شخصيتون ۽ خاڪا

ٻَري جن ٻاري (اسحاق مڱريي جي وڇوڙي تي مضمون ۽ تعزيتي نوٽ)

إسحاق مڱريو دؤرِ حاضر جو ھڪ بھادر، بيباڪ ۽ همعصرن ۾ نشانبر صحافي ھيو جنھن ڪمھلو اسان کان موڪلاڻي ڪئي. ھي ڪتاب اسحاق مڱريي جي شخصيت، صحافتي خدمتن ۽ وڇوڙي تي مختلف اھل قلم دوستن جي لکيل مضمونن، تعزيتي نوٽس، سندس وفات تي شايع ٿيندڙ رپورٽن ۽ تعزيتي تاثراتن تي مشتمل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 105
  • 26
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Bbari Jin Bbaari

حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

ميڊيا، پبليڪيشن اينڊ ريسورس سينٽر، سافڪو

ٻَرِي جن ٻِاري
(اسحاق مڱريي جي شخصيت، صحافتي خدمتن ۽ وڇوڙي تي مضمون ۽ تعزيتي نوٽ)
موضوع: سوانحي ادب
سھيڙيندڙ: سليمان جي ابڙو
ڳاڻيٽو: 500
ڇاپو پھريون: 2024ع
ڇپيندڙ: ميڊيا، ريسورس اينڊ پبليڪيشن سينٽر، سافڪو
مُلھہ: 500 روپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2025ع

Rights are reserved

Bbari Jin Bbaari
Biographical Literature
Compiled by: Suleman G. Abro
Edition: First
Year: 2024
Published by: Media, Resource & Publication Center,
Safwco, Hyderabad, Sindh.
Tel: (92) 22 2650996 - 2655160
Price: Rs.500

ارپنا

هي ڪتاب صحافت کي عبادت سمجهي قلمي پورهيو ڪندڙ اسحاق مڱريو ۽ ان جھڙن ٻين کاهوڙي صحافين ۽ سماجي بھتريءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙن کي ارپيان ٿو، جن جي جدوجھد ۽ قلم جي روشني هڪ ڏينھن سماجي ابتري ۽ بيخبريءَ جي اونداهيءَ کي ڌڪي ڪڍندي ۽ سنسار تي سچ جو چِٽو سج چڙهندو.

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري صحافي اسحاق مڱريي جي شخصيت، صحافتي خدمتن ۽ وڇوڙي تي لکيل مضمونن ۽ تعزيتي نوٽس تي مشتمل ڪتاب ”ٻري جن ٻاري“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون، جنھن جو سھيڙيندڙ سليمان جي ابڙو آھي.
إسحاق مڱريو دؤرِ حاضر جو ھڪ بھادر، بيباڪ ۽ همعصرن ۾ نشانبر صحافي ھيو جنھن ڪمھلو اسان کان موڪلاڻي ڪئي. ھي ڪتاب اسحاق مڱريي جي شخصيت، صحافتي خدمتن ۽ وڇوڙي تي مختلف اھل قلم دوستن جي لکيل مضمونن، تعزيتي نوٽس، سندس وفات تي شايع ٿيندڙ رپورٽن ۽ تعزيتي تاثراتن تي مشتمل آھي.
ھي ڪتاب 2025ع ۾ ميڊيا پبليڪيشن ۽ ريسرچ سينٽر، سافڪو پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون مجيب ناريجي جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي) 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پيش لفظ: اسان جو قلم هڪ علم

دؤرِ حاضر جي بھادر، بيباڪ ۽ همعصرن ۾ نشانبر صحافي، اسانجي هن پياري اسحاق مڱريي تازو تازو ئي تہ رضا ڪئي آهي. ۽ اها بہ ويجهڙائي ۾ عين 16 جون 2024 تي ۽ عيد قربان واري ڏينھن ۾ ۽ ڇا تہ بطور صحافي پنھنجي ان پروفيشن لاءِ قربانيون بہ هُو ڏيندو رهيو يعني بصورت وقت، صحت، جواني ۽ پاڻ مٿان ظاهر ٿيندڙ هر ڏکي گهڙيءَ ۾ بہ باضمير ۽ ثابت قدم رهندو آيو ۽ ڄڻ علي الاعلان چوندو بہ رهيو:
اسان جو قلم هڪ علم آهي،
اسان جو قلم محترم آ،
اسان کي قلم جو قسم آ.
بيشڪ منھنجي ايم.اي. ماس ڪميونيڪيشن ۾ هئي ۽ ذريعہ معاش جي لاءِ ابتدا مون پبلڪ رليشن آفيسر جي حيثيت سان ڪئي، پر پوءِ مون پروفيشنل جرنلسٽ ٿيڻ قبول نہ ڪيو جو اهو خاردار تارن مٿان هلڻ وانگر هو، سو مون براڊڪاسٽر جي حيثيت ۾ پروگرامر ٿي ۽ محفلن جي اينڪر پرسن جي حيثيت ۾ آسائش ۽ آرام واري زندگي گذارڻ کي prefer ڪيو. تڏهن، ان حيثيت ۾، عزيزم اسحاق کي مون محفل محفل، هڪ جانثار، جاکوڙي ۽ True Reporter جي حيثيت ۾ ڏٺو، پرکيو، ساڻس مليس ۽ هن سان هڪ حد تائين ويجهو بہ ٿيندو رهيس.
۽ ائين کيس ويجهو وڃڻ بعد مون ڄاتو تہ، اسحاق هڪ آدرشي، ديش ڀڳت، پنھنجي صحافتي پيشي سان مخلص. شرميلي ۽ پُرحجاب سڀاوَ وارو ۽ to the point گفتگو ڪندڙ شخص طور هو مون کي نظر آيو، ۽ پوءِ جڏهن جڏهن بہ اهڙين گڏجاڻين بابت هن جي رپورٽ ڪيل خبرن کي مون پڙهيو ۽ ڏٺو تہ ڄاتم، اسحاق محض ٻُڌ سُڌ يا هيانوَ جي سوجهري تي بيان لکندڙ رپورٽر مون کي معلوم نہ ٿيو. ائين مون هي بہ مشاهدو ڪيو تہ هو ادبي، سياسي، ثقافتي، ۽ ادبي ميلن جي اسٽيج تان ڳالھائيندڙن جي تقريرن منجهان محض چٽ پٽا جملا نہ، پر بامقصد ۽ ڪم وارين اسٽيٽمينٽن کي ئي چونڊي پنھنجي رپورٽس کي اهميت ڀريو پيو بنائيندو هو. ۽ ائين مختلف وقتن ۾ جنھن جنھن بہ اخبار سان وابستہ رهيو، هن پاران ڊسپلي ٿيل خبرن مان حوال گهٽ پر چڻنگون، شعلا ۽ روشنيون وڌيڪ پيون مون کي جلوہ نظر اينديون هيون. تڏهن مون هي بہ ڄاتو، تہ هو روٽين وارو نہ، پر ٿورو وکري ٽائيپ جو صحافي آهي. ۽ اهڙو ڀلا هو هجي بہ ڇو نہ ها، جو ٻڌم تہ هن جي ابتدائي تربيت، پورهيت حُر گهراڻي ۾ ٿي هئي ۽ پوءِ اسڪولنگ ۽ سانگهڙ جي ڪاليج ۾ جتي جتي هن پڙهيو پئي، اُتي وري وطن دوست ۽ سجاڳ ذهن هستين سان گڏ اٿندو ويھندو هو ۽ هن بابت پوءِ مون هي بہ ڄاتو تہ، هن جو آئيڊيل (مون ئي وانگر) ڪو ٻيو نہ صرف سَن وارو سائين هو - سائين جي ايم سيد.
پر باوجود حر پريوار ۾ پيدا ٿيڻ جي هو، ڄڻ سائين جي ايم سيد واري بزم صوفياءِ سنڌ جو ڪو ڪارڪن لڳندو هو ۽ مزاجن صوفي سڀاءُ ۽ جنھن جي هٿ ۾ قلم ڪاڳرن رکڻ لاءِ، ڪو سيمسونائيٽ وارو بيگ يا بريف ڪيس نہ، پر ڪلھي ۾ فقراء واري رنگارنگ گودڙي هر وقت ٽنگيل نظر ايندي هئي. ها، اسحاق کي مون سياري، اونھاري، شھر حيدرآباد جي پريس ڪلب کان هي اجهو هنڌ هنڌ تي ٿيندڙ علمي ادبي، سياسي گڏجاڻين ۾ جنھن بہ هنڌ تي ڏٺو، هميشہ سادہ لباس، يعني هلڪي ڦلڪي شلوار قميص ۽ جي سيارو هجي تہ بس لوئي، ۽ پيرن ۾ غريباڻو سئنڊل پر جا شئي سياري اونھاري ۽ هر موسم ۾ هن سان ساڻ تہ اها ئي ڪلھي واري رنگين گودڙي جنھن ۾ هوندي هئي هن جي عينڪ ۽ قلم ڪاڳر، ڊائريون ۽ شايد ڪو ننڍو ٽيپ رڪارڊر پڻ موجود.
ڀانيان ٿو جديد صحافت جي سفر ۾ نوان ٽرينڊ کڻي نئين ادب سان ظاهر ٿيندڙ روزاني اخبار ”خادم وطن“... پوءِ ”ڪاوش“ ۽ ”شام“،
”جاڳو“ ۽ ”سچ“ جھڙيون اخبارون يا پوءِ رسالن ۾ ”پروڙ“، ”افيئر“ ۽ گهڻو وقت کان پوءِ ”همسري“ جي پليٽ فارمن تان فيچر رائيٽنگس ۽ Investigative report لکڻ جو نئين طرح جو سلسلو جو شروع ٿيو تہ ان ڏس ۾ جن جن ورڪنگ ۽ فري لانس جرنلسٽ ۽ رپورٽرس پنھنجو پاڻ کي ملھائي پئي ڏيکاريو انھن ۾ ڀانيان ٿو تہ جيڪو نالو ٽاپ تي مون کي نظر آيو ۽ متاثر ڪندڙ پڻ تہ اهو بہ پيارو اسحاق مڱريو ئي هو.
بيشڪ نوي واري ڏهاڪي ۾، نئين انداز واري ڪالمنگاري بہ پنھنجي پوري عروج سان ظاهر ٿيڻ شروع ٿي وئي هئي ۽ جنھن ۾ ڪالمنگاري، ادبي چاشنيءَ سان رس چس ڀريا ڪالم پئي لکيا جن سان تہ جديد سنڌي صحافت جي حوالي سان هر اخبار جي ايڊيٽوريل پيجز کي ڄڻ چار چنڊ لڳندا نظر آيا. تڏهن مون ڄاتو تہ، ’جاڳو‘، ’خلق‘، ’عبرت‘، ’ڪاوش‘، ’روزاني سنڌ‘ ۽ سنڌ ايڪسپريس وغيرہ ۾ پياري اسحاق مڱريي جي قلم پڻ بطور ڪالمنگار ۽ فيچر رائيٽر جي پنھنجا رنگ ڏيکارڻ شروع ڪري ڏنا... ائين ابتدا کان وٺي هي ضلع سانگهڙ ۾ شديد برساتِن ۾ ايل.بي.او ڊي ڪئنالن جي ابتن وهڪرن وارا هاڃا هجن يا پوءِ سنڌ جي مختلف ٻيلن مان وڻن جي ناجائز واڍي، جهنگلي جيوت سان سرڪار جا هاڃا، يا حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ ڦوھہ جوانن جي کنڀجڻ وارا واقعا يا زميندارن پاران هارين لاءِ جوڙيل خانگي جيلن جون ڪھاڻيون ۽ ان انداز واري فيچر رائٽنگ ۾ تہ اسحاق کي ڏينھون ڏينھن ايتري تہ ناماچاري ملندي پئي وئي جو، همعصر دؤر جي دوستن هن کي محبت سان مانُ ڏيندي تحقيقي صحافت جو سرواڻ سڏڻ شروع ڪري ڏنو هو.
۽ يارو! اسان جي پياري اسحاق مڱريي جيئن مون مٿي پڻ لکيو تہ عيد قربان تي ان وقت دنيا کي الوداع ڪيو، جڏهن سنڌ ۾ عين نما شام وقت ”ايام عزا“ جي ڏس ۾ ڏونڪو ڦريو هو ۽ سوڳ جا ڏينھن شروع ٿي ويا هئا... ۽ ان ڏس ۾ مون عزادار لاءِ هي بہ ڪيڏي نہ اهم ڳالھہ تہ جڏهن هي محرم الحرام جو ڏهو مسلسل آهي ۽ آئون سوڳوار آهيان، فرش عزا تي آهيان تڏهن نماڻي سڀاءُ واري محبوب دوست مجيب ناريجي هن ڪتاب ”ٻري جن ٻاري“ جو مسودو، هٿ ۾ ڏنو ۽ جنھن ۾ اسحاق مڱريي بابت تعزيتي ڪالم هئا ۽ جن جو مرتب اسانجو پياري مھربان ۽ محسن دوست سائين سليمان جِي ابڙو هو ۽ بقول مجيب، پاڻ هي ڪتاب اسحاق جي چاليھي تي پڌرو ڪري وڇڙي ويل دوست کي خراج پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ ان جي پيش لفظ لاءِ ڪتاب جي ’ڊمي‘ منھنجي هٿن ۾ ڏني تہ قلم برداشتہ ان تي مھاڳ لکي ڏيو. تڏهن مسودي ۾ اٿندي ئي سليمان جِي ابڙي صاحب جي پاران جيڪا ارپنا هئي ۽ ان جو تہ حرف حرف ڄڻ حقيقت ۽ مُنڊيءَ تي ٽِڪ هو ۽ جنھن سان سورنھن آنا آئون متفق هوس. سندس، اهي لفظ هئا:
- اسانجو پيارو اسحاق، جنھن صحافت کي عبادت سمجهي پنھنجو عظيم الشان ڪردار ادا پئي ڪيو.

۽ پوءِ ان بعد، اسحاق جي پروفائيل مان پتو پيم تہ هن ”جاڳو“ اخبار کان پنھنجي صحافت جو باقاعدہ سفر شروع ڪيو هو ۽ ان ڏس ۾ پنھنجي تعزيتي نوٽ ۾ سليمان جِي ابڙي صاحب اسان کي اسحاق جي ابتدائي ڪم بابت هي آگاهي ڏيندي بہ لکيو تہ؛

- سانگهڙ ۾ جڏهن طوفاني بارشن راڱا شروع ڪيا ۽ ايل.بي.او.ڊي وهڪرن ابتو وهڻ شروع ڪيو ۽ مٿان شگر ملن جو زهريلو پاڻي شھر ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهي پيو تہ اسحاق جي قلم ۾ جنبش آئي. هن تحرڪ ورتو. ۽ اسان سان گڏجي بطور سجاڳ ذهن جرنلسٽ، انھيءَ جاڳرتا مھم جو حصو بڻجي ويو.

۽ ان احوال بعد، بقول سليمان صاحب... ٿر ۾ معصوم مورن جي مرڻ وارو مامرو هجي يا ڪارونجهر کي ڪورجڻ واري ٻہ اکيائي، اسحاق، سنڌ ڌرتيءَ جي وفادار قلمڪار جي حيثيت ۾ آواز اٿاريندو رهيو ۽ پنھنجي حصي جو فرض وطن دوست صحافي بڻجي ادا ڪندو رهيو.
اجهو هتي ياد پيو ڪريان تہ، اسحاق جي اهڙين رپورٽنگس تي، جڏهن جڏهن بہ هو روبرو مون سان مليو يا ڪنھن محفل ۾ آڊينس ۾ ويٺل نظر آيو، مون هر ڀيري مائيڪ تان وڏي واڪ هن جي اهڙين تحريرن تي کيس زبردست داد پئي ڏنو هو.
بيشڪ هن جي اهڙين تحريرن ۾ ارڏائي بہ مون کي نظر ايندي هئي، پر اها صرف تحرير جي حد تائين، جو روبرو ملاقات وقت اسحاق پنھنجي ذات ۾ ڇا تہ polite ۽ پيار ڪرڻ جھڙو مون کي لڳندو هو.
۽ هتي هي بہ ياد پيو ٿو ڪريان تہ، پوئين دؤر ۾ جنھن بہ هنڌ ڪا ادبي يا ثقافتي تقريب هجي پوءِ اها ڊاڪٽر بلوچ هال ۾، يا خانہ بدوش رائيٽرز ڪيفي جي لان تي، پياري ڀيڻ فھميدہ جروار جيڪا هن لاءِ ننڍي ڀيڻ برابر هئي، سدائين ساڻ نظر ايندي هئي ۽ هم قدم پڻ. تڏهن هڪ ڀيري فھميدہ جروار ٻڌايو تہ، بابا اسحاق کي پکين سان بہ بيحد پيار هوندو هو ۽ ان ڏس ۾ هن جهنگلي جيوت جي تحفظ لاءِ پڻ شاندار آرٽيڪل لکيا هئا. پوءِ ٻڌائڻ لڳي، بابا اسحق نما شام وقت، جهرڪين جي جيڪا چرٻر، گوڙ ۽ شور ان کي بہ سمجهي ويندو هو. هڪ ڀيري پڇيومانس، بابا ڀلا ٻڌايو تہ سھي اهي جهرڪيون چون ڇا پيون. وراڻيائين سڄي ڏينھن جي اڏام ۽ چوڳي چڙي جي تلاش بعد، ڪچھري پيون ڪن، ۽ ساري ڏينھن وارين مصروفيتن جو حال احوال کلي کلي پيون هڪ ٻئي کي ڏين.
اجهو سليمان صاحب جي سھيڙيل هن تعزيتي ڪتاب ۾، گل حسن لاکي بہ تہ پنھنجي مضمون ۾ اسحاق بابت هيءَ اهڙي ئي هڪ ڳالھہ لکي آهي تہ؛
- اسحق نہ فقط پکين جي ٻولين پر ڌنارن جي علامتي پُڪارن ۽ ڳِٽڪارن جا مطلب بہ خوب خوب سمجهي ويندو هو، جو هو هڪ ڳوٺاڻو هو ۽ هر هاري خاندان جو فرزند هو.

۽ پياري اسحاق بابت هي بہ تہ معلوم ٿيو تہ پاڻ سانگهڙ جي ننڍڙي ڳوٺڙي گُل حسن سريوال ۾ جنم ورتو هو، جتي هن جا وڏڙا حريت پسند حُر هئا، جن فرنگين سان مٿو مٿي تي مقابلو پئي ڪيو، ۽ پير سائين پاڳاري جي پڳ تان قربان ٿيندا پئي رهيا. سانگهڙ، جتي جمڙائو مٺڙائو واھہ ۽ آثار قديمہ جي حوالي سان بہ سنڌ جا ڪئي نشانبر قديم شھر آهن. جيئن: برهمڻ آباد، منصورہ ۽ پوءِ دلور موري ۽ راجا دلوراءِ جا دڙا... تڏهن اسحاق انھن آثار قديمہ جي تحفظ لاءِ بہ تہ ڪيترائي فيچر، سنڌي اردو اخبارن ۽ مئگزينس لاءِ لکيا هئا. اهڙن تاريخي ماڳن بابت ڪنھن چئنل تان مون سندس هڪ يادگار ڊاڪيومينٽري بہ تہ ڏٺي هئي.
صحافت ۽ رپورٽنگ جي دنيا ۾ باوجود وڏا وڏا ۽ اهم ڪارناما سرانجام ڏيڻ جي اسحاق حضور شرم صحافي رهيو. پاڻ پڏائڻ ۽ ”فرسٽ رو“ ۾ وڃي ويھڻ ۽ پنھنجي اهڙي پذيرائيءَ جي شوق ۾ هن کي مون ڪڏهن بہ مبتلا نہ ڏٺو. ائين ڪنھن بہ گڏجاڻيءَ ۾ مون جڏهن جڏهن بہ هن کي ڏٺو، هو پويان ڪنھن ڪنڊ ۾ ويٺل ۽ نوٽس وٺڻ ۾ مصروف ئي ڏٺو. ائين گڏجاڻيءَ جي پڄاڻيءَ تي ”لنچ“ هجي، ”ڊنر“ هجي يا ”هاءِ ٽي“، اسحاق کي مون ڌيرج ۽ صبر سان ئي ان ۾ حصو وٺندي ڏٺو. نہ تڪڙ نہ بي صبرائي... بس آرام آرام سان ٻہ گراھہ ، هڪ اڌ بسڪيٽ ۽ چانھہ جو ڪوپ ۽ پوءِ خداحافظ.
اسحاق جي سيلاني سڀاوَ جا بہ همعصر يارن وٽ وڏا وڏا قصا آهن. هن بلوچستان جو سفر ڪيو، لاهوت لامڪان جا مشاهدا ماڻيا ۽ لکيا بہ. گورک پنڌ ويندي واٽ واٽ، گهاٽ گهاٽ ۽ هر لڪ جا مشاهدا هن ڪيا ۽ انھن بابت ڏاڍا دلچسپ ڪي آرٽيڪل بہ لکيا. ائين اسحاق ذاتي مشاهدا ڪري ئي آرٽيڪل لکڻ وارو صحافي هو. جنھن جي گواهي هن جي ساٿيءَ حسن مجتبيٰ بہ تہ ڏني آهي:
- اسحاق بي ڊپو، سچو ۽ تحقيقي جرنلسٽ هو. بلڪل شاھہ لطيف سائين جي سُر رام ڪلي وارن سيلاني فقراء جھڙو فقيراڻو سڀاءُ رکندڙ.

اربيلي قلمڪار حسن مجتبيٰ پنھنجي آرٽيڪل ۾ هي بہ تہ ڪيڏو نہ شاندار comment ڪندي هن لاءِ لکيو آهي تہ؛
- مون لاءِ سانگهڙ... معنيٰ اسحاق مڱريو!

پروفيسر ڊاڪٽر اسماعيل ڪنڀر جيڪي پاڻي واري issue، ماحوليات ۽ زرعي مامرن بابت شاندار آرٽيڪل لکندڙ قلمڪار آهن. پياري اسحاق مڱريي جي True journalist هجڻ بابت گواهي ڏيندي لکن پيا تہ؛
- اسحاق جڏهن جڏهن بہ ڪنھن زراعت جي حوالي سان ڪا تحقيقي اسٽوري لکندو هو يا ڪن فصل جي بربادين بابت ڪو فيچر لکندو هو تہ ڪيترن ئي ٽيڪنيڪل رخن بابت ڄاڻ جي تصديق مون کان ئي ڪرڻ چاهيندو هو.

ڊاڪٽر اسماعيل ڪنڀر پنھنجي آرٽيڪل ۾ اسان کي هن بابت آگاهي ڏيندي وڌيڪ هي بہ لکيو آهي تہ؛
- سنڌ جي دلچسپ ڪردارن مان مير خدا بخش لانبٽ ۽ خان بھادر مير غلام محمد بابت پڻ ڪي ڏاڍا يادگار آرٽيڪل اسحاق لکيا هئا، جيڪي ڏاڍي وڻندڙ نثر ۾ هئا.

ائين وڻن ۽ پکين سان بہ پياري اسحاق جي پيار بابت ڊاڪٽر اسماعيل لکيو آهي تہ؛
- اسحاق کي اهو بہ اونو هو تہ، جيڪڏهن حيدرآباد جو باءِ پاس، مياڻي فاريسٽ کان جي ٺھيو تہ اڌ مياڻي فاريسٽ جا وڻ تہ هليا ئي ويندا....

۽ اسان جو اسحاق مڱريو پنھنجي سڀاوَ ۽ رويي ۾ ڪيترو ڊيشنگ ۽ بھادر هو ۽... ان جي گواهي وري عزيزم امر لغاري ڏيندي اسان کي ٻڌايو آهي تہ؛
- ڪاوش جي مالڪن ڏکين حالتن ۾ ٻرندڙ باھہ مثل جو بہ بلوچستان ڏانھن نمائندو ڪري هن کي موڪليو تہ انڪار نہ ڪيائين ۽ اهڙي اسائنمينٽ کي چئلينج سمجهي اوڏانھن روانہ ٿي ويو.

ائين جڏهن سانگهڙ ۾ بابري مسجد ۽ رام مندر جي رد عمل ۾، ساري ملڪ سان گڏ سنڌ ۾ بہ هندن ۽ سندن مندرن پويان پاڻ وارا ڀائر، هٿ ڌوئي پئجي ويا ۽ هر طرف حراس جي فضا کڙي ڪري ڇڏي تہ اسحاق سانگهڙ شھر جي مصيبت ۾ ڦاٿل هندو برادريءَ سان گڏ سينہ سپر ٿي بيٺو ۽ بي ڊپائيءَ سان ساڻن يڪجھتي جو مظاهرو ڪندو رهيو.
۽ تازو آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد پاران پريس ڪلب ۾ جيڪو سندس ياد ۾ ميڙاڪو ٿيو هو، ان ۾ ڪاوش جي نيوز ايڊيٽر عزيزم نياز پنھور چيو پئي:
- اسحاق، بي داغ ڪردار وارو صحافي هو ۽ هن جو دامن هر الزام کان پاڪ رهيو. ۽ هو شفاف هٿن سان لکندو رهيو.

۽ بلڪل آثم ناٿن شاهي جي هن شعر جي عڪاسي ڪندو رهيو، جنھن ۾ هن چيو هو تہ؛
لکڻ جي وقت هميشہ کان ذهن منھنجي ۾،
قلم جو مانُ اول، پوءِ عيال هوندو آ.

ان ڏس ۾ جامي چانڊيي جو بہ بيان آهي تہ اسحاق نج نبار ۽ ايماندار ترين صحافي هو. انھيءَ تعزيتي ميڙاڪي ۾ اسحاق جي لائق فرزند محمد صالح مڱريي (هن تي اهو نالو سندس ڏاڏي جو هو) ٻڌايو پئي تہ، ڪيڏي نہ دکدائڪ حقيقت تہ، صحافتي زندگيءَ ۾ ڪڏهن نہ ٻڌوسين تہ بابا جو پگهار ڪو پنجاھہ هزار بہ ڪڏهن ٿيو هجي.
ائين محفل ۾ رف ٽف نظر ايندڙ وکريل اڇن ڪارن وارن وارو هي اسحاق پنھنجي سڀاوَ ۾ بلڪل composed شخصيت جو مالڪ هو ڄڻ بلڪل ئي پنھنجي تڪيل توريل فيچرز رائيٽنگ وانگر فريمڊ، مزاجن نھايت باذوق، رقص، موسيقي، آرٽ، ٿئيٽر سان بيحد دلچسپي ڏيکاريندڙ ۽ محفلن ۾ اهڙا Event enjoy ڪندي بہ هن کي مون بارها Observe ڪيو هو.
۽ هاڻي جڏهن قلم برداشتہ، لکجندڙ هن پيش لفظ جي پڄاڻي ڏانھن پيو وڃان تہ پريس ڪلب حيدرآباد ۾ هن جي ياد ۾ آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد پاران، هن وقت منھنجي ڪنن ۾ ڊاڪٽر اسحاق سميجي ۽ عزيزم نياز پنھور جا هن بابت چيل هي لفظ گونجن پيا تہ ڀانئيان پيو تہ سندن اهڙن لفظن ۽ احساسن سان گڏ منھنجا بہ جذبات شامل هجن، جن ان وقت چيو پئي تہ؛
- تحقيق سنڌ جي صحافت واري تاريخ جڏهن لکي ويندي، تڏهن ان وقت پنھنجي ڪم سان سچار ۽ Committed قلمڪارن جي جيڪا فھرست تيار ٿيندي، پياري اسحاق مڱريي جو نالو انھن صحافين ۾ بلڪل Top تي نظر ايندو.

۽ اجهو محرم الحرام جي ڏهي يعني ايام عزا دؤران هي پيش لفظ پيو آئون لکان تہ، اشفاق لغاريءَ جي ڪالم“ ۾ لکيل ڏٺم، اسحاق پنھنجي ذات ۾ ڪھڙا بہ نظريا رکندڙ هو، پر هن جي ٻانھن ۾ ڳاڙها ۽ ساوا ڌاڳا ٻڌل نظر ايندا هئا ۽ جڏهن دنيا مان هو ويو پئي تہ دعا وارو ڪارو ڌاڳو هن جي ڳلي ۾ پاتل هو ۽ هر ڪنھن فقھہ، مسلڪ ۽ اعليٰ آدرش رکندڙ سان اسحاق جي ويجهڙائپ جو ثبوت هي تہ هن جي وصال بعد، هر وڏي سياستڪار، اديب، شاعر، دانشور هن جي ڏکويل خاندان ڏانھن تعزيتي پيغام پئي موڪليا ۽ ٻئي پاسي آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد جي باني صدر ڊاڪٽر اسحاق سميجي، سندس ياد ۾ پريس ڪلب حيدرآباد ۾ شاندار ميڙاڪو ڪوٺايو، هوڏانھن خانہ بدوش ڪيفي ۾ ڊاڪٽر عرفانہ ملاح ۽ ڀيڻ امر سنڌُو اسحاق لاءِ تعزيتي اجلاس ڪوٺايو، عوامي تحريڪ پاران لال جروار ۽ اياز لطيف پليجي هن لاءِ شايان شان حرف اُچاريا. ۽ افسوس سال 2024، مھينو جون، پياري اسحاق مڱريي جي حياتي جو آخري مھينو ثابت ٿيو ۽ هُو 16 جون تي اسان کان جدا ٿي ويو... ۽ ضلع سانگهڙ جي ڳوٺ گل حسن سريوال واري اباڻي مقام ۾ سدائين لاءِ وڃي ابدي آرامي ٿي ويو. بقول پياري اسحاق سميجي جي ڄڻ چوندو ويو تہ؛
وطن تنھنجي مٽي اوڍي ستاسين،
اِهوئِي کوڙَ آ اعزاز هڪڙو.

پنھنجي پاران

اسحاق مڱريو انتھائي معتبر صحافي اسان کان وڇوڙو ڪري ويو آهي، هن جي شخصيت ۽ پنھنجي ڪم سان سچائي ۽ ان ڪم جي معيار سبب اڄ سنڌي صحافت جي شعبي ۾ هڪ خال پيدا ٿيو آهي، اهو خال اسان جي اندر کي خالي پڻي جو احساس ڏياري ٿو، اهو احساس ڏک جي صورت وٺي اسان جي دلين تي ڇانيل رهي ٿو، هن جي هر دوست ۽ عزيز جي خواهش ٿئي ٿي تہ ڪاش هو نہ وڃي ها، پر ابد جو رستو اهڙو آهي، جنھن تان هر ڪنھن کي گذرڻو آهي. جيڪو بہ جيترو وڏو ماڻھو هوندو ان جي کوٽ بہ ايتري گهري محسوس ٿيندي آهي. اسحاق پنھنجي روين، اصولن ۽ پنھنجائپ واري سڀاءَ جيڪري ڄاڻ سڃاڻ واري هر ماڻھوءَ کي ائين لڳندو هو تہ هو ان جو دوست آهي. هو هيڻن جو ڀرجهلو هيو، مظلومن جو ساٿي هيو، ناحق خلاف جهيڙيندڙن جي صف ۾ بيٺل ارڏو انسان هو. هن پنھنجي ذاتي زندگيءَ ۾ تڪليفن کي اهميت نہ ڏيندي بہ سماج جي بھتريءَ لاءِ قلم کي هٿيار بڻائي پنھنجي حصي جي جنگ وڙهي. هو چاهي ها تہ ان ڪم لاءِ سياست جي واٽ وٺي ها، پر هن سمجهيو ۽ صحيح سمجهيو تہ ان لاءِ صحافت ئي بھتر ذريعو آهي. هو ڪو رواجي صحافي نہ هيو، تجزيي، پرک ۽ پروڙ سان تصديق ڪري خبر، ڪالم يا اسٽوري جي شڪل ۾ ماڻھن تائين پهچائيندو هو.
اسان سان هن جو تعلق بہ سندس ان صحافت جي ڪري وڌيو، سماجي ڀلائي ٻنھي جو اعليٰ ترين مقصد هجڻ ڪري اسان جون ميل ملاقاتون وڌيون ۽ اهو سلسلو آخر تائين جاري رهيو.
70ع واري ڏهاڪي ۾، جڏهن ’ايل بي او ڊي‘جي سماجي اقتصادي اثرن بابت سروي واري وقت، اسان پوري ڪوشش ڪئي تہ هي جيڪا رٿا اچي پئي، ان مان ماڻھن کي فائدو پهچي، ان رٿا جي ڪري لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻھن کي بھتر نموني ٻيھر آباد ڪجي ۽ انھن لاءِ آواز اٿارجي، پوءِ ان ڏس ۾ ڪافي اخبارن وسيلي کوڙ سارن ادارن تائين سندن آواز پهچايوسين. 80ع واري ڏهاڪي ۾ رٿا تي ڪم شروع ٿي چڪو هو، 90ع واري ڏهاڪي ۾ (1992ع) ۾ سانگهڙ ۾ طوفاني برسات تمام گهڻي تباهي آندي. ۽ ايل بي او ڊي ٺھيو پي ان وقت شگر مل پنھنجو گندو پاڻي ان ۾ ڇڏيو هو. اسان پوري سنڌ ۾ مھم هلائي تہ گندو پاڻي توڙي برسات جي پاڻيءَ تمام گهڻي تباهي آندي، ڳوٺن جا ڳوٺ ٻڏن پيا ۽ شگر ملز جو بدبودار ۽ زهريلو پاڻي پيئڻ ڪري اسان جا ڍور ڍڳا مري وڃن ٿا، جنھنجو تدارڪ نہ ڪيو ويو. اسان ان بابت تمام گهڻي مھم هلائي. تڏهن اسحاق صحافت ۾ نئون نئون هو، هو بہ اسان جي مھم ۾ شامل ٿيو. اهڙي طرح پوري سنڌ مان دوستن لکڻ شروع ڪيو. صحافين کي جس هجي جن ان مھم ۾ سٺي موٽ ڏني. اسحاق اهو واحد ماڻھو هيو، جيڪو اچي عملي طور مون سان مليو، مسئلي جي ڄاڻ ورتي ۽ پوءِ اسان انھن ڳوٺن ۽ علائقن جو پنڌ ڪيو، ماڻھن سان ملياسين، صحافين کي علائقا ڏيکارياسين، مسئلن جو مشاهدو ڪرايوسين. اهڙي طرح وري چوٽياري وارا معاملا ٿيا. انھن بابت بہ اسان جاڳرتا مھم هلائي نفيسه شاھہ، عمر اصغر خان، حسن مجتبيٰ ۽ ٻين ڪيترن ئي ايڊووڪيسي ماهرن کي اسان سانگهڙ ۾ گهرائي صورتحال ڏيکاري ۽ ان بعد انھن ماڻھن سنڌي ۽ اردو اخبارن وسيلي آواز اٿاري چوٽياري واري مسئلي کي اٿاريو. ساڳي طرح ايل بي او ڊي واري معاملي تي اسان هر ضلعي ۾ وڏا وڏا سيمينار ۽ ورڪشاپ منعقد ڪيا تہ هيءَ رٿا سنڌ جي ماڻھن لاءِ تمام هاڃيڪار آهي. ان ۾ اسان کي وڌ کان وڌ جنھن ساٿ ڏنو، اهو اسحاق مڱريو هو.
اسان 1995ع ۾ بدين ۾ ايل بي او ڊي تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال ۾ تمام وڏي ڪانفرنس ڪرائي، اسحاق کي اسان چيو تہ سانگهڙ مان توهان لکو پيا ۽ بدين مان الھہ بچايو جمالي لکي پيو، توهان بہ بدين اچي صورتحال کي ڏسو ۽ ايل بي او ڊي جي هاڃن تي الھہ بچايو جمالي ۽ توهان جيڪي آرٽيڪلَ لکو پيا، انھن کي ڪتابي صورت ۾ آڻيون ۽ ان کي دستاويزي شڪل ۾ ايوانن تائين پهچايون تہ جيئن ماڻھن جي بھتريءَ لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهون.
اهڙي طرح ٿر ۾ بيمارين سبب مورن جي مرڻ يا ڪارنجهر کي ڪورڻ جھڙا مسئلا هجن يا کاروڇاڻ، ۽ ساحلي پٽيءَ جا مسئلا هجن اتي اسحاق پهچي صورتحال جو جائزو وٺي اسٽوريون ڪندو، ڪالم ۽ رپورٽون لکندو هيو.
مون کي ياد آهي تہ بدين واري واقعي ۾ جڏهن رينجرس سائين محمد علي شاھہ کي پڪڙيو ۽ کوڙ سارا مسئلا ٿيا ۽ ملاحن سان زيادتيون ٿيون، اتي صحافتي حوالي سان اسحاق تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو. هن مون کي چيو تہ ”سائين محمد علي شاھہ ۽ ٻيا دوست حسين آباد ٿاڻي ۾ بند آهن، توهان هنن جي ضمانت ڪرايو.“ مون چيو، ”ٺيڪ آ.“ چيائين تہ ”مٿان تمام سختي لڳي پئي آهي تہ ڪو بہ محمد علي شاھہ وارن جو ڀرجهلو نہ ٿئي.“ بھرحال اسان همٿ ڪئي ۽ ڪورٽ ۾ وياسين، چيم تہ ”هي سڀ عزيز دوست آهن. آئون بہ ان علائقي جو آهيان، آئون ضمانت کڻان ٿو.“ ۽ پوءِ سائين محمد علي شاھہ سميت 6 دوستن کي ضمانت ملي وئي.
اسان سمجهون ٿا تہ اهڙا کوڙ سارا ڪردار آهن، جن ۾ عملي طرح سان اسحاق مڱريو اڳڀرو هوندو هو. مون کي اها ڳالھہ چوڻ جي سخت ضرورت محسوس ٿئي ٿي تہ هڪ جاکوڙي صحافي جيڪو ائين چئجي تہ صحافتي دنيا جو سائنسدان هيو، جيڪو هر خبر جو تجزيو ڪندو هيو، اتي عملي طور پهچندو هيو ۽ لاڳاپيل سمورين ڌرين جو موقف ٻڌڻ کان پوءِ هن جي قلم مان جيڪا خبر نڪرندي هئي اها، باقاعدہ اثرانداز ٿيڻ واري خبر هوندي هئي، جنھنجو ايوانن ۾ اثر نظر ايندو هيو.
اسان سمجهون ٿا تہ صحافتي عمل ۾ جيترو اسحاق اسان کي همٿايو، سانگهڙ ۾ هن جي فرزند طرفان کوڙ سارا پروگرام ٿيندا هيا ان ۾ پاڻ مون کي گهرائيندا هيا، پيش پيش هوندا هيا. اسحاق بقول غالب جي:
”قسمت بري سھي پر طبيعت بري نھين
هي شڪوہ ڪِي جگہ ڪوئي شڪايت ڪِي نھين“
اسحاق سدائين هر جڳھہ تي پهچڻ وارو ماڻھو، اسان وٽ کوڙ سارا پروگرام ڪيائين، تجزياتي عمل جو حصو هوندو هو. هو صحافت واري شعبي جو هڪ انمول ماڻھو هيو، جيڪو اسان کان جدا ٿي ويو آهي. اسحاق جھڙا ماڻھو پنھنجي پويان داستان ڇڏي ويا آهن، سنڌ جي پريس ڪلبن ۾ اهڙن ڪردارن لاءِ لائبريريون، تحقيقي مرڪز قائم ٿيڻ گهرجن، جتي ايندڙ نسل ان مان فائدو وٺي سندن ڪم جي پوئواري ڪري ۽ اهڙي بيباڪيءَ سان صحافتي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري. هينئر بہ سوشل ميڊيا جا ڪردار اچي ويا آهن، پر خبر جي خبر ٺاهڻ واري عمل ۾ اسحاق جي پورهئي کي ڏسون تہ اهڙا ماڻھو آڱرين تي ڳڻڻ جييترا مس آهن.
اسحاق جون تحريرون آهن، جن مان اسان کي هن جي خوشبو ايندي رهندي. سياست توڙي سماجي عمل ۾ هن پنھنجائپ، لڳاءَ ۽ سادگيءَ واري عمل سان صوفياڻي انداز ۾ جيڪو انمول ڪردار ادا ڪيو اهو سدائين ياد رکيو ويندو.
هن جي وفات بعد سافڪو فيصلو ڪيو تہ هن جي شخصيت بابت اخبارن توڙي سوشل ميڊيا تي تحريرون ۽ تاثرات آيا آهن، انھن کي سھيڙي ڪتابي شڪل ۾ آڻجي، جن کي پڙهڻ سان اسحاق جي تصوير جُڙي پوي ٿي، جن ماڻھن کي اسحاق جي شخصيت جي ڪيترن ئي پاسن جي ڄاڻ نہ هئي، انھن کي هي ڪتاب پڙهندي احساس ٿيندو تہ ڪيترو نہ وڏو ماڻھو اسان کان وڇڙي ويو آهي.
هي ڪتاب ’ٻري جن ٻاري‘ اسحاق جي چاليھي تائين آڻڻ جو مقصد هٿ ۾ کڻڻ سبب تڙ تڪڙ ۾ ڪي ڪميون ڪوتاهيون رهجڻ جو بہ امڪان آهي، ان هوندي بہ خوشي ان ڳالھہ جي آهي تہ هي اوهان تائين پهچائڻ ۾ سڦل ٿيا آهيون. ان ۾ مون سان سڀ کان وڌيڪ سھڪار مجيب ناريجي جو رهيو آهي، جنھن ان مواد جي سوڌ سنوار ۾ هٿ ونڊايو آهي. اهڙي طرح ڪاوش جي دوستن انور ابڙو، علي زاهد، سنڌ اخبار جي مھيش ڪمار، اسحاق جي دوست اشفاق لغاري، ڪمپيوٽر آپريٽر احمد سولنگي، ٽائيٽل ڊيزائنر مھراڻ سھتو ۽ ٻين دوستن جا بہ ٿورائتا آهيون، جن هن ڪم ۾ اسان جو هٿ ونڊايو آهي.


سليمان جي ابڙو
باني ۽ صدر
سافڪو حيدرآباد
02 جولاءِ 2024ع

جيئجي تہ اسحاق وانگر جيئجي: اسحاق سميجو

بک وڌائون بـــگريين، جوڳي ڪـندا جڃ.
طـلب نہ رکـن طعام جــي، اوتيو پيئن اڃ،
لاهوتين لطيف چئي، من ماري ڪيو مڃ،
سامي جهاڳي سڃ، وسنھن کي ويجها ٿيا.
(شاھہ)

سنڌ جو هڪ مثالي ڪردار، لکاري ۽ صحافي سائين اسحاق مڱريو، جيڪو ڪنھن بہ صورت ۾ روايتي نہ هو، نہ پنھنجي ڪم، نہ پنھنجي جيئڻ ۽ رنگ ڍنگ ۾. هو جوڳين، سامين، ڪاپڙين، خانہ بدوشن جي جهُڳين ۾ ويھي اسٽوريز لکڻ وارو شخص هو. پکين جا پيرا کڻي، انھن جون آکاڻيون ٻڌائيندو هو. هو وڻن، جانورن ئي پکين جو دوست هو. هوائن تي هلڻ واري ماڻھوءَ جي تعزيت ڪھڙي. هو تہ ققنس پکيء وانگر ڳائي ڳائي رک ۾ تبديل ٿيل شخص آهي. هن نچي نچي زندگي گذاري ۽ بنا مطالبن، پٽڪي، سرڪار کي لعنت ملامت ڪرڻ، دوستن يارن کي ميارون ڏيڻ جي، خاموشيء سان پنھنجي گودڙي کڻي، محفل مان اٿي هليو ويو. سچل جي لفظن ۾، ڄڻ هڪ خيال وڃي ٻئي خيال سان مليو. هڪ مرڪ، ٻي مرڪ ۾ جذب ٿي. چپ چاپ ۾ موڪلاڻي ويل اهڙي خوبصورت شخص جي تعزيت هڪ سطحي ڳالھہ ٿيندي. ان ڪري اسان ان کي ڀيٽا ڏيڻ ۽ ان سان پنھنجي پيار جو اظھار ڪرڻ ۾ يقين رکون ٿا.
اڄوڪي زماني جو هڪڙو خاص الميو هر شعبي ۾ ڳنڍيڇوڙن ۽ جعلي ماڻھن جي داخلا آهي. ادب، صحافت، اين جي او، ڪلچر ويندي خدمت خلق جي شعبي ۾ بہ جعلي، ڪوڙا ۽ ڏيکاء پسند ماڻھو داخل ٿي ويا آهن. اڳي فقط عطائي ڊاڪٽرن جو اصطلاح ٻڌبو هو، اڄ جيترا عطائي صحافي ٿي ويا آهن، ايتري هٿرادو ڀرتي شايد ئي ڪنھن ٻئي شعبي ۾ ٿي هجي. ٻئي پاسي صحافت پنھنجن روايتي فريمن مان نڪري چڪي آهي. صحافي اخبار جو ٿيندو هو، ڪنھن مئگزين جو ٿيندو هو يا ٽي وي چئنل جو، هاڻ بنا تربيت، بنا ڪنھن اداري جي، هر ماڻھو گهر ويٺي صحافي ٿي ويو آهي. هر شھر ۾ ٻہ ٻہ ٽي ٽي پريس ڪلبَ آهن. معاشري ۾ علم، سمجهہ ۽ شعور گهٽجي رهيو آهي، صحافي وڌي رهيا آهن. صحافين جي اڪثريت ڪتاب تہ ٺھيو، خود اخبار بہ نٿي پڙهي. ان ڪري اهو ضروري ٿي پيو آهي، تہ ان نئين ولر کي انھن ڪردارن جي باري ۾ ٻڌائجي، جن کي صحافت جي تربيتي اداري جو درجو حاصل آهي. نئين نسل کي اهڙن ماڻھن ۽ ڪردارن کان آگاھہ ڪجي، جن کي پنھنجي شعبي کي ماپڻ لاءِ اسڪيل يا ماپ جي اوزار جو درجو حاصل آهي، جيئن هن شعبي جي اصل نسل جي پرک ڪري سگهجي. جيئن لالا رحمان چيو، تہ هاڻ صحافت بدلجي چڪي آهي ۽ اها نعريبازن جي هٿن ۾ اچي وئي آهي... لالا جي عمر گذري آهي صحافت ۾، جڏهن اهڙا سينئر ماڻھو پاڻ بہ محسوس ڪن پيا تہ هاڻي صحافت صحافين جي هٿن مان نڪري وئي آهي، ۽ ان جي اندر ڪي نيون ۽ مشڪوڪ قسم جون داخلائون ٿي رهيون آهن؛ تڏهن اسان کي اسحاق مڱريي بابت ڳالھائڻ، ان جي ڪردار کي سمجهائڻ ۽ ان جي زندگيءَ کي هڪ مثال ۽ سبق طور منتقل ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي، جيئن اوچتو صحافت کي گهيري ويل ڌنڌوڙي مخلوق کي خبر پوي تہ ڪردار جي زوال جي هن زماني ۾ ڪي اهڙا ماڻھو بہ هئا، جن هر قسم جي مصلحت، هر قسم جي فائدي ۽ رعايت کي ٿڏي، ماڻھن جي پاسي ٿي بيھڻ جي روايت وڌي هئي. انھن ماڻھن لاءِ صحافت ڌنڌو، منٿلي، ڳجهي روزگار جو وسيلو نہ، پر ايمان ۽ آدرش وانگر هئي. اها سياست کان وڌيڪ خدمت جي جذبي سان سرشار ۽ زندگيون وڃائي، زندگيون بچائڻ جو ذريعو هئي.
مان سمجهان ٿو تہ رڳو اسحاق مڱريي جي تصوير (اسٽيج تي لڳل بينر ۾ اسحاق جي تصوير ڏانھن اشارو ڪندي) بہ غور سان ڏسنداسين، جنھن ۾ هن کي کاڌيءَ جو ڪُڙتو پاتل آهي ۽ جنھن ۾ معصوميت ۽ شرافت جي تصوير بڻيل هڪڙو مرڪندڙ چھرو نظر اچي ٿو، جنھنجي ڳچيءَ ۾ ’نڪسل باڙي تحريڪ‘ جي ڪنھن ليڊر وانگر هڪڙو ڳاڙهو مفلر پيل آهي، ۽ جنھنجي ڪلھي ۾ سدائين گانڌيءَ جي پوئلڳن وارو هڪڙو ٿيلھو لٽڪيل ڏسبو هو، (اهڙا ٿيلھا گانڌيء تي ٺھيل فلمن ۾ اڪثر صحافين ۽ ڪارڪنن جي ڪلھن ۾ لڙڪندي ڏسبا آهن) تہ ان تصوير مان ئي اسان سمجهي سگهنداسين تہ هي ماڻھو ڪير، ڇا ۽ پنھنجي اصليت ۾ ڪيئن هو. هن جو جيڪو بہ ڪم هو، ۽ ظاهر آهي تہ هن جو بنيادي ڪم صحافت هو. ان ۾ هن کي هڪ الڳ ۽ نرالي سڃاڻپ حاصل هئي. مان سمجهان ٿو تہ هن جي زماني ۾ تحقيقاتي صحافت ۾ جيڪڏهن اسان سنڌيءَ مان ڪي ٻہ ٽي نالا بہ کڻي سگهون، تہ اسحاق مڱريو جو نالو انھن ۾ سرفھرست هوندو. ڇاڪاڻ تہ هن جي ڪا هڪ سٽ بہ اضافي ۽ ڀرتيءَ جي نہ ملندي. هو تز لکڻ وارو هو. توهان ڏٺو هوندو تہ 90ع کان پوءِ جيڪا صحافت شروع ٿي، خاص طور تي 'ڪاوش' کان پوءِ شروع ٿيل زماني ۾، لکارين جو وڏو حلقو آهي، جيڪو فقط لفاظي ۽ جملي بازيءَ تي بيٺل آهي؛ توهان انھن جي سڄي تحرير پڙهندئو تہ ان ۾ ڪا ڳرُ نہ ملندي، ڪا ڳالھہ، ڪو موقف، ڪا ڊيٽا ناهي. ڪا علميت، ڏاهپ يا تجزيو تہ ٺھيو، ڪو مرڪزي نڪتو بہ ناهي- لفاظيءَ جا ڍير آهن. پر اسحاق مڱريو پنھنجي دور جو اهڙو صحافي آهي، جنھنجي تحرير ۾ توهان کي لفاظي نہ ملندي. توهان هن جي تحرير مان ڪو بہ بي معنيٰ جملو نہ ڪڍي سگهندئو. هن جي هر جملي اندر ڪو نہ ڪو علمي پھلو، سماجي رخ، ڪا ڳالھہ، ڪا ڄاڻ، ڪو نڪتو، ڪا معلومات ملندي. ان جو ڪو فيچر هجي، خاڪو هجي، خانہ بدوش قبيلن بابت ڪا تحرير هجي، اها ايئن ئي واٽ ويندي يا لکڻ خاطر ناهي لکي وئي. مون پرڏيھي پکين بابت الطاف شيخ جو هڪ ڪتاب پڙهيو، ان تي جيڪو اسحاق مضمون لکيو آهي، اهو ايڏو حسين آهي، جو اوهان کي ڪتاب جيترو ئي وڻندو. لڳندو تہ الطاف شيخ جيڪو رهائي ويو آهي، ان کي اسحاق مڱريي پورو ڪيو آهي. اهڙيءَ ريت اسحاق مڱريو پنھنجي لکڻ ۾ تہ غير معمولي ماڻھو هو، پر خود هن جي پنھنجي جيڪا شخصيت هئي، سماج اندر، سا پڻ نرالي ۽ دلفريب هئي. بي پرواهي هن جي شخصيت جو خاص گڻ هو. اسان توهان سڀ شاهد آهيون، هاڻي تہ اهڙا بہ صحافي پيدا ٿي پيا آهن، جن جي پٺيان ٽيھہ ٽيھہ چاليھہ چاليھہ گاڏين جو قافلو ٿو هلي. اڳي چوندا هئا تہ اهي ايس ايڇ او وانگر علائقن ۾ هوندا هئا، هاڻي تہ اهي ايم پي ايز وانگر ٿي پيا آهن. ايترا پئسا تہ الائي ڪٿان ٿا آڻن، پر ڏيک ويک ۾ اهي جاگيردارن ۽ وڏيرن کان گهٽ نہ آهن. جڏهن تہ اسحاق اهو ماڻھو هو، جنھن ان سڄي ڪوڙي ڪلچر کي ٿڏي، ماڻھن سان گڏ بيھڻ واري الڳ روايت اختيار ڪئي. کاٻيء ڌر جي سچي ڪارڪن وانگر، پورهيتن، پيڙيلن، مظلومن جو نمائندو ٿي هليو، ماڻھن جو ماڻھو ٿيو. اسحاق مڱريي جي شخصيت ۾ توهان کي اهو هر پاسو نظر ايندو، جنھن سان صحافي ۽ صحافت جي عزت ڪرڻ تي دل چوي.
مون کي تہ هُو شخصيت ۾ ان ڪري وڻندو هو، جو هن زماني جي ڪا پرواھہ نہ ڪئي هئي. جيڪڏهن هن جي دل نچڻ تي چوندي هئي تہ هو کليءَ دل سان هلندڙ محفل ۾ اٿي نچڻ لڳندو هو، جيڪڏهن پيئڻ تي دل گهرندي هئي، تہ سڀني سامھون ويٺو پيئندو هو. هن کي روايتي ۽ ڪوڙي زندگي نہ وڻندي هئي. هن کي ان جي ڪا ڳڻتي نہ هوندي هئي تہ ماڻھو سندس باري ۾ ڇاٿا سوچن ۽ ڪيئن ٿا ڏسن. ان ڪري آئون چوان ٿو تہ جيئجي تہ ايئن جيئجي، جيئن اسحاق مڱريو جِي ويو، ۽ جيڪڏهن ڪنھن ماڻھوءَ کي پنھنجي شعبي ۾، پوءِ ڀلي تہ اهو اديب، صحافي، ليکڪ، آرٽسٽ هجي، ڪو مقام، ڪا جاءِ، ڪا سڃاڻپ، ڪو نالو ٺاهڻو آهي، تہ اها ايئن ٺاهڻ کپي، جيئن اسحاق مڱريي ٺاهي؛ هڪڙي بي داغ، معصوم، حسين، سڀني وٽ قابلِ قبول ۽ بنا ڪنھن نعري جي.
بھرحال اسان جي دور ۾ ادب کان وٺي صحافت تائين ايڏا نعرا گهڙي آيا آهن، اهڙا مصنوعي نعرا حاوي ٿي رهيا آهن، جن هڪ عجيب لڙ ۽ شور ڦھلائي ڇڏيو آهي. اهڙا سطحي نعرا، جن جو پير زمين تي بہ نہ آهي. انھن ماڻھن پنھنجن نعرن کي هڪڙو اسڪيل ٺاهي ڇڏيو آهي، جنھنجي بنياد تي هو ڪنھنجو بہ قد ڪڇڻ لڳن ٿا، ۽ جيڪو انھن جي قد ۽ سطح جو نٿو ثابت ٿئي، ان جو پٽڪو لاهڻ پنھنجو حق سمجهن ٿا. اسحاق مڱريو جو ڪو بہ نعرو نہ هو، جيڪڏهن هيو تہ ان جي پنھنجي ڪمٽمينٽ هئي، پنھنجي وطن سان، ماڻھن سان، پيڙيل طبقن سان، ان جي پکين سان، ٻيلن سان، جهنگن سان، پهاڙن سان. ۽ ان کان وڌيڪ نہ ڪو نعرو ٿي سگهي ٿو، نہ ڪو آدرش. هو سچو پچو آدرشي ۽ ديش ڀڳت ماڻھو هو.
ٻئي پاسي مان سمجهان ٿو تہ هو پنھنجي سماج توڙي پنھنجي شعبي جو هڪڙو ’مِس فٽ‘ ماڻھو بہ هو، جيڪڏهن هو فِٽ هجي ها تہ گهٽ ۾ گهٽ حيدرآباد پريس ڪلب ۾، جنھن جو هو هڪ کان وڌيڪ ڀيرا صدر بہ رهيو، اتي کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ فنڪشن ۾ سئو کن صحافي تہ ضرور شريڪ ٿين ها.

(حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ’حيدرآباد آرٽس ڪائونسل‘ پاران اسحاق مڱريي کي ڏنل ڀيٽا واري ميڙاڪي ۾ ڪيل تقرير، ڪجهہ اضافن ۽ واڌارن سان)

09 جولاءِ، 2024ع

سنڌي صحافت جي ترقي پسند دور جو مھندار صحافي اسحاق مڱريو: گل حسن لاکو

نامياري صحافي ڪالم نگار، سڪيولر ۽ لبرل انسان اسحاق مڱريي (6 جولاءِ 1955ع - 16 جون 2024) جون سنڌي صحافت ۽ سنڌي سماج لاءِ خدمتون هڪ دور طور ياد رکيون وينديون. هو سنڌي صحافت جو ٽرينڊ سيٽر آهي. سندس 69 ورهين جي زندگي ۽ 32 ورهين جو صحافتي سفر سچ سان سلھاڙيل هيو. سندس علم، عمل ۽ پيار جو پورهيو سنڌي سماج جي امانت آهي. اسحاق مڱريي شاگرديءَ واري دور کان قومپرست سياست جي شروعات ڪئي، انٽر سانگهڙ ڪاليج مان ۽ گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. صحافت سندس زندگيءَ جو اهم پاسو رهيو. صحافت جي شروعات 1992ع کان ڪيائين، پاڻ 1992ع کان 1995ع تائين روزاني جاڳو اخبار ڪراچيءَ لاءِ سانگهڙ جو عيوضي رهيو. 1995ع کان 1997ع تائين روزاني سنڌ اخبار حيدرآباد، 1999ع کان 2004ع تائين ڪاوش ميڊيا نيٽ ورڪ سان سلھاڙيل رهيو. 2004ع کان 2007ع تائين سنڌ ٽي ويءَ تي ڊاڪيومينٽري سيڪشن جو ڊائريڪٽر رهيو. جڏهن تہ 2007ع کان 2008ع تائين سنڌ ٽي ويءَ تي اليڪشن سيل جو انچارج رهيو. اسحاق مڱريي روزاني عبرت اخبار حيدرآباد، روزاني سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد، افيئر مئگزين ڪراچي ۽ ٻين ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ فري لانس ڪالم نگار، ۽ فيچر رائيٽر طور بہ ڪم ڪيو. اسحاق مڱريو 32 ورهين جي صحافتي زندگيءَ ۾ جديد سنڌي ترقي پسند صحافت جو ٽرينڊ سيٽر رهيو. جنھن سنڌي سماج ۽ صحافت کي پنھنجي ترقي پسند سوچ سان نوان لاڙا، نوان گس ۽ ڏَسَ ڏنا. اسحاق مڱريي سنڌي صحافت ۾ ماحولياتي صحافت کي متعارف ڪرايو. پاڻ انھن ٿورن سنڌي صحافين مان هڪ هيو، جنھن تحقيقي صحافت جو رواج وڌو. اسحاق مڱريو نج ٻھراڙيءَ جو فرد هجڻ ڪري فطرت جي ويجهو رهيو. هو سنڌي سماج جي تاريخي، تھذيبي، ثقافتي، ماحولياتي، جاگرافيائي، جهنگلي جيوت، اينٿروپالاجي، ايڪولاجي ۽ سنڌي سماج جي لوڪ ڏاهپ جو عاشق ۽ مھندار هو. هو هارين جا ڏک ڄاڻيندو هو، هو عام عوام جي اهنجن کي سمجهندو هو. هُن پنھنجي زندگي هاري تحريڪ کي ڏني. اسحاق مڱريو ڌنارن جي ڪلامن ۽ پکين جي ٻولين کي سمجهندو هو. هو ڌنارن جي ڌڻن ۽ پکين جي ولر جو واهرو هو. هوُ ڪيٽي بندر، ڪاڇي، ٿربر، لاڙ اتر ۽ ڪوهستان سان ڪانڀ ٻڌي ڪچھري ڪندو هو ۽ انھن جي سورن ۽ سونھن کي پنھنجي قلم ذريعي پينٽ ڪندو هو. فطرت ۽ ماحول کي بچائڻ لاءِ اسحاق مڱريو ڪيترن ئي عالمي ماحولياتي تنظيمن جھڙوڪ آئي يو سي اين، ڊبليو ڊبليو ايف، يو اين ڊي پي ۽ ٻين ڪيترن ئي سماجي تنظيمن جو سرگرم رڪن پڻ رهيو. هو انساني حقن جو پاسدار هو. هُن انساني حقن جي عالمي ۽ مقامي تنظيمن سان گڏجي انساني حقن جي ويڙھہ پڻ وڙهي. هارين جي نجي جيلن مان آزاديءَ واري تحريڪ ۾ سندس اهم ڪردار رهيو آهي. اسحاق مڱريو حيدرآباد پريس ڪلب جو صدر بہ رهيو ۽ ڪيترين ئي صحافتي تنطيمن جو سرگرم رُڪن بہ. هُن صحافين جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ صدر پريس ڪلب طور ڪيترائي علمي، ادبي ۽ صحافتي پروگرام پڻ ڪرايائين. اسحاق مڱريي جي سيڪيولر، ترقي پسند ۽ لبرل دوستن جو وڏو حلقو هو ۽ اُهي سڀ اسان جا بہ مشترڪه دوست هئا. منھنجو ساڻس سانگهڙ کان حيدرآباد تائين جي سفر ۾ ساڻس پل پل جو تعلق رهيو. ساڻس ڪيئي روح رچنديون رهيون. اسان هڪ گهر جا ڀاتي ھياسين. سندس پٽ بہ منھنجا دوست آهن.
هو اڪثر اسان جي ٽنڊي آدم شھر ۾ ٿيندڙ علمي، ادبي، سماجي، صحافتي ۽ ثقافتي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو هو. سندس ساروڻيون اسان جي ساھہ جي سڳي ۾ ٻڌل آهن ۽ ٻڌل ئي رهنديون. حيدرآباد پريس ڪلب کان سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ٿيندڙ تقريبن ۾ ساڻس گڏ گهاريل پَل منھنجي زندگيءَ جو اثاثو آهن. مختلف پروگرامن ۽ محفلن ۾ سندس مخصوص انداز، سندس لبرل ۽ سيڪيولر سوچ جو مظھر آهن. سندس اِهي ساروڻيون سنگت کي سدا ياد رهنديون.
سنڌ جي تاريخي ماڳن مڪانن تي ڪيل سندس ڪم سنڌ جي تاريخ، تھذيب ۽ ثقافت جو اهم حصو آهي. اسحاق مڱريي جو علم، عمل، قلم ۽ تحرڪ سنڌ جي مظلوم ماروئڙن پورهيتن، هارين، عورتن، اقليتن، عام عوام ۽ شاگردن جي حقن لاءِ هڪ بلند ۽ سگهارو آواز هو. جنھن آواز کي جاري رکندي، سندس ڏسيل واٽ تي هلندي، سنڌ جي سيڪيولر تھذيب يافتہ آواز کي عالمي امن، انسانيت، پيار پنھنجائپ، جيو ۽ جيئڻ ڏيڻ واري پيغام کي عالمي ايوانن تائين پھچائڻ، سندس ڇڏيل اُن مشن کي اڳتي وڌائڻ اسان جو قومي فرض آهي. جيتوڻيڪ سنڌ جي حُسناڪين کي پنھنجي حُسناڪ اکين سان ڏسندڙ اسحاق مڱريي جو اکيون اڄ ٻوٽجي چڪيون آهن، پر سندس علم، عمل ۽ پيار جو ڪيل پورهيو ۽ ڇڏيل واٽ اسان وٽ موجود آهي. اسان کي سندس واٽ تي هلڻو آهي ۽ سندس مشن کي مڪمل ڪرڻو آهي. سندس ڇڏيل علمي، ادبي، قلمي ۽ صحافتي لکڻين کي سھيڙي ڪتابي شڪل ۾ آڻي کيس سدا ياد رکڻو آهي.
”منھنجي ڪم کي ڏسجو، مونکي سدا ياد رکجو. “
مارڪس جو چوڻ مطابق تاريخي هيڪڙائي “Unity of historical essence” بہ اجتماعيت لاءِ جاکوڙڻ آهي. اسحاق مڱريي جي اُن جاکوڙ کي جاري رکندي سنڌي سماج ۾ ڪو تحرڪ پيدا ڪرڻو پوندو.
ڇا تون وئين سو وئين، وري ورندي ڪونہ
ڇا هي سنڌڙي تو نہ، ساريندي سڏڪا ڀري.
(اياز)

سنڌ جي بيبياڪ، بھادر، جاکوڙي صحافي ۽ سماج سڌارڪ اسحاق مڱريي سڄي حياتي محبتون ونڊيون ۽ ورهايون. هو يارن جو يار، ملنسار ۽ محبتي انسان هو. هِن جي وڏي خوبي اِها هئي تہ هِنَ ڪڏهن بہ، ڪنھن سان بہ ڪاوڙ جو اظھار نہ ڪيو.
لڏيو لطيفن، پلاڻي پنڌ پيا
هٿان حيببن، ڪونہ ڏکوئيو ڪڏهن.
(شاھہ)

خلق جي ڄاڻڻ واري حق جو قلمبردار- اسحاق مڱريو: حسن مجتبيٰ

”واريءَ منجهہ وڃايا تنھنجا پيرا مون“…

اسحاق مڱريو، جڏهن بہ هن جو نالو منھنجي آڏو آيو تہ هن لاءِ ٽي لفظ منھنجي ذهن تي تري آيا، بي ڊپو، سچو ۽ تحقيقي. جيڪڏهن اڄ جي دور ۾ شاھہ لطيف ڀٽائي سرڪار (مان رڳو سرڪار سائين کي ئي مڃان) جي سر رام ڪلي جي کاهوڙين کي کڻي ڳولبو تہ صحيح معنيٰ ۾ انھن ٿورڙن ڳاڻ ڳڻين انسانن ۾ جن جو ڳاڻيٽو سون ۾ هو، تن ۾ اسحاق مڱريو بہ هڪ هو. سچو پچو سيلاني مسافر، بي ريا ليکڪ سنڌ جو کاهوڙي صحافي. هو حر هو، هو نہ فقط پير پاڳاري جو حر هو پر هو دوستي ۾ بہ حر هو، محبت توڙي عاشقي ۾ بہ. صحافت بہ هو حر هو، آئون هن لاءِ مرد حُر تہ نہ چوندس جو عورتون بہ وڏيون حرياڻيون آهن، ڪي تاريخي ڪردار حرياڻيون اسحاق جي پنھنجي خاندان ۾ بہ هيون، جن ۾ سندس پڦي سان تہ اسان بہ مليا هئاسين. مرد حُر جھڙو عجيب ۽ فضول لفظ بس آصف زرداري ۽ کيس اهڙو لقب ڏيندڙ کي ئي سونھين ٿو.
مونکي ياد ناهي تہ اسحاق سان پھرين ملاقات ڪڏهن، ڪٿي ۽ ڪيئن ٿي. جي وسري نہ ٿو تہ اها ملاقات بہ هن سان پھريون ڀيرو ڊاڪٽر کاٽائو ئي ڪرائي، ڊاڪٽر کاٽائو سڄي ملڪ جي سٺن ماڻھن کي ملائڻ ۾ هڪڙي پل آهي، ڊاڪٽر مبارڪ علي کان وٺي منھنجي دوست ۽ اڄ جي دور جي وڏي ليکڪ محمد حنيف تائين. سو مان ڀانيان ٿو تہ اسحاق سان منھنجي پھرين ملاقات تڏهن کان آهي، جڏهن هو اڃان صحافي نہ بڻيو هو. شايد سوشلسٽ پارٽيءَ ۾ هو. عابد حسين منٽو ۽ سي آر اسلم واري. سانگهڙ جي ڪامريڊ حسن عسڪري واري پارٽي، مون لاءِ سانگهڙ معنيٰ اسحاق مڱريو.
سانگهڙ سان منھنجي ڄاڻ سڃاڻ ڏاڍي پراڻي آ. ننڍي هوندي پنھنجي شھر کانپوءِ جيڪو پھريون شھر ڏٺو هو، اهو سانگهڙ هو. جتي مان پنجهٺ جي جنگ کان ڪجهہ سال پوءِ ويو هوس، جو اتي منھنجو چاچو نوڪري ڪندو هو، مان ۽ منھنجو سئوٽ اونھاري جي گرمين ۾ ويا هئاسين. انھن ڏينھن جي ئي منھنجي ننڍپڻ واري سانگهڙ جي يادگيري ۾ اتي جو عظيم هاري اڳواڻ ’قاضي فيض محمد‘ بہ آهي، جيڪو اتي نوابشاھہ مان ڪيس هلائڻ ايندو هو ۽ هن پنھنجي واڪس ويگن، واڪسي صابڻ داني ڪار ۾ اسان کي، معنيٰ منھنجي بابا، منھنجي سئوٽ ۽ مونکي ڳوٺ واپس وڃڻ لاءِ شھدادپور ريلوي اسٽيشن تائين لفٽ بہ ڏني هئي. مونکي قاضي فيض محمد جو وڪيلاڻو لباس ۽ نيري رنگ واري واڪسي ڪار اڄ بہ ياد آهي. هڪ عجيب دلبر درويش انسان هو.
اتي سانگهڙ ۾ منھنجي چاچي جي ڪٽنب جي سڪ واري دوستي هڪ حرياڻي ’امان جندو‘ سان ٿي هئي، جيڪا انگريزن خلاف حرن جي ويڙهاند، پير پاڳاري ۽ هن جي حرن ۽ حرياڻين جا قصا ٻڌائيندي هئي. پير پاڳاري لاءِ ڪافي ڏندڪٿائون اسان غير حرن ۾ هُليل هونديون هيون تہ هو برقعي يا پردي ۾ ٻاهر نڪرندو آ، ورلي ڪو حرن کي ديدار ڪرائيندو آ، پوءِ هن جي ديدار مھل حر عورتون پنھنجا ڳھہ ڳٺا ڏانھنس اڇلائينديون آهن.
حرن ۽ سندن پير بابت اهي ڏندڪٿائون يا حرياڻي امان جندو يا پوءِ گهڻن سالن پڄاڻان اچي اسحاق دور ڪيون ۽ مون ۽ منھنجي تڏهن ساٿي صحافي نفيسہ شاھہ پنھنجين اکين سان بہ حقيقتون ڏٺيون. جڏهن اسان (مان، نفيسہ شاه ۽ اسان جو دوست فوٽوگرافر جمشيد مسعود) اسحاق ساڻ گڏ هڪڙي ستاويھين رجبي حرن حرياڻين جي عيد تي پير ڳوٺ وياسين. تڏهن هاڻوڪي کان اڳئين لاجواب شخصيت پير پاڳاري سان بہ انٽرويو ڪيو هو سين.
ان ڏينھن اسان اسحاق سان سانگهڙ کان پيرڳوٺ ڏانھن جمڙائو ڏيئي نارا ويلي وايا چونڊڪو سفر ڪيو هو (اسان سان پيارو ڀڪشو يعني بخشڻ مھراڻوي بہ گڏ هو) انھي حر بيلٽ کان جتي رستي ۾ انھي ٿاڻي ۽ پوليس ڪئمپ بنگلي جا آثار بہ هئا، جتي حرن سندن مٿان ظلم ڪندڙ پوليس انسپيڪٽر غلام رسول شاھہ کي قتل ڪيو هو.
شام ناري جي واريءَ ۾ لھي رهي هئي. جيئن شيخ اياز چيو ’واري منجهہ وڃايا تنھنجا پيرا مون، شام لٿي آهي. ‘ ۽ اسان اتان ڊسمبر جي انھن آخري ڏهاڙن واري انھي شام لھندڙ سورج جو نظارو ڪري رهيا هئاسون. حرن تي انگريزن جي ظلم ۽ ان خلاف مزاحمت وارن کنڊرن واري ڊٺل ڏاڪڻ تان، مونکي اتي لھندڙ سج جي ڳاڙهاڻ ۾ ناري ۾، ننڍپڻ ۾ سانگهڙ ۾ ملندڙ قاضي فيض محمد ياد آيو، جنھن پنھنجي آتم ڪھاڻيءَ ۾ لکيو آهي تہ سيد غلام رسول شاھہ جو ساڻس ڏاڍو پيار هوندو هو.
جڏهن پير ڳوٺ پھتاسين تہ آڌي رات وهامي چڪي هئي، پر شھر ۾ ميلو لڳل هو، چنڊ رات وارو. مون اسحاق سان سنڌ ۾ ڪئين سفر ڪيا هئا. سندس گهر ڳوٺ سريوال کان وٺي جهمپير ۾ اعظم گوپانگ جي پڌر تي رات لڙي لھندڙ چانڊوڪين ۾ ڪچھرين کان وٺي خطرناڪ اسٽورين پويان عمرڪوٽ، ٺٽي تائين. هڪڙو ڀيرو هو مونکي سانگهڙ ۽ ميرپور خاص جي ان پٽيءَ ۾ اسٽوري ڪرڻ وٺي ويو هو، جتي وڏيرن هيٺ هارين جون بيگار ڪئمپون هيون. هن مون سان اتان جي ڪجهہ ماڻھن سان تعارف ڪرايو هو تہ هي هڪ اتر جو ننڍڙو زميندار آهي، جيڪو سندس زمينن تان ڀڄي آيل هارين جي ڳولا ۾ آيو آهي.
منھنجي شاديءَ کانپوءِ لاڏائو شڪاري قبيلي بابت اسٽوريءَ پويان سانگهڙ جي ميدانن ۾، جتي هڪڙي شڪاري عورت سان ملاقات ٿي. جيڪا پنھنجي گهر ۾ ئي ڀنگ پوکيندي هئي، هر سال لاهوت ويندي هئي، چرس پيئندي هئي ۽ ڏهاڙيءَ جي ڊائري بہ لکندي هئي. مونسان منھنجي جيون ساٿياڻي سيما بہ گڏ هئي، جنھن کي ڏسي هن چيو هو، ”توکي پٽ جو اولاد ٿيندو. “ ڪي مھينا پوءِ هن جي ڊاڪٽر بہ هن جي الٽرا سائونڊ رپورٽ کيس ڏيکاريندي اها ڳالھہ ٻڌائي هئي.
اسحاق پنھنجي دور جي انھن نوجوانن مان هو جيڪي نظرياتي توڻي افسانوي ادب جا پڙهندڙ هئا. هن ۽ هن جي سانگهڙ جي هڪڙي دوست جي جڏهن اڃان ڪالھوڪو سوويت يونين هو، سندن اسڪالرشپ ماسڪو جي يونيورسٽي ۾ پڙهڻ لاءِ ٿي ويئي هئي. پر پوءِ ستت ئي اڳوڻو سوويت يونين يا عرف عام ۾ روس ٽُٽي ويو. روس ٽٽڻ کانپوءِ ڪئين سياسي بيروزگار ٿي ويا. پر ٻن قسمن جا نوجوان فارغ ٿيا، هڪڙا اهي جن اين جي اوز ڏانھن رخ ڪيو. ٻيا اهي جن صحافت ڏانھن. اسحاق شروعاتي طور صحافت ڏانھن. جي روس گهڻو پھرين ٽُٽي ها تہ اسحاق جھڙا سٺا صحافي اڃان پھرين سنڌي صحافت کي ملن ها. اڻويھہ سئو اسي جي ڏهاڪي ۾ افغانستان ۾ روسي مداخلت کان پھرين توڻي پوءِ اين جي اوز ملڪ پاڪستان ۾ ڏيھي توڙي پرڏيھہ ۾ کلڻ شروع ٿيون هيون. منھنجو هڪڙو ڏاهو دوست اين جي اوز لاءِ تڏهن چوندو هو تہ اهي ٽين دنيا جي ذهين پر ڪنگلن نوجوانن کي امير ڪرڻ جو طريقو آهن.
اسحاق اين جي اوز کان بہ گهڻو اڳ ماحوليات ۽ ماحولياتي انصاف لاءِ پاڻ پتوڙڻ جو علم پنھنجي سر کنيو هو. پوءِ اهو ٿر، توڙي سانگهڙ ۾ تلور جو شڪار هجي، يا هن ناري ۽ سامونڊي پٽيءَ ۾ عرب شڪارين جون سنڌ جي پکي پکڻ، ماڻھن توڙي وڻ ٽڻ سان ارھہ زورايون هجن تن خلاف هن اسحاق انگن اکرن ۽ دليلن سان آواز اٿاريو. سنڌ ۾ مادر فطرت جا هاڃا هجن يا ماڻھو جا هٿرادو، اسحاق انھن کي عام تائين پھچايو. هو سنڌي توڙي ملڪي صحافت ۾ آڱرين تي مس ڳڻڻ جيترن تحقيقاتي صحافين مان هڪ ناميارو صحافي هو. هن جي تحقيقاتي صحافت جو دائرو تہ ڏسو سنڌ ۾ پيار جي نشانيون موڪليندڙ عاشقن کان وٺي، موسمن جون اڳڪٿيون ڪندڙ لوڪ ڏاهن، ڌراڙن، پيروڍن، سنڌو ڊيلٽا جي تباهي کان وٺي ناري جي تباهي، چوٽياريون ڊيم ۾ ڪرپشن کان وٺي ايل بي او ڊي ڪرپشن کان وٺي افغانستان ۾ ڏوڏيءَ جي پوک، هيروئين جي فيڪٽرين تائين. پنھنجي هڪڙي اسٽوري ۾ دنيا جي وڏي ۾ وڏي دهشتگردي ۾ گهربل اسامه بن لادن لاءِ هن قبائلي علائقي مان لکيو، ”هتي هڪ چوڻي مشھور آهي تہ هڪڙي عرب عيوض ويھہ ارب جو سودو ڪو مھانگو نہ آهي. “
اسحاق صحافت ۾ نہ ڪو رولاڪ هو، نہ ڪو سامي جوڳي، نہ وري ڪو مشنري هو، هو بنھہ ’عام جي ڄاڻڻ‘ واري حق جو قلمبردار صحافي هو. هو جڏهن اسٽوريءَ تي نڪرندو هو تہ پنھنجا نظريا عقيدا گهر رکي ايندو هو. قلم واري هٿيار کانپوءِ هن وٽ هڪ ٻيو هٿيار سندس سگهارو حس مزاح ۽ ٽھڪ هئا.
جڏهن مان خلق اخبار جو ايڊيٽر ٿيس تہ هو مون سان ملڻ آيو تہ مون کيس خلق ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي. هو ان ڪٽ جو حصو هو، جيڪا اسان اتي خلق ۾ ٺاهي هئي ’خلق انويسٽيگيشن ٽيم. ‘ اسحاق، مومن بلو، حسن درس ۽ عزيز جان بلوچ ڪٽ جي ٽيم جا ميمبر هئا. هونئن تہ ڪوبہ خلق جي عملي مان خبر جي تحقيقي نوعيت جي هجي مقامي نمائندن تہ ڇا خلق جي آفيس جي عملي مان ٽپ يا خبر ڪٽ ۾ ڏيئي سگهندو هو ۽ اسان انھن کي اڳتي رپورٽر بڻجڻ جي همت افزائي ڪندا هئاسين. ڪٽ جي خبر ڇنڊيل ڇاڻيل انتھائي تحقيق ٿيل، اخبار جي پھرين صفحي جي هيٺين اڌ تي تڏهن پنج ڪالمي لڳندي هئي. جيئن نفيسہ شاھہ نيوزلائين وارن ڏينھن لاءِ چيو تہ اتي مزو نوي سيڪڙو، گهٽ ڏھہ سيڪڙو هو، خلق ۾ پڻ اسان وٽ ڏينھن ۾ ائين هو.
اسحاق ’خلق‘ اخبار لاءِ ڪئين تحقيقي اسٽوريون ڪيون. انھن ۾ هڪڙي اسٽوري هن اڇڙي ٿر ۾ انڊيا کان هيروئين ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيميڪل جي اسمگلنگ بابت ڪئي هئي، جنھن کي مقامي اسمگلر ڪارو سون چوندا آهن. انھي ڪاري سون جي اسمگلنگ ۾ اڇڙي ٿر توڙي ملڪ جا ڪيترا با اثر شامل هئا. ان ڏينھن جڏهن اسحاق جي اها خبر ڇپي خلق اخبار هٿو هٿ وڪامي وئي هئي، جڏهن اخبار جون اتي ڪاپيون ختم ٿي ويون تہ اها خبر فوٽو ڪاپي ٿي وڪاڻي هئي. ڪيترن مقامي ماڻھن اهي فوٽو ڪاپيون بہ مھانگي اگهہ وڪيون هيون. ائين اسحاق سانگهڙ ۾ زميندار ’مريد حسين مري‘ جي هارين جي خانگي جيلن تي بہ اسٽوري ڪئي هئي، جنھن تي اسحاق کي ۽ شڪيل پٺاڻ کي قتل جون ڌمڪيون بہ مليون هيون. هن لال ڏني مڱريي جي قبضي ۾ قيد ڪيل هارين جي بازيابيءَ تي بہ اسٽوري ڪئي هئي. اسحاق اهو بہ ٻڌايو هو تہ لال مڱريي تي لال نالو ڪيئن پيو. اسحاق پاڻ سان گڏ تحقيقاتي رپورٽرن جي هڪ ٽيم تيار ڪئي، انھن ۾ عزيز جان بلوچ ۽ صادق ابڙو شامل هئا. افسوس سنڌ جا اهي اورچ انسان ۽ کاهوڙي صحافي هاڻ هن دنيا ۾ نہ آهن. نہ مومن بلي جھڙو سنڌ ۾ پنھنجي نسل جو بھترين دماغ آهي. اسحاق مڱريو انڊين آرٽ فلمن ۾ صحافين واري سندن ڪلھي لڙڪايل ٽوٽ بئگ کان بہ گهڻو اڳ اها بيگڙي کنئي هئي. منھنجي دوست اشفاق چواڻي ’گودڙي وارو... ‘
هو جيڪڏهن چاهي ها تہ هو بہ حر جماعت ۾ ڪيترن ٻين ماڻھن وانگر پنھنجو گهر ڀري پئي سگهيو. هو سانگهڙ جو هو، ڄام صادق علي جي سنڌ تي حڪومت مان هو ڪجهہ حاصل ڪري پئي سگهيو. پر هو سچ جو ساٿاري هو، ڄام جي اڻويھہ سئو نوي وارين چونڊن ۾ ڌانڌلين تي کيس بہ ڌمڪيون مليون هيون، شايد گرفتار بہ ٿيو هو. سانگهڙ جي هڪ دوست ٻڌايو تہ بابري مسجد واري واقعي وارن ڏينھن ۾ جڏهن سانگهڙ جھڙي شھر ۾ بہ هڪ ڀيرو ردعمل جي آڙ ۾ شھر ۾ هڪ ميڙ ۾، ابن شاھہ ٿيوري هيٺ سانحو ايوڌيا ڀارت ۾ ٿئي تہ ملبو سنڌ جي هندن تي ڪيرايو وڃي، جڏهن هڪڙو ڪٺ ملو اسٽيج تي چڙهي اهڙي چوچڙي دکائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو تہ اسحاق وڃي اسٽيج تي کيس جهليو هو تہ ’ميان تعارف تہ ڪراءِ تہ تون آهين ڪير جو هن شھر جو سک سانت ڦٽائڻ نڪتو آهين. ‘
اهو مکي جو مور مري ويو. حيدرآباد ۾ ميرن جي قبن واي پاڙي جي هڪڙي جاءِ ۾ رهندڙ اسحاق، امداد سومري، امر لغاري، سندس پيارن پٽن صالح ۽ حسن سان منھنجا جيڪي ڏينھن ۽ راتيون گذريا، جتي دلبر اي جي چانڊيو ۽ ارشاد لغاري بہ اڪثر اچي نڪرندا هئا. اتي اسان ڪيتريون راتيون ڪچھريون ۽ بحث ڪندي اڇا صبح ڪري ڇڏيا. ٻيو جيڪي سفر هن سان گڏ ڪيا هئا، مون لاءِ وڏي وٿ هئا.

(’پنھنجي اخبار‘ 26 جون 2024ع جي شماري ۾ شايع ٿيل)

لڏيو لطيفن، پلاڻي پنڌ پيا: پروفيسر ڊاڪٽر اسماعيل ڪنڀر

هُو سدائين سنڌ جو خاموش خدمتگار رهيو، ياد ٿو اچي تہ 90 واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ ساڻس ملاقات سانگهڙ ضلعي ۾ ٿي، ان ملاقات ۾ سندس موضوع سنڌ ۾ ترقي جي حوالي سان منصوبن جنھن ۾ چوٽياريون، ايل بي او ڊي ۽ ٻين منصوبن جي ماحولياتي اثرن جي جائزي متعلق سندس دليل ايترا تہ وزندار هوندا هئا جوانھن دليلن جي روشني ۾ مونکي تحقيقي سوالن سان گڏ ٻيا کوڙ سارا تحقيقي موضوع ملندا هئا. هن ايل بي او ڊي سان متاثر ٿيندڙ ماڻھن جي نہ صرف ڏکن ۽ تڪليفن جو آواز پنھنجي فيچرز ذريعي اخبارن تائين پھچايو پر ساڳئي حوالي سان هُو ڪيٽي بندر کان کارو ڇاڻ حرامي ڍورو، ڪلڪا ڇاڙي ، ڪڙملڪ، احمد راڄو، نرڙي ڍنڍ رڻ ڪڇ سان گڏ ڪارونجهر وارن علائقن، انھن جي ثقافت، لباس سان گڏ اتي جي ڪردارن کي پڻ پنھنجي تحقيق ۽ تحريرن ۾ نروار ڪيو.
سال 199ع واري طوفان کانپوءِ ايل بي او ڊي ذريعي ايندڙ ٻوڏن تي پڻ هن شيخ قريو ڀانڊاري کان شيخاڻي گهاڙي جي سڄاڻ فقير ناٿو ۽ رئيس بھادر خان لنڊ جي ڪردارن ۽ انھن جي جدوجھد کي پڻ نروار ڪيو. جن جي عقل ۽ ڏاهپ سان مقامي ماڻھن جو آواز عالمي بئنڪ ۽ ايشائي بئنڪ جي عملدارن تائين پھچايو. هو لطيف سرڪار جي راھہ تي هلندي ٿر، ڪوهستان، ڪاڇو ۽ لاڙ جي ڀڙ جي ڍوري جي جتن جا قصا ۽ لاڙ جي اوٺين سان پڻ رهاڻو ڪري اٺن جي نسلن ۽ اوٺين جي ڪرت کي پڻ پنھنجي ڊاڪيومينٽرين ذريعي مختلف سنڌي چينلز تي متعارف ڪرايو. سچ پڇو تہ اسحاق مڱريو سنڌ جو اهو کاهوڙي ڪردارهو جيڪو سنڌ جو جهر جهنگ، سنڌ جي زراعت، سنڌ جي ماحوليات، ڍنڍن ۽ ڍورن، سنڏ جي سامونڊي ڪنارن تي رهندڙ آبادين، سنڌ جي پاڻين، سنڌ ۾ رائٽ بينڪ آئوٽ فال ڊرين ۽ ليف بئنڪ آئوٽ فال ڊرين سان گڏ ٿر جو ڪوئلو ۽ ترقي جي نالي ۾ ترقي وارن منصوبن سان ٿيندڙ ماحولياتي نقصانن، آبي جيوت، سان گڏ جهنگلي جيوت جي خاتمي ۽ پرڏيھي پکين جي آمد ۽ انھن تي مارين جي ٿيندڙ ڪلور تائين لکندي لکندي هو تہ راھہ رباني ٿيو پر هاڻ اهڙو اسحاق ڪڏهن پيدا ٿيندو جيڪو سنڌ جي دردن جو درمان ٿي سگهي.
اسحاق مڱريو سان مختلف موضوعن تي نہ صرف ڪچھريون ٿينديون هيون پر هن سان ٿر، لاڙ، ڪوهستان وارن علائقن ۾ ٿيندڙ مختلف پروگرامن ۾ شريڪ ٿيڻ جو موقعو مليو. سال 2018ع ۾ منير ڀرڳڙي جي سھڪار سان ڏيپلي جي ڀرپاسي کوهن جي معائني سان گڏ ٿر جي اسلام ڪوٽ ۾ ٿيندڙ ڪوئلو ڪانفرنس ۾ پڻ گڏ سفر ڪري اتي پھتاسين پر ان ڪانفرنس ۾ ذولفقار هاليپوٽو، مھيش ڪمار، اسحاق، جان خاصخيلي، سليم فقير ۽ ٻيا دوست گڏ هئاسين ۽ ياد ٿو اچي تہ ان رات صادق فقير جي محفل سان پڻ لطف اندوز ٿياسين. ۽ صبح جو ڪانفرنس ۾ ٿر جي ڪوئلي ۽ انھن جي ٿيندڙ اثرن بابت ڪانفرنس جو حصو بڻياسين، نہ صرف ايترو سال 2010-11 واري ٻوڏ کان پوءِ سائين محمد علي شاھہ، مھيش ڪمار، عزيز سولنگي سان گڏ اسحاق جون ڪچھريون پاڪستان فشر فوڪ فورم جي مرڪزي آفيس حيدرآباد هوندي هئي. جڏهن بہ ڪچھري ٿيندي هئي جو سندس موضوع سنڌ ۽ سنڌ سان سلھاڙيل ڪردارن ۽ ماحوليات شامل هوندو هو. اسحاق مڱريو جڏهن بہ ڪوزراعت تي آرٽيڪل لکندو هو تہ فون ڪري تصديق ضرور ڪندو هو. اهوئي سبب هو جو هڪ دفعو ڪپھہ ۽ ان سان سلھاڙيل ڪپھہ چونڊيدڙ عورتن بابت آرٽيڪل لکيو جنھن کي پڻ عالمي ليبر آرگنائيزيشن مڃتا ڏني. اسحاق مڱريو سان ڪچھرين جوسلسلو سائين سليمان ابڙو جي اوطاق مرڪز هوندي هئي جتي مھيش، اسحاق، جاويد سوز، فاروق سومرو، اڪبر سومرو، عزيز لغاري، راشد لغاري ۽ ٻيا دوست اسحاق جي ڪچھرين مان لطف اندوز ٿيندا هئا.
هڪ دفعو ياد ٿو اچي تہ اسحاق مڱريو مونکي چيو تہ زرعي سائنسدانن کي گهرجي تہ جيڪي زمين تي ڍڀ يا گند گاھہ ٿين ٿا ان کي گند گاھہ نہ چون ۽ گند گاھہ جي جڳھہ تي انھن کي جڙي ٻوٽن جو نالو ڏنو وڃي تہ اهو بھتر آهي ڇاڪاڻ تہ قدرت جيڪا زمين مان گاھہ ڦٽائي ٿي اهو گند گاھہ نہ آهي، لازمي قدرت طرفان ان ۾ ڳجه رکيل آهي ۽ حقيقت بہ اها آهي تہ ڌرتي تي ڦٽندڙ گاھہ يا ڍڀ پڻ انھن جو ڪنھن نہ ڪنھن حوالي سان اهم ڪردار آهي جيڪڏهن توهان زمين کي ٺوڙو ڪندو تہ لازمي زمين جو گرمي جو درجو وڌندو ۽ اڄ زرعي سائنسدان انھن ڳالھين تي زور ڏئي رهيا آهن تہ زمين کي ٺوڙو ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ضروري آهي زمين تي بيٺل گاھہ کي ملچ طور يا زرعي زرعي بايو ماس کي مختلف طريقن سان انرجي ۾ تبديل ڪيو وڃي. تازو ڪجهہ ڏينھن اڳ ۾ اسحاق پنھنجي تحقيقي لکڻي سنڌ ۾ دريا جي ساڄي پاسي وارن وهڪرن بابت هئي اهي وهڪرا جيڪي بلوچستان کان حمل، نارا ويلي ڪينال، منڇر ۽ آر بي او ڊي جي رهيل ڪمن ذريعي متعلق هئي پر سندس اها لکڻي ڪمال جي هئي جنھن ۾ هن پاڻي وارن مسئلن سان گڏ انھن جي حل لاءِ پڻ تجويزون ڏنيون.
اسحاق مڱريو سنڌ جي ڪردارن مير خدا بخش لانڀٽ کان خان بھادر مير غلام محمد تائين، ۽ ٻيا تاريخي ڪردارن تي هن جون لکڻيون پن ڪمال جون هيون. هو مختلف زرعي، سماجي، ثقافتي، ماحولياتي، پروگرامن کان علاوہ مختلف ادبي محفلن ۾ پڻ نظر ايندو هو جتي ساڻس ضرور ملاقات ٿيندي هئي، هن کي ليڪچر پروگرامن ۾ جڏهن سوالن جوابن جي سيشن ۾ ويھندو هو تہ سندس سوالن ۾ تحقيقي عمل واري جهلڪ نظر ايندي هئي.
محمد اسحاق مڱريو ولد محمد صالح منڱريو، 5 جون 1955ع تي ڳوٺ گل حسن سريوال ضلعي سانگهڙ ۾ ڄائو، جتي سندس والد هارپي جي پورهيي سان لاڳاپيل هو. ٻن ڀائرن مير محمد ۽ مير حسن ۽ ٻن ڀينرن واري ڪھول ۾ پاڻ پھريون نمبر آهي. سندس شروعاتي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ گل حسن سريوال ۾ ٿي، جنھن کان پوءِ پرائيويٽ هاءِ اسڪول سانگهڙ مان سيڪينڊري تعليم حاصل ڪئائين ۽ پرائيويٽ طور ئي گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ صحافتي پيشي سان لاڳاپيل رهيو. هن ٽيليويزن چيئنل لاءِ ڊاڪيومينٽريز بہ ٺاهيون.
اسحاق مڱريي جي ادبي سفر جي شروعات، سنڌي ادبي سنگت شاخ سانگهڙ کي جوائن ڪرڻ سان ٿي پر سندس ڪا بہ ڪھاڻي هيل تائين ڇپجي ڪونھي، خبرن، فيچرس ۽ آرٽيڪلس جي حوالي کان پنھنجي الڳ سڃاڻپ رکندڙ اسحاق منڱريو. آئي يو سي اين (IUCN) جو ماحولياتي ايوارڊ ماڻن کان علاوہ ٻيا بہ ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪري چڪو آهي.
ساڻس آخري ملاقات پڻ سائين سليمان ابڙي جي اوطاق تي ٿي هئي، جتي هن مونکي چيو تہ جيڪڏهن حيدرآباد جو بائي پاس مياڻي فاريسٽ کان ٺھيو تہ اڌ مياڻي فاريسٽ جا وڻ تہ هليا ويندا پوءِ انھن جو ڇا ٿيندو ۽ ڪيترا وڻ لڳندا. هُو ترقي سان ٿيندڙ ماحولياتي اثرن تي ڳوڙهي اڀياس رکندو هو اهوئي سبب آهي جو جڏهن حيدرآباد کان ميرپورخاص وارو روڊ ٺھي رهيو هو تہ هن ان روڊ تي لڳل املتاس، روهيڙي، سھانجھڙي، سُک چين ۽ ٻين ڪيترن وڻن ٽڻن تي پڻ آواز اٿاريو، جيڪي پڻ ان روڊ جي ٺھڻ سان متاثر ٿيا هئا.
اسحاق صاحب يارن جو يار هو، پر هو سنڌ جي خانہ بدوش قبيلي تي پڻ گهڻُو لکيو ۽ سنڌ جو سچو عاشق جو جيڪو بغير موڪلاڻي جي اسان کان رُسي هليو ويو ۽ ايئن رسي هليو ويو جيئن جيئن موسمي تبديلين سبب اسان کان حيدرآباد جو هوائون موڪلائي ويون آهن.
اسحاق دلبر دوست سان گڏ سنڌ جو بي باڪ ڪردار رهيو جيڪو هميشہ پنھنجي طبيعت ۾ خوش مزاج ۽ يار ويس طبيعت جو مالڪ هو. هُو سياسي ۽ فقري لڏي جو پانڌيئڙو ضرور هو پر هن تحقيقتي صحافت ۾ پنھنجو وڏو نالو پيدا ڪيو. اسحاق مڱريو جي شخصيت ۽ سندس ڪردار بابت ڇا لکي ڇا لکجي،
اسحاق جي لاڏاڻي تي سندس پوئينرن سان تعذيت ڪجي ٿي ۽ ڌڻي در دعاگو آهيون تہ ﷲ تعاليٰ کيس جوار رحمت ۾ جڳھہ عطا فرمائي (آمين) ۽ پوئينرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي. اسان اسحاق جي وڇوڙي کان پوءِ ضروري آهي تہ مرحوم اسحاق جي ياد ۾ سانگهڙ يا حيدرآباد پريس ڪلب جي ڪنھن هال تي سندس نالو منصوب ڪيو وڃي يا شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي سانگهڙ واري ميڊيا اسٽڊي ڊپارٽمينٽ کي سندس نالي سان منصوب ڪيو وڃي. يا ڪا لائبريري قائم ڪري ان کي اسحاق مڱريو لائبريري نالو ڏنو وڃي.
لڏيو لطيفن ، پلاڻي پنڌ پيا
هٿان حبيبن ڪو نہ ڏکويو ڪڏهن
(شاھہ)

اسحاق مڱريو: جديد سنڌي صحافت جو ’پاپا هيمنگوي‘ : امر لغاري

ٻہ ٽي مھينا اڳ، روزن واري عيد تي ڪنھن دوست ٻڌايو تہ اسحاق جي طبيعت ٺيڪ ناهي، کيس ڳوٺ وٺي آيا آهن، سنگت هلي کيس ملي اچون. هيانءُ کي ٿورو جهاڪو آيو. سوچيم اياز ميلي ۾ پياري ڪريم شيرازيءَ طرفان ترتيب ڏنل خورشيد قائم خاني ۽ سائين الھہ ورائي بھڻ جي خطن تي مشتمل ڪتاب ’ايڪ جپسي ڪي خطوط‘ جي سيشن ۾ گڏ هئاسين. تڏهن تہ هو هشاش بشاش لڳو پيو هو. اهو ايترو اوچتو کيس ڇا ٿيو. بھرحال، سنگت سان گڏ ڳوٺ گل حسن سريوال پھتاسين. ساڻس عيد ملياسين. کٽ تان اٿي مليو. پر ڏسڻ ۾ صفا هڏائون پڃرو ٿي لڳو. حال احوال ٿيا. پڇيوسين، ”ڇا ٿيو؟“ چئي، ”ڪا خبر ناهي. ٻہ ٽي ڀيرا بخار آيو آهي. ڊاڪٽرن شڪ جي بنياد تي ڊينگيءَ جو علاج شروع ڪيو آهي. بخار وقفو ڏيئي وري اچيو وڃي. بيماري صحيح نموني سان ڊائگنوز نہ پئي ٿئي. “ بھرحال، بيماريءَ کي ڇڏي دنيا جھان جون خبرون چارون ڪرڻ لڳو، ان آسري تي تہ ٿوري ڪمزوريءَآ، نيٺ تہ دور ٿيندي. پر ڪنھن کي خبر، ان ڪمزوريءَ پٺيان قدرت جي ڪا ٻي منشا هُوندي، ۽ هن اجگر، پھاڙ جيڏي حوصلي واري ماڻھوءَ کي ايئن کڻي هلي ويندي- هڪ اهڙي ڪميٽيڊ ۽ بھادر انسان کي، جنھن کي جڏھن ڪاوش اخبار جي مالڪن ڏکين حالتن ۾ نمائندو ڪري بلوچستان موڪليو تہ هُن انڪار نہ ڪيو، ۽ اسائنمينٽ کي چيلينج سمجهي، ڪوئيٽا وڃي بہ اخبار لاءِ صحافت ڪيائين، ۽ پنھنجو ٽينيوئر خير خوبيءَ سان پورو ڪري موٽي آيو هو.
اسحاق سان منھنجي ملاقات 1988ع جي لڳ ڀڳ يوٿ ليگ جي آفيس سانگهڙ ۾ ٿي. تڏهن هو پيٽ گذر لئہ هلڪي ڦلڪي ٺيڪيداري ڪندو هو. سياسي ۽ سماجي طور هو نيشنل يوٿ ليگ، سگا ۽ خان عبدالولي خان جي اڳواڻيءَ واري قومپرست ۽ کاٻي ڌر جي پارٽين واري اتحاد سان سلھاڙيل هو. صحافت بہ ڪندو هو تہ سانگهڙ جي علمي ادبي سرگرمين ۾ پڻ حصو وٺندو هو. ان کان اڳ هن جي شاگرديءَ واري دور جو ڪجهہ عرصو جيئي ’سنڌ اسٽوڊينٽس فيڊريشن‘ جي تنظيمي سرگرمين ۾ گذريو هو. ان عرصي دوران قاضي ممتاز، مير حسن سريوال، معصوم سانگهڙائي، ڪيھر بڙدي، عاجز منگي ۽ ٻيا هن جا ساٿي رهيا. هڪ اڌ ڀيري مختلف سياسي، سماجي ۽ ثقافتي پروگرامن جي سلوگنس جي چاڪنگ ڪندي پڪڙيو بہ ويو، ۽ لاڪ اپ ۾ رکيو ويو. پوءِ جڏهن هو ڪامريڊ حسن عسڪريءَ سان مليو تہ سوشلسٽ پارٽيءَ ۾ هليو ويو. اهو آمر ضياءُ الحق جي مارشل لا جو دور هو. ايئن سوشلسٽ پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ بعد کاٻي ڌر جي سياست ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻھن سان شناسائي ٿيس. ايئن پوءِ هاري تحريڪ، سوشلسٽ پارٽي ۽ ان جي ذيلي تنظيمن ۾ ڪم ڪيائين. ڪافي عرصي تائين انھن جون ڪانفرنسون، سياسي جلسا ۽ پارٽي اسڪول اٽينڊ ڪندو رهيو. ڪجهہ سالن بعد صحافت ڏانھن رخ ڪيائين. بادل ٿري، اياز نظاماڻي ۽ آفتاب نظاماڻيءَ واري زماني ۾ پريس ڪلب ويندو رهيو. پوءِ جڏهن فقير محمد لاشاريءَ جي سٿ ۾ جاڳو اخبار جوائن ڪيائين تہ هن جي رپورٽنگ جي عوامي انداز گهڻن ماڻھن کي موهيو. هن جي تحقيقاتي صحافت جي شروعات حسن مجتبيٰ جي زير نگراني حيدرآباد مان نڪرندڙ چار پيجن جي پھرين اخبار ’خلق‘ سان ٿي. تڏهن هو هيرآباد ۾ ڪرائي جي ٻن ڪمرن واري ڪواٽر ۾ رهندو هو. هن سانگهڙ مان عزيز جان ۽ ٽنڊي آدم مان صادق خاصخيليءَ کي بہ پاڻ سان گڏ شامل ڪيو. حيدرآباد هجڻ ڪري مان بہ هڪ نہ ٻئي ڏينھن وٽس چڪر لڳائيندو هوس. اتي اڪثر حسن مجتبيٰ، اي جي چانڊيو، امداد سومرو، مومن بلو، جان خاصخيلي ۽ ڪجهہ ٻيا دوست بہ اچي ڪٺا ٿيندا هئا. اهي هن منڊليءَ جا ريگيولر ميمبر هئا. خلق واري دور ۾ اسحاق بي باڪ رپورٽنگ ڪئي. ان ۾ سائين الھہ ورايي بھڻ کي ”کنڀي کڻڻ“ واري رپورٽنگ بہ شامل هئي. اهو ڄام صادق عليءَ جو دور هو. سائين، اسحاق تي لفظ ”کنڀي کڻڻ“ استعمال ڪرڻ تي ڏاڍو ڪاوڙيو. چيائينس تہ ”اخبار اِن خبر جي ترديد ڪري. “ پر اخبار ترديد نہ ڪئي. اصل ۾ ٿيو ايئن هو جو سنجهوري تعلقي ۾ ضمني چونڊن جي ڊيوٽيءَ دوران شام جو سائين الھہ ورايي بھڻ جي طبيعت خراب ٿي پئي. هو پولنگ اسٽيشن تي سامان ڇڏي دوا درمل لاءِ جهول موٽي آيو تہ جيئن فرسٽ ايڊ وٺي صبح جو پولنگ ڪرائي سگهي. رات جو پوليس جي ڪا ڌانڌليءَ جي نيت هئي. سو اٽالو جيئن گل حسن سريوال پولنگ اسٽيشن تي پھتو تہ ٻيو عملو موجود هو پر سائين الھہ ورايو موجود نہ هو. انڪري پوليس جي موبائل ۾ اهلڪار جهول ويا ۽ سائينءَ کي گهران وٺي آيا. ان اليڪشن ۾ سرڪاري اميدوار کي رات جي اونداھہ ۾ ووٽ وجهرائي وڏي اڪثريت سان کٽرايو ويو هو. اسحاق ان رپورٽنگ ۾ پرزائيڊنگ آفيسرن سان ٿيل ”زيادتي“ جا پولنگ وار تفصيل ڏنا هئا. نوي واري ڏهاڪي ۾، شايد 1992 کان 1996ع وچ ۾ جڏهن چوٽياري ڊيم جي گهڻ پاسائين سروي سان گڏ بنيادي ڪم شروع ٿيو تہ ان وقت مقامي سطح تي سائين الھہ ورائي بھڻ سانگهڙ جي جن سڄاڻ ماڻھن سان گڏجي ماحولياتي بگاڙ خلاف جهيڙيندڙ تنظيم ’ڌرتي دوست سنگت‘ جو بنياد وڌو، تنھن ۾ اسحاق مڱريو بہ شامل هو، جنھن بعد ۾ ’شرڪت گاھہ‘ جي سھڪار سان چوٽياري ڊيم جي متوقع ماحولياتي اثرن جي جيڪا اسٽڊي ڪرائي، تنھن جو ’ايڪسپرٽ فيلڊ آفيسر‘ اسحاق کي مقرر ڪيو ويو. اسحاق فيلڊ ۾ ڪيترائي ڏينھن رهي تحقيق ڪري ڌرتي دوست سنگت وٽ رپورٽ جمع ڪرائي، جنھن جو اختصار ان وقت جي برسات اخبار جي رنگين ايڊيشن جي ذري گهٽ ٻن صفحن ۾ ڇپيو هو. ان رپورٽ ۾ اسحاق ڊيم ٺھڻ جي صورت ۾ سم ۽ ڪلر جي وڌڻ، ماهيگيرن ۽ مالوندن جي مسئلن، مقامي ماڻھن جي لڏ پلاڻ، ٻيھر آبادڪاري، پتي پوٽا واري زرخيز زمين واري لولي پاپ، جهنگلي جيوت جي بيدخلي ۽ تباهي، وڻن جي واڍي ۽ انھن جي تباهي، جهنگ جي ڪک پن سان سلھاڙيل ڌنڌن وارن ماڻھن جي مسئلن کي رپورٽ ۾ اجاگر ڪري قومي سطح تي کڻي آيو هو. ان بعد چوٽياري ڊيم ماحولياتي حوالي سان فرنٽ لائين تي اچي ويو، ۽ اتان جي هڪ ننڍڙي خبر بہ اخبارن توڙي مختلف ماحولياتي تنظيمن لاءِ اهم بنجي وئي. اسحاق ماڻھن جي مسئلن کي جڏهن ماحولياتي مامرن سان ڳنڍي پيش ڪرڻ لڳو تہ اهي ماڻھن جا سياسي اشو بنجڻ لڳا. ظاهر آهي تہ هن جي اهڙي طريقي سان شين کي ڏسڻ اسان جي لکڻ پڙهڻ واري عمل تي بہ وڏو اثر ڇڏيو. نظرياتي طور، جيتوڻيڪ سائين الھہ ورايو اسان سڀنيءَ جو گرو هو، پر فيلڊ ۾ وڃي شين کي صحافتي اک سان ڏسڻ اسان کي اسحاق سيکاريو. اهو ئي اهو دور هو جڏهن اسحاق جي صحافتي رپوٽن انگريزي اخبارن جي صحافين ۽ ميگزينن جي فيچر رائيٽرس کي پاڻ ڏانھن ڇڪيو. انھن مان اڪثر نيوز لائين، هيرالڊ، ڊان، دي نيوز، فرائڊي ٽائمز، فرنٽيئر پوسٽ جا صحافي اسٽوريون ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ڏورانھن علائقن ۾ گڏجي سفر ڪندا هئا. مونکي ياد آهي تہ هڪ ڀيري اسحاق صاحب مونکي ۽ نواز ڪنڀر کي ڊيلٽا جي ماحولياتي سفر ڪرڻ جي صلاح هنئي. اسان ساڻس گڏجي پياسين. اهو سڄو سفر بعد ۾ مون پنھنجي ڪتاب ’جت سنڌوءَ ۾ سمنڊ وهي ٿو‘ ۾ بيان ڪيو. اتي جنھن نموني سان اسان مقامي سوارين تي چڙهي، يا پيرين پنڌ سفر پئي ڪيو، ماڻھن سان پئي ملياسون، ۽ هوڙن تي پئي اڳوڻين درياهي ۽ هاڻوڪين سامونڊي کارين جو سفر ڪيو، مونکي ايئن ٿي لڳو ڄڻ اسحاق پيدا ئي رُلي ڪھاڻيون گڏ ڪرڻ لاءِ ٿيو هو.
هو سچ پچ تہ وڏو سيلاني هو. هن جي سفر ڪرڻ جا طريقا بہ نرالا هئا، کوجنا جا طريقا بلڪل مختلف. مثال، هن جي رپورٽنگ جي هڪ خاص خاصيت اها هوندي هئي جو هو ان لاءِ هڪ ئي وقت فيلڊ بہ ڪندو هو، ان کي اتان جي لوڪ ڏاهپ جي ڪنھن مقامي ڪردار سان ڪچھري ڪري پرکيندو بہ هو، بعد ۾ جديد علمن جي ڪنھن ماهر- ماحولياتي ماهر، تاريخدان، پروفيسر يا ڪنھن مڃيل گهڻ پڙهيي ليکڪ سان انٽرويو ڪري يا بحث ڪري پوءِ اسٽوري فائل ڪندو هو. شين کي هو بلڪل مختلف پاسن کان جاچيندو ۽ پرکيندو هو. آئون وڏي بحث ۾ نٿو پوان، ۽ نہ ئي وڏا مثال ڏيئي مضمون کي طويل ڪرڻ ٿو چاهيان. پنھنجي تجربي مان ڪجهہ ڳالھيون ٻڌائڻ چاهيان ٿو. جڏهن ڪتاب ’جت سنڌوءَ ۾ سمنڊ وهي ٿو‘ (اسحاق صاحب جي مھربانيءَ سان ئي) ’موهن جو دڙو پبليڪيشن‘ طرفان ڇپجي آيو تہ ان جو مھورت 2003ع ۾ سانگهڙ ۾ ئي رکيوسين. اسحاق صاحب ان مھورت کي ماحولياتي تقريب ۾ تبديل ڪرڻ پئي چاهيو. هن پنھنجن دوستن کي دعوتون ڏنيون، جن ۾ نذير ميمڻ، جاويد قاضي، حسين بخش ٿيٻو، خورشيد قائم خاني، جان خاصخيلي، جريدہ رسالي جو ايڊيٽر مختيار آزاد، ناصر پنھور، سليمان جي ابڙو ۽ ٻيا ڪيترائي صحافي، استاد ۽ اديب ان ۾ شامل ٿيا. موضوع هو ’سنڌ جا ماحولياتي اشوز- خاص ڪري سمنڊ جي دھشتگردي. ‘ ڪيئن سمنڊ سنڌ جي سر سبز، شاداب ۽ زرخيز زمينن کي پائيندو ۽ ڳڙڪائيندي پئي ويو. اسحاق پنھنجي تقرير ۾ اها ڳالھہ ڪري تہ ”هتي دوستن ڳالھايو پئي تہ هي هڪ ماحولياتي ڪتاب آهي، پر آئون چوندس تہ هي ماحولياتي نہ پر سنڌ جي سياست تي لکيل ڪتاب آهي،“ ڪتاب تي ڇڙيل بحث کي يڪسر موڙي ڇڏيو. هن دليلن سان ثابت ڪري ڏيکاريو تہ ماحولياتي اشوز ئي دنيا ۾ وڏا سياسي اشوز آهن، ۽ سنڌ جو سڀ کان وڏو سياسي اشو سنڌو درياھہ ۽ ان جي ڊيلٽا جي بحالي آهي.
اسحاق پاڻيءَ جي اشوز کي تمام وڏي اهميت ڏيندو هو. هو چوندو هو تہ، سنڌ ۾ پاڻيءَ جو اشو اڄ جي صحافت جو سڀ کان وڏو اشو آهي، پر الائي ڇو اسان جو صحافي پاڻيءَ جي کوٽ جي عوامي احتجاج جي ابتڙ ايس پيءَ جي پريس ڪانفرنس کي ترجيح ڏيندو آهي، پر ان احتجاج جي اهميت کي سمجهڻ پسند نہ ڪندو آهي. مونکي ياد آهي تہ انھن ئي ڏينھن ۾ ڪلوئي (ٿر) شھر جي رهواسين پيڻ واري پاڻيءَ جي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو هو. اخبار ۾ ڪا ننڍڙي خبر لڳي هئي، سو اسحاق مونکي چيو: ”هل پاڻ کي اهو ڪَوَر ڪرڻو آهي. “ اسحاق ان اشوءَ پٺيان لڪيل نا انصافيءَ کي سمجهيو ٿي. اتي جڏهن اسان پھتاسين، ۽ ماڻھن سان ملياسين تہ هنن ٻڌايو تہ ارباب (سمورا ارباب ان وقت پيپلز پارٽيءَ ۾ هئا) سمورو پاڻي ٽريڪٽر جي ڦٽن ذريعي لفٽ ڪيو، پنھنجن فصلن ۾ ڇوڙيو ويٺا آهن، ۽ شھر جو واٽر سپلاءِ جو پاڻي ٽن مھينن کان بند پيو آهي، اڳتي پاڻي نٿا ڇڏين. هنن کي ٽي ٽي ڪلوميٽر پنڌ ڪري پاڻيءَ لاءِ ڊڪڻو ڊوڙڻو ٿو پوي، پر اتي بہ ڇُڙيو پاڻي پنجاھہ روپيا گيلن سان کڻڻ ڏنو پئي ويو. اتي جا غير مقامي زميندار ۽ ارباب انھن ڏينھن هڪ ڍُڪ پاڻيءَ جو بہ ڪنھن کي نہ پيا سھن. اسان پوءِ اتان جي هڪ سياسي ورڪر محمد خان لنڊ کي ڳولي وڃي ملياسين تہ هن کي سمجهہ ۾ نہ پيو اچي تہ هو اسان کي ڪٿي لڪائي ويھاري. هو تڏهن اربابن جي سخت عتاب هيٺ هو. پوءِ اسان کي هڪ ڀٽ مٿان قائم ڦٽل اسڪول ۾ ويھاري خبرون چارون بہ ٻڌايائين، ۽ پنھنجن پٺن تي لٺين جا نشان بہ ڏيکاريائين. اسحاق ان تي تمام وڏي ۽ گهڻ پاسائين اسٽوري ڪئي. اسحاق جي صحافت جو هڪ ٻيو پاسو هارين ۽ آبادگارن جي اشوز کي پريس ۾ جوڳي جاءِ ڏيارڻ پڻ هوندو هو. سنڌ ۾ جبري پورهئي، خاص ڪري نجي جيلن کي ظاهر ڪرڻ ۾ اسحاق جي رپورٽنگ جو بہ وڏو هٿ هو، جنھن لاءِ کيس ذاتي طور مقامي سطح تي تمام گهڻو ڀوڳڻو بہ پيو. ٽنڊو الھيار، حيدرآباد، سانگهڙ، ميرپور خاص ۽ ٿر جي زميندارن جا پرائيويٽ ”نو گو ايرياز“ هن جي تحيقيقي صحافت جا موضوع رهيا. ان ۾ ڪو بہ وڌاءُ ناهي تہ هو هڪ بي ڊپو صحافي هو. سانگهڙ ۾ جيڪي وڏا ٻٽا قتل ٿيا، انھن جي رپورٽنگ جي جرئت ڪنھن ۾ بہ ڪانہ هوندي هئي. ميڊيا ۽ اخبارن جا صحافي ايئن خاموش هوندا هئا جيئن مٿن دشمن ملڪ جا فوجي بندوق رکيو ويٺا هجن. پر اسحاق جان جي پرواھہ نہ ڪندي بہ اهي واقعا رپورٽ ڪيا. هڪڙي اهڙي واقعي واري رات اسحاق مونکي سانگهڙ کان ڳوٺ (مکي) ڇڏڻ پئي ويو جو اڳواٽ تاڙ ۾ يا ڪنھن جي ڏس پتي تي ڪلاشن سان ليس همراهن کيس اچي ڳولھي لڌو. منھنجي سامھون کنڀي گاڏيءَ ۾ ويھاريائونس ۽ گاريون ڏيندي چيائونس تہ ”اڳئين ڀيري اسان کان بچي ويو هئين، پر هن ڀيري..... !“ اسحاق چين، ”آئون توهان سان هلان ٿو. پھريان منھنجي هن دوست کي اڳتي ڪري اچون. “ مون کي ياد آهي تہ مياڻ ويندي سموري راھہ مونتي سڪتو طاري هو، ڇو تہ منھنجي ڀر سان ٻٽ ٻڌل ڪليشن وارو ويٺل هو. اسحاق کي اڳيان ويھاريائون. اسحاق ڪار هلائيندڙ همراھہ سان ڳالھائيندي پئي هليو. هو ذرو بہ خوف زده نہ هو. مونکي خبر ناهي تہ اسحاق کي ڪھڙين حالن ۾ ڇڏيائون، پر صبح جو اهو سمورو واقعو اسحاق جي اخبار ۾ جيئن جو تيئن رپورٽ ٿيل هو. اسحاق جي فيلڊ جرنلزم جي ڪيترن ئي ٽرپس ۾ مان شامل رهيس. رامسر سائيٽ ۽ واڳن جي گيم سينڪچري ديھہ اڪرو-2 تي با اثر زميدارن جي قبضي خلاف روپورٽنگ هجي، بڙ جو ڍورو، شيخاڻي گهاڙي ۽ ڪڍڻ ۾ مين ’ايل بي او ڊي‘ ڊرين جي اٿلڻ جا اشوز هجن، کپري جي ڊاڪٽر خلاف ڪن مقامي ڌرين پاران قبرستان ۾ قرآن پاڪ جا ورق ساڙڻ واري الزام جو اشو هجي، سنجهوري لڳ منشيات جي عادي ماڻھن جي بحاليءَ لاءِ قائم سينٽر جو تحقيقي پروفائل ڪرڻو هجي، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻيءَ جي گهٽتائيءَ ڪري حالت زار ۾ ورتل ماڻھن جي مسئلن جي رپورٽنگ هجي، ان بعد انتظاميه سان ملڻو هجي، مون اسحاق جي فيلڊ ۾ صحافت جي ان انداز کي ويجهو کان ڏٺو. هو بي ريا ماڻھو هو، نہ لالچ هئس، نہ لوڀ. يار دوست بہ جي ڪنھن سان بي واجبي ڪندا هيا تہ انھن خلاف بہ جيڪڏهن خبر هوندي هئس تہ اخبار ۾ موڪليندو هو. ڀلي هو ڪاوڙجي وڃن. هو سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، انٿراپالاجي، ماحوليات، سياست، جدوجھد ۽ تبديليءَ ۾ يقين رکندڙ هو. انڪري حيدرآباد لڏي پھريان پنھنجا ٻار پڙهايائين، ۽ ٻين جي حقن لاءِ آواز بلند ڪيائين. ڊائون ٽو ارٿ پروفيشنل، پر ان پروفيشنلزم ۾ سنڌ، سنڌ ۾ صدين کان رهندڙ اصلوڪن ماڻھن، انھن جي تاريخي ۽ انساني حقن، خفتن، وندر ورونھن، جهنگلي جيوت، ان جي پيدائشي افزائشي علائقن ۽ ان جي زندہ رهڻ جي حقن، وڻن، ٻوٽن، آبي جيوت، فطرت جي بچاءَ ۽ ماحولياتي توازن تي سمجهوتو نہ ڪندڙ هو. هو نوجوانن کي همٿائيندو هو، انھن کي موقعو ڏيندو بہ هو تہ ڏياريندو بہ هو. انڪري هو سنڌ جي موجودہ ماحولياتي، تحقيقاتي ۽ عملي صحافت ۾ ڪم ڪندڙ نوجوانن جو هيمنگوي (Papa Hemingway ) هو.

عوامي صحافت جو اھڃان اسحاق مڱريو : بخشل ٿلھو

”اهو ڪافي ناهي تہ صحافي، پاڻ کي ان ٽپالي وانگي ڏسن، جيڪو ڏندڪٿانن جي گهيري ۾ پيل خبر جي ڳجهن مقصدن يا محرڪن کي سمجهڻ کانسواءِ، ان کي هيڏاهن ھوڏانھن ڪن. “ (جان بلجر)
مٿي حوالي هيٺ آيل، سڄي ڄمار سچي صحافت جو علم جهليندڙ ۽ وڪي ليڪس جي چڱي مُڙس ’جولين اَسانج‘ لاءِ جدوجھد ڪندڙ نالي وارو آسٽريليائي صحافي ’جان پلجر‘ جڏھن ڇھہ مھينا اڳ گذاري ويو تہ ان کي ڀيٽا ڏيندي، هڪ ٻئي صحافي ’ياندن ليھيو‘ پنھنجي مضمون جي شروعات والٽر اسڪاٽ جي
ڪُجهہ هنن سٽن سان ڪئي هئي تہ؛

هلسو ويو پھاڙن ڏانھن
هو جهنگ ۾ گم ٿي ويو
تتيءَ ۾ سُڪل ڦوهاري جيان
جڏهن ان جي طلب تھان گهڻي هُئي

نفرت، نفسانفسي، ڪوڙ، مايوسي ۽ انڌوڪار جي بظاهر غالب دور ۾ عوامي سُڄاڻ صحافي ۽ انسانيت جي اعلي قدرن جي اهڃاڻ، ساٿي اسحاق مڱريي جي موڪلاڻي بہ ائين ئي آهي. پر ڇا اِهو ڪافي ناھي تہ هو هڪ بامقصد ۽ مثالي زندگي گذاري، نوجوانن لاءِ عوامي سچي صحافت جو رستو صاف ڪري، پنھنجو ڪم ڪري چڪو. تنھنڪري اسان سڀني لاءِ لازم آهي تہ اسان پنھنجي اندر ۾ افسوس جي جاءِ کي فخر لاءِ خالي ڪريون. اسحاق پاڻ بہ چترا سنگهہ جي ڳايل غزل ’زندگي تجهہ
ڪو جيا هي، ڪوئي افسوس نھين‘ جيان ئي هو. افسوس تہ تازو قتل ڪيل ۽ ’ڀوتار ماءِ فُٽ‘ چوڻ جي علامت بڻيل، بھادر صحافي نصرﷲ گڏاڻيءَ وٽ بہ ڪونہ هو، جڏهن هُن اسٽريچر تي رت ڳاڙيندي بہ فتج جون ٻہ آڱريون ڏيکاريون ٿي.
بنا ڪنھن شڪ جي اسحاق سائين، تحقيقي ۽ عوامي صحافت جو سنڌ ۾ وڏو نانءُ هيو. عام جي خبر ۽ اسحاق چقمق جي ڇيڙن وانگي هڪٻئي ڏانھن ڇڪجي ويندا هئا. هو ننڍي کان ننڍي تفصيل جي تصديق لا بہ پاڻ نڪري پوندو هو. پنگريو ۾ ڀوري پيل جو پروگرام هجي يا ڪنھن ڳوٺ ۾ هاري ڪٺ، ميلا ملاکڙا هجن يا ڪنھن هڪ لائق ماڻھوءَ سان رهاڻ، هو ’ريءَ وسيلي‘ وڌي وڃي پُڄندو هو. هو نہ صرف سنڌ پر عالم جي عام انسانن، پورهيتن ۽ انھن جي ثقافت جي انسائيڪلو پيڊيا هو. قادر جوڻيجي کيس واجب طور اينٿراپولاجسٽ سڏيو. هو ڄڻ تہ هڪ بنگالي فلم ’اگنتُڪ‘ جي مُک ڪردار ’من موهن مِترا‘ جو سڌو سنئون نقل هو، جنھن وٽ پڻ ڊگري ڪانہ هئي، پر هن
بہ نوجوانيءَ ۾ پنھنجو گهر ڇڏي پوري دنيا جي عام لوڪن، اڇوتن کي سمجهندي، لکندي، ساڻن ئي سموري زندگي گهاري ڇڏي. مُنھنجي ڌيءُ سانتا جڏهن ننڍي هئي تہ اسحاق جي گودڙيءَ کي ڏسي چوندي هُي، ”ڇا ان ۾ نانگ آهن؟“ ۽ هو کلي چوندو هو، ”ها بلڪل. “ سچ پچ تہ هو اهو جوڳي هو، جيڪو جهرجهنگ، شھر، ڳوٺ رُلي، نفرت، فرقيواريت، جھالت، مايوسيءَ جا نانگ جهلي، انھن منجهان مڻ ڪڍي، متاثرن جا علاج ڪندو هو.
پوين سالن ۾ ڊاڪٽر ايشور، راشد، سرفراز، نثار ۽ آفتاب جي مھربانيءَ سان اسان جي آفيس توڙي گهر ۾ گهڻيون ڪچھريون ۽ محفلون ٿيون. اسحاق انتھائي بُردبار ۽ خوددار ماڻھو هيو، خمار ۾ بہ سندس خيالُ ۽ منطق ٿيڙ ڪونہ کائيندو هو. حساس روح. هماليه جيڏو حوصلو ۽ سدائين منھن تي مشڪ. پنھنجي نياڻيَ ۽ جوان پُٽ جي وڇوڙي کان پوءِ بہ ’خبر آهي‘ چوندڙ سنڌ جي عملي تصوير بڻيو بيٺو رهيو. هُن زندگيءَ جي هر ڌُن تي رقص ڪرڻ ڄاتو ٿي.
مان سمجهان ٿو سندس صحافتي گڻن جي پاڙ ۾ ٻين محرڪن سان گڏ کاٻي ڌُر (لکمير ڏاهري ۽ حسن عسڪري وغيرہ) جي سياسي تربيت جو وڏو حصو هو. هُن جيئي سنڌ کان شروع ٿي پوءِ هاري ڪميٽي ۽ سوشلسٽ پارٽيءَ جو سفر ڪيو هو. صحافت ۾ آفتاب نظاماڻي ۽ بادل ٿريءَ سان گڏ ڪم ڪيو هو.
سائين الھہ ورائي بيھڻ بقول تہ کيس صحافت ڏانھن لاڙڻ وارو بہ ڪامريڊ حسن عسڪري هو. ساڳئي وقت اها بہ حقيقت آهي تہ هو ٻاهرين آبادڪاري، ماحول ۽ عورت سوال تي سنڌ جي کاٻي ڌُر جي گهڻن تڻن سرگرم ڪارڪنن/اڳواڻن کان بہ، وڌيڪ بالغ النظر هو. هُن اسان جي آفيس ۾ ويھي. عاصم سجاد ۽ ڪامريڊ بابا جان جا انٽرويو ڪيا. سياسي پارٽين ۾ هو پاڻ کي عوامي تحريڪ ۽ عوامي ورڪرز پارٽيءَ جي ويجهو ڏسندو هو. ٻہ سال اڳ عوامي ورڪرز پارٽيءَ جي لاهور واري ڪانگريس ۾ هو پڻ شريڪ ٿيو هو. پر ڪا بہ شيءِ هن کي اسان جي پارٽيءَ جي ڪجهہ رجحانن تي تنقيد کان ڪونہ روڪيندي هُئي. مُنھنجو ڏانهس گهر وڃڻ بہ ٿيندو هيو. جتي
ڪڏهن پنھنجي پارٽي ساٿي بخش مڱريو سان بہ ملاقات ٿي ويندي هئي. ائين سندس گهر ويٺي هڪ ڀيري چيو هيومانس تہ پنھنجون لکڻيون ۽ ڪالم سانڍڻ شروع ڪري ۽ اهي ڇپرائي نہ تہ اهو ڪم بہ اسان کي ڪرڻو پوندو. پر بس سادگي ۽ نماڻائپ بہ ان حد درجي جي جو چيائين تہ ’اهڙو ڪو وڏو ڪم ڪونہ ڪيو اٿم. ‘ جڏهن تہ حقيقت ۾ سندس ليک سنڌ جي ماحول، ثقافت ۽ لوڪ ڏاهپ جا ڀنڊار آهن. جنھن کان مستفيد ٿي. سڀاڻ جي سنڌ ضرور پنھنجي فڪري اڃ لاهي سائي ٿيندي.


(سنڌ ايڪسپريس تان ورتل)

اسحاق مڱريو ۽ سنڌي صحافت جو دور: الھبچايو راھوڪڙو

ھن دور کي صديون بہ نہ گذريون آهن جو ھن دور جي جهلڪ ڏسڻ لاءِ تاريخ جي ڪتابن کي پڙهڻ جي تڪليف ڪجي. ھيءَ تہ ڪالھ جي ڳالھہ آهي، ڪيترن ئي حقيقي صحافين جي ذھنن تان اڃان ھٽي بہ نہ ھوندي، پر آئون سمجهان ٿو انھن مان جيڪي بہ اڄ لکي رھيا آهن، ان دور جي تسلسل ۽ انجي موٽي اچڻ جي اميد تي لکي رھيا آهن. تڏهن صحافت جي گاڏيءَ کي ويوئل جي جدت جي پوئين بتي اڃان نہ لڳي ھئي، جيڪا بريڪ تي ٻرندي آهي ۽ نہ ئي سوشل ميڊيا جي ڇتي گدڙ جو تصور ھو، جيڪو بگهڙن وانگر ڇتو ٿي باھوڙي رھيو آهي، پر ھي سنڌي صحافت جو اھو دور هو جڏهن ھي صوبيدار کي پٽ ڄمڻ وارين خبرن تي لت رکي آبجيڪٽو سوچ ۾ اڀري ھئي. ھن دور ۾ سنڌ ضياء جي ذليل گهڙين ۾ وقت گذاري گذاري ڏاڍو بور ٿي پئي ھئي. سنڌ چاھيو ٿي قلم کولي ۾ آريسر وانگر سگريٽ جو سوٽو ھڻي دونھن کي يا تہ نازيا حسن جي وارن وانگر سڌو ڇڏي يا تہ طالب المولي جي محبوب وانگر ڇلڙا ڇلڙي ڪري ڇڏي. تڏهن اسحاق مڱرئي کان وٺي رشيد راڄڙ تائين، فقير محمد لاشاري کان وٺي ارشاد گلاباڻيءَ تائين ٻين حقيقي قلم ڌڻين تائين سڀني سوچيو ٿي تہ ڪيئن بہ ھجي ڪھڙيون بہ حالتون ھجن، پر سنڌ جي درد جي سگريٽ کي تيلي ڏجي. ۽ پوءِ ھنن تيلي ڏئي لکيو. ھنن قلم کي ڪيمرا بڻائي لکيو، ھنن صحافت ۾ جدت آڻي ھن جي مدي خارج شڪل تبديل ڪري فيچر کي اسٽوريءَ جو نالو ڏئي، اسٽوري کي وري ڪالم ڪھاڻيءَ جي صورت ڏئي لکيو ۽ سنڌ ۾ پوليس اسٽيٽ بڻيل اجاراداري جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا. ھي سنڌي صحافت جو دور هو، جڏهن سنڌي ماڻھو دانھن ڪوڪ لاءِ پريس ڏانھن مائل ٿيا، جيڪي اڳي وڏيرن جي بنگلن تائين محدود ھئا. جڏهن سنڌي صحافت ان سھڻي دور جي درياءَ مان تري نڪتي تہ سنڌ جا ليکڪ بہ صحافت ڏانھن لڙي پيا. اسحاق مڱريو سميت سڀني قلم کي ڀالو بڻائي عطائي طاقتن جي سوئرن جا پيٽ چيريا. ان دور ۾ جڏهن سنڌ جي سٽينگ وزير اعلي ف م لاشاريءَ کي سوال پڇڻ دوران ماءُ تي گار ڏني تہ ھن ٻئي ڏينھن سندس اخبار ۾ ايڊيٽوريل جي عنوان ۾ وزير اعليٰ جو نالو کڻي لکيو تہ ”انھي جي“ ماءُ جو ڊيش ڊيش.
تڏهن ئي ھڪ تقرير دوران سياسي اديب عبدالواحد آريسر چيو هو تہ ”ھن وقت جيترو ننڍي شھر جو صحافي بھادر آهي ايترا بھادر اڳ پرڳڻن جا مھاراجا بہ نہ ھئا. “
سنڌ جي قلم جي جرئت جڏهن بيوروڪريسي ۽ ڀوتارن جي ديرن جون ٿوڻيون لوڏي ڇڏيون تہ ھنن بہ صحافت ۾ سيڙپ ڪرڻ شروع ڪئي. جنھن ڪري اڄ جيڪي عطائي ڊاڪٽر ۽ ڀوتارن جي واٺن جي کيپ سنڌي صحافت ۾ شامل ٿي وئي آهي، انھن ٻگهہ بڻجي صحافت جي ڪينجهر کي نہ رڳو ڪِنو ڪيو آهي، پر ھنن کي تہ خبر جي خبر ناهي. ھي پرائي لکيل خبر تي نالو لکي چينلن ڏانھن واٽسپ ڪن ٿا ۽ وزيرن جي پريس ڪانفرنس ۾ ڪاٽن پائي چمچاگيريءَ جو ڪردار ادا ڪن ٿا. ھنن کي ڪھڙي خبر تہ ماحول ڇا آهي، مانڊاڻ ڇا آهي، وڻ ڇا آهن ولھار ڇا آهي، حر ڇا ھئا، سانگهڙ ڇا آھي، ان سانگهڙ جي نيري گگن تي وھائو تاري جھڙي مکي ڍنڍ ڇا آھي؟ ھنن کي اسٽوريءَ جي مائنر ۽ ميجر اشوز جي خبر ناهي. ھنن کي ڪھڙي خبر تہ نثار کوکر جي ڪالم ڪھاڻي ’سياست جي ڊسٽ بن ڇوڪري‘ جو پسمنظر ڇا آهي؟
اسحاق مڱريا تون رڳو نہ ويو آھين، پر سنڌ کان ھڪڙو ھڪڙو ٿي ھاڻي بي داغ صحافت جو دور موڪلائي رھيو آهي.


(سوشل ميڊيا تان کنيل)

گودڙيءَ ۾ گوھر رکندڙ اسحاق مڱريو: فاروق سومرو

ڪنھن فلمي ڪھاڻيءَ وانگر ذھن فليش بيڪ ۾ ھليو ويو آھي ۽ انھن لفافن مان ئي ھڪ لفافي مان ھن وانگر ئي ھڪڙي منفرد ۽ يگاني خبر نڪري ٿي. عام رواجي احتجاج، گند جا ڍير، پاڻيءَ جي کوٽ، انتظاميا خلاف شڪايت يا ڪنھن ذاتي مسئلي جي پريس ڪانفرنس بدران وڻن جي واڍيءَ تي ڪا اسٽوري ھئي، جنھن ۾ ھن انھن جو درد پنھنجي لفظن ۾ بيان ڪري قتل عام جي شڪل ڏئي ڇڏي ھئي. نوي جي ڏهاڪي ۾ سيکڙاٽ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪندي انھي اسٽوريءَ ڏانھن منھنجو رويو ڪنھن رواجي خبر وانگر ھوندو، پر جڏھن صحافت ۽ سماج ۾ سمجه ڀريو ٿيس تہ اسحاق سائين (مان کيس سدائين اسحاق سائين يا صاحب ٿي مخاطب ٿيندو ھئس) جو اھو تعارف مونکي سدائين ياد ڪرائيندو رھيو تہ ھي ڪو عام رواجي صحافي يا قلم جو پورھيو ڪندڙ ناھي، پر پنھنجي مٽي، ضمير ۽ فطرت سان جڙيل اھڙو قلمڪار آھي، جيڪو نہ رڳو لفظن جي حرمت ۽ اھميت کي سمجهي ٿو، پر گڏوگڏ پنھنجي قلم کي ان لاءِ استعمال بہ ڪري ٿو ۽ بي زبانن جي زبان بڻجي ٿو.
پندرنھن سال کن صحافت ڪندي اسحاق صاحب سان ڪڏھن بہ سڌيءَ ريت ڪم ڪرڻ جو موقعو نہ مليو، پر شناسائي ضرور رھي. جڏھن سنڌ ايڪسپريس جي ايڊيٽرشپ جي ذميواري ملي تہ اسحاق صاحب انھن ھڪ ٻن ماڻھن منجهان ھو، جن کي گڏ کڻي ٽيم ٺاھڻ جو سوچي چڪو ھئس. پوءِ ايئن ئي ٿيو تہ اسحاق سان گڏجي سڄي سنڌ ۾ انھي نئين اخبار جو نيٽورڪ ٺاھڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ اخبار جي جيڪا بہ ڪھاڻي آھي، انھي کان سڄي سنڌ نہ تہ بہ سنڌ ايڪسپريس جا ان وقت جا پڙھندڙ ۽ صحافت ۾ دلچسپي رکندڙ ضرور واقف ھوندا ۽ ان ۾ اسحاق صاحب جو وڏو ھٿ ھو. ايڊيٽر جي حيثيت ۾ جڏھن بہ اسحاق صاحب کي ڪا اسائنمينٽ ڏيندو ھئس، پوءِ بي فڪر ٿي ويھي رھندو ھئس. ياد ڪرائڻ جي بہ ضرورت نہ هوندي ھئي. اسحاق صاحب پنھنجي صحافتي گودڙيءَ مان اھڙا گوھر ڪڍي زماني آڏو رکيا، جن جي پرک زماني کي نہ ھئي. پوءِ اھو سماجي اڳواڻ جمعو خان ٻٻر ھجي يا ڪاري کھي جا ملاح يا آرٽسٽ مانگي لال. سنڌ جو اھڙو ڪھڙو ھنڌ آھي، جنھن جو پنڌ ھن جي پيرن نہ ڪيو ھجي. اڄ بہ واھيءَ جا دوست شاھد آھن تہ اسحاق انھن ڪجهہ ماڻھن ۾ شامل ھو، جن واھيءَ کان گورک تائين پنڌ سفر ڪري انھي ھنڌ کي رپورٽ ڪيو ھو. ھن ھر پنڌ مان ھر ھنڌ جون اھڙيون ڪھاڻيون ڳولي آنديون، جيڪي روزاني ھر ماڻھوءَ جي اکين آڏو ھوندي بہ اوجهل ھونديون ھيون. جڏھن ھن جي قلم اُھي ڪھاڻيون ٻڌائڻ شروع ڪيون تہ انھن ماڻھن کان بہ ڇرڪ نڪري ويندا ھئا، جيڪي انھي ڪھاڻيءَ جي چؤطرف ھوندا ھئا تہ ’مار؛ اسان تہ انھي اک سان نہ ڪڏھن ڏٺو ۽ نہ ذھن اھو سمجهيو، جيڪو اسحاق جي قلم ڏيکاريو ۽ سمجهايو. ‘ ھو نج نبار ۽ فطرت سان عشق رکندڙ صحافي ھو، تنھن ڪري ھن جي صحافت جا موضوع بہ دريا، ٻيلا، زراعت، جهنگلي جيوت ۽ مٽي ھاڻا ماڻھو ھوندا ھئا. ايئن بہ ناھي تہ ڪو سياست يا سماجيات تي ھن ڪم نہ ڪيو، پر ھن کي جيڪو مزو ۽ چس انھن شين کي رپورٽ ڪرڻ ۾ ايندو ھو، جيڪي فطرت جي ويجهو ۽ روايتي صحافت کان پري ھونديون ھيون.
ايڊيٽر جي حيثيت ۾ اسحاق صاحب کي جڏھن ڪم ڪندي ڏسندو ھئس تہ مونکي ايئن لڳندو ھو، ڄڻ ڪو الھڙ عاشق پھريون دفعو محبوبا سان ملاقات لاءِ پنڌ پيو ھجي. بي ڊپو بہ اھڙو جو جڏھن سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن کي کنڀڻ جي سلسلي ۾ تيزي آئي تہ اخبار طرفان ھڪڙي تفصيلي اسٽوريءَ جو سوچيوسين ۽ اسحاق صاحب اھو ڪم پنھنجي ھٿ کنيو. ’کنڀيل ڪارڪنن جو تعداد، ڪڏھن کان گم آھن، انھن جي خاندان جي ڪيفيت ۽ حالت، ڪھڙي نظريي سان لاڳاپيل آھن. ‘ اسٽوريءَ تي ڪم ڪندي شايد وڌيڪ ماڻھن جي خبر هئي، جيڪي گم ٿيل ھئا ۽ انھن جو ذڪر نہ ٿيڻ برابر ھو. مونکي چڱيءَ طرح تہ ياد ناھي، پر تقريبن پنجاھ کن سياسي ڪارڪن ھئا، جن کي کنڀيو ويو ھو. انھي کانپوءِ ڪجهہ دوستن گڏجي حيدرآباد ۾ تاريخي ريلي ڪڍي ھئي، جنھن جي اڳواڻي جامي چانڊيو، مھيش ڪمار، امداد چانڊيو ۽ ٻين دوستن ڪئي ۽ تقريبن سڀني سياسي سماجي ڌرين شرڪت ڪئي ھئي.
اسحاق سائين سان ٻہ ڏهاڪا ايئن گذريا جيئن گهرڀاتي ھروقت گڏ ھجن. ھن سان تعلق رڳو صحافتي نہ ھو. گهر آمھون سامھون ھجڻ ڪري بہ ڏينھن رات گڏ رھياسين. خاندان توڙي سماجي خوشين کي ٻنھي خاندانن گڏجي انجواءِ بہ ڪيو تہ ڏکن ۾ ھڪٻئي کي آٿت ڏيڻ لاءِ ٻانھون کليل ھونديون ھيون.
جڏھن ڪجهہ سال اڳ اسحاق صاحب جو نوجوان پٽ گذاري ويو تہ انھي جي جنازي نماز ۾ وڃڻ وقت سوچڻ لڳس تہ ھڪ پيءُ کي نوجوان پٽ جي وفات تي ڪيئن ۽ ڇا تہ دلاسو ڏجي!انسان زماني جو ھر بار مسڪرائي پنھنجي ڪلھي تي کڻي سگهي ٿو، پر نوجوان پٽ جي مڙھ جو بار دنيا جي ھر بار کان ڳرو آھي ۽ انھي بار بہ شايد ھن کي جهوري وڌو ھو، پر دنيا کي لکا نہ ڏنائين ۽ اندر ئي اندر ڳرندو رھيو، جنھن جي خبر دنيا کي سندس موڪلاڻيءَ سان پئي. اسحاق صاحب پٽ جون تعزيتون وصول ڪري رھيو ھو. مونکي ڳالھائڻ ۽ آٿت ڏيڻ جي ھمت نہ پئي ٿي. ڪجهہ دوست آيا، دعا گهريائون ۽ اسحاق صاحب ان وقت ھڪ جملو چيو، جيڪو اسحاق صاحب جي ھن دنيا مان موڪلاڻيءَ بعد منھنجي ڪنن ۽ ذھن ۾ ٻري رھيو آھي. اسحاق صاحب چيو ھو تہ ’اولاد اکين جو ڍئو ھوندو آھي. ‘

(پنھنجي اخبار ۾ شايع ٿيل)

الوداع اسحاق مڱريو... ڪنھن پَر روئان پِرينءَ کي، روئي نہ ڄاڻان: مشتاق راڄپر

عيد جي ڏينھن سنڌي صحافت جي ماڻڪ موتي اسحاق مڱرئي جي وفات جي خبر ڏاڍي ڏکوئيندڙ ھئي. ھو ڪجهہ وقت کان بيمار ھو، پر مون سميت ڪافي دوستن کي اها خبر نہ ھئي. ان ڪري اسان ذھني طور ان حادثي لاءِ تيار نہ ھئاسين. ڪيتريون ئي موتمار بيماريون ڌرتيءَ کان پنھنجو صالح فرزند وقت کان اڳي کسيو وڃن.
اسحاق مڱريو صرف پيشي جي حساب سان صحافي ۽ ليکڪ نہ ھو، بلڪہ اھي ٻئي ڪم سندس زندگي ھئا، سندس سڃاڻپ ھئا. گڏوگڏ، جيئن ڪيترن ئي دوستن ھن لاءِ لکيو آهي تہ ھو ’سنڌي لوڪ ڏاھپ جو امين ۽ آواز ھو. ‘ ھو تمام سٺو ۽ صاف ڳالھائيندو ھو، ھو ھڪ ڄاڻو مقرر بہ ھو. منھنجو ساڻس ڏھاڪن جو تعلق رھيو، ھميشہ پنھنجائپ، احترام، صلاح مشوري، رھنمائي، ۽ دوستيءَ جو رشتو رھيو. مون سنڌ جي جن کاھوڙي صحافين جو دل سان احترام ڪيو، اسحاق مڱريو انھن منجهان ھو، ڇو تہ وٽس ڪردار ھو، ھن صحافت کي زندگيءَ جي قدرن جيان سمجهيو، ھن ان کي ڌنڌي ۽ ڪاروبار ۾ تبديل نہ ڪيو. ڇو تہ اسان جي سامھون ڪيترائي صحافي صحافت جي آڙ ۾ ڌنڌوڙي ٿي پيا، اخلاقيات ۽ صحافتي اصولن توڙي ايمانداريءَ کي پاسي تي رکي وڃي ٺيڪيدارين ۽ ڪاروبارن ۾ حصيدار بڻيا، جن لاءِ ’ڳاڙھي ٻوڙ ۽ ڀائرن جھڙو پوليس آفيسر توڙي وڏيرو‘ جھڙا دوستيءَ وارا جملا حوالا بڻجي استعمال ٿيا. اسحاق جھڙو لکندو ھو، اھڙو ئي مدلل انداز سان ڳالھائيندو ھو.
گذريل سال جڏھن مان سانا جو جنرل سيڪريٽري چونڊيس تہ فاروق سومري ۽ مھيش ڪمار کي چيم تہ، ”جي ھاڻي بہ سانا جي تقريبن ۾ اسحاق جھڙا ماڻھو نہ آيا تہ پوءِ ڪڏھن ايندا. “ ٻين لفظن ۾ چوڻ جو مطلب ھو تہ اسحاق جھڙا صحافي جيڪي نہ سفارشي آھن، نہ ئي پي آر ذريعي اڳتي وڌڻ جا جتن ڪن ٿا، اھڙن ماڻھن جي ڪمن جو ادراڪ جن کي ھوندو، سي ئي سندن قدر ڪندا، سندن پرک ڪندا. ان ئي خيال سان گذريل سال شڪاگو جي سانا ڪنوينشن ۾ کيس اسپيڪر طور دعوت ڏنيسون تہ ھو ’فلڊ ڊائريز‘ جي موضوع تي لکين ٻار، عورتون، ڄڻ تہ اڌ سنڌ روڊن تي ھئي، ڪئمپن ۾ ھئي، سا ڪھاڻي اچي پنھنجي زباني ٻڌائي، پر بدقسمتيءَ سان سندس ويزا دير سان اچڻ ڪري ھو شريڪ نہ ٿي سگهيو. اھا حسرت رھجي وئي تہ اسحاق، جنھن کي اسان سڀ پيار مان ’چاچو‘ چوندا ھئاسين، آمريڪا ياترا نہ ڪرائي سگهياسين.
منھنجي لاءِ ذاتي حوالي سان صحافتي ميدان ۾ پير پائڻ ۾ سندس بنيادي ھٿ ھو. 1990 جي ڏھاڪي ۾ جڏھن برسات اخبار شروع ٿي ھئي تہ چاچو اسحاق سانگهڙ پريس ڪلب ۾ نمائندن جي مقرري لاءِ انٽرويو ڪرڻ لاءِ آيل ھو، مون انٽرويو سان گڏ کيس ڪن ۾ سفارش ۽ ڌمڪي بہ ڏني تہ، ”استاد لکمير ڏاھريءَ موڪليو آهي. مونکي چيو اٿس تہ جي مشتاق کي نمائندو مقرر نہ ڪيئي تہ سانگهڙ اچي نہ سگهندين. “ استاد لکمير ڏاھري شاھپور چاڪر جي سرخن ڪامريڊن جو ڏاھو سرواڻ ھو، نوجوانن جي تربيت توڙي مالڪي ڪرڻ ھن لاءِ ايئن جيئن ڪو ماڻھو فصل جي حفاظت ڪري. سجاڳ ٻار تحريڪ جا سڀ ٻارڙا سائين لکمير لاءِ ڄڻ ڪنھن باغ جا گل ھئا، جن جي سنڀال سندس ڪم ھو. مان سوچيان ٿو تہ جي اسحاق مڱريو منھجي شوق جو قدر ڪندي ھڪ ننڍي شھر ۾ مونکي برسات جو نمائدو مقرر نہ ڪري ھا تہ شايد اڳتي ھلي سنڌي اخبارن سان ايئن جند نہ جڙي ھا. مان برسات اخبار جو نمائندو مقرر ٿيس شاھپور چاڪر ۾، چاچي جي ٿورن سان. گهڻن سالن بعد ڪراچيءَ ۾ برسات ۾ نوڪري دوران يوسف شاھين کي اھو قصو ٻڌايو ھيم، پر ظاھر آهي شاھين صاحب کي تہ ياد نہ ھوندو تہ وٽس ڪير ڪم ڪندو ھو.
گذريل سال سانا طرفان پھريون ڀيرو سورھيہ بادشاھ جي ياد ۾ سيشن ڪيوسين پئي تہ کوڙ نالا ذھن ۾ ھئا تہ مقررن ۾ ڪنھن کي سڏيون، جيڪي موضوع سان انصاف ڪري سگهن. انگلينڊ مان پروفيسر ڊاڪٽر سارہ انصاري، تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ علي هئا، اتي چاچي اسحاق جو خيال آيو، ڇو تہ سندس خاندان ان حر تحريڪ جو حصو ھو. پاڻ خوشيءَ سان ھا ڪيائين. سندس گفتگو حقيقي واقعن تي ٻڌل ھئي. ڳالھيون، واقعا، حوالا سڀ تاريخ جا اصلوڪا حوالا ھئا. مونکي خبر ھئي تہ اسحاق جڏھن پنھجي ھڪ اخباري ڪالم لاءِ تحقيق ۽ سڀ پاسا جاچي پوءِ لکندو ھو تہ ھن وڏي موضوع تي اسان کي مايوس نہ ڪندو. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪچھرين سان گڏ ساڻس ٿر، مٺي، ننگر جو گڏ سفر ڪرڻ جو موقعو پڻ مليو، جنھن ۾ ھڪ ٻيو مرحوم صحافي دوست جعفر ميمڻ پڻ گڏ ھو. ان سفر ۾ ڪارونجهر جبل جي چوٽيءَ تي ڪولھين جي ٻارن سان ڪچھريون بہ ڪيون سين.
چاچي اسحاق سان دل ۽ دماغ جو رشتو ھو. ھو ماڻھن کي پنھنجي ڪردار، ڪم، انداز بيان ۽ سنڌي ٻوليءَ جي لھجي سان پنھجو ڪندو ھو. ايڏيون مفصل، بامقصد ڪچھريون. سندس اوچتو لاڏاڻو اسان سڀني لاءِ ھڪ ڀيرو وري اھو پيغام ڇڏي ويو آهي تہ زندگيءَ جو سفر ختم ٿيڻو آھي، اھو جيڪو وقت آھي اسان پوئتي ڪھڙو ڪم، ڪردار ۽ ‘ميراث’ ڇڏي ٿا وڃون. توڻي جو ’ميراث‘ ڇڏي وڃڻ ھر ماڻھوءَ جي وس جي ڳالھ ناھي، پر اسان جو سنڌي سماج جنھن ڪردار جي اڻھوند جي بحران مان گذري رھيو آھي، اتي اسحاق جي صحافت ۽ زندگي اتساھہ ۽ حوصلي جو باعث ھئي.
اسان جيسين جيئرا آھيون، اسحاق مڱريو اسان جي زندگيءَ جو حصو رھندو، ڇاڪاڻ تہ ھو اسان جي شعور، ياداشت ۽ زندگيءَ جو حصو ھو. ھو اسان جي ذھنن تي ھڪڙا اڻ مٽجندڙ ٽھڪن جا پڙاڏا ڇڏي ويو آھي، جيڪي گونجندا رھندا ۽ سندس صحافتي ڪم، بقول امداد سومري (لاھور واري جي) تہ ھو صرف خبرون نہ ڳولي لھندو ھو، بلڪہ انھن مان ڪھاڻيون ڳولي کڻي ايندو ھو، سي ڪھاڻيون ۽ قصا سندس لکيل ڪالمن ذريعي موجود رھندا. سندس وفات سان ھڪ سڦل زندگي پڄاڻيءَ تي پھتي. الوداع چاچا اسحاق مڱريو. mush. rajpar@gmail. com
(پنھنجي اخبار۾ شايع ٿيل)

اسحاق مڱريو چيخوف جي ڪھاڻين جي ڪردار جھڙو ھو: ميرحسن مري

سانگهڙ شھر جي گهٽين ۾ ھر طرف پريشاني ۽ بي اعتباريءَ وارو ماحول ھو. جنوني ماڻھن جا ٽولا ڪنڊ پاسن ۾ بيھي ڪانا ڦوسي ڪري ڪنھن وڏي انتشار کي جنم ڏيڻ لاءِ پر عزم ھئا، ڪي وري چوڪن چوراھن بيھي انتشار ڦھلائي رھيا ھئا.
شھر جي ھندو آبادي اضطرابي ڪيفيتن مان گذري رھي ھئي. ڪير گهرن مان نڪرڻ لاءِ تيار نہ ھو. جيتوڻيڪ پير صاحب پاڳاري شاھ مردان شاھ جو مريدن کي حڪم ھو تہ ’ھندن جي آباديءَ مان ڪنھن کي نقصان نہ پھچي. ‘ انھن جي گهرن عبادتگاهن جي حفاظت لاءِ اڇا پٽڪا پھريل فقير موجود ھئا. پر پوءِ بہ شھر جي اڌ آبادي ايوڌيا ۾ بابري مسجد جي واقعي کي کڻي پنھجي اندر جي انتشاري کي ماٺو ڪرڻ لاءِ ھڪ فساد جي لاءِ ڪنھن ھجوم کي مڇرائڻ جي ڪوششون ۾ هئي. اھڙي ماحول ۾ سانگهڙ شھر جي ھڪ چوڪ تي ھڪڙو انتشاري وڏي آواز سان ھڪ وڏي ھجوم کي اشتعال ڏياري رھيو ھو تہ، ھڪ نوجوان تڪڙو تڪڙو ڪنھن گهٽيءَ مان نمودار ٿيو ۽ ان ھمراھ کي اچي ٻانھن مان جهليائين، کيس وڏي داٻي سان چيائين تہ ”تنھنجو نالو ڇا آھي، ڪھڙي پاڙي جو آھين!؟“ ھو ھمراھ جيڪو سانگهڙ شھر جو ھو ئي نہ، مخصوص ايجنڊا تي آيل ھو. سو نوجوان جي سوالن جي دٻ سھي نہ سگهيو تہ ٻانھن ڇڏائي ڀڄي ويو. ان نوجوان ھڪلون ڪيس تہ ”پڪڙيوس پڪڙيوس انتشار ٿو پکيڙي. “ اھڙي مشتعل ھجوم جي وچ ۾ بيھي ھمت ڪرڻ وارو نوجوان ٻيو ڪو نہ، پر اسحاق مڱريو ھو. اسحاق مڱريي جنھن کي سانگهڙ جا ماڻھو اڄ بہ انھن لفظن سان ياد ڪن ٿا تہ سانگهڙ شھر ۾ ٻہ ماڻھو ھئا جن جو مؤقف چٽو ۽ واضح ھوندو ھو، ڪنھن بہ معاملي تي رک رکاءُ ڄڻ ھنن سکيو ئي نہ ھو.
اسحاق مڱريي جنھن کي آئون چيخوف جي ڪھاڻين جو ڪردار ڪري لکندو آيو آھيان. ان جو سبب تہ ھڪ اھڙي سماج ۾ جتي گهٽ ٻوسٽ ھجي، آزاديءَ سان ساھ کڻڻ بہ مشڪل ٿئي، اھڙي ماحول ۾ اھڙي ماڻھو جو جنم فقط قصن ڪھاڻين يا ناولن ۾ ٿي سگهي ٿو.
اسحاق مڱريي جي صحافتي سفر جي شاھدي تہ سڄي سنڌ ڏئي ٿي، اُتي سندس پنھنجي شھر جا ماڻھو بہ سندس بي ڊپائي ۽ بھادريءَ جي ساک ڏين ٿا.
اسحاق صاحب بنيادي طور ھڪ سياسي ڪارڪن ھو. هُن سياسي سفر جي شروعات جيئي سنڌ جي شاگرد ونگ جساف مان ڪئي. پاڻ سانگهڙ جي تعليمي ادارن جي جساف جو آرگنائيزر ھو. بعد ۾ ڪامريڊ حسن عسڪري، ڪامريڊ ڪرشن، ڪامريڊ ناصر منصور جي سٿ ۾ شامل ٿي نوجوانن جي تنظيم نيشنل يوٿ ليگ ۾ سرگرم ٿيو. نيشنل يوٿ ليگ جي پليٽ فارم تان سانگهڙ شھر ۾ وڏا وڏا پروگرام ڪرايائين. انيس ھاشميءَ جھڙين قدآور شخصيتن بہ انھن نيشنل يوٿ ليگ جي پروگرامن ۾ سانگهڙ ۾ آندائين.
ضيا جي آمريت ۾ جتي ھر شھر ۾ نشي آور شين خاص طور ھِيرون جو زھر ۽ ھٿيارن جي موجودگي عام ھئي. جيئن موجودہ دور ۾ بدامني، اغوا جي انڊسٽريءَ جا پيرا جيڏانھن وڃن ٿا تيئن ان وقت ان ڪاروبار کي بہ اھڙن ئي جي سرپرستي ھئي. اھڙي ماحول ۾ اسحاق انتھائي بي ڊپائيءَ سان سانگهڙ ۾ نوجوانن جي ڪانفرس ڪوٺائي انھن خلاف پمفليٽ وال چاڪنگ پوسٽر سڄي شھر ۾ ھڻايا ھئا.
پاڪستان جي کاٻي ڌر جي ناليوارين شخصيتن سي آر اسلم، عابد حسين منٽو جي قيادت ۾ پاڪستان سوشلسٽ پارٽي جي گڏجاڻيءَ ۾ فيصلو ٿيو تہ سنڌ اندر ھارين ۾ ڪم ڪرڻو آھي تہ اسحاق مڱريو ئي واحد ڪُل وقتي ڪارڪن طور سامھون آيو، جنھن جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ ھاري تنظيم جو قيام ٿيو. هو ان سنڌ ھاري تنظيم جي پليٽ فارم تان سانگهڙ ۾ يادگار ھاري ڪانفرنسون منعقد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جن ۾ اُڀپور جي يادگار ھاري ڪانفرس اڃان تائين ماڻھن کي ياد آھي. 1986 ۾ جهنگ ۾ چوڌري فتح محمد جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان سطح جي ھاري ڪانفرس ۾ اسحاق مڱريي جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ ھاري تنظيم جو وفد شريڪ ٿيو. سندس سياسي ڪم جي ڪٿ ڪبي تہ سندس صحافتي ڪم جيترو ئي وڏو سياسي ڪم ٿيل آھي.
ڪامريڊ شمڀو ٻڌائي ٿو تہ اسحاق مڱريو ان وقت رات جي وقت اسان کي علائقا ورھائي ڏيندو ھو تہ ڦلاڻي ساٿيءَ کي ڦلاڻي علائقي ۾، ھن ساٿي کي پوسٽر ۽ وال چاڪنگ ڪرڻي آھي، ايئن رات پيٽ ۾ اسان سڄي شھر ۾ وال چاڪنگ ڪري پوسٽر لڳائي ويندا ھئاسين. آرٽ موويز جي ڪردارن جھڙو اسحاق مڱريو سياري جي سرد راتين ۾ پاڻ سائيڪل تي چڙھي ان وقت خطرناڪ قسم جي سياسي نعرن جي وال چاڪنگ پاڻ ڪندو ھو.
اسحاق مڱريو سانگهڙ کان ئي صحافت شروع ڪري صحافت کي رک رکاءَ، صحافت کي آفيسرن جي بنگلن، وڏيرن جي اوطاقن مان آزاد ڪرايو. ان جو ئي نتيجو نڪتو جو کيس تہ ڪئي ڀيرا تڪليفون ڏنيون ويون، جنھنجي هن کي پرواھ نہ ھئي. پر سندس ڀائرن عزيزن جي گهران چوريون شروع ٿيون تہ پوءِ پاڻ حيدرآباد لڏي ويو.

(ڪاوش دنيا ۾ 23 جون 2024ع تي شايع ٿيل)

سائين اسحاق جي رھجي ويل ڪچھري!: اشفاق لغاري

”سائين، سُمي چئي ٿي ’سائينءَ کي منھنجي نظر لڳي آھي، مولا جي روزي تان سائين ڪلال پاران آندل ڌاڳو ٻڌندس سائين ٺيڪ ٿي ويندو.‘“ سائين کليو ۽ چيائين ”ڀيڻون اھڙيون ٿينديون آھن. اديءَ جي دل ٿي چوي تہ ڀلي.“ اسرا اسپتال حيدرآباد ۾ سائينءَ جي ٻانھن ۾ ھڪ ڌاڳي جو اضافو ٿي ويو. سائين اسحاق عقيدن جي معاملن ۾ ڪيئن ھو، ڪھڙي رنگ کي پنھنجو رنگ مڃيندو ھو، ڪائي خبر ناھي، پر سائينءَ جي ٻانھن جي ڪرائي ۾ سائي، ڳاڙھي ۽ ڪاري رنگ جا ڌاڳا ھئا، جيڪي ھن کي پيار ۽ سِڪ ۾ سُمي کانسواءِ بہ ڪنھن ٻڌا ھئا. آخري گهڙين ۾ سائينءَ جي ڳچيءَ ۾ ڪارو ڌاڳو ٻڌل ھو، جيڪو شايد سائينءَ جي ڳوٺ گل حسن سريوال سانگهڙ مان ڪنھن گهرڀاتيءَ پڙھائي موڪليو ھو. سائين ٻئي جي دل رکڻ وارو ھو. ٻئي جي دل رکندي سائين پنھنجي پسند ۽ ناپسند کي ھڪڙي لمحي لاءِ پاسي تي رکي ويندو ھو. اھا ھن جي ذات جي وڏائي ۽ اھم سڃاڻپ ھئي. مُرڪ تہ سائينءَ جي سگنيچر ھئي.
دل رکڻ جي معاملي ۾ سائين ٻارن سان ٻار ٿي ويندو ھو. ھڪڙي ڏينھن سائينءَ جي پوٽين حورين ۽ ماھنور مان ڪنھن ڊرائنگ ٺاھي ضد ڪيو تہ اھا کپائڻي آھي. سائين بنا ڪنھن جهجهڪ جي سندس پاڙي ۾ رھندڙ ھڪ ٻن ڄاڻ سڃاڻ وارن جي گهر جا دروازا ٺڙڪايا ۽ ٻارڙي جي تيار ڪيل فن جي قدردان جي تلاش ڪئي.
سانگهڙ ۾ سسٽر نسرين مسيح خاتون سان ھيڻن ماڻھن کي حق ڏيارڻ لاءِ ڪم ڪندي سائين عورت دوست بڻيو.
سائين کي عام ماڻھن مان بيزاري تمام گهٽ ٿيندي ھئي. انھن جا مسئلا، ڪچھريون ۽ قصا ٻڌڻ جي سگه تمام گهڻي ھئس. ڳالھير ڪير ڪيڏو بہ وڏو ھجي، پر اسحاق مڱريي جو صحافتي جن بوتل ۾ لاھڻ لاءِ سِڪندو ئي رھيو ھوندو. سائينءَ کي ڳالھيون ڇاڻيءَ مان گذارڻ لاءِ پنھنجي پروڻ ھئي، جنھن کي اڄوڪي ٻوليءَ ۾ تنقيدي شعور ٿا چون. ڏوھاري ۽ ڪرپٽ سرگرمين ۾ ملوث سياست جا اھڙا ڪئين بدنامِ زمانہ ڪردار جن سان ڪير ويھڻ پسند نہ ڪندو ھو، سائين انھن کي بہ ملاقات جو وقت ڏيندو ھو. سائين تعلقاتن جي خشڪيءَ کي صحافت جو موت سمجهندو ھو. انھن کي زندھ رکڻ لاءِ رابطي ۽ ميل ملاقات جو پاڻي ڏيندو ايندو ھو. سياستدانن ۽ مافيائن وٽ سدائين ايجنڊائون ھونديون آھن، سائين انھن جي ايجنڊا کان باخبر ضرور ٿيندو ھو، پر انھن جي ايجنڊا تي ڪجهہ لکي اھو ممڪن ئي ڪونہ هو. ايوان صدر ۾ ڪچھري زرادري سان ھجي، رھاڻ ڄام سان ھجي يا پليجي جي محفل ھجي، سائين انھن کي ٻڌي ايندو، پر کيس ڪير ايجنڊا کڻائي اھا اڻ ٿيڻي ھئي.
ايم ايڇ پنھور، رسول بخش پليجي، عطا محمد ڀنڀري، خورشيد قائخاني، فيض محمد شيدي، محمد علي شاھ، عبدالواحد آريسر، انيس ھاشمي ۽ محمد فقير کٽياڻ جي ميلي تي ايندڙ اڪيلي عورت فقيرياڻي سان سائينءَ جون ھر ملاقات دوران اڌ ۾ رھجي ويل ڪچھريون جاري رھيون. سائين کي ٻڌڻ، سکڻ ۽ نئين سر سکڻ جو ڄڻ تہ جنون ھو. بٽئي، ھارپي جو نظام ۽ ٽيننسي ايڪٽ سائين جا پسنديدہ موضوع ھئا.
سوئر کان وٺي پکين ۽ پکين کان وٺي مڇي جي شڪارين جون وڏيون خبرون ھئس. چئي ”امين فھيم انڊس ھوٽل ۾ ھڪڙي ڪتاب جي مھورت ۾ آيل ھو، تقرير ۾ چيائين ’مون سياست ۾ صبر شڪار مان سکيو آھي.‘“ سوئر جي شڪار تي سنڌ ٽي وي نيوز لاءِ ڊاڪيومينٽري ڪيائين، ڪيترن ئي مشھور شڪارين جا انٽرويوز شامل ھئا، انھن ۾ پير آف راڻيپور سائين عبدالقادر شاھ جيلاني جو انٽرويو پڻ شامل ھو. پير جو انٽرويو ۽ ڊاڪيومينٽري نشر ٿيڻ وقت تي سائين کلندي ٻڌائيندو ھو ”ٽي وي وارن اھا ڊاڪيومينٽري رمضان شريف ۾ نشر ڪري پيرن جي مريدن کان فون تي مونکي ڏاڍيون گاريون کارايون. ائين حلال محنت حرام ٿي وئي.“
چئي ھڪ ڀيري ٿر وياسين، کيکڙي ۾ ويھڻ لاءِ بيٺا ھئاسين، ويھڻ لاءِ جڳھ نظر نہ پئي اچي، مڪمل ڀريل ھو. کيکڙي وارو چئي ”ويھو.“ چيوسين ”جاءِ ڪانھي، ڪٿي ويھون.“ کيکڙي واري چيو ”پھريون دفعو ٿا چڙھو ڇا؟ کيکڙي ۾ چڙھندا، ھلندو لوڏن ۾ جاءِ پاڻيھي ٺھي ويندي.“
سنڌ ٽي وي جي نشريات ھلڻ کان اڳ بدين ۾ رڪارڊنگ پئي ڪئي، چئي ”ھڪڙو سِول ڪپڙن ۾ ھمراھ آيو، اچي ٻانھن ۾ ھٿ وڌائين ’ڪنھن جي اجازت سان وڊيو رڪارڊ پيا ڪريو، توھان کي خبر ناھي انڊيا پاڪستان جي سرحد وارو ھي حساس ضلعو آھي؟‘ انھي ھمراھ ايس ايس پي بدين حوالي ڪيو، جيڪو جوڻيجو ھو، سڃاڻو نڪتو ۽ ٻڌايائين تہ اھو ھمراھ ڳجهي اداري جو اھلڪار ھو.“
گڏھ تي افغانستان وڃڻ جو قصو ھجي، بلوچن سان دوستي ۽ اڳتي ھلي انھن جي سرگرمين جو انڪشاف ھجي. سي ايس ايس جو لکت وارو امتحان پاس ڪندڙ عبداللھ بروھي جي ڪٿا ھجي، دوستن جي عشق ۾ ناڪامين جا قصا ھجن. سائين کان پنھنجا پروفائل لکرائڻ جي خواھشمندن جون خبرون ھجن، سائين ٻڌائيندو ھو ۽ ھي حقير انھن ۾ جياپو ڳوليندو ھو. راڳ بابت ڄاڻڻ جو سائين کي شوق ٿيو. استاد امير علي ۽ سائين ذوالفقار قريشيءَ سان وڏيون ويهڪون ڪيائين. انھن سان ڳالھين ڳالھين ۾ ھڪڙي باجائي ۽ طبلي نواز جو ذڪر نڪتو، جنھن جون پڇائون ڪرائي وڃي سري گهاٽ ۾ کيس ڳولي لڌائين. استاد کي ڪاوڙ ھجي تہ ’اسان سري گهاٽ وارن کي ڪير سٺو ئي ڪونہ ٿو سمجهي تہ اسانجي ڳالھ ڪيئن ٻڌندو.‘
حمل ڍنڍ ڪٿي واقع آھي، ڪوھ سليمان جو انھي سان ڪھڙو تعلق آھي. منڇر ۽ حمل ڍنڍ جو لاڳاپو ڪيئن آھي. منڇر ڍنڍ ۽ ان جي آس پاس رھندڙ ماڻھن جو وڏي ۾ وڏو مسئلو ’پاڻيءَ مٿي جهوپڙا مُورک اڃ مرن‘ ڪيئن بڻيو. شڪور ڍنڍ نوحو ڪيئن بڻي، بقار ڍنڍ چوٽياريون ڊيم ڪيئن ٿي، مکي ڪھڙو علائقو آھي. سنڌ ۾ ڪھڙن ڪھڙن صاحب حيثيت ماڻھن جون پنھنجون رکون آھن.
’ھندستان جي دلت تحريڪ ڇا آھي‘، ’برطانيا جو ھِپي ڪلچر ڪيئن آھي‘، ’افغانستان جو معاملو ڪيئن آھي‘، ’ايٽمي ھٿيارن جي ڊوڙ ڇا آھي‘، ’ورلڊ سوشل فورم جا موضوع ڪٿان ٿا اچن‘ کان وٺي محمد خان لنڊ ۽ رڻ شاخ تائين جي قصن جون ڪڙيون اسحاق ائين ملائيندو ھو ڄڻ تازو اُتان ٿي آيو ھجي.
ڊائو اسپتال ڪراچي جي نگھداشت واري وارڊ ۾ سورنھن جون تي سائين اسحاق ڪچھري اڌ ۾ ڇڏي اُٿي ويو آھي. سندس شفقت ڀري ياد ھر محفل ۾ گلاس ڳوڙھن سان ڀريو وڃي. سائين اسحاق کي ھڪڙي ڪنھن لفظ ۾ سمائجي تہ ٿيندو ”ڍوليا“. ڳالھ کي وڌائجي تہ ٿيندو ”سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو.“
سائين، جيڪي چار گهڙيون توسان گهاريون اٿم ساري عمر کان وڌ سي پياريون اٿم، تنھنجون ڳالھيون پيو ڳائيندس، انھي رمز ۾ روح ريجهائيندس. ڪينجهر تي ڪچھري رھيل آھي. ٻيھار ملبو ٽيھار ملبو....

اسحاق مڱريو؛ قلم جي سگهہ تي ويساھہ رکندڙ صحافي: اختر حفيظ

اسحاق مڱريو قلم جي سگهہ تي ويساھہ رکندڙ صحافي ڪنھن بہ ماڻھوءَ لاءِ اها هڪ وڏي ڪاميابي آهي تہ ان جي سڃائب سندس هنر يا پيشو ٿي وڃي. اسحاق مڱريو انھن ماڻھن مان هو جن جي سڃاڻپ نج صحافيءَ طور رهي آهي. هي اهو دور آهي جنھن ۾ صحافت جون گهرجون تبديل ٿي ويون آهن، صحافي جي وصف مٽجي وئي آهي. ان دور ۾ بہ اسحاق مڱريي پنھنجو پاڻ کي صحافي طور جيئرو رکيو. هو نہ رڳو اخبارن جو رپورٽر رهيو، پر سندس شوق سنڌ جي مختلف موضوعن تي اسٽوريون ڪرڻ رهيو. سندس اسٽوريون ڪي سياسي اسٽوريون نہ هيون، پر سنڌ جو سماجي ۽ ڪلچرل پاسو اسٽورين ۾ شامل هوندو هو.
اسحاق مڱريي سان منھنجي واقفيت گهٽ ۾ گهٽ گذريل 15 سالن کان هئي. ان دوران جڏهن سنڌ ايڪسپريس سٿ ۾ هو اسٽاف رپورٽر طور شامل ٿيو تہ ايڊيٽوريل صفحن تي هن جون لکڻيون وڏي انگ ۾ پڙهڻ لا مليون. جن ۾ هو ڪڏهن ڪنھن تاريخي ڪردار جا لڪل پاسا کڻي ايندو هو، ڪڏهن ڪنھن تاريخي واقعي کي نئين انداز سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو تہ ڪڏهن وري ماحوليات بابت سندس ليک
شامل هوندا هئا. سندس ڪيترائي اهڙا ڪالم هئا. جن مون کي انگريزي ۽ اردو ويب سائيٽن لاءِ لکڻ تي اتساهيو. ايستائين جو اسين ڪڏهن ڪڏهن ڪا اسٽوري ڪرڻ لاءِ گڏ بہ هليا ويندا هئاسين. پنھنجي آفيس ۾ ڪم دوران هو اوچتو مون کي اچي چوندو هو. فلاڻو موضوع آهي، ان تي جيڪڏهن توهين ڊان ۾ لکو تہ سٺو رهندو. ائي مون سندس ٻڌايل اسٽورين تي ڪم ڪيو ۽ اهي ماڻھن کي پڙهڻ لاءِ پڻ هليون. اسحاق مڱريو پنھنجو پاڻ کي صحافي طور ان ڪري بہ مڃرائڻ ۾ ڪامياب ويو جو هن وڏي وقت کان اخباري دنيا ۾ پنھنجو پاڻ کي مصروف ڪري ڇڏيو هو. سنڌ ۾ بنھہ گهٽ ماڻھو اهڙا رهيا آهن. جيڪي صحافت جي پيشي سان آخري گهڙي تائين نڀائيندا رهيا هجن. ڇاڪاڻ تہ سنڌي صحافت اسان وٽ هڪ پارٽ ٽائيم ڪم آهي. ان ۾ هيستائين ھزارين ماڻھو آيا آهن، پر اهي ڪجهہ وقت تائين صحافت جھڙي ڏکيي ڪم ۾ هٿ وجهڻ کان پوءِ ان شعبي کي ڇڏي ڪو نئون ڪم ڪندا آهن. جڏهن تہ اسحاق مڱريي نہ رڳو صحافت سان نڀايو، پر هن اهو پڻ ثابت ڪيو تہ صحافت وسيلي قلمي پورهيو ڪري بہ گهڻو ڪجهہ ماڻي سگهجي ٿو، انھن ماڻھن جو آواز ٿي سگهجي ٿو جيڪي ڳالھائڻ کان لاچار آهن. هو انھن صحافين مان ڪونہ هو، جن کي پنھنجي ليڊري چمڪائڻ جو شوق هوندو آهي. اهي پنھنجي قلم جي طاقت کي تڇ سمجهندي ڪنھن ميڙ ۾ بيھي وڏي واڪي ڳالھائي نعريبازي ڪري صحافت جا امام ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. جڏهن تہ صحافت جو مقصد ئي پنن تي قلم وسيلي ڪا اهڙي ڳالھہ لکڻ آهي، جنھن سان ايوانن ۾ ويٺلن جون ڪرسيون لڏندي محسوس ٿين. اسحاق مڱريو ان عمل کان چڱي ريت واقف هو تہ صحافت اصل ۾ عوامي مسئلن کي لکت جي صورت ۾ ايتري اثرائتي انداز ۾ پيش ڪرڻ آهي جو هڪ صحافي پنھنجي ڳالھہ بہ چئي وڃي ۽ ڪير ان تي آڱر بہ نہ کڻي سگهي. ان ڪري هن کي جيڪي ڪجهہ چوڻو هوندو هو. ان لاءِ هن نيوز ڊيسڪ ۽ ايڊيٽوريل صفحن کي استعمال ڪيو. اڄ بہ سندس اهي سڀ لکڻيون پڙهي سگهجن ٿيون، جيڪي عوامي مسئلن کي اجاگر ڪن ٿيون ۽ پنھنجي جوهر ۾ وڏيون اثرائتيون پڻ آهن. هڪ صحافي جو ڪم فيلڊ ۾ وڃي ڪنھن مسئلي کي ڳولڻ کان وٺي ان جو نئون پھلو کڻي اچڻ هوندو آهي. هو سدائين فيلڊ ۾ رهي سنڌ سان واڳيل ڪيترن ئي مسئلن جا مختلف پاسا جاچي ايندو هو. جن کي هو ڪڏهن نيوز اسٽوري تہ ڪڏهن ڪالم جي صورت ۾ پڙهندڙن تائين پھچائيندو هو. مون سدائين هن کي ڪنھن نہ ڪنھن معاملي تي ڪم ۾ مصروف ڏٺو. سنڌ ايڪسپريس ۾ هو ڪيترن ئي سالن تائين اخبار جي صفحن کي سينگاريندو رهيو، پر 2018ع ۾ جڏهن سڄي ملڪ ۾ صحافت تي ڏکيو وقت آيو، ادارن مان ملازمن جي نيڪاليءَ جو سلسلو شروع ٿيو تہ ڪئين اخبارون بند ٿيون، ڪيترائي چينل پڻ آف ايئر ٿي ويا ۽ اخبارن پنھنجن ملازمن کي بنا نوٽيس جي ڪڍڻ شروع ڪيو تہ اسحاق مڱريو پڻ سنڌ ايڪسپريس سٿ کان موڪلائي ويو، پر سندس لکڻ جو سلسلو هلندو رهيو. سندسِ ڪالم لکڻ ۾ جڏهن وٿي ايندي هئي تہ آئون ساڻس رابطو ڪري لکڻ جو چوندو هئس ۽ ڪالم پھچي ويندو هو. ڪجهہ وقت اڳ اوچتو سندس بيماريءَ بابت خبرون صحافتي حلقن ۾ پھتيون، پر ان سان گڏ اهو پڻ ٻڌڻ ۾ آيو تہ هو ترت چاق ٿي ويندو، پر اوچتو سندس وڇوڙي جي خبر آئي، جنھن سڀني کي ڏکارو ڪري ڇڏيو آهي. سنڌي صحافت ۾ جڏهن بہ سٺن ۽ محنتي صحافين جو ذڪر ايندو تہ اسحاق مڱريي کي سدائين انھن ۾ ڳڻيو ويندو.

(سنڌ ايڪسپريس ۾ شايع ٿيل)

يگاني يار، کاهوڙي صحافي ۽ ھر دلعزيز شخصيت اسحاق مڱريي جو وڇوڙو: صديق انڙ

سانگهڙ جي سيد صبغت ﷲ شاھ شھيد ڊگري ڪاليج ۾ آگسٽ 1993 ۾ جڏهن بدلي ٿي پھتو هوس تہ ان کان اڳ ئي ڪاوش ۾ ڪم ڪندڙ صحافي اسحاق مڱريي جو نالو ميرحسن سريوال صاحب واتان وري وري ٻڌي چڪو هوس. صحافتي حوالي سان تہ ڄاتل سڃاتل ڪردار هو. پر اسحاق جي رپورٽن جي ڪڙي سچائيءَ سبب اسان جي برادريءَ جا ڪجهہ سڄڻ کانئس وونئن بہ ويندا هئا. سبب هيءُ هو تہ انھن ڏينھن ۾ امتحاني ڪاپيون هوم اسيسمنٽ تحت استادن جي پتي تي موڪلبيون هيون، جن تي امتحاني بورڊ جي اصل سيٽ نمبرن بدران ڪوڊ نمبر لڳايا ويندا هئا. پر اڳيان بہ ”وڏا استاد“ ويٺا هئا جيڪي ڪوڊ کي ڊي ڪوڊ ڪري ڇڏيندا هئا ۽ پوءِ ڪجهہ نالي چڙهيا ڪردار وري پيرا کڻي وڃي ايگزامنر جي دروازي تي بيھندا هئا. ان برائيءَ ڄڻ تہ وبا جي صورت اختيار ڪري ورتي هئي. امير، ڪبير ۽ بيوروڪريٽس انھي ڪڌي ڪاروبار جو حصو بنجي ان مافيا کي مضبوط ڪري رهيا هئا. استاد برادريءَ جا اهي چند ڪاريگر ڪردار هڪ تہ رات پيٽ ۾ امير ٿي ويا، سندن چال ڍال بدلجي ويئي، مٿان وري زورآور سمجهيا وڃڻ لڳا. تعليمي بورڊن جا ڪمائو پٽ بہ ان ڪمائيءَ کي هٿي ڏئي رهيا هئا. ڪير هو جيڪو وڃي ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ گهنڊڻي ٻڌي ڇوجو تہ گهڻائي ڏسڻا وائسڻا شخص ان ”نظام“ جا بينيفِشري بنجي چڪا هئا، ڪجهہ ڪنھن جي لحاظ ڪري ڪجهہ وري خوف کان!!
اهڙي ٻاٽ اونداهيءَ ۾ جن ماڻھن ڪنھن قدر آواز اٿاريو انھن جو سرواڻ هي بيباڪ ۽ دلير صحافي بنيو، جنھن لاڳيتو انھن ڏينھن جي مقبول ترين سنڌي اخبار ڪاوش ۾ سڳن سوڌو، ثبوتن واري نہ صرف رپورٽنگ ڪئي، پر ان ڪني ڪم لاءِ نفرت جھڙا نالا ۽ لقب بہ تخليق ڪيا. ڌنڌي ۾ ملوث ماڻھن کي ڌنڌوڙي سڏيائين. ڪاپي ڪلچر کي ڪاپي مافيا جو لقب مليو. نہ صرف ايترو پرامتحاني سينٽرن ۽ ملوث ماڻھن جا نالا وٺي کين نشانبر ڪيائين. آئون جيئن تہ پنھنجي حيثيت آھر ڪاپي مافيا جي مخالفت ڪندو رهندو هوس ۽ ڪڏهن ڪڏهن اخبار ۾ ڪالم لکي آڱر وڍائي شھيدن ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش بہ ڪندو هوس. ان ڪري اسحاق سائين بغير ملاقاتن ۽ ڪچھري ڪئي منھنجو آئيڊيل صحافي بنجي چڪو هو. سانگهڙ پھچڻ کان پوءِ پروفيسر مير حسن سان دوستي، سپلا جي عھديداريءَ سبب صحافي لڏي سان تعلق، اسلم ميمڻ سان جلد ئي ويجهڙائپ ٿي وڃڻ ۽ سائين الھورائي بھڻ جي شاگرديءَ سبب "ڪامريڊن" جي ڪچھريءَ جو حصو بنجي وڃڻ بہ اسحاق سان ويجهڙائپ پيدا ڪرڻ ۾ آسانيءَ جو سبب بنيو. ڪامريڊ لڏي ۾ اسحاق مڱريي جو هر ننڍو وڏو تمام گهڻو نہ صرف ذڪر ڪندي ٻڌم پر قدر ڪندي محسوس ڪيم. سوچيان پيو تہ ان شخص ۾ اهڙي ڪھڙي خوبي آھي؟ نہ تہ امير ڪبير ٿو لڳي، نہ ڪو ايڏو عالم فاضل اسڪالر آھي، نہ ئي گفتگو ۽ پوشاڪ مان ”وڏو“ ماڻھو ٿو ڀانئجي! جلد ئي منھنجا سڀ ڀولا تڏهن ڀڳا جڏهن پروفيسر سائين الھورائي بھڻ صاحب جي رهنمائي ۾ ماحول دوست تنظيم ’ڌرتي دوست سنگت‘ جي تنظيمي ڍانچي ۾ اسان سڀ هڪ هنڌ گڏجي وياسين.
ان زماني ۾ بہ سانگهڙ ۾ سماجي توڙي ادبي سرگرميون ڪافي گهڻيون ٿينديون هيون. پاڪستان نيشنل سينٽر جو ان ۾ وڏو ڪردار هو تہ سائين الھورائي بھڻ ۽ مرحوم سائين اسماعيل احمداڻي صاحب جھڙا ٻھڳڻ ڪردار بہ ان جا مشعل بردار هئا. اسحاق صاحب ۽ اسان جونيئر ٻالڪن جي جماعت انھن ادبي مجلسن مان تربيت وٺي نہ صرف اسٽيج تي ڳالھائڻ سکيو، پر جرئت ۽ شعور حاصل پڻ ڪيو. سڀ کان وڌيڪ لاڀ اسحاق جھڙن سچن ۽ لاطمع پر بي ڊپن آدرشي انسانن حاصل ڪيو. انھن سرگرمين سبب اسان جو پاڻ ۾ تعلق وڌيڪ پختو ٿيو. واسطو جيئن تہ بي لوث هو، ان ڪري وڌندو ئي رهيو، ان ۾ ڪمي نہ آئي تان جو موڪلاڻيون اچڻ لڳيون آھن.
هي يار، يارن جو تہ يار هو، پر غربت جا گوندر سانڍي، لکين درد ساڻ کڻي هميشہ خوش مزاجيءَ سان کلندو ۽ ٽھڪ ڏيندو رهيو. صحافي صرف نالي جو نہ هو. ڪا رپورٽ لکڻي هوندي هين تہ سر زمين تي پھچي، پسمنظر ۽ پيش منظر بيان ڪري پنھنجي فرض جو حق ادا ڪندو هو. هنگلاچي سنياسين، جوڳين وانگر اڪثر سفر ۾ رهي سچي معنيٰ ۾ کاهوڙي ڪردار ادا ڪندو رهيو. اسحاق جي مٿي واري ڪيپ، ڪلھي ڪنڌ واري پوتڙي/ٽوال ۽ فقيرن جي گودڙيءَ جھڙي ڪپڙي يا زين جي ٿيلھي سڄي عمر پچر نہ ڇڏي. سندس اٿِي ويٺِي ۽ سنگت ننڍي کان ننڍي ۽ وڏي کان وڏي تائين ڦھيل هئي. سندس فقيراڻو ڏيک ۽ ڳالھائڻ ۾ بي ڊپائي ڪڏهن تبديل نہ ٿي. هي فقير شخص تاريخ، جاگرافي، ثقافت، سياحت، ماحوليات جو پارکو انسان هو. ٺٽي ۽ بدين ۾ جڏهن سامونڊي طوفان تباهي آندي تہ هي اورچ انسان اتي جي نہ صرف انسانن پر جانورن، آبي مخلوق، ماحولياتي تبديلين ۽ تمر جي ٻيلن جي اهميت ۽ حفاظت توڙي ڪوٽڙيءَ کان هيٺ پاڻي نہ ڇڏڻ جي هاڃيڪار اثرن کي سڄي ڊيلٽائي علائقي جي اکين ڏٺي مشاهدي تي ٻڌل رپورٽن ذريعي اجاگرڪندو رهيو. سانگهڙ ويجهو چوٽياري ڊيم ٺھڻ کان اڳ ئي جن ڀيانڪ اثرن جي امڪانن جو هن ماحول دوست صحافيءَ خدشو ڏيکاريو هو، اهي اڄ سڀني جي سامھون آھن. سانگهڙ جي مخصوص ماحول ۾ رپورٽنگ ڪندي يا ڪنھن محفل ۾ اظھار ڪندي ڪڏهن بہ نہ هٻڪيو هوندو نہ هٽڪيو هوندو. اهڙين مجلسن ۾ يا ٽي وي انٽرويوز ۾ اگرن سوالن ڪندي شائستگيءَ سان ڪيئي پڳڙيون ڌوڙ ٿيندي بہ دنيا ڏٺيون. نتيجي ۾ ناراضگيون ۽ ڏاڍن جا ڏمر بہ ڏٺا ۽ سَٺا هوندائين، پر منصوري نعرا بلند ٿيندا ئي رهيا. اسان جي ويجهو هئڻ باوجود اسان مان ڪنھن جي بہ طرفان پھچايل شڪايت ۽ خبر تي رپورٽ کي ڇاپڻ/ نشر ڪرڻ کان پھريان ان جي تصديق صحافتي ديانتداريءَ سان ڪندو هو. 2019 ۾ جڏهن ڊائريڪٽر ڪاليجز هوندي مون کي فنائنس کاتي وارن جي ملي ڀڳت سان ڪجهہ ڪاليجن جي پرنسپلز طرفان ريوائيزڊ بجيٽ يا RE جي نالي تي ڪروڙن جي گهوٻين جي خبر پئي ۽ سرڪار سڳوريءَ رپورٽ ڪرڻ باوجود بہ ڪو قدم نہ پئي کنيو، تڏهن مون جوکم وٺي اها خبر ميڊيا ۾ آڻڻ چاهي. اهڙي دليرانہ ڪم لاءِ مون کي اسحاق جو نالو ئي سجِهيو ٿي. هَلِي وٽن حيدرآباد ويس. مون کان تفصيلي احوال وٺي صرف دوست تي اعتبار ڪرڻ بدران سيڪريٽري ڪاليجز ۽ ڊائريڪٽر جنرل سان رابطو ڪري اصل حقيقت جي وجود جو يقين ڪري، پوءِ رپورٽ هلائين. 1996 ۾ ڪاليج اسٽاف ۽ پرنسپل جي وچ ۾ اختلافن سبب پرنسپل صاحب مون کي ۽ مبارڪ علي سنجراڻيءَ کي ان وقت جي قانون واري وزير پير مظھرالحق معرفت مٺي ۽ ٺٽي بدلي ڪرائي ڇڏيو. اهو اختلاف ساڍن چئن مھينن تائين ٻيو نہ تہ بہ ميڊيا ۾ انتھائي شدت سان جاري رهيو. ان ڦڏي ۾ اسحاق بہ لٺ ڀاءُ پاران کنئي، پر حقيقتن کان وافقيت وٺي پوءِ. انھن ڏينھن ۾ پرنسپل جي ان الزام تي تہ مبارڪ سنجراڻي دير سان اچڻ جو عادي آهي، ان تي اسحاق جو هڪ جملو ثبوت طور اسان جي سڀني فورمن تي دهرائبو رهيو. جملو هو تہ، ”مبارڪ سنجراڻيءَ کي ڪاليج ويندي ڏسي، ماڻھو پنھنجي گهڙين جو وقت ٺيڪ ڪندا آهن. ان تي دير جو الزام ڪنھن بہ طرح درست نٿو ٿي سگهي.“
سندس اولاد تہ خير منھنجو شاگرد رهيو، پر منھنجي وڏن ٽنھي ٻارن کي ٻالڪپڻ کان وٺي ڀائيندو رهيو ۽ جڏهن بہ رابطو ٿيو هوندو تہ سڀني گهر ڀاتين جا نالا وٺي خير عافيت معلوم ڪرڻ سندس معمول هو. لڳندو هو تہ هي شخص ڪڏهن مايوس ۽ پريشان رهڻ بدران هميشہ خوش رهي ٿو. پر ائين ناهي هوندو. ”ڪِسي ڪِي آنک جو نم نھين هي تو يون نہ سمجهو ڪه اسي غم نھين هي. “ وارو قصو هو. ھڪ ڏينھن مون کي فون ڪري منھنجي جگر جي بيماريءَ ۽ ان جي علاج جي باري ۾ تفصيل پڇڻ لڳو. سبب پڇيم تہ پنھنجي ننڍي فرزند حسن جي ناچاقي جو ذڪر ڪيائين. تڏهن اسحاق واقعي پريشان لڳو. وري خدا جي ڪرڻي اهڙي ٿي جو اهو ڳڀرو جوان ٿوري عرصي ۾ ﷲ کي پيارو ٿي ويو. ساڻس تعزيت لاءِ گهرڀاتين سميت جڏهن حيدرآباد وڃڻ ٿيو تہ مسلسل ’حسن حسن‘ ڪندو رهيو. حسن جي ننڍڙي اولاد کي ڪوڏائيندي ڪوڏائيندي گهور پيو وڃي. ان ڏينھن پڪ ٿي تہ حسن جي وڇوڙي کيس بہ نھوڙي وڌو آھي. انسان تہ نيٺ انسان آھي، پٿر جو ٺھيل تہ ناهي.
سائين الھورائي بھڻ، ڪامريڊ حسن عسڪري ۽ سندن پوئلڳ نوجوانن جي سنگت تہ پڪي هئي، پر نظرياتي آدرش بہ پختا هئن. اهي نوجوان ڇوڪرا هاڻي پاڻ بہ اچي پوڙھا ٿيا آهن، پر هر روز نہ تہ بہ هفتي ۾ ڪيئي ڀيرا هڪ هنڌ ويھي ڪچھري ڪرڻ لاءِ ڪا نہ جاءِ مسواڙ تي وٺي ملڻ جي نہ رڳو پختي روايت قائم رهي ۽ اڄ بہ آهي، پر ان ريت کين پختيون سوچون ڏنيون. مون تہ ’ڌرتي دوست سنگت‘ جي آفيس واري ٺڪاڻي کي ڏٺو، پر ان کان پوءِ بہ اهو سلسلو اڄ تائين قائم آهي ۽ پڪ سان اڳ ۾ بہ ڪو ٿاڪ هوندن. سائين الھورائي بھڻ انھن اوطاقن کي ’چريا پڙي‘ جو اهڙو تہ نالو ڏنو جو ان کي سانگهڙ ۾ ٻڌي ڪو بہ حيرت جو اظھار نہ ڪندو آهي. اسحاق جيڪڏهن صحافتي رولاڪين کان واندو هوندو هو تہ ’چريا پڙي‘ ضرور وڃي. بعد ۾ جڏهن صحافتي مصروفيتن ۽ اولاد جي مستقبل جي حوالي سان حيدرآباد منتقل ٿي ويو تہ بہ سندس تعلق ’چريا پڙي‘ جي ”چرين“ سان ساڳي طرح قائم رهيو.
اسحاق الاهي ٽي وي چينلن ۽ اخبارن لاءِ اورچائيءَ سان ڪم ڪندي صحافت سان گڏ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن کي اجاگر ڪيو، ماحوليات جو شعور ذاتي مشاهدي ذريعي بخشيو. سنڌ ۽ سانگهڙ ۾ آيل ٻوڏون هجن، ايل بي او ڊي جون تباھ ڪاريون هجن، بدين ۽ ٺٽي وارو سامونڊي طوفان هجي، وڻن جي واڍي هجي يا جنگلي جيوت جو بي رحميءَ سان شڪار هجي، اسحاق سڀني جي حقن لاءِ طاقور آواز بنيو رهيو. سندس وڃڻ صفا اوچتو ان ڪري لڳو تہ سندس بيماري بابت ڪو گهڻو ٻڌو نہ هو. سندس موڪلاڻيءَ سان صرف صحافت نہ پر سنڌ جو عوام بہ هڪ وڏي ڀرجهلي، همدرد انسان کان محروم ٿي ويو آهي. سانگهڙ جو تہ نڪ هو، پر وسارڻ هر ڪنھن کي ڏکيو لڳندو. توقير چغتائي صاحب پنجابي زبان ۾ سوشل ميڊيا تي هيٺين طرح ڀيٽا پيش ڪئي آهي:

”اسحاق منگريو
ايھہ مرنا جينا ڪيہ هوندا
ايھہ دوجا تيجا ڪيہ هوندا
ڪُڇ نھين هوندا سب ڪوڙ هوندا
ويلي دي اڊدي ڌوڙ هوندا
تون ويلا هس ڪَي جِي ڇڊيا
هن روئون واسطي
ڪيہ ڇڊيا... “
توقير چغتائي.

(سوشل ميڊيا تان کنيل)

اسحاق مڱريو مون سان گڏ رهڻو آهي: راشد لغاري

مون اهيو ڪڏهن بہ نہ سوچيو هو تہ هن اخبار جي صحفن تي اسحاق مڱريي سائين لاءِ لکڻو پوندو. سائين اسحاق مڱريي تہ واعدو ڪيو هو هو مون سميت ڪيترن ئي صحافين جا وفات ناما لکندو. ان لاءِ هن سندس فليٽ جي هيٺ، گارڊ واري ننڍي ڪمري ۾ واعدو بہ ڪيو هو. اسحاق سائين ٻڌائيندو هو تہ هن جو سنڌو درياءِ جي سير جو پاڻي پيتل آهي، جنھن اهو پاڻي پيتو ان کي ڪابہ بيماري ڪونہ لڳندي. سچ بہ سائين اسحاق مڱريي کي آخر تائين ڪا بہ بيماري نہ لڳي هئي. اسپتالن ۾ سائين اسحاق مڱريي تي ڊاڪٽرن تجربا پئي ڪيا. جتي اسرا اسپتال، ايشين پوءِ آغا خان اسپتال وارن بہ ڪا بيماري ڊائيگونس نہ ڪئي هئي. آخر ۾ ڊائو اسپتال ۾ ڪمزور جسم سان پھتل اسحاق مڱريي صاحب جي ساھہ جو سڳو ٽٽي پيو. آخري ديد بہ نصيب نہ ٿي هئي. هو مسلسل وڏا ساھہ تہ کڻي رهيو هو، پر اسان سميت ڪنھن کي ڏسي نہ سگهيو هو. سڀ مائٽ ۽ ڊاڪٽر رڳو 20 ڏينھن کان دعا جي ضرورت جي ڳالھہ ڪري رهيا هئا.
اسحاق مڱريي جو من انھن ڏينھن اداس ٿي ويو هو، جن ڏينھن ۾ چار ماڻھن هن دنيا مان موڪلاڻي ڪئي هئي. پھرين سندس جوان پٽ اسان جو دوست حسن، پوءِ محمد علي شاھہ، جان خاصخيلي ۽ وري دادا علي بخش سندس هٿ مان هٿ ڇڏرائي جدائي ڪئي هئي. پوءِ آئون ۽ اسحاق سائين ڪي ٻن سالن کان رڳو هنن جون ئي ساروڻيون ۽ ڳالھيون ويٺا ڳائيندا هئاسين. اسحاق مڱريو سنڌي صحافت ۾ اصولن جا بنياد وجهندڙن مان هڪ هو. هن جي تربيت ۽ صحافتي اسڪول مان پڙهي نڪتل ماڻھن سچ بہ صحافت ئي ڪئي هئي. هو هڪ صحافي لاءِ فيلڊ ۾ هجڻ ۽ سرزمين تي پھچڻ لاءِ سدائين لاءِ زور ڀريندو هو. هن هڪ دفعي مونکي هڪ انگريز صحافيءَ جو قول ٻڌايو هو تہ ’صحافيءَ کي هميشہ اڳتي وڃڻ ئي گهرجي. ڀلي ڪجهہ نہ هجي، اڳيان کڻي ديوار ئي ڇو نہ هجي، اها بہ تہ ڏسي ايندو نہ. ‘ هن ڪوئٽا ۾ جڏهن هڪ اخبار لاءِ رپورٽنگ ڪئي هئي تہ ڪوئٽا جي صحافت جا قصا ڏاڍي دلچسپيءَ سان ٻڌائيندو هو. هن پاڪستان مان افغانستان جي شھر ڪابل ۽ ايران ۾ تهران شھر تائين صحافت جا ڪڻا ڏسڻ لاءِ سفر ڪيو هو. اسحاق سائين افغانستان ۾ ڏاج نہ هجڻ تي شادي لاءِ ننڍي ڄمار جي ڇوڪرين کي وڪرو ڪرڻ جا ڇرڪائيندڙ قصا بہ ٻڌائيندو هو. اڃان هتي انگريزن ميڊيائي ماڻھن ۽ اين جي اوز کي ايڪو سسٽم ۽ ماحوليات سمجهائڻ لاءِ سانباها پئي ڪيا تہ ان کان هڪ 2 ڏهاڪا اڳ اسحاق مڱريو ماحوليات تي دسترس رکي چڪو هو. ’ايل بي او ڊي‘ جي تباهڪارين کان وٺي منڇر ۽ ڪينجهر کي ميرو ڪرڻ سبب مڇين ۽ پکين جي ٿيل موت جو پھريون نوحو بہ اسحاق مڱريو لکيو هو. جڏهن سنڌ جي زمين فارمننگ لاءِ وقف ڪئي پئي وئي تہ اتي جي ماڻھن جي تڪليفن کي رپورٽ ڪرڻ لاءِ بدين تائين سفر بہ اسان گڏجي ڪيو هو. هو ڪارونجهر جي ڪترڻ تي جتي ڏکارو ٿيو هو تہ اتي نوابشاھہ ويجهو هارين جي قتل تي بہ اکيون آليون ڪرڻ سان گڏ قلم کڻي ديده دليريءَ سان لکيو هو. ماڙي جلباڻيءَ ۾ ڳوٺاڻن جي قتل واري واقعي کي بہ تفصيل سان رپورٽ اسحاق مڱريو ئي ڪيو هو. ٿرڪول منصوبي جي تباھہ ڪارين کي عالمي ميڊيا کي پھرين نقطو ٺاهي ڏيڻ وارن صحافين مان اسحاق مڱريو بہ هڪ هو. هو لوڪ ڏاهپ ۽ عام ماڻھن جون ڳالھيون سادي انداز ۾ بيان ڪندڙ پھريون سنڌي صحافي هو، جنھن کي ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو سوشل انٿراپالاجسٽ جو لقب ڏنو هو. اسحاق صاحب اخبار ۾ لکيل ليک ئي سمورو سچ سمجهندو هو. پوءِ چوندو هو جيڪو لکيو اهو لکجي ويو. ان لاءِ صحافي جيڪو مواد ڏين هزار بار ڏسي پوءِ ڏين.
هو جوڳين، سامين سان ملي جلي رهندڙ صحافي بہ هو. هو قاسم آباد ۾ جوڳين لاءِ وقف ڳوٺ ۽ زمين تي قبضو ٿي وڃڻ واري ڪھاڻيءَ کي ڪڏهن بہ وساري نہ سگهيو هو. اڄوڪي ڏينھن تي ڏهاڪو کن سالن کان آئون ۽ سائين اسحاق مڱريو حسن درس جون ڳالھيون ڪرڻ لاءِ ورسي بہ ملھائيندا هئاسين. اسحاق سائين چوندو هو ”حسن درس جو ڏينھن هجي شينھن جو کير نہ هجي تہ پوءِ حسن درس کي ڪئين ياد ڪبو. “ اسان کي اڃان موئن جي دڙي واري گيسٽ هائوس تي رات رهي موئن جي دڙي تي تحقيق واري رهيل ڪم تي بہ اسٽوري ڪرڻي هئي. ڪراچيءَ ۾ مھراڻ شاھہ وٽ وڃي ڳوٺ ابراهيم حيدريءَ جي گهٽين کي ڏسڻ سان گڏ هوڙي ۾ ويھي سمنڊ جو سير بہ ڪرڻو هو. بس اهو ساٿ هٿ اڄ ڇڏرائجي ويو آهي. اسحاق سائين موڪلايو ناهي. اهو مونسان گڏ رهڻو آهي.

(سنڌ ايڪسپريس ۾ شايع ٿيل)

اسحاق ٿورو ترسي پوين ھا: سارنگ چانڊيو

بي باڪ ٿيڻ بھادر ٿيڻ محنتي ٿي پوڻ ھن دنيا ۾ ڪيترو ڏکيو ٿيندو پيو وڃي اھو فقط ڪو احساس رکڻ وارو ماڻھو ئي سمجهي سگهي ٿو. سنڌ ڌرتيءَ جي ھنج ۾ ھزارين ھيرا سوين سورميون جنم وٺنديون رھيون آھن. ڏک جي ڳالھ اھا آھي تہ اسان لاءِ ھن جديد دور ۾ بہ ڪيترا ئي املھ ڪردار بہ اوپرا رھن ٿا. ان جو سبب ھن جديد دور ۾ خبرن، اشتھارن توڙي ھر شعبي ۾ ٿيندڙ روزانو جون سوين سرگرمين جي خبرن جي بمباري بہ آھي جو اسان پنھنجي املھ ماڻھن کي وقت جي وير ۾ وساري ٿا ويھون يا ايئن کڻي چئون تہ پنھنجو ڌيان روزانو جي لکين خبرن جي بمباري ھيٺ ۽ سوشل ميڊيا تي مواد جي ڀرمار ۾ ھر روز پنھنجي ذھني سجاڳي کي دفن ڪري رات جو سمھي ٿا پئون ۽ جڏھن صبح جو سجاڳ ٿيون ٿا تہ سنڌ جي ڪنھن يگاني ڪردار جي وڇوڙي جي خبر ٻڌي اندر ۾ جهري ٿا پئون. ايئن ئي اسحاق مڱرئي جي لاڏاڻي جي خبر سموري سنڌ کي سوڳوار ڪري وڌو آھي.
سنڌ ڌرتيءَ جي ماحول، تاريخي ماڳن، سماجي پستي جي اوني ۾ زندگي جا 65 سال گذاري اسان کي الواع ڪندڙ اسحاق مڱريو پنھنجي زندگي جي آخري ڏينھن ۾ بہ سنڌ جي عشق ۾ مجنون وانگي ھو. سنڌ جي ميڊيا جي ادارن جا مالڪ اسحاق کان ڪڏھن بہ خوش ڪون رھيا ان جو ھڪ سبب اھو پڻ رھيو تہ اسحاق پنھنجي صحافتي زندگي ۾ بي باڪ بي ڊپو صحافي رھيو. سنڌ جي ماحوليات جي حوالي سان توڙي سنڌ جي قومپرست سياست تي ھزارين رپورٽون لکيون، سوين ڪالم لکيا. اسحاق مڱريو پنھنجي جيون ۾ غريبي جي پراوھ ڪون ڪئي ۽ شايد سنڌ جي ھاڻوڪي صحافت جي دور جو اڪيلو ڪردار ھو جنھن پئسا ڪون ميڙيا، جنھن کي سوشل ميڊيا ڪون موھيو، جنھن پاڻ کي يا پنھنجي قلم کي سياست جي بازار ۾ ڪون وڪيو ۽ گڙدن جي بيماري کي ڀوڳيندو رھيو. اسحاق مفلس رھيو پر ڪنھن جو بہ محتاج ڪون رھيو. سانگهڙ جي مزدور تحريڪ ھجي، ٺٽي جا ماڳ مڪان ھجن، بدين ۽ سجاول جي سامونڊي پٽي ھجي، سنڌ جي ڪچي جا علائقا ھجن يا سنڌ جا شھر ھجن ھن جام سفر ڪيا، سنڌ جي ماحول، ڳوٺاڻي توڙي شھري زندگي، سنڌ جي جنگلي جيوت، پراڻن ماڳن کي رپوروٽ ڪيو. اسحاق جو پسند جو سبجيڪٽ تہ اينٿراپولاجي ھو پر کيس جنگلي جيوت ۽ ماحوليات موھي وڌو ھو. اھوئي سبب آھي تہ ھوءُ پنھنجي زندگي جي آخري ڏينھن ۾ بہ سڀ کان وڌيڪ ان موضوعن جي حوالي سان رپورٽنگ ڪئي.
مون سان اسحاق مڱريو فيس بوڪ تي دوست رھيو. پنھنجي روبرو ملاقات تہ ڪان رھي پر سنڌيت جي رشتي اسان کي ڳنڍي رکيو. ٽوئيٽر ۽ فيس بوڪ جھڙي طرح سماجي رابطي کي جوڙي رکن ٿا اھڙي طرح سان مان اسحاق مڱرئي جي روپورٽنگ توڙي ڪالم سوشل ميڊيا تي پڙھندو رھيس ۽ ھن سان ڳنڍيل رھيس. مونکي چڱي طرح سان ياد آھي تہ 2014 ۾ جڏھن ايم ڪيو ايم جي باني الطاف حسين کي مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ لنڊن ۾ گرفتار ڪيو ويو ھو ۽ ان جي رد عمل کي جھڙي طرح سنڌ جي ٻن وڏن شھرن ڪراچي ۽ حيدرآباد ڀوڳيو ھو. ان حوالي سان اسحاق مڱرئي ‘حيدرآباد، قاسم آباد ۽ لبنان’ جي عنوان سان ھڪ ڪالم لکيو ھو جنھن ۾ اسحاق حيدرآباد جي ڀوڳنائن کي چٽيو ھو. اسحاق مڱرئي جي لکڻ، سمجهائڻ جي پنھنجو نرالو انداز رھيو. جيڪو سنڌ جي سڄاڻ ڌرين ۽ سنڌي ادب جي دوستن جي من کي موھيندو رھيو. اسحاق مڱريو وڏي دل وارو بہ ھو تہ بھادر بہ ھو. مونکي ياد پوي ٿو تہ اسحاق سائين عبدالواحد آريسر جو ھڪ انٽرويو ڪيو ھو جنھن ۾ ‘سائين آريسر چيو ھو تہ 1988 ۾ امداد محمد شاھ جي سربراھي ۾ حيدر منزل تي ٿيل گڏجاڻي ۾ ايم ڪيو ايم سان ويجهڙائپ جو فيصلو ٿيو ھو. ’ آريسر صاحب جي اھڙي بيان تي سنڌ جو قومپرست لڏو مڇريل ھو. آريسر صاحب اسحاق مڱرئي کي ڏنل ان انٽرويو ۾ گوريلا توڙي پرتشدد ويڙھ جي مخالفت ڪندي چيو ھو تہ سيد جي اھنسا ۽ عدم تشدد جي فڪر کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ڪونھي. اھو اسحاق ئي ھو جنھن آريسر صاحب جو انٽرويو ڪيو اھڙي ماحول ۾ جڏھن سنڌ جا نوجوان ڪونڌر پنھنجون حياتيون وڃائي رھيا ھئا. ملڪ ۾ اھڙو ماحول ھو جو روزانو ڪو نہ ڪو ڳڀرو کنڀجي رھيو ھو. اھڙي وقت سنڌ جي قومپرست سياست جي وڏي ھستي آريسر صاحب جو انٽرويو ڪرڻ اسحاق جو وڏو ڪم ھو. ڇو تہ ھڪ طرف سنڌ جو نوجوان پرتشدد ماحول طرف وڌي رھيو ھو جنھن کي اھو ٻڌائڻ ضروري ھو تہ سيد جي ڏسيل واٽ عدم تشدد جي واٽ آھي.
سنڌ سان اٿاھ محبت اسحاق کي سنڌ جي عوام جو ھاٽ فيورٽ صحافي بڻائي ڇڏيو پر ان باوجود بہ اسحاق ۾ وڏائي ۽ ڦوشربازي نہ آئي. ھن پنھنجي حياتي سچي صحافت ۽ ايمانداري سان گذاري. ماڻھو جي زندگي ۾ ڏکيو وقت، سانحا، مشڪلاتون اينديون آھن تہ اڪثر ماڻھو ھمٿ ھارائي ويھندا آھن پر اسان ڏٺو تہ اسحاق مڱرئي پنھنجي جوڀن کان وٺي زندگي جي آخري وقت تائين ھمٿ ڪون ھارائي. پنھنجي پيڙائن کي زماني آڏو ڪون رکيو. اسان جي صحافتي برادري کي ان جي بيماري جي خبر بہ ان جي وفات جي ڏينھن پئي تہ اسحاق پنھنجي آخري ڏينھن ۾ ڪراچي جي پرائيويٽ اسپتال ۾ داخل رھيو. گذريل آچر جي ڏينھن 16 جون 2024 تي سنڌ جو سچو صحافي املھ ڪردار سنڌ جي ماحوليات، جنگلي جيوت جو گهڻ گهرو صحافي اسحاق مڱريو اسان کان ھميشہ لاءِ وڇڙي ويو.

sarangchandio@gmail. com
(ڪاوش ۾ شايع ٿيل)

سنڌي صحافت جو وھائو تارو، اسحاق مڱريو: حميد سومرو

شايد ئي گذريل پنجاھ سالن ۾ ڪنھن صحافيءَ سنڌ کي ائين ووڙيو ۽ ڦلھوريو ھجي جيئن اسحاق مڱريو ڪري ڏيکاريو. سنڌو درياءَ، سنڌوءَ جو ڊيلٽا، سنڌ جا ٻيٽ، سنڌ جون ٻوڏون، سنڌ جا ٿر، بر، ڪچا ۽ ڪاڇا، سنڌ جا واھڻ ۽ وسنديون ھن شخص ائين اٿلائي پٿلائي ڏٺا، جنھن ڳالھ ھن شخص کي سنڌ شناسيءَ جو سونھون ۽ سنڌي صحافت جو نرالو ڪردار بڻائي ڇڏيو. پر اسحاق مڱريي جي صحافتي سٿ جي خيال ۾ سندس تاريخي ڪم اھي اسٽوريون ھيون، جيڪي لاڙ پٽ ۾ 1999ع جي سامونڊي طوفان جي نتيجي ۾ ’ايل بي او ڊي‘ جي نالي جي ابتي وھڻ واري تباھي ۽ برباديءَ تي لکيون ويون. اسحاق مڱريو سان منھنجي پھرين ملاقات جوھي ۾ ٿي، جڏھن ھو انگريزن جي دور ۾ قائم ٿيل حرن جي لوڙھن جي سلسلي ۾ اسٽوري ڪري رھيو ھيو. پاڪستان ٺھڻ کان ڪي سال اڳ پيرپاڳاري صبغت ﷲ جي اڳواڻيءَ ۾ انگريز والار خلاف حرن بغاوت ڪئي ھئي. جنھنجي جي جواب ۾ رياستي بربريت ھيٺ حرن کي دھشت گرد قرار ڏيئي خاندانن سميت سنڌ جي مختلف کليل جيلن ۾ واڙيو ويو ھو. حرن جو اھڙو ئي ھڪ لوڙھو حرڪيمپ جي نالي سان جوھيءَ شھر جي اتر ۾ چند ڪلوميٽر جي فاصلي تي موجود آھي. حرن جا لوڙھا سنڌ جي ھڪ اونداھي ۽ بربريت واري عھد جي علامت آھن، تن سان اسحاق مڱريي جي انسيت جو ھڪ ڪارڻ سندس خاندان جو حر تحريڪ سان لاڳاپيل ھجڻ بہ ھيو. ان بعد ھن جي جوھي اچڻ، واھي پانڌي وڃڻ، گورک پنڌ جو ڏس پوڻ. تنھن وقت گورک جبل جو سفر، اٺ، گڏھ، موٽر سائيڪل يا وري پنڌ ڪبو ھيو. واھي پانڌيءَ مان ھو واھي پانڌيءَ جي سنگت سان گڏجي گورک لاءِ اسھيو. واھي پانڌيءَ کان گورک جبل جي پاڙ، جنھن کي مقامي ماڻھو ’پنجٽيھ‘ سڏين، تائين موٽرسائيڪل تي سفر ڪيائين، جڏھن تہ چاڙھيءَ لاھيءَ تي مشتمل اٺ ڪلاڪ اڻانگو سفر پيادل ڪيائين. اھو 1997ع ۾ جون مھيني جو ڏينھن ھيو. گورک چوٽيءَ تي پھچڻ لاءِ ’کاول لڪ‘ استعمال ٿيندو ھيو، پر اسحاق مڱريو گورک جي چوٽي تي پھچڻ لاءِ ’چُوڪڙِي‘ جھڙي انتھائي اڻانگي لڪ ذريعي گورک چوٽيءَ تي پھتو. چُوڪڙيءَ جي معنيٰ سنھڙو ۽ اڻانگو آھي. ھڪ ڀيري اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائبريري جوھيءَ جو نالو ٻڌي ڏسڻ آيو. جڏھن تہ ھڪ ڀيرو منھنجي لکيل ڪتاب ’سنڌ جا سياسي ڪردار‘ جي مھورت جي سلسلي ۾ حيدرآباد جي سنگت سان جوھيءَ اچي نڪتو. گورک وڃڻ لاءِ سندس پنڌ پيا ٿيندا ھيا ۽ سندس جوھي اچڻ وڃڻ پيو ٿيندو ھو. جوھيءَ ۾ اسحاق مڱريي جون اسٽوريون دلچسپيءَ سان پڙھيون ۽ بحث ھيٺ آنديون وينديون ھيون. جوھيءَ ۾ ھر ساڃاھ وند سان اسحاق مڱرئي جي ڏيٺ ويٺ ھوندي ھئي، پر اڳتي ھلي خبر پئي تہ جوھيءَ جيان سنڌ جي ھر شھر ۽ وڏي ڳوٺ، وسنديءَ ۾ سندس اچڻ وڃڻ ۽ اليڪ سليڪ ھئي، کيس سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ سڃاتو ويندو ھو ۽ جهڏي کان ڪشمور، ننگر پارڪر کان اوٻاوڙو تائين ھر ھنڌ کيس ڄاتو ويندو ھيو. ھُو ننگر پارڪر ۾ مسڪين جھان خان کوسو سان وڃي ملندو ھو تہ ماٿيلي ۾ مانڌل شر سان بہ سندس اچڻ وڃڻ ھو. سنڌ جي ھر علائقي جا سياسي، سماجي، ادبي ڪردار سندس ھٿ تريءَ تي پيل ھوندا ھئا. سنڌ جي قومپرست ۽ ترقي پسند لڏي جي ڪارڪنن سان سندس ڪچھريون رھنديون ھيون. ھڪ ڀيري ڪچھريءَ ۾ ٻڌايائين تہ جهڏي، نئون ڪوٽ ۾ زرعي پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب جڏھن زميندارن جو اوج نہ رھيو ۽ اھي بدحال ٿي ويا، پر سندن ڪپڙو لٽو ۽ ظاھري شان شوڪت برقرار رھي. انھي حال ۾ اتان جا زميندار گهران نڪرڻ وقت ڏند کوٽيندي نڪرندا ھيا ڄڻ ڪجهہ چڱو چوکو کائي ٻاھر نڪتا ھجن. ائين سنڌ جي اڪثر علائقن ۽ ذات جي ماڻھوءَ جي الڳ الڳ نفسيات جو کيس بخوبي اندازو بہ ھوندو ھو.
اسحاق مڱرئي جو جنم 1955ع ۾ سانگهڙ جهول روڊ تي موجود بس اسٽاپ اڇي مسيت لڳ ڳوٺ گل حسن سريوال ۾ ٿيو. حرن جي تاريخ سان لاڳاپيل سانگهڙ ۾ تنھن وقت قومپرست سياست ھئي تہ ترقي پسند تحريڪ جا ڪارڪن بہ موجود ھيا، جن جا اسٽڊِي سرڪل ھلندڙ ھيا. سانگهڙ واسي سوشلسٽ پارٽِيءَ جي اڳواڻ حسن عسڪريءَ جو نالو ملڪ ۾ کاٻي ڌُر جي حلقن ۾ پنھنجي سڃاڻ رکندو ھيو. جتي اسحاق جو اچڻ وڃڻ ۽ اسٽڊِي سرڪل سميت مختلف سرگرمين ۾ حصو وٺڻ عام ھو. اتان اسحاق مڱرئي جي سياست، صحافت جي ور چڙھي تہ ھن وري ڪڏھن پٺتي ورائي ڪونہ ڏٺو ۽ پوءِ ھن جي سڃاڻ ھڪ صحافيءَ واري ٿي وئي. روزاني جاڳو، روزاني ڪاوش، روزاني سنڌ، روزاني سنڌ ايڪسپريس سان سندس خاص تعلق رھيو. انھي دوران سنڌ جي شھرن، وسندين، اتان جي مامرن سميت، سنڌ، دنيا جھان جي مامرن تي اسٽوريون ڪيائين. رشيد راڄڙ جي ادارت ۾ نڪرندڙ سنڌ اخبار ۾ ھن صحافيءَ سميت ھڪ بي لوث ڪارڪن طور ڪم ڪيو. ائين جڏھن سنڌ ايڪسپريس نڪتي تہ ھن جي صحافتي سرگرمين کي چار چنڊ لڳي ويا. ان محنت جي نتيجي ۾ اسحاق مڱريو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي سياسي سماجي معاملن جي باري ۾ معلومات لاءِ ھڪ حوالو بڻجي سامھون آيو. 2010ع ۽ 2022ع جون ٻوڏون ھجن، سنڌو درياءَ ۾ پاڻيءَ کوٽ ھجي، ان جو ڊيلٽا ۽ ٻيٽ ھجن، ٿر جو ڏڪار ھجي، ڪڇ، بدين جو2002ع وارو زلزلو ھجي اسحاق مڱريو اسٽوري ڪرڻ لاءِ اتي پھچي ويندو ھو. ھڪ وقت تہ اھڙو بہ آيو تہ سنڌ ۾ ڪٿي ڪو سياسي سماجي مامرو ٿي پوي ھن کي جاءِ واردات تي وڃڻ جي ضرورت بہ ڪانہ پوندي ھئي. کيس خبر ھئي تہ سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ وٽ ٽوڙي بند کي جيڪڏھن گهارو لڳندو تہ اھو بيگاري واھ جو الھندو ڪنارو ڏيئي ڪيئن ايم اين وي ڊرين ۽ ايف پي بند وچ ۾ وھايو ويندو ۽ ان جا ڪھڙا اثر ٿيندا. ائين نئين گاج جيڪڏھن 20 فوٽ وھي آئي تہ اھو پاڻي ڪيتري وقت ۾ منڇر پھچندو ۽ ايتري پاڻيءَ کي برداشت ڪرڻ جي ايف پي بند ۾ سگه آھي يا نہ آھي. 2022ع ۾ چوماسي جي ٻوڏ کانپوءِ جنھن طريقي سان برساتي ٻوڏ جي پاڻيءَ جهڏي شھر جون ھيٺاھيون ٻوڙي ڇڏيون، ٺيڙھي کان ٻانڌيءَ سميت ساھتِيه پرڳڻي ۾ پاڻي ھيٺاھين ۾ بيھي ويو ۽ انجي نڪرڻ جي ڪا واھہ ئي نہ پئي ٿئي تہ ان بابت بہ کيس سموري معلوم ھئي، جيڪا ڪچھرين ۾ ھو ونڊ ڪندو رھندو ھو. جڏھن بہ اليڪشن ٿيندي ھئي تہ ھن کي ھر تعلقي سطح تي موجود وڏيرڪي ۽ برادرين جي اتحادن جي پوري ڄاڻ ھوندي ھئي ۽ ائين کيس نتيجن جي سڌ پئجي ويندي ھئي، جيڪا اڪثر صحيح ثابت ٿيندي ھئي. سانگهڙ مان حيدرآباد منتقل ٿيڻ کانپوءِ جتي ھو ھڪ برجستو جاکوڙي صحافي ٿي اڀريو، اتي ھو حيدرآباد جي ھر ادبي سياسي ڪچھريءَ جو اھم حصو ھوندو ھو، جتي مختلف معاملن ۾ سندس راءِ ڏاڍي وزندار ھوندي ھئي. سندس صحافتي زندگيءَ جو آخري پڙاءُ سنڌ ايڪسپريس اخبار ھئي. بدقسمتيءَ سان انھي اخبار ۾ ئي ھن جي ڪل وقتي صحافت جز وقتي صحافت ۾ تبديل ٿي ويئي، جيڪا آخري وقت تائين جاري رھي. جتي ھن جو ڪم مختلف مامرن تي صرف مضمون لکڻ تائين رھجي ويو، پر ان دوران بہ ھن جيڪو لکيو اھو ڪمال جو لکيو. اسحاق مڱريو پنھنجي صحافتي عھد ۾ لاتعداد پروفائيل بہ لکيا تہ سنڌ سميت ملڪ جي سياسي مامرن تي بہ خوب لکيو ۽ جهجهي تعداد ۾ اسٽوريون بہ ڪيون، جنھن دوران ڪڏھن لکا بہ ڪونہ ڏنائين تہ سندس ذات ڪيتري پيڙا مان گذري رھي آھي. سنڌ جو ايڏو وڏو صحافي جنھن سنڌي صحافت کي نوان اسلوب ڏنا، جنھن کي سڀڪو سڃاڻندو ھيو ان جي زندگي ھڪ کليل ڪتاب، ’جھڙا آيا جڳ ۾ تھڙا ويا موٽي‘ جيان ھئي. اڀري سڀري حال ۾ خوش رھڻ وارو، پنھنجي دنيا ۾ مگن اسحاق مڱريي کي پھريون وڏو گهاءُ 2021ع ۾ تڏھن لڳو جڏھن سندس نوجوان نياڻيءَ جي ور جو سانگهڙ ۾ روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ موت ٿيو، ٿوري عرصي ۾ گهاءَ مٿان گهاءَ سندس نوجوان پٽ حسن جو ڪينسر وگهي موت ھيو. جنھن جي گهر واريءَ ۽ نياڻي جي پالنا ۽ تعليم جي ذميواري بہ سندس ڪلھن تي اچي پئي. نوجوان ناٺي ۽ نوجوان پٽ جي موت جو غم لڪائي چپن تي مرڪ سجائي ھو لکندو رھيو، پروگرامن ۾ شرڪت ڪري پنھنجا خيال ۽ تجربا ونڊيندو رھيو ۽ جيئندو بہ رھيو، پر غم لڪائڻ کيس اندران کوکلو ڪري ڇڏيو، جيڪو ئي سندس موذي مرض بڻجي ساڻس جهيڙيندو رھيو ۽ پوءِ سندس اسپتالن جا چڪر، اسريٰ کان آغا خان جا پنڌ شروع ٿيا، پر سندس مرض سڃاپجڻ ۾ نہ پئي آيو. 16 جون جي اڀاڳي ڏينھن کان ڪي ڏينھن اڳ سندس گهر ملڻ ويس. سندس ھڏي جي ٽي بيءَ جو علاج ھلي رھيو ھو، پر سندس رپورٽون طبيعت نہ سڌرڻ ۽ ٻيو قصو ٻڌائي رھيون ھيون. سندس علاج منجهان بہ لڳو پئي تہ سندس مرض جي پڪي تشخيص شايد اڃان نہ ٿي سگهي آھي. ملاقات ۾ مون کيس ھٿ ۾ ھٿ ڏئي چيو تہ ”اسحاق سائين، مرض تو کي کٽ ڀيڙو ڪري ڇڏيو آھي، پر تنھن جي چپن جي مُرڪ ۽ حوصلو ٻڌائي ٿي تہ توکي اڃان زندہ رھڻو آھي. “ جنھنجي جواب ۾ صرف مرڪري ھٿ کي جوابي زور ڏنائين. اسحاق مڱريو سان آخري مکاميل تي پھريون ردعمل سندس مرڪي ملڻ ھو، مرڪ سندس غيرمعمولي ۽ انوکي خاصيت ھئي. انھي مرڪ ۾ سندس ڳاڙھا چپ ۽ ڳاڙھا ڳل ڏاڍو ٺھندا ھيا. 16 ۽ 17 جون واري رات جڏھن عيد اچي رھي ھئي، ڳوٺ گل حسن سريوال جي مسجد ڀرسان احاطي ۾ آڌي رات جو سندس جنازي نماز ٿي چڪي ۽ سندس منھن ڏيکارڻ جي ويلا آئي تہ ھن جي مُک، ڳاڙھن چپن ۽ ڳٽن تي اھائي پُرسڪونيت سجيل ھئي، جيڪا سندس شخصيت جي سڃاڻ ھئي. سانگهڙ جهول روڊ تي اڇي مسيت واري اسٽاپ وٽان اتر طرف ڳوٺ گل حسن سريوال منجهہ 69 سال اڳ ھڪ شخص جنم ورتو، سياسي ڪارڪن بڻيو، پڙھڻ سان گڏ ڪڙھيو، سموري سنڌ گهميو، سنڌي صحافت جو ھڪ وڏو نالو بڻجي سنڌ جي صحافتي دنيا جو وھائو تارو بڻجي الوپ ٿي ويو، جنھنجي زندگي لطيف جي ھن بيت جي تشريح بڻجي سنڌ جي پولارن ۾ ھميشہ گونجار ڪندي رھندي:

نڪو کڻن پاڻ سين، نڪو ساڻن پاڻ،
اھڙا جن اھڃاڻ، آءٌ نہ جيئندي اُن ري.
(لطيف)

ماحول ۽ مسڪين دوست صحافي: ذوالفقار هاليپوٽو

پنھنجي اولاد سان گڏ پنھنجي ڪم وسيلي جنم ڏنل پروفيشنل صحافتي اولاد کي بہ ڇورو ڇنو ڪري ويو. ھو عيد کان هڪ ڏينھن اڳ موڪلائي ويو. ھن جي اھا مرڪ سگنيچر موڪلائي وئي، جنھن جي ڪري ھو مشھور ھو. ھيل ان مرڪ سان تہ ھن کي عيد تي ڀاڪر پائڻا ھئا. ’فادرز ڊي‘ تي ۽ عيد تي تہ ھن کي گهر اچڻو ھو، تندرست ۽ صحتياب ٿي. ھن جي صحتياب ٿي حيدرآباد اچڻ تي هن جي آجيان ڪرڻي ھئي. پر ھو ھن دنيا ۾ جوڙيل پنھنجي عارضي گهر موٽڻ بدران پنھنجي مستقل گهر ڏانھن روانو ٿي ويو.

”اُھائي آجيان ٿي ھئي،
اُھا ئي الوداع ٿي وئي.
ادي ھي آجيان ڪھڙي،
وئي جا موڪلاڻي ٿي“
(حسن درس)

درد کي بہ سوايو ٿيڻو ھو شايد. عجيب اتفاق ڏسو تہ عشق جي لازوال شاعر، سنڌ جي رومانوي اينٿراپالاجسٽ حسن درس جي درد ڀرئي وڇوڙي واري ڏينھن تي ئي سنڌ جو ڪلچرل اينٿراپالاجسٽ ۽ تحقيقي صحافت جو وڏو نالو اسحاق مڱريو اسان کان هميشہ لاءِ موڪلائي ويو آھي.
مون ٽي ڏھاڪا ھن کي ڏٺو، غور سان ڏٺو. وقت پوڙھو ٿيندو ويو، پر ھن جي تحقيقي تنقيدي اک، ھن جي خبر، ماڳ، ڪردار کي ڳولڻ جو عقابي جذبو، ھن جي قلم جي تلواري تکي نب، ھن جي طرزِ تحرير، ٻولي، سڀڪجهہ سندس لکيل آخري فيچر تائين جوان رھيو. ھو گهڻ - ڪاريو روح ھو، ان ڪري اڳ ھر ھڪ ھن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي، پنھنجي پنھنجي پسند تحت اھڙو ئي لقب ڏئي رھيو آھي.
ھو بنيادي طور فيچر اسٽوري رائيٽر ھو. جيتوڻڪ ھن فيچر رائيٽنگ تي نہ ڪا ڊگري ورتي ھئي، نہ ئي کيس ان ڄاڻ ۾ دلچسپي ھئي تہ فيچر رائيٽنگ جديد دنيا ۾ نان فڪشن صحافتي تخليق جو اھم مورچو آھي. پر ھو جينياتي طور، ڄائي ڄم کان ان شاندار صلاحيت تي دسترس رکندڙ ھو. فيچر رائيٽنگ معنيٰ تہ ڪنھن ھڪ ڳالھہ، ڪردار، سرگرمي، آبجيڪٽ کي کڻي تفصيلي تحقيقي اسٽوري ڪجي. ميڊيا جي باني کنڊن يورپ ۽ آمريڪا ۾ ان صنف کي خاص اھميت حاصل آھي، جنھن ۾ اڻلڀ ٿيندڙ شين بابت تفصيل سان لکڻ ڪري پڙھندڙن جو خاص ڌيان ڇڪبو آھي. مثال طور اھا خبر آھي تہ فلاڻي سياستدان، آرٽسٽ يا رانديگر فلاڻي علائقي ۾ محل ورتو آھي، پر فيچر اھو آھي تہ ان گهر جي ٻاھران لڳل فلاڻو وڻ ھيترا سال پراڻو آھي، يا ان محل ۾ استعمال ٿيندڙ ڪاٺي يا فانوس فلاڻي صديءَ جو آھي. يا ان محل جي رڌڻي ۾ پيل ٿانوَ ڪٿان جا آھن، وغيرہ وغيرہ.
اسحاق ان خاص صحافتي بيٽ بابت ڪا ڊگري نہ ھوندي بہ ان جو بادشاھ ڪاريگر ھو. ھن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان گمنام تاريخي ماڳن، مڪانن، شخصيتن، آبجيڪٽس جي اھڙي ڪرانالاجي پيش ڪئي جو سنڌي صحافت ۾ ھن فيچر رائيٽنگ کي عاليشان درجي تائين پھچائي ڇڏيو. ھن ۾ بنيادي طور فطري محبتي روح ھو. ان ڪري چرند پرند، ماحوليات، آبي جيوت، قدرتي وسيلا ھن جي لکڻين جو ترجيحي پاسو ھئا. ھو سيلاني ھو. ھن جي طبيعت ۾ کوجنا جي عجيب بي چيني ھئي. الائي ڇا پيو ڳوليندو ھو؟ ڄڻ ڪي ڳجها راز، ھن کي حسن درس جي ھنن سٽن بہ اطمينان نہ ڏنو:
“ھن پٽ کي وڇائي ويڙي سگهان ٿو آئون
ھر خيال جي خدائي کيڙي سگهان ٿو آئون“
ھو انھن سٽن تي مڌ پيئندي جهومندي بہ سوچيندو رھيو تہ اڃا منزل اڳيان آھي. ھن کي ھڪ ئي ماڳ مڪان، ماڻھوءَ، خيال بابت ڏھ ڀيرا سڏبو تہ ڏھ ئي ڀيرا ائين سنجيدگي ۽ تحقيقي اک سان پنھنجا نوٽس ائين مرتب ڪندو ھو، ڄڻ پھريون دفعو آيو ھجي. اھا ’اک الٽي ڌار‘ دل ھن کي ھر موضوع تي فيچر رائيٽنگ جو بادشاھ ڪري ڇڏيو ھو.
سمنڊ جو پائڻ، درياھ، مھاڻا، منڇر، تمر جا ٻيلا، ڪچي جي اقتصاديات، ڍنڍون، ڍورا، ڇر، آبي جيوت، طوفان، سيلاب، تاريخي ماڳ، گم ٿي ويل ماڻھو – هن جي صحافتي منفرد نگاھہ ۽ قلم کان ڪھڙي شيءِ هئي، جيڪا رهجي وئي هجي!... لڳندو ھو ڄڻ ھو تہ پاڻ کي پيو ڳولھي، پنھنجي ئي اسٽوري ۾. ھو رومي جي چوڻي ’تون جنھن کي ڳولھين پيو، دراصل اهو ئي توکي بہ ڳولھي پيو‘ جو عڪس ھو. هو جيڪو ڳولڻ ويندو ھو، اتي پاڻ وڃائي ايندو ھو. پوءِ ان ھنڌ ڪو ٻيو ويندو ھو تہ پري کان پچار پوندي ھئي تہ اسحاق ھتان اسٽوري ڪري ويو آھي. اسحاق ڪيترن ئي نسلن جو استاد ھو. سنڌ ۾ ماحولياتي صحافت جي بانين مان هو. ھن جي بيٽ سنڌي اخبار ھئي، تنھن ڪري ھن جا موضوع کڻي جيڪي نوجوان اردو انگريزي پريس ۾ ويا ۽ ماحولياتي مامرن تي لکندي لکندي اڌ دنيا گهمي آيا. ھو بنيادي طور فطرت سان پيار ڪندڙ شخص هو. ھن جي اندر ۾ ھڪ دوربين ھئي، جيڪا ننڍين ننڍين خوبصورتين کي محسوس ڪندي ۽ لقائن کي فوڪس ڪري ڏيکاريندي هئي. نہ صرف فوڪس ڪندي هئي، پر هو تيز شاعراڻي نگاھہ وارو صحافي Beauty کي Beautify بہ ڪندو هو. ھن گمنام ڪردارن کي مڃتا ڏياري. ھن زبردست انٽرويوز ڪيا، ھن فيلڊ اسٽوريز ڪيون. ھن جي درياھ سان ياري ھئي. ھن جي ندين جي وھڪرن سان شناسائي ھئي. ھن جي مھاڻن جي ڄار سان دوستي ھئي. ھن جي من اندر ۾ دريائي ٻيلن جا گهاٽا وڻ ھئا. ھن جي اندر ۾ منڇر ۽ ڪينجهر سان نينھن جا ناتا ھئا.
”سونھن نوري ھئي ذات ڇا نام ڇا
عشق ڪينجهر ھيو ڄار ڇا ڄام ڇا“
(ساجد سومرو)
ھو گهڻو ڪري هر پروگرام اٽينڊ ڪندو ھو. ھو ڪڏھن ڪڏھن پروگرامن ۾ ميزبانن سان اھڙي ڪندو ھو، جو لڳندو ھو تہ هو جنھن اخبار ۾ ڪم ڪري ٿو، ان ۾ پروگرام بابت کلون لاهي ڇڏيندو، وري ٻئي ڏينھن ڏسبو تہ سموري پروگرام جي تفصيلي سنجيدہ رپورٽنگ. ھن ڪڏھن بہ ڪنھن بہ ايونٽ/سرگرميءَ بابت پنھنجي ذاتي راءِ کي ڪوريج جي ميرٽ تي حاوي ٿيڻ نہ ڏنو. اھو ئي ھن جو پيشه ورانا اخلاقي پاسو ھو. ھن ايتري تہ ساک ٺاھي جو خبر نہ بہ ھلي تہ بہ ھر ڪو اھو ئي چوندو ھو تہ ڊيسڪ وارن گڙٻڙ ڪئي ھوندي، باقي اسحاق ضرور تفصيلي خبر فائيل ڪئي ھوندي. ھن ناليواري صحافي مرحوم فقير محمد لاشاريءَ جي ايڊيٽرشپ ۾ ڪراچي مان نڪرندڙ سنڌي اخبار ’جاڳو‘ ۾ ڇپجندڙ شاندار فيچر اسٽوريز ۾ نالو ڪڍڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ ڪيترين ئي سنڌي اخبارن ۾، ھو جتي بہ ھو، ھن جون اسٽوريز ۽ فيچرز اخبار جي سڃاڻپ بڻجي ويا. ھن نوي واري ڏھاڪي کان وٺي زندگيءَ جي آخري اسٽوري تائين سنڌ جي سياست، سماجيات، معيشت جي سمورن رنگن کي صحافيءَ جي اک سان ڏٺو.
ھن جي بيباڪي، بھادريءَ پويان قومپرست ۽ ترقي پسند سياست ۽ ھاري تحريڪ جي تربيت ھئي. ھن جي استادن ۽ دوستن ۾ ڪامريڊ حسن عسڪري، دادا علي بخش، ڪامريڊ بادل ٿري، سائين الھہ ورايو اداسي، سائين رسول بخش ملاح ۽ ٻيا ڪيترائي ڪردار شامل ھئا. ھو کلندي کلندي درد لڪائيندو ھو، پر نوجوان فرزند جي وڇوڙي ھن کي اندر مان کائي ڇڏيو ھو. تڏي تي جيڪي بہ دوست ساٿي سانگي احباب دعا لاءِ وڃي رھيا ھئا، انھن سان مرڪي تہ ملي رھيو ھو، پر ھن جي اندر جي درد جا اولڙا ھن جي اکين مان رڳو انھن وٽ ظاھر ھئا، جن جوان شھزاده وڃايا آھن. مون دعا مھل سندس اکين ۾ اوتجي آيل درد ان کان اڳ پنھنجي وڏي ڀيڻ تسنيم ھاليپوٽو جي اکين ۾ ڏٺو، جنھن ھڪ نوجوان شھزادو پٽ ھٿن سان لحد ۾ لاٿو ھو.
نيٺ ھر ھڪ جي پڄاڻي آھي. ھي انتھائي موڊي، پر پيارو شخص، ماحول ۽ مسڪين دوست، جاکوڙي، سدائين مرڪندڙ ۽ مرڪون ورھائيندڙ اسحاق مڱريو موڪلائي ويو. سندس وڇوڙي تي پوري سنڌ سوڳوار آھي.

”اڄ آئون سڄو ڏينھن تنھنجو ئي انتظار ڪندس
سج جي لھي وڃڻ کان وٺي
سج جي اڀري اچڻ تائين
سمنڊ ۾ غرق ٿيل ٻيڙن کان وٺي
اميد جي آخري ڳولا تائين
هڪ درياھ جي سُڪي وڃڻ کان وٺي
ٻِئي درياھ جي وهي اچڻ تائين
مونکي صرف تنھنجو ئي انتظار ڪرڻو آهي“
(اياز امر شيخ)

سنڌ جي يگاني صحافي اسحاق مڱريي جو وڇوڙو: نور سنڌي

فيس بوڪ تي سنڌ جي يگاني صحافي اسحاق مڱريي جي لاڏاڻي جي خبر پوندي ئي آئون نيڻن جا نير روڪي نہ سگهيس. مٿو چڪرائجي ويو دل ٻڏڻ لڳي. اسحاق مڱريو اسان جو پيارو دوست ۽ يگانو صحافي هو. هو سنڌ جي انھن چند صحافين ۾ شامل هو، جن سنڌي اخبارن ۾ اسٽورين جي شروعات ڪئي. هن سان واسطو ان وقت ٿيو، جڏهن هو شاگرد سياست ۾ سرگرم هو. ساڻس پھرين ملاقات 1986ع ۾ اڀپور ۾ هاري ڪانفرنس ۾ ٿي هئي، جنھن ۾ سڄي ملڪ جي هاري اڳواڻن کاٻي ڌر جي اڳواڻن ۽ هارين شرڪت ڪئي هئي. هارين جي اهڙي شاندار ڪانفرنس مون اڄ تائين نہ ڏٺي آهي. ان بعد ساڻس دعا سلام ٿي جيڪا دوستيءَ ۾ تبديل ٿي وئي ۽ جڏهن بہ سانگهڙ اچڻ ٿيندو هو تہ ساڻس ملاقات ضرور ڪبي هئي. محبتي انسان، مھمان نواز. اسحاق مڱريو پنھنجي وڏن کان وٺي، بنيادي طور حر جماعت سان واسطو رکندڙ هو. پر حر جماعت ۾ هوندي بہ ان ۾ فٽ نہ هو. شاگرديءَ واري دور کان قومپرست تنظيمن ۾ ڪم ڪرڻ سان هن پنھنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. پڙهندو بہ هو تہ هارپو ۽ محنت مزدوري بہ ڪندو هو. ڇو جو سندس والد جي لاڏاڻي بعد ٻن ننڍن ڀائرن جي ڪفالت بہ هن جي ذمي هئي.
مونکي ياد آهي تہ هن جڏهن پنھنجي روشن خيال مائٽن ۽ دوستن مير حسن سريوال، الاهي بخش سريوال ۽ ٻين سان سان گڏجي پنھنجي خاندان، ڳوٺ ۽ علائقي جي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ لاءِ مھم هلائي تہ علائقي جا ڪيترائي ڀوتار هنن تي ناراض ٿي پيا ۽ مھم جي رستا روڪ ڪئي. ان دوران اسحاق مڱريو سندس مائٽن ۽ دوستن کي مزاحمت جو منھن ڏسڻو پيو، پر همٿ نہ هاري، جنھن جو نتيجو اهو نڪتو تہ سندس خاندان، ڳوٺ توڙي علائقي جي نياڻين پڙهڻ شروع ڪيو، جن مان ڪيترين ئي نياڻين اعليٰ تعليم حاصل ڪئي، ڪيتريون ئي نياڻيون سرڪاري نوڪرين ۾ ويون. خود اسحاق مڱريي جي هڪ نياڻي پوليس ۾ ڀرتي ٿي.
اسحاق مڱريو تي مشھور ڪميونسٽ اڳواڻ حسن عسڪريءَ جو اثر هو. انھيءَ جي تربيت هن کي ترقي پسند سياست ڏانھن آندو ۽ هن ان سياست ۾ ڀرپور حصو ورتو. ساڳئي وقت مٿس مشھور قوم پرست ۽ هاري اڳواڻ ۽ صحافي تاج مريءَ جو بہ اثر هو. ان دور ۾ تاج مري سانگهڙ مان فقير عبدالرحيم مھر جي ادارت هيٺ شايع ٿيندڙ ’الفقراء‘ اخبار ۾ نيوز ايڊيٽر هو. ۽ ان اخبار جي آفيس ترقي پسند سياست ۽ هارين جي حقن جي حاصلات، مسئلن جي حل لاءِ تحريڪ جو مرڪز بڻيل هئي، جتي تاج مري نوجوانن جي تربيت ڪندو هو. ۽ اسحاق مڱريي جي تربيت حسن عسڪري ۽ تاج مري ڪئي ۽ انھن جي صحبت ۾ رهي اسحاق مڱريو بہ رچي لال ٿيو. ان دور ۾ اسحاق مڱريو هارين ۽ مزدورن جي حقن واري جدوجھد ۾ بہ سرگرم رهيو. بعد ۾ سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو حصو رهيو. ان پليٽ فارم تان هارين لاءِ جدوجھد ڪئي. هي اهو دور هو جڏهن ڀوتار، هارين سان ظلم ڪندا هئا ۽ ٽيننسي ايڪٽ تي عمل نہ ڪندا هئا. ڪافي ڀوتار، هارين جون بيگار ڪئمپون قائم ڪريو ويٺا هئا. اسحاق مڱريو هارين سان ظلم زيادتين خلاف پنھنجي دوستن سان گڏجي محاذ کڙو ڪيو. ٽيننسي ايڪٽ تي عمل ڪرائڻ ۽ ڀوتارن جي ظلم جو شڪار ٿيندڙ هارين کي انصاف ڏيارڻ جي ڀرپور جدوجھد ڪئي. ان ڪري مٿس ڏکيا ڏينھن بہ آيا. اسحاق مڱريو سياست جي شروعات 1978ع کان معصوم سانگهڙائيءَ سان گڏ تنظيم’ٻارڙن جي ٻاري‘کان ڪئي ۽ علائقي جي ٻارن ۾ ادب جو شوق پئدا ڪيو. هن جي صحافي دوستن سان وڌيڪ گھرائپ، وٽن گهڻي اچ وڃ ڪري کيس صحافت ڪرڻ جو شوق ٿيو ۽ روزاني برسات کان صحافت جي شروعات ڪئي. 1992ع ۾ فقير محمد لاشاريءَ جاڳو اخبار لاءِ نمآئندہ مقرر ڪرڻ جي سلسلي ۾ سانگهڙ ۾ ميٽنگ رکرائي، تڏهن اسحاق مڱريي جاڳو اخبار جو ضلعي رپورٽر مقرر ٿيو. جڏهن هن سچ حق جي صحافت ڪئي تہ هن لاءِ صحافت ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو. ان جي باوجود هن 1995ع تائين يعني ٽي سال ”جاڳو“ اخبار لاءِ سانگهڙ ۾ ضلع رپورٽر طور ڪم ڪيو. 1995ع ۾ جڏهن ڪامريڊن گڏجي سنڌ اخبار ڪڍي تہ اسحاق مڱريو سنڌ اخبار ۾ حيدرآباد مان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. اسحاق مڱريي جاڳو ۾ ۽ بعد ۾ سنڌ اخبار ۾ اسٽوريون لکيون.
اسحاق مڱريي جو شمار سنڌي اخبارن ۾ اسٽوريون لکڻ وارن ۾ ٿئي ٿو. هو تقريبن 1999ع تائين روزاني سنڌ ۾ رهيو، 1999ع کان 2004ع تائين ڪاوش گروپ ۾ ڪم ڪيو. 2004ع کان 2007ع تائين سنڌ ٽي وي تي ڊاڪيومينٽري سيڪشن جو ڊائريڪٽر رهيو. جڏهن تہ 2007ع کان 2008ع دوران سنڌ ٽي وي تي اليڪشن سيل جي انچارج طور خدمتون انجام ڏيندو رهيو. هن حسن درس سان گڏجي لاتعداد ڊاڪيومينٽريون ٺاهيون. هن روزاني عبرت ۽ افيئر مئگزين ۾ فري لانس ڪالم نگار ۽ فيچر رائيٽر طور بہ ڪم ڪيو آهي. جڏهن تہ هن سنڌ ايڪسپريس ۾ بہ ڪم ڪيو. هو انھن ٿورن سنڌي صحافين مان هو، جن تحقيقي صحافت جو رواج وڌو. هن ماحولياتي صحافت کي متعارف ڪرايو ۽ ڪيتريون ئي عالمي پائي جون رپورٽون ۽ فيچر لکيا. هو عالمي ماحولياتي تنظيمن آءِ يو سي اين، ڊبليو ڊبليو ايف ۽ يو اين ڊي پي جي ڪيترن ئي ماحولياتي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو.
اسحاق مڱرئي حر تحريڪ، لوڪ وزڊم جي موضوع اينٿراپالاجي، جهنگلي جيوت، ثقافتي ميلن کان ويندي سنڌ جي اهم ڪردارن جي زندگيءَ ۽ تاريخ کي پنھنجي قلم وسيلي عام ماڻھن تائين پھچايو. سنڌ يا پنجاب ۾ جڏهن بہ ڪنھن شھر ۾ ڪا هاري ڪانفرنس ٿيندي هئي تہ هي سانگهڙ مان هارين ۽ روشن خيال دوستن جون بسون ڀرائي ان ۾ نہ صرف شرڪت ڪندو هو، پر اتي رضاڪار طور ڪم بہ ڪندو هو. سياسي طور پاڻ سوشلسٽ پارٽيءَ سان بہ رهيو ۽ ان بعد عابد منٽوءَ جي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو، آخري گهڙيءَ تائين سندس پارٽي ۾ سرگرم رهيو. سانگهڙ ۾ سگا جو يونٽ قائم ڪرڻ ۾ سندس شاندار ڪردار رهيو. صحافتي حوالي سان پنھنجي رنگ ڍنگ جي انتھائي منفرد ۽ صحافت ۾ ائنٿراپالاجي جي نگاھہ شامل ڪندڙ هڪ نرالي ليکاري هو. هو سدائين ڪلھي ۾ گودڙي نما ٿيهلي کي سنڀاليندي، پراڻي فٽفٽيءَ تي بي پرواهيءَ سان هلندو هو. صحافتي شعبي ۾ لغت ۽ موضوعن جون نيون دريون کوليندڙ، سنڌي صحافت جي زوال واري دور ۾، اسحاق مڱريي جو وڃڻ، اسان سڀني جي زندگين ۾ هڪ وڌيڪ ڏک جو واڌارو آهي. سنڌي صحافت جو روشن تارو اسان سڀن کي ڇڏي اتي هليو ويو، جتان ڪوبہ موٽڻو نہ آهي. اسان سندس سوڳوار خاندان، سندس فرزند محمد صالح مڱريو، ڀائرن ميرمحمد مڱريو ۽ ميرحسن مڱريو توڙي پوري صحافتي برادريءَ سان ڏک ۽ تعزيت جو اظھار ڪريون ٿا.

(عبرت اخبار ۾ شايع ٿيل)

اسحاق جي انوکي ڳالھہ: ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو

(ميڊم امر سنڌو جي وال تان پياري ساٿي اسحاق مڱرئي جي ناگھاني وڇوڙي جي خبر پڙهي صدمي م وٺجي ويس. سنڌ کان هڪ بھادر بيباڪ ۽ سڄاڻ صحافي وڇڙي ويو. خدا جون مٿس رحمتون هجن.
سندس جنم ڏينھن تي هڪ دفعو مون کيس سندس پروفيشنلزم، همت ۽ بھادري تي هيٺين ڀيٽا پيش ڪئي ھئي. اڄ سندس وڇوڙي تي، کيس ساريندي پڙهندڙن اڳيان ان کي وري ٻيھر ورجايان ٿو.)

پنجويھہ سال کن اڳ لياقت علي خان جتوئي جي وڏ وزارت ٰ واري دور ۾ سندس مھربانيءَ سان مون کي سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري طور ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو هو. پاڪستان کي، تعليم جي ترقي لاءِ، دنيا جي امير ملڪن ۽ عالمي مالياتي ادارن مان قرض ۽ امداد سولائي سان ۽ جلدي ملي ويندي آھي. سنڌ صوبي جي پرائمري تعليم جي ترقي، ڇوڪرين جي تعليم جو پراجيڪٽ، خواندگي شرح وڌائڻ، ڪتابن جي ڇپائي ۽ مفت ورهاست، اسڪولن جي سروي ۽ ايس ايم اي نمبر الاٽ ڪرڻ جھڙا پراجيڪٽ انھن مالياتي ادارن جي مدد ۽ قرض سان مڪمل ٿيا آھن.
انھن سالن ۾ سوويٽ يونين جو تازو خاتمو ٿيو هو، ترقي پسند نظريا ۽ آدرش وکرجي هوائن ۾ اڏامي چڪا هئا. پاڪستان جا سڀ انقلابي دوست جن انقلاب آڻڻ ۽ ايشيا کي سرخ بنائڻ جي لاءِ جدوجھد پئي ڪئي ۽ مختلف مورچن ۽ محاذن تان سامراج سان مھاڏو اٽڪايون پئي آيا، اوچتو ئي اوچتو سياسي بيروزگاريءَ جو شڪار ٿي ويا هئا. انھن ئي ڏينھن ۾ اسانجي ڪامريڊ لڏي جي ڪجهہ سڄاڻ ساٿين گڏجي هڪ روزاني اخبار ’سنڌ‘ جاري ڪئي هئي، جنھن ۾ اسانجو پيارو ساٿي ڊاڪٽر امداد چانڊيو بہ حال آھر شريڪ هو.
مان جڏهن ڊپٽي سيڪريٽري ٿيس تہ امداد صاحب اڪثر مون وٽ ڪراچي ايندو رهندو هو. امداد جي معرفت ارشاد گلاباڻيءَ سان محبت جو رشتو جڙيو. دودي چانڊيي سان ويجهڙائپ ۽ گھرائپ ٿي. جيڪي سنڌ سيڪريٽريٽ جو چڪر هڻڻ کان پوءِ اڪثر منھنجي آفيس ۾ اچي ٿڪ ڀڃيندا هئا.
مان شايد غلط هجان، پر منھنجو مشاهدو آھي تہ امداد چانڊيي کي جڏهن بہ ڪا سفارش ڪرڻي هوندي آھي يا ڳالھ چوڻي هوندي آھي تہ پھريان ان جو ٿلھ ٻڌندو آھي. مثال طور بوٽ نئون وٺڻو هوندس تہ پھريان توهان ڏانھن تڪي نھارڻ شروع ڪندو ۽ هڪ هٿ سان پادر کي پير مان گهرگهلو ڪندي، چوندو:
”ير ڳالھہ ٻڌ.“
موچڙي ۾ ھٿ ۽ زبان سان ڳالھ ٻڌ، جھڙو لائيو ايڪشن ڪنھن اوپري ماڻھوءَ کي في الحال ڊيڄاري وجهندو، پر امداد جي اهڙي منفرد عمل جو ڪلائيمڪس نئون جوتو وٺڻ جي تياري سمجهڻ گهرجي. پر ان لاءِ پھريان دوستن کي سندس پراڻي پادر جي تعريف ۽ تاريخ ٻڌڻي پوندي تہ هن اهو جوتو ڪڏهن، ڪيئن، ڪيترن پئسن ۾، ۽ ڪٿان خريد ڪيو هو. ”ير ڳالھ ٻڌ...“ کان پوءِ جوتو لاهي هٿ ۾ جهلي هينئن مخاطب ٿيندو:
”استاد! هي ڏس مون وارو بوٽ اصل نج چمڙي جو ٿئي. هليو بہ گهڻو آ. پالش بہ ڪڏهن ڪڏهن ڪرائيندو هومانس، تڏهن بہ چمڪ ختم ڪانہ ٿيس. تازين برساتين جي بہ وڏي دٻ جهلي اٿائين، پر هاڻي جهونو ٿي ويو آ. دل چوي ٿي تہ اڃان هلايانس، پر تنھنجي ڀاڄائي ۽ ٻار زور ٿا ڀرن تہ نئون وٺجي. ڀلا تون صلاح ڏي. ٿي جائي بہ صفا جنھر ويو آ . هل تہ ڀلا تہ نئون وٺون، ٻيو ڇا ڪريون.“ ۽ آخر پوءِ نئون جوتو خريد ڪبو.
هڪ دفعو امداد چانڊيو مون وٽ سنڌ اخبار جي مالي خساري تي مدد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ ڪھي اچي نڪتو. مدد لاءِ ٿلھہ ٻڌندي ڏيڍ ڏينھن گذرڻ کان پوءِ اچي ان تي بيٺو تہ مان سرڪاري اشتھار ڏيارڻ لاءِ اخبار جي مدد ڪريان. امداد صاحب جڏهن پنھنجي ڳالھہ مون تي واضح ڪئي، تڏهن مونکي بہ ياد آيو تہ تعليم کاتي جو هڪ اشتھار ٻن ڏينھن کان پوءِ سيڪريٽري تعليم جي ايپروول لاءِ موڪلڻو آھي جيڪو ان وقت منھنجي ٽيبل تي پيل هو. اهو فائيل مون ڪالھہ کان تيار ڪري رکيو هو، جنھن جي امداد کي خبر ئي ڪانہ هئي. وڏي ڳالھ تہ ان فائيل ۾ سنڌ اخبار کي اشتھار ڏيڻ جي سفارش ٿيل بہ ڪا نہ هئي. امداد جي حڪم کان پوءِ مون ان ئي مھل سيڪشن آفيسر کي سڏي فائيل واپس ڪيو ۽ تيار ڪيل نوٽ ۾ سنڌ اخبار جو نالو شامل ڪري کڻي اچڻ لاءِ چيو. ٻئي ڏينھن فائيل سيڪريٽريءَ کان صحيح ٿي واپس پھتو، جنھن کي سيڪشن آفيسر ذريعي هٿوهٿ سيڪريٽريٽ جي بيرڪن ۾ قائم اطلاعات کاتي جي آفيس ۾ پھچرايم. اشتھار ڇپجڻ کان پوءِ سنڌ اخبار کي ساڍا ست لک مليا هئا.
هاڻي وري ٻيو فيز شروع ٿيڻ وڃي رهيو هو. ساڳي طريقي سان ساڳو فائيل سيڪريٽريءَ وٽ پھتو. سيڪريٽري ڀلو ماڻھو ھو. ڪڏهن تغلق هائوس واري آفيس ۾ رش ھجڻ سبب پنھنجي آفيس ڇڏي اسان ڏانھن اولڊ ڪي ڊي اي بلڊنگ واري پاسي هليو ايندو هو، جتي بہ هڪ ننڍڙي آفيس سندس لاءِ مخصوص ڪئي وئي هئي، ڪجهہ اهم فائيل هُو اتي ويھي ڪڍندو هو.
اڄ انھيءَ آفيس ۾، اوچتو مونکي سڏايو هئائين. مان اندر داخل ٿيس تہ ويھڻ جو اشارو ڪيائين. مون ڏٺو تہ منھنجي نوٽ سان موڪليل اشتھارن وارو فائيل سندس اڳيان ٽيبل تي کليو پيو هو. سيڪريٽري مخاطب ٿيندي چيو تہ؛
”چانڊيا صاحب هن سنڌ اخبار جي ڪا ايڏي وڏي سرڪيوليشن تہ ڪانھي، ان کي ڇو ٿا ڏيو اشتھار؟“
منھنجي تصور ۾ امداد تري آيو. هيڏو وڏو ماڻھو. شاگرديءَ جي دور جو دوست ۽ پروفيشنل ڪليگ.
سيڪريٽري کي سڌو سادو جواب ڏنم تہ؛
”سائين سرڪيوليشن شايد گهٽ ھجيس، پر اخبار ڪڍندڙ سڀ وڏا ماڻھو آھن.“
”... ڪھڙا؟“ سيڪريٽري پڇيو...
”امداد چانڊيو، غلام رسول سھتو، غلام حسين شر، صالح بلُو.“
اڃا نالا کڻندو پيو وڃان تہ سيڪريٽريءَ ڳالھہ ڪاٽيندي پڇيو؛
”ڇا ڪندا آھن؟“
”سائين سڀ ڪامريڊ ھِن، ۽ قربانيون ڏيندڙ دوست. اسان کي ڪامريڊن جي مدد ضرور ڪرڻ گهرجي سر.“
مان يڪ ساهي چئي ويس. منھنجي ڳالھہ تي هو ٿورو مشڪيو ۽ پڇيائين.
”توهان جا دوست آھن تہ پوءِ انھن ۾ اسحاق مڱريو سڃاڻو.“
”نہ سائين، مان نہ سڃاڻان!
ڇو سر ان جو پڇو ٿا!؟“
”ادا انھي مڱرئي ۽ هن تنھنجي ڪامريڊن واري اخبار اسان جي لاءِ باھہ ٻاري ڏني ھئي. توهانجي جوائن ڪرڻ کان اڳ ۾ اسحاق مڱريو تعليم کاتي جي پراجيڪٽن خلاف ڏاڍو لکندو رهيو آھي. هاڻي تعليم کاتو انھيءَ اخبار کي اشتھار نہ ڏيندو. باقي ٻين اخبارن جا نالا مون منظور ڪيا آھن، جيڪي اوهان تجويز ڪيا آھن. فائيل کڻو ۽ اطلاعات وارن ڏانھن موڪلي ڏيو.“
مون ان وقت اها ماجرا فقط امداد کي ٻڌائي هئي ۽ اشتھار جو ٻيو فيز نہ ملڻ تي معذرت ڪئي هئي.
پر ان انوکي ڳالھہ مون وٽ اسحاق مڱرئي لاءِ دلي محبت، ادب ۽ احترام پيدا ڪيو هو، جيڪو عزت ۽ سچائيءَ سان صحافتي ۽ قلمي پورهيو ڪري رهيو هو. جنھن سان اڃا روبرو منھنجي ملاقات ڪانہ ٿي ھئي. اڄ سندس جنم ڏينھن تي هن يگاني دوست کي دلي مبارڪون پيش ڪريان ٿو.

(سوشل ميڊيا تان کنيل)

اُوچو ڳاٽ : جاويد لانگاھہ

آءٌ جڏھن 2005 ۾ سنڌ ٽي وي جي نوڪريءَ سانگي بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا آيس تہ، ان کان اڳ فقير اسحاق مڱريو ۽ ياسين جوڻيجو ڪاوش لاءِ ڪم ڪري واپس سنڌ بدلي ٿي چڪا هئا. فقير اسحاق ۽ ياسين پنھنجي ڪم، ڪردار، سڀاءَ ۽ ڪمٽمينٽ وسيلي پٺيان ايندڙ سنڌي صحافين لاءِ اهڙي راھہ ٺاهي ويا هيا، جيڪا روز گذرڻ ۾ اسان استعمال ڪندا هياسين. فيلڊ هجي يا پريس ڪلب يا وري ادبي ۽ سياسي حلقا، هر هنڌ ھنن همراهن جي واھہ واه لڳي پئي هوندي هئي. ائين هي ٻئي ڄڻا اسان کي امتحان ۾ تہ وجهي ئي ويا هئا، پر سندن ذڪر تمام بھترين لفظن ۾ ٻڌي گهڻي سرهائي بہ ٿيندي هئي، تہ هي همراھہ سنڌي صحافين جو بلوچستان ۽ خاص طرح ڪوئيٽا ۾ ڳاٽ اوچو ڪري ويا آھن. بعد ۾ آءٌ، ذوالفقار گراماڻي ۽ ڪمال لاشاري پنھنجي حال سارو انھيءَ معيار تي پورو لھڻ جي ڪوشش ڪندا رهياسين، سو ڪيترو ان معيار تي لٿاسين، اهو وقت ٻڌائيندو.
فقير اسحاق سان هونئن تہ پراڻي شناسائي هئي، پر ان تعلق ۾ ڪوئيٽا هڪ گڏيل ذريعو ھو. منھنجي گهر واري نيلم مومل جي اسحاق صاحب سان ڪوئيٽا ۾ واقفيت ٿي هئي ۽ اهو تعلق ايترو تہ گهرو هو جو نيلم کيس بابا سڏيندي هئي. اسين شاديءَ کانپوءِ حيدآباد ايندي ئي اسحاق صاحب جي بابن شاھہ ڪالونيءَ واري گهر وياسين ۽ اتي اسحاق صاحب ۽ سندس گهرڀاتين سان يادگار ڪچھري ڪئي سين. ٻيو اهو تہ اسحاق صاحب جو ڪوئيٽا ۾ صحافين اندر ايترو تہ احترام ۽ شناسائي هئي جو هر ماڻھو پيو سندس لاءِ سلام ڏيندو هيو. آءٌ جڏھن بہ حيدرآباد ايندو هئس تہ منھنجو سڀ کان پھريون پنڌ ڪاوش اخبار ڏانھن ٿيندو هيو، جتي منظور ميراڻيءَ کي هٿ ڪرڻ لاءِ مونکي ڪيئي ڪلاڪ لڳندا هئا. منظور جيستائين ڪاوش جي ڪيبن ۾ پيو ايڊيٽوريل گهڙيندو هيو، تيستائين آءٌ رپورٽرن واري ڪمري ۾ وڃي اسحاق صاحب سان ويھندو هئس. ڊيسڪ تي شام جو وقت اسٽوري فائيل ڪرڻ جو هوندو هيو، پر منھنجي اچڻ تي فقير ڪم ڪار ڇڏي ڪوئيٽا جي سياست جي معلومات ۽ صحافين جي خبرگيري وٺندو رهندو هيو ۽ ان دوران دينوءَ جي رسڪٽ چانھن جو هڪ اڌ دور يا حملو بہ ٿيندو هيو. ائين انيڪ ملاقاتن ۽ ڪچھرين جو سلسلو هيو، جنھن ۾ بلوچستان ۽ ڪوئيٽا اسان ٻنھي وچ ۾ گڏيل موضوع هوندا هيا.
هڪ ڀيري مان ڳوٺ هيس تہ اسحاق صاحب ڪنھن عوامي معاملي تي اسٽوري ڪرڻ خيرپور ناٿن شاھہ آيل هو، جتي هُو اسان جي عوامي ٺڪاڻي، ڪامريڊ نظير چانڊئي جي اوطاق تي ٻہ ٽي ڏينھن اچي ٽڪيو. هڪ ڏينھن صبح ويل اسحاق صاحب جي ناشتي لاءِ ڪامريڊ نظير ڪنھن ڇوڪري کي چيو تہ، ”سرڪاري ماني‘ وٺي آ.“
جڏھن ڇوڪرو واپس آيو تہ سندس هٿ ۾ ڊبل روٽي هئي. اسحاق صاحب چيو تہ، ”هيءَ وري سرڪاري ماني ڪيئن ٿي؟“ ڪامريڊ نذير چيس تہ ”جنھن شيءِ تي سنڌي ماڻھن جو وس نہ هلندو آھي يا وري پيڪنگ ۾ هجي، تنھن کي اهي سرڪاري چوندا آھن، جيئن سرڪاري کير پيڪنگ وارو، سرڪاري ٻٻر (ديوي)، سرڪاري بيدا وغيرہ.“ ان ڳالھہ تي اسحاق صاحب ڪيترن ئي منٽن تائين پنھنجي مخصوص انداز ۾ ٽھڪ ڏيندو رهيو ۽ کيس اها ڳالھہ ايتري تہ پسند آئي جو جڏھن بہ نظير سان ملاقات ٿيندي هيس تہ مذاق ۾ کانئس پڇندو هيو تہ، ”ٻي ڪھڙي شيءِ سرڪاري آھي؟“
ويھارو ڏينھن اڳ دريا خان فون تي حال احوال دوران ٻڌايو تہ، ”سائين اسحاق مڱريي جي طبيعت گهڻي ٺيڪ نہ آھي. کيس ڪينسر ظاهر ٿيو آھي، پر سائين اسحاق پاڻ ۽ ڪٽنب وارا ان ڳالھہ کي پبلڪ نہ پيا ڪن.“ مون پنھنجي طور تي سمجهي ورتو تہ اسحاق صاحب جھڙو ٻوڌي ڀڪشو ڪڏھن بہ پنھنجي بيماريءَ جو اشتھار هڻي دعائن ۽ همدرديءَ جي اپيل نہ ڪندو- ۽ ٿيو بہ ائين تہ هن آڪاش ۾ لامارا ڏيندڙ موت جي پکي پرڏيھيءَ کي ڏور کان ڏسي، پنھنجي روايتي مرڪ کان پوءِ چيو هوندو، ”اچي ويو آھين؟“
اسحاق صاحب سنڌ جي مٽيءَ مان ٺھيل هيو، انڪري منجهس اهي سمورا رنگ، قدامت ۽ خوبصورتي موجود هئي، پر جيئن تہ هو هڪڙو يوگي هوندي بہ انسان هيو، انڪري سندس پٽ حسن جي وڇوڙي سندس مضبوط مٽيءَ جي بند ۾ هڪ وڏي روڻ وجهي ڇڏي هئي ۽ پوءِ واري ڏکن جي ٻوڏ ان مٽيءَ کي خاموشيءَ سان وهائي هلي ويئي.
دوستن کي ويندو ڏسي ائين ٿو لڳي تہ وقت جي جهار سمورن پڪل فصلن جي آس پاس وڻن تي تاڙ ۾ ويٺل آھي، خبر نہ آھي تہ ڪھڙي ٻني ۽ ڪھڙي سلي تي ان جو حملو ٿيڻو آھي.

(سوشل ميڊيا تان کنيل)

ھن جي اندر ۾ بڙ جو وڏو وڻ، ڪونجن جي ھڪڙي قطار ۽ حر ڪئمپون ھيون: خالد ڪنڀار

آئون ھن جي پيرن تي پير ڏئي ھلي رھيو ھئس يا ھو جن جن گهٽين مان گذري آيو ھو, آئون انھن انھن گهٽين مان گذريس پئي. اھا مونکي خبر بہ ڪانہ ھوندي ھئي. نہ ئي وري مونکي انھي ڳالھ جو احساس ھوندو ھو. پر ڪڏھن ڪڏھن منھنجي ڪنھن ڪنھن ليک تي ھن جو تفصيلي ڪمينٽ يا ڊگهي فون ڪال مونکي اھو احساس ضرور ڏياريندي ھئي تہ ھائو ٻيلي انھي گهٽي مان ھن فقير جا پير بہ گذريا آھن. ھو انھي ھڪڙي ڪمينٽ ۽ فون ڪال ۾ منھنجي انھي ليک جي رھجي ويل سڀني پاسن تي ڳالھائي ويندو ھو. ھن جي ڳالھائڻ کان پوءِ مونکي منھنجي لکڻي اڌوري اڌوري ۽ اڻپوري اڻپوري لڳندي ھئي. اھا ڳالھ صرف ليکڪ ئي سمجهن ٿا تہ جڏھن ڪا بہ لکڻي اڻپوري ۽ اڌوري لڳندي آھي تہ انھي وقت ليکڪ پنھنجو پاڻ کي ڪيئن اڌورو اڌورو ۽ اڻپورو محسوس ڪندو آھي.
ڪڏھن ڪڏھن وري ڪٿي ڪٿي ڪا ڳالھ سمجه ۾ ڪانہ ايندي ھئي تہ ھن کي بي حجاب ٿي فون ڪري وٺبو ھو. مونکي ياد اچي ٿو ھن کي آخري فون مون سنڌ جي شھر پاٽوين مان بيھي ڪئي ھئي. منھنجو سوال ھو ”سائين اھو ’پاٽوين جا پانڊو پنندي ڏٺاسين‘ وارو پھاڪو ڪيئن آھي؟“ مونکي ياد آھي تہ ھن مونکي انھي پھاڪي جي جديد تشريح بہ ڪري ٻڌائي ھئي، جيڪا ھن وقت جي صحافت تي اچي کٽي ھئي.
ھن جي اندر ۾ ھڪڙو وڏو بڙ جو وڻ ھڪڙي ڪرڪندندڙ ڪونجن جي قطار، حر تحريڪ لاءِ ٺاھيل حر ڪئمپون تہ ھونديون ئي ھونديون ھيون. پر انھي سان گڏ ھن جي اندر ۾ لاڏائو قبيلن جا قافلا بہ پيا ھلندا ھئا. ھو مونکي اڪثر چوندو ھو ”جوڳي تون انگريزن جو ايجنٽ آھين.“ انھي جملي کانپوءِ ھڪڙو وڏو ٽھڪ ڏيندو ھو. چوندو ھو ”تون اھو ڪم پيو ڪرين جيڪو سنڌ اندر انگريزن جي ايجنٽن بيٺڪي دور ۾ ڪيو. خانہ بدوشن جو لڪيل ڳالھيون پيو عام ڪرين. وري انھي لمحي چوندو ھو، ”سلاٽن جي ڪالونيءَ ۾ بہ ڪڏھن ھل تہ ھلون.“ ٻڙھا شايد حيدر آباد ۾ بہ ويٺا آھن. اھا ھن کي خبر ھئي. گلاب جوڳي جي ڪالونيءَ تي ھن اسٽوري ڪئي. ايئن ھن جي حيدرآباد تي ڪيل اسٽورين حيدر آباد اندر ھڪڙو ٻيو حيدر آباد متعارف ڪرايو، جيڪو عام اک نٿي ڏسي سگهي. ھن جي اک جو اھو ئي ڪمال ھو تہ اھا ڪجهہ الڳ ڏسي سگهندي ھئي.
ڪجهہ مھينا ٿيندا جو مون ڍورونارو واري فرش موريءَ تان گذرندي عادتن انھي وڏي بڙ جي وڻ ڏانھن نھاريو. آئون بڙ جو وڻ نہ ڏسي ھيٺ لٿس تہ انھي وڻ کي ڪنھن وڍي ڇڏيو ھو. انھي وڏي بڙ جي وڻ جا بنڊ اتي پيا ھئا. مونکي خبر ناھي تہ اھا خبر اڄ بہ ڍورونارو شھر جي ماڻھن کي آھي الاھي ناھي. پر اھو تمام جهونو ۽ وڏو بڙ جو وڻ، جنھن ۾ چمڙا پيا لڏندا ھئا. اھو ڍورونارو شھر جي سڀ کان وڏي سڃاڻپ ھو. مون اھي بنڊ جا فوٽو ڪڍي سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪيا. انھي رات ئي ھن جي فون اچي وئي ”جوڳي! فرش موري وارو بڙ جو وڻ وڍجي ويوڇا؟ پوءِ ڍوري ناري وارن انھي تي ڪو احتجاج ڪونہ ڪيو. توکي خبر آھي مون انھي بڙ جي وڻ تي ھڪري تفصيلي اسٽوري ڪئي ھئي.“ ھن انھي بڙ جي وڻ جي ڳالھ ڪندي وسائي ھاليپوٽي جي بہ ڳالھ ڪئي، جنھن لاءِ بہ اھو بڙ جو وڻ ايترو ئي اھم ھو. مون ھن جي انھي فون ڪال مان محسوس ڪيو تہ بڙ جو وڻ ھن جي اندر بيٺل ھو.
2011 جي ٻو ڏ ۾ نھٽي مان اچي نڪتو، رستا ھئا ڪونہ، پر الاھي ڪيئن پھتو. انھن ڏينھن ۾ نھٽي ۾ جام صحافي آيا. ھي ايندي ئي بابا سان گڏ اچي ويھي رھيو. ھڪڙي ڊگهي ڪچھري ٿي. ھن انھي ٻوڏ کي اتان ويھي رپورٽ ڪيو. ھن کي ڪونجن جو ولر اتان مليو. مونکي ٺيڪ ياد ناھي، پر ھن ڪجهہ مھينا شايد ٿيندا مونکي فون ڪئي تہ ”جوڳي توکي ڪنھن اھا ڳالھ ٻڌائي آھي تہ گهڻا سال اڳ اتان ڪونجن جو ولر گذريو ھو، جنھن ۾ ھڪڙي ڪونج شڪارين ڌڪي وڌي ھئي. انھي تي وڏو ملحلو ٿيو ھو، پوءِ اھا ڪونج ڪسجڻ کان بچي وئي ۽ سال نھٽي ۾ ويٺي ھئي، وري ٻي سال ڪونجن جو ولر اتان گذريو تہ ڪونجن وڏيون رڙيون ڪيون ۽ ٽي ڏينھن انھي ڳوٺ مٿان ڦيرا ڏينديون رھيون ۽ سال اڳ ڌڪي ٿيل ڪونج سامھون رڙيون ڪندي رھي ۽ نيٺ انھن سان گڏ اڏامي وئي.“ مون سان اھا ڳالھ 2011 جي ٻوڏ ۾ فقير ڪئي ھئي. ڪٿان وري پڇا ڪري ٻڌاءِ مونکي. پوڙھين کي خبر ھوندي. مون اھا تہ پڇا ڪري ٻڌائي، پر مون سوچيو تہ ٻارنھن سال ھن جي اندر ۾ اھو ڪونجن جو ولر نھٽي جي ڀٽ تي رڙيون ڪندو رھيو. پوءِ ھن انھن ڪونجن جي ولر تي ھڪڙو ليک بہ لکيو ھو. مونکي لڳي ٿو انھي کان پوءِ ھن جي اندر مان اھي ڪونجون رڙنديون اڪنديون ڪنديون اڏي ويون ھونديون.
حر ڪئمپ ۽ انھن ڪئمپن ۾ ڄايل ھڪ ھڪ ٻار جي ھن کي خبر ھئي. جڏھن مون سائين الھورائي بھڻ جي ڪتاب جو ھن سان ذڪر ڪيو تہ ھن الائي ڪيترين حر ڪئمپن جي ٻارن جا داستان منھنجي سامھون کولي ڇڏيا.
سائين عبدالواحد آريسر جي وڇوڙي تي ھن جيڪو آرٽيڪل لکيو ھو، انھي ۾ ھن آريسر صاحب سان سندس انھي ڪچھريءَ جو ذڪر ڪيو ھو. جنھن ۾ ھن لکيو ھو تہ مون ٻڌو آھي تہ آريسر صاحب سنڌ جو ڪو اھڙو ڳوٺ شھر اسٽاپ ناھي، جيڪو نہ ڏٺو ھجي. جڏھن مون ھن کان ھڪڙي گمنام ڳوٺ جو ڏس پڇيو جنھن تائين نہ روڊ نہ رستو ھو تہ ھن انھي جي جواب ۾ مونکي مڪمل ڏس ڏنو. جڏھن آئون اھو آرٽيڪل پڙھي رھيو ھئس تہ آريسر صاحب جي سڄي سنڌ ڏٺل ھئي، پر جيڪو ماڻھو سوال پڇي پيو، انھي کان بہ سنڌ جو ڪو ڀاڱو بچيل ڪونہ ھوندو. ھن بہ ايئن ئي سنڌ ھڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻي ڇيڙي تائين ڏٺي ھوندي. ھنن سنڌ کي ٽڪ جي رلي ڪري پنھنجي پوري وجود تي اوڍيو ھو.
آئون ھن کي ’چاچو‘ لکندو ھئس انھي ڪري جو ھو منھنجي والد صاحب جو دوست ھو. آئون ھن کي ’سائين‘ چوندو ھئس، انھي ڪري جو ھن جو ڪم منھنجي لاءِ سدائين احترام لائق رھيو آھي. باقي سنڌي صحافت جي اڪثريت لاءِ ھن جي راءِ ’پاٽوين جي پانڊن...‘ واري ھئي.
ھن ڪم ڪري دھل وڄائي سوشل ميڊيا جي چوڪ تي بيھي ڪڏھن بہ مارڪيٽنگ ڪانہ ڪئي. ھن جو ڪم ھن سڃاڻپ ھو. ھن جڏھن موڪلايو پئي تہ ڪنھن کي ڪنوڪن خبر بہ ڪانہ پوڻ ڏني ۽ ھليو ويو. ڪنھن کي ڪا گذارش ڪانہ ڪئي، ڪنھن کي ڪا ميار ڪانہ ڏني.
ھن کي نيوز سينس تہ ھو ئي ھو، پر ھن جون فيلڊ اسٽوريون ڪمال جون آھن. انھن فيلڊ اسٽورين کي ڪو سٺو ايڊيٽر ترتيب ڏئي ڪتابي شڪل ڏئي تہ سنڌ جو ھڪڙو ٻيو چھرو پاڻ سڀني جي سامھون اچي وڃي.
اڃان مانگي لال سانسي جو ذڪر رھي ٿو
لو يو چاچا اسحاق سائين
(سوشل ميڊيا تان کنيل)

مٺو سائو نہ مٽيو اسحاق مڱريو

زاھد اسحاق سومرو

جھڙي طرح اقتدار جي ڪرسي بہ ماڻھوءَ کي آزمائيندي آهي، تھڙي طرح صحافت جي دنيا ۾ لکڻ جي ڪسوٽيءَ تي ماڻھو پرکجي ٿو تہ ھو مزا ماڻڻ وارن رستن تي نڪري ٿو يا اورچائي، سچائي، ديانتداري، ايمانداري ۽ ذھانت سان گڏ ڪنڊن وارن پيچرن جو راھي بڻجي ٿو. ھي مست فقير ماڻھو بہ صحافتي براين کان نہ رڳو پاڪ ھو پر سندس دامن اڇو اجرو پڻ رهيو. ھن صحافت ۾ انٿروپالاجسٽ طور نوان لاڙا متعارف ڪرايا. ھن زندگيءَ تي ڪيترائي ڀيرا نظر ڦيرائي ۽ ھر ڀيري ان جي نئين روپ ۽ رنگ کي پنھنجي قلم جي نوڪ سان الڳ ڍنگ ۽ انگ سان لکيو. ريتن رسمن، لاڏائو قبيلن جي زندگيءَ جي رھڻي ڪھڻي ۽ انھن عادتن، سگهڙن جي خوبين توڙي ڀوتارن جي خامين سان ڪجهہ دلچسپ ۽ مثبت پھلوئن تي بہ لکيو ھو. تحقيقي صحافت ۾ دلچسپي وٺندو هو، اسٽوريءَ ۾ باريڪ بيني ۽ دلچسپ پاسا اٿلائي لکڻيءَ ۾ تجسس پيدا ڪندو هو. اسحاق مڱريو موجودہ جديد سنڌي صحافت ۾ تحقيقي صحافت جو نئون تعارف ڪرايو. ھن فقير منش ماڻھوءَ کي پنھنجي ڌرتي جي مٽيءَ سان ايترو پيار رهيو جو ان جي خوشبو سان واسجڻ لاءِ هن ٿر يا اڇڙي ٿر جي وارياسين ڀٽن ۽ ڀٽن جي وچ ۾ ڍنڍن جي اوج، موج ۽ تنزلي جا تاڪ کوليا. ھو سنڌوءَ جو عاشق، سامونڊي پٽيءَ جو چاھيندڙ، ٿر جي وارياسين ڀٽن جو طالب ھو. ھو ظلم ۽ ڏاڍ جي تشدد ٿيل مظلوم جي اکين جو لڙڪ بہ ھو. سنڌو درياھہ جي ڪنارن کان کاروڇاڻ وٽ درياھہ ۽ سمنڊ جي سنگم تي هو جيترا ڀيرا چڪر ھڻندو تہ ھر ڀيري نئين تحقيقي اسٽوري لکندو ھو. سادي سٻاجهي طبعيت واري ھن فقير منش شخصيت کي ھاري، مزدور طبقي جو درد کرو ڳالھائڻ کان روڪي نٿي سگهيو، بنا پرواھہ جي منھن تي کريون کريون ڳالھيون چئي ڇڏيندو ھو. 2010ع دوران جاتيءَ ۾ ٻوڏ جو پاڻي داخل ٿيڻ وقت پھتو تہ ھر ماڻھو پنھنجي گهرڀاتين کي محفوظ هنڌن ڏانھن منتقل ڪرڻ لاءِ گاڏيءَ جي ڳولا ۾ ھو ۽ گاڏين جي تمام گهڻي کوٽ جي ڪري جاتي - گولاڙچي روڊ تي گهڻا ماڻھو قافلن جي صورت ۾ گولاڙچيءَ طرف پنڌ وڃي رهيا هئا تہ انھن ۾ پيرسن عورتون ٿڪجي روڊ ڪناري ويھي رڙيون ڪري رهيون هيون. ان وقت اسحاق مڱريو بہ قيامت صغرا جھڙو منظر ڏسندو ئي ڏسندو رهيو تہ اوچتو تڏهوڪو گهرو صوبائي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا وڏي پوليس قافلي سان جاتيءَ مان گذريو پئي تہ اسحاق مڱرئي ڪجهہ تيز وکون کڻي کيس روڪي جذبات ۾ کيس چيو تہ ”توهان ڪيترن گاڏين سان گهمو پيا، توهان کي روڊن تي تڙپندڙ حياتيون يا ھي ٻار ۽ پوڙهيون عورتون نظر نٿيون اچن؟ ڪو احساس ڪريو.“ ذوالفقار مرزا بروقت ڪجهہ پوليس موبائيلن ۾ ماڻھو منتقل ڪرڻ جو چئي کيس چيو تہ ”ماڻھن لاءِ گاڏيون آڻيون ٿا.“ کڙڪيدار تقريرون ڪندڙ ذوالفقار مرزا سان ھن کڙڪيدار آواز ۾ ڳالھائي موجود سياسي ماڻھن حيرت ۾ وڌو. اسحاق مڱريو مئي 1999ع جي سامونڊي طوفان جي خوفناڪ تباھين جو اکين ڏٺو شاهد ھو. ھن پنھنجي شاھدي پنھنجي قلم جي نوڪ سان اوتي روزاني ڪاوش اخبار جي صفحن کي درد جي وصف سان ڀري ۽ پڙھندڙن کي روئاري ڇڏيو. ان وقت پاڻ ڀيڻ فھميده جروار سان گڏ جاتيءَ پھتو هو، اسان گڏجي ساحلي پٽيءَ جي اھڙن ڳوٺن ۾ وياسين، جتي طوفان ۾ فوت ۽ لاپتا ٿيلن جي اڱڻن تي ماتم ھو. ان شام غريبان ۾ اسان جون اکيون آليون ٿي ويون هيون. اسحاق بہ ڏکارين نظرن سان لکڻ بند ڪري، پين جهلي مٿي تي هٿ رکي ڏسندو رھجي ويو هو. جاتي ڄڻ اسحاق مڱرئي جو ٻيو گهر ھو. ذوالفقار علي ڀٽو جي پياري عبدالستار لوھار تي عوامي سياست ۽ زين العابدين قريشي جي اوطاق واري مھمان نوازيءَ تي بہ ڀلو لکائين. جاتيءَ جي ڍنڍن، ڍورن، ملاحن، مارين، ميلن ملاکڙن، ٻيٽن ۽ چيٽن کي هن پنھنجي قلم جو محور بنايو. پورھيت سندس سياست ۽ صحافت ۾ اھم رھيا ڇاڪاڻ تہ ھو پورھيت ئي تہ ھو، تڏھن ميڊيا جي مالڪن سان سندس نہ پوندي هئي، ۽ سندس ڪردار بي داغ ھو. اسحاق صاحب دنياداريءَ جو سودو نہ ڄاڻندو ھو، پر اھڙي وڻج واپار تي تنقيد ڪندو رهيو. سندس اصول پرستيءَ ئي کيس صحافتي غلاظتن کان ھميشہ پري رکيو ۽ سندس ڳاٽ اوچو رھيو. انڪري ھو سنڌ جي ڀاڪرن رهيو ۽ اڄ بہ ڪردار پاڻ ڳالھائي ٿو. ماحوليات جو ويجهو مشاهدو ڪندڙ ھي انھن ٿورڙن صحافين مان هڪ هو، جنھن تمر جي اھميت کي پنھنجي اسٽوريز ۾ گهڻو اجاگر ڪري قومي سطح جي صحافتي ٻوليءَ جو حصو بڻايو. سائبيريا کان ايندڙ خوبصورت مھمان پکين ۽ بازن جي شڪار بابت جاتيءَ جي رٽائرڊ استاد حاجي خان جوڻيجي سان رھاڻيون ڪندو رهندو هو. کيس غور سان ائين ٻڌندو رھندو ھو ڄڻ ڪھاڻيءَ جو تجسس وارو رھيل حصو باقي ھجي. ڪچھرين ۾ مٺي ( دريائي ) ۽ کاري (سمنڊ) جي مختلف قدرتي گاھن بابت ذڪر ڇيڙيندو رهندو هو. سونھڻ گاھ ھن جو معشوق رهيو ۽ پاڻ بہ ان سونھڻ وانگر ئي ھو، جنھن لاءِ لطيف سائين سر سامونڊي م چيو آهي تہ
’کاري وير ورن، ونگ سڀ ئي وھ ڪيا ،
سونھڻ جيئن سيڻن، مٺو سائو نہ مٽيو.
(شاھہ)

اسحاق منگریو: میرے تخیلات کا صحافی: بابر علی پلی

میں جس دور میں بلا بڑھا ہوں، اس دوران صحافت کے لوازمات اور پیمانے کافی حد تک تبدیل ہوچکے ہیں. اب شاید صحافتی فرائض کی ادائیگی کے لئے اس طرح نہ ہی سات سمندر پار جانا پڑتا ہے اور نہ ہی دشت و صحرا میں پسینے سے شرابور شب و ایام بٹھکنے کی ضرورت باقی رہی ہے. اب کسی بھی خبر اور خبر کی تحقیق شاید ایک کلک اور کچھ اسکرولنگ میں حاصل ہوجاتی ہے. لیکن، پھر بھی میرے پاس صحافتی تشویق کی موٹیویشن میں نہ جانے کیوں ایک شخص ہے جس کا دماغ سوالوں سے بھرا ہوا هے، ہاتہ میں قلم اور ڈائری تھامے، کبھی شہر کی تنگ و تاریک گلیوں میں ورتہ حیرت میں مبتلا ہے، کبھی سپیروں کی بستے میں سپیروں سے ہمه تن گوش، کبھی کوئلے کی کانوں میں دب کر مرجانے والے متاثرین کی ماؤں کے آنسو پونچتے تو کبھی تھر کے صحرا میں بھوک سے دم توڑتے بچوں کو نااہل حکمرانی کی نظر ہوتا دیکھ کر بیچین ہوتے شخص کا تصویری خاکه پختہ ہے.
محسوس ہوتا که شاید یه وه صحافت اور صحافی جو میں نے سوچ رکھے ہے محض میرے تخیل کی اختراع ہیں. لیکن، کچھ وقت قبل جانا که دور حاضر میں بھی ایسا ایک صحافی ہے جو که میرے تخیلات سے آگے حقیقی صحافتی کردار ہے. عید کے روز خبر ملی که میرے تخیلات کا صحافی اسحاق منگریو اپنے دوست حسن درس کی برسی کے روز حسن درس سے جا ملا. اس روز محسوس یوں ہوا که اشرف پلی کی تخیلات میں بسا بدین کے ساحل کے ساتہ بیٹھا آدو ملاح بیحد اداس تھا، تھر کے پیاسے اور تپتے صحراء میں ماحولیاتی دشموں کے نشانوں سے سینہ چاک روہیڑو، کونبھٹ اور کنڈی مزید سکڑنا شروع هوگئے، نوابشاه کے کسان بھی گویا لاوارث ہوگئے، تھر کول کی ماحولیاتی تباہکاریوں کا چاره ساز اور غمگسار نہیں رہا یه خبر شاید تھر کے ان قصبوں کی مٹی نے بھی بھانپ لی ہے جس کا دامن اب کوئی جار اگانے سے بانجه ہوگیا ہے. اسحاق سندھ کے اس ضلعہ سانگهڑ سے تعلق رکھتے تھے جہاں ایک نہایت ہی چالاک اونٹ گهاس کھانے کی پاداش میں اپنی ایک ٹانگ گنوا بیٹھا. اُن دنوں اسحاق ٹھیک ہوتے تو اس اونٹ کی درد کتھا ضرور بیان کرتے. لیکن، اونٹ کے درد اور چیخوں اور اسحاق کے قلم کے مابین گردوں کی تکلیف حائل ہوگئی. اسحاق کی صحافت کا محور ہمیشه عام لوگ رہے. ان کی صحافت حیدرآباد کے قاسم آباد کے ان جوگیوں کی بستی کی آواز بھی بنی جو بڑے بنگلوں والے علاقے کی سب سے پرانی بستی ہونے کے باوجود ہر بنیادی سہولت سے محروم رہی. اسحاق کا صحافتی مدار ان لوگوں کی کهانیاں تھا جن کے لئے چاہے سیلاب ہو یا وبا کسی کے پاس امداد نہیں. اسحاق کی صحافت ان کسانوں کی بھی ہمنوا و ہمدرد بنی جن کی زمینیں سرمائیدارانہ دھوئیں میں سیاہ هوچکی ہیں. ان کے مطابق "صحافی کا اولین کام سوال اٹھانا هے، صحافی سوال اٹھانا چھوڑ دے تو صحافی کے پاس باقی کچھ نهیں."
تاحال، صحافت سرخیوں میں نیوز اسٹوریز کے ذریعے ہوتی رہے. لیکن، اسحاق کو منفرد مقام اس طرح بھی حاصل تھا که انہوں نے نہ صرف نیوز اسٹوریز بلکه اپنے آرٹیکلز کے ذریعے بھی صحافت کی اور کئی اسٹوریز ان کے آرٹیکلز کے ذریعے قارئیں کو پڑھنے کے لئے ملتی رہیں. سانگهڑ اور خیرپور کے ریگستانوں میں عرب شکاری کیمپوں کی مقامی آبادیوں پر مظالم جو اس سے پھلے کبھی رپورٹ نہ ہوسکے، وه درد بھری کہانیاں بھی اسحاق منگریو کے آرٹیکلز کے ذریعے لوگوں تک پھنچے.
اسحاق منگریو نے اوائل میں طلباء سیاست، اس کے بعد قومپرست سیاست اور پھر ترقی پسند سیاست میں حصه لیا. لیکن، تقریباً نوے کی دہائی سے انہوں نے باقائدہ صحافت شروع کی. اس کے بعد وه تاعمر صحافی ہی رہے. جیتے جی تک کبھی بھی خود کو اور اپنی صحافت کو مرنے نہیں دیا. وسعت ﷲ خان کے بقول "جو صحافی انگلیوں پر گنے جا سکتے ہیں ان میں سے اسحاق منگریو بھی کم ہو گیا. یعنی صحافت اور کمزور ہوگئی."
صحافت ایکسکلیسو اسٹوریز سے نکل کر اب جاکر فیسبک پوسٹ تک محدود ہوئی ہے، اس دور میں جہاں مجموعی طور پر صحافیوں میں کسی بھی خبر کو کرید کر تھہ در تھہ سچ ڈھونڈنے کے بجائے اپنی صحافت کو ایک منافع بخش کاروبار اور ہمه وقت برائے فروخت کی طور پر پیش کرنے کا رجحان ہے، وہاں اسحاق منگریو آخری دم تک اصولی صحافت، مقامی کہانیوں اور ایسی اسٹوریز جو طاقت کے ملبے تلے دب جاتی انہیں کرید کر منظر عام پر لانے والی اعلیٰ صحافتی اقدار سے کبھی پیچھے نہیں ہٹے.
اب وه جو نہیں تو سوچتا ہوں که اب خیرپور ناتھن شاه اور جهڈو کے ڈوبنے پر سوال اٹھانے والا کون ہے؟ منچھر کے ٹوٹنے اور ایل بی او ڈی کے الٹے بہنے پر پریشان ہونے والا کون ہے؟ اب میرے تخیلات کا صحافی کون ہے؟

https://www. humsub. com. pk/554013/babar-ali-palli-21/

پريس ڪلب ۾ ڪيل تقريرون

---

هو اسان ۾ حيات آهي: يوسف لغاري

آئون سڀ کان پھرين تہ آرٽس ڪائونسل جو پنھنجي طرفان، سنڌ جي ماڻھن ۽ سنڌ جي سجاڳ شعور طرفان ٿورائتو آهيان جو آرٽس ڪائونسل هڪڙي باشعور ماڻھوءَ کي ڀيٽا ڏيڻ جي محفل مچائي، اسان کي هڪ جوش ۽ جذبو ڏنو آهي ۽ اسان جي عزت افزائي ڪئي آهي. مان اسحاق سميجي جو بہ نھايت شڪرگذار آهيان. هِن محفل جي صدارت منھنجي لاءِ نھايت وڏو اعزاز آهي. مان انھن سڀني دوستن جو بہ ٿورائتو آهيان، جن هن ۾ شرڪت ڪئي ۽ سڀني مقررن کي غور سان ٻُڌو.
اسحاق مڱريي سان منھنجي خاص دوستي، واقفيت ۽ واسطو رهيو. پوءِ بہ مان ڪافي دير کان هتي سوچيندو رهيس تہ ’هي ڳالھائيندس، هي ڳالھائيندس‘؛ دماغ ۾ ڪيترائي خيال ايندا ۽ ويندا رهيا ۽ انھن خيالن تي شايد مان نہ بيھي سگهان، پر هڪڙي ڳالھہ اسحاق صاحب جي ڪندس تہ ٿر ۾، هرڻ کي جهلبو آهي، هرڻ ڇڏي ناهي ڏبو، هرڻ کي ڊوڙائي ڊوڙائي جهلبو آهي يا گولي هڻبي اٿس. اسحاق مڱريو هڪڙو شعور جو هرڻ هو، جنھن کي ڪو سياسي شڪاري، واپاري شڪاري ۽ ٻيا جنھن بہ قسم جا شڪاري هيا، اهي هن جو شڪار نہ ڪري سگهيا. هي آزاد هرڻ هو، آزاد جيئندو هو. جيئن هرڻ خوبصورت هوندو آهي ائين اسحاق بہ صحافت جو هڪڙو هرڻ هو، هو آزاد خيال هو. هن جون ڪھڙيون ڳالھيون ڪري ڪھڙيون ڳالھيون ڪجن.
1939ع ۾ ڀڳت ڪنور رام کي شھيد ڪيو ويو، اها سنڌ جي پھرين مذهبي منافرت هئي. وري اهڙو وڳوڙ ڪرائڻ جي ڪوشش ٿي تہ اسحاق اهو ماڻھو هو جنھن ٿڏي تي تحقيق ڪئي ۽ ان کي اتي ئي ناڪام بنايو. هن ڀڳت ڪنور رام بابت بہ اتي وڃي وڃي تحقيق ڪئي، سڀني ماڻھن کان پڇا ڳاڇا ڪري پوءِ رپورٽ ڏني. سندس دوست هن کي چوندا هئا تہ اهو مذهبي نفرت جو معاملو آهي، ان ۾ نہ پئه. پر هن هميشہ انسانيت سان پيار ڪيو، ماڻھن سان پيار ڪيو. اهڙي طرح هو سياسي ڪارڪن هيو تہ سياست ۾ بہ ترقي پسند ماڻھو، آزاد ذهن وارو ماڻھو هو. وري ڏسنداسين تہ هن زندگيءَ کي ڪيئن گذاريو؟ زندگيءَ کي گذارڻ جا مختلف طريقا هوندا آهن. مان سمجهان ٿو تہ جيڪڏهن ڪنھن اڳتي ڪو ميسيج ڏنو تہ زندگي ڪيئن گذارجي تہ منھنجي خيال ۾ اهو اسحاق مڱري جي زندگي گذارڻ جي طريقيڪار بابت چوندو. هو صوفي منش هو، هر وقت پنھنجي رنگ ۾ هوندو هو، سدائين صوفياڻيون ڳالھيون ڪندو هو. توهان آمريڪا جو چارٽر آف ڊيموڪريسي ۽ چارٽر آف انڊيپينڊنٽس پڙهو ۽ اسحاق مڱريي کي ڏسو، آزادي ۽ تقرير جي آزادي. چوندو هو تہ آزاد صحافت هجي، ڳالھائڻ جي آزادي هجي تہ پوءِ خوشي ٻي ڪھڙي کپي. زندگي گذارڻ لاءِ، زندگيءَ جو مقصد آهي؛ نھايت خوش رهڻ، وڌ کان وڌ خوش رهڻ. صحافت ڇا آهي؟ خوشي ڇا آهي؟ اها اسان کي اسحاق جي گذاريل زندگيءَ مان سکڻ گهرجي.
اسحاق مائي جندوءَ سان ڪيئي ڪچھريون هن تي لکيو. ڏسو تہ هن ڪھڙو نہ سٺو لکيو. مون سان بہ هن ڪيتريون ئي ڪچھريون ڪيون؛ ٽوڙهي ڦاٽڪ تي، چوٿين مارچ تي، گهانگهرا موريءَ جي ڪيسن، مذهبي حوالي سان ڪيسن تي هو مون سان ڪچھريون ڪندو هو.
اسحاق مڱريي جو جيڪو سڀ کان وڏو ڪردار هيو، جنھن کي اسان چاهيون ٿا تہ شايد نڀائي سگهون، ۽ منھنجو خيال هوندو هو تہ جيڪر سنڌ جا ماڻھو ان ڪردار کي نڀائين، اهو آهي خودداري. هو ڪنھنجي اڳيان نہ جهڪيو، نہ ڪنھنجي اڳيان هٿ ٽنگيائين ۽ نہ ڪڏهن ڪوڙو لکيائين. جنھن خودداريءَ سان هن پنھنجي زندگي گذاري، ايڏي خودداري مون کي ڪنھن صحافيءَ ۾ نظر نٿي اچي، صحافي تہ ڇا ڪنھن انسان دوست ۾ نظر نٿي اچي. اسان چاهيون ٿا تہ سندس صحافي دوست بہ هن جي خودداريءَ مان سکن. هن کي ياد ڪرڻ جو طريقو اهو آهي تہ هن جي خودداريءَ کي ڏسي پاڻ بہ اهڙا ٿيڻ جي ڪوشش ڪريون.
هن جون ڪيتريون ئي ڳالھيون ياد اچن ٿيون، ڪييئي ڀيرا اسان جون ڪچھريون ٿيون هيون، جيڪي اسان لکي نہ سگهياسين. هن هڪ ڀيري مون کان پاڻ پڇيو هو تہ موت ڇا آهي؟ حياتي ڇا آهي؟ زندگي ڇا آهي؟ درد ڇا آهي؟ سندس خيالن کي ٻڌڻ کان پوءِ چئبو هو تہ هن کي زندگيءَ سان پيار آهي. هو موت کي ڪا حقيقت ڪو نہ سمجهندو هو، چوندو هو ”مرڻ کان پوءِ بہ زندگي آهي.“ اُها اِها ئي زندگي آهي، ماڻھن کي جيارجي. هو اسان کان ويو هليو آهي، پر هو اسان ۾ زندہ آهي، اسان کي ياد آهي ۽ اسان هن کي اڃان حيات سمجهون ٿا.

(حيدرآباد پريس ڪلب ۾ حيدرآباد آرٽس ڪائونسل پاران اسحاق مڱريي کي ڏنل ڀيٽا تقريب کي خطاب)

هو صدين کان هتي ايندو ويندو رهيو آهي: فھميدہ جروار

اسلام عليڪم!
جي روئي پوان تہ درگذر ڪجو.
مون ڪڏهن بہ ائين نہ سوچيو هيو تہ بابا لاءِ آئون ائين ڳالھائينديس. آئون سدائين هن جي سالگرھہ جا وار ملھائيندي هيس. بابا مون کي ٻڌايو هو تہ جڏهن آئون سنڌ ايڪسپريس ۾ انٽرويو ڏيڻ ويو هيو. اتي انٽرويو پينل طرفان هن کان سوال ڪيا ويا هئا. انھن مان هڪ سوال هو تہ ”سنڌ جو اهم مسئلو ڪھڙو آهي؟ سنڌ جا ڪھڙا مسئلا آهن، جن تي توهان لکندئو؟“ بابا سائينءَ هڪڙي ڳالھہ چئي هئي تہ ”سنڌ جو سڀ کان اھم مسئلو صرف پيار جي شادي آهي. ٻيو ڪو بہ ڪونھي.“ انٽرويو وٺندڙ حيران ٿي ويا. چيائون ”اهو ڪيئن؟“ بابا چيو، ”هي قبيلائي جهيڙا ان جو بنياد آهن. هر شيءِ ان جو بنياد آهي؛ ڌرتي، پاڻي تہ اسان جا پنھنجا آهن.“ انٽرويو وٺندڙ پينل چيو تہ ”پئسا ڪيترا وٺندئو؟“ بابا چيو تہ ”آئون ڪنھنجي ڊڪٽيشن تي هلندس ڪو نہ. جيڪو ڪجهہ بہ آئون لکندس، اهو توهان ڪٽيندئو ڪو نہ.“ اها ڳالھہ بابا ٻڌائي، منھنجي دل چيو توهان سان شيئر ڪريان. هڪڙي ٻي ڳالھہ؛ هڪ ڀيري هڪڙي محفل ۾ ويٺا هئاسين. فنڪار برڪت ڀٽ ڳائي پيو، ’ننڍڙا نماڻي دا جيوين تيوين پالڻا‘ بابا روئِي ويٺو. ڪيترائي ڀيرا هن مون کي ٻڌايو هو تہ ”آئون صفا ننڍو هيس، شايد چوٿين يا پنجين ۾ پڙهندو هيس. تڏهن استاد ڪتاب کڻي آيو هو، انھي ۾ اهو بيت لکيل هيو.“ مون چيو، ”بابا تڏهن اهڙا بيت هوندا هيا ڇا؟“ چيائين، ”ها اهو بيت لکيل هو، انھي ۾ ۽ مون پڙهيو، مون کي ڏاڍو وڻيو، دل چيو تہ جيڪر سڄو ڪتاب پڙهان، ڪتاب وٺان، پر استاد مون کان ڪتاب وٺي هليو ويو. آئون گهر آيس، امان کي تنگ ڪرڻ لڳس تہ مون کي اهو ڪتاب کپي. جنھن تي امان چيو تہ توکي آڻي ڏينديس. ان کي هڪڙو ڏينھن گذري ويو، مون ماني نہ کاڌي. ٻيو ڏينھن گذري ويو. شام ٿي وئي. مون کي ڪتاب ڪونہ مليو. آئون روزي ۾ هيس، امان منٿون ڪيون، پر پاڻي نہ پيتم، نہ ئي ماني کاڌم، هڪڙو ڏينھن هڪڙي رات، ٻيو ڏينھن گذرڻ وارو، ٻي شام جو اهو ڪتاب مون کي مليو. خبر ناهي تہ منھنجي امان اهو ڪتاب ڪٿان آندو. ڪيترين ئي مشڪلاتن مان گذري هوءَ اهو ڪتاب وٺي آئي هوندي.“ منھنجي چوڻ جو مطلب آهي تہ بابا سائين ننڍي هوندي کان ئي پڙهندو هيو. هو صفا ننڍڙو هيو، تڏهن کان پڙهڻ ۽ لکڻ شروع ڪيائين ۽ تڏهن کان ئي ماڻھن کي سمجهڻ شروع ڪيائين. هڪڙي ٻي ڳالھہ بابا ٻڌائيندو هيو تہ ”اسان ايترا تہ غريب هياسين جو آڻيندا هياسين ۽ چاڙهيندا هياسين بس. هاري هياسين.“ بابا جي والد صاحب جي وفات بعد بابا (اسحاق) امان سان گڏ پاڻي ورائڻ ويندو هو. هن کي پاڻيءَ جي موڳي کان ڊپ ٿيندو هو. چوندو هو تہ پاڻي جي گوڙ کان خوف هن کي اڃان بہ ٿئي ٿو. هڪ ڀيري امان کي شام کان رات ٿي وئي، امان چيو تہ گهر تہ وڃان ٿي، پر ڇا ڪريان پچائڻ، کائڻ لاءِ ڪجهہ بہ ڪونھي. زميندار کي چيائين تہ ”ڪجهہ ٽماٽا ڏي آئون ڀاڄي رڌينديس.“ هن کيس ڪجهہ ٽماٽا ڏنا. ۽ امان ٿورا بصر ۽ ٿوم ڪَٽي، گهر کڻي اچي اسان کي ٻوڙ رڌي کارايو، جنھنجو ذائقو بابا جي زبان تي آخري دم تائين هيو، هو ان کي ڪڏهن بہ نہ وساري سگهيو.
بابا (اسحاق) الاهي وڏو ماڻھو هيو. هو سڄي سڄي رات پڙهندو هو. وري اٿندو هو، ويھندو پڙهندو، ڄاهيون ٺاهيندو، ماني کائيندو، وري پڙهندو ۽ وري اچي لکندو هو. آئون چوندي هئي مانس، ”بابا، ايترو وقت ٿي ويو آهي، اڃان توهان ويٺا آهيو.“ ڪتاب پورو نہ ٿيندو هوس تہ ننڊ نہ ڪندو هو. هڪ ڀيري لکندي لکندي اهو فائل ڪرپٽ ٿي ويس. پوءِ سمھي رهيو، ٿوري دير ننڊ ڪرڻ بعد اٿيو، چانھہ پي وري لکڻ شروع ڪيائين. لکي اهو موڪلي ڇڏيائين. ٻئي ڏينھن ڇوڪرن اهو فائل بحال ڪري ڏنس، بلڪل ساڳيو، ٻنھي ۾ ڪو بہ فرق نہ هو. مون کيس چيو ”بابا، تنھنجي دماغ ۾ ڪمپيوٽر لڳل آهي. مون کي لڳي ٿو، تون صدين کان هتي آيو آهين، ڌرتيءَ تي اچين ٿو، وڃين ٿو مٿي، وري اچين ٿو، وري وڃين ٿو. تون ائين ئي آهين، ان ڪري تنھنجي دماغ ۾ هر ڳالھہ، هر شيءِ محفوظ ٿي وڃي ٿي. تون جيئرو جاڳندو ڪمپيوٽر آهين.“
امان چوندي هئي تہ ”توهين ٻئي جاڙا آهيو، ماني گڏ کائو، گهمو گڏ، وڃو گڏ، اچو گڏ، توهان کي بخار بہ گڏ ايندو آ، توهان کي زڪام بہ گڏ لڳندو آ، پيرن ۾ سور بہ گڏ پوي ٿو.“
امان ڪُوڙ ڳالھايو هو (روئندي) الاهي ڪُوڙ ڳالھايو، بابا اڪيلو هليو ويو. اسان جاڙا ڪو نہ هياسين. هو ڇڏي ويو مون کي.
توهان جي مھرباني.

(حيدرآباد پريس ڪلب ۾ حيدرآباد آرٽس ڪائونسل پاران اسحاق مڱريي کي ڏنل ڀيٽا تقريب کي خطاب)

اسحاق: گهڻ پاسائين شخصيت: مھيش ڪمار

اسحاق صاحب ۽ اسان حيدرآباد ۾ پاڙيسري هياسين. جيڏانھن بہ ويندا هياسين اسحاق مون سان گڏ هوندو هو. اسان سڄي سنڌ گڏ گهمياسين. هو جيڏانھن بہ ويندو هو مون کي فون ڪندو هو تہ اڄ هيڏانھن هلڻو آهي. کاهوڙي هجڻ ڪري هو مون کي سنڌ جي هر شھر ۾ وٺي هليو. مان هن کي، هن جي صحافت کي ڏسندو هيس.
منھنجي هن سان واقفيت 1995ع ۾ ٿي. جڏهن اسان حيدرآباد آياسين جو دوستن سنڌ اخبار ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو هو.
اسحاق ۽ منھنجي ڪٽنب مان مون کان اڳ مھنجي ڀاءُ جو دوست هو. مون کان پوءِ هو منھنجي ڀيڻ ڀائرن سميت اسان جي سڄي ڪٽنب جو دوست ٿي ويو. اهڙي طرح اسان جو هڪ ٻئي جي گهروارن ڏانھن اچڻ وڃڻ جو خانداني تعلق هو.
اسحاق صاحب سان منھنجا ٻہ ٽي پرڏيھي سفر بہ ٿيا، انھن مان هڪ تہ ’سوشل ايڪشن پروگرام‘ جي سلسلي ۾ بنگلاديش گڏجي وياسين، سليمان جي ابڙو صاحب بہ گڏ هو. هن جا دنيا جي مختلف ملڪن جي صحافين سان انٽرنيٽ تي رابطا ٿيندا هيا. جيئن هو ڪوئيٽا ۾ صحافت ڪري آيو تہ اڃا تائين ڪوئيٽا ۾ سنڌي صحافيءَ جي ڪا وڏي سڃاڻپ آهي تہ اها اسحاق مڱريي جي آهي. توهان اتي ويندئو تہ اتان جو دانشور توڙي صحافي توهان کان پڇندو تہ ”اسحاق صاحب ڪا ڪيسا هال هي؟“
صحافت جي حوالي سان، دوستيءَ جي حوالي سان اسحاق جا ڪيترائي نقطا آهن، پر مان توهان کي رڳو ٻہ ٽي ڳالھيون ٻڌائيندس. گذريل پنج اٺ ڏينھن ۾ هڪ سئو آرٽيڪل اسحاق صاحب جي شخصيت تي ماڻھن لکيا آهن، جيڪي مختلف انگريزي، اردو ۽ سنڌي اخبارن ۾ڇپيا آهن. اهي تہ رڳو صحافت واري پاسي جي حوالي سان آهن. ان کان سواءِ ٻيا بہ ڪيترائي پاسا آهن. هو سٺو پيءُ هو، سٺو دوست هو.
اسحاق صاحب جتي بہ نوڪري ڪئي، کيس جيڪا بہ پگهار ملندي هئي، ان کي ونڊي گهر جي هر هڪ ڀاتيءَ ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. ٻي ڳالھہ؛ هن پنھنجي نياڻين کي تڏهن پڙهايو جڏهن سندس راڄ ڀاڳ ۾ نياڻين جي تعليم جي مخالفت هئي، پوءِ بہ هن نياڻين کي پڙهايو، نوڪريون بہ ڪرايون. ان کان ٻي وڏي ڳالھہ؛ شاديءَ جي حوالي سان هن (پير پاڳاري جو حر هوندي، سانگهڙ ۾ رهڻ دوران) پنھنجي نياڻين کي اهو اختيار ڏنو تہ اهي پنھنجي پسند سان شادي ڪن. هن پنھنجي سمورين نياڻين کي نوڪري ڪرڻ جي اجازت ان ڪري ڏني تہ هو ڪنھنجي اڳيان هٿ ڪو ٽنگينديون. ٻي ڳالھہ؛ هو دوست هيو، ڪميٽيڊ ماڻھو هيو، پريس ڪلب جو صدر رهيو، ٻہ ڀيرا نائب صدر ۽ جنرل سيڪريٽري، ڪيترائي ڀيرا گورنر باڊيءَ جو ميمبر پڻ رهيو. اسان جي ڊيموڪريٽڪ گروپ جي سرواڻ لالا صاحب جي پليٽ فارم تان عھدن تي آيو. توڙي جو اهي عھدا هن کي گروپ جي ڪري ئي مليا، پر جڏهن هن جو اختلاف ٿيو تہ هو پنھنجي موقف، جيڪا ڳالھہ صحيح سمجهندو هيو ان تي بيھندو هيو. هو ارڏو انسان هيو. اسان جون ڪافي ويهڪون ٿينديون هيون، اسان جي گهر تي يا ’حسن پيراڊائز‘ تي.
هو جيڪا ڳالھہ صحيح سمجهندو هيو، سامھون ڪير بہ هجي ان کي چئي ڏيندو هيو. هن جي ان ارڏائپ جي ڪري ڪيترن ئي ماڻھن سان سندس دوستي بہ ختم ٿي وئي، سچ چوڻ تي ڪيترائي ماڻھو مٿس ناراض بہ ٿيا. اسان کيس سمجهايو تہ ائين ماڻھن کي منھن تي نہ چئي ڏئي پر اسحاق جو چوڻ تہ ”مون کان غلط ڳالھہ برداشت نہ ٿيندي آهي.“
اسحاق جي صحت جي حوالي سان ڪافي دوستن لکيو بہ آهي، ڪافي دوستن کي شڪايتون بہ آهن تہ ”آخر توهان اسحاق صاحب جي بيماري لڪائي ڇو؟“ پر اسحاق صاحب جو چوڻ هو تہ ”ماڻھن کي بيماريءَ جو ٻڌائي تڪليف نہ ڏجي.“ پر مون کي مھينو اڳ ان ڳالھہ جي خبر پئجي وئي هئي تہ سائين اسحاق صاحب جي زندگيءَ جو سفر هاڻي پورو ٿيڻ وارو آهي.
آئون توهان کي ٻڌايان تہ حيدرآباد وارن ڊاڪٽرن جي اسپتالن ۾ ميڊيڪل جو ڪارو منھن آهي، هتي علاج ڪرائڻ معنيٰ موت کي دعوت ڏيڻ. اسان ٻہ مھينا اسريٰ اسپتال ۾ گذاريا. پوءِ جڏهن ڪراچي وياسين تہ اتي پھرين ڏينھن مرض جي خبر پئجي وئي تہ معاملو آخري سطح تي پھچي چڪو آهي، اسان جيڪي ٻہ مھينا حيدرآباد ۾ ضايع ڪيا هئا، اهي نہ ڪريون ها تہ اها صورتحال پيدا نہ ٿئي ها.
ٻي ڳالھہ تہ اسحاق صاحب جو علاج ڪرائڻ جي سلسلي ۾ لالا رحمان سمون، خالد کوکر ڀرپور سھڪار وارو ڪردار ادا ڪيو.
اهم ڳالھہ تہ هڪ ڪاميٽي جوڙي وڃي، جيڪا اسحاق جي ڪتابن کي سھيڙي، ۽ جيڪو ڪجهہ هن تي لکيو ويو آهي، ان کي بہ ڪتابي شڪل ڏني وڃي.
توهان سڀني جي وڏي مھرباني.

(حيدرآباد پريس ڪلب ۾ حيدرآباد آرٽس ڪائونسل پاران اسحاق مڱريي کي ڏنل ڀيٽا تقريب کي خطاب)

ديانتدار صحافي: نياز پنھور

اسحاق مڱريي جڏهن ڪاوش جوائن ڪئي هئي، ان کان اڳ هو پاڻ مڃائي چڪو هيو. کيس اسحاق مڱريو بنائڻ ۾ ڪاوش جو ڪم گهٽ هو، پر هو اسحاق مڱريو اڳئي ٿي چڪو هو، خاص طور تي سنڌ اخبار ۾ رشيد راڄڙ ۽ ٻين دوستن سان گڏ ڪم ڪندو هو، جتي هن پنھنجي ڪم ذريعي مڃتا ماڻي ۽ پنھنجي ڌار سڃاڻپ پيدا ڪئي. تڏهن هن کي سڀئي ’جاکوڙي‘ ۽ ’کاهوڙي‘ صحافي سڏيندا هيا. هو جڏهن ڪاوش ۾ آيو تہ مون کيس چيو تہ ”توهان ’جاکوڙي‘ ۽ ’کاهوڙي‘ تہ ٿي چڪا آهيو، هاڻي ’ٽاڪوڙي‘ صحافي بہ ٿيو.“ تڏهن هن مون کي چيو تہ ”ٽاڪوڙي صحافي ڇا ٿيندو آهي؟“ مون چيو تہ ”جيڪو هر موضوع تي، هر شعبي ۾ ٽاڪوڙو مچائي.“
اسحاق تمام گهڻن موضوعن تي ڪم ڪيو. مان سمجهان ٿو تہ هو اسان جي ٽھيءَ ۾ ”چرين صحافين“ واري ان کپ جي باقي رهيل صحافين مان هڪڙو صحافي هو، جيڪا کيپ هاڻي اڻ لڀ ٿيندي ٿي وڃي. هڪڙي صحافت اها هئي جيڪا 90ع واري ڏهاڪي کان شروع ٿي، ۽ هڪڙي صحافت اها هئي جيڪا 90ع واري ڏهاڪي کان پوءِ شروع ٿي. ٻنھي جي ڪم جي حوالي سان الڳ سڃاڻپ آهي. ان کان اڳي بہ صحافي هيا، پر 90ع واري ڏهاڪي کان پوءِ اسان جي نوجوان سنڌي صحافين مختلف شعبن ۾ پنھنجي سڃاڻپ جا جدا جدا حوالا پيدا ڪيا. عطا راڄڙ؛ پاڻيءَ جو معاملو هجي، ناڻي جو معاملو هجي پر عطا راڄڙ ٻيو نہ ٿيندو. قربان بلوچ؛ پاڻيءَ جو معاملو هجي يا ناڻي جو معاملو هجي، هن پنھنجي سڃاڻپ جا نوان حوالا قائم ڪيا آهن. اهڙي طرح هڪ وڏي ٽيم آهي، جنھن ۾ شڪيل بچاڻي، اسحاق مڱريو، اي جي چانڊيو، اعجاز منگي، محمد خان سولنگي، منظور سولنگي وغيرہ، اهو فقير محمد لاشاريءَ کان پوءِ واري ٽھي جو ذڪر ڪريان ٿو، لالا رحمان، اقبال ملاح، ارشاد گلاباڻي وغيرہ، انھن پنھنجا پنھنجا شعبا قائم ڪيا. مثال طور اسلام آباد جي پارليامينٽ جي ڪمن جي حوالي سان ايم بي سومرو جو جيڪو ڪم آهي ان کي وائس آف آمريڪا، بي بي سي ۽ دنيا جي ٻين وڏن وڏن چينلن جي پروگرامن ۾ ساراهيو ۽ ان تي ڳالھايو ٿو وڃي. شاڪر سولنگي جو نالو بہ مان وساري ويٺس.
ڳالھہ جو مقصد تہ 90ع واري ڏهاڪي کان پوءِ صحافين پنھنجي ڪم کي اعليٰ مقصد طور شروع ڪيو، هنن صحافت کي ڪمائيءَ جو ذريعو نہ بنايو، اهي اهڙا صحافي هيا جيڪا سياسي کيپ مان نڪري چڪا هيا. انھن سياست ۾ پنھنجي پاڻ کي ’ان فِٽ‘ محسوس ڪيو يا هنن سمجهيو تہ سياست سندن اعلي مقصدن واري راھہ تي ناهي، تنھنڪري هنن پنھنجو رخ تبديل ڪيو ۽ پوءِ اهڙا سڀ دوست گهڻي ڀاڱي سنڌي صحافت ۾ آيا. اهو ”چرين“ جو ٽولو هيو، انھن مان گهڻا دوست لاڏاڻو ڪري ويا ۽ هڪڙا شھيد ڪيا ويا. هڪڙا اهي دوست آهن جيڪي سڄي زندگي ثابت قدم رهيا، پر هنن صحافت کي آسائشن جو ذريعو نہ بنايو، انھن ۾ اسان جو پيارو اسحاق مڱريو بہ شامل هيو. اسحاق مڱريو چاهي ها تہ ڇا نہ ڪري سگهي ها. هن جيترو ڪم ڪيو ۽ جن شعبن تي ڪم ڪيو، هرڪنھن کي خبر آهي تہ اهي شعبا ڪيڏا حساس هيا. انھن شعبن جي ڪنھن بہ ماڻھوءَ تي هٿ رکڻ ۽ ان سان ڊيل ڪرڻ ڪو بہ مسئلو نہ هو. انھي دور جا ٻيا ماڻھو ڪروڙ پتي ٿيا، انھن گاڏيون ۽ بنگلا ورتا، دنيا جا سير سفر ڪيا، پر اسان جو محبوب پيارو اسحاق مڱريو انھي ساڳي کٽارا موٽرسائيڪل تي، انھن پراڻن پراڻن ميرن ڪپڙن سان، انھي ئي پريس ڪلب ۾ ايندو هيو ۽ ان وقت اهو اجورو بہ نہ هيو، جيترو هن جو قدڪاٺ ۽ ڪم هيو. اسان سنڌي بي حس قوم آهيون. اڄ اسان انھن ماڻھن کي ياد ڪريون ٿا، انھن لاءِ پنھنجا لڙڪ لاڙيون ٿا، پر اسان اهو ڪڏهن بہ ڪو نہ سوچيو هو تہ جن ادارن ۾ اسان جا اهي ڪميٽيڊ دوست ڪم ڪن ٿا، انھن ادارن ۾ انھن دوستن کي ڇا حاصل ٿئي ٿو. ڇو ضروري هو تہ اسحاق مڱريو هڪ کان اٺن اخبارن ۾ ڪم ڪندو وتي، هڪڙي سفر کان ٻيو سفر، ٻئي سفر کان ٽيون سفر. ڇو ضروري هو تہ عطا راڄڙ ائين پريشان زندگي گذاري، بيمارين ۾ مري وڃي.
اهو هڪ دور هيو. اڄ اسان ڏسون ٿا تہ هڪڙا اهڙا ماڻھو آهن، جيڪي سرٽيفڪيٽ ورهائيندا وتن ٿا. هي سوشل ميڊيا جو دور آهي، جنھن کي جيڪو وڻي سو لکي ٿو تہ ”هي چور آهن، هي ڪرپٽ آهن، هنن جو احتساب ٿيڻ گهرجي، هنن جو منھن ڪارو ڪرڻ گهرجي. هنن کي ڌاڙيل قرار ڏنو وڃي..“ اڙي بابا جن ماڻھن سڄيون زندگيون ڏئي ڇڏيون، جن جي ڪپڙن تي ڪو ڪارو، اڇو داغ بہ ناهي، توهان انھن کي گاريون ويٺا ڏيو. توهان ڏسو انھن جون زندگيون ڪيئن گذريون. عباس قصر جي زندگي ڪيئن گذري، هو ڪھڙا ڪروڙ روپيا ڇڏي ويو، اسحاق مڱريو ڪھڙا ڪروڙ روپيا ڇڏي ويو، عطا راڄڙ جي اڪائونٽ ۾ گهڻا ڪروڙ روپيا هيا. اي جي چانڊيو پنھنجي اڪائونٽ ۾ گهڻا ڪروڙ روپيا رکي ويو آهي. هي اقبال ملاح جي حالت ڏسو، هن وٽ ڇا آهي. سڀني صحافين کي ڪرپٽ چوڻ ۽ الزام هڻڻ ناانصافي آهي.
اسحاق مڱريو سنڌي اخبارن ۾ ڪم ڪيو، جيڪو بہ محفوظ ٿي ويو، جيڪڏهن اهو ڪم دنيا جي وڏين اخبارن ۽ وڏن چينلن لاءِ ڪري ها تہ هو پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪروڙين روپين جون رائلٽيون حاصل ڪري ها، پر هن جي موت کان پوءِ بہ سندس ڪٽنب جا ماڻھو ائين ڏکيا نہ هجن ها ۽ انھن کي سدائين رائلٽي ملندي رهي ها. اسان تمام وڏو ماڻھو وڃايو آهي. اسان هن کي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا. هن جو پورهيو ڪڏهن بہ رائگان نہ ويندو. سنڌ جي تاريخ ۾ جڏهن بہ سنڌ جي شاندار ۽ عظيم صحافين جي فھرست ۾، پورهيت صحافين جي فھرست ۾ ۽ اهڙن صحافين جي فھرست ۾ جن پنھنجي ايمان سان، سچائيءَ سان، پنھنجي ماڻھن ۽ ڌرتيءَ سان پيار ۽ محبت جي حوالي سان ڪم ڪيو، اسحاق مڱريي جو نالو سدائين ان ۾ شامل هوندو.
مان اسحاق لاءِ دعاگو آهيان تہ ﷲ سائين هن کي پنھنجي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏئي، ۽ اسان جا جيڪي ڪجهہ رهيل صحافي آهن، انھن ۾ ساڳي عزت ۽ ساڳيو اسحاق جھڙو جذبو برقرار رکي.

(حيدرآباد پريس ڪلب ۾ حيدرآباد آرٽس ڪائونسل پاران اسحاق مڱريي کي ڏنل ڀيٽا تقريب کي خطاب)

اسحاق مڱريو ۽ تحقيقي صحافت: لالا رحمان سمون

آئون سمجهان ٿو تہ سمورن دوستن اسحاق مڱريو صاحب جي صحافتي پورهئي، سياسي پورهئي سميت هن جي ذاتي زندگيءَ جا جيڪي بہ گڻ ۽ اوگڻ هيا، انھن تي تفصيل سان ڳالھايو آهي، وڌيڪ ڪو نئون پاسو منھنجي نظر ۾ نہ آهي، جيڪو رهجي ويل هجي. آئون صرف چند جملا ڳالھائيندس. 80ع جو ڏهاڪو ۽ ان جي آخر ۽ 90ع واري ڏهاڪي جي شروعات آهي تہ عام طور تي ملڪ ۾ ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ جيڪي کاٻي ڌر جا ترقي پسند ڪارڪن هيا يا پارٽيون هيون اهي مختلف عالمي تضادن جو شڪار ٿيڻ يا متاثر ٿيڻ جي صورت ۾ ڀڄڻ ڀُرڻ جي عمل مان نڪتيون، جنھنڪري ڪافي ترقي پسند کاٻي ڌر جا جيڪي دوست هيا، انھن پاڪستان ۾ اردو ۽ انگريزي ۽ سنڌ ۾ خاص طور تي سنڌي صحافت اختيار ڪئي. اها جيڪا ٽھي هئي، ان ۾ اسان سڀ دوست شريڪ هياسين. انھي ٽھيءَ مان ڪجهہ دوست پنھنجي ابدي سفر تي روانا ٿي ويا. ڪجهہ دوست موجود آهن، پر جيئن تہ اسان واري ٽھي هاڻي ملڪ الموت جي قطار ۾ اچي چڪي آهي، پوءِ ڪنھنجو وارو پھرين آهي، ڪنھنجو وارو بعد ۾ آهي، هرڪو هليو ويندو، پر بنيادي ڳالھہ اها آهي تہ رهندو انسان جو پورهيو، محنت ۽ وابستگي. جڏهن اسان سڀ دوست سنڌي صحافت ۾ آياسين، جن ۾ اسان کان تازو اسحاق مڱريو وڇڙي ويو آهي، ان کان اڳ عطا راڄڙ، رشيد راڄڙ، ارشاد گلاباڻي، اي جي چانڊيو ۽ ٻيا ڪافي سارا دوست وڇڙي ويا آهن، جيڪي اسين هڪجيڏا آهيون ٻن ٽن سالن جي فرق سان ۽ اتفاق اهو آهي تہ صحافت ۾ بہ اسان اهڙي ئي ٻن ٽن سالن جي فرق سان شامل ٿيا هياسين. صحافت ۾ اسان جي اچڻ جو مقصد اهو آهي تہ اسان ڪڏهن بہ سرڪاري نوڪريءَ لاءِ اپلاءِ نہ ڪيو. ائين نہ آهي تہ اسان يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ ڪو نااهل ڇوڪرا هوندا هياسين، اسان سياسي ڪارڪن ضرور هوندا هئاسين، پر ان سان گڏوگڏ پنھنجي تعليم تي بہ ايترو ئي ڌيان ڏيندا هياسين جيترو سٺا شاگرد ڏئي سگهن ٿا. پر اسان جي سياسي استادن اسان جي جيڪا مٽي ڳوهي، جيڪا سياسي تربيت ڪئي، ان ۾ سرڪاري نوڪريون اسان کي سدائين نيچ لڳنديون هيون. ۽ ان زماني ۾ جڏهن صحافت جو موھہ بہ هيو، ڇو تہ انھي زماني ۾ اخبارن سنڌ جي الاهي سارين شين کي پڌرو ڪيو، جيڪو ڪم سياسي پارٽيون نہ ڪري سگهيون هيون. مثال طور ناڻي ۽ پاڻيءَ جا اشوز صحافت جا پڌرا ڪيل آهن. ڪي ماڻھو سمجهندا آهن تہ سياست ۽ صحافت گڏ هلي سگهي ٿي، پر آئون اڄ بہ ان ڳالھہ تي بلڪل چِٽو آهيان تہ ٻئي الڳ شيون آهن، ۽ سماج کي تبديل صحافت نٿي ڪري سگهي، پر سماج کي تبديل رڳو سياست ئي ڪري سگهي ٿي. سياسي تنظيمون ۽ انھن جو نظريو تبديل ڪري سگهي ٿو. صحافت سماج جو هڪڙو آئينو آهي، جنھن ۾ جيڪي بہ سماجي تضاد آهن، قومي، طبقاتي، معاشي، ثقافتي تضاد آهن، صحافت انھن جي نشاندهي يا اڻبرابريءَ جي نشاندهي ڪري سگهي ٿي، ان لاءِ جهيڙو جوٽي سگهي ٿي، ان کي وائکو ڪري سگهي ٿي، پر صحافت ڪڏهن بہ سياست جو متبادل نٿي ٿي سگهي.
هاڻي ماضي جي ڀيٽ ۾ اسان جو نوجوان پروفيشنل ڪاليجن، پرائيويٽ ادارن ۾، ٻاهرين دنيا ۾ پڙهي ٿو، سنڌي ماڻھن پنھنجي پٽن سان گڏوگڏ پنھنجي نياڻين کي بہ تعليم ڏيارڻ شروع ڪئي آهي، اهڙي اڄوڪي دور ۾ سنڌي صحافت ڪنھن بہ پڙهيل لکيل ماڻھوءَ لاءِ ڪو ڪيريئر ڪو اسڪوپ نٿي ٿي سگهي. اها سنڌي صحافت جي هڪڙي بدنصيبي آهي، ڇاڪاڻ تہ اخبارن جي مالڪن جي بک ڪڏهن بہ ختم ڪانہ ٿي ٿئي. اسان جڏهن 90ع ۾ آيا هئاسين تڏهن بہ بکيا هيا، اڄ جڏهن 2024ع ۾ بيٺا آهيون تڏهن بہ اهي اخبارن جا مالڪ، ميڊيا هائوسز بکيا آهن. توهان انھن جا گهر ڏسندا تہ هڪڙي بنگلي مان پنج بنگلا ٺھي ويا آهن. گاڏيون ڏسندئو تہ سندن پٽ کي گاڏي آهي تہ ڌيءُ کي، زال کي، پاڻ کي بہ گاڏي آهي. پوءِ بہ سندن بک ختم نٿي ٿئي. سبب اهو آهي تہ سنڌي صحافت کي، ميڊيا هائوسز کي ڪڏهن بہ ادارن جو روپ نہ ڏئي سگهيا آهن. اداري جي روپ جو مقصد اهو آهي تہ جڏهن توهان ادارا ٺاهيندا آهيو تہ انھن جو خودبخود هڪ مڪينزم جڙي ويندو آهي، جيڪو ماڻھن کي موهيندو آهي، ڪو اسڪوپ ٿيندو آهي، ڪيريئر ٿيندو آهي. هن وقت سنڌي صحافت ۾ جيڪي دوست اچي ويا يا پوءِ جيڪي سياسي ڪارڪن آيا ۽ انھن صحافت کي پيشي طور ورتو آهي، انھن جو تعداد تمام گهٽ آهي ۽ ڏينھون ڏينھن گهٽ ٿيندو پيو وڃي. ان جي جاءِ تي هڪڙا نااهل ۽ منشيات فروش ۽ معاشري جا ٻہ نمبري، ناڪاره ماڻھو انھن ادارن ۾ ڀرتي ٿي ويا آهن، انھن جي ڪري ئي ادارا انھن کي پگهارون ڪونہ ٿا ڏين، انھي جي ڪري ئي هڪ رپورٽر جي جيڪا عزت ٿيندي آهي اها هن وقت تمام گهٽ ٿي وئي آهي. چند ادارا هوندا جتي رپورٽر جي عزت هوندي، توهان ڏسو ايڊيٽر جو ادارو ختم ٿي ويو، ۽ مالڪ جو پٽ ڪيڏو بہ نااهل هجي، اهو ايڊٽر آهي. اڳ ۾ ايڊيٽر جي صورت ۾ هڪڙو ادارو موجود هوندو هيو، جيڪو انتظاميا ۽ ڪارڪنن وچ ۾ هڪڙو مڪينزم جوڙيندو هيو، ان ۾ گهڻا مسئلا حل ٿي ويندا هيا.
اسحاق صاحب تحقيقي صحافت ڪئي، هن جي همعصر دوستن پڻ تحقيقي صحافت ڪئي. هاڻي بدنصيبيءَ سان تحقيقي صحافت جي جاءِ تي نعريباز صحافت پيدا ٿي آهي، جيڪا تمام خطرناڪ رخ ڏانھن پئي وڃي. يقينن دنيا ۾ هر دور ۾ رابطيڪاريءَ جا اوزار ۽ طريقا تبديل ٿيندا رهيا آهن، هاڻي ڊجيٽل ميڊيا طاقتور ۽ اثرائتو ذريعو ٿي آئي آهي، پر ان ۾ توهان کي ٻہ رويا نظر ايندا، هڪ مثبت ۽ ٻيو منفي، مثبت اهو آهي تہ هاڻي جيڪا عمران خان جي حڪمراني هئي يا ان کان اڳ جيڪي بہ حڪمرانيون هيون يا هيءَ جيڪا گڏيل حڪومت آئي آهي تہ ملڪ جا ناميارا صحافي، جن جو تعلق ڪراچي، اسلام آباد يا لاهور سان هجي، يا جيڪي ڳالھائن ٿا، سوال پڇن ٿا، انھن لاءِ اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا ۾ نوڪرين جا دروازا بند ٿي ويا آهن، نتيجي ۾ هنن پنھنجو روزگار ڪرڻ لاءِ پنھنجا يوٽيوب چينلَ ٺاهيا، جن تي هو اچن ٿا. توهان هنن جون ڳالھيون تہ ٻڌو، هو ڪيڏي وڏي تنقيد ڪن ٿا، پر لفظن جي چونڊ خوبصورت انداز ۾ ڪن ٿا، جيڪي ماڻھن کي چھنڊڙي تہ هڻڻ ٿا، پر ماڻھن کي پنھنجي بي عزتي محسوس نٿي ٿئي. اسان وٽ ان ڊجيٽل ميڊيا جي نالي تي ماڻھن جا پٽڪا لاهڻ، بي عزتيون ڪرڻ رواج ٿي ويو آهي. هڪڙي زماني 70ع ۽ 80ع جي ڏهاڪن ۾ جڏهن سياسي پارٽين، قومپرست يا ترقي پسند جماعتن سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙ پي ڪئي تہ ان وقت هڪڙا نعرا ايجاد ڪيا ويا. هڪڙا نعرا موهيندڙ هوندا آهن، پر انھن جو پير زمين تي نہ هوندو آهي. ائين جيڪڏهن صحافت ۾ بہ ان قسم جي نعريبازي ٿيندي تہ اها اسان جي سماج کي مجموعي طور فائدو نہ، نقصان ڏيندي. صحافت اها آهي تہ توهان سماج جي تضادن تي محنت ڪري اسٽوريون ڪري اچو. نعرو هڻڻ تہ سولو آهي، تحقيي اسٽوري ڪرڻ ۾ محنت کپي ٿي، ڪتاب پڙهڻا پون ٿا، مشاهدو ڪرڻو پوي ٿو. ان ڪري صحافي دوستن کي منھنجي گذارش آهي تہ جيڪڏهن هو صحافت کي ڪيريئر طور اختيار ڪن ٿا تہ سٺي ڳالھہ آهي، خاص طور اهي، جن جو سياسي پس منظر آهي. مان ان ڳالھہ تي قائل آهيان تہ ادبي يا سياسي پس منظر وارا ماڻھو جڏهن صحافت ۾ اچن ٿا تہ سماج لاءِ هاڪاري ڪردار ادا ڪن ٿا، پر جيڪي حادثاتي طور صحافت ۾ اچن ٿا، اهي پيٽ گذر ڪن ٿا ۽ ڌنڌو ڪري روانا ٿي وڃن ٿا.

(حيدرآباد پريس ڪلب ۾ حيدرآباد آرٽس ڪائونسل پاران اسحاق مڱريي کي ڏنل ڀيٽا تقريب کي خطاب)

رب جي رضا تي راضي رهجي: صالح مڱريو:

بابا اسحاق مڱريي جي ياد ۾ هيءَ تقريب منعقد ڪرڻ تي آئون حيدرآباد آرٽس ڪائونسل ۽ پريس ڪلب جو ٿورائتو آهيان.
بابا ان خاندان مان آهي، جنھنجو تعلق حرن سان رهيو آهي، شھيد بخش فقير وڏو حر گوريلو منھنجي بابا جو سڳو ڏاڏو هو، هن جو پڦڙ بہ انگريزن جي ٽرين ڪيرائيندڙ ۾ شامل هو، جيڪو پڻ شھيد ٿيو، ان کانسواءِ اسان جي خاندانن جون ڪافي عورتون ۽ مرد ان وقت لوڙهن ۾ قيد ڪيا ويا. اهڙي طرح بابا جي طبيعت ۾ حريت جوهر ۽ فقيري رنگ پڻ هيو. پورهيت طبقي جو ماڻھو هيو، هن ڪڏهن بہ ٻين کي پوئتي ڪري پاڻ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش نہ ڪئي. بابا جي صحافتي زندگيءَ ۾ مون کي ياد ناهي تہ ڪڏهن سندس پگهار پنجاھہ هزار روپيا ٿي هجي. بابا ڪڏهن بہ پگهار کي اهميت نہ ڏني. هن سدائين پنھنجي ڪم تي ڌيان ڏنو.
بابا جي بيماري ٽي چار مھينا اڳ کيس بخار ٿيڻ کان شروع ٿي، اسان وس آهر حيدرآباد جي مختلف اسپتالن ۾ سندس علاج لاءِ ڪوشش ورتي، لالا رحمان سمون، مھيش ڪمار، اشفاق لغاري ۽ ٻيا دوست آخر تائين اسان سان گڏ رهيا.
بابا جيڪا بہ زندگي گذاري، ۽ هاڻي جڏهن هليو ويو آهي، چاهيون ٿا تہ رب جي رضا تي راضي رهجي، ڏکارو نہ ٿيئجي. هن جو ڪافي ڪم آهي، جنھنجي اشاعت لاءِ مختلف دوستن سان ڳالھہ ٻولھہ ٿي آهي، ڪوشش ڪنداسين تہ ان کي گڏ ڪري، سھيڙي ماڻھن تائين پھچائي سگهون.
اسان توهان سڀني دوستن جا ٿورائتا آهيون جو توهان اڄ هتي گڏ ٿيا آهيو.

(حيدرآباد پريس ڪلب ۾ حيدرآباد آرٽس ڪائونسل پاران اسحاق مڱريي کي ڏنل ڀيٽا تقريب کي خطاب)

آزاد ماڻھو، مڪمل ۽ منفرد صحافي: جامي چانڊيو

ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ سائين اسحاق مڱريو اسان جي دور جو منفرد، يگانو انسان، نھايت هٺيلو، باڪردار، بھادر، ارڏو ۽ پنھنجي شعبي جو نھايت قدآور ماڻھو هو.
منھنجي اسحاق صاحب سان ملاقات 1992ع ۾ سانگهڙ ۾ ٿي، منھنجو سانگهر ۾ ڪامريڊ حسن عسڪري، حسن وساڻ، معصوم سانگهڙائي ۽ ٻين دوستن سان گهڻو تعلق هوندو هو.
92ع ۾ روس ٽٽي ويو هو، مون کي ياد آهي تہ سائين الھہ ورايو بھڻ سانگهڙ ۾، روس جي ٽٽڻ کان پوءِ شايد پھريون نھايت شاندار سيمينار ڪوٺايو هو، جيڪو سوشلزم جي مستقبل بابت هو. سائينءَ مون تي ذميواري رکي هئي تہ آئون پروفيسر فريد الدين شيخ، جيڪو فلسفي جو استاد هو، منھنجو بہ استاد هو، ۽ نھايت وڏو نالو هو، تہ ان کي پاڻ سان گڏ سانگهڙ وٺي اچان. پوءِ مان سائين فريد الدين شيخ صاحب کي پاڻ سان سانگهڙ وٺي ويو هوس، ان وقت مٺا خان مري بہ حيات هو، ان پروگرام ۾ ان بہ شرڪت ڪئي هئي. منھنجي سائين اسحاق مڱريو صاحب سان اتي ملاقات ٿي هئي، اڃان هو حيدرآباد لڏي ڪو نہ آيو هو. پوءِ ائين ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن موقعي تي ملاقات ٿي ويندي هئي. ۽ پوءِ پاڻ حيدرآباد لڏي آيو تہ حيدرآباد جي هڪ دنيا آهي، اسان سڀ ان جو حصو رهيا آهيون. ان ڪري ڪچھريون هميشہ قائم رهيون.
مان صرف ٻہ ڳالھيون ٿو ڪريان تہ ذاتي طور تي، جيئن توهان دوست چئي ويا آهيو تہ اسحاق صاحب ذاتي طور تي وڏو باڪردار، صاف شفاف، ارڏو ۽ بھادر انسان هو. هو سادن معاملن ۾ نھايت سادو ۽ ڏکين معاملن ۾ نھايت ڏکيو هو. هن سان اسان جا بحث ٿيندا هيا، ڪيترين ئي شين تي اختلاف ڪندا هياسين ۽ ڪيترين ئي شين تي ٻڌي ڪندا هياسين، هميشہ محبت جو تعلق ائين قائم رهيو.
هن کي ڪڏهن بہ ان ڳالھہ جي پرواھہ نہ هوندي هئي تہ ماڻھو هن سان متفق ٿيندا يا نہ. پر هو پنھنجي راءِ تي قائم رهندو هو. هو صاحبِ راءِ هيو، ان ڪري هو ڪڏهن بہ پنھنجي راءِ ڏيڻ حجاب نہ ڪندو هو. ۽ اها ئي هن جي حسناڪي هئي. صحافت ۾ جيئن دوست چئي ويا آهن تہ يقينن سنڌي صحافت ۾ تمام وڏا ڪردار رهيا آهن، پر اسحاق مڱريي کي هنن ٽن ڏهاڪن جي صحافت ۾ پنھنجي جدا حيثيت رهي آهي. ماحول هن جو خاص موضوع هو ۽ ماحول سان وابستہ جيڪا بہ زندگي ٿي سگهي ٿي؛ پاڻي ڍنڍون، درياءَ، پکي، مور، ٻيا جانور، جبل، جهنگ، ٿر، ڪارونجهر، اهي سڀئي هن جا موضوع هئا. هن پنھنجي سڃاڻپ حيدرآباد اچڻ کان اڳ، سانگهڙ ۾ رهڻ دوران ٺاهي ورتي هئي. جاڳو اخبار ۾ جيڪا هو رپورٽنگ ڪندو هو، ان ۾ لڳندو هو تہ هي ڪو مختلف ۽ منفرد ماڻھو آهي. حقيقت اها آهي تہ اسحاق مڱريو پنھنجي صحافتي ڪيريئر ۾ روزمرہ جي رپورٽنگ بہ ايمانداريءَ سان ڪئي، پر روزمرہ کان هٽي ڪري هن جيڪو ڪم ڪيو، جن موضوعن تي ڪيو، اهو نھايت شاندار رهيو. هن تي لکيل ليک شايع ڪرائڻ سٺي ڳالھہ آهي، پر هن کي اصل خراج پيش ڪرڻ اهو هوندو تہ هن جون جيڪي پنھنجون لکڻيون آهن، اهي فيچر ۽ چونڊ ڪالم گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايا وڃن.
توقير چغتائي تمام مختصر، پر نھايت خوبصورت نظم اسحاق تي لکيو. ان جو لب و لباب اهو آهي تہ ’هو هڪڙو آزاد ماڻھو هو، آزاد سوچيندو هو، پل ۾ جيئندو هو. ۽ هن جي زندگيءَ جو انداز بہ اهڙو هو.‘
صحافت جي جيستائين ڳالھہ آهي تہ ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ پروفيشنل صحافت دنيا ۾ مرندڙ جھان آهي، جيئن ڪيترائي شعبا اسان جي اکين اڳيان مرندا رهيا آهن، ائين صحافت بہ دنيا مان موڪلائي رهي آهي. ممڪن آهي تہ پنجويھہ ٽيھہ سالن بعد اهو سڀڪجهہ نہ هجي، جيڪو هاڻي باقي ڏسون ٿا، تہ اسحاق مڱريو ان حوالي سان صحافت جي ويندڙ دور جي آخري سپاهين منجهان هڪ ماڻھو هو، جيڪو پنھنجي زندگيءَ ۾ نج نبار ۽ مڪمل صحافي هو، ۽ ايماندار صحافي هو، يعني پنھنجي اسٽوريءَ تي گهربل پورهيو ڪندو هو. اسان شاهد آهيون تہ اسحاق پنھنجي دور جو نھايت منفرد ۽ مڪمل صحافي هو، ۽ هن ملڪ جي ۽ سنڌ جي انھن چند صحافين منجهان هڪ هو، جن جي وجود لاءِ توهان چئي سگهو ٿا تہ هي سچا پچا نب نبار صحافي هئا. هو خوش رهڻ وارو ماڻھو هو، 69 سالن جي عمر ۾ بہ هن آزاد ۽ باڪردار زندگي گذاري. اسان کي ان ڳالھہ جي وڏي خوشي آهي تہ هڪڙو آزاد ماڻھو هن ھہڙي سماج ۾ پنھنجي آزاد ۽ بامقصد حياتي گذاري، پنھنجو مدو پورو ڪري اسان کي يادون ڏئي ويو آهي.

(حيدرآباد پريس ڪلب ۾ حيدرآباد آرٽس ڪائونسل پاران اسحاق مڱريي کي ڏنل ڀيٽا تقريب کي خطاب)

حيدرآباد پريس ڪلب ۾ اسحاق جي ياد ۾ ٿيل تقريب جون رپورٽون

---

سنڌ ايڪسپريس جي رپورٽ

حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صحافين سياسي سماجي اڳواثن چيو آهي تہ اسحاق مڱريو سنڌ صحافي جو يگانو منفرد ڪردار هو. جنھن جو خال ڀرڻ مشڪل آهي. هن عام ماڻھن ۽ هنرمندن لاءِ صحافت ڪئي. اهڙو اظھار سنڌ جي بھادر، جاکوڙي ارڏي صحافي اسحاق مڱريي جي ياد ۾ آرٽس ڪُائونسل آف حيدرآباد طرفان حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪوٺايل مڃتا ميڙاڪي ۾ ڪيو. ان موقعي تي آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد جي روح روان اسحاق سميجو چيو تہ صحافت روايتي فريم مان نڪري چڪي آهي. جنھن ۾ مشڪوڪ ماڻھو اچي رهيا آهن. ڪردارن جي زوال واري زماني ۾ اسحاق مڱريي جو ڪردار زندہ رهڻو آهي. اسحاق مڱريي جي ڪلھي تي سدائين گودڙي ڏٺيسين، تحقيقاتي جرنلزم ۾ اسحاق جو نالو پھرين نمبر تي شامل هوندو، زندگي اسحاق وانگر جيئجي. هو مس فٽ ماڻھو هو. فٽ ماڻھو هجي ها تہ حيدرآباد پريس ڪلب جا 100 صحافي اڄ ميڙاڪي ۾ ضرور هجن ها. نامياري قانوندان ماما يوسف لغاريءَ ڳالھائيندي چيو تہ ڪنور پڳت رام جي ڪيس تي بہ اسحاق وڃي ريورٽنگ ڪئي. هن انسانن سان پيار ڪيو. اسحاق مڱريو صحافيءَ سان گڏ هڪ سچو سياسي ڪارڪن هو. دانشور جامي چانڊيو چيو تہ اسحاق مڱريو منفرد ۽ يگانو ماڻھو هو. هن سان 92ع ۾ ملاقات ٿي. معصوم سانگهڙائي، الھورايو بھڻ معرفت ملاقات ٿيندي هئي. جتي فريد الدين جو پروگرام بہ رکيو هو. اسحاق مڱريو ارڏو بھادر ماڻھو هو. سادن معاملن ۾ سادو ۽ ڏکين ڳالھين ۾ ڏکيو هو. هو راءِ ڏيڻ ۾ حجاب نہ ڪندو هو. اسحاق مڱريي کي ٽن ڏهاڪن ۾ جدا حيثيت مليل هئي. سينئر صحافي مھيش ڪمار چيو تہ اسحاق مڱريي جو وڇوڙو سنڌي صحافت لاءِ وڏو نقصان آهي. اسحاق جو وڇوڙو تحقيقي صحافت جو وڇوڙو آهي. ڇاڪاڻ تہ اسحاق مڱريو همشه تحقيقي صحافت ڪئي. سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور چاڪراڻيءَ چيو تہ اسحاق مڱريي جي خبرن جو انداز پنھنجو هو. اسحاق ڪچھرين مان خبرون کوٽيندو هو. اسحاق خبر جي تصديق لاءِ هڪ ماڻھو تي نہ ڀاڙيندو هو. هو هر ماڻھو کان معلومات‏ وٺي اسٽوري ڪندو هو. اسحاق مڱريي جي پٽ صالح مڱريو چيو تہ اسحاق مڱريي جنھن خاندان ۾ جنم ورتو ان ۾ حر تحريڪ جا وڏا ڪردار هئا. بخش فقير وڏو ڪردار هو. اسان جي خاندان جا مرد ۽ عورتون لوڙهن ۾ قيد ٿيا. آخر تائين اسحاق ان فقيري رنگ ۾ رهيو. هن چيو تہ بابا جي ڪڏهن 50 هزار پگهار نہ ٿي. سينئر صحافي لالا رحمان سمون چيو تہ 80 ۽ 90 واري ڏھاڪي ۾ ملڪ ۽ سنڌ ۾ کاٻي ڌر عالمي تضادن جيڪري بحران جو شڪار ٿي تہ ان کاٻي ڌر جي ماڻھن صحافت اختيار ڪئي. اهي ماڻھو هاڻ ٿورڙا بچيا آهن. هي ماڻھن جو پورهيو رهندو. صحافت ۾ ڪجهہ سالن جي فرق سان سڀ دوست شامل ٿياسين. هن چيو تہ اسان يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي ڪڏهن نوڪري نہ ورتي. حقي سياسي پارٽين کان وڌيڪ صحافين ناڻي ۽ پاڻيءَ جي مامرن تي وڌيڪ لکي اهي موضوع عوام کي سمجهايا. هن چيو تہ سنڌ ۾ سياست ۽ صحافت ٻئي الڳ الڳ شيون آهن. اڄڪلھہ سنڌي صحافت ڪنھن بہ پڙهيل ماڻھوءَ لاءِ ڪيريئر نٿي ٿي سگهي. اخبارن جا مالڪ بکيا آهن. هنن جي بک ختم نٿي ٿئي. سنڌي ميڊيا هائوسز صحافت جا ادارا نہ ٿي سگهيا آهن. اخباري مالڪن ايڊيٽر جي اداري کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ ناڪارہ ماڻھو صحافت ۾داخل ٿي رهيا آهن. اسحاق مڱريو تحتيقاتي صحافت ڪئي. هاڻ نعريباز صحافت ٿي رھي آهي. سليمان جي ابڙو سافڪو سربراھہ چيو تہ اسحاق مڱريوِ سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ کي بھترين رپورٽ ڪيو. سانگهڙ جا مسئلا رپورٽ ڪيا. ارباب رحيم جي وڏي وزارت دوران تشدد ڪري فشر فوڪ فورم جي سربراھہ محمد علي شاھہ کي گرفتاري ڪيو ويو، جنھن جي آزاديءَ لاءِ اسحاق مڱريو سربراهيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو هو. ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙو چيو تہ اسحاق مڱريو وڪاڻو ڪونہ هو. هن جي صحافت حقيقت تي ٻڌل هئي. هن جهر جهنگ وڃي عوامي مسئلا ۽ ماحولياتي مسئلا رپورٽ ڪيا. سينئر صحافي اقبال ملاح چيو تہ زرعي دوائن ۽ زرعي ڀاڻ جي مسئلن کي اسحاق صاحب رپورٽ ڪيو. اسحاق مڱريو محنت ۽ پورهئي سان صحافتي ڪم ڪندڙ هو. اسحاق مڱريو طاقت جي خلاف صحافت ڪئي ۽ هيڻن لاءِ صحافت ڪئي. اسحاق مڱريو هاري ۽ مزدور جو صحافي هو. اسحاق مڱريي جي ساٿياڻي فھميدہ جروار چيو تہ اسحاق مڱريي جي سدائين سالگره ملھائي آهي. هن جي وڇوڙي تي ڏک ٿيو آهي. هن جو چوڻ هو تہ اسحاق مڱريو چوندو هو تہ سنڌ جو وڏي ۾ وڏو مسئلو پيار جي شادين ۾ رڪاوٽ ۽ خودڪشيون آهن. اسحاق مڱريو پيدائشي انٿراپالاجسٽ هو، ماڻھن جي باري ۾ ڄاڻڻ جو شوق هئس. غربت ۽ مفلسي کي هن مھڻو نہ سمجهو. سنڌ اخبار جي ايڊيٽر مھيش ڪمار چيو تہ آئون اسحاق سان سنڌ گهميس. سائين مونکي ڪمار چوندو هو. اسان جو سائين اسحاق سان خانداني تعلق رهيو. هو منھنجي گهر جي هر ڀاتيءَ جو دوست هو. بنگلاديش گڏ وياسين. ڪوئيٽا ۾ سنڌي صحافين مان وڏي سڃاڻپ اسحاق مڱريو هو. اسحاق مڱريي جي دوستيءَ جو حلقو وسيع هو. هو پنھنجي پگهار حصا ڪري گهر ڀاتين ۾ ورهائيندو هو. اديب تاج جويو چيو تہ سانگهڙ ۾ بادل ٿري ۽ اسحاق مڱريي جو نالو وٺڻ سان وڏڌڻي پريشان ٿي ويندا هئا. اسحاق جو ڦلم مضبوط هٿيار هو. هو عامِ سواريءَ ۾ سفر ڪندڙ منفرد صحافي هو. عوامي ورڪرز پارٽيءَ جي اڳواڻ مير حسن سريوال چيو تہ اسحاق مڱريو پنھنجي استاد مير محمد سومرو معرفت ادب ۽ صحافت ۾ آيو. معصوم سانگهڙائيءَ جو گهاٽو دوست هو. سينئر صحافي نياز پنھور چيو تہ اسحاق مڱريو ڪاوش کان اڳ ۾ پاڻ مڃرائي چڪو هو. اسحاق مڱريو هڪ سياسي ڪيڊر مان آيل ماڻھو هو. پروفيسر امر لغاريءَ چيو تہ اسحاق مڱريي نوجوانن کي صحافت ۽ ادب ڏانھن آندو. اسحاق مڱريو چوٽياريون ڊيم جي فيلڊ اسٽيڊيءَ لاءِ بہ مقرر ٿيو. نوجوان صحافي راشد لغاريءَ چيو تہ اسحاق مڱريو عوام جي صحافت ڪئي. هو مٽيءَ سان جڙيل صحافي هو. هن جا ڪردار پنھنجا هوندا هئا. هو خبر جي معاملي ۾ ڪڏهن بہ ڪمپرومائيز نہ ڪندو هو. نوجوان صحافي اشفاق لغاريءَ چيو تہ اسحاق رپورٽنگ دوران گهڻو ڀوڳيو بہ هو. هو صحافت جي ڪري تعلقات جو قائل نہ هو. هر صورت ۾ خبر ڏيندو هو. اسحاق بلڊ ڪينسر دوران بہ مرڪي رهيو هو.

(24 جون 2024ع جي شماري ۾ شايع ٿي)

عوامي آواز جي رپورٽ

حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ جي صحافين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن چيو آهي تہ اسحاق مڱريو سنڌ جي صحافت جو يگانو ڪردار هو، جنھن جو خال ڀرڻ مشڪل آهي، هن عام ماڻھن، ماحوليات، جهنگلي جيوت ۽ هنرمندن لاءِ صحافت ڪئي. اهڙو اظھار سنڌ جي جاکوڙي صحافي اسحاق مڱريي جي ياد ۾ آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد طرفان حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪوٺايل مڃتا ميڙاڪي ۾ ڪيو ويو. ان موقعي تي نامياري قانوندان يوسف لغاري چيو تہ اسحاق مڱريي انسانن سان پيار ڪيو. اسحاق مڱريو صحافيءَ سان گڏ هڪ سچو سياسي ڪارڪن هو. اسحاق مڱريو صوفي منش صحافي هو. هو آزاد صحافت جو قائل هو، ٽوڙهي ڦاٽڪ ۽ توهين مذهب جي ڪيسن تي ڪچھري ڪندو هو ۽ وڏو مواد رکندڙ هو. اسحاق مڱريي جو وڏو ڪردار هو شايد اسان نڀائي سگهون. هو وڏو خوددار هو. هن جو قرض نٿا لاهي سگهون. هن چيو تہ صحافي هن جي خودداريءَ مان سبق حاصل ڪن. ليکڪ جامي چانڊيو چيو تہ اسحاق مڱريو منفرد ۽ يگانو ماڻھو هو. هن سان 92ع ۾ ملاقات ٿي. اسحاق مڱريو ارڏو بھادر ماڻھو هو، سادن معاملن ۾ سادو ۽ ڏکين ڳالھين ۾ ڏکيو هو. هو راءِ ڏيڻ ۾ حجاب نہ ڪندو هو. هو هڪ ڪنھن اسٽوريءَ ۾ گهربل پورهيو مڪمل ڪندو هو. آرٽ ڪائونسل آف حيدرآباد جي سربراھہ اسحاق سميجو چيو تہ صحافت روايتي فريم مان نڪري چڪي آهي، جنھن ۾ مشڪوڪ ماڻھو اچي رهيا آهن، ڪردار جي زوال واري زماني ۾ اسحاق مڱريي جو ڪردار زندہ رهڻو آهي. اسحاق مڱريي جي ڪلھي تي سدائين گودڙي ڏٺيسين. تحقيقاتي صحافت ۾ اسحاق جو نالو پھرين نمبر تي شامل هوندو. هن جي دور ۾ ٻين صحافين جي لفاظي گهڻي هئي، اسحاق مڱريي جي لکڻين ۾ معلومات هوندي هئي. اڄڪلھہ صحافي پٺيان 20 گاڏيون کڻي هلن ٿا، هو عام ماڻھن ۽ مظلومن جو صحافي هو. سينيئر صحافي لالا رحمان سمون چيو تہ اڄڪلھہ سنڌي صحافت پڙهيل ماڻھن لاءِ ڪيريئر نہ پئي ٿي سگهي. سنڌي ميڊيا جا ادارا ڪڏهن بہ ادارا نہ ٿي سگهيا آهن، هاڻ ناڪارہ ماڻھو صحافت ۾ ڀرتي ٿي رهيا آهن، ايڊيٽر جو ادارو ختم ٿي ويو آهي، اسحاق مڱريو تحقيقاتي صحافت ڪئي. هاڻ نعريبازيءَ واري صحافت ٿي رهي آهي. سينيئر صحافي اقبال ملاح چيو تہ زرعي دوائن ۽ زرعي ڀاڻ جي مسئلن کي اسحاق مڱريي منفرد انداز ۾ رپورٽ ڪيو ۽ عوام کي حقيقتن کان آگاھہ ڪيو. اسحاق مڱريو محنت ۽ پورھئي سان صحافتي ڪم ڪندڙ ھو. اسحاق مڱريو ڏاڍ جي خلاف ۽ ھيڻن لاءِ صحافت ڪئي. اسحاق مڱريو ھاري ۽ مزدور جو صحافي ھو. سينيئر صحافي مھيش ڪمار چيو تہ اسحاق مڱريي جو وڇوڙو سنڌي صحافت لاءِ وڏو نقصان آهي، اسحاق جو وڇوڙو تحقيقي صحافت جو وڇوڙو آهي. سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور چاڪراڻيءَ چيو تہ اسحاق مڱريي جي خبرن جو انداز پنھنجو هو. اسحاق مڱريي جي پٽ صالح مڱريو چيو تہ اسان جي خاندان ۾ حر تحريڪ جا وڏا ڪردار هئا، بخش فقير وڏو ڪردار هو، اسان جي خاندان جا مرد ۽ عورتون لوڙهن ۾ قيد ٿيون، بابا آخر تائين ان فقيري رنگ ۾ رهيو. هن چيو تہ بابا جي ڪڏهن 50 هزار پگهار نہ ٿي، بابا ڪڏهن بہ پئسن جي لاءِ نہ لکندو هو، هو آدرشي ۽ خوددار ماڻھو هو. سماجي اڳواڻ سليمان جي ابڙو چيو تہ اسحاق مڱريو سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ کي بھترين رپورٽ ڪيو، هن سانگهڙ جا مسئلا رپورٽ ڪيا. ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙو چيو تہ اسحاق مڱريو صحافت کي ڪاروبار ۽ مفاد پورا ڪرڻ جو ذريعو نہ بڻايو. ھن جي صحافت حقيقتن تي ٻڌل ھئي. ھن جهر جهنگ وڃي عوامي مسئلا ۽ ماحولياتي مسئلا رپورٽ ڪيا. نامياري اديب تاج جويو چيو تہ سانگهڙ ۾ بادل ٿري ۽ اسحاق مڱريي جو نالو وٺڻ سان وڏڌڻي پريشان ٿي ويندا هئا. عوامي ورڪرز پارٽيءَ جي اڳواڻ مير حسن سريوال چيو تہ اسحاق مڱريو پنھنجي استاد مير محمد سومرو معرفت ادب ۽ صحافت ۾ آيو. معصوم سانگهڙائيءَ جو گهاٽو دوست هو. سينيئر صحافي نياز پنھور چيو تہ اسحاق مڱريو ڪاوش کان اڳ ۾ پاڻ مڃرائي چڪو هو، اسحاق مڱريو هڪ سياسي ڪيڊر مان آيل ماڻھو هو، اسحاق ڪيترن شعبن جي رپورٽنگ ڪندو هو. چاهي ها تہ بليڪ ميلنگ ڪري وڏي دولت ٺاهي سگهي ها، پر هن ائين نہ ڪيو. هو غربت ۾ رهندي اخبارون بدلائيندي بہ ڳاٽ اوچي سان رهيو. اسحاق مڱريو. اي جي چانڊيو. عطا راڄڙ پنھنجي پٺيان ڪي ڪروڙ نہ ڇڏيا آهن. پروفيسر امر لغاريءَ چيو تہ اسحاق مڱريي نوجوانن کي صحافت ۽ ادب ڏانھن آندو. فھميده جروار چيو تہ اسحاق مڱريو پيدائشي انٿراپالاجسٽ ھو، ماڻھن جي باري ۾ ڄاڻڻ جو شوق ھئس. غربت ۽ مفلسيءَ کي ھن مھڻو نہ سمجهيو. هو ھمٿ وارو ھو. نوجوان صحافي راشد لغاري چيو تہ اسحاق مڱريو عوام جي صحافت ڪئي. هو مٽيءَ سان جڙيل صحافي هو. اشفاق لغاري چيو تہ اسحاق مڱريو رپورٽنگ دوران گهڻو ڀوڳيو بہ هو.

(24 جون 2024ع جي شماري ۾ شايع ٿي)

ڏونگر مون سين روءُ (تاثرات/رايا)

اسحاق مڱريو پاڻي، سنڌو درياھ، ڊيلٽا، ٻيٽن سميت اھم قومي معاملن تي بھترين اسٽوريز لکيون. اسحاق مڱريو تحقيقاتي صحافي ھو. ھن سدائين سچ لکيو. مظلوم ماڻھن ۽ سنڌ جي مسئلن تي بيباڪيءَ سان پنھنجا صحافتي فرض انجام ڏنا. صحافت جي ميدان ۾ سندس خدمتون ھميشہ ياد رکيون وينديون.

اياز لطيف پليجو

اهو ٻڌي بيحد ڏک ٿيو تہ ناليوارو صحافي اسحاق مڱريو هن دنيا ۾ ناهي رهيو. سندس روح کي ابدي سڪون نصيب ٿئي.

(مشتاق ميراڻي)
**
هي ٽي شيون اسحاق مڱريي کي سنڌ توڙي ملڪ جو کاهوڙي صحافي بڻائين ٿيون، بي ڊپو، بي ريا سچار، ۽ تحقيقاتي

حسن مجتبيٰ
**

سنڌ جي سدوري پُٽ ۽ صحافت جي وڏي نالي، اسان جي دوستن جو والد، اسان جو پيارو اسحاق مڱريو ھي جھان ڇڏي ويو. سندس خاندان ۽ صالح مڱريو سان تعذيت ڪجي ٿي. ﷲ سائين سندس درجات بلند ڪري.

مسعود لوهار
**

اڄوڪي ڏڪار جي دور ۾ صحافت جو سڪار ھئو اسحاق مڱريو

خالق جوڻيجو
**

اسحاق مڱريو سنڌ جي جديد صحافت جو روح ھيو.

رياض چانڊيو
**

اسحاق مڱريي جي اوچتي وڇوڙي تي سڄي سنڌ جهري پئي آھي. اسحاق سائين سچو سنڌ دوست، وطن دوست کاھوڙِي ڪردار ھيو.

بدر چنہ
**

سنڌ جي نالي واري سيلاني صحافي سائين اسحاق مڱريي جي اوچتي وڇوڙي تي ڏک جو اظھار ڪريون ٿا..

سامي ميمڻ
**

سنڌي صحافت جو هڪ وڏو نالو ادا اسحاق مڱريو اڄ اسان کان ابدي طور موڪلائي ويو

ذوالفقار قادري
**

سينيئر استاد جي حيثيت رکندڙ صحافي اسحاق مڱريي جي وڇوڙي تي ڏک ٿيو.

علي نقرچ
**

ڪيئن اعتبار ڪجي تہ اسحاق مڱريو بہ موڪلائي ويو، اڄ حيدرآباد جي علمي، ادبي ۽ صحافتي حلقي ۾ ڏک جي لھر ڇانيل آهي ۽ هر اک آلي آهي.

ساٿي مصطفيٰ نظاماڻي
**

صحافت سان عشق جي حد تائين لڳاءُ رکندڙ اسحاق مڱريي جي وڇوڙي تي سندس وارثن، دوستن ۽ انھن قلم ڌڻين سان ڏک جو اظھار ڪريون ٿا.

عبدالرزاق بروهي
**

ھڪ طرف شھيد نصرﷲ گڏاڻيءَ جھڙن سچار صحافين کي رياستي دلال ڀوتارن ھٿان قتل ڪرايو وڃي ٿو.
ٻئي طرف بيباڪ صحافين کي اخباري مالڪن طرفان اخبارن جي ايڊيٽر شپ تان ھٽايو وڃي ٿو، ۽ ٽئين طرف ھميشہ سچ جي ساک برقرار رکندڙ ۽ سچ لکندڙ اسحاق مڱريي جھڙا سنڌ دوست صحافي ھي جھان ڇڏيندا وڃن. اسحاق مڱريو حيدرآباد جي صحافتي دنيا کي ويران ڪري ويو آھي. سندس وڇوڙو جيءُ جهوريندڙ آھي. ھن صحافت جي ميدان ۾ ھميشہ قلم جي لڄ برقرار رکي ۽ ثابت ڪيو تہ صحافت، ’صحيفي‘ مان نڪتل لفظ آھي.
اسحاق مڱريي جھڙا صحافي پيدا ٿيڻ مشڪل آھن!

تاج جويو
**

سنڌ جي جرئت منديءَ واري صحافت جي آخري بابن مان هڪ اسحاق مکريو هاڻي اسان ۾ ناهي رهيو. هن پنھنجي عملن جا نتيجا ڄاڻندي بنا ڪنھن خوف ۽ لالچ جي لکيو، پر سدائين ثابت قدم رهيو، پنھنجي اعتماد ۽ سچائيءَ جي شعور تي ڪڏهن بہ وڏائي نہ ڪئي. هن پنھنجي زندگي حقيقي انساني تحقيقاتي صحافتي اخلاقيات ۽ لوڪ ڏاهپ لاءِ نرالي انداز ۾ وقف ڪري ڇڏي. خدا کيس جنت ۾ جاءِ عطا ڪندو.

گل محمد عمراڻي
**

اسحاق مڱريي جون صحافتي خدمتون هميشہ ياد رکيون وينديون. ماحوليات ۽ سياسي منظرنامي تي سندس گهري نظر هئي. اسحاق پنھنجي زندگي صحافت ۽ سنڌ جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي. سندس تجزيا هميشہ معلوماتي ۽ بصيرت رکندڙ هئا، ۽ هن پنھنجي ڪم ذريعي سماج ۾ مثبت تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. اسحاق مڱريي جو لاڏاڻو صحافت جي شعبي لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهي ۽ ان سان پيدا ٿيل خال ڪڏھن بہ ڀرجي نہ سگهندو.

سيد زين شاھہ
**

23هين جُون تي حيدرآباد آرٽس ڪائونسل پاران عظيم صحافي مرحوم اسحاق مڱريو لاءِ تعزيتي ريفرنس ڪوٺايو ويو. تقريب ۾ اسحاق جي صحافتي خدمتن ۽ ڪيل ڪم کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. معزز صحافي، ساٿين ۽ دوست سندس شاندار پيشي ۽ ميڊيا جي منظر نامي تي ان جي اثرن کي ساراهڻ لاءِ گڏ ٿيا. هنن دل جي گهراين سان ساروڻيون اوريون ۽ صحافت ۾ سندس لڳاءَ، ديانتداري ۽ جذبي جون ڪٿائون بيان ڪيون. شرڪتن ڪندڙن سندس وفات تي گهري ڏک جو اظھار ڪيو ۽ ان ڳالھہ تي زور ڏنو تہ اسحاق ايندڙ نسل جي صحافين لاءِ پنھنجي ڪم جا اڻ مٽ نقش چِٽي ويو آهي. اها تقريب صحافتي دنيا جي احترام لائق شخصيت کي جوڳو خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ هئي.
اسان جي پياري دوست محترم اسحاق مڱريي جي ڪُمھلي وڇوڙي تي اسان کي گهرو صدمو رسيو آهي. مڱريو صاحب سنڌ، پاڪستان جو نامور برک صحافي هو، جنھن مختلف معروف سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون. هو ماهر اسٽوري رائيٽر هو، جنھن پاڻي، زراعت، ثقافت ۽ سنڌ جي قدرتي آبي گذرگاهن تي بيشمار اسٽوريون لکيون.
مڱريو صاحب رڳو ڪو صحافي نہ هيو، هو سنڌ جي ماڻھن کي درپيش حقيقي مسئلن جو محقق ۽ وڪيل هيو. سندس ڪم کيس صوبي جي ڏورانھن علائقن ۾ وٺي ويو، هن اٽل ارادي سان علائقائي مسئلن کي اجاگر ڪيو. سندس لکڻين بي زمين هارين، ماهيگير برادرين، ساحلي آبادين ۽ سنڌ جي ننڍين ۽ پٺتي پيل برادرين جي حالت زار ڌيان ڇڪايو.
مڱريي صاحب سان منھنجي پھرين ملاقات 1996ع ٿي، جڏهن هو سانگهڙ ۾ رهندو هو. ان لمحي اسان جا لاڳاپا وڌيڪ گهرا ٿيا ۽ اسان جي ٻين معزز دوستن جھڙوڪ سليمان جي ابڙو، مھيش ڪمار، ذوالفقار هاليپوٽو، مصطفيٰ ميراڻي، پنهل ساريو، مرحوم سائين محمد علي شاھہ ۽ مرحوم جان خاصخيليءَ سان جاندار ڳالھين ۽ مباحثن سان ڀرپور ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون، جيڪي گهڻي ڀاڱي زراعت، زرعي نظام ۽ سنڌ جي ماحولياتي نظام جي چوڌاري ڦرنديون هيون.
مڱريو صاحب ڌرتي ماءُ جو سچو سپوت، هڪ شاندار شخص ۽ هڪ پيارو دوست هيو. پٺتي ماڻھن جي حقن جي وڪالت لاءِ هن جو لڳاءُ اٽل هيو. هن سنڌ ۾ بي زمين هارين، مھاڻا برادرين، ساحلي پٽيءَ جي رهواسين ۽ ٻين پٺتي پيل ماڻھن جي جدوجھد ۽ حقن لاءِ جذباتي انداز ۾ لکيو.
اڄ هُن جي، هِن فاني دنيا مان هليو وڃڻ تي اسان بي سھارا ٿي ويا آهيون. هن جي اڻھوند هڪ اهڙو خال پيا ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ڪڏهن بہ ڀرجي نہ سگهندو. ان عظيم انسان جي وڃڻ واري نقصان کي اهي سڀ ماڻھو محسوس ڪري رهيا آهن، جيڪي هن کي سڃاڻن ٿا. صحافت ۽ مظلومن جي ساٿ ڏيڻ ۾ هن جي خمتن کي ايندڙ نسلن تائين ياد رکيو ويندو.
اسان مڱريي صاحب جي وفات تي سوڳوار آهيون ۽ سندس گهرڀاتين ۽ دوستن سان دلي ڏک جو اظھار ڪريون ٿا. هن جو ڪم اسان جي حوصلا افزائي ۽ رهنمائي ڪندو رهندو. جنھن دوران اسان هن جي کوٽ محسوس ڪرائيندڙ نقصان جي گهري احساس کي منھن ڏيندا رهنداسين.

محمد اسماعيل ڪنڀر
سوشل ميڊيا تان کنيل - ترجمو مجيب ناريجو
**

هن کي ڪنھن ڏورانھين ڏيھ اسھڻو هجي
پنھنجي رنگ ڍنگ جي انتھائي منفرد ۽ صحافت ۾ ائنٿراپالاجي جي نگاھہ شامل ڪندڙ هڪ نرالي لکاري اسحاق مڱريي جي اوچتي لاڏاڻي تي بيحد ڏک ٿيو. حيدرآباد جي رستن تي هاڻ سڀ ڪجهہ ساڳيو هوندو، پر عقل جي دور ۾، دل جي دنيا جو هڪ درويش صفت صحافي نہ هوندو، جيڪو هر ٻئين ٽئين ڏينھن اوچتو ڪنھن چوڪ، سگنل، يو ٽرن وٽان مسڪرائيندي ٽڪرائبو هو ۽ ڪلھي ۾ گودڙي نما ٿيهلي کي سنڀاليندي، پراڻي ڦٽڦٽيءَ تي اهڙي بي پرواهيءَ سان گذري ويندو هو، ڄڻ هن کي ڪنھن ڏورانھين ڏيھ اسھڻو هجي... اسحاق مڱريي جي سنڌي صحافت ۾ اهڙي ئي جاءِ آهي، جھڙي عبدالقادر جوڻيجي جي سنڌي ادب ۾. ٻئي شھر ۾ رهندي، جهنگ ۽ رڻ جي بلا هئا.... ۽ 'بلا' بہ اردوءَ واري، معنا 'بلا جا قابل' - ۽ پنھنجي شعبي ۾ لغت ۽ موضوعن جون نيون دريون کوليندڙ. سنڌي صحافت جي زوال واري دور ۾، اسحاق مڱريي جو وڃڻ، اسان سڀني جي زندگين ۾ هڪ وڌيڪ ڏک جو واڌارو آهي.

اسحاق سميجو
**

سنڌ جو جاکوڙي صحافي، بھترين انسان، دلين جا دروازا کليل رکندڙ دوست ۽ سچو کرو پورهيت صحافي پيارو اسحاق مڱريو هي جھان ڇڏي ويو...
ساڻس گڏ گذاريل پل، ڏينھن، مھينا، سال هميشہ هڪ بھترين انسان جي ياد ڏياريندا رهندا. دوستن جي درميان هميشہ سندس ٽھڪن جا پڙاڏا گونجندا رهندا.... دلين ۾ هميشہ زندہ رهندو....

نثار کوکر
**

جڏهن ’خانہ بدوش‘ (ڪيفي حيدرآباد) گروهي اديبن جي نشاني تي هئو، تڏهن فاروق سومرو، اسحاق مڱريو ۽ مھيش ڪمار اسان جي خانہ بدوش تي ٿيندڙ تقريبن جا مستقل مھمان هوندا هئا. رات جو دير سان جڏهن ’اياز ميلي‘ جي محفل ختم ٿيندي هئي ۽ والنٽيئرس ۽ فنڪارن جي ماني لڳندي هئي، تڏهن بہ هي ٽيئي ڄڻا پنھنجين فيمليز سان گڏ اسان سان شامل هوندا هئا.
اسحاق مڱريو سنڌي صحافت ۾ پنھنجي سڃاڻپ پاڻ هئو. هو انھن چند صحافين مان هئو، جن ڪڏهن بہ ڪنھن وهندڙ گنگا مان پنھنجا هٿ ڌوئڻ بدران پنھنجي رکي سکي تي قناعت ڪئي هئي. هن کي نہ ڪڏهن مائيڪ پڪڙڻ جي خواهش ٿي، ۽ نہ ئي ايڊيٽر بڻجڻ جي. هو ڊيسڪ ۽ فيلڊ جو صحافي هئو ۽ ڊيسڪ ۽ فيلڊ تائين ئي محدود رهيو.
هن جو پنھنجو ئي رنگ هئو ۽ پنھنجي رنگ وارو هيءُ اڪيلو صحافي هئو. جنھن وقت سندس جوان پٽ جو لاڏاڻو ٿيو تہ مون کي همت نہ ٿي تہ ان جي هن سان ڪيئن وڃي تعزيت ڪريان.... ۽ مون ساڻس تعزيت نہ ڪئي هئي.
هُو (پنھنجي پٽ جي وفات سبب) تمام گهڻو ٽُٽي چڪو هئو، پر جڏهن اياز ميلي ۾ آيو تہ ازخود، هميشہ وانگر محفل ۾ مون سان گڏ جهومڻ لڳو. ان وقت سندس چھري تي مسڪراهٽ هئي، پر اکيون ڀريل هئس. چيومانسِ،”اوهان جو ڪيئن ٿورو مڃان. “
ساڳي طرح جهومندي هجوم ڏانھن اشارو ڪندي چيائين، ”هي جيڪو اوهان معجزو برپا ڪيو آهي، اهو زندگيءَ ڏانھن ڇڪي ٿو اچي. “
منھنجون اکيون آليون آهن اهو سوچيندي تہ هيءُ زندگيءَ سان ڀريل ماڻھو وري ڪڏهن بہ خانہ بدوش ۽ اياز ميلي ۾ نظر نہ ايندو!!

(سوشل ميڊيا تان ترجمو: انور ابڙو -23 جون 2024ع تي ڪاوش دنيا ۾ شايع ٿيل)
امر سنڌو
**

هونئن تہ ھُن جُون کوڙ ڳالھيون آھن، پر مان 17 سال اڳ وارو اُھو پُراڻو منظر وساري نہ سَگهيو آھيان، جڏھن جوھيءَ ۾ ھِڪ ڊاڪٽرياڻيءَ سان ريپ جو واقعو پيش آيو ھو، ۽ سَڀ خبر ھُوندي بہ آواز اُٿارڻ لاءِ ڪو تيار نہ ھو- اُن وقت مُون ھِڪ نظم لکيو ھو ’جوھيءَ کي ڪو بُگٽي گهرجي‘ - سائين اسحاق جو تعلق سانگهڙ ضلعي سان ھو، ۽ سورھيہ بادشاھ جي تحريڪ کان مُتاثر ھو- شايد خانداني لحاظ کان بہ حُر جماعت سان مُنسلڪ ھو- اُن ڪري اسحاق صاحب مُون تي سَخت ڪاوڙيو ھو، ۽ "ڪوشش" آفيس اچي وڏو جهيڙو ڪيو ھُئائين تہ ”اھا ڪھڙي ڳالھ آھي تہ جوھيءَ کي ڪو بُگٽي گهرجي...؟؟ ڇا سنڌي ماڻھن ۾ ڪا طاقت، قوت ۽ غيرت ناھي جو ھاڻي جوھيءَ جي مَظلوم نياڻيءَ سان ڪو بُگٽي اَچي انصاف ڪندو...؟؟“ بَھرحال! اسحاق صاحب ھِڪ لحاظ کان دُرست ھو- اسحاق مڱريو ھِڪ وڏو صَحافي ۽ خُوبصورت انسان ھو- ھِڪ دفعي پريس ڪلب حيدرآباد ۾ عوامي تحريڪ جي ڪانفرنس دوران اختلاف رکندي اسحاق صاحب ڪجهہ سَخت لفظ ڳالھايا تہ مُون اُن عمل تي احتجاج ڪيو- ڪانفرنس ختم ٿيڻ کانپوءِ مان ساڻس ملڻ لاءِ وڌيس تہ ھُو وڌيڪ تيزيءَ سان اڳتي وڌي آيو، ۽ ڀاڪُر پاتائين، ۽ پيار ڏنائين- ھاڻي ھُو ھِن دُنيا ۾ ناھي رھيو تہ سَڀ ڳالھيون ياد اَچي رھيون آھن، ۽ مُون کي ايئن محسوس ٿِي رھيو آھي تہ سنڌي صَحافت کان ھِڪ ٻيو رشيد راڄڙ ھميشہ لاءِ رُسي اھڙي ديس ھليو ويو آھي، جتان ڪير بہ واپس نہ ورندو آھي!

نعمت کهوڙو
**

هُو منھنجي بابا جو گهاٽو دوست هو، اسين هن کي ايئن ڏسندا هئاسين جيئن وڏن ماڻھُن کي سڄي دنيا ۾ ڏٺو ويندو آھي. اسان جي بابا جي اميري اها هئي جو سندس دور جا تقريبن سڀ وڏا ماڻھو سندس دوست هئا ۽ اسين بابا جي پئسن واري جُوکائي کان وڌيڪ سندس ان اميريءَ تي نازان رهياسين.
بابا جي گذريل ورسي ۾ بہ هو شريڪ ٿيو هو ۽ پنھنجي شاندار گفتگو وسيلي هن اسان کي اسان جي بابا سان ٻارهن سالن جي وڇوٽي کانپوءِ هڪ خوبصورت ملاقات ڪرائي هئي.
هو صحافت ۾ عيب جوئي جي عروج واري زماني ۾ روهيڙي جي رنگ برنگي گلن سان جنجهيل وڻ تي اسٽوري ڪندو هو.
فطرت جي بي رحم اصولن تحت هر ماڻھوءَ کي موت جي مرحلي مان گذرڻو آھي، پر اسحاق مڱريي جھڙا ماڻھو جيئن زندگيءَ کي ڀرپور ۽ خوبصورت جيئا، اهو فن تمام ٿورن ماڻھُن وٽ ئي نظر آيو.
سدا سلامت چاچا.

خليل ڪنڀار
**

ھن سان ڪا ڏيڍ ڏھاڪي جي رفاقت رھي پر ويجهڙائپ وارو عرصو 2013ع کان 2017ع تائين رھيو جنھن ۾ ڪجهہ سال اھڙا بہ ھئا جو ھڪ ئي پلازا جي ڇت ھيٺ اسين سڀ رھندا ھئاسين ۽ پوءِ ھڪ اھڙو بہ وقت آيو جو اسان ۾ ان بڻت ٿي، پر صبح ٿيندي ئي اسحاق صاحب منھنجي فليٽ تي اچي ويو ۽ اھا سندس پنھنجائپ جو اعليٰ مثال ھو جو ھن رشتا ڇنڻ بدران ڳنڍڻ جو سلسلو جاري رکيو ۽ ساڻس آخري ملاقات 6 جون تي ٿي جڏهن سندس سالگرھ ڏھاڙو ھو اسپتال ۾ آڪيسجن وچ ۾ وڪوڙيل ھو ۽ مون رڳو ساڻس ھٿ ملائي چيو تہ سالگرھ جون مبارڪون جلدي ٺيڪ ٿيو تہ المنظر تي ڪيڪ ڪاثينداسين ۽ ھن بيوسي جي مرڪ چپن تي آندي هئي.
اسحاق صاحب درياھ دل ماڻھو ھو دل جي ڳالھہ زبان تي آڻي ۽ سڌو سچ چوڻ ۾ ھن ڪڏهن ڪونہ ڪيٻايو...
اسحاق صاحب اوھان سدائين اسان جي ڪچھرين ۽ ميڙاڪن ۾ ياد رھندا...

فقير سليم
**

ھو مري تہ ان ڏينھن ئي ويو ھو جڏھن جوان پٽ حسن جو مڙھ ھن لحد ۾ پئي لاٿو ويو. ان بعد تہ بس ھو جيئي پيو. اسحاق سائين خاموشيءَ سان ڪم ڪندو ويندو ھو. ڪنھن کي ٻڌائڻ کان سواءِ ۽ ائين خاموشيءَ ۾ بيماريءَ سان جهيڙيندي اڳئين پار وڃي پھتو. ڪنھن کي ٻڌائڻ ۽ ھٿ ٽنگڻ کان سواءِ پنھنجي نھٺائي، مان ۽ شان کي برقرار رکندي هليو ويو.

سارنگ لطيف چانڊيو
**

سنڌ جي چند ايماندار صحافين کي ڇڏي، باقي اڄ جي عطائي، جڳاڙي صحافين وانگر، سائين اسحاق مڱريو گهر ويٺي اسٽوريون نہ ٺاھيندو ھو، فري لانسر صحافي ھو، سندس پروفائيل ۽ اسٽوريون اڄ بہ رڪارڊ جو حصو آھن... سنڌ اخبار ۾ ڪم ڪرڻ سبب ساڻس ويجهڙائي رھي بي ڊپو، سادو محبتي، فقير مزاج، يار ويس ۽ کل ڀوڳ وارو ماڻھو ھو. سندس ٽھڪ نہ ٿا وساري سگهجن... صحافت کان ڪٽجڻ کان پوءِ منھنجي ھن سان اڪثر ملاقات سائين جي ايم سيد جي سالگرھ جي موقعي تي سن ۾ ٿيندي ھئي. طبيعت ٺيڪ نہ ھئڻ سبب گذريل سالگرھ تي نہ وڃي سگهيس. آخري ملاقات بہ سترھن جنوري 2023 سن ۾ ٿي... ھن جو قلم سدائين جاگيردار ۽ رياستي ڏاڍ جو مخالف رھيو... غريبن جو ڀرجهلو ھو، صحافت جي گورک ڌنڌي جو حصو ٿيڻ بجاءِ سندس ڪردار ڪنول جي گل جيان سدائين اجرو رھيو... سندس وڇوڙي سان صحافت جي دنيا ۾ وڏو خال پيدا ٿيو آھي.

قربان کوسو
**

اسحاق مڱريي جن ڏينھن ۾ ڪوئيٽا ۾ ڪاوش جو بيورو چيف هو، تن ڏينھن ۾ ساڻس جام ڪچھريون ٿينديون هيون. ڪجهہ سفر گڏجي ڪياسين. فقير منش هو ۽ عام صحافتي بيمارين کان گهڻو پري هو. جيڪو لکندو سو جاچ جوچ ڪري، ڳڻ ڳوت ڪري پوءِ لکندو هو. علم جو ڪوڏيو هو. سڀاءَ جو بہ ڀلو هو. سندس وڇوڙو صحافت جي رڻ پٽ ۾ وڻ جو وڍجي وڃڻ آهي.

ننگر چنا
**

اري يار! تو ھي ڇا ڪيو، توکي تہ اڃان سنڌ جي جهر جهنگ تي گهڻو ڪجهہ لکڻو ھو، اڃان تہ انيڪ موضوع رھجي ويا آھن، جن تي پاڻ ڪچھريون ناھن ڪيون. تو تہ آخري ڀيرو خانہ بدوش ڪيفي ۾ ايئن چوندي موڪلايو ھو تہ ’ايندڙ وسڪاري ۾ توھان وٽ ٿر ضرور اچبو ۽ ڪچھريون ڪبيون‘، پر اڃان تہ ٿر تي بادلن جو گهٽائون ڪونہ وسيون ۽ تون ايئن ھليو وئين. اڄ 16 جون جو اڀاڳو ڏينھن آھي جڏھن 13 سال اڳ حسن درس اسان کان وڇڙي ويو ھو ۽ اڄ تون بہ انھي اڀاڳي ڏينھن تي راھي ٿي ويو آهين. اسان جون اکيون آليون آھن. تنھنجي يگاني ڪردار کي سنڌ ھميشہ ياد ڪندي رھندي.

دولت رام کتري
**

ڏک جي ڀيانڪناڪ خبر، ھڪ دور جي پڄاڻي، سنڌ جو يگانو کاھوڙي صحافي اسحاق مڱريو وڇڙي ويو. ھر موڙ تي منھنجي رھنمائي ڪندڙ، منھنجو ساٿي، منھنجو پيارو دلي دوست، منھنجو استاد، سنڌ جو ناليوارو دلير کاھوڙي، سيلاني صحافي ۽ سگهارو قلمڪار اسحاق مڱريو ھاڻ ھن سنسار ۾ جسماني طور تي ناھي. پيارو اسحاق سنڌ کان وڇڙي ويو آھي، افسوس، صد افسوس.

الھہ بچايو جمالي
**

اسحاق سان 1991 ۾ قرب جو سڳو ڳنڍيو جيڪو سدان قائم رھيو. پاڻ منھنجي ٺاھيل سالڊ فائونڊيشن... ساوڪ ايگريڪلچر اينڊ لائيواسٽاڪ ڊيولپمينٽ ۾ نائب صدر بہ رھيو.
جڏھن مليايس کلي ملياسين، کوڙ اوڀاريون لھواريون ڪيوسين.... اڄ سڀ يادون ئي رھيون
يار، ھيءَ نہ ويل وڃڻ جي
سنڌي صحافت جو وڏو نالو، يگانو انسان....
اسحاق مڱريو اڄ اسان کان ڏور ھليو ويو.

رمضان ٻرڙو
**

سنڌ جو بيباڪ بھادر ناليوارو جاکوڙي صحافي اسحاق مڱريو مختصر علالت بعد ڪراچيءَ جي ’ڊائو اسپتال‘ ۾ 69 سالن جي ڄمار ۾ ھميشہ لاءِ وڇڙي ويو. پاڻ انتھائي محبتي نھايت رلڻو، ملڻو، ملنسار، کلڻو ۽ يارويس طبيعت جو مالڪ هو. اسحاق مڱريي جي اھا وڏي خوبي ھئي جو ھن ڪڏهن بہ ڪنھن سان بہ ڪاوڙ جو اظھار نہ ڪيو. هن نوجوانيءَ جو وڏو حصو سانگهڙ ۾ قومپرست ۽ ترقي پسند سياست ۽ ھاري تحريڪ کي ڏنو. ڪامريڊ بادل ٿري، سائين الھہ ورايو اداسي، ڪامريڊ حسن عسڪري، دادا علي بخش، سائين رسول بخش ملاح، سندس سياسي ۽ فڪري اڳواڻ ۽ دوست هئا. هن صحافت جي شروعات 1990 واري ڏهاڪي ۾ سانگهڙ مان ’جاڳو‘ اخبار کان ڪئي. صحافت دوران ڪجهہ رپورٽون ڪرڻ تي کيس سختين کي منھن ڏيڻو پيو جنھن سبب ڪجهہ سالن کان پوءِ هو حيدرآباد هليو ويو، جتي هن تحقيقاتي صحافت ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو ۽ ڪيتريون ئي يادگار اسٽوريون لکيون، پريس ڪلب حيدرآباد جو صدر پڻ رهيو. مرحوم جي جنازي نماز سانگهڙ لڳ ڳوٺ گل حسن سريوال ۾ پڙهائي وئي. جنھن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سانگهڙ، شھدادپور، ٽنڊوآدم، جهول سميت مختلف شھرن کان صحافين، سياسي سماجي شخصيتن سميت زندگيءَ جي مختلف طبقن سان واسطو رکندڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مرحوم جي جسم خاڪيءَ کي آلين اکين سان ڳوٺ لڳ اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

اسلم ميمڻ
**

اسحاق مڱريو انھن ٿورن سنڌي صحافين مان هو، جن تحقيقي صحافت جو رواج وڌو. هن ماحولياتي صحافت کي متعارف ڪرايو ۽ عالمي پائي جون ڪيتريون ئي رپورٽون ۽ فيچر لکيا. هو عالمي ماحولياتي تنظيمن آءِ يو سي اين، ڊبليو ڊبليو ايف ۽ يو اين ڊي پي جي ڪيترن ئي ماحولياتي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو. اسحاق مڱرئي حر تحريڪ، لوڪ وزڊم جي موضوع اينٿراپالاجي، جهنگلي جيوت، ثقافتي ميلن کان ويندي سنڌ جي اهم ڪردارن جي زندگي ۽ تاريخ کي پنھنجي قلم وسيلي عام ماڻھن تائين پھچايو.

محمد سليمان وساڻ
**

اسحاق مڱريي جونالو مون پھريون ڀيرو ناليواري صحافي مرحوم ف م لاشاريءَ کان ٻڌو. ڪراچي مان جاڳو اخبار نڪرڻ شروع ٿي، جنھن جو ايڊيٽر مرحوم ف م لاشاري ھو. جڏھن بہ ڪراچي ويندو ھئس، جاڳو اخبار ۾ ھمسفر گاڏھي ۽ ف م لاشاريءَ سان ضرور ملڻ ٿيندو ھو. ھڪ ڀيري ملڪ جا ڪي وڏا صحافي ’جاڳو‘ اخبار جي آفيس ۾ ف ۾ سان ويٺا ھئا، اتي ف م لاشاري اسحاق مڱريي جي ساراھہ ڪئي. سندس اسٽوري جيڪا جاڳو اخبار ۾ ڇپي ھئي، اھا بہ ڏيکاري. منھنجي خواھش ھئي تہ اسحاق مڱريو سان ملجي. پوءِ حيدرآباد مان سنڌ اخبار نڪرڻ شروع ٿي تہ اتي اسحاق مڱريو سان باقاعدہ ملڻ جلڻ پيو ٿيندو ھو. اسحاق ’ڪاوش سان، آئون ’شام‘ اخبار سانسلھاڙيل هياسين، پوءِ ’سنڌ ايڪسپريس‘ ۾ بہ گڏ ڪم ڪرڻ ڪري پنھنجائپ وارو تعلق جڙيو.

وفا برهماڻي
**

ھڪ پيار ڪرڻ وارو دوست، سنڌ جي جهر جهنگ، پاڻي، ثقافت ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جو باوقار وڪيل اسحاق مڱريو بہ ويو ھليو!جن جي ڏڍ تي اسين ميدان عمل ۾ آھيون، انھن مان ھڪ اسحاق بہ ھو. پنھنجي دوست جي وڇوڙي تي جيءُ جهري پيو آھي. نوجوان پٽ جي ڪُمھلي موت منھنجي يار کي جهيڻو ڪري وڌو ھو. ھن جي زندگيءَ مان رونق ۽ تازگي موڪلائي وئي ھئي. ھن جو قلمي پورھيو نسلن تائين سنڌ کي ڪم ايندو.

ڪرشن شرما
**

سينيئر صحافي اسحاق مڱريي جي وفات تي دلي صدمو رسيو آهي، حيدرآباد پريس ڪلب ۾ هن سان ڪيتريون ئي ڪچھريون ٿيون. ڪجهہ عرصو 98-1997 دوران گڏجي حيدرآباد ۾ صحافت بہ ڪئي. اسحاق مڱريو صحافي هجڻ سان گڏ کاٻي توڙي ترقي پسند ڌر جي سياست جو حامي هو. ڪافي پروگرامن ۾ قومي توڙي طبقاتي جدوجھد وارن گيت گانن تي جهومي پوندو هو. خوش اخلاق ۽ عوامي انداز سان پيش ايندڙ انسان هو. صحافت ۾ بہ هو قومي حقن توڙي انساني حقن جي لاءِ ٿيندڙ احتجاجن جي ڪوريج ڪندو هو.

حريف خان چانڊيو
**

اسحاق مڱريو سنڌ جي ليکارين ۾ ۽ صحافتي دنيا جو هڪ منفرد نانءُ آهي. اسحاق مڱريو ترقي پسند، عوام دوست ۽ پيڙيل طبقي جي نمائندگيءَ واري حيدرآباد مان نڪرندڙ اخبار ’سنڌ‘ ۽ وري ’سنڌ ٽي وي نيوز‘ ۾ اسان جي سٿ ۾ انتھائي متحرڪ ڪردار رهيو آهي. جاکوڙي صحافيءَ جو نالو کڻڻ سان اسحاق صاحب جو نالو ذهن ۾ اچي ٿو. پنھنجي الڳ مزاج وارو، صاف سٿرو، قلمي پورهئي ۾ نيڪ ڪردار وارو صحافي رهيو آهي. هو جيئن ظاهر ۾ اڇو اجرو ماڻھو (آهي) ائين ئي باطن بہ اجرو. سچ سان پيار ۽ پڙهڻ لکڻ سان عشق ڪندڙ باڪردار انسان.

رزاق سروهي
**

سائين اسحاق سان پھرين ملاقات 25 ورھيه پھرين حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڊاڪٽر مبارڪ علي جي ليڪچر پروگرام ۾ ٿي ھئي. ھو تن ڏينھن ۾ ڪاوش ۾ ڪڏھن ويراواھ مان پيو لکندو ھو تہ ڪڏھن کاري ڇاڻ مان. سوالن جوابن جي سيشن ۾ مون سان گڏ آيل شاگرد ڀر ۾ ويٺل اسحاق صاحب کي چيو تہ ”سر!چچ نامي ۾ لکيل آھي تہ راجا ڏاھر پنھنجي ڀيڻ سان شادي ڪئي ھئي. ڇا واقعي ائين ھو؟ آھي تہ ٻاراڻو سوال، پر ڊاڪٽر صاحب کان پڇان؟“ اسحاق صاحب خوش ٿيندي مائيڪ واري ڇوڪري کي ھڪل ڪئي.
ساڻس آخري ملاقات گذريل سال مياڻيءَ ۾ ٿي ھئي. اشفاق، صدام، جبران ۽ موتئي جا گل گڏ ھئا. مون کيس حليم باغيءَ جي سٽ ’ماءُ مياڻي سدا سھاڳڻ، ٽلٽيءَ ۾ ٽانڊوڻا ٽمڪن‘ ٻڌائي تہ سندس اکيون مشعلن جيان ائين ٻري اٿيون جيئن ڪيترائي سال اڳي ھڪ لڙي رات جو مون کيس ٻڌايو تہ اسان جي ڳوٺ ۾ ھڪ حرن جي لوڙھي جا قديم آثار موجود آھن. اھا ڳالھ ٻڌي ھو پھرين ماٺ ٿيو ۽ پوءِ ڳوڙھن سان جهلملائيندڙ اکين سان چيائين تہ ’ان لوڙھي ۾ انگريزن سندس خاندان جي ھڪ انتھائي ويجهي خاتون کي قيد رکيو ھو. ‘
ان شام ھن ريسٽ ھائوس جي آڳنڌ ۾ سنڌ جيان سڪي ٺوٺ ٿي ويل قديمي وڻ بابت اتي جي سنڀال لھندڙ حميد پالاريءَ سان ڳالھايو ۽ پوءِ سندس ٽھڪ مياڻي ريسٽ ھائوس جي قديم ڀتين سان ٽڪرائجي قرت العين حيدر چواڻي ’ابديت جا سائونڊ افيڪٽس پيدا ڪندا رھيا. ‘
پير حسام الدين راشديءَ جي ھي جھان ڇڏڻ تي غلام رباني آگري اھو چئي ڪجهہ لکڻ کان انڪار ڪيو تہ ’راشدي صاحب مون کي ايترو ويجهو ھو جو آئون کيس ٿورو پري رکي ڪجهہ لکي نٿو سگهان. ‘
اسحاق صاحب بہ اسان کي ايترو ويجهو ھو جو سندس موڪلاڻي سڀني لفظن جو اڳ جهليو بيٺي آھي.
ھي موڪلاڻيءَ جو مارواڙي ٻولي جو هڪ گيت آھي، جنھن ۾ ڪليون ۽ گل ڦل پاڻ ۾ ڏک سور پيا ونڊين تہ ’ڀنئورو باغ کان خفا آھي ۽ باس (خوشبو) وٺڻ نٿو اچي. ‘
سنڌ جي ڍنڍن ڍورن، وڻن ٽڻن، جيت جڻن، جوڳين ٻڙهن ۽ واري ۽ دڙن جو سچو عاشق اسان جو اسحاق صاحب بہ ائين رسي ھليو ويو آھي.

گوبند مينگهواڙ
**

هو گودڙيءَ وارو، ڪنھن لاءِ بابو، ڪنھن لاءِ چاچو، ڪنھن لاءِ سائين، ڪنھن لاءِ فقير، ڪنھن لاءِ استاد ۽ ڪنھن لاءِ جاکوڙي صحافي؛ جيترا لقب ايتريون دنيائون پاڻ سان گڏ کڻي هلندڙ من موجي سائين سحاق مڱريو صحافتي دنيا جو شان. هن جي اندر ۾ ڪيئي درياءَ، ڪيئي نديون، ڪيئي پکي، ڪيئي وڻجارا ساھہ کڻڻن ٿا. ڇا ٿر، ڇا ڪاڇو، ڇا سمنڊ، ڇا درياءُ، ڇا ڪچو، ڇا پڪو؛ هن جا سڀ لتاڙيل هئا. هن جي ڪارائيءَ ۾ لاهوت لامڪان، ڀٽائي، قلندر ۽ هنگلاج کان ويندي راما پير جي ٻڌل ڌاڳن جو قسم حيدرآباد ۾ جيڪڏهن هو نہ ملي ها تہ ميڊيائي صنعت ۾ منھنجي داخلا بہ نہ ٿئي ها. هن وٽ ڪو گيان هو؛ هن شايد جوڳين ۽ فقيرن سان گڏ تپسيا ڪئي هئي، هو هر ڪنھن کي پاڻ ڏانھن ڇڪڻ جي ڪشش رکندو هو. ڪنھنجي ڪم اچڻ اسحاق صاحب جي جبلت ۾ شامل هو. هو کلندي کلندي ٿورائتو ٿيندي ٿيندي اسان کان وڇڙي ويو آهي. هن وٽ هٿ ٻَڌ هئي، محبت هئي... جنھنجي خوشبو هر پاسي ڇانيل آهي.

اشفاق لغاري
**

فقير اسحاق مڱريو منفرد اسٽوريز جي حوالي سان سنڌي صحافت جو منفرد رائيٽر طور تاريخ ۾ اھم جاء والاري ٿو. رضا علي عابدي ۽ آصف جيلاني جيان ھن جاکوڙي جرنلسٽ پنھنجو جداگانہ تعارف ڇڏيو آھي. جيتوڻيڪ ھو پير سائين پاڳاري جي خاندان جو پروگريسو مريد ھيو ۽ کاٻي ڌر واري ھلچل جو مک ڪردار ھوندي بہ ھسٽري ۽ ھلچل جي حوالي سان جڏھن معلومات جا وکر ورھائيندو ھو تڏھن انصاف جي ڪسوٽي کي ڪمزور ٿيڻ ڪونہ ڏيندو ھو ھن جا لکيل ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ ڪامريڊ قادربخش نظاماڻي جا پروفائيلس ھجن يا پروفيسر ڪريم بخش نظاماڻي ۽ حافظ محمد موسي ڀٽي جا علمي ڪم. ھن جي سامھون پڙھندڙ کي ڄاڻ فراھم ڪرڻ وارو مقصد ڪڏھن بہ فراموش ڪونہ ٿيو ڍنڍون يا ڍورا ھجن يا درگاھي يا فقرائي تڪيا، ھن سدائين وڌ کان وڌ بنيادي معلومات ھٿ ڪري سنڌي صحافت ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا.

عبدالرئوف سومرو
**

باوجود اپنے مارکسی پن کے، مجهے تھوار اچھے لگتے هیں. خواه کسی بھی مذهب کے هوں. کیوں که ان میں عوامی شمولیت هوتی هے، عوام کے ہنسنے گانے کا سامان ہوتا ہے، مل بیٹھنے کے مواقع ہوتے ہیں، اس سے سوشل لائف پروان چڑھتی ہے. سو کرسمس ہو، دیوالی ہو یا عید، سب کو سیلیبریٹ کرنا چاہیے یا کم از کم سیلیبریٹ کرنے والوں کو مبارک باد دینی چاہیے.
اس بار مگر دو ناگہانی اموات کے باعث عید کچھ سوگوار سی ہے.
پہلی وفات عید سے دو دن پہلے ایک پھپھی کے جوان بیٹے کی ہوئی. نوجوان لڑکا جسے ٹی بی کی تشخیص ہوئی تھی، اس کے میڈیسن لیتے ہوئے دو دن پہلے اچانک دوپہر کے کھانے سے قبل خون کی الٹی کی اور بس یوں رخصت ہوا کہ ہسپتال تک بھی نہ پہنچ پایا.
میں کبھی "فیملی میں" نہیں رہا مگر بچپن سے ملنے والے لاڈ پیار سے لے کر ہر مشکل میں بلامشروط ساتہ کھڑے رہنے والے رویے نے مجهے خاندان کی اہمیت اور اپنائیت کا احساس ضرور دلایا ہے. میرے عزیز و اقارب کی اکثریت لوئر مڈل کلاس سے بھی نہیں، لوئر کلاس سے ہے. بہت کم لوگ ملازمتوں والے ہیں، اکثر محنت کش ہیں. یه نوجوان بھی ٹیلر ماسٹر تھا. ہمارے سامنے پیدا ہوا، پلا بڑھا، جوان ہوا. ابھی تو نوعمری کی سیڑھی په تھا که وقت کا دیو اچانک اسے نگل گیا. ماں باپ کا جوان بچوں کا لاش اٹھانا کیسا قیامت خیز ہے!!
ابھی اس اندوہناک خبر کے اثر سے نہیں نکلا تھا که کل ہی سائیں اسحاق منگریو جیسے محبوب شخص کی ناگہانی موت کی خبر نے شدید سوگوار کر دیا. ان کے ساتہ بیتی یادوں اور ان کے 'احسانات' کے احساس نے دل غم سے بھر دیا. میں نیا نیا کوئٹه آیا تو اسحاق صاحب یہاں روزنامه کاوش کے بیورو چیف تھے. پرانے کامریڈ بھی تھے اور زبردست عاشق بھی، سو ہماری خوب جمی. ان کا آفس ہم پیار کے پنچھیوں کے لیے مہر بھرا سائبان بنا رہا. وه حیدرآباد چلے گئے، تب بھی نہ ہمارے رابطے میں کمی آئی نہ ان کے پیار اور شفقت میں.
کوئی سال دو پہلے ان کے جوان سال صاحبزادے کی موت کی خبر آئی. میں نے جان بوجه کر کئی دن بعد کال کی تو وه اپنے روایتی ہنس مکھ انداز سے ہی ملے. کہا، بس یہی زندگی ہے پیارے، ایسے ہی چلتی ہے. اندازه تھا که یه گهاؤ ان کے اندر اتر چکا ہے، مگر یه انہیں یوں یکدم کھا جائے گا، اس کا تو تصور ہی نہ تھا. اسحاق صاحب صحافت میں نظریاتی کمٹمنٹ اور پروفیشنل ازم کے سنگم کا شاندار نمونہ تھے. اس درویش صفت شخص سے کبھی حالات کا گله سنا، نہ کسی انسان کا، نہ زمانے کا. ہمیشه هر حال میں مست مگن رہنے والا ہیرا انسان!!
میرے لیے یه دونوں اموات گهر کی ہیں، اس لیے عید اب کی بار سوگوار سی ہے. مگر بقول اسحاق سائیں کے، بس زندگی ایسے ہی چلتی رہتی ہے. "جہاں بجتی ہے شھنائی وہاں ماتم بھی ہوتا ہے"، جب تک ہیں تب تک اسے یونہی بھگتانا ہے.

عابد میر