ شروع ٿي ويو. دڪان ايترو سوڙهو هيو، جو ان ۾ ڪائونٽر کان اندر ٻن ٽن ماڻھن جي گنجائش هئي. اسان ڀڄڻ کان بچڻ لاءِ دڪان جي ڪن ۾ شٽر جي هيٺان ٿي بيٺا تہ هڪ ٻہ دوست اندر گهڙي ويا. برسات ٿوري دير جو ٽھڪو هيو، پر ڏاڍي تيز برسات هئي. روڊ سڄو آلو ٿي ويو هو. اهڙي موسم ۾ چاھہ سان گڏ چانھہ نہ هجي تہ مزو ئي نہ اچي. سو دوستن جي خواهش هئي تہ هتي ئي بيٺي بيٺي برسات ۾ ڀڄندي چانھہ جو مزو ٿا وٺون.
ان کان پوءِ اسان هن کان چانھہ بہ ٺھرائي. پر اها چانھہ ٽي بيگ واري هئي. ڊسپوزل گلاسن ۾ هن چانھہ وجهي ڏني. جيتوڻيڪ ٽي بيگ اسان واري دود پتي جي چانھہ جي ٻاڙ نہ ٿي ماري پر پوءِ بہ ٺيڪ هئي. گذارو ٿي ويو. اهڙي ريت اتي ڪچھري ڪندي ڪافي وقت گذري ويو. هاڻي برسات جي ڪري موسم ملھار ٿي ويئي هئي. مون کي مرشد لطيف سائين جو سُر سارنگ ياد اچي ويو. جنھن ۾ هو فرمائي ٿو تہ؛
ڪڪر منجهہ ڪپار، جهڙ نيڻونئون نہ لھي
جھڙا منھنجا سپرين، تھڙا ميگهہ ملھار
کڻ اکيون، کل يار، وڃن سور سنڌا ڪريو

ٻاهرين ملڪ جا ماڻھو مالديپ ڪيئن اچن؟

اتي هڪڙو ٻيو بہ وڏي عمر جو ماڻھو اوچتو اچي ويو. هن کي پينٽ شرٽ پاتل هئي. هو رنگ جو مشڪي هيو. بنگلاديشي، مالديوي ۽ سري لنڪن ماڻھن جو رنگ اڪثر ڪري مشڪي نظرآيو. هن سان بيٺي بيٺي سلام دعا ٿي. هو بہ سگريٽ دکائي مون سان گڏ بيھي سگريٽ جي تماڪ ۽ پني کي ساڙي، دونھا ڪڍي رهيو هو. مون لاءِ اهو سٺو موقعو هو تہ هن ماڻھو کان هتان جي باري ۾ ڄاڻ وٺان. ان ڪري سگريٽ جو ڪش هڻي، دونھون آسمان ڏانھن موڪليندي، هن کان پڇيم تہ،”هتي توهان ٻاهرين ملڪن جا ماڻھو ڪيئن گهرائيندو آهيو“.
هن چيو تہ،”بنگلاديشي وزٽ ويزا تي اچي، ان کي هتي ورڪنگ ويزا ۾ مٽرائي، هتي ڪم ڪار ڪري سگهي ٿو. پر پاڪستاني ۽ انڊيا جا ماڻھو ائين نہ ٿا ڪري سگهن. انھن کي ڪم لاءِ الڳ ويزا وٺڻي پوندي ۽ انھن جي وزٽ ويزا الڳ هوندي آهي.
“ڀلا ويزا جو ڪھڙو طريقيقار آهي“؟ مون هن کان پڇيو.
هن چيو تہ،”جنھن ماڻھوءَ کي ٻاهرين ملڪ کان هتي گهرائڻو هوندو آهي تہ هتان جو لوڪل ماڻھو ان کي ويزا موڪليندو آهي“.
”ان ڪم جا گهڻا پئسا وٺندا آهن“، مون سگريٽ جو ڪش هڻندي چيو.
” ان ڪم جا هو ڪجهہ مخصوص پئسا وٺندو آهي، جنھن جي مون کي گهڻي ڄاڻ ڪانھي ڪا، باقي جڏهن اهو ٻاهريون ماڻھو هتي پھچي ويندو آهي ۽ هتي ڪم ڪار سان لڳي ويندو آهي تہ ان کان هر مھيني ٻہ ٽي سو روپيا وٺندو آهي“.
”خاص ڪري ڪھڙي ڪم جا ماڻھو ٻاهريان هتي اچي سگهن ٿا“. مون هن کي ٻيھر سوال ڪيو.
”هتي اچڻ لاءِ اهو ضروري آهي تہ توهان کي ڪو نہ ڪو هنر ايندو هجي. يعني، رازو هجي، مستري هجي، ڊرائيور هجي، يا ڀلا ٻيو ڪجهہ بہ نہ پر مزدوري ڪري سگهي، مزدوري بہ سٺي آهي. اهڙو همراھہ اچي سگهي ٿو“.
”اڇا انھن ملازمن کي گهڻي پگهار ملندي آهي“؟ مون هن کان پڇيو.
”هتي ڊالرن ۾ پئسا ڏيندا آهن، رازا، مستري، پلمبر مھيني ۾ 1500 کان 2000 ڊالر کڻن ٿا. ان ڪري سٺا پئسا ملي ويندا آهن. ڇو تہ هتي ڪيئي تعميراتي پراجيڪٽ هلن ٿا، انھن جو ڪم ڏينھن رات هلي ٿو. ان ڪري هتي ليبر جي سخت ضرورت هوندي آهي“.
”ڀلا هتان جا ماڻھو ڪم نہ ڪندا آهن ڇا“؟. مون هن کان پڇيو.
”هتان جي ليبر ٺيڪيدارن کي گهڻي مھانگي پوي ٿي، جڏهن تہ ٻاهرين ملڪ جي ليبر هنن کي سستي ٿي پوي، ان ڪري اهي ڪوشش ڪندا آهن تہ سستو ليبر رکن. خاص ڪري، پاڪستان، انڊيا، بنگلاديش يا وري نيپال جي ماڻھن کي رکن ٿا“.
”توهان پاڻ ڪٿان جا آهيو“. مون هن کان ذاتي سوال ڪيو.
”مان انڊيا جو آهيان، هتي هڪڙي هوٽل ۾ ڪم ڪندو آهيان“. هن جواب ڏنو.
برسات هاڻي بيھي رهي هئي. ٿوري دير کان پوءِ هڪڙي انگريزياڻي ٽن ڦيٿن وارو گاڏو ڌڪيندي آئي، جنھن تي هن جو ننڍڙو ٻارڙو ويٺل هو. هن دڪاندار کان ننڍڙي لاءِ آئسڪريم گهري. دڪاندار هن کي ڪون آئس ڪريم ڪڍي ڏني.
”هن جا گهڻا پئسا ٿيا“. ان انگريزياڻي دڪان واري ڇوڪري کان پڇيو.
جنھن کان هن 7 يا 8 ڊالر گهريا. جيڪي اسان جي حساب سان تمام وڏي رقم هئي. هي انگريز ڊالر کڻي اچن ٿا، جنھن جي ويليو/اهميت تمام وڏي آهي ۽ اسان جي روپيئي جي روفئي جي اڳيان بہ ڪا حيثيت نہ آهي. سو هتان جي ننڍي بوتل بہ پاڻي جي اسان کي تمام گهڻي مھانگي پوي پئي. سو اسان هاڻي ان دڪان واري کي الوداع چئي سمونڊ جو رخ ڪيوسين. ائين رولاڪيون ڪندا، اڳتي وڌندا، ڪچھري ڪندا هلندا رهياسين. پر اس جي تپش ايڏي تيز هئي جو ڪٿي بہ ڪنھن بہ گهٽي ۾ سڪون نہ پئي آيو. هتي بازارون آهن ڪون. بس هڪڙو ئي مين روڊ آهي. اتي دڪان آهن. هوٽلون آهن. بس. سو اسان وري بہ رلي ڦري جڏهن سمونڊ جي ڪناري تي آياسين تہ اتي ئي ڪجهہ سڪون آيو. واپسي ۾ ساڳي ئي بنگلي جي دڪان تي آياسين. جتي هن جي جاءِ تي هن جو ٻيو ڀاءُ ويٺو هيو. هن سان سلام دعا ٿي. هن کي پاڻي ۽ چانھہ جو آرڊر ڏنوسين. چانھہ جو وري هڪڙو ٻيو دور هلايوسون ۽ اچي وري بہ هڪڙي خالي پلاٽ جي ڊي پي سي تائين ڏنل/بيٺل ديوار تي بڙ جي وڻ جي ڇانو هيٺان گرمي پسائڻ خاطر ويھي رهياسين. ٿوري دير اتي ويٺاسين تہ، مختيار صاحب کي اتي مزو نہ آيو، ڇو تہ ان ديوار تي ڪا بہ ٽيڪ وغيرہ نہ هئي، سو سائين مختيار سان هون ئي ڪرنگهي جو مسئلو آهي، ان ڪري اتان اٿي سمونڊ جي ڪناري تي اچي وياسين.
هاڻي اسان جنھن گهٽي ۾ آياسين، اتي هڪڙي عمارت جو ڪم هلي رهيو هيو. جنھن تي ڳوڻ جون ٽپڙيون ٽنگيل هيون. سامھون کان ان گهٽيءُ ۾ سمونڊ پوي پيو. سو ان عمارت جي سامھون ئي هڪڙي بند پيل دڪان جي اڳيان رکيل لوهي ڪرسين تي ويھي ساهي پٽڻ لڳاسين. انھن مان هڪڙي اڌ ڪرسي ڇڳل هئي. مون واءِ فاءِ جي ڪوشش ڪئي ۽ اهو واءِ فاءِ آن ٿي ويو. مون سائين مختيار کي بہ اهو واءِ فاءِ ڪنيڪٽ ڪري ڏنو. مختيار صاحب ڏاڍو خوش ٿي ويو هو. هن پنھنجي فيملي سان لاڙڪاڻي رابطو ڪيو هو. ڪافي دير تائين ڳالھہ ٻولھہ پڻ ڪئي هئي. ان کان پوءِ يوسف ۽ مظفربہ آيا تہ اسان کي بہ واءِ فاءِ ڪنيڪٽ ڪري ڏي. سو انھن دوستن کي بہ ان ئي واءِ فاءِ سان ڪنيڪيٽ ڪيم.
سمونڊ جي ڪري، هتي هن گهٽي ۾ ڏاڍي ٿڌڙي هوا لڳي رهي هئي. سڪون اچي رهيو هو، مون کي تہ ننڊ اچي رهي هئي. پر واءِ فاءِ جي ڪري دوستن کي سري لنڪا واري گروپ ۾ جيڪي تصويرون منھنجي موبائيل ۾هيون اهي موڪليون. عجب مون کي پنھنجي واٽس اپ تان ڪافي تصويرون موڪليون. مون ڪجهہ تصويرون ٻيجل کي بہ موڪليون هيون. اهڙي ريت ڪجهہ وقت ويھي سڪون جي ساھہ کنيوسين.
هاڻي اتي ويٺي ويٺي ڪافي وقت ٿيو هيو. پوءِ اتان اٿي پرتاب ڏي وياسين. جنھن چيو تہ،”هي ڪرسيون توهان لاءِ ئي تہ بڪ ڪرائي ڇڏيون آهن. اچو ويھو ۽ سمونڊ جو هن ڪناري تان مزو وٺو. اتي بہ واءِ فاءِ نيٽ ڪم ڪري رهي هئي. مون آن لائين لائيو فيس بوڪ هلائي پرتاب، مظفر، سائين مختيار ۽ جنيد جو انٽرويو ڪيو هو. جڏهن يوسف جو وارو آيو تہ نيٽ ورڪ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. سو چوندا آهن تہ جب هماري باري آئي تہ اسٽيشن آ گيا.
پر مون يوسف کي مايوس نہ ڪيو، هن جي وڊيو موبائيل تي رڪارڊ ڪئي هئي. اتي سامھون ڪيئي ماڻھو ڦوڪڻي واري رنگين ڇٽيءَ تي مٿي اڏامي رهيا هيا، ڪي وري سمونڊ ۾ اسڪوٽرن تي تيراڪيون ڪري رهيا هيا. ڪي مڇين جو شڪار انگڙي سان ڪري رهيا هيا. تہ ڪي سمونڊ جي ڪناري ليٽي ماحول جو مزو وٺي رهيا هيا. هتي هڪڙي ڪار ڦڪي رنگ جي بيٺل هئي، هي بہ ڪار جي نموني ۾ ٻيڙي هئي، هن تي بہ چڙهي سمونڊ تي ڊرائيونگ ڪري سگهجي پئي. جنھن آفيس ۾ اسان ويٺا هياسين. اتي بہ ڪيئي وڏا اسڪوٽر، وڏن ڦيٿن سان بيٺل نظر آيا. ڪيئي صاف سٿريون هوٽلون ماڻھن جي اچڻ جي انتظار ۾ هيون. مان مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان تہ هتان جا بيچز صاف، نيري ۽ فيروزي رنگ جي پاڻيءَ جا هيا. جتان سمونڊ جي هر مخلوق صاف نظر پئي آئي. ڪٿي بہ ڪا ڌپ، بدبوءِ محسوس نہ ٿي.

مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک

رولاڪيون ڪندي ڪافي وقت ٿي ويو هو. مافوشي ٻيٽ جي بہ هر گهٽي صاف سٿري ۽ خوبصورت نظر آئي. نہ نالي، نہ نالو، نہ گٽر، نہ بجليءَ جو ٽرانسفارمر، نہ تنبو، نہ تارون، نہ ڪٿي ڪچري جو ڍير، رستي تي گپ، نہ گند. مون کي لڳو تہ هتان جو هر ٻيٽ اهڙي ئي ساڳي طرز تي ٺھيل آهي، جيئن اسان جو گروئيدا ٻيٽ هيو. منصوبي تحت ٺھيل مالديپ جو هر ٻيٽ پنھنجي خوبصورتي ۽ پليننگ جو اعليٰ مثال آهي. ان ڪري ئي هتي سڄي دنيا جا سياح گهمڻ اچن ٿا. جيڪو هڪ دفعو گهمي وڃي ٿو، اهو ٻيھر اچڻ لاءِ بيتاب آهي. ان کان علاوہ اهو ماڻھو ٻين سياحن کي بہ پنھنجي ملڪ وڃي هن خوبصورت ٻيٽ جا قصا ٻڌائي، انھن کي هرکائي ٿو.
مافوشي ٻيٽ کان اڳتي ٻيو”گُلي“Gulhi Island نالي ٻيٽ هيو، يا وري ان کي Gulhi or Gulhi Island بہ چئبو آهي.هي ٻيٽ بہ مالديپ جي Kaafu Atoll ۾ آهي. جتان اسان جو دوست نظير سوڊاني بہ ٿي آيو هو. نظير کان جڏهن گُلي ٻيٽ جو پڇيوسين تہ هن جو چوڻ هيو،“هي سڀ ٻيٽ ساڳي ئي نموني تي ٺھيل آهن. پر مافوشي سڀ کان وڏو ۽ بھترين ٻيٽ آهي. ٻين نمبر تي ”گرائيدو“Guraidhoo ۽ ”گُلي“ ٽين نمبر تي اچي ٿو. سو گلي ٻيٽ جي جوڙ جڪ بہ تقريبن ساڳي آهي. ان ڪري اتي وڃڻ جو خاص فائدو ڪونھي. توهان هتي ڪنھن بہ هڪڙي ٻيٽ تي هڪڙو ڏينھن بہ رهو، توهان ئي ائين لڳندو تہ توهان مالديپ جي ڄڻ تہ سڀني ٻيٽن ۾ رات رهي آيا آهيو. ان ڪري اسان گُلي وڃڻ جو پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيو. ڇو تہ هڪڙي ٻيٽ ۾ اسان رهون پيا، ٻيو گهمي رهيا هياسين. ٻنھين ٻيٽن ۾ ڪو خاص فرق ڪونہ نظر آيو. سو مون کي لڳو تہ هتان جو هر ٻيٽ ساڳي ئي طرز تي ٺھيل آهي. ان ڪري ٻين ٻيٽن تي وڃڻ پئسي ۽ وقت جو زيان نہ ڪجي تہ بھتر.
هاڻي بک لڳي هئي، پرتاب جو موڊ هيو تہ اڄ منجهند جي ماني ۾ هتان جي برياني جو مزو وٺجي. ان لاءِ مافوشي جي مين روڊ تي ڪيئي کاڌي جون هوٽلون هيون. هلندا بہ رهياسين تہ هوٽل بہ جاچيندا رهياسين. رستي تي هڪڙو لاهوري پنجابي ٻاتڙو اسان سان ٽڪرائجي ويو هو. هن پنھنجي هوٽل جو پفليٽ اسان کي ڏنو هو. ماني جي باري ۾ وڏا حوال ڪاٽڻ لڳو. هو چوڻ لڳو تہ ،”اسان وٽ جھڙي لذيذ ماني آهي، اهڙي توهان ڪٿي بہ نہ کاڌي هوندي، توهان هڪ ڀيرو مون کي آزمائي ڏسو“. سو دوستن جو خيال هو تہ ڀلا ايڏي وڏي دعويٰ ڪري ٿو تہ پوءِ هلو تہ هلي ڏسي اچون. جڏهن هن جي هوٽل وٽ پھتاسين تہ هن کان پرتاب پڇڻ لڳو تہ،”توهان جي اسپيشلٽي ڇا ۾ آهي“.
”اسان وٽ سڀ شيون اسپيشل آهن“. هن هٻڪندي جواب ڏنو.
”ڪھڙي ڊش خاص آهي، ان جو نالو ٻڌايو“.
”توهان کي خبر پئجي ويندي، توهان اندر تہ اچو نہ هوٽل ۾“. هن وري بہ ساڳي ڳالھہ ڪئي.
جنھن تي پرتاب چيو تہ،”ڇڏيوس يار، هن کي پاڻ هوٽل جي ماني جي باري ۾ خبر نہ آهي تہ هن وٽ ڪھڙيون شيون آهن. اچو تہ هلون“.
”ڇا ٿيو، ڪاڏي ٿا وڃون“. هن رڙ ڪري چيو.
جنھن تي پرتاب هن کي چيو تہ،”تو کي پاڻ ئي خبر نہ آهي“.
”مان هوٽل ۾ اندر ڪائونٽر تي هوندو آهيان ۽ مان پاڻ هوٽل جو مالڪ آهيان“. هن کلي جواب ڏنو هيو.
”تون مالڪ آهين، صندل تي ويھين ٿو، تو کي اها خبر ناهي تہ تنھنجي هوٽل ۾ ڪھڙو کاڌو آهي، بس تنھنجي مھرباني“. پرتاب هن سان هٿ ملائي موڪلائيندي چيو.
خير پاڻ ان کان ٿورڙو اڳتي هلياسين تہ تمام وڏي سائيز جا رنگين طوطا پنھنجي ٻوليءَ ۾ رڙيون ڪري رهيا هيا. هنن طوطن جي ڪاري رنگ ۽ اڇي رنگ جي چنہب، نيري، ڦڪي، ڳاڙهي ۽ سائي رنگ جا پر هيا. هي خوبصورت طوطا، چيھون ڪري رهيا هيا. اهي هڪ وڏي ڇانو واري وڻ جي هيٺان لوهي جهنگلي سان زنجيرن سان ٻڌل هيا. هنن کي شايد بک لڳي هئي. هنن جي اڳيان ٺڪر جا وڏا پاٽوڙا/پاٽ رکيل هيا، جن ۾ پاڻي پيل هيو. هو اڃارا نہ هيا، پر بکايل هيا. ان ڪري هو اڀ ڏاريندڙ چيھاٽ ڪري رهيا هيا. اسان طوطن کي ڏسڻ لاءِ اتي بيھي رهياسين. جنيد هڪڙي طوطي تي هٿ ڦيرڻ لڳو تہ هن چڪ پائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنيد هٿ پري ڪري ڇڏيو.
ٿوري دير کان پوءِ سامھون هوٽل مان هڪڙي نوجوان ناري نڪتي جنھن جي هٿن ۾ ڊبل روٽي (سلائيس) جا ٽڪڙا هيا. جيڪي هُن هنن طوطن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري کارايا. پر شايد اڃان بہ هنن جي بک ختم نہ ٿي هئي. هو ايندي ويندي ماڻھن کي ڏسي زوردار رڙيون ڪن پيا. هي ڏاڍا خوبصورت طوطا هيا. اسان انھن سان تصويرون ۽ وڊيوز بہ ٺاهيون. اتي هڪڙو مزدور ڊانگري ڊريس ۾ نظر آيو. جنھن جو رنگ نيرو هيو. هو هتي عمارت ۾ ڪم ڪري رهيو هو. هو انڊيا جو هو. شايد هن جي ٻولي تامل هئي، جيڪا يوسف کي ايم فل لاءِ گهربل هئي. جڏهن يوسف هن کان نالو پڇيو تہ هو نالي ٻڌائڻ ۾ گهٻرائڻ لڳو هو. هو سامھون واري وڏي فليٽ ٽائيپ عمارت ۾ رازي جو ڪم ڪري رهيو هو. ان سان گڏ ٻہ ٽي ٻيا مزدور بہ هيا، جيڪي مزدوري جو ڪم ڪن پيا. نيٺ ٿوري دير ۾ اتان نڪري هڪڙي ٻي هوٽل ۾ اچي منجهند جي ماني کائڻ جي موڊ ۾ ويھي رهياسين.

500 روپين جي هڪڙي ماني

هي روڊ سان ئي هوٽل هئي. ان جي ٻاهران ٻہ ٽي نوجوان ڇوڪريون بيٺيون هيون. جيڪي ايندڙ ويندڙ مسافرن کي سڏي رهيون هيون.
”اچو لذيذ ماني کائو“.
”اسان کي خدمت جو موقعو ڏيو“.
”اسان کي هڪ دفعي ضرور آزمايو“.
هن هوٽل جو نالو ”هوٽل انڊين مينو ايوري ڊي “ هيو. جيڪو موڪ ٽيلز هائوس، ريڊ بل روسٽر نمبر 7 تي واقع هئي. اسان وٽ جيڪا ڇوڪري آرڊر وٺڻ لاءِ آئي،
”سر توهان ڇا کائڻ پسند ڪندو“؟.
”سڀ کان اول تہ تون اسان کي پنھنجو نالو ٻڌاءِ ۽ اهو ٻڌاءِ تنھنجو تعلق ڪھڙي ملڪ سان آهي“. مظفر پيار سان هن کان پڇيو.
”منھنجو نالو انيتا آهي ۽ منھنجو تعلق امرتسر انڊيا سان آهي“.
”ڏاڍو سٺو، هاڻي ٻڌائي تہ توهان وٽ ڪھڙي شي تازي ۽ فريش آهي“.
”اسان وٽ هر شي تازي ۽ فريش هوندي آهي، بلڪ اسان جي ڪا بہ شي اڳ ۾ تيار ٿيل يا اسٽور ٿيل نہ هوندي آهي، توهان جي آرڊر کان پوءِ ئي اسان اها تيار ڪنداسين“. ڇوڪري بہ مظفر کي پيار سان سمجهائيندي چيو.
”ڀلا ماني تيار ٿيڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو“. مون هن کان پڇيو.
”گهٽ ۾ گهٽ اڌ منو ڪلاڪ کان مٿي وقت لڳندو“. هن جواب ڏنو.
”اهو تہ تمام گهڻو وقت آهي، اسان کي بک لڳي آهي، توهان جيترو جلدي ٿي سگهي ماني کڻي اچو“. سائين مختيار سمون صاحب هن کي چيو.
”مان ڪوشش ڪنديس تہ جلد کان جلد توهان جي ٽيبل تي ماني لڳرايان“. هن وري بہ کلي جواب ڏنو.
اسان جي اڳيان جيڪو مينو پيل هيو، ان جا ريٽ ڪجهہ هن ريت هيا. هتي هر شي ڊالرن ۾ هئي. هر بوتل 2 ڊالرن جي يعني 556.99 روپين جي. سواءِ ريڊ بل جي جيڪا ٽن ڊالرن جي هئي. آئس ڪريم ميگنم 3.50 ڊالرن جي هئي. جڏهن تہ جوسن جو اگهہ بہ گهڻو مٿي هيو. انب، پپيتو، ايواڪيڊو، اسٽرابيري، چاڪليٽ، اوريو پنج ڊالرن جو هڪڙو گلاس هيو. جڏهن تہ چانھہ سليماني0.50 اڌ ڊالر، کير واري چانھہ هڪڙو ڊالر، ڪاري ڪافي 1.50 ڊالر، انڊين ٽي ٽن ڊالرن جي هئي. فريش جوسز ۾ نارنگي جو جوس ٽي ڊالر، ڇانھين جو جوس ٽي ڊالر، ۽ پائين ايپل ۽ پپيتي جو جوس 4 ڊالرن ۾ هيو. يعني پاڪستاني 1113.99 روپين جو گلاس. جڏهن تہ اسان وٽ سٺي ۾ سٺو گلاس بہ 200 يا 300 چار سو روپين جو آهي. هاڻي اچون ٿا هن هوٽل جي ماني تي.
ٽي چپاتيون: 5 ڊالر يعني 1392.48 تہ ٽي مانيون ٿيون ۽ في ماني تقريبن پنج سو روپين جي ٿي. جڏهن تہ اسان وٽ چپاتي 20 روپين جي آهي وڌ کان وڌ. پر اسان جي چپاتي پوءِ بہ هتان جي چپاتي کان سو ڀيرا بھتر آهي. ڇو تہ هتان جي چپاتي، ايڏي سنھڙي، ڦلڪڙي، هلڪڙي جو وڃي ٻہ گرھہ مس ٿئي. هاڻي توهان حساب ڪيو تہ هتي کائڻ پيئڻ ڪيترو مھانگو آهي. اهڙي ريت ٽي اڦراٽا 6 ڊالر، ٽي پوريون ۽ ڇولن جي پيلٽ 6 ڊالر، آلو سبزي ڇھہ ڊالر، گوبي 6 ڊالر، فراءِ ٿيل دال سڳوري 6 ڊالر، دال تڙڪا 6 ڊالر، دال پالڪ 6 ڊالر، آلو مٽر ست ڊالر، بٽر پلاءُ ڇھہ ڊالر، ٽماٽو رائيس 6 ڊالر، چڪن برگر 8 ڊالر، ايگ (انڊي وارو) سينڊوچ ڇھہ ڊالر، چڪن سينڊوچ اٺ ڊالر، مڇي جو ٻوڙ (فش ڪري) ست ڊالر، فش فراءِ ست ڊالر، گرلڊ فش 7 ڊالر، ڇولا مصالحي وارا 7 ڊالر، حيدرآبادي چڪن برياني 9 ڊالر.
ان کان علاوہ ايشين اسپيشل ۾ وري ناسي پتايا 9 ڊالر، سنگاپور نوڊلز 8 ڊالر. چانورن ۾ وري ويجيٽيبل فرائيڊ رائيس 5 ڊالر، ايگ فرائيِڊ رائيس 5 ڊالر. سووين ۾: ويجيٽيبل فرائيڊ نوڊلز 5 ڊالر، فرينچ فرائيز 5 ڊالر، گارلڪ بريڊ 4 ڊالر. سوپ ۾ وري ويجيٽيبل سوپ چار ڊالر، چڪن سوويٽ ڪارن سوپ 5 ڊالر، چڪن سوپ چار ڊالر، فش ۽ چپس 7 ڊالر، سلاد: گرين سلاد 5 ڊالر، ايگ سلاد 6 ڊالر، مڪس سلاد 7 ڊالر. جڏهن بيف پزا 9 ڊالر ۽ ويجيٽيبل پزا 8 ڊالرن جو هيو.
اسان جي منجهند جي ماني جو بل 700 روفيا آيو جيڪو پاڪستان حساب سان 12600 ٿيو. ڇھن ڄڻن جي ماني جو ايترو بل مان سمجهان ٿو تہ ٿورو گهڻو ٿي ويو هو. هتي پاڻيءَ جي ننڍي بوتل هڪ ڊالر يعني پاڪستان 278.50 روپين جي پئي. جيڪا اسان وٽ پاڪستان ۾ 50 روپين جي آهي. جڏهن تہ وڏي بوتل هتي ٻن ڊالرن جي ملي ٿي جيڪي پاڪستاني حساب سان 557 روپيا ٿين ٿا، جيڪا تمام گهڻي مھانگي آهي. ڇو تہ اها وڏي بوتل اسان وٽ 100 روپين جي آهي. پر هاڻي اها بہ مھانگي ٿي ويئي آهي.
سو کاڌي پيتي جي حساب سان مالديپ تمام گهڻو مھانگو آهي. جڏهن تہ اندر گهٽين ۾ جيڪي دڪان هيا، انھن وٽ پاڻي جي بوتل 5 روفين جي هئي يعني پاڪستاني 91 روپين جي پئي پوي. هتي ڪيمل سگريٽ 7 روپين جو ملي پئي جيڪو پاڪستاني 127 روپين جو هڪڙو سگريٽ ٿيو.

ٻيڙي هڪ منٽ جي بہ تاخير نہ ڪئي

ماني کائي اتي هوٽل ۾ باقي ڏينھن جو پلئن ڪيوسين تہ اڳتي ڇا ڪجي ۽ ڪٿي ڪٿي هلجي. دوستن جو خيال هيو تہ هڪڙو ڏينھن مالي ۾ ۽ هڪڙو ڏينھن هڙو مالي ۾ رهجي. ڇو تہ مالديپ ۾ اچي مالديب جي زميني زندگي جي باري ۾ معلومات نہ حاصل ڪري سگهون تہ بيڪار آهي. سو مافوشي کان واپسي مھل اڌ ڪلاڪ کن اڳ ۾ اچي فيري جي اسٽاپ تي ويھي رهياسين. بلڪل پوري وقت يعني 4:45 منٽن تي فيري اچي ڪناري سان لڳي. ماڻھو لھڻ لڳا هيا، جيڪي مالي ۽ گلي کان آيل هيا. جيڪي اڃان بہ فيري ۾ ويٺل هيا، انھن جي اڳين منزل اسان واري ساڳي گرائيدو ٻيٽ هئي. ماڻھو لاهڻ کان پوءِ فيري هڪڙو منٽ بہ نہ بيٺي تہ ڪو مسافر اچي. ڪا لالچ، ڪا لوڀ. ڪجهہ بہ نہ. بس واپس. گرائيدو ٻيٽ تائين پھچندي اسان کي ڪلاڪ کن لڳي ويو هو. انھن ٻيٽن ۾ هتي ڪي اهڙا بہ ٻيٽ آهن جتي رهائش نہ هوندي آهي پر اتي فقط پوک ٿيندي آهي، جنھن ۾ سبزي وغيرہ ۽ فروٽ پوکيو ويندو آهي. 200 ٻيٽن تي ماڻھن جي آبادي آهي.
نظير سان گڏ ايندي ويندي ويجهڙائي ٿي وئي هئي. واپسي ۾ اسان ۽ نظير جي فيملي بہ ان ساڳي ئي فيري تي اسان سان گڏ گُرائيدو ٻيٽ موٽي اچي رهيا هيا. رستي ۾ ڪچھري ڪندي مون ڊاڪٽر نظير کي چيو تہ،”توهان رات جي ماني اسان سان کائو، توهان کي اسان سڀني دوستن پاران دل سان دعوت آهي“.
هو انڪار نہ ڪري سگهيو هو. هن چيوتہ،”پاڻ پوءِ سومھڻي واري نماز بہ هتان جي مسجد ۾ گڏ باجماعت پڙهنداسين، ان کان پوءِ گڏ هلي ماني کائينداسين“.
هن جيان مان بہ انڪار نہ ڪري سگهيو هئس. هن کي پنھنجي رهائش واري هوٽل اٿينس وويو جي باري ۾ ٻڌايو هو. پاڻ شام ڌاري گرائيدو ٻيٽ تي پھچي چڪا هياسين. پنڌ ڪندا ڪچھري ڪندا پنھنجي هوٽل تي پھچي ويا هياسين. رستي ۾ نظير مسجد بہ ڏيکاري هئي تہ پنھنجو هوٽل پڻ. نظير کان موڪلائي پاڻ هوٽل تي آياسين. هوٽل تي پھچي پاڻ فريش ٿي ويھي رهياسين. مون مختيار صاحب کي نظير جو ٻڌايو تہ رات جي مانيءَ تي نظير کي مدعو ڪيو آهي، اسان کي سومھڻي واري نماز هن سان مسجد ۾ پڙهڻي پوندي. ان ڪري هو اسان کي ٿوري دير ۾ وٺڻ ايندو”. مختيار صاحب پنھنجي خوشيءَ جو اظھار ڪندي چيو هو تہ،”مان بہ توهان سان نماز پڙهڻ گڏ هلندس ۽ اسان سان گڏ جنيد ۽ عجب يوسف بہ هلندا، مان هنن کي چئي ٿو اچان“. ڀلا ان کان وڌ ڀلي ڳالھہ ٻي اسان لاءِ ڪھڙي ٿي پئي سگهي.
ٿوري ديرکان پوءِ دروازو کڙڪيو. دروازو جيئن ئي کوليو تہ،”سامھون ڊاڪٽر نظير بيٺو هيو. هن کي ڀليڪار ڪندي اندر اچڻ جو چيوسين. هو سڀني سان پيار ۽ پاٻوھہ سان مليو. بغير ڪنھن فارملٽي جي هو وچ واري خالي بيڊ تي ليٽي پيو. هن کي تڪڙ تڪڙ ۾ ڪافي جي آفر ڪئيسين پر هن چيو تہ،”نماز جو وقت ٿيڻ وارو آهي، اسان کي هلڻ گهرجي“.
مون پنھنجا ٽي ڪتاب، ٽيئي سفرناما، ”دادوءَ کان دبئي“، ”انڊونيشيا جو عشق“ ۽ ”ملائيشيا جون محبتون“ هن کي تحفي طور ڏنا. هن ڪتاب وٺي هڪ هڪ ڪتاب کولي ڏٺو. ٿورائتو ٿيندي چوڻ لڳو تہ،”توهان جي مھربانيون، لک ٿورا“.
”نہ نہ ڪاڳالھہ ناهي، اهو اسان جو فرض آهي تہ اسان هڪٻئي جي عزت ڪريون ۽ هڪٻئي کي تحفن سان نوازيون“. مون هن کي چيو.
هن کي ڪتابن جي تحفن ڏاڍو مزو ڏنو. هو خوشيءَ ۾ نہ پيو ماپي. هن شڪريو ادا ڪري ڪتابن کي غور سان ڏسندو رهيو. جيتوڻيڪ هو سنڌي ٻولي کان آشنا نہ هيو، پر پوءِ بہ ڪتابن سان هن جو تعلق ضرور هيو.

پيش امام کي اجرڪ جو تحفو

ٿوري ڪچھري کان پوءِ هن چيو تہ،”نماز جو وقت ٿي ويوآهي اچو تہ هلون“.
هوٽل جي ڪمري کان نڪرندي، مون سان گڏ مختيار صاحب، يوسف ۽ جنيد بہ گڏ هيا. جنھن مھل پاڻ مسجد پھتاسين تہ فرض نماز ٿي رهي هئي. امام صاحب پھرئين رڪعت ۾ قيام ۾ بيٺو هيو. ٻاهران ئي لائوڊ اسپيڪر تي فرض نماز جي قرعت جو آواز ڪنين پئجي چڪو هيو. ان ڪري تڪڙي تڪڙي وکون کڻڻ لڳاسين. منھنجو تہ وضو هوٽل کان ئي ٿيل هيو، ان ڪري مان ۽ ٻيا دوست سڌو جماعت سان وڃي شامل ٿياسين. جڏهن تہ نظير وضو ڪرڻ لاءِ وضو خاني جو رخ ڪيو.
فرض نماز پيش امام پرسڪون نموني سان پڙهائي. هن جي نماز پڙهائڻ جو انداز مون کي ڏاڍو وڻيو. سچ تہ ڏاڍو دلي سڪون اچي ويو هو. روح کي راحت اچي ويو هو. هن نماز پڙهائڻ ۾ ڪنھن بہ قسم جي ڪا تڪڙ نہ ڪئي هئي. نہ ئي وري هن کي ڪا جلدي هئي. هو جڏهن رڪوع ۾ وڃي پيو تہ رڪوع جو حق ادا ڪري پيو ۽ جڏهن وري سجدي ۾ وڃي پيو تہ سجدي جي روح ۾ هليو وڃي پي. سو هتي حقيقي قلب کي سڪون نصيب ٿيو هو. فرض نماز کان پوءِ اسان انتظار ۾ هياسين تہ پيش امام صاحب ڪيڏي مھل ٿو دعا گهري. پر هن دعا نہ گهري. نفل ۽ سنتون پڙهي، هو روانو ٿيڻ لڳو تہ هن کي ڊاڪٽر نظير روڪيندي چيو تہ،”سائين! سنڌ کان مھمان آيل آهن. توهان لاءِ اجرڪ جو تحفو کڻي آيا آهن. توهان سان ملڻ جي خواهش رکن ٿا. ان ڪري مھرباني ڪري توهان ٿورو ترسو تہ نماز پڙهي وٺن“.
مون نماز ختم ڪئي تہ جنيد، يوسف ۽ مختيار صاحب بہ تيار ويٺا هيا. اهي بہ گڏ ٿي ويا. پيش امام نالي حافظ محمد حسين سان ملياسين. هو نھايتي ئي خوش اخلاقي سان مليو. هن کي جڏهن اجرڪ جو تحفو ڏنوسين تہ هو ڏاڍو خوش ٿيو. هن کي اجرڪ جو تحفو گهڻو سھڻو لڳو هو. هن اجرڪ جي گهڻي تعريف ڪئي هئي. هن اجرڪ کي اکين تي رکي چميو هو. ان کان پوءِ هن اسان جو شڪريو ادا ڪيو. اسان بہ هن جي فرض نماز پڙهائڻ واري طريقيقار کي ساراهيو. هو ڏاڍو خوش ٿيو هو. هن کان موڪلائي، ڪچھري ڪندا ٻاهر نڪري آياسين. مسجد جي گيٽ تي جوتن جا ڍير لڳل هيا، ڪنھن بہ جماعتي پنھنجي جتي کڻي ڪنھن ڪنڊ تي نہ لڪائي هئي ۽ نہ ئي وري پنھنجي اڳيان رکي هئي. هتي مون کي لڳو تہ جماعتين کي جتين جي ڳڻتي نہ هئي، بلڪ پنھنجي رب جي سامھون ائين بيٺا هيا، جيئن نماز ۾ بيھڻ جو حق هيو.

ڊاڪٽر نظير جو تحفو : سعودي جي ڪافي

مسجد کان ٻاهر ايندي ڪچھري ڪندا آياسين. نظير چوڻ لڳو تہ،”مون کي گهر ۾ ٿورو ڪم آهي، جيڪڏهن اجازت هجي تہ مان گهران ٿي اچان. پاڻ ان کان پوءِ گڏ هلي ماني کائون ٿا“.
سو هن کي پنھنجي هُوٽل واري گهٽي تي ڇڏي، اسان پنھنجي هُوٽل واري گهٽي ڏي لڙي پياسين. اسان پنھنجي هوٽل جي لابي ۾ ئي موجود هياسين تہ هو اچي ويو هو. هن جي هٿ ۾ ڪاري رنگ جي شاپر هئي. اها شاپر منھنجي حوالي ڪندي هو چوڻ لڳو،”هي توهان لاءِ منھنجي طرفان گفٽ آهي. سعودي عرب جي هي تمام بھترين ڪافي آهي، جيڪا مان توهان لاءِ تحفو طور کڻي آيو آهيان. مون هوٽل جي بيري حڪيم کي سڏ ڪندي چيو تہ،”حڪيم! ٿورو هيڏي تہ اچ“.
هن کي ڪافي وارو شاپر ڏيندي چيو تہ،”هي ڪافي ڪائونٽر تي رکي ڇڏ، اسان ماني کائي موٽي اچون ٿا. مان واپسي ۾ تو کان اها وٺندس“.
هن مون کان اها شاپر وٺي ڪائونٽر تي ئي مٿان، ڪنڊ ۾ رکي ڇڏي. اسان جا جوتا سڀ ٻاهر پيا هيا. هاڻي پرتاب ۽ مظفر بہ هيٺ لھي آيا هيا. اسان هوٽل کان ٻاهر نڪتاسين. هوٽل جي سامھون ئي هڪڙو ننڍڙو جنرل اسٽور آهي. نظير سوڊاني چوڻ لڳو تہ،”مان هتان ئي گهر جو سامان وٺندو آهيان“.
”منھنجا دوست بہ هتان ئي کير وغيرہ گهرائيندا آهن. هن جا اگهہ مناسب آهن“. مون هن کي جواب ڏنو.

ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني

ان کان پوٰءِ اسان هوٽل تي وياسين. اسان جي هوٽل واري گهٽيءَ کان ئي سامھون پڇاڙي تي، ٻيٽ جي ڪناري وٽ ئي هڪڙي هوٽل هئي، جنھن جون لائيٽون ٻري رهيون هيون. اسان ان هوٽل تي آياسين. کليل ميدان تي مختلف جاين تي ڪرسيون ۽ ٽيبلون لڳل هيون. انھن ئي خالي پيل ڪرسين تي اسان ويھي رهياسين. انھن جي ٽيبل تي بوفي وارا ڍاڪون بند ٿيل پيا هيا.ٿوري دير کان پوءِ هوٽل جو بيرو آيو. جنھن سلام ڪيو. ان کان پوءِ هن پڇيو تہ،”ڇا توهان سان گڏ ٻيا مھمان بہ آهن يا توهان جي مھمانن جي ڪا پارٽي آهي. يا توهان اڳ ۾ رات جي ماني جو آرڊر بوڪ ڪرايو آهي“.
جنھن تي مختيار صاحب ان بيري کي چيو تہ،”نہ اسان جي ڪا بہ بوڪنگ ٿيل نہ آهي ۽ نہ ئي اسان جا ڪي مھمان ايندا. اسان هي جيڪي تنھنجي سامھون ست ڄڻا ويٺا آهيون. اهي ئي ماني کائڻ آيا آهيون“.
هن انتھائي معذرت سان چيو تہ، ”سر! معاف ڪجو هي ٽيبلون ۽ ڪرسيون اڳ ۾ ئي بوڪ ٿيل آهن“. اسان هن کان معذرت ڪندي ٻي ٽيبل تي وڃي ويھي رهياسين. اسان ان هوٽل جي بيري کي چيو تہ،” ٻي ٽي ٽيبلون ملائي گڏ ڪري ڏيئي، اسان گڏ ويھنداسين ۽ ماني کائينداسين“.
هن اسان لاءِ ٽي ٽيبلون گڏ ڪري ڪرسيون سيٽ ڪري ڏنيون. هن کي اسان مختلف آئٽمن جو آرڊر ڏنو، جنھن ۾ ماني، ٻوڙ، چانور، سلاد ۽ ٻيو ڪجهہ هيو. بيري چيو تہ،”سائين! گهٽ ۾ گهٽ آرڊر تيار ٿيڻ ۾ اڌ يا منو ڪلاڪ کن لڳندو“.
ان تي پرتاب هن کي چيو تہ،” ٺيڪ آهي، ڪاڳالھہ نہ آهي. تيسيتائين اسان پاڻ ۾ ڪچھري ٿا ڪيون“.
پر پنجن منٽن گذرڻ کان پوءِ اهو ساڳيو بيرو موٽي آيو ۽ پرتاب سان مخاطب ٿيندي چوڻ لڳو تہ،”سائين! معاف ڪجو بوفي وارن جو اڳ ۾ ئي گهڻو آرڊر ڏنل آهي. بورچي انھن جي رڌ پچاءُ ۾ مصروف آهن. توهان جي ماني ۾ ڪلاڪ کن کان بہ مٿي وقت لڳندو“.
ڪلاڪ کان مٿي انتظار ڪرڻ، انتھائي ڏکيو ڪم هيو. پرتاب بيري کي چيو تہ،” نہ ڪلاڪ وڏو آهي. اسان ٻي هوٽل ڏسون ٿا“.
”توهان جي مرضي سائين، جيئن توهان کي بھتر لڳي“. هن هٿ ٻڌي عرض ڪيو.
اسان اتان اٿي اڳتي هلڻ لڳاسين، سامھون ئي اها راتوڪي هوٽل نظر آئي، ان هوٽل ۾ هليا آياسين. اتي ئي ويھي رهياسين. ماني جو آرڊر ڏيڻ لاءِ ڊاڪٽر نظير کي چيوسين تہ،”توهان جي جيڪا پسنديدہ ڊش هجي توهان هن کي اهو چئو“.
هن چيو تہ،”توهان جيڪو گهرائيندو مان کائي ويندس“.
نيٺ اهو بار بہ پرتاب ۽ سائين مختيار تي رکيوسين. جن ماني جو آرڊر ڏنو. هاڻي اسان نظير سوڊاني سان ڪچھري ڪري رهيا آهيون. نظير جي انگريزي سٺي آهي، ان ڪري هن جي گفتگو ۽ هن جو موقف بہ سمجهہ ۾ اچي ٿو. هن سياست، ادب، تاريخ تي پئي ڳالھايو. هو جنرل ناليج ۽ ڪرنٽ افيئر ۾ ڪافي ڀڙ پئي لڳو.
هن سعودي عرب جي موجود صورتحال تي پڻ سير آميز گفتگو ڪئي. هن گرين ۽ ريڊ پاليسي جي باري ۾ پڻ ٻڌايو. هن ٻڌايو تہ عربن هڪڙي نئين پاليسي آندي آهي، جيڪا ٻاهرين ماڻھن لاءِ موت کان گهٽ نہ آهي. سو ان پاليسي کي سمجهائيندي ٻڌائڻ لڳو تہ،” جنھن بہ ڪمپني ۾ عربن کان سواءِ ڌاريو ماڻھو ڪم ڪري ٿو تہ ان ڪمپني جي هيڊ جي لاءِ مصيبت جو ريڊ سنگل آن ٿي ويو آهي. ان ڪري اتي ڳاڙهي بتي جو اشارو آهي تہ جيترو جلدي ٿي سگهي ڌارين کان جان ڇڏائي. انھن کي پنھنجي ڪمپني مان ڪڍي. سو جڏهن ڪمپني صفا ڌارين جو صفايو ڪري ڇڏيندي تہ ان ڪمپني کي گرين سگنل ڏنو ويندو. مطلب تہ هن ڪمپني ۾ ڪو بہ ڌاريو ڪم نہ ٿو ڪري. جيڪڏهن ڪمپني جو هيڊ اهو ڪم نہ ڪري سگهيو تہ پوءِ ان جي ڇٽي ڪئي ويندي“.
هن وڌيڪ ٻڌايو تہ موجود بادشاھہ لبرل ۽ عورتن جي آزادي جو قائل آهي. هاڻي عورتون ڊرائيونگ ڪري سگهن ٿيون، اسڪولن، ڪاليجن يونيورسٽين ۾ پڙهي سگهن ٿيون، مردن سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي ڪم ڪن ٿيون ۽ هتان جي هر شعبي ۾ عورتون نظر اچن ٿيون. جيڪا سٺي ڳالھہ آهي“.
هن ٻڌايو تہ،”هر فيلڊ ۾ عورت کي اڳيان آندو ويو آهي. هتي سينيماگهر، ڪلب، ڊانس ڪلبون، نائٽ ڪلب، بار وغيرہ کلي ويا آهن. هر قسم جي آزادي ڏني ويئي آهي تہ جيئن ٻاهريون سياح گهڻو اچي ۽ هنن جي سياحت واري شعبي ۾ ناڻي جو اضافو ٿي سگهي.

سعودي جو نيوم شھر: دبئي کي بہ ماري ويندو

هن ڏاڍي سٺي ڳالھہ ٻڌائي تہ سعودي هاڻي دبئي کي ڪٽڻ لاءِ نئين شھر جو بنياد وڌو آهي. ڇو تہ سعودي ۾ تيل جا ذخيرا ايندڙ سالن ۾ ختم ٿي ويندا. پوءِ هن جي معيشيت ويھي ويندي. ان ڪري عربن هڪڙي نئين شھر Neom نيوم جو قيام وڌو آهي. جنھن جو اصل نالو The Line City آهي. هي شھر هڪڙي ئي سڌي پٽي ۾ هوندو. جنھن کي ڪنھن بہ ٻي پاسي نہ وڌايو ويندو. هي شھر طبوق صوبي ۾ ٺاهيو پيو وڃي. هي شھر ٽن ليولن ۾ ٺھندو. پھرئين ليول ۾ نہ ڪو روڊ هوندو، نہ ئي وري ڪا ڪار. ان کان علاوہ ان حصي ۾ ڪا بہ ٽرانسپورٽ وغيرہ بہ نہ هوندي. هتي فقط پنڌ هلڻ وارا ماڻھو ئي هوندا. هتي هرقسم جا ٻوٽا، وڻ ٽڻ، گل، گاھہ مطلب تہ هن حصي کي هر لحاظ سان فطري طرح، سرسبز ڪري، قدرتي سونھن سان ڀريو ويندو. هي خاص ڪري رهائشي علائقو هوندو.
جڏهن تہ هن جو ٻيو حصو مڪمل طور تي ڪاروباري هوندو. جتي شاپنگ مال، آفيسون، دڪان، مارڪيٽون، هر قسم جا ڪاروباري مرڪز هوندا. هن حصي ۾ توهان کي روڊ بہ ملندا تہ رستا، پيچرا، گهٽيون بہ ملنديون. هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ ڏي وڃڻ لاءِ توهان هر سواري استعمال ڪري سگهو ٿا. ان کان علواه هن شھر جو ٽيون مرحلو اسپائين ليول آهي. جيڪو ڪرنگهي جي حيثيت جيتري اهميت رکي ٿو. هتي تيز رفتار ريل گاڏيون هلايون وينديون.
هي ريل گاڏيون ايتريون تيز رفتار هلنديون جو اهي 172 ڪلو ميٽرن جو مفاصلو فقط 20 منٽن ۾ طئي ڪري ڇڏينديون. هن شھر جو سڄو نظام سولر تي هوندو. هتي ڪو بہ تيل استعمال نہ ڪيو ويندو. هن شھر جو هڪ حصو گلف آف عقابا کي لڳندو جڏهن تہ ٻيو پاسو ريڊ سي کي لڳندو. نيوم سٽي جو ساحلي علائقو مصر جي مشھور شھر شرمل شيخ کي لڳندو جيڪو هتان کان پنج ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي هوندو. جيڪو دنيا جي وڏي ٽوئرازم ڊيسٽينيش مان هڪ آهي. انھن ٻنھي شھرن جي وچ ۾ هڪڙي پل تيار ڪرڻ تي بہ غور ڪيو وڃي پيو. هي شھر 172 ڪلو ميٽر ريل جي پٽڙي جيان سڌو آهي، سو هي شھر 2030 کان اڳ ۾ تيار ٿي ويندو. جنھن ۾ ڪو بہ روڊ نہ هوندو، ڪا بہ گاڏي هلندي.
هي خيال بادشاھہ عبدﷲ ۽ محمد بن سليمان جو آهي. اهو سچ آهي تہ سعودي عرب جي شاهي خاندان وٽ جيتري دولت آهي ايتري ڪنھن وٽ بہ نہ آهي. هنن وٽ جيڪا دولت آهي، اها نہ ملين ۾ آهي ۽ نہ ئي وري بلين ۾ آهي، بلڪ انھن وٽ جيڪا دولت آهي اها ٽرلين ۾ آهي. جيڪڏهن دنيا جي 17 امير ترين ماڻھن جي دولت هڪڙي جاءِ تي گڏ ڪئي وڃي تہ بہ اها هن شاهي خاندان جي دولت جي اڳيان ڪجهہ بہ نہ آهي.
هنن وٽ جيڪا دولت آئي آهي ان جو ڪارڻ بس تيل ئي آهي. تيل جي ڪري ئي هي ايڏا امير ٿي ويا آهن. 1938ع ۾ سعودي عرب ۾ تيل جي دريافت ٿي هئي. ان کان پوءِ عربن جي حالت رات و رات مٽجي ويئي هئي. نہ ڪو بدو رهيو هو ۽ نہ ئي وري ڪو ڄٽ. تيل کان اڳ ۾ هنن وٽ پئسو فقط مذهبي سياحت جي ڪري ايندو هيو.
حج، عمرا، زيارتون وغيرہ ڪرڻ لاءِ دنيا جا مسلمان خرچ ڪري هتي ايندا هيا ۽ ايندا آهن. مستقبل جي ڪا بہ خبر نہ آهي تہ ڇا ٿئي. جيئن ڪووڊ ۾ حج عمرا بند ٿي ويا هيا. هتان جو سڄو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو هو. پر پوءِ ان تي تيل حاوي ٿي ويو. ڇو تہ سعودي دنيا جو ٻيون نمبر تيل پيدا ڪندڙ ملڪ آهي. هررزو هي ملڪ هڪ ڪروڙ بيرل تيل ڪڍندو آهي ۽ اهو تيل هو دنيا جي 85 ملڪن کي کپائيندو آهي. پر عربن تي اها خبر وڄ جيان ڪري تہ سال 2092ع تائين هنن جا اهي تيلي ذخيرا ختم ٿي ويندا. يعني مرغي سونا آنا ڏيڻ ڇڏي ڏيندي ۽ ڪمائي بند ٿي ويندي. پسئو اچڻ رڪجي ويندو. پوءِ ڇا ٿيندو. ان ڪري شھزادو محمد بن سليمان ويسٽرن ٽوئرازم جو ڌيان هيڏي ڇڪرائڻ لاءِ هن نيوم شھر جو تعمير ڪري رهيو آهي. جنھن جي لاڳت 500 بلين يو ايس ڊالر ايندي.
هي شھر ماڊرن ٽيڪنالاجي، جديد سھولتن ۽ ٻين ڪيترن ئي معيارن جي آڌار تي دبئي کي بہ پوئتي ڇڏي ويندو. هي شھر سعودي جي معيشيت کي ڪنھن نئين رخ ڏانھن وٺي ويندو. هن شھر جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ دنيا جي سياحن جو رخ دبئي ڏي نہ پر هن ملڪ ڏي هوندو.
مون محسوس ڪيو تہ ڊاڪٽر نظير جي ان گفتگو مان ڪي دوست بوريت محسوس ڪري رهيا هيا، پر ڪن دوستن جو سڄو ڌيان هن ڏانھن هيو. اسان جي پٺيان وڏي اسڪرين تي انڊين فلم هلي رهي هئي. گهڻن دوستن جو خيال ان انڊين فلم ڏانھن هيو.
ان کان پوءِ ڪافي دير تائين ڪچھري ڪري، واپسي ۾ پنڌ ڪندا هوٽل تي آياسين. اسان جي هوٽل جي سامھون جنرل اسٽور تي اچي بيھي رهياسين. نظير ٻڌايو تہ،”هي ڏاڍو سٺو اسٽور آهي. هن وٽ معياري شيون آهن. پر هي اسٽور رات جو نائين وڳي بند ٿي ويندو آهي. مون کي هتان ئي گهر وارن لاءِ پاڻي وٺڻو آهي، مون اجازت ڏيو تہ مان پاڻي جي بوتل وٺي اچان“.
”جي جي ضرور توهان وڃو وٺي اچو“. مختيار صاحب هن کي چيو.
سو اتي ئي اسٽور جي سامھون بيھي رهياسين. اتي ئي ڪجهہ يادگار تصويرون ڪڍرايونسين. اسٽور کليل هو. نظير اندران پاڻي وٺي آيو. اسٽور تي ڪم ڪندڙ ڇوڪرو انڊيا جي ڪرڪيٽ ٽيم کان گهڻو متاثر هيو. هن کي جڏهن ٻڌايوسين تہ اسان پاڪستان جا آهيون. هو اسان جي روين مان ڏاڍو متاثر ٿيو. اسان چيوسين تہ اسان ڪرڪيٽ جي دنيا جا ماڻھو تہ نہ آهيون، جو اسان ان بنياد تي ماڻھن سان نفرت ڪيون. اسان کي دنيا جي سڀني انسانن سان انسانيت جي حد تائين پيار آهي. سو نظير پاڻي جي بوتل اندران وٺي آيو هو ۽ هو ڏاڍو خوش ٿيو. نظير جي سڀاڻي فلائيٽ هئي. هن جي سعودي واپسي هئي. هن کي هوٽل تي مان، سائين مختيار ۽ جنيد ڇڏي آياسين. هو اسان سڀني کان متاثر ٿيو هو. اسان جي مثبت روين هن جي دل ۾ پاڪستانين خاص ڪري سنڌين جي لاءِ جاءِ ٺاهي ڇڏي هئي. هن ڀاڪر پائي موڪلايو. هن پنھنجو واٽس اپ نمبر ڏيئي ڇڏيو هو. جنھن جي ذريعي هڪ ٻئي سان رابطو ڪري سگهجي پيو. هو ڪڏهن ڪڏهن رابطو ڪري وٺندو آهي.

پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو

15.07.2024جي صبح جي ويل آهي. پکين جو آواز ڪنن تي پيو آهي. ٻيٽ جي خاموشي جو بہ پنھنجو مزو آهي. مون هن کان اڳ ۾ ڪنھن بہ ٻيٽ تي رات نہ گذاري هئي. جيئن ئي گيلري واري دري کولي تہ مھڪندڙ مٽي ۽ واري جي خوشبو منھنجي ساهن کي محسوس ٿي. ائين لڳو تہ رات برسات ٿي هجي. هتي مون کي لڳو تہ برسات جي بوندن بہ شور نہ ڪيو هو. بوندن مان پيدا ٿيندڙ رڌم تي مون کي ويتر گهري ننڊ آئي هئي. رات نہ بادلن جو گجگوڙ ڪنين پيو هو ۽ نہ ئي وري انھن اسان جي ننڊ ۾ خلل وڌي هئي. ان کان پوءِ وهنجي سھنجي صبح جو تيار ٿي، هي چنڊ سٽون لکڻ شروع ڪيون اٿم. مون جاڳڻ کان پوءِ يا وري ائين چئجي تہ منھنجي حرڪتن ۽ چرپر جي ڪري مختيار صاحب جي ننڊ ۾ خلل پئجي ويو هو. پر مون مختيار صاحب کي سوير جاڳندي ڏٺو آهي. هو بہ تيار ٿي رهيو آهي، انھي دوران پرتاب جي اک کُلي ويئي هئي ۽ هو بيڊ تي ليٽيل رهيو هو ۽ پرتاب شاعري جي ترنم سان مالديپ ۾ مانڊاڻ مچائي رهيو آهي.
پيلا گل پلاند ۾، وينگس ڳاڙهو ويس،
اسان لاءِ پرديس رسڻ آهي پرين جو.
مون چيو،پرتاب! خير تہ آهي، صبح سان پرديس ۽ پرين جو ڳالھيون پيو ڪرين“.
چيائين،”بس يار ڪنھن شوخ حسينا جي ياد اچي ويئي، ان ڪري مٿيون شعر پڙهيم“.
پرتاب جي اها خوبي ڏاڍي وڻي تہ هو صبح جو سوير اٿڻ مھل، ڪڏهن اياز تہ ڪڏهن لطيف، ڪڏهن ڪبير تہ، ڪڏهن گلزار پئي ٻڌايو. يا وري ڪڏهن ادبي ڪچھري ڪري، اسان کي صبح سان ئي تازو توانو ڪري ٿي ڇڏيو. ان کان علاوہ جڏهن هو موج مستي ۾ هوندو آهي تہ سنڌ جي نالي وارن ليکڪن، شاعرن، اديبن ۽ ڏاهن جي ساروڻين جا ساز کڻي ڇيڙيندو هيو. اوڏي مھل هن گلزار جو هي شعر ٻڌايو تہ:
دن کچھھ ایسےگزارتاہےکوئی،
جیسےاحسان اتارتاہےکوئی۔
تیری یاد یوں سنبھالتاہوں،
جیسےزیورسنبھالتاہےکوئی۔
جنيد رات جو ئي چيو هو تہ هو صبوح جو سوير اسان کي اچي اسان جي ڪمري ۾ اٿاريندو. پر ان کان اڳ ۾ جو هو اسان کي اٿاري، مان اٿي تيار ٿي ويھي رهيس. هنن کي اٿارڻ لاءِ هن جي روم جو دروازو کڙڪايو. ٻہ ٽي دفعا دروازو کڙڪايو پر اندران ڪو بہ آواز ٻڌڻ ۾ نہ آيو. جنھن تي مون کي لڳو تہ هي دوست اڃان ننڊ مان نہ اٿيا آهن. هي دوست اڃان تائين سڀ ستا پيا هيا.مان بہ اتي ئي دروازي تي بيٺو هيس. دروازو اندران بند هو. آخري دفعو اهو سوچي دروازي کي کڙڪايم تہ جيڪڏهن هن مھل بہ نہ اٿيا تہ پوءِ مان موٽي ويندس.
جنيد ٿوري دير کان پوءِ اکيون مھٽيندي دروازو کوليو. هن جي هٿن ۾ چارجر هيو. هن مون کي چارجر ڏيندي چيو تہ،”اچي هي وٺو چارجز“.
مان حيران ٿي ويس تہ هي ڇا پيو ڪري. سو مون هن کي چارجر موٽائي هٿ ۾ ڏنو ۽ چيو تہ،“ادا! مان چارجر وٺڻ نہ آيو آهيان ۽ نہ ئي هي منھنجو چارجر آهي. خبر ناهي تو ڪنھن کان چارجر ورتو آ ۽ خبر ناهي هي ڪنھن جو چارجر آ”.
”اڙي ها يار! معاف ڪجو“. جنيد اکيون مھٽيندي چيو.
”ادا! رات تو تہ چيو هو تہ تون پاڻ اسان کي اٿارڻ ايندي“. مون هن کي يادگيري ڏياريندي چيو.
”ها يار ننڊ اچي ويئي بس پنج منٽ ڏيو، پنجن منٽن ۾ تيار ٿي هيٺ لھون ٿا“. هن مرڪ چپن تي آڻي پيار ڀري لھجي ۾ چيو.
مان پنھنجي روم ۾ موٽي آيو آهيان. سائين مختيار وهنجي فريش ٿي، تيار ٿي رهيو آهي. پرتاب اياز گل جو ٽيڙو ٻڌائي رهيو آهي:
تنھنجو خط مليو،
ٽي بي جي مريض کي
نئون رت مليو.
پرتاب اياز، سائينداد ساند ۽ صادق فقير جون ڳالھيون پيو ڪري. رات هن رجب فقير جي بہ ڳالھہ پئي ڪئي. هن وقت جنيد ڪمري ۾ اچي ويو هو. هن چيو تہ،”اسان سڀ تيار آهيون، هيٺ ناشتي جي ٽيبل تي وڃون پيا. مان هن کان ناشتي لاءِ اڦراٽا ٺھرايان ٿو. توهان بہ هيٺ لھي اچو تہ گڏجي ناشتو ڪري، پوءِ نڪرون“.

مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادو جي ياد

تيار ٿيڻ مھل، هوٽل جي ڪمري ۾ ئي مختيار صاحب پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو تہ،” اڄ واٽر ايڪٽوٽي آهي. ان لاءِ شارٽس ۽ ٽي شرٽ پائجي تہ بھتر“.
”جي سائين توهان سھي ٿا چئو، مان بہ توهان جي خيال سان متفق آهيان“.
”ان کان علاوہ ٻي بہ ڳالھہ آهي تہ اسان کي پاسپورٽ ۽ پئسا پاڻ سان نہ کڻي هلڻ گهرجن“.
”جي بلڪل ائين ئي ٿيڻ گهرجي، اهي قيمتي شيون هتي روم ۾ ئي رکي هلون“. پرتاب بہ مختيار سمون صاحب جي راءِ کي سيڪنڊ ڪندي چيو.
”پاسپورٽ ۽ پئسا بيگ ۾ رکي ٿا هلون، ڇو تہ پاسپورٽ تمام اهم ڪاغذآهي،ڪٿي ڪري پوي يا وري ڪٿي پُسي پوي“. مختيار صاحب ٻيھر تاڪيد ڪندي چيو. وڏڙن جو سفر ۾ ساڻ هجڻ بہ هڪڙي نعمت آهي. انھن جي تجربن مان مان گهڻو ڪجهہ سکجي ٿو. هون بہ مختيار صاحب ڪيترائي ملڪ گهميو آهي. هن جو اسان سان سفر ڪرڻ اسان جي لاءِ باعث فخر جي ڳالھہ آهي.
پرتاب پنھنجي راءِ ڏيندي چيو تہ،”پر سائين! ڳالھہ ٻڌو، اسان کي هڪڙو ايڪسٽرا بيگ کڻڻ گهرجي، جنھن ۾ سڀ شيون موبائيل، بٽون، چڍا، شرٽون، رکون ڇو تہ جيڪي شرٽون پاتل آهن اهي تہ پاڻي ۾ ئي ڀڄي وينديون ۽ پوءِ اهي لاهي مٽائجن تہ بھتر“.
هن جي بلڪل معقول راءِ هئي، هن سھي چيو هو تہ واٽر ايڪٽوٽي ۾ پاڻ سان گڏ الڳ ٿيلھي ۾ هڪڙو ٽوال، هڪڙو ڪڇو/چڍو، هڪڙي شرٽ، يا ڪو پاجامو بہ کڻجي، جيڪو اڳتي سمونڊ ۾ ترڻ واريون حرڪتون ڪندي ڪم اينديون. خاص ڪري سنوڪلنگ مھل توهان جا سڀ ڪپڙا ڀڄي ويندا. ڇوتہ توهان کي انھن ڪپڙن سان ئي پاڻي ۾ لھڻو پوندو. سو توهان وٽ هڪڙو سيٽ ڪپڙن جو الڳ هجي تہ بھتر.
هتي مالديپ ۾ اسُ ايتري تکي هئي ۽ هوائون ايڏيون تيز هيون، جو مان سمجهان ٿو تہ پنجن ڏهن منٽن ۾ ئي توهان جا آلا ڪپڙا سڪي ويندا. پر پوءِ بہ احتياط بھتر آهي. ڪالھہ 9 وڳي ئي ايتري گرمي ٿي ويئي هئي جو ماڻھو اس ۾ پنڌ بہ نہ پيو ڪري سگهي. ٿوري پنڌ ڪرڻ کان پوءِ سڄو بدن گرميءَ سان پسي ويو هو. شرٽ گرمي جي ڪري آلي ٿي ويئي هئي. ڇو تہ ڪالھہ واڪ ڪندا اهڙي پارڪ ۾ اچي ويٺاسين، جتي تہ نہ هوا هئي ۽ نہ ئي وري هوا جو ڪو جهونڪو محسوس ٿيو. اُٻ، گرمي، گهٽ ٻوسٽ وارو ماحول هيو. جنيد تہ خبر چار وٺڻ جي بھاني سان اٿي وڃي سامھون واري اي سي واري هوٽل ۾ ويھي واءِ فاءِ جو پاس ورڊ وٺي گم ٿي ويو هو. اسان پارڪ جي پاسن سان ۽ روڊ جي ڪناري تي سيٽن تي ويھي ويھي گرمي ۾ شل ٿي وياسين تہ پوءِ سڀني دوستن اٿڻ جي ڪئي.
اصل ۾ مالديپ جي باري ۾ اهو ڄاڻڻ ضروري آهي تہ مالديپ ۾ گهرڻي گرمي هوندي آهي. ان ڪري اُس کان پاڻ کي جيترو ٿي سگهي بچايو تہ بھتر. هي جزيرو خط استوا جي ويجهو هئڻ جي ڪري تقريبن 90 ڊگري تائين سج جي روشني حاصل ڪندو آهي. ان ڪري هتي اچڻ وارن لاءِ اهو ضروري آهي تہ اهي پنھنجي چمڙي کي اس جي تپش کان بچائين. ان لاءِ بھتر ٿيندو تہ اهي پاڻ سان سن بلاڪ وغيرہ ضرور رکن.
هينئر مون الڳ بيگ تيار ڪري ڇڏيو آهي. مون گهران هڪڙو ايڪسٽرا ٿيلھو آندو هيو. ان ۾ پنھنجا، پرتاب جا ۽ سائين مختيار جا اضافي ڪپڙا رکي ڇڏيا. هاڻي اسان سڀ تيار هياسين. سو سڀئي دوست هيٺ ناشتي ڪرڻ لاءِ لھي آياسين.

محمد ميلان ٻيڙي وارو

واٽر ايڪٽوٽي جي جنھن وٽ بڪنگ ڪرائي هئي، هي اهو ئي ڇوڪرو هيو، جنھن اسان کي پنھنجي فاسٽ ٻيڙي ۾ مافوشي ٻيٽ کان کنيو هو. هي بہ هن هوٽل جو ئي ملازم آهي. هڻي هڻي وڃي 35 ڊالرن ۾ سڀ واٽر ايڪٽوٽين جو طئي ڪيو ويو. هن وڏئي پڪائي ڪندي ۽ ڪوڙا دليل ٻڌندي چيو هو تہ،” مان توهان کي پاڻي جو سڀ رانديون ڪرائيندس. توهان جا ڦوٽو ڪڍندس، سمونڊ ۾ ترڻ مھل توهان جي وڊيو ٺاهيندس، توهان کي ٻي نئين ٻيٽ تائين وٺي ويندس“.
مطلب تہ هي ڏاڍو پڪو ڇوڪرو هو. هن جي ڏندن ۾ تار لڳل هئي. هن پنھنجو نالي بعد ۾ محمد ميلان ٻڌايو هو ۽ ٻيڙي هلائڻ واري پائليٽ جو نالو محمد اسماعيل ٻڌايو هيو. اسان هوٽل تي ناشتو ڪري، هن سان گڏ سمونڊ تي نڪتاسين. گرائيدو ٻيٽ جي ڪناري تي ئي ساڳو فاسٽ بوئٽ (تيز موٽر لڳل ۽ پيٽرول تي هلندڙ ٻيڙو) بيٺو هيو. جنھن ۾ اهو ساڳيو ئي ڊرائيور هيو جنھن اسان کي مافوشي کان کڻي گرائيدو ٻيٽ پڄايو هو. اسان سڀ هڪ هڪ ٿي ان ٻيڙي ۾ پنھنجي پنھنجي مرضي سان سيٽن تي ويھي رهياسين.
هي سامونڊ فاسٽ بوٽ هاڻي گرائيدو ٻيٽ جو ڪنارو ڇڏي سمونڊ جون تيراڪيون ڪندي اڳتي روانو ٿي چڪو هو. ميلان ٻيڙي ۾ موجود وڏن لائوڊ اسپيڪرن کي آن ڪري ڇڏيو. هاڻي موسيقي جو زوردار آواز ڪنن ۾ گونجي رهيو هو، پر لفظ هڪڙو بہ سمجهہ ۾ نہ پئي آيو. ان ڪري دوستن جو خيال هو تہ ”نيري ڏند“ (بلوٽوٿ) جي ذريعي پنھنجي پسند جا گانا هلايا وڃن. سو ان ڏس ۾ سڀ کان پھرئين پھل ڪندي اسان جي دوست يوسف عجب هن ٻيڙي واري محمد ميلان کان اسپيڪر جو بلو ٽوٿ بند ڪرائي، پنھنجي موبائيل کي ان سان ڳنڍي ڇڏيو هو.يوسف عجب پنھنجو لکيل براهوي ٻولي ۾ گانو هلايو. جنھن جا اھا ٻول هيا تہ زندگي ۾ بس تنھنجي ئي ڪمي آ، ٻيو تہ ڪو عذاب ڪونھي ڪو. يوسف جي هن غزل جي ڌن تمام پياري آهي. يوسف ٻڌايو تہ هن جو غزل بلوچستان جي مشھور فنڪار قادر چنيل ڳايو آهي. قادر چنيل جو آواز بہ تمام کليل، چٽو ۽ مٺڙو آهي. يوسف بار بار پئي هن غزل کي هلايو. جنھن جي ڪري اسان جي ذهن ۽ روحن ۾ هي ڌن ويھي وئي هئي. ڏاڍو سٺو لڳي رهيو هو. مزو پئي آيو. موسيقي، سمونڊ ۽ سنگت جي ساٿ جو ميلاپ، مٿان موسم جي مھرباني. ڏاڍو خوبصورت منڊل جڙي ويو هو.

سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇي ۽ ڪميون

ان کان پوءِ تقريبن اڌ کن ڪلاڪ کان پوءِ پاڻ هڪڙي سرسبز، ڊگهن ناريلن جي وڻن واري ٻيٽ جي پاسي ۾، ڪناري تي اچي بيٺاسين. هن ٻيٽ جو نالو Sand Bank High Tide هيو. هتي هن ٻيڙي جو رسو جنھن ۾ ٻلي لڳل هوندو آهي. اهو هيٺ سمونڊ ۾ اڇلايو.ا تي ئي ٻيڙي کي لنگرانداز ڪيو. اسان جي سامھون هڪڙو ٻيو وڏو جھاز بہ اچي بيٺو هو. اتي بہ ماڻھو سمونڊ ۾ سنورڪلنگ ڪري رهيا هيا. هتي اسان کي هي بہ سنورڪلنگ ڪرڻ لاءِ وٺي آيو هيو. ٻيڙي جي رسي کي پٿرن سان ڦاسائڻ کان پوءِ، ميلان ٿيلھي مان ڊبل روٽي ڪڍي، ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري هيٺ ٻيڙي جي پاسي کان اڇلائيندو پئي ويو.
هتي پاڻي جو رنگ نيرو فيروزي صاف شفاف هيو. هيٺ سمونڊ جي پاڻيءَ ۾ نظر وجهڻ کان پوءِ هيٺ جي دنيا ۽ ان جي سموري مخلوق نظر پئي آئي. مٿي مٿي پٿر پئي نظر آيا. جنھن مان لڳي پيو تہ هيٺ پاڻي گهرو نہ آهي. ڊبل روٽي ٽڪرن کي هيٺ اڇلڻ جي ڪري ٿوري دير ۾ ئي ننڍڙين مڇين جو جهنڊ هيٺ گڏ ٿي ويو هو. ميلان هڪڙي ڊبل روٽي جو سلائيس مون کي ڏيندي چيو تہ،”توهان بہ هنن کي کارايو“. مان بہ ان کي ڀوري هيٺ مڇين کي کارائڻ لاءِ ڊبل روٽي جا ٽڪرا هيٺ ٻيڙي جي پاسي ۾ ڪيرائي رهيو هئس. ڪيڏو خوبصورت نظارو هو. ننڍڙيون، وڏڙيون مڇيون اچي گڏ ٿيون هيون. ٻيڙي هوا ۽ پاڻي جي ڇولين جي ڪري هيٺ مٿي ٿي، لڏي رهي هئي.
ڪي ڪي وڏيون مڇيون بہ نظر آيون. هون بہ هن جاءِ تي ميلان ٻڌايو تہ،”هتي وڏيون مڇيون گهڻيون آهن“. مالديپ جي زمين اهڙين چند جاين مان هڪڙي آهي جتي ڪا بہ خوبصورت وهيل مڇي يا شارڪ کي توهان پنھنجي سامھون دوبدو ڏسي سگهو ٿا. جيڪا دنيا جي مڇين ۾ سڀني کان وڏي مڇي آهي. هتي اهي مڇيون سمونڊ ۾ پوري سال پيون نظر اينديون آهن. سو بہ گهڻي تعداد ۾. هتان جي ساحلن تي گهڻو ڪري سفيد رنگ جي، نرم ملائم واري هوندي آهي. جيڪا دنيا جي مڙني ساحلن جي ڀيٽ ۾ پنج سيڪڙو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هتان جي زمين کي جنت جو ٽڪرو تصور ڪيو وڃي ٿو.
مالديپ دنيا جي سامونڊي ڪمين جي ستن قسمن مان پنج قسمن جو گهر آهي. هتي ليدر بيڪ، اوليو رڊلا ڪمي، لوگر هيڊ، گرين ٽرٽل ۽ هاڪس بل وڏي تعداد ۾ نظر اينديون آهن. جيڪڏهن توهان کي ڪمين ڏسڻ جو شوق آهي، تہ توهان لاءِ هي جڳھہ انتھائي خوبصورت آهي.
هاڻي ميلان جي ڊبل روٽي ختم ٿي ويئي هئي. ٻيڙي کي اوسي پاسي، چئني پاسن کان ننڍڙين توڙي وڏين مڇين جو جهنڊ گهيرو ڪري ويو هو. ان عمل کان پوءِ ميلان ٻيڙي جي اڳين حصي کان اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو تہ،”مون کي غور سان ٻڌو مان توهان کي ڪجهہ هدايتون ڏيئي سمجهائڻ چاهيان ٿو“.
اسان سڀني جو ڌيان مڇين کان هٽي هن طرف ٿي ويو. هي ڏاڍو خوش مزاج، ملڻھار ۽ سٺو ڇوڪرو هو. هن جي طبيعت ۾ مزاڪ مستي جو عنصر ڪجهہ سوايو هو. مون کي خبر نہ هئي تہ هو اردو بہ سمجهي ٿو. سو ڪنھن ڳالھہ تي مون چيو تہ،”هي وڏو حرامي آهي“.
تہ ان تي هن چيو تہ،”نہ نہ مان حرامي ناهيان توهان گهٻرايو نہ“. پر هن صفا مائينڊ نہ ڪيو هو. پر مان دل ئي دل ۾ شرمندو ضرور ٿيو هئس. پر پوءِ تہ اهڙو دوست ٿي ويو جو ڇا ڳالھہ ڪجي.

سمونڊ ۾ ترڻ بہ هرڪنھن جي وس جي ڳالھہ ناهي

ميلان اسان کي سمونڊ ۾ لھڻ کان اڳ ۾ ترڻ جو هدايتون ڏيندي چوڻ لڳو تہ،”جيڪي دوست ترڻ ڄاڻن ٿا اهي سڀ کان اڳ ۾ هيٺ لھن. پر جن کي ترڻ نہ ٿو اچي انھن کي مان سمجهايان ٿو ۽ انھن کي ترڻ سيکاريندس“.
ميلان سڀني دوستن کي چيو هو تہ،”ڪو بہ ماڻھو هيٺ پٿرن يا ڪورل تي پير نہ رکي. ڇو تہ اهي بليٽ جيترا تکا هونداآهن. انھن تي پير رکڻ جي ڪري اسان جو پير ڪٽجي بہ سگهجي ٿو“.
ان کان علاوہ هن اهو بہ ٻڌايو تہ،” اکين جي چشمي سان هيٺ سمونڊ جي سڄي مخلوق جو نظارو ڪري سگهجي ٿو“.
هن ٻڌايو تہ،”پاڻي جي هيٺان تمام گهڻي مخلوق رهندي آهي پر اسان کي ڪنھن بہ مخلوق سان حرڪت يا ڪا ڇيڙ ڇاڙ ناهي ڪرڻي. نہ ئي ڪنھن کي ٽچ ڪرڻو آهي. نہ تہ اهي اسان تي حملو بہ ڪري سگهن ٿا. انھن ۾ ڪي خطرناڪ ۽ زهريلا جيوت بہ آهن. جن جي ڪري اسان کي يا انھن کي نقصان ٿي سگهي ٿو. ٻي صورت ۾ جيڪڏهن اسان ڪنھن کي تنگ نہ ڪنداسين تہ ڪو بہ اسان کي نقصان نہ ڏيندو. جيئو اور جيني دو“.
هن سمونڊ ۾ لھڻ لاءِ گارگل وڏو چشمو اکين تي لڳائڻ لاءِ ڪڍيو. ان سان گڏ لڳل ساھہ کڻڻ وارو پائيپ جيڪو وات ۾ وجهڻو اهو بہ ڪڍي اسان کي ڏيکاريو. ان پائيپ ذريعي ئي نڪ مان ساھہ کڻڻو هيو.
سڀ کان اول جنيد کي هن لائيف سيونگ جيڪٽ پارايو، ان کان پوءِ هن کي اهو پاڻي وارو گارگل پارائي پريڪٽس ڪرائي. پائيپ وات ۾ وجهي نڪ کان ساھہ کڻڻو هيو. وات کان نہ. جيڪڏهن ڪو وات کان ساھہ کڻندو تہ پاڻي ان چشمي جي شيشن تي اچي ويندو. پوءِ هو سامونڊي مخلوق کي چڱي ريت نہ ڏسي سگهندو. ڇو تہ چشمي جا شيشا انڌا ٿي ويندا. هاڻي جنيد هيٺ لھڻ لاءِ تيار هو. پھرئين ميلان پاڻ سمونڊ ۾ هيٺ لٿو ۽ ان کان پوءِ هن جنيد کي هيٺ لاٿو، آهستي آهستي ڪري، ميلان جنيد کان هٿ ڪڍي ويو ۽ هو مزي سان تري رهيو هو. هن کي تہ سوئمنگ ڪٽ جي بہ ضرورت نہ هئي. هو ايڏو تجربيڪار هيو. ڇو تہ هنن جو روز جو ڪم هيو. سمونڊ ۾ لھي هو ماهر ٿي ويا هئا. هن کي ترڻ لاءِ اتي ئي هدايتون ڏيندو رهيو. ان کان علاوہ هن وٽ واٽر پروف ڪيمرا بہ هئي. جنھن سان هو اسان جي وڊيو ۽ اسان جا ڦوٽو ڪڍڻ چاهي پيو.
هيٺ سمونڊ ۾ لھڻ کان اڳ ۾ هن کي لائيف جيڪيٽ پارائي ويئي هئي. ان کان پوءِ هن کي اکين وارو چشمو جيڪو نڪ تائين اچي پيو ۽ نڪ کي بند ڪري ڇڏي پيو ۽ ان کان پوءِ وات ۾ ساھہ کڻڻ وارو پائيپ. جيتوڻيڪ هي عمل ڏاڍو ڏکيو هو. ڇو تہ ساھہ بند ٿيڻ جي ڪري تمام گهڻو موجهارو ٿئي پيو. ان ڪري مون کي لڳو تہ شايد مان دل جي بيماري جي ڪري نہ سگهندس.
جنيد سان گڏ ميلان بہ لٿو. اسماعيل ٻيڙي تي ويٺل هيو. اسان سڀ ٻيڙي تي هياسين. هن دفعي مون بلو ٽوٿ تي پنھنجا گيت هلايا. جنھن ۾ اعجاز سولنگي، نڪي چاھہ چاهت چکي آ حياتي، اسان بس اوهان لاءِ رکي آ حياتي ۽ اوهان جو کڻي ڪوئي پيغام آيو، ڏيڻ دل ڏکيءَ کي ڪو آرام آيو. ۽ استاد خادم سخيراڻي ؛ جليا جوش جذبا، جليون سڀ ادائيون، اسان سان نہ تنھنجون هليون سڀ ادائيون. سڀني دوستن کي شاعري ڏاڍي پسند آئي. جنيد تہ بار بار اعجاز سولنگي واري گيت جي هلائڻ جي فرمائش پئي ڪئي.
جنيد سان شروع شروع ۾ تہ ترڻ جو مسئلو ٿئي پيو. پر پوءِ هن کي سمونڊ ۾ ترڻ جو ڏانءَ اچي ويو هو. ميلان ترڻ مھل ٿورو پري ٿي تيراڪ جا ڦوٽو بہ ڪڍي رهيو هيو ۽ وري وڊيو بہ ٺاهي رهيو هو.
تقريبن ڏهن پندرنھن منٽن کان پوءِ جنيد ٻاهر نڪري آيو هو. هاڻي جنيد کان پوءِ پرتاب سمونڊ ۾ لٿو هو. پرتاب کي بہ شروع ۾ ٿوري تڪليف ٿي، پر پوءِ هو بہ سڀني کان بھترين تارو نڪتو ۽ تيراڪي ڪندي، اسان واري بيٺل جھاز کان ٿورو پري ٿي، سمونڊ جي ان حصي ۾ هليو ويو، جتي گهڻي گهرائي هئي. جتي هن ٻڌايو تہ هن هڪڙو ڪافي نانگ بہ ڏٺو هيو. شايد پاڻي جو نانگ هجي. ان کان پوءِ اسان ٻين دوستن جو وارو هيو. سو سائين مختيار ۽ مظفر هيٺ سمونڊ ۾ نہ لھڻ جو پڪو پھہ ڪري چڪا هيا. سائين مختيار جو تہ وڏو مسئلو ڪرنگهي وارو هيو ۽ هن جو اهو سھي فيصلو هو. پر مظفر جو انڪار ڪرڻ سمجهہ ۾ نہ پئي آيو. انھي موقعي تي هرڪو هڪٻئي کي چوڻ لڳو تہ،“سائين توهان لھو”. دوستن جو مون تي گهڻو اسرار هيو. سو مون وري پنھنجو برڊن عجب يوسف تي شفٽ ڪري ڇڏيو. جنھن چيو تہ،“قسم سان مون کي صفا ترڻ نہ ايندو آهي، مان زندگي ۾ ڪڏهن بہ تيراڪي نہ ڪئي آهي، مون کي معاف ڪيو”. ان تي مون کي ڪاوڙ لڳي مون هن کي چيو تہ،“اسان بہ خانداني تيراڪ نہ آهيون”. ان موقعي تي پرتاب چيو تہ،”يار آيا آهيو تہ سمونڊ جي پاڻي ۾ ٿوري دير لاءِ ئي سھي لھو ضرور، وڏو مزو آهي“. منھنجو هڪڙو شعر آهي تہ:
تنھنجي احساس هو ڇڏيو ماري،
نہ تہ موت کان ڪير هو ڊنو سائين. ب ص ع

نيٺ مان بہ سمونڊ ۾ لھي پيس

جنيد ۽ پرتاب کان منھنجو وارو هيو. اسان هون ئي واڻيا ٻروچ. سو دل ٻڌي سمونڊ ۾ لھڻ لاءِ سندرو ٻڌو سين. مون ميلان کي چيو تہ،“ تون پري ٿي بيھہ بس، مان پاڻ ئي لائيف جيڪيٽ ٻڌان ٿو”. مون پاڻ ئي پنھنجو لائيف جيڪيٽ ٻڌي ورتو. ان کان پوءِ ڏاڪڻ جي ذريعي هيٺ لھي آيس. مون سان گڏ ميلان بہ هيو. ميلان کي ڪن ۾ چيم،”ميلان پارت ٿئي، مان زندگي ۾ سمونڊ سان ڪڏهن بہ نہ ڦٽائي آ“.
ميلان وڏو ٽھڪ ڏيندي کلڻ ۾ پورو ٿي ويو. چوڻ لڳو،”سائين ڪو مسئلو ناهي، همت ڪريو“.
جڏهن مان سمونڊ ۾ لٿس تہ هيٺ لھڻ کان پوءِ ماڻھوءَ جي اندر ۽ ذهن ۾ پاڻيءَ جو جيڪو خوف ويٺل رهي ٿو، اهو ٻاهر نڪري آيو. اهو خوف مون بہ محسوس ڪيو هو. مون کي ائين لڳو تہ مان ٻڏي ويندس. ڇو تہ هڪڙو تہ پير هيٺ کپي ئي نہ پيو. وري مٿان ميلان بہ هٿ ڪڍي ڇڏيا. هن کي منھنجي وڊيو ٺاهڻي هئي، سو وڊيو ٺاهڻ جي چڪر ۾ ۽ مون کي ٻڏڻ جو خوف. ملوڪان موت اشقان شڪار. مون کي پھريون ڀيرو موت جو ڪيڏو ڊپ لڳو هو. نيٺ ٿوري دير کان پوءِ مون محسوس ڪيو تہ مان گهڻو وقت هيٺ نہ بيھي سگهندس ۽ مان هي ڪم نہ ڪري سگهندس. سو ميلان منھنجي مدد ڪندي مون کي ٻيڙي تائين وٺي آيو. مون سان ساھہ جو مسئلو هون ئي آهي. پر پوءِ بہ آنڱر ڪٽرائي شھيدن ۾ شامل ٿياسين تہ مظفر کي بہ ريس اچي ويئي.
هن بہ دير ئي نہ ڪئي. مظفر جذباتي ٿي ويو هو. سو هن لائيف جيڪٽ ٻڌي اسٽيل واري ڏاڪڻ کان هيٺ لھڻ جي ڪوشش ڪئي تہ هن جو هٿ ڏاڪڻ کان نڪري ويو ۽ هن جو پير بہ هيٺ اسٽيل واري ڏاڪي کان ترڪي ويو. جنھن جي ڪري مظفر زوردار چنبو ميلان کي ٺڪا ڪرايو. جيڪو لوهي شيخ کي پڪڙڻ جي ناڪام ڪوشش هئي. مظفر جي جسم جو وزن هيٺ پاڻي ۾ مسئلو ڪيو پئي. ان ڪري هن هڪدم ڏاڪڻ تي جيئن تيئن ڪري، هٿ وجهي مٿي نڪري آيو. چوڻ لڳو تہ،“ مان نہ ڪري سگهندس”.
ان کان پوءِ پرتاب کي ايڏو مزو اچي ويو هو، جو پرتاب هڪدفعو ٻيھر سمونڊ ۾ لھي پيو ۽ ترڻ لڳو. پرتاب هن دفعي بہ پري وڃڻ لڳو پر ميلان هن کي منع ڪئي تہ گهڻو پري سمونڊ ۾ نڪري نہ وڃو. هاڻي تہ جنيد کي بہ مزو اچي ويو هو. سو هو بہ پرتاب جي ڪڍ لڳي پيو هو. ٻيڙي جي هڪڙي پاسي پرتاب تہ ٻي پاسي جنيد ٻيئي سمونڊ جي خاموشي جو ناجائز فائدو وٺي رهيا هيا. اسان سڀ دوست ويٺي ٻيڙي ۾ ڦوٽا پئي ڪڍرايا. گانا پئي ٻڌا ۽ ماحول جو مزو پئي ورتو.
ان ۾ ڪو بہ شڪ نہ آهي تہ سمونڊ ۾ ترڻ بہ هڪڙي وڏي ٽيڪنڪ آهي. سمونڊ ۾ ترڻ بہ ڪو ايڏو سولو ڪم نہ آهي، بلڪ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ان لاءِ هڪ تہ دل کپي ۽ ٻيو ڏان هجي ۽ ٽيون پاڻيءَ جو خوف بنھہ نہ هجي. اهو ئي ماڻھو سمونڊ ۾ تري سگهي ٿو. انگريز ان ڪري ترندا آهن جو انھن کي ننڍي هوندي کان ئي ترڻ سيکاريندا آهن. اسان وٽ اهڙي قسم جي ڪا بہ سکيا نہ آهي.
منھنجو اهو خيال آهي تہ جيڪڏهن توهان جي ان معاملي ۾ ڪا بہ مشق نہ آهي تہ توهان کي سمونڊ ۾ نہ وهنجڻ گهرجي ۽ سمونڊ سان ڇيڙ ڇاڙ نہ ڪرڻ گهرجي. جيتوڻيڪ لائيف جيڪٽ هئڻ جي ڪري ماڻھو ٻڏڻ کان بچيو وڃي. پر تنھنجي جي باوجود سمونڊ جيڏي وشال همت کپي، سمونڊ کي ڀاڪي پائڻ جي لاءِ.
ان سمونڊ جي سامھون هڪڙو ٻيو تمام وڏو ۽ خوبصورت ٻيٽ هيو. جنھن جا وڏا وڏا وڻ هتان ئي اسان کي پاڻ ڏانھن ڇڪي رهيا هيا. انھن ناريل جي وڻن ۾ ايڏي ڪشش هئي. ڇا تہ سونھن هئي، ان ٻيٽ ۾. ميلان ٻڌايو،”تہ هي پرائيوٽ ٻيٽ آهي. هتي ڪنھن بہ عوامي ماڻھو کي وڃڻ جي اجازت نہ آهي“.
ماڻھن تہ هتي پنھنجا ٻيٽ نہ فقط بڪ ڪرائي ڇڏيا هيا پر شايد خريد بہ ڪري ڇڏيا هيا.

آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منھنجي موبائيل جي ٽُٻي

هن ايڪٽوٽي ڪندي اسان کي ٻہ ڪلاڪ کن ٿي ويا هيا. سڀئي دوست خوب لطف اندوز ٿي رهيا هئا. جنيد ۽ پرتاب واپس ٻيڙي ۾ اچي ويا هيا. هاڻي اسان کي هتي گهڻو وقت ٿي ويو هو. ميلان چيو تہ،”پاڻ هتان نڪرون ٿا ۽ توهان کي هڪڙي نئين آرٽيفيشل ٻيٽ جو ديدار ڪرايون ٿا. اسماعيل ٻيڙي جي انجڻ کي اسٽارٽ ڪيو ۽ هڪدفعو ٻيھر هو سامونڊي روڊ تي ٻيڙي کي اڏائيندي پاڻي جي جهاڳ کي پوئتي ڌڪيندي ۽ پاسن کان پاڻي جي لھرن کي پري ڪندي اڳتي ڌوڪيندا رهيو. رستي ۾ هيڏي ايندي هن هڪڙي جاءِ تي اشارو ڪندي، رڙ ڪري چيو تہ،”اها اٿو ڊالفن“.
پرتاب، جنيد ۽ عجب ٻيڙي جي منڍ ڏي ڊالفن کي ڏسڻ لاءِ نڪري بيھي رهيا. پر ٻيا سڀ دوست پنھنجن سيٽن تي ئي ويٺا رهيا. جڏهن سڀ ٻيڙي جي ڊيڪ تي ويا تہ، ٿوري دير کان پوءِ اسان بہ اٿي بيھي ڊالفن کي ڏسي قسم کڻڻ جھڙا ٿياسين تہ اسان بہ اکين سان ڊالفن جو پڇ ڏٺو. ڊالفن ڪڏهن سمونڊ جي مٿاڇري تي ٻاهر منڍي ڪڍي ديدار پئي ڪرايو تہ ڪڏهن سمونڊ جي اندر ٽٻي پئي هنئي. سمونڊ جي ان حصي ۾ ڊالفن گهڻي آهي. ان ڪري سياح هن جي هڪڙي جهلڪ جا ديوانا هوندا آهن. هي ٻيڙي وارا بہ ڪوشش ڪندا آهن تہ ڪٿي بہ ڪا ڊالفن نظر اچي تہ سياحن کي ڏيکاري پنھنجو ڀاڙو سچو ڪن.
ڪجهہ منٽن جي سامونڊي سفر کانپوءِ هي اسان کي هڪڙي آرٽيفيشل ٻيٽ جي ويجهو کڻي آيو. ڪناري سان هن ٻيڙي کي پارڪنگ ۾ لڳائي ڇڏي ۽ ان جي رسي کي ڪناري تي پيل وڏن پٿرن سان ٻڌي آيو. هن ٻيڙي جي واڍ بہ وڏي ۽ ڪافي مضبوط هئي. اسان سڀ دوست هن ڪناري تي ٻيڙي کان هيٺ لٿاسين. هن ڪناري وٽ سمونڊ جو پاڻي ننڍو هيو، ان ڪري سڀ دوست هتي وهنجي پنھنجي وهنجڻ وارو شوق پورو ڪري رهيا هيا. اسان جي پياري مظفر تہ دير ئي نہ ڪئي ۽ وهنجندي وهنجندي وڏي پاڻي ڏي هليو ويو، ، اتان کان ڪناري ڏانھن ترندي هليو هيو.
مون سان هن ٻيٽ ۾ هڪڙو عجيب اتفاق ٿيو جو منھنجي پينٽ جي کيسي ۾ منھنجو پرس بہ هيو تہ موبائيل بہ. مان بوٽ ڪناري تي لاهي رکي ڇڏيا ۽ پوءِ هيٺ پاڻي ۾ لھي ويس. سائين مختيار پنھنجا بوٽ ڪناري سان لاهي، اتي ئي بيٺي پاڻي تي پيرآلا ڪيا. سامونڊي لھرون جڏهن تيز وهڪري ۾ اچن پيون تہ ڪناري تان چڪر هڻي وري سمونڊ ڏي موٽيو پيون وڃن. سو مان بہ ٻين دوستن جي ريس ۾ڪناري کان ٿيندي، ويندي هيٺ گهري پاڻي ۾ لھي ويس، جڏهن پاڻي منھنجي چيلھہ تائين پھتو تہ پريان ميلان ۽ اسماعيل رڙيون ڪري منھنجو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا. مون کي حيرت ٿي ۽ خبر ئي نہ پئي ۽ مون کي سمجهہ ۾ بہ آيو تہ ڇا ڳالھہ آهي. ڇا جو اشارو پيا ڪن. ڪٿي ڪو هيٺ واڳون يا نانگ بلا يا وري ڪا وهيل مڇي يا وري هيٺ ڊالفن تہ نہ آئي آهي يا وري ڪا ٻي بلا تہ نہ آهي.
پر هنن اشارو ڪري چيو تہ،”توهان جو موبائيل، توهان جي پينٽ جي کيسي ۾ پاڻي پون جي ڪري پسي ويو آ“؟
”اڙي يار! هي تہ پاڻي ۾ پسي ويوآ. مون کان رڙ نڪري ويئي. تڪڙي تڪڙي ڪناري ڏانھن ڊوڙندو نڪري آيس. هنن کي مون جيئن ئي پنھنجو موبائيل ڏنو، سوني پي سھاڳا اهو ٿيو جو، هنن بہ دير ئي نہ ڪئي، ننڍي پاڻي جي بوتلن سان موبائيل کي وهنجاري ڇڏيون. ٻيئي ڄڻا موبائيل کي هيٺ مٿي ڪري پاڻي سان ائين وهنجاريندا رهيا، جيئن ڪو ڊاڪٽر ڪنھن تازي ڄاول ٻار کي اونڌو ڪري هوش ۾ آڻڻ جي لاءِ هلڪيون ٿپڪيون هڻندو رهي.
محمد ميلان رڙ ڪري چيو تہ،”switch off your cell “
مون موبائيل بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر نہ ٿي، نيٺ گهڻي ڪوشش کان پوءِ موبائيل بند ٿي ويئي.
”هن کي هاڻي نہ کولجو ۽ نہ ئي وري چارجر تي لڳائجو، هڪ ٻہ ڏينھن ڇڏي ڏجوس“. اسماعيل مون کي تاڪيد ڪندي چيو.
موبائيل سان گڏ منھنجو بٽون بہ وهنجي آيو هو. هن ۾ پيل سڀ پيسا ۽ ڪارڊ پُسي ويا هيا. شڪر ٿيو جو پاسپورٽ نہ کڻي آياسين. نہ تہ ان جو بہ خبر ناهي تہ ڪھڙو حشر ٿئي ها. ٿوري دير کان پوءِ ميلان سڀني کي سڏ ڪندي چيو تہ،”توهان جي منجهند جي ماني جو وقت ٿي ويو آهي. اچو هي پيڪٽ وٺو. جتي توهان کي سٺو لڳي، اتي ويھي کائي وٺو يا انھن وڏن پٿرن تي ويھي کائو ۽ سمونڊ جو مزو وٺو“.
ان پيڪيٽ سان گڏ هن هڪڙو ڪانٽو forkاسٽيل جو پڻ ڏنو. هن پيڪٽ ۾ چڪن نوڊلز “ڀُڳل سويون“ هيون. جنھن ۾ مصالحن جي ڪري سويون ڏاڍيون مزيدار ٿي ويون هيون. مرغي جي گوشت جا ننڍڙا ٽڪرا هن ۾ پيل هيا. ان سان گڏ هن هڪڙو جوس جو بہ پاڪيٽ پڻ ڏنو. هاڻي سڀ دوست پٿرن تي ويھي ڀوڄن ڪري رهيا هياسين. هي هتان جي حڪومت هٿراڌو ٻيٽ ٺاهيو آهي. هتي اڃان ڪنھن بہ قسم جي ڪا بہ آبادي نہ ٿي هئي. هتي خالي اڃان گاھہ پوکيو ويو هو. يا تہ اهو قدرتي گاھہ هيو. هي ٻيٽ اسان واري گرائيدو ٻيٽ کان گهڻو پري نہ هيو. بلڪ بلڪل سامھون کان ئي نظر پئي آيو. هن جي ڪناري تي ڪافي واري/ريت وڌي هئي. ان سان گڏ وڏا وڏا ڪارا پٿر پڻ لھرايا ويا هيا. انھن پٿرن تي ويھي لنچ ڪري رهيا هياسين تہ مون محسوس ڪيو هڪڙو جيت واريءَ تي مون ڏانھن وڌندو پئي آيو. هن کي شايد کاڌي جي خوشبو مون ڏانھن وٺي آڻي رهي هئي. مون کي لڳو تہ هو بکايل جيت آهي ۽ هن کي بہ اسان جيان شايد بک تپايو آهي. سو مون هڪڙو چمچو، پاڻ واري پيڪيٽ مان ڀري ڪڍي، ان جي اڳيان رکيو. هو اتي بيھي ويو هو. هي سامونڊي جيت هاڻي مزي سان اهو کائي رهيو هيو.
هاڻي اسماعيل ۽ ميلان بہ ٻيڙيءَ کان هيٺ لھي آيا هيا. اهي بہ اسان سان گڏ ويھي پٿرن تي ماني کائي رهيا هيا ۽ ڪچھري ۾ بہ شامل ٿي ويا هيا. ميلان وڏو چرچائي ڇوڪرو آهي. هي انڊين سمونڊ هيو، جنھن ۾ هٿراڌو ٻيٺ ٺاهيو ويو هو. اهڙي ريت اسان جي ٻيڙي کان اڳ ۾ اتي ڪجهہ انگريز سياح ٻيا بہ نظر آيا، پر پوءِ اهي جلدي هليا ويا هيا، شايد انھن کي اتي بيھندي گهڻو وقت ٿي ويو هوندو. پر هاڻي ٻيا انگريز جوڙا، فيمليز ۽ ٻارڙا هڪڙي وڏي جھاز ۾ اتي آيا هيا. اهي اچي اتي سمونڊ جي ڪناري تي پنھنجون چادرون وڇائي، انھن تي ليٽي سج جو مزو وٺي رهيا هيا. اسان بہ خوب انجواءِ ڪري، واپسي جو رخ ڪيوسين.
واپسي مھل اسان جو ٻيٽ بلڪل اسان جي اکين جي سامھون ئي نظر آيو. بس 10 منٽن ۾ اسان پنھنجي ٻيٽ جي ڪناري تي هياسين. سو اسماعيل ۽ ميلان کي خرچي ڏيئي هيٺ لٿاسين. ڪناري تي ئي گروپ تصويرون بہ ڪڍرايونسين ۽ پوءِ موٽي هوٽل تي آياسين.

ڪڏهن ائين هيوم جو پنھون ڌوتم ڪپڙا

جتي روڊ جو سفر ٿڪائيندڙ آهي، اتي سامونڊي سفر ڪنھن بہ ريت سھنجو نہ آهي. ان ۾ ٿڪاوٽ ٿئي ٿي. سو اسان کي بہ ٿڪاوٽ چڪنا چُور ڪري ڇڏيو هو. گُرائيدو ٻيٽ جي ڪناري کان پنڌ ڪندا هوٽل ڏي وڌڻ لڳاسين.
رستي تي ئي هڪڙو اسٽيشنري جو دڪان نظر آيو. يوسف کي بال پين وٺڻي هئي. سو مان ۽ يوسف دڪان ۾ اندر گهڙي وياسين. هن دڪان جي ڪائونٽر تي بہ هڪڙي هتان جي لوڪل عورت ويٺل نظر آئي. هن جو رنگ بہ سانورو هيو. هي اي سي وارو دڪان هيو. اسان پنھنجا جوتا ٻاهر لاٿا. هر شي صاف سٿري، شوڪيسن ۾ سجايل رکيل هئي. يوسف اتان بال پين ورتي ۽ هن عورت کان ڪجهہ حال احوال ورتا.
”ڇا هي دڪان توهان جو پنھنجو آهي“. يوسف پين ڪائونٽر تي رکندي چيو.
”جي ها هي منھنجو پنھنجو دڪان آهي“. هن پين سان رف پيپر تي لکندي چيو.
”هتي روزگار ڪيئن آهي“. يوسف پنھنجو پرس ڪڍي هن کي پئسا ڏيندي چيو.
”بس شڪر آهي. گهر جو گاڏو هلي پيو. منھنجو گهر بہ هن جي پٺيان آهي. هن وقت سيزن آف آهي. پرسيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ نومبرجي مھيني ۾ هتي سياحن جي گهڻي آمد ٿيندي آهي. پوءِ سٺي روزي ٿي ويندي آهي“. هن يوسف کان پئسا وٺندي چيو.
عجب پين وٺي کيسي ۾ وڌي. ٻاهر دوست اسان جي انتظار ۾ هيا. مون دڪان جو جائزو ورتو. ننڍڙو دڪان هيو. پر هن ۾ اسٽيشنري جو هر سامان موجود هيو. پوءِ هن کان موڪلائي، ان ئي گهٽي ۾ اڳتي وڌڻ لڳاسين. اسان جي هوٽل بہ ٿورو اڳيان هئي، نيٺ اچي هوٽل جي در وٽ بيھي سک جو ساھہ کنيوسين.
اچڻ سان ئي مون کي تہ ٿڪاوٽ جي ڪري ننڊ پئيآئي، سو مان تہ پنھنجي بيڊ ۾ اچي ڪري پيس ۽ پنھنجي بستري کي ڀاڪر پائي ليٽي پيس. اڃان اک مس لڳڻ واري هئي جو ٿوري ديرکان پوءِ دروازو کڙڪيو. سامھون مظفر بيٺو هيو. مظفر ڪمري ۾ داخل ٿيندي چوڻ لڳو تہ،”مان ڪپڙن ڌوئڻ وارو ڊٽرجيٽ لوشن وٺي آيو آهيان. ڪافي بچي پيو آهي، جيڪڏهن توهان کي کپي تہ کڻي اچان؟“.
پرتاب ۽ سائين مختيار تہ اڳ ۾ ئي، اچڻ مھل پنھنجا آلا ڪپڙا ڌوئي ڇڏيا هيا. باقي منھنجا ڪپڙا رهيل هيا. مون بہ سمونڊ جي پاڻيءَ کي ڪپڙن کان آزاد ڪرڻ مناسب پئي سمجهيو. ان ڪري مون مظفر کي چيو تہ،”ادا ان کان وڌيڪ ڀلي ڳالھہ ٻي ڪھڙي هوندي“.
هو ٿوري دير ۾ ڊٽرجٽنٽ جي ڪلو واري پيڪِيٽ سان موٽي آيو. مون مظفر کي چيو تہ،”يار ايڏو ڪلو وارو لوشن ڇو ورتئي، تو لاءِ تہ پاءُ وارو ئي ڪافي هيو“؟. چيائين تہ،”دڪان واري واٽ ننڍو پيڪيٽ ئي نہ هيو، بس اهو ئي هيس“.
مظفر اسان جي روم واري گيلري ۾ دروازو کولي هليو ويو. اتان ئي رڙ ڪري چوڻ لڳو،”ادا! توهان جي ڪمري جي گيلري وڏي آهي. اسان جي روم جي گيلري صفا آهي ئي ڪونہ“.
سو ٿوري دير کان پوءِ يوسف پنھنجا ڪپڙا سڪائڻ لاءِ کڻي آيو. چيائين تہ،”ٻڌو آ توهان جي ڪمري جي گيلري وڏي آهي. سو اجازت هجي تہ مان بہ پنھنجا ڪپڙا سڪائڻ لاءِ رکي ڇڏيان“.
ڀلا اسان کي ڪھڙو اعتراض ٿي پئي سگهيو. سو هن بہ اتي ئي ڪپڙا سڪائڻ لاءِ ٽنگي ڇڏيا. پر ڪافي دير گذرڻ کان پوءِ بہ اسان جا ڪپڙا نہ سڪا هيا. مون بہ پنھنجو پاجامو ۽ شرٽ ڌوئي ورتو. سو ٻن ڪپڙن ۾ ڀلا ڪيترو لوشن لڳندو. اڃان بہ گهڻو لوشن ان پاڪيٽ ۾بچيل هو.
ٿوري دير آرام ڪرڻ کان پوءِ تقريبن ساڍين چئين وڳي ڌاري وري وهنجي سھنجي پاڻ اتي کي گرائيدو ٻيٽ جي بڪني بيچ گهمڻ ۽ ڏسڻ لاءِ مان، سائين مختيار، عجب ۽ پرتاب نڪري آياسين. باقي جنيد چيو تہ،”توهان هلو مان ۽ مظفر توهان جي پويان ٿا اچون، توهان سان بيچ تي ملون ٿا“.

هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچھري

هوٽل کان جيئن ئي لٿاسين تہ هوٽل جو مينيجر محمد اعظم هوٽل جي اڳيان لوهي ڪرسي تي ڦٽ پاٿ تي بلڪ روڊ جي پاسي ۾ ئي ويٺو هيو. هن سان بيٺي بيٺي حال احوال ٿيا.
”توهان هتي ڪيتري عرصي کان رهو پيا“. مون هن کان پڇيو.
”منھنجو جنم ئي هتي هن ٻيٽ ۾ ٿيو آهي، منھنجي عمر 60 سال کان مٿي آهي. توهان پاڻ اندازو ڪيو“.
”ڀلا هتي ڪو ٻاهريون ماڻھو پراپرٽي وٺي سگهي ٿو؟.
”جي ها، پر ان کي هتي ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪرڻو پوندو ۽ ڪورٽ کي جڏهن مطمئن ڪندو ۽ چوندو تہ مان هتي ڪاروبار ڪرڻ چاهيان ٿو، مون کي ان ڪاروبار جو هيترو تجربو آهي ۽ پنھنجي ڌنڌي ڌاڙي جا/ ڪم جا، تجربي جا سرٽيفيڪٽ ڏيندو ۽ ڪورٽ کان فيصلو وٺي ايندو تہ پوءِ هو اُن ڪورٽ جي فيصلي جي آڌار تي ئي هتي پراپرٽي خريد ڪري سگهي ٿو“. هن سڀني دوستن کي سمجهائيندي چيو.
”هن ٻيٽ ۾ ڪيترا مسلمان آهن“. جنيد هن کان پڇيو.
”سڀ مسلمان آهن تقريبن“.
هن کان Bikni beach جو پُڇي پاڻ بيچ ڏانھن پنڌ ڪندا نڪري وياسين. سوڙهين گهٽين کان ٿيندا، هڪڙي ميدان تي آياسين. جتي ناريلن جا وڏا وڏا وڻ بيٺل هيا. اتي ئي هڪڙو نوجوان وڏن وارن وارو سائيڪل تي ملي ويو. هن کان بڪني بيچ بابت پڇڻ لاءِ هن کي بيھڻ جو اشارو ڪيوسين. هن سائيڪل بيھاري. مون کي الائي ڇو هتان جي وڏن وارن وارا نوجوان موالي، چرسي لڳا. هي بہ چرسي لڳي پيو. هن پنھنجو نالو سليم ٻڌايو. سليم ٻڌايو تہ،” هي بيچ تمام پراڻو آهي. ٻہ سو سالن کان بہ مٿي“.
هن ٻيٽ نمان ڳوٺ ۾ ڪا بہ نالي، يا ڪو گٽر کليل نظر نہ آيو. نہ ڪا سامھون بجلي جي تار ڪنھن تنبو يا ٿنڀي تي نظر آئي. رستي تي جيڪي بہ دڪان نظر آيا انھن تي ڪو بہ شٽر وغير نظر نہ آيو. بند ڪرڻ مھل بس شيشي جي دروازي اڳيان ”ڪلوزڊ“ وارو پاٺو رکي ڇڏڻو هيو ۽ وري دڪان کولڻ مھل ”اوپن“ وارو پاسو اٿلائي رکي ڇڏڻو هيو. هتي دڪان ۾ بوٽ، جوتو اندر پائي وڃڻ جي اجازت نہ هئي، نہ ٻاهرين ماڻھو کي ۽ نہ ئي وري هتان جي پنھنجي دڪان جي مالڪ يا اسٽاف کي. پر هرڪو گيٽ کان ٻاهر پنھنجا جوتا لاهي پوءِ ئي اندر دڪان ۾ داخل ٿي سگهي پيو. هتان جي گهرن جي مين گيٽ تي بہ گهر ڀاتين جا جوتا ٻاهر پيل نظر آيا. مجال آ جو جوتو کڄي وڃي. اسان وٽ تہ مسجدن ۾ بہ جوتا محفوظ نہ آهن. هتي سبزيون ۽ فروٽ انڊا ٻاهر کان گهرائيندا آهن. خاص ڪري ڪيلا، انب ۽ ٻيو فروٽ وغيرہ .

بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام

هاڻي پاڻ بڪني بيچ تي اچي پھتا هياسين. سامھون کان ناريلن جي ڊگهڻ وڻن جي ڇانو ۾ قدآور انگريز مرد ۽ انھن جون ڊگهيون عورتون، واري تي رکيل ڪرسين تي بي خوف ۽ بي خطر ٿي ليٽيل تہ ڪي ستل نظر آيا. تہ ڪي وري سمونڊ جي صاف شفاف نيري پاڻي ۾ وهنجندي، سمونڊ جي رونقن ۾ ڇڙواڳ ڇولين کي دعوت حسن ڏيئي رهيا هيا.
پرتاب ۽ سائين مختيار ڦوٽو گرافي ڪندي گهڻو پرتي پرئين پاسي نڪري ويا هيا. عجب مون کي ڦوٽوگرافي لاءِ قابو ڪري وڌو هو. ماڻھو ڪڏهن ڪڏهن محبتن ۽ هجتن جي ور چڙهي ويندو آهي، پوءِ انڪار بہ نہ ڪري سگهندو آهي. مون وٽ منھنجي موبائيل ڪانہ هئي، جو مان پنھنجا يا ٻين دوستن جا ڦوٽو ڪڍان. مون موبائيل اڃان آن نہ ڪئي هئي. سوچيو هيم تہ هتان واپسي ۾ وڃي موبائيل کولي ٻيجل سان رابطو ڪندس. عجب جا جيڪي ڦوٽو ڪڍان پيو، هو پنھنجي ڪنھن بہ ڦوٽو تي مطئمن نہ پيو هئي. هو پنھنجي موبائيل جي ڪيمرا جو فوڪس ۽ اينگل سيٽ ڪري پوءِ موبائيل منھنجي حوالي ڪندي، هدايتون ڏيئي پيو ۽ چوي پيو تہ،”هتان هن اينگل کان بيھي، هن انداز سان ڦوٽو ڪڍو“.
هڪڙي ڦوٽي ۾ گهٽ ۾ هڪ اڌ منٽ لڳي پئي پيو. مون کي اچي بيزاري ٿي تہ پاڻ هڪڙي منٽ ۾ تہ ويھہ پنجويھہ ڦوٽو ڪڍي وڃون پر هي همراھہ هڪڙي ئي ڦوٽو تي ڦاٿل آهي. هن جو پنھنجو معيار هيو. هر ڦوٽو جو اينگل سيٽ ڪرڻ. هر ڦوٽو ڪڍڻ کان پوءِ وري چيڪ ڪرڻ. اهو سڀ ڪجهہ اسان کي ڪٿي پيو پڄي.
”نہ يار مزي وارو ڦوٽو نہ آيو“. هو ڪٿي ڪٿي شڪايتي لھجي ۾ بہ چئي پئي ويو. جنھن تي مان هن کي عرض ڪيو تہ،“قبلا! مون ڦوٽوگرافي جو ڊپلوما نہ ڪيو آهي، جھڙو ڦوٽو اچي ٿو، اهو ئي اٿو”.
سائين مختيار ۽ پرتاب گهڻو اڳتي نڪري ويا هيا. هڪڙي انگريزياڻي اسان جي سامھون سپون ميڙي رهي هئي. هوءَ خاموش هئي تہ سمونڊ بہ خاموش هيو. خاموشيءَ ۾ خاموشي جو ماحول جڙي ويو هو. پر پوءِ بہ مون کي لڳو تہ هن سان سمونڊ جون ڇوليون محو ڪلام آهن. هن جي ويجهو وڃي بيھي رهيس، دل چيو تہ هن سان اندر جي ڳالھہ ڪيان تہ مائي منھنجي هن يار کان جان ڇڏائي“؟. پر پوءِ اڃان ان ئي سوچ ۾ هيس تہ عجب يوسف منھنجو ڌيان ڇڪائيندي چوڻ لڳو،”سائين! هي پوز ڀلا ڪيئن آهي، هي سمونڊ جو بئڪ گرائونڊ اچي بس“. ڪناري تي پاڻي کي روڪڻ لاءِ وڏا وڏا پٿر رکيا ويا هيا ۽ انھن جي مٿان ڪاري رنگ جو تيل هاريو ويو هو تہ جيئن سمونڊ جو پاڻي انھن پٿرن کي نہ کائي سگهي. دنيا ۾ لوھہ اها شي آهي، جيڪو هر شيءَ کي ڪاٽي ڇڏي ٿو، وري ان جي مٿان باھہ آهي، جيڪا لوھہ کي بہ ڳاري، رجائي ڇڏي ٿي، باھہ وري هر شيءَ کي ساڙي رک ڪري ڇڏي ٿي. ساڳي ريت وري باھہ کي وسائڻ لاءِ پاڻي آهي، جيڪو باھہ کي بہ وسائي ڇڏي. اهڙي ريت وري انسان اهو آهي، جيڪو پاڻي کي بہ پي وڃي ٿو. سو هن بيچ يا ٻيٽ جي سامھون ٻيا بہ ڪيترائي ننڍا وڏا ٻيٽ نظر اچي رهيا هيا.
سو مون کي جڏهن گهڻي خفت ٿي تہ مان بہ تڪڙو اڳتي نڪري ويس. عجب بہ منھنجي پويان پويان ڊڪندو آيو. مون ڪوشش ڪئي تہ هن کي ڦوٽو ڪڍڻ ۾ نظر انداز ڪيان، ڇاڪاڻ تہ منھنجا ڦوٽو هن کي نہ پيا وڻن. سو مون وڃي پرتاب جو پاسو ورتو. پر هي اتي بہ پھچي ويو ۽ مان اتان وري وڃي سائين مختيار جو پاسو ورتو، جيڪو اڪيلو اڪيلو پئي گهميو. پيارو عجب بہ اچي پرتاب کي لڳو تہ منھنجون تصويرون ڪڍ. مان شڪر ڪيو تہ هاڻي پرتاب پاڻھي منھن ڏيندو. مون سائين مختيار صاحب جون تصويرون دل سان ڪڍيون تہ هن منھنجون. ٻنھين هڪٻئي جون پئي تصويرون ٺاهيون. مختيار صاحب جي موبائيل جي رزلٽ ڀلي آهي. ان ڪري هن جون تصويرون سُٺيون پئي آيون. مختيار صاحب فقير ماڻھو آهي تصويرن جي معاملن ۾ هو بلڪل سڌو آ. تڪڙ تڪڙ ۾ ٻہ ٽي ڪلڪ ڪري ڦوٽو گرافي جو شوق پورو ڪندو آ. هن جي هُن کي ڳڻتي نہ هوندي آهي تہ تصوير ڀلي نڪتي، يا خراب. ڪا ڳالھہ ناهي. پر عجب جي ڦوٽوگرافي جو داستان بہ عجيب هيو. جيڪو منھنجي سمجهہ کان گهڻو ٻاهر هيو. شايد پرتاب سمجهي ويو هوندو.

انگريزياڻين جو ٿورو

جيتوڻيڪ جنيد ۽ مظفر وارن چيو هو تہ اهي اسان جي پٺيان بيچ تي اچن پيا، پر اڃان تائين ٻيئي ڄڻا نہ پھتا هيا. هاڻي تہ ٽيپھري جو وقت بہ ٿي ويو هو. بيچ تي گهڻي رش نہ هئي، بس چند انگريز ۽ انگريزياڻون سامونڊي ڪناري ۾ سمونڊ جي مستي سان مستيون ڪري روح رهاڻيون ڪري رهيا هيا. انھن جا کيچل سمونڊ سان گڏ اوسي پاسي وارن کي بہ مستي ۾ آڻي رهيا هيا. سچ تہ مون کي هتي ئي مالديپ ۾ مانڊاڻ نظر آيو هو. هي صاف سٿرو نيري پاڻي وارو سمونڊ هيو. ڪنھن بہ قسم جو ڪچرو وغيرہ نہ هيو. هتي ڪافي تعداد ۾ تصويرون ڪڍرايونسين. واپسي ۾ جنيد وارا اڃان نہ آيا هيا. ان ڪري پاڻ واپسي جو دڳ وٺي هلندا رهياسين.
پريان بيچ ۾ داخل ٿيندڙ لنگهہ وٽان هڪڙي پوڙهي انگريزياڻي ۽ هن جي نوجوان ڌي بيچ ۾ داخل ٿي رهيون هيون ۽ اسان نڪري رهيا هياسين. اڀ تي ڪارا ڪڪر گڏ ٿي ويا هيا. مون هنن کي عرض ڪيو تہ،”معاف ڪجو، جيڪڏهن توهان دل ۾ نہ ڪيو تہ اسان سڀني دوستن جو هڪڙو گروپ ڦوٽو ڪڍو“.
”نہ نہ ڪاڳالھہ ناهي، توهان بيھو تہ توهان جي تصوير ڪڍون ٿا“. نوجوان ڇوڪري مرڪي مختيار صاحب جي موبائيل ورتو هيو.
هن سان گڏ پوڙهي تہ ڏاڍي خوش ٿي. ڇوڪري اسان کي پوز سيٽ ڪرائي رهي هئي. جنھن مان لڳو پئي تہ هو ڪا وڏي ماهر ڦوٽوگرافر آهي. مون هن کي سمجهائيندي چيو تہ،”اسان جي تصوير ائين ڪڍو، جيئن پويان منظر ۾ جهڙ بہ اچي ۽ هي وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا بہ اچن“.
هوءَ منھنجي ڳالھہ سمجهي ويئي هئي. هن اسان جو ٻہ ٽي تصويرون ڪڍيون هيون. ان کان پوءِ وري هن اهي تصويرون موبائيل ۾ ئي کولي ڏيکاريون هيون. واقعي هو ڪا ماهر ڦوٽوگرافر هئي. هن ڏاڍيون سٺيون تصويرون ڪڍيون هيون. اسان هنن جو شڪريو ادا ڪندي بيچ کي ڇڏي اڳتي هوٽل ڏانھن سڀ واپس ٿي رهيا هياسين. ٻاهر نڪرڻ مھل هڪڙو ڇاپري نموني جاءَ هئي. جنھن ۾ چار لڪڙا لڳل هيا. جنھن تي ڪا بہ ڇت نہ هئي. پرتاب اتي اسان جون شاندار تصويرون ٺاهيون. پرتاب بہ ڏاڍو بھترين ڦوٽو گرافر آهي. اڳتي وڻن جي پاسي کان نڪرڻ لڳاسين تہ سامھون کان رستو بند نظر آيو. پر اڳيان ٻہ نوجوان وڏن وارن سان ويٺل نظر آيا. جيڪي باھہ ٻاري ويٺا هيا. هو ڪو نشو پتو ڪري رهيا هيا. ڇو تہ اهو وقت باھہ ٻاري ويھڻ جو هيو ڪونہ.

دک ٻلي جو گهوري نھارڻ

اسان انھن جي پاسي کان جيئن ئي گذرڻ لڳاسين تہ مون ڏٺو تہ اهي وڏن وارن وارا ڇوڪرا پٽ تي وڻ جي هيٺان ويٺا هيا. انھن جي ويجهو، باھہ جي پاسي ۾ هڪڙو دک ٻلو ۽ هڪڙي ٻلي بہ ويٺل نظر آئي. هتي مالديپ ۾ نوجوانن ۾ مون وڏن وارن رکرائڻ جو وڏو رجحان ڏٺو. عجيب جهتلا ماڻھو نظر آيا. ڊگهي ڏاڙهي، وڏا وکريل گهنڊيدار وار، نہ ڦڻي ڏنل ۽ نہ تيل مکيل. ٺھن نہ ٺھن بس وڏن وارن جو شوق. وڻي نہ وڻي پر وچ مان گرھہ کڻي.
سو اتان جيئن گذرياسين تہ دک ٻلو اسان اجنبي ماڻھن کي اکيون ڦاڙي ائين گهورڻ لڳو، ڄڻ اسان هن جي گهر ۾ گهڙيا هجون. ايئن لڳو ڄڻ اجهو ٿو اسان تي حملو ڪري. مون کي ڏاڍي حيرت ٿي. شايد ان ڪري جو هو سمجهي پيو تہ اسان هن جي علائقي ۾ هتان جا نہ هياسين، بلڪ ڌاريا ماڻھو هياسين ۽ ٻيو وري انھن جي گهرن جي اڳيان پيا گذرون.
سو جانور کي بہ پنھنجي علائقي ۾ ڌارئي ماڻھو کي ڏسي غيرت اچي ٿي. مونکي ائين لڳو تہ ٻلي کي اسان جو اتان گذرڻ سٺو نہ لڳو. هن وڏي ڪاوڙ مان اسان تي جوھہ وڌي ۽ منھن بڇڙو ڪري، اسان کي مسلسل گهوري نھارڻ لڳو هو. هتي تہ ٻلو بہ پنھنجي ڌرتي تي ڌاري کي برداش نہ ٿو ڪري، بلڪ ڪاوڙ جو اظھار بہ ڪري ٿو.
اسان جيڪي پنھنجي ڌرتي جي ٽڪري ٽڪري ڪپجندي، ڪٽجندي، قبضو ٿيندي، اکين سان ڏسون ٿا، پر پوءِ بہ ماٺ ۾ آهيون. ڪاوڙ جو اظھار نہ ٿا ڪيون. ان ڪري اسان جو تہ الھہ تلھہ ئي چٽ ٿي ويو، ڇو تہ اسان اڃان بہ ننڊ ۾ اگهور آهيون. ٻٻر لوءِ واري ڌرڻي ۾ جيڪڏهن سنڌ نہ اٿي ها تہ پوءِ ڪڏهن بہ نہ اٿي ها ۽ ان جا نتيجا اسان جو ايندڙ نسل ضرور ڀوڳي ها. پر هاڻي ائين نہ آهي. هاڻي اسان جو ٻچو ٻچو چوي ٿو تہ،“لک لعنت تو تي زرداري”. اها قومي غيرت نيٺ جاڳي. مون کي ان ڳالھہ جي ڏاڍي خوشي آ.
هتان جي ٻيِٽ وارن جي مالي حالت ڏاڍي مظبوط هئي. هتان جا ماڻھو ڏاڍا آسودا هيا. خوشحال هيا. مڇي ماني وارا هيا. ان جو سبب سياحن جو گهڻو اچڻ هيو. سياحت جي ڪري هتان جي ماڻھن جي مالي حالت ڏاڍي مستحڪم ٿي آهي. ان ڪري هتان جو هر ماڻھو خوشحال آهي، امير آهي ۽ ڪو بہ غريب يا ڪو بہ فقير نظر نہ آيو.
سو اتان ٿيندا، وچ ئي وچ وٺي، وڻن، ٻوٽن کان ٿيندا. اڳتي نڪري وياسين تہ سامھون کان ئي سمونڊ جو ڪنارو نظر آيو. هي هن ٻيٽ جو ٻيو ڇيڙو هيو. عجب ۽ پرتاب ڦوٽوگرافي ۾ مصروف هيا. عجب واھہ جو پرتاب کي قابو ڪيو هو. پر پرتاب جي دل وڏي آهي، هن جو برداش ڪرڻ وارو معدو بہ لوھہ جو ٺھيل آهي. مان ۽ سائين مختيار بہ هنن جي ويجهو ٿياسين تہ ڏسون پرتاب ڪيئن ٿو ڦوٽو ڪڍي. عجب اهائي ساڳي ڳالھہ پرتاب کي سمجهائي رهيو هيو. تہ هن جاءِ تان ڦوٽ ڪڍ. هن اسٽائيل ۾ ڪڍ، هينئن ڪڍ، هون ڪڍ، پويان سج اچي، روشني اچي، وڻ اچن، سمونڊ جو ڪنارو اچي، جهنگ اچي. مون جڏهن هنن کي ايڏو مصروف ڏٺو تہ مون سائين مختيار کي چيو تہ،”سائين پاڻ هتي نہ بيھي سگهنداسين، هي پاڻھي ئي ايندا. پاڻ سامھون واري هوٽل جي ٻاهران رکيل ڪرسين تي هلي ويھي انتظار ڪيون ٿا، هي دوست فارغ ٿي اچن تہ پوءِ گڏجي ٿا چانھہ پيون“.

هوٽل تي ادبي ڪچھري جو چس ۽ مشاعرو

سائين مختيار بہ منھنجي ڳالھہ سمجهي ويو هو. اسان ٻيئي واڪ ڪندا هوٽل تي اچي ويھي رهيا سين. هاڻي تہ سج بہ لھي ويو هو. شام شفق بہ چٽي نظر اچي رهي هي. ٿوري دير کان پوءِ مون ڏٺو تہ ٻيئي دوست عجب ۽ پرتاب اچن پيا. اسان چانھہ جو آڊر ڏنو. پرتاب چانھہ نہ پيتي. اسان شام جي چانھہ نہ پيئون تہ مٿي ۾ سور پئجي وڃي. سو اسان ٽنھي چانھہ پيتي ۽ پرتاب جوس جو مزو ورتو. انھي چانھہ ۽ جوس تي خوب ڪچھري ٿي. مشاعرو ٿي ويو.
سائين مختيار جي صدارت ۾ ئي ادبي ڪچھري کان وٺي انگريزي ٻوليءَ تائين پاڻ محو گفتگو رهياسين. جڏهن ڪافي دير ٿي ويئي تہ پاڻ اٿي، ڪچھري ڪندا، هوٽل تي پھتاسين. ٿوري دير پوءِ کان جنيد ۽ مظفر بہ موٽي آيا. هنن ٻڌايو تہ هو بہ بڪني بيچ کان ٿي آيا آهن. اسان کي ڏاڍو ڳولھيون پر اسان نہ ملياسين. اڄ رات اسان کي سامان پيڪ ڪرڻو آهي. سڀاڻي اسان کي مالي وڃڻو آهي. ستين وڳي واري فيري ۾. هڪڙي رات اسان کي مالي ۾ يا هڙو مالي ۾ گذارڻي آهي. باقي سترهين تاريخ تي اسان جي مالديپ کان موڪلاڻي جي فلائيٽ آهي..
ان کان پوءِ مون موبائيل آن ڪئي تہ موبائيل کلي ويئي هئي پر هن جي اسڪرين تي هيٺيان ٽي آپشن اچن پيا. ريبوٽ ڪيو، فارميٽ ڪيو، سئچ آف ڪيو. مون ري بوٽ جو آپشن تي ڪلڪ ڪيو پر موبائيل منھنجو سڏ نہ ورنايو هو ۽ منھنجي ان حڪم تي ڪو بہ عمل نہ ٿيو هو. پر هاڻي مولا جي ڪرم سان ري بوٽ ٿي ويو هو. پر ان کان اڳ ۾ هڪڙو ٻيو آپشن ڏنائين تہ your phone is too hot to temperature . مون وري موبائيل کي آف ڪري ڇڏيو. مون کان هڪڙي غلطي ٿي تہ مون موبائيل کي چارجر تي لڳائي ڇڏيو، جيڪو مون کي نہ ڪرڻو هيو. جنھن جي ڪري ٿوري دير کان پوءِ موبائيل صفا تپي باھہ ٿي ويو. ائين لڳو تہ ڪاشي اندران سڙي رهي آهي. سو ٿيو بہ ائين موبائيل جو ڪم پورو ٿي ويو هو.
اڄ رات جي ماني هن ئي اٿينس وويو واري هوٽل جي ميس ۾ کائڻ جو ارادو هيو. بيري کي مٿي هوٽل واري روم ۾ گهرايوسين. هن کي رات جي ماني ۾ دل، سبزي (گوبي مڪس)، ڪڪڙ جو ٻوڙ، چانور، چپاتيون ۽ ڪجهہ سلاد جو آرڊر ڏنوسين. هن چيو تہ،”سڀ شيون تازيون پچائينداسين، ان ڪري اڌ منو ڪلاڪ کن لڳندو، ان کان پوءِ توهان هيٺ لھي اچجو ماني تيار هوندي“.
جڏهن اڌ منو ڪلاڪ کان بہ گهڻو وقت ٿي ويو تہ اسان سڀ هيٺ لٿاسين. هوٽل جي ڊائننگ ٽيبل تي اچي ويھي رهياسين. پر ماني ۾ اڃان بہ ٿوري دير هئي. ماني تازي پچي رهي هئي. تقريبن ڏهن منٽن کان پوءِ لذيذ گرم گرم ماني ٽيبل تي هئي. بک جي ڪري ماني ڏاڍي سٺي لڳي پر هون بہ ماني ڏاڍي لذيذ هئي. بل بہ ٻين هوٽلن کان گهٽ آيو. ٽوٽل بل 19 ڊالر آيو هو، جيڪو تمام گهڻو مناسب هيو. ماني کائي واپس پنھنجي ڪمري ۾ آياسين. جنيد ماني ۾ نہ هيو. خبر ناهي هو ڪٿي هو ۽ ڪھڙن خفن ۾ هيو. رابطي ۾ نہ هيو.
مون کي مزو ٺپ نہ پئي آيو. موبائيل جي خراب ٿي وڃڻ جي ڪري منھنجو ٻيجل سان رابطو ڪٽجي ويو هو. انڪري ڪري مون کي اها ڳڻتي هئي تہ ٻيجل منھنجي باري ۾ پريشان ٿيندو هوندو. جاني دوستن سان رابطي ۾ هيو. مون جاني کي چيو تہ،”ڪيئن بہ ٻيجل جو نمبر هٿ ڪيو يا پرتاب جو نمبر ٻيجل کي ڏيو تہ ان تي ڪال ڪري“.
پر مالديپ ۾ ٻيجل سان رابطو نہ ٿي سگهيو.

6.7.2024 جي پرنور صبح ۽ پرتاب جا شعر

هجي جا کاڻ خوبين جي، عيبن کان بنھہ آجي،
نہ پنھنجي شاعري اهڙي، نہ پنھنجي زندگي اهڙي.
نارائڻ شيام

ڪير اسان جا سور سھيڙي،
دل ٿڪجي پيئي ميڙي ميڙي

صبح جو پوڻين پنجين وڳي اک کلي تہ ان وقت فجر جي آذان جو آواز ڪنن ۾ پيو. دوست سڀ ستا پيا هيا. مان فريش ٿي ٻاهر نڪتس پئي تہ منھنجي چرپر ۽ کڙڪي ڪرڻ واري آواز تي مختيار صاحب جاڳي پيو هو. ان کان پوءِ ڏٺم تہ پرتاب بہ ننڊ مان بيدار ٿي چڪو هو.
رات هن ٻيٽ ۾ ڪافي هوائون هُلي رهيون هيون. گيلري ۾ رکيل ڪپڙا سُڪي چڪا هيا. سامان جي پيڪنگ تہ مان رات ئي ڪري چڪو هيس. مون وٽ هڪڙو وڏو بيگ ۽ هڪڙو هينڊ ڪيري يا ٿيلھو ساڻ هيو. جنھن ۾ هلڪو ڦلڪو سامان هيو. هن وقت صبح جا ساڍا پنج ٿيا آهن. مختيار صاحب وهنجي رهيو آهي. جنيد وارن کي اٿاري آيو آهيان. اهي بہ ستل هيا.
ساڳي ريت هوٽل جي ٻين ڪمرن جا مھمان بہ ستل هيا. مان تيار ٿي هوٽل جي روم ۾ ويھي لکي رهيو آهيان. رات کان موبائيل کُلي نہ ٿي، صفا پڙ ڪڍي ويھي رهي آ. جنھن جي ڪر طبيعت ۾ ٺپ مزو ڪونھي. ڇا ڪجي. ڪڏهن ڪڏهن ماڻھو پنھنجي وس ۾ نہ هوندو آهي. پاڻ کي مڪمل طور تي حالتن جي ور ڪري ڇڏڻو پوندو آهي. ڇو تہ ماڻھو ڪجهہ ڪري نہ سگهندو آهي. پوءِ نيٺ ڇا ڪجي.!

مالديپ جي مالي شھر ڏانھن روانگي

اٿينس ويو جو لوڊر رڪشا اچي چڪو آهي. هوٽل جي ٻاهران بيٺو آهي. ناشتو لڳي چڪو آهي. اسان سڀ ناشتي جي ميز تي گڏ ٿيا آهيون. ناشتو ڪري، اسان بہ رڪشا ۾ ويھي رهياسين. اسان جو سامان هوٽل جي اسٽاف وارن رڪشا ۾ اڳ ۾ لوڊ ڪري ڇڏيو هو. پنجن منٽن جي پنڌ تي گرائيدو ٻيٽ جي ڪناري تي اچي بيٺا هياسين. اسان سان گڏ هوٽل جو مينيجراعظم بہ پنھنجي ويسپا ٽائيپ موٽر سائيڪل تي چڙهي آيو هيو.
اسان اڄ ايترو سوير پھتاهئاسين جو مالي ڏانھن ويندڙ فيري ۾، فيري جو عملو فيري کي اندران اندران صفائي ۾ مشغول هيو. پائليٽ اڃان نہ پھتو هيو. اسان اتي ئي ڪناري تي ئي، فيري جي اڳيان بيھي ڪجهہ تصويرون ڪڍرايونسين. جيسيتائين ٻيِڙي تيار ٿئي. جنيد چاهيو تہ اعظم جي موٽر سائيڪل تي ٿورو چڪر هڻي، پر هن انڪار ڪري ڇڏيو هو. هاڻي فيري جي صفائي ٿي چڪي هئي. ان ڪري اتان جي اسٽاف اسان جو سامان (اسان جا بيگ ۽ ٿيلھا) فيري ۾ رکي ڇڏيا هيا. ان کانپوءِ، هڪڙو همراھہ ساين ڀاڄين جا پاچڪا ڀري، لوڊر تي کڻائي آيو هو. جيڪي جھاز جي ڊيڪ تي رکيا ويا ها ۽ اسان وارا بيگ گيٽ کان اندر ڪيبن ۾ رکيا ويا هيا. فيري ۾ اسٽاپ جا ٻہ ماڻھو اڳ ۾ ئي اچي ويا هيا. هاڻي تہ هن جو ٽڪيٽ چيڪر ۽ پائليٽ بہ اچي ويا هيا. اسان کي فيري ۾ ويھڻ لاءِ چيو ويو هو. اسان سڀ هاڻي فيري ۾ ويھي چڪا هيا سون.
فيري بلڪل ستين وڳي پڪي ٽائيم تي اتان ان گرائيدو هاربر مان نڪتي. هڪڙي منٽ لاءِ بہ ڪنھن جو انتظار نہ ڪيو ويو. ٻيڙي هلڻ مھل صبح جي تازي هير اهڙي تہ گهلي رهي هئي جو مون زندگي ۾ اهڙي هير ڪٿي بہ محسوس نہ ڪئي هئي. تازي تازي، آلودگيءَ کان پاڪ، صاف، ٿڌڙي هوا، سمونڊ جو جهان، نيرو پاڻي. واھہ. سچ تہ هن هوا مون کي ننڊ ڏيارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي هئي. هن ٻيڙي جي ٽڪيٽ وٺندڙ ملازم /اسٽاف کي نيري رنگ جي ٽي شرٽ پاتل هئي. جنھن جي پٺيان انگريزي ۾ لکيل هيو. ايم ٽي سي سي.
هن ٻيڙي جو پائليٽ بہ هن ئي ٻيٽ ۾ رهندڙ آهي. هن جي رهائش بہ هن ئي گرائيدو ٻيٽ ۾ آهي. هتان کان ٻيڙي ڪڍندو آهي، هتي ئي شام جو واپس آڻي لنگر انداز ڪندو آهي. جڏهن ٻيڙي جي پوين سيٽين تي نظر ڊوڙايم تہ مون کي هڪڙو پوڙهو نظر آيو. يوسف ٻڌايو تہ،”هي اهو ئي ساڳيو پوڙهو آهي، جيڪو اسان سان گڏ ڪالھہ مافوشي کان ايندي هن ئي فيري ۾ منھنجي پاسي ۾ ويٺو هو. هو رنگ جو ڪارو، عجيب غريب رنگين پينٽ شرٽ. هي بہ گرائيدو ٻيٽ جو رهائشي هيو. عمر جو پڪو، چشمو پاتل، ننڍڙي قد جو، سنھڙو سيپڪڙو، ڪارڙو، گهنڊيدار وارن وارو، هي همراھہ سڄي دنيا گهمي چڪو آهي“.
جنھن تي مون کي حيرت ٿي تہ واقعي ئي هي سڄي دنيا گهمي چڪو آهي. يوسف ٻڌايو تہ،”هو ڪنھن جھاز ۾ لگيج واري شعبي ۾ ڪم ڪندو آهي.“ هن وقت بہ هن سان جنيد ۽ يوسف ڪچھري ڪري رهيا آهن.

سمونڊ جون تيز ڇوليون ۽ جھاز

هن وقت اسان فيري ۾ آهيون. سامونڊي ماحول مان لطف اندوز ٿي رهيا آهيون. سمونڊ جون لھرون ڪٿي مٿاڇريون تہ ڪٿي اونھيون ۽ گهريون آهن. جھاز پنھنجي رفتار سان هلي رهيو آهي. جنيد ٻڌايو تہ،”هن جھاز ۾ واش روم بہ آهي، جيڪڏهن ڪو دوست استعمال ڪرڻ چاهي تہ ڪري سگهي ٿو“.
گرائيدو کان مافوشي، مافوشي کان گُلي ۽ گلُي کان مالي تائين هن فيري ۾ اڍائي ڪلاڪ لڳن ٿا. يعني جھاز اسان کي ساڍي نائين وڳي صبح جو مالي بندرگاھہ ۾ لاهيندو. سرڪار پاران هتان جي ماڻھن لاءِ هي تمام وڏي سھولت آهي. هن مھل آسمان صاف آهي. اڀ تي ڪٿي ڪٿي ڪا ڪڪري نظر اچي ٿي، نہ تہ بلڪل صاف آهي. جھاز جي سيٽن جي پاسن سان لڳل شيشن جون دريون کليل آهن. سامھون کان گيٽ بہ کليل آهي. اتان هوا جو لنگهہ آهي. شيشن مان تازي هوا اندر داخل ٿي رهي آهي. ان ڪري مون تي ننڊ جي ديوي مھربان آهي ۽ اها زوري کنيو پئي وڃي.
هن مھل اسان جي فيري هڪڙي ملاحن جي ٻيڙي کي ڪراس ڪيو آهي. هي ماهيگيرن جي مڇي مارڻ واري ٻيڙي هئي. هونءَ بہ هتي سياحت کان پوءِ ماهيگيري ئي هتان جو وڏو ڪاروبار آهي. پر اهو ڌنڌو سياحت جي ڪري ڌڪ کائي ويو آهي. ماهيگيري ۾ وڃي پراڻا، جهونا مھاڻا بچيا آهن. جن جو اڄ بہ ان اباڻي ڌنڌي سان چاھہ آهي. باقي نوجوان طبقي جو لاڙو سياحت ڏانھن وڌيڪ آهي. نوان ماڻھو هن فيلڊ ۾ نہ ٿا اچن. ڇو تہ اهي سياحت مان تمام گهڻو ڪمائين ٿا. انگريزن جا ٽولا اچن ٿا. جيڪي هتي هوٽلنگ ڪن ٿا، رهن ٿا، کائن پين ٿا، گهمن ٿا. هي انھن کان ڊالرن ۾ پئسا ڇڪي وٺن ٿا. جيتوڻيڪ بارگيننگ بہ هلي ٿي پر انگريز پڪائي گهٽ ڪري ٿو. ڪنھن ٻڌايو تہ جولاءِ هتي آف سيزن آهي. هن جي سيزن جي شروعات آڪٽوبر، نومبر ۽ ڊسمبر ۾ آهي. دنيا جا سياح هنن ملڪن ۾ خاص ڪري انھن مھينن ۾ اچي ديرو ڄمائين ٿا.

گامون سچار انگريز يار

جنيد سان هڪڙو انگريز ٽڪرائجي ويو. هي قدآوار مڙس، گورو، ڀورو، ڪيلن شيون، چھري تي ربن جو ڪارو چشمو لڳل. ڄڻ تہ هالي وڊ جي فلمن جو ڪو هيرو لڳي رهيو. جنيد جڏهن هن سان ڪچھري ڪئي تہ هو حيران ٿي ويو.
”توهان ڪٿان جا آهيون“. جنيد
”مان آسٽريليا جو آهيان پر 25 سالن کان برطانيہ ۾ رهان پيو“. انگريز چيو.
”توهان ڇا ڪندا آهيون“. جنيد
”مان سيڪيورٽي گارڊ جي حيثيت سان نوڪري ڪندو آهي“. هن جواب ڏنو.
”تنھنجي تعليم“؟ جنيد
”مان ايم اي انگريزي ادب ۾ آهيان“. انگريز
جيتوڻيڪ همراھہ قد ڪاٺ مان لڳي نہ پيو تہ هو اهڙي خصيص نوڪري ڪندو هوندو“.
”مون کي لڳي ٿو تہ تون ايڏي گهٽ سيليري واري نوڪري نہ ٿو ڪرين، تو کي سٺي کان سٺي نوڪري ملي سگهي پئي.. جنيد
”بلڪل توهان سھي آهيو، پر يار مان اصل ۾ سست ماڻھو آهيان. مون کان ڪم نہ ٿو پڄي. مان ان خيال جو آهيان تہ مان اهڙي نوڪري ڪيان، جنھن ۾ مون کي ڪم نہ ڪرڻو پوي پر پگهار پئي ملي“. انگريز
”ڪمال جو ماڻھو آهين يار“. جنيد
”اصل ۾ ڳالھہ هي آهي تہ مان ان ڪري سيڪيورٽي جي نوڪري ڪندو آهيان جو ان ۾ مون کي ڪو بہ ڪم ناهي ڪرڻو پوندو. بس مون کي ويھي وقت ڪاٽڻو پوندو آهي“. انگريز
”تہ پوءِ تو کي ان ڳالھہ تي فخر آهي“. جنيد
”مون کي فخر ان ڳالھہ تي آهي تہ مان واندو نہ ويھندو آهيان، بلڪ مان وڏي شوق سان ويھي ڪتاب پڙهي پنھنجو وقت پورو ڪندو آهيان. منھنجو وقت بہ گذري ويندو آهي ۽ مان ڪتاب بہ پڙهي وٺندو آهيان. هفتي ۾ هڪ ٻہ ناول پڙهي چٽ ڪري ويندو آهيان. ڪتاب پڙهڻ منھنجو شوق آهي.“. انگريز
”پوءِ تنھنجي پراپرٽي ڪيتري آهي“. جنيد
”مون کي گهڻي دولت يا پراپرٽي ٺاهڻ يا ڪٺي ڪرڻ جو ڪو بہ شوق نہ آهي. مون کي ڪا بہ لالچ نہ آهي“. انگريز
”تو کي گهڻو اولاد آهي“. جنيد
”منھنجو هڪڙو پٽ آهي. جيڪو آسٽريليا ۾ نوڪري ڪندو آهي. هو جيڪو ڪمائي پاڻ کائي. نہ مون کي ڏيئي نہ مان هن کي ڏيان. هرڪو پنھنجي منھن خوش“. انگريز
”تنھنجي پگهار“ جنيد
”مون کي مھيني ۾ 15 کان ويھہ هزار ڊالر ملي ويندا آهن. جيڪي اسان ٻنھي زال مڙسن لاءِ ڪافي آهن“. انگريز
”توهان چاهيو تہ ٻي ڪا سٺي نوڪري بہ ڪري سگهو پيا ۽ ان جي بدلي ۾ توهان کي سٺا پئسا ملي سگهن پيا“. جنيد
”جي بلڪل پر جيئن تہ منھنجو پسنديدہ ڪم ڪتاب پڙهڻ آهي. ان ڪري جيڪڏهن مان ڪا ٻي نوڪري ڪيان هيا تہ مون کي ڪم ڪرڻو پوي ها ۽ مان ڪتاب نہ پڙهي سگهان ها“. انگريز
”توهان ڪھڙا ڪتاب پڙهندا آهيو“. جنيد
”ڪتابن ۾ منھنجو پسنديدہ موضوع ناول آهي. مان ناول وڏي شوق سان پڙهندو آهيان“. انگريز
مون کي ڏاڍي حيرت ٿي تہ يار هي تہ ڪمال جو ماڻھو آهي. هن قسم جا ماڻھو بہ دنيا ۾ آهن. جن لاءِ پراپرٽي ٺاهڻ، بينڪ بيلينس گڏ ڪرڻ اهم نہ آهي. نہ ئي ڪو انھن ڪمن ڏانھن هن جو ڌيان ويندو آهي. اهي سڀ شيون هن لاءِ ڪجهہ بہ نہ آهن. بس ڪتابن پڙهڻ جو شوق ۽ ٻيو ڪجهہ بہ نہ. واھہ.

جھاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال

ساڍين ستين وڳي اسان مافوشي ٻيٽ تي پھچي چڪا آهيون. اڳ ۾ ڪناري تي هن فيري لاءِ ڪيترائي ماڻھو انتظار ۾ بيٺل آهي. ڪافي ماڻھو هتان چڙهيا. پنھنجو سامان بہ لوڊ ڪيائون. انگريز سياحن جو وڏو انگ آهي. پاسي ۾ جيڪا ٻيڙي بيٺي آهي ان تي ملاح مڇي کپائي رهيا آهن. هتي بس ٻہ منٽ مس بيٺي. سامان رکي، مسافر کڻي، بغير ڪنھن جي انتظار جي، هڪڙو منٽ بہ نہ بيٺي، وري اڳيون ماڳ گُلي آهي. ان پاسي روانو ٿي ويئي. گُلي مافوشي کان 30 منٽن جي مسافري تي آهي. هاڻي اسان کان علاوہ ڪافي انگريز ۽ انگريزياڻيون بہ اچي ويٺيون.
هن ٻيڙي جي هڪڙي هيلپر جو نالو محمد آهي. هو بنگالي آهي. هن جي پگهار ست هزار مالي روفيا آهي. هو انتھائي سادو ماڻھو آهي. ڊرائيور يا پائليٽ جي پگهار سترنھن هزار مالديوين روفيا آهي. هن ٻڌايو تہ هن کي هتي ٽي سال ٿيا آهن. هو بنگلاديش نہ ويو آهي. هر طرف سمونڊ، پاڻي ئي پاڻي پئي نظر آيو. پري پري ڪي ٻيٽ نظر پئي آيا. ڪٿي ڪٿي سمونڊ جو نيرو پاڻي تہ ڪٿي ڪارو پاڻي نظر پئي آيو. انڊين سي جيتوڻيڪ مستي ۾ نہ آهي. پر هن فيري ۾ ويٺل انگريز ۽ انگريزياڻيون ڏاڍيون مستي ۾ مست نظر اچي رهيون آهن. اهي پاڻ ۾ مشڪريون ڪري سفر کي خوب انجوا ڪري رهيون آهن. کل ڀوڳ ڪري ماحول ۾ مزو پيدا ڪري رهيا آهن. اسان تہ ايڏا خاموش جو پاڻ ۾ نہ ٿا ڳالھايون.
مون محمد کي چيو تہ،”تون اڳيان بيھي، اسان دوستن جي هڪڙي يادگار تصوير ڪڍ“. پر هن انڪار ڪندي چيو تہ،” سائين مون کي اجازت نہ آهي مان نہ ٿو ڪري سگهان. ان کان علاوہ انگريز مائينڊ بہ ڪندا آهن“.
هتي ليبر ۽ اسٽاپ گهڻو ڪري ٻاهريون آهي. ڪو بنگالي تہ ڪو انڊين تہ ڪو نيپالي ماڻھو. هنن ملڪن جا ماڻھو گهڻو نظرآيا، بنسبت ٻين ملڪن جي. ماڻھو روزگار سانگي پنھنجو ملڪ، پنھنجو وطن ڇڏي، اچي ٻي ملڪ ۾ دربدر ٿين ٿا ۽ پنھنجي ٻچڙن لاءِ روزي ڪمائين ٿا. زندگي هتي ڪيڏي ڏکي آهي. پر پوءِ بہ مجبور ماڻھو ان تي قطئي ٺاھہ نہ ٿو ڪري.

گُلي: مالديپ جو خوبصورت جزيرو

پاڻ هاڻي گلي ٻيٽ تي پھچڻ وارا آهيون. سامھون ئي گلي ٻيٽ نظر اچي پيو. هتي ساوڪ گهٽ پر جديد طرز جو عمارتون، هوٽلون، دڪان وڌيڪ نظر اچي رهيا آهن. ست لڳي پنجونجاھہ منٽن تي اسان گلي پھچي چڪا آهيون. ڪجهہ انگريز هتي لھي رهيا آهن. ڪي بندرگاھہ مان چڙهڻ لاءِ انتظار ۾ وڏا وڏا ٿيلھا کنيو بيٺا آهن. ٿوري دير کان پوءِ ٻاهريان ماڻھو اندر چڙهڻ لڳا.
خوبصورت ڇوڪرين سان گڏ، پوڙها انگريز ۽ ٻارڙا بہ شامل هيا. انھن مور ماڻھن ۾ ڪي رڏ ڪارا هيا تہ ڪي گورا. ڪجهہ هن ٻيٽ جا لوڪل ماڻھو بہ چڙهيا. جڏهن آخري مسافر چڙهيو تہ جھاز واري ٽريڪٽر جو ٽائر ۽ اسٽيل واري ڏاڪڻ، جھاز جي اڳيان ڊيڪ جي سامھون رکيل، اتان هٽائي ڇڏي. اسان اٺين وڳي گلي ڇڏي چڪا آهيون. هاڻي اسان جي اڳين منزل مالي، مالديپ جو ڪيپيٽل آهي. جيڪو هن فيري جو بہ آخري اسٽاپ آهي. گلي بہ مافوشي جھڙو ئي لڳو. هي ٻيٽ بہ ساڳي ئي طرز تي ٺھيل آهي. هر ٻيٽ خوبصورت آهي پر هر ٻيٽ جي پنھنجي الڳ خوشبو آهي ۽ هر ٻيٽ جنت جو ٽڪرو آهي.
اڳتي هلياسين تہ سامھون کان ئي پاڻيءَ جو وڏو جھاز نظر آيو. هن جا ٻہ رنگ هيا. اڇو ۽ ڪارو. هن ۾ ٻہ طبق هيا. هڪڙي کليل ڇت، پر سا بہ ڍڪيل. ان جي هيٺيان ڪرسيون رکيل هيون. هيٺيون حصو مڪمل طور تي بند هيو. هاڻي وري سمونڊ ئي سمونڊ، هل هلان. سفر تہ کٽڻ جو نالو ئي نہ پيو وٺي. هي فيريون بہ ڪيڏو وقت وٺن ٿيون. ان کان بھتر آهي تہ ماڻھو پئسا ڪجهہ وڌيڪ ڀري فاسٽ بوئٽ ڪري وٺي تہ تمام گهڻو ٽائيم بچي. اڍائي ڪلاڪ وارو سفر اڌ منو ڪلاڪ ۾ طئي ڪري سگهجي ٿو.

مالديپ جي گاديءَ جي هنڌ مالي ۾

هن وقت صبح جا سوا نو ٿيا آهن. پاڻ مالي ٻيٽ جي ڪناري تي پھچي چڪا آهيون. هتي بہ مسافرن لاءِ شاندار انتظارگاھہ آهي. جيئن ڪنھن وڏي ريلوي اسٽيشن جو ڪو پيلٽ فارم هجي. هتي بہ ٽڪيٽ گهر آهي. توهان مافوشي، گلي ۽ گرائيدو کان علاوہ ڪيترن ئي ٻيٽن لاءِ هتان ئي ٻيڙيون نڪرنديون آهي. هي جنڪشن آهي. هتان توهان ٽڪيٽ وٺي سگهو ٿا. هي هيڊ ڪواٽر آهي. هتان کان مختلف ٻيٽن لاءِ ٻيڙيون نڪرنديون آهين. سينٽرل اي سي وارو هي اسٽاپ تمام خوبصورت ۽ صاف سٿرو آهي. شاندار نموني سان صفائي ٿيل آهي. بھترين واش روم صفائي، سٿرائي ٿيل. اسان بيگ گهلائيندا ٻاهر نڪري آياسين. مظفر هتان جي واش روم ۾ ويو هو. هن ٻڌايو تہ بلڪل ايئرپورٽ جھڙا بھترين واش روم آهن. هن کي ڳالھہ ڏاڍي وڻي هئي.
گروئيدا کان جڏهن مالي پھتاسين تہ ائين لڳو تہ منھوڙي کان صدر آيا هجون. يعني ٻھراڙيءَ کان شھر. پر هتان جي ٻھراڙي شھرن کان وڌيڪ خوبصورت، هر قسم جي آرائش سان سينگاريل، سنواريل ۽ سٺو معيار رکي ٿي. جتي سڪون ۽ خاموشي جو راڄ آهي. دنيا جا سياح جڏهن پنھنجن گوڙ گمسان وارن شھرن کي ڇڏي اچن ٿا تہ انھن جي ترجيع ۾ اهي ئي ٻيٽ آهن، جتي پھچي اهي سک جو ساھہ کڻن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو شھرن جا ماڻھو ٻھراڙين ۾ وڃڻ پسند ڪن ٿا، جڏهن تہ شھرن جي حالت اڃان ڪجهہ خستہ حال آهي.
ٻھراڙين ۾ هر قسم جي سھولت موجود آهي. جيئن بجلي ، پاڻي، گئس، سٺيون اسپتالون، اعليٰ تعليمي مرڪز، مارڪيٽون. دڪان ۽ هوٽلون وغيرہ. 24 ڪلاڪ لائيٽ آهي. هڪڙي سيڪنڊ لاءِ بہ لائيٽ نہ ٿي وڃي. ان ڪري اي سي وارا ڪمرا تہ صفا برف ٿيو وڃن. هتي قانون جي بالادستي آهي. ڪو بہ قانون کان مٿي ڪونھي. اهو ئي سبب آهي جو ڏوھہ جي شرح صفا ذري گهٽ ٻُڙي آهي. منشيات جو هڪ اڌ ڪيس ٿيندو آهي ، نہ تہ بس. هتان جا ٿاڻا ويران آهن. ايس ايڇ او ايماندار آهن. پنھنجي پگهار تي ئي انحصار ڪن ٿا. نہ لالچ نہ لوڀ. هر ٻيٽ کي سرڪار پاران ٿاڻو ڏنل آهي. جنھن ۾ پنج سپاهي هر وقت موجود هوندا آهن. باقي ڦر، لٽ، چوري چڪاري، ڌاڙو، ڌمڪيون، ڀتي وغيرہ جو ڪو بہ ڪيس ڪونھي.
هن ملڪ جي باري ۾ چون ٿا تہ هڪڙو ڏينھن اهڙو ايندو جو سمونڊ هن ملڪ کي ڳڙڪائي ويندو، پر سچ اهو آهي تہ هنن ٻيٽن کي سالن جا سال ٿيا آهن. صديون گذري ويون آهن، پر اڄ ڏينھن تائين اهڙو ڪو بہ واقعو پيش نہ آيو آهي. هيترن ٻيٽن مان ڪو بہ هڪڙو ٻيٽ اڄ ڏينھن تائين نہ ٻڏو آهي. هتان جي سرڪار تہ اهو ڪم ڪيو آهي جو هن سمونڊ تي ئي ڪيترائي هٿراڌو ٻيٽ پڻ ٺھرايا آهن. جن تي سياحن جي پڻ آمد ٿئي ٿي. ڪو وقت ايندو جو انھن ٻيٽن تي مافوشي، گلي ۽ گرائيدو جھڙن ٻيٽن جيان وڏيون وڏيون عمارتون اڏيون وينديون.

ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات

اسان جي دوست جاني منصور جي ڀيڻيوي ڊاڪٽر ظفر ﷲ بروهي جيڪو ڪافي سالن کان آمريڪا ۾ پنھنجي فيملي سان رهائش پذير آهي. جاني جي ڪري، هن سان منھنجي بہ گهڻي نيازمندي ٿي ويئي آهي. هو آمريڪا ۾ رهندو آهي. هن کي محمد حسنين، فاطمہ ۽ زينب جو اولاد آهي. ڊاڪٽر ظفرﷲ بروهي پاڻ آمريڪا ۾ دل جو مشھور ڊاڪٽر آهي. هو انتھائي کل مک، ماٺيڻو، خوش طبيعت ۽ پيارو دوست آهي. هن جي ڪري ئي هن جو دوست ڊاڪٽر عبدالستار بروهي، جيڪو اکين جو ماهر ڊاڪٽر آهي ۽ اڪثر ڪري سال جو سٺو عرصو ٻاهرئين ملڪ رهندو آهي. جتي هو ڊيلي سوين اکين جا آپريشن ڪندو آهي. ان منھنجي ابراهيم اسپتال ۾ ڏاڍي گهڻي مدد ڪئي هئي. ان سان گڏ اسان جي ايڊووڪيٽ دوست نياز حسين پنھور جي نياڻي ڊاڪٽر فاخرا پنھور بہ ساڳي اسپتال ۾ ڪم ڪندي هئي، ان بہ منھنجي ڏاڍي مدد ڪئي هئي. مان ڊاڪٽر ستار بروهي ۽ ڊاڪٽر فاخره پنھور جو ڏاڍو ٿورائتو آهيان.
سو جڏهن ڊاڪٽر ظفرﷲ کي خبر پئي تہ اسان مالديپ ۾ آهيون تہ هن پنھنجي دوست ڊاڪٽر شعيب کي فون ڪري اسان جي باري ۾ ٻڌايو . مون سان ڊاڪٽر شعيب واٽس اپ تي رابطو ڪيو هو. هن ٻڌايو هو تہ مالي شھر ۾ آهي ۽ consultant Neurophysician Senior Registrar Neurologyجون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. ان ڪري جڏهن بہ ڪو ڪم ڪار هجيو، يا ائين بہ ملاقات جي بھاني سان هن سان ملي وٺجو. مون ڊاڪٽر سان فون تي هلو هاءِ ڪئي هئي. پر پوءِ اسان جي ٽائمنگس جي ميچنگ نہ ٿي سگهي. جيڏي مھل اسان فارغ هياسين تہ ڊاڪٽر صاحب ڊيوٽي تي مصروف هيو ۽ جڏهن ڊاڪٽر فري هيو تہ اسان رولاڪين جي پٺيان مالي کان پري نڪتل هياسين. ان سبب جي ڪري ئي ڊاڪٽر سان ملاقات نہ ٿي سگهي. هن سان واٽس اپ تي هلو هاءِ ٿي هئي. بس. سو ارمان دل ئي دل ۾ رهجي ويو. ڇا ڪجي. ميلا بہ نصيبن جا ئي هوندا آهن.

Agent Minor Salt Cornor

خير جنيد جو خيال هو تہ اسان هتان ئي بس ۾ هڙومالي هلون. ڇو تہ اسان جو مالي ۾ رهڻ جو ارادو نہ هيو. جيتوڻيڪ اسان جي پلئن ۾ مالي هيو پر جنيد مطابق تہ هڙو مالي، مالي کان وڌيڪ خوبصورت آهي. سو اتي ئي هلون. سامھون ئي بس اسٽاپ هيو. پر جنيد کي چيوسين تہ،”هيڏو سامان آهي اهو سڀ ڪجهہ بس ۾ ڪيئن ايندو ۽ بس ۾ سامان سان ڪيئن ڌڪا کائيندا هلنداسين“.
جنيد اسان جي ڳالھہ کي مان ڏيندي چيو تہ،”ٺيڪ آ پو ڀلا ٻہ ٽيڪسيون ڪرايون ٿا“.
هن ٻہ ٽيڪسيون ڪرايون. اسان پنھنجا بيگ ٽيڪسين جي ڊڪين ۾ رکيا. هڪڙي ۾ ٽي دوست ويٺا ۽ ٻي ٽيڪسي ۾ ٻيا ٽي دوست. سو اهڙي ريت اسان ٽيڪسي ذريعي هڙومالي پھتاسين. هڙو مالي جا روڊ رستا ڪشادا ۽ صاف نظر آيا. هر روڊ جي پاسي ۾ ڦٽ پاٿ ۽ ان جي پاسي ۾ ئي وڻراھہ. ساوا ساوا وڻ، ڇٻر، گل ٻوٽا نظر آيا. هڪڙي چوراهي تي اچي ٽيڪسيون بيھي ويون. اسان سڀ ٽيڪسين مان لٿاسين. جنيد بہ لٿو. اسان کي هڪڙي اسٽورAgent Minor Salt Cornor تي آڻي، اسان کي ان ٽي اسٽور جي پاسي ۾ پيل ڪاٺ جي بيچن تي ويھڻ لاءِ اشارو ڪيو.
جنيد چيو تہ،”توهان هتي ويھي چانھہ پيئو تہ مان هوٽل جو بندوبست ڪري اچان“.
جنھن مان لڳو تہ هن هوٽل اڳ ۾ بڪ نہ ڪرايو هو. حالانڪ گرائيدو ٻيٽ ۾ ئي هڪڙو ڏينھن اڳ ۾ جنيد کي چيوهيوسين تہ،”هوٽل جو بڪنگ ضروري آهي، اهو ايڊوانس ۾ ڪرائي ڇڏ، پر اها هن مھل تائين بڪ نہ ٿي هئي“.
هوٽل بُڪ نہ ڪرڻ جا بہ ڪي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. هڪ تہ بالي ۾ هوٽل مھانگي هوندي، جو هن هڙو مالي ۾ وٺي آيو هو. ٻيو تہ ممڪن آهي تہ آن لاءِ هوٽلون بڪ ٿيل هجن. جنھن ۾ جنيد جو ڪو ڏوھہ نہ هيو. هن کي تہ ويتر گهڻي اسان جي ڪري تڪليف ٿي هئي.
صبح جا 10:14 منٽ ٿيا آهن. هن اسٽور جو نالو Agent Minor Salt Cornor آهي. هي ننڍڙو دڪان آهي. جنھن ۾ سيڌي سامان سان گڏ، هو چانھہ بہ هلائي رهيو آهي. دڪاندار بنگالي نوجوان آهي، جنھن جو نالو حبيب ﷲ آهي. اسان گهٽي ۾ ويٺا آهيون. چانھہ ۽ بسڪوٽ جو آرڊر ڏنوسين. پر خبر پئي تہ سيلف سروس آهي. مختيار صاحب جي ۽ پنھنجي چانھہ جا ڪوپ ۽ پاڻي جي بوتل کڻي ٽيبل تي رکيسين. پرتاب لاءِ ڪوڪ بوتل جي ٽن ورتيسين. چانھہ سٺي هئي. ان ڪري پراڻا ٿڪ تہ دور ٿي ويا هيا، پر هتي اچي نون ٿڪن ورايو هو.
هن مھل تائين اسان کي انتظار ڪندي ڪلاڪ کن ٿي ويو هو. پر جنيد ڪٿان بہ نظر نہ پئي آيو. هن اسٽور واري وٽ کليل سگريٽ بہ هيا. هتي گهڻو ڪري گولڊ ليف فارين جو ۽ ڪيمل سگريٽ جيڪو عربن ۾ مشھور آهي ۽ عرب ملڪن ۾ گهڻو وڪامجي پيو. مان اٿي وڃي هوٽل جو بل ادا ڪيو. هڪ سو 20 روفيا بل آيو. ائي ئي ويھي ڪجهہ گهڙيون سڪون ورتوسين. پاسي کان ٻي ٽيبل تي هتان جا ڪي لوڪل ماڻھو ويٺي پان، سگريٽ ۽ چانھہ جون چسڪيون ڀري رهيا هيا. چانھہ کان پوءِ حسب معمول سگريٽ جي ٻاڙ لڳي. سو ڪيمل سگريٽ جو مزو وٺي اتي ئي ڊائري ڪڍي انھن يادگيرين کي ميڙڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو. قدم قدم جي تحرڪ کي ڊائري ۾ اوتڻ لڳو آهيان. سامھون کان، روڊ جي ڪنڊ تي تمام گهڻيون اسڪوٽيون بيٺل نظر آيون آهن. هون بہ نيپال، انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ ٿائلينڊ ۾ اسڪوٽيون گهڻيون نظر آيون. باقي اسان وٽ مدي خارج ڊزائين جا اسڪوٽر سالن کان پيا روڊ ماپيندا رهندا آهن.

بي يارو مددگار

گهٽي مان ماڻھن جي اچ وڃ جاري هئي. هتان جي لوڪل عورت برقعي ۾ نظر آئي. جڏهن تہ هتان جي مردن ۽ عورتن جو رنگ سانورو/مشڪي آهي. هي شھر هڙومالي ڪافي وڏو شھر آهي. خاص ڪري اسلام آباد جي طرز تي ٺھيل آهي. هي شھر مالي شھر کان ڪار ۾ 15 يا 20 منٽن جي پنڌ تي آهي.
اسان کي ڪافي ٽائيم ٿي ويو هو. اتي ويٺي ويٺي بورنگ ٿي رهي هئي. هون بہ هوٽل تي ايترو گهڻو نہ ويهبو آهي. ٻين جو بہ خيال ڪرڻو هوندو آهي. اهو خيال رکجي تہ متان اسان جي ڪري هوٽل واري جي گراهڪي نہ خراب ٿي رهي هجي. ڇو تہ اسان دوستن جو هڪڙي سڄي ٽيبل تي ئي قبضو هيو. ڪافي وقت گذرڻ کان پوءِ پاسي ۾ ويٺل ڇوڪرن پاڻ ۾ سس پس ڪندي انگريزي ۾ اسان کي ٻڌائڻ لاءِ چوڻ لڳا تہ مينھن وسڻ وارو آهي. پر اسان بہ نڪ جا پڪا جو اها ڳالھہ ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي، ڄڻ تہ اسان جي ڪن تي جون ئي نہ چري هجي. ڇو تہ جنيد جي انتظار ۾ ويٺا هياسين. پر جنيد جو ڪو بہ اتو نہ پتو. بس انتظار.. انتظار... انتظار... بي يارو مددگار.
نيٺ انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون. سج اوڀر کان اڀري آيو. تقريبن ڪلاڪ کان پوءِ جنيد نڪري نروار ٿيو. چيائين،”اچو اچو، هوٽل بڪ ٿي ويئي آ، هڪڙي بنگالي دوست مھرباني ڪئي، هتي هوٽلون ڏاڍيون مھانگاگيون آهن“. نيٺ بيگ گھلائيندا، گهٽيون لتاڙيندا، پنڌ ڪندا، ڏهن منٽن جي پنڌ کان پوءِ هڪڙي گيسٽ هائوس وٽ اچي نڪتاسين. ان بلڊنگ ۾ هيٺان کان داخلا ئي ڏاڪڻ کان ٿي. ڏاڪڻ وٽ ڪو بہ ڪائونٽر وغيرہ نہ هيو. اسان کي ٻين ماڙ تي وڃڻو هيو. ڪا بہ لفٽ ڪا نہ هئي. ان ڪري بيگون اتي ئي ڏاڪڻ جي ڪنڊ وٽ رکرائي ٻين ماڙ تي چڙهڻ لڳاسين. ٻين ماڙ تي ڏاڪڻ سان ئي گڏ هڪڙو روم مليو هيو. جنيد ان روم جو دروازو کولي اندر داخل ٿيڻ لاءِ چيو.

هوٽل جي قيدخاني ۾

هي ڪمرو ڏھہ باءِ ڏھہ جو مس هيو. شايد اڃان بہ ننڍو ٿئي نہ. هن ۾ هڪڙو ڊبل بيڊ ۽ ٻيو سنگل بيڊ پيل هيو. اسان کي تہ ٽيئي سنگل بيڊ کپن پيا. خير پرتاب ۽ مان هڪڙي بيڊ تي ويھي رهياسين. سائين مختيار صاحب کي سنگل بيڊ ڏنوسين. واش روم جو دروازو بند نہ پئي ٿيو. نہ پاڻي، نہ گلاس ۽ نہ ئي وري ڪو صابڻ وغيرہ. وڏي ڳالھہ ايل سي ڊي بہ خراب پئي هئي. نہ فون، نہ گهنٽي جو ماڻھو ڪنھن کي ضرورت مھل سڏ ڪري. بس مڙئي نالي جي هوٽل هئي. مون کي لڳو تہ جنيد ڪراچي واري صدر جي ٿڪل هوٽل ۾ وٺي آيو آهي. پرتاب کي هن هوٽل واري روم جي ڳالھہ صفا نہ وڻي. جيتوڻيڪ اسان کي بہ نہ وڻي هئي پر ڇا ڪجي. گذارو ڪرڻو هو. دوست سان ڪو آپريشن ڪرڻو هيو. پرتاب کي ڳالھہ ٺپ نہ وڻي هئي. سو ان معاملي جي ڪري اسان سڀني دوستن جا موڊ بہ خراب ٿي ويا ها. مون کي لڳو تہ اڄ جنيد ڀاءُ اسان سان گهٽ نہ ڪئي آهي. سو ٿوري دير ۾ اسان جو ڪمرو بغير هيٽر جي صفا گرم ٿي ويو هو، ڄڻ تہ ريڊي ايٽر ڦاٽي پيو هجي ۽ ان ڪري هن ڪمري جو ٽيمريچر بہ ڏاڍو گرم ٿي ويو.
پرتاب ۽ جنيد جي وچ ۾ غيرمعياري هوٽل جي بڪنگ تي معاملو خراب ٿي ويو هو. جيتوڻيڪ اسان بہ پرتاب سان متفق هياسين. ڇو تہ پرتاب جي ڪاوڙ جائز هئي. جنيد جي مجبوري اها هئي جو هن اڳ ۾ هوٽل بڪ نہ ڪرائي هئي، ان ڪري رش هئڻ جي ڪري هن کي هوٽل نہ پئي ملي. نتيجي ۾ شڪايت ڪرڻ تي جنيد بہ ڪاوڙ ۾ پنھنجي جذبن جو اظھار ڪيو. مختيار صاحب کي اها ڳالھہ بنھہ نہ وڻي هئي. ڪمري ۾ شور ايترو وڌي ويو هو جو هوٽل جو بيرو دروازو کڙڪائي اندر آيو. جنيد کي چيائين تہ،”ٿورو آهستي ڳالھايو، توهان جي ڪري ٻيا ماڻھو بہ ڊسٽرپ ٿين پيا“.
پرتاب جنيد کي چيو تہ، ”بس منھنجو پاسپورٽ ڏي تہ مان وڃان ٿو“.
جنھن تي پرتاب کي مختيار صاحب سمجهائيندي چيو تہ،”ادا جيڪڏهن توهان پاسپورٽ وٺو ٿا تہ پوءِ اسان بہ توهان سان گڏ آهيون. اسان بہ هن هوٽل ۾ رهي ڇا ڪنداسين“.
پر وري بہ ڳالھہ کي ٺاهڻ لاءِ اهو سوچيوسين تہ هتي آهيون ئي اڄوڪي رات جا ٻہ ٽي ڪلاڪ. سڀاڻي صبح جو سوير اسان جي فلائيٽ آهي. ان ڪري رات هون ئي گذري ويندي. نيٺ پرتاب بہ معاملي کي برداش ڪندي تڪليف سھي ويو. اهڙي ريت جيئن تئين ڪري معاملي کي رفعہ دفعہ ڪيوسين. ان ڪري مون کي سڄي رات ننڊ نہ آئي.

هڙومالي کان مالي ڏانھن روانگي

صبح جو اسان کي هڙومالي کان مالي وڃڻو هو. ان ڪري اسان پنھنجو سامان سيٽ ڪري هوٽل کان نڪري آياسين. اڄ اسان ڊبل ٽريڪر بس ۾ هڙومالي کان مالي گهمڻ لاءِ نڪري وينداسين. اسان هوٽل کان نڪري، پنڌ ڪندا، مختلف گهٽيون وٺي R-1 جي بس اسٽاپ تي اچي بيٺاسين. اسان کي ٻڌايو ويو تہ مالي ڏانھن هتان کان ”آر-ون“ بس ويندي آهي. اسان هاڻي بس اسٽاپ تي اچي بيھي رهياسين تہ ٿوري دير کان پوءِ ”آر-ون“ بہ اچي ويئي. هي ڊبل ٽريڪر اي سي واري بس آهي. جيڪا هتان جي بھترن سروس آهي.
اسان سڀ پوئين گيٽ کان بس ۾ چڙهي پياسين. اڃان بس اسٽارٽ ئي نہ ٿي هئي تہ ڪنڊيڪٽر آيو، جنھن ٽڪيٽ جي پڇا ڪئي. اسان تہ ٽڪيٽ نہ ورتي هئي. ان ڪري هن چيو تہ،”پريان شاپنگ سينٽر ۾ ٽڪيٽ جي آفيس آهي اتان ٽڪيٽ وٺي پوءِ پوئين بس ۾ اچو“.
هر ٻن منٽن کان پوءِ بس هلندي آهي. اسان سڀ هڪدم لھي پياسين. جنيد ۽ مظفر ويا، وڃي ٽڪيٽ وٺي آيا. في ماڻھو جي هڙومالي کان مالي تائين ڏھہ روفيا ٽڪيٽ هئي.
جنيد ٻڌايو تہ،”هتي تمام وڏي مارڪيٽ هئي، جيڪا سينٽرل اي سي هئي. اتي فروٽ ۽ تازيون ڀاڄيون تمام بھترين نموني سان سجائي رکيون ويون هيون. جنيد اتان فروٽ نارنگي ٽائيپ فروٽو بہ وٺي آيو.هن کي 2 روفيا في فروٽو مليو هيو. هڪ هڪ ڪري سڀني کنيو.
اسان هاڻي بس اسٽاپ تي هياسين. هن دفعي سامھون کان آر 6 اچي رهي هئي. پر هن جو روٽ ٻيو هيو. اسان گهٽي نمبر 36 تي بيٺا هياسين. هي تمام وڏو ڪشادو روڊ هيو. جيئن اسان وٽI.I. چندريگر روڊ ڪراچي ويڪرو آهي. ٻن منٽن کان پوءِ آر سڪس ٻيھر آئي. پر اسان لاءِ بيڪار هئي. اسان جي هي ٽيڪيٽ 24 ڪلاڪن تائين ويلڊ هئي. اسان بس جي وچان ڏاڪڻ تان مٿي ٽريڪ تي صفا اڳيان اڳيان وڃي ويھي رهياسين. اسان کان علاوہ هن حصي تي ٻيو ڪو بہ مسافر نہ هيو. سڀ سيٽون خالي هيون. بس ڊرائيور کي شايد ڪاٿي وڃڻو هيو. ان ڪري هو ڏاڍو تڪڙي بس تيزي سان ڀڄائي رهيو هيو يا وري هن جو ڪو ٽائيم مقرر هوندو ۽ وري اوچتو ڇڪي بريڪ هڻي پيو.
ان حساب سان هو بس کي هلائي رهيو. ايڏي زبردست اي سي جو اسان کي تہ سي ٿيڻ لڳو. بھترين معياري بس سروس هن کان وڌيڪ ڪٿي بہ نہ ڏٺيسين. سچ تہ اهڙي قسم جي اي سي واري سروس هتان جي ماڻھن لاءِ وڏي نعمت هئي. گهٽ خرچ ۾ ڪٿان کان ڪٿي ماڻھو اچي نڪري ٿو. مان هن قسم جي جديد ڊبل ٽريڪر اي سي واري بس ۾ زندگي ۾ پھريون ڀيرو ويٺو هيس. بس جي ڇت جي ڪنڊ تي هڪڙو اسٽيڪر لڳل هيو، جنھن ۾ ڪجهہ هدايتون درج هيون. نو سموڪنگ، نو ايٽنگ. بھترين روڊن تي هنن گاڏين جو ئي حق هيو. جتي جتي بس بيھي پئي، ماڻھو کڻي پئي، اتي ئي روڊ تي انگريزي ۾ لکيل هيو”ڊراپ آف“. روڊن تي سفيد رنگ جا نشان ۽ ڦڪي رنگ جو پٽو صاف روڊ جون نشانيون ظاهر ڪري رهيا هيا.

مالي جي موهيندڙ ماحول ۾

روڊ جي ٻنھي پاسن کان ساوڪ ئي ساوڪ هئي. هن پاسي کان آر- 7 روٽ جي بس اچي رهي هئي. هر شي نظم و ضبط سان هلي رهي هئي. مناسب جاين تي بس اسٽاپ جا نشان لڳل هيا. ماڻھو اتي ئي بس اسٽاپ تي بيٺا هيا. ڪنھن بہ ٻي جاءِ تي نہ بس بيٺي ۽ نہ ئي وري ڪٿي ماڻھو بس اسٽاپ کان علاوہ بيٺل نظر آيا. ڪمال جي پلاننگ هئي. ساوڪ، ساواڻ، ڇٻر، وڻ ٽڻ ٻوٽا، پارڪ، شاپنگ سينٽرن، دڪانن ۾ شاندار صفائي. صفائي اڌ ايمان آهي. انھن تي هنن ماڻھن ئي عمل ڪيو آهي. ڪٿي ڪٿي وڏا خوبصورت پارڪ نظر آيا.
هاڻي اسان سمونڊ ڪناري، ايئرپورٽ جي پاسي تان لنگهي رهيا آهيون. سمونڊ جون زوردار ڇوليون، پٿرن سان ٽڪرائجن پيون. ڇولين جو شور ڪنين پئي ٿو. روڊ جي ٻنھي پاسن کان سولر جو پليٽون لڳل آهن. ڪلو ميٽرن تائين سولر جو لڳل هجڻ اسان لاءِ حيرت جي ڳالھہ آهي. اڳيان زبردست پل آهي. پل تي ٿوري گهڻي ٽريفڪ جام ٿئي پئي. جنھن جو سبب ايئرپورٽ ڏانھن ويندڙ روستي ۾ سگنل لڳل آهي. روڊ تي ڪارون، اسڪوٽيون، سزوڪيون، بسون، ٽيڪسيون هلي رهيون آهن. روڊ جي پاسن کان کجين جا ۽ ناريلن جا ڊگها ڊگها وڻ جهڙالي موسم جو ڪارڻ بڻجي ٻاهرين موسم کان علاوہ اندر جي موسم ۾ پڻ بھار ۽ ملھار بڻجي اچي رهيون آهن.
اڳيان وري بہ سامونڊي ڪنارو هيو، ٻيڙيون، جهاز، ڪروز، فاسٽ بوٽ تمام گهڻي انگ ۾ نظر آيا. ماڻھن جو انبوھہ پڻ نظر آيو، شايد بندرگاھہ هيو يا ڪو منھوڙو وغيرہ. سامونڊي ڪناري تي تمام وڏا پٿر رکيل هيا، جن تي مختلف نمبر سفيد رنگ سان پينٽ ٿيل ٿيا. هاڻي اسان Marry brown shop, 5-G on Kolla Bus Terminal تي بيٺا آهيون. پر هي آخري اسٽاپ نہ آهي. بس کي اڃان اڳتي هلڻو آهي. هي Pick Post Station آهي. هتي بس پنجن منٽن جو اسٽاپ ڪيو آهي. هن کان اڳتي Male fire station 118 بہ نظر آئي. ان کان بس کاٻي پاسي مڙي پئي. اسان مالي شھر پھچي چڪا هياسين. مالي شھر ۾ هر ٿوري مفاصلي تي سائن بورڊن تي قرآن پاڪ جون آيتون لکيل آهن. هن بورڊ تي سبحان ﷲ بحمده جو بورڊ لڳل آهي. هتي ناريل جا ڪيترائي وڻ نظر اچن ٿا. هڪڙي فيملي ڪورٽ بہ سامھون نظر آئي.
هي اسان جي بس جو آخري اسٽاپ آهي. هتي سڀ لھڻ لڳا. ڪنڊيڪٽر ٻڌايو تہ هي ئي آخري اسٽاپ آهي مالي جو. اسان اتان پنڌ هلڻ لڳاسين. اسان جي ڪا بہ منزل نہ هئي. ڪو بہ شيڊيول نہ هيو تہ هلڻو ڪاڏي آهي. ڪرڻو ڇا آهي. ڪو بہ هوم ورڪ ٿيل نہ هيو. سڄو اسان جنيد تي انحصار ڪيون پيا، پر هن وٽ بہ ڪو روڊ ميپ نہ هيو. سامھون کان پوليس اسٽيشن هيو. جنھن جو نالو Maafannie Police Station Shaheed Hussain Adam Building نظر آئي. هن جي اڳيان مالديپ جو خوبصورت جهنڊو ڦڙڪي رهيو هيو. اسان جي دوست سائين مختيار سمون صاحب ان پوليس اسٽيشن جي اڳيان ڪجهہ ڦوٽو ڪڍريا تہ جيئن هو پنھنجي ڀاءُ عرفان سمون صاحب کي موڪلي سگهي.

بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش

هاڻي منجهند جو وقت هو. دوستن کي بک بہ لڳي هئي. دوستن جو خيال هو تہ ڪٿي ڪا ڪي ايف سي ڳولجي. ان ڪي ايف سي جي ڳولا ۾ مختلف گهٽيون مٽائيندا هلندا رهياسين. ڪيترن ماڻھن کان پڇا ڳاڇا ڪئيسين، پر ڪنھن بہ نہ ٻڌايو. هتي ڪي ايف سي هجي تہ ماڻھو ٻڌائي بہ سھي. هڪ تہ ماڻھو اسان جي ڳالھہ سمجهن نہ پيا، ٻيو تہ وري انگريزي بہ هتان جي ماڻھن جو مسئلو هئي. گوگل جي ٻڌائڻ تي بہ ڪنھن منزل تي نہ پھتاسين. ڪنھن ٻڌايو تہ ڪي ايف سي هتان کان تمام گهڻو پري آهي. توهان کي ٽيڪسي ڪرائڻي پوندي. پر پوئتي موٽڻ کان پاڻ اڳتي هلڻ کي ترجيع ڏنيسين. پنڌ ئي پنڌ. هل هلان. پاڻ مختلف مارڪيٽن کان ٿيندا. اڳتي وڌياسين.
رستي تہ هڪڙي مڇي مارڪيٽ آئي. جنيد تہ بنان هٻڪ جي ئي ان ۾ اندر گهڙي پيو. شايد هن کي مڇي جي ڌپ وڻندي آهي. يا وري اها ڌپ هن کي ڀانءِ پئجي ويئي آهي. پر مون سان ٻيو مسئلو آهي. مان ان گيٽ تان نڪ بند ڪري تڪڙو اڳتي نڪري ويس. اندر مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ تہ پري جي ڳالھہ هئي. مون کي اها ڌپ صفا بيمار ڪري ڇڏيندي آهي. ان ڪري اتي تہ بيھڻ بہ منھنجي لاءِ مسئلو هيو. مختيار صاحب ۽ پرتاب مون کان اڳيان اڳيان هلي رهيا. اڳيان سائي ڀاڄي ۽ فروٽ جي مارڪيٽ نظر آئي. اسان کي ان خوشبو پاڻ ڏانھن ڇڪيو هو، اسان ان مارڪيٽ ۾ داخل ٿياسين. انب، انگور، ڪيلا، ناريل، پپيتو، زيتون،اناناس، صوف، ڇانھين ۽ ٻيو مختلف تازو پڪل ميوو پر هتان جي فروٽ جي ڪوائلٽي ڏاڍي سٺي ۽ معياري هئي. اسان گهڻو پنڌ ڪري آيا هئاسين. مون کي لڳي ٿو تہ تقريبن ٽي ڪلو ميٽر کن پنڌ هيو. پنڌ ڪرڻ جي ڪري ڪافي ٿڪاوٽ ٿي هئي.
نيٺ اچي مالديپ جي صدر جي آفيس آڳيان ڪبوترن واري چوراهي تي پھتاسين. هزارين پاريھر، ڪبوتر چوراهي تي چڳي رهيا هيا. ان جي چوڌاري شاندار پارڪ هيو. جنھن جي ڇٻر سھڻي نموني سان هتان جي مالھي سيٽ ڪري ڇڏي هئي. سامھون کان آرمي وارن جو بہ دفتر هيو. ان اڳيان وري پريزيڊنٽ جي آفيس هئي. ڪبوترن سان ڪچھري ڪندا، انھن سان دل بهلائيندا. ڦوٽو گرافي جو مزو وٺندا هلندا رهياسين. روڊ جي ٻي پاسي سي پورٽ هيو. جتي سامونڊي جھاز بيٺا هيا. نيوي وارن جو بہ هڪڙو وڏو جھاز صدر صاحب لاءِ بيٺو هيو. سو سنگت کي ساڻ ڪري گوگل جي مدد سان ڪي ايف سي جي تلاش ۾ رهياسين. پر ڪٿي بہ ڪي ايف سي جو نالو نشان نظر نہ آيو.
جڏهن مالديپ جي صدر جي آفيس اڳيان گذرياسين تہ اتي ڪنھن بہ قسم جو ڪو بہ خاص پروٽوڪول نظر نہ آيو. صدر صاحب جون ٻہ گاڏيون مالديپ جي جهنڊي سان بيٺيون هيون ۽ انھن جي ڀر سان فقط ڊرائيور بيٺا هيا. اسان لاءِ اها حيرت جي ڳالھہ هئي تہ صدر جي آفيس اڳيان ڪا بہ پوليس موبائيل، نہ رينجرس جي گاڏي يا ڪو فوج جو دستو نظر نہ آيو. ان کان علاوہ نہ ئي ڪو هٿيار سان ماڻھو نظر آيو ۽ ڪا بہ سيڪيورٽي نظر نہ آئي.
اسان ڇھہ ڄڻا اجنبي اتي ڦوٽو ڪڍندارهياسين. پاسي ۾ مين روڊ جي ٽريفڪ روان دوان هئي. نہ روڊ بند ڪيو ويو هو ۽ نہ ئي وري سيمينٽ جا ڪي بيريئر لڳل هيا ۽ نہ ئي وري ڪي خاردار تارون وڇايل هيون. نہ ئي ڪا چيڪنگ، نہ ئي وري ڪا روڪ رنڊڪ. اسان ان جاءِ تي ڪافي دير تائين بيٺا ڦوٽو ڪڍرائيندي، وڊيو ٺاهيندا رهياسين ۽ هيڏي هوڏي ڦرندا رهياسين پر ڪنھن بہ اسان کان اهو نہ پڇيو تہ توهان مشڪوڪ ٿا لڳو. توهان هتي ڇا ٿا ڪيو. ڪٿان جا آيو ۽ ڪير آهيو يا هتي ڇو آيا آهيو وغيرہ وغيرہ.
مطلب تہ ايئن لڳو تہ صدر جي آفيس بہ ڪنھن عام ماڻھو جي آفيس آهي، جيڪا ڪنھن عام پبلڪ جي جاءِ تي آهي. جتي هر ڪو ماڻھو آساني سان پھچي سگهي ٿو.
اسان وٽ سنڌ سيڪٽرييٽ آهي، جتي بہ مين گيٽ تي گارڊ ويٺا هوندا آهن پر هتي تہ نہ گارڊ، نہ پروٽول. نہ اسڪوٽرن جي قطارون، نہ ڙو ڙو ڙو جا مٿي ۾ سور وجهندڙ سائرن/ آواز. نہ پوليس وارن جو رڙيون تہ پري ٿيو، پري ٿيو، صاحب ٿو اچي. نہ روڊ بلاڪ، نہ ٽريفڪ لاءِ آزار.
صدر جي آفيس جي پويان واري روڊ سان جيڪا عمارت نظر اچي رهي هئي ان ۾ شاهي محلات وارا منارا ڪنھن محلات جو ڏيک ڏيئي رهيا هيا. اسان تہ هاسيڪار بہ وڃي صدر جي گاڏي جا اڳيان پويان پيا ڦرون، اتي موجود وردي وارن ڊرائيورن کي چيڙائڻ جي ڪوشش پيا ڪيون تہ من پڇي وجهن تہ توهان ڪير آهيو، پر نہ ڪنھن بہ اسان ڏي ڌيان ئي نہ ڏنو.
هاڻي تہ بک جي ڪري بُرو حال ٿي ويو هو. ڪي ايف جي چڪر ۾ مورڳوئي سر ٿي ويو.

نيپالي ڇوڪري سان ملاقات

هلندي هلندي، جيئن ئي اڳيان پري کان فاسٽ فوڊ جو ريسٽورنٽ نظر آيو. تيئن ئي پيٽ ۾ ڪجهہ ساھہ پيو هو. ڪو آسرو ٿيو تہ ٻيلي ها هاڻي منزل تي پھچي ويا آهيون. بک بہ ڪيڏي خراب شي آهي. بک ۾ ماڻھو پاڻ کي بہ نہ وڻي. هن هوٽل جو نالو Chicking Restaurant هيو. هن ۾ فقط فاسٽ فوڊ ئي هيو. اسان کي بہ ان جي ئي تلاش هئي. شيشي واري وڏي گيٽ کان اسان سڀ اندر داخل ٿياسين. ڪائونٽر تي ۽ ٽيبلن تي سروس لاءِ نوجوان سھڻيون ڇوڪريون بيٺيون هيون. جن کي خوبصورت ڊريس پاتل هئي. هتي بہ ڇوڪريون ئي سروس لاءِ اسان جي انتظار ۾ هيون. هر ٽيبل تي ڪنھن نہ ڪنھن ڇوڪري جي ڊيوٽي لڳل هئي. هنن خوبصورت نارين کي ڳاڙهي شرٽ، ڳاڙهي ٽوپي ۽ ڪاري پينٽ پاتل هئي. ٽوپي تي، شرٽ تي چڪنگ لکيل هيو. اسان ٻہ ٽي ڊيل ملائي ڪري ورتيونسين. سڀني دوستن سٺي نموني سان هن ريفريشمينٽ جو مزو ورتو.
مون کي جنيد چيو تہ،” هي ڇوڪري نيپال جي ٿئي“.
مون چيو،” نہ يار، نيپال جي نہ ٿي لڳي، ڪوريا جي آ“. مون هن ڏي ڏسندي چيو.
چيائين،”پڇانس“؟
چيم،”پڇينس ڀلي“.
نيٺ هن ڇوڪري کان بل ڏيڻ مھل پڇيو،” تہ توهان نيپال جا آهيو نہ“.
هن چيو،” ها مان نيپال جي آهيان“.
مون هن کي چيو،”کٽمنڊو جا آهيو ڇا“؟
چيائين،”نہ“
وري چيم،”پوکرا جا“؟
چيائين،” نہ“.
هن جي چھري تہ مرڪ اچي وئي هئي. هن مرڪي مون کان پڇيو،“توهان نيپال گهمي آيا آهيو ڇا”؟.
مون چيو،“ها!، مان کٽمنڊو، پوکرا ۽ نيپال جا ڪافي شھر ڏسي آيو آهيان”.
“ڀلا ٻڌايو تہ سھي تہ توهان ڪٿان جا آهيون، يا نہ ٻڌائڻ جو قسم کنيو اٿو”.؟ مون هن کا شرارت واري انداز ۾ پڇيو.
نيٺ هن هڪڙي ڳوٺ جو نالو ٻڌايو جيڪو پرٿوي روڊ سان اچي پيو. اسان هن کي ٻڌايو تہ اسان نيپال گهمي آيا آهيون. ڏاڍو خوبصورت ملڪ آهي. هن جا ماڻھو بہ ڏاڍا سھڻا آهن. هن جي ڳلن تي لالاڻ اچي ويئي هئي. هو شرمائي رهي هئي. هن کي گذارش ڪئيسين تہ اسان جون ڪجهہ تصويرون ٺاهي. هن اسان جون اُتي ئي ڪجهہ گروپ تصويرون ڪڍيون. ان کان پوءِ جنيد شرارت واري موڊ ۾ هن کي چيو تہ،”سيلفي بہ ڪڍي وٺو“.
ان تي هن مرڪي ڏنو هو. هوءِ ڪا وڏي ڦوٽوگرافر هئي. هن شاندار سيلفي بہ ٺاهي اسان کي ڏيکاري.
ان کان پوءِ جنيد هن کي چيو تہ،“منھنجي دوست سان هڪڙي الڳ تصوير ڪڍرايو“.هن جنيد جي ڪنھن بہ ڳالھہ کي نہ ٽاريو ۽ هن ائين بہ ڪيو. اڃان هن مون سان تصوير ڪڍرائي بس ڪئي تہ يوسف بہ اچي بيھي رهيو. ان نيپالي ڇوڪري کي چوڻ لڳو،“ هڪڙي مون سان بہ ٿي وڃي”. هن ويچاري يوسف سان بہ تصوير ڪڍرائي. ڏاڍي سٺي موڊ ۾ موڪلائي رواني ٿياسين.

عجيب قبرستان جون عجيب قبرون

اتي ئي چڪنگ ريسٽورنٽ جي پاسي ۾ هڪڙي بينڪ هئي، ان جي گيٽ وٽ بيٺل پوڙهي گارڊ کان پڇيوسين تہ،”نيشنل آرٽ گيلري، صدر جي رهائش گاھہ، سلطان مسجد، سلطان ٽاور، ڪٿي آهن“.
هن ٻڌايو تہ،”اهي سڀ گڏ هڪڙي ئي پاسي آهن. توهان سامھون واري روڊ سان وڃو. روڊ جي سامھون ئي سامھون پريزيڊنٽ هائوس آهي. (محمد فريد ديدي هتان جو صدر آهي). پوءِ ساڄي پاسي مڙي پئجو. باقي مسجد، آرٽ گيلري اهي سڀ اڳيان آهن“.
هن ڏاڍي پيار سان سمجهايو هو. اسان هن جو شڪريو ادا ڪري اڳتي نڪتاسين. هاڻي پيٽ ۾ ساھہ پيو هو. ان ڪري هلڻ جھڙا ٿيا هياسين. چوندا آهن تہ ان تہ ايمان . دوستن جي چھرن تي بہ رونق اچي ويئي هئي.
سامھون کان صدر جي بنگلي جو مين گيٽ هيو. صدر جي هن رهائش گاھہ کي The Muliaage palace or Mulliage چيو وڃي ٿو. جيڪا صدر صاحب جي سرڪاري رهائش گاھہ آهي. صدر جو هي گهر Henveiru تاريخي علائقي مالي ۾ واقع آهي. پريزيڊنٽ آفيس جيان هتي بہ ٻاهران نہ چوڪي، نہ ئي ڪي ڪو پروٽوڪول. گيٽ جي اندران چوڪي هجي تہ هجي. گيٽ جي ٻاهران تہ ڪجهہ بہ نہ هيو. هڪڙو سپاهي بہ نہ بيٺو هيو. گيٽ تي سائن بورڊ سان تصويرون ڪڍرائيندا، اڳتي وڌياسين.
سامھون کان ئي قديمي قبرستان نظر آيو. جن جي قبرن جا نشان اُڀا هيا. هڪ ٻئي جي ويجهو. سمجهہ ۾ نہ پئي آيو تہ قبر ڪيئن آهي. هتي پٿرن جون ٺھيل گول قبرون عورتن جون آهن ۽ اڀيون قبرون مردن جون آهن. هي تمام قديمي قبرستان آهي. هي هتان جي تاريخي مسجد جي مدرسي جون قبرون آهن. اتي مون ئي محترم يوسف عجب قبرن جون تصويرون ٺاهيون. هي قبرستان کليل هيو. هن کي چو ديواري ڏنل هئي جيڪا تقريبن چئن ڦٽن جي ٿيندي. ماڻھو ديوار جي اندران چڱي طرح ڏسي سگهي پيو. خبر ناهي تہ ڪٿان هن جو گيٽ هيو، جتان ماڻھو اندر وڃي سگهي. يا وري اندر وڃڻ جي اجازت بہ هوندي يا نہ. ان چڪر ۾ پوڻ کان بھتر هو تہ اڳتي هلجي.
اتان اڳتي وڌياسين تہ روڊ جي کاٻي پاسي کان آرٽ گيلري ۽ لائبريري جا سائن بورڊ لڳل نظر آيا. سڀني دوستن جي اها صلاح هئي تہ واپسي ۾ ئي اندر هلنداسين. سو اڳيان سامھون تمام وڏو تاريخي گيٽ جي پينٽگ ٿيل هئي. جنھن جي هڪڙي پاسي کان انگريزي ٻولي ۾ لکيل هيو تہ ٻي پاسي وري دهيوي Dhivehi ٻولي ۾ ڪجهہ لکيل هيو. هي ٻولي هتان جي سرڪاري ۽ دفتري ٻولي آهي. هي انڊو آريان ٻولي آهي جيڪا سري لنڪن ٻولي سنھالي ٻولي سان ملي جلي ٿي. هتي ئي سامھون تمام وڏي مسجد نالي Masjid Al-Sultan Muhammad Thakurufaanu Al-Auzam آهي.

سلطان پارڪ

پاڻ ان پبلڪ اسڪوائر وٽ ستن مختلف رنگن جي جهنڊن سان ان گيٽ جي اڳيان بيھي تصويرون ڪڍرائي، سلطان تاريخ پارڪ ۾ وياسين. هي ٽيپھري جو وقت هو. هي تمام قديمي پارڪ هيو. خاص ڪري هي فيملي پارڪ هيو. جنھن ۾ ٻارڙن لاءِ چوڏل، انھن جو رانديون. وڏڙن لاءِ پيگهہ گول شيپ ۾. تمام قديمي وڻ، گل ٽڻ، ٻوٽا. مطلب تہ ساوڪ ۽ ساوڻ سان سينگاريل ۽ سجايل هي پارڪ بھترين تفريحي ماڳ هيو. هن ۾ خاص ڪري تمام ڊگها ۽ گهاٽا وڻ تمام وڏي عرصي جا قديمي ٿي لڳا.
پارڪ جي گيٽ کان گهڙي اندر داخل ٿياسين. گهمندا ٿورو اڳتي نڪري وياسين. هر هنڌ تصويرن لاءِ بھترين شو پيس ٺاهيا ويا هيا. پريان ڪنڊ تي لو برڊ نوجوان پريمي جوڙو ويٺو پيار ونڊي رهيو هو. اسان هنن جي محبتن ۾ خلل وجهڻ بنان ئي اتان اڳتي نڪري وياسين. پارڪ جي سونھن سچ تہ اسان کي موهي وڌو هو. پاڻي جي اڏ وهي رهي هئي. هن موڪ ۾ صاف شفاف پاڻي هيو. جنھن جي ڪري هيٺ تري تي سونھري رنگ جون مڇيون تڙڳندي نظر آيون.
اسان ٿوري دير لاءِ اتي بيھي رهياسين. ڇا تہ منظر هيو. پارڪ جي گهاٽن ۽ چھچ ساون وڻن تان مختلف پکين جون ٻوليون ٻڌڻ ۾ پئي آيون. اسان اڳيان ٿي موٽي آياسين تہ سامھون واري سلطان مسجد مان ٽيپھري جي آذان جو آواز ڪنين پيو. پارڪ ۾ ويھڻ لاءِ سيمنيٽ جون سيٽون ٺھيل هيون. مسافرن جي هلڻ لاءِ بھترين پيچرو ٺھيل هيو، جنھن تي ٻہ ماڻھو گڏ هلي پئي سگهيا. اڳيان هڪڙي جاءِ تي ڪم هلي رهيو هو، ان ڪري ان کي اتي بند ڪيو ويو هو. گهمندي گهمندي هڪڙو ماڻھو ٽڪرائجي ويو. منھنجو خيال هو تہ هن کان هن پارڪ جي باري ۾ ڪجهہ پڇي وٺجي ۽ پنھنجي ڄاڻ ۾ اضافو ڪجي، سو مون هن کي سلام ڪرڻ کان پوءِ هن جو نالو پڇيو.
“توهان جو نالو ڪاڪا”. مون پڇيو.
بخيل پوڙهي جواب ڏنو،“ڇو، نالو ڇو ٿو پڇين”.
“ائين ئي پڇان هو، تہ ڳالھہ ٻولھہ جي شروعات ڪجي”. مون هن کي سمجهائيندي چيو.
“نہ، نہ نالو نہ ٻڌائيندس”. هن پوڙهي ڪاوڙ ڪندي چيو.
“چڱو ڪاڪا نہ ٻڌاءَ. مون کي بہ ضرورت نہ آهي. پاڻ وٽ رکي ڇڏ نالو ڪم ايندي”. مان اڳتي نڪري ويس.
هن پويان سڏ ڪندي چيو،“مسٽر، مسٽر ڳالھہ تہ ٻڌو، توهان تہ ناراض ٿي ويا”.
پر مون هن کي ڪو جواب نہ ڏنو.

سلطان مسجد ۾ ٽيپھري جي نماز

ﷲ اڪبر، ﷲ اڪبرجو ڪنين پيو. سامھون کان سلطان مسجد مان آذان اچي رهي هئي. منھنجو سڄو ڌيان ان پاسي هليو ويو، دل ۾ خيال آيو تہ اڄ هن مسجد ۾ ٽيپھري جي نماز پڙهڻ گهرجي. هي تمام وڏي مسجد آهي. پر پوءِ بہ مان ۽ پرتاب ان پارڪ جي ڪنڊ ڪنڊ کي گهمي جاچي ڏسي رهيا هياسين. اڃان پارڪ کي گهمندي اڳتي وڌي رهيا هياسين ۽ واپسي جو ڪو بہ ارادو نہ هيو. هڪڙي پاسي تمام وڏو اسٽيج ٽائيپ ٿلھو ٺھيل هيو، جيڪو بند پيل هو. شايد ان تي ڪم هلي رهيو هو. ان جي پاسي ۾ ئي صدين پراڻو پپل جو وڻ نظر آيو. جنھن جو ٽاريون تمام پري پري تائين ڦهليل هيون. هن جو ٿڙ بہ ميٽرن ۾ هيو. هي پپل جو وڻ ڏاڍو قديمي هيو. انھي کان پوءِ سير آميز گهمڻ جو مزو وٺي ٻاهر آياسين.
گيٽ تي جنيد اڳ ۾ ئي بيٺو هو. مون جنيد کي چيو تہ،” هل تہ مسجد جو بہ ديدار ڪري اچون ۽ نماز بہ پڙهي اچون. هي مالديپ جي تاريخي مسجد، سلطان مسجد آهي، سو ان وڏي مسجد ۾ جماعت سان نماز پڙهڻ اسان لاءِ تمام وڏي سعادت جو شرف هوندو“.
جنيد بہ تيار ٿي ويو. پاڻ مسجد جي مين گيٽ تي جوتا لاهي، وضو خاني ۾ وياسين. پر حيرت جي ڳالھہ اها هئي تہ وضو خاني ۾ هرڪو بيھي وضو ڪري پيو. هيٺڻ ويھڻ جي سيمينٽ واري ڪا بہ سيٽ يا دِڪي ٺھيل نہ هئي. جنھن جي ڪري اسان بہ بيھي وضو ڪري ورتو. مون کي لڳو تہ ويھي وضو ڪرڻ کان بيھي وضو ڪرڻ اڃان بہ سولو آهي. پر شايد پوڙهن ۽ ڪمزور ماڻھن لاءِ ڏکيو هجي. شايد انھن لاءِ ٻيو ڪو وضو خانو هجي، يا وري انھن لاءِ ڪو ٻيو بندوبست هجي. سو وضو ڪري مسجد جي مٿين حصي ۾ ڏاڪڻ ذريعي چڙهي وياسين. ڇو تہ مسجد جو محراب ئي مٿي هيو. مسجد مٿي هئي. هيٺ شايد ٻيو ڪجهہ هيو. مدرسو هيو يا ڪا آفيس هئي.
سو اسان جئين ئي مٿي پھتاسين. تہ جماعت رڪوع ۾ بيٺي هئي. اسان بہ تڪبير هڻي ٽين صف ۾ بيھي رهياسين. اسان جي پيرن هيٺان ماربل هيو. اڳين ٻن صفن تي بخمل جي نک وڇايل هئي. مون کي اندازو هيو تہ هي ٻي يا ٽين رڪعت نہ هجي. ڇو تہ اسان کي پارڪ مان نڪرندي نڪرندي دير ٿي ويئي هئي. پر پوءِ خبر پئي نہ، اها تہ پھرئين رڪعت هئي. ڇو تہ مولوي صاحب وڏي قرعت ڪندي قرآن پاڪ جي وڏي آيت پڙهي هئي.
ساڳيو ئي گرائيدو ٻيٽ واري مسجد جيان هتي بہ پيش امام صاحب دعا نہ گهري. نماز پڙهي، مسجد جو ديدار ڪيوسين. تمام وڏي جماعت هئي. اصل بہ تہ مسجد جتي پيش امام نماز پڙهائي رهيو هيو، ان پاسي هئي، هي تہ کاٻي پاسي وارو ورانڊو هيو، جتي بہ ايڏي جماعت هئي. پر جڏهن پرئين پاسي وياسين تہ تمام گهڻي جماعت نظر آئي. اتي ئي تڪڙ تڪڙ ۾ ٻہ ٽي ڦوٽو ڪڍي هيٺ لٿاسين. وضو خاني کان ٿي ٻاهر آياسين تہ جنيد رڙ ڪري چيو تہ ” يار منھنجا جوتا ويا“.
چيم،”ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو. هتي تہ جوتن جي وڃڻ جو سوال ئي پيدا نہ ٿو ٿئي“.
وري بہ هن لوهي رينڪ ۾ پنھنجا جوتا ڏٺا تہ جوتا تہ واقعي ئي ڪو نہ هيا. منھنجا بہ نہ هيا. تڏهن بہ هن رڙ ڪري چيو تہ،”يار ويا جوتا، پيرين اگهاڙي هلڻو پوندو، خبر ناهي ڪٿي جوتا ملندا“.
پر مون کي ياد آيو تہ پاڻ جوتا تہ ٻاهرئين رينڪ ۾ رکيا هياسين، جتان اندر داخل ٿيا هياسين. اتي جو وڃي ڏسون تہ اسان جا جوتا اتي موجود هيا. سو جوتا پائي هيٺ لھي آياسين. ذهني طرح مطئمن ٿياسين تہ تمام وڏي سلطان مسجد ۾ ٽيپھري جا چار فرض پڙهڻ نصيب ٿيا. مالڪ چڱي ڪندو. هيٺ دوست انتظار ۾ بيٺل هيا. پاڻ بہ هيٺ لٿاسين. سامھون مظفر ۽ يوسف بيٺا هيا.
مون مظفر کان پڇيو تہ،”پرتاب وارا ڪاڏي ويا“.
مظفر ٻڌايو تہ سائين مختيار ۽ پرتاب وارا آرٽ گيلري گهمڻ ويا آهن“.
مون يوسف کي چيو تہ،”هتي آيا بہ آهيون تہ پوءِ هل تہ هلي آرٽ گيلري ڏسي اچون، وري خبر ناهي اچڻ ٿئي يا نہ، آرٽ گيلري نہ ڏٺيسين تہ سمجهہ ڪجهہ بہ نہ ڏٺئي“.
يوسف بہ مون سان متفق ٿيو ۽ اسان ٻيئي ڄڻا آرٽ گيلري جي گيٽ تي اچي بيھي رهياسين.
”خبر ناهي ڪيتري ٽڪيٽ هوندي“. يوسف بيھي رهيو.
”يار جيتري بہ هوندي ڀرينداسين، تون گهٻرا نہ، بس هل“. مون يوسف جي همت افزائي ڪئي.
اسان آرٽ گيلري ڏانھن نڪري وياسين، جيڪا مسجد کان سڏ پنڌ تي آهي. لوهي گيٽ کان اندر داخل ٿي هڪڙي عمارت ۾ داخل ٿياسين. آرٽ گيلري جو بورڊ لڳل هو.

نيشنل آرٽ گيلري مالي

ان جي گيٽ وٽ ئي ڪائونٽر ٺھيل هيو. جتي ٻہ ٽي ڇوڪريون ويٺيون هيون.
The National Art Gallery of the Maldives is located in the heart of Malé and is the only exhibition space of its kind in the Maldives. Established by the Government of Maldives in 1999 to showcase regular displays of Maldivian and international artworks to preserve the history and instill patriotism among the people of the Maldives, the small the gallery has regular exhibitions, showcasing a variety of artworks from photography to paintings and conceptual works, by local and regional artists. The National Art Gallery showcases solo exhibitions that represent some of the nation’s fledgling art scene, as well as hosts the biennial contemporary exhibition, which highlights the myriad art forms originating from the area, ranging from arts and crafts, conceptual works, and photography.
مون ۽ يوسف عجب ان ڪائونٽر تان ٻہ ٽڪيٽون ورتيون تہ پرتاب وارا بہ اتي ئي ٽڪرائجي ويا.
”اسان آرٽ گيلري گهمي آيا آهيون. توهان ڀلي چڪر هڻي اچو“. پرتاب چيو.
”ائين ڪيئن ٿيندو، اسان کي نہ گهمائيندو؟ توهان اسان سان گڏ اچو تہ ٻيھر گڏجي گيلري جو درشن ڪيون“. مون پرتاب کي عرض ڪيو.
هي گيلري تمام شاهڪار پينٽنگس جي فريمن سان ڀريل هئي. ديوارن تي واٽر ڪلر سان ٺھيل خوبصورت تصويرن ۾ آرٽسٽن جا جذبا، اڌما، خواب، خيال، مقصد، درد، پيڙاءَ نظر پئي آيا. جن پنھنجي برش سان وڏي مھارت ۽ فن سان اهي ڪينواس ۾ اوتي ڇڏيا هيا. هتي مان انھن تصويرن مان چند ماسٽر پيس پينٽنگس جون توهان سان ونڊ ڪيان ٿو. گهمندي گهمندي خبر پئي تہ هتي ڪنھن پينٽنگ جي آرٽسٽ بہ آيل آهي. جنھن خوش نصيب جي هن آرٽ گيلري ۾ تخليق ڪيل تصوير بہ رکيل آهي. پو تہ دل چيو تہ ان آرٽسٽ سان ملاقات بہ ڪجي. هن آرٽ گيلري جو انچارج ڏاڍو ملڻسار، بھترين انسان، جنھن اسان سان تمام گهڻي ڄاڻ جي ونڊ ڪئي. هن اسان کي ان آرٽسٽ سان ملاقات بہ ڪرائي.
”اسان جي خواهش آهي تہ اسان توهان جي تخيلق ڪيل تصوير کي ڏسون، ڇا توهان اسان کي اها تصوير نہ ڏيکاريندو“. مون هن کي گذارش ڪئي.
”ضرور ڇو نہ، اچو تہ توهان کي مان اها تصوير ڏيکاريان. منھنجي خوش قسمتي آهي جو منھنجي تصوير هن آرٽ گيلري ۾ رکڻ لاءِ منظور ڪئي وئي“. هن خوشي جو اظھار ڪندي چيو.
هوءَ ڏاڍي بھترين آرٽسٽ هئي، ان کان پوءِ هو اسان کي پنھنجي آرٽ گيلري ۾ لڳل تصوير تائين وٺي آئي. اسان کي اها تصوير ڏيکاري. هن جي تصوير ۾ واقعي ئي درد هيو. پيڙاءَ جا پڙلا هيا. مون کي هن جي تصوير ڏاڍي وڻي هئي. مون هن جي ان آرٽ جي ڏاڍي تعريف ڪندي چيو هو تہ،” تمام شاهڪار تصوير آهي. توهان درد کي ڪيڏو واضع چٽو ڪري پيش ڪيو آهي، ڪاش! ڪو سمجهي سگهي“.
”توهان جي مھرباني. ڪو نہ ڪو ضرور سمجهندو. نيٺ تہ ڪنھن کي خبر پوندي“.
”اسان جي خواهش آهي تہ توهان جي هن تخليق سان گڏ ڦوٽو ڪڍرايون ۽ توهان بہ اسان سان گڏ بيھو“. مون هن آرٽسٽ کي گذارش ڪئي.
هن اسان کي مان ڏنو هو. هو اسان سان گڏ بيھي رهي. هن جي پٺيان هن جي تصوير هئي. اسان هن سان ان تصوير جي پاسي ۾ بيھي ڪجهہ ڦوٽو ڪڍرايا. هن جو شڪريو ادا ڪيوسين.
ان کان پوءِ سڄي آرٽ گيلري ۾ گهمندي گول ڦري آياسين. هڪڙي جاءِ تي ڪائونٽر کان ٿورو اڳتي بينچ تي هڪڙي پليٽ تي رنگ ۽ ان سان گڏ ڪجهہ برش پڻ پيل هيا. ان سان ئي پاسي ۾ هڪڙو ڪينواس پڻ رکيل هو. جنھن جو مطلب اهو هو تہ جيڪڏهن ڪو آرٽسٽ آهي تہ هو پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري سگهي ٿو. پنھنجي سوچ کي، فڪر کي، فن کي، ان ڪينواس تي اوتي سگهي ٿو. ان کان علاوہ اتي هڪڙو ڪمينٽس وارو بڪ بہ پيل هيو يعني وزيٽرس بڪ. جنھن تي مون پنھنجا ٻہ اکر لکيا. مون کان پوءِ يوسف بہ برداش نہ ڪري سگهيو، هن بہ ان ئي ڪتاب تي پنھنجا خيال لکيا. ان کان علاوہ انھن وٽ ڪائونٽر تي هڪڙو بڪليٽ بہ هيو، جيڪو ان آرٽ گيليري جي باري ۾ هيو پر مون نہ ورتو ۽ اسان مان ڪنھن بہ ان طرف ڌيان نہ ڏنو. اڄ محسوس ڪيان ٿو اهو آرٽ گيلري وارو بڪ ليٽ وٺجي ها تہ بھتر.

نيشنل لائبريري مالي

آرٽ گيلري کان جيئن ئي ٻاهر نڪتاسين تہ سامھون ئي ڪائونٽر جي ديوار تي welcome to the National Library لکيل هيو. اتان ڏاڪڻ ذريعي مٿي چڙهي وياسين. تہ سامھون ئي لائبريري نظر اچي رهي هئي. هڪڙي عورت شلوار قميص ۾ ويٺي هئي ۽ هن ليپ تائيپ تي پئي ڪم ڪيو. مون هن سان سلام دعا ڪئي. هن کي ٻڌايو تہ مان وڪيل آهيان ۽ ليکڪ اديب آهيان. مون سائين مختيار جو پڻ تعارف ڪرايو تہ سائين پروفيسر آهي، سائين جو پنھنجو تعليمي ادارو آهي ۽ پاڻ بہ ليکڪ آهن. ان علاوہ پرتاب جو بہ تعارف ڪرايو تہ پرتاب جو اين جي او سيڪٽر سان تعارف آهي ۽ ان کان علاوہ هن جو تعليم سان بہ تعلق آهي. اسان لائبريري گهمڻ چاهيون ٿا. جيتوڻيڪ ان وقت ڪافي شاگرد پڙهائي ڪري رهيا هيا. هن اسان کي چيو تہ،”ڪو مسئلو ناهي توهان ڀلي آيو پر مون کي پنھنجي لائبريري انچارج کان اجازت وٺڻي پوندي“. هن لائبريري انچارج کان اجازت ورتي ۽ ٿوري دير کان پوءِ لائبريرين پاڻ پنھنجي آفيس ڇڏي اسان وٽ هلي آهي. هن اسان کي لائبريري جا مختلف سيڪشن ڏيکاريا جيڪو هڪڙو وڏو هال نمان هيو. هن ۾ لوهي ٻنھي پاسن کان کليل شيلف ٺھيل هيا. انھن شيلفن کان علاوہ، لائبريري جي کليل حصي تي ڪجهہ شاگرد پڙهي بہ رهيا هيا.
هن لائبريري جي بنياد 12 جولاءِ 1945ع ۾ پيو هو. هي سلطان پارڪ جي ويجهو آهي ۽ آرٽ گيلري جي مٿان آهي. هي لائبريري صبح جو نائين وڳي کان وٺي شام جو ڇھين وڳي تائين کليل رهندي آهي.
The National Library of the Republic of the Maldives was established in 12th July 1945. It serves as the Public and National Library of the country, maintaining modern literature. It provides a diverse collection of all published reading materials and documents within the country.The postal address of this library is “National Library, Medhuziyaarai Magu, Malé, Maldives”. We friends were very much glad to meet the cooperative staff of the library. The atmosphere of the library was very much cogent and there was peace and tranquility. Besides, we were happy to see the books, in proper order and clean. Indeed, I could not help myself from admiring the cleanliness of the Library with the librarian.
هن نيشنل لائبريري جي لائبريرين Aminath Ali سان ملاقات ٿي، جيڪا صحتمند عورت ۽ وڏي عمر جي با اخلاق ليڊي هئي. جنھن کي مٿي تي اسڪاف ٻڌل هيو. هن جو مسڪرائيندڙ چھرو اهو ظاهر ڪري پيو تہ هو انتھائي خوش اخلاق عورت آهي. ان کان پوءِ جڏهن چيف لائبريرين آئي تہ اها بذات خود انتھائي بااخلاق اڌڙوٽ عورت هئي. هن پنھنجو نالو مريم سوبينا Mariyam Sobeena ٻڌايو. مون هن کي گذارش ڪئي تہ هو پنھنجو نالو، عھدو ۽ نيشنل لائيبريري جي ويب سائيڊ جي ائڊريس مون واري ڊائري ۾ لکي ڏيئي. هن منھنجي ان انگل جو احترام ڪندي پنھنجو نالو، عھدو ۽ ويب سائيڊ جي ائڊريس مون واري ڊائري تي لکي ڏني. انتھائي خوش گوار ماحول ۾ انھن عورتن اسان سان گروپ ڦوٽو پڻ ٺھرايا. جيڪي هتي پيش ڪجن ٿا، اهي ڦوٽو هن ڪتاب جي زينت بڻيل آهن.

هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني

7:30 شام جو Bloom & grow هوٽل جو ڪمرو ڇڏي، رولاڪيون ڪرڻ لاءِ هيٺ لٿاسين. برسات کان پوءِ ماحول جو مزو ئي ٻيو ٿي ويو هو. هڙومالي جو نئون جرڪندڙ روپ سامھون اچي ويو هو. اتي ئي هڪڙي هوٽل ۾ ماني کاڌي سين. هن هوٽل جي ماني ڏاڍي مزيدار هئي. ڏاڍو سٺو ذائقو هيو. ماني ۾ چڪن نوڊلز (سيويون)، خالي سفيد سادا اوٻاريل چانور، ويجيٽيبل چانور، دال جا ٻہ پيالا. ٽوٽل بل 212 روفيا آيو، جنھن ۾ پاڻي جي بوتل، سوجي جو حلوه، پاپڙ بہ شامل هيا. پاڪستاني 3820.27 بل آيو. مان سمجهان ٿو تہ تمام مناسب اگهہ هيو. هون بہ اسان وٽ ڪنھن سٺڙي هوٽل ۾ ٻہ ڄڻا ماني کائن ٿا تہ 1500 کان 2000 روپيا بل مزي سان اچي وڃي ٿو.
ماني کائي اتان نڪري، پنھنجي هوٽل طرف آياسين. رستي جي ٻنھي پاسن کان ڦوٽ پاٿ هيا. ڦٽ پاٿن سان وري وڻ ٽڻ، گل ۽ ٻوٽا پوکيل هيا. هر دڪان، آفيس يا گهر جي اڳيان ساوڪ ئي ساوڪ آهي. رنگين، مختلف قسمن جا گل هر گهٽي جي سونھن بڻيل آهن. مون چوراهي جي ڪنڊ تي موجود ڪيبن ٽائيپ دڪان کان ڪيمل سگريٽ ورتو. سگريٽ دکائي رستي سان ئي ڪچھري ڪندا پنھنجي هوٽل تي آياسين. رستي تي هن وقت بہ رات جو عورتون ٻھاريون ڏيئي رهيون آهن. ڪنھن ٻڌايو تہ هتي ملازمن جون ٻہ شفٽون ٿينديون آهن. هڪڙي صبح جو نائين وڳي کان ٻين 2 وڳي تائين ۽ ٻي وري پنجين وڳي کان 9 نائين وڳي تائين.
هينئر رات جا پوڻا نو 9 ٿين پيا. صبح جو ساڍي ستين وڳي اسان جي مالديپ ايئرپورٽ کان سري لنڪا لاءِ فلائيٽ آهي. ان ڪري اڄ رات اسان کي سوير سمھڻو پوندو، تہ جيئن اسان صبح جو سوير اٿي سگهون. ان لاءِ اسان دوستن اهو طئي ڪيو تہ اسان کي هوٽل پنجين وڳي يا ساڍي پنجين وڳي ڇڏڻو پوندو ۽ هن بنگالي هوٽل واري کان موڪلاڻي ڪرڻي پوندي.
هن شھر ۾ مون کي لڳو تہ ڪٿي ڪٿي چوري چڪاري جو خطرو رهي ٿو. ڇو تہ واڪ ڪندي ڦوٽ پاٿ جي پاسي ۾ ڪٿي ڪٿي ڪا سائيڪل زنجير سان ٻڌل نظر آئي. ان کان علاوہ هوٽل واري بنگالي جو پڻ اهو چوڻ هيو تہ پنھنجي سامان جي پاڻ حفاظت ڪيو. ڇو تہ هن هوٽل جي گيٽ تي پڻ ڊجيٽل لاڪ لڳل هيو. جيڪو اسڪين ڪارڊ جي وسيلي کُلي پيو ۽ بند ٿئي پيو. جنھن جو مطلب اهو هيو تہ، بنان ڪارڊ وارو ڪو بہ ماڻھو، خاص ڪري ڪو ايرو گيرو نٿو خيرو نہ اچي سگهي ۽ نہ وڃي سگهي. هيڏي وڏي شھر ۾ اهي ٿوريون گهڻيون حرامپايون ضرور ٿينديون هونديون.
جنيد اسان جي روم ۾ آيو آهي. هن کي جيڪو ايڊوانس سفر جي خرچ لاءِ پئسا ڏنا هياسين، يا پول ۾ جمع ڪرايا هياسين. ان رقم جو حساب ڪتاب ڪرڻ ويھي رهيو. حساب دوران هن ٻڌايو تہ سڄو خرچ پکو لاهي، وري بہ توهان جا مون ڏي پئسا ٿين ٿا. سو هن اسان کي اسان جا بقايا پئسا واپس ڪري، صبح جو ايئرپورٽ تائين حساب چڪتو ڪري، پنھنجي روم ۾ هليو ويو. پرتاب جي موڊ کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ چرچا کل ڀوڳ ۽ ٽھڪڙن جو سھارو ورتوسين پر اهي ڦڪيون بيڪار ويون. انھن جو هن جي صحت تي ڪو بہ اثر نہ ٿيو. ٿوري دير کان پوءِ سڀ سمھي پياسين.

هڙومالي کي الواعي ڀاڪر

17 جولاءِ 2024 جو صبح جو سوير مون کان بہ اڳ ۾ سائين مختيار سمون صاحب جاڳي چڪا هيا. هن کان پوءِ منھنجي بہ اک کلي چڪي هئي. ٿوري دير کان پوءِ پرتاب بہ ننڊ مان بيدار ٿي چڪو هو. هن وقت رات جا ساڍا چار ٿين پيا. هن هوٽل جا سڀ ماڻھو پنھنجن ڪمرن ۾ پرسڪون ننڊ جو مزو ماڻي رهيا هيا، پر اسان پنھنجي سامان کي سنڀاري، بيگن ۾ قيد ڪري رهيا آهيون. پنھنجي تياري شروع ڪئي. شيو ڪري، وهنجي فريش ٿي، سامان کي بيگ ۾ پيڪ ڪري، پيڪنگ مڪمل ڪري، بيگ لاڪ ڪري تيار ٿي، بالم بڻجي ويھي رهيس. هن هوٽل جي سڀ کان وڏي خرابي اها هئي تہ نہ واش روم ۾ صابڻ ۽ نہ ئي لوشن يا شيمپو وغيرہ هيو. مون پنھنجو پاسپورٽ ۽ ٻيا ڪاغذ پنھنجي ننڍڙي بيگ ۾ رکي ڇڏيا هيا. ان سان گڏ ڪجهہ ڊالر بہ رکي ڇڏيا هيا تہ جيئن ايئرپورٽ تي مٽرائي سگهان.
پرتاب وهنجي پيو. هن وقت عجب يوسف آيو آهي، جنھن چيو تہ،“اسان سڀ تيار آهيون، اچو تہ نڪري هلون“.
پر مون هن کي چيو تہ،”ٿورو ترسو پرتاب وهنجي پيو“ .
انھي دوران مختيار صاحب اڳ ۾ ئي فريش ٿي، تيار ٿي ويٺا آهن ۽ هن پنھنجن گهروارن سان واٽس اپ تي ڳالھہ ٻولھہ ڪئي. مختيار صاحب جي هون بہ اها مون کي سٺي ڳالھہ لڳندي آهي تہ هو صبح جو تيار ٿي، ٻاهر نڪرڻ کان اڳ ۾ گهر وارن سان فون تي هلو هاءِ ڪري، تازيون تصويرون ڪڍرائي، گهروارن کي پنھنجي موجودہ پوزيشن جي باري ۾ ۽ نئين يا اڳين سفر جي باري ۾ اڳواٽ ئي ٻڌائي ڇڏيندا آهن. پوءِ جيڪڏهن سڄو ڏينھن ڪال نہ بہ ٿي تہ خير آهي ۽ وري جڏهن شام جو گهمي ڦري واپس اچي، وهنجي سھنجي فريش ٿي، ٿانيڪو ٿي ويھن ٿا تہ بہ هو گهروارن کي پنھنجي صورتحال کان آگاھہ ڪن ٿا. پر ان معاملي ۾ منھنجي ۽ پرتاب جي ڳالھہ الڳ آهي.
پاڪستان ۾ اڄ ڏهين محرم آهي. سڄو ملڪ غم حسين ۾ ورتل هوندو پر هتي تہ مون کي ڪٿي بہ ڪو الم پاڪ، ڪو جلوس، نہ ڪو غازي عباس جو چنبو، يا ڪو ڪازيو، ڪو دلدل، ڪا سبيل، يا ڪو نياز نظر نہ آيو. مطلب تہ مون کي ائين لڳو تہ محرم الحرام آهي ئي ڪو نہ.نہ ڪارا ڪپڙا ۽ نہ ئي ڪو ماتم. جيتوڻيڪ مالديپ مڪمل طور تي مسلمان ملڪ آهي ۽ گهڻائي بہ مسلمانن جي آهي. مون کي هتي ٻيو ڪو بہ مذهب نظر نہ آيو. هتي گهڻائي سني فرقي جي آهي. الشيعت جو انگ ٻڙي آهي.
دوست سڀ تيار ٿي ويا آهن.سڀئي دوست پنھنجا بيگ گھليندا، پاڻ ئي پنھنجن ڪلھن تي وزن کڻي هيٺ ڏاڪڻ ذريعي لٿاسين. نہ لفٽ، نہ بيرو. چوندا آهن تہ سستي روئي بار بار، مھنگي روئي ايڪ بار. اسان تہ پل پل پيا اوڇنگارون ڏيئي روئون تہ جنيد تنھنجي اسان سان ڪھڙي دشمني هئي جو هن آڙاھہ ۾ اچي هنئي. هاهاها.
هن وقت صبح جا 5.40 ٿيا آهن. اسان سامان کڻائي، هوٽل کان هيٺ آياسين. پنڌ ڪندا، اچي مين روڊ تي بيٺاسين. روڊ سنسان هيا. فجر جو پھر هيو. ڪي ڪي ايڪڙ ٻيڪٽر ٽريفڪ هلندي نظر آئي. دڪان، اسٽور، سينٽر، شاپنگ مال بند هيا. صبح جي پھر، تازي هوا جو جهونڪو صفا جسم ۾ تازگي جو روح ڦوڪي ڇڏيو هو. پرائي ملڪ جي، اجنبي شھر جي خوبصورت صبح ڪيڏو وڻي ٿي. پکين جون ٻولڙيون، شھر جي خاموشي، هر ڪو پنھنجن گهر ۾ گهري ننڊ ۾ ستو پيو هوندو. پر اسان جون رولاڪيون، اسان کي سمھڻ نہ پيون ڏين. اسان هن خوبصورت شھر کي الوداع ڪرڻ لاءِ روڊ تي بيٺا هياسين. ٿوري دير کان پوءِ، هڪڙي ٽيڪسي اچي بيٺي، ان ٽيڪسي واري کي جنيد چيو تہ،”اسان کي هڪڙي ٻي ٽيڪسي بہ کپي”. ٿوري دير کان پوءِ هڪڙي ٻي ٽيڪسي بہ اچي. اسان پنھنجا بيگ ٽيڪسين جي ڊگي ۾ رکيا. اسان واري ٽيڪسي پويان هئي، ان ڪري اسان هن کي چيو تہ،”تون اڳين ٽيڪسي کي فالو ڪر”. هڪڙي جاءِ تي ائين لڳو تہ اڳين ٽيڪسي ساڄي پاسي کان مڙي ويئي آهي. جنھن تي اسان جي مختيار صاحب ٽيڪسي واري کي چيو تہ،“اسان جي اڳيان واري ٽيڪسي وارو تہ اڳين روڊ کان ساڄي پاس مڙي ويو آهي، توهان سڌو پيا وڃون. توهان ڪو ٻيو روڊ تہ نہ ورتو آهي، شارٽ ڪٽ جي چڪر ۾”. جنھن تي اهو ڊرائيور تجسس جو شڪار ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو تہ،“ايئرپورٽ ڏانھن ويندڙ هي هڪڙو ئي روڊ آهي، ٻيو ڪو بہ روڊ نہ آهي، اڳين ٽيڪسي وارو تہ خبر ناهي ڪير هو، مون کي ان جي ڪا بہ خبر ناهي، پر مان تہ ايئرپورٽ هلان پيو”. سو تقريبن اڌ ڪلاڪ جي ڊرائيو کان پوءِ اسان ائيرپورٽ جي احاطي ۾ هياسين. اسان کان اڳ ۾ ئي جنيد وارن جي ٽيڪسي بيٺي هئي. شايد اها تڪڙي آئي هوندي ۽ اسان جي اکين کان اوجهل ٿي ويئي هوندي.

ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾

17 جولاءِ جي تاريخ آهي. وقت ست لڳي 20 منٽ ٿيا آهن. اسان بورڊنگ ڪارڊ وٺي اميگريشن ڪرائي، انھي پروسيس مان گذري، هينئر اچي گيٽ نمبر ون جي لائونج ۾ ويٺا آهيون. اميگريشن دوران هر شي اسڪيننگ ڪندا آهن. مون ان کان اڳ ۾ ئي پنھنجي واچ، مُنڊي لاهي، پرس ڪڍي پاڻ واري هينڊ ڪيري بيگ ۾ وجهي ڇڏيم. چيڪنگ ۾ مرد ۽ عورت سيڪيورٽي گارڊ هيا. جڏهن منھنجو وارو آيو تہ منھنجي سامھون اها ليڊي بيٺي هئي. هن مون کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو. Wait, wait, wait. لائين ڊگهي آهي، اڳتي وارا ڪليئر ٿين تہ توهان کي بہ موڪليون ٿا“.
مون کان اڳ ۾ جنيد واڪ ٿرو گيٽ مان گذريو هو. ان مھل ان گيٽ جنيد جي داخل ٿيڻ تي اعتراض واريو هو. جنيد کي سيڪيورٽي گارڊ واپس موڪليندي چيو هو تہ،”توهان پنھنجا بوٽ لاهي اچو“. جنيد بوٽ لاهي، اسڪيننگ واري مشين جي سلائيڊ ۾ رکيا. جڏهن ان جاءِ تي منھنجو وارو آيو تہ مون سيڪيورٽي گارڊ کي چيو تہ،”مان بوٽ لاهيان ڇا“. تہ هن اشارو ڪندي چيو تہ،”نہ نہ، توهان هليا اچو“. مون کي جوگر پاتل هيا. واڪ ٿرو گيٽ مان گذرندي مشين مون تي ڪو بہ اعتراض نہ ڪيو ۽ نہ ئي وري ڪو آواز ٿيو. مشين کي ڪراس ڪري اڳتي نڪري آيس. منھنجي هن ٿيلھي ۾ لائيٽر هيو. پر اسڪيننگ واري مون کي اهو نہ چيو تہ توهان اهو لائيٽر ڪڍي ڏيو. پر پاڪستاني ايئرپورٽ تي ائين نہ هيو. سو اهو فرق آهي هتي ڪنھن بہ قسم جي حرامپائي نہ آهي. جنھن جي ڪري مسافرن کي ڪا پريشاني ٿئي.
هتي هڪڙي ڳالھہ ٻڌائيندو هلان تہ بورڊنگ واري ڪائونٽر تي هڪڙي ليڊي ۽ هڪڙو همراھہ، ٻہ ڄڻا ويٺا هيا. جن مان مرد ملازم جنيد کي چيو تہ في ماڻھو 35 ڊالر ڏيو. جنيد هن کي ٻڌايو هو تہ،”اسان جي ويزا ٿيل آهي ۽ اسان اها في اڳ ۾ ئي ڀري چڪا آهيون“. ان تي ڪائونٽر واري جنيد کي چيو تہ،”توهان اهو ويزا وارو ڪاغذ ۽ پيمنٽ وارو پنو ڏيکاريو“. جنيد هن کي اهي ڪاغذ ڏيکاريا هيا. اسان پويان سڀ دوست لائين ۾ بيٺا هياسين. اسان جا بيگ اسان سان گڏ هيا. اسان انتظار ۾ هياسين تہ ڪيڏي مھل ٿي جان ڇٽي. جنيد کي ان شخص چيو تہ توهان فارم ڀري ڏيو. فارم اسان جي سڀني جي واٽس اپ تي جنيد موڪليو هو. اسان اتي ئي ان کي ڀري وري جنيد ڏي موڪلي ڇڏيو. ان پراسيس کي مڪمل ڪري وري هڪ دفعو ٻيھر ڪائونٽر نمبر 32 ۽ 33 تي اچي بيٺاسين. ان ئي ڪائونٽر تي هڪڙي ڏاڍي ڪو آپريٽو ليڊي ويٺي هئي جنھن اسان سان گهڻو تعاون ڪيو. هن اسان جي بيگن کي ٽيگن جا طمغا لڳايا ۽ لگيج واري بيلٽ تي رکي ڇڏيا. هن مھل لائونج نمبر ون تي ويٺا آهيون.
هتان کان اسان کي سري لنڪا وڃڻو آهي. ان لاءِ اسان جي سري لنڪن فلائيٽ نمبر UL 102 آهي ۽ بورڊنگ ٽائيمنگ 8 لڳي 30 منٽن تي آهي. ان فلائيٽ ۾ منھنجو سيٽ نمبر 52 ايڇ آهي ۽ ايف زون ۾ آهي. روانگي جو وقت 9.25 منٽ آهي. ٽڪيٽ تي واضع طور تي لکيل آهي تہ Gate will be closed 20 mint before departure. . منھنجي بيگ جو 26 ڪلو وزن ٿيو. بار بار ايئرپورٽ تي اهو اعلان ٿي رهيو هو تہ جنھن بہ بيگ جو ڪو مالڪ ناهي يا ان جي ڪا مالڪي نہ ٿي ٿئي تہ اهو سيڪيورٽي گارڊ جي تحويل ۾ هليو ويندو.

1671 روپين جي هڪڙي چانھہ

جنيد کي چيم تہ،”ادا چانھہ ۽ بسڪوٽ گهرايو تہ دوست فريش ٿين“. چيائين تہ،”سائين هتي چانھہ، بسڪوٽ ۽ ڪافي تمام مھانگي آهي، ان ڪري هرڪو پنھنجي حساب سان جيڪو وڻيس کائي پيئي، باقي منھنجي طرفان توهان سڀني لاءِ اڄ جي منجهند جي ماني سري لنڪا ۾ آهي“. ”جنيد! سري لنڪا تائين تہ بک ۾ پاھہ ٿي وينداسين“. مون جنيد کي چيو. جنيد چيو تہ،”هتي، چانھہ يا ڪافي 5 کان 6 ڊالر جي آهي. جيڪڏهن پنج ڊالر جو بہ حساب ڪيون تہ بہ 1392.74 ٿيندا. جيڪڏهن 6 ڊالر جو حساب ڪنداسين تہ پاڪستاني 1671.29روپيا ٿيندا”. جيڪي واقعي ئي تمام گهڻا هيا. مون جنيد کي چيو تہ،”هل تہ هلي چڪر هڻي اچون ۽ پيشاب بہ ڪري اچون“.
جنيد ۽ مان ڪافي ۽ چانھہ واري اسٽال تي وياسين. جتي واقعي ئي اهي ريٽ هيا. جيڪي اسان افورڊ نہ پئي ڪري سگهياسين. سو ائين ئي واپس آياسين. جنيد جي ڳالھہ بجا هئي. هون بہ ايئرپورٽ تي هر شي مھانگي هوندي آهي. شين جا اڳ ٻيڻ يا ٽيڻ تي هوندا آهن. سو اهڙا اگهہ ڏسي دل پلي وياسين. مون کي پنھنجي پاڙي جي چانھہ ياد اچي وئي. ادو حاجي ڪارو (لياقت علي سومرو) جيڪو ڪائونسلر بہ آهي. هن دوست جي چانھہ ڏاڍي مشھور آهي ان کان علاوہ ادي عبدالقدير سولنگي جي بہ زبردست چانھہ آهي، خاص ڪري جڏهن بہ ڇوڪرو موڪليندو آهيان تہ هو ڏاڍي سٺي چانھہ ٺاهي پياريندو آهي. اسان وٽ چانھہ پنجاھہ روپيا ڪوپ آهي. يا ڪٿي ڪٿي 60 روپيا. پر المدينہ هوٽل ڄامشورو يا وري مانجهند وٽ 110 روپين جي چانھہ آهي يا وري حيدرآباد ڪراچي واري روٽ تي تمام بھترين چانھہ بہ 120 روپين جي آهي. باقي ايئرپورٽ تي تہ ظلم آهي.

دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ

هينئر صبح جا 8 ٿيا آهن. ويٺي ويٺي، انتظار ڪندي ننڊ پئي اچي. اسان واري لائونج ۾ ڪافي رش وڌي ويئي آهي. ايل سي ڊي ۾ آمريڪا جي صدر جي تقدير هلي رهي آهي. سڄي سنگت اها تقرير ٻڌي رهي آهي. سائين مختيار صاحب، يوسف عجب، مظفر کوکر ٽي وي جي اڳيان اڳيان پھريئن لائين ۾ ويٺا آهن. مان ۽ پرتاب گڏ ويٺا آهيون. پرتاب هن ائيرپورٽ تان پنھنجو سوم رس آزاد ڪرائي ڇڏيو، جيڪو اچڻ مھل سيڪيورٽي وارن پنھنجي قبضي ۾ ڪري پرتاب کي رسيد ڏني هئي. پرتاب اها رسيد ڏيکاري پنھنجي the teacher جي ضمانت نہ پر آزادي ڪرائي هئي. سيڪورٽي وارن دي ٽيچرز جا ڪپڙا يعني پيڪنگ وارو خوبصورت کوکو ڪڍي، انھن بوتلن کي پلاسٽڪ جي ٿيلھي ۾ وجهي ڇڏيو هو. ويلانا ايئرپورٽ مالديپ جي سيڪيورٽي اهي بوتلون پنھنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيون هيون. اڄ اهي آزاد ٿي ويون هيون. ڇو تہ مون مٿي لکيو آهي تہ مالديپ ۾ شراب جي اجازت نہ آهي. هتي ڊيوٽي فري شاپ تہ آهي پر هتي وسڪي ڪو نہ ٿي ملي. ڇو تہ هي اسلامي ملڪ آهي. هتي تہ بيئر جي بہ اجازت نہ آهي. مطلب تہ ڪنھن بہ الڪو حل جي اجازت نہ آهي. ڪن خاص ٻيٽن ۾ آهي تہ آهي نہ تہ بس. يا وري ڪنھن پرائيوٽ ٻيٽ ۾ توهان کي وسڪي ملي وڃي تہ توهان جي ڀاڳ، نہ تہ ٺپ نہ. پرتاب ٻڌايو تہ هو بہ سفر جو يادگيريون سھيڙي پيو ۽ يوسف عجب بہ سفر جو مواد گڏ ڪري رهيو آهي. عجب جي خواهش آهي تہ هو براهوي ٻولي ۾ پنھنجو سفري ڪتاب آڻي.
جھاز جي بورڊنگ ۾ ڪجهہ تاخير ٿي آهي. جيئن تہ 8 لڳي پنجويھہ واري بورڊنگ 8 لڳي پنجاھہ منٽن ۾ شروع ٿي آهي. ان ليٽ جي ڪا خبر نہ پئجي سگهي. هن وقت صبح جا 8 لڳي پنجاھہ منٽ ٿيا آهن. مون سان گڏ سائين مختيار سمون صاحب جي سيٽ آهي. پاسي ۾ گهٽي آهي، ان سان گڏ جنيد ڏهر، مظفر کوکر، عجب يوسف ۽ پرتاب وارا ويٺا آهن. اها چئن سيٽن وارو رو آهي. هي سري لنڪن جھاز آهي. هتان جي ايئرهوسٽس جي ڊريس سائي رنگ جي آهي. جنھن تي مورپکيءَ جون تصويرون پرنٽ ٿيل آهن. جڏهن تہ ميل اسٽاپ جي ڊريس ۾ نيري يا نيوي بلوواري رنگ جو ڪوٽ آهي، مليشيا جي رنگ جھڙي پينٽ، لينن جي سائي رنگ جي ٽائي ۽ هلڪي آسماني رنگ جي شرٽ آهي. انھن ايئرهوسٽس ۾ هڪڙي ڪونج بہ آهي، جنھن جي ڳچي ۾ سون جي زنجيري، ڇھہ فٽن جي هي قدآوار ڇوڪري سڄي اسٽاپ جي نڪ آهي. ڪڻڪ رنگو رنگ، ڀورو، ڪارا وار هن جي سونھن کي ويتر چار چنڊ لڳائي ڇڏيو هو. مون اهڙي خوبصورت ايئرهوسٽس پھريون ڀيرو ڏٺي هئي. هن جي سونھن ۾ ڏاڍي ڪشش هئي. ويتر هن جي ادائن بہ باھہ تي پيٽرول وارو ڪم ڪيو هو. صبح جا نو ٿيا آهن. جھاز ۾ سنھالي ٻوليءَ ۾ اعلان ٿي رهيو آهي. ان کان پوءِ انگريزي ٻولي ۾ بہ اعلان ٿيو. جھاز 9 لڳي پنجن منٽن تي چرڻ شروع ڪيو. هاڻي هو پوئتي پيو ڌڪجي. هاڻي جھاز ٿوري دير لاءِ بيٺو آهي. اڏامڻ واري انجڻ هن مھل کُلي چڪي آهي. انجڻ جو زوردار آواز ڪنن ۾ ٻُري رهيو آهي پر اڃان تائين جھاز رن وي تي بيٺو آهي.

جھاز ۾ AC نہ هوندي آهي

توهان کي هتي ٻڌائيندو هلان تہ هوائي جھاز ۾ ايئرڪنڊيشن نہ هوندو آهي. ان ڳالھہ کان گهڻا دوست واقف نہ هوندا. ماڻھو اهو سمجهندا آهن تہ جھاز ۾ اي سي لڳل هوندي آهي. جنھن جي ڪري ان ۾ ٿڌاڻ محسوس ٿي رهي آهي، پر ائين نہ هوندو آهي. اچو تہ توهان کي ٻڌايان تہ جڏهن هوائي جھاز زمين تي هوندو آهي ۽ بورڊنگ کان پوءِ مسافر پنھنجي پنھنجي سيٽ تي ويھي ويندا آهن، اڪثر اهو ڏٺو ويندو آهي تہ گهڻن ماڻھن کي گرمي يا گهٽ، ٻوسٽ محسوس ٿيندي آهي. پوءِ مسافر سيٽ جي پويان لڳل ڪمينٽ ڪارڊ يا مئگزين ڪڍي وڃڻي جي طور هڻندا رهندا آهن ۽ بار بار عملي کي ايئرڪنڊيشن هلائڻ جو چوندا رهندا آهن. جنھن ڳالھہ تان عملو بہ پريشان ٿيندو آهي. ڇو تہ جھاز ۾ ائيرڪنڊيشن نہ هوندي آهي. عملو مسافرن کي آسرو ڏيندو رهندو آهي تہ بس ٿوري دير ۾ سڀ ڪجهہ نارمل ٿي ويندو. اهو ان ڪري هوندو آهي تہ زميني عملو جھاز ۾ ايئرڪنڊيشننگ يونٽ لڳائڻ ۾ تاخير ڪندو آهي. جيڪو سڄي جھاز کي پائيپ جي ذريعي ٿڌي هوا پھچائيندو آهي.
ACU (aircraft condintioning unit) ڇاهي؟.
ايئرڪرافٽ ڪنڊيشننگ يونٽ هڪ اهم زميني سپورٽ وارو آلات آهي جيڪو گرائونڊ هينڊلنگ گاڏي ۾ لڳل هوندو آهي جيڪو هوائي جھاز ۾ حرارت جي ضرورت جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ هوائي جھاز ۾ ٿڌي هوا يا گرم هوا مھيا ڪندو آهي. جڏهن تہ جھاز زمين تي پارڪنگ جي حالت ۾ هوندو آهي تہ جيئن مسافرن کي سڪون وارو ٽيمريچر برقرار ڪري ڏيئي.
پر جڏهن جھاز اڏامڻ لاءِ رن وي تي ڊوڙندو آهي تہ ان آلات کي ڪڍي ڇڏيندا آهن. ان ڪري وري بہ مسافر ٿوري دير لاءِ گرمي محسوس ڪندا آهن. پر جڏهن جھاز مٿي آسمان ۾ اڏامندو آهي تہ پوءِ توهان کي وري محسوس ٿيندو تہ هاڻي پائليٽ جھاز جي اي سي هلائي ڇڏي آهي ۽ توهان ٿڌي هوا محسوس ڪندا آهيو، پر حقيقت ۾ جھاز ۾ اي سي تہ هوندي ناهي. اصل ۾ سائنسي طور تي توهان جيترو مٿي ويندو تہ ٻاهر جو ٽيمپريچر ڪرندو ويندو آهي، يعني گهٽ ٿيندو ويندو آهي ويندي جھاز جڏهن هزارن ڦٽن جي بلندين تي هوندو آهي تہ ٽيمپريچر مائينس 30 کان وٺي مائنس 50 تائين هليو ويندو آهي. ان ئي ٽيمپريچر کي جھاز جي سسٽم سان ڪنٽرول ڪري گهربل ايئرڪنڊيشن ڪيو ويندو آهي. ان ڪري توهان پنھنجي ڄاڻ ۾ اضافو ڪري ڇڏيو تہ جھاز ۾ ڪا بہ اي سي نہ هوندي آهي.
سري لنڪن جھاز ۾ گهڻي رش نہ آهي. پوئين حصي جو گهڻيون سيٽون خالي آهن. هن مھل 9 لڳي يارنھن منٽ ٿيا آهن. جھاز اڏامڻ جي ڪري رهيو آهي. ٻي انجڻ بہ کلي ويئي آهي. جھاز هڪڙو ٽرن ڪاٽيو، وري کاٻي پاسي کان مڙيو ۽ هاڻي رن وي تي هلي رهيو آهي. رن وي تي خراب روڊ جي باعث جهاڪا محسوس ٿي رهيا آهن. جھاز اڃان اڏاميو نہ آهي. رن وري تي هلندو پيو هلي. اهي ئي جهاڪا، جهٽڪا محسوس ٿين پيا. جهاڪن جي ڪري جھاز جي اسپيڊ جهڪي ٿي آهي. آهستي آهستي.
هاڻي سوا 9 ٿين آهن. جھاز پنڌ ئي پنڌ لڳي ٿو تہ ائين ئي هلندو سري لنڪا. ساڄي پاسي اڇي رنگ جا ٻہ ڪراس نظر اچن ٿا. هاڻي اعلان ٿيو آهي تہ We are going to take off. هن مھل 9 لڳي 17 منٽ ٿيا آهن. وري جھاز ساڄي پاسي مڙيو. هي رن وي ٺيڪ آهي. سڌو آهي. هموار آهي. وري هڪ دفعو ٻيھر ساڄي پاس مڙياسين. شايد هن روڊ تان اڏامندو. هتي پائليٽ وري بريڪ هنئي. وري ٻلي پير هلڻ شروع ڪيائين. شايد اڃان ڪليئرنس نہ ٿي مليس. هاڻي زوردار اسپيڊ، جھاز تيز ڊڪڻ لڳو. مون اکيون بند ڪري ڇڏيون. جھاز جهٽڪي سان مٿي کڄي ويو. ٻيو جهٽڪو لڳو اڃان مٿي، ٽيون جهٽڪو اڃان مٿي. مٿي مٿي مٿي. آسمان ۾ . مالديپ هيٺ رهجي ويو هو. جھاز جي اڏام اولھہ ڏانھن آهي. خدا حافظ مالديپ.
هاڻي تہ سيءُ ٿئي پيو. مٿي مائنس پنجاھہ کن درجه حرارت آهي. ان ڪري سڀني دوستن ڪمبل گهرايا. مختيار صاحب هڪڙو ڪمبل ورتو پر پوءِ هن کي اڃان بہ سيءُ محسوس ٿئي پيو. مون پنھنجو ڪمبل مختيار صاحب کي ڏيئي ڇڏيو. جھاز هاڻي ٽڪ ٻڌي هلي رهيو هو. ريفريشمينٽ ۾ هڪڙو هڪڙو پيٽييس سڀني مسافرن کي ڏنو ويو. مون ۽ سائين مختيار ويجيٽيبل پيٽيس ورتا. مظفر بيئر مان لطف اندوز ٿي رهيو آهي. هن جھاز ۾ بيئر فري آهي. سو سواءِ مختيار صاحب جي سڀني بيئر جا مزا ورتا. هن بيئر جي ٽن جو رنگ سونھري آهي ۽ ان تي انگريزي ۾ Lion Lader Bear لکيل آهي. هاڻي اسان جي سيٽ جي اڳيان ڪمپيوٽر اسڪرين تي Indian ocean Lakshad Weep Sea تي نظر اچي رهيو آهي. هي اسڪرين ٻاهر درجه حرارت -53 ٻڌائي رهيو آهي. باقي 519 ڪلو ميٽرن جو سفر رهجي ويو آهي. جھاز 777 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيو آهي. هوا جي رفتار 83 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي.

It’s challenge to get out of Maldieves

پرتاب جي ڪنھن دوست فيس بوڪ تي پرتاب جي مالديپ جي تصويرن تي پنھنجا ڪمينٽس ڏيندي لکيو هو تہ its easy to enter Maldives but its challenge to get out of it. خبر ناهي ڇا معاملو هيو. ان دوست اها راءِ ڪھڙي آڌار تي ڏني هئي. هن سان ذاتي وارتا ٿي هئي يا هن اسان کي پريشان ڪرڻ لاءِ اهو شوشو ڇڏيو هو. بحرحال اسان سان تہ ڪنھن بہ قسم جو ڪو اشو نہ ٿيو هو. اسان آساني سان مالديپ کي خيرآباد چئي ڪولمبو ايئرپورٽ تي لٿا آهيون. مون کي لڳي ٿو تہ ڪن ماڻھن جو خالي افواھہ اڌائڻ جو ڪم هوندو آهي، اهي اهڙي قسم جا افواھہ اڏائي اڳين ماڻھو کي پريشان ڪندا آهن. يا انھن جي بھترين ٽوئر کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. هي هڪڙو جيليئسي جو عنصر آهي. جيڪو انھن ماڻھن ۾ هوندو آهي، جيڪي يا تہ توهان جي ترقي مان خوش نہ هوندا آهن يا وري اهي توهان جيترو ڪم نہ ڪري سگهندا آهن. سو اهڙين افواهن تي ڌيان نہ ڏجي تہ بھتر. هڪڙي ڪن کان ٻڌي ٻي ڪن کان ڪڍي ڇڏجي. ڇو تہ اسان وٽ مشھور پھاڪو آهي تہ ايمڻا مٽيو تہ پيشاپ نہ ٿي پيو.

ليکڪ جا ڇپيل ڪتاب

1. Progressive General Vocabulary & Structure (English Grammar) 2000 (First Edition April 2000)
2. Burning Issues of present time (current affairs/ 2003).
3. Let’s Love Grammar (English Grammar/2004).
4. Musawar Dictionary (for Children 2004).
5. New International English (for kids 2004).
6. Teach Me (A guide for class VI 2004).
7. Teach Me (A guide for class VII 2004).
8. Teach Me (A guide for class VIII 2004).
9. سيتا جا سدا بھار ماڻھو 2004ع.
10. البرٽ آئنسٽائن جي جيون ڪٿا (پھريون ڇاپو) (ترجمو) 2006ع.
11. سوجهرن جا سفير (ڀاڱو پھريون) سنڌ جي برک شاعرن جا انٽرويوز 2006ع.
12. سوجهرن جا سفير(ڀاڱو ٻيون) سنڌ جي برک شاعرن جا انٽرويوز 2018ع.
13. توکان پوءِ (شاعري).(نثري نظم) 2012ع
14. ڀاڱا ڀاڱا ڀونءِ (شاعري). 2015ع
15. خط خوشبوءِ جھڙا (بشير سيتائي جا لکيل خط).2013ع
16. من صحرا صحرا (شاعري)2018ع
17. پھاڪا (سنڌي ۽ انگريزي ٻولي جا 1662 پھاڪا 2018ع
18. ٿامس ايِڊيسن جي دلچسپ ڪھاڻي (آتم ڪٿا) 2019ع
19. البرٽ آئنسٽائن جي سوانح حيات (ٻيو ڇاپو)2019ع
20. Progressive General Vocabulary & structure .Grammar. Second ediction 2019
21. منھنجو استاد منھنجو رهبر: پروفيسر سليم سولنگي 2020ع
22. وليم شيڪسپيئر جا ڊراما ۽ ڪھاڻيون؛ ترجمو 2020ع
23. دادوء کان دبئي سفرنامو 2020ع
24. روين جي راند؛ attitude is everything جيف ڪيلر ترجمو 2022ع
25. آگ ڪي برفباري (اردو شاعري) 2022ع
26. ڏٺي ڏينھن ٿيام (تاريخي شخصيتن جا خط) 2022ع
27. پرھہ جي پڪار the 5 am club رابن شرما ترجمو 2023ع
28. نيپالي نينھن (سفرنامو) 2023ع
29. انڊونيشيا جو عشق (سفرنامو)2024ع
30. ملائيشيا جون محبتون (سفرنامو) 2024ع
31. ٿائيلينڊ جا ٿاڪ (سفرنامو) 2024ع
32. ابراهام لنڪن جي آٿم ڪٿا ترجمو (2025)
33. مالديپ ۾ مانڊاڻ (سفرنامو) 2025ع
34. سري لنڪا جي سونھن (سفرنامو) 2025ع
35. آمريڪا جا پول پڌرا (ترجمو) 2025ع
36. لازوال انساني دماغ (ارتقا) ترجمو 2025ع