آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ابراهم لنڪن (سوانح حيات)

ابراهم لنڪن جي زندگي جدوجھد، حوصلي ۽ اصولن تي بيھڻ جي هڪ شاندار ڪھاڻي آهي، جيڪا نہ رڳو آمريڪي تاريخ ۾، پر پوري دنيا ۾ جمھوريت ۽ انساني حقن جي حوالي سان هڪ مشعلِ راھہ بڻيل آهي. هي ڪتاب ان عظيم اڳواڻ جي سوانح حيات تي تفصيل سان روشني وجهي ٿو، جيڪو هڪ عام غريب خاندان مان اڀري، آمريڪا جي 16هين صدر طور تاريخ رقم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. لنڪن جي قيادت جو سڀ کان اهم ڪارنامو غلاميءَ جو خاتمو آڻڻ هيو، آمريڪي گهرو ويڙھہ دوران قومي اتحاد کي برقرار رکڻ ۽ جمھوريت جي بنيادي اصولن کي مضبوط ڪرڻ هو. هي رڳو هڪ عام ترجمو ٿيل ڪتاب ناهي، پر اسان جي نوجوانن جي لاءِ جاڳرتا جو هڪ اهم باب پڻ آهي. هن ڪتاب ۾ لنڪن جي قيادت، سندس سياسي حڪمت عملي، ۽ جمھوريت لاءِ ڏنل قربانين جو تفصيلي ذڪر آهي.

  • 4.5/5.0
  • 8
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Abraham Lincoln

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

BOOK NO: (395)

ڪتاب جو نالو: ابراهم لنڪن (آمريڪا جو 16 هون صدر)
موضوع : (سوانح حيات)
ليکڪ: اسٽرلنگ نارٿ
ترجمو: بلوچ صحبت علي
پروف ريڊنگ: غلام ياسين لنڊ
ڪمپوزنگ: شاهزيب شبير گوپانگ وڪيل
پھريون ڇاپو: مئي2025ع
ڇپيندڙ : ڪنول پبليڪيشن
ڪنول پبليڪيشن/ پرنٽر & بڪ شاپ، ربي چيمبر، گاڏي کاتو- حيدرآباد.
: 0333-7523132

قيمت: 500 رُپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2025ع

Abraham Lincoln (Biography)
Baloch Suhbat Ali
1st Edition: MAY 2025
Published by: Kanwal Publication
ISBN: 978-969-2252-77-5

ڪـتـاب مـلـڻ جـا هـنـڌ،
ڪنول پبليڪيشن& بڪ شاپ، ربي چيمبر، ڪورٽ روڊ گاڏي کاتو- حيدرآباد.
ڀٽائي بڪ اسٽور، ڪويتا ڪتاب گهر، شاد ڪتاب گهر حيدرآباد - رومي ڪتاب گهر، دانيال ڪتاب گهر، قاسم آباد. نئون نياپو ڪتاب گهر، سچل ڳوٺ ڪراچي. - مرڪ پبليڪيشن هائوس، ڪراچي
الفتح نيوز ايجنسي، مھران مرڪز، سکر - سنڌيڪا ڪتاب گهر - سارنگ ڪتاب گهر، سکر
- سنڌيڪا بڪ شاپ، لاڙڪاڻو - المھراڻ ڪتاب گهر، سانگهڙ - سليمان برادرس، نواب شاه –
الاحسان ڪتاب گهر، ميھڙ - مدني بڪ اسٽور، دادو -عوامي ڪتاب گهر، جيڪب آباد.
سامروٽي ڪتاب گهر، مٺي- سنڌ بڪ اسٽور پڪا چانگ،

ارپنا:

پنھنجي ڀائرن جھڙي دلبر دوست
محترم ايڊووڪيٽ عاقب راڄپر صاحب
۽
سندس ننڍڙي حُسين عاقب راڄپر
جي نانءُ،
عاقب راڄپر سان ڪراچي بار روم ۾ سال 2000ع ۾ ملاقات جو شرف حاصل ٿيو، جنھن سان اڄ بہ احترام ۽ نيازمنديءَ جي نينھن سان جڙيل هي دوستيءَ ۽ ڀائپيءَ جو انمول رشتو قائم ۽ دائم آهي. عاقب سان گڏ سندس ننڍڙي پٽ حسين راڄپر سان بہ تاج پيپر سينٽر ۾ 2006ع ۾ ملاقات ٿي هئي. جڏهن حسين کي عاقب پنھنجي آفيس وٺي ايندو هو. هاڻي تہ ٻئي دوست ٿي ويا آهن.
اڄ جڏهن حُسين جا ڊان اخبار ۾ خط ڇپجن ٿا تہ مون کي ڏاڍي سرهائي محسوس ٿئي ٿي ۽ سڀاڻي جڏهن هن جا مضمون سڄي دنيا ۾ پڙهيا ويندا، تہ مون لاءِ ان کان وڌ ٻي فخر جي ڪھڙي ڳالھہ هوندي. مون کي خوشي ان ڳالھہ جي بہ آهي تہ عاقب راڄپر نہ فقط سٺو وڪيل آهي پر قومي ڌارا ۾، قومي خدمتن ۾ اسان سڀني دوستن کان تمام گهڻو اڳتي نڪري ويو آهي. هو هڙا وڙان خرچ ڪري، سنڌ ۽ سنڌي قوم جي بقا جي جنگ ۾ اسان سڀني دوستن کي آڳ ڏيئي ويو آهي. خاص ڪري ڪئنالن جي اشو تي، سنڌ جي سڀني وڪيل ڀائرن سان پھرئين ڏينھن کان وٺي ٻٻر لوءِ پھچي، اڃان تائين ان ڌرڻي ۾ ويھي ڌرتي ماتا جو ٿنج ملھايو. ٻٻرلوءِ کي سلام.

________ بلوچ صحبت علي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر، ڪھاڻيڪار، سنڌيڪار، سفرنامانگار ۽ ڪالم نگار بلوچ صحبت عليءَ پاران اسٽرلنگ نارٿ جي لکيل سوانحي ڪتاب ”ابراھم لنڪن“ جو سنڌي ترجمو اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
ابراهم لنڪن جي زندگي جدوجھد، حوصلي ۽ اصولن تي بيھڻ جي هڪ شاندار ڪھاڻي آهي، جيڪا نہ رڳو آمريڪي تاريخ ۾، پر پوري دنيا ۾ جمھوريت ۽ انساني حقن جي حوالي سان هڪ مشعلِ راھہ بڻيل آهي. هي ڪتاب ان عظيم اڳواڻ جي سوانح حيات تي تفصيل سان روشني وجهي ٿو، جيڪو هڪ عام غريب خاندان مان اڀري، آمريڪا جي 16هين صدر طور تاريخ رقم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. لنڪن جي قيادت جو سڀ کان اهم ڪارنامو غلاميءَ جو خاتمو آڻڻ هيو، آمريڪي گهرو ويڙھہ دوران قومي اتحاد کي برقرار رکڻ ۽ جمھوريت جي بنيادي اصولن کي مضبوط ڪرڻ هو. هي رڳو هڪ عام ترجمو ٿيل ڪتاب ناهي، پر اسان جي نوجوانن جي لاءِ جاڳرتا جو هڪ اهم باب پڻ آهي. هن ڪتاب ۾ لنڪن جي قيادت، سندس سياسي حڪمت عملي، ۽ جمھوريت لاءِ ڏنل قربانين جو تفصيلي ذڪر آهي.
ھي ڪتاب مئي 2025ع ۾ ڪنول پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون بلوچ صحبت عليءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

معتبر شخصيت جي سوانح حيات

سڀ کان اول تہ بلوچ صحبت علي کي هن قلمي پورهئي تي، دلي مبارڪ پيش ڪريان ٿو تہ صحبت صاحب تاريخ جي هڪڙي انتھائي وڏي ماڻھو ۽ معتبر شخصيت جي سوانح حيات کي سھڻي سنڌي ٻوليءَ ۾ قلم بند ڪيو آهي. محترم بلوچ صحبت ترجمي جي اعليٰ هنر وسيلي، لکت جي اصليت برقرار رکندي، ان ۾ ٻوليءَ جي ميٺاج، لفظن جي مناسب جوڙجڪ ۽ خيالن جي تسلسل کي اهڙي نمومي پيش ڪيو آهي، جنھن سان پڙهندڙن ۾ ڪتاب کي پاڻ کان پري نہ ڪرڻ جي ڇڪ موجود رهي ٿي. منھنجي خيال ۾ ڪنھن بہ ڪتاب جو ترجمو ان ڪتاب جي پڙهندڙن جي دائري کي وسيع ڪري، اهڙن ماڻھن تائين وڌائي ٿو جيڪي اصلي ٻولي پڙهڻ جي اهليت يا چاهت نٿا رکن. ان سان گڏوگڏ اها هڪ اخلاقي ذميواري پڻ آهي تہ مترجم ڪتاب ۾ موجود خيالن کي جيئن جو تيئن پيش ڪري، سندس معنيٰ ۽ مفهوم کي محفوظ ڪري. انھي حوالي سان صحبت علي هن ڪتاب سان نہ صرف پورو انصاف ڪيو آهي پر پنھنجي علم ۽ ٻولي ۾ وسعت ۽ مھارت سان ڪتاب جي معيار کي پڻ وڌيڪ اوچو ڪيو آهي.
انھي جي باوجود تہ منھنجو جنم سنڌي گهراڻي ۾ ٿيو ۽ ابتدائي تعليم سنڌي ۾ حاصل ڪئي، پر منھنجي ذاتي مطالعي ۾ سنڌي ڪتابن جي ڀيٽ ۾، انگريزي ڪتابن جو تعداد ڪجهہ سوايو رهيو آهي. انھي ڪري مونکي اڪثر سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جي کوٽ کي منھن ڏيڻو پوندو آهي. مان سمجهان ٿو تہ هي ڪتاب منھنجي لاءِ ان حوالي سان بہ هڪڙو بھترين تحفو آهي، جيڪو مونکي پنھنجي ٻوليءَ سان جڙڻ جو موقعو ڏيئي ٿو. هن ڪتاب جي ذريعي صحبت جي انھي ڪوشش کي ڪڏهن بہ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي تہ اسان سنڌي نوجوان ابراهم لنڪن جي انھي مشڪل دور جي جاکوڙ مان سبق پرائي پنھنجي ڌرتي کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون وٺي، ڪامراني حاصل ڪري سگهون.
منھنجي نظر ۾ هي رڳو هڪ عام ترجمو ٿيل ڪتاب ناهي، پر اسان جي نوجوانن جي لاءِ جاڳرتا جو هڪ اهم باب پڻ آهي. جس لھڻي صحبت جنھن اهڙي قيمتي ڪتاب جي ترجمي جي چونڊ ڪئي، جيڪو ترقيءَ جي انھي کوج ۾ اسان لاءِ مشعل راھہ ثابت ٿي سگهي ٿو.
آئون صحبت جو انتھائي ٿورائتو آهيان جنھن مونکي سندس ترجمي ٿيل ڪتاب تي راءِ ڏيڻ جو موقعو ڏنو. دعا آهي تہ سندس قلمي پورهيو ۽ جاکوڙ وڌندي رهي ۽ اهڙا سلجهيل ذهن اسان جي نوجوانن جي رهنمائي ڪندا رهن. سدائين آباد هجو ۽ سنڌ ۽ سنڌ واسين جي لاءِ لکندا رهو.

پيار مان
پريم ساگر-ڪراچي

شاندار ڪھاڻي

آمريڪا جي عظيم شخص ابراهم لنڪن جي سوانح حيات بابت منھنجي دوست بلوچ صحبت علي جي ھن زير مطالعي ترجمي تي پنھنجي طرفان ڪجهہ اکر لکڻ جو حڪم مليو. ڪتاب پڙھڻ جي ڪرت مسافر طبيعت واري زندگي ۾ ذري گهٽ ڇڏائي وئي آھي. پر جنھن محبت ۽ پيار سان حڪم ٿيو تہ پڙھي پورو ڪيم. پياري صحبت جي اصل سڃاڻپ سندس دل کي ڇھندڙ سفرناما آھن پر جيئن تہ ادب ۾ ترجمو پنھنجي الڳ حيثيت رکي ٿو، ان جو هڪڙو سبب اهو بہ آهي تہ پڙھندڙ کي شاھڪار ادب مان چونڊ مواد پنھنجي مادري زبان ۾ پڙھڻ لاء ملي ٿو. بلوچ صحبت جنھن محنت ۽ ڏاھپ سان ھن عظيم ڪردار سان نڀايو آھي سو ساراھڻ جھڙو آھي.
ابراهم لنڪن جي زندگي جدوجھد، حوصلي ۽ اصولن تي بيھڻ جي هڪ شاندار ڪھاڻي آهي، جيڪا نہ رڳو آمريڪي تاريخ ۾، پر پوري دنيا ۾ جمھوريت ۽ انساني حقن جي حوالي سان هڪ مشعلِ راھہ بڻيل آهي. هي ڪتاب ان عظيم اڳواڻ جي سوانح حيات تي تفصيل سان روشني وجهي ٿو، جيڪو هڪ عام غريب خاندان مان اڀري، آمريڪا جي 16هين صدر طور تاريخ رقم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. لنڪن جي قيادت جو سڀ کان اهم ڪارنامو غلاميءَ جو خاتمو آڻڻ هيو، آمريڪي گهرو ويڙھہ دوران قومي اتحاد کي برقرار رکڻ ۽ جمھوريت جي بنيادي اصولن کي مضبوط ڪرڻ هو.
ابراهم لنڪن 12 فيبروري 1809ع تي آمريڪا جي رياست ڪينٽڪي ۾ هڪ غريب پورهيت گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس ابتدائي زندگي ڏکن ۽ مشڪلاتن سان ڀري پئي هئي. تعليم جا موقعا تمام محدود هئا، پر هن پاڻ علم حاصل ڪرڻ لاءِ هرممڪن ڪوشش ڪئي. سندس اڻ ٿڪ محنت ۽ علم سان محبت ئي هئي، جنھن کيس اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڏني. نوجواني ۾ هن مختلف ننڍا وڏا ڌنڌا ڪيا، پر پوءِ شوق ۽ لڳن سان قانون پڙهي وڪيل بڻيو، جنھن هن کي صدارت جي ڪرسي سان تعارف ڪرايو.
لنڪن جي سياسي سفر جي شروعات 1830ع واري ڏهاڪي ۾ ٿي، جڏهن هن سماجي ناانصافين، اڻ برابرين، ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آواز اٿارڻ شروع ڪيو. هن غلاميءَ جي خاتمي لاءِ هڪ مضبوط ۽ چٽو موقف اختيار ڪيو، جيڪو ان وقت جي آمريڪي سماج ۾ هڪ انتھائي اهم ۽ حساس موضوع هو. 1860ع ۾، جڏهن هو آمريڪا جو صدر چونڊجي آيو، تڏهن ملڪ غلاميءَ جي مسئلي تي ٻن حصن ۾ ورهائجي چڪو هو. ڏاکڻي رياستن غلاميءَ کي برقرار رکڻ لاءِ وڙهڻ جو اعلان ڪيو، جنھن نتيجي ۾ آمريڪا هڪ گهرو ويڙھہ واري بيماري ۾ (1861-1865ع) ۾ وڪوڙجي ويو.
هن ڪتاب ۾ لنڪن جي قيادت، سندس سياسي حڪمت عملي، ۽ جمھوريت لاءِ ڏنل قربانين جو تفصيلي ذڪر آهي. سندس سڀ کان اهم ڪارنامن مان هڪ 1863ع ۾ "امانسيپيشن پروڪليميشن" جو اعلان هو، جنھن غلاميءَ جي خاتمي جو بنياد وڌو. هي فيصلو نہ رڳو آمريڪا، پر سڄي دنيا لاءِ هڪ اهم پيغام هو تہ انسان جي آزادي بنيادي حق آهي، جنھن کي ڪو بہ نظام يا طاقت ختم نٿي ڪري سگهي.
لنڪن جو اصول هو تہ “حڪومت عوام جي، عوام طرفان، ۽ عوام لاءِ هجڻ گهرجي." هن جمھوريت جي تصور کي صرف نظريي طور پيش نہ ڪيو، پر ان کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ پاڻ بہ قرباني ڏني. هن جي قيادت ۾ آمريڪا متحد رهيو، ۽ ملڪ ۾ غلامي جو خاتمو ٿيو. پر سندس عظمت کي سڀني قبول نہ پئي ڪيو، جنھن جو نتيجو 14 اپريل 1865ع تي سندس قتل جي صورت ۾ نڪتو، جڏهن هو هڪ ٿيٽر ۾ ويٺل هو.
هي ڪتاب رڳو تاريخ جو هڪ باب نہ، پر هڪ اهڙو اهم دستاويز آهي، جيڪو پڙهندڙن کي جمھوريت، انساني حقن، ۽ قيادت جي اهميت بابت شعور ڏئي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ ان جي ترجمي ڪرڻ جو مقصد اهو آهي تہ اسان جو سماج بہ انھن قدرن کي سمجهي، جيڪي هڪ مھذب ۽ انصاف تي ٻڌل معاشري لاءِ ضروري آهن. لنڪن جي زندگي سيکاري ٿي تہ ايمانداري، محنت، ۽ اصولن تي بيھڻ سان ڪنھن بہ قوم ۽ سماج ۾ مثبت تبديلي آڻي سگهجي ٿي.
هي ڪتاب نہ رڳو تاريخ سان دلچسپي رکندڙ پڙهندڙن لاءِ، پر انھن لاءِ بہ ڪارائتو ثابت ٿيندو، جيڪي سياست، انساني حقن، ۽ جمھوريت کي وڌيڪ سمجهڻ چاهين ٿا.
مون کي قوي اميد آهي تہ هي ڪتاب پڙهندڙن کي سوچڻ تي ضرور مجبور ڪندو تہ اصل ۽ حقيقي اڳواڻ ڪير هوندو آهي ۽ ڪيئن هڪڙي شخص جون ڪوششون پوري دنيا لاءِ تبديلي جو سبب بڻجي سگهن ٿيون.
آخر ۾ صحبت علي کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، انھي اميد سان تہ ھو سنڌي پڙھندڙن کي ھن قسم جا ناياب ڪتاب ڏيندو رھندو.

سلامت ھجو

ڪرشن شرما
سنڌ ھائوس اسلام آباد

مھاڳ: ابراهم لنڪن ؛ تاريخ جي ورقن ۾ زندہ انسان

تاريخ کي نئين ۽ جديد انداز ۾ سھيڙڻ، ترتيب ڏيڻ ۽ لکڻ جي حوالي سان جڏهن تجربن، مشاهدن ۽ تحقيق تي ٻڌل سائنسي اصولن ۽ طريقن کي استعمال ۾ آندو ويو، تہ نہ رڳو نئين تاريخ جنم ورتو پر، ان سان گڏ انساني ڄاڻ ۽ معلومات جي خزانن جا ٻيا ڪيئي در پڻ کلي ويا. جن کي سائنسي علم قرار ڏنو ويو. اهڙن ڄاڻون ماڻھن ۽ عالمن جو وڏو تعداد هو جيڪي نہ رڳو تاريخ، جاگرافي ، طبيعات، ڪيميا، رياضي، معدنيات، پٿرن ۽ قديم آثارن جا ڄاڻون، طبيب، حڪيم ۽ جراح وغيرہ هئا، بلڪ انھن سان گڏ ادب ۽ اخلاقيات جا ليکڪ بہ هئا، جن سڀني گڏجي، جديد ادب ۽ سائنس جا بنياد رکيا هئا. يورپ ۾ تاريخ جي سوين سالن جا مطالعي ۽ محنت کان پوءِ اتي مانٽيسڪيو Montesque، ايڊورڊ گبن Edward Gibbon,، فريڊرڪ شلر Schiller ۽ ٿامس ڪارلائل Thomas Carlyle وغيرہ جھڙا تاريخدان پيدا ٿيا.
سوانح نگاري جي حوالي سان يورپ جو مڃيل ليکڪ ۽ تاريخ نويس فريڊرڪ شلر جو چوڻ آهي تہ ”هڪ سوانح نگار جي لاءِ هر قسم جي حقيقت کي بيان ڪرڻ ضروري آهي. پوءِ پڙهندڙ ان جو ڪھڙو بہ تاثر وٺن“. ناقدن جي راءِ موجب سوانح حيات انساني زندگيءَ جي اها روئيداد يا ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ سچائي هئڻ گهرجي ۽ ان ۾ مبالغي جي ملاوٽ نہ هجي. سوانح حيات جي هڪڙي خوبي اها بہ آهي تہ اها فقط نالن جي ڀري نہ هجي پر ان ۾ تاريخ، سماج ۽ ادب جي آميزش بہ نظر اچي ۽ حقيقتن کي وڻندڙ انداز ۾ بيان ڪيو ويو هجي. سوانح حيات جو تعلق انسان جي گهاٽن اندروني جذبن۽ ڪيفيتن سان آهي. هي فن پنھنجي ذات جي اظھار جو ٻيو نالو آهي، ان ڪري ان کي فن جي اعليٰ ۽ اوچن قدرن جو حامل هئڻ گهرجي. هڪ معياري سوانح حيات جي خوبي اها هوندي آهي تہ ان ۾ صرف ڪنھن فرد جي باري ۾ بيان نہ هئڻ گهرجي، بلڪ ان ۾ سندس ماحول، دؤر، ان دؤر جو پورو منظرنامو سامھون اچي وڃي، جنھن ۾ ان ماڻھوءَ پنھنجي زندگيءَ گذاري ۽ سندس شخصيت جڙي. ان جي ابتڙ صرف فرد تي سڄو ڌيان ڏيڻ سان اها معياري سوانح حيات شمار نہ ٿي سگهندي. ان حوالي سان سوانح نگاري جي ضمن ۾ فلپ گيدلا جو هي دلچسپ قول آهي تہ،”سوانح نگاري اهڙو علائقو آهي، جنھن جي اتر ۾ تاريخ، ڏکڻ ۾ افسانا طرازي، اوڀر ۾ تعزيت نگاري ۽ اولھہ ۾ ڪوفت ۽ ناگواري جا علائقا موجود آهن.
معلوم تاريخ موجب اولين سوانح عمري ”سينٽ آگسٽائين“ جي هئي، جيڪا اڄ کان 16 سو سال پھريان لکي ويئي هئي. قديم ۽ وچين دؤر ۾ بہ سوانح عمرين جا ڪي ٽڙيل پکڙيل مثال ملن ٿا، جيئن ٻين صدي BCE ۾ ڪلاسيڪل چيني تاريخدانن سيما ڪيان Sima Qian، شجي Shijji، يعني تاريخي رڪارڊ (Historical Records) ۾ پنھنجو مختصر جائزو ڏنو آهي. ان سلسلي کي اڳتي وڌائيندي پھرين صدي BCE ۾ سائيسرو جا خط letters of Cicero يا اوائلي عسيائت واري دؤر ۾ سينٽ پال جا خط “letters of saint Paul” بہ اهڙيون لکتون آهن جن ۾ مختصر سوانح حيات جا ڪي بيان ۽ اشارا ملن ٿا. ان کان علاوہ جولين قيصر Jullian Caesar’s commentaries جون ڪميٽريون بہ ملن ٿيون. جيتوڻيڪ اهي لکڻيون قيصر Caesar بابت ٿورو ٻڌائن ٿيون، پر اهي تحريرون پنھنجي جوهر ۾ حياتي جي واقعن بابت بيان جون مختصر جهلڪيون ضرور رکن ٿيون. ان جي باوجود سينٽ آگسٽائن جو 400 BCE ۾ لکيل ”اعتراف“ (Confessions) منفرد درجو رکي ٿو. ”اعتراف“ ۾ اهڙا خيال ۽ گڏيل ڳالھيون هيون جن کي جديد مغرب (اولھہ) ۾ سوانح حيات چئجي ٿو، جيڪي 15 صدي عيسوي ۾ يورپ ۾ نئين سجاڳي دوران اڀريا جنھن جو پھريون مثال انگلينڊ ۾ نورفوڪ Norfolk جي مذهبي صوفي مارجري ڪيمپ Margery Kempe پيش ڪيو. ان کان علاوہ سورنھين صدي جي اٽلي ۾، اٽليءَ جي فزيشن ۽ ائسٽرو لاجر astrologer,جيرو نيمو ڪارڊانو Gironimo Cardano جي سوانح حيات autobiography of Gironimo cardano ۽ گولڊ اسمٿ ۽ اسڪلپٽر بينوينيوٽو سيليني جي مھم جوئي Goldsmith & sculptor Benvenuto Cellini adventures of جو، جڏهن تہ 17 صدي ۾ انگريز تاريخدان ۽ سفارتڪار لارڊ هربرڊرٽ آف چربري جي سوانح حيات Autobiography of Lord Herbert of cherbury ۽ celley cibber’s apology for the life of comedian (colley cibber’s 18 صدي ۾ سوانحي ادب جا نشاطِ ثانيا يعني نئين جنم کان نئين روشني تائين جا ڪجهہ مثال آهن جيڪي ان دؤر ۾ سوانحي ادب جي تخليق جا بنيادي سُتون بڻيا. ان کان علاوہ پوئين دؤر ۾ بہ ڪجهہ قابل قدر لکتون ۽ تحريرون سامھون آيون، جيڪي پنھنجي جوهر ۾ اعليٰ پيشڪش جي لحاظ کان منفرد ۽ پنھنجي خوبصورت انداز بيان جي ڪري متاثرڪندڙ ثابت ٿيون جن ۾ ”ايڊورڊ گبن جي سوانح“، بينجمن فرينڪلن جي ڪاميابي جو سفر“سياسي ۽ سماجي مفڪر”جين جيڪس روسو“ جا ”اعتراف“ قابل ذڪر آهن.
توڙي جو سوانح حيات جو ڳاڻيٽو ”تاريخ“ جي مضمون طور نہ ڪيو ويندو آهي. پر جيئن تہ ٻنھي جو تعلق ماضي سان آهي، ان ڪري تاريخ جي سھيڙ، تنظيم، ترتيب ۽ جوڙجڪ ۾ سوانح حيات مکيه ماخذ ۽ ذريعي جو ڪم ڏيندو رهيو آهي ۽ هڪ لحاظ کان سوانحي ادب تاريخ جي صحيح ڇنڊ ڇاڻ ۾ اهم ڪردار جو حامل آهي.
زير بحث ڪتاب،”ابراهم لنڪن جي سوانح حيات“، اسان جي محبوب ۽ محترم ليکڪ بلوچ صحبت علي جي پورهئي جو ثمر آهي جيڪو سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي وسيع اڱڻ ۾ هڪ وڌيڪ ڪارائتو ۽ فخر جوڳو اضافو آهي. هي ڪتاب هن کاهوڙي، جاکوڙي ۽ اڻ ٿڪ ليکڪ جو 33 هون ڪتاب آهي. جيڪو هن پنھنجي محنت ۽ چاھہ سان سنڌي پڙهندڙن جي ڄاڻ، معلومات ۽ ادبي، سياسي، سماجي ۽ انقلابي تسڪين لاءِ پيش ڪيو آهي. هي ڪتاب ترجمو آهي. ”ترجمو“ ادبي لحاظ کان عالمي طور مڃيل، دلچسپ، معلوماتي ۽ شاندار پورهيو آهي. ترجمي جي پنھنجي الڳ سڃاڻپ، خاصيت ۽ ادبي انفراديت سڀني قومن وٽ تسليم ٿيل حقيقت آهي. اهو ئي سبب آهي جو خود اصل ٻولي ۾ ڪنھن ڪتاب کي پڙهڻ وارا، ان جي ترجمي کي بہ پڙهڻ چاهيندا آهن. ڇاڪاڻ تہ هڪ ٻوليءَ مان ٻي ٻوليءَ ۾خيالن کي پيش ڪرڻ سان هڪ طرح جي نواڻ ۽ ترجمي جو مٺاڻ بہ ان ترجمي ڪيل ڪتاب ۾ اچي وڃي ٿي ۽ پڙهندڙ ان مان هڪ جدا لطف حاصل ڪندا آهن. ادب ۾ ترجمي جي اهميت ۽ افاديت کي نہ صرف قبول ڪيو ويو آهي بلڪ اها هڪ تاريخي ۽ ناقابل ترديد حقيقت آهي تہ ادبي حوالي سان انساني فڪر جي پکيڙ جيتري ترجمن وسيلي ٿي آهي ۽ ٿي رهي آهي، اهڙي ڪنھن بہ ٻئي ذريعي سان نہ ٿي سگهي آهي. ان حوالي سان سنڌي ٻولي ۽ ادب جو استاد ”محمد ابراهيم جويو “ لکي ٿو تہ؛ ”هندستان ۽ يونان جي ادب ۽ علم جو عربي ۾ترجمو: يورپي ٻولين جي علمي ۽ ادبي ذخيري جو دنيا جي ٻولين ۾ ترجمي ذريعي منتقل ٿيڻ، جديد دنيا جي ڄاڻ جون اهي زوردار ڌارائون ئي ان جي مھذب بنجڻ ۽ مھذب هجڻ جو مکيه سبب بڻيون آهن“.
اسان جي پياري دوست بلوچ صحبت علي جو هي سنڌي ۾ ترجمو ڪيل ڪتاب آمريڪا جي 16هين صدر ابراهم لنڪن جي سوانح حيات بابت آهي جيڪو ان دؤر جي آمريڪا جي سياسي، سماجي، اقتصادي، معاشي، معاشرتي، نفسياتي ۽ مذهبي خيالن، رجحانن، روين، قدرن ۽ تڪرارن جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ پڙهندڙن آڏو ان دؤر جي آمريڪا جو سمورو سماجي، سياسي ۽ تھذيبي منظرنامو سامھون اچي وڃي ٿو. هي ڪتاب توڙي جو سوانح حيات آهي. پر هن ڪتاب ۾ اڄ جي ”مھذب“ آمريڪا ۾ ان دؤر ۾ رنگ ۽ نسل جي بنيادن تي ٿيل تشدد، جهيڙن، جنگين، مذهبي ۽ سماجي اڻبرابري جھڙن غير انساني قدرن ۽ واقعن جو بيان آهي تہ انسان جي تھذيب ڏانھن وڌڻ، قانون، آئين، سياست جمھوري ادارن، علائقائي وسعت ۽ سماجي ارتقا جي ڪھاڻي بہ آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هي هڪ فرد جي جدوجھد، قربانين، ڪاميابين، ناڪامين، حاصلاتن ۽ اڻ ٿڪ محنت جو داستان بہ آهي، ابراهم لنڪن توڙي جو هڪ غريب هاري پورهيت گهراڻي ۾ پيدا ٿيو هو پر هو پنھنجي سچيتائي، اڻٿڪ محنت، چاھہ، پورهئي ۽ جدوجھد سبب آمريڪا جي تاريخ جو رخ تبديل ڪندڙ عالمي سطح جو انقلابي اڳواڻ بنجي سامھون آيو هو. ابراهم لنڪن( 1809 کان 1865ع) آمريڪا جي تاريخ جي سڀ کان اهم ۽ اثرائتين شخصن مان هڪ هو. سنداس اڳواڻي دوران آمريڪي گهرو جنگ (1861ع کان 1865ع) جي پڄاڻي، غلامي جي خاتمي جي ڪوشش ۽ قومي اتحاد لاءِ ڏنل قربانيون، آمريڪا جو مستقبل سنواري ڇڏيو. هڪ غريب گهراڻي ۾ پيدا ٿيل لنڪن پنھنجي محنت، ذهانت، بھادري ۽ حوصلي جي ڪارڻ ئي 16 هون آمريڪي صدر بڻيو.
لنڪن تڏهن صدر بڻيو، جڏهن آمريڪا اندر غلامي ۽ رياستي حقن بابت شديد تڪرار هلي رهيو هو. ڏاکڻي رياستن آمريڪي وفاق کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪيو، جيڪو آخرڪار گهرو جنگ جو سبب بڻيو. 1800ع کان 1865ع تائين آمريڪا وڏي تبديلي جي دؤر مان گذريو. ان عرصي دوران علائقائي وسعت، سياسي ارتقا، معاشي تبديليون ۽ غلامي بابت وڌندڙ وار آمريڪا کي خوفناڪ گهرو جنگ ڏانھن وٺي ويا. آمريڪي خانہ جنگي (1861ع کان 1865ع) آمريڪي رياستن جي وچ ۾ وڙهي ويندڙ هڪ داخلي/اندروني جنگ هئي. ڏکڻ ۾ واقع 11 رياستن آمريڪا کان آزادي جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ اتر وارين رياستن سان مسلح جنگ وڙهي. ان جنگ جو بنيادي ڪارڻ آمريڪا جي آفريڪي باشندن جي غلامي متعلق انھن رياستن جو پاڻ ۾ اختلاف هو. اتر واريون رياستون انھن غلامن کي آزاد ڪرڻ چاهين پيون ۽ غلامي جي خلاف قانون سازي ڪري ان کي قانون جي خلاف قرار ڏيڻ چاهين پيون. جڏهن تہ ڏکڻ وارين رياستن جي معيشيت جو دارو مدار ڪپھہ جي پوک تي هو ۽ غلامن کي ان جي پوک ۾ محنت مزدوري ۽ هارپي لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. ان ڪري اهي غلامي جو سلسلو جاري رکڻ چاهين پيون. هي جنگ صنعتي دؤر جي اولين جنگين منجهان هڪ آهي جنھن ۾ ريل گاڏي، ٽيلي گراف، ٻاڦ تي هلندڙ بحري جھاز ۽ صنعتي بنيادن تي تيار ڪيل اسلحو وڏي پئماني تي استعمال ڪيو ويو. هي جنگ آمريڪا جي تاريخ جي خوني ترين جنگ هئي. جنھن ۾ لڳ ڀڳ 6 لک ويھہ هزار آمريڪي سپاهين ۽ آمريڪي عوام جي اڻڄاتل پر وڏي تعداد کي پنھنجون زندگيون وڃائڻون پيون. ان جنگ ۾ اتر وارين رياستن کي ابراهم لنڪن جي قيادت ۾ فتح حاصل ٿي ۽ آمريڪا جو گڏيل رياستن ۾ غلامي جو خاتمو ٿيو. ”جيمز ايم ميڪ فرسن“ ڪتاب ” battle-cry of freedom ۾ بيان ٿو ڪري تہ ”لنڪن مشڪل حالتن ۾ آمريڪا کي متحد رکڻ لاءِ انتھائي دانشمندي ڏيکاري“. لنڪن کي آمريڪا جي عظيم ترين صدرن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو. ”ڊورس ڪرينز گوڊون“، ڪتاب team of rivals ۾ بيان ڪري ٿي تہ،”لنڪن شاندار سياسي حڪمت عملي رکندڙ هو. هن آمريڪا کي نئين سر ٺاهڻ جو خواب ڏٺو. پر سندس شھادت نئين تعمير جي عمل کي مشڪل بڻائي ڇڏيو“. لنڪن تاريخ جو هڪ اهم اڳواڻ هو. جنھن غلامي جو خاتمو آندو ۽ جمھوريت کي مضبوط ڪيو.
ابراهم لنڪن جي سوانح حيات تي لکيل هن ڪتاب ۾ اهو تاريخي جڳ مشھور خط بہ شامل آهي جيڪو هن پنھنجي پٽ جي استاد ڏانھن لکيو هو. جنھن جي شھرت، مقبوليت، اهميت ۽ افاديت نہ صرف اڄ بہ قائم آهي پر ان ۾ ڏينھن و ڏينھن اضافو ٿيندو رهيو آهي. لائق پڙهندڙن آڏو ان سبق آموز ۽ نصيحت ڀرئي خط مان ڪجهہ اقتباس هيٺ ڏجي ٿو. لفظن جي آفاقيت ڌيان طلب ۽ داد لائق آهي؛
اي استاد!
”جيڪڏهن تون کيس سيکاري سگهين تہ هن کي ڪتابن جا عجائبات سيکار. کيس سيکاريو تہ ڌوڪو ڏيئي ڪامياب ٿيڻ کان وڌيڪ ڀلو ۽ بھتر عزت سان ناڪام ٿيڻ آهي. کيس ان لوڌ جي پٺيان نہ لڳڻ جي، قوت عطا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو، جتي هر هڪ سواري تي چڙهڻ جو خواهشمند آهي. هن کي سيکاريو تہ چاپلوسن ۽ خوشامندڙن کان پاسيرو رهي. هن کي سيکاريو تہ نقل ڪرڻ کان ناپاس ٿيڻ بھتر آهي. هن کي اهو بہ ٻڌايو تہ هو ڀلجي بہ پنھنجي ضمير جي قيمت نہ لڳائي. هن کي سيکاريو تہ هو هنبوشيون هڻندڙ ڇڙ وڇڙ انبوھہ ڏانھن ڌيان نہ ڌري ۽ جيڪڏهن سمجهي ٿو تہ هو حق تي آهي تہ کيس مڙس ماڻھو ٿي بيھڻ ۽ منھن ڏيڻ جو هنر ڏيو. هن کي ڇڏيو تہ مقصد جي جستجو، ۽ منزل جي حاصلات لاءِ پاڻ ۾ بي صبرو ٿيڻ جي همت پيدا ڪري. هن کي ھميشہ اهو سيکاريو تہ هو پنھنجي پاڻ تي اعتماد رکي تہ جيئن هن جو انسانيت مٿان ايمان ھميشہ لاءِ پختو رهي“.
جيئن تہ سموري آمريڪي کنڊ تي يورپي مھاجرن وڏي پيماني تي هجرتون ڪري، آمريڪا جي مڪاني ماڻھن جي 95 سيڪڙو آبادي قتل ڪري ڇڏي هئي. يا بکون ڏيئي ماري سندن منظم نسل ڪشي ڪئي هئي، تنھنڪري، ان سنگين ڏوھہ کي لڪائڻ جي لاءِ دنيا جا تاريخدان قديم براعظم آمريڪا جي تاريخ لڪائڻ جي شعوري ڪوشش ڪن ٿا. ان سلسلي ۾ 1854ع ۾ ريڊ انڊين قبيلي”سياٽل“ جي سردار جو آمريڪي صدر جي نالي لکيل هڪ خط مان ڪجهہ ٽڪرا پيش ڪجن ٿا تہ جيئن ان مان اسان جا هم وطن سنڌ جي مسئلن بابت پڙهي، سمجهي غور ۽ فڪر ڪري سنڌ ۽ سنڌي قوم جي بھتري لاءِ ڪي واٽون ۽ ڪي راهون ڪڍي سگهن؛.
”واشنگٽن جي فرمانروا اسان کي چورائي موڪليو آهي تہ هو اسان کان اسان جون زمينون خريد ڪرڻ ٿو گهري. هن اسان جي قبيلي جي ماڻھن لاءِ پنھنجي دوستي، نيڪ نيتي جي جذبن جو پڻ اظھار ڪيو آهي. اها سندس مھرباني. اسين اها ڳالھہ ڀلي ڀت ڄاڻون ٿا تہ کيس اسان جي دوستي جي ڪا بہ ضرورت ڪانھي. پر پوءِ بہ اسين سندس اهڙي آڇ تي ٿڌي دل سان سوچينداسين، ڇو تہ اسين اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ اسين جيڪڏهن کين پنھنجون زمينون نہ بہ وڪڻي ڏيون. تڏهن بہ گورا بندوقون کڻي ايندا ۽ اسان کان اسان جون زمينون زوري کسي وٺندا“. هو وڌيڪ لکي ٿو تہ؛
”هن ڌرتيءَ جو هر گوشو، هن مٽيءَ جو ذرو ذرو اسان جي قبيلي وارن لاءِ مقدس شيءَ جي حيثيت رکي ٿو. ديال جي هر وڻ جا نوڪدار چمڪندڙ پن، سمونڊ جو هر وارياسو ڪنارو، گهاٽن ٻيلن ۽ جهنگن ۾ ڇانيل ڌنڌ ۽ انھن جي گهاٽي ٿڌي ڇانو، هن ڌرتيءَ جو هر ميداني علائقو، ڀون ڀون ڪندڙ ڀونر، ڀُڻ ڀُڻ ڪندڙ پوپٽ، هر جيت جڻيو اسان لاءِ مقدس آهي. وڻن جي ٽارين ۽ پنن ۾ جيڪو رس گردش ڪري ٿو، هو اسان جي قبيلي جي ماڻھن جي ياد ۾ تجربي موجب اسان ڳاڙهن هندستاني لوڪن جي يادگيري جو دفتر آهي“.
هو وڌيڪ لکي ٿو تہ؛
”گورا ماڻھو مرڻ پڄاڻان، پنھنجي جنم ڀومي کي وساري ويھن ٿا. اسان جا ماڻھو مرڻ کان پوءِ بہ هن سدا ملوڪ سھڻي ڌرتي کي نہ ٿا وسارين، ڇو تہ اها اسان ڳاڙهن لوڪن جي جيجل ماءٌ آهي. اسين هن ڌرتيءَ جو جز آهيون. ان جا حلالي پٽ آهيون ۽ اها اسان جي جُز آهي. هن چمن جا سھڻا سيباڻا گل، من موهيندڙ خوشبوئن ڀريل دلين وارا ماڻھو، اسان جا ڀائر آهن. هرڻيون، گهوڙا، عظيم عقاب وغيرہ. انھن سڀني کي اسين پنھنجا ابي امان ڄاوا سمجهون ٿا. پھاڙن جون بلند چوٽيون، چراگاهن جي ماڪ، گهوڙن جي جسم جي گرمائش ۽ هتان جا ماڻھو، اسين سڀ هڪ ڪٽنب آهيون. تنھنڪري واشنگٽن جي سردار جڏهن اسان کي اهو چورائي موڪليو آهي تہ هو اسان کان اسان جون زمينون خريد ڪرڻ چاهي ٿو تہ ڄڻ هن اسان کان گهڻو ڪجهہ گهري ورتو آهي. هن اهو بہ چورائي موڪليو آهي تہ هو اسان جي رهڻ ڪھڻ لاءِ ڪجهہ علائقو مخصوص ڪرائي ڇڏيندو تہ جيئن اسين اتي ان علائقي ۾ آسودگي سان رهي سگهون. ريوانڊون پنھنجي خط ۾ آمريڪي فرمانروا سان وڌيڪ هنن لفظن ۾ مخاطب ٿئي ٿو ۽ هو لکي ٿو تہ؛ زمين جي خريداري يا ان جي وڪري بابت اسين اوهان جي تجويزن تي ويچار ڪنداسين، پر اهو معاملو ايڏو ڪو سولو ڪونھي. ڇو تہ اسان جي لاءِ هي ڌرتي مقدس آهي. نھرن ۽ دريائن ۾ وهندڙ، جرڪندڙ ۽ چلڪندڙ پاڻي محض رڳو پاڻي ئي ناهي پر اهو اسان جي نظر ۾ پنھنجن ابن ڏاڏن جي رت مثل آهي. جيڪڏهن اسين ڪنھن دٻاءُ ۾ اچي لاچار ۽ بيوس بڻجي، مجبوري هيٺ، پنھنجي هي زمين اوهان کي وڪڻي بہ کڻي ڏيون، تڏهن بہ ياد رکجو تہ اها مقدس آهي. ڍنڍن جي اُجري جر ۾ نظر ايندڙ هر هڪ ڌنڌلو پاڇولو منھنجن ماڻھن جي يادن ۽ انھن سان لاڳاپيل واقعن جو داستان ٻڌائي ٿو. دريائن جي وهندڙ پاڻي جي گڙ گڙاهٽ ڄڻ تہ منھنجي بزرگن جي آواز جو پڙاڏو آهي. اسان جي ابن ڏاڏن جي رک مقدس آهي. انھن جون قبرون اسان لاءِ مقدس مقام آهن. اسين ڄاڻون ٿا تہ گورا اسان جي روايتن کان اڻ واقف آهن. انھن جي نظر ۾ زمين تہ مڙئي زمين آهي. سندن نظر ۾ زمين بہ ڄڻ تہ خريد ۽ فروخت ٿيندڙ ڪا شيءَ آهي. ڌرتي ماءُ جھڙي املھہ، مقدس ۽ ٻاجهاري وستي سان سندن اها روش فقط ان ڪري آهي جو اُهي ان جي افاديت کان اڻ واقف آهن. کين ڪھڙي خبر تہ ڌرتيءَ جو رشتو ڇا کي چئبو آهي. اُهي تہ ان اجنبي يا ست ڌارئي ماڻھو وانگر آهن، جيڪو رات جي اونداهيءَ ۾ ڪنھن چور وانگر اچي ٿو ۽ زمين مان کيس جيڪو ڪجهہ وڻي ٿو، سو ڇني وٺي ٿو. ان جي نظر ۾ ڌرتي سندس سرتي نہ پر ڄڻ تہ سندس دشمن هوندي آهي. هو ان سان ويري وارو ورتاءُ ڪري ٿو ۽ جڏهن ان کي ختم ڪري پنھنجي زيرپا ڪري ٿو تہ پوءِ وري ڪنھن ٻي ڌرتي کي فتح ڪرڻ ۽ پنھنجي ماتحت بنائڻ لاءِ اڳتي وڌي ٿو. هو ڌرتي ماءُ جي آڪاش کي خريد ڪيل شين جيان سمجهي ٿو. هو ان ڌرتي تي لٽ مار ڪري ٿو. ان کي اجاڙي برباد ڪري ٿو ڇڏي. سندس هٻڇ ۽ حوس ۾ توسيع پسندي، ڌرتي جي ذرخيزي ۽ مال متاع کي ڳيھي ۽ ڳڙڪائي ڇڏي ٿي. هو ڌرتي مار ۽ ماڻھو مار جو ماهر آهي. جيڪي ماڻھو هن ڌرتي تي زيادتي ڪن ٿا، زور زبردستي ۽ ظلم ڪن ٿا. اهي حقيقت ۾ هن ڌرتي جي سچن سپوتن سان زيادتي ڪن ٿا.
زندگيءَ جو ڪاپو ماڻھو جي اڻت ناهي، ماڻھو تہ ان ۾ شامل انيڪ ڌاڳن منجهان فقط ڪنھن هڪ ڌاڳي مثل هوندو آهي. زندگي جي ڄار سان کيڏڻ ذريعي ماڻھو ڌرتي سان جيڪو سلوڪ ڪري ٿو، جيڪا هلت هلي ٿو، سا حقيقت ۾ تہ هو پنھنجي پاڻ سان هلي ٿو. پر اسين اوهان جي ان آڇ تي بہ سوچ ويچار ڪنداسين تہ اسان جا ماڻھو، اوهان پاران تجويز ڪيل مخصوص علائقي ۾ منتقل ٿي وڃن ۽ ان علائقي تائين محدود رهن. اسين سڀني کان الڳ ٿلڳ ڪنھن ڪنڊائتي گوشي ۾ ۽ ڌار رهنداسون ۽ امن سان رهنداسون. اسان جي حياتي جا باقي بچيل ڏينھن ڪيئن گذرندا. ان ڳالھہ جي ڪھڙي اهميت آهي. ڪجهہ بہ نہ. ان بابت ڪنھن کي ڳڻتي ٿيندي. ڪير اسان جي آئندي بابت سوچيندو...۽ ڪير فڪرمند ٿيندو. اسان جي نسل وارن پنھنجن وڏن کي اڳرائي ڪندڙ، زورآور دشمنن هٿان شڪست کائيندي، انھن جي آڏو پنھنجا ڪنڌ جهڪائيندي ڏٺو آهي. اسان جا جوڌا ۽ بھادر جوان اهڙين شڪستن تي هميشہ شرمسار ٿيا آهن ۽ شڪست کائڻ کان پوءِ پنھنجن ازلي ويرين کان پلاند وٺي کين رڳو سيکت ڏيڻ جي عزم ڪرڻ بدران پنھنجا باقي ڏينھن سستي ۽ ڪاهلي ۾ گذارين ٿا ۽ ائين ئي پنھنجي بھادري تي داغ لڳائين ٿا ۽ پاڻ کي پوري قبيلي ۽ نسل کي غلامي جي ذلت ڀرئي اوڙاھہ ۾ ڌڪي ڇڏين ٿا.
اهي سڻڀا، سوادي ۽ مٺاڻ سان ڀرپور کاڌا کائي ۽ نشي آور شراب پي، پنھنجن جسمن کي بگاڙي ۽ گندو ڪن ٿا. مڌ ۽ مايا جي موھہ ۾ مست بڻجي غلامي جي سُک ڀري ننڊ جا هيراڪ بنجي ويا آهن ۽ ائين پنھنجن ماڻھن سان سندن بيوفائي جي نتيجي ۾ اسان جي قبيلي جا ماڻھو نڌڻڪا ۽ بيواھہ ۽ موڳا بڻجي، نراسائي جي عالم ۾ پنھنجو جيون گهارين ٿا. انھن جي ڪنھن کي بہ ڪا چنتا، ڪا اونو، ڪا ڳڻتي ڪانھي. اسين پنھنجي زندگي جا باقي ڏينھن ڪٿي گذارينداسين. تنھن ڳالھہ جي ڪھڙي اهميت آهي. اسان جي حياتي جا اهي ڏينھن ڪٿي گهڻا تہ ڪو نہ آهن. چند ڪي پھر، ڏينھن، ٻہ ٽي وڌيڪ سيارا... ۽ پوءِ! ...۽ پوءِ بس! انھن عظيم قبيلن جي نسلن مان جيڪي ڪنھن زماني ۾ هن ڌرتيءَ تي رهندا هيا. باقي ڪو بہ ڪو نہ بچندو. يا وري جيڪي هاڻي ننڍن ننڍن گروهن يا ٽولن جي صورت ۾ جهنگن ۽ ٻيلن ۾ ڀٽڪندا ۽ رلندا وتن ٿا، سي ئي وڃي، انھن ماڻھن جي قبرن تي ماتم ڪرڻ لاءِ بچندا، جيڪي ڪنھن دؤر ۾ ايترائي طاقتور ۽ پراميد هيا، جيترا هن وقت اوهين آهيون. .... سڀ ڪجهہ تہ ختم ٿي ويو آهي، لٽجي چڪو آهي!...تہ پوءِ باقي بچيو بہ ڇا آهي؟. زندگي جو سمورو لطف، سڀئي البيلايون ۽ رنگينيون بہ ختم ٿي چڪيون آهن. هاڻي تہ بس رڳو جيئڻو ئي آهي. ڪنھن زندہ لاش وانگر پر، نہ اتان کان ئي ، ان نقطي کان ئي، جيئڻ جو امنگ جاڳي ٿي. جيئڻ جي نئين سر سڪ اٿي ٿي ۽ شروعات ٿئي ٿي.
خوشگوار، باوقار، آزاد، زندگيءَ کي ماڻڻ ۽ ان لاءِ جيئڻ جي سڪ ۽ ان جي حاصلات لاءِ جدوجھد ڪرڻ جي شروعات. اسين رڳو هڪ ئي ڳالھہ ڄاڻيون ٿا تہ اوهان جو خدا ۽ اسان جو خدا هڪ ئي آهي. ساڳيو آهي، ڪو ٻيو ناهي. هي ڌرتي ان کي نھايت ئي پياري آهي. سڀني انسانن، سڀني قومن جو جيڪو حشر ٿيڻو آهي، گورا ان کان ڇٽل نہ آهن ۽ ائين بہ ٿي سگهي ٿو تہ اسين پاڻ ۾ ڀائر ئي هجون. اهو تہ اسين ايندڙ وقت ۾ ئي ڏسنداسين تہ توهين ڪھڙي راھہ جي چونڊ ڪيو ٿا؟ ڀائپي واري يا ڪا ٻي؟. اوهان جو حشر ۽ اوهان جي نسلن جو حشر ڪھڙو ٿو ٿئي؟. سو بہ ڏسڻو آهي ۽ ڏسي رهبو“.
هڪ آمريڪي ريڊ انڊين جو آمريڪا جي ان وقت جي صدر کي لکيل هي خط مادر وطن سنڌ جي دانشور، ليکڪ، اديب، شاعر ۽ هر وطن دوست ماڻھو کي سنڌ جي موجودہ سياسي حالتن ۾ زمين جي وڪري ۽ والار ۽ پاڻي تي قبضي جي سازشن متعلق سوچڻ، سمجهڻ، پرجهڻ ۽ پرورڻ ۽ غور و فڪر ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو. هن خط کي اسان جي محبوب ليکڪ، شاعر ۽ مترجم بلوچ صحبت علي صاحب جي ترجمو ڪيل هن وقتائتي ڪتاب ابراهم لنڪن جي سوانح حيات جي پس منظر ۾ ڏسڻ سان آمريڪا سان گڏ سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جو نقشو بہ چٽو ٿي سامھون اچي وڃي ٿو ۽ سنڌ جي گهڻگهرن لاءِ پڻ فڪر، عمل ۽ جدوجھد جا نوان گس، نوان خطرا ۽ نوان چيلينجز پڻ واضع ٿين ٿا.
ابراهم لنڪن جي سوانح حيات پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو تہ ڌرتي جي تاريخ ۾ انسان ذات ڪيڏا نہ عظيم ۽ عجيب ماڻھو پيدا ڪيا آهن. جيڪي زندگي ۾ ڪيتريون نہ صعوبتون سھن ٿا، تڪليفون برداشت ڪن ٿا، طعنن، مھڻن کي منھن ڏين ٿا. پر پوءِ بہ هو ڇا ڇا نہ ڪن ٿا. هو تاريخ جو رخ موڙي ڇڏين ٿا ۽ صدين تائين اهڙي ڇاپ ڇڏين ٿا، جنھن کي مٽائڻ ممڪن ئي ناهي.
هي ڪتاب ترجمي نگار جي پورهئي جو ثمر ۽ سندس عشق جو اظھار آهي. اميد آهي تہ اڄ جڏهن اسان جو ملڪ بہ خانہ جنگي، قومي سڃاڻپ جي بحران، قومي تضادن، مذهبي فرقيواريت، فرقيوار جنونيت، ڪٽرپڻي، نسلي برتري ۽ اهڙن ٻين انيڪ سياسي، سماجي، معاشرتي، نفسياتي براين ۽ بڇڙاين ۾ گهيريل آهي، تڏهن سنڌ جا گهڻگهرا، هن سوانحي ڪتاب ۾ پيش ٿيل تاريخي، سياسي ۽ سماجي ڳالھين، راين، واقعن ۽ فڪر جي روشني ۾ پنھنجن خيالن ۽ نظرين جي تشڪيل ڪندا ۽ پنھنجي عمل ۾ رد عمل جي رخ جو تعين ڪندي سنڌ جي قومي خودمختياري، حق حاڪميت، صوفي ڪلچر، مذهبي رواداري، سماجي برابري ۽ قومي سڃاڻپ لاءِ واٽن جو تعين ڪري پنھنجي جدوجھد کي سڦل ڪري، ڌرتي ماءُ جي ٿڃ ملھائيندا.

ٿڪيائي ٿر ٿيلھہ چڙھہ چڪيا ئي چوٽئين،
هلندي هوت پنھون ڏي ڀوَ مڙئي ڀيل،
اٿي رائو ريل، ويٺن تان واري وري.
شاھہ

اين-اي-بلوچ
دادو (سنڌ)

پنھنجي پاران

ابراهم لنڪن چيو هو تہ،“مان کٽڻ لاءِ پابند نہ آهيان، پر مان سچ ڳالھائڻ لاءِ پابند ضرور آهيان. مان ڪامياب ٿيڻ جي لاءِ ٻڌل نہ آهيان، پر مان ان روشنيءَ/شعور سان زندہ رهڻ جو پابند آهيان، جيڪو منھنجي اندر ۾ سمايل آهي”.
ھن کان اڳ ۾ مان جيڪي ڪتاب ترجمو ڪري چڪو آهيان انھن ۾”البرٽ آئنسٽائن جي جيون ڪٿا“، ”ٿامس ايڊيسن” جي بايوگرافي. شيڪپيئر جا ڊراما جنھن ۾ the merchant of venice, Romeo and Juliet, Twelfth night, Hamlet, The taming of the shrew, King Lear، رابن شرما جو ناول فائيو اي ايم ڪلب”پرھہ جي پڪار“، attitude is everything ”روين جي راند“، جيف ڪيلر ۽ ٻيا. جن کي پڙهندڙن ڪافي ساراهيو. هن دفعي اهڙي ماڻھو جي زندگي جي ڪھاڻي توهان کي پڙهايان ٿو، جنھن جي زندگي تڪليفن، ڏکن، ڏولاون، ڏوجهرن ۽ مصيبتن ۾ گذري. جيتوڻيڪ هن جي جدوجھد هن کي آمريڪا جھڙي ملڪ جو صدر بڻائي ڇڏيو، پر تنھنجي باوجود مصيبت هن جو پيڇو ڪندي، هن کي آخري ڌڪ هڻي ماري وڌو. اچو تہ ابراهم لنڪن جي زندگي جي باري ۾ توهان کي ڪجهہ ٻڌايان.هن ڪتابن جي باري ۾ چيو هو تہ:
“My best friend is a person who will give me a book I have not read.” ― Abraham Lincoln
ابراهم لنڪن کي آمريڪا جي غريب ترين صدرن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي. هن کي آمريڪا جي تاريخ جو عظيم ترين صدر بہ چيو وڃي ٿو، جنھن غربت ۽ تڪليفن کي ويجهڙائي کان ڏٺو ۽ همت سان حالتن کي منھن ڏئي دنيا ۾ شھرت ۽ مان مرتبو حاصل ڪيو. 1865ع ۾ هن آمريڪي صدر کي قتل ڪيو ويو هو.
آمريڪا ۾ هن جي وڏي سياسي ڪاميابين مان هڪ هئي ڪارن ماڻھن جي آزادي ۽ ملڪ کي، هن مسئلي تي گهرو ويڙھہ کان ڌار ٿيڻ کان بچائڻ. ابراهم لنڪن جي ذاتي زندگي ۽ سياست جي ميدان ۾ مخالفت جي باوجود، سندس ڪاميابين جي ڪھاڻي ڌيان جي لائق آهي. هو 12 فيبروري 1809ع تي آمريڪا جي شھر ڪينٽڪي ۾ هڪ ننڍڙي هاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو.
ابراهم لنڪن ٻن سالن جو مس هيو تہ سندس پيءُ هڪ مقدمي/ڪيس ۾ پنھنجي زمين وڃائي/هارائي ويٺو ۽ خاندان لاءِ مصيبت شروع ٿي وئي. ان کان پوءِ هي ڪٽنب انڊيانا ڏانھن لڏي ويو، جتي هنن سرڪاري زمين تي هڪڙي ڪاٺ جي ڪيبن ٺاهي ۽ اتي رهڻ لڳو. لنڪن هن گهر ۾ وڏو ٿيو. هن صرف هڪ سال اسڪول ۾ حاضري ڀرائي ۽ بعد ۾ هن جي سڳي ماء طرفان ٽيوشن ڏني وئي.
لنڪن جو ننڍپڻ ۽ جوانيءَ بہ غربت، تڪليفن ۽ محنت مزدوري ۾ گذريو. هن جوانيءَ ۾ ڪيترائي ننڍا وڏا ڌنڌا ڪيا، پر ان مان ڪجهہ بہ نہ وريو، پر هن مشڪلاتن سان وڙهڻ سکي ورتو هو. هن چيو هو تہ
“Character is like a tree and reputation its shadow. The shadow is what we think it is and the tree is the real thing.”
― Abraham Lincoln
نوجوان لنڪن قانون جو مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هڪ نئين زندگي گذارڻ جي جدوجھد ڪئي. ڪم ختم ڪرڻ کان پوءِ هو ڪتابن ۾ مٿو رکي ويھي رهندو هو ۽ پوءِ اهو وقت آيو جو هن جو شمار شھر جي سٺن ڪم ڪندڙ وڪيلن ۾ ٿيڻ لڳو.
ابراهم لنڪن زندگي گذارڻ جو فن پنھنجي پيءُ کان سکيو، جنھن پنھنجي زمين وڃائڻ کان پوءِ بہ سخت محنت ڪري خاندان جو سھارو بڻيو. هن زرعي زمين تي ڪم ڪيو، موچي بڻجي بوٽن جي مرمت پڻ سکي، ۽ پوء ماڻھن جي بوٽن کي سلائي ڪري، ڳنڍي، پالش ڪري، ٻہ وقت جي ماني ڪمائي، پنھنجن ٻچن جو پيٽ پاليو. هن ابراهم لنڪن کي سيکاريو تہ زندگي ڪيئن جيئجي.
نيٺ اهي ڏينھن بہ اچي ويا، جڏهن ابراهم لنڪن آمريڪا جو 16هون صدر بڻيو. اهو دؤر هو جڏهن آمريڪي سينيٽ ۾ زميندارن، واپارين، صنعتڪارن ۽ سرمائيدارن جو تسلط هو، جيڪي سينيٽ ۾ پنھنجي برادرين جي مفادن جو تحفظ ڪندا هئا.
ابراهم لنڪن جڏهن صدر ٿيو تہ هن آمريڪا ۾ غلامي جي خاتمي جو اعلان ڪيو ۽ هڪ فرمان ذريعي باغي رياستن جي غلامن کي آزاد ڪري فوج ۾ شامل ڪيو، آمريڪي اشرافيه انھن سڌارن کان سڌو سنئون متاثر ٿيو، تنھن ڪري اهو سڀ ڪجهہ ابراهم لنڪن جي خلاف ٿي ويو ۽ نتيجي ۾ هن صدر جي ڪردار ڪشي جو سلسلو شروع ڪيو ويو.
ابراهم لنڪن تي اڪثر ڪري سينيٽ جي اجلاس ۾ ٺٺوليون ڪيون وينديون هيون ۽ کيس مايوس ۽ حوصلا شڪني ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي. پر اهي پنھنجن حرڪتن ۽ ٽرڙپاين ۾ ڪامياب نہ ٿيا. ان سلسلي ۾ هڪڙو واقعو توهان کي پڙهايان ٿو. جڏهن هو پنھنجي پھرين صدارتي خطاب لاءِ سينيٽ ۾ پھتو ۽ صدر جي لاءِ مخصوص ڪيل سيٽ ڏانھن وڌيو تہ هڪ سينيٽر پنھنجي سيٽ تان ابراهم لنڪن کي مخاطب ٿيندي چيو، ”لنڪن! جڏهن تون صدر بڻجندين تہ اهو نہ وسارجانءِ تہ تنھنجو پيءُ، منھنجي خاندان جا جوتا ڳنڍيندو هو“. اهو سچ هيو.
ان تي هال ٽھڪن سان گونجي پيو هو. لنڪن هن سينيٽر کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”سائين! مون کي خبر آهي تہ منھنجو پيءُ توهان جي گهر ۾ توهان جي خاندان جا بوٽ سلائي ڪندو هو ۽ توهان کان سواءِ هن هال ۾ ٻين وڏن جا بوٽ بہ سلائي ڪندو هو، پر توهان ڪڏهن سوچيو آهي تہ آمريڪا ۾ هزارين موچي هئا، پر توهان جا بزرگ هميشہ منھنجي پيءُ کان جوتا ٺھرائيندا هئا، اهو ڇو؟ ڇاڪاڻ تہ سڄي آمريڪا ۾ ڪو بہ موچي منھنجي پيءُ کان بھتر جوتا نہ ٺاهي سگهيو، منھنجو پيءُ هڪ سائنسدان هيو، هن پنھنجي روح کي پنھنجي ٺاهيل بوٽن ۾ وجهي ڇڏيو هو. اڄ بہ جيڪڏهن منھنجي پيءُ جو ٺھيل جوتو توهان کي سوڙهو آهي تہ مان حاضر آهيان، مون کي بہ جوتا ٺاهڻ ايندا آهن. مان توهان کي پنھنجي هٿن سان نوان جوتا ٺاهي ڏيندس. مون کي فخر آهي تہ مان اُن عظيم موچي جو پٽ آهيان“. لنڪن جي تقرير ختم ٿي، سڄو هال خاموش ٿي ويو.
آمريڪي صدر تي هڪڙي شخص ان وقت فائرنگ ڪئي جڏهن هو فورڊ ٿيٽر ۾ ڊرامو ڏسي رهيو هو. ان عظيم انسان تي حملو وڏو ظلم هيو، ان خطرناڪ حملي جي ڪري هن جي حياتي جي 15 اپريل 1865ع جو پوري ٿي ويئي. هو اڪثر ڪري چوندو هيو تہ:
“When I do good, I feel good. When I do bad, I feel bad. That's my religion.” ― Abraham Lincoln

محترم قربان منگي ابراهام لنڪن جي حوالي سان ڏاڍيون سٺيون يادون لکيون آهن. مان چاهيان ٿو تہ اهي توهان سان هتي ونڊ ڪيان” قربان صاحب اسپرنگ فيلڊ ۾ جڏهن گهمڻ وڃي ٿو ۽ هو لکي ٿو تہ:
اڄ اسان صبح جو سوير تقريباً ڇھين بجي ننڊ مان سجاڳ ٿياسي. ڇاڪاڻ تہ اڄ اسان کي “Illinois” اسٽيٽ جي گادي واري هنڌ “Springfield ڏانھن وڃڻو هو. هي اهو تاريخي شھر آهي، جتي آمريڪا جي اڳوڻي صدر ابراهم لنڪن زندگيءَ جو وڏو عرصو، تقريباً ٽيھہ سال گذاريو. صبح جو ستين بجي اسان سپرنگ فيلڊ ڏانھن روانا ٿياسين. رستي جي ٻنھي طرف آباديون ۽ ڪارخانہ نظر آيا. رستي ۾ فاسٽ فوڊ جي هڪ دوڪان تي ٿوري دير بيھي پيٽ پوڄا بہ ڪئي سون. تقريباً ساڍي يارهين بجي اسان اسپرنگ فيلڊ شھر ۾ داخل ٿياسون.
ابراهم لنڪن يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا جو سورهون صدر ٿي گذريو آهي. جنھن آمريڪا جي تاريخ کي اُٿلائي پٿلائي ڇڏيو. تاريخدانن جي چوڻ مطابق هو آمريڪا جو عظيم ترين صدر ٿي گذريو آهي. 12 فيبروري 1809ع تي ”هارڊن ڪائونٽي“ ۾ جنم وٺندڙ آمريڪا جي هن عظيم صدر نوجوانيءَ جي عمر ۾ئي سياست ۾ پير پاتو. هُو هِڪَ انقلابي ۽ باغي رُوح وارو اڳواڻ هيو. 1832ع ۾ هُو “Illinois” اسٽيٽ جي ليجسليٽو اسيمبلي جو ميمبر ٿيڻ ۾ ناڪام ٿيو. جڏهن تہ ٻن سالن کان پوءِ هُو “Whig party” ۾ ميمبر چونڊيو ويو. هڪ “Whig” جي حيثيت سان هن مثال ڪم ڪيو. روڊن، ڪينالن، ريلوي لائينن ۽ هاربرس جي تعمير ۽ انھن جا نوان ڄار وڇائڻ ۾ هن اهم ڪردار ادا ڪيو. ابراهم لنڪن وڪالت جي شعبي سان بہ جاکوڙي انداز ۾ سلھاڙيل رهيو. هُو 1847ع کان 1849ع تائين” يُو ايس هائوس آف ريپريزينٽيٽوز“ جو ميمبر رهيو. فيبروري 1860ع ۾ جڏهن لنڪن نيو يارڪ ۾هڪ عظيم ريلي کي خطاب ڪيو، تڏهن سندس وڏي پئماني تي سياسي بصيرت ظاهر ٿي ۽ هُو آمريڪي صدر جي عھدي لاءِ هڪ قابل ۽ مضبوط اميدوار طور سڃاپجڻ لڳو ۽ آخر هو هڪ مضبوط صدر ٿي ويو. 1861ع ۾ آمريڪا ۾ خانہ جنگي ڇڙي پئي ۽ ڪماڊر ان چيف جي حيثيت سان هُن پنھنجي ملڪ کي ان خانہ جنگي مان ٻاهر ڪڍيو.
اسپرنگ فيلڊ هڪ صاف سٿرو، ويڪرو ۽ کليل شھرهيو. عمارتون پري پري، ڪشادا رستا ۽ انھيءَ سخت سرديءَ وارن ڏينھن ۾ هي شھر مون کي ڏاڍو خوبصورت لڳي رهيوهو. اسان شھر جا نظارا پسندا “Abraham Lincoln Presidential Library & Museum” پھتاسين. اندر داخل ٿيڻ لاءِ ٽڪيٽ ورتي سون. ٽڪيٽ ۾ شاگردن لاءِ خاص رعايت رکيل هُئي. ٽڪيٽ سان گڏ اسان کي ٻانھن جي ڪلائيءَ ۾ پائڻ لاءِ هڪ سائي رنگ جي ربن بہ ڏني وئي، اُهو انھيءَ لاءِ تہ جيڪڏهن ڪوئي ميوزم کان ڪنھن ڪم سانگي ٻاهر اچي تہ ٻيھر وري اندر داخل ٿي سگهي. هن شاندار ۽ تاريخي ميوزم ۾ ابراهم لنڪن جي زندگيءَ جي مختلف حوالن کي جنھن شاندار انداز ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي، ان کي ڏسي عقل حيران ٿي ويو تہ ڪيئن آمريڪي پنھنجي عظيم هيرو جي ياد کي محفوظ ڪيو ٿا اچن. ميوزم جي هڪ حصي جي شڪل وائيٽ هائوس جو ڏيک ڏئي رهي هئي. هي ميوزم روزانو صبح جو نائين بجي کان شامَ جو پنجين بجي تائين سڄي دنيا جي سياحن جي توجه جو مرڪز رهندو آهي. ابراهم لنڪن جي صدارتي زندگيءَ کان اڳ ۽ پوءِ وارن مختلف واقعن، لمحن ۽ يادگار گهڙين کي تصويرن، ملٽي ميڊيا، مجسمن ۽ مصنوعي ماڳن مڪانن ذريعي محفوظ ڪيو ويو آهي جيڪو آرٽ جو پڻ هڪ عظيم شاهڪار آهي. جڏهن تہ لئبريري ۾ ٻارنھن ملين کان مٿي ڪتاب، اسٽيٽ ۽ لنڪن جي حوالي سان، محفوظ ڪيا ويا آهن. جيڪا تحقيق ڪندڙن لاءِ ڪنھن جنت کان گهٽ ناهي. لائبريري ۾ داخلا مُفت آهي.
ميوزم ۾ داخل ٿيندي ئي اسان ڄڻ هڪ نئين دنيا ۾ داخل ٿي وياسون. ميوزم ۾ داخلا جي ٽڪيٽ ڏھہ ڊالر هُئي جڏهن تہ ٻاهٺ سالن کان مٿي وارن بزرگن لاءِ ست ڊالر، ملٽري ۽ شاگردن لاءِ ست ڊالر، پنج کان پندرنھن سالن تائين عمر جي ٻارن لاءِ چار ڊالر ۽ چئن سالن تائين جا ٻارَ مفت ۾ ميوزم گهمي پئي سگهيا. ميوزم جي ڪجهہ حصي ۾ فوٽوگرافي جي اجازت هئي ۽ ڪجهہ حصن ۾ وري منع ٿيل هُئي. ميوزم ڏسندي مون کي ابراهم لنڪن جو هڪ مشھور جملو ياد اچي ويو تہ ”جيڪڏهن اسان ٻئي هڪٻئي سان هڪ ڊالر جي مٽا سٽا ڪريون تہ اسان ٻنھي وٽ هڪ هڪ ڊالر ئي هوندو پر جيڪڏهن اسان ٻئي هڪٻئي سان هڪ هڪ خيال جي مٽا سٽا ڪريون تہ اسان ٻنھي وٽ ٻہ ٻہ خيال هوندا“ ڪيڏو نہ خوبصورت جملو آهي ابراهم لنڪن جو.
هتي ميوزم ۾ ابراهم لنڪن جي زندگي ۽ جدوجھد کي جذباتي انداز سان ۽ فنائتي نموني محفوظ ڪيو ويو هيو. ميوزم ۾ مختلف ٿيٽر بہ هُيا. جن ۾ هولو ٿيٽر ۽ فلمي ٿيٽر شامل هُئا. جن ۾ ابراهم جي زندگي تي مختلف فلمون هلي رهيون هيون. عجائب گهر ۾ گهڙڻ سان ڪيترائي جذباتي منظرن وارا مجسما ڏٺاسون. هڪ جاءِ تي ابراهم لنڪن جو اباڻو ڪچو گهر ٺھيل نظر آيو. اهو گهر اهڙي تہ مھارت سان ٺھيل هيو جو ان کي ڏسي اصلي هجڻ جو گمان ٿي رهيو هو. ايتري تائين جو وَڻَ ٻوٽا ۽ ڊَڀَ بہ اهڙي نموني ٺاهيا ويا هُئا جو هڪ لمحي لاءِ يقين نہ پئي آيو تہ اِهي نقلي آهن، ٻاهر وَڻ جي ڪٽيل ٿُڙ تي ويٺي نوجوان لنڪن ڪتاب پڙهي رهيو هو. پاسي ۾بيٺل وڻ جي تُڙ کي هٿ لائي فريد چيو تہ هي نقلي ٿي نہ ٿو سگهي. پر جڏهن اُن کي ٿورو وڄائي ڏٺوسي تہ خبر پئي تہ اهو وڻ بہ نقلي هيو. جنھن جا ڇوڏا پڻ ٺاهيا ويا هُئا. ڪچي گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ باھہ ٻري رهي هئي ۽ اها باھہ بہ نقلي هئي. ڀرسان ئي لنڪن مطالعي ۾ مصروف ويٺو هو. ڀرسان ڪوئي رلي پاتيون سُتو پيو هو. (مون فريد کي چيو تہ يار! هيءَ رلي تہ صفا اهڙي رلي آهي جھڙي سنڌ جي ٻھراڙين ۾ عورتون رنگين ڪپڙن جي ٽڪرن کي ڪٽي ٺاهينديون آهن ۽ فريد منھنجي ان ڳالھہ سان سهمت ٿيو) هڪ جاءِ تي ابراهم لنڪن درزيءَ جي روپ ۾ پنھنجي گهر وايءَ سان گڏ ڪائونٽر تي بيٺل نظر آيو.
جڏهن تہ وائيٽ هائوس ۾ وري ابراهم لنڪن جي صدارتي زندگيءَ جا عڪس نظر آيا. هڪ جاءِ تي سندس گهرواريءَ جا وارَ هڪ شيدياڻي نوڪرياڻي سنواريندي نظر آئي. بورچيخاني ۽ ميٽنگ روم جا منظر بہ نظر آيا. هڪ ميٽنگ ۾ ابراهم لنڪن کي اها رٿ پيش ڪندي ڏيکاريو ويو آهي تہ سَڀُ انسان، ڪارا ۽ گورا برابر آهن ۽ سندس انھيءَ رٿ تي ڪابينہ ميمبرن کي مٿي تي هٿُ ڏيندي ڏيکاريو ويو آهي. وائيٽ هائوس جي ٻاهران لنڪن جي سموري خاندان جا بيٺل مجسما نصب ٿيل آهن ۽ اهڙي انداز سان بيٺل آهن جو ڪيئي سياح اچي ساڻن گڏ بيھي گروپ فوٽو ڪڍرائي پئي سگهيا. اسان بہ هتي گروپ فوٽو ڪڍرايا. وائيٽ هائوس جي هڪ ڪمري ۾ ابراهم لنڪن خلاف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل ڪارٽونن جي ذخيري کي محفوظ ڪيوويو هو پرهڪ دلچسپ ڳالھہ تہ اهي سڀئي اخباري ڪارٽون ٽيڙن فريمن ۾ لڳل نظر آيا. ان وقت مون کي پير صاحب پاڳارو ياد اچي ويو. ڪجهہ سال اڳ پنھنجي دوست صحافي عبدالرزاق خلجيءَ جي نياڻيءَ جي شاديءَ ۾ منھنجو پير ڳوٺ وڃڻ ٿيوهو جتي پير صاحب پاڳاري سڀني ٻاهران آيل مھمانن کي پاڻ وٽ مانيءَ تي سڏيو هو ۽ اتي پير صاحب پيرين اگهاڙي بيھي سڀني مھمانن جو آڌر ڀاءُ ڪيو هو. پير صاحب جنھن ڪرسيءَ تي ويٺو هو ان جي پويان ديوار تي پير صاحب جا اخبارن ۾ ڇپيل ڪارٽون خوبصورت فريمن۾ لڳل نظر آيا هئا. ايتري تائين جو 78-1977ع جا ڪارٽون بہ اتي نظر آيا هئا.
ابراهم لنڪن پنھنجي صدارتي اميدوار هئڻ جو اعلان هن ئي شھر ”اسپرنگ فيلڊ“ ۾ ڪيو هو. آمريڪا جا شھري لنڪن کي پنھنجو محسن تصور ڪندا آهن. هُو پنھنجي گهرواريءَ سان گڏ ٿيٽر ڏسندي ماريو ويو هو. اهو منظر بہ هڪ مجسمي جي صورت ۾ محفوظ ٿيل هُيو. منجهند جو اسان سڀني هڪ ”پيزاهٽ“ تي لنچ ڪئي ۽ پوءِ ڀرسان ئي “Fossils Museum” ڏسڻ وياسي. هتي مان اهو پڻ ٻُڌائيندو هلان تہ آمريڪن پنھنجي هن عظيم اڳواڻ کي ياد رکڻ لاءِ مختلف جاين تي تمام گهڻا يادگار ماڳ ۽ عمارتون سانڍي رکيون آهن ڪيترائي تاريخي ڪامپليڪس ۽ سائيٽس لنڪن جي حوالي سان محفوظ آهن، جڏهن تہ ڪيترائي ميوزم پڻ مختلف جاين تي موجود آهن.
فاسلز جي حوالي سان قائم “Illionis State Museum” بہ سياحن لاءِ دلچسپيءَ جو مرڪز نظر آيو. جنھن ۾ هن اسٽيٽ جي زميني خزائن، زندگي، ماڻھن ۽ آرٽ جي مختلف رخن کي مختلف حصن ۾ محفوظ ڪيو ويو هُيو. هتي بہ داخل ٿيندي ئي اسان کي”رلي“ ٽنگيل نظر آئي. فاسلز ميوزم ۾ هڪ حصو ريڊ انڊين جي حوالي سان انھن جي زندگيءَ ۽ تاريخ کي محفوظ ڪرڻ جي حوالي سان نظر آيو.
واپسيءَ تي اسان ابراهم لنڪن، جو يادگار “Lincon Tomb” ڏٺوسين، هي يادگار ابراهم لنڪن سندس زال ميري ۽ سندس پونئيرن جي آخري آرامگاھہ آهي. 117 فوٽ اوچي هن يادگار کي ڏسي اسان ”اسپرنگ فيلڊ“ کان موڪلايو سين. رستي ۾ فريد جي ٻارڙن عُمير، نيھا، دانيال ۽ ڪومل اها شڪايت ڪئي تہ وقت گهٽ هئڻ سبب اسان ميوزم صحيح معنيٰ ۾ ڏسي ڪونہ سگهياسون ۽ واقعي اها حقيقت بہ هئي تہ جنھن عظيم ورثي کي هتي شاندار انداز ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي. اسان اُن کي مڪمل طرح ۽ گھرائيءَ سان ڏسي ڪونہ سگهياسون بھرحال اها ڳالھہ طئہ آهي تہ زندگيءَ جي وسيع رنگن کي ڏسڻ پسڻ لاءِ انسان جي عمر تہ ڪنھن بہ صورت ۾ ڪافي نہ آهي. اسان رستي ۾ اڄوڪي سفر تي تبصرا ڪندا شام جو تقريبا ساڍي ڇھين بجي گهر پھتاسين.
آخر ۾ مان ٿورائتو آهيان، پنھنجي پياري دوست اين-اي-بلوچ صاحب جو، جن هن ڪتاب لاءِ ٻہ اکر لکيا. اين-اي-بلوچ منھنجو نہ فقط دوست آهي، پرهو مون کي ان ڪري بہ وڻندو آهي تہ هو گهڻو پڙهي ٿو. نہ فقط پڙهي ٿو بلڪ جڏهن لکڻ ويھي ٿو تہ هو گهڻن کان سٺو لکي ٿو. هن ۾ ٻہ خوبيون آهن. هڪ تہ سندس وڏا ٽھڪ مون کي وڻندا آهن ۽ ٻيو هن جي خاموشي. ان کان علاوہ مان محترم ڪرشن شرما ۽ پريم ساگر جن جو بہ ٿورائتو آهين. پر ڪجهہ دوستن هن ڪتب جي باري ۾ لکڻ لاءِ چيو ۽ منھنجي ڪم/ترجمي کي هڪ نظر مان گذاريو، جيتوڻيڪ وقت جي قلت جي ڪري هو نہ لکيا سگهيا پر پوءِ بہ هنن جو پيار ۽ ساٿ مون سان سلھاڙيل رهيو. مان انھن جو ٿورائتو آهيان.
مان نھايت ئي ٿورائتو آهيان پنھنجي پرين پياري ڀاءُ محترم منصور علي چارڻ (جاني ڀاءُ) جو، جنھن وقت ڪڍي هن ڪتاب جا پروف پڙهيا، جملن کي بيهڪ کي درست ڪيو، لفظن جي جوڙ جڪ کي سڌو ڪري هي ڪتاب پڙهڻ لائَق بڻايو. ڇو تہ مون وٽ تمام وقت گهٽ آهي. هڪڙي وقت پنجن ڪتابن تي ڪم ڪيان پيو. جنھن ۾ ايترو وقت نہ ٿو ملي جو ڪتاب جا پروف بہ پڙهي سگهان. جيتوڻيڪ جاني ڀاءُ بہ ڏاڍو مصروف آهي پر پوءِ بہ هن وقت ڪڍيو، ان مان مان دل سان هن جا ٿورا مڃان ٿو.
مان پنھنجن پڙهندڙ دوستن جو بہ ٿورائتو آهيان، جيڪي هميشہ منھنجن ڪتابن جو شدت سان انتظار ڪندا آهن، ڪتاب پڙهي مون کي موٽ ڏيندا آهن ۽ منھنجي ڪم کي ساراهي، پسند ڪري منھنجي همت افزائي ڪندا آهن.
ان کان علاوہ مان انھن دوستن جو بہ ٿورائتو آهيان، جيڪي منھنجا ڪتاب تہ ڇا پر ٻين ليکڪن جا بہ ڪتاب نہ پڙهندا آهن. اهي ان خيال جا هوندا آهن تہ “هي ڪتابن جو دؤر ناهي. پر پوءِ بہ هو ڪنھن نہ ڪنھن بھاني پڙهندا آهن ۽ هو چاهيندا آهن تہ هنن جا ٻار بہ ڪتاب پڙهن، ڇو تہ اهي اڪثر ڪري مون سان شڪايت ڪندا آهن تہ موبائيل هنن جي ٻارن کي خراب ڪري ڇڏيو آهي.

بلوچ صحبت علي
ايڊووڪيٽ هاءِ ڪورٽ
دادو-سنڌ جي دل

نينسي جو ننڍڙو معصوم، ابھم ٻارڙو

”منھنجي زندگيءَ جي شروعاتي واقعن کي مختصر پر جامع حيثيت ۾ هڪڙي ئي جملي ۾ سمائي سگهجي ٿو ۽ اهو هن فقري جي مرثئي ۾ موجود آهي تہ،” غريبن جي سادي ۽ مختصر ڪھاڻي“. ابراهم لنڪن

“We are not enemies, but friends. We must not be enemies. Though passion may have strained, it must not break our bonds of affection. The mystic chords of memory will swell when again touched, as surely they will be, by the better angels of our nature.”

"The one victory we can ever call complete will be that one which proclaims that there is not one slave or one drunkard on the face of God's green earth." — Abraham Lincoln

"All I ask for the negro is that if you do not like him, let him alone. If God gave him but little, that little let him enjoy." — Abraham Lincoln

"I leave you, hoping that the lamp of liberty will burn in your bosoms until there shall no longer be a doubt that all men are created free and equal." — Abraham Lincoln

دنيا ۾ اچڻ

نولن ڪريڪ Nolin Creek درياءُ جي سرحد تي جهنگل ۽ جهنگ سان ڍڪيل جابلو پٽي جو سلسلو تمام پري تائين هليو ويو آهي. رستن جي تہ ڪھڙي ڳالھہ ڪجي پر برساتي کڏا بہ برف سان ڍڪيل هوندا هيا. سردي پنھنجي جوڀن ۾ هئي. پر اهڙي حالت ۾ بہ ڊينس هينڪس Hanks Dennis جي کڏن کان پاڻ کي بچائيندو بچائيندو وڏي تيزيءَ سان ان رستي تي ڄمي هلي رهيو هو، جيڪو پھاڙي علائقي کان ٿيندو لنڪن ڪيبن ڏانھن پئي ويو.
آچر جو ڏينھن هيو، سن 1809ع جي فيبروري جي 12 تاريخ جو ڊينس کي شايد ان ڳالھہ جو احساس بہ نہ ٿيو هو تہ ايڏي سيءَ ۾ اڄوڪي صبح جو آمريڪي تاريخ جو هڪڙو تمام وڏو ڏينھن ٿي رڪارڊ تي اچي چڪو هو.
هو تہ بس ان خوشي ۾ ئي مست هيو تہ ٽامس لنڪن Thomas Lincoln ۽ نينسي Nancy Lincoln جي گهر ۾ اڄ هڪڙي ٻارڙي جنم ورتو جنھن جو نالو هن ابراهم لنڪن Abraham Lincoln رکيو هو.
نينسي هينڪس جي سوٽ هئي. هينڪس، نينسي کان چند سال ننڍو هيو. انھن ٻنھين جي پالنا نينسي جي چاچا نالي ٽام ۽ چاچي نالي بيٽسي اسپيرو ڪئي هئي. ٻيئي ننڍي هوندي کان ئي ڀيڻ ڀاءَ جيان رهندا هيا ۽ انھن جي اڄ ڏينھن تائين سڳي ڀاءُ ڀيڻ جيان محبت هئي. اهو ئي سبب هيو جو نينسي وارن وٽ هن ٻار جي ولادت جي خبر هُلي وئي هئي. اهي ان معصوم ٻارڙي کي ڏسڻ جي لاءِ ايترو بيتاب ٿي ويا جو انھن سردي ۽ برف باري جي ڪا بہ پرواھہ نہ ڪئي ۽ گهران نڪري پيا.
نينسي جو بہ هينڪس ۽ پنھنجي چاچا ۽چاچي سان هڪڙو خاص تعلق جڙيل هيو ۽ هن جي اها خواهش هئي تہ هن جي معصوم ٻارڙي کي سڀ کان پھريائين اهي ٻيئي ڄڻا ڏسن.
جڏهن هي همراھہ ڊينس ٽيلون ۽ جهنگ کي لتاڙيندو ميدان تي پھتو تہ هنن کي لنڪن ڪيبن جي چمني کان نيري رنگ جو دونھون آسمان ۾ اڏرندي نظر آيو.
هن پنھنجي رفتار ۾ هاڻي ٿورو وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو هو. هو تڪڙيون تڪڙيون ٻرانگهون کڻڻ لڳو هو. هن کي لومڙي جي کل جي ٽوپي پاتل هئي ۽ اُن جو پڇ هوا ۾ ڦڙڪي رهيو هو. هوسوچي رهيو هو تہ ننڍڙي معصوم ابراهم جو مھانڊو ڪنھن سان ملندو هوندو؟.ٿي سگهي ماءُ تي ويو هجي يا اهو بہ ٿي سگهي ٿو تہ پيءُ تي ويو هجي. هونءَ تي ڊينس کي ننڍڙن ٻارڙن سان گهڻي انسيت نہ هوندي هئي پر شايد نينسي جو ننڍڙو مھمان عام ٻارڙن کان مختلف هيو.
نينسي جو گهر، لنڪن ڪيبن، هڪڙي ڪمري جو ننڍڙو گهر هيو. ڪمري جي آتشڪدي ۾ ڪاٺيون ٻري رهيون هيون، باھہ ٻري رهي هئي ۽ باھہ مان نڪرندڙ نيري رنگ جو دونھون، چمني مان نڪري ڳوٺ جي آسمان ۽ سرد فضا ۾ گم ٿي پئي ويو. ڪمرو باھہ جي ڪري روشن ۽ ڪنھن حد تائين گرم بہ هيو. ڊينس جهلي هٽائي ڪمري ۾ داخل ٿيو. هن جون نگاهون نينسي جي مسڪرائيندڙ چھري تي پيون. هن جي چھري تي ٿڪاوٽ جا آثار نظر اچي رهيا هيا. ڪمزور چھري کي ممتا جي جذبن وڏي دل وارو ڪري ڇڏيو هو. ڊينس جون نظرون نينسي کان هٽي ڪري، پھريون ڀيرو ننڍڙي معصوم ابھم ٻارڙي تي پيون، جيڪو هڪ ڏينھن آمريڪا جو محبوب ترين صدر ٿيڻ وارو هو.
ڪيترن سالن جي گذري وڃڻ کان پوءِ ڊينس هاڻي پوڙهو ٿي چڪو هيو. پر هن جي ذهن تان سردين جي اها صبح اڄ بہ نہ نڪتي هئي. هو وڏي شوق سان انھن ڳالھين کي تخيل جي رنگ ۾ سمائي پيش ڪندو هو. ماڻھن کي خبر هئي انھن ڳالھين مان گهڻيون ڳالھيون سچيون بہ هيون، پر ڪجهہ وري ڳالھہ مان ڳالهڙو ٺاهڻ جي لاءِ ڊينس پنھنجي ڳالھہ ۾ مرچ مصالحا ملائي پيش ڪندو هو. پر ان جي باوجود ماڻھو ڊينس جي ڳالھين مان ڪڏهن بہ بيزار نہ ٿيا. ڊينس پنھنجون ڳالھيون ڪڏهن بہ نہ وساريون. ڇو تہ جڏهن هو پنھنجي مخصوص ٻھراڙي واري لھجي ۾ ڳالھائيندو هو تہ اهي ڳالھيون ماڻھن کان ڪڏهن بہ نہ وسريون.
نينسي پنھنجي بستري تي ليٽيل هئي. ٽام آتشڪدي ۾ باھہ کي وسامڻ نہ پئي ڏنو. هن ماءُ ۽ ٻارڙي جي مٿان کل جو ٺھيل هڪڙو ڪمبل وجهي ڇڏيو هو. ٻاهر جي ڀيٽ ۾ ڪمري ۾ ڪجهہ مڙئي سيءُ گهٽ هيو.
چاچي بيٽسي اسپيرو ڪافي مصروف نظر اچي رهي هئي. ننڍڙي ابھم ٻارڙي جي سار سنڀار جو سڄو ڪم هن جي سر تي اچي پيو هو. ان ڪري هو ان جي هر انتظام ۽ بندوبست ۾ مصروف هئي. ٻارڙي لاءِ ڪپڙا سبڻ، هن جي ماءُ جو خيال ڪرڻ ۽ هن لاءِ کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪرڻ وغيرہ. ڪيترا اڻکٽ ڪم هيا جيڪا چاچي بيٽسي اسپيرو کي ڪرڻا هيا. هن تڪڙ تڪڙ ۾ پنھنجي ڏوهٽي جي لاءِ قميص سبي ورتي هئي ۽ ان سان گڏ هڪڙي ڪانچ پڻ سبي ڇڏي هئي. پوءِ هن کي وڏي احتياط سان هڪڙي ڪمبل ۾ ويڙهي ڇڏيو هو.
نينسي جي لاءِ هُن هڪڙي شيشي ۾ جهنگلي ماکي وجهي، ان ۾ ڪجهہ خشڪ ميوو پڻ ملائي، ان کي باک تي پچائڻ لاءِ رکي ڇڏيو هو. ان کانپوءِ هو گهر جي ٻين ڪمن ڪارين ۾ لڳي ويئي هئي. ڊينس وڏي خوشيءَ سان ننڍڙي کي پنھنجي جهولي ۾ کنيو بيٺو هو. جيڪو چيري جي ميووي جيان هيو. نينسي ڏڪندڙ آواز ۾، سس پس ڪندڙ انداز سان ڳالھائيندي چيو،”ڊينس! ٿورو هوشياري سان، تون پھريون مرد آهين، جنھن هن کي ڏٺو آهي، ڪٿي هو ڊڄي نہ وڃي“.
ڊينسDennis جي جهوليءَ ۾ ٻارڙو روئڻ لڳو. ڊينس هن کي وندرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ ڪجهہ گهڙين کان پوءِ مچي ويندڙ ابراهم کي چاچي Betsi Sparrow جي هنج ۾ ڏيندي چيو،”تہ چاچي! هي تہ سڄي زندگي روئيندو رهندو“.
ڊينس جا چيل لفظ شايد سچ ئي ثابت ٿيڻا ها. لنڪن جا گهروارا غريب ۽ ڏاڍا سادا هيا. خاص طور تي هينڪس جو خاندان تہ نھايت ئي شريف، سادو ۽ نيڪ هيو. انھن کي ڪڏهن بہ اهو خواب ۽ خيال ۾ نہ هيو تہ هي ڇوڪرو هڪ ڏينھن دنيا جي وڏن ماڻھن جي لسٽ ۾ ايندو.

ٻاروتڻو

ننڍڙي ابراهم جو پھريون سال پينگهي ۾ کيڏندي کيڏندي گذريو. هو ان هندوري ۾ ليٽيل رهندو هيو ۽ آنڱوٺو چوسيندو رهندو هيو ۽ ڪمري ۾ موجود شين کي چتائي ڏسندو رهندو هيو. ڪمري جي آتڪشدي ۾ هن کي باھہ ٻرندي نظر اچي رهي هئي. پنھنجي ماءُ جو جهڪي چميون ڏيندڙ ۽ مسڪرائيندڙ چھرو هن جي سامھون هوندو هيو. هن جي پيءَ ٽام لنڪن جي سخت ڪارن وارن واري چھري تي بہ هن جي نظر پوي پئي. هو جڏهن شڪار تي ويندو هو تہ ان وقت آتشڪدي جي مٿان ڪِلي تي ٽنگيل بندوق لاهي ويندو هو.
هن جي اڪثر ڪري نظر پنھنجي ٻن سالن جي ڀيڻ سارا تي بہ پوندي هئي. جيڪا وڏي ڪوشش سان مٿي اڀي ٿي، پنھنجي ڀاءَ کي رلڪي تي ليٽيل ۽ هندوري تي جهڪي جهڪي ڏسندي هئي. هن جي هندوري کي لوڏو ڏيندي هئي ۽ هوءِ هن کي مسڪرائيندو ڏسي ڏاڍو کلندي هئي ۽ پنھنجي ٻاتڙي ٻوليءَ ۾ هن کان پڇندي هئي،”ننڍڙا ادا! ڪڏهن وڏو ٿي مون سان ڳالھائيندين ۽ کيڏندي“؟.
۽ ٻي سال هو پنھنجي ڀيڻ جي آنڱر پڪڙي شفاف پاڻي جي ان چشمي تائين ضرور پھچي ويندو هو، جنھن جي بدولت هن جي پيءَ جو فصل سڄي ڳوٺ ۾ مشھور هو. اهو چشمو هڪڙي ننڍڙي غار مان نڪري، پٿرن جي ڏرن مان ٿيندو، وروڪڙ ڪاٽيندو پراسرار نموني گم ٿي ويندو هو.
جڏهن لنڪن وڏو ٿيو تہ اسڪنگ اسپرنگ فارم جي باري ۾ سڀ ڪجهہ وساري چڪو هو. اهو هوج نيول Hodgenville ڪنٽيڪي Kentucky. جي ويجهو. سائوٿ فورڪ نولن ڪريڪ، جي ويجهو واري ان جڳھہ کي بہ وساري چڪو هو، جتي هو پيدا ٿيو هو. ابتدائي ڏينھن جون يادون جيڪي هن جي ذهن ۾ محفوظ هيون، ان ۾ سڀ کان پھرئين هنجي ذهن ۾ ان فصل جو تصور اڀرندو هو ، جتي هن جا گهر وارا لڏي ويا ها. ان وقت هن جي عمر ٻہ سال هئي. هن جي پيءُ ٽام لنڪن کي هڪڙو دفعو ٻيھر نئون گهر تعمير ڪرائڻو پيو هو. هي نئون گهر ڪاٺ جي پٽين جو مضبوط ٺھيل ڪيبن ٽائيپ هيو. مل ڊراهل جي پھاڙي جي جهوليءَ ۾ هڪڙي زرخيز وادي/ٻني هئي، جنھن کي ناب ڪريڪ Knob Creek farm, چوندا هيا. ٽام لنڪن ان ئي ڇانو واري سرسبز شاداب واديءَ ۾ پنھنجو نئون گهر اڏيو هو.
ابراهم ڏسندي ئي ڏسندي وڏو ٿي ويو هو. ڊينس هينڪس ابراهم لنڪن جي ننڍپڻ جا واقعا وڏي شوق سان ماڻھن کي ٻڌائيندو هيو. ٻڪري جي چمڙي جا جوتا. لومڙي جي کل جي ٽوپي. ٿلھي کاڌي جي قميص ۽ پاجامو پائي هو هيڏي هوڏي پيو ڊڪندو رهندو هو. نينسي کي تمام گهٽ ستائيندو هو. گهڻو ڪري هو پنھنجا سڀ ڪم پاڻ ئي ڪندو هو.
ڪڏهن ڪڏهن تہ هو پيرين اگهاڙي بہ گهران نڪري ويندو هو. جڏهن ابراهم ٿورو اڃان بہ وڏڙو ٿيو تہ هو اسان سان شڪار ڪرڻ بہ هلندو هو. جڏهن مان ۽ ٽام شڪاري ڪتن کي پاڻ سان ساڻ ڪري شڪار لاءِ نڪرندا هياسين تہ ابراهم بہ اسان سان گڏ هلندو هيو. جهنگ ۾ حرڪتون ڪندو رهندو هو. ماکي جي مکين کي ڏسي ان جو پيڇو ڪندي ڪندي انھن جي ماناري تائين پھچي ويندو هو ۽ پوءِ وڻ تي چڙهي انھن جو مانارو لاهي وٺندو هو. اها درندگي هن ڇوڪري لاءِ دلچسپي جو ڪارڻ بہ هئي تہ خطرناڪ بہ هئي پر ابراهم اهي شيون ليکي ۾ نہ آڻيندو هو.

Nancy Hanks Lincoln (February 5, 1784 – October 5, 1818) was the mother of U.S. President Abraham Lincoln. Her marriage to Thomas Lincoln also produced a daughter, Sarah, and a son, Thomas Jr. When Nancy and Thomas had been married for just over 10 years, the family moved from Kentucky to western Perry County, Indiana, in 1816. When Spencer County was formed in 1818, the Lincoln Homestead lay within its current boundaries. Nancy Lincoln died from milk sickness or consumption in 1818 at the Little Pigeon Creek Community in Spencer County when Abraham was nine years old.

ٻاروتڻ جا معامرا

ان دؤر جي باري م ابراهم لنڪن جي ذهن ۾ ڪجهہ هن طرح جون يادگيريون محفوظ هيون. هو چوندو هيو تہ،”ننڍپڻ جي بلڪل شروعاتي ڏينھن جي واقعن جي باري ۾ مون کي هاڻي فقط ناب ڪريڪ Knob Creek farm, ذهن ۾ بچيو آهي. اسان جي زمين ٽن وڏن ميدانن تي مشتمل هئي. ان ميدان جي چئني پاسن کان وڏا وڏا پھاڙ ۽ وڏيون وڏيون کاهيون هونديون هيون.
آچر جي ڪنھن شام جو اسان سڀني ڇوڪرن اها صلاح ڪئي تہ اسان پنھنجي زمين جي اهو حصو جيڪو سڀني کان گهڻو آهي، ان ۾ ٻج ڇٽي، ان کي کيڙيون. اها زمين ستن ايڪڙن تي مشتمل هئي. هن جا ٻيا دوست تہ زمين تي ڪڻڪ جوفصل پوکي رهيا هيا، پر مان ڪدو جو ٻج ڇٽي رهيو هئس. مان هڪڙي قطار ڇڏي، ٻي قطار تي ٻج ڇٽيندو پئي ويس. اهڙي ريت اسان سڄو ڏينھن زمين تي ڪم ڪندا رهياسين.
ٻي ڏينھن سومر تي صبح جو ئي آسمان ڪارن ڪڪرن سان ڇانئجي ويو هو ۽ پھاڙن تي زبردست برسات ٿي هئي. جيتوڻيڪ وادي ۾ برسات جي هڪڙي بوند بہ نہ پئي هئي. پر جبلن جي پيچرن، گهٽن گهيڙن، واهوندن، اڏن، ليڪن مان پاڻي وهي هيٺ هن جي زمين تي اچي پيو. جنھن جي نتيجي ۾ ڪڻڪ ۽ ڪدو جو ٻج مڪمل طور تي لڙهي ويو ۽ زمين صاف ٿي ويئي.
هڪ اهڙي ئي طوفاني ٻوڏ جي ڪري هڪ دفعو ابراهم هڪڙي پھاڙي نالي تان هيٺ ڪِري پيو ۽ ٻڏندي ٻڏندي بچي ويو. اتفاق سان هن جو دوست آسٽن گولھراس Austin Gollaher هن سان گڏ هيو. هن هڪدم وڻ جو وڏو ٽار پاڻي ۾ هن ڏانھن اڇلائي ڇڏيو ۽ ابراهم ان ٽار کي مضبوطي سان جهلي ورتو. آسٽن وڏي احتياط سان ان ٽار کي پاڻ ڏانھن ڇڪيندو ، هن کي ٻاهر ڪڍي آيو. اهڙي ريت ابراهم جو سر بچي ويو ۽ هن ناب ڪريڪ جي ميدانن ۽ زمينن ۾ ئي سڀ کان پھرئين وسيع پيماني تي دنيا جي پھرئين جهلڪ ڏٺي.
هن جي گهر جي سامھون هڪڙو روڊ نڪرندو هو، جنھن کي ڪمنبر لينڊ ٽريل سڏيو ويندو آهي. ان روڊ تان هر قسم جا مسافر لنگهندا هيا. واپارين، سوداگرن ۽ خانا بدوشن جا قافلا، نئين آبادين ۽ ڳوٺن جي تلاش ۾ لاڏائو ماڻھو هوندا هيا. مختلف رنگ ۽ نسل جا ماڻھو، هن جي گهر جي اڳيان اتان مٽي ويندا هيا. ڪڏهن ڪڏهن زنجيرن سان ٻڌل غلام پڻ هن کي نظر ايندا هيا. هڪ دفعي ان ئي رستي تي هي هڪڙي سپاهي سان مليو، جيڪو 1872ع جي جنگ کان پوءِ فوجي ملازمت کان رٽائرڊ ڪري، پنھنجي گهر واپس وڃي رهيو هو. ابراهم ان فوجي کي هڪڙي مڇي بہ تحفي طور ڏني جيڪا هن پھاڙي ندي مان پڪتي هئي.
ابراهم انھن سڀني رنگ نسل جي ماڻھن سان ملندو، ملاقاتون ڪندو رهندو هيو. انھن سان ڪچھريون ڪري انھن جو ڳالھيون ٻڌندو رهندو هو. اهڙي ريت هن جي معلومات ۽ ڄاڻ ۾ ڪافي اضافو ٿيندو رهيو. انھن ڏينھن ۾ اهي مسافر هن جي باري ۾ چوندا هيا تہ هي چالاڪ ڇوڪرو ننڍي عمر ۾ ئي نيون نيون ڳالھيون ٻڌڻ، سکڻ ۽ پرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هي نين شين جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو وڏو شوقين آهي.
ڪجهہ عرصي کان پوءِ ان پاڙي ۾ اسڪول جو ماستر آيو. ان جو نالو زڪريا رائني هيو. هن ڪاٺ جي هڪڙي ڪوٺي ۾ ڳوٺ جي ڇوڪرن کي سڏ ڪري، گڏ ڪري، انھن کي اتي پڙهائڻ شروع ڪيو. ان ڪوٺڙي جو فرش ڏاڍو ڪِنو هيو. سڀئي ڇوڪرا گڏ ٿي ٺيٺ مڪتبي انداز ۾ زور سان رڙيون ڪري، لڏي لڏي پڙهندا هيا. ابراهم کي ان مدرسي ۾ زور زور سان لڏي پڙهڻ جي عادت ٿي ويئي ۽ اها عادت هن کي سڄي زندگي پيل رهي. هو وڏو ٿي بہ هميشہ زور سان رڙيون ڪري پڙهندو هيو.
ابراهم جي پيءُ ٽامس لنڪن کي پڙهڻ لکڻ ۾ ڪابہ دلچسپي نہ هئي. خود ابراهم لنڪن پنھنجي پوين تحريرن ۾ پڻ اهو لکيو آهي تہ؛ ”هو ننڍپڻ ۾ تمام گهڻو محنتي ۽ لاپرواھہ هيو. هن پڙهائي ڏانھن ٿورو بہ ڌيان نہ ڌريو هو“.
ٽام لنڪن تمام سٺو شڪاري هيو. ڊکڻ جو ڪم بہ تمام سٺو ڄاڻيندو هيو. ٻني ٻاري جو ڪم بہ تمام وڏي شوق سان، دل و جان سان محنت ڪري ڪندو هيو. پر هو ڪڏهن بہ هڪڙو سٺو هاري نہ ٿي سگهيو. هن کي قصا گوئي جو بہ وڏو ڏانءُ ايندو هيو. هو ڳالھين جو ڳھير هيو. هو جڏهن بہ ڪو قصو، ڪا ڪھاڻي يا لوڪ داستان ٻڌائڻ شروع ڪندو هيو تہ ماڻھو هن کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويھي تجسس سان ٻڌندا هيا. ٽام لنڪن وڏي ڏکيائي کان پوءِ پنھنجي صحيح ڪري سگهندو هيو. پڙهڻ لکڻ يا تعليم پرائڻ جي ڳالھہ تي هو هميشہ ٺٺول ڪندو رهندو هيو.
ابراهم جي ماءُ نينسي هنيڪس لنڪن، انتھائي غريب، نادار ۽ اڻ پڙهيل گهراڻي سان تعلق رکندي هئي. پر هو طبيعتن وڏي نيڪ، ساده دل ۽ غيرمعمولي طور تي ذهين عورت هئي. گهڻن ماڻھن جو خيال آهي تہ هو ٿورو گهڻو لکي پڙهي سگهندي هئي. پر اها ڳالھہ يقين سان نہ ٿي ڪري سگهجي.
سارا ۽ ابراهم جي اُهائي محبوب امڙ هئي، جنھن وڏي اصرار سان انھن ٻارڙن کي اسڪول پھچايو. ڀلي گهڻا ڏينھن نہ پر ڪجهہ مھينا ئي تعليم حاصل ڪري وٺن. نہ تہ هنن جو پيءُ تہ سڀني تي ٽوڪون ڪندو هو.
اها سن 1816ع جي ڳالھہ آهي، جو نينسي اهو محسوس ڪرڻ شروع ڪيو تہ ٽام لنڪن ڪجهہ گم سم ۽ پريشان پريشان لڳي ٿو. ان ڳالھہ جي جڏهن گهرائي ۾ ويئي تہ هن کي خبر پئي تہ هن دفعي بہ هن جي زمين جا ٻيا ۽ نوان دعويدار پيدا ٿي ويا آهن ۽ هن دفعي بہ متان ٽام کي پنھنجي فصل تان هٿ کڻڻو نہ پوي. ٻي ڳالھہ تہ انھن ڏينھن ۾ هن جي مالي حالت پڻ خراب هئي. زمين تي هن دفعي پوک سٺي نہ ٿي هئي. ان کان علاوہ وڏي ڳالھہ تہ هو اڪيلو هو. ايڏي وڏي زمين جي پوکائي، وري لابارو ۽ ان جي سار سنڀار هن جي وس جي ڳالھہ نہ هئي. ٻيا هاري ڪافي مالدار هيا. عام رواج موجب انھن هارين وٽ پنھنجا ڪيترائي غلام هوندا هيا، جيڪي ڏينھن رات انھن جي زمينن تي ڪم ڪار ڪندا رهندا هيا. ٽام ويچارو تہ پاڻ ئي غريب ماڻھو هو، هو غلام خريد ڪرڻ يا وري انھن کان ڪم وٺڻ جي حيثيت ۾ بنھہ نہ هيو. ان ڪري ڏينھن و ڏينھن هن جي حالت ابتر ٿيندي پئي ويئي. ان ڪري هاڻي هو اڳي کان بہ گهڻو پنھنجن خيالن ۽ سوچن ۾ گم سم رهندو نظر پئي آيو.
درياءُ اوهيو Ohio River جي اتر ڏانھن انڊيانا جو علائقو هو. هي علائقو ڏاڍو زرخيز هيو. پر هينئر تائين تقريبن غيرآباد پيل هيو. ٽام جو خيال هو تہ ڇو نہ هڪ دفعو وري هن نئين علائقي ۾ قسمت کي آزمائجي. شايد هن دفعي تقدير هن جو ساٿ ڏيئي ۽ خراب ٿيل ڳالھہ وري ٺھي پوي.
ٽام ان نئين علائقي جي جائزي وٺڻ لاءِ اڪيلي سر ئي نڪري پيو ۽ نينسي سوچيندي ئي رهجي ويئي. هن جي ڏھہ سالن جي ازدواجي زندگي ۾ لڏ پلاڻ جو هي ٽينون مرحلو هيو. آخر اسان ڪيسيتائين اهڙي خانہ بدوشن واري زندگي جيئنداسين ۽ ڪيسيتائين پنھنجي پراڻيون زمينون ۽ گهر گهاٽ ڇڏي نون ۽ غيرآباد علائقن ۾ قسمت آزمائي ڪندا رهنداسين. ڪڏهن ڪڏهن تہ ائين محسوس ٿيندو هو جو ڄڻ تہ هنن جي قسمت ۾ ئي اها ئي خانہ بدوشي واري زندگي لکيل هجي.
هن سال حد کان وڌيڪ پارو پيو هو. ماڻھو، جانور، گهر، فصل، ميدان سڀ برف سان ڍڪجي ويا ها. سڄي ڪائنات سيءُ ۾ ڏڪي رهي هئي. ڄڻ تہ هر شي کي پارو پائي ويو هجي.
نينسي سوچي پئي تہ جيسيتائين ٽام انڊيانا Indiana جو جائزو وٺي ايندو، تيسيتائين سيءَ بہ گهٽ ٿي ويندا يا وري سيءُ جي موسم ئي ختم ٿي ويندي ۽ خزان جي موسم جي شروعات ٿي چڪي هوندي. فصلن ۽ زمينن تي مٽي پئي اڏامندي هوندي. ٻن معصوم ٻارڙن سان اجنبي علائقي ڏانھن سفر اهڙي غيريقيني موسم ۾ ڪنھن بہ ريت خطري کان خالي نہ هيو، بلڪ جان جوکي ۾ وجهڻ وارو ڪم هيو.
نينسي پنھنجي ڪمري ۾ اڪيلي ويٺي ڪمري جي ڇت کي تڪيندي رهندي هئي. جنگل جي تيز هوا ڪمري جي چمني سان ٽڪرائجي، سيٽي جي آواز پيدا ڪري هن جي تنھائي ۾ ويتر خوف جو اضافو پئي ڪيو. نينسي جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا هئا ۽ هو نئين لڏپلاڻ واري عمل جو سوچي ڪافي حد تائين پريشان ٿيندي پئي ويئي.
پر ابراهم جي لاءِ اها لڏپلاڻ ڪنھن بہ ريت ڪنھن تفريحي عمل کان گهٽ نہ هئي. هن لاءِ اهڙي موقعي تي مستين ۽ شرارتن جو ڀاڳ کلي پيو هو. اهي ڏينھن هن جي لاءِ گذارڻ ڏاڍا ڏکيا ٿي ويا هئا. هن جي دل ڪري پئي تہ پر لڳائي، پري کان نظر ايندڙ برف سان ڍڪيل ميدانن تي اڏري وڃي پھچي ۽ هو پنھنجي نئين گهر جي خوشي ۾ ڪيبن جي پويان جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي ويو تہ جيئن ميلن تائين پري کان نظر ايندڙ انڊيانا Indiana جي ميدانن ۽ زمينن جي هڪڙي جهلڪ ئي ڏسي سگهي. جتي هن کي وڃي نئين بستي آباد ڪرڻي هئي. انھن ميدانن ۾ جنگلي جانور ۽ رڇ بہ هوندا. پر ابراهم کي انھن جي ڪا بہ پرواھہ نہ هئي. هو اٺن سالن جي لڳ ڀڳ جي عمر جو ٿي ويو هو ۽ بس چند ئي سالن ۾ هو بندوق ۽ ڪھاڙي سان انھن جانورن جو صفايو ڪنھن بردبار نوجوان وانگي وڏي ڦڙتي ۽ چالاڪي سان ڪري سگهندو.
ابراهم آڪٽوبر جي سج جي تيز روشني ۾ پنھنجين اکين کي بچائڻ جي لاءِ پنھنجي هٿ جي چنبي کي سڌو ڪري اکين جي اڳيان رکيو ۽ اتر ڏانھن پري تائين هڪڙي گهري نگاھہ وڌي. هي نيري رنگ جي ليڪ ڇا جي آهي؟. آسمان جو افقي ڪنارو آهي يا شايد درياءُ اوهيو آهي. جنھن جي ٻي ڇيڙي طرف انڊيانا جو علائقو شروع ٿئي ٿو.

نالي ماتر گهر

”اسان پنھنجي نئين گهر ۾ داخل ٿيندي ڄڻ تہ ان دؤر جي لڳ ڀڳ واري دور ۾ پھچي ويا هياسين، جڏهن آمريڪا جي رياست انڊيانا هتان جي يونين ۾ شموليت ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو. انھن ڏينھن ۾ هي هڪ اهڙو جنگلي علائقو هيو. جنھن جي جهنگلن ۾، انھن ڏينھن ۾ رڇ، گدڙ، بگهڙ، شينھن، چيتا ۽ ٻيا جانور وڏي انگ ۾ سر عام گهمندي نظر ايندا هيا. اهڙي ئي خطرناڪ جهنگ جي ماحول ۾ منھنجي پالنا ٿي ۽ اتي ئي مان وڏڙو ٿيس“.
Abraham Lincoln said:

“No man is poor who has a Godly mother.”
"As I would not be a slave, so I would not be a master. This expresses my idea of democracy."
"In giving freedom to the slave, we assure freedom to the free—honorable alike in what we give and what we preserve. We shall nobly save, or meanly lose, the last best hope of earth."
"You think slavery is right and should be extended, while we think slavery is wrong and ought to be restricted. That, I suppose, is the rub. It certainly is the only substantial difference between us."

انڊيانا ڏانھن لڏ پلاڻ

آخرڪار نينسي جي بيچيني وارا ڏينھڙا پنھنجي پڄاڻيءَ تي پھتا ۽ ٽام علائقي جو جائزو وٺي نومبر ۾ واپس پنھنجي گهر موٽي آيو. ٽام هونءِ ئي ڳالھين جو ڳھير تہ هيو ئي، هن پنھنجي شيرين بيان سان اهڙو تہ علائقي جو نقشو چٽيو جو سڀني کي ڳالھہ وڻي ويئي. تمام گهڻو زرخير علائقو آهي. اتان جا ميدان، زمينون ۽ جنگل پنھنجي آغوش ۾ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهن. مون درياءَ اوهيو کان ڪيترائي ميل اتر ڏانھن پيجن ڪريڪ (Pigeon Creek (Indiana) جي ويجهو 1160 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي. اُتي ويندي ئي اسان جا ڏينھن ئي مٽجي ويندا. ٿانيڪي ٿيل زندگي ڇڏي ڪري، نئين ڪالوني آباد ڪرڻ ۾ ٿوري گهڻي قرباني تہ ڏيڻي پوندي آهي.
نينسي جي ويران اکين ۾ اميدن جا ستارا جڳمڳائي اٿي کڙا ٿيا ۽ ابراهم انڊيانا جي ان نئين علائقي جي حال احوال کي ان انداز سان ٻڌندو هيو جيئن هن شرارتن واري دنيا ۾ هڪڙي نئين سلطنت جو اضافو ٿيو هجي.
ٽام پنھنجي گهرواريءَ ۽ ٻارن سان اتان جي زرخيزي، خوشحالي ۽ اتان جي جنگلي هرڻن، جنگلي ڪڪڙين ۽ اُتان جي شڪاري پکين جو حال احوال وڏي مزي سان ٻڌائيندو رهيو. پر هن کان ان سڄي ڪھاڻي جي اهم ٽڪري تي روشني وجهڻ وسري وئي هئي. خبر ناهي ڇو هن کان اها ڳالھہ وسري ويئي تہ پيئڻ جي پاڻيءَ جي ويجهو کان ويجهو چشمو بہ ڪافي ميلن جي پنڌ تي هيو. نہ فقط ايترو پر اتان جي جهنگل ۾ مرغين ۽ هرڻن کان علاوہ اتي چيتا، شينھن، رڇ ۽ ٻين خوفناڪ ۽ خطرناڪ درندن جي باري ۾ ٻڌائڻ بہ هن کان وسري ويو هو. ان علاوہ ان علائقي ۾ مليريا جھڙو موذي مرض بہ شامل هيو. اتان جي واديءَ ۾ رهڻ وارا مڇر وڏي شوق سان مھمانن جي مھمان نوازي ۽ خدمتون ڪندا آهن.
ان ۾ ڪو شڪ نہ آهي تہ علائقي جي حڪومت جي ڪمن انڊيانا جي هن علائقي کي بھتر ڪرڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون هيون. اتان جي ڪجهہ زمين زرخيز بہ هئي ۽ ڪنٽيڪي Kentucky جي علائقي جي ڀيٽ ۾ هي بھتر بہ هيو پر هي سڄو علائقو تقريبن غيرآباد هيو. ان کان علاوہ هتان جي گهاٽي جهنگ جو علائقو رستي کي بہ گهيري ويٺو هيو. ان ڪري ٽام جھڙو سادو ماڻھو بہ هن علائقي جي سخت سردي ۾ پنھنجي خاندان کي اهڙي جڳھہ ڏانھن وٺي وڃڻ ۾ ٿورو گهٻراهٽ جو شڪار بہ ٿي ويو هو. سڄي علائقي ۾ هڪڙو بہ ڪيبن نہ هيو. جتي هو وقتي طور تي سرد هوائن جي چنگل کان پاڻ کي بچائي سگهي.
پر ٽام جي لاءِ تہ هر حال ۾ اتي پھچڻ انتھائي ضروري ٿي ويو هو. ان ڪري ٽام جڏهن سفر جو سامان ٻڌو تہ اسان جي ڊينس هينڪس Dennis Hanks بہ نڪري پوڻ جو شوق جاڳيو ۽ هن بہ دل ٻڌي. هينڪس جي لاءِ هن جي مائٽن ۾ فقط نينسي Nancy Hanks Lincoln جا ئي گهر وارا هيا. ان ڪري ان کي اها وقتي جدائي بہ محسوس ٿي رهي هئي. ان هجرت جي داستان جا ڪجهہ شروعاتي واقعا بہ توهان پڙهندا هلو. ان معاملي ۾ فقط اهو ئي چشم ديد راوي رهجي ويو آهي.
نينسي Nancy سڄي گهر کي ٻھاري ڏيئي صاف سٿرو ڪري ڇڏيو هو. ٻہ ٿيلھا ٿلھي ڪپڙي جا تيار ڪري ڇڏيا، هن ۾ سڄو سامان ڀري ڇڏيو. ٽام نوان پلنگ، ميزون ۽ ڪرسيون آساني سان ٺاهي سگهندو هيو، ان ڪري هن اهو سامان هتان، پاڻ سان، گڏ کڻي هلڻ مناسب نہ سمجهيو. ٻن گهوڙن تي هنن پنھنجو سڄو سامان لڏيو. ابراهم بندوق پنھنجي ڪلھي تي لڙڪائي ڇڏي ۽ سڀ نڪري پيا. اهڙي طرح اهو مختصر قافلو پنھنجي نئين سفر لاءِ روانو ٿي ويو. ٻن ڏينھن جي مسلسل سفر کان پوءِ، اهي اوهيو درياءُ جي اولھہ ڪناري تي پھچي ويا. اهو حصو اندرسن ڪريڪ (Anderson Creek is a census-designated place located in the Anderson Creek Township of Harnett County, North Carolina) جي ڀيٽ ۾ انڊيانا جي ويجهو هيو. هنن باربرادري کان هڪڙي ٻيڙي ڪرائي تي ورتي ۽ اوهيو درياءُ کي پار ڪري، ٻي ڪناري تي پھچي ويا. ان پاسي پوزي نالي شخص جون زمينون هيون.
ٿوري دير لاءِ اتي بيھي هنن ساهي پٽي. پر انھن جي نصيب ۾ آرام جھڙي شيءَ ڪٿي لکيل هئي. هنن کي اڃان پنھنجين زمينن تائين پھچڻ جي لاءِ 16 ميلن جو رستو ٺاهڻو هيو. ڇو تہ سڄو رستو مڪمل طور تي وڻن جي ٽارين، ڪانڊيرن، ڊڀن ۽ ٻين ديوي جي وڻن سان ڍڪيل/ڀريل هيو.
خزان جي موسم شروع ٿي چڪي هئي. ڪن وڻن تي اڃان تائين پن بچيل هيا. وڏن وڻن جي ٽارين تي ڦڪي رنگ جي ڄار/ڄال ڪٿي ڪٿي خزان جي موسم کي خوبصورت بڻائي رهي هئي. ائين لڳي رهيو هو جو سون جا ڪي ورق محفوظ ٿي ويا هجن. شاھہ بلوط جي وڻ جا پن تمام سخت هوندا آهن ۽ اهي سڀني کان آخر ۾ پٽ تي ڇڻندا آهن. ان ڪري شاھہ بلوط جي وڻن جو ويڙهو ئي ڳاڙهاڻ نما ۽ ڀوري ۽ گهاٽي عنابي رنگ ۾ ٽٻي ڏنل هيا. جيڪي تمام سٺا لڳي رهيا هيا. صنوبر ۽ چنار جا صدين پراڻا وڻ نيري آسمان ڏانھن سر کڻي انڊيانا جي هن گهاٽي جهنگل جي قديمي عظمت جا ساکي هيا. شهتوت ۽ انجير جا وڻ جهنگلي چشمن جي ڪنارن سان بيجا ڦٽيل هيا. اکروٽ، بادام ۽ کاڄن جا وڻ اهڙي ريت پاڻ ۾ ملي جلي ويا ها جو سڄي جنگل جي زمين تي ڄڻ تہ ميوون جا ڍير لڳي ويا هجن. کونئر، پستن ۽ ٻين ميون وارن وڻن تي انگور جون وليون ويڙهيل هيون ڄڻ تہ سڪل پنن جو ڪو فرش وڇايل هجي. جنگلي انگورن جا وڏا وڏا ڇڳا، ولين جي وڏن پنن سان ويڙهيل عجيب پربھار لڳي رهيا هيا. قديمي وڻن جون پاڙون صدين کان هن زمين ۾ کتل هيون. اهي انساني تاريخ جي پڪڙ کان آزاد هيا. ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ تہ اهي وڻ ھميشہ کان اتي ئي آهن ۽ اتي ئي رهندا.
ان جهنگل ۾ قديمي انڊين ماڻھو رهندا هيا. انڊيانا جي هن علائقي ۾ ڪو بہ قبيلو 1816ع تائين نہ پھتو هيو. ابراهم پنھنجي بندوق کي وڏي احتياط سان سنڀالي ڪلھي تي کنيو پيو اچي. درياءَ پار ڪرڻ وقت هن خاص طور تي ان ڳالھہ جو خيال رکيو تہ بارود آلو نہ ٿي وڃي ۽ جنگل پار ڪرڻ مھل بہ هي تمام گهڻو هوشيار رهيو. شايد هن جي ذهن ۾ ننڍپڻ واريون ٻڌل ڳالھيون هلي رهيون هيون. هن کي ياد هو تہ هن جو نالو ابراهم لنڪن اصل ۾ هن جي ڏاڏي جي نالي تي رکيو ويو هو ۽ هن کان اهو بہ نہ وسريو هو تہ هن جي ڏاڏي کي انھن قديمي ماڻھن ڪنيٽڪي Kentucky ۾ ماري وڌو هو.
ابراهم پنھنجي پيءَ کان اهو واقعو ڪيترائي ڀيرا ٻڌي چڪو هو. هاڻي هو هڪدفعو ٻيھر جنگل ۾ پھچي، سج لھڻ کان پوءِ، باھہ ٻاري ويھي رهيا تہ هڪ دفعو ٻيھر هن اهو ساڳيو قصو کنيو.
ابراهم جو ڏاڏو ابراهم لنڪن ورجينا Virginia کان هجرت ڪري ڪنٽيڪي Kentucky جي جبلن ڏانھن نڪري ويو هو. ڏاڏي ابراهم پنھنجي زال بيپٿيشيبا Bathsheba Herring Lincoln ٽن ڇوڪرن ۽ ٻن ڇوڪرين جي مختصر خاندان سان ڪنٽيڪي ۾ گرين رور The Green River جي پاسي ۾ اچي آباد ٿيو ۽ هتي اچي هو ڪيترن ئي ايڪڙن تي مشتمل زمين تي قبضو ڪري ويھي رهيو.
اها مئي سن 1786ع جي ڳالھہ آهي تہ ابراهم جو ڏاڏو (ابراهم لنڪن سينيئر (1744ع کان 1788ع تائين. جنھن چاسو ايڪٽر زمين Hughes Station جي اوڀرين پاسي جعفرسن ڪائونٽي سال 1780ع ۾ خريد ڪئي. ان کان پوءِ هو ڪينٽڪي کان ورجينيا 1782ع ۾ لڏي ويو.
پنھنجي زمين تي ڪم ڪري رهيو هو ۽ هن جا ٽي پٽ بہ ڪم ڪري رهيا هيا. ابراهم جو پيءُ ٽام ٽنھي کان ننڍو هيو. ان وقت هن جي عمر تقريبن اٺ سال کن ٿيندي. چارئي پيءُ پٽ پنھنجي ڪم ۾ محو هيا. جو اوچتو جهنگل کان فائر جو آواز آيو ۽ اوڏي مھل ئي ڏاڏو ابراهم زمين تي ڦھڪو ڪري ڪِري پيو ۽ پنھنجي حقيقي خالق سان وڃي مليو. ٽيئي ڀائر اچرج ۾ پئجي ويا تہ هي ڇا ٿي ويو هن کي. اهو سڀ ڪجهہ ايڏو تڪڙي ٿيو جو، ڪنھن کي بہ ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ پئي آئي. پر ٿوري دير کان پوءِ هنن کي سڄي معامرو سمجهہ ۾ اچي ويو. ٻہ وڏا ڀاءُ هڪدم جتان فائر ٿيو نڪري پيا، ان طرف ڊوڙڻ لڳا ۽ اٺن سالن جي عمر جو ٽام پنھنجي پيءُ جي لاش مٿان بيھي روئڻ لڳو. ڀائرن جي وڃڻ کان پوءِ ٽام ڏٺو تہ هڪڙو ڪاري رنگ جو باندر/بن مانس پنھنجي جاءِ کان نڪتو ۽ تيزي سان، وڏيون ٻرانگهون پائيندي زمين کي اورانگهيندي، هن ڏانھن اچي رهيو رهيو آهي. هن جي ذهن ۾ خيال آيو تہ ڇا هي وحشي جانور هن کي پڪڙي کڻي ويندو؟ يا وري هن کي ماري ڇڏيندو؟ ٽام جي نظر هن جي سيني تي پئي، جتي هڪڙو سونو پتلو لٽڪي رهيو هو. هاڻي هو هن جي ڪافي ويجهو اچي چڪو هو تہ اوچتو پويان هڪڙي ٻي گولي جي هلڻ/اچڻ جو آواز آيو. نشانو بلڪل هن کي صحيح جاءِ تي لڳو ۽ ٿوري دير ٿيڙ کائي، ڌڙام سان اچي هيٺ پٽ تي پيو، رت هن جي جسم مان ڦوهاري وانگي نڪري رهيو هيو. ٽام جا ڀاءُ تمام سٺا نشانيباز هيا. هو نوريئڙي جي اک جو نشانو وٺي ان تي فائر ڪندا هيا تہ اهو بہ اتي ئي اچي ڦھڪو ڪندو هو. هنن جو ڪو بہ وار خالي نہ ويندو هو.
ڏاڏي لنڪن جي موت کان پوءِ سڄو خاندان ڇڙ وڇڙ ٿي ويو هو. جنھن کي جاڏي وڻيو، اوڏانھن نڪري پيو. ٽام جو خاندان بہ ان ساڳي هجرت ۾ اڃان تائين بہ هيو.
ابراهم جڏهن هڪدفعو ٻيھر اهو قصو ٻڌو تہ هن کي اچي ڊپ ورايو ڇو تہ هڪڙي پاسي گهاٽو جهنگ، ٻيو تہ رات جي اوندھہ انڌوڪار، ٽيون مٿان وري ڇتو سيءُ. هاڻي تہ باھہ بہ وسامي ويئي هئي. پري کان گدڙن ۽ بگهڙن جي اوناين جو آواز ڪنن تي پئي پيو. مٿان وري رکي رکي ڪو چيتو بہ خوفناڪ رڙ ڪري هنن کي ڊيڄاري پيو، جيڪو آواز جنگل جي سرد ۽ تيز هوائن سان ملي جلي ڪري ڪافي دير تائين جنگل ۾ گوجندي پئي رهي ۽ ابراهم کي ڊپ اچي ورايو هو.
...
جڏهن هو پنھنجي نئين زمين جي ويجهو پھتا تہ هنن کي سڃاڻپ ڪرڻ ۾ گهڻي تڪليف نہ ٿي. ڇو تہ ٽام 1160 ايڪڙن جي زمين تي چئن پاسن کان لوڙهو ڏيئي آيو هو. ان لوڙهي جي ڪري ان زمين کي ڳولھڻ ۾ هاڻي هنن کي ڪا دشواري نہ ٿي. ابراهم پنھنجي پيءُ سان گڏجي تڪڙ تڪڙ ۾ هڪڙي جهوپڙي تيار ڪري ورتي. اهو منھہ تقريبن 20 ڦٽ ڊگهو ۽ 18 ڦٽ ويڪرو بہ هيو. هن جي ڇت ۾ ڪاٺيون، وڻن جا پن ۽ جانورن جون کلون وڌيون ويون. ان گهر جي اولھہ پاسي کان ڪا بہ ڀت نہ هئي. ان ڪري ان پاسي ڏينھن رات باھہ پئي ٻرندي هئي. اهو گهر جنھن کي جهوپڙي بہ نہ چئي سگهجي، ان جي پٽ تي وڻن جا سڪل پن هنن جي بسترن ۽ هنڌ وهاڻي جو ڪم ڪن پيا. جھڙي ريت نوريئڙا سڪل وڻن تي رهندا آهن، اهڙي ريت هي ماڻھو بہ اتي رهندا هيا. برسات ۽ برف باري کان بہ بچڻ جو ڪو بہ چارو نہ هيو.
ٽام Thomas Lincolnتڪڙ تڪڙ ۾ ڪاٺ جو گهر ٺاهڻ شروع ڪيو. پر سڄو سيارو هن جي گهرواري سارا Sarah Bush Johnston Lincoln ۽ هن جو ننڍڙو ابراهم ان بنا در ۽ ديوار جي گهر ۾ ڏڪندا رهيا.
خوش قسمتيءَ سان شڪار هنن کي آساني سان ملي ويندو هو. نہ تہ هو بکون ڪاٽين ها. جنگلي پکين ۽ هرڻين جي گهڻائي هئي. پر هنن کي پاڻي جي وڏي تڪليف هئي. پيئڻ جي پاڻي جو چشمو هنن جي گهر کان هڪ ميل جي پنڌ تي هيو. ويچاري ابراهم کي پاڻي ڀرڻ لاءِ، ڏينھن جو ڪيترا ڀيرا هن چشمي تي اچڻو پوندو هو. پر هن جي ذمي ۾ فقط هي پاڻي ڀرڻ وارو هڪڙو ئي ڪم تہ نہ هيو. گهر ٺاهڻ لاءِ ڪاٺ جي ڪٽائي ۾ هن کي پنھنجي پيءَ جو هٿ ونڊرائڻو پوندو هو. هڪڙي دفعي تہ هو جهنگلي مرغي بہ ماري آيو هو.
تمام گهڻي پراڻي تحرير ۾ ابراهم پنھنجو ذڪر وڏي دلچسپ انداز ۾ ڪيو آهي. ابراهم ڪٿي بہ پنھنجو نالو نہ ورتو پر اهو قصو اهڙي ريت بيان ڪيو جو ڄڻ تہ هو ڪنھن ٻي ڇوڪري جو ذڪر ڪندو هجي. هو لکي ٿو :
”جيتوڻيڪ ابراهم اڃان ننڍڙي عمر جو هيو. پر پنھنجي عمر کان بہ وڏا وڏا ڪم ڪري ايندو هو. هن ننڍپڻ کان ئي ڪھاڙي سنڀالي ورتي هئي ۽ 23 سالن جي عمر تائين ان کي مستقل استعمال ڪندو رهيو. فقط فصل پوکڻ ۽ لاباري وقت هو ان ۾ مصروف ٿي ويندو هو. نہ تہ هو هيو ۽ هن جي ڪھاڙي. ان ئي عمر ۾ هن شڪار ڪرڻ جي شروعات بہ ڪئي هئي. پر نشانيبازي تي هو گهڻو ڌيان نہ ڏيئي سگهيو.
هڪ دفعي جڏهن هو پنھنجي عمر جو اٺون سال پورو ڪري رهيو هو تہ هن سان هڪڙو دلچسپ واقعو پيش آيو. هن جو پيءُ ڪٿي ويل هو. هن جي غيرموجودگي ۾ جهنگلي مرغين جو هڪڙو ميڙ هن جي گهر جي ويجهو اچي نڪتو. هن بندوق کنئي ۽ گهر جي ڪنھن ڪنڊ جي سوراخ مان انھن مرغين تي فائر ڪيو. انھن مان هڪڙي مرغي کي هن ماري وڌو. ان کان پوءِ هن ان کان وڏو ڪو ٻيو شڪار نہ ڪيو.
آخرڪار اپريل جو مھينو بہ اچي ويو. موسم بھار پنھنجي مستي ۽ جوڀن سان سڄي علائقي ۾ ڇانئجي ويئي. مسي سي پي Mississippi، اوهيوOhio ۽ پوءِ پيجن ڪريڪ Pigeon Creek جا علائقا بہ خودرو ٻوٽن، رنگين گلن ۽ خوبصورت وڻن جي پنن سان سينگارجي ويو. سڄو علائقو ڄڻ تہ رنگ ۽ خوشبو جي ٻن پڙن ۾ لڙهي رهيو هو. ڪڻڪ ۽ ٻيو فصل پوکيو ويو هو ۽ ان کان پوءِ هنن سک جو ساھہ کنيو. پر هاڻي بہ ائين ٿيندو هو جو رات جو رڇ ايندا هيا ۽ لنڪن جا پالتو جانور کڻي ويندا هيا.
سن 1817ع جي موسم ۾ يعني لنڪن جي گهر وارن جي اچڻ کان تقريبن هڪ سال کان پوءِ هڪڙو ٻيو خاندان هنن جي تنھانين ۾ شامل ٿي ويو. هي ماڻھو ٿامس، بيٽسي اسپيرو Betsi Sparrow ۽ اسان جي زندہ دل دوست هينڪس هيا. ٿامس بيٽسيءَ ۽ نينسي جي پالنا ڪئي هئي. ان ڪري هن علائقي ۾ اهي ٻيئي نينسي جي ماءُ ۽ پيءُ جي نالي سان ڄاتا سڃاتا پئي ويا. اسپيرو جو خاندان بہ اچي هن اڌ کليل گهر ۾ شامل ٿي ويو. جيڪو ان مھل خالي پيل هو. ڇو تہ لنڪن پنھنجي ڪاٺ وارو گهرتيار ڪري ڇڏيو هو ۽ اهي ان گهر ۾ شفٽ ٿي ويا هئا. اهو ڪيبن 20 ڦٽ ڊگهو ۽ 18 ڦٽ ويڪرو هيو. نينسيءَ ان ۾ ڪاٺ جا بيڊ لڳايا هيا. هڪڙي پاسي ڪاٺ جو چرخو پڻ لڳايل هيو. ڪجهہ اسٽول ۽ ميز بہ گهر ۾ رکي ڇڏيا هيا. پر ڪيبن جي حالت اڃان تائين ٺيڪ نہ ٿي هئي. فرش خالي پٽ جو هيو.
ڇت اڄ بہ کليل هئي. ديوارن ۾ اڄ بہ ڏارون پيل هيون. سردين ۾ انھن ڏارن مان هوا اندر ايندي هئي. گهر ڇا هيو بس رڳو سر لڪائڻ جو هڪڙو اجهو هيو. شايد ان مصيبت واري زندگيءَ جي ڪري ئي انھن ڏينھن ۾ ماڻھو وڏي عمر جيئندا هيا. ڊينس هنيڪس پنھنجا تاثرات هن ريت پيش ڪيا:
”اسان اڪثر ڪري شڪار ڪرڻ ويندا هياسين. خاص ڪري تڏهن جڏهن اسان ڪمن ڪارين جي ڪري گهڻو ٿڪجي پوندا هياسين ۽ ايئن ئي اڪثر ٿيندو رهندو هيو“.
سن 1817ع ۽ 1818ع جي سردين ۾ ٻيئي خاندان ڏڪندا رهندا هيا. لنڪن پنھنجي نامڪمل ڪيبن ۾ ۽ اسپيرو پنھنجي اڌ کليل جهوپڙي ۾ رهندا هيا. انھن ٻنھي خاندانن گڏجي محنت ڪري 116 ايڪڙ جي زمين کي مڪمل صاف ڪري آبادي ڪرڻ جي لائق بڻايو. سن 1818ع جي موسم ۾ هنن ان ۾ فصل پوکيو. هن کان اڳ ۾ خاندان جو اڪثر گذر بسر جهنگلي پکين، خشڪ ميوون ۽ ڦروٽ تي هوندو هيو.

Abraham Lincoln said:

"I have stepped out upon this platform that I may see you, and that you may see me, and in the arrangement, I have the best of the bargain."

"The demon of intemperance ever seems to have delighted in sucking the blood of genius and of generosity."

"This is a world of compensations; and he who would be no slave, must consent to have no slave. Those who deny freedom to others, deserve it not for themselves; and, under a just God, can not long retain it." — Abraham Lincoln

جيجل جي شفقت کان محرومي

پر قدرت کي ڪجهہ ٻيو ئي منظور هيو. خزان جي موسم سان گڏوگڏ هن خاندان ۾ بہ خزان جي موسم جو راڄ ٿي ويو. ان سڄي علائقي ۾ هڪڙي عجيب پراسرار، مھلڪ بيماري ڪر کنيو ۽ هر ساھہ واري جو ساھہ پئي قبض ڪيو. ماڻھو تہ ڇا پر جانور بہ ان بيماري جو شڪار ٿي ويا ۽ مرندا رهيا.
ٿامس ۽ بيٽسي بہ بيماري ءَ جي ور چڙهي ويا. اڌ ٺھيل گهر، سخت سيءُ، پوڙها ماڻھو، ڪير ڪيترو تڪيلف برداشت ٿو ڪري سگهي. بيماريءَ جي حالت ۾ نينسي انھن جي وڏي خدمت ڪئي پر موت ڪو بہ ٽارو نہ ڪيو. ٿامس ۽ بيٽسي سڪل پنن جي بستري تي ئي پنھنجي جان رب جي حوالي ڪري ڇڏي. ان وقت حالت ئي ڪجهہ اهڙي هئي جو دوا دارو تہ ٿي پري، پر ڪو ڍنگ جو بسترو ۽ آرام وارو گهر بہ ڪنھن جي نصيب ۾ نہ هيو.
ٽام ڪاٺ جا ٻہ عدد تابوت تيار ڪيا ۽ ٻنھي زال مڙسن کي هڪ ٻئي جي ويجهو ئي دفن ڪري ڇڏيو. اڃان هو ڪفن دفن کان پوري ريت فارغ ئي نہ ٿيو هو تہ نينسي جي حالت بہ خراب ٿيڻ لڳي. ڊاڪٽر بہ 35 ميل پري هيو. 35 ميل پنڌ ڪري وڃڻ وري 35 ميل پنڌ ڪري موٽي اچڻ ڏاڍو ڏکيو عمل هو. انھي دوران خبر ناهي تہ ڇا ٿي پوي. ٻہ ننڍڙا ٻارڙا ۽ بيماريون، ماڻھو جي سمجهہ ۾ ئي ڳالھہ نہ پئي اچي تہ هاڻي آخر ڪجي تہ نيٺ ڪجي ڇا؟. هن کي خبر هئي تہ موت هن دفعي بہ ٽارو نہ ڪندو. ڇو تہ ان منحوس ۽ قاتل بيماري جي چنبي مان اڄ ڏينھن تائين ڪو بہ نہ بچي سگهيو هو.
خزان جي موسم جي هن صبح جو آسمان چمڪي رهيو هو. سارا ۽ ابراهم جي پياري ماءُ انھن ٻنھي کي پنھنجي بستري جي ويجهو گهرايو. ٻنھي مرجهايل چھرن کي ڍوءُ تي ڏٺو. ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي پاڻ ۾ پيار ۽ محبت سان رهڻ جو واعدو وچن وٺي پنھنجون اکيون ھميشہ لاءِ ٻوٽي ڇڏيون. ٻيئي ٻارِڙا غم جي شدت کان نڍال ٿي هيٺ ڪري پيا. آخر تہ ماءُ جو وڇوڙو هو. هاڻي هي ڪيبن هميشہ جي لاءِ نينسي جي مامتا واري آواز کان محروم ٿي ويو هو. ڊينس هنيڪس اهو واقعو هن ريت بيان ڪيو آهي تہ؛
”او خدايا! مان اهي منحسوس گهڙيون ڪڏهن بہ وساري نہ ٿو سگهان، جڏهن نينسيءَ ڪاٺ جي ٺھيل هن گهر ۾ اسان کان منھن مٽي ويئي هئي“.
ڪيبن جي بچيل ڪاٺ مان هڪڙو بنڊ پيو هو، مون ۽ ابراهم ان بنڊ کي ڪٽڻ ۾ ٽام جي مدد ڪئي هئي. ٽام ڏڪندڙ هٿن سان ان مان نينسي لاءِ تابوت تيار ڪيو هو. مان ۽ ابراهم اهي تختا پڪڙي بيٺا هئاسين. ٽام انھن تختن تي ڪوڪا هڻي رهيو هو. مون کي ائين لڳو تہ ٽام ڪنھن نہ ڪنھن لاءِ اهڙي قسم جا تابوت پيو ٺاهيندو رهندو.
نينسي جي آخري خواب گاھہ اسان هن جهنگل ۾ اهڙي جاءِ تي ٺاهي، جنھنجي ويجهو کان ئي هرڻين جي جُهنڊ نڪرندو هو. هرڻين جي سادا دلي ۽ مصوميت نينسي جي فطرت سان ڪيڏي بہ ملندڙ جلندڙ هئي. نينسي بہ هڪڙي معصوم هرڻي هئي. جيڪا پنھنجي ٻن پيارن ٻچڙن کي ڇڏي هڪڙي ئي ڌڪ سان اسان کان گهڻو پري نڪري ويئي.
ابراهم جي عمر ان ڏينھن ۾ مشڪل سان 9 سالن جي ٿيندي. پر هو سڄي زندگي پنھنجي ماءُ جي آخري ڏهاڙن کي نہ وساري سگهيو.
بھار جي موسم جي پڄاڻي ٿي چڪي هئي. برفباري بند ٿي ويئي هئي. منحوس بيماري بہ جھڙي تڪڙ ۾ آئي هئي، اهڙي ئي تڪڙ ۾ گم ٿي وئي هئي. نينسي جي آخري آرامگاھہ وڏي سڪون واري جاءِ هئي. جڏهن ابراهم پنھنجي پياري ماءُ جي ياد ۾ بيقرار ٿيو هو تہ پنھنجي معصوم دل کي دلاسو ڏيڻ ۽ دل جي باھہ کي وسائڻ لاءِ ماءُ جي قدمن واري پاسي کان اچي بيھندو هو. ماءُ جي پيراندي کان هن کي وڏو سڪون ملندو هو.

ويڳي ماءُ

”ابراهم نھايت ئي نيڪ ۽ پيارو ٻارڙو هيو. هو مون سان ڪڏهن بہ خراب نموني سان پيش نہ آيو ۽ نہ ئي مون کي ڪڏهن هن شڪايت جو موقعو ڏنو. هن جي طبيعت ۾ هر ماڻھوءَ سان سٺو سلوڪ ڪرڻ هيو. اسان ٻنھين جا خيال هڪٻئي سان ملندڙ جلندڙ هيا. اسان ٻنھن جا دماغ بہ اڪثر معامرن ۾ هڪ جھڙو ئي ڪم ڪندا هيا“. سارا بش لنڪن

نينسي لنڪن جي موت هنن کان هنن جون ننڍڙيون ننڍڙيون خوشيون بہ ڇني ورتيون هيون. سارا جي عمر انھن ڏينھن ۾ ٻارنھن سال کن هئي. ان ننڍڙي عمر ۾ هن تي گهر جو سڄو ڪم اچي پيو هو. هو پنھنجي پيءَ، ڀاءُ ۽ هنيڪس لاءِ ماني پچائيندي هئي. گهر جو ڪم ڪار ڪندي هئي ۽ اڪيلائي ۾ ويھي پنھنجي قسمت تي پار ڪڍندي هئي. اڪيلي سر، ايترو ڪم ڀلا ڪو ڪيسيتائين ٿو ڪري سگهي. سچ تہ اهو هو تہ هوءَ ان اڻپوري ڪاٺ جي ڪيبن کان صفا بيزار ٿي پئي هئي. ابراهم جي عمر ڏھہ سال هئي، هو پنھنجي غم کي اڪيلي سر پاڻ برداشت ڪري جئيندو رهندو هو. هو نہ ڪنھن سان دل جي ڪا ڳالھہ ڪري پئي سگهيو ۽ نہ ئي وري ڪو هن کي دلاسو ڏيڻ وارو ماڻھو هيو. هرڪو پنھنجي پنھنجي غم ۾ نڍحال هيو.
ٽام لنڪن کي گهڻو ڏک ان ڳالھہ جو هو تہ نينسي ۽ اسپيرو جي موت تي فوتگيءَ جون سڀ ريتون رسمون مڪمل طور تي ادا نہ ٿي سگهيون هيون. نہ فاتحہ خواني ٿي ۽ نہ ئي وري ايصال ثواب جي لاءِ ڪجهہ ڪيو ويو. هو پاڻ تہ پڙهيل لکيل هيو ئي نہ ۽ اوسي پاسي ۾ بہ نہ ڪو مذهبي پيشوا هيو ۽ نہ ئي وري ڪو پادري وغيرہ جيڪو انجيل مبارڪ جي مقدس مخصوص آيتن کي پڙهي ختمو بخشي ها.
هڪڙي ڏينھن ڪنٽيڪي Kentucky جي ڳوٺ جو رهاڪو هڪڙو پادري پارسن الڪن هتي اچي نڪتو. ٽام ان موقعي کي غنيمت سمجهيو. سو هن ٽنھي ٻارڙن ۽ پادري کي پاڻ سان وٺي نينسي جي قبر تي فاتحه خواني جي لاءِ نڪري ويو.
ابراهم ۽ سارا جون دليون ڀرجي آيون. هنن جون بيچين نگاهون مٽيءَ جي ڍير هيٺان ڪجهہ ڳولڻ لڳيون. هنيڪس، ٽام، ابراهم ۽ سارا پنھنجا ڪنڌ جهڪائي ڇڏيا هيا ۽ پنھنجا هٿ سيني تي رکي ڇڏيا هيا ۽ پادري انجيل مقدس جون آيتون پڙهڻ شروع ڪري ڇڏيون. پادري آيتون پڙهي ايصال ثواب جون دعائون گهرندو رهيو. ٽام سڪتي جي حالت ۾ بت بڻجي ماضي جي جهروڪن ۾ گم ٿي ويو ۽ ٻارڙا ڀنل اکيون کڻي مٿي آسمان ڏانھن نھاريندا رهيا. ڄڻ تہ هو نيري آسمان جي فضائن ۾ ماءُ جي شفيق چھري جي جهلڪ هڪڙو دفعو ٻيھر ڏسڻ چاهين پيا. ڄڻ تہ ممتا جھڙي آواز کي، جيڪا هميشہ جي لاءِ عدم جي فضائن ۾ گم ٿي وئي هئي، هڪڙو دفعو ٻيھر ان کي ٻڌڻ جي تمنا رکن پيا.
انجيل مقدس جي آيتن مان نينسي جي روح کي تہ ضرور سڪون آيو هوندو پر وڇڙي ويل خاندان جي بيچين دلين کي ڪا بہ شي دلاسو نہ ڏيئي سگهي. لفظن سان ڪڏهن جدائي جا زخم ڀريا بہ آهن ڇا؟.
نينسي جي کوٽ هنن جي زندگي ۾ هڪڙو خال پيدا ڪري ڇڏيو هو. هُن جون ڳالھيون هر وقت پئي ياد آيون. هوءُ هنن جي لاءِ اُن کي صاف ڪندي هئي، ان کي اُڻي، هنن جي لاءِ لباس تيار ڪندي هئي. هنن جي لاءِ صابڻ تيار ڪندي هئي. اوندھہ راتين کي روشن ڪرڻ لاءِ ميڻ بتيون ٺاهيندي هئي. هنن جي لاءِ ڪڻڪ کي ڇاڻي، ڌوئي صاف ڪري ڪُٽي رکندي هئي. هنن کي وهنجاري، صاف ڪپڙا پارائيندي هئي. ڪيبن اڻپورو/ نامڪمل هيو تہ ڇا ٿيو، هو ان کي آئيني جيان صاف شفاف رکندي هئي. نينسي کي وڃائي هنن کي اها سُڌ پئي تہ هي نہ فقط هڪڙي محبت ڪندڙ ماءُ کان محروم ٿيا آهن، پر زندگيءَ جون سڀ خوشيون هنن کان کسجي ويون آهن.
گهر جا سڀ ماڻھو نہ فقط پنھنجي گهر کان پر پنھنجي وجود کان پڻ لاپرواھہ ٿي چڪا هيا. سڄو گهر گند جو ڍير ٿي ويو هو. پر هنن کي ڪا بہ پرواھہ نہ هئي. هنن جا ڪپڙا ڦاٽي ويا هئا، بت تي مير چڙهي ويندو هو، وارن ۾ چيڙھہ چڙهي/پئجي ويندي هئي پر هنن کي ڪو بہ احساس نہ هيو. نينسي ڄڻ تہ پاڻ سان گڏ احساس جي دولت بہ کڻي ويئي هئي.
اهڙي ريت هڪڙو پورو/سڄو سال گذري ويو. خزان جي موسم سان گڏ ئي نينسي جو ٻارهو بہ اچي ويو. ورسي کان پوءِ ٽام پنھنجي دل ۾ هڪڙي ڳالھہ سوچي. آخر ڪيسيتائين ٻارڙا ائين ئي پيا تڪليفون ڪاٽيندا. نہ کارائڻ پيارڻ واري، نہ لٽن ڪپڙن ڌوئڻ واري. هنن جي زندگين کي پنھنجو ڪرڻ لاءِ ڪٿان کان جگر آڻي.
ٽام لنڪن ٽنھي ٻارڙن کي ڇڏي ڪنٽيڪي Kentucky جي سفر جي تياري شروع ڪئي. ٽام جي غيرموجودگي ۾ ٻارڙن جي تنھائي ويتر وڌي ويئي. رات جي اوندھہ ۾ جڏهن هوا خزان جي پنن ۽ وڻن جي ٽارين جو هڪٻئي سان ٽڪرائجي وڃڻ جي ڪري سيٽي جو آواز پيدا ٿئي پيو، تہ ٻارڙا ڇرڪ ڀري ننڊ مان جاڳي پون پيا. ڪيبن جي ڇت تي جڏهن سڪل پن آواز ڪن پيا تہ ائين محسوس ٿئي پيو تہ ڪو چيتو ڇت جي ڏارن مان هنن کي گهوري رهيو آهي ۽ اجهو ئي اجهو انھن تي حملو ڪندو. جنگلي ٻلا تہ اڪثر انھن کي جوھہ وجهي نھارين پيا ۽ پنھنجا چنبا ڏيکارين پيا.
ٽام لنڪن، ايلزبٿ شھر پھچي، جونسٽن جي گهر جي پڇا ڳاڇا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي. ٽام، سارا بش کي شادي کان اڳ ۾ ئي سڃاڻيندو هو. هن جو مڙس ڊينئل جوسٽن Daniel Johnuston جو اڳ ۾ وفات ٿي چڪو هو ۽ هو پنھنجي ٻن ڇوڪرين؛ ايلزبيٿ، مٽيلڊ ۽ هڪڙي پٽ جون سان گڏ بيواھہ جي زندگي گذاري رهي هئي. سارا بش جا هي ٽيئي ٻارڙا پنھنجي پيءُ جي شفقت کان محروم رهجي ويا ها ۽ ٽام جا ٻيئي ٻارڙا بہ پنھنجي ماءُ جي پيار کان محروم رهجي ويا ها. انھن ٻنھي خاندانن جو تڪليفون بہ هڪ جھڙيون ۽ ساڳيون هيون ۽ انھن جو حل بہ ساڳيو هيو.
ان دؤر جا ماڻھو بہ ڏاڍا سادا ۽ سچا هيا. هنن جي زندگين جيان هنن جا جذبا بہ سچا ۽ پاڪ هيا. ٽام وڏي سادگي سان سارا بش سان مخاطب ٿيندي چيو تہ؛”منھنجي زال کي گذاري، سال ٿي ويو آهي. منھنجا ٻچا بہ تنھنجن ٻچن جيان ويڳاڻا (غمگين/رنجيده) ۽ پريشان آهن. مان تو کي ننڍي هوندي کان ئي سڃاڻان. تون بہ منھنجي طبعيت کان چڱي ريت واقف آهين. مان هتي تو وٽ اُن ڪري آيو آهيان تہ جيڪڏهن تون راضي آهين تہ اسان ٻيئي خاندان ملي ڪري هڪ ڪٽنب بڻجي وڃون ۽ هڪٻئي جي ڏکن کي گڏجي حل ڪيون. مون کي ان معاملي ۾ ٿوري جلدي بہ آهي. مان چاهيان ٿو تہ اهو ڪم سڀاڻي ئي ٿي وڃي تہ بھتر“.
سارا بش وڏي صبر ۽ تحمل سان ٽام جي ڳالھہ ٻڌي ۽ هن ڏي بنان نھارڻ جي ئي چوڻ لڳي؛”مان تنھنجي ڳالھہ سان متفق آهيان. پر مان هن غربت واري زندگي ۾ ٿورو ڪي گهڻو قرضدار بڻجي ويئي آهيان، ان ڪري ان ڪم کان اڳ ۾ قرض جي ادائگي ڪرڻ انتھائي ضروري آهي“.
ٽام، سارا بش جو سمورو قرض ادا ڪري ڇڏيو ۽ ٻي ڏينھن يعني ٻين ڊسمبر 1819ع جي صبح جو هنن ٻنھي شادي ڪري ڇڏي.
هڪڙي ڏينھن صبح جو سارا، ابراهم ۽ هنيڪس خوش ٿيندي ڏٺو تہ هنن جي گهر جي اڳيان هڪڙو ٽانگو اچي بيٺو آهي. ان ۾ الماڙيون، ميز، ڪرسيون، ٿانو، صابڻ ٺاهڻ واري ڪيٽلي، نرم ملائم بستر، گدا ۽ هڪڙي نئين ماءُ جو مسڪرائيندڙ شفيق چھرو نظر آيو. ان سان گڏ هڪڙو نئون ڀاءُ ۽ ٻہ نيون ڀيڻون بہ نظر آيون.
هنن جون هاڻي تنھائي جون راتيون ۽ ڏينھن ختم ٿي چڪا هيا. ٻارڙن کي راند روند ڪرڻ لاءِ نوان دوست ۽ ساٿي ملي چڪا هيا. پر سارا بش جي سر تي هڪڙي ڀريل گهر جون زميواريون اچي پيون هيون. هو پنھنجو صاف سٿرو، سجايل سينگاريل، آرامدہ گهر گهاٽ ڇڏي آئي هئي ۽ هتي اچي هن ڏٺو تہ ڪاٺ جي پٽين جو اڻ پورو گهر هيو، جنھن جي درين ۽ دروازن تي جانورن جون کلون پردن جي جاءِ تي ٽنگيل هيون. ڇت تي سوراخ ٿيل هيا، جنھن تي وڻن جا ڇوڏا پيل هيا. ڪمري ۾، جنھن کي مشڪل سان ڪمرو بہ چئي سگجي پيو، هڪڙي پاسي ڪاٺ جي ڏنڊن جو ٺھيل پلنگ هو ، ان تي بھہ سان ڀريل کل جي چادر چڙهيل هئي. ان کان علاوہ اڻتراشيل ڪاٺ جي هڪڙي ميز. ڀڳل ٽٽل ٻہ ٽي ڪرسيون. بس اهو ئي هو هن نئين گهر جو ڪل اثاثو. هن نئين گهر جو فرش مٽي سان ڀڀوت ٿيل هيو. هن ٻارڙن تي نظر وڌي تہ سارا، ابراهم ۽ هنيڪس جا وکريل وڏا وار، ڪنا، ميرا ڦاٽل ڪپڙا. بدن تي ايترو مير ڄڻ تہ سالن کان نہ وهنتا هجن”. سارا بش جنھن پاسي نظر پئي وڌي تہ هو پريشان ٿيندي پئي ويئي. ڪٿي هن جي شھر وارو ننڍڙو گهر ۽ ڪٿي هن جهنگل ۾ هي بيڪار گهر. جيڪڏهن هو ڪا جھڙي تھڙي عورت هجي ها تہ ان مھل ئي ان ساڳي ٽانگي ۾ ويھي ايلزبيٿ ٽائون ڏانھن پنھنجي گهر واپس هلي وڃي ها. ٻين لاءِ ڪير مصيبت پنھنجي سر کڻي ها. سارا بش جي باري ۾ توهان کي وڌيڪ ٻڌائيندو هلان تہ؛
Sarah Bush Lincoln (December 13, 1788 – April 12, 1869) was the second wife of Thomas Lincoln and stepmother of Abraham Lincoln. She was born in Kentucky to Christopher and Hannah Bush. She married her first husband, Daniel Johnston, in 1806, and they had three children.
پر ٻارڙن جي سر جي ڪري ئي سارا بش هڪڙي شفيق ۽ رحمدل ماءُ ثابت ٿي. ان جي باري ۾ ڊينس هنيڪس لکي ٿو تہ؛
جنھن ڏينھن هو اسان جي گهر آئي، ان ڏينھن اسان سڀ مٽي سان ڀڀوت هئاسين. ميرا، گدلا ۽ ڪنا. هن اسان کي مٿي کان هيٺ پيرن تائين غور سان ڏٺو. ٿورڙو خفا ٿيندي چپن تي مسڪراهٽ آڻي، خاموش رهي، ڪجهہ بہ نہ چيائين. سڀني کان اول هن جيڪا ڳالھہ مون سان ڪئي تہ هي ڇڳو کڻي وڻ جي هيٺان رکي اچ. ان کان پوءِ هن سامان مان هڪڙي بالٽي پاڻي ڀرڻ واري، هڪڙو ٿانو پاڻي ڪڍڻ وارو ۽ هڪڙو صابڻ ڏنو ۽ پوءِ مون سان ابراهم سان ۽ پنھنجي پٽ جون جونسٽن کي چيو تہ توهان وڃي وهنجي، صاف سٿرا ٿي، ماني جي لاءِ تيار ٿي اچو. اسان چاچي سارا جي سامھون ميرا ۽ گدلا رهي ئي نہ ٿا سگهون.
ابراهم ۽ سارا تمام جلدي پنھنجي نئين ماءُ سان ملي جلي ويا هيا. بعد ۾ اهي ٻيئي هن سان ايڏو تہ ويجهو ٿي ويا هئا جو انھن کي اهو ڪڏهن بہ احساس ئي نہ ٿيو تہ هي انھن جي ويڳي ماءُ آهي. لنڪن ان کان پوءِ سڄي زندگي هن جو ذڪر انتھائي احترام ۽ محبت سان ڪندو رهندو هيو. حقيقت بہ اها آهي تہ سارابش هئي بہ ان قابل. هو انھن جي لاءِ رحمت وارو فرشتو ثابت ٿي. سڀ کان اول هن پنھنجن نون ٻارڙن سارا ۽ ابراهم ڏانھن ڌيان ڏنو. سڄو هڪڙو ڏينھن تہ هنن جي چيڙھہ چڙهيل وارن کي ڌوئڻ، صاف ڪرڻ ۽ ڦڻي ڏيڻ ۾ لڳي ويو. پوءِ هُن هنن جي لاءِ نوان ڪپڙا سبيا. وهنجاري سھنجاري نوان ڪپڙا پارايا. ان کان پوءِ هن گهر ڏانھن توجھہ ڏني. هو تہ ان خيال جي هئي تہ هڪڙي ڏينھن ۾ ئي سڄو گهر تيار ٿي صاف سٿرو ٿي جرڪي. خود ڪيبن جي فرش کي هن رهڙي رهڙي صاف ڪيو ۽ ٽام کي دروازي جي لاءِ پردو ٺاهڻ جو چيائين. دروازي تي آخر ڪيسيتائين کل جا پردا ٽنگيل هوندا. درين ۾ بہ پردا لڳائڻا هيا. هوءَ پاڻ سان گڏ گدا ۽ بسترا تہ کڻي آئي هئي پر هتي پلنگ نہ هيا. ان ڪري ٽام کي ٻہ ٽي پلنگ ٻيا بہ ٺاهڻا پئجي ويا. ٽام اهو سڀ ڪجهہ تيار ڪيو جيڪو هن چيو. هو گهر جي صفائي ۾ بہ شامل رهيو. پراڻا بُھہ سان ڀريل گدا هن اڍيڙي ڇڏيا. بُھہ ڪڍي اڇلائي ڇڏيو ۽ انھن کي ڌوئي صاف ڪيو ۽ نئون ڌوتل بُھہ انھن ۾ وجهي، پلنگن تي وڇائي ڇڏيو ۽ انھن جي مٿان وري پنھنجي گهران آندل نرم پرن وارا بسترا ۽ وهاڻا وڇائي ڇڏيا. هاڻي سڀني ٻارڙن لاءِ بہ پلنگ ۽ بسترا تيار ٿي ويا هئا. ان کان پوءِ هن ٿورو چونو خريد ڪري سڄي گهر کي سفيد ڪري ڇڏيو. هاڻي هي ننڍرو ڪيبن ڪنھن حد تائين گهر لڳي رهيو هو.
ابراهم جي نئين ماءُ هر معاملي ۾ ابراهم جي همت افزائي ڪئي. ماءُ پٽ هڪٻئي سان پيار بہ گهڻو ڪندا هيا. سارابش وڏي همت واري، خوش مزاج ۽ کل مک عورت هئي. هن جي هڪڙي پوٽيءَ پنھنجي ڏاڏي جي باري ۾ پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي لکيو تہ:
هوءَ وڏي کل مک، وڏي قد واري ۽ خوبصورت عورت هئي. هن جي گفتگو وڏي شائستا ۽ نرم لھجي واري هئي. پنھنجن وارن جو وڏو گول ٺاهي ٻڌي رکندي هئي. سارا بش جي هڪڙي تصوير مان بہ ائين ئي لڳندو آهي. ان جي تصوير مان بہ ان ڳالھہ جي تصديق ٿئي ٿي.

هي تصوير هن جي پوڙهائپ وارن ڏينھن جي يادگار تصوير آهي ۽ ان ۾ بہ هن جي شخصيت جي دلڪشي،هن جي چھري تي نمايان نظر اچي ٿي.
سارا بش پنھنجي خاندان ۾ ڪنھن ملڪہ جي حيثيت سان حڪمراني ڪئي. هن جي گهر جي فردن بہ جن ۾ ڪافي تعداد ۾ اضافو ٿيو هو، هن سان تمام گهڻي محبت ڪندا هيا. ابراهم خاص ڪري پنھنجي ماءُ سان تمام گهڻو پيار ڪندو هو. ٻيئي ڄڻا ويھي اڪثر ڪري هڪٻئي سان صلاح و مشورا ڪندا رهندا هيا. ماءُ پنھنجي نئين پٽ جي همت افزائي ڪندي، هن کي آکاڻيون ٻڌائيندي هئي ۽ ڪچھريون ڪندا رهندا هيا. ڏسڻ وارن کي ڪڏهن بہ اها سڌ نہ پوندي هئي تہ هي ٻيئي ماءُ پٽ هڪٻئي لاءِ ويڳا آهن.
آخر ڪرسمس جو ڏينھن بہ اچي مٿان پيو. ٻارڙن کي اڳين سال وارو ڪرسمس جو ڏينھن بہ ياد هيو. جڏهن هنن جو بنان دروازي وارو گهر ڪرسمس جي لاءِ ڄڻ تہ بند پيل هو. هن گهر جون دريون ۽ ڀتيون اڪثر ڪري خوشيءَ جي وڏن ڏهاڙن تي هر خوشي کان محروم هيا ۽ گهر ڀاتين کي سوچن ۾ گم سم ڏسندا هيا. ٻارڙن کي خبر ئي نہ پوندي هئي تہ ڪو عيد جو ڏهاڙو بہ آيو ۽ هليو بہ ويو. 1819ع جي 25 ڊسمبر جو جڏهن سج جي شروعاتي ڪرڻن هن صاف سٿري گهر ۾ خوشي جي ڏهاڙي جو پيام لکيو تہ ائين لڳو ڄڻ تہ سڄو گهر ئي جرڪي پيو هجي. ان ڏينھن هنن جي ماءُ خاص طعام پچايا. جڏهن رات ٿي ۽ سڀ ڪو کاڌي جي ميز جي اڳيان اچي ويٺو تہ ٻارڙن خدا جو شڪر ادا ڪيو. اڄ انھن جو گهر ڪنھن شفيق ماءُ جي مامتا کان قطئي طور تي محروم نہ هيو.

علم ئي استاد

”انھن ڏينھن ۾ نالي ماتر اسڪول هوندا هيا. استاد ٿيڻ لاءِ بہ ڪنھن خاص لياقت جي ضرورت نہ هوندي هئي. فقط لکڻ پڙهڻ، حساب ڪتاب اچڻ ئي ڪافي هوندو هيو. تعليم جي نظام ۾ ڪا بہ شي اهڙي نہ هئي جنھن سان تعليم پرائڻ ۾ شوق پيدا ٿئي“. لنڪن

جن ماڻھن کي ابراهم لنڪن جو ٻاروتڻ ياد آهي، جڏهن ڏاکڻي انڊيانا ۾ پيرين اگهاڙي هلندو هيو. انھن هنجي باري ۾ ٻہ ڳالھيون ڪڏهن بہ نہ وساريون. هڪڙي ڳالھہ اها تہ ان زماني ۾ بہ هن جو قد، هن جي عمر جي لحاظ کان ايترو ڊگهو هيو جو هن جي پتلون ھميشہ لُنڊي نظر ايندي هئي ۽ کل جي پتلون جي مٿي ٿيل پانچن مان هن جي پيرن جا مُرا صاف نظر ايندا هيا. ٻي ڳالھہ تہ ابراهم جي هٿ ۾ هميشہ ڪو نہ ڪو ڪتاب ضرور هوندو هيو.
ان ٻي تاثر مان اسان ان ڳالھہ جو اندازو آساني سان لڳائي سگهون ٿا تہ ابراهم جسماني ۽ ذهني طور تي تمام تڪڙي وڌي رهيو هو. ذهني طور تي ان وقت تائين هن جي ذهن جا تھہ اڃان نہ کُليا ها، پر پوءِ بہ هو پنھنجين ساٿين کان سڀني کان وڌيڪ ذهين، سمجهدار ۽ هوشيار ڇوڪرو هوندو هيو. اڪثر ڪري هو ڪنھن مٿانھين واري جاءِ تي چڙهي ويھي رهندو هو ۽ گرجا جي پادري جي واعظ جي نقل ڪري، هٿ لوڏائي، تقريرون ڪندو رهندو هيو. هن جي انھي حرڪت جي ڪري ماڻھو کل کي نہ روڪي سگهندا هيا ۽ ايترو کلندا هيا جو ماڻھن جي پيٽ ۾ سور پئجي ويندو هيو. ڪڏهن ڪڏهن تہ هو جيڪي ڪتاب پڙهي ايندو هو، ان مان خاص پوانٽ وارا صفحا وڏي سنجيدگي سان دهرائيندو هيو ۽ ماڻھو وڏي شوق سان هن جي تقريرون ٻڌندا رهندا هيا.
هو طبيعت جي حساب سان ڏاڍو لڄوڻو ۽ ماٺيڻو ماڻھو هوندو هيو. پر ڳالھيون ڪندي ڪندي هن جي هٻڪ ختم ٿي ويندي هئي. هن کي ڪيئي لطيفا ۽ ٽوٽڪا ياد هوندا هيا. جن مان هو ٻڌندڙن کي لطف اندوز ڪندو هيو. ڪڏهن ڪڏهن تہ هو ويٺي ويٺي ڪنھن گهري سوچ ۾ ٻڏي ويندو هو. هن جي چھري مان ڳڻتي جا آثار نمايان طور تي نظر ايندا هيا. هو بلڪل فلسفي نظر ايندو هيو. فطري طور تي هو ڏاڍو نرم دل ۽ صلح پسند ماڻھو هيو. پر جيڪڏهن ڪو هن کي هرکائي وڙهڻ لاءِ آمادہ ڪندو هيو تہ پوءِ هو پوئتي موٽڻ وارن مان نہ هيو.
ابراهم لنڪن کي سڄي زندگي ان ڳالھہ جو افسوس رهيو تہ هنکي شروع کان ئي وٺي ڪنھن ريگيولر اسڪل ۾ پڙهڻ جو موقعو نہ مليو. جيڪو ڪجهہ هن پنھنجي ذاتي مطالعي مان ۽ تجربي مان سکيو هو، ان جو اظھار هو وڏي نھٺائي سان ڪندو هو.
صدارت جي اعليٰ عھدي تي فائز هئڻ کان پوءِ بہ هو پنھنجي ان تعليمي کوٽ جو ذڪر وڏي واقعي ڪندو هيو. سچ پڇو تہ اهو بہ هن جي مزاج ۾ وڏي پڻ هجڻ جو ثبوت هيو. نہ تہ جھڙي ريت هو تن تنھا پنھنجي ذاتي محنت، ذوق شوق ۽ رياضت سان انتھائي غربت ۽ جهالت جي ماحول ۾ پرورش ٿيڻ جي باوجود هن جيڪي اعليٰ قسم جو سھولتون پيدا ڪيون، جنھن اعليٰ دماغي تدبر ۽ تفڪر جو ثبوت هن پيش ڪيو، ٻيو ڪو بہ ماڻھو ان جي ويجهو بہ نہ پھچي سگهيو. جيتوڻيڪ انھن کي نہ صرف ننڍپڻ ۾ هر قسم جون تعليمي سھولتون ميسر هيون/مليون، پر انھن جي تربيت ۽ پرورش بہ بھترين ماحول ۾ ٿي هئي.
پنھنجي اسڪول جي تعليم جي باري ۾ هن پاڻ انتھائي خوبصورت انداز ۾ لکيو آهي تہ؛
”منھنجي اسڪول جي تعليم قسطن ۾ ٿي“. هن پنجن مختلف استادن وٽ علم پرايو هو. ٻن کان ڪنٽيڪي Kentucky ۾ ۽ ٽن کان انڊيانا ۾. پر هن جي تعليم جو سمورو عرصو هڪ سال کان بہ گهٽ جو آهي. ظاهر آهي تہ هڪ سال جي قليل عرصي/مدت ۾ ڪير ڪيترو پڙهي سگهي ٿو. هن جي انڊيانا وارن استادن جا نالا ڪرافورڊ-ڊورزي ۽ سوئني هيا. جڏهن تہ اسڪول جي ڪتابن ۾ انجيل، رياضي جو هڪڙو ڪتاب ۽ هڪڙو هِجي ڪرڻ وارو ڪتاب هيو. بس اهو ئي هيو هن جي درسي ڪتابن جو سرمايو.
ڇوڪرا ٿلھي تختي جي تراشيل بينچن تي ويٺا هيا. انھن تختن مان وڏي بينچ/ ميز جو ڪم وٺندا هيا. انھن تي ڪتاب، قلم ۽ مس جو ڪپڙيون رکيل هونديون هيون. استاد جي پٺين پاسي ڏانھن آتشڪدو هوندو هيو. جنھن ۾ سياري جي موسم ۾ باھہ پئي ٻرندي هئي. ان باھہ جي تئو جي ڪري استاد جي چيلھہ ۽ پھرئين قطار ۾ ويٺل شاگردن جي منھن ۽ ٽنگن کي سيڪ پيو ايندو هيو. جڏهن تہ پٺين قطار ۾ ويٺل شاگرد ويچارا سيءُ ۾ پيا ڏڪندا رهندا هيا. انھن جو ٽنگون ڏڪڻي ۾ ورتل هونديون هيون ۽ آنڱريون تہ اهڙيون ڏڪنديون هيون جو پلڪار يا ڪلڪ ڪنھن بہ ريت هٿ جي پڪڙ ۾ نہ ٿي آڻي سگهيا.
اهو اسڪول بہ لنڪن جي گهر کان چار ميل پري هيو. جن ڏينھن ۾ موسم خوشگوار هوندي هئي تہ هو پنھنجي ان پنڌ مان خوب مزو وٺندو هيو. جهنگل ۾ ننڍڙن نورئيڙن کي پڇ مٿي ڪري، اکروٽ کي اڳين ٽنگن سان جهلي، ڏندن سان ڪتريندي ڏسندو هيو، جيڪي هن جي پيرن جي آهٽ تي بہ نہ ڀڄندا هيا. پر جڏهن موسم خراب هوندي هئي تہ هن جي لاءِ اهو مفاصلو طئي ڪرڻ بہ انتھائي عذاب ٿي ويندو هيو. بارش يا برف جي ڪري هن جا ڪپڙا پسي/آلا ٿي ويندا هيا. ويندي هن جو سڄو جسم بہ ڀِڄي ويندو هيو. ڊينس هنيڪس Dennis ابراهم لنڪن جي ان حالت کي هن طرح سان بيان ٿو ڪري تہ:”جانور جي کل جا جوتا جنھن جي اندر کل جو پاتاوو لڳل هوندو هيو. هن جي پير جي حفاظت جي لاءِ ڪافي نہ هيو. بارش ۽ برف باري ۾ پاڻي هن جي جوتن ۾ اندر هليو ويندو هو ۽ هن جا پير سُن ٿي ويندا هيا“.
پر اهي سموريون تڪليفون، مصيبتون، هرروز جو اهو ڊگهو سفر ابراهم کي تعليم لاءِ اهو سڀ ڪجهہ برداشت ڪرڻو پوندو هيو. هو جيڪڏهن چاهي ها تہ اسڪول نہ وڃي ها، پر علم سان هن جو عشق هيو. هن جو وس پڄي ها تہ هو هر وقت پڙهندو ئي رهي ها. هن جي خواهش هئي تہ هن کي جيترو بہ وقت ملي پيو، هو ان مان گهڻي کان گهڻو سکڻ جي ڪوشش ڪري پيو. ابراهم جو هڪڙو ڪلاسي ”تيٿيهل بيان ڪري ٿو تہ؛ ابراهم هميشہ اسڪول ۾ سڀني کان اڳ ۾ پھچندو هيو. ڪلاس ۾ سڀني کان اڳيان ويھندو هيو. هو پنھنجي سڀني ڪلاسين جي ڀيٽ ۾ سڀني کان گهڻو ذهين، تيز ۽ هوشيار هوندو هيو. لفظن جي هجي ۽ انھن جي معنيٰ هن کي چڱي ريت ايندي هئي. هڪڙي دفعي هن هجي ۽ معنيٰ جي سبق ۾ هڪڙي عجيب حرڪت ڪئي. هن جي انگريزي ڪلاس جي هڪڙي ڇوڪري انگريزي لفظ ڊي فائيڊ جي هجي ڪري ٻڌائي رهي هئي. جڏهن هو ڊيD، ايE، Fايف، تائين پھتي تہ اتي ئي اٽڪي پئي. اڳيون اکر Iآئي جو هيو جيڪو هن کي ياد نہ پيو اچي. ”آئي“ انگريزي ۾ اک کي بہ چوندا آهن. جنھن وقت آئي تي اٽڪي پئي تہ ابراهم لنڪن هن کي اک ڏانھن اشارو ڪيو، ڇوڪري هڪدم اک جي اشاري سان آئي سمجهي ويئي ۽ جلدي سان ئي هن سڄي اسپيل ٻڌائي ورتي. ابراهم اهڙي قسم جون شرارتون اڪثر ڪري ڪندو رهندو هيو.
ڪنٽيڪي Kentucky جيان انڊيانا ۾ بہ اهڙي قسم جي مدرسي ٽائيپ اسڪولن جو عجيب طريقو رائج هيو. اهي اسڪول پراڻي دؤر جي اوڀر وارن مدرسن سان تمام گهڻو ملندڙ جلندڙ هيا. جھڙي نموني اوڀر وارن ملڪن جي مدرسن ۾ ڪيترائي ٻار تڏن يا نخن تي يا فرش تي ويھي پڙهندا هيا ۽ وڏي جوش جذبي سان لڏي لڏي، ڪنڌ ڌوڻي ڌوڻي پڙهندا هيا. اهڙي قسم جو طريقو هنن اسڪولن ۾ بہ رائج هيو. سڄو اسڪول فقط هڪڙي ئي ڪاٺ جي ٺھيل ڪيبن واري ڪمري تي مشتمل هوندو هيو. جنھن مختلف ڪلاسن جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ ويھي پڙهندا هيا. استاد هڪڙي وڏي لٺ هٿ ۾ جهلي سڄي ڪلاس جو پيو چڪر ڪاٽيندو هيو ۽ سڀني ڪلاس وارن کي هڪڙي وقت تي پڙهائيندو رهندو هيو. جڏهن هڪڙو ڪلاس پنھنجو سبق پڙهندو هو تہ ٻي ڪلاس وارا پنھنجو سبق ياد ڪندا رهندا هيا. انھن سڀني ڪلاسين جي گڏيل سڏيل آواز جي ڪري پري کان ائين لڳندو هو تہ ڪو مکين جو مانارو هجي، جنھن ۾ هزارين مکيون ڀون ڀون پيون ڪنديون هجن ۽ اها ڦڪڙي ڪلاڪن جا ڪلاڪ جاري رهندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڪو شاگرد ان ڦڪڙي ۾ پنھنجو سبق بہ وساري ويھندو هيو. تہ پوءِ سزا جي طور تي هن کي وڏي چھنب واري ٽوپي پارائي ڪمري جي ڪنڊ ۾ بينچ تي اڀو بيھاريو ويندو هيو. جنھن ٽوپي جي پائڻ جي ڪري اهو شاگرد گهٽ ۽ مشڪرو وڌيڪ لڳندو هو.
ڪڏهن ڪڏهن تہ ائين ٿيندو هو جو سال جي شروعات ۾ ئي جڏهن ڪنھن امير ماڻھوءَ جو دادلو يا ٽرڙو ٻار داخلا وٺندو هو تہ ان کي خبر ئي نہ پوندي هئي تہ استاد ڪير آهي ۽ شاگرد ڪير؟. اهڙي ريت استاد ويچاري کي پنھنجو روب ۽ اثر قائم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڏينھن لڳي ويندا هيا. ڇوڪرا استاد کي شاگرد ۽ شاگرد کي استاد سمجهندا هيا ۽ جڏهن هنن کي حقيقت جي پروڙ پئجي ويندي هئي تہ پوءِ ان ڳالھہ مان وڏو مزو وٺندا هيا.
مسٽر ڪرافرڊ تعليم سان گڏو گڏ تربيت جو بہ خيال رکندو هيو. ان ڪري هو اهڙو ڪم ڪندو هيو جو ڪنھن هڪڙي ڇوڪري کي ٻاهر موڪلي ڇڏيندو هو ۽ هن کي چوندو هيو تہ هاڻي تون هڪڙي نئين ڄاول ٻار جيان داخل ٿيندي. ڇوڪرو اندر ڪلاس ۾ داخل ٿيندو هو، ماستر صاحب ان جو سڄي ڪلاس سان تعارف ڪرائي ڇڏيندو هيو. اهڙي ريت ڇوڪرا ڪمري ۾ داخل ٿيندا هيا، سلام ڪندا هيا ۽ گفتگو ڪرڻ سکي ويندا هيا.
مسٽر دورسي Azel Dorsey جي اسڪول ۾ ابراهم صورتخطي ۽ سٺا اکر لکڻ سکيو. لنڪن جي پنھنجي هٿ جي پھرئين لکڻي، جيڪا ملي سگهي، اها هڪڙي شعر تي مشتمل آهي. جنھن جو ترجمو هي آهي؛

ابراهم لنڪن هٿ ۾ هن جي قلم
ٿئي وڏو انسان هي ڏسنداسين اسان.

ابراهم لنڪن جي نرم دلي ۽ دوستيءَ جو اندازو ان ڳالھہ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ هن انھن ڏينھن ۾ بہ جانورن سان ظالماڻي سلوڪ جي خلاف پنھنجي قلم سان زبردست مضمون لکيا. جانورن کي هميشہ جانور ئي سمجهيو پيو ويو آهي ۽ انھن سان هر قسم جو بي رحماڻو سلوڪ روا رکيو رکيو ويو. ان ڪري لنڪن جا هي خيال سردي ۾ ان سخت ۽ ڪٺور دل ماڻھن لاءِ حيران ڪندڙ هيا. اها ڳالھہ هن جي سمجهہ ۾ نہ ايندي هئي تہ جانورن تي ظلم ڪرڻ جو آخر مطلب ڇا هي؟. پر هن جا پختا دليل هن جي ساٿين کي سدائين ياد رهيا. ان جي نتيجي ۾ اهو چوڻ درست ٿيندو تہ انھن ارادي طور يا غيرارادي طور هن جو اثر قبول ضرور ڪيو هو.
لنڪن جي پھرئين ئي لکڻي مان ان ڳالھہ جو اندازو ٿي وڃي ٿو تہ ننڍپڻ کان هن جو لاڙو شعر و شاعري ڏانھن هيو. اسڪول جي ڏينھن کان وٺي ويندي بعد ۾ بہ هو طبع آزمائي ڪندو رهيو. پر هن جي اها ڪوشش/مشق بس شوق جي حد تائين رهي، ان کان اڳتي نہ وڌي سگهي. هنجي اسڪول جي ڪاپي ۾ بہ هن جي پنھنجن ئي هٿن اکرن سان ڪجهہ شعر مليا آهن.
لنڪن جا پراڻا دوست يا هن جا پاڙيسري لنڪن جي باري ۾ اهو چون ٿا تہ هو ”سست“ هيو. هن کي پنھنجي ڪم ۽ محنت کان وڌيڪ هن کي پنھنجي پگهار ۽ آرام ڪرڻ پسند هيو. ڊينس هنيڪس جيڪو هميشہ لنڪن جي تعريف ۾ اڳتي اڳتي هوندو هيو. هو بہ ماڻھن جي ان ڳالھہ سان متفق هوندو هيو. هن جو بہ اهو ئي خيال هو تہ ”ابراهم وڏو سست ڇوڪرو هيو، هر وقت بس ڪجهہ نہ ڪجهہ لکندو پڙهندو ۽ شاعري ڪندو رهندو هيو“.
هڪدفعي ابراهم پنھنجي پاڙيسري کي چيو هو تہ،”منھنجي پيءُ مون کي ڪم ڪرڻ ۽ محنت ڪرڻ تہ خوب سيکاريو هيو، پر هن مون کي پنھنجي ڪم مان لطف اندوز ٿيڻ جو گُر نہ سيکاريو هو“.
اصل ۾ ڳالھہ هي هئي تہ اهي ماڻھو پڙهيل لکيل نہ هيا. انھن جي نظر ۾ محنت مزدوري، هارپو ڪرڻ يا زمين تي ڪم ڪرڻ تہ ڪم جي زمري ۾ اچي پيو پر انھن وٽ لکڻ پڙهڻ کي بيڪار، ڪنھن نہ ڪم جو سمجهيو ويندو هيو. اهو ڪھڙو ڪم ٿيو جو اکين اڳيان ڪتاب جهليو بيٺو هجي، يا پين سان ڪيڙا مڪوڙا پيا ٺاهجن. يا وري ادب ڏانھن لاڙو جنھن ۾ شعرو شاعري ڪرڻ، هي اهي سڀ ڪم ڪٿي هيا، اهي ڪم نہ پر ”ڪم چوري“ هئي. ابراهم اٺن سالن کان وٺي مسلسل جسماني محنت ۽ مشقت جا ڪم تہ ڪندو رهندو هو، پر هو ان سان گڏو گڏ تعليم بہ پرائي رهيو هو ۽ پنھنجي دماغي ۽ ذهني صلاحيتن کي جلا بخشي رهيو هو. دماغي ۽ ذهني اعتبار کان هو ان وقت انڊيانا ۾ سڀني کان وڌيڪ مصروف ۽ هوشيار ڇوڪرو هوندو هيو. هو هڪ اهڙي مستقبل جي تياري ۾ مصروف هيو، جنھن جو تصور ان دؤر جا ماڻھو ڇا پيا ڪري سگهن، پر خود لنڪن کي بہ خبر نہ هئي.
ٽام لنڪن ابراهم جي باري ۾ عجيب الجهن ۾ ڦاٿل هيو. هو هڪڙي پاسي پنھنجي پٽ کان خوش بہ هو تہ وري رنجيده بہ. ابراهم جون عادتون، هن جي طبيعت، هن جو مزاج، هن جي ڪم ڪرڻ جا طور طريقا بہ ٽام جي سمجهہ ۾ نہ پيا اچن. پيءَ کي ان ڳالھہ جي گهرج هئي تہ هي ڇوڪرو مون سان گڏ ٻنيءَ تي هلي، هر ڪاهي، لوڙهو ڏيئي، رونبو هڻي، لابارو ڪري، جهار هڪلي، ڇٽ ڪري، ديرو کڻي، جهنگ هڻي ۽ اهڙي ريت ٻنيءَ ٻاري جا ٻيا ڪم بہ ڪري، پر هي صاحب تہ جڏهن بہ ڏسو تہ ڪتابن ۾ منھن وجهيو ويٺو آهي. يا وري جڏهن هر ڪاهي رهيو آهي تہ ڪتاب بہ هٿ ۾ جهليو بيٺو آهي. ماني کائون پيا تہ بہ ڪتاب پيو پڙهجي. آتشڪدي وٽ بہ ڪتاب ۾ جوھہ. ٽام لنڪن جيڪو پنھنجو نالو بہ وڏي مشڪل سان لکي پئي سگهيو. ان ڳالھہ تي هن کي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي هئي. هن کي اها ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ ايندي هئي تہ آخر ڪتابن کي ايترو رٽڻ ۽ چٽڻ سان ماڻھو جي زندگيءَ ۾ ڪھڙو فائدو ايندو.
ابراهم ڏاڍو زندہ دل ۽ خوش مزاج ماڻھو هيو. جڏهن هو ڪم ڪندي ڪندي ڪنھن مٿاهين واري ٽڪري يا جاءِ تي چڙهي ويندو هو تہ هو ٻين مشھور سياستدانن/ ماڻھن جي نقل ڪري، هٿن جا اشارا ڪري، رڙيون ڪري تقرير ڪندو هو تہ ٻنيءَ تي ڪم ڪرڻ وارا ڇوڪرا پنھنجو ڪم ڪار ڇڏي هن ڏانھن متوجھہ ٿي ويندا هيا ۽ هن جي ڳالھين تي ايترو کلندا هيا جو کڻي بس ڪجي. لوهر جي دڪان تي، اسٽور يا اٽي جي چڪي تي، جتي هو ڪڻڪ پيسائڻ ويندو هيو، ماڻھو هن جي انتظار ۾ هوندا هيا تہ هو ڪڏهن ٿو اچي. لطيفن ۽ ٽوٽڪن سان ڀريل هن جي کل ڀوڳ واري گفتگو، هن جي بي فڪري ۾ گهڻو اضافو ڪندي هئي.
گهڻن ماڻھن جو خيال آهي تہ ٽام لنڪن پنھنجي پٽ ابراهم تي تمام گهڻو مھربان هوندو هيو ۽ هن لنڪن جي پڙهائي تي ڪڏهن بہ ڪو اعتراض نہ واريو. پر ڊينس هنيڪس جيڪو پيءُ پٽ ٻنھي جو تمام گهڻو دادلو هيو، ان جو بيان آهي تہ ٽام ڪڏهن ڪڏهن پنھنجي پٽ جي ڪن مھٽ بہ ڪندو هيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن ٻاهرين ماڻھو جي سامھون پنھنجي چالاڪي ڏيکارڻ تي هن کي تلهڙ بہ لڳندي هئي.
جيڪڏهن ٽام لنڪن ابراهم تي سختي ڪندو هو تہ وري هن جي ويڳي ماءُ سارا بش هن جي پاس ٻڌندي هئي. هوءَ پڙهڻ لکڻ ۾ هن جي همت افزائي ڪندي هئي. هن جي مزاحيه ڳالھين تي هو گهڻو کلندي هئي ۽ لطف اندوز ٿيندي هئي.
هڪڙي دفعي ابراهم هڪڙي عجيب ۽ دلچسپ حرڪت ڪئي. هڪڙو ننڍڙو ڇوڪرو گپ ۾ پنھنجا پير ڀري اچي رهيو هو. ان کي ڏسي ابراهم کي شرارت سجهي. هن ان ڇوڪري کي پنھنجي ڪلھي تي کڻي ويھاريو، هن جو مٿو هيٺ ۽ ٽنگون مٿي ڪري، هلڻ لڳو. گپ وارا پير هن اچي پنھنجي ڪيبن جي ڇت سان لڳائي، ڇت تي پيرن جا نشان يعني پيرا ٺاهي ڇڏيا ۽ هن کي هڪڙي وک ائين کڻايائين. هن جي پيرن جا نشان ان گهر جي سفيد رنگ واري ڇت تي چٽا ٿي بيٺا. هن جي پيرن جا نشان ڏاڍا عجيب لڳي رهيا هيا. ائين لڳي پيو ڪو ابتو ان ڇت تي هليو آهي. جڏهن هن جي ماءُ سارا بش جي نظر ڇت تي پئي تہ هن کان ٽھڪ نڪري ويو، هو ايترو کلي جو ساڻو ٿي هيٺ ويھي رهي. هوءَ ابراهم جي ان حرڪت مان وڏو لطف اندوز ٿي. ڇو تہ ابراهم جو مقصد بہ فقط تفريح ڪرڻ ئي هيو. ان کان پوءِ هن هڪدم چونو ڪڍي وري ڇت کي سفيد ڪري ڇڏيو.
سارا بش سڌي ڳالھہ ڪئي هئي ماءُ ۽ پٽ جو دماغ هڪجھڙو ڪم ٿو ڪري. سارا بش ان ڳالھہ تي ڪڏهن بہ ابراهم کي نہ چيو هو تہ هو اڌ رات تائين ڇو ٿو جاڳي، ڇو ٿو پڙهي. ڇو تہ هو اڌ رات تائين پيو جاڳندو ۽ پڙهندو رهندو آهي يا وري ماني مھل بہ ڪتاب کولي پيو پڙهندو رهندو آهي.
سچي ڳالھہ اها آهي تہ لنڪن کي ڪنھن بہ قسم جي طاقت ڪتابن پڙهڻ کان نہ پئي روڪي سگهي. ڪتابن جي صفحن ۾ ٻڏي هو علم ۽ ڄاڻ جي دنيا ۾ پھچي ويندو هو. ڊينس هنيڪس جو بيان آهي تہ؛ ”12 سالن جي عمر کان پوءِ مون ابراهم کي ڪڏهن بہ ڪتابن جي بغير نہ ڏٺو. هو ائين ڪندو هو جو پنھنجي قميص جي کيسي ۾ ڪو نہ ڪو ڪتاب وجهي ڇڏيندو هو ۽ پتلون جي کيسي ۾ ڀڳڙا وجهي ڇڏيندو هو ۽ پوءِ ڪم تي هليو ويندو هو . هر هلائڻ يا زمين جي گڏُ ڪڍڻ لاءِ ٻنيءَ تي نڪري ويندو هو. منجهند تائين ان ڪم ۾ جنبيل رهندو هيو. جڏهن منجهند جي ماني جي موڪل ٿيندي هئي تہ هو ماڻھو ماني کائي وري آرام ڪندا هو. ابراهم ڪنھن وڻ جي هيٺان ويھي ڪو نہ ڪو ڪتاب پڙهندو رهندو هو. ڀڳڙا ڪڍي رڙڪيندو ويندو هو ۽ پڙهندو ويندو هو. جڏهن سج لھي ويندو هو تہ وري گهر واپس ايندو هو ۽ اچڻ سان ئي وري آتشڪدي جي ويجهو فرش تي ويھي ۽ ڀت سان ٽيڪ ڏيئي مطالعي ۾ گم ٿي ويندو هو.
اهي ٻيئي عادتون سڄي زندگي هن ۾ نظر آيون. مطالعو، ٽيڪ ڏيئي پڙهڻ. انھن ڏينھن ۾ هن جي مطالعي هيٺ هيٺيان ڪتاب هيا.
ايسوپ جون ڪھاڻيون Aesop's Fables، روبن سن ڪروسو Robinson Crusoe، پلگرمس پروگريسThe Pilgrim's Progres ۽ پارسن ويمز Parson Weems جو شھڪار ڪتاب واشنگٽن جي زندگيLife of Washington “. انھن ڪتابن کي هن ايترا دفعا پڙهيو هيو، جو انھن ڪتابن جا ڪيئي صفحا هن کي برزبان ياد ٿي ويا هيا. هڪڙو دفعو ائين ٿيو جو پارسن ويمز جو ڪتاب واشنگٽن جي بايو گرافي پڙهڻ جي لاءِ هو ڪنھن کان اهو ڪتاب اڌارو وٺي آيو. انھن ڏينھن ۾ برساتيون شروع ٿي ويون هيون. ڪيبن جي ڇت تان پاڻي ٽمندو هيو. هن ڪتاب جي ٽائٽل تي پاڻي جا ڦڙا پئجي ويا ۽ سرورق بلڪل خراب ٿي ويو هو. ان جو هرجاڻو ادا ڪرڻ جي لاءِ لنڪن کي ڪيترائي ڏينھن بکون ڪاٽڻيون پئجي ويون هيون.
وييمز جي تصنيف حياتِ واشنگٽن تي اڪثر ماڻھن سخت اعتراض واريا آهن. انھن ماڻھن خاص طور تي واشنگٽن جي الهڙ جواني جي ان واقعي تي اعتراض ڪيو آهي تہ هڪ دفعي واشنگٽن پنھنجي الهڙ جواني ۾ هن هڪڙي ننڍڙي ڪھاڙي سان چيريءَ جو هڪڙو وڻ ڪپي وڌو هو. پر بعد ۾ پاڻ ئي پنھنجي پيءَ سان ان ڳالھہ جو اقرار بہ ڪيو تہ وڻ هن ڪاٽيو آهي ۽ هو ڪوڙ ڳالھائڻ نہ پيو چاهي. (اسان ننڍڙي هوندي پرائمري جي هڪڙي ڪلاس ۾ گامون سچار جو سبق پڙهيو هيوسين، جنھن ۾ پٽ نئين ڪھاڙي وٺي اچو ٿو ۽ باغ ۾ وڃي، انب جو وڻ ڪٽي ڇڏي ٿو. پيءُ جي پڇڻ تي هن کي سچ ٻڌائي ٿو تہ هن اهو وڻ ڪٽيو آهي، جنھن تي پيءُ کي ڪاوڙ بدران خوشي ٿئي تہ تہ هن جي پٽ سچ ڳالھايو آهي).
ان ڳالھہ جي صحت تي ”حيات واشنگٽن“ جي نقادن، پنھنجي شڪ جو اظھار ڪيو آهي، پر سڀ ماڻھو ان ڳالھہ تي متفق آهن تہ واشنگٽن جي اهڙي ايمانداري ۽ هن قسم جي واقعن لنڪن جي خيالن تي تمام گهڻو گهرو اثر وڌو. هن جي مزاج ۾ سچائي ۽ ايمانداري جو جذبو برقرار رهيو.
حيات واشنگٽن، لنڪن جي سڄي زندگي کي متاثر ڪري ڇڏيو. هن بہ پنھنجي زندگيءَ کي ان سانچي ۾ اوتي ڇڏيو. جيتوڻيڪ اسان جيڪڏهن ان واقعي کي نظر انداز بہ ڪري ڇڏيون، جيڪو حيات واشنگٽن جي مصنف تخيل جا رنگ ڀري پيش ڪيو. تڏهن بہ هنن ٻنھين شخصيتن جي زندگي ڏاڍي دلچسپ ۽ هڪٻئي سان مشابھت رکي ٿي.
ٻيئي برطانوي نسل جا ماڻھو هيا. ٻيئي قدآوار مڙس هيا. واشنگٽن جو قد ڇھہ ڦٽ هڪ انچ هيو ۽ لنڪن جو قد ساڍا ڇھہ ڦٽ هيو. ٻيئي پنھنجي جوانيءَ ۾ ڏاڍا سٺا رانديگر هيا. ٻنھين پنھنجي شاگردي واري دؤر ۾ زمين جو ڪم سکيو هو. ٻيئي انتھا درجي جا ايماندار ۽ اصول پرست ماڻھو هيا.
لنڪن جي دؤر ۾ اهو رواج هوندو هيو تہ ڇوڪرا وڏي عمر تائين پنھنجي پيءُ جي تابع رهندا هيا. 21 سالن تائين قانون ۾ بہ اهو هو تہ ڇوڪرو پنھنجي پيءُ جي نگهباني ۾ رهندو هيو. ان ڪري اهو بہ والدين جي ملڪيت ئي تصور ڪيو ويندو هو. ان ڪري ٽام لنڪن پنھنجي ان والد جي حقن کان ڪڏهن بہ دستبردار نہ پئي ٿي سگهيو. جيڪو ڪجهہ ابراهم ڪمائي ايندو هو، اهو سڀ ڪجهہ پيءُ جي کيسي ۾ ويندو هو.
ڪڏهن ڪڏهن تہ نوجوان ڇوڪرن کي پاڙي وارن جي زمين تي محنت مزدوري جي لاءِ موڪليو ويندو هو. جتي ٻين ڪمن ڪارين کان علاوہ انھن کي سوئر بہ ذبح ڪرڻا پوندا هيا. ان ڪم جي اجرت 21 سينٽ ڏهاڙي هوندي هئي. (هينئر هڪڙو سينٽ پاڪستاني 104.40 cent روپين جي برابر آهي). جيتوڻيڪ ابراهم جي ان ڪم ۾ ڪا بہ دلچسپي نہ هوندي هئي، پر پوءِ بہ هو وڏي بي دلي سان اهو ڪم سرانجام ڏيندو هيو. پراهڙي ڇوڪري لاءِ، جنھن شڪار ڪرڻ، فقط ان ڪري ڇڏي ڏنو هو، جو هو سمجهندو هو تہ ان ڪم ۾ جانورن جو رت وهي ٿو. يا وري جنھن بي زبان جانورن جي ظلم خلاف مضمون لکيا هجن، ان جي لاءِ جانورن کي ذبح ڪرڻ وارو ڪم ڏاڍو ڏکيو هيو.
ان غيرمناسب ڪم جو بہ هڪڙو پھلو هن کي ڏاڍو پسند هوندو هيو. جو اهڙي ريت، هن کي طرح طرح جون رانديون رهڻ، ڳائڻ وڄائڻ، نقل ڪرڻ، ٻھروپيئي جا ڪردار ادا ڪرڻ، تقريرون ڪرڻ، ٻيڙيون هلائڻ ۽ ڊوڙ جي راندين ۾ حصو وٺڻ جو ڀرپور موقعو ملندو هيو. ان ڪري هن کي نہ فقط جانور ذبح ڪرڻ جو ڪم ڪرڻو پوندو هيو، بلڪ پاڙي ۾ بہ جيڪڏهن اهڙي قسم جا ٻيا ڪم ٿيندا هيا هيا، مثال جي طور:ڪڻڪ جو ذخيرو ڪرڻ، ڪاٺ تختا ڪلھن تي کڻي اچڻ، ڳڙ پچائڻ، کاڌو تيار ڪرڻ، ٻيا اهڙا ڪم جتي جتي ماڻھن جو ميڙ گڏ ٿيندو هيو، هن کي پسند هيا. هو اهڙي قسم جي موقعن جي تلاش ۾ هوندو هيو. اهڙن ميڙاڪن ۾ ابراهم سڀني ماڻھن جي توجھہ جو مرڪز هوندو هيو. ماڻھو هن جي لطيفن، مشڪرين، ٽوٽڪن ۽ ڏاهپ ڀرين گفتن مان گهڻو لطف اندوز ٿيندا هيا. اهڙن ميڙاڪن ۾ جتي شراب عام جام هلندو آهي ۽ پيئڻ وارا مئڪشي جي موڊ ۾ اچي مست ٿي ويندا آهن، بهڪي ويل ماڻھن جي گفتگو جو انداز، انھن جون حرڪتون يا وري انھن جا خيال اڪثر ڪري فحاشي جو رخ اختيار ڪندا آهن. هي اهڙن ميڙاڪن جي جان هيو. هن جي بغير اهي محفلون بيڪار هيون، انھن ۾ ڪا بہ رونق، ڪا بہ کل ڀوڳ ۽ ڪا بہ مشڪري وغيرہ نہ هوندي هئي.
ابراهم جيتوڻيڪ پنھنجن ساٿين کي تفريح وارو سامان پھچائيندو هو يا انھن جي تفريح جو ڪارڻ بڻجندو هيو، پر هو پاڻ هميشہ انھن کان پري هوندو هيو ۽ سدائين پياسو رهيو. هن جون دماغي قوتون ۽ ذهني صلاحيتون، پنھنجن دوستن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي مقدار ۾ هيون. هن جي اندر ۾ علم جي حاصلات جي جستجو، مسلسل اڳتي وڌندي رهندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن تہ هو ڪتابن جي تلاش ۾ پري پري تائين نڪري ويندو هو. اخبارون ان زماني ۾ نہ ايترو عام هيون ۽ نہ ئي وري سولائيءَ سان ملي سگهنديون هيون. ڪنھن بہ هڪڙي اخبار جي جهلڪ ڏسڻ لاءِ، هن کي ميلن جا ميل پنڌ ڪرڻو پوندو هو. هاڻي هن جي اندر ۾ سياسي شعور بہ بيدار ٿي چڪو هو. هاڻي هو ڳوٺ جي خاموش ۽ ڄميل فضا کان نڪري ڪري ملڪ جي سياست ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو هو. شروع ۾ تہ هن کي ڊيموڪريٽڪ پارٽي ۾ دلچسپي هئي. پر بعد ۾ هن کي وهگ Whig party” پارٽي جا خيال ۽ اصول وڌيڪ موزون لڳا.
هاڻي پنھنجي صدي جي چوٿائي واري عمر ۾ سياسي معاملن جي لحاظ کان هو وهگ Whig party” ۾ ئي رهيو. ان کان پوءِ هو 1850ع ۾ نيوري بلڪن پارٽي ۾ شامل ٿي ويو. ان ئي پارٽي هن کي آخرڪار آمريڪا جي ايوان صدر يعني وائيٽ هائوس تائين پھچايو. انھن ڏينھن ۾ ابراهم کي ٻن ڪتابن گهڻو متاثر ڪيو هو. انھن مان هڪڙو انڊيانا جي رياست جي ترميم ٿيل قانون جو ڪتاب ۽ ٻيو ڪولمبين ڪلاس بڪ. انھن ٻنھي ڪتابن کي هن وري وري ڪري وڏي توجھہ ۽ ڌيان سان پڙهيو. انھن ڪتابن مان پھرئين ڪتاب هن کي قانون جي مطالعي جو شوق ڏياريو ۽ هن ڪتاب هن جي دل ۾ آزادي جي اعلان ۽ ان ڪتاب جي مصنف ٿامس جيفرسن Thomas Jefferson جي عزت ويتر وڌائي ڇڏي. جيفرسن جي ان ڪتاب Declaration of Independence جي مطالعي مان لنڪن کي ٻين قانوني مسودن مثال جي طور: آمريڪي دستور جي پھرئين ڏهن ترميمن جي مطالعي جو شوق پيدا ڪرايو. هن ڪتاب هن کي اهو خيال ڏياريو تہ پراڻي اتر ۽ اوڀر جي مڙني علائقن، جنھن ۾ انڊيانا جي رياست بہ شامل آهي، انھن ۾ غلامي جي رواج کي غيرقانوني قرار ڏنو وڃي تہ سٺو ٿيندو.
انھن ڪتابن جي مطالعي مان لنڪن جي خيالن ۾ وڏو انقلاب آيو. هن کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو، ڄڻ تہ هن جي ذهن ۾ علم جون نيون شاخون نڪري آيون هجن. هن جي ذهن ۾ هر هر ”ميثاق آزادي“ جا جملا اڀري پيا اچن.
”سڀني انسانن کي هڪجھڙو پيدا ڪيو ويو آهي. هن جي پيداڪندڙ هنن کي ڪجهہ اهڙا بنيادي حق ڏنا آهن، جيڪي انھن کان کسي نہ ٿا سگهجن. انھن حقن ۾ زندگي، آزادي ۽ خوشين جي حاصلات جي جستجو جو حق شامل آهن“.
ڪولمبين ڪلاسڪ بڪ The Columbian Orator هڪڙي قسم جي تدريسي/درسي ڪتاب آهي. هن ڪتاب کي ابراهم وڏي شوق سان پڙهيو. هن ڪتاب مان هن تاريخ ۽ جاگرافي جي باري ۾ هن کي گهڻن ئي اهڙين ڳالھين جي پروڙ پئي، جن مان هو اڄ ڏينھن تائين بي خبر هيو.
هن ڪتاب جي سھاري ئي هن گڏيل رياستن يا وري مڪمل اولھہ وارين زمينن مان نڪري ڪري، ڪائنات جي فضا ۾ هڪڙي گهري نظر وڌي. هن کي خبر پئي تہ هي زمين جنھن کي هو هيل تائين تمام گهڻو گهرو ۽ وسيع سمجهندو هو، نظام شمسي ۾ هڪڙي ذرڙي جي حيثيت رکي ٿي. چنڊ ۽ سج جھڙا هزارين سيارا فضا ۾ ننڍين ننڍين بتين جيان ٽمڪندا رهندا آهن.
پھريائين تہ ابراهم کليل آسمان جي هيٺان ليٽي ٽٽندڙ ستارن کي وڏي حيرت مان تڪيندو رهندو هو. هن جي ذهن ۾ سوال اڀرندا هيا تہ، ”اهي ڪٿان کان ٿا اچن ۽ ڪاڏي گم ٿي ٿا وڃن؟“. هن جي ذهن ۾ اهڙي قسم جا سوال اڀرندا رهندا هيا. هاڻي هن کي انھن سوالن جا جواب ملي چڪا هيا.
هڪڙي شام جو ابراهم پنھنجي پاڙي جي ڇوڪري ڪيٽي روبي Keti Rubi سان گڏ ڪنھن چشمي جي ڪناري تي ويٺو هيو. ٻنھين پنھنجا پير وهندڙ پاڻيءَ ۾ لٽڪائي ڇڏيا هيا، هنن جا پير پاڻيءَ ۾ پُسي رهيا هيا ۽ هي پاڻي جو مزو وٺي رهيا هيا. اولھہ پاسي ڳاڙهي رنگ جو سج لھي رهيو هو ۽ اوڀر پاسي چوڏهين جو چنڊ مزي سان آهستي آهستي اڀري رهيو هو. ٻيئي ان منظر مان لطف اندوز ٿي رهيا هيا. ابراهم ڪيٽي کي سمجهائڻ شروع ڪندي چيو تہ،“اصل ۾ نہ سج لھي رهيو آهي ۽ نہ ئي وري چنڊ اڀري رهيو آهي. اهو اسان جي نظرن جو ڌوڪو آهي“.
ہیں کواکب کچھ نظر آتےہیں کچھ،
دیتےہیں دھوکھ یھ بازیگر کھلا۔
اصل ۾ زمين لاٽون جيان پنھنجي محور ۾ گول ڦري رهيو آهي. ان ڪري ڏسڻ وارن کي ائين لڳندو آهي تہ اهي چنڊ ۽ سج، لھندا ۽ چڙهندا آهن. نہ تہ ٿيندو ائين آهي جو زمين جو هڪڙو حصو گول چڪر ڪاٽي ٻي پاسي هليو ويندو آهي ۽ سج چنڊ جي سامھون کان هٽي ويندو آهي. ان ڪري اهي سيارا اسان کي لھندي ۽ اڀرندي نظر ايندا آهن.
ڪيٽي پنھنجي سڄي زندگي نظام شمسي جو هي پھريون، سادو ۽ دلنشين سبق ڪڏهن بہ نہ وساري سگهي. ابراهم ۽ ڪيٽي هڪٻئي سان محبت نہ ڪندا هيا، اهي فقط هڪٻئي جا دوست ۽ ساٿي هيا.
وڏي ٿيڻ کان پوءِ بہ ڪيٽي جي ذهن ۾ انڊيانا جي جنگلي چشمن جي ڪنارن کان لنگهندي، ماضي جون يادون ياد ڪندي، اهي يادگار لمحا هن جي ذهن ۾ زندہ هيا.
Abraham Lincoln said:

“Books serve to show a man that those original thoughts of his aren't very new after all.”
"The greatest fine art of the future will be the making of a comfortable living from a small piece of land.
"I am not bound to win, but I am bound to be true. I am not bound to succeed, but I am bound to live by the light that I have. I must stand with anybody that stands right, and stand with him while he is right, and part with him when he goes wrong."

دُنگي منجهہ درياءُ

”مون کي اها ڳالھہ چوڻ ۾ ڪو بہ شرم محسوس نہ ٿو ٿئي تہ مون ٻيڙين تي هڪڙي معمولي مزدور جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو آهي. غريب ماڻھوءَ جي ٻار جيان مون هر قسم جي محنت مزدوري ڪئي آهي“. لنڪن.

ابراهم کي سڄي زندگي ٻيڙين هلائڻ سان دلچسپي رهي ۽ اها دلچسپي هن کي ورثي ۾ ملي هئي. ابراهم جي ڄم کان ڪجهہ عرصو اڳ ۾ جي ڳالھہ آهي تہ ٽام لنڪن هڪري ٻيڙي ٺاهي هئي. جنھن ۾ هو ڍورڍڳا، اناج ۽ ٻيو سامان لڏي، واپار جي سانگي مسي سي پي ۽ اوهيو کي پار ڪري نيو اورلينز New Orleans کڻي ويندو هو. سرحدي علائقن جا اهي ٻيئي وڏا درياءُ هوندا هيا. جتان ٿيندو سامان تجارتي منڊين تائين پھچندو هيو. مسي سي پي جي زرخيز وادين ۾ پيدا ٿيندڙ اناج ۽ ان جي کپت سڀ کان وڏي منڊي نيو اورلينز جي بندرگاھہ هوندي هئي.
سامونڊي زندگيءَ سان پنھنجي فطري شغف هجڻ جي باوجود بحري سفر تي وڃڻ کان اڳ ۾ ابراهم کي تمام گهڻي تربيت مان گذرڻو پيو. ان وقت هن جي عمر فقط سورنھن سال هئي. پر قد ڇھن ڦٽن کان بہ مٿي هيو. ڏسڻ ۾ هو هڪ قدآوار ۽ طاقتور ماڻھو نظر ايندو هيو. شروع شروع ۾ هن کي جيمز ٽيلر James Taylo پنھنجي مزدوري تي رکيو. ڪم هڪڙي ٻيڙي ٺاهڻ جو هيو ۽ جڏهن ٻيڙي تيار ٿي وڃي، تہ ان کي انڊرسن ڪريڪ Anderson River Creek ۽ اوهيو درياءُ جي ڪناري تي آڻي، ڪرائي تي هلائڻو هيو. ٻيڙي هلائڻ وارو ڪم تہ هن جي لاءِ غنيمت هيو، ڇو تہ اهڙو ڪم هن جي محبوب ڪمن مان هڪڙو ڪم هيو، پر هن جو اهو خواب هو تہ هو ڪنھن ماهر ملاح جيان پاڻي جو وڏو جھاز هلائي، پر ان کان اڳ ۾ هن کي ڪاٺ ڪاٽڻو هيو ۽ ان مان وري هن کي ٻيڙو ٺاهڻو هيو. اهو ڪم گهڻي حد تائين محنت طلب ۽ صبر آميز هيو. جيڪڏهن هن جي جاءَ تي ڪو ٻيو ماڻھو هجي ها تہ اهو ڪم ڪڏهوڪو ڇڏي هليو وڃي ها. پر ابراهم تہ پوئتي مڙي ڏسڻ جو ڪڏهن سوچيو بہ نہ هيو. ڪم جيترو ڏکيو هيو، اوترو ئي هن جي همت بہ وڌندي ويندي هئي.
ايڏي سخت محنت ۽ مشقت ڪرڻ جي باوجود، هن کي فقط 37 سينٽ ڏهاڙي مزدوري ملندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن تہ ائين ٿيندو هو، جو هو مسافرن کي پنھنجي ٻيڙي ۾ ويھاري اسٽيمر تائين پھچائي ايندو هو. ان ڪري هن کي ڪجهہ سينٽ وڌيڪ بہ ملي ويندا هيا. هڪڙي ڀيري ائين ٿيو جو ٻہ مسافر آيا، انھن کي ڏاڍي جلدي هئي ۽ انھن کي اسٽيمر تائين پھچڻو هيو سو اسٽيمر تائين پھچڻ لاءِ ٻي ڪا بہ ٻيڙي/سواري نہ هئي. ابراهم انھن کي پنھنجي ٻيڙي ۾ ويھاري اسٽيمر تائين پھچائي آيو. مسافر هن جي عجلت ۽ سچائي مان ايڏو متاثر ۽ خوش ٿيا جو انھن هن کي اڌ ڊالر جا ٻہ سڪا ٽپ ڏيئي ڇڏيا.
ابراهم سوچيو تہ هڪ ڏينھن کان بہ گهٽ وقت ۾ هڪڙو ڊالر ڪمائڻ هن جھڙي غريب ڇوڪري جي توقع کان تمام گهڻو مٿي آهي ۽ هن لاءِ ڪنھن نعمت کان قطئي گهٽ نہ آهي. انھن ڏينھن ۾ هڪڙو ڊالر بہ تمام وڏي رقم هوندي هئي. سترنھن سالن جي عمر ۾ ابراهم جو قد ڇھہ ڦٽ 2 انچ هيو. 19 سالن جي عمر ۾ هن جو قد ڇھہ ڦٽ ۽ چار انچ ٿي ويو. ڏسڻ ۾ سنھڙو سيپڪڙو، پر ايڏو طاقتور هيو جو انڊيانا جي سرحدي علائقي ۾ شايد ئي ڪو اهڙو ماڻھو هجي جيڪو هن سان مقابلي جي جرئت ڪري سگهي. جسماني خوبين کان علاوہ، اخلاقي اعتبار کان بہ ماڻھو ابراهم کي گهڻو پسند ڪندا هيا، هو تمام محنتي، ايماندار ۽ قابل اعتماد شخص هيو.
ابراهم جي شايد انھن ئي جسماني ۽ اخلاقي خوبين کان متاثر ٿي جيمز جينٽري James Gentry هن کي نوڪري جي آڇ ڪئي. ابراهم لاءِ اها نوڪري ڪنھن بہ نعمت کان گهٽ ڪانہ هئي. ان پيش ڪش تي ابراهم سوچي تہ زندگي ۾ اهڙا موقعا هر هر نہ ايندا.
جيمز جيٽري James Gentry ان علائقي جو سڀني ماڻھن کان وڏو ماڻھو ۽ امير ترين ماڻھو هو. هڪ هزار ايڪٽر جي زمين کان علاوہ، وسيع چراگاهن ۽ ان واديءَ ۾ هڪڙي وڏي دڪان جو بہ مالڪ هيو. ان دڪان ۾ ڳوٺ جا واندا واندا اچي گڏ ٿيندا هيا ۽ ابراهم انھن کي پنھنجي تقريري فن، لطيفن، ٽوٽڪن ۽ کل ڀوڳ سان متاثر ڪندو هو. جيمز جينٽري ابراهم کي چيو هو تہ هن جو ڇوڪرو ايلن Allen Gentry ۽ ابراهم ملي ڪري هڪڙي ٻيڙي تيار ڪن ۽ پوءِ ان کي واپار جي سامان سان ڀري نيو اور لينز تائين کڻي وڃن. ان ڳالھہ تي ابراهم وڏو خوش ٿيو. هن جي سامونڊي سفر جو خواب هاڻي ساڀيان ماڻي رهيو هو. ابراهم کي ڏهاڙي جي خرچ پکي کان علاوہ، 8 ڊالر مھيني جي پگهار کان علاوہ، واپسي جو ڪرايو ڏيڻ پڻ طئي ڪيو ويو هو. ان قسم جون ٻيڙيون بحري سفر لاءِ گهڻو استعمال ٿينديون هيون. اهڙيون ٻيڙيون تمام سادگي ۽ سٺي نموني سان ٺاهيون وينديون هيون.ڇو تہ اهي ڏاڍيون مضبوط هونديون هيون. اوهيو درياءُ جي ڪناري گهاٽو جهنگ هوندو هيو. جتي تمام وڏا مضبوط ڪاٺ جا وڻ هيا. ٻيڙي ٺاهڻ لاءِ ڪاٺ جا بنڊ ڪاٽيا ويندا هيا. جنھن جي ڊيگهہ ويھہ کان 80 ڦٽن تائين هوندي هئي. اهڙي ريت ٻيڙي جي لاڳت تقريبن هڪ ڊالر چورس ڦٽ ايندي هئي. اهي ٻيڙيون ڇا هيون، ڪاٺ جا ڄڻ تہ چرندڙ پرندڙ ڪمرا/گهر/ڪيبن هيا. جيڪي هڪ ئي وقت ڪنھن پساري جي دڪان، مال متاع جو واڙو، اسٽور روم وغيرہ جيان هوندا هيا. ان جون ڀتيون ايتريون مٿي هونديون هيون جو قزاقن يا سامونڊي ڌاڙيلن جون گوليون ٻيڙي وارن جي سينن تائين نہ ٿي پھچي سگهيون. ان زماني جي لحاظ کان اهي ٻيڙيون بار برادري جي ڪم لاءِ گهڻو موزون هونديون هيون. گنجائش جي حساب سان مختلف قسم فصل، مال متاع، ڍور ڍڳو، شراب جا ڊرم وڏي تعداد ۾ لڏيا ويندا هيا. ٻيڙي کي ڇڪڻ لاءِ گهڻن ماڻھن جي بہ ضرورت نہ پوندي هئي ۽ سامان سولائي سان ۽ حفاظت ۾ نيو اورلينز تائين پھچي ويندو هيو. لنڪن لاءِ ٻيڙي ٺاهڻ وارو ڪم نئون نہ هو. ايڏي وڏي ماپ جو ٻيڙو هُن هِن کان اڳ ۾ ڪڏهن بہ نہ ٺاهيو هو. پر ننڍين ننڍين ٻيڙين جي ٺاهڻ ۾ پنھنجي پيءُ جو ساٿ ڏيندو هو. هن کي چڱي ريت پروڙ هئي تہ وڻ جا بنڊ ڪيئن ڪاٽيا وڃن ۽ انھن کي ڪھڙي ريت سڌو يا هموار ڪيو وڃي ۽ ڪھڙي ريت ڪاٺين جا جوڙ مضبوطيءَ سان ويھاريا وڃن ٿا. جيمز جينٽري بہ ڪو سڌو ماڻھو نہ هيو. ان ڪري هن بہ ابراهم کي نوڪر رکڻ کان اڳ ۾ ان ڳالھہ جو چڱي ريت اندازو ڪري ورتو هو تہ ابراهم وڏي محنت، مشقت ۽ سچائي سان هن نوڪري جون سڀ گهرجون ۽ شرط پوريون ڪندو. ان ڪري هن ابراهم کي ٻين جوانن تي ترجيح ڏني.
انھن ڏينھن ۾ دريائي سفر بہ ڏاڍا خطرناڪ هوندا هيا. ڪاٺ جون معمولي ٻيڙيون، پرشور ۽ مست دريائن جي تيز وهڪرن ۽ لھرن جا ٿپڙ سھنديون هلنديون رهنديون هيون. ان دؤر جي ملاحن کي صرف رات جي اونداهين، زوردار موجن، طوفانن جي ڳڻتي نہ هوندي هئي. ان کان علاوہ جڳھہ جڳھہ تي سامونڊي ڌاڙيل، پنھنجي شڪار جي تاڙ ۾ ويٺا هوندا هيا. انھن سامونڊي شيطانن مان شايد ئي ڪو قسمت جو ڌڻي ۽ سخت جان بچي نڪري ويندو هو. نہ تہ اڪثر ڪري رستي ۾ مقابلو ڪندي ڪندي ايئن ئي درياءُ ۾ غرق ٿي ويندا هيا، جو نہ ڪڏهن انھن جو ڪو جنازو کڄندو هو ۽ نہ ئي وري ڪٿي ڪا انھن جي قبر هوندي هئي.
انھن ڌاڙيلن ۾ سڀني کان خطرناڪ ڌاڙيل مائيڪ فنڪ Mike Fink هيو. هن جي بادشاهت سڀني بحري رستن تي رائج هئي. مڙني بحري جھازن جا مسافر ۽ ملاح هن جي نالي ٻڌڻ سان ئي ڏڪڻي جو شڪار ٿي ويندا هيا. هن جو ٽولو وڏي حڪمت عملي سان سامونڊي مسافرن کي پيو لٽيندو هو ۽ جيڪي ماڻھو مقابلو ڪندا هيا، انھن کي وڏيون ازيتون ڏيئي ماريندا هيا ۽ جيڪي پڪڙجي پوندا هيا تہ انھن جا نڪ ۽ ڪن ڪپي ڇڏيندا هيا ۽ انھن جو اکيون ڪڍي ڇڏيندا هيا ۽ ان کان علاوہ ٻيون بہ حيواني ازيتون ڏيئي انھن کي موت جو مزو چکائيندا هيا.
اهو بلڪل شروعاتي دؤر جو ذڪر آهي. آهستي آهستي انھن بحري قذاقن جو دؤر گهٽ ٿيندو ويو. مائيڪ فنڪ جو ٽولو بہ پنھنجي موت پاڻ مري ويو. جنھن زماني ۾ ابراهم ۽ ان جي ساٿي ايلن 1828ع جو سفر جو سانباهو ڪيو تہ رستا انھن ڏينھن ۾ ايترا خطرناڪ نہ هيا. هنن کي ان ڳالھہ جو ڪو ڀوءَ نہ هيو تہ ڪو قذاق هنن جو نڪ يا ڪن ڪپي کڻي ويندو پر تنھن جي باوجود اهو سڄو سفر صفا خطري کان خالي بہ نہ هيو. مائيڪ فنڪ نہ سھي پر هن جا ٻيا ڀائر پوءِ بہ ان سامونڊي رستن تي شڪار جي تلاش ۾ پيا رولاڪيون ڪندا وتندا هيا ۽ اڪثر ڪري هنن کي ڪو نہ ڪو شڪار ملي ئي ويندو هو.
اهي سامونڊي لٽيرا پوءِ بہ قزاقن کان ڪجهہ گهٽ هيا ۽ ايڏا دلير ۽ خطرناڪ بہ نہ هيا. اڪثر ڪري ائين ٿيندو هو جو باربرادري ڪنھن سامان يا مسافرن کي کڻي هلندي، سامونڊي لھرن، شور ۽ ڇولين سان ملي هڪڙو ڊيڄاريندڙ آواز، ڀنل فضا ۾ گونجندي هئي. پر جڏهن ڪو سامونڊي لٽيرو مسافرن کي هشي ڏيئي مقابلو ڪرڻ لاءِ اتساهيندي چوندو هيو تہ؛
”بزدلو!توهان مان ڪو بہ جوان مرد مون سان مقابلي لاءِ تيار ناهي؟. آهي ڪو ماءُ جو لال جيڪو پنھنجي سر کان بيزار هجي، اهو ٻاهر نڪري اچي. مان سامونڊي ديو آهيان –ديو، اڌ انسان آهيان ۽ اڌ حيوان. ها ها ها. ڊڄڻا ڪنھن جاءِ جا. عورتن وانگي چوڙيون پائي گهر وڃي ويھي رهو يا اچي مردن جيان مون سان مقابلو ڪيو“.
مسافر پنھنجي مستي ۾ ٻيڙون هلائيندا رهندا آهن. انھن کي خبر هوندي آهي تہ اهي لٽيرا اهڙي قسم جون هشون ڏيندا رهندا آهن. ابراهم کي ڪاوڙ گهٽ ايندي هئي. جيمز جينٽري کي خبر هئي تہ ان قسم جي بحري سفر ۾ ڪا اهڙي قسم جي مصيبت اچي سر تي ڪڙڪي تہ هن جي پٽ ايلن جي مدد لاءِ ابراهم جھڙو پلھوان ساٿي موجود آهي. جيڪو ٻيڙي ۽ ان ۾ لڏيل سموري سامان جي حفاظت ڪرڻ پڻ ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن هڪدفعي هو اوهيو جي ڪناري تي گهمڻ ڦرڻ وارن بحري قزاقن کان بچي ويا تہ پوءِ ننڍن وڏن لٽيرن جو مقابلو ڪرڻ سولو آهي ۽ هو آساني سان نيواورلينز تائين پھچي ويندا.
اڃان بھار جي موسم جو پھريون جهونڪو بہ نہ گهليو هو جو شاھہ بطوط جي سڪل پنن جو فرش زمين تي وڇائجي ويو هو. انھن پنن ۾ ڪٿي ڪٿي گلن جو ڍير بہ ٿيل هو. ائين لڳي رهيو هو جو ڄڻ قالين جو فرش وڇايل هجي. اڃان گلن جي بند ٿيل ڪالين ۾ موجود خوشبو صبح جي هوا کان منتشر ئي نہ ٿي هئي جو ابراهم ۽ ايلن پنھنجو جھاز پاڻي تي لاٿو. ٻيڙي ۾ نئين ڪاٺ جي خوشبو اڃان تائين اچي رهي هئي. هن ٻيڙي ۾ ٻنھين اناج، مال متاع ۽ واپار جو ٻيو سامان کپائڻ لاءِ سٿي ڇڏيو هو ۽ پنھنجي بحري سفر تي روانا ٿي ويا هئا.
اوهيو درياءُ جو هي حصو ڪنھن حد تائين پرسڪون هو. نيري رنگ جو شفاف پاڻي نرم ڪپھہ سان وهندو، ڪنارن تي ڦٽيل خودرو وڻن، گلن، ٻوٽن ۽ ٽٽل ٽاريون جھاز کي پنھنجي آغوش ۾ کڻي آهستي آهستي اڳتي وڌي رهيون هيون.
ان موسم ۾ ڪجهہ پکي پنھنجي نون آکيرن جي تلاش ۾ لڏ پلاڻ ڪندا نظر ايندا آهن. هنس پکي ۽ ٻين پکين جو ولر اتر طرف اڏرندي نظر پئي آيا. جنھن وقت سفيد رنگ جي هنس پکين جو ولر هنن جي مٿان ٻوليون ٻوليندا لنگهي ويا تہ نيرو آسمان ڄڻ تہ ويران ٿي ويو هجي. پري کان ٻگهہ پنھنجي شڪار لاءِ، مڇين تيِ پاڻي ۾ غوطا هڻندي نظر آيا. رات جو ڏيڏرن جي ٽان ٽان پاڻي جي آواز سان ٽڪرائجي سامونڊي سفر جي تنھائين ۾ اضافو ڪري ٿي ڇڏيو.
پر ابراهم ۽ ايلن ان صبر آزما سفر مان ڪڏهن بہ خفا نہ ٿيا. صبح کان شام تائين لھرن ۽ موجن جي سھاري پنھنجي ٻانھن جي ٻل تي ٻيڙي کي ڌڪيندا رهيا. رات جو واري واري سان ٻيڙي جي هڪڙي ڪنڊ ۾ ليٽي آرام ڪندا هيا. ننڊ تہ ڇا پر ٿڪاوٽ ۽ بيچيني کان ڇوٽڪاري لاءِ ٿوري دير لاءِ اک لڳي ٿي وين ۽ پوءِ وري هي تازو توانا ٿي، اٿي ويھي رهندا هيا. صبح ۽ شام اهڙي ريت پيا گزاريندا هيا. هاڻي اهي مسي سي پي جي دلدلي علائقي ۾ داخل ٿي رهيا هيا.
1811ع کان ئي آمريڪا ۾ ٻاڦ جي ٻيڙين جو رواج شروع ٿي ويو هو. ان وقت ابراهم جي عمر فقط ٻارنھن تيرنھن سال کن هئي. 1817ع ۾ سامونڊي سفر جي واسطي اٺ ٻاڦ تي هلندڙ ٻيڙيون تيار ٿي ويون هيون ۽ پوءِ وري ٻن سالن جي قليل عرصي ۾ ئي گهٽ ۾ گهٽ 60 ٻيون بہ ٻيڙيون تيار ٿي ويون هيون. سڙھہ واريون ٻيڙيون، معمولي ناو ۽ ٻين بار کڻڻ وارين ٻيڙين کان علاوہ جن تي مال متاح، اناج، سامان ۽ مسافر سوار هيا، ابراهم ۽ ايلن ڪجهہ وڏيون وڏيون ٻاڦ واريون ٻيڙيون بہ ڏٺيون. جن تي ڪاري رنگ جو دونھون نڪري آسمان جي نيري فضا ۾ گم ٿي رهيو هو.
جيڪڏهن ابراهم ۽ ايلن ڪجهہ سال اڳ ۾ لنگرانداز ٿين ها تہ هنن کي هڪڙي تمام خطرناڪ قسم جي ٻاڦ واري ٻيڙي ويسٽرن انجنيئر نظر اچي ها. هي ٻاڦ واري ٻيڙي آمريڪي فوج جي ملڪيت هئي. پري کان ازدها نانگ جي شڪل جي نظر اچي پئي. جڏهن هن جي چمني مان تيز سيٽي جو آواز ايندو هيو تہ مقامي خونخوار ماڻھن تي خوف کان ڏڪڻي تاري ٿي ويندي هئي. هن دفعي تہ ابراهم ۽ ايلن سان اهڙي قسم جو ڪو بہ دلچسپ واقعو پيش نہ آيو ۽ نہ ئي ڪو اهڙي قسم جو تجربو ٿيو ۽ هنن کي سفر جو مزو اچي ويو.
ان دؤر جو هڪڙو مشھور ڪتاب آهي ”دي نيوي گيٽر“"The Navigator," (ملاح) هن ڪتاب ۾ ان دؤر جي ملاحن ۽ جھاز رانن لاءِ مختلف هدايتون درج آهن. هي ڪتاب صدين تائين مستند سمجهيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ اهو هيو تہ مسي سي پي جي ڪنارن تي ڪڏهن ڪڏهن مٽيءَ جا هٿراڌو دڙا بہ ٺھي ويندا آهن. اهي دڙا/ڪنارا/بند جھاز رانن لاءِ ڪڏهن ڪڏهن انتھائي خطرناڪ ثابت ٿيندا آهن. اهڙي طري واريءَ/ريت جا ننڍڙا ننڍڙا متحرڪ جزيرا بہ قائم ڪري ويھندا آهن. ٿيندو ائين آهي جو ڪاٺ جا بنڊ ۽ وڏا وڏا وڻ پاڻي ۾لڙهي ويندا آهن. انھن تي وري سمونڊ جي مٽي جمع ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ جزيري جي شڪل اختيار ڪري ويندا آهن ۽ اهي جزيزه تيز ترين لھرن ۽ ڇولين جي اڳيان ريزه ريزه ٿي ويندا آهن ۽ ان جي ڪري اوسي پاسي جون ٻيڙيون ۽ ننڍا جھاز تباھہ ٿي ويندا آهن.
اها ڳالھہ وثوق سان تہ نہ ٿي چئي سگهجي تہ لنڪن انُ ڪتاب جو مطالعو ڪيو يا نہ، پر قياس آرائي ڪري سگهجي ٿي تہ هن اهو ڪتاب ضرور پڙهيو هوندو. ڇو تہ هو هر وقت ڪو نہ ڪو ڪتاب پڙهندو رهندو هو. ان کان علاوہ هن کي بحري سفر سان بہ دلچسپي هوندي هئي. ان ڪري يقينن هي ڪتاب هن جي معلومات ۾ اضافي جو ڪارڻ بڻيو هوندو.
نيواورلينز پھچڻ کان اڳ ۾ مادام ڊوشين "Madame Dosheen" جو علائقو ايندو هيو. لنڪن پاڻ ۾ صلاح مشوري کان پوءِ هتي پنھنجي ٻيڙي کي لنگرانداز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. بقول لنڪن جي تہ ٻيڙي ۾ جيڪو سامان لڏيل هيو، ان جي نوعيت ئي ڪجهہ اهڙي هئي جو اسان جي لاءِ هن علائقي ۾ قيام ڪرڻ انتھائي ضروري ٿي پيو هو. بس ان رات جو ئي قيام قزاقن لاءِ شب خون جو ڪارڻ بڻجي ويو.
سفر جي ٿڪاوٽ جي ڪري ٻنھي جو انگ انگ چور ٿي ويو هو. رات جو ٻيڙي جي ڪنھن ڪنڊ ۾ اک بند ڪري سمھي پياسين. بس ٿوري دير ۾ ئي رات جو هتان جا مقامي ماڻھو ٻيڙي ۾ ٽپي پيا. ائين لڳي پيو تہ اهي اسان ٻنھين جو خون ڪري ٻيڙي کي لٽي ويندا. پر انھن قزاقن کي ڪھڙي خبر تہ هي ٻيئي انھن ستن ڄڻن تي ڀاري هيا. سو ايلن ۽ ابراهم وڏي بھادري سان هنن سان مھاڏو اٽڪايو ۽ لٺن، ڏنڊن سان انھن کي ڪٽي ڪٽي، ماري ڀڄائي ڇڏيو. ڪجهہ تہ هڪدم ئي ڀڄي جان بچائي ويا، پر ڪن تي وري پنھنجي هٿن پيرن کي آزمائڻ پئي چاهيو، پر ابراهم جي حملي جو مقابلو ڪرڻ، موت کي دعوت ڏيڻ جي برابر هيو. پر پوءِ اهي بہ ڀڄي جان بچائي نڪتا ۽ ايلن تہ انھن جي پويان ٿورو ويو بہ، پر رات جي اونداهي ۾ پنھنجي منزل کان پري نڪري وڃڻ، مصلحت جي خلاف هيو. ان ڪري هو اتان ئي موٽي آيو.
ان کان پوءِ هنن هڪدم اتان لنگر کنيو ۽ ٻيڙي کي تڪڙي تڪڙي ڇڪڻ لڳا. صبح ٿيندي ئي هو ڪناري کان ڪافي ڏور نڪري آيا هيا. ابراهم جي اک جي مٿان زخم ٿي پيو هو. ان جو نشان سڄي زندگي نہ مٽيو. اهو ڌڪ هن ڪارن ماڻھن جي هٿان کاڌو هيو. ان ڌڪ جو نشان هن جي ڀرو جي مٿان سدائين لاءِ اڻ مٽ رهيو. پر هن جي دل ۾ ٿورو بہ پڇتاءُ نہ هيو. ڪارن ماڻھن لاءِ هن جي دل ۾ ڪڏهن بہ نفرت جو جذبو نہ اڀريو. هن کي خبر هئي رنگ ۽ نسل جو تعلق قذاقي ۽ شرافت سان ڪجهہ بہ نہ آهي. ڪيترائي گورا بہ قذاقي جي پيشي سان وابستا هيا ۽ اڪثريت ڪارن جي شرافت ۽ معقوليت سان زندگي گزاريندا هيا.
لنڪن سڄي زندگي ڪارن ماڻھن جي فلاح و بهبود لاءِ ڪم ڪندو رهيو. ان ڪري تقريبن 35 سالن کان پوءِ لنڪن ايمنسپيشن پروڪليميشن Lincoln Emancipation Proclamation تي دستخط ڪري آمريڪا جي رياستن جي هر ڪاري ماڻھوءَ کي غلامي جي زنجيرن مان آزاد ڪرايو.
نيواورلينز جي بندرگاھہ تي ابراهم ۽ ايلن جي تماشا طلب نگاهن لاءِ هڪڙي نئين ڳالھہ نروار ٿي هئي. ڏاکڻي انڊيانا جي جنگلن جي مقابلي ۾ نيواورلينز جو شھر جديد طرز تي تعمير ٿيل هو ۽ ضرورت جي هر شي سان آرائستہ هيو. ٻيڙين جون ميلن تائين ڊگهيون قطارون بندرگاهن جي ڪنارن جي سونھن بڻيل هيون. مختلف ملڪن جا ٻاڦي جھاز سامان سان سٿيل، فضا ۾ دونھون ڪڍندي بندرگاھہ تي اچي لڳندا هيا. اجنبي ملڪن جا ملاح، جن جي ڪنن ۾ سونيون واليون پيون لڙڪنديون هيون، اهي جھاز جي وڏن ۽ ٿلھن واڍن/رسن وارن ڄارن تي چڙهندي ۽ لھندي نظر ايندا هيا.
شھر جا گهر مختلف قسم جي خوبصورت رنگن سان سينگاريل هيا، پري کان ڪنھن شاندار انڊلٺ جو ڏيک ڏيندا هيا. گهرن جي ڄارين وارن درين تي انگور جون ۽ عشق پيچانHedera Heliy (هي هڪ ول جو قسم آهي) جون وليون چڙهيل هونديون هيون. جن جا خوبصورت رنگ برنگي گل ماحول کي کنيو بيٺا هيا. شھر جي گهٽين ۽ رستن تي مختلف قومن ۽ نسلن جا ماڻھو رهندا هيا. جن ۾ ڪي فرانسيسي، اسپيني ۽ ميڪسيڪو جا ماڻھو هيا. غلامن جو بہ هڪڙو وڏو انگ نظر ايندو هيو.
وڻ وڻ جي ڪاٺي هئي، الڳ الڳ ٻوليون هيون، ماڻھن جي گوڙ، هل ۽ ڌمچر سان گرجا جي گهنڊ جي ٽن ٽن جو آواز ملي جلي هڪڙو عجيب آواز پيدا ڪن پيا.
ابراهم ۽ ايلن جو ڪم جلدي ئي ختم ٿي ويو هو ۽ هو گهر واپس ورڻ جي تياري ڪرڻ لڳا. واپسي ۾ ابراهم کي ٻاڦ تي هلڻ واري جھاز ۾ وڃڻو هيو. اهو جھاز ٻہ ماڙ هيو. جھاز ڇا هيو، هڪڙو چڱو خاصو محل هيو ڄڻ. خوبصورت سينگاريل ڪمرا، قالين، ريشمي پردن سان گڏ هال ۾ ميزن، ڪرسين تي ويھڻ لاءِ الڳ الڳ ڪمرا. ابراهم هن جھاز کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. جھاز جو ڪيپٽن گريا هن آبي سلطنت جو بادشاھہ هيو. ابراهم جي دل ۾ بہ اهڙي ئي جھاز جي ڪيپٽن ٿيڻ جي تمنا جاڳي پئي هئي.
ابراهم ٻن مھينن کان پوءِ جون جي مھيني ۾ ڏاکڻي انڊيانا پھچي ويو. واپس ٿيندي ئي هن پنھنجي هڪڙي بااثر دوست وليم ووڊ William S. Wood کي پنھنجي واسطي هڪڙي شفارس ڪرڻ لاءِ چيو. ان واقعي جو ذڪر ووڊ ايئن ڪيو تہ؛ ”هڪڙي ڏينھن ابراهم منھنجي گهر آيو. هو ڏاڍو خاموش خاموش پئي لڳو ۽ ڪجهہ وري شرميلو بہ پئي لڳو. ائين لڳو تہ هو ڪجهہ چوڻ چاهيندو هجي، پر چوڻ ۾ ڪجهہ هٻڪائي رهيو هو. مان سمجهي ويو هئس تہ هو ڪجهہ چوڻ ٿو چاهيو. مون هن کان پڇيو،”ابراهم! ڇا ڳالھہ آهي، ڪھڙي پريشاني ٿئي“.
”چاچا سائين!“ ابراهم گهٻرائيندي چيو. ”مان چاهيان ٿو تہ توهان ڪنھن بندرگاھہ وڃي ڪنھن جھاز جي مالڪ سان منھنجي سفارش ڪري اچو، مان جھاز جو ڪيپٽن ٿيڻ چاهيان ٿو“.
”ابراهم!“. مون هن کي غور سان ڏسندي چيو. ”تنھنجي ننڍڙي عمر تنھنجي راھہ ۾ رڪاوٽ آهي. اڃان تون پورن 21 سالن جو بہ نہ ٿيو آهين. ايتري ننڍي عمر ۾ ڪير تو کي ايڏي وڏي عھدي تي رکڻ جي همت ڪندو“.
”مون کي خبر آهي، پر مان هاڻي کان ئي ڪم شروع ڪرڻ چاهيان ٿو“. ابراهم چاچي کي مطمئن ڪرڻ لاءِ چيو.
لنڪن جي ئي ڀلائي لاءِ هُن شخص، هن سادي ماڻھوءَ جي شفارش نہ ڪئي ۽ ابراهم سڄي زندگي ٻاڦ واري جھاز جو پائليٽ نہ ٿي سگهيو. ابراهم جا ڏينھن مزي وارا نہ پيا گذرن. هو ڪڏهن ڪڏهن تہ صفا مايوس ٿي ويندو هو، پر اها مايوسي ڪڏهن بہ هن جي دل آزاري جو ڪارڻ نہ بڻي. هو هر وقت پڙهندو رهندو هو. ان سان گڏ هو لطيفن، ٽوٽڪن ٻڌائڻ ۽ مشڪرين وارن ڪم ۾ محو هيو. پر هن کي زندگي بي مقصد لڳندي هئي. ان دوران هن جو گرگز خاندان سان بہ جهيڙو ٿي پيو هو. ان جو سبب اهو هيو تہ آرون گرگز بي Aaron Grigsby هن جي پياري ڀيڻ سارا سان شادي ڪري ڇڏي هئي. سارا جي پھرئين اولاد ٿيڻ واري موقعي تي هنن ماڻھن ڪنھن بہ قسم جا ڪي ضروري اپاءُ نہ ورتا هيا ۽ ابراهم جي پياري ڀيڻ سارا ويم جا سور برداشت نہ ڪري سگهي ۽ هو 20 سالن جي عمر ۾ ﷲ کي پياري ٿي ويئي. ابراهم کي سارا جي وڇوڙي جي ڪري ڏاڍي تڪليف پھتي هئي. هو سمجهندو هو تہ آرون جي غلفلت جي ڪري ئي هن جي ڀيڻ جو سر ويو. ان ڪري هو انھن سڀني ماڻھن سان ناراض هيو.
هن جي عمر جا 21 سال پورا ٿيڻ وارا هيا. انھن ڏينھن جي قانون موجب 21 سالن جا ٻارڙا قانوني طور تي پنھنجي والدين جي زير نگراني ۽ انھن جي ئي اختيار ۽ ضبط ۾ رهندا هيا. ان کان پوءِ اهي بالغ قرار ڏنا ويندا هيا. ان کان پوءِ اهي آزاد هوندا هيا، اهي جتي چاهين اتي وڃي سگهن پيا ۽ جيڪو چاهن ڪري سگهن پيا.
ان ڪري ابراهم جڏهن ٻڌو تہ هن جا والدين هڪڙو دفعو ٻيھر لڏ پلاڻ ڪرڻ چاهين ٿا تہ هن کي ڪا خاص پريشاني نہ ٿي. هن دفعي هي مرڪزي ايلينوس Logan County, Illinois جي وسيع ترين چراگاھہ/مرغزار جي علائقي ۾ قسمت آزمائڻ لاءِ وڃڻ چاهن پيا.
Abraham Lincoln said:
“I'm a success today because I had a friend who believed in me and I didn't have the heart to let him down.”
"Nearly all men can stand adversity, but if you want to test a man's character, give him power."
"I would rather be a little nobody than to be an evil somebody."
"I have been driven many times upon my knees by the overwhelming conviction that I had nowhere else to go. My own wisdom and that of all about me seemed insufficient for that day."

الينواءِ Illinois جي سرحد

”مان ايڪويھہ سالن جي عمر ۾ الينواءِ پھتو هيس“. ابراهم لنڪن

نوجوان لنڪن کان علاوہ هتان جا ڪجهہ ٻيا ماڻھو بہ هن علائقي کان گهٻرائجي ويا هئا. پيجن ڪريڪ Pigeon Creek جي علائقي ۾ هڪدفعو ٻيھر بيماري ڦهلجي ويئي هئي. صرف هڪ هفتي ۾ ئي ڊينس هنيڪس جون چار ڳئون ۽ يارنھن گابا مري چڪا هيا. ٽام لنڪن جي عمر ان وقت 22 سالن جي هئي. پر هن جي لاءِ تاحال ساڳيو ئي پھريون ڏينھن هيو. جڏهن هو انڊيانا پھريون ڀيرو آيو هو، تڏهن هن جا هٿ خالي هيا. اهو ڏينھن ۽ اڄوڪو ڏينھن هن جي مفلسي ۽ غربت جو اهو ئي ساڳيو حال هيو. زندگي ۾ ناڪامين هن جو ساٿ نہ ڇڏيو هو. اڃان بہ شايد زندگيءَ جون ڪجهہ لتون هن جي قسمت ۾ لکيل هيون. ان ڪري جڏهن ماڻھو واباش دريا Wabash River جي هن پار مرڪزي الينواءِ جي زرخيز ۽ سون ڏيڻ واري زمينن جو ذڪر ڪندا هيا تہ هي اهي ڳالھيون وڏي دلچسپيءَ سان ٻڌندو هو.
بعد ۾ لنڪن هنيڪس، هالز ۽ جانسٽنسز جي انڊيانا کان لڏ پلاڻ جو ذڪر ڪندي ڊينس هنيڪس چوندو هيو ؛
”مون کي ياد آهي تہ سڀ کان اڳ ۾ جان هنيڪس الينواءِ ڏانھن هجرت ڪرڻ جو سوچيو ۽ انڊيانا کان نڪري پيا. الينواءِ پھچي هنن خط لکڻ شروع ڪيا تہ توهان سڀ ماڻھو هتي اچي وڃو. مون توهان سڀني جي لاءِ هتي زمينون وٺي ڇڏيون آهن. ٽام هميشہ قرضائي رهندو هيو. اڄ ڏينھن تائين هن انڊيانا جي زمينن جا پئسا ادا نہ ڪيا هيا. ان ڪري هو اهي سڀ زمينون ڇڏي هتان نڪري وڃڻ جو سوچيو. هن پنھنجو اناج، فصل ۽ مال متاع کپائي ڇڏيو. ڪجهہ سامان گڏ ڪري، لنڪن جا گهروارا، هنيڪس جا ۽ جونسٽن جا گهروارا پنھنجو پنھنجو سفري سامان ڏاند گاڏين ۾ لڏي هڪدفعو ٻيھر الينواءِ جي علائقي ڏانھن روانا ٿيا. مون کي ائين لڳي پيو تہ ڄڻ تہ بني اسرائيل جي خانہ بدوشن جيان اسان جو قافلو بہ نئين ڪنعان ڏانھن هميشہ هلندو رهندو.
نئين ڪنعان جي سرزمين کير ۽ ماکي جي سرزمين گويا وابش Wabash River جي ٻي ڪناري اسان جي منتظر هئي. هن سرزمين جا شاندار ساوڪ ڀريا چراگاھہ اسان جھڙن خبر ناهي ڪيترن قافلن کي دعوت ڏيئي چڪا هئا.
ٽام لنڪن پنھنجو سڀ ڪجهہ کپائي پنھنجا پئسا وصول ڪري ورتا. ان کان پوءِ دوستن ۽ پاڙيسرين کي الوداع ڪري، گهر جو سڀ سامان ڏاند گاڏين ۾ رکي، عورتن، ٻارڙن ۽ مال متاع کي گاڏين ۾ وجهي روانا ٿيا. ابراهم رستي ۾ ئي چرچا، کل ڀوڳ ۽ مزاق مستيون ڪندو هليو. ڪيڏي ڪيڏي مھل تہ هن تي سنجيدگي بہ طاري ٿي پئي ويئي. ائين لڳي پيو تہ هو ڪنھن اهم مسئلي تي سوچ ويچار ڪري رهيو آهي. ان زماني ۾ ڊينيل ويبيسٽر
Daniel Webster سينيٽ ۾ هڪڙي وڏي ڪڙڪيدار تقرير ڪئي هئي. جنھن ۾ هن چيو هو تہ “ڪا بہ رياست ملڪي قانون کي نظرانداز نہ ٿي ڪري سگهي. ويبيسٽر جي ان تقرير جو مشھور جملو لنڪن ڪڏهن بہ نہ وساري سگهيو. آزادي ۽ رياستي اتحاد هاڻي اڳتي هميشہ گڏ رهندا“.
ان برفاني سفر ۾ تيرنھن همسفر هيا. ٽام، سارا بش، جونسٽن، ابراهم، سارا جو پٽ جون جونسٽن، سارا جي ڇوڪري ايليزبيٿ جنھن جي شادي ڊينس هنيڪس سان ٿي هئي. ان جا چار ٻار. سارا جي ٻي ڌي مٽيسڊا ۽ هن جو مڙس اسڪوائر هال ۽ انھن جو ننڍڙو ٻارڙو.
لنڪن هن سفر کي ڏاڍو تڪليف وارو ۽ ڀوڳيندڙ ٻڌائيندو هيو. اهو قافلو آهستي آهستي واباش درياءُ Wabash River جي ڪناري وينسينس Vincennes جي شھر ڏانھن وڌندو ويو. وينسينس انڊيانا رياست جو سڀ کان وڏو شھر هو. اتي پھچي هنن درياءُ پار ڪيو ۽ الينواءِ جي مرغزارن (ساون چھچ ميدانن) جو رخ ڪيو. هي ڏاڍو ڏکيو سفر هيو. سخت سرديءَ جو موسم شروع ٿي چڪي هئي. گاڏي جا ڦيٿا ڄميل دلدل ۾ ڦاسي ٿي پيا. ڊينس هنيڪس هن سفر جو ذڪر ڪندي چوندو هيو تہ؛
”اسان کي ان مختصر رستي کي طئي ڪرڻ ۾ بہ پورا ٻہ هفتا لڳا. جهنگلن، ميدانن ۽ فصلن مان گذرندا، اسان پنھنجي منزل ڏانھن وڌندا رهياسين“.
هي علائقو اڃان تائين غير آباد هيو. هر هنڌ پاڻيءَ جا چشما ۽ ناليون وهي رهيون هيون. ان سڄي رستي تي اڃان تائين ڪا هڪڙي پل بہ نہ ٺاهي ويئي هئي. چشمن جي مٿاڇري تي سخت سيءَ جي ڪري برف جي سنھڙي تھہ ڄمي ويئي هئي. ڏاند گاڏي جڏهن انھن چشمن تان گذرندي هئي تہ اهي برف جون تھون ٽٽي پونديون هيون ۽ پاڻي وهي ويندو هو. ابراهم وٽ هڪڙو ننڍڙو ڪتو هوندو هيو. هو سمورو رستو، وڏي وفاداريءَ سان، هن سان گڏ هلندو رهيو. هڪڙي دفعي تہ جڏهن ابراهم چشمو ٽپي آيو ۽ پويان مڙي ڏٺو تہ چشمي جي ڪناري تي ويچارو ڪتڙو ويھي رهيو هو. سيءُ جي ڪري چشمي جي ٿڌي پاڻي کي پار نہ پئي ڪري سگهيو.
هو هڪ ڪتي جي جدائي بہ برداشت نہ ڪري سگهيو. ابراهم ان واقعي جو ذڪر ڪندي چيو هو تہ،“مون هڪدم پنھنجا بوٽ ۽ جوراب لاهي ورتا ۽ مون سخت سيءَ جي پرواھہ ڪرڻ بنان ئي چشمو پار ڪري ڪتي ڏانھن، چشمي جي ٻي پاسي پھچي ويس ۽ سيءُ مان ڏڪندڙ ڪتي کي بغل ۾ هڻي، ٻي ڪناري تي کڻي نڪري آيس. ان ڪناري تي پھچي ڪتي شڪرگذاري جي اظھار لاءِ ٽپ ڏيڻ لڳو ۽ هري هري منھنجي پيرن تي اچي ڪِرڻ لڳو ۽ پڇ لوڏڻ لڳو. ان مان اهو ٿيو جو مون کي جيڪا سيءَ جي ڪري تڪليف آئي هئي، ان درد جو درمان ٿي ويو هو.
مارچ 1830ع جي شروعاتي ڏينھن ۾ ڏاند گاڏين جو هي قافلو سنگامون دريا Sangamon River جي اتر ڏانھن ويڪٽيور کان ڏھہ ميل ڏاکڻي علائقي ڏانھن ڪاٺين جي جهنگل ۽ مرغزارن تائين پھچي ويو. هن قافلي جي پنج ماڻھن جلدي جلدي ۾ ڪاٺ جو هڪڙو ڪيبن تيار ڪري ورتو. ان ننڍڙي ئي ڪيبن ۾ 13 ئي ڄڻا، سڀئي ئي مائٽ 1830ع جي سموريون سردين، گرمين ۽ برساتين ۾ گڏ رهياسين. بلڪہ 1830ع 1831ع جون طوفاني سرديون بہ هنن هتي ئي گذاريون.
ابراهم ننڍپڻ کان ئي بنڊ/ڪاٺ ڪاٽيندو رهندو هيو. هتي هن کي وري بہ ڪاٺ چيرڻ جو ڪم ڪرڻو پيو. ميڪن ڪائونٽي Macon County ۾ ڏھہ ايڪڙ جي زمين تي فصل پوکيو ويو هو. ان سڄي علائقي جي چئني پاسن کان ڪاٺ جي تختن جون ديوارون ٺاهڻ جي لاءِ هن هزارين تختا چيري ٺاهيا. ان کان علاوہ ٻين نون آبادگارن لاءِ بہ ابراهم پنھنجي ماروٽ سان گڏجي تقريبن چار هزار تختا معمولي اجرت تي چيري ورتا.
1830ع جي موسم بھار ۾ هن چراگاهن جي زمين جي صفائي ڪريم پنھنجن هٿن سان هن سڄو جهنگ ڪاٽي زمين کي صاف ڪري ڇڏيو. ان تي ئي وري هن هر ڪاهيا ۽ زمين کي آباد ڪرڻ جي لائق ڪيو. هن کي پنھنجي محنت جو صلو بہ ملي ويو هو. جولاءِ جي مھيني ۾ ئي فصل گوڏن تائين تيار ٿي ويو هو ۽ سيپٽيمبر ۾ ئي ڪڻڪ جا آنڀو بہ پچي تيار ٿي ويا. پر خزان جي موسم سان ئي بخار ۽ بيماري جو دؤر بہ شروع ٿي ويو ۽ ائين لڳندو هو جو هن دفعي واري ايندڙ موسم اڃان بہ سخت ۽ تڪليف ڏيندڙ هوندي.
1830ع ڪرسمس جي ڏينھن ئي برفباري شروع ٿي ويئي هئي. هڪڙي تمام سخت طوفاني لھر آئي. جنھن سڄي فصل ۽ گاھہ واري ميدانن کي وڪوڙي ڇڏيو هو. موسم ايڏي خطرناڪ ٿي وئي هئي جو جيڪي ماڻھو پنھنجي ڪيبن کان فقط چند گزن جي فاصلي تي بہ نڪري وڃن پيا تہ اهي طوفان ۾ ڦاسي پون پيا، ڍير ٿيل برف جي مڻن ۾ دٻجي وڃن پيا ۽ پوءِ انھن جا لاش سڄي موسم ان برف ۾ ئي دٻيل رهن پيا. جڏهن برف ڳرندي هئي تہ ان جي هيٺان ڄميل ماڻھن کي ڪڍيو ويندو هو.
ڪيترن ڏينھن تائين تہ سڄو الينواءِ، ان سردي ۽ برفباري واري موسم جي ور چڙهيل رهيو. سڀني رستن تي ٽي ٽي ڦٽ جي برف ڄمي ويئي هئي. ڪيترن علائقن ۾ تہ گهرن جي ڇتن تائين برف جا ديرا ڄميل هيا ۽ اهي سڀئي گهر برف جي چادر ۾ ڍڪجي ويا هيا. ان وٽ ٿرماميٽر مائينس 12 پيو ٻڌائي. پوءِ ٿوري دير جي لاءِ برفباري وري ٻيھر ٿي ۽ چند انچ وري برف اڃان بہ ڄمي ويئي. جيڪڏهن ڪو گهوڙو يا ڪا ڳئون جيڪا ڇت کان ٻاهر رهجي ويئي، تہ ان کي طوفاني برفباري مڻن جي برف هيٺان پوري ٿي ڇڏيو. سفيد پڇ وارن هرڻن سان بہ اهو ئي ٿيو جو انھن جي تہ سڄي نسل ئي ان ۾ غرق ٿي ويئي. شروع شروع ۾ گدڙن ۽ بگهڙن کي انھن مئل جانورن مان وڏو فائدو پھتو، گهرئي بنان ئي دعوت ملي ويئي. پيٽ ڀري انھن برف ۾ دٻيل جانورن جون ٻوٽيون پٽي پئي کاڌيون. پر جلدي ئي وري انھن گدڙن ۽ بگهڙن جو بہ وارو اچي ويو ۽ پوءِ اهي بہ ان ئي برف جي تھن هيٺان اچي دٻجي مري ويا. جنھن برف مان هو کوٽي کوٽي پنھنجو شڪار ڪڍندا هيا.
9 نون هفتن تائين تہ ڪيبن جا ماڻھو رهيل کهيل ڪڻڪ جي داڻن تي ۽ برف کي پگهاري ان جي پاڻي مان گذرسفر پئي ڪيو ۽ اهڙي ريت انھن جي جان موت جي شڪاري کان بچي/ڇٽي ويئي. هن جي ڪيبن جي ٻاهر ڪُڪَڙو ڪُو جو عالم هيو. برف سان ڍڪيل فصل ۽ موت جي وستي. ميلن تائين ڪنھن بہ روح واري انسان جو نالو ۽ نشان نطر نہ پئي آيو.
ان ڪري ڪافي عرصي تائين الينواءِ ۾ شڪار جو ڪو بہ جانور نہ مليو. ملن بہ ڪٿان ها، اهي بہ تہ هن برف باري جي ور چڙهي ويا هيا. خدا خدا ڪري هنن مصيبت جا ڏينھن ڪٽيا/ڪڍيا. هاڻي سج ٻاهر نڪتو هو، برف جا پھاڙ ڳرڻ لڳا. لنڪن جي ڪيبن مان هر ماڻھو پنھنجي جان بچائي ڀڄي وڃڻ پيو چاهي. ان ڪيبن ۾ هنن موت کان سوا ٻيون سڀ تڪليفون اکين سان ڏٺيون هيون. ان ڪري ٿوري ئي وقت ۾ سارا ۽ لنڪن پنھنجي آخري گهر ڪولز ڪائونٽي Coles County ۾ منتقل ٿي ويا. هن رواج ۽ قانون کان ڪجهہ عرصو وڌيڪ پنھنجي پيءُ سان گڏ گذاريو هو. هاڻي هو آزاد هيو. جتي چاهي ها اتي ئي پنھنجي نئين دنيا آباد ڪري پئي سگهيو. پر هن کي في الحال فوري طور تي ڪنھن ملازمت جي ضرورت هئي.
هوڏانھن ڊينٽن آفٽ Denton Offut هن کي سڀ کان اول آڇ ڪئي. آفٽ هڪ خالي پلاءُ پچائڻ وارو بدمست سوداگر هيو. رڳو پيو کائيندو پيئندو ۽ مستي ۾ مست رهندو هو. هو ابراهم لنڪن جي ويڳي ڀاءُ جون جونسٽن ۽ ڊينس هنيڪس کي ملازم رکڻ چاهي پيو. ڪم اهو هيو جو اهي ماڻھو هن جو سامان تجارت واري واري ٻيڙي ۾ لڏي، نيواورلينز کڻي وڃن ۽ اتي کپائي اچن. ان ڪم جي لاءِ ڊينٽن آفٽ Denton Offut هنن کي چيو تہ اهي اسپرنگ فيلڊ Springfield ۾ اچي هن سان ملي وڃن. انھن ڏينھن تائين برف بہ ڳري ويندي ۽ موسم بہ خوشگوار ٿي ويندي.
لنڪن جي بيان جي مطابق جڏهن اهي ان ڪم جي لاءِ نڪتا تہ سڄو ملڪ ٻوڏ ۾ ٻڏي رهيو هيو ۽ روڊن تان سفر ڪرڻ ناممڪن ٿي ويو هو. پھرئين مارچ 1831ع جو انھن هڪڙي ننڍڙي ٻيڙي خريد ڪئي ۽ سنگامون درياءُ ۾ هلائڻ لڳا.
جڏهن اهي اسپرنگ فيلڊ پھتا تہ هنن جو اهو سوداگر دوست اتي اڳ ۾ ئي موجود هيو. هو ان وقت هڪڙي هوٽل ۾ ويھي مزي مزي سان وسڪي جا مزا لٽي رهيو هو. هو بلڪل تيار هو پر هن کي ٻيڙي جي ڪا بہ خبر چار نہ هئي. هاڻي ابراهم کي اها خبر پئجي ويئي تہ جيڪڏهن انھن ٽنھين کي اها نوڪري ڪرڻي آهي تہ انھن کي پاڻ ئي اها ٻيڙي تيار ڪرڻي پوندي ۽ ان کان پوءِ ان تي تجارت جو سامان وجهي وڃڻو پوندو. ان سڄي ڪم جي مزدوري 12 ڊالر هر ماڻھو جي حساب سان هوندي. سو ائين ئي اهي ٽيئي ڄڻا ڪم تي لڳي ويا. ابراهم ۽ هن جا ٻہ ڀائر نالي Edward and Thomas . هڪ مھيني جي سخت محنت کان پوءِ 80 ڦٽ ڊگهي ۽ 18 فٽ ويڪري ٻيڙي تيار ڪئي وئي. ان ٻيڙي تي ڪڻڪ، اناج ۽ مال متاع ۽ ٻئي سامان سان ڀريو ويو. ان ۾ ئي 30 تندرست ۽ مضبوط سوئربہ وڌا ويا. انھن سوئرن کي ٻيڙي ۾ وجهڻ وڏو مسئلو ٿيو. وڏي مشڪل سان انھن کي ماري، ڪٽي، ٻڌي، سوگهو ڪري ٻيڙي ۾ وڌو ويو. ان سڄي ڪم ۾ ڪافي وقت لڳي ويو هو. ان دوران ٻوڏ بہ لھي ويئي هئي. آخرڪار ٻيڙي اٽلج هل جي بند تي اچي ڦاسي پئي.
اهو واقعو نيوسيلم New Salem ڳوٺ جي ويجهو ٿيو. هتي ئي پوءِ لنڪن پنھنجي زندگيءَ جا ڇھہ سال ڪڍيا. اهي ڇھہ سال لنڪن جي حياتي ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. نيوسيلم جي ماڻھن ان ٻيڙي تي ئي ابراهم جي پھرئين جهلڪ ڏٺي هئي. انھن کي ڪھڙي خبر تہ سامان سان لڏيل هن ٻيڙي ۾ (جيڪا ان وقت درياءُ جي بند تي ڦاسي پئي هئي) جيڪو سنھڙو سيپڪڙو 22 سالن جو سرحدي نوجوان سوار آهي، اهو هڪ ڏينھن آمريڪا جي ٻيڙي کي پار لڳائڻ جي لاءِ پنھنجي جان جو نذرانو بہ ڏيئي ڇڏيندو. ان وقت لنڪن کي نيري رنگ جي پتلون پاتل هئي. هن جي پينٽ جا پانچا ٽڻين کان ٿورو مٿي ابتو ٿيل هيا. ابراهم جو پنيون اتان صاف نظر اچي رهيون هيون. چيڪ تي شرٽ ۽ مٿي تي ٽوپي پاتل ابراهم ٻيڙي کي اتان ڪڍڻ جي وڏي ڪوشش ۾ مصروف هيو. ٻيڙي جو اهو حال هيو جو ائين لڳي پيو تہ اجهو ٿي ٻڏي. پاڻي گهڻو ڀرجي وڃڻ جي ڪري ٻيڙي ڪافي وزني ٿي ويئي هئي. مٿان وري سامان جو وزن اڳ ۾ ئي گهڻو هيو. ٻيڙي مان پاڻي ڪڍڻ جو ڪو بہ طريقو هن جي ذهن ۾ نہ ٿي آيو. ٻيڙي لڏي رهي هئي، ائين پيو لڳي تہ اجهو ٿي ٻيڙي ٻڏي. جان هنيڪس John T. Hanks جي بقول تہ ابراهم کي عين ان وقت هڪڙو خيال آيو، هن جيئن تئين ڪري ٻيڙي مان سامان ڪڍي، ڪنھن بہ ريت ڪناري تي پھچايو ۽ بند جي ويجهو ٻيڙي کي سوراخ ڪري، پاڻي کي بند تي ئي وهائي ڇڏيو. هاڻي ٻيڙي هلڪي ٿي پئي هئي. جڏهن پاڻي نڪري ويو تہ ابراهم ٻيھر پاڻي ڀرجي وڃڻ کان اڳ ۾ ئي نھايت ئي ڦڙتي سان اهو سوراخ بند ڪري، ڪاٺ جو بنڊ رکي ڇڏيو.
درياءُ جي ڪناري تي نيو سيلم ڳوٺ جي ماڻھن جو ميڙو اچي متو هو. وڏي خاموشي سان ان ڊرامي کي ڏسي رهيا هيا. عورتون، مرد، ٻار، ٻڍا، ننڍا توڙي وڏا، سڀ ئي گڏ ٿي ويا هئا. جن بعد ۾ ابراهم جي زندگي تي گهرو اثر وڌو. ان ميڙ ۾ منيٽر گراهم Mentor Graham بہ هيو. جيڪو هڪڙي اسڪول ۾ استاد هيو. گراهم ئي ابراهم کي زمين جي مساحت جو فن سيکاريو هو. گراهم کان علاوہ جيڪ آرام اسٽرانگ Armstrong, بہ هيو. جنھن کي ابراهم ٻيڙي جي هڪڙي مقابلي ۾ دسيو هيو. پر بعد ۾ هو ابراهم جو گهرو دوست ۽ مداح ٿي ويو هو.
ان ميڙاڪي ۾ اين رٽلج Ann Rutledge, بہ هئي. هي ڳوٺ جي سڀني کان حسين ترين عورت هئي، جنھن جي حسن جو چرچو ڳوٺ جي هر نوجوان جي زبان تي هيو. اتي ئي اين ٽلج جو پيءَ جيمس رٽلج بہ هيو. جيمز هڪڙي نئين آبادي جو بنياد بہ وڌو هيو ۽ هڪڙي مل جو مالڪ سامان ڊينٽن آفٽ Denton Offut بہ هيو. اهي ماڻھو ۽ ڳوٺ جا ٻيا ماڻھو ڪناري تي بيھي، هن خاموش طوفان جو نظارو ڪري رهيا هيا ۽ ابراهم پنھنجي ٻيڙي کي بچائڻ جي جدوجھد ۾ مصروف هو. لنڪن ٻيڙي ۽ سامان کي بچائڻ لاءِ مسلسل هوشياري ۽ فرض شناسي جو ثبوت ڏنو. ان مان ڊينٽن آفٽ Denton Offut بہ گهڻو خوش ٿيو ۽ هن جي دل ۾ ابراهم جي عزت اڃان بہ وڌي ويئي. ان ڪري هن ابراهم کي هڪڙي ٻي آڇ اها بہ ڪئي تہ نيواورلينز کان واپسي کان پوءِ هو هن جي ننڍڙي دڪان تي منشي ٿي ڪم ڪري. جون هونسٽن، جون هنيڪس، ابراهم لنڪن ۽ وينس سينگامون کان ٿيندا، دريا الينواءِ تائين پھچي ويا ۽ پوءِ اتان مسي سي پي پھچي ويا.
جون هنيڪس پنھنجو ارادو مٽائي ڇڏيو هو ۽ هو نيواورلينز وڃڻ بجاءِ سينٽ لوئي کان واپس هليو ويو. هنيڪس پنھنجي هڪڙي بيان ۾ ان ڳالھہ جو ذڪر ڪيو تہ نيواورلينز ۾ ابراهم هڪڙي خوبصورت ڇوڪري کي نيلام ٿيندي ڏٺو. ان واقعي جو ابراهم تي وڏو اثر ٿيو ۽ هن اهو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو هو تہ جيڪڏهن هن کي ڪڏهن بہ موقعو مليو تہ هو سڀ کان اڳ ۾ غلامي ۽ بردہ فروشي جي عمل کي ختم ڪرائي غيرقانوني ڪندو. الينواءِ واپس اچڻ کان پوءِ، آمريڪا جو ٿيڻ وارو صدر ڳوٺ جي هڪڙي ننڍڙي دڪان تي منشي گيري جي ملازمت ڪري ڏاڍو خوش ٿيو هو.

Abraham Lincoln said:
“My concern is not whether God is on our side; my greatest concern is to be on God's side, for God is always right.”
"And in the end, it is not the years in your life that count, it's the life in your years."

نيوسيلم ۽ بليڪ هاڪ جي جنگ New Salem

”...پوءِ مان نيوسيلم هليو ويس. جتي هڪڙي دڪان تي منشي ٿي ويس. ان کان پوءِ بليڪ هاڪ جي لڙائي شروع ٿي ويئي. مون کي رضاڪارن جي هڪڙي دستي جو سردار چونڊيو ويو. ان ڪاميابي تي مون کي حد کان وڌيڪ خوشي ٿي“. ابراهم لنڪن

جولاءِ 1831ع جي آخري ڏينھن ۾، ابراهم جڏهن نيو سيلم پھتو تہ هن کي اتان جو ماحول اجنبي نظر آيو. هتي نہ ڪو وسيلو هو ۽ نہ ئي هن لاءِ ڪو سھارو هيو. بس بي سرو ساماني جي عالم ۾ هو اتي پھچي ويو هو. هن کي تہ ڪو بہ سٺو هنر بہ نہ ايندو هو. هارپو، معمولي نموني ٻيڙين ٺاهڻ جو ڪم، يا وري واڍڪي جي ڪم مان ڇا ٿو ٿئي؟. هن کي پنھنجي زندگي ڪنھن نہ ڪم جي، بي مصرف ۽ بي مقصد لڳندي هئي. هن کي خبر ئي نہ هئي تہ هو ڇا ٿو ٿي سگهي. يا قدرت هن کي ڇا ٿي ڪرڻ چاهي. پر هن ڳوٺ ۾ ڇھہ سال گذارڻ کان پوءِ هن هڪڙي ٻي جاءِ تي وڃي، هڪڙي وڪيل جي حيثيت سان قسمت آزمائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڇو تہ ان وقت تائين هو هڪڙو ڪامياب وڪيل ۽ قانوندان جي حيثيت سان ڪافي مشھور ٿي چڪو هو.
ڳوٺ جي سياسي ۽ سماجي زندگي ۾ هن هڪڙو خاص مقام حاصل ڪري ورتو هو. هو آهستي آهستي ۽ ڪنھن غيرمحسوس طريقي سان پنھنجي منزل ڏانھن وڌي رهيو هيو. جيڪا هن جو مقدر بڻجي چڪي هئي. آگسٽ جي مھيني ۾ صدر جي سيٽ لاءِ اليڪشن ٿيڻ وارا هيا. ابراهم ان ننڍڙي ڳوٺ ۾ ويو، جتي هن ڏٺو تہ اتي اليڪشن جون تياريون وڏي ڌوم ڌام سان ٿي رهيون آهن. ابراهم جي اڪثر سوانح نگارن جو اهو خيال آهي تہ ان اليڪشن ۾ هن اسڪول جي ماستر مينٽر گراهم Mentor Graham جي مدد ڪئي، هن جي لاءِ هن ووٽ گڏ ڪيا، پر اسان جو خيال آهي تہ هن ائين نہ ڪيو. ابراهم گراهم جي لاءِ ووٽ گڏ نہ ڪيا.پر هن شايد پاڻ پھريون ڀيرو پنھنجو ووٽ وڌو هيو. جڏهن ماڻھو ووٽ وجهڻ لاءِ ڪمري ۾ داخل ٿيندا آهن تہ هڪڙي ماڻھوءَ جي لاءِ ووٽ وجهڻ کان اڳ ۾ انتظار جا لمحا تمام وڏا طويل ۽ ڏکيا ٿيندا آهن. ڄڻ تہ وقت جي رفتار گهٽجي ويندي آهي. ڪجهہ ماڻھو تہ بيزار ٿي ويندا آهن. ابراهم اهڙي ماحول ۾ پنھنجن لطيفن، ٽوٽڪن ۽ کل ڀوڳ واري سلسلي کي اڳتي آڻي رکيو ۽ ماڻھن کي وندرائيندو رهيو. ماڻھو هن جون ڳالھيون وڏي شوق سان ٻڌندا رهندا هيا. کلي کلي ماڻھو ساڻا ٿي پوندا هيا يا وري هنن جي پيٽ ۾ سور پئجي ويندو هيو. ابراهم جي ان لطيفي کي ماڻھو شوق سان ٻڌندا هيا تہ ڪيئن هڪڙو پادري صاحب وڏي محويت سان پنھنجي واعظ ۾ مصروف هيو ۽ پوءِ ڪيئن هڪڙي ڪرڙي هن جي پتلون جي پانچي مان اندر اچي ويئي.
هن ڳوٺ جا ماڻھو بہ هاڻي ابراهم تي ساھہ صدقو ڪندا هيا. اهڙو زندہ دل ۽ ظريف ماڻھو انھن پھريان ڪٿي ڏٺو هو. ابراهم کي ڪجهہ هفتا ٻيا بہ پنھنجي دڪان جي سامان جي اچڻ جو انتظار ڪرڻو پيو. اهو سامان ڊينٽن آفٽ Denton Offut پاڻ سان گڏ کڻي اچڻ جو واعدو ڪيو هو. جيسيتائين سامان اچي، تيسين هن گهمي ڦري سڄي ڳوٺ جو جائزو وٺي ڇڏيو هو. هي هڪڙي بلڪل ننڍڙي نئين بستي هئي. جنھن کي جيمس اٽلج ۽ جان ڪيمرون ٻہ سال اڳ ۾ آباد ڪيو هو. انھن ٻنھين ئي هن ڳوٺ ۾ ڪاٺ جي چيرائي لاءِ آرو مشين ۽ اٽي جي مشين (کري) لڳائي هئي. هن ڳوٺ جي وچ ۾ هڪڙو رستو هيو ، جنھن جي ٻنھي پاسن کان گهر ۽ ماڻھن جو ٻنيون هيون. جتي هرٻارڙا ۽ عورتون هر وقت مٽر گشت (هوا خوري ڪرڻ) ڪنديون رهن ٿيون. آهستي آهستي هي ڳوٺ وڌندو ويجهندو ۽ ڦهلجندو ويو. جلد ئي ڳوٺ ۾ لوهر، موچي ۽ ڊکڻ بہ اچي ويا. ٻہ ڊاڪٽر بہ هن ڳوٺ ۾ اچي ويا. جيڪي ننڍين ننڍين بيمارين جو اعلاج آساني سان ڪري ويندا هيا ۽ ٽٽي پيل، ڀڄي پيل هڏ جي اعلاج جا بہ ماهر ڊاڪٽر هيا.
پساري وليم ڪليري جي دڪان تي تہ هروقت وڏو ميڙو متل رهندو هو. ميٿوڊسٽ ۽ پٽيسٽ گرجا گهرن ۾ بہ اها رونق ڪٿي هئي جيڪا ان پنساري جي دڪان تي هوندي هئي.
ڪجهہ هفتا ٻيا بہ گذري ويا جو ڊينٽن آفٽ Denton Offut دڪان جو سامان وٺي موٽي آيو. اتي وڃي هن ڏٺو تہ هن جي دڪان جو منشي هتان جي ڳوٺ وارن ماڻھن جي نظر ۾ هڪڙو عظيم انسان بڻجي ويو آهي. لنڪن جي اخلاق، ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۽ هن جون عادتون ئي اهڙيون هيون، جو اجنبي کان اجنبي ماڻھو بہ تمام جلدي هن سان بي تڪلف ٿي ويندو هو. ڳوٺ جا ماڻھو تہ ابراهم کي تمام گهڻو پسند ڪندا هيا. پر اڃان هن کي پنھنجي نالي جي سڪي کي چمڪائڻ لاءِ ڪجهہ آزمائشن مان گذرڻو هيو.
ڳوٺ جي اوسي پاسي ۾ هڪڙو آوارا، رولو نوجوان ڇوڪرن جو ٽولو هيو. جيڪو پاڻ کي ڪليريز گروو بوائز Clary's Grove Boys سڏرائيندو هيو. کائڻ پيئڻ عيش ڪرڻ، مستي ۾ اچن تہ ماڻھن کي پادر بہ هڻن. هر آچر جو تہ هي پنھنجا گهوڙا ڀڄائيندا هيا، گهوڙن تي هنٽرن جو وسڪارو ڪندا وتندا هيا ۽ ڪليري جي هٽ تي ايندا هيا. ڪليري جو هٽ ڊينٽن آفٽ Denton Offut جي هٽ کان فقط 30 قدمن جي مفاصلي تي هيو. ڪليري جي دڪان تي هنن جو ميلو لڳندو هو ۽ ايندڙ ويندڙ ماڻھوءَ کي اهي ڇوڪرا پيا تنگ ڪندا هيا. انھن کي اشتعال ڏياريندا هيا ۽ ڳالھہ وڃي جهيڙي تائين پھچندي هئي.
آفٽ پاڻ تہ ننڍڙي قد جو ۽ ڊڄڻو ماڻھو هو. ڦوڪو ڏيو تہ اڏامي وڃي. انھن اوباش ڇورن سان ڪھڙو ٽڪر کڻي ها. پر هن کي ابراهم تي وڏو يقين هيو. ان ڪري هن هڪدم وڏي آواز سان ڪامينٽري شروع ڪئي تہ هن جو ملازم ابراهم ان ميڙاڪي جي هر ماڻھو کي ڪشتي راند ۾ چيري ڦاڙي سگهي ٿو. ماري ماري انھن جو مھانڊو ئي مٽائي سگهي ٿو. ان ڪري هن پنھنجي طرفان ئي ابراهم تي پنجن ڊالرن جي شرط رکڻ جو اعلان بہ ڪيو. جلدي ئي آفٽ کي شرط ٻڌڻ وارا بہ ملي ويا.
جيڪ آرمز اسٽرانگ Jack Armstrong ان سڄي گروھہ ۾ وڏو طاقتور ماڻھو سمجهيو ويندو هو. اهو مشھور هو تہ 20 ميلن جي مفاصلي تائين ڪو بہ آرمز اسٽرانگ کي شڪست نہ ٿو ڏيئي سگهي. ڳوٺ جي عوام ۾ ان ڳالھہ کان پوءِ ٿوري چرپر ۽ سس پس ٿي ويئي تہ آرمز اسٽرانگ ۽ نوجوان ابراهم ۾ ڪشتي جو مقابلو ٻڌجي ويو آهي. جلدي ئي اهي ٻيئي ڄڻا آکاڙي ۾ لھندا ۽ پنھنجي طاقت جو مظاهرو ڪندا. ڪشتي جو مقرر وقت جيئن جيئن ويجهو ايندو پئي ويو، تئين تئين ڳوٺ جي ماڻھن ۾ جوش ۽ ولولو بہ وڌندو ويو ۽ ماڻھو راند جي کٽڻ ۽ هارائڻ تي پاڻ ۾ شرطون لڳائي سٽي بازي لڳائڻ لڳا.
ان مشھور ملھہ ۾ ابراهم جي ايندڙ سياسي زندگي ۾ تمام گهڻو اثر پوڻ وارو هيو. آچر جي منجهند، ملھہ جو وقت مقرر ڪيو ويو. سڄي ڳوٺ جا ماڻھو ميدان جي چئني پاسن کان قطار ڪري بيٺا هيا. جيڪ ۽ ابراهم ٻنھين پنھنجون قميصون لاهي ڇڏيون هيون. پينٽ پاتل، چيلھہ تائين اگهاڙا اهي ٻيئي ڄڻا هڪٻئي کي زير ڪرڻ جي ڪوشش ۾ داءُ پيچ لڳائڻ لاءِ هٿن ۽ پيرن جو زبردست استعمال ڪرڻ لڳا. جيڪ هون تہ قد ننڍو هيو پر هو مضبوط جسم جو مالڪ هيو. هن ۾ ڍڳي جيتري خون خوار طاقت هئي. هن جو ورزشي جسم ۽ ڏورا اس تي چمڪي رهيا هيا. ابراهم ڊگهو ۽ طاقتور ماڻھو هيو پر هن کي اهو بہ احساس هيو تہ هن جو حريف بہ ڪو گهٽ طاقتور آهي.
هن ملھہ جي باري ۾ تمام گهڻا قصا مشھور آهن ۽ ان تي ڪي اعتراض ۽ اختلاف بہ آهن. پر هڪڙي ڳالھہ انھن سڀني ڳالھين يا قصن ۾ مشترڪ آهي ۽ اها هي آهي تہ ٿوري دير تائين تہ تمام وڏي پايئي جو مقابلو ٿيڻ لڳو پر آخر ۾ ابراهم جيڪ کي مٿي کڻي هيٺ سٽيو. جيڪ جي ڪرڻ کان پوءِ ئي ڪليريز گروو Clary's Grove Boys جي ٻالڪن گڏجي ابراهم کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. ابراهم وڏي همت سان زور لڳائي اٿي بيھي رهيو ۽ سڀني ماڻھن کي چوڻ لڳو تہ هو هنن سڀني سان ڪشتي وڙهڻ جي لاءِ بہ تيار آهي. پر شرط اهو آهي تہ هڪڙو هڪڙو ڪري ان مقابلي ۾ لھي. هو اڃان اها گفتگو ڪري ئي رهيو هو تہ آرمز اسٽرانگ وڏي معقول ڳالھہ جو ثبوت ڏنو. هن جڏهن ڏٺو تہ هن جي ماڻھن ابراهم کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي ۽ اهي هن تي حملو بہ ڪرڻ لاءِ تيار آهن. هو جلدي سان اٿي بيھي رهيو ۽ پنھنجن ساٿين کي ڌڪو ڏيئي پري ڪري ڇڏيو ۽ ابراهم سان وڏي گرمجوشي سان ملي ڪري هن جي ڪاميابي تي هن کي دلي مبارڪ ڏيئي وڏپڻي جو مظاهرو ڪيو.
ان کان پوءِ آرمز اسٽرانگ ۽ هن جي گهرواري وڏي عرصي تائين هن جا دوست رهيا ۽ ابراهم جي مڙني سياسي معاملن ۾ هن جو هر وقت ساٿ ڏيندا رهيا.
ڳوٺ جي ماڻھن جي نظرن ۾ ابراهم جي اهميت اڃان بہ گهڻي وڌي ويئي هئي. بعد ۾ هن اهو بہ ثابت ڪري ڇڏيو تہ هو شھسواري ۽ ٻين مرداڻن ڪرتبن ۾ ڳوٺ جي ٻين سڀني ماڻھن کان وڌيڪ ماهر آهي. ڳوٺ جي سڀني ماڻھن هڪ راءِ ٿي هن کي پنھنجو ليڊر چونڊيو. ابراهم عام رواج جي مطابق نہ شراب پيئندو هيو، نہ جووا کيڏندو هيو ۽ نہ ئي وري ان قسم جي سماجي عيبن ۾، جن کي انھن ڏينھن ۾ تفريح سمجهيو ويندو هو، شرڪت ڪندو هو، پر ان احتياط ۽ پرهيز جي باوجود هن جي شھرت ۽ مقبوليت ۾ ڪا کوٽ نہ آئي.
اها ڳالھہ صحيح آهي تہ سرحد جا ساده ڳوٺاڻا جسماني طاقت سان مالا مال هوندا آهن. طاقت جي نمائش کي پسند ڪندا آهن. پر ان سان گڏ اهي ذهني ۽ دماغي صلاحيتن جو پڻ قدر ڪندا آهن. ان ڪري هن ڳوٺ جا تقريبن اڌ درجن پڙهيل لکيل ماڻھو ابراهم جي دماغي صلاحيتن کان گهڻو واقف هيا ۽ متاثر ٿيا.
اسڪول جي ماسٽر گراهم ابراهم کي رياضي ۽ ٻيا قائدا سيکاريا هيا. جيڪ کي مڇيءَ جي شڪار جو ۽ حوال ڪٽڻ جو، ڪجهہ وڌيڪ شوق هوندو هيو. هن کي تمام گهڻا شعر ياد هوندا هيا. هن ابراهم کي شيڪسپيئر جا ڊراما ۽ رابرٽ برنس جي شاعري پڙهڻ ۾ مدد ڪئي هئي.
ڳوٺ جي محفلن ۽ ميڙاڪن ۾ ابراهم کي ڳالھائڻ جو موقعو مليو. هتي ئي هن جي تقرير جا رنگ نکري نروار ٿيا. انھن ئي محفلن ۾ هن جي مدلل ۽ سنجيدہ تقريرن کي ٻڌي ڪري جيمس رٽليج ۽ ڊاڪٽر فرانس رينجر ابراهم جي مقرر صلاحيتن کان تمام گهڻو متاثر ٿيا ۽ انھن محسوس ڪيو تہ ابراهم کي بس ٿوري محنت ۽ مھارت جي ضرورت آهي. نہ تہ هن ۾ هڪڙي اعليٰ مقرر جون سموريون خوبيون فطري طور تي موجود آهن.
هونءَ تہ هر معاملي ۾ ابراهم پيش پيش هوندو هيو ۽ هن هر معاملي ۾ ڪامل ۽ ڪمال جي مھارت جو ثبوت ڏنو هو، پر گهٽ ۾ گهٽ هڪڙي معاملي ۾ هو پنھنجي اهليت ثابت نہ ڪري سگهيو. اصل ۾ فطري طور تي بہ هن کي تجارت سان ڪو لڳاءُ نہ هوندو هيو. آفٽ جو دڪان هن جي مڙني صلاحيتن، ناماچاري جي باوجود نہ مچي سگهيو. اصل ۾ ڳالھہ اها هئي تہ ابراهم کي خريد و فروخت يا ڌنڌي ڌاڙي ڪرڻ واري معاملي جي مقابلي ۾ ڪتابن سان وڌيڪ لڳاءُ هوندو هيو. سڄو ڏينھن دڪان تي ٽنگون ديوار سان لڳائي، اڌ شڪل ۾ ويھي، ڪتاب پيو پڙهندو رهندو هيو. لوڻ، صابڻ، کنڊ جي کپت يا گراهڪن ڏانھن هن جو ڪو بہ ڌيان نہ هوندو هيو.
ماڻھو ابراهم جي ديانتداري، ايمانداري کان وڏو متاثر هيا. ان کان علاوہ هن جي تقرير جي فن ۽ لطيفن ٻڌائڻ جي انداز کان پڻ. پر لطيفن ٻڌائڻ سان يا تقرير ڪرڻ سان ڪٿي ٿا دڪان هلي سگهن. نتيجو اهو نڪتو جو دڪان آهستي آهستي گهٽ هلڻ لڳو ۽ ڦِٽي ويو. آفٽ بہ ان گهٽ نفعي واري ڪاروبار کان بيزار ٿي ويو هو. نيٺ هڪڙو اهڙو ڏينھن بہ آيو جو دڪان بند ٿي ويو ۽ هو ڪنھن سٺي ڪاروبار جي تلاش ۾ ٻي شھر ڏانھن لڏي هليو ويو. نتيجي ۾ ابراهم هڪ دفعو ٻيھر بيروزگار ٿي ويو.
نيو سيلم جي ستن مھينن جي رهائش دوران، ابراهم جي دوستن جو دائرو وسيع ٿي ويو. دوستن سان گڏ هن جو اثر بہ وڌندو ويو هو. هن ۾ ايتري خوداعتمادي ۽ همت پيدا ٿي ويئي هئي جو 9مارچ 1832ع جو هن اعلان ڪيو تہ هو ايندڙ اليڪشن ۾ قانون ساز (ايم اين اي) جي سيٽ لاءِ اليڪشن وڙهندو.
گراهم ۽ ٻين دوستن جي مدد سان هن پنھنجو پھريون منشور لکي ورتو. جيڪو مختصر پر سنگامن جي ماڻھن کي متوج ڪرڻ لا ڪافي هيو.
لنڪن پاڻ انڊريوجيڪسن Andrew Jackson جي حريف هنري ڪلي Henry Clay کي پسند ڪندو هو. لنڪن پنھنجي ان انتخابي منشور ۾ مقامي ماڻھن جو گهرجون، انھن جون ضرورتون ۽ مطالبن کي اڳيان رکي، ان منشور ۾ عوامي پسند جون شيون شامل ڪيون هيون. مثال جي طور اڪثر ووٽر قرضائي هيا. ان ڪري هن قرضن تي وياج جي رقم گهٽ ڪرڻ جو واعدوڪيو. سڄي علائقي جي اسڪولن جي حالت خراب هئي ۽ اهي تقريبن بند ٿي چڪا هيا. ان ڪري هن اسڪولن جي قيام ۽ تعليمي سھولتن جي فراهمي جو اعلان ڪيو ۽ آخر ۾ هن واعدو ڪيو تہ سنگامون جي درياءُ کي کاٽي ڪرائي، ان کي وسيع ۽ گهرو ڪرائي، آبي ذخيرن جي نقل حرڪت ۾، آساني پيدا ڪري، پاڻي کي عام ماڻھن تائين پھچائيندو.
ابراهم ان خيال جو هو تہ جڏهن سنگامون درياءُ جو پيٽ وڏو ڪبو تہ ان تي گهٽ ۾ گهٽ 30 ٽن جا وزني جھاز هن جي ڏکڻ فورڪ تائين اچي سگهن ٿا. ابراهم پنھنجي ان راءِ جو بہ اظھار ڪيو تہ جيڪڏهن عوام رضاڪارڻي طور تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿيو تہ درياءُ جي رستي ۾ جيڪي موڙ اچي ويا آهن، انھن کي ڪاٽي سڌو ڪري سگهجي ٿو ۽ درياءُ کي گهڻو گهرو ۽ ويڪرو ڪري سگهجي ٿو. ابراهم پنھنجي تقرير جي پڄاڻي هِن سادي منشور واري ڳالھہ سان ختم ڪري ڇڏي ؛
”مان هڪڙي تمام معمولي گهر ۾ پيدا ٿيو آهيان ۽ ان ڪري ئي اڄ تائين انتھائي سادي زندگي گزاري رهيو آهيان. جيڪڏهن منھنجي پياري وطن جي ماڻھن مون کي اڄ بہ جيڪڏهن گمنائي جي دلدل ۾ ڌڪڻ پسند ڪيو تہ مون کي گهڻي مايوسي نہ ٿيندي، ڇو تہ منھنجي اهڙي قسم جي مايوسين ۽ ناڪامين سان اڪثر واسطو پوندو رهيو آهي. توهان جو دوست ۽ هم وطن. ابراهم لنڪن“.
ماڻھن کي آبي ذريعن ۽ انھن جي چرپر جي اهميت جو پورو اندازو نہ هيو يا انھن کي ان جي اهميت جي ڄاڻ نہ هئي. جڏهن لنڪن پنھنجي اليڪشن واري منشور ۾ اهو بہ اعلان ڪيو تہ آبي رستن کي ترقي ڏني ويندي تہ عوام ان اعلان جي اهميت کي چڱي طرح سمجهي نہ سگهيو. سو هڪدفعو ائين ٿيو جو نيو سيلم ۽ ان جي ارد گرد وارن پاڙن ۾ اهو اعلان ڪرايو ويو تہ عنقريب هڪڙي ٻاڦ تي هلندڙ ٻيڙي سينٽ لوئي مان تجارت جو سامان کڻي، اسپرنگ فيلڊ کان ڇھہ ميل اتر طرف سنگامون درياءُ تائين اچي پھتي آهي. ان اسٽيمر جو ڪيپٽن ونسٽ بوگ هيو. سينٽ لوئي کان هن جاءِ تائين پھچڻ جو ڪرايو ساڍا ستٽيھہ سينٽ في پائونڊ جي وزن جو هيو. روڊ جي ذريعي اهو سامان کڻي وڃڻ جو ڪرايو ٻيڻو ٿي وڃي پيو. ظاهر آهي تہ جڏهن شين جي چرپر تي خرچ گهٽ ٿيندو تہ وکر بہ پاڻ مرادو گهٽ يا سستو ٿي ويندو ۽ ان جو اهو نتيجو نڪرندو جو عوام جي خريد ڪرڻ واري قوت (قوت خريد) وڌي ويندي ۽ خوشحالي عام ٿي ويندي. ان اعلان کي ٻڌي نيو سيلم ۽ ان جي اوسي پاسي جي ڳوٺن جي ماڻھن ۾ خوشي جو ماحول پيدا ٿي ويو.
اسٽيمر درياءُ سنگامون جا رستا بہ صاف ڪندو هو. ڪنارن تي وڏا وڏا وڻ ڦٽيل هيا. جن جا وڏا وڏا ٽار ٻاهر نڪري آيا هيا ۽ هڪٻئي ۾ ئي ڦاسي پيا هيا. اسٽيمر کي انھن وڌيل ٽارين کي ڪٽي صاف ڪرڻو هيو.
ابراهم لنڪن انھن ڏينھن ۾ مقامي مجلس قانون ساز جي ميمبر جو اميدوار هيو. ان لاءِ هن سڀ کان اڳ ۾ پنھنجون رضاڪارڻا خدمتن جو اعلان ڪيو. هن نوجوانن جو هڪڙو اهڙو ٽولو تيار ڪيو جن وٽ وڏيون وڏيون تکيون ڪھاڙيون ۽ تيز ڌار وارا چاقو ۽ ٻين اهڙي قسم جي اوزارن سان ليس هيا. انھن اوزارن سان هنن کي وڻن جو ٽاريون ۽ بنڊ ڪٽڻا هيا. اهي سڀ ماڻھو هڪڙي ٻيڙِي ۾ سوار ٿيا ۽ سنگامون جي درياءَ کي صاف ڪرڻ لاءِ نڪري پيا. انھن سان گڏ هڪڙو گهوڙيسورا بہ درياءَ جي ڪناري سان هلندو پئي آيو. هي ونگارين جي همت افزائي ڪندو پئي هليو. هن جو نالو بلي هرن ڊن William Henry Herndon هيو. جيڪو اڳتي هلي ابراهم سان وڪالت جي شعبي ۾ ساٿي ٿيو ۽ هن جو وڏو مداح ٿي ويو. هن ابراهم جي سوانح حيات بہ لکي.
ٻاڦ واري ڪشتي جو وڏي پرجوش نموني سان استقبال ڪيو ويو. ٻيڙي آئي ۽ هن تجارت جو سڄو سامان بندرگاھہ ۾ لاٿو. واپسي ۾ ابراهم بہ ان ٻيڙي جي پائليٽ سان گڏ روانو ٿيو. اڃان ماڻھن جي دلين مان ان ٻيڙي جي استقبال جو جوش نڪتو ئي نہ هيو تہ هڪڙو افواھہ ڦلھجي ويو ۽ ان خبر سان ماڻھن جي دلين ۾ خوف ۽ هراس ڦهلجي ويو ۽ ڳالھہ هئي بہ ڊپ جي.
ڳالھہ هينئن هئي تہ ان علائقي ۾ آمريڪا جي قديمي ماڻھن جا ٻہ قبيلا سووڪ The Sauk or Sac ۽ فاڪس Fox رهندا هيا. انھن جي سردار جو نالو بليڪ هاڪ Black Hawk هيو. اهي ئي ماڻھو پراڻي دور کان وٺي هن علائقي تي قابض هيا. اتان جي زمين تي هارپو ڪندا هيا. هتان جي جهنگل ۾ ئي شڪار ڪندا هيا. ان ڪري ان سڄي علائقي ۾ هنن جو راڄ هيو. جڏهن آمريڪا ۾ يورپي ماڻھن جي آمد شروع ٿي ۽ گوري رنگ جا ماڻھو مختلف علائقن ۾آباد ٿيڻ لڳا تہ اهي قديمي آمريڪي جيڪي گوري نسل مان نہ هيا، تہ انھن ان عمل کي بيجا مداخلت سمجهي. شروع شروع ۾ تہ تمام وڏا وڏا جهيڙا، لڙايون ۽ جنگيون ٿيون. پر مھاجرين جي ٻوڏ وڌندي ئي رهي ۽ هر جاءِ تي انھن قديمي ماڻھن کي شڪست ايندي رهي.
ان ڪري انھن بليڪ هاڪ جي قبيلي وارن ماڻھن بہ انھن گورن سان صلح ڪري ڇڏيو. پر هاڻي هنن ان معاهدي جي ڀنڃڪڙي ڪرڻ شروع ڪئي. انھن ڇا ڪيو جو ڦرلٽ، خون ريزي جو ڪاروبار عروج تي پھچائي ڇڏيو. بليڪ هاڪ قديمي ماڻھن جي فوج گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڏني ۽ اهي ماڻھو مسيسيپي جي درياءُ کي پار ڪري الينواءِ ۽ وِسن ڪانسِن Wisconsin جي ڳوٺن تي وڏي وسيع پيماني تي حملي ڪرڻ جي تياري ۾ رڌل هيا.
بليڪ هاڪ جي قبيلي وارن جو اهو خيال هو تہ هي زمين جنھن تي هاڻي سفيد رنگ جا گورا قبضو ڪري ويٺا آهن. اها قدرت جي ملڪيت آهي. جيڪي ماڻھو ان زمين تي آبادي ڪن پيا، اهي ئي ماڻھو قدرت جي طرفان ان زمين جا حقيقي وارث آهن. اهي زمينون نہ خريد ٿي سگهن ٿيون ۽ نہ ئي وڪامجي سگهجن ٿيون. بيع و شرع (خريد و فروخت) فقط اهي شيون ٿي سگهن ٿيون، جيڪي منتقل ٿي سگهن يعني منقوله هجن. ان ڪري اها جائداد جيڪا غير منقوله آهي اها کپائي نہ ٿي سگهجي.
بليڪ هاڪ جي دليل ۾ کڻي ڪو وزن هجي يا نہ هجي، پر هن دفعي انھن پاڻ معاهدي جي ڀنڃڪڙي ڪئي هئي ۽ پرامن ماڻھن کي خوف ۽ ڊپ جو واءُ وڪوڙي ويو هو.
اترين الينواِءِ جي نين آبادين کان سووڪ تيز فتار قاصد فوجي امداد جي درخواست کڻي اچي رهيا هيا. الينواءِ جي گورنر عوام کي هڪڙي رضاڪارن جي فوج تيار ڪرڻ جي اپيل ڪئي. ماڻھو تمام وڏي تعداد ۾ اچي ان رضاڪارن واري فوج ۾ شامل ٿيا. ابراهم لنڪن کي سڀني ماڻھن جي راءِ سان ان فوج جو آفيسر چونڊيو ويو. هن جي ان چونڊ ۾ ڪليري گروو بوائز وارن جو وڏو هٿ هيو. هاڻي اهي ماڻھو ابراهم جا ڪافي گهرا دوست بڻجي ويا ها. اهو تہ اڃان بہ سٺو ٿيو تہ جيڪ آرمز اسٽرانگ کي ابراهم جو نائب مقرر ڪيو ويو.
ريڪروٽن جي غير سپاهاڻا عادتن ۽ حرڪتن جي باري ۾ دلچسپ لطيفا مشھور هيا. پاڻ ابراهم بہ انھن ريڪروٽن جي باري ۾ گهڻيون دلچسپ ڳالھيون ٻڌائيندو هيو. اهي ماڻھو تربيت يافتہ فوجي تہ نہ هيا ۽ جيڪي پي ٽي يا ڊرل پريڊ جي اصولن کان واقف هجن. اهي تہ سادي دل وارا ۽ سادي مزاج جا ماڻھو هيا. فوجي تنظيم، قائدن، ڊسيپلين جي ضرورت ۽ اهميت کان اڻ واقف هيا. اهي فقط خدمت جي جذبي سان اچي فوج ۾ شامل ٿيا هيا. ان ڪري هنن کان اهڙي قسم جون دلچسپ ۽ مزيدار حرڪتون ٿي وينديون هيون. فوجي قاعدن جي اصولون ۽ ڳالھين جي ڳالھہ تہ پري ٿي، پر هنن جو هڪڙي سڌي قطار ۾ بيھڻ بہ وڏو مسئلو هيو. مثال جي طور جڏهن ڪمانڊر جو حڪم ٿيو تہ سڀ هڪڙي قطار ۾ بيھي وڃو، جيڪو سڌي قطار ۾ نہ بيھندو، ان لاءِ اهو سمجهيو ويندو تہ هن حڪم جي ڀنڃڪڙي ڪئي آهي. ان کي کڻي مان هيٺ دسيندس. ان ڪري پنھنجي ڪمانڊر جي هن حڪم تي انھن عمل ڪيو.
پر اهي لطيفا ريڪروٽن جي باري ۾ ئي نہ آهن پر انھن جي ڪمانڊر ابراهم جي باري ۾ بہ مشھور آهن. پنھنجن ريڪروٽن جيان ابراهم بہ فوجي اصولن جي اصطلاح کان گهڻو واقف نہ هيو. ڪيترا دفعا تہ ڪمپني مارچ ڪندي هلندي پئي ويئي ۽ ڪماڊر صاحب ان سوچ ۾ پئجي ويندو هو تہ هاڻي ڪھڙو حڪم ڏيان. سو اهڙي ئي قسم جو هڪڙو لطيفو بہ ٿيو تہ ڪمپني مارچ ڪندي هڪڙي اهڙي سوڙهي گهٽي ۾ اچي نڪتي جو جتي هر سپاهي قدم بہ قدم ڪري گڏ نہ پيا هلي سگهن. حڪم اهو ڏيڻو هو تہ هي ڪمپني End wise واپس اچي وڃي. پر ڪمانڊر صاحب کي اهي فوجي لفظ نہ ايندا هيا، ان ڪري هو تڪڙ ۾ هڪڙو تمام وڏو عجيب و غريب حڪم جاري ڪيو. ”بيھو، هي ڪمپني ٻن منٽن جي لاءِ منتشر ٿي ويندي ۽ پوءِ وري رستي جي ٻي پاسي گڏ ٿي قطار ڪري بيھي رهندي“.
لنڪن ۽ هن جي ساٿين جي ”بليڪ هاڪ“ يا هن جي سپاهين سان ڪو بہ واسطو نہ پيو هيو ۽ نہ ئي وري ڪنھن خاص جنگ و جدال جي نوبت آئي. ان جي برخلاف لنڪن هڪ دفعو هڪڙي پوڙهي حبشي جي جان بچائي هئي. هي حبشي سپاهين کان ٿيندو، ڪيمپ تائين پھچي ويو هو. هن وٽ هڪڙو اجازت نامو بہ هيو. پر لنڪن جا سپاهي ڏاڍا جذباتي هيا ۽ اهي هن کي مارڻ جي چڪر ۾ هيا. پر لنڪن انھن کي سمجهائي، انھن سان ڳالھائي هن حبشي جي جان بچائي هئي.
اهڙي طرح لنڪن ۽ هن جي ان ڪمپنيءَ پنج مقامي ماڻھن جي لاشن کي دفنائڻ ۾ پڻ مدد ڪئي هئي. اهي ماڻھو ڪيلوڪ ٽولي جي شروعاتي حملي ۾ ماريا ويا هيا. لنڪن سڄي زندگي انھن مردا سپاهين جي چھرن کي نہ وساري سگهيو. صبح جو پھر هيو. چڙهندي سج جي ڳاڙهي روشني ۾ هنن جي چھري تي لڳل گهاءُ ڳاڙها نظر اچي رهيا هيا. هرهڪ جي مٿي تي زخم جا نشان هيا. انھن مان هڪڙي سپاهي کي تہ لومڙي جي کل جي پينٽ بہ پاتل هئي، سڄو ماحول رتو رت هيو.
لنڪن جي هي فوجي زندگي بہ جلدي ئي ختم ٿي ويئي. لڳاتار ڪيترن ئي حملن کان پوءِ بليڪ هاڪ ۽ ان جي ساٿين جو گهيراءُ ڪيو ويو هو. آخرڪار بليڪ هاڪ کي قيد ڪري واشنگٽن ڊي سي موڪليو ويو هو. واشنگٽن ۾ بليڪ هاڪ کي آمريڪي صدر ايڊريو جيڪسن جي اڳيان پيش ڪيو ويو. هن جي منھن تي ڪنھن بہ قسم جي ڪا پريشاني يا ندامت جا آثار نہ هيا. هو آمريڪي صدر جي سامھون سينو تاڻي بيھي رهيو ۽ چوڻ لڳو تہ،”مان هڪڙو انسان آهيان، تون بہ هڪڙو انسان آهين، مون پنھنجي قوم جي ماڻھن تي ظلم جي خلاف تلوار کنئي هئي. منھنجا ماڻھو اهو ظلم ان کان وڌيڪ برداش نہ ٿا ڪري سگهن. جيڪڏهن مان ان ظلم تي خاموش ويھي رهيس تہ منھنجا ماڻھو چوندا تہ بليڪ هاڪ هاڻي پوڙهو ٿي ويو آهي ۽ سرداري جي قابل نہ رهيو آهي. اهي مون کي قوم جو دشمن سمجهندا“.
بليڪ هاڪ جي گرفتاري سان ئي بليڪ هاڪ جنگ (جيڪا 1965ع کان 1862ع تائين ) جو سلسلو بہ ختم ٿي ويو. ڪمپني کي ٽوڙيو ويو. لنڪن ڏاکڻي ڊسڪنسن ڏانھن روانو ٿي ويو. انھي دوران ڪو ظالم هن جو گهوڙو چورائي ويو هو. ان ڪري واپسي مھل، هن وٽ ان کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ئي نہ هيو تہ هو پنڌ واپس وڃي يا وري ڪا گاڏي ڪرائي تي ڪرائي.
ان واقعي کان ڪيترائي سال بعد ۾ جڏهن ابراهم ڪانگريس جي سامھون تقرير ڪري رهيو هو. صدارت جي عھدي جو ڊيموڪريٽڪ اميدوار جنرل لوئي سيس هن جي تقرير جي نشاني تي هيو. هن تقرير ۾ لنڪن پنھنجي ۽ جنرل لوئي سيس جي فوجي ڪارنامن جو وڏو مزاق اڏايو.
جناب صدر!
هن تقرير ۾ ان ڳالھہ جو بہ ذڪر ڪندو هلان تہ ڇا توهان کي خبر آهي تہ مان هڪڙو فوجي هيرو رهي چڪو آهيان. جي ها فوجي هيرو. بليڪ هاڪ جي لڙائي جي زماني ۾ مون کي منھنجي بھادري جي ڪري داد ڏنو ويو هو. مان جڏهن بہ جنرل لوئي سيس جي فوجي خدمتن جو ذڪر ڪندو آهيان تہ مون کي پنھنجي فوجي زندگي ياد اچي ويندي آهي.
مان توهان کي يقين ڏياريان ٿو ان خونخوار لڙاين ۾ بہ منھنجي تلوار نہ ٽٽي....ڇو ته.... مون وٽ شروع کان ئي تلوار هئي ئي ڪانہ. پر مون کي هڪڙي موقعي تي ياد ٿو اچي تہ مون بندوق جي نالي کي چٻو ڪري وڌو هو. جيڪڏهن جنرل سيس مون کان خودرو ٻيرن کي ميڙڻ ۾ گوءَ کڻي ويو هوندو تہ مون بہ ضرور هن کي جهنگلي بصرن جي ڪپڻ ۾ پوئتي ڇڏي آيو هوندس. جيڪڏهن هن ڪنھن زندہ حبشي کي وڙهندي ڏٺو آهي تہ پوءِ بيشڪ هو مون کان ان معاملي ۾ گوءِ کڻي ويو هوندو.
نيوسيلم واپس اچڻ کان پوءِ، لنڪن اسٽيٽ ليجسليچر ۾ بيھڻ جو فيصلو ڪيو. ڏاڍو گهٽ وقت رهجي ويو هو. ڪم گهڻو ڪرڻو هيو. ان ڪري هو پنھنجي اوسي پاسي جي علائقن ۾ پنھنجي اليڪشن جي ورڪ تي نڪري ويو. هو هارين سان ڳالھائيندو ٻولھائيندو هيو. انھن کي ٻني ٻاري ۽ مال متاع بابت صلاح ومشورا ڏيندو هيو. لاباري ۾ مدد ڪندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن تقريرون بہ ڪري وٺندو هيو. هڪڙي دفعي هو ڪنھن ميڙاڪي کي خطاب ڪري رهيو هو تہ هڪڙو ڍڳو ماڻھن جي ميڙ ۾ اچي نڪتو ۽ ماڻھو ڇڙوڇڙ ٿيڻ لڳا. لنڪن پنھنجي تقرير ختم ڪري هيٺ لٿو ۽ ڍڳي کي سنڱن کان پڪڙي هن کي ماڻھن جي ميڙ کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. ان کان پوءِ ٻيھر اطمينان سان پنھنجي جاءِ تي واپس ويو ۽ پنھنجي رهيل تقرير پوري ڪيائين.
ان موقعي تي هو مڪسڊ جين جو ڪوٽ ۽ کاڌي جي ڪپڙي جي جينز پائي آيو هو، جيڪا گهڻي لنڊي هئي. سفيد رنگ جي ٽوپي هن جي مٿي تي هئي. جنھن ۾ پٽي بہ نہ هئي. هن جي تقرير متخصر پر جامعيت جي لحاظ کان مثالي حيثيت رکندي هئي.
”منھنجا دوستو ! مان سمجهان ٿو تہ توهان شايد مون کي سڃاڻو ٿا. منھنجو نالو ابراهم لنڪن آهي. مون کي ڪجهہ دوستن مجبور ڪيو تہ مان اسٽيٽ ليجسليچر جي سيٽ لاءِ بيھان. منھنجي اليڪشن جو منشور ڪنھن پوڙهي عورت جي رقص جيان مختصر ۽ دلچسپ آهي. مان ڪنھن قومي بينڪ جي قيام جي حق ۾ آهيان. مان داخلي نظام بھتر ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ اهو بہ چاهيان ٿو تہ محصول/ٽيڪس بہ ڪافي سوچ ويچار کان پوءِ لڳايو وڃي. اهو ئي منھنجو انتخابي منشور آهي ۽ اهي ئي منھنجا سياسي نظريا بہ آهن. جيڪڏهن مون کي چونڊيو ويو تہ مان توهان جو شڪر گذار رهندس ۽ جيڪڏهن نہ بہ ٿي سگهيس تڏهن بہ توهان جو ٿورائتو رهندس.
لنڪن شايد زندگيءَ ۾ پھرئين ۽ آخري ڀيري ”راست استصاب راءِ عاما ۾ اليڪشن هارائي ويو“. پر هن کي پنھنجي حلقي ۾،277 ووٽ مليا. ان مان اهو ظاهر ٿيو تہ نيو سيلم واري علائقي جو هي مقبول ترين ماڻھو آهي. هن کي ٻيھر پنھنجي ڪمپني جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو. ان اليڪشن ۾ بيشڪ هو هارائي ويو هو پر 1832ع جي پوين، گرمين ۾ هن کي پنھنجي سچائي جا ڪافي ثبوت ملي ويا هيا.


List of teachers of Abraham Lincoln:

Abraham Lincoln's formal education was limited, but he did have several teachers. Some of his most prominent teachers include Zachariah Riney, Caleb Hazel, and Azel Waters Dorsey. William Mentor Graham also played a significant role in his education, tutoring him in New Salem.
Here's a more detailed look at his teachers:

• Zachariah Riney:
Lincoln's first teacher was Zachariah Riney, who taught in a "blab" or "ABC" school.
• Caleb Hazel:
Lincoln also attended a school kept by Caleb Hazel in Kentucky.

• Azel Waters Dorsey:
Dorsey taught a "blab school" in Spencer County, Indiana, where young Lincoln attended for six months in 1824.

• William Mentor Graham:
Graham was a teacher who tutored Lincoln, giving him a higher education during his time in New Salem, Illinois.

هر فن مولا Jack of All trades

”دڪان جو ڏيوالو نڪري ويو“. ابراهم لنڪن

ابراهم ايندڙ پنجن سالن تائين مختلف ميدانن ۾ پنھنجا جوهر ڏيکاريندو رهيو. اسٽور ڪيپر کان پوسٽ ماسٽر ٿيو. اتان کان وري اسٽيٽ پھتو ۽ اتان کان وري آخر ۾ ڪنھن جي چيمبر ۾ اچي ويٺو. پھريون ڪم ڇڏي هن کي هر ڪم ۾ ڪاميابي نصيب ٿي هئي. اصل ۾ دڪانداري هن جي طبيعت سان نہ پئي ٺھڪي. دڪان کولڻ مھل هن وٽ کيسي ۾ هڪڙو پئسو بہ نہ هيو. پر جڏهن هو 1837ع ۾ دڪان بند ڪري نيو سيلم کان اسپرنگ فيلڊ وڃڻ لڳو تہ تقريبن هڪ هزار ڊالرن جو قرضائي ٿي چڪو هيو.
پر هن کي آخر واپاري ٿيڻ جي خواهش ئي ڇو ٿي؟. شايد هن کي جيمس جنٽري انڊيانا واري جي سماجي حيثيت ۽ عزت جو خيال هو ۽ هو ان ۾ ڪجهہ ڏسي چڪو هيو.... ڇو تہ جنٽري بہ هڪڙو دڪاندار ئي هيو. ان ڪري هو بہ ان جيان ۽ ان جھڙي حيثيت حاصل ڪرڻ جي لاءِ دڪاندار ٿيڻ چاهي پيو. ان ۾ ڪو شڪ ڪونھي تہ ان دڪانداري جي سلسلي ۾ هن کي مختلف ماڻھن سان روز ملڻ جو موقعو ملي پيو، جن کي هي پنھنجي قصن، لطيفن ۽ ٽوٽن سان وندرائيندو هيو. ان کان علاوہ دڪانداري ۾ گهٽ کان گهٽ محنت ۽ مزدوري کان گهڻو سٺي هئي. ان ڪم ۾ سڀ کان وڏو فائدو ابراهم کي اهو بہ نظر ايندو هيو تہ هن کي ڪتاب پڙهڻ جو گهڻي کان گهڻو وقت ملي ويندو هو. هو دڪان جي تختي تي اڌ سمھي، ٽنگون مٿي ڪري سامھون واري ڀت تي لڳائي، ٽيڪ ڏيئي ويھندو هو ۽ جيڪو بہ ڪتاب هن جي هٿ چڙهندو هو، هو اهو پڙهي پورو ڪندو هو.
ابراهم اڪثر ڪري چوندو هو تہ هو نيو سيلم ۾ ئي پنھنجي رهائش اختيار ڪرڻ چاهي پيو. ڇو تہ هو اتان جي ماڻھن کي گهڻو پسند ڪندو هو. هڪ دفعو تہ هن طئي ڪيو هو تہ هو لوهر جو ڪم سکي وٺي. پر پوءِ هن وري قانون پڙهڻ جو ارادو ڪيو. اهڙي ريت هن کي خيال آيو تہ قانون ۾ اعليٰ ڊگري کان علاوہ ڪاميابي حاصل ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
دڪان بند ڪرڻ کان پوءِ هن کي ٻيھر بيروزگاري ۽ بکن ڪاٽڻ تي مجبور ٿيڻو پيو. پر خدا وڏو ڪارساز آهي، ڪو نہ ڪو در کولي ئي ڇڏي ٿو. ان ڪري هن جي حيرت جي ڪا انتھا نہ رهي، جڏهن هن کي اها خبر پئي تہ هڪڙو ماڻھو دڪانداري جو پراڻو سامان هن کي ۽ هن جھڙي ٻي ڪنھن مفلس کي اڌارو ڏيڻ لاءِ تيار آهي. انڌي کي اکين جي نور کان علاوہ ٻيو ڇا کپي. ٻنھين سامان اڌارو وٺي ڇڏيو ۽ ٻنھين گڏجي سيڌي جو دڪان کوليو. پر ٻيئي ڄڻا اڃان بہ ويتر قرضائي ٿي ويا. هٽڙي بہ چٽ.
هن دڪان جي ڏيوالي نڪرڻ جو حال ايترا دفعا تہ ذڪر ٿي چڪو آهي جو هاڻي هنکي ابراهم جي هن سوانح حيات ۾ افساني جي حيثيت حاصل ٿي ويئي آهي. پر هي صحيح قصو آهي. لنڪن ۽ هن جو ساٿي وليم ايف بيري William Farquhar Barry ٻيئي نھايت ئي ناڪام دڪاندار ثابت ٿيا. بيري شراب جي نشي ۾ غرق رهندو هو ۽ ابراهم پنھنجي ڪتابن جي نشي ۾ گم. دڪان جي حالت هر روز ابتر ٿيندي پئي ويئي. ان ڪري ڪجهہ مھينن ۾ ئي ٻنھين دڪان جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو. تنھنجي باوجود ابراهم پنھنجي ايمانداري جي ڪري پنھنجي سموري قرض جي هڪ هڪ پائي ادا ڪري ڇڏي. پر ان قرض لاهڻ جي لاءِ هن کي سالن تائين سخت محنت، مشقت جا ڪم ڪرڻا پيا هيا.
رٽلج جي سراءِ خاني ۾ قيام ۽ طعام جي خرچ جي پورائي ڪرڻ لاءِ ابراهم کي ڪنھن روزگار جي سخت ضرورت هئي. هو هرڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار هو. تختا چيرڻ، ان صاف ڪرڻ، يا ويندي ايلس جي دڪان تي منشي گيري ڪرڻ.
ستين مئي 1833ع ۾ هن کي نيو سيلم جي پوسٽ آفيس ۾ پوسٽ ماسٽر جي نوڪري ملي ويئي. هي هڪ وقت جي پارٽ ٽائيم ملازمت هئي. جنھن ۾ هن کي پنجاھہ کان پنجهتر ڊالرن تائين ساليانو رقم ملي ويندي هئي. پر ان سان گڏ هنکي اها بہ سھولت هئي تہ هو ڳوٺ ۾ ايندڙ سڀئي اخبارون مفت ۾ پڙهي وٺندو هيو.
اخبارن ۽ خبرن سان ابراهم جي پراڻي لڳندي هئي. انڊيانا جي ڏينھن ۾ بہ هو فقط اخبار پڙهڻ جي لاءِ ڪيترن ئي ميلن جو پنڌ ڪري اخبار پڙهڻ ويندو هو. ان کان پوءِ هو واپس موٽي ڳوٺ جي چوڪ تي اچي ويھي رهندو هو، جڏهن هن جي چئني پاسن کان ماڻھن جو ميڙ ڪٺو ٿيندو هو تہ هو انھن کي اهي خبرون ٻڌائيندو هو، جيڪي هو اڳ ۾ پڙهي آيو هو. انڊيانا جا ماڻھو هن کي چرندڙ پرندڙ، هلندڙ ڦرندڙ، اخبار چوندا هيا.
لنڪن کي مقامي، ملڪي ۽ بين الاقوامي سياست سان هميشہ دلچسپي هوندي هئي. ان ڪري جيتريون بہ اخبارون هن جي هٿ لڳنديون هيون، اهي سڀ پڙهي وٺندو هو. ان زماني ۾ سينٽ لوئي کان نڪرڻ وارو سنگامون جنرل The Sangamo Journal پڙهڻ جو موقعو هن کي اڪثر ڪري ملندو رهندو هيو.
نيوسيلم ۾ پوسٽ آفيس جي نوڪري دوران هن کي اخبارن پڙهڻ جو گهڻو موقعو مليو. اڪثر ڪري ائين ٿيندو هو جو جيڪڏهن پوسٽ آفيس ۾ ڪا اخبار رهجي ويندي هئي، جنھن جو ڪو بہ مالڪ نہ هوندو هيو تہ اتي ڳوٺ جا رولو ڇورا گڏ ٿي ويندا هيا ۽ لنڪن انھن کي زور زور سان اخبار پڙهي ٻڌائيندو هيو.
ان دؤر ۾ هڪڙي اها بہ وندر هوندي هئي تہ هو پاڻ ڊاڪ کڻي ويندو هو ۽ پاڻ ئي ورهائيندو هو. انھن خطن کي هو پنھنجي ٽوپلي جي هيٺان رکي، مٿان ٽوپلو پائي ڇڏيندو هو. بعد ۾ وري هو پنھنجي وڪالت جا ڪاغذ، خط و ڪتابت ۽ ٻيون اهڙيون ضروري شيون، جيڪي ضرورت مھل هڪدم ملي وڃن، انھن کي ٽوپلي جي هيٺان رکي ڇڏيندو هو.
ائين لڳندو هو ڄڻ نيو سيلم 1829ع جي بستي الف ليليٰ جي افسانوي داستان جيان ڪو الا دين جو چراغ ٺاهي ڇڏيو هجي ۽ هن بستي جي قيام جو واحد مقصد صرف لنڪن جي آئنده زندگي جي واسطي بھتر موقعا مھيا ڪرڻ هيو. هي بستي جنھن جو نالو نيو سيلم رکيو ويو هو. لنڪن جي اچڻ کان فقط ٻہ سال اڳ ۾ ٻن ماڻھن James Rutledge and John M Camron. ملي جلي ڪري آباد ڪئي هئي. پر جڏهن لنڪن ان آبادي کي ڇڏي هليو ويو تہ هنجي وڃڻ جي فقط ٻن سالن جي اندر ئي هن بستي جو نالو نشان مٽجي ويو. جيئن ڪو لفظ غلط هجي ۽ ان کي ڊاهي سھي ڪري لکيو وڃي ۽ ان پوئين لفظ جو پوءِ ڪو وجود نہ رهي.
ائين لڳي ٿو ڄڻ ڪو طوفان يا زلزلو آيو هجي ۽ هتان جي ڌرتي تي ڪاٺ جي گهرن، دڪانن کي اجاڙي هلي ويئي هجي. ان کان پوءِ ڪنھن جادوگر ڄڻ ڪنھن جادوءَ جي منڊي کي رڳڙيو هجي ۽ بستي جا رهاڪو ڊرامائي ڪردارن جيان نمودار ٿي ويا هجن ۽ پوءِ وري هڪڙي ٻي ڪا ٻوڏ آئي، جنھن سڄي بستي کي هميشہ هميشہ جي لاءِ نظرن کان اوجهل ڪري ڇڏيو هجي.
هن بستي جا رهاڪو کڻي ڪھڙي بہ ڊرامائي انداز سان نمودار ٿيا هجن يا گم ٿي ويا هجن، پر جيسيتائين لنڪن هتي رهيو، انھن ماڻھن هن جي زندگي تي وڏي دير تائين هلندڙ گهرا اثر وڌا. انھن هن کي ابراهم لنڪن ٿيڻ ۾ وڏي مدد ڪئي. مثال جي طور پھريون دفعو سنگامون جي سرڪاري سرويئر ابراهم کي اها پيشڪش ڪئي هئي تہ هو هن جي مددگار جي حيثيت سان روڊن جي ماپ، ٻنين جي حدبندي ۽ نئين بستي جي آبادڪاري ۾ هن جي مدد ڪري. ابراهم کي ان ڪم جي قطعي ڪا بہ ڄاڻ نہ هئي. ان ڪري هو پنھنجي اسڪول ٽيچر مينٽر گراهم وٽ ويو. ان وٽ رهي ڪري هن جيوميٽري، مساحت زمين و پيمائش جو فن سکي ورتو. گرهام رات دير تائين آتشڪدي جي ڀر ۾ ويھي ابراهم کي گب سن Robert Gibson جي ڪتاب عملي مساحت "The Theory and Practice of Surveying" ۽ فلنٽ Abel Flint جي ڪتاب سسٽم آف جيوميٽري "System of Geometry and Trigonometry, Together with a Treatise on Surveying" پڙهايو. گرهام جي گهرواري اڪثر ڪري شڪايت ڪندي هئي تہ منھنجو مڙس ۽ ابراهم رات جو دير تائين اهڙي تہ زور زور سان پڙهندا رهندا آهن جو مونکي سڄي رات ننڊ نہ ٿي اچي.
بعد ۾ گرهام پنھنجي شاگرد ابراهم جي باري ۾ چيو هو تہ،“مون پنھنجي سڄي استادي واري دؤر ۾ پنج هزار شاگردن کي پڙهايو، پر ابراهم جھڙو ذهين، محنتي ۽ علم سان شغف رکڻ وارو انسان مون نہ ڏٺو”.
گرهام کان ضروري تعليم/سکيا حاصل ڪرڻ کان پوءِ جلد ئي ابراهم پنھنجي نئين نوڪري تي لڳي ويو. مرڪزي الينواءِ ۾ روڊن جي ماپ، ٻنين جي حدبندي ۽ ميدانن جي سڃاڻپ جي لاءِ هو زنجير ۽ پيمائش جوٻيو سامان پاڻ سان کڻي زمينن ۽ ميدانن ۾ ماپ ڪندي يا حدبنديون ڪندي نظر آيو. هي سرويئر جي حيثيت سان مقرر ڪيو ويو هو. هن ڪم جي اجرت هن کي اڍائي ڊالر ۽ ٻہ زار هرروز جو ڀتي جي طور تي هن کي ڏنا ويندا هيا. پر اهو ضروري نہ هيو تہ اها اجرت ھميشہ هن کي ڪيش جي صورت ۾ ملي. اڪثر ڪري هن کي ان قيمت جون شيون ملي وينديون هيون. انڪري هڪ دفعو هن کي لومڙي ءَ جون ٻہ کلون معاوضي ۾ مليون هيون. انھن کي آرمز اسٽرنگ جي گهرواري صاف ڪري اهڙي ريت هن جي پتلون ۾ وجهي ڇڏيو جو جڏهن هو ٻنين ۾ ڪم ڪندو هو تہ هن جي ٽنگن ۾ ڪنڊا ۽ سڪل ٽارين جي رهڙ نہ ايندي هئي.
سو ويچارو ابراهم محنت ۽ مشقت ڪري پنھنجي قرض لاهڻ جي ڪوشش ۾ ڏينھن رات مصروف رهيو. پر هن کي ڪنھن بہ ماڻھوءَ قرض جي ڳري بار لاهڻ ۾ مدد نہ ڪئي. وقت گذرندو ويو، قرضدارن جي ڦڪڙي بہ وڌندي ويئي. آخرڪار انھن قرضاين ابراهم جو گهوڙو، ان جو هنو، زين ۽ زمين جي ماپ وارو سامان ضبط ڪري اهي نيلام ڪري آيا. اهو تہ اتفاق سان ابراهم جي دوست کي ان ڳالھہ جي سڌ پئجي ويئي تہ هن هڪدم وڃي نيلام ٿيندڙ شيون پاڻ خريد ڪيون ۽ لنڪن کي موٽائي ڏنيون.
1834ع جي اوائلي ڏينھن ۾ لنڪن هڪدفعو ٻيھر مجلس قانون ساز جي اليڪشن وڙهڻ جو فيصلو ڪيو. ڊيموڪريٽ ۽ وهگ Whig party” ٻنھين پارٽين جي متفق راءِ ۽ انھن جي مدد سان هو ڪامياب ٿي ويو. بائولنگ، ڊيموڪريٽ جي طرفان ۽ جان ٽي اسٽوارٽ وهگ Whig party” جي طرفان ابراهم جي حمايت ٿي رهي هئي. اسٽوارٽ John T. Stuart پاڻ اسپرنگ فيلڊ جو تمام وڏو وڪيل هيو ۽ بعد ۾ هن ابراهم جي وڏي مدد ڪئي. جڏهن ونڊيليا ۾ جنرل اسيمبلي جا اجلاس شروع ٿيندا هيا تہ ڪيترن ئي مشڪل مرحلن تي اسٽوارٽ John T. Stuart هن جي مدد ڪئي. ان ئي هن کي قانون پڙهڻ جي صلاح ڏني هئي. ان لاءِ هن ڪجهہ قانوني ڪتاب بہ هِن کي ڏنا هيا ۽ ڪيترن سالن تائين هن کي وڪالت ۾ ساٿي ڪري رکيو هو.
ابراهم ٻين ڪتابن کان علاوہ قانون جا ٻہ مشھور ڪتاب بليڪ اسٽون Sir William Blackstone جي ڪتاب نالي Commentaries on the Laws of England۽ پليڊنگس جو مطلعو پڻ شروع ڪري ڏنو هيو. 1834ع ۾ ابراهم ٻين ڪمن سان گڏ سرويئر جو ڪم پڻ سکي ورتو هيو. پر ويچارو ڪڏهن بہ ايترا پئسا گڏ نہ ڪري سگهيو جو هڪڙو سٺو سوٽ/وڳو ٺھرائي/سبرائي سگهي. الينواءِ جي دؤر جي صدر مقام ونڊيليا ۾ جنرل اسيمبلي جي هيٺين ايوان جو اجلاس ٿيڻ وارو هو ۽ ابراهم وٽ اهڙي قسم جي ڍنگ جا ڪپڙا بہ نہ هيا، جيڪي هو پائي ان اجلاس ۾ شرڪت ڪري سگهي. ان ڪري هن پنھنجي دوست ڪولمن اسموٽ Coleman Smoot کان 200 ڊالرن جو قرض کنيو ۽ زندگي ۾ پھريون ڀيرو درزي کان سبيل هڪڙو سوٽ 60 ڊالرن ۾ خريد ڪيو.
انھن ڏينھن ۾ صاف ۽ پڪا روڊ نہ هيا. ان ڪري اڪثر ڪري اهي ڌوڙ، دز ۽ مٽي سان ڀريل هوندا هيا. خاص طور تي نومبر جي آخر ۾ موسم جي مٽجڻ جي ڪري روڊن تي اڃان بہ خراب حالت هوندي هئي. ڪيمبرلينڊ Cumberland روڊ بہ اڃان تائين پوري ريت ٺھيل نہ هيو. اهو ئي روڊ ونڊيليا جي ڳوٺ مان نڪرندو هو.
جڏهن گپ چڪ، مٽي، ڌوڙ ۽ دز سان ڀڀوت گاڏيون ان دلدل مان نڪري ونڊيليا ڏانھن اينديون هيون تہ سواءِ ٻہ ماڙ ڪيپٽال عمارت جي، جنھن ۾ اسيمبلي جو اجلاس ٿيڻ وارو هو، ان کان علاوہ شھر ۾ ڪا بہ ٻي شي ڏسڻ جھڙي نہ هوندي هئي. گاڏين مان اسيمبلي جا ميمبر، رياستن جا نمائندا ۽ انھن جي گهروارا، لھندي نظر ايندا هيا، جيڪي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ ونڊيليا WANDELAايندا هيا. هي ڳوٺ انھن نون سياستدانن لاءِ بي رنگ ۽ غيردلچسپ ضرور هيو پر لنڪن جي لاءِ هي ڇھن سون جي آبادي وارو ننڍڙو ڳوٺ ترقي لاءِ تمام سٺو ثابت ٿيو. لنڪن ۽ اسٽوارٽ ٻيئي هڪڙي ئي هوٽل ۾ ترسيا.
لنڪن ان قانون ساز اسيمبلي جو اٺن سالن تائين ميمبر رهيو. ان سڄي عرصي جو تفصيلي ذڪر ڪرڻ هتي غيرضروري هوندو. ان لاءِ فقط ايترو بيان ڪرڻ ڪافي آهي تہ اهو لنڪن جي سياسي تربيت جو مرڪز هيو، جتي هو سياست جا ابتدائي سبق سکي رهيو هيو.
ڪيترا ماڻھو شايد اهو بہ چوڻ تي متفق ٿي وڃن تہ لنڪن پنھنجي عام زندگيءَ ۾ ڪاٺ جي بُنڊن مان تختا چيري ٺاهيندو هيو. سياست جي ميدان ۾ آيو تہ اهي سڀ داءُ پيچ بہ سمجهي ويو. ان جو مطلب اهو هيو تہ ”من ترا حاجي بگو، تو مرا قاضي بگو“. يعني جيڪڏهن ڪنھن مسئلي ۾ توهان جيڪڏهن ڪنھن جو ساٿ ڏيو ٿا، تہ توهان جي معاملي ۾ بہ اهو توهان جو ساٿ ڏيندو. اهڙي قسم جي ”باهمي مدد“ واري مراعتن جو تعلق قائم رکڻ بہ سياسي داءَ پيچ چورائي ٿو. ان ڪري اڄ بہ سياستدان اهڙي قسم جي بلڪ ان کان بہ وڌيڪ سنگين قسم جي سياسي مفاهمت ڪندا رهنداآهن.
اسيمبلي جي قانون سازي جي اٺن سالن جي ميمبرشپ جي دوران هن پنھنجو تمام گهڻو اثروسوخ پيدا ڪيو. هو اقليتي رهنما تسليم ڪيو ويندو هو. هن جو شمار اسيمبلي جي وڏن بااثر ميمبرن ۾ ٿيڻ لڳو ۽ جڏهن بہ هو ڪو قانون پاس ڪرائڻ چاهيندو هو تہ وڏي آساني سان ٻين ميمبرن کي راءِ ڏيڻ جي لاءِ آمادہ ڪري وٺندو هيو.
ان دؤر ۾ آمريڪا جون سڀئي رياستون (هن وقت 50 رياستون آهن) پنھنجي داخلي نظام مواصلات کي بھتر بنائڻ جي لاءِ بيچين هيا. انھن کي نون روڊن جي ضرورت هئي، انھن کي نون پاڻي جي شاخن جي ضرورت هئي. ان ڪري اهي آمد و رفت جي ذريعن کي بھترڪرڻ چاهين پيا. انھن سڀني منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڪروڙن ڊالرن جي ضرورت هئي. رياستي خزانہ بلڪل خالي هيا. ٻين رياستن جيان الي نوائي ۾ بہ انھن مطالبن جي شدد سان گهرج ٿي هئي ۽ اڄ جڏهن اسان هن دؤر جي آمدني ذريعن، رياستي خزانن ۾ موجود رقم ۽ پوءِ انھن منصوبن جي لاڳت جو اندازو ڪيون ٿا تہ اهي مطالبا اسان کي غيرمناسب لڳن ٿا. مثال جي طور الي نوائي سرڪاري خزاني ۾ ڪل 2000 هزار ڊالر موجود هيا. هاڻي ٻن هزار ڊالرن جي رقم جي مقابلي ۾ اهڙن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ، جنھن جي تڪميل جي لاءِ ڪروڙين روپين جي ضرورت هجي. ڪٿان جي دانشمندي هئي.
لنڪن پنھنجي ميمبرشپ جي ٽين سال ئي پنھنجي سياسي حڪمت عملي جي ذريعي وڏي حد تائين انھن مطالبن تي ضابطو آندو. لنڪن جي حلقي مان 9 ميمبر چونڊجي آيا هيا. انھن سڀني جو قد 6 فٽ ڊگهو هو. پر لنڪن انھن سڀني کي قد ۾ ماري ويو هو. ان ڪري ماڻھو هن کي نولمبو جي نالي سان سڏيندا هيا. لنڪن انھن سڀني جو ليڊر هيو ۽ هن انھن جي مدد سان آهستي آهستي ايترو اثر پيدا ڪيو جو سڄي اسيمبلي ۾ هن جي پارٽي جو داٻو قائم ٿي ويو هو. ان ڪري هو باهمي مفاهمت سان جيڪو چاهي پيو اهو ڪرائي وٺي پيو. سو هن الينواءِ جي صدر مقام ونڊيليا سان اسپرنگ فيلڊ جي جاءِ مٽرائي ڇڏي. ٿيو ائين جو ڊيموڪريٽ بھتر مواصلاتي نظام چاهين پيا. لنڪن ۽ هن جي پارٽي حڪومت جي صدر مقام ۾ تبديلي جا خواهشمند هيا. ٻنھين پارٽين پاڻ ۾ مفاهمت ڪري ڇڏي ۽ اهڙي ريت ٻنھين جو مقصد پورو ٿيو.
اسپرنگ فيلڊ لنڪن جي ذاتي ڪوششن جي ڪري الينواءِ کي صدر مقام قرار ڏنو ويو. ان ڪري ئي الينواءِ جي ماڻھن لنڪن جو استقبال قومي هيرو جي حيثيت سان ڪيو.
ونڊيليا ۾ ئي لنڪن جي ملاقات جيمس شيلڊز James Shields ۽ اسٽيفن ڊگلس Stephen Douglas سان ٿي. جيڪو اڳتي هلي هن جو وڏو مخالف ثابت ٿيو. جيمس شيلڊز ، لنڪن کي آمھون سامھون جهيڙو ڪرڻ تي چيلينج ڪيو ۽ اسٽيفن ڊگلس سان گڏ 1850ع جي آخر ۾ تمام طويل تقريري مقابلا ڪرڻا پيا. هن جي تقريرن جي گونج سڄي آمريڪا ۾ هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ٻڌڻ ۾ پئي آئي.
شيلڊز ۽ ڊگلس ٻيئي غيرموزون ۽ وڏي حد تائين نامعقول انسان هيا. هڪڙي دفعي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ سياستدانن جي اعزاز ۾ هوٽل ۾ هڪڙي دعوت ڪئي وئي. ڊگلس ۽ شيلڊز بدمست ٿي ماني واري وڏي ٽيبل تي چڙهي ويا ۽ ميز جي هڪڙي ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ٺينگ ٽپا ڏيندا رهيا. ٻي ڏينھن شيلڊز کي ماني وارن ٿانون جي ٽوڙڻ جي نقصان ۾ 600 ڊالرن جو بل ڀرڻو پيو. انھن ڏينھن ۾ ايترن ڊالرن ۾ تمام سٺي پوک پوکيل زمين خريد ڪري سگهجي پيئي.
لنڪن عملي سياست ۾ وڏي ڪاميابي سان حصو وٺندو رهيو. مواصلات جي نظام جي بھتري ۽ حڪومت جي صدر مقام جي تبديلي، هن جي ڪاميابين جا نمايان ثبوت آهن. پر ان جو مطلب اهو بہ نہ آهي تہ هو انھن معاملن ۾ گهيرجي گهر وڃي ستو پيو هوندو هو. يا هنجا پنھنجا جيڪي نظريا هيا، اهي هن نظرانداز ڪري ڇڏيا هجن. هو اڄ بہ عام ميڙاڪن ۾ تقريرون ڪري، انسداد غلامي جي متعلق پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندو رهندو هيو ۽ هو وڏي وضاحت سان پنھنجي ان موقف جو اظھار ڪندو هو تہ غلامي جي بنياد اڻبرابري ۽ ناانصافي تي رکي ويئي آهي. ان ڪري ان جي خلاف عملي قدم کڻڻ نھايت ئي ضروري آهي. پر ان سان گڏ هو اهو بہ چوندو هيو تہ جن رياستن ۾ اهو ارھہ زورائي/ڏاڍائي وارو قانون آهي، يا جن رياستن ۾ غلامي جو رواج وڌو هيو، ان جي باري ۾ وفاقي حڪومت، انھن رياستن ۾ انھن ڪارن قانونن وارن رواجن ۾ مداخلت ڪرڻ جو ڪو بہ حق نہ ٿي رکي سگهي. پر ڪانگريس گهٽ ۾ گهٽ ڪولمبيا جي ضلعي ۾ غلامي جي خاتمي جو قانون ضرور رائج ڪري سگهي ٿي.
اسيمبلي جي اجلاسن جو وچون عرصو لنڪن نيو سيلم ۾ گزاريندو هيو. اُتي ئي هڪڙي ڀورن وارن ۽ نيرن اکين واري خوبصورت ڇوڪري رهندي هئي. هن جو نالو اين رٽلج Ann Rutledge هيو. هن جي منڱڻو هڪڙي شخص نالي McNamar، جنھن جو پورو نالو ميڪ نميئر هيو، سان ٿيل هيو. ميڪ نميئر 1832ع ۾ پنھنجي گهريلو معاملن کي اڪلائڻ لاءِ اوڀرئين علائقي ڏانھن نڪري ويو هو. اهو طئي ڪيو ويو هو تہ جيئن ئي گهر جا معامرا حل ٿي ويندا تہ هو اتان واپس موٽي ايندو ۽ پوءِ اهي ٻيئي ڄڻا پاڻ ۾ شادي ڪري ڇڏيندا. شروع شروع ۾ اين کي ميڪ نميئر جا خط ايندا رهيا پر ان کان پوءِ هن خط و ڪتابت بہ بند ڪري ڇڏي هئي. ٽن سالن تائين هن ڪا بہ هِن جي پرگهور نہ لڌي هئي. هاڻي ماڻھن کي اهو خيال اچڻ لڳو تہ لڳي ٿو تہ ميڪ نيمئر جي نيت ئي بدلجي ويئي ۽ هو اين سان شادي نہ پيو ڪرڻ چاهي.
ڇا ابراهم جي دل ۾ اين پنھنجي محبت جا چراغ ٻاريا هيا. ڇا لنڪن اين کي شادي جي لاءِ چيو هو ۽ اين اها آفر منظور ڪئي هئي ياٺڪرائي ڇڏي هئي. پوءِ 1853ع ۾ اين جي اچانڪ موت جي ڪري ابراهم کي ايڏو گهرو صدمو ڇو پھتو هيو، جو هن جو ذهني توازن ذري گهٽ بگڙي ويو هو.
اهي سڀ سوال اهڙا هيا جو جن جي جواب ۾ جديد سوانح نگار ابراهم ۽ اين جي پيار کي ڪنھن افساني کان وڌيڪ اهميت نہ ٿا ڏين. انھن جي ويجهو اهڙي قسم جي عشق جون شاهديون، واقعا تاريخ ۾ ڪٿي بہ نہ ٿا ملن.
سوانح نگارن جي تہ ان انڪار جي ابراهم جي سوانح حيات ۾ عوام جي لاءِ ڪو ٻيو واقعو قابل قبول نہ ٿو معلوم ٿئي.
اين جي قبر تي جيڪو ڪتبو لڳل آهي، ان تي ايڊگرلي ماسٽر جا جيڪي شعر اخذ ٿيل آهن، انھن ۾ بہ ابراهم جو ذڪر آهي. اڄ ايترو عرصو گذري وڃڻ جي باوجود بہ ان ڳالھہ جو فيصلو ڪرڻ ناممڪن آهي تہ انھن ٻنھين جي دلين ۾ آخر ڇا هيو ۽ هڪٻئي جي لاءِ آخر ڪھڙا جذبا رکن پيا.
حالتون ۽ واقعا کڻي ڪجهہ بہ هجن پر ان ڳالھہ تي ڪو بہ شڪ نہ آهي تہ نيو سيلم کان ابراهم جي دلچسپي گهٽ ٿيندي ويئي ۽ جڏهن اپريل 1837ع ۾ نيو سيلم کي ڇڏي اسپرنگ فيلڊ وڃي وڪالت ڪرڻ جو ارادو ڪيو تہ هن جي عمر 28 سالن جي هئي.
پنھنجي پويان هو نيو سيلم ۾ تمام گهڻيون يادون ڇڏي وڃي پيو. ان دڪان جي ياد جنھن هن جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو هو. پوسٽ ماسٽر جتي هن کي هر قسم جي اخبار پڙهڻ جو موقعو ملندو هيو. ڪاٺ جا تختا چيرڻ، ڪڻڪ صاف ڪرڻ ۽ سرويري واري ڪم جون يادون، زندگي جي انھن تجربن ۽ يادن ۾ هڪڙي معصوم، خوبصورت ۽ پياري ڇوڪري بہ هئي، جيڪا نيو سيلم جي مڻين مٽي جي ڍير هيٺان ستي پئي هئي.
ان کان پوءِ ايندڙ ٻن سالن تائين نيو سيلم صفحه هستي کان ئي غائب ٿي ويو ۽ اڄ آمريڪا جي تاريخ ۾ فقط هن جو نالو ئي رهجي ويو آهي. باقي ڪجهہ بہ نہ رهيو.

اسپرنگ فيلڊ جا شروعاتي ڏينھڙا

”مون قانون جو مطالعو ڪيو هو ۽ پوءِ اسپرنگ فيلڊ وڃي وڪالت ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو“. اي لنڪن

جوشوا ايف اسپيڊJoshua F.Speed (1814-1882) ڪينٽڪي جو رهاڪو هڪڙو نوجوان ۽ خوشحال واپاري هيو. اسپرنگ فيلڊ ۾ هن جي هٽ جو وکر گهڻو وڪامجندو هيو. بعد ۾ هي شخص لنڪن جو تمام گهڻو مخلص يار ثابت ٿيو.
اسپيڊ اسپرنگ فيلڊ ۾ لنڪن جي آمد جو ذڪر اڪثر ڪري ڪندو هيو. لنڪن هڪڙي ٽانگي تي سوار ٿي پنھنجو سڄو اثاثو، ٻن ٿيلھن ۾ ڀري، اسپيڊ جي هٽ اڳيان اچي بيٺو ۽ اسپيڊ کان پڇڻ لڳو،”هڪڙي بستري جي قيمت ڇا آهي“؟.
جڏهن اسپيڊ حساب ڪري هن کي ٻڌايو تہ، ”تقريبن سترنھن ڊالر ٿيندي“.
ان تي لنڪن چوڻ لڳو،”سترنھن ڊالر...ڪافي سستو آهي پر في الحال مون وٽ اها قيمت ڀرڻ جي بہ طاقت نہ آهي. جيڪڏهن توهان مون کي ڪرسمس تائين اهو ڪمرو اڌارو ڏيئي سگهو ۽ انھيءَ دوران جيڪڏهن منھنجي هتي وڪالت هلي پيئي تہ مان توهان کي سموري رقم ڏيئي ڇڏيندس. نہ تہ ٻي صورت ۾ شايد مان اها رقم بہ ڀري نہ سگهان“.
اسپيڊ ان ڊگهي قد واري ماڻھو تي هڪڙي گهري نظر وڌي ۽ هن کي غور سان ڏسڻ لڳو. اڪثر ماڻھن جي هن جي چھري جي باري ۾ اها راءِ هوندي هئي تہ هن جھڙو اداس/مغموم چھرو انھن زندگي ۾ ڪنھن جو بہ نہ ڏٺو هو. اهڙو ئي تاثر اسپيڊ جو بہ جڙيو هو. اسپيڊ جلدي ۾ ئي پنھنجي ذهن ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو هو ۽ دڪان جي صندل تي جهڪندي ئي هن اداس وڪيل کي چوڻ لڳو،”مان ڏسان ٿو تہ ايتري معمولي رقم بہ توهان لاءِ ايڏي وڏي اهميت رکي ٿي. ان ڪري منھنجي هڪڙي تجويز آهي جيڪڏهن توهان اها قبول ڪندو تہ توهان قرض کان بہ بچي ويندو ۽ توهان جو مقصد بہ حل ٿي ويندو. مون وٽ هڪڙو تمام وڏو ڪمرو ۽ ان ۾ هڪڙو وڏو بسترو آهي. جيڪڏهن توهان مون سان گڏ رهڻ پسند ڪيو تہ مون کي ڪو بہ اعتراض نہ آهي“.
”اهو ڪمرو ڪٿي آهي“. لنڪن هن کان پڇيو.
”مٿي“... اسپيڊ هڪڙي ڏاڪڻ ڏانھن اشارو ڪندي چيو.
لنڪن پنھنجا ٻيئي ٿيلھا کنيا ۽ هڪ ئي وقت ٻٽا ڏاڪا چڙهندو مٿي هليو ويو. ٿوري دير کان پوءِ جڏهن هو واپس آيو تہ هن جي چھري تي اطمينان جي جهلڪ نظر پئي آئي. هن اسپيڊ کي چيو،”مون کي توهان جي تجويز منظور آهي“.
اتي پھچڻ کان پوءِ لنڪن پنھنجي هڪڙي خط ۾ اتان جي تنھائي جي شڪايت ڪئي آهي. پر حقيقت ۾ اسپيڊ نہ فقط هن کي مفت ۾ رهڻ لاءِ هڪڙو ڪمرو ڏنو هو پر ڪمرو هڪڙي قسم جو ڪلب بہ ٿي ويو هو. دڪان جي مٿان وارو هي ڪمرو تمام وڏو ڪمرو هيو ۽ آتشڪدي جي هرويل جي ٻريل باھہ جي ڪري ڪافي گرم هيو. هن جي ڪمري ۾ اڪثر ڪري ڳوٺ جا پڙهيل لکيل ماڻھو گڏ ٿي ويندا هيا ۽ اهي سياست ۽ ادب تي بحث مباحثو ڪندا رهندا هيا. اسپيڊ پاڻ بہ ايترو ئي پڙهيل هيو جيترو لنڪن ۽ لنڪن کان وڌيڪ تربيت يافتہ هيو. اهڙي صحبت ۾ اسپيڊ ۽ هن جو ڪلرڪ بلي هرن ڊن تہ باقائدي ئي شريڪ ٿيندا هيا. اڪثر ڪري هڪڙو نوجوان ۽ هڪڙو ڪامياب سياستدان اسٽيفن ڊگلس بہ اتي ايندو رهندو هيو. ڊگلس، ابراهم جي ڀيٽ ۾ ننڍي قد جو، ضديرو ۽ ڊيموڪريٽ پارٽي سان تعلق رکندو هيو. پر ان جي ڀيٽ ۾ وري لنڪن ڊگهو مڙس، صلح ڪرڻ وارو پرامن ماڻھو ۽ سياسي پارٽي جي حساب سان هن جو تعلق وهگ Whig party” سان هيو. اڪثر اهي ماڻھو شعرو شاعري ۽ ڪچھري ڪندا رهندا هيا. ڪڏهن ڪڏهن ڊگلس ۽ ابراهم وڏي گرم جوشي سان سياسي مسئلي تي وڏي سنجيدگي سان مدلل بحث بہ ڪندا هيا. اهي ٻيئي سٺا مقرر هيا.
لنڪن ٻين سببن جي ڪري بہ خوش قسمت سمجهيو پئي ويو تہ انھن ئي ڏينھن ۾ جان ٽي اسٽوارٽ ئي هنکي قانون جي تعليم پڙهڻ جي صلاح ڏني. هن فرم جي حساب ڪتاب ۽ انگن اکرن مان اها خبر پوي ٿي تہ پھرئين سال هن فرم فقط پنج ڊالر ڪمايا ۽ انھن ٻنھي وڪيلن جي دوستي ڏينھن و ڏينھن اڃان بہ مضبوط ٿيندي ويئي.
لنڪن اسپرنگ فيلڊ ۾ اڳ ۾ ئي گهڻي مقبوليت ماڻي چڪو هيو. جنھن جوش ۽جذبي سان هن الينواءِ جو صدر مقام ونڊيليا کان اسپرنگ فيلڊ ۾ مٽرايو هو، ان جو اثر عوام تي تمام گهڻو هيو. هو لنڪن جي صلاحيتن کان تمام گهڻو واقف هيو.
لنڪن جي آمد کان ٻہ سال اڳ ۾ ئي مردم شماري ڪئي ويئي هئي. ان ڪري اسان آساني سان سھي اندازو لڳائي سگهون ٿا تہ لنڪن جي اچڻ مھل هن شھر جي آبادي ڏيڍ هزار ماڻھن تي مشتمل هئي. هن شھر ۾ ڇھہ گرجا گهر ۽ ڇھہ پسارين جا دڪان هوندا هيا. ٻارنھن دڪان کائڻ پيئڻ يعني سيڌي سٽي جي شين جا هيا. ان کان علاوہ شھر ۾ چار هوٽلون، چار دوافروش ۽ چار ڪافي هائوس هيا.
ان شھر ۾ ٻہ اخبارون هيون اينديون، جن جي پاڻ ۾ نہ لڳندي هئي ۽ اهي ٻيئي اخبارون ابراهم لنڪن جي سياسي حريف ڊگلس جي نظرين جون حامي هيون. سائمن فرانسس سنگامون جنرل جو ايڊيٽر هيو ۽ لنڪن جو تمام وڏو حامي هيو. اسٽيفن ڊگلس کي الينواءِ ريپبليڪن جي ايڊيٽر جارج آروير جي حمايت حاصل هئي. سڀئي دفتر ۽ دڪان شھر جي مرڪزي چوڪ تي واقع هيا. روڊ جي ٻي پاسي ڪاٺ جا ٺھيل ڪيبن ۽ اڌ پڪل سرن جا ڪجهہ گهر ٺھيل هيا. پر سڄي بستيءَ جون گهٽيون ۽ روڊ ڪچا هيا. خشڪ موسم ۾ تہ هتان جي ڪچن پيچرن تان تہ سڄو ڏينھن ڌوڙ جا دونھان پيا نڪرندا هيا ۽ مينھن ۾ تہ وري گپ ۾ وهنتل هوندا هيا. سوئر ۽ ٻيا جانور وچ رستن تي پيا ڊڪندا رهندا هيا. ڪڏهن ڪڏهن تہ روڊ پار ڪرڻ بہ انتھائي اوکو ٿي پوندو هيو.
هڪ نئين صدر مقام جي زندگي جي اڪثر شعبن ۾ ناهمواري، بي ترتيبي ۽ افراتفري ڏٺي ويندي هئي. پر گهڻن ڳالھين جي ڪري هي نئون شھر ۽ اسان جو نئون وڪيل بہ گهڻين خوبين جو مالڪ هيو. هن شھر کي اهو فخر بہ حاصل هيو تہ هن ۾ هڪڙو ڪتابن جو دڪان ۽ تمام گهڻا اسڪول بہ هيا. تعليمي ۽ ثقافتي اعتبار کان اڄ ڏيڍ هزار جي آبادي جو ڪو بہ ڳوٺ ايتري سرگرمي نہ ٿو ڏيکاري سگهي، جيتري ان زماني ۾ سرحدي اسپرنگ فيلڊ پنھنجي حلقي ۾ ڏيکاري هئي. هتي ٿپسين سوسائيٽي، ٽيمپرينس سوسائٽي ۽ ٻيا ثقافتي ۽ تعليمي ادارا بہ هيا. اڪثر ڪري مشھور ماڻھو جھڙوڪ؛ ڊينيئل ويبسٽر وغيرہ تقرير ڪرڻ ايندا هيا.

عشق جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وڃڻ

اسپرنگ فيلڊ ۾ فيشن ڪرڻ واري طبقي جو سربراھہ نينين ڊبليو ايڊورڊز Ninian Wirt Edwards ۽ هن جي گهرواري ايلزبيٿ (ٽاڊ) Elizabeth Todd ايڊورڊز هيا. اهي ماڻھو ڏاڍا شائستا، تعليم يافتہ ۽ خوش پوشاڪ هيا. لنڪن کي بہ انھن ماڻھن پنھنجي حلقي ۾ وڏي خوشيءَ سان شامل ڪري ڇڏيو. اهي جان ٽي اسٽوارٽ جو ساٿي ۽ اسيمبلي ۾ وهگ Whig party” پارٽي جو ليڊر بہ هيو. جڏهن بہ ابراهم اهڙي قسم جي محفلن ۾ شريڪ ٿيندو هيو تہ باوجود پنھنجي بيڪار لباس جي هو سڀني جي توجھہ جو مرڪز هوندو هيو ۽ فيشن ڪرڻ وارا نوجوان ڇوڪرين سان ڊانس ڪرڻ بجاءِ، هن جي ويجهو هوندا هيا ۽ هن جي ڳالھيون ٻڌندا رهندا هيا.
ميري ٽاڊ سان ابراهم جي ملاقات هڪڙي دعوت ۾ ٿي هئي. عام طور تي اها روايت مشھور آهي تہ اسيمبلي ميمبرن جي اعزاز ۾، اسپرنگ فيلڊ ۾ هڪڙي وڏي دعوت رکي ويئي. سڀ مھمان، مرد توڙي عورتون هڪڙي وڏي هال ۾ گڏ ٿي ويا هيا.
ميڻ بتين جي روشني ۾ گلن سان سجايل ڪمرو ڏاڍو سھڻو لڳي رهيو هو. ان سڄي مجموعي ۾ سڀني کان وڌيڪ خوبصورت ڇوڪري مسز ايڊورڊز جي ڀيڻ ميري ٽاڊ Mary Todd هئي. ميري ٽاڊ گُداز جسم، نيرين اکين واري، اعليٰ تعليم يافتہ، شائستہ ۽ مھذب ڇوڪري هئي. ڊگهي قد وارو ابراهم هميشہ پنھنجي لباس جي ڪري ڪجهہ عجيب لڳندو هيو. هن جو لباس ڪڏهن بہ هن جي جسم تي نہ ٺھندو هيو. پر ابراهم هر محفل جي جان هوندو هيو. پنھنجي انداز ۾ جنھن وقت هو خوبصورت ۽ مزاحيه لطيفا ٻڌائيندو هو ۽ ماڻھن کي کلائيندو هو تہ ماڻھن کي وڻي ويندو هيو. ان ڪري سموري ميڙاڪي جو ڌيان هن ڏي ڌرجي ويندو هو. پر ميري ٽاڊ کي ڏسي هي ڪنھن خوبصورت دنيا ۾ گم ٿي ويو هو. پنھنجون سڀ ڳالھيون، لطيفا، چرچا، کل ڀوڳ هن کان وسري ويئي. هن جون نگاهون ميري ٽاڊ کان هٽن ئي نہ پيون. ميري جيڪا پاڻ هرڻي جيان سڄي ڪمري ۾ پئي ڦيرا ڏيئي، سا ڪڏهن اسٽيفن ڊگلس، ڪڏهن جيمس شيلڊز ۽ ڪڏهن وري ڪنھن ٻي نوجوان سان رقص پئي ڪيو. ابراهم وڏي دير تائين همت ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي تہ ڪنھن بہ ريت ميري سان ڳالھہ ٻولھہ ڪري وٺي پرآخرتائين هن همت نہ ٻڌي. نيٺ هن جي همت جوش کاڌو ۽ ميري ٽاڊ وٽ هليو ويو ۽ هن کي پاڻ سان رقص ڪرڻ جي آفر ڪئي، جيڪا ميري منظور ڪري ورتي هئي. بس اها هئي هن جي ميري سان پھرئين ملاقات.
دنيا ۾ شايد ئي ٻہ ماڻھو هڪٻئي کان ايترو مختلف هجن. جيترو ميري ۽ ابرهام هيا. لنڪن جو ڪل تعليمي سرمايو، لنڪن جي هڪڙي معمولي ڪتب جي سڄي سال کان بہ گهٽ جي پڙهائي تي مشتمل هيو. ميري ٽاڊ ان دؤر جي حساب سان اعليٰ تعليم جو زيور اوڍيو هو. هن ٻن وڏن پرائيوٽ ادارن کان تعليم ورتي هئي. هن کي فرانسيسي ٻولي بہ ايندي هئي. ان کان علاوہ ڊراما، رقص، موسيقي، ادب، آرٽ ۽ ٻين علمن تي بہ هن کي عبور حاصل هيو. جڏهن تہ لنڪن جو تعلق هڪڙي غريب گهراڻي سان هيو. ڪڏهن ڪڏهن تہ هو پاڻ بہ محسوس ڪندو هو تہ هنيڪس جو گهراڻو جنھن سان هن جي ويجهڙائي جي مٽي مائٽي هئي، ماڻھو ان کي سٺي نگاھہ سان نہ پيا ڏسن. ان جي برعڪس ميري ٽاڊ جو خاندان ڪنٽيڪي جي وڏن فيملين ۾ شمار ڪيو پئي ويو. پرابراهم سهل پسند، فراخ دل، بردبار ۽ درگزر ڪرڻ وارو سمجهيو ويندو هو. ميري وري نفاست پسند، فيشن ايبل، شاھہ خرچ ڪرڻ واري، ڪڏهن بہ نہ معاف ڪرڻ واري ۽ انتھا پسند جي مغرور ڇوڪري هئي. لنڪن جو خواهشون ۽ گهرجون تمام محدود هيون. هو ترقي ۽ عروج جو خواهشمند ضرور هيو پر ڪنھن حد تائين. ان جي برعڪس وري ميري ٽاڊ جي عروج پسندي جو ڪوئي ڇيھہ نہ هيو.
جنھن دؤر ۾ هن جي پرستارن جو ميڙاڪو هن جي چئني پاسن کان لڳل هوندو هيو، انھن ۾ لنڪن، ڊگلس ۽ جيمس شيلڊز بہ شامل هيا. ڪنھن ميري کان هڪڙي ڀيري پڇيو تہ هوءَ ڪنھن سان شادي ڪرڻ پسند ڪندي“؟. ميري ٽاڊ هر دفعي ان سوال جو اهو ئي جواب ڏنو تہ،” هو ان ماڻھوءَ سان شادي ڪرڻ پسند ڪندي جيڪو آمريڪا جو صدر ٿي سگهي“. لنڪن ۽ ڊگلز ۾ صدر بڻجڻ جون صلاحيتون موجود هيو. پر ائين چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو تہ ميري جيڪڏهن پاڻ چاهي ها تہ انھن ٻنھين مان ڪنھن بہ هڪڙي کي آمريڪا جو صدر ڪري سگهي پئي.
ڪيترن ئي تاريخدانن، ناول نگارن، ڊراما نويسن، ميري ٽاڊ جي شخصيت تي رومانوي افساني جو رنگين پردو چاڙهي ڇڏيو هو. ان ۾ ڪو شڪ ڪونھي تہ هن جي شخصيت ۾ وڏي ڪشش هئي، جنھن لنڪن تي ڄڻ تہ ڪو جادو ڪري ڇڏيو هجي. ابراهم ميري جي حسُن جو ديوانو ٿي ويو هو. هاڻي هن تي غم يا ٿڪاوٽ جي ڪيفيت گهٽ طاري ٿيندي هئي. اهي اڪثر ڪري گڏ ويھي ادب ۽ سياست تي گفتگو ڪندا رهندا هيا. ميري جي ڀيڻ جي بيان مطابق تہ جڏهن لنڪن ميري سان ملڻ ايندو هو تہ هو اڪثري ڪري خاموش رهندو هو. ميري ئي گفتگو جي شروعات ڪندي هئي. لنڪن خاموشيءَ سان ويھي هن جي چھري کي تڪيندو رهندو هو. ائين لڳندو هو ڄڻ هن تي ڪنھن جادو ڪري ڇڏيو هجي.
هنن جي دوستي کي سال ٿي ويو هو، پر ان سڄي سال ۾ هي ڏاڍا خوش رهيا. خوشگوار بنيادن تي سال 1840ع ۾ ميري جي ڪيترن ئي مائٽن جي مخالفت جي باوجود هن جو منڱڻو ٿي ويو هو. ايڊورڊ جي گهروارن جو خيال هو تہ لنڪن ۽ ميري جو ڪو بہ جوڙ نہ ٿو ٺھي. ان کان پوءِ هڪڙو ٻيو سال بہ لنگهي ويو ۽ انھيءَ عرصي دوران ڪھڙا واقعا پيش آيا ۽ ٻنھين جي دلين ۾ ڪھڙو انقلاب پيدا ٿيو. ان جي باري ۾ ڪنھن کي بہ ڪا ڄاڻ ڪانھي. سردين جي موسم مٿان اچي پيئي هئي. ائين لڳي پيو تہ لنڪن جا جذبا بہ ٿڌ جي ڪري ٿڌا ٿي ويا هجن. ان ڪري پاڻ لنڪن 1841ع جي پھرئين جنوري جي تاريخ تي هن ميري سان تعلق ٽوڙي ڇڏيو هو.
ان کان علاوہ ٻہ سال ٻيا بہ مصيبتن، تڪيلفن ۽ مايوسين جا گذري ويا. ٻيئي ڄڻا ان عرصي ۾ ڏاڍو پريشان رهيا. لنڪن پھريان کان ئي طبيعتن غم پسند هيو. هن واقعي هن تي وڏو اثر وڌو. هو هاڻي خاموش رهڻ لڳو ۽ اڪثر ڪري پنھنجي ڪمري کان هفتن جا هفتا نہ نڪرندو هو. ان دوران هن جو پيچ هڪڙي معمولي خوبصوت ڇوڪري ”ميري اوون “ سان اٽڪي ويو. هن عشق تہ ويتر لنڪن کي مايوسي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو. هن جي پنھنجي فيصلي ڪرڻ جي قوت بہ جواب ڏيڻ لڳي. هن کي ڪجهہ بہ سمجهہ ۾ نہ پئي آيو تہ هو آخر ڪري تہ ڇا ڪري؟.
هن جي همدرد دوست جوشا اسپيڊ بہ پنھنجي وطن ڪنيٽڪي واپس هليو ويو هو. لنڪن اسپيڊ سان صلاح جي لاءِ ڪنٽيڪي وڃڻ جو موڊ ٺاهيو. انھن ڏينھن ۾ اسپيڊ پنھنجي شھر جي خوبصورت ڇوڪري نيني بيني سان منسوب ٿي چڪو هيو. پر شادي جي معاملي ۾ لنڪن وانگي هن سان بہ مسئلو هيو. لنڪن اسپيڊ Speed کي سمجهايو تہ اهڙي قسم جي سستي تمام وڏي حماقت ۽ غلطي آهي. ائين لڳي ٿو اسپيڊ کي راضي ڪرڻ دوران پاڻ ابراهم کي بہ شادي جو خيال نہ آيو هجي. بعد ۾ جڏهن اسپيڊ هن کي لکيو تہ،“منھنجي شادي ٿي ويئي آهي ۽ هن جي ازدواجي زندگي خوشين سان ڀرجي ويئي آهي تہ هن کي ايڏي خوشي ٿي جو جنوري 1841 ع کان وٺي اڄ ڏينھن تائين اهڙي خوشي مون کي نہ ملي”.
خاص ڪري سنگامون جنرل جي ايڊيٽر سائيمن فرانسس جي گهرواري جي ڪوششن سان ميري ۽ ابراهم هڪدفعو ٻيھر هڪٻئي جي ويجهو اچي ويا. هُن هنن ٻنھين کي پنھنجي گهر ۾ گهرائي، انھن جي ملاقات ڪرائي ۽ پوءِ اهي اڪثر ڪري ان گهر ۾ ئي ملندا رهندا هيا. اتان کان ئي ”لاسٽ ٽائون شپ“ جي خطن جو سلسلو شروع ٿئي ٿو. جنھن جي ڪري ئي لنڪن کي شايد پنھنجي سر کان بہ هٿ ڌوئڻا پيا.

فرضي خطن جو وار

ابراهم کي ننڍي هوندي کان ئي لکڻ جو وڏو شوق هوندو هيو. اڪثر ڪري هو تنقيدي نظم ۽ مضمون لکندو رهندو هو. اسپرنگ فيلڊ ۾ سنگامون جنرل Sangamo Journal جي ايڊيٽر سان هن جي دوستي ٿي ويئي هئي ۽ هن ان جي اخبار ۾ ئي ڪالم لکڻ شروع ڪيا. هو مختلف ڪلمي نالن سان لکندو رهندو هيو. انھن مان هن جو هڪڙو نالو،”سيمسن گهوسٽ“"Sampson's Ghost بہ هيو. انھن ڪالمن ۾ هو پنھنجي سياسي حريفن تي وڏا وار ڪندو هو.
ميري ۽ ابراهم، ميري جي سھيلي جوليا جين جي مدد سان فرضي خطن جو سلسلو شروع ڪيو. اهي خط هڪڙي ڳوٺاڻي عورت، هڪڙو فرضي شھر، لاسٽ ٽائون شپ کان آنٽ بيڪا Lydia Bixby جي نالي سان لکيا ويندا هيا. انھن خطن ۾ ڏاڍي ڪڙي ٻولي، تلخ لھجو ۽ تنقيدي پھلو هوندو هيو. انھن حملن جو نشانو هن جو سياسي حريف ۽ سرڪاري محاسب جيمس شيلڊز هيو.
اصل ۾ لنڪن ۽ هن جي پارٽي جيڪا پاليسي اختيار ڪئي هئي. ان ئي سبب جي ڪري سڄي رياست قرضن ۾ وٺجي ويئي هئي. پر لنڪن پنھنجي ان غلطي جي زميواري شيلڊز تي هڻي ڇڏي هئي ۽ سرڪاري خزاني کي خالي ڪرڻ جو الزام شيلڊز تي هڻي ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ شيلڊز کان وڌيڪ هو پاڻ ان معامري جو زميوار هيو.
هڪڙو اهڙو واقعو بہ ٿي ويو جو لنڪن جي لاءِ ڊيوئل وڙهڻ کان علاوہ ٻيو ڪو بہ رستو نہ رهيو هو. اهو هيو تہ لنڪن جي غيرموجودگي ۾، هن جي بغير ٻڌائڻ جي، ميري ۽ جوليا جين هڪڙو توهين آميز خط آنٽ بيڪا Lydia Bixby جي نالي سان ڇپرائي ڇڏيو. جنھن ۾ تمام سخت لھجو ۽ ڪڙي ٻولي ڳالھائي ويئي هئي. شيلڊز چيلينج ڪيو تہ انھن خطن جو ليکڪ سامھون اچي مون سان ڊيوئل وڙهي. آنٽ بيڪا وري هڪڙو ٻيو خط لکيو، جنھن ۾ هن اهو بہ لکيو تہ جيڪڏهن شيلڊز ڊيوئل ئي وڙهڻ چاهي ٿو تہ انصاف جو تقاضا اهو آهي تہ هو يا تہ پيٽي ڪوٽ پائي ڇڏي يا وري مان مرداڻو ويس پائي هن سان وڙهڻ اچان.
ان تي شيلڊز اهو اصرار ڪيو تہ ايڊيٽر هن ليکڪا جو اصل نالو ظاهر ڪري، جڏهن ابراهم ڏٺو تہ معامرو طول وٺي رهيو آهي تہ هن سڀني خطن جي ذميواري پاڻ تي کنئي ۽چيو تہ اهي سڀ خط مون لکيا آهن ۽ ڪوشش ڪئي تہ منظرعام تي اچڻ کان ئي معافي وٺي صلح ڪجي. پر شيلڊز هن جي اها ڳالھہ نہ مڃي ۽ مجبورن ابراهم کي ڊيوئل وٺي وڙهڻو پيو. هن سڀني کان پھريائن وارن گهوڙيسوارن جي سڀني کان ڊگهي تلوار جو نالو کنيو. شيلڊز تہ اهڙي قسم جي هٿيارن جو نگران رهي چڪو هو.
ان ڪري جيڪڏهن بعد ۾ ابراهم هٿيار مٽائي نہ ڇڏي ها تہ شايد هن کي هن ڊوئيل ۾ ڪم اچي وڃي ها. ٻي دفعي جن شرطن تي ابراهم ڊيوئل منظور ڪئي اهو ڏاڍو عجيب ۽ مزاحيه خيز هيو. ان ۾ اهو طئي ٿيو تہ زمين ۾ هڪڙو تختو پوريو وڃي ۽ ٻيئي ڄڻا ان تختي کان اڳتي نہ نڪري وڃن ۽ اهڙي ريت پوئتي هٽڻ جي بہ هڪڙي حد مقرر ڪئي ويئي ۽ حد اها هئي تہ هڪڙي تلوار جي ڊيگهہ جيتري ڊگهائي ۽ ان کان علاوہ ٽن ڦٽن جي برابر واري جاءِ تي ليڪو ڪڍيو ويو. ان کان پوئتي ڪو بہ هٽي نہ پيو سگهي. ان حد ۾ اندر رهي ڪري هڪٻئي تي حمله ڪرڻا هيا.
هاڻي شيلڊ جي لاءِ پنھنجي سڄي معلومات ۽ تجربي جي باوجود ابراهم سان وڙهڻ ۽ ان کان کٽڻ ايڏو سولو ڪم نہ هيو. ڇو تہ ابراهم جا هٿ شيلڊز کان گهڻو وڏا هيا ۽ هو وڏي آساني سان، بغير اڳتي پير ڪرڻ جي يا اڳتي وڌڻ جي ئي شيلڊز تي حملو ڪري سگهي پيو. اصل ۾ اها باھہ ٻين جي ڀڙڪايل هئي ۽ هتان هُتان جا شرپسند ماڻھو، انھن ٻنھين کان وڌيڪ ان ڳالھہ تي دلچسپي جو اظھار ڪري رهيا هيا، پر ٿيو ائين جو جڏهن اهي ٻئي ڄڻا الينواءِ جي هڪڙي جاءِ آلٽن جي ويجهو درياءُ مسي سي پي جي ڪناري تي مقابلي جي لاءِ آمھون سامھون ٿيا تہ بنان وڙهڻ جي ئي انھن جا اختلاف ختم ٿي ويا هيا.
ان جهيڙي جا گهٽ ۾ گهٽ ٻہ خوشگوار نتيجا ضرور نڪتا، هڪڙو تہ ابراهم وري اڳتي ڪڏهن بہ پنھنجن حريفن، مخالفن تي گمنام نالن سان خط لکي حملا نہ ڪيا. ٻيو اهو تہ هن ميري ٽاڊ کي مصيبت کان بچائڻ جي لاءِ سڄو الزام پنھنجي سر تي کنيو ۽ ان نہ ڪيل گناھہ جي لاءِ پنھنجو سر تري تي رکي ڊوئل وڙهڻ لاءِ بہ تيار ٿي ويو هو. ابراهم جي ان ڳالھہ جو ميري تي تمام وڏو گهرو اثر پيو ۽ هو هن سان هڪدم شادي ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويئي. ان ڪري 4 نومبر 1842ع جو هنن ٻنھين شادي ڪري ڇڏي. ان موقعي تي تمام محدود دوستن کي مدعو ڪيو ويو هو.

هڪ سياست دان ۽ بھترين وڪيل

“1846ع ۾ مان هڪ دفعي هيٺين ايوان جو ميمبر چونڊجي ويس“. ابراهم لنڪن

پنھنجي سڄي وڪالت واري پيشي دوران هن جا ٽي دوست ٿي سگهيا هيا. پھريون جان ٽي اسٽوراٽ، ٻيون اسٽيفن ٽي لوگن ۽ ٽيون ماڻھو هن جو ساٿي وليم ايڇ هرن ڊن هيو. 1841ع ۾ لنڪن ۽ اسٽوارٽ هڪٻئي کان الڳ ٿي ويا. ان کان پوءِ لنڪن لوگن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لڳو. لوگن سڄي الينواءِ ۾ هڪڙو بھترين، هوشيار ۽ نالي وارو وڪيل هيو. هي تمام وڏو قانوني دماغ هيو. ننڍو قد، سنھڙو سيپڪڙو، مٿي تي ڳاڙهن وارن جو جهنڊ، لباس ۽ رهڻي ڪھڻي ۾ صفا لنڪن جيان لاپرواھہ پر پنھنجي ڪيس جي تياري وڏي محنت ۽ شوق سان ڪندو هيو. هن لنڪن کي بہ شوق ڏياريو تہ پنھنجي ڪيس جي تياري ۾ مڪمل طور تي ڌيان ڏيئي، محنت ڪري، قانوني ڪتابن جو مطالعو ڪري، ڪيس ريفرنس جا حوالا ڏيئي ۽ ڪيس جي مختلف رخن تي پنھنجو مڪمل ڌيان ڏيئي. ان ڪري لنڪن پنھنجي ڪيس جي تياري ۾ هاڻي گهڻي محنت ڪرڻ لڳو ۽ هڪڙي وڪيل جي حيثيت سان هن جي گهڻي سڃاڻپ بہ ٺھي وئي هئي ۽ هن جو نالو بہ ٿي ويو هو. لنڪن جي باري ۾ لوگن جو چوڻ آهي تہ هو هڪڙو سٺو وڪيل آهي. پر هن جي قانوني ڄاڻ تمام گهڻي غيرمعمولي نہ آهي. 1844ع جو لوگن پنھنجي پٽ کي پنھنجي ڪم ۾ گڏ کڻڻ جو فيصلو ڪيو. هاڻي لنڪن ٻيھر اڪيلو ٿي ويو. هن ان کان پوءِ پنھنجي دوست 25 سالن جي نوجوان بلي هرن ڊن کي پنھنجي پروفيشن ۾ گڏ ٿي ڪم ڪرڻ جو چيو.
هرن ڊن چوندو هيو تہ مان وڪالت جي ميدان ۾ اڃان سيکڙاٽ ئي هيس ۽ اڃان مون ۾ ڪا بہ صلاحيت نہ آئي هئي ۽ نہ ئي وري ڪو تجربو ئي ٿيو هو. ان ڪري جڏهن مسٽر لنڪن مون کي پنھنجي آفيس ۾ پاٽنر ڪرڻ جي آڇ ڪئي تہ مون کي هن جي ان ڳالھہ تي گهڻي حيرت ٿي. هن مون کي چيو تہ،”بلي مون کي تو تي اعتماد آهي. پر جيڪڏهن تون مون تي بہ اعتبار ڪري سگهين تہ مان تنھنجو پارٽنر ٿي ويندس“. ان کان پوءِ مون ان سٺي آفر کي قبول ڪري ورتو.
پيشڪش واقعي ئي مخلصاڻي هئي. پر لنڪن بغير ڪنھن نتيجي تي غور ڪرڻ جي اهو فيصلو نہ ڪيو هو. بلي هرن ڊن وڪيل جي حيثيت سان سيکڙاٽ ضرور هيو پر شھر جي وڏي حلقي ۾ هن جي وڏي ڄاڻ سڃاڻ هئي. ان ڪري هن جي ان پنھنجي حلقي جي ڪري اليڪشن ۾ حصو وٺڻو گهڻو سولو ڪم ٿي ويو هو. هن جو تعليمي معيار بہ لنڪن کان بھتر هيو. ٻين علمن کان علاوہ هن کي فلسفي تي بہ گهڻو عبور هيو.
انھن سڀني ڳالھين کان سواءِ هڪڙو ٻيو بہ نفسياتي مسئلو هيو. اهو هي هيو تہ هيل تائين لنڪن جن ماڻھن سان ڪم ڪندو رهيو هو، اتي هن جي حيثيت ٻي درجي جي ۽ وڌيل ماڻھوءَ جي هئي. ان ڪري هو هاڻي ڪنھن ٻي کي ثانوي حيثيت سان شريڪ ڪري پاڻ کي پنھنجي پھرئين پوزيشن ۾ رکڻ چاهي پيو. عمر ۽ تجربو بلي جو ابراهم جي ڀيٽ ۾ گهٽ هيو. ان ڪري هن کي پنھنجو پارٽنر ڪرڻ ۾ ابراهم جو اهو مقصد بہ پورو ٿئي پيو.
بلي سڄي زندگي ابراهم جو دوست رهيو ۽ هن جي دوستي تہ پَرَستِش جي حد تائين وڃي پھتي هئي. هو هميشہ ابراهم کي عزت سان مسٽر ابراهم جي نالي سان ئي سڏيندو هيو ۽ لنڪن هن کي پيار ۽ هجت منجهان مسٽر بلي سڏيندو هيو.
لنڪن پنھنجي لباس جي باري ۾ ڏاڍو ئي لاپرواھہ هوندو هيو. ان جي ڀيٽ ۾ وري بلي ڏاڍا صاف سٿرا ۽ سٺا ڪپڙا پائيندو هيو. نفاست پسندي ۽ خوش پوشاڪي هن کان پوءِ ختم هئي. ٻيئي وڏي ڪُنڊن وارا ٽوپلا (ڪائو بواءِ جهڙا) پائيندا هيا. ابراهم جو ٽوپلو پراڻو ۽ ميرو هوندو هيو ۽ بلي جو نئون ۽ صاف هوندو هيو.
لنڪن جي موت تائين هي ٻيئي هڪ ٻئي جا جان نثار دوست رهيا. ٻنھين جي وچ ۾ ڪو بہ لکت ۾ معاهدو نہ هيو. پر انھن جي وچ ۾ ڪڏهن بہ ڪو اختلاف نہ ٿيو. ٻيئي ڄڻا جيڪو بہ ڪمائيندا هيا، اهو هڪ ٻئي ۾ ئي سچائي سان ورهائي ونڊي ڇڏيندا ها. جيتوڻيڪ لنڪن جي گهرواري ميري ۽ هرن ۾ هميشہ چپڪلشي پئي ٿيندي هئي. پر اها دشمني ڪڏهن بہ هنن ٻن يارن جي وچ ۾ نہ اچي سگهي.
لنڪن جي لاءِ بلي جي رفاقت وڏي غنيمت هوندي هئي ڇو تہ لنڪن جا خانگي معاملا گهڻو خوشگوار نہ هيا. ڪجهہ خطن ۽ ڪجهہ تارن مان جيڪي حقيقتون ملن ٿيون، ان مان خبر پوي ٿي تہ ميري ۽ ابراهم هڪٻئي کي گهڻو پسند ڪندا هيا. هر معاملي ۾ هڪٻئي جا رفيق ثابت ٿيا. دماغي صلاحيت جي حساب سان بہ اهي ٻيئي هڪٻئي جي رفاقت جي لاءِ وڏو موزون هيا. پر ميري جي وڏائي، تکائي، ڪاوڙ ۽ بدمزاجي جي ڪري اڪثر گهر ۾ گهپي رهندي هئي. هن کي ابراهم جون ٻھراڙي واريون عادتون، حرڪتون ۽ ڄٽن وارا ڪم پسند نہ هوندا هيا ۽ هن کي ابراهم جون اهي عادتون بہ ٺپ نہ وڻنديون هيون، ان ڪري هوءَ هن تي ڇتي تنقيد ڪندي رهندي هئي. هن کي ابراهم جي اها ڳالھہ بہ نہ وڻندي هئي تہ هو ھميشہ فرش تي ليٽي ڀت تي ٽنگون مٿي ڪري/لڳائي پڙهندو هو. ميري جون بہ ڪجهہ عجيب عادتون هونديون هيون، پر ابراهم انھن جو ڪڏهن بہ دل ۾ نہ ڪيو يا وري انھن جي ناپسندي جواظھار ڪيو هجي. مثال جي طور کنوڻ جي لڳڻ ۽ جهڙ جي گجگوڙ جي ڪري هو صفا ڊڄي ويندي هئي. جڏهن بہ جهڙ ٿيندو هيو تہ ابراهم ھميشہ جلدي گهر موٽي ايندو هيو. تہ جيئن هو پنھنجي گهرواري جي خوف کي ختم ڪري سگهي.
شاديءَ کان پوءِ هو شروعاتي ڏينھن ۾ اسپرنگ فيلڊ جي گلوب واري هوٽل خاني ۾، چار ڊالر هفتي جي حساب جي ڪرائي سان، رهڻ لڳا هيا. هتي ئي هنن جو پھريون ٻار رابرٽ ٽاڊ لنڪن Robert Todd Lincoln آگسٽ جي مھيني سال 1843ع ۾ پيدا ٿيو هو.
ٻي سال هنن هزار ڊالر ۾ هڪڙو گهر خريد ڪري ورتو. ان کان پوءِ ان گهرتي هنن خرچ ڪري ان کي ٺھرايو بہ ۽ 1861ع ۾ ايوان صدر ۾ شفٽ ٿيڻ تائين، اهي هن ئي گهر ۾ رهيا پئي.
ان اسپرنگ فيلڊ واري گهر ۾ ئي هن جا ٻيا ٽي ٻارڙا بہ پيدا ٿيا. 1846ع ۾ ايڊوورڊ ڊ بيڪرEdward Baker Lincoln جنھن جي پيار جو نالو ايڊي Eddie هيو. جيڪو پھرئين فيبروري 1850ع ۾ ٽي بي جي بيماري وگهي مري ويو. وري 1950ع ۾ وليم ويليڪ"Willie" Lincoln, پيدا ٿيو ۽ بخار جي ڪري 20 فيبروري 1862ع وائيٽ هائوس ۾ گذاري ويو ۽ چوٿين اپريل 1853ع ۾ انھن جو آخري ٻار ٽامس Thomas "Tad" Lincoln, پيدا ٿيو، جنھن کي پيار مان ٽاڊ چوندا هيا. هي ويچارو بہ 18 سالن جي عمر ۾ 16 جولاءِ 1871ع ۾ گذاري ويو. هي ٻارڙو بہ جسم ۾ پاڻي ڀرجي وڃڻ جي ڪري يا ورم جي بيماري جي ڪري وفات ڪري ويو هو.
انھن ٻارڙن جي پيدائش سان ميري ۽ ابراهم جي روزمرھہ جي زندگي ۾ جيڪي شادي کان پوءِ چپڪلش هوندي هئي، اها گهٽ ٿي ويئي هئي. ٻنھين کي پنھنجن ٻارڙن سان ڏاڍي محبت هوندي هئي. ان پيار جو اهو نتيجو نڪتو جو سڀ ٻار دادلا ٿي ويا ۽ خراب ٿي ويا.
آچر جي ڏينھن جڏهن ابراهم انھن ٻارڙن کي پنھنجي آفيس وٺي ويندو هو تہ بلي هرن ڊن انھن ٻارن جي حرڪتن، شرارتن کان بيزار ٿي پوندو هو. هو چوندو هو تہ مسٽر لنڪن ٻارڙن کي صفا بگاڙي ڇڏيو آهي تو.
ابراهم تہ ڪونہ ڪو ڪتاب کڻي زور سان پڙهڻ شروع ڪري ڇڏيندو هو ۽ اوسي پاسي کان بلڪل بي خبر ٿي ويندو هو. پر هي ٻارڙا آفيس جي ماحول ۾ اچي آفيس جي سڄي سامان کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏيندا هيا. الماڙي مان ڪتاب ڪڍي انھن کي هيڏي هوڏي ڪري ڇڏيندا هيا. ميزن جي خانن مان شيون ڪڍي فرش تي ڪيرائي ڇڏيندا هيا. قلم جون نبون آتشڪدي جي باھہ ۾ وجهي گرم ڪري انھن جي بھتر ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ويتر اهي پينون بہ ساڙي ڇڏيندا هيا. ڪمري ۾ خطن وارن پنن کي فرش تي اڇلائي ڇڏيندا هيا ۽ وڏي مزي سان انھن پنن تي لتون ڏيئي، چڙهي، انھن تي گهمندا رهندا هيا.
بلي چوندو هيو تہ انھن جي عادتن کي صحيح ڪرڻ لاءِ ڪافي ڪم ڪرڻ جي ضرورت هئي. پر ابراهم ۽ ميري هن کي ڪڏهن بہ ايئن ڪرڻ نہ ڏنو. شايد ان جو اهو بہ ڪارڻ هجي تہ ابراهم جو ننڍپڻ ڏاڍو تڪليفن ۽ مصيبتن ۾ گذريو هو. اڪثر هن پنھنجي پيءُ کان مار بہ کاڌي هئي. ان ڪري هو پنھنجي ٻارڙن تي ڪنھن بہ قسم جي سختي ڪرڻ نہ پيو چاهي. ان جي حد کان وڌيڪ نرمي ۽ پيار جو اهو نتيجو نڪتو جو ٻار خراب ٿي ويا. لنڪن سڀني ٻارڙن تي مھربان هوندو هيو. هو ٻارڙن جو بھترين دوست هيو. اڪثر واقعا ان ڳالھہ جي تصديق ڪن ٿا.

پُٽ جي استاد ڏانھن خط

آمريڪي صدر ابراهم لنڪن جو پنھنجي پٽ جي استاد ڏانھن خط

آئون ڄاڻان ٿو تہ هن کي سِکڻو پوندو تہ سڀ ماڻھو حق تي ڪو نہ آهن، نہ ئي سڀ ماڻھو سچا آهن. پر هن کي اهو پڻ سيکاريو تہ هر خراب ماڻھوءَ کي منھن ڏيڻ لاءِ هڪ عظيم هستي هجي ٿي ۽ هو مفاد پرست سياستدان جو بہ هڪ سچو ليڊر ٿئي ٿو. هن کي سيکار تہ هر دشمن لاءِ بہ هڪ دوست ٿئي ٿو.
مان ڄاڻان ٿو تہ هن کي وقت لڳندو. پر کيس سيکاريو جيڪڏهن توها کان ٿي سگهي تہ، کيس بغض کان پري وٺي وڃو. جيڪڏهن توهان ڪري سگهي ٿا تہ کيس خاموش کِل جا راز سيکاريو. هن کي جلد ئي سکڻ ڏيو تہ داداگيرن کي جهڪائڻ نھايت آسان ڪم آهي. جيڪڏهن تون سيکاري سگهين تہ کيس ڪتابن جا عجائبات سيکار، پر کيس آسمان ۾ پرواز ڪندڙ پکين جي ازلي ۽ ابدي رازن تي سوچڻ لاءِ مناسب وقت ڏجو ۽ سج جي ڪرڻن ۾ اڏرندڙ جيت جڙن ۽ سرسبز ماٿريءَ تي ٽڙندڙ گلن لاءِ پڻ. کيس مڪتب ۾ سيکاريو تہ ڌوڪي ڏيڻ کان وڌيڪ معتبر ۽ عزت سان ناڪام ٿيڻ بھتر آهي. هن کي پنھنجي عقيدن ۽ خيالن تي ايمان رکڻ سيکاريو، کيس شريفن سان شرافت ۽ ڏِنگن سان ڏِنگائي سان پيش اچڻ سيکاريو. هِن کي ان لوڌ جي پٺيان نہ لڳڻ جي قوت عطا ڪرڻ جي تلقين ڪريو، جنھن ۾ هر هڪ سواريءَ تي چڙهڻ جو خواهشمند هجي. کيس سيکاريو تہ هو هر هڪ ماڻھوءَ کي ٻڌي پر کيس اهو بہ سيکاريو تہ سمورين ٻڌڻين کي سچ جي پردي ۾ ڇاڻي ۽ صرف ان کي برحق سمجهي، جيڪو ان ڇاڻيءَ مان ڇڻي صاف ٿي سامھون اچي.
(اي استاد) جيڪڏهن تو هان کان ٿي سگهي تہ، هِن کي سيکاريو تہ ڏکارو هجي تہ ڪيئن کِلي، هِن کي سيکاريو تہ ڳوڙها ڳاڙڻ ۾ ڪو بہ شرم نہ ڪبو آهي. هن کي سيکاريو تہ چاپلوسن ۽ خوشامد ڪندڙن کان پاسيرو رهي. هن کي سيکاريو تہ نقل ڪرڻ کان فيل ٿيڻ بھتر آهي. هن کي اهو بہ ٻڌايو تہ هو ڀلجي بہ ڪڏهن پنھنجي ضمير جي قيمت نہ لڳائي ۽ هن کي سيکاريو تہ هو هنبوڇيون هڻندڙ ڇِڙوڇڙ انبوھہ ڏانھن ڌيان نہ ڌري ۽ جيڪڏهن سمجهي ٿو تہ هو حق تي آهي تہ کيس مڙس ماڻھو ٿي بيھڻ ۽ منھن ڏيڻ جو هُنر ڏيو.
(اي استاد) هن سان شفقت سان هلو، پر کيس لاڏلو نہ بڻايو، ڇاڪاڻ جو صرف باھہ جي تپش ئي ڪچي سون کي تيار ڪندي آهي، هن کي ڇڏيو تہ مقصد، جستجو ۽ منزل جي حصول لاءِ پاڻ ۾ بي صبرو ٿيڻ جي همت پيدا ڪري ۽ ڇڏيوس تہ بھادر ٿيڻ لاءِ پاڻ ۾ صبر پيدا ڪري، هن کي هميشہ اهو سيکاريو تہ هو پنھنجي پاڻ تي جاھہ و جلال وارو اعتماد رکي تہ جيئن هن جو انسانيت مٿان ايمان هميشہ لاءِ پختو رهي!
اها هڪ پيءَ جي هڪڙي استاد مان لاءِ وڏي توقع آهي. پر تون ايترو ضرور ڪجانءِ ، جيترو توکان پڄي سگهي. ڏسون ٿا اي استاد تہ تون هن لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهين. انتھائي نفيس، ننڍڙو ۽ پيارو آهي، منھنجو پٽ!

ولي لنڪن جو موت

وائيٽ هائوس جي هڪ خوبصورت مھمان خاني ۾، ابراهم ۽ ميري لنڪن جو 11 ورهين جو پٽ هڪ وڏي تراشيل گلاب جي بيڊ تي بيمار پيو هو، جيڪو هاڻي لنڪن بيڊ جي نالي سان مشھور آهي. شام پنجين وڳي 20 فيبروري 1862ع تي ولي لنڪن "Willie" Lincoln وفات ڪئي. ايلزبيٿ، اڳوڻي غلام، جنھن مسز لنڪن جي خوبصورت الماري ٺاهي هئي، هن کي وهنجاري ڪپڙا پارايا. صدر جڏهن هن ڏانھن نھاريو تہ هن ماتم ڪندي چيو تہ،“منھنجو معصوم ٻارڙو، هن ڌرتيءَ لاءِ ڏاڍو سٺو هو، خدا هن کي پنھنجي گهر سڏيو آهي. مون کي خبر آهي تہ هو هتان کان جنت ۾ گهڻو بھتر آهي، پر پوءِ بہ اسان هن سان ايترو پيار ڪيو، جو اهو ڏکيو آهي. هن جي مرڻ کي قبول ڪرڻ ڏکيو آهي!"
هن هن کي پنھنجي هٿن سان دفن ڪندي ڏٺو، "هن جو ڊگهو فريم جذبات سان ڀريل هو." بيڊ جي پيرن تي هوءَ بيٺي هئي ”خاموش، حيرانگي واري انداز ۾،“ حيران ٿي وئي تہ ايڏو مضبوط بيٺل ٻارڙو ايترو جلدي اسان کي ڇڏي هليو ويو. ”آئون انھن عظيم لمحن کي ڪڏهن بہ وساري نہ سگهندس- ذهانت ۽ عظمت محبت جي گم ٿيل بت تي روئي رهي هئي. صدر لنڪن پوءِ هال کان هيٺ پنھنجي سيڪريٽري جي آفيس ڏانھن هليو ويو. هن اڌ ننڊ پيل سيڪريٽري کي اها موت جي خبر ٻڌائي حيران ڪندي چيو تہ: ”نڪولي!، منھنجو پٽ گذاري ويو آهي- هو اصل ۾ اسان کي ڇڏي هليو ويو آهي!
جان نڪولي پنھنجي آفيس ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ پنھنجي باس کي ڳوڙها ڳاڙيندي ڏسي سمجهي ويو هو.
ميري لنڪن پنھنجي دادلي پٽ جي اچانڪ موت وارو ناقابل تلافي نقصان کي برداشت نہ ڪري سگهي. ان پريشاني ۾ ويتر اضافو تڏهن ٿيو، جڏهن، ٽيڊ، سندس ننڍو پٽ، ٻئي ڪمري ۾ سخت بيمار ٿي پيو. هي ٻار بہ بظاهر ٽائيفائڊ بخار ۾ مبتلا هيو، جيڪا واشنگٽن ڊي سي ۾ هڪ عام بيماري هئي. انھن ئي ڏينھن ۾ ولي ايليينوس ۾ لنڪولن جو ٽيون پٽ ڄائو هو، 21 ڊسمبر 1850 جو ڏينھن هيو. هن ساڳئي سال سندن ٻيو پٽ مري ويو. هاڻي وليم جي موت سان، خانداني دائرو اڃا ننڍو ٿي ويو. رابرٽ، هارورڊ ڪاليج ۾ هڪ شاگرد هو، وڏو پٽ هو، جيڪو صرف پنھنجي والدين کان پري رهندو هو.
هڪ سرڪاري آفيسر جي زال جي لفظن ۾،"وائيٽ هائوس اداس آهي ۽ اڃا تائين، ان جي خوشي ۽ روشني ننڍڙي وليم سان گڏ رُسي وئي آهي، هو هڪ تمام روشن ٻار هو، پنھنجي عمر جي لحاظ کان غير معمولي هو ۽ پاڻ کي هر ڪنھن لاء تيار ڪيو هو. هن وٽ سڃاڻپ واري اک هئي." ميري لنڪن جي ڪزن چيو تہ هو ”وڏو، سھڻو... پنھنجي پيءُ جو هم منصب هو، سواءِ ان ڳالھہ جي تہ هو سھڻو هو. ميري پاڻ هن کي سڏيو "بت پرست ٻار، گهر جو."
ولي جي لاش کي گرين روم ۾ ھيٺ لٿو ويو جتي اھو دفن ٿيڻ تائين رھيو. ڊاڪٽر براون ۽ اليگزينڊر ايمبلنگ کي سنڀاليو، هڪ طريقيڪار جيڪو صدر جي قتل کان پوء ٽن سالن بعد انجام ڏنو ويندو هيو. ولي جو لاش هڪ گلن سان ڍڪيل تابوت ۾ رکيل هيو جيڪو گلاب جي گل جي ڪاٺي سان مشابھت رکي پيو، جنھن ۾ سندس نالو،ڄم ۽ موت جي تاريخ چانديءَ جي پليٽ تي اڪريل هئي. 24 فيبروري صبح جو جنازي جي نماز ادا ڪرڻ لاءِ دوست گڏ ٿيا هيا.
روانگيءَ کان ٿورو اڳ لنڪن خاندان هڪ خانگي الوداع لاءِ تابوت جي چوڌاري گڏ ٿيو هو. بينجمن فرينچ، جيڪو انتظامن جي نگراني ڪري رهيو هو، لکي ٿو تہ،”جڏهن اهي مصروف هئا تہ مينھن ۽ واءُ جو هڪ تمام وڏو طوفان آيو، اهڙو طوفان هن شھر ۾ سالن کان نہ گهليو هو، ۽ اهو خوفناڪ طوفان، ڄڻ تہ ڪو غم جو طوفان پي ماءُ جي اندر ۾ گهليو هجي. مسز لنڪن لاءِ، مون کي ٻڌايو ويو آهي تہ، هن جي پٽ جي وڇوڙي تي هن کي جيڪو اندريون ڌڪ لڳو هو، ان هن کي چريو ڪري ڇڏيو هو. هن آرام ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ميري لنڪن جنازي ۽ تدفين دوران پاڻ کي گهر جي مٿين ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو هو.
جنازي نماز 2 وڳي شروع ٿي. ايسٽ روم ۾، جتي وڏا وڏا گلٽ آئينا ماتم ۾ ڍڪيل هئا، فريمن ۽ گهر جي شيشن کي سفيد ڪپڙي سان ڍڪيو ويو هو. ڊاڪٽر فيناس ڊي گرلي، جيڪو هنن جي گهر جي ڀرسان واري نيويارڪ ايونيو پريسبيٽرين چرچ جو پادري هيو، ان هن جي وڏي خدمت ڪئي. لنڪن خاندان ڊاڪٽر گرلي واري چرچ ۾ موجود هيو. جتي ولي ڪجهہ ڏينھن اڳ ۾ پنھنجي اسڪول جي استاد کي ٻڌايو تہ هو هڪ استاد يا انجيل جو مبلغ ٿيڻ چاهي ٿو.
صدر لنڪن، سندس پٽ رابرٽ، ۽ ڪابينا جا ميمبر هڪ ئي ويڙهي ۾ ويٺا هئا، جن جي چوڌاري هڪ ميڙ هو، جنھن ۾ ڪانگريس ۽ ٻاهرين ملڪن جا نمائندا شامل هئا. ليکڪ نٿنيئل پارڪر وليم کي ڏاڍي سڪ سان ياد ڪيو. جنرل ميڪ ڪليلن جون اکيون ان مھل ڳوڙهن سان نم ٿي ويون هيون، جڏهن هن نماز ۾ سجدو ڪيو... ۽ سينيٽر، سفير ۽ سپاهي، سڀ پنھنجن ڳوڙهن سان وڙهندا رهيا- وڏيون دليون صدر سان ڏکايل انسان ۽ ڀاءُ وانگر آٿت ڏينديون رهيون.
ڊاڪٽر گرلي جي واعظ جي پٺيان، چوٿين پريسبيٽرين چرچ جي ڊاڪٽر جان سي سمٿ آخر ۾ دعا گهري پنھنجي تقرير کي ختم ڪيو. اڪثر ماتم ڪندڙ ماڻھو وليم جي لاش سان گڏ جارج ٽائون ۾ اوڪ هيل قبرستان ڏانھن گڏ هليا هيا. هي هڪ ڊگهو جلوس هيو، جنھن ۾ ٻہ اڇا گهوڙا وارثن کي ڇڪيندا هئا، جڏهن تہ ٻہ ڪارا گهوڙا صدر لنڪن جي گاڏي کي واشنگٽن جي اڻڄاتل گهٽين ۽ ٽڪريء کان قبرستان ڏانھن ڇڪيندا هليا.
جڏهن جلوس قبرستان ۾ پھتو، وليم جي لاش سان گڏ ڪتبو ۽ مختصر دعا جو پنو رکيو ويو. هن کي بعد ۾ قبرستان جي اتر اولھہ جي آخر (لوٽ 292) تي ڪيرول خانداني والٽ واري مصلي ۾ منتقل ڪيو ويو. 1857ع ۾ وليم ۽ سالي ڪيرول طرفان خريد ڪيل هن زمين تي سندن ٽن پٽن جون قبرون ٺھيل هيون. Orville H. Browning، ايلينواءِ کان لنڪنز جو هڪ سياسي دوست، سپريم ڪورٽ جي ڪلارڪ وليم ڪيرول سان گڏ جنازي کان هڪ ڏينھن اڳ والٽ جو معائنو ڪيو. ڪيرول هن جڳھہ کي عارضي طور لنڪن خاندان کي اوسيتائين پيش ڪيو جيستائين اهي ايلينواءِ ڏانھن واپس نہ آيا. اپريل 1865 ۾ صدر لنڪن جي قتل کان پوء، ولي جي تابوت کي ان جاءِ تان هٽايو ويو ۽ جنازي کي ٽرين تي رکيو ويو. ٻئي پيءُ ۽ پٽ مستقل طور تي اسپرنگ فيلڊ، ايليينوس ۾ اوڪ ريج قبرستان ۾ دفن ٿيل آهن.
وليم جي موت لنڪن خاندان تي غم ۾ نڍال ڪري ڇڏيو هو. ايلزبيٿ ڪيڪلي چيو تہ ان وڇوڙي کان پوءِ ميري جي حالت ڏاڍي ابتر هئي، هوءَ ڏاڍي مٽجي وئي هئي.... هن ڪڏهن بہ ان گيسٽ روم کان ٻاهر قدم نہ رکيو هو جنھن ۾ ولي جو موت ٿيو هو، يا وري اهو گرين روم جنھن ۾ هو مرڪيو هو.
آرٽسٽ البان جيسپر ڪانيٽ ولي جي موت کان پوءِ صدر لنڪن جي باري ۾ ڪجهہ مختلف محسوس ڪندي چيو، ”جڏهن تہ هن جي رويي ۾ هڪ نئين ڪيفيت هئي - ڪجهہ حيران ڪندڙ شيءِ ۽ مون هن کي ڪيترن ئي موقعن تي مختلف ڏٺو.
وائيٽ هائوس جي هڪ ٻي سيڪريٽري جان هي لکيو آهي تہ صدر ”پنھنجي پٽ جي موت جي ڪري تمام گهڻو متاثر ٿيو هو، جيتوڻيڪ هن پنھنجي مصيبت جي ڪا بہ ظاهري نشاني نہ ڏني هئي ۽ هن پنھنجي ڪم کي هميشہ وانگر برقرار رکيو هو. جنھن ڏينھن آمريڪي صدر لنڪن کي قتل ڪيو ويو، ان ڏينھن هن ميري کي چيو، ”اسان ٻنھي کي مستقبل ۾ وڌيڪ خوش رهڻ گهرجي، جنگ ۽ اسان جي پياري ولي جي وڇوڙي ڪري يا انھن ٻنھين مصيبتن جي وچ ۾ اسان ڏاڍا ڏکيا ٿيا هئاسين.

لنڪن جو ٻارڙن سان پيار

لنڪن ڇھہ ڦٽ ۽ چار انچ ڊگهو هيو. جڏهن هو ٽوپلو پائيندو هو تہ هن جو قد اڃان بہ ڪافي انچ وڏو ٿي ويندو هو. ٻارڙا اها شرارت ڪندا هيا تہ رستي تان ست ڦٽ مٿي هڪڙي ڏوري ٻن وڻن تي ٻڌي ڇڏيندا هيا. هر مسافران جي هيٺان وڏي مزي سان نڪري ويندو هو، پر جڏهن لنڪن اتان گذرندو هو تہ هن جو ٽوپلو ان ڏوري ۾ ڦاسي پوندو هو ۽ هيٺ ڪِري پوندو هو ۽ ٽوپلي ۾ رکيل ڪاغذ بہ هوا ۾ پيا اڏمندا هيا. ٻارڙا جيڪي پاسي ۾ وڻن جي ٽارين پٺيان لڪل هوندا هيا، اهي وڏا وڏا ٽھڪ ڏيئي ٻاهر نڪري ايندا هيا ۽ ٽپا ڏيئي ڏيئي ابراهم جي ڪلھن تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪندا هيا. هن سان مشڪريون پيا ڪندا هيا. ابراهم هنن جي انھن شرارتن کان ڏاڍو لطف اندوز ٿيندو هيو ۽ مزو وٺندو هيو.
لنڪن وڪالت کي ئي پنھنجي روزي جو ذريعو بڻايو هيو. پر هن جي پسند جو ڪم سياست ڪرڻ هيو. مقامي مجلس جي قانون سازي ۾ اٺن سالن تائين ميمبر هئڻ کان پوءِ هن کي اهو خيال اچڻ لڳو تہ هاڻي هن کي ڪانگريس جو ميمبر ٿيڻ گهرجي. ان حوالي سان هن ٻہ دفعا ڪوشش پڻ ڪئي هن جي وهگ پارٽي Whig party”جا ميمبر هن کي چونڊن پيا، پر هر دفعي ناڪامي کان پوءِ هڪڙي ٻي ضلعي جي وهگ Whig party” پارٽي جي ميمبرن کان نامزدگي جو واعدو ورتو ۽ پنھنجي مخالف ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اميدوار کي شڪست ڏني. اهڙي ريت هن ڊسمبر 1847ع ۾ پارليامينٽ ۾ پنھنجي جڳھہ ٺاهي ورتي.
قومي دارالحڪومت جي آبادي انھن ڏينھن ۾ چاليھہ هزار هئي. انھن ۾ 30 سيڪڙو گورا ۽ ڏھہ هزار حبشي ڪارا هيا. جن جو تقريبن پنجون حصو انگريزن جو غلام هيو. واشنگٽن انھن ڏينھن ۾ غلامي جو سڀ کان وڏو مرڪز هيو ۽ برداه فروشي جو سڀ کان وڏي بازار بہ ڪيپيٽل عمارت کان نظر ايندو هيو. 1847ع ۾ حڪومت جي هن عمارت ۾ ڪاٺ جو عارضي گنبذ ٺھيل هيو ۽ موجودہ ٻہ ٻانھون بہ ٺھيل نہ هيون. وائيٽ هائوس جي لان تي بحري ٻيڙي جو بينڊ اربع ۽ آچر جي شام جو گانا ڳائيندو هو. دريا ۽ ايگزيڪيٽو محلات جي وچ ۾ ڪافي دلدل هئي. جيڪو مليريا جي بيشمار مڇرن جو آکاڙو سمجهيو ويندو هيو. پنسلواينا ايوينيو جو فرش لسو نہ هيو، پٿرن سان ٺھيل هيو. جتان امير ميمبرن جو گاڏيون، جهاڪا کائينديون اڳتي هليون وينديون هيون.
ان قومي دارالحڪومت جا باقي سڀ رستا ڪچا هوندا هيا ۽ اسپرنگ فيلڊ جي روڊن جيان، ڌوڙ، مٽي، دز ۽ گپ سان ڀڀوت هوندا هيا. اتي بہ روڊن تي سوئر ۽ بدڪن جا انبوھہ گشت ڪندي نظر ايندا هيا. ان کان علاوہ ڪچرن جي ڍيرن تي ڪڪڙيون پنھنجن چوزن سان ڪچريءَ کي کنڊيريندي نظر اينديون هيون. وڏا وڏا پڪا گهر، بنگلا ۽ جهوپڙيون هڪ ٻئي جي آمھون سامھون بيٺل نظر اينديون هيون.
لنڪن کان وڌيڪ ميري کي ان حڪومت جي صدر مقام جي ان ابتر حالت کان ڏاڍي مايوسي ٿي. هن جي ڪڏهن خواب ۽ خيال ۾ بہ نہ هيو تہ واشنگٽن جي حالت اهڙي ڪني هوندي. ميري پنھنجي شھر ۾ سوسائٽي جي جان سمجهي ويندي هئي. پر هتي هن کي تمام گهٽ پروگرامن ۾ مدعو ڪيو پئي ويو.
ميري ۽ لنڪن ٻيئي هڪڙي ڪرائي جي گهر ۾ رهيل هيا. هي عمارت ان جڳھہ تي واقع هئي، جتي اڄڪلھہ ڪانگريس جي لائبريري ٺھيل آهي. لنڪن تہ پنھنجن ساٿين ۾ جلدي ئي مقبول ٿي ويو. هن جون اهي ئي ساڳيون حرڪتون، لطيفا ٻڌائڻ، ماڻھن کي کلائڻ ۽ ٽھڪڙا مچائڻ، هن جي دوستن کي پسند هيو. پر ميري پنھنجي ڪمري ۾ ئي اڪيلي هوندي هئي. بس ماني کائڻ مھل هو ڪمري کان ٻاهر نڪرندي هئي. باقي سمورو وقت هو ڪمري ۾ ئي گذاريندي هئي. ٽن مھينن ۾ ئي هو هن شھر ۽ ان زندگي کان بيزار ٿي پيئي. ڪانگريس جي اجلاس ختم ٿيڻ ۾ اڃان ڪافي ڏينھن هيا. ان ڪري هو ابراهم کي اتي ئي ڇڏي پاڻ ميڪين ڪنٽيڪي هلي ويئي ۽ اتي ئي لنڪن جو انتظار ڪندي رهي. جدائي جي انھن ڏينھن ۾ ميري ۽ ابراهم جيڪي خط هڪ ٻئي ڏانھن لکيا، انھن مان خبر پوي ٿي تہ باوجود انھن جي طبيعتن ۾ اختلاف هئڻ جي، اهي ٻيئي هڪٻئي سان ڏاڍو پيار ڪندا هيا.
انھن ڏينھن ۾ هنن جيڪي خط هڪٻئي کي لکيا، انھن مان ميري جو هڪڙو خط ۽ ابراهم جا چار خط زماني جي ستم ظريفي کان بچي ويا. انھن ۾ ٻنھين ڄڻن جو ٻارڙن سان پيار، صاف جهلڪي ٿو. ابراهم ذري ذري ٻارڙن جا نالا وٺي انھن جو ذڪر ڪري ٿو. ميري کي بہ لکي ٿو تہ هي ڪمرو مون کي اڪيلائي ۾ کائڻ ٿو اچي. مون کي اميد آهي تہ تو کي هاڻي سر جي درد جي شڪايت نہ رهي هوندي. تون پاڻ کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪر. اهڙي قسم جا اڪثر جملا خطن ۾ ملن ٿا. جن مان معلوم ٿئي ٿو تہ ٻيئي ڄڻا هڪٻئي جي بغير، تنھائي جو شڪار آهن.

ڪانگريس جو ٽيھون اجلاس

ڪانگريس جي ٽيھين اجلاس ۾ جڏهن لنڪن پھريون ڀيرو شامل ٿيو تہ ان مھل هن جي سيٽ سڀني کان پڇاڙي ۾ هئي. سڄي ايوان ۾ شايد هي شخص ئي غيرمعروف هيو. ان اجلاس ۾ اهڙا بہ نامور ميمبر شريڪ هيا، جن آمريڪي تاريخ ۾ پنھنجو وڏو نالو ڪمايو هو ۽ گهرو اثر ڇڏيو هو.
انھن ۾ سڀني کان وڌيڪ مشھور آمريڪا جو اڳوڻو صدر جان ڪوئنسي آرم هيو. جيڪو ابراهم جي پارٽي وهگ Whig party” جوميمبر هيو. ان وقت آرم جي عمر 80 سال هئي. هن پنھنجي دؤر ۾ تمام گهڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون هيون. هو غلامي جي مخالفت ۾ ابراهم کان بہ گهڻو اڳتي هيو ۽ پنھنجي خيالن جو کلي عام اظھار ابراهم سان ڪندو رهندو هيو. پنھنجي سيٽ تي ويھي، لوڻو هڻي، ابراهم جارجيا جي اليگزينڊر بيچ اسٽيفنس کي ڏسي سگهي پيو. جيڪو بعد ۾ نائب صدر جي عھدي تي فائز ٿيو. ان جي پاسي ۾ ئي ٽي نيسي جو اينڊريو جونسن ويٺو هيو. جيڪو لنڪن جي صدارت واري زماني ۾ هن جو نائب صدر منتخب ٿيو. ان اجلاس ۾ ڊيوڊ ولموٽ بہ هيو. جنھن انسداد غلامي تي مضمون لکيا هيا.
انھن سڀني ناليوارن عظيم سياستدانن کي شايد اها خبر نہ هئي تہ انھن مان سڀني کان وڌيڪ عظيم ۽ گهڻو مشھور شخص انھن جي پٺيان ويٺو آهي. جيڪو پنھنجي بيڊولي لباس ۽ پنھنجي ڊگهي قد جي ڪري اڪثري ڪري پريشان رهندو آهي. هن کي سمجهہ ۾ نہ ايندو هيو تہ ايڏن وڏن هٿن پيرن جو هو ڪري تہ آخر ڪري ڇا؟ انھن کي ڪاٿي لڪائي؟.
ڪانگريس جي ان ٽيھين اجلاس جي سامھون تمام وڏا وڏا پريشان ڪندڙ مسئلا پيا هيا. هڪ تہ ميڪسيڪو جي لڙائي جو مسئلو هلي رهيو هيو ۽ ٻيو اخلاقي مسئلو غلامي جو هيو. ان مسئلي ميمبرن ۾ تمام گهڻو اختلاف پيدا ڪري وڌو.
جنھن وقت لنڪن ڪانگريس جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو هو ان وقت آمريڪا ۽ ميڪسيڪو جي جنگ ختم ٿي چڪي هئي. پر جنگ کان پوءِ جا اثر اڃان تائين هلي رهيا هيا. ان جنگ جي دوران ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو پوڪ James Knox Polk آمريڪا جي صدارت تي فائز هيو. ڊيموڪريٽڪ هئڻ جي سبب جي ڪري پوڪ وهگ پارٽي Whig party” ۾ بدنام ٿي ويو هو.
ڪانگريس جي ان اجلاس جي دوران لنڪن گهٽ ۾ گهٽ ٻن ڪميٽين ۾ مصروف هيو. انھن ماڻھن جو مقصد اهو ثابت ڪرڻو هيو تہ هن لڙائي ۾ جنھن سرزمين تي سڀ کان اڳ ۾ رت وهيو، اها ميڪسيڪو جي سرزمين هئي. ان ڪري آمريڪين هڪڙي غيرمنصفاڻي جنگ ۾ تشدد پسنديءَ جو ثبوت ڏنو. ان سلسلي ۾ لنڪن اسپاٽ ريزوليشن Abraham Lincoln's Spot Resolutions بہ پاس ڪرايو ۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ ميڪسيڪو سان جنگ ڪري آمريڪا سخت جارحاڻي ڪاروائي ڪئي آهي ۽ ان مقابلي ۾ جنگ ڪرڻ وارن جي حمايت نہ ڪرڻ کپي. ان جو فقط اهو مقصد هيو تہ صدر پوڪ پنھنجي زماني ۾ هڪ غيرمنصفاڻي جنگ جي ڪري گهڻو بدنام ٿي وڃي ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ ان جي جاءِ تي وهگ Whig party” پارٽي جو ڪو ٻيو ماڻھو صدر ٿي اچي.
ان لڙائي ۾ ابراهم جا ڪيترائي پاڙيسري دوست ۽ هم وطن ماريا ويا يا وري زخمي ڪيا ويا. ان ڪري ان ريزوليشن جو هڪڙو تڪڙو نتيجو اهو نڪتو جو ابراهم نہ فقط ڪانگريس ۾ غيرمقبول ٿي ويو پر جنھن علائقي مان هو اليڪشن وڙهي پيو اتي ۽ سڄي رياست ۾ هن جي مخالفت شروع ٿي ويئي. بلي هرن ڊن مسلسل پنھنجي دوست جي حمايت ۾ مضمون لکي ڪري ابراهم تي ٿيل سخت حملن کي متوازن بنائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. پر ابراهم ان لڙائي جي خلاف، صدر پوڪ جي خلاف ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي خلاف پروپيگنڊا ۾ مسلسل مشغول رهيو.
ظاهري طور تي تہ ائين لڳي رهيو آهي تہ لنڪن هر وقت عملي سياست ۾ ئي مشغول رهيو ۽ پنھنجي نظرين ۽ لائحه عمل کي خدا حافظ چئي ويٺو هجي، پر ائين هيو ڪو نہ. هو صرف غلاميءَ جي خاتمي جي مسلسل ڪوشش ڪندو رهيو. هو پرامن ۽ قانوني طور تي غلامي جي خاتمي جي لاءِ ڪوشان هيو. ان سلسلي ۾ هن هڪڙو بل ٺاهيو، جنھن جي ڪري ئي ڪولمبيا جي ضلع ۾ غلامن کي آزادي ملي وڃي ها، پر هي بل منظور نہ ٿيو.
ڪانگريس جا ٻيا اجلاس ختم ڪرڻ کان پوءِ، لنڪن هڪدفعو وري اسپرنگ فيلڊ موٽي آيو ۽ پنھنجي زال ۽ ٻارڙن سان معمولي گهر ۾ رهڻ لڳو. هن کي توقع هئي تہ هن دفعي هن کي ڪانہ ڪا معقول نوڪري ملي ئي ويندي. پر جڏهن هن کي رياست اوريگن جي سيڪريٽري جي نوڪري ملي تہ ميري ايڏو پري وڃي رهڻ پسند نہ ڪيو ۽ ابراهم کي انڪار ڪرڻو پيو. ان کان پوءِ هڪ دفعو هن وري ٻيھر پنھنجي قانون وارو/وڪالت وارو ڌنڌو اختيار ڪيو.
اٺين جڊيشل ڊسٽرڪٽ جي سرڪٽ ڪورٽ ٻارنھن هزار ميلن جي علائقي تي مشتمل هئي. ان ڪري ابراهم کي پنھنجي حلقي ۾ ڪم ڪرڻ جي لاءِ هن کي گهڻو رلڻو پيو، هن گپ ۾، بارشن ۾، ڌوڙ ۾، دز ۾، مٽيءَ ۾، برفباري ۾ ، گهوڙي تي سوار ٿي، هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين رلندو رهندو هو، اهڙي ريت هن کي گهر کان هفتن جا هفتہ ۽ ڪڏهن ڪڏهن تہ مھينو بہ ٿي ويندو هو، پري رهندو هيو.
مختلف ڳوٺن، علائقن ۾ جتي جتي عدالتون قائيم هونديون هيون، هو ججن سان، جيوري جي ماڻھن سان ۽ ٻين وڪيلن سان ملاقاتون ڪندو رهندو هو. سڀ هن جي لطيفن، چرچن ڀوڳن جي فن مان لطف اندوز پيا ٿيندا رهندا هيا. هو انھن سان ادب، شاعري ۽ سياست تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويھي ڪچھري ڪندو رهندو هيو. لنڪن کي اهڙين محفلن جو رُوح روان سمجهيو ويندو هو. هونءَ تہ هو ظاهري طور تي خاموش ۽ اداس لڳندو هو، پر هو ڪڏهن ڪڏهن اوچتو بيھي اهڙو تہ لطيفو ٻڌائي ڇڏيندو هو جو مڙئي ماڻھو کلي کلي کيرا ٿي پوندا هيا. هن جي بنان محفلن ۾ مزو ئي نہ هوندو هو.
عدالتن ۾ اهڙي طرح آڏي پڇا ڪرڻ دوران هو پنھنجا ڪيس اهڙي تہ سادگي ۽ منطقي انداز ۾ پيش ڪندو هو، جو هن جا دليل ڪورٽ کي قبول ئي ڪرڻا پوندا هيا. ان ڪري هو اڪثر ڪري ڪيس کٽيندو هو.
مالي اعتبار سان لنڪن اڃان تائين پنھنجي وڪالت جي عروج تي نہ پھتو هيو. ڪيترن سالن کان پوءِ هن الينواءِ ريل روڊ کان هڪڙي ڪيس ۾ پنج هزا ڊالر في ورتي هئي. هي هن جي سڀني کان وڏي ۾ وڏي في هئي. پر هن کي غريبن جا ڪيس مفت ۾ وڙهڻ تي ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي. ڪنھن عيار ماڻھوءَ، ڪنھن بيواھہ عورت جي پينشن جي اڌ رقم هڙپ ڪري ڇڏي هئي. لنڪن ان بيواھہ عورت جو ڪيس مفت ۾ وڙهيو. هڪڙو ٻيو ڪيس جنھن ۾ هن هڪڙو پئسو بہ وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ڊف آرمز اسٽرانگ جي خلاف خون جو ڪيس داخل ٿيل هيو. ڊف آرمز اسٽرانگ لنڪن جي پراڻي دوست جيڪ آرمز اسٽرانگ ۽ هن جي گهرواري جو پٽ هيو. جنھن تي هڪڙي شخص جيمس منيرڪر جي خون جو الزام هيو. اکين ڏٺي شاهدن ۾ هڪڙو ڪاري رنگ وارو ايلن نالي ماڻھو بہ هيو. جنھن حلف کڻي عدالت ۾ بيان ڏنو هو تہ مون چنڊ جي روشني ۾ ڊف ڪو منيرڪر تي حملو ڪندي ۽ ان کي قتل ٿيندي ڏٺو آهي.
لنڪن هون بہ ڪافي هوشيار وڪيل هيو ۽ اهڙن موقعن تي هن جي ذهانت جا دروازا ويتر وڌيڪ کلي ويندا هيا. هن انھن شاهدن ۽ خاص ڪري ايلن جي بيان ٻڌڻ کان پوءِ عدالت ۽ جيوري کي مخاطب ٿيندي چيو هو تہ؛ ”مان پنھنجي دليلن سان اها ڳالھہ ثابت ڪندس تہ هن شخص ايلن جو بيان ڪوڙ تي ٻڌل آهي. هن ڪڏهن بہ ڊف ڪومنيرڪر تي حملو ڪندي چنڊ جي روشني ۾ نہ ڏٺو، ڇو تہ جنھن رات اهو شخص ماريو ويو هو ان رات آسمان تي چنڊ تہ مورڳو هيو ئي ڪونہ“.
لنڪن هڪدم هڪڙي جنتري عدالت ۾ پيش ڪئي ۽ ڏينھن، تاريخ ۽ وقت جو تعين ڪندي دليل سان اهو ثابت ڪيو تہ جنھن رات منيرڪر قتل ڪيو ويو ان رات چنڊ آسمان تي نہ هيو. اها اوندھہ واري رات هئي. ان ڪري اکين ڏٺي شاهد ايلن جو اهو بيان تہ هن چنڊ جي روشني ۾ منيرڪر کي قتل ٿيندي ڏٺو، اهو سراسر ڪوڙ تي ٻڌل آهي. پنھنجي آڏي پڇا ۽ تقرير ختم ڪندي، هن سڀني گواهن جو هڪڙو دفعو ٻيھر جائزو ورتو ۽ جيوري کي مخاطب ٿيندي چوڻ لڳو:
”معزز دوستو! منھنجا ميرا ڪپڙا ان ڏينھن ڌوتا ويا هيا جنھن ڏينھن مون وٽ ڌورائڻ لاءِ منھنجي کيسي ۾ هڪڙو پيسو بہ نہ هيو“.
پوءِ لنڪن پنھنجي نيوسيلم جي رهائش ۽ حنا آرمز اسٽرانگ جي مھمان نوازي ۽ دوستي جو ذڪر ڪندي چيو تہ ڪيئن انھن ٻنھي نيڪ انسانن بنا ڪنھن لالچ لوڀ جي، فقط خلق جي خدمت جي خاطر، هڪڙي مفلس نوجوان جي مدد ڪئي هئي. هن کي رهڻ جي لاءِ گهر ۽ کائڻ جي لاءِ ماني ڏني. لنڪن وڏي پرزور لفظن ۾ چوڻ لڳو،”مون کي يقين آهي تہ اهڙي نيڪ سيرت انسانن جو ڇوڪرو خون نہ ٿو ڪري سگهي“.
ابراهم جي تقرير ۽ هن جا دليل ڏاڍا منطقي ۽ مفصل هيا. سڀني ماڻھن اها ڳالھہ قبول ڪئي تہ ڊف تي غلط الزام لڳايو ويو آهي. جڏهن تہ وري جيوري ڊف جي آزاديءَ جي فتويٰ صادر فرمائي تہ ابراهم ان ويل چيو هو،”رب پاڪ کان منھنجي دعا آهي تہ هي سبق هن جي لاءِ ۽ ٻين دوستن جي لاءِ بھتري جو ڪارڻ بڻجي“.
1850ع جي ابتدائي ڏينھن ۾ ماڻھن کي ”جنتري وارو قتل“ ياد رهيو. ابراهم بارش ۾، گپ جي دلدل ۾ گهوڙي تي سوار ٿي، لنڊي پتلون پائي، هوٽلن ۾ رهائش ڪندي، هڪڙي شھر کان ٻي شھر تائين ۽ هڪڙي ڳوٺ کان ٻي ڳوٺ تائين رلندو وتندو هيو.
هنجي شھرت مضبوط بنيادن تي قائم ٿي رهي هئي. ذهني اعتبار کان بہ هن ۾ پختگي پيدا ٿي رهي هئي ۽ هڪ بيمثال ۽ ناقابل فراموش سياستدان بنائڻ ۾ فائيديمند ثابت ٿي.

گهر ۾ ڏار/ڏڦيڙ

”سياست ڏانھن منھنجي دلچسپي گهٽجندي پئي ويئي، پر مسلسل معاهدي مسوري Missouri Compromise جي ختم ٿيڻ تي منھنجي اندر ۾ هڪ ڀيرو ٻيھر جوش ۽ جنون پيدا ڪري ڇڏيو هو“. ابراهم لنڪن

ان وقت سڄي قوم هڪڙي عجيب مونجهاري ۾ مبتلا هئي. ڏکڻ وارن علائقن ۾ غلامي جو رواج هيو. اترين علائقن ۾ غلامي ۽ برده فروشي تي پابندي مڙهيل هئي. اهڙي طرح سڄو ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو هو. آزاد ۽ غلام علائقا. اهي ٻيئي حصا غلامي جي مسئلي تي پنھنجي سوچن ۾ تمام گهڻو انتھا پسند ٿي ويا هيا.
آمريڪي، ”خانا جنگي“ سول وار کان چاليھہ سال اڳ ۾ جي زماني جو عجيب دؤر هيو. ان سڄي دؤر ۾ سموريون قومون مخالف، ان قسم جي مخالفت ۽ رضامندي جي توازن جي ور چڙهي ويون هيون. 1820ع ۾ ان توازن کي برقرار رکڻ جي لاءِ هڪڙو باهمي معاهدو ڪيو ويو. ان حوالي سان رياست ”مين“ آمريڪي وفاق ۾ انسداد غلامي جي حامي ۽ ان جي مخالفت جي حيثيت سان شامل ڪئي ويئي. اهڙي ريت پو بہ اهو ئي توازن برقرار رهيو.
هن معاهدہ جي هڪڙي اهم پيرا عھد مقدس چورائي ٿي. ان حوالي سان ٻنھين پارٽين اهو عھد ڪيو هو تہ لوزيانا جي علائقي ۾ جنھن کي اڃان تائين رياست جي حيثيت حاصل نہ ٿي هئي، اتي غلامي هميشہ هميشہ جي لاءِ ممنون قرار ڏني ويندي. غلامي جي حامي ۽ مخالف ڌرين ٻنھين ان مقدس عھد تي عمل ڪرڻ جو واعدو ڪيو.
آمريڪي اتر ۽ ڏکڻ وارن رياستن ۾ غلامي جي مسئلي تي اختلاف تہ اڳ ۾ شديد ٿي چڪا هيا. جنوري 1854ع ۾ اهي اختلاف اڃان بہ وڌيڪ وڌي ويا. ٿيو ائين جو سنپٽر اسٽيفن اي ڊگلس Stephen A. Douglas سينيٽ ۾ ”ڪينسس نيبر اسڪا ايڪٽ“Kansas-Nebraska Act جي نالي سان هڪڙو بل پيش ڪيو. ان جو مقصد معاهدا مسوري جي تنسيخ هيا. ڊگلس هميشہ کان ئي غلامي جي زبردست حمايتي هو ۽ هن هڪدفعي سينيٽ ۾ وري هڪدفعو ٻيھر اهو مسئلو پيش ڪيو تہ غلامي تي ڪنھن حد تائين پابندي لاڳو ڪري سگهجي ٿي. ان بل جي پيش ٿيڻ سان ئي سڄي ملڪ ۾ واويلا مچي ويو.
ڊگلز جي ان تجويز تي ڪانگريس جي ٻنھي ايوانن ۾ مھينن تائين وڏو گرما گرم بحث ٿيندو رهيو. پر آخرڪار اها تجويز منظور ڪئي ويئي، ان ۾ اهو چيو ويو تہ ڪينسس ۽ نيبراسڪا Kansas-Nebraska Act جي علائقن ۾ جيڪي اترئين حصي ۾ واقع آهن. انھن کي اهو اختيار ڏنو وڃي تہ آمريڪي وفاق ۾ کڻي غلامي جي حامي رياست جي حيثيت سان يا وري مخالف جي ئي حيثيت سان شامل ٿين، اها انھن جي مرضي آ.
لنڪن ۽ هن جي ٻين ساٿين جو خيال هو تہ معاهدي مسوري Missouri Compromise. جي حوالي سان هڪدفعي اهو طئي ٿي ويو هو اترئين حصي وارن علائقن ۾ آزاد ۽ غلامي جا مخالف سمجهيا ويندا. ان ڪري هڪ دفعو وري ٻيھر”عھد مقدس“ کي غور سان پڙهي انھن علائقن کي اهو اختيار ڏيڻ تہ اهي پاڻ آزادي يا غلامي جو فيصلو ڪن، اهو اصولن غلط آهي.
ڪينسس Kansas جي علائقي ۾ غلامي جي حمايتين ۽ مخالفن ۾ زبردست ڏند چڪ پيدا ٿي. ٻيئي ڌريون بند گاڏين ۽ گهوڙن تي سوار ٿي چاقن ۽ بندوقن سان هٿتيار بند ٿي، اندروني علائقن ۾ ڦهلجي ويا ۽ غلامي جي مسئلي تي مارڻ ۽ مرڻ لاءِ تيار ٿي ويا.
پر ڪينسس Kansas جا خوني واقعا ڄڻ جنگ کان اڳ ۾ ئي سڄي ملڪ ۾ بحث مباحثن جي هڪڙي جنگ لڳي ويئي هجي. لنڪن اهڙي نازڪ مسئلي تي خاموش ٿي نہ ويٺو ۽ ان مسئلي تي پنھنجي خيالن جو اظھار شد ۽ مد سان ڪرڻ شروع ڪيو. پر هن جي پنھنجي پارٽي وهگ Whig party” ۾ ئي اختلافي ڏار پئجي ويا ها. ان ڪري اها پارٽي اتي ئي ختم ٿي ويئي ۽ هڪ نئين پارٽي جنم ورتو. هن کي ”ري پبليڪن پارٽي“ چيو ويو جيڪي غلامي جا شديد مخالف هيا. لنڪن تہ شروع شروع ۾ هن جماعت ۾ شامل نہ ٿيو ۽ هن گروھہ کان ئي پري پري رهيو.
1855ع ۾ هو آمريڪي سينيٽ جي اليڪشن ۾ بيٺو. پر الينواءِ جي حلقي جي ڪري هن کي 8 اٺين فيبروري 1855ع ۾ ان اليڪشن ۾ شڪست جو منھن ڏسڻو پيو ۽ هو اها اليڪشن هارائي ويو. هاڻي لنڪن کي ان ڳالھہ جواحساس ٿيڻ لڳو تہ جيڪڏهن هن کي اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻي آهي تہ هن کي ”ري پبليڪن پارٽي“ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪرڻو پوندو. اهڙي ريت ئي هو انھن سخت حالتن جو بہ تدارڪ ڪري سگهجي ٿو. جنھن سموري قوم کي متاثر ڪري وڌو هيو. 29 مئي 1856ع جو ڏينھن آمريڪا جي تاريخ ۾ ھميشہ هڪڙو يادگار ڏينھن طور سمجهيو ويندو. ان ڏينھن بلومنگ ٽن ۾ الينواءِ جي ري پبليڪن پارٽي جو باقائدي افتتاح ڪيو ويو.
ان ڏينھن لنڪن جيڪا تقرير ڪئي اها تقرير جي فن جو شاهڪار نمونو هئي. هن پنھنجي تقرير سان ٻڌندڙن کي موهي وڌو هيو. هر ماڻھو ڄڻ تہ پنڊ پھڻ ٿي ويو هجي. اخبارن جا رپوٽر، تقرير جا نوٽس وٺڻ بہ وساري ويھي رهيا. ڄڻ تہ سڄي ماحول کي لنڪن منڊي ڇڏيو هجي. هو ڳالھائيندو پئي ويو ۽ ماڻھو ٻڌندا پئي ويا. ڇا تہ ڪمال جي جادوگري هئي.
بلي هرن ڊن جيڪو ابراهم جي هر تقرير جو تت تيار ڪري وٺندو هيو، هن ڪجهہ دير لاءِ ڪجهہ لکڻ جي ڪوشش ڪئي. پر پوءِ هو بہ ان تقرير جي نشي جي ور چڙهي ويو ۽ ابراهم جي موهيندڙ انداز ۾ وڃائجي ويو ۽ نتيجي ۾ هو بہ ان تقرير جو ڊرافٽ تيار نہ ڪري سگهيو. بلي هرن اڪثر ڪري چوندو هيو تہ؛
”مون مسٽر لنڪن جون سڀئي تقريرون ٻڌيون آهن ۽ اڪثر تقريرن جا نوٽس ۽ حوالا تيار بہ ڪيا آهن، پر بلو منگٽن جي تقرير هن سڀني تقريرن کي ماري ويئي هئي. هن جا مضبوط دليل ڄڻ تہ باھہ جا شعلا هيا، جنھن هن جي مخالفن کي بہ داد ڏيڻ تي مجبور ڪري وڌو هيو. غلامي جي خلاف هن جا دليل هن مھل تائين سياسي بنيادن تي ٻڌل هيا. پر هاڻي هن اخلاقي ۽ روحاني قدرن سان ان ڳالھہ کي بہ پرکيو هو. هن خلوص ۽ پنھنجي بھترين موقف واري اعتماد، هن ۾ تمام وڏو جوش ۽ جذبو ڀري ڇڏيو هو. هن جو قد تہ ڇھہ ڦٽ چار انچ هيو پر اسٽيج تي هو ستن ڦٽن جو لڳي رهيو هو.
ان تقرير جو ڪو بہ مستند متن موجود نہ آهي. پر اندازو ڪري سگهجي ٿو تہ هن جي ان عظيم خطاب ۽ پراثر داستان، الينواءِ کان نڪري ڪري، سموري اوڀر وارن علائقي ۾ ڦهلجي ويو هو. ٽن هفتن کان پوءِ فيلڊيفيا ۾ آمريڪا جي صدارتي اليڪشن ۾ نامزدگي جي لاءِ ري پبليڪن نيشنل ڪنوينشن منقعد ٿيو ۽ سڀني نمائندن هڪ سو ڏهن ووٽن کان لنڪن کي نائب صدر جي سيٽ لاءِ نامزد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
هاڻي ڄڻ تہ لنڪن جي لاءِ موقعو هيو ۽ صدارتي اميدوار جان سي فرمونٽ John C.Frémont سان گڏ نائب صدر چونڊجي وڃي. جيتوڻيڪ بعد ۾ لنڪن جي جاءِ تي نيوجرسي جي وليم ايل ڊيٽنWilliam L. Dayton کي نامزد ڪيو ويو هيو. پر لنڪن جي لاءِ پھرئين نامزدگي جي بہ توقع گهٽ هئي. جڏهن هن کي خبر پئي تہ هن کي هڪ سو ڏھہ ووٽ مليا آهن تہ هو ڏاڍو حيران ٿي ويو. هن کي يقين نہ پيو اچي. هو چوڻ لڳو؛
”جنھن مھل مون کي نامزد ڪيو ويو آهي، مون سمجهيو تہ اهو مان نہ آهيان، مون کي ياد ٿو اچي تہ ميساچوسٽ ۾ هڪڙو ٻيو شخص لنڪن جي نالي سان هيو، مون کي لڳو تہ ڪٿي ان کي نہ نامزد ڪيو ويو هجي“.
آمريڪي تاريخ جي ٻين واقعن کان ان ڳالھہ جي تصديق ٿي وڃي ٿي تہ ان وقت نائب صدارت جي سيٽ جي لاءِ لنڪن جي نامزدگي خود لنڪن جي حق ۾ بھتر ئي ثابت ٿي.
مطلب تہ ري پبليڪن پارٽي ان ڏينھن ۾ گهڻي قومي نہ هئي ۽ هن جي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهڻ ڪنھن بہ رسڪ کان گهٽ نہ هيو. ان ڪري ٿيو بہ ائين تہ صدارت جي نامزد اميدوار فرمونٽ Frémont کي هن جي ڊيموڪريٽ حريف جيمس بوشائن James Buchanan هن کي شڪست ڏيئي ڇڏي. ٻي ڳالھہ اها تہ اهو دؤر آمريڪي تاريخ جو نازڪ دؤر هيو.
آمريڪا جون ڏاکڻيون رياستون غلامي جي گهڻائي جي حمايت ۾ هيون ۽ ان سبب جي ڪري ئي اهي سڀ رياستون فرمونٽ Frémont جون تمام گهڻيون سخت مخالفت ڪنديون هيون ۽ انھن چيلينج ڏيئي ڇڏيو هو جيڪڏهن فرمونٽ Frémont آمريڪا جو صدر ٿي ويو تہ ڏاکڻي طرف جون سڀئي رياستون آمريڪي وفاق کان الڳ ٿي وينديون. آمريڪي قوم جي لاءِ اهو هڪڙو تمام وڏو سانحو ٿيندو. اتر جون رياستون جيڪي غلامي جون مخالف هيون، اڃان تائين ايتريون پاڻ ۾ متحد نہ ٿيون هيون، جو اهي ڏاکڻين رياستن کي انھن ڌمڪين جا جواب ڏيئي سگهن. اهو تہ حسن اخلاق سان فرمونٽ Frémont کي اليڪشن ۾ هار ملي ۽ ڳالھہ گهڻي خراب نہ ٿي.
بوشانن James Buchanan کي اڃان آمريڪي صدر جي عھدي تي ايندي ٻہ ڏينھن مس ٿيا هيا، جو آمريڪا جي سپريم ڪورٽ چيف جسٽس راجر بي ٽيني Roger Brooke Taney جي صدارت ۾ پنھنجو مشھور فيصلو ”ڊريڊ اسڪاٽ“Dred Scott v. Sandford decision (1857) نالي صادر ڪري ڇڏيو.
ان فيصلي جي اهم پوائنٽ اها هئي تہ هڪ حبشي کي سفيد نسل جي باشندي جي مقابلي ۾ ايترو حقير قرار ڏنو ويو هو، ان ڪري ان کي ڪنھن عدالت جي نظر ۾ ڪو بہ شھري تسليم نہ ٿو ڪري سگهجي. ان فيصلي تہ باھہ تي پيٽرول جو ڪم ڪيو ۽ اترئين رياستن ۾ غلامي جي خلاف ماڻھن جي جذبن ۾ انتھائي شدت وڌي ويئي هئي.
1858ع ۾ اسٽيٽن ڊگلز جي ميمبرشپ جي ٻيو مدو بہ پورو ٿي رهيو هو. لنڪن هن دفعي اڳين ڀيري کان بہ وڌيڪ گرمي جوشي سان اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو. هن جو هن ڀيري بہ مقابلو ڊگلز سان هيو. جيڪو سياست جي ورن وڪڙن ۽ داءُ پيچن ۾ هن کان وڌيڪ ماهر هيو.

هائوس ڊوائيڊڊ

اسپرنگ فيلڊ ۾ 1858ع ۾ ريپبليڪن اسٽيٽ ڪنويشن Republican National Convention ٿيو. ان ڪنوينشن ۾ لنڪن پنھنجي نامزدگي قبول ڪندي هڪڙي تقرير ڪئي. ان تقرير جي باري ۾ لنڪن جو اهو خيال هيو تہ تاريخ جي صفحن ۾ جيڪڏهن هن جون ٻيون سڀ خدمتون ميساريون بہ وڃن تہ بہ هو پنھنجي هن تقرير جي بنياد تي هميشہ زندہ رهندو.
هي تقرير تاريخ ۾ ”هائوس ڊوائيڊڊ“"House Divided" جي عنوان سان مشھور آهي. ان تقرير ۾ لنڪن پنھنجي خيالن ۽ جذبن جو اظھار اهڙي دليري، بھادري ۽ جرئت سان ڪئي جو هن جا سڀئي دوست ڊڄي ويا ۽ انھن هن کي التجا ڪئي تہ اهڙي تيز لھجي ۾ اهڙيون تلخ ڳالھيون، اهڙي بيباڪي سان ڪرڻ مصلحت جي خلاف آهن. ان ڪري تون اها تقرير ئي نہ ڪر.
لنڪن جا سڀئي دوست ان ڳالھہ تي زور ڏيئي رهيا هيا تہ صرف بلي هرن ڊن ان تقرير جي قوت، گهرائي جو صحيح اندازو لڳائي سگهيو ۽ ان شايد الھامي انداز ۾ ئي چيو هيو؛
”مسٽر لنڪن توهان اها تقرير ڀلي ڪيو. ڇو تہ توهان کي اها تقرير آمريڪا جو صدر بڻائي ڇڏيندي“.
لنڪن جي ان تاريخي خطبي جو هڪڙو اقتباس هي آهي؛
”جنھن گهر ۾ پاڻ ئي ڏار پئجي ويا هجن، اهو گهر بربادي کان نہ ٿو بچي سگهي. "A house divided against itself cannot stand," منھنجو ايمان آهي تہ هي حڪومت گهڻو نہ ٿي هلي سگهي. اڌ ملڪ غلام ۽ اڌ ملڪ آزاد. مان ائين نہ ٿو چوان تہ آمريڪي وفاق ختم ٿي وڃي. مون کي اها بہ توقع ناهي تہ هي گهر بند ٿي ويندو. پر منھنجو اهو ايمان آهي تہ اها ورڇ ختم ٿي ويندي. اهو ڏڦيڙ گهڻو وقت نہ هلي سگهندو“.
انھن لفظن اترئين علائقن ۾ هڪڙو نئون روح ڦوڪي ڇڏيو هو. انھن ڪارن حبشين جون همتون وڌي ويون هيون. پرڏاکڻي علائقي ۾ ان تقرير سان غم ۽ ڪاوڙ جي هڪڙي لھر اڀري پئي هئي.
لنڪن جي سياسي حريف اسٽيفن اي ڊگلس Stephen Arnold Douglas بہ موقعي مان فائدو ورتو ۽ لنڪن جي تقرير ۽ هن جي جملن کي غلط نموني سان پيش ڪيو ۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي تہ خود لنڪن پاڻ خانہ جنگي جي باھہ کي ڦوڪو ڏيئي رهيو آهي. ڊگلز Douglas پنھنجي مقصد جي حاصلات لاءِ سياسي ميدان ۾ هر ناروا چال هلڻ لاءِ تيار هيو. ان ڪري هن لنڪن کان مطالبو ڪيو تہ هن نازڪ سياسي مسئلي تي صفائي سان پنھنجي راءِ جو اظھار ڪري. ڊگلز Douglas کي خبر هئي تہ لنڪن کان اها راند کٽڻ لاءِ هن کي هر قسم جا وار ڪرڻا پوندا. ان ڪري هن ڪڏهن بہ وڏن هٿيارن کان پاسو نہ ڪيو. هنکي لنڪن جي صلاحيتن جي خبر هئي. فارسي پھاڪي ۾ ٿورو ترميم ڪري ڊگلز Douglas جي خيالن جو اظھار ٿورو هن ريت ڪري سگهجي ٿو تہ ”لنڪن ويچارو حقير نتون شمرو“. ان ڪري هن کي هروقت ان ڳالھہ جو احساس رهندو هيو تہ لنڪن کان سياسي راند کٽڻ ڪا سولي ڳالھہ نہ آهي. جڏهن پھريون ڀيرو سينيٽ جي ميمبرشپ جي لاءِ لنڪن جي نامزدگي جي خبر هن تائين پھتي تہ هوچوڻ لڳو،” اسپرنگ فيلڊ جي وهگ Whig party” پارٽي ۾ سڀني کان وڌيڪ ڪامياب ۽ سڀني کان وڌيڪ ايماندار ماڻھو آهي“.
اليڪشن جي تياري جي لاءِ ڊگلس Douglas الينواءِ واپس اچي ويو ۽ وڏي شاندار نموني سان اليڪشن جي دورن جي تياري ڪرڻ لڳو. اليڪشن مھم جا دورا ڇا هيا، هڪ تہ توهان جو ڀڀڪيدار لباس هجي، جنھن ۾ شان ۽ شوڪت جي نمائش ٿيندي هجي. ڪجهہ ماڻھو تہ ڊگلس جي چالاڪين، حرفتن، حرڪتن ۽ تقريري انداز کان ڏاڍو متاثر هيا. ڪجهہ ماڻھو وري ان رونشي مان ئي مطئمن ٿي ٿي ويا. ڊگلز جي گهرواري بہ وڏي فيشن جي شوقين، شائستہ ۽ مھذب عورت هئي. هن جي پوشاڪ، اندازِ گفتگو، چال چلت جي لاءِ الينواءِ تہ ڇا پر خود آمريڪا جي گادي جو هنڌ واشنگٽن ۾ هر ماڻھوءَ جي گفتگو جو موضوع هوندي هئي.
ڊگلز پنھنجي اليڪشن جي مھم لاءِ ريل گاڏي جو هڪڙو گاڏو ڪرائي تي وٺي ڇڏيو. ان ۾ هو پنھنجي گهرواري سان گڏ هڪڙي شھر کان ٻي شھر ۽ هڪڙي ڳوٺ کان ٻي ڳوٺ تائين آساني سان پھچي ويندو هو. ان ڊٻي جي پويان هڪڙي کليل گاڏي ۾ توپ رکيل هوندي هئي. هن جو پتل اس ۾ سون جيان چمڪندو هيو ۽ ان ۾ وري فوجي وردين ۾ ويٺا هوندا هيا. جڏهن هن جو گاڏو ڪنھن ڳوٺ جي ويجهو پھچندو هو تہ هو ان توپ سان گولا باري ڪندو هيو ۽ اعلان ڪيو ويندو هو تہ عظيم سياستدان اسٽيفن اي ڊگلز اليڪشن جي مھم جي سلسلي ۾ تقرير ڪرڻ پھچي ويو آهي.
ان ئي گاڏي جي ڪنھن عام مسافرن واري گاڏي ۾ هڪڙو سنھڙو سيپڪڙو، سڌو سادو ماڻھو، وڏي قد وارو ابراهم لنڪن بہ موجود هوندو هيو. هن وٽ نہ ئي ايتري دولت هئي جو هو هن قسم جي ڪوڙي نمائش تي خرچ ڪري ۽ نہ ئي هن جي اهڙي قسم جي ڪا تمنا هئي.
ٻنھي اميدوارن جا سياسي نظريا مختلف هيا. اليڪشن جا نعرا بہ الڳ الڳ هيا ۽ ٻنھين جو حلقو بہ الڳ الڳ هيو. ٻنھين جي تقرير ۾ هڪڙي مخصوص اپيل هوندي هئي. جيئن هڪڙي ڀيري لنڪن چيو؛
”توهان گهڻن ماڻھن کي ڪجهہ عرصي تائين يا وري ڪجهہ ماڻھن کي گهڻي عرصي تائين بيوقوف ڪري سگهو ٿا پر سڀني ماڻھن کي، سڄي زندگي بيوقوف نہ ٿا ڪري سگهو“.
پھريائين تہ لنڪن ڊگلز سان گڏوگڏ هڪڙي ئي شھر ۾ پيو ڦرندو هيو. ٻيئي الڳ الڳ جلسن ۾ تقريرون ڪندا رهندا هيا. پر پوءِ هن کي خيال آيو تہ جيڪڏهن اسان ٻيئي هڪڙي ئي پليٽ فارم تان تقرير ڪيون تہ اهو وڌيڪ مناسب ٿيندو.
ان ڪري هن ڊگلز کي چيلينج ڪيو تہ هو هڪڙي ئي پليٽ فارم تي مون سان تقريري بحث ڪري. تہ جيئن عوام کي هڪڙي ئي وقت ٻنھين جي نڪتہ نظر جي خوبين ۽ خامين جي خبر پئجي وڃي ۽ اهي سولائي سان پنھنجي ذهن ۾ فيصلو ڪري سگهن. جيتوڻيڪ بعد ۾ ڊگلز کي ان ڳالھہ جو سراسر نقصان ئي پھتو، پر هن لنڪن جي چيلينج کي قبول ڪري ورتو هيو.
اهڙي ريت الينواءِ رياست جي ستن شھرن، اوٽاوا، فري پورٽ، جولس بورو، چارلس ٽن، گليزبرگ، ڪوئنسي ۽ آلٽن کي اهو اعزاز حاصل هيو تہ انھن وٽ ٻنھي عظيم سياستدانن پنھنجون شاندار تقريرون ڪيون. جن آمريڪا جي تاريخ کي متاثر ڪيو.
عوام ۾ وڏو جوش ۽ ولولو ڦهليل هيو. ماڻھو ڏاند گاڏين، ٻيڙين، گهوڙن ۽ مخصوص ريل گاڏين جي ذريعي سفر ڪري پري پري جي علائقن کان اچي هنن جو تقريرون ٻڌندا هيا. گهڻن ماڻھن کي پنڌ بہ سفر ڪرڻو پئجي ويو. انھن ماڻھن اليڪشن جي تيارين کي پنھنجي عروج تي ڏٺو. مشعل کڻي نڪرندڙن جو جلوس، چمڪيدار بينڊ ۽ باجي وارن جو جلوس، ٻيڙين ۾ جل پرين جا ميڙاڪا، جهنڊيون، جهنڊا، مطلب تہ اليڪشن پنھنجي ڌم ڌام سان اڳتي وڌي رهي هئي. انھن ماڻھن هزارن ماڻھن جي ميڙاڪي ۾ شريڪ ٿي سج جي گرمي ۽ تپش بہ برداش ڪئي. فري پورٽ تي تيز برساتن ۾ ڀَڳا پر ڀِڳا نہ ۽ گيلز برگ جي ڇتي سيءَ جتي رت بہ ڄمي ويندو آهي، اهڙو سيءُ بہ برداشت ڪيو. پر پنھنجن محبوب اڳواڻن جو تقريرون ٻڌندا رهيا. انھن جي تقريرن تي هي ماڻھو ڏاڍو خوش ٿيا. مٿي تي پاتل ٽوپيون بہ آسمان ۾ اڇلايون. انھن ڪاوڙ جو بہ اظھار ڪيو. خوشي جو بہ روپ ڏيکاريو ۽ جوش مان تاڙيون بہ وڄايون.
سڄي زندگي انھن کي ان ڳالھہ کان وڏي ٻي ڪا بہ وندر نہ ملي. ٻنھي اميدوارن جون شخصيتون بہ دلچسپ هيون. ڊگلس عام طور تي سفيد رنگ جو يا وري نيري رنگ جو ڪوٽ، سفيد قميص، هيٺ کاڌي جي واسڪيٽ، تمام نفيس سلائي واري پتلون ۽ پالش سان چمڪندڙ جوتا پائيندو هيو. هو ننڍي قد جو پراعتماد پر مغرور قسم جو ماڻھو هيو. ڏاڍو تيز فھم ماڻھو هيو. لومڙي جيان چالاڪ ۽ مڇيءَ جيان ڦڙتيلو هوندو هيو.
لنڪن ڊگلس کان قد ۾ پورو هڪ فٽ ڊگهو هيو. معمولي ڪارو ڪوٽ جنھن جو ٻانھون ھميشہ لنڊيون هونديون هيو. مُرن کان مٿي پينٽ جا پانچا، بغير استري ڪيل قميص ۽ ٽائي پاتل هوندي هيس. عام طور تي هو هڪڙي پراڻي قسم جي شال ۽ پراڻي قسم جي ڇٽي بہ پاڻ سان گڏ رکندو هيو. پر جنھن مھل اهي ٻيئي ڄڻا تقرير ڪرڻ لاءِ بيھي رهندا هيا تہ چند لمحن ۾ ئي سامعين انھن جي ظاهري شڪل، صورت ۽ لباس کي وساري ويھندا هيا. هنن جا ڪن پنھنجي دؤر جي بھترين مقررن جي لفظن کي ٻڌڻ لاءِ آتا هوندا هيا ۽ انھن کي اهو خيال بہ نہ ايندو هيو تہ ڪير ڪھڙن ڪپڙن ۾ ملبوس آهي. ڊگلس جيڪڏهن لومڙي جيان چالاڪ هيو تہ لنڪن بہ شڪارين جيان سوجهہ ٻوجهہ رکندو هيو.
فري پورٽ جي تقرير ۾ لنڪن اڳ ۾ ئي سوچيل سمجهيل سوال ڊگلز کان ڪيو. هُن ڊگلز کان پڇيو؛ ”ملڪي دستور تيار ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي رياست غلامي جي اداري کي پنھنجي حدن کان خارج ڪرڻ چاهي تہ هن کي ڪھڙو طريقو استعمال ڪرڻو پوندو“.
لنڪن اڳ ۾ اندازو لڳائي ڇڏيو هو تہ ڊگلز ان سوال جو ڪھڙو جواب ڏيندو ۽ هن کي ان ڳالھہ جي بہ خبر هئي تہ جيڪڏهن ڊگلز اهو جواب ڏنو جيڪو هن جي دل ۾ آهي تہ پوءِ ڊگلز جي سياست ۾ شڪست اڻ ٽر آهي ۽ پوءِ ٿيو بہ ائين. ڊگلز ڏاڍو تڪڙي جواب ڏنو تہ جيڪڏهن ڪا رياست غلامي جو انسداد ڪرڻ چاهي تہ ان جي خلاف قانون منظور ڪرڻو پوندو.
سامعين ڊگلز جي ان حاضر جوابي کان مطمئن ٿيا پر لنڪن کي خبر هئي تہ ڊگلز جو اهو بيان تہ ڊگلز جي پنھنجي لاءِ ئي ڏاڍو نقصان ڪار آهي. ان جواب سان ان ڳالھہ جي خبرپئجي ويئي هئي تہ رياست قانون پاس ڪري غلامي کي ختم ڪري سگهي ٿي. ڏاکڻان علائقا جيڪي غلامي جي شدت جا حامي هيا، ڊگلز جي ان جواب کان ڏاڍو مايوس ٿيا. ويندي هن جي پنھنجي پارٽي ۾ ڏڦيڙ پئجي ويو ۽ پوءِ اهڙي ريت 1860ع واري صدارتي اليڪشن ۾ ريپبليڪن پارٽي جي ڪاميابي يقيني بڻجي ويئي.
رياست الينواءِ جي ستن شھرن ۾ لنڪن ۽ ڊگلز جي مطالعن جو سڄو متن اخبار جي رپورٽرن شارٽ هينڊ جي ذريعي لکي ورتو هيو ۽ اهو متن سڀني اخبارن شايع ڪري ڇڏيو هيو. اهڙي ريت تمام ٿوري عرصي ۾ لنڪن سڄي آمريڪا ۾ مشھور ٿي ويو ۽ هن جو شمار چوٽي جي سياستدانن ۾ ٿيڻ لڳو.
جلسن جي تقريرن ۽ مباحثن کان پوءِ جڏهن لنڪن صفا ٿڪجي چور ٿي پوندو هو ۽ هوٽل جي ڪمري ۾ جوراب ۽ بوٽ لاهي آرام واري ڪرسي تي پير ڊگهيري آرام ڪرڻ چاهيندو هو تہ هن جا خيال هن کي خبر ناهي ڪٿي وٺي ويندا هيا، هو پنھنجي تصوراتي دنيا ۾ گم ٿي خبر ناهي ڇا ڇا پيو سوچيندو رهندو هيو.
اهڙي ئي نموني جڏهن لنڪن ڪونسي جي هوٽل ۾ پنھنجن خيالن ۾ غرق ٿي ويل هيو. تہ مشھور مزاح نگار ڊيوڊ آر لوڪ جيڪو پنھنجو قلمي نالو پيٽروليم دي نيزبي جي نالي سان گهڻو مشھور هيو، لنڪن کي چوڻ لڳو؛
”مون ايڏو معصوم چھرو، ايڏو سنجيدا ۽ ايڏو پروقار چھرو اڄ ڏينھن تائين نہ ڏٺو آهي“.
لنڪن آر لوڪ کي چيو،”مان عوامي ووٽ تہ حاصل ڪري ويندس، پر مون کي توقع نہ آهي تہ رياستي سوچ ۾ ڊگلز کي شڪست ڏيئي سگهندس الائي نہ“. انھن ڏينھن ۾ رياستي مشينري سينيٽ جي مڙني ميمبرن جي چونڊ ڪندي هئي.
هن لوڪ کي اهو بہ ٻڌايو هو تہ ڊيموڪرٽڪ پارٽي کي اليڪشن ۾ ڪامياب ڪرائڻ لاءِ هن جا سياسي حريف پنھنجن مڙني حرامپائين، عيارين، مڪارين ۽ چال بازين کان ڪم وٺي رهيا آهن. ان ڪري ڪيترن ئي ضلعن جي علائقن جي حلقن ۾ ان جو بندوبست ڪيو ويو آهي تہ جيئن ڊيموڪريٽڪ اميدوار ڪامياب ٿي وڃن.
هن دفعي بہ لنڪن جي اڳڪٿي الھامي انداز ۾ سچ ثابت ٿي. 2 نومبر 1858ع جي صبح جو ئي برسات شروع ٿي ويئي. پر اليڪشن جو جوش ۽ جذبو سرد نہ ٿيو ۽ جڏهن اليڪشن کانپوءِ راءِ شماري ڪئي ويئي تہ لنڪن کي هڪ لک پنجويھہ هزار ٻہ سو پنجهتر ۽ ڊگلز کي هڪ لک ايڪويھہ هزار نوي ووٽ مليا. پر جڏهن سينيٽر جي چونڊ ڪرڻ جي لاءِ رياستي ماڻھن جو اجلاس ٿيو تہ 54 ميمبرن ڊگلس جي حق ۾ ووٽ ڏنو ۽ ابراهم جي حق م فقط 46 ووٽ پيا.
جڏهن ڪنھن لنڪن کان هن شڪست جو ذڪر پڇيو تہ هن هڪڙي ڇوڪري جو قصو ٻڌايو. جيڪو پيرين اگهاڙي هلي رهيو هو. ٿاٻڙجي پوڻ کان پوءِ هن جي آنڱوٺي ۾ وڏو ڌڪ لڳو. اهو قصو ٻڌائيندو لنڪن چوڻ لڳو تہ ڌڪ ايڏو گهرو هيو جو تہ ان کي کلي ڪري ٽاري بہ نہ پيو سگهجي ۽ وڏي هئڻ جي ناتي سان ويھي ڪري روئي بہ نہ پيو سگهجي.
جيتوڻيڪ لنڪن سينيٽر چونڊجي نہ آيو هو پر سڄي ملڪ ۾ هن جي شھرت ۽ مشھوري وڌي ويئي هئي. اليڪشن جي ڪري جيڪي وڳوڙ ٿيا، انھن جي ڪري ئي 1858ع جي سڄي سال هو پنھنجي وڪالت ڏي توجھہ نہ ڏيئي سگهيو هو. هاڻي هن وڪالت ۾ وڌيڪ ڌيان ۽ دلچسپي سان ڪم ڪرڻ لڳو. پر هو سياست کان بلڪل الڳ نہ ٿيو هو. هاڻي بہ هو تقريرون ڪندو رهندو هو. جيتوڻيڪ ڪن ڪن حلقن ۾ هن جونالو آمريڪي صدرات جي لاءِ ورتو ويندو هو، پر هو پاڻ کي ان عھدي جي لائق نہ پئي سمجهيو. هڪدفعي هن هڪڙي اخبار جي ايڊيٽر کي، جيڪو هن جو وڏو شيدائي هيو، چيو،”مون کي اعتراف آهي تہ مان ان عظيم عھدي جي اهل نہ آهيان“.
پر 1869ع جي اوائلي ڏينھن ۾ ئي هن جي خيالن ۾ تبديلي اچي ويئي ۽ هاڻي هو پنھنجي صلاحيت ۽ پنھنجي قابليت جي باري ۾ ايترو نااميد نہ هيو. خيالن جي ان تبديلي جو وڏو ڪارڻ اهو هيو تہ هن جون تقريرون سڄي ملڪ ۾ وڏي دلچسپي ۽ وڏي غور سان ٻڌيون پئي ويون. نيويارڪ سٽي ۾ ڪوپر يونين ۾ جيڪا تقرير لنڪن ڪئي هئي. اها تہ خاص ڪري ڏاڍي پسند ڪئي وئي هئي ۽ هن جي شھرت ۾ ڪافي اضافي جو ڪارڻ بڻجي ويئي هئي. لنڪن نيو انگلينڊ جو هڪ نجي دورو پڻ ڪيو ۽ هو جتان جتان پئي گذريو، اتان عوامي مظاهرن، هن جي استقبال جي جوش جذبن هنجي هردلعزيزي جي تصديق ڪري ڇڏي هئي. لنڪن انھن ڏينھن ۾ پنھنجي پارٽي طرفان نامزد ٿيل ٻين صدارتي اميدوارن جي حالتن جو بہ جائزو وٺي رهيو هو ۽ هر اميدوار ۾ هن کي ڪانہ ڪا اهڙي خامي ملي پئي ويئي جنھن جي بنياد تي ان اميدوار جي ڪاميابي جا چانسز گهٽ ٿي پئي ويا.
نيويارڪ جو وليم ايڇ سي ورڊ ، اوهايو جي سليمن پي جپيز، پنسلوانيا جو سائمن ڪيمرون، ٻہ قانوندان، هڪڙي آمريڪي عدالت عاليه جو جج ميڪلين ۽ ٻيو مسوري جو ايڊورڊ بٽيس. بس اهي ئي اميدوار هيا. جيڪي لنڪن جي پارٽي طرفان ئي نامزد ڪري سگهي پيئي. پر انھن مان گهڻن کي پنھنجي اليڪشن واري حلقي مان حمايت حاصل نہ هئي ۽ ڪي وري پنھنجي خراب ورتاءَ ۽ انقلابي بيانن جي سبب عوام جي مڪمل تائيد حاصل نہ ڪري سگهيا هيا. پر لنڪن پنھنجي اعتدال پسندي جي ڪري تمام گهڻو مقبول هيو. سڀ کان وڏو اختلافي مسئلو غلامي جو هيو. هڪڙي جماعت تہ مڪمل ۽ فوري غلامي جي خاتمي جو مطالبو ڪري پئي ۽ ٻي وري ان کي برقرار رکڻ تي بضد هئي. لنڪن جو رويو بلڪل ٺيڪ هيو. هو انسداد غلامي جي مسئلي تي سياسي وفاق کي ختم ڪرڻ جي حق ۾ نہ هيو ۽ نہ ئي وري غلامي جي لعنت کي ھميشہ ھميشہ جي لاءِ برقرار رکڻ جي حق ۾ هيو. ان ڪري اترئين ۽ ڏاکڻين ٻنھي علائقن ۾ هو پنھنجي سنجيدہ ۽ صاف نظرين جي ڪري تمام گهڻو چاهيو پئي ويو.
لنڪن کي يقين هيو تہ جنھن وقت ري پبليڪن نيشنل ڪنويشن ۾ صدارتي اميدوار جي نامزدگي جي لاءِ منقعد ڪيو هوندو، تہ هن کي ضرور ڪاميابي نصيب ٿيندي. هن کي پنھنجي علائقي ايلينواءِ ۾ تہ مڪمل تائيد حاصل هئي ۽ هن رياست جو هڪڙو هڪڙو ووٽ صرف لنڪن کي ئي مليو. جنھن وقت ايلينواءِ ۾ ووٽ وڌا پئي ويا، تہ جان هنيڪس ۽ لنڪن جي دوستن وڏو مزو ڪيو. جان هنيڪس ۽ هن جي دوستن ڪاٺ جو هڪڙو تختو هٿ ڪيو ۽ سڄي شھر ۾ ان کي گهمائيندا رهيا. اهو ڪاٺ جو تختو تقريبن ٽيھہ سال اڳ ۾ جڏهن لنڪن رياست ايلينواءِ ۾ داخل ٿيو هو تہ ان وقت ان چيريو هو. ماڻھو ان ڪاٺ جي تختي کي ڏسي چريا ٿي ويا. هنن جي پنھنجي رياست جو ابراهم ڪاٺ جا تختا چيريندو هو، اهوهاڻي آمريڪا جو صدر چونڊيو ويندو.
16 مئي 1860ع تي نيشنل ڪنوينشن شگاگو ۾ منقعد ٿيڻ وارو هو. ريپبليڪن ميمبرن جي آمد شروع ٿي وئي هئي ۽ عوام ۾ جوش جذبو بہ وڌندو پئي ويو. ڪي اميدوار مثال جي طور؛ سپورڊ پاڻ سان گڏ بينڊ بہ کڻي آيو هو ۽ چمڪندڙ وردين ۾ ملبوس ماڻھو سڄي شھر ۾ بينڊ باجا وڄائيندا رهيا. لنڪن جا حامي بہ هر پاسي کان نڪري آيا هيا. اهڙا ماڻھو آئل ڪلاٿ جون وڏيون وڏيون ٽوپيون پائي آيا هيا. جيڪي ڏينھن جي روشني ۾ چمڪنديون هيون ۽ رات جو وري گاسليٽ جي مشعلن جي روشني تي جرڪنديون هيون. لنڪن جا حامي بہ جيڪڏهن بينڊ وارن کان گهڻا نہ، تہ بہ گهٽ ۾ گهٽ انھن جيترو ئي شور ۽ هُل ڪري رهيا هيا.
شڪاگو ليڪ فرناٽ جو علائقو بينڊ جي گانن ۽ موسيقي جي آوازن سان گونجي پيو. ٻي پاسي هوٽل جي ڪمرن ۾ سڀني ميمبرن جا منتظم ۽ رضاڪار وڏي گرمجوشي سان سياسي جوڙ توڙ ۾ مصروف هيا. پنھنجي پنھنجي اميدوار کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن چال کيڏي پئي وئي. سياسي سودا عروج تي هيا. جوڙ توڙ ۽ ڌڙي بازين جا بہ سودا لڳل هيا. لنڪن پاڻ ئي اسپرنگ فيلڊ ۾ رهڻ پسند ڪيو. پر هن جي طرفان جج ڊيوڊ ڊيوس ماڻھن کي آمادہ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
لنڪن پنھنجن ماڻھن کي هڪڙو پيغام بہ موڪلي ڇڏيو تہ،” ڪو بہ اهڙي قسم جو معاهدو نہ ڪجو جنھن جو مان پابند ٿي وڃان“.
ويچارو مخلص ۽ ايماندار ابراهم اسپرنگ فيلڊ ۾ ويھي نتيجي جو انتظار ڪري رهيو هو. هن کي ڪھڙي خبر هئي تہ هن جا دوست ۽ هن جا حامي، هن جي ڪاميابي جي خاطر ڪھڙا ڪھڙا سودا ڪري رهيا آهن. لنڪن جي تاڪيد جي باوجود معاهدا ڪيا ويا. جن مان ڪي تہ ڏاڍا اهم هيا. مثال جي طور ڪيترن اهم عھدن جي باري ۾ يقين بہ ڏياريو ويو. پر اهو سڀ ڪجهہ لنڪن جي فتح جي لاءِ ڏاڍو ضروري هيو ۽ آمريڪي عوام ان ڳالھہ کان واقف هئي تہ اهو سڀ ڪجهہ ان عظيم نقصان جي اڳيان ڪجهہ بہ نہ آهي. جيڪو انھن کي ۽ انھن جي ملڪ کي لنڪن جي شڪست جي ڀيٽ ۾ کڻڻو پوندو ۽ اهڙي طرح جا معاهدا ۽ سياسي سودا ڪٿي نہ ٿا ٿين.
سڀني نمائندن جي توجھہ هاڻي دگ دام ڏانھن هئي. هي ڪاٺ جو هڪڙو تمام پراڻو عارضي هال هيو. جيڪو ڪنوينشن جي غرض سان تعمير ڪيو ويو هو. ماڻھن جي نعرن، تقريرن جي گونج جي ڪري سڄو هال پيو وڄي. اميدوارن پنھنجون تقريرون ڪيون. ان زماني ۾ خوش قسمتي سان اهي تقريرون ڏاڍيون مختصر هونديون هيون. ان کان پوءِ ڪجهہ نمائدا تہ ووٽ ڏيڻ ۾ مشغول ٿي ويا. ڪيترا ڀيرا راءِ شماري ٿيڻ کان پوءِ آخرڪار ابراهم ڪامياب ٿي ويو.
ماڻھو خوشيءَ مان نچڻ لڳا. تاِڙين سان هال گونجي پيو. ماڻھن جي شور، هل ۽ نعرن مان لڳي پيو تہ ڪٿي هال جي ڇت نہ ڪري پوي. هوا ۾ ٽوپِيون اڇلايون ويون، جهنڊين جا منظر سامھون هيا.
ڇت تي هڪڙو ماڻھو ويٺو هيو. ان کي اشارو ڪيو ويو تہ هن باھہ جي گولي سان لنڪن جي ڪاميابي جو اعلان ڪيو.
اسپرنگ فيلڊ ۾ اخبار الينواءِ اسٽيٽ جنرل جي دفتر ۾ لنڪن ۽ هن جا ڪجهہ دوست ويٺا هيا، جيڪي صبر ۽ تحمل سان نتيجن جو انتظار ڪري رهيا هيا. ايتري ۾ انھن کي تار آئي،“خدا جو شڪر آهي اسان کٽي ويا آهيون”.
لنڪن جا دوست ۽ پاڙيسري خوشي مان نچڻ لڳا. هڪٻئي کي مبارڪون ڏيڻ لڳا. جڏهن انھن جو جوش ۽ ولولو ٿورو گهٽ ٿيو تہ لنڪن وڏي خوشي مان چيو تہ؛
”عزيزو! اسان جي گهر ۾ هڪڙي ننڍي قد جي عورت ويٺي آهي، هو ان خبر جو انتظار ڪري رهي آهي. مون کان وڌيڪ هن کي ان تار جو انتظار آهي. جيڪڏهن توهان اجازت ڏيو تہ مان هي تار کڻي وڃي هن کي ڏيکاري اچان“.
لنڪن نامزدگي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو. پر اڃان صدارت جي اليڪشن رهيل هئي. ڪنھن بہ اليڪشن جي باري ۾ سو سيڪڙو يقين سان اهو نہ ٿو چئي سگهجي تہ نتيجو ڇا ٿيندو؟. پر ٻين مڙني اميدوارن جي ڀيٽ ۾ لنڪن جي ڪاميابي جا امڪان ڪجهہ گهڻا ئي هيا.
اسٽيفن اي ڊگلس اترئين ڊيموڪريٽڪس جي طرفان ۽ جان سي بريڪنز John C. Breckinridge ڏاکڻي ڊيموڪريٽڪس جي طرفان اميدارن ۾ صدارتي سيٽ تي مقابلو هيو ۽ هڪڙي ٻي نئين جماعت جيڪا ڪانسٽي ٽيوشنل يونين چورائي پيئي، اها بہ اليڪشن وڙهي رهي هئي. ان جي طرفان وري جان بيل اميدوار هيو. پر هن جي ڪاميابي جا چانسز ٻڙي هيا.
6 نومبر 1860ع جو تاريخي اليڪشن ٿيو. ڏاکڻيون رياستون اڃان تائين ڌار ٿيڻ جون ڌمڪيون پئي ڏنيون. ماڻھو وڏي عزم ۽ جذبي سان راءِ ڏيڻ وڃي رهيا هيا. انھن کي خبر هئي تہ هي خالي اليڪشن جي جنگ ناهي پر ان جا نتيجا تمام پري پري تائين ويندا.
اها ڳالھہ سھي آهي تہ لنڪن کي گهڻن ووٽن کان ڪاميابي نہ ملي پر پوءِ بہ هن کي سٺا ووٽ پيا. لنڪن کي 18 لک، 66 هزار، 452 ووٽ ، بريڪن رج کي 8 لک 47 هزار، 953،۽ ڊگلز کي 13 لک، 80 هزار، 202 ووٽ مليا. ۽ جان بيل کي فقط 59 ووٽ پيا.

American presidential election, 1860
presidential candidate political party electoral votes popular votes

Abraham Lincoln
Republican
180 1,866,452
John C. Breckinridge
Southern Democratic 72 847,953
Stephen A. Douglas
Democratic
12 1,380,202
John Bell
Constitutional
39 59
ابراهم لنڪن جيڪو ڪاٺ جي هڪڙي ڪمري ۾ پيدا ٿيو. صدارت جھڙي عظيم منصب تي پھچي ويو. هن جي سامھون ڪيتريون ئي اهڙيون اهم زميواريون هيون ، جنھن تائين پھچڻ هر ماڻھو جو ڪم نہ هيو. لنڪن انھن زميوارين سان جھڙي ريت نڀايو، ان مان هن عظمت جو گڻ نکري نروار ٿئي ٿو. هن جي قسمت ۾ آمريڪي قوم جي رهنمائي هڪڙي اهڙي نازڪ مرحلي تي لکيل هئي، جڏهن سڄو ملڪ نفاق جي باھہ ۾ سڙي رهيو هو.
هاڻي هو آمريڪا جو نئون صدر هيو. ان ۾ ڪو شڪ نہ آهي تہ هن ميري لنڪن جي ان خواب کي سچو ثابت ڪيو، جنھن چيو هو تہ منھنجي شادي ان سان ٿيندي جيڪو آمريڪا جو صدر ٿئي. هاڻي هو آمريڪا جي صدر جي گهرواري ۽ وائيٽ هائوس جي مالڪياڻي هئي.

موڪلاڻي جو ڀاڪر ۽ وڇوڙو

”مان توهان سڀني کان موڪليان ٿو“. اي لنڪن


ابراهم پنھنجي صندوق ۽ هنڌ پاڻ ٻڌي/ويڙهي ان تي پنھنجي پتو لکي ڇڏيو.
اي لنڪن -وائيٽ هائوس، واشنگٽن ڊي سي
اسپرنگ فيلڊ وارو گهر ڪرائي تي چاڙهي ڇڏيو هو. ڳئون ۽ گهوڙا کپايا ويا هيا. ڪتو هنن کان جنھن گهريو ان کي ڏيئي ڇڏيائون. ان کان پوءِ ابرهام پنھنجي ويڳي ماءُ سارا بش سان آخري ملاقات ڪرڻ لڳو. هرن ڊن William Henry Herndon کي هن چيو تہ،“ فرم جي نالي ۾ ڪا بہ ڦير ڦار نہ ڪجانءِ. منھنجي نالي جي تختي بہ لڳل هجي ۽ جيڪڏهن مان جيئرو رهيس تہ پوءِ واپس موٽي ايندس ۽ اسان گڏجي اهڙي ريت وڪالت ڪنداسين، ڄڻ تہ ڪجهہ ٿيو ئي نہ آهي“.
هو ظاهري طور تي سفر جي تيارين ۾ مصروف هيو. پر ان سان گڏوگڏ هن جي دماغ ۾ اهو خيال پيو ايندو هو تہ هو آمريڪا جي ان دؤر ۾ صدر مقرر ٿيو آهي، جڏهن آمريڪا صفا نازڪ موڙ تي اچي بيٺو هو. سڄو ملڪ خانہ جنگي ۾ ورتل آهي. ڪنھن وقت بہ لڙائي جي چوچڙي لڳي سگهي پئي. چونڊجي آيل صدر اهو اعلان ڪيو هو تہ هو هر باعزت ۽ ممڪن طريقي سان ملڪ کي خون ريزي کان بچائيندو.
11 فيبروري 1961ع جي صبح جو مينھن وسي پيو. سياري جا سيءُ گريٽ ويسٽرن جي اسٽيشن تي ٽن ڊٻن ۽ هڪڙي انجڻ جي مختصر گاڏي بيٺي هئي. اها صدر جي اسپيشل ريل گاڏي هئي. لنڪن پليٽ فارم تي ڇٽين جو هڪڙو هجوم ڏٺو. هزارين ماڻھن جا بيتاب چھرا پنھنجي ملڪ جي محبوب صدر جي چھري جي هڪڙي جهلڪ ڏسڻ لاءِ آتا بيٺا هيا. انھن کي نہ سيءُ جي پرواھہ هئي ۽ نہ ئي وري برسات جي. لنڪن انھن کي پليٽ فارم تائين ئي خطاب ڪندي چيو؛
”منھنجا دوستو! لنڪن جهيڻي آواز ۾ چيو.
”هن رنج ۽ الوداعي موقعي تي منھنجي جذبن کي سمجهڻ ۽ انھن جو اندازو ڪرڻ سولو نہ آهي. هن شھر ۽ هن شھر جي رهاڪن، مون کي سڀ ڪجهہ ڏنو. مان انھن جي ٿورن جي بار هيٺان دٻيل آهيان. هتي مون صديءَ جو چوٿون حصو گذاريو. هتي ئي مان جوان مان پوڙهو ٿيس. هتي ئي منھنجا ٻچا پيدا ٿيا ۽ هن ئي زمين ۾ مون پنھنجي هڪڙي لخت جگر کي دفنايو. هاڻي مان توهان کان موڪلايان ٿو. مون کي خبر ناهي تہ منھنجي واپسي هن شھر ۾ ٿيندي بہ الائي نہ. مون تي تمام وڏيون زميواريون سٿيون ويون آهن. منھنجو ڪم واشنگٽن کان بہ گهڻو ڏکيو آهي. خدا جي مدد جي بغير منھنجي ڪاميابي ممڪن نہ آهي ۽ جيڪڏهن خدا جو ڪرم مون تي رهيو تہ پوءِ مان ناڪام نہ ٿو ٿي سگهان. ان تي ڀروسو ڪندي، جيڪو مون سان گڏ هوندو ۽ توهان سان بہ گڏ هوندو. ....جيڪو هر جاءِ تي موجود آهي، قائم آهي. اسان اميد ڪري سگهون ٿا تہ حالتون بھتر ٿي وينديون. مان توهان کي ان رب جي حوالي ڪيان ٿو. مون کي اميد آهي تہ توهان مون کي دعا خير ۾ ياد ڪندو. ...
الوداع...
انجڻ جي سيٽي هوا ۾ گونجي. اسٽيشن جي گهنٽي وڳي ۽ ٽرين آهستي آهستي ڪوهيڙي ۾ غائب ٿي ويئي.
لنڪن جي طبعيت ۾ نرم دلي ۽ هو صلح پسند ماڻھو هو. جنگ، خونريزي ۽ تشدد جي خلاف هن جي سوچ جي باري ۾ اسان پٺين صفحن ۾ پڙهي آيا آهيون. قدرت جي هي وڏي ستم ظريفي چئي سگهجي ٿي تہ لنڪن جھڙي ماڻھو کي اهڙي دؤر ۾ صدارت جي سيٽ ڏني ويئي. جڏهن سڄي ملڪ ۾ جنگ جا ڪڪر ڇانيل هيا. حالتون اهڙي ٿي ويون هيون جو جنگ اڻٽر ٿي ويئي هئي.
ڪرنل فيڊريٽ جي بندوق جي پھرئين گولي فورٽ سمٽر تي هلي. اها جنگ جي شروعات هئي. ان کان پوءِ اتر ۽ ڏکڻ جون حريف فوجون پنھنجن پنھنجن جنرلن جي سربراهي ۾ گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويون هيون. اهي ان خانہ جنگي جون تياريون هيون جيڪي ايندڙ چئن سالن تائين هلڻيون هيون.
انھن ٻنھين فوجين جا سپاهي جيڪي ميدان جنگ ۾ هڪٻئي جي سينن تي بندوقون تاڻي بيٺا هيا، پنھنجي حب الوطني، شجاعت، همت ۽ پنھنجي نصب العين ۾ هڪٻئي کان وڌيڪ مختلف نہ هيا. ٻنھين کي پنھنجا وطن ۽ پنھنجا نظريا وڌيڪ عزيز هيا. ٻئي هڪڙي ئي وطن جا پٽ هيا ۽ ٻئي ان جي سلامتي ۽ بچاءُ جي خاطر هڪٻئي سان سندرو ٻڌي بيٺا هيا. اهي ٻئي پنھنجي روئندڙ مائرن، مظلوم پيئرن ۽ خوبصورت محبوبائن کي ڇڏي پنھنجن ئي هموطنن جي خلاف صف آرا هيا. اهو جذبو جيڪو اتر ۽ ڏکڻ رياستن جي باهمي اختلاف کي ختم ڪري هڪٻئي جي ويجهو اچڻ گهرجي ها. اڄ ميدان جنگ ۾ هڪٻئي جي خلاف نفرت جا جذبا کڻي بيٺا هيا.
پھرئين لڙائي کي ڏسڻ جي لاءِ ڪانگريس جا ميمبر ۽ انھن جو مايون بہ پھچي ويون هيون. ڄڻ تہ ڪا لڙائي نہ هئي پر ڪا پڪنڪ هجي. پر جڏهن ڏاکڻي فوج جو جنرل جيڪسن ميدان جنگ ۾ ديوار بڻجي بيھي رهيو ۽ وفاقي فوج جي پيش قدمي بہ آخرڪار لڙائي ۾ تبديل ٿي ويئي تہ ڪانگريس جا ميمبر ۽ انھن جون مايون پنھنجين گاڏين ۾ سوار ٿي واشنگٽن طرف ڀڄڻ لڳيون. هاڻي قوم کي خبر پئجي ويئي تہ جنگ ڪا پڪنڪ ڪانھي، پر خونريزي آ. رت جي هولي آهي.
1862ع تائين ٻنھين ڌرين جا گهڻا مغالطا دور ٿي ويا هيا. پنينسولر ڪيمپين، شيئڊو ويلي جي لڙائي ۽ سيڪنڊبل رن، اين ٽيٽم ۽ فريڊرڪس برگ جي ٽولن جي جاين تي لاتعداد ماڻھو ماريا ويا هيا. 1863ع ۾ جنگ جو رخ وفاقي مرڪز جي خلاف ٿي ويو. لنڪن هڪڙي اعلان جي ذريعي چئي ڇڏيو هو تہ اڄ کان پوءِ سڀئي غلام آزاد ڪيا ويا آهن. ڏاکڻي علائقي جي باھہ تي اهو اعلان ڄڻ تہ پاڻي پئجي ويو هو. ٿورڙي ئي محاصري کان پوءِ وڪس برگ وفاقي فوجين تي ٽٽي پيا ۽ بي خو في جهِيڙي جي باوجود انھن کي واپس ٿيڻو پيو.
وفاقي فوجين کي ڪيترائي ڀيرا شڪست ٿي. لنڪن بہ آزمايل جنرلن کي ڪيترا دفعا فوج جو ڪمانڊر مقرر ڪري موڪليو. جن ۾ ميڪ ڊويل، ميڪ سليلن، برن سائڊ، هوڪر ۽ ميڊا، انھن سڀني کي آزمايو. پر آخرڪار هنجي نظر يولي سس اپس-گرانٽ تي پئجي ويئي.
گرانٽ اسپاٽ سلوانيا ڪورٽ هائوس، ڪولڊ هاربر، رچ مونڊ ۽ ٽپس برگ جي آس پاس شديد لڙايون لڙيون ۽ ان کان پوءِ هن گادي جي هنڌ جو گهيرو ڪري ورتو.
توپن جي گونجدڙ آواز ۽ تلوارن جي جهنڪار ۾ ڪڏهن ڪڏهن فقط هڪڙو ئي آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هيو. اهو آواز ابراهم لنڪن جو هيو. جيڪو جنگ جي هنگامي حالتن ۾ بہ نفرت جي باھہ کي وسائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هيو. ڪڏهن اهي آواز فضا ۾ گونجي پوندا هيا؛
”اسان غلامن کي آزاد ڪري، آزادن جي حريت جي ضمانت ڏني آهي...“.
ڪڏهن وري هي آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيا تہ؛
”تيرنھن سال گهٽ هڪڙي صدي جو عرصو ٿيو جو اسان جي وڏڙن هن براعظم تي هڪ اهڙي قوم جي پرورش ڪئي جيڪا آزادي تي ايمان رکندي هئي ۽ جنھن جو عقيدو اهو هيو تہ سڀ انسان برابر پيدا ڪيا ويا آهن. اڄ اسان باهمي جنگ ۾ گرفتار ٿي، ڄڻ ان ڳالھہ جو امتحان ڏيئي رهيا آهيون تہ هي قوم يا ٻي ڪا بہ قوم، جيڪا ان عقيدي ۽ ايمان جي حامل هجي، بچي سگهي ٿي يا نہ“.
۽ ان آواز کي هميشہ هميشہ جي لاءِ خاموش ڪري ڇڏڻ سان، تقريبن صرف هڪڙو مھينو اڳ ۾ ئي هي پروقار لفظ ٻڌڻ ۾ آيا. شايد ئي ڪنھن حڪومت جي سربراھہ جيڪو ان نازڪ مرحلي مان گذري رهيو هجي. ان کان وڌيڪ پروقار ۽ عظمت وارا لفظ ادا ڪيا هجن.
”اسان جي دل ۾ نہ ڪنھن جي خلاف ڪا نفرت آهي ۽ نہ ئي وري عداوت، حق و صداقت تي مضبوطي سان قائم رهندي، خدا اسان کي حق تي قائم رهڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ سڀني جي لاءِ محبت ۽ درگزر ڪرڻ جھڙن جذبن سان اسان کي پنھنجي ڪم ڏانھن ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ اهو ڪم آهي زخمن تي پٽي ٻڌڻ، جن ماڻھن کي ان جنگ مان نقصان پھتو، ان جي تلافي، جيڪي ماڻھو وري جنگ ۾ ڪم آيا آهن، انھن جي يتيمن ۽ بيواهن جي سارسنڀار لھڻ. ان کان علاوہ اسان کي اهو سڀ ڪجهہ ڪرڻو آهي جيڪو پائيدار امن جي قيام ۾ اسان جي مدد ڪري سگهي ۽ اسان نہ صرف پنھنجي وچ ۾ پر سڄي دنيا جي قومن جي وچ ۾ امن جي بنياد کي مضبوط ڪري سگهون.“
لنڪن عفو ۽ درگذر، خدمت ۽ محبت ڪرڻ واري ان نظرئي جو اعلان پنھنجي ٻي سالياني خطاب ۾ ڪيو.
4 مارچ 1865ع هڪڙو طوفان آيو. پر حسن اتفاق ڏسو جو جنھن وقت لنڪن تقرير ڪرڻ لاءِ اٿي بيٺو، عين ان وقت ڪڪرن جا ڪجهہ حصا الڳ ٿي پري هليا ويا. موسم خوشگوار ٿي ويئي ۽ لنڪن جي مٿان سج جي ڪرڻن روشني ڪري هن کي چھري کي روشن ڪري ڇڏيو. ڪيترن ئي ماڻھن ان ڳالھہ کي غيبي طاقت جو ڪرشمو سمجهيو. ان جو مطلب اهو هيو تہ جنگ جا ڪڪر هاڻي ڌار ڌار ٿي ويا هيا ۽ هڪڙي مايوس ٿي ويل قوم تي اميدن جو سج اڀري چمڪي رهيو هيو.
غلامي جي حامي جنوبي رياستن جو جري ۽ بھادر جنرل رابرٽ اي لي محصور ٿي چڪو هيو. فو ج کي کاڌو پھچائڻ، طبي امداد ڏيڻ، خوارڪ ۽ ٻيو جنگي اسلحو پھچائڻ جي کوٽ هن کي پنھنجي شڪست تسليم ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. 9 اپريل 1865ع ۾ ايپوميٽوڪس هائوس تي هن وفاقي فوجن جي سردار يولسيس ايس گرانٽ جي سامھون هٿيار ڦٽي ڪري ڇڏيا. اهڙي ريت آمريڪي وفاق ختم ٿيڻ کان بچي ويو. پر ان جي ڪيتري ڳري قيمت ادا ڪرڻي پئي؟.
لڙائي ختم ٿي ويئي هئي. ان خبر سان اتر جي سڀني علائقن ۾، ڳوٺن ۾، شھرن ۾ تشڪر ۽ اطمينان جي هڪڙي لھر نڪري پئي. ڏاکڻي علائقي ۾ جيتوڻيڪ شڪست جي تلخي باقي هئي. پر لڙائي جي مصيبت ٽري وڃڻ جي ڪري هر شخص وڏي سڪون ۾ اچي ويو هو.
ان کان اڳ ۾ جو صدر لنڪن جنگ جي پڄاڻي جي خوشين مان مڪمل طور تي لطف اندوز ٿئي ها. 14 اپريل 1865ع جو هڪڙي قاتل John Wilkes Booth جي گولي هن کي ابدي ننڊ سمھاري ڇڏيو. هو واشنگٽن جي فورڊ ٿيئٽر ۾ پنھنجي گهرواريءَ سان گڏ آمريڪن ڪزن "Our American Cousin". جي تمثيل ڏسي رهيو هيو. پستول جي گوليءَ جو هلائيندڙ هڪڙو جنوني اداڪار جون وائلڪس بوٿ هيو. اٺ اونس وزني پتل جي گولي، هن جي مٿي تي لڳي ۽ اُن سرحدي عظيم انسان جي زندگي جو خاتمو آڻي ڇڏيو، جيڪو پنھنجي ٻل تي، غربت، جهالت ۽ گمنامي جي زندگي مان نڪري هڪ اهڙي رهنما جي عھدي تي اچي پھتو هيو، جيڪو دنيا جي عظيم رهنمائن ۾ شمار ٿيڻ جي قابل هيو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ لنڪن جيڪڏهن ڪجهہ سال اڃان بہ جيئرو هجي ها تہ هو جنگ جي بعد وارن سمورن تعميري منصوبن تي هن جي رهنمائي اونده انڌوڪار ۾ هڪڙو ڏيئو ثابت ٿئي ها. شڪست کاڌل ڏاکڻي علائقي جي خلاف انتقامي جذبي کي هو عفو ۽ محبت جي جذبن ۾ تبديل ڪري ڇڏي ها.
لنڪن جو موت سڄي قوم جي لاءِ هڪڙو تمام وڏو سانحو هيو. هن جي وفات جي ڪري اتر ۽ ڏکڻ جي هرفرد کي بنا ڪنھن رنگ نسل جي، ڏاڍو صدمو پھتو هو ۽ ان موت انھن کي هڪڙي شفيق دوست ۽ همدرد ساٿي کان محروم ڪري ڇڏيو هو.
اسپرنگ فيلڊ کان نڪرڻ مھل هن جي زبان مان جيڪي لفظ نڪتا هيا، اهي الھامي طور تي سچ ثابت ٿيا. هن چيو هو؛
”هاڻي مان توهان کان موڪلائي رهيو آهيان، مون کي خبر ناهي تہ مون کي هتي واپسي بہ نصيب ٿيندي الائي نہ.“
هن کي واپسي ضرور نصيب ٿي هئي. پر ڪھڙي ريت؟. هڪڙي ٽرين تي، جنھن تي ماتمي جهنڊا لڳايا ويا هيا. ان ۾ لنڪن جو تابوت پيل هيو. ريل جي سمورن رستن تي، ڳوٺن، شھرن، بازارن تان هزارن جي تعداد ۾ مرد عورتون، ٻارڙا، اپريل جي چمڪندڙ ڏينھن ۽ اوندھہ راتين ۾ پنھنجي محبوب اڳواڻ/ليڊر کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ قطار ۾ بيٺا هيا. هنن جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي رهيا هيا. هنن جون دليون اداس هيون ۽ هنن جو روح بي چين هيو.
اهڙي ريت ابراهم لنڪن پنھنجي گهر ايلينواءِ موٽي آيو هو. جتي هو ابدي ننڊ ۾ اگهور ستل رهندو.
***

چپن تي موت مرڪيو پئي،
اکين ۾ آس رهجي ويئي،
ڪفن مان خون ٽپڪيو پئي،
دلين ۾ پياس رهجي ويئي.
ڪيئي خوشيون ويون کسجي،
ڪيئي ارمان ويا اڌورا رهجي،
هزارن حسرتون هيون ”استاد بخاري“
مگر ويچاري دل اداس رهجي ويئي.