ڪھاڻيون

بي سڪون خوابَ جو سچُ

احسان دانش سنڌي ڪھاڻي کيتر جي سرجڻھارن مان پاڻ کي پوئين صف ۾ شمار ڪندڙ ۽ خاموشيءَ سان ڪھاڻي ڪاڪ ۾ پنھنجي موھہ جي مومل سان پنھنجي هنئين جون هيکلائيون، سماجي وارتائون ۽ اکين جا اوسيئڙا اوريندڙ آهي. احسان دانش جون ڪھاڻيون پنھنجي فڪري اظھار، فني اسلوب ۽ احساساتي تاڃيپيٽي ۾ پنھنجو الڳ رنگ ۽ ڍنگ رکندڙ آهن. احسان دانش جون ڪھاڻيون هڪ طرف موضوعن جي ورائٽي ۽ فني ندرت رکندڙ آهن تہ ٻي طرف پختي، تز ۽ شاعراڻي ٻولي جي حسن سان آراستہ آهن.

  • 4.5/5.0
  • 112
  • 18
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Be Sukoon Khuwab Jo Sach

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

ڪتابَ جو نالو: بي سڪون خوابَ جو سچُ (ڪھاڻيون)
ڪھاڻيڪار: احسان دانش
ڇاپو پھريون: مئي 2005
ٽائيٽل: سنڌيڪا
ڇپائيندڙ: سچل ادبي مرڪز پبليڪيشن لاڙڪاڻو
ڪمپوزنگ: مقبول ڀٽو
يونيورسل ڪمپيوٽر ڪمپوزس لاڙڪاڻو
قيمت: 100 روپيہ


ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2025ع



Be Sukoon Khuwab Jo Sach
(Sindhi Short Stories)
By: Ahsan Danish
First Edition May 2005
Published by: Sachal Adabi Markaz Publication Larkana

ارپنا

پنھنجن بيحد پيارن
ليکڪ ڀائرن

رضوان گل
۽
آغا عمران

کي ارپيم

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر، محقق ۽ ڪھاڻيڪار احسان دانش جي ڪھاڻين جو پھريون مجموعو ”بي سڪون خوابَ جو سچُ“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
احسان دانش سنڌي ڪھاڻي کيتر جي سرجڻھارن مان پاڻ کي پوئين صف ۾ شمار ڪندڙ ۽ خاموشيءَ سان ڪھاڻي ڪاڪ ۾ پنھنجي موھہ جي مومل سان پنھنجي هنئين جون هيکلائيون، سماجي وارتائون ۽ اکين جا اوسيئڙا اوريندڙ آهي، پر حقيقت ۾ هن جي ڪلا، ڪھاڻيءَ کانسواءِ شاعري، تحقيق، تنقيد، لطيفيات، ڪالم نگاري، ڪمپيئرنگ ۽ علم تدريس جي شعبن ۾ هڪ ئي وقت ڳتيل ۽ سلھاڙيل رهي آهي. احسان دانش جون ڪھاڻيون پنھنجي فڪري اظھار، فني اسلوب ۽ احساساتي تاڃيپيٽي ۾ پنھنجو الڳ رنگ ۽ ڍنگ رکندڙ آهن.
احسان دانش جون ڪھاڻيون هڪ طرف موضوعن جي ورائٽي ۽ فني ندرت رکندڙ آهن تہ ٻي طرف پختي، تز ۽ شاعراڻي ٻولي جي حسن سان آراستہ آهن، انھيءَ ڪري پڙهڻ ۾ رواني ۽ رس چس جو روح رکندڙ بہ آهن تہ ذهن تي انوکو تاثر ۽ ڀرپور احساس ڇڏيندڙ بہ.
ھي ڪتاب 2005ع ۾ سچل ادبي مرڪز پبليڪيشن، لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون احسان دانش جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مھاڳ: ڪھاڻي ديد ۽ دل جو احساساتي سچ آهي

ڪھاڻي ردالي جي رڙ نہ پر روح جو سڏڪو آهي ۽ ان سڏڪي کي لفظن جي سرير ۾ اوتي پُرآواز، پُرسوز ۽ پُرجيون بڻائي پيش ڪرڻ هر قلمڪار جي وس ۾ ڪونھي. جيئن رنگن ۾ معنائن، جذبن ۽ احساسن جو روح ڪنھن مصور جي آڱرين جي تخليقي انس ۽ احساس جو نتيجو هوندو آهي. تئين ڪھاڻي جي تخليق بہ تخليقڪار جي اڻجهل جذبي، فڪر ۽ ڏات، وسيع تجربي تجزيي ۽ تخليقي اظھار جي اثرائتي آهنگ تي آڌاريل هوندي آهي. ٻين لفظن ۾ ڪھاڻي سرجڻھار جي دل ۽ ديد جي اهڙي عڪسي ۽ احساساتي ڪٿا ٿئي ٿي، جنھن جي اظھار کي صدين جي صدا بہ هوندي آهي تہ ساعتن جو انوکو درد ۽ دلڪشي بہ...... جئين ڪنيواس تي برش سان رنگن جي راند رچيندڙ هر رنگ ساز کي مصور نہ ٿو چئي سگهجي، تئين لفظن جو وکر واپرائي هر تحرير ترتيب ڏيندڙ قلمڪار کي بہ تخليقڪار تسليم نہ ٿو ڪري سگهجي، ڇو تہ تخليق زندگي جي رنگن ۽ رونقن، عذابناڪ المين ۽ اهنجن،دلي روڳن ۽ راحتن ۽ فطري حسن ۽ حقيقتن جو روح رکندڙ اهڙي پـُرتاثير ۽ پر درد تحرير ٿئي ٿي، جنھن جو وجود تخليقڪار جي فڪري رت ست ۽ احساساتي اظھار تي قائم ۽ جيئندڙ هوندو آهي. انھيءَ ڪري ڪھاڻي جڳ بيتي بہ هوندي آهي، تہ آپ بيتي بہ.......
“Life is very green, the theories are very grey, when your eyes are full with theories, you cannot see the greeness of life. Life is new and fresh every moment. Theories are always old, when your eyes are full of old, you cannot see and feel freshness of life….” (Osho).
(زندگي سدا سائي ۽ نظريا ڌنڌہ هجن ٿا. جڏهن اوهان جا نيڻ نظرين جي ڌنڌ سان ڌنڌلايل هوندا، تڏهن اوهان جيون جي سندرتائن کي ڪئين پسي سگهندو؟ زندگي جي هر ساعت نئين ۽ زندگي سان ڀرپور ٿي هجي پر نظريا پوڙها ۽ پاروٿا هوندا آهن. جڏهن اوهان جون اکيون پراڻ ۽ پاروٿائپ سان پُر هونديون، تڏهن زندگي جي تازگي پسڻ ۽ پرجهڻ اوهان لاءِ ڪئين ممڪن هوندي...!)
ڪھاڻي جو جنم انساني اتھاس جيتروئي اوائلي آهي يا ائين چئجي تہ انسان ۽ ڪائنات جي جنم سان ئي ڪھاڻي جو جنم ٿيو آهي تہ وڌيڪ بھتر رهندو، ڇو تہ آدم جي پيدائش ۽ ان کانپوءِ انجي وجود مان سندس جيون ساٿي جي جنم سان ان ڪھاڻي جو جنم بہ ٿئي ٿو، جيڪا زباني اظھار جي انيڪ مسافتن مان گذرڻ کانپوءِ ٻين ڪيترن ئي ابلاغ ۽ اظھار جي مرحلن طئي ڪرڻ پڄاڻان اڄ جي تحرير ۽ تصوير واري هن جديد دور تائين نہ صرف پنھنجي وجودي جوهر ۾ قائم ۽ دائم آهي پر انساني اوسر سان گڏوگڏ اها ڪھاڻي پنھنجي فڪر، فن، ڪٿا، جذبات، احساسات ۽ انداز بيان جي هڪ الڳ جھان کي جنم ڏئي انساني جيوت جو نرالو عڪس ۽ آئينو بڻجي چڪي آهي. انھي ڪري اڄوڪي ڪھاڻي لاءِ " جڙتو، خيالي ۽ سچ جھڙو ڪوڙ هجڻ" وارا مفروضا نہ فقط بي معني ٿا ڀاسن پر انھن جو وجود خود بي سمجهي ۽ ڀورڙائي تي مداريل ٿو لڳي ڇو تہ ڪھاڻي هڪ طرف انساني عمل ۽ سوچ، سماجي ڪارو هنوار ۽ معاشرتي صداقتن جو حقيقي عڪس ۽ اظھار آهي، تہ ٻئي طرف ڪنھن سرجڻھار جي احساس، فھم، فن، فڪر، جذبي ۽ تخيل جو تخليقي آواز ۽ انداز پڻ آهي، انھيءَ ڪري موجودہ ڪھاڻي سماجي حقيقت نگاري ۽ تخليقڪار جي تخليقي ادراڪ جو اهو سچ آهي جنھن کان فقط عقل جا انڌا ۽ دل کان محروم ماڻھو ئي انڪاري ٿي سگهن ٿا.
هڪ سڄاڻ قلمڪار، جئين سماج آهي انجو آئينو بہ پيش ڪندو آهي ۽ جيئن سماج هئڻ گهرجي انجو عڪس بہ ڏيکاريندو آهي. انھي ڪري ڪھاڻي ماضي ۽ حال جي حقيقتن سان گڏوگڏ مستقبل بيني جي صداقت ۽ سندرتا بہ ٿئي ٿي. جيئن ڪيمرا سان نڪتل هڪ تصوير ڪنھن فرد جي ٻاهرين صورت ۽ شڪل جو عملي ۽ عڪسي سچ هوندي آهي، تئين ڪنھن تخليقڪار جي تحرير بہ انساني فڪر، احساس، اندر ۽ دلي اڌمن جي حقيقي تصويرڪشي پيش ڪندي آهي، فرق صرف ميڊيم ۽ ذريعن جو ٿئي ٿو. هڪ تي ڪيمرا جو فوڪس هوندو آهي جڏهن تہ ٻئي تي سرجڻھار جي بصيرتي اک ۽ احساساتي دل پنھنجي پوري سرت ۽ سندرتا سان عمل پيرا هونديون آهن، اهو ئي سبب آهي جو هينري جيمس کي ادب ڪھاڻي جي تخليقي سچ۽ سائنسي صداقت بابت هن طرح اعتراف ڪرڻو پيو آهي.
“Fiction is as factual and realistic as science, but the language of fiction is different in kind, method and purpose from that of science. The language of fiction is imployed such devices as metaphor, image, symbol, plot, character, setting, tone and point of view (among others) to convey feelings and express ideas that will appeal to the whole man, to his senses, emotions, imaginations and intellect. Where as the language of science in its pure state, is directed exclusively to the reasiong intellect. The language of science seeks to describe the out word evidences of human experience and generalize them into universal laws. Fiction attempts to represent or recreate concrete human experience in such a way as to bring out meanings invisible to the strictly scientific observer. The fiction writer seeks to convey to his readers not only matters capable of verification but also the whole unseen, imaginative perceived world of human motives, responses, desires and energies. The scientist can describe to us for instance, the process of evolution, but he cannot show us how early man felt about being human, if he restricts himself to rational, quantitative language, for such feelings cannot be weighed emeasured or computed in any scientific way, but fiction writer making use of highly imaginative and emotive language can give us a very clear and convincing picture of how primitive man felt about the experience of becoming human. (“the art of fiction” by: F ــDietrich, P ــ4).
جيڪڏهن سائنس اڄ جو سچ آهي تہ ادب / ڪھاڻي اڄوڪي سماجي صداقت هجڻ سان گڏوگڏ سڀاڻي جو انوکر تخليقي حقيقت هجي ٿي.... جيتري تائين ڪھاڻي جي حوالي سان قدامت ۽ جديديت واري بحث جو تعلق آهي تہ ان لاءِ ايترو ئي چوڻ ڪافي ٿيندو تہ هر سچيت ۽ سگهاري تخليق پنھنجي وجودي جوهر ۾ قدامت ۽ جديديت جو حسين امتزاج هوندي آهي. قدامت، جديديت کي ۽ جديديت، پس جديديت کي جنم ڏين ٿيون. ائين جيئن سج، چنڊ کي ۽ رات کي اجالا عطا ڪري ٿو. ڌرتي ٻج کي ۽ ٻج، سلي کي، سلو ٽاري کي ۽ ٽاري گل کي جنم ڏئي ٿو ۽ ان جنم سان سونھن ۽ سڳنڌ جا احساس انساني آجپي کي انوکو دوام ۽ دلڪشي ارپين ٿا. ساڳي ريت هر دور پاڻ سان گڏ جدت، جاڳرتا، جواني ۽ حسيت جو نئون جھان کڻي جنم وٺندو آهي، جيڪو پنھنجي فڪري سگهہ ۽ ساهس ۾ سندرتائون ۽ ندرتون بہ رکندڙ هوندو آهي تہ فني گونا گونيون ۽ گهرائيون بہ.... ماضي، حال ۽ مستقبل وقت جون اهڙيون اٽوٽ ايڪايون آهن جن کي ڪنھن بہ طور تي ڪٽي ۽ هڪ ٻئي کان ڌار ڪري نہ ٿو سگهجي، ڇو تہ وقت جون اهي ٽئي ايڪايون هڪ ٻئي سان اهڙي ريت سلھاڙيل ۽ سنجوڳي آهن، جو انھن مان جي ظھا
ڪڏهن ڪنھن هڪ کي ڪڍي ڇڏجي تہ باقي ٻن جي حيثيت اڻپوري ۽ اڌوري رهجي ويندي. فرض ڪريو تہ جيڪڏهن حال ۽ مستقبل کان ماضي کي ڪٽي ڇڏجي تہ حال ۽ مستقبل پھريان تہ پنھنجي معنى ئي وڃائي ويھندا، پر جيڪڏهن انھن کي فرضي / تصوراتي طور کن پل لاءِ الڳ ڪجي تہ اهي بيساکيءَ تي بيٺل ڍڍري جو مثال ڀاسندا.ساڳي صورتحال، مستقبل بنا حال ۽ حال بنا مستقبل جي هوندي...
زندگي جيان تخليق بہ پنھنجي وجودي حصار ۽ حقيقت ۾ نت نئين ۽ ٻور ٻھاڻ هجي ٿي. انساني آجپي جو هر لمحو ٻئي لمحي کان عملي ۽ احساساتي طور نہ صرف مختلف ٿئي ٿو پر تجرباتي ۽ ڪيفيتي طور اهو هر پل نئون ۽ نرالو بہ هوندوآهي. جيئن آبشار ڌارائون پنھنجي مسافت جا پير پٿريلي پيچرن تي نقش ڪري اڳتي گامزن رهنديون آهن، ائين ئي آجپي جون ساعتون، وقت ۽ حافظي جي هٿ تري تي پنھنجي حسن ۽ حقيقتن جا رنگ ڇڏي، زندگي جي پنڌ جون راھہ مسافر رهن ٿيون ۽ اهو سلسلو ميرتقي مير جي هن شعر جي معنوي حسناڪي ۽ حقيقت جيان هميشہ قائم ۽ دائم رهي ٿو:
کون کهتا هے که موت آئي تو مر جائوں گا
ميں تو دريا هوں سمندر ميں اتر جاوں گا
ادب، زندگي جو عڪس بہ آهي تہ اولڙو بہ. جئين زندگي پنھنجي فطري حسن ۽ حقيقت ۾ هزارين حيرتون ۽ حسناڪيون رکندڙ هجي ٿي تيئن ادب بہ پنھنجي فني ۽ فڪري وجود ۾ سدائين جدت، جوت ۽ روح پروري جا سڀئي رنگ ۽ رونقون رکندڙ هوندو آهي.
انساني زندگي حقيقتن ۽ حيرتن جو نرالو سمنڊ آهي، جنھن کي پوري طرح پروڙڻ ۽ پرجهڻ لاءِ نہ صرف وسيع نظري درڪار هوندي آهي پر گهڻ طرفي مطالعي، مشاهدي، تجربي ۽ تجزيي جي بصيرت جو هجڻ بہ ضروري آهي، ڇو تہ انھن کانسواءِ جيون جي خارجي، معاشي، نفسياتي ۽ روحاني رازن ۽ صداقتن کي سوجهڻ ۽ ساڃاهڻ ناممڪن آهي.
ادب ۽ زندگي جو سفر سدائين ڪنھن لھر جيان روان دوان هوندو آهي؟ ان ۾ جمود ۽ ساڪنيت واري خيال جا حامي خود شعوري غربت ۽ ذهني پسماندگي جو شڪار هجن ٿا. وقت ۽ حالتن جي تبديلين سان زندگي جي عملي ۽ فڪري قدرن ۾ تبديليون رونما ٿينديون رهن ٿيون ۽ انھن ئي تبديلين سان گڏوگڏ ادب / ڪھاڻي نوان تخليقي رويا ۽ رجحان بہ جنم وٺن ٿا. ادب/ ڪھاڻي ۾ اهي فني ۽ فڪري تغير ۽ تبديليون ايتروين ئي فطري ۽ اڻ ٽر آهن. جيترو زندگي پنھنجي عملي ۽ احساساتي ارتقا ۾ حقيقي هجي ٿي. ادب / ڪھاڻي ۾ نون تجربن، تحريڪن ۽ رجحانن جي ضرورت ان وقت پيش ايندي آهي جڏهن مروج موضوع ۽ تخليقي راهون عصري تقاضائن سان هم آهنگ ٿيڻ بدران يڪسانيت، ورجاءُ محدويت ۽ کولائپ جو شڪار بڻجي وينديون آهن. تخليق پنھنجي فطري جوهر ۽ جياپي ۾ هميشہ تازگي نرملتا ۽ نئين آڪاش جي متلاشي پئي رهي آهي. انھي ڪري جڏهن بہ ابلاع ۽ اظھار جا ذريعا پنھنجون فني، موضوعي، معروضي ۽ احساساتي وسعتون وڃائي ويھندا آهن تڏهن هڪ سرجڻھار جي فڪري سرت، فني ساڃاھہ تخيل ۽ تجربو ادب ۽ ساهت ۾ تخليق ۽ تازگي جا نوان جھان دريافت ڪري وٺندو آهي. انھي حوالي سان رومانيت (Romanticism) کان وٺي ڪلاسيڪيت (Classicism) نيو ڪلاسڪيت (New or Pseudo Classicism) حقيقت نگاري (Realisim) عقليت پسندي (Rationalism)، علامت نگاري (Symbolism) تجريديت (Abstractism) افسردگي (Absurdity) اظھاريت (Expressionism) تاثريت (Impressionism) وجوديت (Existentialism) خود ڪلامي (Monologue) ڪيوب ازم (Cubism)، ڊاڊا ازم (Dadaism)، سريئلزم (Surrealism)، شعور جي وهڪ (Stream of consciousness)، جديديت (Modernism) ۽ مابعد جديديت (Post modernism) تائين وارا فڪري رجحان ۽ فني رويا هڪ مثال هجن ٿا، جن پنھنجي پنھنجي سماجي، اقتصادي، نفسياتي، تھذيبي ۽ تمدني حالتن پٽاندڙ، ادب جي ڪارج ۽ نئين عصري تقاضائن جي پورائي لاءِ پنھنجو ڪردار پئي نڀايو آهي.
ڪو وقت هو جڏهن عيسائيت جي اثر هيٺ ادب کي فقط مذهبي پرچارڪ طور اپنايو ويو. چوٿين صدي عيسوي ڌاري جڏهن رومن حڪمران عيسائي مذهب قبول ڪيو، تڏهن پوري روم ۾ عيسائي تعليم ۽ تبليغ لازم بڻائي وئي، ايتري تائين جو تخليق ۽ تحرير جي هر شعبي کي عيسائي پيغام ۽ پرچار جو پابند بڻايو ويو. شاعري / ڪھاڻي کان وٺي اسٽيج ڊرامن تائين جي فڪري ۽ احساساتي آزادي مصلوب ڪئي وئي ۽ نتيجي ۾ ان وقت جي هر تحرير"ادب براءِ بندگي" (Literature for Religion) جي مفھوم ۽ معني سان منظر عام تي آئي پر اڳتي هلي جڏهن تھذيب ۽ تمدن، شعور ۽ آگهي انسان ۾ آجپي ۽ امنگ جي نون جذبن ۽ احساسن کي جنم ڏنو، تڏهن ادب جو ڪليسا سان اهو مذهبي غلامي جو هڪ سو سالن وارو رشتو ڀتي ڀت جيان ڀور ڀور ٿي پيو ۽ نئين جاڳرتا جو سورج دنيا جي آڪاش تي پنھنجي عقلي ۽ احساساتي روشني سان نمودار ٿيو. ادب ۽ آرٽ جيڪو صدين تائين مذهبي ۽ ڌرمي سنگهرن ۾ جڪڙيل هو تنھن جو سٻند انساني آجپي ۽ ڪائنات جي ازلي ۽ فطري جمال سان جڙيو، نتجي ۾ تخليقي پورهئي لاءِ "ادب براءِ زندگي" (Literature for Life) جي رحجان ۽ روح جنم ورتو. ڪولرج ۽ ڪيٽس کان وٺي شيڪپيئر، ورڊس ورٿ، ٽيگور، ڀٽائي ۽ اياز تائين جون ڪوتائون ۽ دوستوفڪسي، هيمنگوي، ٽالسٽاءِ، چيخوف، جيمس جوائس، ورجينا وولف، گورڪي، ڪرشن چندر، منٽو، جمال ابڙو، امر جليل ، آغا سليم، نسيم کرل، نورالهدي ۽ ٻين اڻ ڳڻين تخليقڪارن تائين جون افسانوي تخليقون ۽ تحريرون ان "ادب براءِ زندگي،" واري صداقت جو فڪري ۽ احساساتي آئينو ۽ عڪس آهن.سچ ۽ سونھن جون صداقتون ساڪنيت ۽ جمود بدران متحرڪ ۽ رواني جو روح رکندڙ هونديون آهن.
“I beleive that realism is indeed an art at its best, but realism as I understand, it has hundreds and thousands of facts and it need not be representational. I see as realism whatever is genuniely begotton by life and moves the human spirit even if there are no images of people, houses or frees”. (A precocious biography P۽123, by: Yevgeny Yevtushenko).
(منھنجي خيال ۾ حقيقت نگاري پنھنجي وجودي جوهر ۾ هڪ مڪمل فن / شاهڪار هجي ٿي ۽ انھيءَ فن / شاهڪار جون سوين ۽ هزارين صورتون ٿين ٿيون، جيڪي ڪنھن بہ ڏيکاءَ / نما، جون محتاج ڪونہ ٿيون ٿين. منھنجي نظر ۾ حقيقت نگاري زندگي جي اها حسناڪ حقيقت آهي، جيڪا انساني روح ۾ اڻ ڏٺي انسانن، ماڳن ۽ وڻن ٽڻن جا عڪس ۽ احساس اجاگر ڪرڻ جي شڪتي رکندڙ آهي).
هر دور پاڻ سان گڏ نہ صرف ماضي ساڻ کڻي هلندو آهي پر حال ۽ آئيندي جون حقيقتون بہ هو خود متعين ڪرڻ جي طاقت رکندڙ هوندو آهي، انھيءَ ڪري وقت جي سچائي تھذيبن جي امين هجي ٿي، جنھن جي تغير ۽ تابندگي کان فقط مت جا موڙهيل ئي منھن موڙي سگهن ٿا. هر اوندھہ کان پوءِ سوجهرو ۽ سوجهري کانپوءِ سچائي جو پڌرو ٿيڻ يقيني هوندو آهي. آرٽ ۽ تخليق انساني مزاج ۽ محويت جو اهڙو موثر ۽ سگهارو اظھار آهي جنھن کي ڪنھن بہ روايت جو پئد باندي بڻائي نہ ٿو سگهي.
پھرين جنگ عظيم کانپوءِ وقت ۽ حالتن نہ صرف انسان جي خود غرضي، سفاڪي ۽ بي حسي جي ڀيانڪ روپ کي عالم آشڪار ڪيو پر زندگي جي تھذيبي، تمدني ۽ اخلاقي قدرن جي پائمالي جي هڪ پُردرد ۽ الـــمناڪ داستان کي جنم پڻ ڏنو. چوطرف خون خواري، وحشت، بي رحمي ۽ بربادي فرد کي ويڳاڻپ، بي وسي ۽ نفسياتي ڪشمڪش جي اونھي اوڙاھہ ۾ اڇلائي ڇڏيو ۽ نتيجي ۾ هڪ تخليقڪار ۽ سرجڻھار جي جي، جي جلاوطني پنھنجي وجود جي بدن ۾ بي چين ۽ مضطرب بڻجي وئي. هيگو بال ۽ هينز آرپ جھڙن مصورن پنھنجي اندر ۽ آڱرين جي درد کي رنگن جي روح ۾ اوتي جڏهن ڪينواس تي پڌرو ڪيو تڏهن انھيءَ رويي ۽ رجهان کي ڊا ڊا ازم (Dadaism) جو نان، ڏنو ويو. ڊاڊا ازم جي تحريڪ جو بنيادي مقصد ۽ متو تہ سفاڪ ۽ جابر قوتن تي بي رحمانہ جرح هو پر ان جي تلخي ۽ شدت اڳتي هلي ايترو تہ بي واڳ ۽ اجهل بڻجي وئي جو ان جي عتاب کان ڪيترائي تخليقي شاهپارا بہ بچي ڪو نہ سگهيا. مثلن مونا ليزا جي چھري تي مڇون ۽ افلاطون جي چھري تي عورتاڻا نقش چٽي انھن جي فطري حسن ۽ حقيقي حيثيتن کي بگاڙي پيش ڪرڻ اهڙا عمل هئا جن هن تحريڪ کي منفي ۽ ڇڙواڳ پيچرن حوالي ڪري ڇڏيو ۽ نتيجي ۾ ڊاڊا ازم خوبصورت تصويرن کي بگاڙي پيش ڪرڻ جي بي راھہ روي تحريڪ بڻجي وئي.
ڊاڊا ازم جي ناڪامي کان پوءِ تخليقي اظھار جي حوالي سان پولي ايلورا، جون ميرو ۽ رابرٽ ڊلينوس سريئلزم جو فڪري رجحان متعارف ڪرايو. سريئلزم (Surrealism) ٻن لفظن جي آميزش تي مشتمل آهي. جنھن مان (Sur) جي معنى ماسوا يا ماورا آهي، جڏهن تہ لفظ (Realism) واقعيت / حقيقت جو مفھوم پيش ڪندڙ آهي. ٻين لفظن ۾ شعور جي معطلي جھڙي بيداري ۾ شين پسڻ / محسوس ڪرڻ جي عمل کي سريئلزم (Surrealism) چئجي ٿو.
پھرين جنگ عظم دنيا ۾ جيڪا تھذيب ۽ انساني آجپي جي قدرن جي پئمالي ڪئي ان حساس دلين تي ڏاڍا ديرينا ۽ دلسوز اثر ڇڏيا. سريئلسٽ مصورن، شاعرن ۽ ڪھاڻيڪارن جي خيالن موجب واقعيت نھايت تلخ، ڀيانڪ ۽ بي رحم هوندي آهي جڏهن تہ خوابن ۽ بي خوديءَ جي دنيا وڌيڪ پياري ۽ پر سڪون هوندي آهي، ڇو تہ خوابن ۾ تخيل مڪمل طور آزاد ۽ واقعاتي منطق جي جبر ۽ گرفت کان آجو ٿئي ٿو. مغرب ۾ هن نظريي جي حامين ۾ ڪافڪا، ڪاميو، ورجينا وولف ۽ البرٽ موراويا وغيرہ شامل آهن. جڏهن تہ سنڌي ۾ شوڪت شورو، مشتاق شورو، مدد سنڌي، ڪيھر شوڪت، ماڻڪ، لعل پشپ، ممتاز مھر، اخلاق انصاري ۽ ٻين کوڙ سرجڻھارن جي ڪھاڻين ۾ سريئلزم، وجوديت، خود ڪلامي ۽ شعور جي وهڪ جي فڪر ۽ فلسفي جا اولڙا ۽ عڪس ملن ٿا.
سريئلزم (Surrealism) شعور جي وهڪ (Strem of consciousness) ۽ خود ڪلامي (Mono logue) وغيرہ جھڙا رجحان توڙي جو فني ۽ فڪري حوالن سان پنھنجيون پنھنجيون باريڪيون ۽ انفراديتون رکندڙ ٿا هجن، پر تڏهن بہ انھن جو پاڻ ۾ گهرو ربط ۽ رشتو آهي. جاڳيل احساس جي خوابيده عالم ۽ جنم وٺندڙ (Dream images) جي احساساتي جھان کي سريئلزم چئجي ٿو، جڏهن تہ خود ڪلامي (Monologue) هڪ اهڙو اسلوب اظھار ٿئي ٿو، جنھن ۾ ڪردار پنھنجي ذهني ۽ احساساتي ڪيفتين کي مڪالمي جي صورت ۾ ان ڳالھہ کان بي نياز ٿي پيش ڪندو آهي تہ سندس اظھار کي ڪو ٻڌڻ يا موٽ ڏيڻ وارو بہ آهي يا ڪونه........ هو پنھنجي ساءِ اظھار بيان جا ڌاڳا کوليندو ويندو آهي ۽ ائين سندس ذات بي ربط خيالن جي سٽ ۾ سلجهندي ۽ الجهندي رهندي آهي. ان پوري عمل دوران شعور کان وڌيڪ پيش شعور جو عمل دخل زياده هوندو آهي.
ادب جيئن تہ سماج جي پيداوار هوندو آهي، انھيءَ ڪري اهو ڪنھن نہ ڪنھن سماج، ان جي تھذيبي، تمدني، سياسي، سماجي، ثقافتي، شعوري قدرن ۽ ڪلچر جي نمائندگي ڪندڙ هوندو آهي. اوائلي دور جي مذهبي غلبي ۽ اثر هيٺ سرجندڙ ادب "ادب براءِ بندگي" (Literature for religion) ۽ انساني جاڳرتا، فڪري آزادي ۽ احساساتي ادراڪ جي سنگم سان جنم وٺندڙ ادب "ادب براءِ زندگي" (Literature for Life) کانپوءِ ادب ۾ هڪ نئين رجحان ۽ روايت جو جنم ٿيو، جنھن کي "ادب براءِ آرٽ" (Literature for art) جو نالو ڏنو ويو. ادب ۾ هي رجحان ۽ لاڙو پھرين مھاڀاري جنگ جي تباھہ ڪارين ۽ المناڪين جي نتيجي ۾ پيدا ٿيو. ڊاڊا ازم (Dadaism) ڪيوب ازم (Cubism) تجريديت (Abstractism) وجوديت (Existentialism) خودڪلامي (Monologue) شعور جي وهڪ (Stream of consciousness) ۽ سرئيلزم (Surrealism) جون تحريڪون ۽ فڪر بہ هن ئي نظرئي جي زمين مان اسريا ۽ نسريا.
توڙي جو ادب جي تخليق ۾ زندگي جو عنصر هميشہ روح جيان رهيو آهي، جيڪو "ادب براءِ آرٽ" (Literature for art) جي زمري ۾ ايندڙ تخليقن ۾ پڻ موجود آهي، ڇو تہ تخليق زندگي جي جڙ بنا ممڪن ئي ڪونہ ٿي هجي پر بدقمستي سان "ادب براءِ آرٽ" جيڪو تخليقي فڪر ۽ ٽيڪنڪي آرٽ جي انوکي امتزاج تي مشتمل انساني جذبن، امنگن ۽ احساسن جو اثرائتو انداز بيان آهي، تنھن کي گهڻي قدر خود ترسي (Self pity) خودخيالي (Stef rightousness) ۽ خود پسندي / خود غرضي (Selfishness) جي روڳ ۾ مبتلا ڪجهہ قلمڪارن تخيل ۽ تخليقي اظھار بدران بي لغام ۽ ڇڙواڳ پورن ۽ اندر جي اوٻر جي غرض طور اپنائي، ائين بيان ڪيو آهي، جو ان ۾ تخليقي احساس ۽ اظ؛هار جو روح پنھنجون رعنائيون ۽ رمزون ئي وڃائي ويٺو آهي جنھن جو مثال سنڌي ۾ ڪھاڻي جي نالي ۾ سرجندڙ کوڙ، اَڪھاڻيون (Anti Stories) آهن ۽ نتيجي ۾ "ادب براءِ آرٽ" عام طور تي بي معنگي ۽ خود تسڪيني واري مفھوم / تصور جي ور چڙهي ويو آهي، جڏهن تہ حقيقت ان جي ابتڙ آهي. ادب ۽ زندگي فقط اهو ڪونھي، جيڪو ڪنھن نظريي ۽ مخصوص زاويي نظر تحت لکيو، سمجهيو پڙهيو ۽ پُرجهيو وڃي، پر زندہ اکين ۾ مردہ خوابن جي حقيقت ۽ بي حس سماج ۾ باحس ماڻھوءَ جي دل ۽ ديوانگي جو درد بہ ادب ۽ زندگي آهي. بي جان لفظن ۾ تخليقي روح اوتڻ هڪ ليکڪ جي آرٽ جو ڪمال هجي ٿو ۽ هن بي حس ۽ مڪينيڪل دور ۾ ادب ۽ تخليق جو آرٽسٽڪ احساس ۽ اظھار ئي انساني جيون ۽ جديد حسيت جي حقيقي تصوير پيش ڪري سگهي ٿو. يورپ ۾ ڪاميو ۽ ڪافڪا ۽ سنڌ ۾ ماڻڪ، مدد، شوڪت، اخلاق ۽ ٻين کوڙ جديد ڪھاڻيڪارن جون تخليقون نہ صرف سندن داخلي درد جو پيڙائيندڙ ۽ پرسوز آواز آهن. پر پوري انساني آجپي جي حيرت ناڪ ۽ تلخ حقيقتن جو آئينو ۽ عڪس بہ آهن......
يورپ ۾ جديد تحريڪ ۽ ادب، ٻي عالمي جنگ جي خاتمي کانپوءِ اتان جي مخصوص معروضي حالتن ۽ شخصي ويڳاڻپ ۽ فرد جي فڪري انتشار جي رد عمل ۾ جنم ورتو. انھيءَ ڪري اجتماعيت جي ڀيٽ ۾ فرد جي داخلي احساسن، روڳن ۽ راحتن کي تخليقي سرگرمين ۽ سرجڻھار سگهہ جو محور ۽ مرڪز بڻايو ويو ۽ فلسفياڻي بنيادن سبب اهڙن ادبي روين / رجحانن کي ججهي پذيرائي پلئہ پئي.
حقيقت ۾ يورپ جي ادب ۽ تخليق جي حوالي سان جديديت واري تحريڪ جو گهڻي قدر تعلق ادب ۾ اسلوبياتي اظھار ۽ هر قسم جي جبريت کان آزادي هو، جنھن ڪري انساني معاشري جي يڪجھتي جي مقابلي ۾ "فرد" جي وجوديت کي وڌيڪ وقعت جو حامل سمجهيو ويو. جڏهن تہ سنڌ ۾ جديديت جي تحريڪ، مزاحمتي تحريڪ جي طويل جدوجھد جي اسڦلتا ۽ ادب ۾ اجائي مقصديت ۽ نعري بازي واري رجحان جي شديد ورجاءَ ۽ يڪسانيت جي نتيجي ۾ اڀري ۽ اسري. ان سلسلي ۾ جديد ڪھاڻي جي حوالي سان ماڻڪ جو نان، سر فھرست آهي. سنڌ ۾ ماڻڪ اهو پھريون. ڪھاڻيڪار آهي، جنھن "وجودي فڪر" کي سنڌ جي معاشرتي زندگي سان مربوط ۽ مشروط بڻائي، تخيلاتي ڪرتب بازي بدران انساني آجپي ۽ احساسات جي، پنھنجي ڪھاڻين ۾ هڪ عجيب ۽ لون، ڪانڊاريندڙ ڪٿا پيش ڪئي آهي. هن نہ صرف سنڌ جي جاگيرداري سماج جي فرسودہ رسمن ۽ راوجن کي للڪاريو آهي، پر ادبي پنڊتن جي انھن جي بي جا مروج معيارن ۽ اصولن، جيڪي زندگي جي فعاليت ۽ فطري راه ۾ رڪاوٽ هئا، انھن کي بہ تهس نهس ڪري، ادب ۾ حقيقت نگاري ۽ جديديت جي هڪ اهڙي تخليقي راھہ متعارف ڪرائي آهي، جيڪا اجائي جذباتيت، کوکلي تخيل ۽ نعري بازي بدران نتيجي خيزي (Pragmatism) ۽ احساساتي ۽ فڪري اثر انگيزي جا سڀئي ساهس ۽ سندرتائون رکندڙ هجي ٿي سنڌي افسانوي کيتر ۾ اياز قادري، جمال ابڙي، امر جليل ۽ نسيم کرل کان وٺي ماڻڪ، مدد، شوڪت ۽ اخلاق تائين جي ڪھاڻيڪارن جيڪي فن ۽ فڪر نئين هئيت ۽ حسيت ۽ نرالي لھجي ۽ انداز جا احساساتي / تخليقي دڳ دريافت ڪيا آهن. انھيءَ تخليقي راھہ جي پانڌيئڙن مان سلڇڻو سرجڻھار احسان دانش بہ هڪ آهي. هن جون ڪھاڻيون پڙهي بنگال جي ڀٽائي رابندر ناٿ ٽئگور جي ڪٽنب جي هڪ سيبتي ۽ سچيت قلمڪار سڀو ٽئگور (Subho Tagore) جون هيٺيون سٽون اڪثر منھنجي هنئين تي هري اينديون آهن.
I know my stories ring true because they come from the in mos depth of my being, they speak the universal language of truth, no matter whether it is spoken under the clear canopy of the glowing sun or through the mist of dusky twilight.” (Subho Tagore)
مان ڄاڻان ٿو منھنجون ڪھاڻيون سچ جي صدا آهن، ڇو تہ انھن منھنجي وجود جي گهرائي مان جنم ورتو آهي. منھنجون ڪھاڻيون انساني دل جو سچو ۽ پرسوز آواز آهن. اها الڳ ڳالھہ آهي تہ مون اهي ڪڏهن ٽامڻي هنيل سج هيٺ سرجيون آهن، تہ ڪڏهن وري انھن جي تخليق نما شام جي ميرانجهڙي موسم ۽ ماحول ۾ ڪئي اٿم.)
احسان جون ڪھاڻيون پنھنجي فڪري اظھار، فني اسلوب ۽ احساساتي تاڃيپيٽي ۾ پنھنجو الڳ رنگ ۽ ڍنگ رکندڙ آهن. هو توڙي جو سنڌي ڪھاڻي کيتر جي سرجڻھارن جي اڀري آيل تازي کيپ مان پاڻ کي پوئين صف ۾ شمار ڪندڙ ۽ خاموشيءَ سان ڪھاڻي ڪاڪ ۾ پنھنجي موھہ جي مومل سان پنھنجي هنئين جون هيکلائيون، سماجي وارتائون ۽ اکين جا اوسيئڙا اوريندڙ آهي، پر حقيقت ۾ هن جي ڪلا، ڪھاڻيءَ کانسواءِ شاعري، تحقيق، تنقيد، لطيفيات، ڪالم نگاري، ڪمپيئرنگ ۽ علم تدريس جي شعبن ۾ هڪ ئي وقت ايترو تہ ڳتيل ۽ سلھاڙيل رهي آهي جو ان جو فيصلو ڪرڻ گهٽ ۾ گهٽ مون لاءِ تہ هميشہ مامرو رهيو آهي تہ احسان کي انھن فنون لطيفہ جي مڙني شعبن مان ڪھڙي شعبي سان منسلڪ ڪجي، ڇو تہ هن شاعري کان وٺي تحقيق، تنقيد، لطيفيات، ڪمپيئرنگ، ڪالم نگاري، تدريس ۽ ڪھاڻي جي شعبن تائين جيڪو ڪجهہ سوجهو ۽ سرجيو آهي، ان ۾ سندس دل جي سچائي ۽ جذبي جو جنون سدائين شامل عمل رهيو آهي. انھيءَ ڪري احسان جون تخليقون هميشہ مون کي سندس عشق ۽ عاشقي ڀاسيون آهن.... سنڌي ڪھاڻي سان سندس عشق جي انتھائن جو اندازو ان ڳالھہ مان بہ لڳائي سگهجي ٿو جو هن نہ صرف خود ڪھاڻي لکڻ جو تخليقي پورهيو ڪيو آهي پر سنڌي ڪھاڻي جي تاريخ جي حوالي سان ڪيئي مقالا پڻ تحرير ڪيا آهن. جن مان خاص طور تازوئي سنڌي ڪھاڻي جي 90 سالن جي تاريخ جي حوالي سان تاريخي نوعيت جو هڪ تحقيقي مقالو پڻ قابل ذڪر آهي، جنھن ۾ هن سنڌي ڪھاڻي جو ڀرپور ۽ تفصيلي فني ۽ فڪري اڀياس ڪيو آهي.
هن جو جنم توڙي جو لاڙڪاڻي جي علمي ۽ ادبي گهراڻي سان تعلق رکندڙ انتھائي شفيق ۽ نرمل سرجڻھار سائين ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي گهر ۾ ٿيو، سندس پرورش ۽ ادبي پالنا بہ دوستن جھڙي والد جي سايي ۽ سنگ ۾ ٿي پر عام طور چوندا آهن تہ گهاٽي وڻ جي ڇانو ۾ اسرندڙ ٻوٽا پنھنجي جاءِ، وقعت ۽ شناخت مشڪل سان ئي جوڙي سگهندا آهن ۽ احسان جون تحريرون ۽ تخليقون پڙهڻ کان پوءِ نہ صرف انھن ۾ احسان جي فن، فڪر ۽ احساساتي ڀرپوريت جي سڳنڌ محسوس ڪري سگهجي ٿي، پر اهو وشواس اڃان بہ وڌيڪ پختو ٿي وڃي ٿو تہ جيڪي وڻ پنھنجي ڇانوري ۾ اسرندڙ ٻوٽن کي خلوص دل سان پنھنجي جڙن جي جوت ۽ روح جون رنگينيون ڏئي ڇڏيندا آهن. اهي ٻوٽا هڪ ڏينھن نہ صرف درخت بڻجي ويندا آهن، پر جنھن گهاٽي درخت جي آغوش ۾ اسرندا آهن، ان جون خوبيون ۽ خوبصورتيون بہ پنھنجي وجود ۾ خوشبوئن جيان کڻي هلندا آهن ۽ احسان دانش يقينن سائين ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي همگير ۽ حسناڪ شخصيت جي سايي ۾ اسرندڙ اهو درخت آهي، جنھن ۾ سائين شاد جي شخصيت جي رنگن سان گڏوگڏ احسان جي پنھنجي پورهئي، پيار، تجربي، تخيل، مشاهداتي ۽ اڇوتي تخليقي انداز جا رنگ ۽ رونقون بہ آهن جيڪي فڪري ۽ فني جوهر ۾ هڪ الڳ جوت ۽ جھان رکندڙ ٿيون هجن. مون سدائين سائين ڊاڪٽر شاد کي احسان جي حوالي سان هيٺين سٽن جي محبوب احساس ۽ آواز جيان پسيو ۽ پاتو آهي.
‘Bow’ said to arrow, “go a head, your liberity is mine.”
(ڪمان، تير کي چيو اڳتي وڌ، تنھنجي اڏام ئي منھنجي آزادي آهي.)
داغستان جي دلبر شاعر ۽ "منھنجو داغستان" جھڙو خوبصورت احساساتي ڪتاب سرجيندڙ رسول حمزہ توف پنھنجي ڪوتا ڪتاب جي مھاڳ ۾ لکيو آهي تہ
“A writer’s life is judged not by his years but by his writings and there is no better measure of a person than his work، by his work you judge his flights and falls، his glory or lack of it.”
(هڪ تخليقڪار جي عمر جو ڪاٿو ان جي سالن مان نہ پر سندس تخليقن مان لڳائڻ گهرجي، ڇو تہ هڪ ليکڪ جي شخصيت جي بھترين ڪسوٽي هن جو ڪم ۽ تخليق هوندو آهي. هن جي ڪم / تخليق مان ئي هن جي شان ۽ شوڪت، حاصلاتن ۽ سندس ناڪامين جي پروڙ پئجي سگهي ٿي.)
احسان، تحقيق، تنقيد، شاعري ۽ ڪھاڻي جي تخليقن جي حوالي سان هن وقت تائين جيڪو پورهيو ڪيو آهي، ان جو ججهو حصو توڙي جو مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿي چڪو آهي، پر ان جي باوجود بہ وٽس اڃان ايترو اڻ ڇپيل مواد موجود آهي، جنھن کي ڏسي اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو تہ هن قلم سان عشق جي حد تائين انس رکندڙ تخليقڪار، جيون جا اڪثر پل تخليق جي پيار ڀرئي پورهئي ۾ خرچ ڪيا آهن.
ڪتابي صورت ۾ احسان دانش جو هي پھريون ڪھاڻين جو مجموعو "بي سڪون خواب جو سچ" جي سري سان اوهان جي هٿن ۾ آهي. ڪنھن بہ سرجڻھار لاءِ پھريون ڪتاب پھرين پيار جيان هوندو آهي ۽ پھريون پيار شدتن، گھراين ۽ جذبن جي اجهل اٿل جو اهڙو ساگر ٿيندو آهي، جنھن کي پنھنجا وهڪرا ۽ ولولا ٿا هجن.
احسان دانش جي ڪھاڻين جي هن مجموعي ۾ ڪل ٻاويھہ ڪھاڻيون آهن. جن مان اٺ مختصر ترين ۽ باقي چوڏنھن ڪھاڻيون آهن. داستان کان پوءِ ناول، ناول کان پوءِ ڪھاڻي ۽ ڪھاڻي کانپوءِ ســُسي مختصر ترين ڪھاڻي ڪوٺجندڙ پيج اڌ جو مواد ڪھڙي زمري ۾ اچڻ گهرجي ان تي بحث ۽ مباحثي جي توڙي جو کوڙ گنجائش ۽ ضرورت آهي، جيڪا ادب جي پارکو ۽ سڄاڻ نقادن جي لاءِ ٿي ڇڏجي، پر هتي عرض صرف اهو ڪرڻو آهي تہ احسان جون هي مختصر ترين ڪھاڻيون پنھنجي مواد ۽ مقصديت جي حوالي سان ايتريون ئي پُرتاثر ۽ دل کي ڇھندڙ آهن جو انھن کي کڻي ڪو نقاد ڀلي ڪھاڻين جي حوالي سان صرف ٽيڪنڪ ۽ فارميٽ جو عذر ڏئي مسترد بہ ڪري، پر تڏهن بہ انھن ۾ موجود احساس ۽ تخليقي فڪر کان ڪو بہ حساس دل ۽ ذي شعور فرد انڪاري ٿي نہ ٿو سگهي. ان جي عملي ثبوت لاءِ سندس ڪھاڻيون "آزادي"، "ڪارنھن"، "جن"، "سودو"، "اُڃ" ۽ "ڏوهي" وغيرہ پيش ڪري سگهجن ٿيون.
احسان دانش جي ڪھاڻي ڪتاب جي ٽائيٽل ڪھاڻي "بي سڪون خواب جو سچ" هڪ اهڙو آرٽسٽڪ احساس ۽ تاثر پيش ڪندڙ آهي، جنھن ۾ ڀٽائي جي سٽ "ﷲ ڏاهي م، ٿيان ....." جي فڪري درد کان وٺي ڪافڪا جي لفظن “I am victim of my own wisdom” جي المياتي احساس تائين جو پورو فڪري ۽ احساساتي ڪرب سمايل آهي. هڪ تخليقڪار آرٽسٽ جي بي سڪوني ۽ بي چيني ان جي تخليقي عمل کي سگهہ ۽ ساهس بہ عـطا ڪندڙ هـوندي آهي تہ کيس پنھنجي وجود جي بدن ۾ بي قرار ۽ تنھا بڻائي ڇڏيندڙ بہ هوندي آهي ۽ هجومن ۾ هڪ هيکلي ٿي ويندڙ حــساس آرٽسٽ جي اڌمن ۽ احساسن جي هي ڪھاڻي، جنھن ۾ هڪ آرٽسٽ هن جھنم بڻجي ويـل دنيا جي حالتن ۽ ماحول ۾ هر لمحي امن ۽ سڪون جي ساھہ لاءِ اجاڳيل ۽ آتو ٿو رهي پر هر جاءِ تي کيس خون، ڌاڙن، بم ڌماڪن ۽ بي سڪوني جي باھہ ڀڙڪندي ٿي محسوس ٿئي. احسان هن ڪھاڻيءَ ۾ هڪ مصور جي مضطرب دل جو احساساتي لفظن ۾ نہ صرف ڏاڍي فنائتي نموني سان درد اوتڻ ۾ سوڀارو ٿيو آهي، پر هڪ آرٽسٽ جو پورو ۽ حقيقي پورٽريٽ بہ پيش ڪيو اٿائين، جيڪو لفظن ۾ مصوريءَ جو هڪ سھڻو مثال آهي.
احسان جي پرورش ۽ پالنا توڙي جو شھري ماحولَ ۾ ٿي آهي پر ان جي باوجود بہ هن وٽ مشاهدي جي ايتري وسيع نظري ۽ بصيرت آهي، جو هن جيتري ڀرپوريت سان پنھنجي ڪھاڻين ۾ شھري ماحول ۽ پسمنظر کي پينٽ ڪيو آهي اوتري ئي احساساتي سگهہ ۽ فڪري سرت سان ٻھراڙيءَ جي حقيقتن ۽ حالتن جو نقش بہ چٽيو اٿائين. سندس ڪھاڻيون "رانديڪو" ۽ "دوزخ" پڙهڻ کان پوءِ هن جي تخليقي پورهئي تي پيار ٿو اچي....
احسان دانش "پڙاڏو زندگيءَ جو" ۽ "خوشبو" جھڙيون خوبصورت پيار ڪھاڻيون بہ لکيون آهن، تہ زندگي جي فلسفي ۽ فڪر تي "بي انت مسافتون" جھڙي پر مغز ۽ پياري ڪھاڻي بہ سرجي آهي. هن وٽ ڪھاڻي لفظي ۽ اجائي پٽاڻ بدران دلي وارتا ۽ ڪردار جي نفسياتي ڪيفيت ۽ ڪشمڪش جو احساساتي اظھار ئي ڪل سچ هجي ٿو، انھيءَ ڪري هو پنھنجي ڪھاڻين ۾ واعظ بدران لاڳاپيل ڪردار جي وجودي صداقتنِ کي اظھارڻ تي ئي اڪتفا ڪري ٿو.
احسان جي ڪھاڻي "نيڻن جي ساغرَ ۾" بس جي سفر دوران جنم وٺندڙ نظرن ۽ نينھن جي اهڙي ڪھاڻي آهي، جنھن جو هر لمحو حسين بہ آهي تہ انتظار جون اذيت جھڙيون ڪيفيتون پيش ڪندڙ بہ.... سفر دوران هڪ نوجوان جون نظرون هڪ حسينہ سان دو چار ٿين ٿيون ۽ اهو نوجوان دل ئي دل ۾ پنھنجي ماءُ جي ارمانن سميت پنھنجي خوابن جي تعبير ان ڇوڪريءَ جي حاصلات کي ٿو ڀانئي ۽ ساڳي محسوسات ان دوشيزه جي جيءَ ۾ بہ جنم ٿي وٺي. بس ۽ نگاهن جي طويل سفر کان پوءِ هڪ لمحي ڇوڪري پني تي ڪجهہ لکي ڇوڪري طرف اڇلائي ٿي ۽ ڇوڪرو جڏهن اها چٺي پڙهي ٿو تڏهن سندس سڀئي سپنا ۽ مسرتون هڪ لمحي ۾ ڪافور ٿي وڃن ٿيون. ڪھاڻي جو تاڃي پيٽو اهڙو تہ فنائتو ۽ فڪر انگيزي سان اڻيل آهي جو ان ۾ موجود مسرتن، انتظار ۽ احساس جي عجيب ڪيفيتن کان پڙهندڙ پاڻ کي ڪنھن بہ طور تي آزاد ڪري نہ ٿو سگهي ۽ نتيجي ۾ احساساتي طور ڪردارن جي پيڙا ۽ مسرتن جي مسافت ۾ خود کي بہ شامل عمل ٿو ڀانئين.
احسان دانش جون ڪھاڻيون هڪ طرف موضوعن جي ورائٽي ۽ فني ندرت رکندڙ آهن تہ ٻي طرف پختي، تز ۽ شاعراڻي ٻولي جي حسن سان آراستہ آهن، انھيءَ ڪري پڙهڻ ۾ رواني ۽ رس چس جو روح رکندڙ بہ آهن تہ ذهن تي انوکو تاثر ۽ ڀرپور احساس ڇڏيندڙ بہ.... پڙهندڙن جي سواد ۽ ساءَ لاءِ ڪجهہ ڪھاڻين مان چند سٽون پيش ڪجن ٿيون. جن ۾ شاعراڻي تخيل جي سندرتا کان علاوہ ڪمال جي فڪري ۽ رومانوي سونھن بہ موجود ٿي هجي.
• زندگي هڪ اهڙي ٻيڙي آهي جيڪا مسئلن جي درياھہ ۾ ترندي حالتن جي تيز طوفان ۽ گناهن جي گرداب مان گذري ٿي ۽ اسان جي ڪاميابي ان ٻيڙيءَ کي وقت جي لھرن لوڏن ۽ جهنجهٽن کان بچائي ٻي پار پڄائڻ ۾ ئي آهي. (بي انت مسافت).
• جڏهن دل جي شھر جا سمورا دڳ تاريڪيءَ جي تابع ٿي ويندا آهن، تڏهن ٻاهر جي جوت جهڪي لڳندي آهي. (خوشبو).
• ان رات کيس ائين لڳو ڄڻ پلن ۽ پھرن کان ڪنھن پير کسي ورتا هجن ۽ وقت کي فالج ٿي پيو هجي.... (خوشبو).
• خوشبو جا نيري نديءَ جھڙا نيڻ اڃا بند هئا، هن جا چپ ٺوٽ زمين جيان خشڪ ۽ پياسا هئا، هي اهي ئي چپ هئا، جن کي ڇھندي لفظ پيار جا قافلا کڻي ايندا هئا. (خوشبو).
• هڪ آرٽسٽ جي دل ڄڻ آلي ڪاٺي دُکي پئي هجي. لمحا بہ ڄڻ ماڪ ڦڙا هجن، جن کي وقت جي تکي اس گم ڪندي ٿي رهي. (بي سڪون خواب جو سچ).

احسان جون ڪھاڻيون مجموعي طور تي سماجي حقيقت نگاري، ادب جي جديد فڪري ۽ فني لاڙن ۽ فرد جي نفسياتي ۽ روحاني مامرن ۽ زندگيءَ جي اهڙن پُر پيچّ پھلوئن تي سرجيل آهن، جن تي توڙي جو انيڪ ڀيرا لکيو ويو آهي، پر احسان پنھنجي اظھار بيان کي جيڪا نئين اسلوبي نزاڪت ۽ لفظيات، فڪر انگيزي، تاثيريت، تازگي ۽ معنوي محبوبيت عطا ڪئي آهي. اها پنھنجو مثال پاڻ ٿي هجي. انھيءَ ڪري دانش جو تخليقي پيچرو ۽ فني ادراڪ ۽ احساس بہ پنھنجو آهي. "برساتي رات جو الميو"، "مان ۽ تون"، "پيڙا جو پڙلاءُ" ۽ "لمحن جو درد" احسان دانش جون اهڙيون سماجي ۽ فردي پيڙائون ۽ المياتي احساس پيش ڪندڙ ڪھاڻيون آهن، جن کي پنھنجو احساساتي درد ۽ فڪري تاثر آهي.
احسان پنھنجي تخليقي پورهئي جي حوالي سان نہ صرف جديد فڪري پيچيدگين ۽ فني ندرتن کان آشنا آهي پر هو هڪ سنگتراش جيان لفظن جي بيجان بت ۾ تخليقي روح اوتڻ جي ڏات ۽ ڏان، رکندڙ اهڙو سچيت قلمڪار آهي، جنھن لاءِ تخليق، عبادت ۽ عبادت تخليق جو رتبو ۽ احساس رکندڙ ٿي هجي.

فـيـاض لطيـف
31 مارچ 2005

ٻہ اکر: منھنجا خواب ــ منھنجو سچ

سوچيان ٿو پنھنجي پاران ٻہ اکر لکڻ ضروري آهن ڇا؟ ڇا هنن ڪھاڻين ۾ لکيل اکر منھنجا نہ آهن؟ ڇا اهي سموريون ڪھاڻيون جيڪي هن ڪتاب ۾ موجود آهن سي منھنجن ٻن اکرن جو پورائو نہ ٿيون ڪن....؟ گهڻائي سوال ذهن ۾ اچن ٿا پر انھن سمورن سوالن جي اڳيان روايتن جي ڀت اونچي ٿي بيھي ٿي...... ۽ اسين راويتن جا امين آهيون. تنھن ڪري راويتن جي پورائي لاءِ ٻہ اکر لکڻ چاهيان ٿو.
مان چاهيان ٿو هي ڌرتي محبتن جو وسيع گلزار بڻجي وڃي جتي چاهتن جا پوپٽ اڏامندا رهن، هر ڏسا خوشبوئن جا جهونڪا هجن، نفرتون آپ گهات ڪري ڇڏين، بم ۽ بارود مٽي جا کيڏوڻا بڻجي وڃن ۽ لبن تي مرڪن جا ماڪ ڦڙا جرڪي پون. مان چاهيان ٿو. ها! مان چاهيان ٿو ڪوئي ڳل ڳوڙهن سان آلو نہ ٿي ڪنھن بہ اک ۾ درد جو جهڙالو نہ ٿي، مان چاهيان ٿو....... پر! حقيقت ۾ محبت هڪ اهڙو امرت پيالو آهي جيڪو هر ماڻھو جي لب تي نہ پھچي سگهندو آهي. نفرت ٿوهر آهي، جيڪو جتي بہ ڦٽندو ڪنڊا ئي ڏيندو. امن جو بارود جي دونھين ۾ ساھہ ٻوساٽجي ويو آهي ۽ درد ڊنل ٻار وانگر اسان جي ڇاتي کي چنبڙي پيو آهي. اها ئي حقيقت آهي ۽ اهو ئي سچ آهي ۽ هڪ تخليقڪار سچ جي اکين ۾ ڌوڙ ڪڏهن بہ نہ ٿو وجهي سگهي..... مان بہ انھيءَ سفر جو پانڌيئڙو آهيان. مون پنھنجي لفظن ۾ محبت کي امرتا ڏيڻ ۽ نفرت جي ڪــُچلڻ جو ڪم ڪيو آهي. مون پنھنجي ڪھاڻين کي دل جي لھو مان ڦٽل روشني مان تخليق ڪيو آهي. اهڙي روشني جيڪا سچائي جي نيڻن ۾ پيوست ٿي زندگي جي سمورين باريڪين کي نروار ڪندي آهي. منھنجيون ڪھاڻيون زندگي جي انھن باريڪين جون ڪھاڻيون آهن..... مان هڪ لمحي لاءِ بہ ڪڏهن پنھنجي ان فرض ۽ ذميواري کان غافل نہ رهيو آهيان جنھن لاءِ ماريو ورگاس چيو آهي تہ:
“The writer’s job is to write with rigour، with commitments to depend what he believes, with all the talent he has. I think that is part of moral obligation of a writer” (Mario Vargas).
(هڪ تخليقڪار جو اهو فرض ٿئي ٿو تہ هو جيڪو ڪجهہ سرجي ٿو ان جو کيس نہ صرف پنھنجي پوري فڪري سچائيءَ سچيتائي ۽ سگهہ سان دفاع ڪرڻ گهرجي پر ان لاءِ عملي رت ست بہ ارپڻ گهرجي. منھنجي خيال ۾ هڪ ليکڪ جي اها ئي ادبي ۽ اخلاقي ذميواري آهي.)
منھنجون ڪھاڻيون منھنجي روح جو آواز آهن، اهي احساس جيڪي منھنجي اندر کي اُڏوهي جيان پورو ڪندا ويندا آهن، اهي پيڙائون جيڪي منھنجي وجود کي ڌوڏي ڇڏينديون آهن ۽ اهي لمحا جيڪي درد جي آنڌي سان ڀرپور هوندا آهن، انھن سڀني کي آئون پنھنجي ڪھاڻين ۾ اظھارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مون رڳو ڪوشش ڪئي آهي، پنھنجي ڪھاڻين وسيلي سماج جي زخمي ۽ پروڻ ٿيل بدن تان چادر هٽائڻ جي. بس مون اهوئي ڪيو آهي.... هن ڪتاب ۾ شامل ڪِن ڪھاڻين ۾ سماجي حقيقت جون چٽيون تصويرون آهن تہ ڪن ۾ منھنجي روح جي اٿاھہ گهرائين ۽ احساسن جي انوکي دنيا کي پسي سگهجي ٿو. پر، لي آن سرميلين جي لفظن ۾ "ڪھاڻيءَ جي معنى هر ڪنھن پڙهندڙ لاءِ ڌار ڌار آهي. گهڻو ڪري فڪشن جو ڪو بہ ڪارنامو ٻن پڙهندڙن لاءِ بالڪل ساڳي ڪھاڻي نہ هوندو آهي، هر ڪو ان ۾ ڪجهہ مختلف ڏسي ٿو. هو منجهس اهو ئي ڏسندو جيڪو هن خود ۾ ڏسڻ جي اهليت هوندي. پڙهندڙ جي انھن مختلف رد عملن ۾ ايترو تہ وڏو فرق هوندو آهي، جو ڪھاڻي هڪ شخص لاءِ بي معنى ۽ ٻي لاءِ تمام بامعنى هوندي آهي." سو منھنجون هي ڪھاڻيون اوهان لاءِ ئي آهن ۽ اوهان ئي انھن کي معنى ڏئي سگهو ٿا.
هن ڪتاب ۾ منھنجين ڪھاڻين جي حوالي سان خاص طور مھاڳ ۽ ٻين راين ۾ جيڪو ڪجهہ لکيو ويو آهي. ان کانپوءِ ڪجهہ بہ لکڻ جي ضرورت محسوس نہ ٿي ٿئي. پر لکڻ جي حوالي سان ايترو ضرور لکندس تہ مون لکڻ جي شروعات 80 واري ڏهاڪي جي پڇاڙڪن سالن کان شاعري سان ڪئي پر جلد ئي ڪھاڻي جي ڪاڪ محل منھنجي من کي اهڙو تہ مُنڊي ڇڏيو جو هن وقت تائين ان طلسم مان ٻاهر نہ نڪري سگهيو آهيان. ڪھاڻي سان ناتو نڀائيندي 15 سال گذري ويا آهن، پر منھنجي ڪھاڻين جو پھريون مجموعو اوهان جي هٿن تائين پھتو آهي. ان سموري عرصي ۾ تعداد جي لحاظ کان جيتوڻيڪ 80 کن ڪھاڻيون لکيون اٿم پر هن مجموعي لاءِ فقط ٻاويھہ ڪھاڻيون چونڊيون آهن. جن ۾ مختصر ترين ڪھاڻيون بہ شامل آهن. منھنجي خيال ۾ مختصر ترين ڪھاڻيون ٿورن لفظن ۾ گهڻو ڪجهہ محسوس ڪرائڻ جي سگهہ رکنديون آهن. اهي ڪنھن اهڙي طوفان جو پيش خيمو هونديون آهن، جيڪو من جي ويران ساحلن سان اچي ٽڪرائبو آهي.
ڪتاب ۾ بلڪل نڪور ڪھاڻيون بہ شامل ڪيون اٿم جن ۾ "خوشبو"، "بي سڪون خواب جو سچ"، "روپ ٻھروپ" وغيرہ قابلِ ذڪر آهن. جڏهن تہ ڪجهہ شروع واري زماني جون ڪھاڻيون بہ هن مجموعي ۾ شامل آهن. جن ۾ "دوزخ"، "لمحن جو درد"، "پيڙا جو پڙلاءُ"، ۽ "رانديڪو" وغيرہ ڳڻي سگهجن ٿيون. بھرحال منھنجو هي پھريون ڪھاڻي ڪتاب هڪ نماڻي ڪوشش آهي. جيڪو اوهان سڄاڻ پڙهندڙن لاءِ نھايت عاجزي سان پيش ڪيان ٿو.
آخر ۾ آئون انھن مھربانن ۽ دوستن فياض لطيف، اخلاق انصاري، محمد هاشم حامي، رياضت ٻرڙي، جھانگير عباسي ۽ سڪندر عباسي جو ٿورائتو آهيان جن هن ڪتاب لاءِ لفظن جي صورت ۾ مونکي محبت جو دان ڏنو آهي ۽ منھنجي رهنمائي ڪئي آهي. بي انتھا پيار، شفقت ۽ ٻاجهہ مونتي هميشہ منھنجي بابا جي رهي آهي جنھن کان سواءِ لکڻ جي سفر ڇا پر زندگي جي سفر ۾ بہ هڪ گام بہ کڻڻ جي قابل نہ ٿي سگهان ها.

Thanks Baba.

احسان دانش
2 اپريل 2005

7ـــ 2077 سميع آباد
لاڙڪاڻو 03003431374

ٻہ ٽي پَنا پيار جا

---

هڪ دوست هڪ ڪھاڻيڪار ــــــــــــ احسان دانش

لاڙڪاڻي شھر جي سرزمين تان سنڌ جي ڪھاڻي کيتر ۾ جمال ابڙي، اياز قادري ۽ سوڀي گيانچنداڻي کان وٺي نئين ٽھي جي نون ليکڪن تائين جيترا عمده ڪھاڻيڪار پيدا ٿيا آهن اوترا سنڌ جي ڪنھن ٻي شھر مان پيدا نہ ٿيا آهن. هن شھر جي باشعور اديبن ۽ ڪھاڻيڪارن مان اسانجي نئين ٽھي جي منفرد نوجوان ڪھاڻيڪار احسان دانش جو نان، بہ سنڌي ڪھاڻي ۾ پنھنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو.
احسان دانش ۽ مون ۾ جيڪا ڳالھہ مشترق آهي اها آهي اسان ٻنھي جو ادب ۾ گڏ پير پائڻ. مون منڍ کان وٺي هن وقت تائين احسان جون لکيل سموريون ڪھاڻيون تنقيدي گڏجاڻين ۾ ٻڌيون آهن ۽ سنڌ جي هڙن معياري رسالن ۾ پڙهيون آهن. هن جي هر نڪور ڪھاڻي پڙهڻ /ٻڌڻ بعد منھنجي دل ۾ اها شديد خواهش پيدا ٿيندي رهي آهي تہ "ڪاش! مان بہ زندگي جي فلسفي سان ڀرپور ڪائي اهڙي ڪھاڻي لکي سگهان! پر ڪھاڻي لکڻ جو اهو ڏان، مون صرف ۽ صرف احسان دانش جي ڪھاڻين ۾ ئي محسوس ڪيو آهي."
هڪ دوست جي حقيٍيت ۾ احسان، دوستي جو ڀرم رکندڙ، دوستن جو ڀرجهلو، کل مک، محبتي ۽ مٺڙو ماڻھو آهي. جڏهن تہ هڪ ڪھاڻيڪار جي حيثيت ۾ هو هڪ پختو ۽ ٻهڳڻو ڪھاڻيڪار نظر اچي ٿو. هن جي اکين ۾ ڌرتي جي مظلوم انسانن سان اٿاھہ محبت ۽ همدردي جو سمنڊ ڇلڪندي محسوس ٿئي ٿو. هڪ تخليقڪَّار ّ۽ ڪھاڻيڪار طور احسان جتي، جنھن جاءِ تي ۽ جنھن سان انياءُ ٿيندي ڏسي ٿو تہ هن جي اندر ۾ ويٺل ڪھاڻيڪار بيچين ٿي پوي ٿو ۽ سندن درد کي پنھنجي روم روم ۾ محسوس ڪندي خود بہ تڙپي اٿي ٿو. تڏهن ئي تہ سندس تخليق ڪيل ڪردار اسانجي سماج جا سچا، کرا ۽ جيئرا جاڳندا ڪردار پيا ڀاسن.
احسان دانش جي ڪھاڻين جا موضوعات منفرد ۽ دل کي ڇھندڙ آهن. هو انھن موضوعن تي پنھنجي مخصوص اسٽائيل ۽ ڊڪشن سان ڀرپور طرح ڪھاڻي لکڻ ڄاڻي ٿو، اها ئي ڳالھہ کيس پنھنجي ٽھي جي باقي سمورن ڪھاڻيڪارن کان جدا ڪري بيھاري ٿي. احسان جي هن ڪھاڻي ڪتاب ۾ شامل سموريون ڪھاڻيون انھن انساني قدرن جون ترجمان آهن جن جي روز اسانجي سماج ۾ ڀيل ٿي رهي آهي. منھنجي خيال ۾ دانش جون اهي ڪھاڻيون دل جي دردن جو درمان بہ آهن تہ زندگي جي تلخين ۽ سچاين تان پردو کڻندڙ بہ. مونکي وڏي اميد آهي تہ احسان دانش جون هي ڪھاڻيون سنڌي ڪھاڻي کيتر ۾ بھتر مقام ماڻينديون.

جھانگير عباسي

منھنـجي من انـدر

جيڪي دوست مون کي پنھنجي من اندر محسوس ٿيندا آهن، انھن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو محنتي محقق، منفرد ڪھاڻيڪار، سٺو شاعر، مستقل لکندڙ ۽ کاهوڙي ڪارڪن، هميشہ مٺڙي ۽ سندر مرڪ منھن تي پکيڙيندڙ، قربائتو ۽ پيارو احسان دانش بہ شامل آهي.
احسان دانش جي ٻين انيڪ خوبين مان جيڪا خوبي مون کي موهي وجهندي آهي، اها سندس بي انتھا ۽ قــُرخلوص سچائي ۽ سڪ آهي.
احسان دانش جون ڪھاڻيون مون ٻڌيون بہ آهن تہ پڙهيون بہ. سندس پڙهڻي صاف ۽ ڪھاڻيءَ جي بيان، واقعن ۽ گفتگو، سان ٺھڪندڙ هوندي آهي. احسان دانش جي ڪھاڻين ۾ ڪھاڻيءَ جا سڀئي فني جزا، پنھنجي ڀرپوريت سميت سمايل آهن. سندس ڪھاڻين ۾ موضوع ۽ مواد سميت، خوبصورت پلاٽ، ضروري ڪردار، ٺھڪندڙ گفتگو، گهربل ماحول، ڪٿي اڻ لکو تہ ڪٿي واضح ڪلائمڪس ۽ گهڻ رخي پڇاڙي، پڙهندڙ کي ضرور ملندي. احسان جي ڪھاڻين جي ٽريٽمنٽ (ورتاءُ)، پنھنجي لکندڙ کي، پڙهندڙ وٽ ڪنھن نہ ڪنھن ريت ضرور محسوس ڪرائي ٿي. احسان دانش جون ڪھاڻيون گنڀير، کريون ۽ مڪمل آهن. پنھنجي تخليقي انداز مان، احسان دانش پڙهندڙ تــــــــــي اثر انداز ٿئي ٿو ۽ کيس سوچڻ لاءِ آمادہ ڪري ٿو.

ريـــــاضت ٻرڙو
11 مارچ 2005ع
قنبر

دانش ــــ درد جو سفير

زندگي هڪ وڏي درد ڪٿا آهي، جنھن جي سٽ سٽ ۾ سور سمايل آهي، ۽ اها بہ حقيقت آهي تہ موت ايترو بدمزه نہ آهي، جيترو زندگي جو ذائقو ڪڙو آهي. اهڙي زندگي جيڪا پرين جي وکريل زلف نہ پر زندان جي زنجير لڳي، تنھن جي ڪٿا لکڻ لاءِ ماڻھو کي سڪرات جھڙي سختي مان گذرڻو پئي ٿو ۽ هڪ رائيٽر اهو روڳي هجي ٿو جيڪو ان قلم جو علم هٿ ۾ کڻي رهزنن جي رڻ ۾ رهبر ٿي هلي ٿو. منھنجو موتي داڻي جھڙو دوست احسان دانش، سچ بہ تہ مون کي اهو مٿي ڦريو مصور لڳندو آهي، جيڪو ڪاغذ جي ڪينواس تي برش کي رنگ بدران رت ۾ ٻوڙي لکندو هجي، احسان جو قلم ڪاغذ تي رت روئيندو آهي ۽ هڪ ڪھاڻي ٺھي پوندي آهي. احسان جا لفظ ڪھاڻي لکڻ جي عمل مان گذرڻ مھل من اندر ٿيندڙ ڀڃ ڊاھہ تي باهيندا آهن، دانش مونکي درد جو سفير سمجهہ ۾ ايندو آهي، جيڪو درد کي بہ هڪ ميراث تصور ڪندو هجي، سو اچو تہ درد جي هن سفير جي ڪھاڻين جي سرجيل هن ڪتاق کيّ دل جون دريون کولي آڌرڀاءُ ڪيون.

سڪندر عباسي
sikan_lrk@yahoo.com

Truth is not given to us readymade
but is to be sought at great cost.
“Socrates”

ڪھاڻيون

---

خوشبو

خوشبو جا ٽھڪ، جيڪي ڪجهہ پل اڳ آفاق جــي ذهـن کـي مھڪائي رهيا هئا، ڪيئن درد جي پولار ۾ گم ٿي ويا، سندس گلاب چھرو ائين رت ۾ ريٽو ٿيندو آفاق ڪڏهن سوچيو ئي نہ هيو. هن تہ سوچيو هو تہ خوشبو جي مک تي مرڪ جون ريکائون سدائين مھوِ رقص هونديون پوءِ اهي دک جا نشان ڪئين ڌوڪي آيا. هن جي سوچ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. خوشبو لُڇي تڙپي رهي هئي. ڄڻ ڪنھن کيس بوتل ۾ بند ڪري ڇڏيو هجي، جتي سندس ساھہ گهٽجي رهيو هجي، سندس خون ۾ رنڱيل چھرو هو ڏسي نہ ٿي سگهيو. ايمبولينس جي اندر جا گهُٽَ هئي تنھن کان وڌيڪ هن پنھنجي اندر ۾ ٻوسٽ پئي ڀانئيو. خوشبو جون نيم بي هوشيءَ جي حالت ۾ هلڪيون آهون ۽ دانھون کيس بي چين ڪري رهيون هيون. ايمبولينس جي سائرن جو آواز ڄڻ هن جو ميڄالو چِٿي رهيو هو.
هاسپيٽل ۾ پھچندي جڏهن خوشبو کي اسٽيچر تي او ــ ٽي ۾ کڻي ويا تہ هن پنھنجي جسم کان روح کي جدا ٿيندي محسوس ڪيو. سندس چھري تي پريشانيءَ جي پيلاڻ ظاهر ٿي پئي ۽ من ۾ وهمن جي ول وڌڻ لڳي. کيس ڪھڙي خبر تہ اها ننڍڙي مذاق سندس جيون ۾ ائين زلزلو آڻيندي. ٻال وهي جي محبت کي شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ کانپوءِ جا سگهہ ملي هئي. تنھن سندس عشق کي امرتا بخشي ڇڏي هئي. خوشبو جي ساٿ هن کي جيون جي اڻاون رستن تي هلندي وڏو حوصلو ۽ اعتماد ڏنو هو، پر هاڻي سندس حوصلي جون ديوارون لُڏي ويون هيون ۽ پنھنجو اندر ڏار ڏار پئي محسوس ڪيائين. جيڪڏهن کيس خبر هجي ها تہ خوشبو جي فرمائش پوري ڪرڻ بدلي هئين ڏوجهرا ڏسڻا پوندس تہ جيڪر سندس فرمائش هرگز پوري نہ ڪري ها. پر فرمائش هئي بہ ڪھڙي جا پوري نہ ڪري ها. ڦلن جي فرمائش بہ ڪا فرمائش آهي.
آفاق گرم گرم ڦلا فٽافٽ آڻي ڏنا هيس. خوشبو ڦلا وٺي مرڪي چيو هيس "ٿينڪس آفي" آفاق بہ کيس مرڪي موٽ ڏني هئي.
"گئلري ۾ بيھي ڦلا کائڻ جو مزو ئي ٻيو آ، گرم گرم ڦلا ۽ ٿڌي ٿڌي هوا. واھہ ل ل لا، ل ل لا، هون، هون..." خوشبو گنگنائيندي گئلري ڏانھن هلي وئي هئي.
آفاق سندس انداز تي فدا ٿي پيو هو ۽ هن پنھنجي من ۾ عجيب ڪتڪتائي محسوس ڪئي هئي. بيڊ تان اٿي گئلري ڏانھن وڌيو هو ۽ خوشبو کي پيار ڀرين نگاهن سان گهورڻ لڳو هو. هوءَ ڏاڍي مزي سان ڦلا کائي رهي هئي.
"سڀ ڦلا تون ئي کائيندين، ڇا؟" آفاق مسڪرائيندي چيو هيس:" هم ڀي تو کڙي هين راهون مين."
"خوشبو ڦلن سان ڀريل لفافو پنھنجي سيني سان لائيندي چيو هيس "ها پر هڪ شرط تي توکي ڦلا ملي سگهندا."
"ڪھڙي شرط تي؟"
"توکي اکيون بند ڪري ون ٽو ٽين نمبر ڪائونٽ ڪرڻا پوندا."
"اها ڪھڙي ٻاراڻي مذاق آهي خوشبو."
"مان پنھنجي اندر جي ٻار کي مارڻ بجاءِ جيئارڻ ٿي چاهيان. ٻڌاءِ آفي توکي منھنجي شرط منظور آهي."
"ٺيڪ آهي."
"تہ پوءِ جيئن مان چونديس تون تيئن ئي ڪندين O.k."
"O.k"
آفاق اکيون بند ڪري ڪائونٽنگ شروع ڪئي هئي. ڪائونٽنگ پوري ٿي تہ هن اکيون کولڻ جي اجازت چاهي، پر خوشبو کيس اکيون کولڻ بجاءِ وات کولڻ جو حڪم ڏنو ۽ فٽا فٽ هڪ تکو سائو مرچ سندس وات ۾ وجهي ڇڏيو هو. آفاق جيئن ئي چٻاڙيو هو تہ سوساٽ نڪري ويا هئس. خوشبو کل ۾ ٻٽجي وئي هئي. سندس وڏا وڏا ٽھڪ ان پل آفاق جي دل تي ڳرين ڇپن جيان ڪري رهيا هئا. هن خوشبو ڏانھن غصي ۾ گهوريندي چيو هو "اڄ نہ ڇڏيندوسانءِ" کيس ٻانھن ۾ جهلڻ لاءِ جيئن ئي ڏانهس وڌيو هو تہ هوءَ ڇرڪي پوئين پير تيزي سان پوئتي وڌي هئي ۽ اوچتو ٿڙڪي گئلري جي ننڍي ديوار سان زوم سان لڳي هئي ۽ ٻي پل گرائونڊ فلور جي فرش تي تڙپي رهي هئي. آفاق هن کي بچائڻ چاهيو ٿي پر هن جا هٿ سندس بدن تان ترڪي رئي ۾ اٽڪي پيا هئا. کن پل لاءِ هن جي حواسن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ پوءِ جهٽ ۾ فليٽ جون ٻہ منزلون هيٺ لھي ديوانن وانگر دانھون ڪندي تيزي سان ڊوڙندي خوشبو کي ٻانھن ۾ جهليو هيائين.
آفاق جي نيڻن مان نير وهي ڇُڙيا ۽ دل سڏڪي پئي. بلڊ جي بندوبست کان دوائن پھچائڻ تائين، هن نہ ڄاڻ ڪيڏي تيزي سان ڪم ڪيو پر کيس سڀ کان وڌيڪ اذيت انتظار جي سوليءَ تي ٽنگجندي ٿي رهي هئي. هن جون نگاهون او ــ ٽي جي شيشي واري دروازي ۾ اٽڪيل هيون ۽ من منتظر هو ڪنھن چڱي خبر لاءِ. هن کان اڳ هو ڪڏهن بہ ايڏي بي چيني ۽ ڀوڳنا مان نہ گذريو هو... ٻال وهي جي پيار جي حاصلات جي تڙپ ڪجهہ اور هئي. اهي راتين جا اوجاڳا، فون جو انتظار، پارڪ ۾ ملاقات جو واعدو ۽ وري نراسائي.... هن انتظار جي اڳيان هن کي اهي سڀ ڪيفيتون بي معنى لڳي رهيون هيون... کيس خوشين جا سڀ لمحا الاجي ڇو ڄڻ ڪافور ٿيندي محسوس ٿي رهيا هئا. خوشبو جي سنھڙي چيلھہ ۾ هٿ وجهي سي ويو تي آلي واري مٿان پيرين اگهاڙي گهمڻ ۽ ٻڏندڙ سج کي تڪيندي شامون گذارڻ، ڪي ايف سي تي ڪچھري ڪرڻ، ميوزڪ ٻڌڻ، گنگنائڻ، هڪ ٻئي جي نيڻن ۾ نھاريندي مرڪي پوڻ، جنوري جي سرد راتين ۾ لحاف ۾ لڪڻ ۽ چپ چپن تي رکي ڇڏڻ... اهو سڀ ڪجهہ ڄڻ هن کي ڪنھن ڌنڌلي خواب جيان ٿي ڀاسيو.
هاسپيٽل ۾ چڱي چھل پھل هئي، اڇن ڪپڙن ۾ ڪي ڪاريون تہ ڪي ڀوريون نرسون ڄڻ هر فڪر کان آجيون، هن آڏو ٽھڪڙا ڏيندي گذريون. سندن ٽھڪ هن کي زهر لڳي رهيا هئا.... ڪي بيچيني جي باھہ ۾ ٽچڪندڙ مايوس مکڙا، ڪي گوڏين ۽ پٽڪن سان، ڪي فل سوٽ ۾ ڦاٿل. هر ڪو پنھنجي پنھنجي پريشانين ۾ گم. خوشبو کي او ــ ٽي ۾ چار ڪلاڪ گذري چڪا هئا. آفاق پنھنجي من ۾ تڙپ جي تنور کي تيزي سان تپندي محسوس ڪيو ۽ سندس اُڻ تُڻ وڌي وئي. پلاسٽڪ جي ڪرسيءَ تان اٿي او ــ ٽي اڳيان ڪاريڊور ۾ پريشانيءَ منجهان گهمڻ لڳو. پنڌرنھن منٽڻ کانپوءِ ڊاڪٽر ٻڌايو تہ "خوشبو کي کٻي ڄنگهہ ۽ ٻانھن ۾ فريڪچر کانسواءِ سندس بئڪ بون بہ متاثر ٿيو آهي ۽ ڳجها دماغي ڌڪ بہ لڳا آهن. ٿي سگهي ٿو تہ هن جي نروس سسٽم تي تمام برو اثر پوي. اسان پنھنجي طرفان پوري ڪوشش ڪئي آهي، وڌيڪ توهان دعا ڪندا."
"ڊاڪٽر صاحب خوشبو هوش ۾ تہ آهي نہ، مان هن سان ملي سگهان ٿو؟" آفاق بي آب مڇي وانگر تڙپي پيو.
"نہ توهان في الحال هن سان نہ ٿا ملي سگهو، ڇو تہ هوءَ مڪمل طور بي هوشيءَ جي حالت ۾ آهي. اسين چوويھن ڪلاڪن تائين کيس آءِ ــ سي يو ۾ رکنداسين."
"پر ڊاڪٽر صاحب مان خوشبو کي ڏسڻ گهران ٿو."
"توهان کيس ڏسي سگهو ٿا. آءِ ــ سي ـــ يو جي شيشي ٻاهران."
"شيشي ٻاهران...‍‍‍!"
هن کي ائين لڳو ڄڻ ڊاڪٽر ڪا مٽيءَ جي گُڏي شيشي ۾ بند ڪري ڇڏي هجي، جنھن کي هٿ لڳندو تہ ڀُري پوندي. "ڊاڪٽر صاحب خوشبو چوويھن ڪلاڪن کانپوءِ هوش ۾ تہ اچي ويندي نہ."
"اصل ۾ توهان جي وائيف کي شديد دماغي ڌڪ لڳا آهن. ان حالت ۾ مريض چوويھن ڪلاڪن کان وڌيڪ بہ بي هوشيءَ جي حالت ۾ گذاري سگهي ٿو. توهان سندس هوش ۾ اچڻ جو انتظار ڪريو." ڊاڪٽر هن جي ڪلھي تي هٿ رکي اڳتي وڌي ويو.
"انتظار.... ‍‍! !"هو چپن ۾ ڀڻڪيو "آخر ڪيستائين ان انتظار جي ٽياس تي ٽنگبو رهندس." هن کي ان انتظار جو هڪ هڪ لمحو صدي سمان ٿي لڳو. "ڪئين ڪاٽيندس اهي پيڙائيندڙ صديون." کيسي مان رومال ڪڍي اکين مان وهي آيل لڙڪ اگهڻ لڳو.... پر سندس روئندڙ دل کي پرچائڻ وارو ڪوئي نہ هو. ماڻھن جي سمنڊ واري شھر ۾ هن پاڻ کي ڪنھن بوند جيان گم ٿيندي محسوس ڪيو.
خوشبوءَ سان شادي کانپوءِ سندس پنھنجن ائين ٺڪرائي ڇڏيو هو جو سھارن تان سندس اعتبار ئي کڄي ويو هو. سُھري جي اسٽيٽس سيٽل ٿيڻ کانپوءِ هن جو ڪير هيو جنھن سان پنھنجو درد شيئر ڪري. خوشبوءَ جي ساٿ کانپوءِ هن ڪڏهن ڪنھن سھاري جي ضرورت ئي محسوس نہ ڪئي هئي.
خوشبو..... ڄڻ شيشي ۾ بند ٿيل گڏي. آفاق شيشي جي ديوار مان نھاريو سندس جيءَ کي جُهٻو آيو. خوشبو جي جسم جي مختلف حصن تي پٽيون ٻڌل هيون ۽ مٿي تي اڇي پٽيءَ جا ڪافي وڪڙ چڙهيل هئا. آفاق جي سيني ۾ دل اڇلون کائڻ لڳي. هن ساڻس ملڻ ٿي گهريو.... کيس ڇھڻ ٿي گهريو.... پر.... شيشي جي ديوار....‍‍ ! !"
جڏهن دل جي شھر جا سمورا دڳ تاريڪي جي تابع ٿي ويندا آهن تہ ٻاهر جي جوت جهڪي لڳندي آهي. آفاق کي ان رات روشنين جو شھر اوندھہ جي آغوش ۾ گم ٿيندي پئي محسوس ٿيو. ان رات کيس لڳو ڄڻ پلن ۽ پھرن کان ڪنھن پير کسي ورتا هجن ۽ وقت کي فالج ٿي پيو هجي.... هن لاءِ اها رات، رات نہ هئي صدين جو سفر هو. اهو صدين جو سفر طئي ڪري جڏهن هو وري ان شيشي جي ديوار اڳيان آيو جنھن ۾ خوشبو قيد هئي تہ هن جي هٿن مان صبر جي مھار ڇڏائجي چڪي هئي. خوشبو جي بي هوشي سندس هوش وڃائي رهي هئي. ڊاڪٽر سان ملي چيائينس:
"ڊاڪٽر صاحب پليز ڪجهہ گهڙين لاءِ ئي سھي آئون خوشبو وٽ وڃڻ چاهيان ٿو."
"مسٽر آفاق توهان ايڏو نہ گهٻرايو ﷲ ڪندو سڀ ڪجهہ ٺيڪ ٿي ويندو. اسين سندس تمام گهڻي ڪيئر ڪريون ٿا، پريشان ٿيڻ جي ضرورت نہ آهي."
"پر.... ڊاڪٽر صاحب!" آفاق جي لفظن ۾ التجا هئي.
"ٺيڪ آهي توهان پنھنجي اطمينان خاطر ٿوري دير لاءِ ساڻس ملي سگهو ٿا."
"ٿينڪ يو ڊاڪٽر صاحب."
هو آءِ ــ سي ــ يو ۾ داخل ٿي جڏهن خوشبو کي بلڪل ويجهو کان ڏسي ٿو تہ کيس ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ صحرا جي ڊگهي سفر کانپوءِ مٿس بارش وسي پئي هجي. خوشبو جا نيري نديءَ جھڙا نيڻ اڃا بند هيا، هن جا چپ ٺوٺ زمين جيان خشڪ ۽ پياسا هئا. هي اهي ئي چپ هئا جن کي ڇھندي لفظ پيار جا قافلا کڻي ايندا هئا. هن، خوشبو کي ڇھيو. ها! ڄڻ مٽي جي گڏي کي ڇھيو. پر هوءَ ڀُرڻ کان بچي وئي. آفاق کي هن جي بي هوشيءَ جي فڪر اندران ئي اندارن کوکلو ڪري ڇڏيو هو. ٽِڪَ ٻَڌي گهوريندو رهيو هن جي بند پنبڻين ۾ . انھن ئي پنبڻين ۾ جن جي ڇانو ۾ خوشبو ڪيئي سندر سپنا ڏٺا هئا.
وقت جي درياھہ مان پَلَ، خوشبو کي چڙهيل ڊپ جي ڊراپس وانگر وهندا رهيا. وسوسن جي ول آفاق جي وجود کي وڪوڙي وئي هئي. کيس ڪجهہ بہ سمجهہ ۾ نہ ٿي آيو. هڪ دفعو ٻيھر وڇوڙي جي احساس هن جي من ۾ وَڍَ وجهي ڇڏيا. آءِ ــ سي ــ يو مان نڪري ويٽنگ روم ۾ آيو.
انتظار ۽ پريشانيءَ جي ڪُتِ سندس ذهن کي چڀندي ۽ پٽيندي رهي. نيڻ ٻوٽي ڪرسيءَ تي آهلي پيو.... پھريان اکين اڳيان ترورا، پوءِ اوندھہ... گگهہ اوندھہ ۽ پوءِ منظر اچي ويس....
پھريون منظر، بھارن جو خوشگوار منظر. سمنڊ ڪناري خوشبو جو ساٿ، لھرن جي کيچل، چنچل هوا جو هن جي وارن جي چڳن سان کيڏڻ، هن جي سنھڙي چيلھہ ۾ هٿ ۽ ڳالھہ ڳالھہ تي ٽھڪَ.
ٻيو منظر، حيران ڪندڙ منظر.... هر ڪو پريشان ۽ وائڙو. هر چھرو سواليه نشان. ڀڄ ڀڄان ۽ ڳولا. "ڳولا ڇا جي؟ وائڙائپ ۽ پريشاني ڇو....؟" هن جو هڪ شخص کان پڇڻ.
"ڇو توکي خبر ناهي؟" ماڻھوءَ جو سندس منھن ڏي تڪي حيران ٿيڻ.
"نہ مان نہ ٿو ڄاڻان تہ هي ڪھڙي بي چيني آهي."
"تون تہ ڪو بي حس ماڻھو آهين."
"آخر ڇا ٿيو آهي مون کي ٻڌاءِ."
"هو ماڻھن جي هٿن ۾ گلدستا ۽ تازا گل ڏسين ٿو؟" ماڻھوءَ جو هن کان سوال.
"ها! پر اهي ڇو کنيان اٿن؟" حيرانگي.
"ڌرتي جي سمورن گلن مان خوشبو اڏامي وئي آ."
ڄڻ هن کي ڪنھن ڪاپاري ڌڪ هڻي ڪڍيو. ڇرڪ ڀريندي اکيون کلي ويس هُن پل ۾ پاڻ کي مٽي جي ماڻھوءَ جيان ڀُرندي محسوس ڪيو.

بـي انت مسافت

"توهان مان مون کي ڪو ٻڌائي سگهي ٿو تہ اها ڇا آهي، جيڪا امرت رس کان مٺي، زهر کان ڪَڙي، سانوڻ رت جي پُربھار هيرَ جھڙي ٿڌي ۽ خزان جيان اجڙيل ۽ ويران، چنڊَ جي چاندنيءَ کان وڌِ روشن، اڻٽيھين رات کان ڪاري، فطرت جي حسين رنگن جھڙي حسين يا ڀيانڪ ۽ بدصورت آهي...." کن پل جي خاموشي کان پوءِ سر وري ڳالھايو. "ڇا آهي اها جنھن لاءِ ايڏا متضاد رايا آهن؟"
ڪي گهڙيون ڪلاس ۾ مڪمل سانت هئي، منھنجي ذهن ۾ ان طويل سوال جو مختصر جواب ڦيراٽيون پائڻ لڳو. هٿ مٿي کنيون تہ سر مون ڏي گهوري هڪ نظر سمورن اسٽوڊنٽس تي وڌي.
"Yes can you reply my question?" سر چيو.
منھنجو هٿ اڳي جيان مٿي هو، مان جواب ڏيڻ لاءِ آتو هيس، بي چين ٿي اڃا جواب ڏيڻ لاءِ اٿيس ئي پئي تہ هڪ ڇوڪري چيئر تان اٿي جواب ڏنو.
"سر اها شيءِ آهي سونھن."
" sorry اوهان جو جواب غلط آهي."
"جي اوهان ٻڌايو" سر مون ڏانھن اشارو ڪندي چيو.
"سر اها "زندگي" آهي....! لڙڪن، مرڪن، سڏڪن ۽ ٽھڪن مان تخليق ٿيل "زندگي". مون پنھنجي سوچ کي لفظن جو سھارو ڏئي بيان ڪيو.
"Weldone my boy" سر چيو "مونکي خوشي آهي تہ اوهان منھنجي سوال کي غور سان ٻڌو ۽ سمجهيو."
اهي، اُهي ئي ڏينھن هئا جڏهن آئون پريشان هيس تہ خبر ناهي، مونکي ٿيسز لاءِ ڪھڙو ٽاپڪ ملندو. سر عابد ان ڏينھن منھنجي جواب مان ڪافي مطمئن ٿيو هو ۽ انھيءَ موضوع کي اڳتي کڻي ڏاڍو سٺو ليڪچر پڻ ڏنو هيائين. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ سر مونکي پنھنجي ڊپارٽمينٽ ۾ گهرائي چيو هو:
"سرمد مان اوهان جي ٿيسز لاءِ ٽاپڪ چونڊيو آهي. ڪجهہ لمحن جي خاموشيءَ کانپوءِ چيائين. "زندگي".... ها! زندگي ڇا آهي؟ ان جا ڪھڙا روپ آهن ۽ ساڻس لاڳاپيل ڪيفيتون ڪھڙيون ڪھڙيون آهن....؟"
"سر! اوهان مونکي اهو ٽاپڪ ڏئي ڄڻ چيو آهي تہ سمنڊ کي ڪوزي ۾ بند ڪري ڏيکار." مون کيس چئي ڏنو هو. "سر! مان اهو دعوى تہ ڪونہ ٿو ڪريان تہ ايڏي وسيع ٽاپڪ سان نڀائي سگهندس، بس هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪندس."
"سرمد اوهان فلسفي جا اسٽوڊنٽ آهيو." سر مون کي ڪلھي تي هٿ رکندي چيو هو. "زندگي خود وڏي ۾ وڏو فلسفو آهي. جيستائين زندگيءَ جي فلسفي کي نہ سمجهندﺂ، تيستائين ڪجهہ بہ نہ سمجهي سگهندﺂ.... ۽ مان ڏسان ٿو تہ اوهان ۾ ايترا Guts آهن جو ان موضوع سان ڀرپور طرح نڀائي سگهو ٿا.“
هاسٽل تي اچي جيب مان روم جي چاٻي ڪڍي لاڪ کولي اندر گهڙيس. هٿ ۾ جهليل ڪتاب ٽيبل تي رکي بيڊ طرف وڌيس تہ هميشہ وانگر چڙ بہ آئي تہ ڪجهہ کل بہ. چپن ۾ چيم "نہ سڌرندو، هي ماڻھو زندگي ۾ اڳتي ڇا ڪندو. ڪو Discipline ئي ڪونھيس." بيڊ تي رکيل وکريل آلو ٽاول، ميرا ڪپڙا، بوٽ پالش وارو برش، ڦڻي، آئينو ۽ شيو جو سامان سھيڙيندي دل ۾ چيم. "واھہ مولا منھنجي بہ نصيبن ۾ ھھڙو روم پارٽنر لکڻو هيئي." سامان سيٽ ڪري گهنجيل چادر کي ٺاهي بيڊ تي آهلي پيس. سوچن جي ڪُنَ ۾ ٿيسز جو ٽاپڪ ڦري رهيو هو.... مون وارو روم پارٽنر سيٽيون وڄائيندو اچي روم تي پھتو. من ۾ چيم "اجهو پھتو، منھنجي سوچن جو ٻيڙو غرق ڪرڻ لاءِ. منھنجي جذبن جو قاتل." اچڻ سان چوڻ لڳو "ڪھڙا حال هن سڄڻ؟"
"تنھنجي اچڻ کان پوءِ منھنجا حال ڪھڙا هوندا آهن. اهو تون ڄاڻين ٿو." منھنجو جواب ٻڌو اڻ ٻڌوڪري ٽيپ جو بٽڻ آن ڪيائين، ڪوئي انگريزي گانو شروع ٿيو. ٽيپ جو واليم وڌائيندي وڌائيندي فل ڪري ڇڏيائين.
"اڙي خبيث تون ڪڏهن سڌرندين... هي يونيورسٽي هاسٽل آ ڪلب ناهي." مون چڙ وچان کيس چيو" خدا کي مڃ اها ٽيپ بند ڪر، مان ڪنھن اهم مسئلي تي سوچي رهيو آهيان."
"ڪشمير جي مسئلي تي ٿو سوچين ڇا؟" ٽيپ جو ٿورو آواز گهٽائيندي چيائين "اڙي توکي ڪھڙي خبر ميوزڪ جي اهميت جي Music is the langauge of angles"
"اينجل جا پٽ.... بند ٿو ڪرين ٽيپ يا ...." مون هٿ ۾ جوتو کنيو ۽ هو ٽيپ بند ڪري تڪڙو روم مان نڪري ويو.
زندگي جو سوال منھنجي لاءِ هڪ چيلينج هو. "زندگي ڇا آهي؟" اهو سوال منھنجي ذهن جي ڪمپيوٽر ۾ فيڊ ٿي ويو. ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ هڪ ڪتاب هٿ لڳو ڪجهہ پنا ورايا تہ هڪ پيج تي لکيل هو "زندگي ڇا آهي" مان ڇرڪي پيس. اهي ڏاهن جا ڏس هئا زندگيءَ متعلق، مان پڙهندو ويس.
زندگي هڪ خوبصورت گلاب آهي جنھن ۾ دردن جا ڪنڊا لڳل هوندا آهن.... زندگي سانوڻ ۾ سنڌو جي اٿل جيان آهي.... زندگي محبوب جي سيني مثل آهي... زندگي پينگهي ۾ ستل ڪنوار جيان آهي... زندگي پيرن ۾ چيڀاٽيل ڪو گلاب آهي.... زندگي سقراط جي دل جو لھو آهي.
مون ڪتاب کي بند ڪري پنھنجو پاڻ سان ڳالھايو، مان زندگي کي لفظن جي تھن ۾ بند ٿيل نہ پر فطرت جي حسين منظرن ۽ ماڻھن ۾ ڳولڻ ٿو چاهيان.... مان جيون کي قريب کان قريب تر ٿي ڏسڻ گهران ٿو.... زندگي جي حقيقت ڇا آهي؟ مان اهو سوال کڻي نڪري پيس فطرت جي سونھن ۽ ماڻھن جا جذبا جاچڻ.
ها مونکي گهڻو ڪجهہ مليو، مون جيڪو محسوس ڪيو هر اهو احساس لفظن جي مالھا ۾ پوئيندو رهيس.
پکين جو ٻولڻ، گلن جو ٽڙڻ، هير جو جهونڪو، بادلن جو برسڻ، کنوڻ جا تجلا، مور جي ٽور، خزائن پويان بھارن جو اچڻ، هڪ ٻئي سان پيار ۽ پريت جو پيچ، سڪ ۽ قرب سان ملڻ، کلڻ، ڳالھائڻ، رسڻ پرچڻ، روئڻ ۽ مرڪڻ.... اهي سڀ زندگي جون خوبصورت حقيقتون آهن، جن جي ڪري ئي زندگي آهي ۽ جيڪي زندگي جي ڪري آهن.
مان گهمندو رهيس ۽ ڏسندو رهيس جيون کي مختلف روپن ۾. "زنــدگـي" مون کي ڪڏهن ساگر جي لھرن ۾ نظر آئي تہ ڪڏهن ٿر جي ريت ۾ ڪڏهن ڪويل جي ڪوڪ ۾ تہ ڪڏهن سُرن جي صدائن ۾. ڪڏهن اوچن آبشارن ۾ تہ ڪڏهن وري حسين نظارن ۾. ها! مان زندگي جا اهي سمورا روپ ڏسندو رهيس ۽ ڏسندو ئي رهجي ويس. مون کي سمجهہ ۾ ئي نہ پئي آيو تہ مان ڪٿان شروع ڪيان زندگي جي ڪھاڻي.
"زندگي جي ڪھاڻي ڇا آهي؟ مون سوچيو اهو ڪو ڪھاڻيڪار ئي ٻڌائي سگهندو. مان هڪ نامياري ڪھاڻيڪار کان زندگي جي ڪھاڻي پڇي. هن ڪھاڻي شروع ڪئي.
"زندگي هڪ گهاٽو ٻيلو آهي، جنھن ۾ ٻہ شينھن رهندا آهن. هڪڙي جو آهي نالو آهي. ڏک ۽ ٻئي جو سک. ٻيلي تي هر ڪو پنھنجي بادشاهي هلائڻ چاهيندو آهي، پر چوندا آهن تہ هڪ ٻيلي ۾ ٻہ شينھن نہ رهي سگهندا آهن. ان ڪري ڪڏهن ڏک، سک تي حملو ڪري کيس ڀڄائي ڪڍندو آهي تہ ڪڏهن وري سک گجندو ڏک جي مٿان حاوي ٿي ويندو آهي. پر ها! ٻيلي اندر انھن ٻنھي شينھن جي بادشاهي ٿوري ٿوري عرصي لاءِ هوندي آهي. زندگي جي ٻيلي ۾ انھن ٻنھي شينھن جو جهيڙو ازل کان وٺي آهي ۽ ابد تائين رهندو." هن اها مختصر ڪھاڻي ختم ڪري چيو:
"ها! مان ڪڏهن ڪڏهن ائين بہ چوندو آهيان تہ جيون ڪو گلزار آهي، جنھن ۾ جيڪڏهن، پيار جا گل، سونھن جا رنگ، قرب جي خوشبوءِ ۽ يادن جا حسين پوپٽ نہ هجن تہ جيڪر اهو گلستان ڏاڍو جلدي اجڙي وڃي."
منھنجو ذهن سندس چيل لفظن "سونھن جا رنگ" تي اٽڪي بيھي رهيو. مون سوچيو "ڇا زندگي رنگن ۾ بہ قيد ٿي سگهي ٿي؟" عادت کان مجبور! سوال جيئن ئي ذهن ۾ گهر ڪيو جواب جي جستجو، رنگن سان راند ڪندڙ هڪ آرٽسٽ وٽ کڻي آئي.
هن جي ڪمري جي چئني ڀتين تي لڳل خوبصورت تصويرون، مون سان ڳالھيون ڪري رهيون هيون. مون کي هڪ هڪ تصوير ۾ هڪ هڪ الڳ دنيا پئي محسوس ٿي، مختلف پاسن تي ڪي اونڌيون، سڌيون ۽ اڻپوريون تصويرون پڻ پيون هيون. سامھون هڪ جاري ۾ مختلف قسمن جا برش، رنگ، پينسلون ۽ پنا وکريا پيا هئا. اوچتو منھنجي ذهن ۾ ڄڻ ڪو Alarm وڳو... "ڇا زندگي رنگن ۾ بہ قيد ٿي سگهي ٿي....!" مون کانئس سوال ڪيو:
"ڇا اوهان ڪڏهن جيون کي رنگن ۽ لڪيرن ۾ سمايو آهي؟"
چيائين: "ها! گهڻا ســال اڳ مون هـــڪ خالي ڪينواس تي، ڪاري رنگ وارو برش ڦيرايو هو، پوءِ مون ان پردي تي اڇي ۽ پيلي رنگن ۾ ڀڳل برشن جا ڇنڊا بہ اڇلايا هئا.... اهو آرٽ مون خبر ناهي ڪھڙي ڪيفيت ۾ بيساختہ طور ڪيو هو. انھن رنگن ۾ منھنجن جذبن جا رنگ شامل نہ هئا...
ڪجهہ ڏينھن اڳ دز چڙهيل ان ڪينواس تي جڏهن آئون نظر وڌي تہ مون کي ان ۾ زندگيءَ جي تصوير نظر آئي." هن پنھنجي اڻڀن ۽ الجهيل وارن ۾ هٿ ڦيريندي چيو.... هاڻي مون ان تصوير ۾ وڌيڪ رنگ شامل ڪيا آهن. جيڪي مختلف احساسن جي ترجماني ڪن ٿا... ۽ ها! انھن رنگن سان پينٽنگ ۾ هاڻي منھنجن جذبن جا رنگ بہ گڏجي ويا آهن.... شايد انھيءَ جي ئي ڪري اڄ مون کي ان چتر ۾ زندگي جا عڪس ٿا نظر اچن...!"
آئون ڳوليندو رهيس انھن ماڻھن کي جيڪي زندگي کي قريب کان ڏسندا آهن. هڪ ڀڪاريءَ کان پڇيم. چيائين "زندگي ڀيڪ ۾ مليل ڪو کوٽو سڪو آهي، جنھن کي ڪائنات جي ڪشڪول ۾ اڇلايو ويو آهي." جواري چيو "زندگي هڪ جوا آهي." شرابي چيو "زندگي هڪ نشو آهي، شراب آهي، جنھن کي اندر ۾ اوتي خلائن ۾ اڏاري سگهجي ٿو." رقاصه پنھنجي پايل جي جهنڪار بند ڪئي تہ پڇيومانس "تون زندگي کي ڇا ٿي سمجهين؟ چيائين "زندگي هڪ تماشو آهي تماشو. يا مون جھڙي ڪا نرتڪي جيڪا درد جي ڌن تي رقص ڪندي رهي ٿي ۽ تماشبين هن جي تال جي سوز کي فراموش ڪري هن جي پيرن ۾ ٻڌل گهنگهرن جي آواز تي مست ٿين ٿا.... پر سندس نيڻن ۾ ڇلڪندڙ پاڻي کي نٿا ڏسن."
هڪ راڳي کي جيون جو منجهيل سٽ سلجهائڻ لاءِ چيو. چيائين "مونکي زندگي بخشيندو آهي دل جي گهراين مان نڪتل ڪو آلاپ. ها! اهو آلاپ منھنجي رڳ رڳ ۾ روح ڦوڪي ڇڏيندو آهي. يا وري .... شايد تنبوري جي تار ۾ سمايل آهي جيون. تڏهن ئي تہ آئون جڏهن بہ ان کي ڇيڙيندو آهيان تہ پنھنجي جسم ۾ ڪا نئين جان محسوس ڪندو آهيان." تبلي نواز کي اشارو ڏئي هارمونيم وڄائيندي ڪافي آلاپڻ لڳو.
"بوند برھہ جي بھار لڳي، دردونديءَ جو ديس وسي پيو."
مان سڄي ڪافي ٻڌي اٿيس تہ ائين محسوس ٿيو ڄڻ منھنجي من اڱڻ تي سارنگَ ڪو وڏ ڦڙو وسائي ڇڏيو.
ٿڪجي ٽٽي هاسٽل تي واپس آيس... روم ۾ اچي بيڊ تي ڪِري پيس. روم ميٽ دوست چيو: "ڇو پيارا ڇا ٿيو ٿڪجي پيو آن ڇا...؟"
"ها يار" مون ٿڌو ساھہ ڀريندي چيو "اڄ ڏاڍو رليو آهيان مٿي ۾ بہ سور ٿو محسوس ٿئي.... پونسٽان پئي آ."
"پونسٽان تہ پئي آ پر تنھنجو اهو مٿي جو سور پونسٽان سان لھڻ جو نہ آهي." ٽيبل تان پونسٽان کڻي ڏيندي چيائين: "دماغ خراب ٿيو آ تنھنجو. رات ڏينھن رڳو دماغ تي زندگي سوار ٿئي... زندگي، زندگي، زندگي.... ڇا آهي، اها زندگي!... يار هڪ روم ۾ گڏ ٿا رهون تون مونکان ڪڏهن پڇيو آ تہ زندگي ڇا آهي؟"
"ها سائين ڇاهي زندگي؟" مون ڏانهس مرڪي نھاريو.
"زندگي تيل آ پيارا!" چيائين.
مون ڏانھنس پين اڇليندي چيو: "چڱو هاڻي بڪواس ڇڏ ۽ پاڻي ڏي تہ ٽڪي ڦڪيان."
"حاضر سائين" سيني تي هٿ رکي جهڪي چيائين.



رات ڌرتي تي پنھنجا پَرَ ڦھلائي چڪي هئي ۽ هاسٽل جي ڪجهہ رومز تي اوندھہ جي ڏائڻ جو قبضو هيو، پر منھنجي ڪمري ۾ روشني جون اڇيون پريون اڃان لٿل هيون. رات گهري ٿيندي وئي گهڙي ۾ ٻہ وڄي پنج منٽ ٿيا هئا. ننڊ منھنجي اکين کان ڪوهين ڏور هلي وئي هئي. انھيءَ ڪري ئي ڪتاب ۾ اکيون اٽڪائي ويٺو هوس. جبران کي پئي پڙهيو شايد تڏهن ئي ننڊ اڏامي وئي هئي نيڻن مـــــان. زندگــي ڇـا آهــي؟ ذهن جي تھہ خاني ۾ محفوظ ان ڳجهارت کي ڀڃڻ لاءِ آئون جبران جي لفظن جي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويس... ۽ ها! پوءِ مونکي پنھنجي مقصد جا ڪجهہ موتي ملي ويا. ٻہ ٽي اڇا پنا کڻي لکڻ ويٺس.
زندگي وحدت ۽ انفراديت جو هڪ ٻيٽ آهي.
ولولن ۽ آزاديءَ جي جذبن ۾ فنا ٿيڻ ئي تہ زندگي ۽ ان جي بلندين جو ٻيو نالو آهي.
زندگي! اسان جي خاموشين ۾ نغما آلاپيندي آهي ۽ اسان جي ننڊ ۾ خواب ٿي ايندي آهي.
اسان زندگي جي وڻ تي ساون پنن مثل آهيون ۽ زندگي سمجهہ جي حد کان مٿي ۽ بي وقوفي کان پري آهي.
"پيارا ڀلا ننڊ ڪرڻ ڏيندين يا نہ. پليز بتي وساءِ." روم پارٽنر بيڊ تان اٿي هٿ ٻڌندي چيو.
"جاڳين ٿو ڇا اڃا خفتي!" مون قلم روڪي کيس چيو: "يار مون سمجهيو ڪڏهن جو ڪُوچ ڪري ويو هوندين."
"چڱو ادا هاڻي وڌيڪ اسان جي صبر جو امتحان نہ وٺ ۽ مھرباني ڪري لائيٽ آف ڪر." رلي مٿان وجهندي چيائين "تنھنجي ان زندگي منھنجي زندگي زهر ڪري ڇڏي آهي."
"حاضر منھنجا سھڻا... بند ٿو ڪريان لائيٽ."
ٽيوب لائيٽ آف ڪئي تہ منھنجي ڪمري ۾ اونداهي جو راڄ اچي ويو. آئون بہ چادر مٿان ڪري سمھي پيس.


منھنجي جستجو جاري رهي ۽ مان دور هڪ ويران علائقي ۾ اچي پھتس. ها! مون کي پتو پيو هو تہ اتي هڪ صوفي بزرگ جو آستانو آهي، جنھن وٽ زندگي جا انيڪ راز مدفون آهن. گيڙو رتن ڪپڙن ۾ اهو صوفي فقير مونکي واقعي ﷲ جو ڪو پھتل ٻانھو ٿي لڳو. مون کيس زندگيءَ جي راز کي کولڻ لاءِ عرض ڪيو.
چيائين "پٽ زندگي هڪ اهڙي ٻيڙي آهي جيڪا مسئلن جي دريا ۾ ترندي حالتن جي تيز طوفان ۽ گناهن جي گرداب مان گذري ٿي.... ۽ انسان جي ڪاميابي انھيءَ ۾ ئي آهي تہ هو ان ٻيڙي کي انھن سمورن جنجهٽن مان بچائي اهو دريا اڪري پار پوي. يا وري ايئن سمجهہ تہ زندگي ڪا جهرندڙ پُلِ آهي. جنھن تان هر ماڻھو، کي احتياط سان گذرڻو آهي... جيئن مُٺِ ۾ جهليل واري آهستہ آهستہ وهندي ختم ٿي ويندي آهي، بلڪل ائين ئي زندگي جا ڏينھن بہ گذرندا ويندا آهن... بابا زندگي هڪ مختصر سفر آهي ۽ اسين سڀ مسافر آهيون.... بھتر آهي تہ زندگي جو اهو سھڻو سفر کل خوشي سان هڪ ٻئي ۾ محبت ونڊيندي ڪٽجي وڃي. جيئن مرشد لطيف چيو آهي.
محبت پـــائي مــن ۾ رنــڊا روڙيا جن
تـن جــو صـرافــن اڻ تــوريو اگهائيو.
هن جون ڳالھيون ٻڌي منھنجي دل ۾ عجيب سڪون واري ڪيفيت پيدا ٿي رهي هئي. هن سان کوڙ ڳالھيون ڪيون ۽ منھنجو من محبتن سان تار ٿي ويو. انھيءَ ڪيفيت ۾ آئون اچي مھراڻ جي ڪپ تي پھتس. اوچتو ذهن جي دروازي تي دستڪ ٿي. خيالَ ذهن جي ڪمري ۾ ڌوڪي پيا. آئون انھن کي لفظن جو ويس پارائي پني تي اتاريندو ويس.
"زندگي هڪ ڊرامو آهي جنھن جو پھريون سين روئڻ کان کلڻ تائين ۽ آخري سين کلائڻ کان روئارڻ تي ختم ٿئي ٿو." خيالن جي وهڪري ۾ قلم هلندو رهيو." زندگي خوشين جي موسم ۾ تخليق ٿي، غم جي واچوڙي ۾ ويڙهجي گم ٿي وڃي ٿي آسمان جي وسعتن ۾."
جيڏو سنڌوءَ ۾ شور هو، شايد منھنجي من ساگر ۾ ان کان وڌيڪ تڙپ ۽ بي چيني هئي. منھنجو قلم ڪاغذ جي سيني تي هلندو رهيو، مھراڻ جي ڇولين جيان تيز تيز.
"زندگي ڄڻ برف جي سر. بقا کان فنا جو سفر.... پل، پھر يا سال، ڌرتي کان آڪاش ڏي اڏار... ڪئين ٿي ڀُرندي رهي لمحي لمحي زندگي ڄڻ ريت جي ديوار. مان پاڻي جي تيز لھرن کي غور سان ڏٺو ۽ لکيم. "جيون پاڻي جو ڪوتيز وهڪرو آهي..." ڪجهہ سوچي وري لکيم "پر نہ پاڻي کي بند ڏئي روڪي سگهجي ٿو... ها تہ زندگي پاڻيءَ جو وهڪرو نہ پر پاڻيءَ جو ڦوٽو آهي جيڪو چند پلن لاءِ اڀري ڦاٽي پوندو آهي. "ها! زندگي انڊلٺ جيان آهي." ڪي پل قلم روڪي ڪجهہ سوچي اڳتي لکيم..." نہ... زندگي انڊلٺ جيان بہ تہ نہ آهي، جيون ۾ فقط ست رنگ ئي تہ نہ آهن، ان ۾ تہ هزارين احساس ۽ هزارين رنگ موجود آهن.“
آئون لکندو رهيس "زندگي لاٽ بہ آهي تہ ٻاٽ به، جيون خوشين جو پڙاڏو بہ آهي تہ غم جي صدا بہ. ڪنھن قيدي لاءِ زندان جي جهروڪن مان آيل بھار جي هوا جو پھريون جهوٽو زندگي آهي. بکئي لاءِ ماني جو پھريون گرھہ، اڃايل لاءِ پاڻي جو پھريون ڍڪ، غمگين دل لاءِ خوشي جي پھرين خبر، ٻار لاءِ ماءُ جي آغوش ۽ عاشق لاءِ مهحبين جي پھرين گهائيندڙ مرڪ بہ زندگي آهي." مونکي سمجهہ ۾ نہ ٿو اچي تہ زندگي ڇا آهي، ان جون ڪيتريون معنائون آهن ۽ ڪيترا رنگ ۽ روپ. ڪيڏي مختصر هوندي بہ ڪيڏي وسيع آهي زندگي." آئون فل اسٽاپ ڏئي قلم کي روڪيو.
ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ آئون سر عابد کي پنھنجي ٿيسز ڏيندي چيو "سر زندگي هڪ اهڙي مسافت آهي جنھن جو شايد ڪو انت ئي نہ آهي. مون کي ڏاڍو افسوس آهي جو آئون پنھنجي ٿيسز جي موضوع سان نڀائي نہ سگهيو آهيان ۽ اوهان وٽ submit ٿو ڪريان هيءَ اڻپوري ٿيسز."

سچ ۽ سپنو

مان ان صاف سٿري روڊ تان گذرندي انصاف جي اها خوبصورت ۽ عظيم عمارت تعمير ٿيندي ڏسندو آهيان جنھن جون وڏيون وڏيون ڏاڪڻيون ڪافي اوچيون ۽ محراب ڏاڍا ڪشادا آهن. عمارت جي اڳيان خوبصورت باغيچي ۾ مکڙيون گل بڻجڻ لاءِ منتظر نظر اينديون آهن. مان اهو سڀ ڪجهہ روزانو ڏسندو آهيان. انصاف جي اها عمارت ٺھندي ٿي رهي بلند ٿيندي ٿي رهي. پر نہ ڄاڻ ڇو آئون هر رات هڪ سپنو ڏسندو آهيان. مان ان سپني ۾ اهائي خوبصورت ۽ عظيم عمارت ڏسندو آهيان. جنھن جون ڏاڪڻيون اونچيون ۽محراب ڪشادا آهن.
ها مان ڏسندو آهيان. اها انصاف جي عمارت جڙي راس ٿي وئي آهي. باغ ۾ مکڙين مان گل ٽڙي پيا آهن عمارت جي اندر ۽ ٻاهر ماڻھن جي چرپر ۽ چوٻول آهي.... پر ٿورو ويجهو وڃي ڏسندو آهيان تہ اهو سڀ ڪجهہ طلسم لڳندو آهي. انصاف جي عمارت ۾ اوچتو وڏا ڏار پوندي محسوس ٿيندا آهن ۽ واريءَ جي ڪنھن محل وانگر ڀرندي ذرا ذرا ٿيندي ويندي آهي. گلن کي غورَ سان ڏسندو آهيان تہ ٽانڊا لڳندا آهن ۽ عمارت جي اندر ۽ ٻاهر گهمندڙ ماڻھو سڀ ڪنڌ ڪٽيل ۽ گهمندڙ ڦرندڙ لاشا نظر ايندا آهن. اهو سڀ ڪجهہ ڏسي آ‌‌ئون ڇرڪ ڀري ننڊ مان جاڳي پوندو آهيان ۽ روز اهوئي سوچيندو آهيان تہ منھنجو سپنو سچ آهي يا سچ ڪوئي سپنو.

پڙاڏو زندگيءَ جو

ڪمري ۾ مڪمل سانت هئي، هو بيڊ تي ليٽيو پيو هو. سائي زيرو بلب جي روشني ڪمري جي ماحول کي وڌيڪ پُرسڪون بڻائي رهي هئي، ڊبل بيڊ جي ساڄي پاسي واري خاني مٿان خوبصورت گلن سان سجايل گلدستو پيل هو ۽ کاٻي خاني تي پاڻيءَ جي جڳ، گلاس ۽ ايش ٽري. هن جي هٿ ۾ جهليل سگريٽ جو دونھون ور وڪڙ کائيندو ڇت سان ٽڪرائبو ڪمري ۾ پکڙبو ٿي ويو، سندس اکيون پڻ ڇت ۾ اٽڪيل هيون، ائين پئي لڳو ڄڻ ڪجهہ تلاش ڪندو هجي. هن جو چھرو بي رنگ ۽ هر تاثر کان وانجهيل هو. چپ چاپ ڪنھن هارايل سپاهي جيان گم سم.
هوا جي تيز جهوٽي تي ڪڏهن ڪڏهن ڪمري جي دري جو ريشمي پردو لڏي رهيو هو. ڀرسان ڀت ۾ لڳل ڪٻٽ ۾ مختلف موضوعن تي لکيل ڪتاب رکيل هئا. پر ڪنھن جو بہ عنوان واضح نظر نہ پئي آيو. بس ايئن ٿي لڳو ڄڻ ڀت ۾ ڪجهہ ڪاٺ جا ٽڪرا لڳل هجن، ڪي ننڍا ۽ ڪي وڏا. هن سگريٽ جو هڪ ڊگهو ڪش هنيو ۽ ڪي گهڙيون دونھين کي اندر اوتي ڇڏيو ۽ پوءِ هڪ ڊگهي ڦوڪ سان سڄو دونھون ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. سندس ذهن کي ماضيءَ جون يادون نانگ بڻجي ڏنگي رهيون هيون. هو نستو ٿيندو ويو... زندگي جي ڊائري مان اڏري آيل ڪجهہ ورق سندس ذهـن جي ڪمري ۾ ڌوڪي آيا. هو ڳالھائي رهيو هو ماڪ سان لو لينگويج يونيورسٽي جي خوبصورت ٻاري جي هڪ گهاٽي وڻ هيٺان. ماڪ کانئس پڇيو هو.
"گل ڇا تون ڄاڻين ٿو تہ آڪسيجن انسان لاءِ ڪيتري اهم آهي؟"
"ماڪ، ڇو ٿي ٻارن وارا سوال ڪرين، ڀلا اها ڪنھن کي خبر ناهي، آڪسيجن بنا تہ ماڻھو زندہ ئي نہ ٿو رهي سگهي."
"۽ پيار کانسواءِ ....!؟" ماڪ ٿورو مشڪندي وراڻيو.
"وري منجهائڻ واريون ڳالھيون شروع ڪيئي نہ ماڪ."
"گل اهو مختصر سوال ايڏو مشڪل تہ ناهي. جيڪڏهن مون کان تون اهو پڇين ها تہ آئون چوان ها تہ پيار کان خالي دل ڪنھن ويران قبرستان جيان آهي ۽ محبت ڪرڻ وارو من خدا جو گهر آهي... ۽ ها گل، پيار بہ حياتي جي آڪسيجن آهي ۽ ان کانسواءِ ماڻھو زندہ هوندي بہ مئل هوندو آهي. خير... چڱو هڪ سولو سوال ٿي پڇانءِ... ڪڏهن گل تي غور ڪيو اٿئي؟"
"جڏهن کان من جي پياسي ڌرتي تي ماڪ آئي آهي تڏهن کان گل ۽ گلستان ڏي ڌيان ئي نہ ٿو وڃي."
"ان جو مطلب اڄ ڪلھہ سائين جن جي پاڻ تي بہ نظر نہ ٿي پوي. تون گل کي ڏسندو ڪر ماڪ توکي جدا نظر نہ ايندي. ماڪ تہ گل جي سونھن آهي." ماڪ ڪنڌ جهڪائي هڪ ادا سان مرڪي پئي.
دريءَ مان ٻليءَ ٽپو ڏنو تہ کڙڪي تي سندس يادن جي مالھا ڇڄي پئي. ذهن جي پڌر ۾ يادن جا موتي وکري ويس. هن پنھنجي کليل اکين کي هڪ دفعو زور سان ٻوٽيو ۽ وري پَلَ ۾ نيڻن تان پنبڻيون هٽائي، بيڊ تان اٿي ڀرسان صوفي تي ويھي رهيو، ڪمري ۾ لڳل سفيد وال ڪلاڪ تي نظر وڌائين، ٻہ وڄي ويھہ منٽ. اندر جي بي چيني کي ماٺو ڪرڻ لاءِ سگريٽ دکايائين ۽ وڏا وڏا ڪش اندر ۾ اوتيندو رهيو. صوفي تان اٿي اڳتي وڌي دروازي جي هينڊل کي هيٺ ڪري کولڻ جي ڪوشش ڪيائين پر دروازو ٻاهران لاڪ هيو. نااميد ٿي واپس بيڊ تي اچي آهليو. ڪجهہ لمحن بعد سندس ننڊاکن نيڻن جون پنبڻيون لڏڻ لڳيون ۽ پوءِ ڪچڙي ننڊ جي تند سھاري سمنڊ ڪناري پھچي ويو. ها سمنڊ جنھن سان شايد هن جو ڪو گهرو سٻنڌ هو.
"گل هي ڇا پيو لکين؟"
"مان پنھنجو نالو توسان منسوب ٿو ڪرڻ چاهيان ماڪ."
"پر هن واريءَ تي نانءُ لکڻ سان ڇا ٿيندو؟ هي تہ گهڙي کانپوءِ مٽجي ويندو.... گل پيار ڪرڻ وارا تہ دلين تي نان، چٽي ڇڏيندا آهن ۽ دل جي ڪاغذ تي لکيل تحرير ڪو بہ مٽائي نہ سگهندو آهي."
"هون."
"بس فقط هون! ڇو ڇا ڳالھہ آهي ايڏو خاموش ڇو ٿي وئين؟"
"ماڪ! ڪڏهن ڪڏهن دل چاهيندي آهي هن دنيا کان ٻاهر ڪائنات جي ڪا اهڙي ڪنڊ وسائجي، جتي هر طرف سانت هجي ڪو بہ گهمسان نہ هجي."
"پر دنيا جي ان گهمسان سان ئي تہ جيون جون رونقون آهن."
"پر ماڪ! جڏهن انسان مايوسيءَ جي ڪُنَ ۾ ڦاسي پوندو آهي تہ اهي سموريون رونقون خواب لڳنديون آهن."
"ڇو جاني.... ڇا ڳالھہ آهي تون ڪھڙي مايوسي جي ڳالھہ ٿو ڪرين!"
"ماڪ! مونکي ڪڏهن ڪڏهن الاجي ڇو ائين ڀاسندو آهي تہ دنيا اسان جي پيار کي نظري وجهندي ۽ اهو خوف منھنجي من کي ڏاڍو ڪمزور ڪري ڇڏيندو آهي."
"ها! تون صحيح ٿو چوين ڪڏهن ڪڏهن انسان زندگي جي اهڙي ٻہ واٽي تي اچي بيھندو آهي. جتان سندس چرڻ پرڻ ئي محال ٿي ويندو آهي ۽ هو مايوسي جي ڌنڌ ۾ ڦاسي ويندو آهي. ان وقت کيس اميد جي ڪائي روشني نظر نہ ايندي آهي جتان هو ڪا راھہ بڻائي سگهي، پر... گل سچ اهو آهي تہ انسان پنھنجون راهون پاڻ ئي بند ڪندو آهي ۽ پاڻ ئي اهي واٽون کوليندو آهي. منزلن جي رسائي تائين مشڪلات مان تہ گذرڻو ئي پوندو آ... مان چوان ٿي تہ زندگي جي سفر ۾ قدمن کي روڪڻ بزدلي آهي. ها! بزدلي. اسين جيون راهن ۾ باھہ جا ڀــڀڙ ڏسي ڪنبي ويندا آهيون پر اها باھہ تہ آوي آهي جتان ماڻھو پچي راس ٿيندو آهي."
سمنڊ جون تيز تيز لھرون هڪ ٻئي پٺيان ڊوڙندي پنھنجي منزل تي پھچي وکرنديون ٿي ويون. ماڪ نيري آسمان هيٺان اڏامندڙ اڇن پکين ڏي گهوريندي چيو. "گل! جيون مسافت طئي ڪندڙ هر ماڻھو اڪثر جڏهن بہ پوئتي پنھنجي ماضي ڏي نھاريندو آهي تہ کيس باغ بھار ڏسڻ ۾ ايندا آهن، پوءِ جيڪڏهن ڪو ماڻھو انھن دل هرکائيندڙ گلزارن يا ماضيءَ جي سندر يادن ڏانھن موٽي ويندو آ تہ کيس ڪجهہ بہ تہ نہ ملندو آهي. سواءِ نير وهائڻ جي. گل .... انھيءَ ڪري زندگي جي اهڙي ٻہ واٽي تي جتي ماڻھو پاڻ کي مايوسي جي ڌٻڻ ۾ لھندو محسوس ڪري تہ کيس پنھنجا قدم اڳتي وڌائڻ گهرجن، ان طرف جتي باھہ ۽ تڪليف تہ ضرور آهي پر اها انسان کي منزل تائين پھچائڻ جي سگهہ اوس بخشي ٿي."
"پر ماڪ! جيڪڏهن ماڻھو جي ڪا منزل ئي نہ رهي تہ...؟"
"گل! جيون ڌوڪن ۽ آزمائشن جو ئي نالو آهي. ننڍيون خوشيون ۽ اهي وڏا وڏا ڏک ئي آهن جن کي نصيب چيو ويندو آهي... ڏس! زندگي جي شھر مان هزارين واٽون نڪرن ٿيون ۽ هر راھہ جي ڪا نہ ڪا منزل ضرور آهي."
"پر ائين ڇو آهي ماڪ! جيون هڪ آهي تہ منزلون هزارين ڇو؟"
"جانم! تنھنجو اهو سوال ائين آهي ڄڻ پڇندو هجين تہ خدا هڪ آهي تہ ان جي مخلوق هزارين ڪروڙين ڇو؟"
گل چھري تان سنجيدگي جي چادر لاهي چيو "نہ مان اهو ٿو پڇڻ چاهيان تہ تون هڪ آهين تہ تنھنجي حسن جا جلوا هزار ڇو؟ "مک تي مرڪ جون ريکائون پٿارجي ويس.
“Oh: you are funny” وري ڏئي وئين نہ ڳالھہ کي وڪڙ." ماڪ بہ مرڪي پئي.
"ڀلا ڇا ڪيان my sweet heart وڪڙ تہ ڳالھہ کي ئي ٿو ڏئي سگهان نہ باقي....." ماڪ کان ٽھڪ نڪري ويو ۽ هٿ ۾ جهليل ڪتاب هن جي ڪلھي ۾ وهائي چيائين "تون نہ مڙندين."
پوءِ ٻئي اٿي هٿ هٿ ۾ ڏئي سمنڊ جي ڇولين ڏانھن وڌڻ لڳا. تيز هوا ۾ ماڪ جا ڪارا وار سندس ڀوري مک سان کيڏي رهيا هئا. هو، ڪڏهن ڪنڌ کي هلڪو جهٽڪو ڏئي چھري تان وار پري ڪري رهي هئي تہ ڪڏهن وري پنھنجي خوبصورت هٿن جي سنھڙين آڱرين سان.
پريان هڪ پريمي پيئر هڪ ٻئي سان ٽھڪ ونڊيندي پيار جي پينگهہ ۾ لڏي رهيو هو. ڇوڪري آلي واري تي ويھي پنھنجي پير مٿان واري ڦيري ٿڦڪيون هڻي رهي هئي. هن واري تي ڪو گهر ٺاهڻ ٿي گهريو.
ماڪ مشڪندي چيو "گل! ڏسين ٿو هوءَ چري ڇوڪري واريءَجو گهر ٿي ٺاهي. ها! واري جو گهر جيڪو هوا جي ڪنھن تيز جهوٽي يا ڪنھن بي رحم ڇوليءَ هٿان واريءَ سان واري ٿي ويندو آهي."
"ها تون صحيح چوندين آهين تہ پيار ڪرڻ وارا تہ دل جي ڌرتيءَ تي محبت جو مضبوط آشيانو اڏيندا آهن. جنھن کي زماني جي ريتن ۽ رسمن جون ڀيانڪ ڇوليون بہ ڊاهي نہ سگهنديون آهن."
ساگر جي لھرن ۾ عجيب آنڌ مانڌ هئي. سي ويو تي لھندڙ سج جو منظر ڄڻ اندر کي اداسيون ارپي رهيو هو. هو ٻئي پريان هڪ اڪيلي خالي بينچ ڏانھن وڌيا. ماڪ بينچ تي ويھندي لھندڙ سج ۾ نظرون کپائي ڇڏيون. پل اپل جي خاموشيءَ کانپوءِ چيائينس" گل تون خواب ڏسندو آهين نہ...؟"
"ها!"
"ڪھڙي قسم جا؟"
"مان ڏاڍا خوفناڪ خواب ڏسندو آهيان ماڪ..." هو وڌيڪ ڪجهہ نہ چئي سگهيو ۽ ماٺ ٿي ويو.
"تون چپ ڇو ٿي وئين ٻڌاءِ نہ."
"ماڪ! مان اهو سڀ ڪجهہ نہ ٻڌائي سگهندس. مونکي گُهٽَ ٿي رهي آهي. لفظ ڪنڊا بڻجي اٽڪي پيا آهن منھنجي نڙيءَ ۾."
"پر خواب تہ خواب ئي ٿيندا آهن، ان ۾ ايڏو گهٻرائڻ جي ڪھڙي ڳالھہ آهي. Take it easy مونکي ٻڌاءِ تون ڇا ڏسندو آهين."
"ماڪ.... هڪ ڳالھہ پڇانءِ؟"
"هون."
"خواب ڪڏهن سچ تہ نہ ٿيا آهن نہ."
"نہ.... خوابن جي دنيا حقيقتن کان ڪوهين ڏور آهي." ماڪ اهو جملو اعتماد سان نہ چئي سگهي.
"ماڪ! مان اڪثر ڪري هڪ ڀيانڪ خواب ڏسندو آهيان. مان ڏسندو آهيان تون ۽ مان هٿ هٿ ۾ ڏئي گهمون ٿا، پيار جا گيت ٿا چئون. تون ڳالھہ ڳالھہ تي وڏا وڏا ٽھڪ ٿي ڏئين ۽ .... تنھنجا ٽھڪ هوا ۾ وکرندا ٿا وڃن... ۽ .... جهٽ پل ۾ هڪ تيز طوفان ٿو اچي جيڪو هر شيءِ برباد ٿو ڪري ڇڏي ۽ ها... تو کي بہ مون کان ڇني ڌار ٿو ڪري، پوءِ منھنجي نيڻن جي ڪڪرن مان لڙڪن جي برسات ٿي وسي پئي ۽ سڏڪندو ٿو رهان. ماڪ مان جڏهن بہ اهو خواب ڏٺو آهي تہ سڏڪندي سڏڪندي ننڊ مان جاڳي پيو آهيان."
آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا، ڪڻ ڪڻ پوڻ لڳي. اوچتو گجگوڙ سان گڏ هڪ هيانءَ ڏاريندڙ ٺڪاءُ ٿيو، جنھن تي هن وڏو ڇرڪ ڀريو ۽ بيڊ تي اٿي ويھي رهيو. چپل ۾ پير وجهي ٻہ ٽي قدم اڳتي رڙهيو، دريءَ وٽ بيھي ٻاهر نگاھہ ڪيائين. مينھن تيز ٿي چڪو هو. بوندا بانديءَ مان وڏ ڦڙو ٿي پيو. زمين تي پاڻيءَ جي وهڪ مٿان ڦوٽا ٺھڻ لڳا. مينھن اڃا تيز ٿي ويو ۽ هن جي اکين ۾ کنوڻ جا چمڪاٽ ٿي لڳا. برسات جي تيزيءَ جي ڪري پاڻيءَ جو وهڪرو بہ تيز ٿيندو ويو. اها پاڻيءَ جي تيز وهڪ ڏسي هن پنھنجي طبيعت ۾ بيچيني محسوس ڪئي سندس جسم ۾ ڏڪڻي شروع ٿي وئي ۽ تارا ڦاٽندا ويس. هن هڪ وڏي رڙ ڪرڻ ٿي چاهي جيڪا آڪاش جي بلندين تائين پھچي منجهس ڏار وجهي ڇڏي پر الا جي ڇو کائنس اها دانھن اُڪلي نہ سگهي. ڄنگهن مان ست نڪري ويس گوڏن ڀر زمين تي ڪريو ۽ گجگوڙ جو هڪ زوردار ٺڪاءُ ڪنن سان ٽڪرايس. بيساختہ سندس اکين جا آگم وسي پيا. اوچتو پاڻ کي يادن جي پولار ۾ لھندي محسوس ڪيائين ۽ اهو لمحو ياد اچي ويس جڏهن سمنڊ جي هڪ خوني لھر ماڪ کي پاتار ۾ اڇلائي گل کي تاري ٻاهر ڦٽو ڪيو هو ۽ هن جي اک اسپتال ۾ کلي هئي. ڪيڏيون دانھون ڪيون هئائين هوش ۾ ايندي ئي. روئندي ۽ سڏڪندي چيو هئائين:
"منھنجي ماڪ ڪٿي آهي؟ ماڪ..... ماڪ ڪٿي آهي منھنجي....!" ماڪ جي موت جي خبر پيس تي بيحال ٿي پيو وري غشي طاري ٿي ويس . ٻيھر اکيون کوليائين تہ نير جاري.
ان حادثي ڄڻ سندس وجود کي ئي ڌوڏي ڇڏيو. مسلسل ذهني دٻاءَ ۾ رهڻ لڳو. هو ان واقعي کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ئي نہ هيو بس حيران ۽ گم سم رهڻ لڳو. ڊاڪٽرن سندس ذهني حالت جو معائنو ڪري هن جي مائٽن کي چيو هو تہ "هن کي وڏي نگهداشت جي ضرورت آهي ڇو تہ مٿس ڇانيل واقعي جا برا اثرات ڪنھن بہ وقت ظاهر ٿي سگهن ٿا." ڊاڪٽر جي چوڻ تي ئي سندس والدين کي رات جو هن جي ڪمري جو دروازو بہ لاڪ ڪرڻو پيو هو.
هن جي اکين مان لڙڪ بوند بوند ٿي ڪرندا رهيا.... ۽ مينھن جي رفتار بہ آهستي آهستي گهٽبي ٿي وئي. سانتيڪي رات ۾ ڪمري اندر سندس هلڪن سڏڪن جو آواز ٻري رهيو هو. هوريان هوريان کنوڻ جا تجلا ۽ گجگوڙ بند ٿيندا ويا ۽ پوءِ هن جي سڏڪن جو آواز بہ ماٺو ٿي ويو. ڌيري ڌيري سندس ذهن ۾ سوچن جو واچوڙو تيز ٿي ويو. چپن ۾ ڀڻڪڻ لڳو. "ماڪ تو تہ چيو هو خواب ڪوڙا ۽ حقيقتن کان ڏور هوندا آهن پوءِ منھنجو خواب سچ ڇو ٿي ويو." نيڻن جا در بند ڪري ڪنڌ جهڪائي ڇڏيائين. انيڪ پل خاموشي جي ڀاڪر ۾ رهي وري زبان جو لغام لاهي ڇڏيائين سندس سوچون لفظن جا الا کڻي ڪمري ۾ ڌوڪي پيون.
"پرينءَ کانسواءِ هن دنيا ۾ رهڻ بيڪار آهي، جنھن سان نينھن جو ناتو ۽ روح جو رشتو هو تنھن کان جدائي جي سوچ مون کي ڪاريھر وانگر ڏنگي رهي آهي. جنھن سان گڏ مرڻ جيئڻ جا قول ڪيا هئا تنھن کان بنان آئون جيون جو تصور ئي نہ ٿو ڪري سگهان.... بس مان پنھنجي ماڪ سان ملڻ ٿو چاهيان ۽ ها! مون کي موت ئي پنھنجي ماڪ سان ملائيندو." هن جا چپ ٿڙڪڻ لڳا." ها!... مون کي موت ئي پنھنجي ماڪ سان ملائيندو!" تارا ڦاٽندا ويس، چھري تي پگهر نڪري آيس. اوچتو تڪڙو سيف ڏانھن وڌيو ۽ ٽنگيل ٽاءِ کڻي ڳچي ۾ ويڙهڻ لڳو پر ٽاءِ تي نظر پوندي ئي سندس هٿ اتي ئي رڪجي ويا ۽ يادن جو ڪوهيڙو ذهن تي ڇائنجڻ لڳس.
" happy birth day to you، happy birth day to you" ماڪ شاپنگ بئگ مان پيڪيٽ ۾ بند ٿيل ڪيڪ ۽ هڪ ٻيو ننڍو گفٽ پيپر ۾ بند ٿيل پيڪيٽ ڇٻر تي رکي تاڙيون وڄايون.
"او... ماڪ... مطلب ڇا اڄ.... Oh my God! Is to day 15th of February مون کي تہ ياد ئي ڪو نہ هيو. So nice of you Maak هونءَ وڏي ڳالھہ آهي، توکي منھنجو جنم ڏينھن ياد آهي!"
"تون بہ عجيب ڳالھيون ڪندو آهين. تنھنجو جنم ڏينھن مون کي ياد نہ هوندو تہ ٻيو ڪنھن کي هوندو. ٻيو تہ اها ڪا وڏي ڳالھہ ناهي ننڍي ڳالھہ آ. وڏيون ڳالھيون اڃا ٻيون هونديون آهن. خير هون، بہ سائين جن کي اهي ننڍيون ننڍيون ڳالھيون ڪيئن ياد پونديون. هون، گل! ڪڏهن ڪڏهن اسان کي وڏيون وڏيون ڳالھيون بہ الاجي ڇو ننڍڙيون ڀاسنديون آهن. بي انتھا خوشي ۾ روئي پوڻ. ڏکن جي آوي ۾ پڄرندي بہ کلي ويھڻ. اهي ڄڻ تہ ننڍيون ڳالھيون آهن نہ گل..... پر سچ تہ اهي تمام وڏيون ڳالھيون آهن."
"ها! ائين تہ آهي. بھرحال ماڪ هن خفي جي ڪھڙي ضرورت هئي." پيڪٽس ڏانھن اشارو ڪندي چيائينس.
"ضرورت هئي گل! زندگي جي رڻ ۾ خوشي رڃ وانگر آهي ۽ جيڪڏهن جيون جي ان رڻ ۾ ٽھڪن جا آبشار ڦٽي نڪرن تہ پياسن لبن کي ٻيو ڇا گهرجي.... تون خوشيءَ جي پوپٽن کي پنھنجي مٿان ڇو نہ ٿو ڦرڻ ڏين."
"خوشي پوپٽ نہ پر ڄور آهي جيڪا جسم جو سمورو خون چوسي ويندي آهي." گل کيس چيڙائڻ لاءِ اهوجملو چيو.... پر ماڪ سنجيدہ ٿي وئي.
"ٺيڪ آ خوشي ڄور ئي سھي، پر اها اهڙي ڄور آهي جيڪا ماڻھوءَ جون پريشانيون چوسي غمگين دلين کي سڪون ڏيندي آ."
"پر ماڪ مان غمگين تہ ناهيان."
"جي تون غمگين ناهين تہ خوش بہ تہ ناهين."
"پياري! مان چوندو آهيان پنھنجي سالگره تي جهومڻ ڳائڻ ۽ ڀرپور طرح celebrate ڪرڻ بجاءِ ڏکارو ٿيڻ کپي ڇو تہ ان ڏينھن ماڻھو جي زندگي جو هڪ وڌيڪ سال کٽي ٿو."
"جاني! غم هڪ طوفان آ جيڪو من جي ديوارن کي ڌوڏي ڪمزور ڪري ڇڏيندو آ، تنھنجو اهو جملو انھن ڪمزور ديوارن کي ڌڪي ڏيڻ جي برابر آهي... ڏس! زندگي رنگ گهرندي آهي ان کي رڳو غم جي ڪاري چادر ۾ ويڙهڻ ٺيڪ ناهي... خوشي زندگي جي گل جي خوشبو آهي ۽ غم خزان جو ڪو بي رحم جهولو، جيڪو ڪومائي ڇڏيندو آهي زندگي جي گل کي ... ۽ خبر اٿئي جڏهن مرڪ جي مکڙي ٽڙي پوندي آهي تہ من آڳر تي محبتن جي سدابھار سڳنڌ پکڙجي ويندي آهي... ڏس نہ جيون ۾ خوشي آهي ئي ڪھڙي."
۽ پوءِ گل کلي پيو هو ۽ کلندي چيو هئائين "تون پنھنجي ڳالھہ مڃائڻ ۾ ڏاڍي هوشيار آهين." پر ماڪ اڃا بہ سنجيدہ هئي چيائينس:
"مون فقط پنھنجي ڳالھہ تي ڳنڍ ڪونہ ڏني آ پر هڪ حقيقت بيان ڪئي آ... گل! سچ پڇين تہ حياتي ۾ خوشي ائين هوندي آهي جيئن ٻن وڏن گڏيل پھاڙن جي وچ ۾ ڪا مـعمولي وٿي ۽ غم.... غم انسان جي اندر ۾ انھن وڏن جبلن وانگر هوندو آهي... پوءِ جيڪڏهن ڪو ماڻھو ان خوشي جي ٿورڙي وٿي کي بہ دردن جي پھاڙن ۾ دٻائي ڇڏي تہ پوءِ خبر اٿئي ڇا ٿيندو آهي..." هو فقط هن ڏي تڪيندو ئي رهيو ۽ هو، ڳالھائيندي پئي رهي. "پوءِ اڪثر ڪري اهڙا ماڻھو... اهڙا بزدل ماڻھو! پنھنجو انت آڻي ڇڏيندا آهن."
هو، ڪڏهن ڪڏهن کُلي پوندي هئي، سندس من ۾ جيڪا لاوا هوندي هئي ان کي هو، لفظن ۾ ٻاهر ڪڍي وٺندي هئي... ۽ ان ڏينھن بہ هن جا جذبا بي قابو ٿي پيا هئا.
"گل! زندگي جي ڏکن ڏوجهرن سان منھن ڏيڻ وارا زندہ ضمير هوندا آهن... دنيا شطرنج جي راند آهي جيڪا اڻ ڄاڻن لاءِ اهنجي پر انھن پارکن لاءِ سھنجي هوندي آهي جيڪي هن چال باز زماني کان واقف هوندا آهن.“
"حاضر سائين مڃيوسين. تنھنجون سڀ ڳالھيون صحيح. هاڻي هي ڪيڪ وارو پئڪيٽ کول ڏاڍي بک لڳي آهي."
"ڪيڪ وارو پئڪيٽ بہ ضرور کلندو پر منھنجي دل ٿي چوي پھريان تون هي گفٽ پيڪ کول" ننڍو پيڪيٽ گل جي هٿ ۾ ڏيندي چيائين.
هن پيڪيٽ کوليو هو جنھن ۾ هڪ خوبصورت ٽاءِ هئي.
هن جا ڳلي ۾ وڪوڙيل ٽاءِ مان هٿ آهستي آهستي ڍرا ٿيڻ لڳا ۽ ماڪ جا جملا سندس ذهن جي ڪمري ۾ زندگي جو پڙاڏو بڻجي گونجڻ لڳا.
"زندگي جي سفر ۾ قدمن کي روڪڻ بزدلي آهي... زندگي جي شھر مان هزارين واٽون نڪرن ٿيون ۽ هر راھہ جي ڪا نہ ڪا منزل ضرور آهي... انسان پنھنجون راهون پاڻ ئي بند ڪندو آهي ۽ پاڻ ئي اهي واٽون کوليندو آهي..."
لفظ لفظ سندس ذهن ۾ بھار جي هير بڻجي آيس ۽ پوءِ سندس اکين ۾ زندگي جي چمڪ ۽ چپن تي اڻ لکي مرڪ تري آيس.

دوزخ

هن جي مک تي ڦٽل جواني جا آثار پڌرا هئا. بيماريءَ ڄور بڻجي سندس خون چوسي هن جي جسم جي رڳن کي ئي سُڪائي ڇڏيو هو. زمين تي هٿ رکي اٿڻ لڳو، پر اٿڻ ۾ کيس وڏي ڏکيائي محسوس ٿي.... ڀلا هو هيو بہ ڇا ڄڻ گهمندڙ ڦرندڙ ڪو هڏائون پڃرو. سندس جسم ۾ ڄنگهن ۽ ٻانھن بجاءِ ڄڻ ڪي ڪنا ٽنبيل هجن. هن جو منھن سڪل ۽ ڪاراٽيل هو. اکيون ڏرا ڏنل ۽ تارا نڪتل. سندس خشڪ چَپَ اڃايل ڌرتي وانگر ڏار ڏار ٿي پيا هئا. جسم تي ڪپڙا ميرا ۽ پگهر جي ڌپ ساڙيندڙ.
ٿڙندو ٿاٻڙندو هڪ نم جي وڻ هيٺان پيل پاڻي جي مَٽَ ڏانھن وڌيو کيس نڙيءَ ۾ اُڃَ جا ڪنڊا هــُري رهيا هئا. مَٽَ، جي مٿان رکيل جِست جو گلاس کڻي پاڻي ۾ ٽٻايائين، نم جي ٿڌي ڇانو ۾ رکيل مَٽَ جي ٺريل پاڻيءَ کي ڇھندي ڄڻ ساھہ پئجي ويس. گلاس مَٽَ مان ٽٻائي ڪڍيائين تہ گلاس جي تري مان پاڻيءَ جا ٽيپا ڪِرڻ لڳا. پاڻي اڃا وات جي ويجهو مس آندائين تہ پريان ايندڙ هڪ همراھہ تيز نظرن سان گهوريندي چيس. "اڙي ڇورا! گلاس ٿو چورائين.... ٿُڪَ ٿئي." گهروڙي بجو ڏنائينس "ڦاٿا هون تَھان لعنتين مان ...... هيروئني هيروئني جا پُٽَ."
هو همراه جي رعب، دٻدٻي ۽ دڙڪن کان ڇرڪي پيو ۽ نماڻين نگاهن سان هن جي وڏن گول تارن ۾ تڪڻ لڳو.
"اڙي ائين تارا ڦوٽاري ڏسين ڇا ٿو....؟ ٻڌئي ڪونہ ڇا رک اهو گلاس." همراھہ ڏندَ ڪرٽيندي چيس "اڙي جزا تَھان کي تہ ماريندي بہ ڊپ ٿو ٿئي تہ پئي نہ خون ڳچي ۾ .... ڇا تہ هڏن جي مُٺِ ٿي ويو آن پوءِ بہ هيروئن پيئڻ کان نٿو مڙين!"
"پر مان هيروئني ناهيان! مان تہ پاڻي...." وڌيڪ ڪجهہ نہ چئي سگهيو ڳيت ڏئي ماٺ ٿي ويو. هن جي لھجي ۾ درد جو درياھہ اوتيل هو.
"اڙي پنھنجا حال ڏٺا ٿئي.... هيروئنين کي اڃا مٿي تي سڱ ٿيندا آهن ڇا؟" همراھہ تيش ۾ اچي چيس.
"پر مان تہ.....!" هن جون اکيون ڀرجي آيون.
همراھہ سندس ڳالھہ اڌ ۾ ڪٽيندي تارا ڦوٽاريندي چيس "هاڻي اتان هلين ٿو يا...."
تيز گرميءَ باوجود هن جا لڱ برف وانگر ٺري ويا. سڏڪندو پنھنجي احساسن کي اندر جي زندان ۾ دٻائيندو، پنھنجي قسمت تي لڙڪ لاڙيندو اڳتي وڌيو. هُن، همراھہ کي منھن ٽوڙ جواب ڏيڻ چاهيو هو پر پنھنجو هڏائون بدن ڏسي زهر جو ڍڪ ڀري چُپِ ٿي ويو هو.... اوچتو کيس لڱن ۾ عجيب ڀاڃوڙ محسوس ٿي. کن پل ۾ جسم ٽانڊن جيان ٻَرڻ لڳس. بک وگهي سندس پيٽ ۾ چڪ پوڻ لڳا. ڳورا ڳورا قدم کڻندو ڀرسان واري باغ ۾ هڪ وڻ جي ڇانوري ۾ ويٺو. اوچتو سورن جي سٽ اُڀريس، سوچ جي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويو ۽ ذهن جي وادين ۾ ڀٽڪندي پنھنجو پاڻ سان ڳالھائڻ لڳو.
"مون پنھنجي وجود جي بقا لاءِ ڀلا ڇا ڇا نہ ڪيو آهي. اٺن سالن جو مس هوندس جو امڙ ۽ ابو سورن جي ســُتي وجهي سويري ئي وڃي سُتا. ننڍپڻ کان ئي ٿاٻن ڌڪن ۾ رهيس.... وڌيڪ ست سال پنھنجي چاچي جي گهر ۾ چاڪري ڪندي گذري ويا. انھيءَ وچ ۾ منھنجي صحت وئي ڏينھون ڏينھن ڪِرندي. آخر بلڊ ڪينسر جھڙي خطرناڪ مرض ۾ مبتلا ٿي ويس. رت جون الٽيون اچڻ لڳيون. ڳري ڪنڊا ٿي ويس. منھنجي اهڙي حالت ڏسي چاچِي سونل روز چاچي سان پئي جهيڙو اٽڪائيندي هئي. چئہ:
"ٻيلي ٻچڙيوال آهيون ننڍڙن ننڍڙن معصومن کي نہ ڪٿي اهو بي پير مرض وچڙي وڃي...."
ڪوٺيءَ مان منھنجي کنگهڻ جو آواز ڪن تي پوندو هوس تہ وري پارو چڙهي ويندو هيس. چاچي کي ڀون ڀون ڪري وٺي ويندي هئي.
"ڏس.... ڏس ڪئين کنگهي کنگهي کيرو ٿو ٿي پوي. مٿان وري رت جون الٽيون. اڙي گهر ۾ بيماري ٿي ڦھلجي بيماري. بس مان تہ چوانءِ ٿي...."
چاچو مٿي کي ٻئي هٿ ڏئي چپ چاپ پيو ٻڌندو رهندو هو. ها! ڪڏهن ڪڏهن چوندو هيس "مرحوم ڀاءُ جي آخري نشاني آهي ڀلا تون ئي ٻـڌاءِ ڪاٿي ڦٽي ڪيانس. ائين ڪيئن ڪيان. مون کي تہ ڪجهہ بہ سمجهہ ۾ نہ ٿو اچي."
نيٺ چاچي سونل جي روز روز جي رينگٽ چاچي کي مجبور ڪري وڌو هو ۽ هن هڪ ڏينھن مون کي چئي ڏنو هو.
"بابا توکي اسپتال ۾ داخل ٿا ڪرايون بيماريءَ جو علاج تہ ضروري آهي نہ پٽ!"
مان ڪڇان جھڙي ڀِتِ. رڳو هن ڏي نماڻين نگاهن سان نھاريندو رهيس.... اسپتال ۾ پھريان ڪجهہ ڏينھن چاچو مون وٽ ڪڏهن فروٽ تہ ڪڏهن بسڪيٽ کڻي ايندو هو، طبيعت پڇندو هو پر خبر ناهي ڇو اوچتو ئي اوچتو هن اچڻ ڇڏي ڏنو... مان ٻن مھينن تائين اسپتال ۾ لاوارثن وانگر پيو رهيس. ڪو بہ سار سنڀال لھڻ وارو ڪونہ هو. آخر هڪ ڏينھن اسپتال وارن گورين جو ٻُڪُ تري تي رکي چيو. "بابا هاڻي گهر وڃي باقي علاج ڪر. اسان کي ٻين مريضن لاءِ بسترا گهربل آهن."
اسپتال مان خارج ٿي روزگار جي تلاش ۾ گهر گهر ڀٽڪيم. هر ڪنھن مون کان نفرت ڪئي.
چوڻ لڳا تہ "نہ بابا توکي گهر ۾ ملازم رکي اسان کي پنھنجي معصوم ٻچن کي بيمار ناهي ڪرائڻو..."
"تو هيروئني کي گهر ۾ ملازم رکي گهر ڀينگ ڪرائڻو آهي ڇا؟"
ائين گهر گهر کان رلندو دڪانن ۽ هوٽلن ڏانھن رخ ڪيم تہ من اتي ڪو منھنجي حال تي رحم کائي روزگار سان لڳائي، پر هر هنڌان ٺُپ جواب مليو.
اوچتو هن کي کنگهہ ڇڙي پئي ۽ سندس سوچ جي آرسي چڪنا چور ٿي پئي. کنگهہ ختم ٿيس تہ سھڪي جو سلسلو شروع. انھيءَ پل هن ڏٺو تہ سندس ڀرسان اَڇن بُجن وارو هڪ انگريزي ڪتو گذريو. ساڳئي لمحي هڪ مرد، عورت ۽ ٻار پريشاني جي حالت ۾ باغ جي ٻاري ۾ داخل ٿيا.
"اوهو! خبر ناهي ٽوني ڪاڏي هليو ويو.... اف هيڏي گرميءَ ۾ ويچاري جي ڇا حالت ٿي هوندي." مرد پنھنجي پيشاني تان رومال سان پگهر اگهندي ٻار ڏانھن گهوريندي چيو "پپو توکي چيو بہ سھي تہ.....!"
عورت مرد جي ڳالھہ اڌ ۾ ڪٽيندي چيو "اف هو! ڊارلنگ ڀلا هاڻي ٽوني کي بہ تلاش ڪندا يا..."
پوءِ پپو هڪ وڻ ڏانھن ڊڪيو جتي ڪتو ويٺو هو ۽ زبان ڪڍي سھڪي رهيو هو. عورت وڌي وڃي ڪتي کي ڀاڪر پائيندي چيو “Oh! My boy”.
پپو ڏي تيز نظرن سان گهوريندي چيائين "ڏسين ٿو تنھنجي شرارت جي ڪري ٽوني کي ڪيڏو پگهر آيو آهي.... هاڻي تنھنجي سزا اها آهي تہ ٽوني کي اڄ "تون" باٿ وٺائيندين."
"جي امي" ٻار نڪ ۾ گهنج وجهي معصوم انداز ۾ چيو. ٽنھي ۾ هلڪو ٽھڪـڙو مچي ويو. پوءِ ٿورو پريان بيٺل وائيٽ ڪلر جي سيلون ڪار ۾ چڙهي روانا ٿي ويا.
هن اهو سڀ ڪجهہ ڏسي پنھنجي وجود کي ڀُرندي محسوس ڪيو ۽ سندس من ۾ هڪ طوفان برپا ٿيڻ لڳو. نيري اڀ ۾ ڀنل نگاهون ڄمائي چيائين. "اي مولا! هن سماج ۾ غريب جو جيئرو رهڻ گهڙي گهڙي موت برابر آهي. اي ﷲ يا تہ سڀني غريبن کي موت ڏي يا غربت کي ماري ڇڏ... اڄ تہ مون کي پنھنجي زندگي بہ خيرات ۾ مليل کوٽي سڪي وانگر ٿي لڳي......!"
اس جي تيک سان گڏوگڏ هن جي پيٽ ۾ بک جا چَڪَ بہ تيز ٿيڻ لڳا. ماني ڳڀي لاءِ هن ٻہ ٽي در کڙڪايا پر ماڻھن سندس مھانڊو ڏسي وري هيروئني چئي موٽايو ۽ ڪجهہ ڏيڻ بجاءِ گهٽ وڌ ڳالھايو. آخر هڪ هوٽل تي ماني پنڻ ويو. پر اتي بہ کيس دڙڪن ۽ گارين کانسواءِ ڪجهہ بہ نہ مليو. هو بيوسي جي رڻ ۾ ڀٽڪندو رهيو. گرمي ۽ ٻُٽَ سبب سندس جسم پگهر ۾ شل ٿي چڪو هو. ماڻھن جا بي ڍنگا ۽ کتا جملا ذهن کي ڏنگي رهيا هئس. اوچتو کيس مٿو ڳورو محسوس ٿيڻ لڳو ۽ پوءِ سور دماغ جي رڳن کي ڄور جيان چنبڙي ويس. اس باھہ جا الا بڻجي هن جي بدن تي ڪري رهي هئي.... هڪ تہ گهوڙي جيڏي بيماري ۽ مٿان ٻن ڏينھن جي بک. هن پنھنجي جسم مان جان جدا ٿيندي محسوس ڪئي... ساھہ گهٽجڻ لڳس. پوءِ پنھنجي پيٽ جو "دوزخ" ڀرڻ لاءِ ٿورو ئي پريان ان گند پيٽيءَ ڏي رخ ڪيائين جتي رولو ڪتا ۽ ڍور کائي رهيا هئا، هوٽل وارن جو هاريل پاروٿو کاڌو.

وڻ ويڙهي

ٽرين پھچندي ئي اسٽيشن تي گھما گھمي وڌي وئي. ماڻھو هڪ ٻئي سان ٽڪرندا، گسندا هڪٻئي کان اڳ ۾ نڪرڻ جي ڪوشش ۾ هئا. چرٻٽي ۾ اضافو ايندو رهيو. مختلف ڌنڌن وارن جا هوڪا ۽ کڙڪا بہ جاري هئا. قلي ماڻھن کي سامان کڻائڻ لاءِ ايلاز ڪري رهيا هئا. ٽرين جي مشين بادلن وانگر گجگوڙ ڪري رهي هئي. مان بند جي مٿان اڏيل پُلِ جي ڏاڪڻ تان لھي پليٽ فارم تي گهمڻ لڳس، ها! منھنجي اندر ۾ جڏهن بہ غم جو راڪاس واسو ڪندو آهي تہ مان اسٽيشن جي ڏاڪڻ تي ويھي ٿڌڙي هوا جهٽي ذهن تان tension جا سڀ پردا لاهي ڇڏيندو آهيان. نبي بخش جي ڪينٽين وٽ وڃي کيس چانھہ جو آرڊر ڏنو. نبي بخش جي چانھہ هنڌين ماڳين مشھور آهي. هن جھڙا سچا ماڻھو هاڻي دنيا ۾ گهٽ رهيا آهن. سندس دود پتي پيئڻ لاءِ شھر مان سيڙجي ماڻھو وٽس ايندا آهن. هن چانھہ جو گرم ڪوپ ساسر تي رکي منھنجي هٿ ۾ ڏنو. مان چانھہ مان ننڍيون ننڍيون سپون ڀريندو رهيس.
اوچتو ئي اوچتو منھنجي نظر ٽرين جي هڪ گاڏي جي دريءَ ڀرسان ويٺل هڪ نازنين جي نيڻن ۾ اٽڪي پئي. پھريون مون سمجهيو تہ ڪنھن آرٽسٽ جو شاهڪار فريم ۾ بند ٿيل آهي پر هو، تہ حسن جو زندہ مجسمو هئي. مون کيس ڏسي هڪ ئي پل ۾ پنھنجي نظرن کي ٻي پاسي ڦيري ڇڏيو. ڄڻ منھنجا نيڻ سندس سونھن جو تاءُ نہ سھي سگهيا هجن. منھنجي دل ۾ کيس هڪ دفعو ٻيھر ڏسڻ لاءِ هُرکُر پيدا ٿي، چانھہ مان گرم ٻاڦ ايئن نڪري رهي هئيّ جيئن منھنجي من مان هن کي ڏسڻ جي خواهش اکين ڏانھن اڏري رهي هئي. مان نہ مڙيس ۽ سندس نظرن جي تاب کي سھڻ جو سوچي هڪ دفعو ٻيھر سندس چھري جي باريڪين ۾ گهورڻ لڳس، سندس سنھڙا گلابي چپ گلاب جي ماڪ ڀنل پنکڙين جيان لڳا. هن جا ڪارا وار گهن گهور گهٽائون ۽ ڀِرون دل تي وار ڪندڙ تلوارون. سندس نيڻن جي جادو مونکي بيخود بڻائي ڇڏيو ۽ ها! جڏهن پنھنجي لبن تي مرڪ جا پوپٽ ويھاري ڇڏيائين تہ مان حيرانگي جي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويس.
واچ ۾ ٽائيم ڏٺم رات جا اڍائي ٿي چڪا هئا. ٽرين کي پُھتي ويھه منٽ گذري ويا هئا ۽ تقريباً سمورا مسافر پنھنجن پنھنجن ماڳن ڏي روانا ٿي چڪا هئا، پر هوءَ اڃا اسٽيشن تي موجود هئي. گاڏيءَ مان لھي پليٽ فارم تي چھل قدمي ڪري رهي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنھنجي هٿ جي ڪرائيءَ ۾ ٻڌل گهڙيءَ ۾ پڻ ڏٺائين ٿي، جنھن مان ائين پئي لڳو تہ شايد هن کي ڪنھن جو انتظار هو. پوءِ هو، سامھون بينچ تي ويھي رهي. هن وري جيئن ئي مون کي پنھنجي گهور جي ڄار ۾ ڦاسايو تہ مان نظرن ئي نظرن ۾ هن سان ڳالھائڻ لڳس. منھنجي دل مان غم جا سمورا غبار هڪ ئي پل ۾ الاجي ڪاڏي اڏامي ويا. هن جي گهور ۾ چقمقي ڪشش هئي، جيڪا مون کي هن ڏانھن ڇڪي رهي هئي. مان چانھہ جو خالي ڪوپ ٽيبل تي رکي جيئن ئي هن ڏانھن قدم سوريا تہ منھنجي دل جي ڌڙڪن ۾ اضافو اچي ويو ۽ اهو دهڪو هن تائين پھچندي پھچندي ايڏو تہ وڌي ويو جو ڀانيو پئي اجهو منھنجي دل ٺڪاءُ ڏئي ڦاٽي پوندي، مون پنھنجي زبان مان ڪو لفظ اڪلائڻ لاءِ پنھنجي خشڪ ٿيل ڳلي کي ڳيت ڏئي آلو ڪيو.
"ڇا اوهان ڪنھن جو انتظار ڪري رهيون آهيو؟" مون ساڻس پھريون جملو ڳالھايو، ائين پئي لڳو ڄڻ ڪي ٽو سَر ڪيو هجي. منھنجي مک تي آيل پگهر جا ڦڙا زمين تي ڪرڻ وارا هئا تہ هن چيو:
"ها! مون کي رسيو ڪرڻ لاءِ منھنجو cousin اچڻو هو. خبر ناهي اڃا تائين ڇو نہ پھتو آهي؟!" هن جي ڳالھائڻ جو لھجو ڪجهہ انگريزي زده هو.
"مون اوهان کي ايئن اڪيلو ڏسي سوچيو ممڪن آهي، اوهان سان ڪو problem هجي، انھيءَ لاءِ حاضر ٿيس."
"اوهان جي وڏي مھرباني." هن چيو
"منھنجي لاءِ ڪو حڪم هجي تہ...." مون مرڪندي کيس چيو.
"نہ ٻي تہ ڪا ڳالھہ ناهي پر.... جيستائين منھنجو cousin اچي تيستائين جيڪڏهن اوهان مونکي ڪجهہ ڪمپني ڏيو تہ....."
جيتوڻيڪ مان سندس جملو ٻڌي وائڙو ٿي ويس پر دل ۾ خوشيءَ جي لھر اُڀري. "پر هو... توهان جو cousin ..."
هن منھنجي ڳالھہ پوري ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي چيو" نہ نہ اهڙي ڪا ڳالھہ ناهي Its Ok."
مان ساڻس ساڳي بينچ تي ڪجهہ وٿيرڪو ٿي ويٺس. منھنجي دل جو ڊپ آهستي آهستي ڀڄڻ لڳو.
"توهان ڇا ڪندا آهيو؟" هن مون کان پڇيو.
"هڪ پرائيويٽ فرم ۾ جاب آهي.... ۽ توهان؟"
"مان ميڊيڪل اسٽوڊنٽ آهيان ۽ states ۾ رهندي آهيان ڇو تہ منھنجا parents ويھن سالن کان اتي settle آهن. هتي مان پنھنجي aunt سان ملڻ آئي آهيان... معاف ڪجو مان اوهان کان پڇي سگهان ٿي تہ اوهان هن وقت تائين هن اسٽيشن تي ڇا لاءِ بيٺا آهيو؟"
"هيءَ اسٽيشن منھنجي ڏکن وارن ڏينھن جي سھيلي آهي." مون ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيو. "مان هتي ويھي آزاد فضائن سان پنھنجا درد share ڪندو آهيان ۽ موٽ ۾ اهي هوائون ٿڌڪار جي روپ ۾ مونکي آٿت ڏينديون آهن ۽ ائين منھنجي من جي مونجهہ ختم ٿي ويندي آهي."
"توهان تہ اديبن واريون ڳالھيون ٿا ڪريو."
"پر مان اديب ناهيان."
"ڀلا اوهان پنھنجا ڏک هوائن سان ڇو share ڪندا آهيون؟"
"ان ڪري تہ اهي، راز کي راز ئي رکنديون آهن، ماڻھن وانگر.... بھرحال ڇڏيو انھن ڳالھين کي مان توهان کان هڪ سوال ڪيان؟"
"ها."
"توهان جي چھري تي هر وقت مرڪ جا انڊلٺي رنگ ڇو ڦھليل آهن"
"برا ٿا لڳن!"
"هر گز نہ، رنگ ڪنھن کي بہ برا نہ لڳندا آهن."
"مان ننڍي لاءِ کان ئي smiling girl هوندي هئس، شايد تڏهن ئي منھنجي parents منھنجو نالو مرڪ رکيو هو."
"ڪيڏو نہ عجيب آهي، ڪڏهن ماڻھن جو نالن تي اثر ٿيندو آهي تہ ڪڏهن وري نالن جو ماڻھن تي." چيومانس" منھنجو نالو هالار آهي، مان ننڍي لاءِ کان ئي ارڏو ۽ مضبوط رهيو آهيان، هالار وانگر."
"هالار ڏاڍو سٺو نالو آهي، اڇا هالار منھنجي خيال ۾ توهان هاڻي وڃو. ڇو تہ ڪافي دير ٿي چڪي آهي، مان سندس انتظار ڪريان ٿي، خبر ناهي ڇو ايڏي دير لاتي اٿائين."
"نہ نہ مان ڪجهہ دير اڃا ويٺو آهيان، زمانو ڏاڍو خراب آهي. مان اوهان کي ائين اڪيلو ڇڏڻ نہ ٿو چاهيان." هاڻي مونکي ڄڻ ساڻس همدردي بہ ٿيڻ لڳي هئي.
ڪجهہ پل اسان ٻنھي جي وچ ۾ خاموشي رهي. پر هن جي مٿان انتظار جي ڪيفيت حاوي هئي..... کن پل ۾ انھيءَ خاموشيءَ جي ٻاٽ ۾ لفظن جا ڏيئا ٻاريندي چيائين: "هالار مونکي توهان جي ڪجهہ مدد جي ضرورت آهي."
"مان بلڪل حاضر آهيان."
"منھنجي خيال ۾ هاڻي شايد هو نہ ايندو. Please توهان مون کي ڪنھن سٺي هوٽل ۾ ڇڏي اچو، مان باقي رات اتي ئي گذارينديس." هن جي چھري تي گهٻراهٽ ڇائنجي وئي هئي.
"پر اوهان جي aunt جو گهر ڪٿي آهي؟" چيومانس "مان توهان کي اتي ڇڏي اچان."
"اهوئي تہ problem آهي، مون کي پنھنجي aunt جو گهر ناهي ڏٺل، هن مون سان ٽيليفون تي ڳالھايو هو ۽ مونکي receive ڪرڻ لاءِ منھنجي cousin کي موڪلڻ لاءِ چيو هو.... اف! هاڻي ڇا ٿيندو!" هن پريشاني مان پنھنجو نازڪ هٿ نرڙ تي رکي ڇڏيو.
"گهٻرائڻ جي ڪا ڳالھہ ناهي. مون سندس نيڻن ۾ ليئو پائيندي چيو: "جيڪڏهن توهان کي برو نہ لڳي تہ.... پر نہ نہ ائين ممڪن نہ آهي."
"ڇا ناممڪن آهي؟"
"اصل ۾ ڇاهي تہ منھنجو گهر...." ڪجهہ خاموشي کانپوءِ مون کيس چيو "مان هتي اڪيلو رهندو آهيان."
"تہ ڇا توهان مونکي پنھنجي گهر ۾ هڪ رات رهڻ جي اجازت ڏيندﺂ؟"
"ها...! پر....!!"
"پر ڇا... اها تہ اوهان جي مھرباني ٿيندي." سندس جملي مونکي حيران ڪري ڇڏيو. هن پنھنجا ٻئي هٿ ملائي زور ڏيندي چيو. " Thanks God" چھري تي ڦھليل مرڪ جي رنگن کي وڌيڪ گهرو ڪندي چيائين "Thank you Halar".
"please اچو." چيومانس.
هن بينچ تي رکيل پرس پنھنجي ڪلھي ۾ وڌي ۽ مون سان هلڻ لڳي. سندس سينڊل جي کُڙي جا کڙڪا منھنجي دل جي ڌڙڪن سان هم آواز هئا. اسين اسٽيشن جو پليٽ فارم ڪراس ڪري روڊ تان ٽيڪسي هاير ڪئي. سنسان رستن تي ڪجهہ ماڻھو ۽ باقي ڪتا گهمي رهيا هئا. روڊ جي ٻنھي پاسن کان سمورا دڪان بند هئا. ڪٿي ڪٿي پان ۽ سگريٽن جون مانڊيون کليل هيون. فليٽ تي پھچي مان هن کي الڳ ڪمري ۾ ڇڏي کائنس موڪلائي پنھنجي ڪمري ڏانھن وڃڻ لڳس تہ... هن پنھنجو ڪپھه جھڙو نرم هٿ منھنجي هٿ ۾ وجهي چيو "هڪ منٽ ويھو." هن جي نيڻن ۾ عجيب چمڪ ڀرجي آئي. "توهان مونتي هيڏي مھرباني ڪئي آهي. هڪ احسان ٻيو بہ ڪيو نہ !"
"احسان! مان اوهان جي ڳالھہ نہ سمجهي!!"
”اصل ۾ ڇاهي تہ مان ڪٿي بہ اڪيلي سمھي نہ سگهندي آهيان. مان پنھنجي گهر ۾ بہ جيستائين پنھنجي اميءَ سان ڀاڪر پائي نہ سمھندي آهيان، تيستائين ننڊ نہ ايندي آهي. Please توهان نہ وڃو، نہ تہ آئون سڄي رات ننڊ نہ ڪري سگهنديسplease" هن ناز مان چيو.
"ڇا مقصد آ توهان جو، ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي...!" مون کي سندس ڳالھہ تي اچرج لڳو، پر دل جي هڪ ڪنڊ گَد گَد بہ ٿيڻ لڳي... پوءِ هوءَ هڪڙي بلنڪٽ ۾ مونسان گڏ سمھي، ڳراٽڙي پاتائين. نہ صرف ڳراٽڙي پاتائين، پر خبر ناهي سڄي رات هن مونتي ڪھڙو جادوڪري ڇڏيو. وچڙندڙ گرم ساهن جي وچ ۾ مان لفظ بہ ڪڇي نہ سگهيس ۽..... هوءَ جڪڙي وئي منھنجي وجود کي وڻ ويڙهيءَ وانگر. هن ڪاري رات ۾ هزارين رنگ ڀري ڇڏيا ۽ مونکي پنھنجو جيون رنگين محسوس ٿيڻ لڳو. نہ ڄاڻ ڪھڙي پل ننڊ جي ديوي اکين ۾ گهر ڪيو هو.
.....پر صبح جا اجرا ڪرڻا منھنجي لاءِ اوندھہ کڻي آيا. منھنجون اکيون کليون تہ هوءَ منھنجي ڀر ۾ نہ هئي. هن جو خوبصورت چھرو منھنجي خيالن ۾ رقص ڪندو رهيو. مونکي هڪ ئي پل ۾ هن سان گهاريل هڪ هڪ گهڙي ياد اچي وئي. ڪنڌ کي ڌوڻيو، اهو سڀ ڪجهہ ڄڻ ڪو سندر سپنو لڳو. مان بلينڪٽ لاهي بيڊ تان اٿيس. سائيڊ ٽيبل تي هڪ چٺي رکيل هئي. مون کولي پڙهڻ شروع ڪئي. لکيل هو.
"تون پنھنجي لاءِ پاڻ موت خريد ڪيو. ان ۾ منھنجو ڪو بہ قصور ناهي، تو کي ايڊز (Aids) مبارڪ هجي."
منھنجي هٿ مان چٺي ڇڏائجي وئي، زمين پيرن هيٺان نڪري وئي، پنھنجي وجود جا هزارين ذرا وکرندي محسوس ڪيم، پگهر ۾ شم ٿي ويم ۽ ڪري پيس رنگين ڪارپيٽ جي مٿان.

جِنُ

"ڇوڪريءَ کي جِنُ آهي." ماڻھس چيو
"نہ مِڪُرُ ٿي ڪري، ڇڏي ڏيوس پاڻ ئي ٺيڪ ٿي ويندي." پڻھس چيو.
"هاها! هروڀرو نخرو ٿي ڪري." ڀاڻهس چيو.
"ابا ڦٿڪڻ تہ ڏسينس. چوين ٿو نخزو ٿي ڪري. خدا جي واسطي ڇوڪريءَ جو ڪو بِلو ڪيو." ماڻھس جو گفتو.
هن جي حالت اڳي کان وڌيڪ بگڙندي پئي وئي. پنھنجي جسم کي پٽيندي تيز رڙيون ڪري رهي هئي.
"هي ڏسو ڇوڪَرِ جي حالت وڃي پئي خراب ٿيندي، منھنجي مڃو هن کي ڍيڍ آهي..... اڙي آواز تہ ٻڌوس ڪيڏو ڳورو ٿي ويو اٿس. مان منٿ ٿي ڪريان، پير سائين کان اهو ’جن‘ ڪڍرايوس." ماڻھس جي آزي.
"ائين نہ ٿيندو. حق بخشائڻ کان پوءِ اڪثر ڇوريون اهڙو ڇاهند ڪنديون آهن. ڪجهہ نہ ٿيندس." پڻھس وراڻيو.
....پراتي ڪو بہ ائين چوڻ وارو ڪو نہ هو تہ حويلي جي ويڪري ڪمري ۾ قيد ٿيل ان ناريءَ تي جواني جو جِنُ سوار آهي ۽ هوءَ ان کي گُهٽي مارڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

ڪارنھن

هن چيو" ڪالھہ ڪارنھن جي الزام ۾ بي گناھہ ٻہ جيءَ ماريا ويا."
مون ڪي پل سوچ جي ساگر ۾ ٽٻي هڻي کيس چيو "پر خبر ناهي ماڻھن جي اندر جي ڪارنھن کي ڪير ڪڏهن ماريندو!؟“

پيڙا جو پڙلاءُ

هو ڊراما نگار آهي، زندگي جي لمحن ۽ ڪيفيتن جي سمنڊ کي لفظن جي ڪوزي ۾ بند ڪندڙ هڪ ورسٽائيل ڊرامانگار. هن جو قلم سماج جي تلخ حقيقتن تي ڏنل پردو چاڪ ڪري جيون جي سچائين کي نروار ڪري ڇڏيندو آهي، هو هڪ اهڙو آرٽسٽ آهي. جنھن کي ڪردارن ۾ رنگ ڀرڻ ۽ مڪالـمن ۾ خوشبو اوتڻ جو فن خوب ايندو آهي. هن جا ڊراما پنھنجي دور جي احساساتي تاريخ آهن. ريڊيو، ٽي ــ وي توڙي اسٽيج هر جڳھہ تي کيس مانائتو مقام حاصل آهي.... جيڏي ڪشش سندس لفظن ۾ آهي ايڏي ئي سندس شخصيت ۾. ها! هن جي ڌيمي لھجي ۾ گلابن جي خوشبو محسوس ٿيندي آهي. جيڏو گهڻو، سٺو ۽ تيزيءَ سان لکندو آهي. ڳالھائيندو اوڏو ئي گهٽ آهي. ڄڻ لفظ بہ ڪي سِڪا هجن جن کي کپائڻ فضول خرچي هجي... پرشايد لفظ هن لاءِ موتي آهن. جن کي هو هر جڳھہ تي هارڻ نہ چاهيندو آهي.
هڪ دفعي ڪنھن انٽرويو ۾ پڇيس "توهان وٽ لفظن جو ڪيترو تقدس آهي؟“
چيائين "مون لاءِ سڀ کان مقدس چيز لفظ ئي آهن. اهي ئي لفظ جيڪي بي ستا هجڻ باوجود طوفان بہ برپا ڪري ڇڏيندا آهن، پر لفظن جي صحيح استعمال جو فن هجڻ کپي، ڇو تہ انھن جو غلط استعمال دنيا جو وڏي ۾ وڏو گناھہ آهي."
پڇيائينس "محبت جي باري ۾ ڇا خيال اٿوَ؟"
چيائين "محبت زندگي جو منشور آهي، جنھن کانسواءِ حياتيءَ جو تصور ئي ڌنڌلو آهي، محبت هڪ ڏيئو آهي جيڪو دل جي تاريڪ قبر کي هميشہ روشن رکي ٿو يا وري دل جي لھوءَ مان ٽڙيل سرخ گلابن جو گلدستو، جنھن جي سڳنڌ سرير ۾ سمائجي امرتا بخشي ڇڏيندي آهي. محبت ڪائنات جو گيت آهي جنھن کي اهي ئي پَرشَ ڪَنائيندا آهن جن جي روح ۾ ڳولا، اضطراب ۽ تڙپ هوندي آهي."
هن جون ڳالھيون، فڪر ۽ فلسفي سان ڀرپور..... پر سندس اهي سموريون ڳالھيون هاڻي کيس فضائن ۾ تحليل ٿيل محسوس ٿين ٿيون. ائين ٿو لڳيس ڄڻ هاڻي هن جي سوچن کي ڪنھن ذهن جي ڪال ڪوٺڙي ۾ سنگهر وجهي قيد ڪري ڇڏيو آهي. لفظَ بي وفا محبوب جيان کانئس رُسي ويا آهن..... ماڻھو سندس آواز جي گونج ٻڌڻ چاهين ٿا. هن کي چاهيندڙ سندس ڪردارن ۽ مڪالـمن جي حصار مان نہ ٿا نڪرڻ گهرن. پر هو تہ خود پاڻ کي پنھنجي ئي حصار ۾ جڪڙيل محسوس ڪري ٿو ۽ پنھنجي ڪنھن ڊرامي جو پيڙيل ڪردار ٿو ڀانئي پاڻ کي. هو هر لمحي پنھنجن گهٽيل احساسن کي اندر جي زندان مان آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر هر ڀيري ان حسرت کي پنھنجي اکين مان لڙڪن جي صورت ۾ وهائي ٿو ڇڏي. هو پل پل پنھنجي وجود کي ڪنھن گهري ڌٻڻ ۾ لھندي محسوس ڪري ٿو ۽ ڪجهہ ڪُڇي بہ نہ ٿو سگهي، ڇو تہ سندس چپن کي تالو لڳل آهي. جڏهن کان فالج جو اٽيڪ ٿيو اٿس تڏهن کان اظھار جا سمورا دڳ بند ٿي ويا اٿس. هن جي وجود جو اڌ حصو ان فالج جي اٽيڪ اڏوهيءَ جيان کائي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي. ها! زندگي جي ٽاريءَ کي سائو رکڻ لاءِ جسم جو باقي اڌ حصو ڪم ڪري رهيو اٿس.
هو، جيڪو سھارن کي عارضي ۽ رشتن کي ڪاغذي تصور ڪندو هو. اڄ پنھنجي ئي خيال تي پشيمان آهي. جيون جي هنن اذيت ناڪ لمحن ۾ سندس چند دوستن کان سواءِ هن جو ٻيو ڪو بہ نہ آهي.... عظمى جنھن سان هن روح جي اٿاھہ گهرائين سان محبت ڪئي هئي ۽ سندس نشيلن نيڻن جي سحر ۾ پاڻ کي گم ڪري ڇڏيو هو! ان جي وڇوڙي جي غم هن جي وجود کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو هو. زندگي ۽ ان جي رونقن تان اعتبار ئي کڄي ويو هوس، پر حياتيءَ جي تند کي ڇنڻ بجاءِ هن آهستي آهستي پنھنجي وجود کي وقت جي ناو حوالي ڪري ڇڏيو پر هاڻي کيس ماضي جون اهي سموريون يادون پل پل جهير ڏئي رهيون آهن.
سامھون ڀت تي لڳل خوبصورت وال ڪلاڪ ميوزڪ وڄائڻ شروع ڪئي آهي، رات جا ڏھہ ٿيا آهن. هي سندس چڪن ڪارن سوپ پيئڻ جو ٽائيم آهي پنھنجي هٿ کي سوري پريان رکيل گهنٽي جي بٽڻ کي دٻائي ٿو. ٿوري دير بعد ڪمري جو دروازو کولي نوڪر اچي سندس آڏو بيھي احترام سان چوي ٿو. "سر سوپ آڻيان؟" هو ڪنڌ کي آهستگيءَ سان هاڪار ۾ لوڏي ٿو. چند ئي لمحن ۾ نوڪر سوپ کڻي ڪمري ۾ حاضر ٿئي ٿو ۽ پوءِ ان مان چمچا ڀري آهستہ آهستہ کيس پئاريندو وڃي ٿو. ڪجهہ سوپ پيئڻ کان پوءِ نوڪر کي هٿ جي اشاري سان روڪي ٻاهر وڃڻ لاءِ چوي ٿو ۽ سوپ پيئڻ ڪري پنھنجي جسم ۾ گرمي محسوس ڪرڻ لڳي ٿو.
بيڊ سان اٽيچ ٽيبل جي هڪ پاسي ڪاري رات ۾ ليمپ جي جهيڻي روشني ڪمري کي اداسيءَ جو ويس پارائي ڇڏيو آهي. هر شيءِ ڌنڌلي ۽ ميرانجهڙي ٿي نظر اچي. هو ڪمري جي هر ننڍي وڏي شي تي نظر ڦيرائي وڃي ٿو، ڪتابن جي شيلف ۾ رکيل ڪتاب، رائيٽنگ ٽيبل تي ننڍڙي ليمپ، شوڪيس ۾ خوبصورت شو پيس، کيس مليل ايوارڊ، هڪ پاسي کان رکيل ٽي ــ وي ۽ ان جي مٿان گلدستو، ٽرالي ۾ پيل وي ــ سي ـــ ڊي، آڊيو وڊيو سي ڊيز هر شي پنھنجي پنھنجي جڳھہ تي ڏسي ٿو. پاڻ کي صحيح جاءِ تي نہ ڏسي اُٿڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر ناڪام.
کن پل لاءِ اکيون پوري سوچن جي صحرا ۾ ڀٽڪي وڃي ٿو. پنھنجي چوڌاري ڪيئي ماڻھو ڏسي ٿو، کيس چاهيندڙ ماڻھو. ڪي هن کان آٽوگراف پيا وٺن تہ ڪي وري سوکڙيون پيا ڏين. انھن مان هڪ آرٽسٽ خوبصورت فريم ۾ بند ٿيل هڪ پينٽنگ ڏيندي چويس ٿو.
"ڪافي ڏينھن پيڙا ڀوڳڻ کانپوءِ مون هي پينٽنگ مڪمل ڪئي آهي. اوهان کي ان ڪري پيش ڪري رهيو آهيان تہ ھھڙين شين جو فقط اوهان جھڙن تخليقڪارن وٽ ئي قدر هوندو آهي. مون کي پڪ آهي تہ توهان منھنجي دل جي لھو، احساس ۽ پيڙا کي هنAbstract تصوير ۾ ضرور محسوس ڪندﺂ. ڇو تہ جيون بہ خود هڪ Abstract art ئي تہ آهي."
هن جون اکيون کلي وڃن ٿيون، ڪنڌ کي آهستگيءَ سان کٻي پاسي لاڙي ٿو، سامھون ڀت تي ٽنگيل ساڳي خوبصورت فريم ۾ بند ٿيل تصوير ۾ اکيون اٽڪائي ٿو ڇڏي.... وري ياد ٿو اچيس.....
آرٽسٽ کي Thanks چئي تصوير وٺي گهر اچي جڏهن کولي ڏٺي هئائين تہ ڏاڍي چڙ آئي هئس ۽ ائين پئي لڳس ڄڻ آرٽسٽ ساڻس ڪا ڪـُڌي مذاق ڪئي هجي.
"هي بہ ڪا تصوير آهي، هون!" هٿ ۾ جهليل تصوير کي بيڊ تي اڇلائيندي چيو هئائين "ماڻھو ٺاهيو اٿئين جو پيو ڊيڄاري ٿو..... اف هي تہ ڪو وحشي ٿو لڳي، ڏند تہ ڪيڏا ٻاهر نڪتل اٿس، ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ واڇون چيريل هجنس ۽ اکين مان تارا نڪتل." ڪوٽ جا بٽڻ کولي لاهي هينگر ۾ وجهندي چيو هئائين "هن آرٽسٽ کي دنيا ۾ ڪو حسن ئي نظر نٿو اچي جو هن بدصورت انسان جي تصوير ٺاهي اٿائين، جنھن کي ڏسندي ئي ڀوِّ ٿو ٿئي، هن جي بجاءِ ڪنھن نازنين جو حسين چھرو ٺاهي فريم ۾ مڙهي ها تہ ڪيڏو نہ سندر لڳي ها." بيڊ جي ڀرسان ڪرسيءَ تي ويھي جهڪي بوٽ جون ڪَنھيون کوليندي تصوير جي فريم کي ڏسندي چيو هئائين "ايڏي بي ڊولي تصوير لاءِ ڪيڏو تہ خوبصورت فريم سيڙايو اٿائين پاڳل....." پينٽ مان بيلٽ ڪڍيو هيائين تہ دروازي تي ناڪ ٿي هئي “yes” چوڻ تي سندس گهاٽو دوست فريد اندر گهڙي آيو هو.
"يار ناڪنگ جي ڪھڙي ضرورت هئي..... هليو اچين ها، اچ ويھہ." صوفي تي ويھڻ جو اشارو ڏيندي چيو هئائينس.
فريد بيڊ تي رکيل تصوير ڏانھن گهوري ڪجهہ مرڪندي چيو هو "هي ڇا رکيو اٿئي؟"
"بس سائين...." ٿڌو ساھہ ڀريندي چيو هيائين "گفٽ آهي!"
"ڪنھن ڏنئي؟"
"انھيءَ آرٽسٽ جنھن اها تصوير ٺاهي آ، نالو لکيل اٿئيس ڪُنڊ تي."
فريد تصوير کڻي چپن ۾ نالو پڙهيو هو "رضوان." هڪ دفعو ٻيھر تصوير کي گهوريندي چيو هيائينس "پوءِ ڪٿي هڻندين هي تصوير؟"
"نہ بابا.... تون سمجهين ٿو تہ مان هيءَ تصوير پنھنجي گهر ۾ هڻندس! مون تہ سوچيو آهي هن جي خوبصورت فريم ۾ ٻي ڪا سھڻي تصوير سجائيندس."
"نہ يار اها زيادتي آهي، هن آرٽسٽ نھايت محبت سان توکي هي تصوير ڏني آهي. گهر جي ڪنھن نہ ڪنھن ڪنڊ ۾ ضرور لڳاءِ، ڇو تہ سوکڙي ڪھڙي بہ هجي ان جي پنھنجي اهميت هوندي آهي...."
"چڱو يار هاڻي ليڪچر نہ ڏئي ڪٿي نہ ڪٿي لڳائي ڇڏيندس."
هاڻي هن جون نگاهون نھايت باريڪي سان ان چتر ۾ چٽيل ماڻھو جي چھري ۾ گم ٿي ويون آهن، هن جا نرڙ وٽان کٿل وار، ڇڪيل ڪاريون ڀِرون ٿلھو نڪ ۽ ها! اکيون جن مان تارا نڪتل آهن، ڏسڻ کانپوءِ هن جون نظرون سندس ٽيڏن ڦڏن ڏندن، ڪٽيل چپن ۽ چچريل واڇن تي پون ٿيون. جنھن تي هو ڇرڪي ٿو پوي. هاڻي هو ماڻھو، جي سڄي چھري ۾ چتائي ڏسي ٿو، جنھن تي ڳاڙها، نيلا، پيلا، ساوا رنگ بي ترتيب وکريل آهن.... ڪجهہ گهڙيون اڃا تصوير ۾ اکيون اٽڪائي رکي ٿو. هاڻي سندس تارا ڦاٽندا وڃن ٿا.... هن کي ان ماڻھوءَ جي چھري ۾ لڪل اصل پيڙا، نظر اچي وڃي ٿي. ان ماڻھوءَ جي چھري تي ڦھليل رنگَ سندس پريشانين ۽ ڳنڀير مسئلن جا بدزيبا رنگ ٿا لڳن، هن جا کُٿل وار، ڇڪيل ڀرون ۽ تارن نڪتل اکيون کيس زماني پاران مليل اذيتن جا نشان ٿا ڀاسن ۽ ها! سندس ڪٽيل چپن ۽ چچريل واڇن تي نظر پوندي ئي هن جو ڌيان هڪ پاسي ڇڪيل پنھنجي واڇ ڏانھن هليو وڃي ٿو. کيس ائين ٿو لڳي ڄڻ ڀت تي لڳل تصوير هن جي پنھنجي ئي تصوير هجي. هن کي ماڻھو جي مک ۾ لڪل سمورين پيڙائن جون ريکائون چٽيون ٿيون نظر اچن. هن جون اذيتون ۽ درد سندس سامھون صاف صاف ٿي بيٺا آهن. هو پنھنجو جسم ٿڙڪندي محسوس ڪري ٿو ۽ چَپَ کولي ڪجهہ چوڻ چاهي ٿو پر نڙي ۾ ڄڻ ٿوهر جا ڪنڊا ٿا لڳنس.
ڪجهہ گرم لڙڪ هن جي اکين مان نڪري ويھاڻي ۾ جذب ٿي ويا آهن. پنھنجي کاٻي پاسي ڏانھن رکيل ٽيبل تان پيڊ ۾ ڦاٿل ڪجهہ اڇا پنا ۽ پين کڻي پنھنجي سامھون ڪري ٿو ۽ چاهي ٿو پنھنجي زندگي جي هڪ يادگار لکڻي سرجڻ. قلم پنھنجي ساڄي فالج زده هٿ ۾ پڪڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿو... پر سندس هٿ ۾ سگهہ نہ هجڻ ڪري قلم بار بار بيڊ تي ٿو ڪري. هو پنھنجي بي وسي تي لڙڪ لاڙي ٿو. کيس ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ سندس ذهن جي ساگر ۾ اٿندڙ خيالن جي تيز ڇولين جي آڏو ڪنھن وڏو ۽ مضبوط بند ٻڌي ڇڏيو هجي. هو پنھنجي چاهيندڙ کي ڪو ڊگهو ليڪچر ڏيڻ ٿو چاهي، پر سندس اها آس بہ من ئي من ۾ دٻجي ٿي وڃي. هو واڪا ڪري پنھنجي من جي پيڙا ٻاهر ڪڍڻ ٿو گهري پر ائين بہ نٿو ڪري سگهي، ڇو تہ سندس زبان تي تالو لڳل آهي. اندر ئي اندر ۾ سڏڪا ڀرڻ لڳي ٿو ۽ سندس من ۾ "پيڙا جو پڙلاءُ" پيو گونجندو رهي ٿو.

نيڻن جي ساغر ۾

ٽيڪسيءَ مان لھي پنھنجي بيگ ڪلھي ۾ وجهي، جينز جي کيسي مان پنجاھہ روپيا ڪڍي ٽيڪسي واري کي ڏنا. گهڙيءَ ۾ ٽائيم ڏٺم اٺن ۾ پنج منٽ هئا، اجري صبح جي سجَ جا ڪرڻا بدن جو ٿَڪُ لاهي رهيا هئا.
ڪراچي کان لاڙڪاڻي وڃڻ واري ڪوچ اڃا سي بريز تي ڪونہ پھتي هئي، مان اسٽينڊ جي بلڪل سامھون پٺاڻ جي جهوپي نـما هوٽل تي وڃي ويٺس، ڇو تہ ڪوچ پھچڻ ۾ اڃا پنج منٽ هئا ۽ پتو هيو تہ پاڪستاني ٽائيم موجب ڏھہ پندرنھن منٽ ضرور ليٽ هلندي، ان ڪري اتي ئي ناشتي ڪرڻ جو ارادو ڪيو، لالي کي آمليٽ چانھہ ۽ پراٺي جو آرڊر ڏنم، چند ئي گهڙين ۾ هو گرم گرم مکيل پراٺا، چانھن ۽ آمليٽ کڻي حاضر ٿيو. مونکي گرم ۽ مکيل پراٺي سان ناشتو ڏاڍو مزو ڏيندو آهي. انھيءَ ڪري مزي مزي سان کائيندو رهيس، منھنجو ناشتو جاري ئي هيو تہ ڪوچ پھچندي پنھنجي اچڻ جو اعلان هڪ وڏي هارن سان ڪيو. مان ناشتو پورو ڪري پنھنجي بيگ لاڙڪاڻي واري خاني ۾ رکائي ڪوچ ۾ چڙهيس. اي ــ سيءَ جي ڪولنگ ذهن ۽ جسم کي فرحت ڏئي ڇڏي. مان پنھنجي ٽڪيٽ ڏسي چوڏهن نمبر سٽ تي وڃي ويھي رهيس. ان وقت منھنجي واچ ۾ اٺ وڄي ست منٽ ٿيا هئا. مان دل ۾ حساب ڪري رهيو هوس تہ جيڪڏهن نائين وڳي ڪوچ ٽول پلازه ڪراس ڪري تہ پنجين وڳي لاڙڪاڻي پھچائيندي. منھنجون اکيون شيشي کان ٻاهر موبل هاريل ڪاري روڊ تي کتل هيون.
ڊرائيور پنھنجي سيٽ سنڀالي ٻہ ٽي زوردار هارن ڏنا. ڪنڊيڪٽر ڪوچ جي در تان بيھي ان ڪوچ جي ماڻھن کي سڏيو. ڪجهہ ماڻھو ڪوچ ۾ اڳ ئي ويٺا هئا ۽ باقي رهيل ڪجهہ نوجوان، ٻار، مايون ۽ پوڙها، ڪنڊيڪٽر جي سڏ کان پوءِ اچي پنھنجي سيٽن تي ويٺا. مان شيشي واري پاسي ڏانھن ويٺو هوس ۽ منھنجي ڀر واري سيٽ اڃان خالي هئي. مون پنھنجي سيٽ کان ٿورو مٿي اٿي گاڏي ۾ پوئتي نظر ڦيرائي تہ مون کي تمام گهٽ ماڻھو نظر آيا. سوچيو شايد اهو ان جي ڪري آهي تہ ٻہ اسٽاپ اڃا اڳتي آهن. ڊرائيور سگريٽ دکائي ڪوچ هلائڻ شروع ڪئي.
ڪراچي جي ويڪرن روڊن تي گاڏين جو سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو هو. هر ڪو هڪ ٻئي کان اڳ ڪڍڻ جي چڪر ۾ هو، ڇو تہ صبح جو هر ڪو پنھنجين آفيسن ۽ ڌنڌن تي پھچڻ جي جلدي ۾ هوندو آهي. سوچڻ لڳس ڪيڏي نہ مصروف آهي ڪراچي جي زندگي، ڪيئن نہ هر ڪو پريشان حال آهي. جس آهي هتان جي ماڻھن کي جيڪي وقت جي رفتار سان هلڻ جا عادي ٿي ويا آهن. ڪيڏو نہ فرق آهي اسان جي ڳوٺاڻي زندگي ۽ هتان جي لائيف ۾. خبر ناهي اسان جا ماڻھو رڇ ڪتي جي ويڙھہ ۽ تترن جو شوق ڪڏهن ڇڏيندا....‍‍‍‍!
سامھون ريڊ سگنل جي ڪري سموري ٽريفڪ رڪجي وئي. مون دل ۾ چيو بس انھيءَ سگنل ريڊ ٿيڻ کانپوءِ شايد وقت جو تيز رفتار گهوڙو هتان جي ماڻھو کان اڳ ڪڍي ٿو وڃي ڇو تہ وقت ڪنھن بہ سگنل جو محتاج نہ هوندو آهي ۽ ها‍!‌ سگنل گرين ٿيڻ تي وري هو سندس تعاقب ڪن ٿا. سگنل گرين ٿيو تہ اسان جي ڊرائيور گيئر مٽائي گاڏي اڳتي هلائڻ شروع ڪئي. مختلف رنگن واريون ننڍيون وڏيون گاڏيون ۽ بسون اسان کي ڪراس ڪنديون رهيون ۽ ڪن کي وري اسان جي ڪوچ پوئتي ڇڏيندي آئي، ڏهن منٽن جي پنڌ کانپوءِ اسان جي گاڏي پنھنجي لياقت آباد واري اسٽاپ تي پھتي.
مون پنھنجي سيٽ سان ٽيڪ لڳائي چند گهڙين لاءِ اکيون پوري ڇڏيون. سوچن جا بادل ذهن مٿان وسي پيا ۽ ڳالھائڻ لڳس دل ئي دل ۾ پنھنجو پاڻ سان.
اڄ بہ امڙ هميشہ وانگر منھنجو انتظار ڪندي هوندي سندس گهر جي در ۾ نظر هوندي. جي ٿوري دير ٿي ويندي تہ من ۾ هزارين وسوسا جاڳندس، "خبر ناهي ڇو ايڏي دير ڪئي اٿائين؟ خدا خير ڪري" مان کيس ٽيليفون تي ٻڌائي ڇڏيو آهي تہ آئون اڄ ايندس. هن کي پڪ انتظار هوندو. منھنجي پھچڻ سان سندس اوسيئڙو ختم ٿيندو ۽ منھنجو مرڪي آڌر ڀاءُ ڪري پنھنجي مامتا جي محبت کي منھنجي نرڙ تي ڏنل مٺي ۾ اوتي ڇڏيندي. مان هميشہ وانگر ساڻس پيرين پئي ملندس، جڏهن سفر جو ٿڪ لھندو تہ امڙ منھنجي ڀر ۾ اچي کٽ جي ٻانھينءَ تي ويھندي. ڪجهہ ڳنڀير ٿيندي منھنجي شادي جي ڳالھہ کوليندي. "ابا هاڻي تہ اچي ٽيھن جي پيٽي ۾ پيو آن، وارن ۾ اڇا پوڻ لڳا اٿئي، منھنجي الائي ڇا حياتي، مان پنھنجي جيئري تنھنجي ڪنوار کي سيج پلنگ تي ڏسندس تہ منھنجو هيانءُ ٺري پوندو. هاڻي تہ خيرن سان اٺن هزارن واري نوڪري بہ ملي وئي اٿئي.
مان سدائين جيان سندس ڳالھہ گول ڪري ويندس. "امان خانگي نوڪري آهي، توکي خبر آهي تہ ڪراچي جي خرچن ۾ اٺ هزار ڪٿي ٿا پورا پون. مان توهان جي ڪا خاص خدمت نہ ٿو ڪري سگهان. جي ٻني جا ٻہ ٻارا نہ هجن ها تہ گهر جو گذارو ئي نہ ٿي سگهي ها. ماما کي شابس آهي جو توکي ۽ زبير (ڀاءُ) کي پنھنجي هن گهر ۾ عزت ٿا ڏين، امان تون دعا ڪر مونکي ڪا ڀلي نوڪري ملي وڃي پوءِ تنھنجي اها آس ضرور پوري ڪندس."
گاڏي تيز هارن ڏنو هلڪي ڇرڪ سان منھنجون اکيون کلي ويون. اسٽاپ تان ڪافي ماڻھو گاڏي ۾ چڙهي چڪا هئا، پر منھنجي ڀر واري سيٽ اڃا ساڳي طرح خالي هئي. اوچتو منھنجي نظر پنھنجي کاٻي پاسي ڏانھن سامھون واري سيٽ ڏانھن کڄي وئي ۽ اتي ئي ڄمي وئي. ها هوءَ منھنجي نظر جو محور بڻجي وئي. هن جي نظرن ۾ عجيب ڪشش هئي. پل اپل مون ڏي ڏسي پنھنجي نظر شيشي جي پويان اڇلي ڇڏيائين. الا جي ڇو هن کي ڏسي منھنجي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي وئي. منھنجو من مھڪي پيو. هوءَ شيشي واري پاسي ڏانھن هئي ۽ سندس اوريان تقريبن پنجاھہ سالن جو هڪ شخص ويٺو هو. هن جي جمال مان جوڀن جهاتيون پائي رهيو هو. پھريون ڀيرو ڪنھن نازنين کي ڏسندي مون پنھنجو پاڻ کي اندر ئي اندر ۾ ٻھڪندي محسوس ڪيو هو.
ڊرائيور هڪ دفعو ٻيھر هارن ڏنو ۽ ڪوچ جي سائيڊ کان لڳل شيشي مان ڏسندي گاڏي کي ڦيرائي سڌو ڪري وري ويڪري روڊ تي هلائڻ لڳو. منھنجي نظر شيشي کان ٻاهر مختلف دڪانن تان ڦرندي ٿي رهي. پر ذهن ۾ هن کي هڪ دفعو ٻيھر ڏسڻ جي تڙپ هئي. هڪڙي نظر ۾ منھنجي ذهن ۾ سندس چھرو نقش نہ ٿي سگهيو هو. هن جي مُکَ جو ڌنڌلو ڌنڌلو عڪس منھنجي نيڻن ۾ سندس حسن جا اولڙا ٺاهيندو ٿي ويو، جيڪي دل کي هن سان نظرون چار ڪرڻ لاءِ هرکائي رهيا هئا، مان سڌو ٿي وري کاٻي پاسي نھارڻ لڳس. هن جي اوريان ويٺل شخص مون ڏانھن ڏٺو مون بہ کيس تڪي منھن ڦيري ڇڏيو ۽ منھنجون نظرون هن تائين نہ پھچي سگهيون. مون کي اهو شخص منھنجي دل جي حسرتن جو قاتل لڳو، منھنجي من جي لوڇ وڌندي رهي.
ڪوچَ کان ٻاهر موسم ڏاڍي چنچل هئي، پر منھنجي اندر جي موسم اوچتو ئي اوچتو اداس ٿي وئي. پل پڄاڻان اها اداسي پريشانيءَ ۾ مَٽجي وئي. مون کي ڪجهہ بہ سمجهہ ۾ نہ پئي آيو تہ منھنجي مٿان ڇا گذري رهيو آهي.
ڪوچ سھراب ڳوٺ تي پھچندي آهستي ٿيڻ لڳي. مون کي پڪ هئي تہ هاڻي منھنجي ڀر واري سيٽ تي بہ ضرور ڪونہ ڪو پيسنجر ويھندو، گاڏي بيھندي ئي ان ۾ هلچل پيدا ٿي وئي. ڪجهہ ماڻھو هيٺ لھي ويا ۽ ڪي پنھنجون سيٽون سنڀالڻ لاءِ اندر چڙهي آيا. هڪ پوڙهو ڪولنگ رولرس جي مٿان لکيل نمبر ڏسندو تيرهين نمبر تي نظرون کپائي منھنجي ڀرسان ويھي رهيو. سندس مٿي تي ترڪي ٽوپي ۽ هٿ ۾ ونگوڙي واري لٺ هئي. هو قد جو ڊگهو ۽ هڏڪاٺ جو پورو پنو هو. جيئن ئي ڀرسان ويٺو تہ منھنجي من جي مونجهہ اڃان وڌي وئي. سوچيم منھنجون نظرون ٻہ پھاڙ سر ڪيئن ڪنديون؟
"پٽ توهان جو نالو ڇاهي؟" پوڙهي مون کان اوچتو سوال ڪيو.
"حمير احمد" چيومانس "چاچا توهان ڪٿي لھندو" ذهن ۾ سوچيل سوال تڪڙ ۾ زبان تان ترڪي ويو. هو منھنجي اندر جي ڪيفيت محسوس ڪري ها تہ شايد منھنجي سوال تي کيس غصو اچي ها.
"مان ميھڙ ۾ لھندس پٽ."
"مان لاڙڪاڻي جو آهيان." آئون کيس سوال ڪرڻ جي زحمت نہ ڏني.
"ڏاڍو سٺو. ڏاڍو سٺو. پٽ مان هڪڙي منٽ ۾ هيٺان ٿي اچان ٿو، پوءِ ڪچھري ڪنداسين."
پريشاني مان مون منھن ۾ گهنج وڌو، پر پوڙهي ان کي محسوس نہ ڪيو.
هن حسينہ جي اوريان ويٺل شخص پوڙهي جي پٺيان ئي گاڏي مان ٻاهر نڪري ويو. کيس ڇا چئي اٿي ويو، اهو آئون ٻڌي نہ سگهيس. هنن ٻنھي جي اٿي وڃڻ کانپوءِ ڄڻ منھنجي من جي مونجهہ ختم ٿي وئي. مان پنھنجي سيٽ کان ٿورو اورتي سُري وري هن ڏانھن گهورڻ لڳس ۽ ها هن بہ منھنجي نيڻن ۾ نيڻ اٽڪائي ڇڏيا. هن جي نيڻن ۾ چمڪ ۽ لبن تي مرڪ اچي وئي. مان حيرت جي سمنڊ ۾ ٻڏي ويس، ڇو تہ مونکي اميد نہ هئي تہ هوءَ منھنجي پيار ڀرين نظرن جو جواب ايڏي پيار سان ڏيندي. مون سمجهو هو، هوءَ مون ڏي هڪ شوخ نگاھہ سان ڏسي، غصي ۾ منھن ڦيري ڇڏيندي. هن جي مرڪ منھنجي بيقرار دل کي قرار ڏئي ڇڏيو ۽ اندر جي دنيا ڏاڍي حسين ٿي پئي. دل چيو جيڪر هن جي ڀرواري خالي سيٽ تي ويھي سڄو سفر ساڻس روح رهاڻيون ڪريان پر..... ائين ممڪن ڪٿي هو!
هن منھنجي روح ۾ پنھنجي مرڪ جي چاشني اوتي هڪ خاص ادا سان پنھنجون نظرون هيٺ جهڪائي ڇڏيون سندس چپن تي مرڪ جا پوپٽ اڃان تائين رقص ڪري رهيا هئا.
ٻاهر ويل شخص واپس هن جي ڀرسان اچي ويھي رهيو. پوڙهي بہ منھنجي ڀر ۾ ويھندي صلوات پڙهڻ شروع ڪئي ۽ ڊرائيور گاڏي اسٽارٽ ڪندي اڳتي هلائڻ لڳو. ڪوچ ڪراچي جون رونقون ڇڏي ٽول پلازه تائين پھتو تہ منھنجي گهڙي ۾ نو وڄي سترهن منٽ ٿيا هئا. نيڻن ۾ اڃا هن نازنين جي نيڻن جو نشو اوتيل هو. هن جون گهريون نيريون اکيون جن ۾ مون کي بي پناھہ پيار نظر آيو ۽ گلابي چپ جن جي مرڪ هن جي چھري جي رونقن ۾ اضافو آڻي ڇڏيو هو، منھنجي ذهن تي طاري هئا.
"پٽ توهان ڇا ڪندا آهيو؟" پوڙهي ڪافي وقت کان پوءِ مونکان سوال ڪيو، ڇو تہ هو اهو وقت تسبيح جا ڪڻان سوريندي چپن ۾ ڪجهہ پڙهي رهيو هو.
"چاچا مون کي ڪراچي ۾ خانگي نوڪري آهي. ايم اي پاس آهيان. شادي ناهي ٿيل." مون سندس هڪ سوال جا ٽي جواب ان ڪري ڏنا جيئن هو مون کان ڪو وڌيڪ سوال نہ ڪري، پر هو نہ مڙيو چيائين "پٽ تون اڃا شادي نہ ڪئي آ؟"
بي رخي سان چيو مانس "چاچا مون کي مٿي ۾ سور آهي."
"هان پٽ مون وٽ هڪ ڦڪي آهي...." هن پنھنجي پھرياڻ جي کيسي ۾ هٿ وڌو مون سندس جملو اڌ ۾ ڪٽيندي چيو "مونکي توهان جي اها ڦڪي ڪو اثر نہ ڪندي منھنجو سور ٻي قسم جو آهي."
"پٽ سور ڪھڙي بہ قسم جوهجي پر هن ڦڪي ۾ ....."
مونکي سندس ڳالھائڻ تي غصو اچي رهيو هو "چاچا مون کي ڪجهہ سيءُ بہ ٿو ٿئي شايد بخار بہ آهي." مون کيس ٻيھر بہ ڳالھہ پوري ڪرڻ نہ ڏني، توهان جي پاسي ڏانھن ٿڌ گهٽ آهي، توهان منھنجي پاسي ڏانھن ٿي ويھندو؟"
چيائين "ها ها پٽ ڇو نہ."
ڪوچ پنھنجي رفتار سان هلي رهي هئي. اسان پنھنجون سيٽون تبديل ڪيون سين تہ ڪجهہ ماڻھو اسان ڏانھن متوجھہ ٿيا. پوڙهو منھنجي بي رخي يا طبيعت جي ناسازي کي محسوس ڪندي خاموش ٿي ويو ۽ وري کيسي مان تسبيح ڪڍيائين. مون کي ائين لڳو ڄڻ مان پنھنجي منزل ڏانھن وڌڻ لاءِ پھرين وک کڻڻ ۾ ڪامياب ويو هوس. مون هڪ ئي وک سان هڪ جبل سر ڪيو هو پر منھنجي آڏو اڃا هڪ پھاڙ موجود هو. ٽيڏي اک سان ان ڏي ڏٺو مون کي اهو پھاڙ بلڪل خاموش لڳو ڄڻ سندس اندر ۾ ڪو لاوا ئي نہ هئو، ها! هو گھري ننڊ جي هنج ۾ وڃي چڪو هو ۽ هوءَ شيشي کان ٻاهر آڏا ٽيڏا جبل ۽ ڪشادا ميدان ڏسي رهي هئي. مان هن کي پاڻ ڏانھن متوجھہ ڪرڻ لاءِ ڪا ترڪيب سوچي ئي رهيو هوس جو هن هڪ دفعو ٻيھر مون تي پنھنجي گهور جو ڄار اڇلائي ڇڏيو. مان ان ڄار ۾ ڦاسي ويس پر ڦٿڪي ان مان نڪرڻ نہ پئي گهريو، لطيف جو بـيت من ۾ پڙاڏو بڻجي گونجيو. "اکين ۾ ٿي ويھہ تہ آنءُ واري ڍڪيان، توکي ڏسي نہ ڏيھہ آنءُ نہ پسان ڪي ٻيو."
گاڏي حيدرآباد جي روڊن تي گهمڻ لڳي ۽ اسان کي وقت گذرڻ جو احساس ئي نہ ٿيو. ان وچ ۾ اسين اکين ئي اکين ۾ هڪ ٻي سان الاجي ڪيڏيون رهاڻيون ڪيون هيون ۽ آس پاس جي ماحول کان بلڪل بي خبر هڪ ٻئي ۾ گم ٿي ويا هئاسين. مان ائين ڪنھن جي گهورن جو گهايل ٿي ويندس، ڪڏهن سوچيو بہ نہ هو. ڪنڌ ورائي پنھنجي ڀر واري پوڙهي ڏانھن ڏٺو جيڪو ڪجهہ کائي رهيو هو. ڏهن منٽن جي وقفي کان پوءِ گاڏي وري پنھنجي اڳين منزل ڏانھن ڊوڙڻ لڳي.
حيدرآباد اسٽاپ تي هن جي ڀرسان ويٺل شخص هڪ دفعو ٻيھر هيٺ لھي ويو هو، ان دفعي منھنجو ان شخص ڏانھن مڪمل توجھہ هو، ان هن سان ڪجهہ نہ ڳالھايو ۽ هيٺان ٿي واپس اچي هن سان گڏجي ويٺو. مون کي اهو ماڻھو ڏاڍو رکو لڳو. گاڏي هالا، نيو سعيدآباد ۽ سڪرنڊ ڪراس ڪري آئي، ان وچ ۾ آئون هن سان نظرون نہ ملائي سگهيس، ڇو تہ هن جي ڀر وارو شخص جاڳي رهيو هو، جڏهن هن جي اکين تي وري ننڊ جو کيپ چڙهيو تہ مان وري هن حسينا جي مک ۾ گهورڻ لڳس. هن هڪ ئي نظر سان منھنجي دل کسي ورتي هئي. منھنجي من ۾ محبت جي چڻنگ دُکي پئي هئي..... سوچڻ لڳس گهر پھچڻ کانپوءِ جڏهن امڙ شادي جي ڳالھہ چوريندي تہ چوندومانس "ها! امان مان تنھنجي اميد جلد ئي پوري ڪندس، توکي شھزادين جھڙي نھن آڻي ڏيندس." اهو سوچيندي مون پنھنجا سڀ مسئلا نظر انداز ڪري ڇڏيا. گاڏي سڪرنڊ ۽ قاضي احمد کان ٿيندي موري تائين پڳي. منھنجي گهڙي ۾ پوڻا ٽي ٿيا هئا، منجهند جي ماني جي وقفي لاءِ گاڏي هڪ هوٽل جي ڀرسان اچي بيٺي، هوءَ پنھنجي ڀر ۾ ويٺل شخص سان گڏ لھي وئي، مان سندس هٿ پڪڙي چمڻ ٿي چاهيو پر اها همت نہ ٿي سگهي. آئون بہ هيٺ لھي ويس. موري جي موسم ۾ عجيب رومانس ڀرجي آيو. گهاٽو جهڙ سج جي ڪرڻن اڳيان ديوار بڻجي بيھي رهيو. تيز هوا ڪنن ۾ زوزٽ ڪري رهي هئي. اها حسين موسم من ۾ جلترنگ ڇيڙي رهي هئي. ماني کائي سڀ مسافر گاڏي ۾ چڙهيا، ڊرائيور ڪوچ ميدان مان ڦيرائي روڊ تي آندي، هيڏي ساري سفر ۾ پھريون دفعو هن ڪئسٽ وڄائي، ڪنن سان آواز ٽڪرايو "شام جو هي پھر نانءِ اسان جي ڪيو" منھنجي من ۾ ڪتڪتائي نڪتي. شيشي کان ٻاهر ڏٺم تيز هوا تي وڻن جون شاخون جهومي رهيون هيون. مون کي پڪ هئي، هن جي دل بہ جهومندي هوندي اهي ٻول ٻڌي. دادو، خيرپور ناٿن شاھہ کان ٿيندي ڪوچ ميھڙ ۾ بريڪ ڏني. منھنجي ڀر ۾ ويٺل پوڙهو مون کان موڪلائي پنھنجي ونگوڙي واري لٺ کڻي هيٺ لٿو. ڊرائيور، گاڏي جي گيئر مٽائي اڳتي هلائڻ لڳو. هوءَ پنھنجي پرس کولي ان مان ڪجهہ ڪڍڻ لڳي، منھنجون نظرون هن ۾ کُتل هيون ۽ سندس ڀرسان وارو شخص ننڊ جي ديوي جي هنج ۾ هو. هن پنھنجي پرس مان قلم ۽ ڪاغذ ڪڍيو. مونکي پڪ هئي تہ ان تي منھنجي لاءِ ئي ڪجهہ لکندي. گاڏي جي رفتار ڪافي تيز هئي. مون شيشي مان ڏٺو روڊ جي ڀرسان وارا وڻ تيزي سان پوئتي هٽندا ٿي ويا. هن ڪاغذ جي ٽڪري تي ڪجهہ لکي قلم بند ڪيو. گاڏي وڳڻ ڪراس ڪري چڪي هئي. مون هن جي چھري تي خوشي ۽ ڳنڀيرتا جو گڏيل تاثر محسوس ڪيو. پنو وڪوڙي مون ڏانھن اڇلي ڇڏيائين.
مون پنو کڻي کولڻ کان اڳ ۾ پنھنجي دل ۾ سوچيو ان ۾ پڪ لکيل هوندو "مونکي توسان پيار ٿي ويو آهي، تون مون کي پسند آهين، اسين ٻئي ڪڏهن بہ هڪ ٻئي کان جدا نہ ٿينداسين." پنو کولي پڙهڻ شروع ڪيو لکيل هو "منھنجي ڀر وارو شخص منھنجو مامو آهي. مان لاڙڪاڻي ۾ رهندي آهيان. توهان پھريان شخص آهيو جنھن منھنجي دل جي تار کي ڇيڙيو آهي، اوهان جو ساٿ مان پنھنجي زندگي سمجهنديس پر خبر ناهي اوهان مون کي قبول ڪندا الائي نہ." مون اڳتي پڙهڻ شروع "ڇو تہ مان گونگي آهيان."
آخري جملو پڙهڻ سان منھنجي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي، نرڙ تي پگهر اچي ويو ۽ ذهن جي سمورين سندر سوچن جو وهڪرو بند ٿي ويو. اڳتي لکيل هيو. "پني جي ٻي پاسي ڏانھن اوهان جي قبوليت جي جواب کي مان پنھنجي جيون جي رنگين سفر جو آغاز سمجهنديس."
گاڏي پنھنجي رفتار سان هلندي رهي ۽ منھنجي ذهن ۾ ڪشمڪش وڌندي رهي. هن جي اکين ۾ اوسيئڙو هو منھنجي جواب جو. مان اندر ئي اندر ۾ کامي رهيو هوس. زندگي جي ساگر ۾ پل ٻڏي پل تري رهيو هوس. مون کي ڪجهہ بہ سمجهہ ۾ نہ آيو تہ ڇا ڪرڻ کپي. گاڏي لاڙڪاڻي شھر ۾ داخل ٿي چڪي هئي.
هن جي چٺي پڙهي منھنجو ذهن الجهي ويو هو، هن جي معصوم چھري، دلربا مرڪ ۽ گهور جي نشي منھنجي دل کي تڙپائي وڌو هو. مون هن ڏانھن ڏٺو سندس لبن تان مرڪ اڏامي چڪي هئي. دل ۾ آيو مان ڪنھن حسين پر خاموش بت سان سڄو جيون نہ ٿو گهاري سگهان. پل پڄاڻان وري پنھنجي ئي خيال کي رد ڪيم. قلم کولي ڪاغذ تي ڪجهہ لکڻ پئي چاهيو، پر سوچون امڙ جي اميدن جي صحرا ۾ ڀٽڪي ويون. ڪجهہ لکي نہ سگهيس. گاڏي پنھنجي آخري اسٽاپ تي بريڪ ڏني. مسافر لھڻ لڳا مان پنھنجي سيٽ تي ڄمي ويس. هوءَ بہ پنھنجي مامي سان گڏ سيٽ تان اٿي وڃڻ لڳي. مون سندس نيڻ جي ساغر ۾ آخري دفعو جهاتي پاتي جن ۾ لڙڪن جو درياءُ سمايل هو.

سودو

هن جو پنجاھہ هزارن ۾ سودو ٿيو...... نہ نہ....... ڪنھن مينھن ڳئون يا رڍ جو نہ پر هڪ سيبتي ۽ سلڇڻي نينگريءَ جو........ هن وٽ سونھن، سيرت، جوڀن، جواني سڀ ڪجهہ ئي تہ هيو، ها غربت جي چڪيءَ ۾ پيسجڻ جي ڪري هن وٽ فقط دولت جي ڪمي هئي. ستر سالن جي پوڙهي ساڻس شادي رچائي هن جي جوڀن جي ڪيتري نہ ٿورڙي قيمت لڳائي هئي!!

آزادي

وڏي حويلي جي وڏين ديوارن اندر قيد ٿيل جوان ناري گهري خاموش کانپوءِ پنھنجي اکين مان وهي آيل لڙڪن کي اُگهي پنھنجا خشڪ لب کولي چيو! "مون کان منھنجي آزادي ڪو بہ نہ ٿو کسي سگهي. ها! مونکي خواب ڏسڻ جي آزادي آهي."

بي سڪون خواب جو سچ

موت جا وحشي ڏند انسانيت جي ڳلي ۾ کتل آهن، ڌرتي رت سان ريٽي آهي، هر طرف بارود جي بوءِ ۽ دونھون آهي ۽ انھيءَ دونھين ۾ آڪاش هيٺيان اڏندڙ اجرا پکي بہ ميرا ٿي ويا آهن. هر طرف دانھون ۽ ڪيھون، لڙڪ ۽ سڏڪا، ٻارن جون زيلون، زخمي بدن، اجڙيل چمن، دک ۽ درد بي انت، ڇيھون ڇيھون ٿيل روح، تڙپ، آهون، بيچيني، هر دل ڏکايل ۽ گهايل.
هو ڇرڪ ڀري جاڳي ٿو پوي ڪمري جي هلڪي روشني ۾ آهستي آهستي چوطرف نظرون ڦيري ٿو. ننڍن ۽ وڏن فريمن ۾ جڙيل پنھنجين ئي ٺاهيل تصويرن جا عڪس ڪجهہ ڌنڌلا ٿا نظر اچنس. اکين کي زور سان بند ڪري وري هوريان هوريان کولي ٿو. سوچي ٿو. هي ڪھڙو سپنو هو.... هي ڇا پئي ڏٺو مون. دل مان بيچيني جو دونھون اٿڻ لڳيس ٿو. هڪ آرٽيسٽ جي دل ڄڻ آلي ڪاٺي دکي پئي هجي. سوچي ٿو تہ ڇا واقعي دنيا مان، ماڻھن جي دلين مان، چين جو پنڇي اڏري ويو آهي ڏور ڏسائن ڏانھن. ڇا واقعي ڌرتي درد جو بنواس بڻجي وئي آهي؟ ڇا ظلم ئي آدميءَ جي سڃاڻپ آهي!
اٿي ويھي پنھنجن اڻڀن ۽ وکريل وارن ۾ هٿ ڦيري ٿو. ٻانھن کي لوڏي گهڙي ۾ ٽائيم ٿو ڏسي. ٽي لڳي ويھہ منٽ. ايزل تي رکيل خالي ڪينواس ڏي وڌي ٿو. کٻي ٻانھن جي سھاري تي سڄي ٻانھن تي ٺوٺ رکي کاڏي کي پڪڙي ڪنيواس تي هڪ گهري نگاھہ وجهي ڪجهہ سوچي ٿو. ڪي پل اائين ئي سوچ جي ساگر ۾ ٻڏندو ۽ ترندو ٿو رهي. ڪمري ۾ ساڳي ڌيمي روشني آهي پر ويجهو کان ڪينواس صاف نظر پيو اچي.
هو ڪلر پليٽ تي ڪجهہ رنگ مڪس ڪري خالي ڪينواس تي برش ڦيرڻ لڳي ٿو. ڄڻ سندس اندر جي دونھين دکي شعلو بڻجي پئي هئي. ڪجهہ آڏيون ٽيڏيون لڪيرون ۽ ننڍا وڏا دائرا، دائرن ۾ رنگ ڀريندو ٿو وڃي. ڪڏهن ڪڏهن برش ڏندن وچ ۾ ڏئي ڪي لمحا ويچاري ٿو ۽ وري چتر ۾ رنگَ ڀريندو ٿو رهي. ڄڻ سندس من ۾ مچ ٻرندو ٿو رهي. تصوير پوري ڪري ائين ٿو محسوس ڪري ڄڻ ان مچ کي ڪنھن پاڻي جا ڇنڊا هڻي ٺاري ڇڏيو هجي.
نرڙ تان پگهر جا ڦڙا اُگهي برش ۽ ڪلر پليٽ ٽيبل تي رکي ٿو. گهڙيءَ ۾ ٽائيم ٿو ڏسي پنج وڄي ڇائيتاليھہ منٽ. واپس اچي سمھي ٿو پر ننڊ نيڻن کان ڪونھين ڏور. وري اهڙو ستائيندڙ سپنو ڏسڻ جو خوف ٿو ٿئيس..... سج جا پھريان ڪرڻا پڌرا ٿين ٿا. آسمان اڃان ويس مٽائڻ جي تياري ٿو ڪري تہ سندس اکين تي ننڊ جا پاڇا ورڻ لڳن ٿا.
انيڪ پَلَ ننڊ جي هنج ۾ رهڻ کانپوءِ جڏهن نيڻن جا نشا لھنس ٿا ۽ اکيون مھٽي اُٿي ٿو تہ گهڙيال ٻارنھن لڳي ويھہ منٽ ٿو ٻڌائي. ٻہ ڇنڊا پاڻي جا منھن تي اڇلي ٽاول سان مــُنھن اُگهي ٿو. دريءَ جا پردا پَري ڪري ٿو تہ روشني جا ڪرڻا شيشي مان لنگهي ڪمري ۾ ڌوڪي ٿا پون..... پنھنجي وکريل وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندي ٻاهرين در وٽ پيل وڪوڙيل اخبار کڻي کولي ٽيبل تي ٿو رکي. اخبار پڙهڻ کان اڳ چانھن ٺاهڻ جو خيال ٿو اچيس. چانھہ وڏي مڳ ۾ اوتي دري جي ڀرسان پيل آرام ڪرسي تي اچي ويھي ٿو. گرم گرم چانھن مان هلڪي هلڪي سرڪ ڀريندي اخبار جي سرخين تي نظر ڦيرائيدو رهي ٿو. "ڪراچي جي هڪ مسجد ۾ بم ڌماڪو 15 نمازي شھيد..... ڪوئٽا ۾ هٿيار بندن جي فائرنگ سان 3 ماڻھو اجل جو شڪار...... عراق ۾ خودڪش بم ڌماڪي سان چئن آمريڪي فوجن سميت 17 ماڻھو فوت 30 کان مٿي زخمي....
هڪ هڪ خبر دماغ ۾ هٿوڙي وانگر ٿي لڳيس. غصي ۾ اخبار مروڙي سروڙي اڇلي ٿو.... مٿي کي ٻنھي هٿن سان زور ڏئي جهڪي ٺوٺيون گوڏن تي رکي ٿو. دل ٽھڪندي محسوس ٿي ٿئيس. اکيون ٻوٽي ٿو ڇڏي. ذهن ۾ ماڻھن جو گوڙ، ايمبولينسن جا سائرن ۽ فائرن جا آواز ٿا گونجڻ لڳس. اکيون کولي ٿو تہ پنبڻيون آليون.
ڪرسيءَ تان اُٿي ايزل ڏانھن وڌي ٿو جتي راتوڪي ٺاهيل پينٽنگ ۾ نظرون کپائي ڇڏي ٿو. ائين ٿو لڳيس ڄڻ اها پينٽنگ بہ سندس خواب جو حصو هجي. دائرا ڳاڙها، ناسي ۽ پيلا. لڪيرون ڪي سڌيون ڪي آڏيون هڪ ٻئي سان گڏيل ڪاريون ۽ واڱڙائي. دائرن ۽ لڪيرن مان اڀريل چھرا، سڀ چچريل ۽ ڪرب ناڪ.
سوچي ٿو امن جو پکي ڪاڏي اڏامي ويو آهي، هن ڌرتي تان. ماڻھن جي چھرن تي ڏينھون ڏينھن پريشانيءَ جون ريکائون ڇو ٿيون چٽيون ٿينديون وڃن. ڌرتي جو دم گهٽبو ٿو رهي بارود جي دونھين سان. هن جي دماغ جون رڳون ڇڪبيون ٿيون وڃن. اندر ۾ عجيب گــُهٽ ۽ ٻوسٽ ٿو محسوس ڪري. وڌي وڃي دريءَ جا ٻئي تاڪ کولي ٿو. ٿڌڙي هير کيس وجود جي آرپار لنگهندي محسوس ٿي ٿئي. وڏو ٿڌو ساھہ کڻي آرام ڪرسي تي آهلي ٿو پوي.
هڪ آرٽسٽ جي دل بي حد حساس ۽ پشم جھڙي نرم. دل جي آئيني ۾ رڳو محبت جون رنگين تصويرون سجائيندڙ فنڪار، سونھن ۽ پيار جو پڄاري ۽ هڪ سنگتراش... هن جون آڱريون تخليق جو درد محسوس ڪندڙ ۽ هن جو ذهن چقمقي ڪشش رکندڙ، جيڪو سماج جي هلڪن ۽ ڳورن مسئلن جي ذرن کي پاڻ ڏي ڇڪيندو ٿو رهي. سوچي ٿو ڇا ماڻھو واقعي ماڻھپو وڃائي ويٺو آهي. رنگ، نسل، مذهب ۽ ڪوڙين رسمن جي بنياد تي اڃا ڪيترو رت وهندو؟ ڪيئي سواليه نشان ذهن جي ڪينواس تي محسوس ڪري ٿو. اوچتو اندر ۾ عجيب جلن ۽ ٻوسٽ ٿو محسوس ٿئيس، اٿي فرج مان ٿڌي پاڻي جي بوتل ڪڍي ٻہ گلاس اندر ۾ اوتي ٿو يخ پاڻيءَ جا. ڪي پل سانتيڪو ٿي پوءِ سنبري ٿو. ناسي جينز تي ميٽوڙي ڪڙتو. برائون بوٽ جون ليس ڇڪي ٻڌي شھر ۾ نڪري ٿو. شھر جنھن جي رستن سان هن جو ڪو اٽوٽ رشتو آهي. سندس اندر کي آواره گردي عجيب چين ڏيندي آهي. يا وري زندگي کي ويجهو کان ڏسي هو روز ان جون نيون معنائون تلاش ڪندو رهندو آهي. هو پنھنجي ماٺيڻين نگاهن سان ماڻھن جا چھرا جانچيندو آهي. چھرا جيڪي اڪثر بي رنگ ۽ بي سڪون لڳندا اٿس.
ور وڪڙ گهٽيون لتاڙي ڏامر جي روڊن تي هلي ٿو. روڊ، جيڪي موٽرن، رڪشن ۽ سوزوڪين سان سٿيل آهن. دونھين دز ۽ شور سان ڀريل روڊن تان رڙهي شھر کان ٻاهر هڪ پُرسڪون رند تي پير ڌري ٿو. لڳيس ٿو ڄڻ گوڙ ۽ گهمسان جي جھنم مان نڪري آيو هجي. ڀرسان ئي اُجڙيل باغ جي ٻاهران هڪ پوڙهي وڻ جي هيٺان فوٽ پاٿ تي ويٺل نجومي تي نظر پويس ٿي. نجومي جنھن جو روپ ڪنھن طلسمي ڪھاڻي جي ڪردار جهڙو. وکريل وار ڪٿي ڪٿي ڪارا باقي سفيد، چھري ۾ بي شمار جهريون، اکيون گهريون ڄڻ منجهن صدين جون ڪھاڻيون سمايل هجن. سندس ڀرسان مضبوط پاٺن تي ٺھيل ڪجهہ نقشا. هٿن جا نشان، نشانن تي مختلف انگ، آڏو ڪجهہ لفافا وکريل، ڀرسان هڪ طوطو.
هو نجومي جي ويجهو وڃي اوڪڙو ويھي پڇيس ٿو "ڇا تون سڀني جي قسمت کان واقف آهين؟"
"ها بابا هٿ ڏسي ٻڌائي ويندس..... يا وري هي بي زبان قسمت جو فيصلو ڪندو آهي." طوطي ڏي هٿ ۾ جهليل ڏنڊڪيءَ سان اشارو ڪري ٿو.
"تو هن فٽ پاٿ تي ويھي گهڻن سالن کان ڪيترن ماڻھن کي قسمت جو حال ٻڌايو هوندو؟"
نجومي هن جي چھري ۾ جوھہ پائي ڏسندي چوي ٿو "پٽ اخبار وارو آهين ڇا؟"
"نہ."
"پوءِ اهو ڇو ٿو پڇين..... مان تہ ميونسپالٽي وارن کي هتي ويھڻ جا روز پنج رپيا ڏيندو آهيان."
"مان صحافي ناهيان.... ڏس مان منجهيل آهيان مون کي رڳو ڪجهہ سوالن جا جواب کپن. جيڪڏهن تون مون کي اهي جواب ڏنا تہ منھنجي روح کي شانتي ملي ويندي ۽ توکي ڪجهہ پئسا." نجومي سندس مک ۾ خاموش نظرن سان ڏسندو رهي ٿو.
"مونکي تون ’پنھنجي‘ قسمت جو حال ٻڌاءِ!؟‍" نجومي اڃا وڌيڪ حيران ٿي وڃي ٿو. ڇرڪي چويس ٿو. "مان توکي پنھنجي قسمت جو حال نہ ٿو ٻڌائي سگهان."
"ها! تون تہ شايد پنھنجي قسمت جو ماضي بہ نہ ٿو ٻڌائي سگهين. پر ها‍ تنھنجو چھرو تنھنجو ماضي، تنھنجو حال ۽ مستقبل بہ ٻڌائي ٿو.... توکي ڪجهہ بہ ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي."
نجومي جي نيڻن جا جام ڇلڪي پون ٿا. "منھنجي قسمت فٽ پاٿ تان شروع ٿي فٽ پاٿ تي ختم ٿئي ٿي." ڳيت ڏئي چوي ٿو.
"بس مون کي توکان اهو ئي پڇڻو هو." پنجاھہ جو نوٽ نجومي جي تري تي رکي اٿي ٿو. کيس هر طرف نراسائي جو ڪوهيڙو وڌندو ٿو نظر اچي.
لڳيس ٿو اهو ڪوهيڙو ڪيئي حـياتيون ڳھندو ٿو وڃي. هر گهٽي ۾ خودڪشي ڪيل جوانيءَ جو لاش ٿو نظر اچيس. هر ڳوٺ جي ڳلي ڪارين جي رت سان رڱيل ٿي لڳيس. هر واٽ چرٻيلي جا دکندڙ اڱر ٿو ڏسي.
جڏهن پکي پنھنجي واهيرن ڏانھن ورن ٿا تہ هو ٿڪل قدمن سان گهٽيون لتاڙي گهر پھچي ٿو. گهر جيڪو هن لاءِ پناھہ گاھہ بہ آهي تہ سندس احساسن جي آرٽ گيئلري بہ...
لمحا بہ ڄڻ ڪي ماڪ ڦڙا هجن جن کي وقت جي تکي اس گم ڪندي ويندي آهي. رات جا پاڇا وڌندا ويا ۽ هن کي پنھنجو هلڪو اونداهو ڪمرو بلڪل پنھنجي دل وانگر لڳو. رات لمحي لمحي هن جي سوچن وانگر گهري ٿيندي وئي. اسٽڊي ٽيبل ڏانھن رڙهي ليمپ آن ڪرڻ پڄاڻان هڪ ٿڌو شعاع ٽيبل تي ڪري ٿو. لڳيس ٿو ڄڻ سندس ذهن جي ليمپ بہ ٻري پئي هجي. هو گذريل رات جي خواب کان ڏينھن جي ٿڪ ۽ بيچيني جي ڪٿ ڪري ٿو. من تي بار ٿومحسوس ٿئيس. پنھنجي اردگرد بارود جي بوءِ ۽ رت جا دٻا ٿو ڀانئين. پنھنجي وجود کي هڪ عجيب حصار ۾ جڪڙندو ٿو محسوس ڪري. ٽيبل تي پيل اڇا پنا سوري قلم آڱرين جي وچ ۾ اٽڪائي خط لکي ٿو.
"اي خدا‍! ڌرتي تان هي جھنم ڪڏهن ختم ٿيندو. ڪيستائين ڏاڍو هيڻن کي چيڀاٽيندو رهندو؟‍ ڪيستائين بي ڏوهن جا ڪنڌ ڪپجندا رهندا؟ معصوم جوانين جو ڪوس ڪڏهن ختم ٿيندو. هن ڌرتي تان بارود جو دونھون ڪڏهن هٽندو ۽ امن جا نغارا ڪڏهن وڄندا؟؟“
ٻہ سواليه نشان ڏئي قلم بند ڪري ٿو. لکيل سٽن کي دل ۾ پڙهي ٿو. دل کي ڪجهہ هلڪو محسوس ڪري ٿو. ليمپ بند ڪري رات جي آغوش ۾ آهلي پوي ٿو تہ ننڊ جون حورون نيڻن ۾ لھي اچنس ٿيون. صبح جي اجرن ڪرڻن تي اک کليس ٿي تہ ڀر واري باغ ۾ هليو وڃي ٿو. صبح جي ٿڌڙي هير من کي عجيب سُڪون ٿي ڏئيس. پريان هوا تي ڳاڙها پيلا گل جهومندي ڏسي ٿو. گلن جي آس پاس پوپٽ ۽ ڀونئرا ڪڏن ٿا. ٿوروئي ويجهو معصوم ٻارڙا بال سان کيڏن ٿا مرڪن ۽ ٽھڪن ٿا. هن جي چھري تي بہ مرڪ جون ريکائون پڌريون ٿين ٿيون. ڪڪرن سان ڍڪيل آسمان کي ڏسي دل ۾ چوي ٿو "اي خدا! انسان کي فطرت جي سونھن ۽ معصوميت جو بدن ڏي."

مان ۽ تون

مان سامھون سيف جي آئيني ۾ پاڻ کي ڏسان ٿو، واھہ ڪيڏو تہ سھڻو ٿو لڳان، منھنجو چھرو تہ چنڊ جيان روشن آهي. منھنجا خوبصورت اسٽائيلش وار بہ واھہ جا آهن. منھنجي چپن جي مٿان شھپرن جو بار بہ ڪونھي، مون جھڙي ڊريسنگ تہ هزارن ۾ هڪ ماڻھو مس ڪندو هوندو. منھنجو پالش ٿيل جرڪندڙ بوٽ مونکي ڪيڏو نہ ٺھندو آهي. مان جڏهن پرفيوم هڻي ٻاهر نڪرندو آهيان تہ ٻن ڪلاڪن تائين گهٽيءَ ۾ خوشبوءِ رقص ڪندي آهي. منھنجي پائوڊر ۽ ڪريم جي پسند بہ نرالي آهي.
"شھر پيا وڃو؟" زال پڇي ٿي.
"ها، پر ڏي خبر اڄ ڪيئن ٿو لڳانءِ."
"انتھائي خوبصورت سدائين جيان. توهان جھڙو ور تہ خدا ڪن ڀاڳ وندين زالن کي ئي ڏيندو آهي، توهان تہ منھنجا مجازي خدا آهيو... منھنجي نظرن سان ڪو ڏسي تہ اوهان کان وڌيڪ حسين ٻيو هن دنيا ۾ ڪو آهي ئي ڪونہ....!" پنھنجي تعريف ۾ اهڙا جملا ٻڌي منھنجو من ڦنڊي پوي ٿو.
"چڱو هاڻي مان هلان ٿو."
"ﷲ نگهبان." زال چوي ٿي.
پاڙي ۾ ٻن ٽن گهٽين جي فاصلي تي هڪ مسجد آهي جنھن جي ڀرپاسي ۾ ڪجهہ دڪان پڻ آهن. رکيل جي دڪان تي چاچو قربان اڪثر ويٺو هوندو آهي. جڏهن بہ اتان گذر ٿيندو اٿم تہ چاچو ضرور صلاحيندو آهي.
"ابا، نماز پڙهو، نماز نيڪي جي راھہ ٿي ڏسي، پٽ ﷲ آڏو سِرڙو جهڪائڻ جو لطف ئي ڪجهہ اور آهي."
ڪڏهن ڪڏهن تہ يڪو چار پنج منٽ بيھاري ڇڏيندو آهي، پوءِ تہ بس الائي ڪيئن جان ڇڏائيندو آهيان ۽ ڪڏهن تہ وري پري کان چاچي تي نظر پوندي ئي گهٽي مٽائي ويندو آهيان، ڇو تہ اجايو ٽائيم جو ضايع ڪندو آهي.
هونءَ چاچو قربان ويچارو آهي سورن جو ستايل، مسڪين زندگيءَ جا ڏاڍا ڏکيا موڙ ڏٺا آهن، بلڪہ اهڙين درد ڀرين گهڙين مان پئي گذريو آهي، پاڻ سائنس جي ڪنھن سبجيڪٽ ۾ ليڪچرر هو. ٻڌڻ ۾ ايندو آ تہ هو پنھنجي سبجيڪٽ ۾ ڏاڍو هوشيار هو. گهڻو عرصو ٿيندو جو هو پنھنجي پياري زال ۽ ٻارڙن سان گڏجي پنھنجي رشتيدارن ڏانھن ٽيڪسيءَ ۾ ڄامشوري وڃي رهيو هو، تہ نيشنل هاءِ وي تي سندن ٽيڪسي هڪ وڏي ٽرالر سان ٽڪرائجي پئي هئي. ان ايڪسيڊنٽ ۾ سندس ٻنھي ٻارن گڊو ۽ پپي سان گڏ سندس زال بہ اجل جو شڪار ٿي وئي هئي. چاچي کي جڏهن هوش آيو هو تہ پنھنجي ٻارڙن لاءِ پڇيو هئائين پر جڏهن کيس خبر پئي هئي تہ اهي مري ويا آهن تہ... تہ اڌ چريو ٿي ويو هو. بس ويچاري جي قسمت هئي جو بچي پيو. بدن تي سُڪا ڌڪ تہ ڏاڍا لڳا هئس پر جان بچي پيس. هن جو خوشحال گهر اجڙي ويو. مسڪين سان وڏي ويڌن ٿي وئي. چوندا آهن ڪجهہ ماڻھن جي زندگيءَ ۾ ڏک بہ ڪنھن طوفان وانگر ايندا آهن. جيڪي اک ڇنڀ ۾ ئي سندن سڀ ڪجهہ کڻي ويندا آهن. خوشين، اميدن ۽ حسين خوابن سميت. ها...، درد ڪڏهن ڪڏهن ذهن جي ڪمري ۾ ماضي جي يادن کي جرڪائي مستقبل جي خوابن کي دڦ ڪري ڇڏيندو آهي. چاچي قربان سان بہ ڪجهہ ائين ئي ٿيو. بس ان واقعي کانپوءِ جلد اوچتو ئي اوچتو سندس ذهن ۾ هڪ اهڙي جذباتي لھر اڀري جو ليڪچرر شپ تان استعيفى ڏئي ڇڏيائين. پوءِ سندس جيءُ جهري پيو هو. پنھنجي زال ۽ ٻارن کانسواءِ چاچي هن دنيا ۾ زندہ رهڻ نہ ٿي چاهيو ۽ هڪ ٻہ دفعا ڪوشش بہ ڪئي هئائين خودڪشي جي. پر ماڻھن بچائي ورتو هوس. پوءِ وري سندس جيون ۾ هڪ انقلاب ڪر موڙي اٿيو ۽ هو رب جي طرف رجوع ٿي پيو، جنھن ڪري سندس سوچ ۾ غير معمولي تبديلي اچي ويئي. هاڻي سندس ذهن مان سڀ سائنسي فارمولا ڊهي ويا ۽ هو فقط رب سان ويجهو ٿيڻ جو فارمولو اپنائڻ لڳو. هن جي اها ڪھاڻي پاڙي جي گهڻن ماڻھن کي معلوم آهي. چاچي قربان کي محلي جا اڪثر ماڻھو "چاچو" ئي چوندا آهن. چاچو جڏهن کان عبادت الاهي ۾ مصروف ٿي ويو آهي، تڏهن کان چوندو آهي.
"جيترو دلي ۽ ذهني سڪون مونکي رب جي در تان مليو آهي، ايترو دنيا جي ڪنھن بہ ڪنڊ ۾ نہ ٿو ملي سگهي، منھنجي من جا سڀ مونجهارا ختم ٿي ويا آهن.... مان هر پريشانيءَ کان آجو ٿي ويو آهيان. سبحان ﷲ ......"
هاڻي آئون رکيل جي دڪان آڏو گذري رهيو آهيان، پر ڊپ آهي تہ چاچو سڏي وري نہ نصيحت شروع ڪري... شڪر آ ڪونھي ڪو، سانجهيءَ جو وقت آهي. شايد نماز تي ويو هوندو. مان پنھنجي قدمن جي رفتار وڌايان ٿو. سوچيان ٿو اڄ وري دوستن جي آڏو نيون ٻٽاڪون هڻڻيون اٿم تہ جيئن پنھنجي تعريف ۾ ڪجهہ ٻڌي سگهان. واھہ، واھہ ڏاڍي وڻي ٿي. پر... الا جي ڇو دوست اڄ ڪلھہ منھنجي ڪا ڳالھہ مڃن ئي ڪو نہ ٿا يا تہ منھنجي ڪا بہ ڊاڙ ٻڌي اڻٻڌي ٿا ڪري ڇڏين يا وري... اختلاف. شايد هاڻي منھنجون ٻٽاڪون ٻڌي ٻڌي سندن ڪن پچي پيا آهن. يا هينئر وڌيڪ ڊاڙون ڊشون ٻڌڻ جي منجهن سگهہ ئي ڪانہ رهي آهي. مونکي لڳي ٿو تہ اڄ ڪلھہ هو مون کي شايد ڪو سائڪو ڪيس سمجهڻ لڳا آهن. ڀلا مون کي بہ هڪ عرصي کان وٺي برداشت ڪيو اٿائون. جڏهن کان مونکي "مان" جي بيماري ٿي آهي. پھريان تہ منھنجين ڪوڙين سچين ڳالھين مان سڀ سٺو Impression وٺندا هئا. ايتري تائين جو آفيس ۾ بہ منھنجن ڊاڙن کي سچ سمجهي منھنجا ڪليگ مونکي ڏاڍي عزت ڏيندا هئا. اها ڪا مھيني ڏيڍ جي ڳالھہ آهي جو اسلم جي اوطاق تي پروگرام مطابق ويو هوس ۽ پھچندي ئي سڀني کان پڇيو هوم.
"ڪيئن ٿو لڳانءِ جاني." هر ڪنھن پنھنجي انداز سان تعريف جا جملا چيا هئا.
"يار واھہ.... اڄ تہ هيرو ٿو لڳين."
" "
"ادا تو جھڙو شھزادو گهٽ ۾ گهٽ اسان جي شھر ۾ تہ ڪونھي."
"ڇو ڀائو رڳو شھر ۾ ، مان تہ چوان ٿو يار جھڙي personality رکندڙ ماڻھو تہ پوري سنڌ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس هوندا!!"
خبر ناهي دوستن ٽوڪ مان اهي جملا چيا هئا يا واقعي تعريف ڪئي هئائون. بھرحال....! مون پنھنجي شرٽ جي ڪالر کي ٺاهيندي سڀني کي چيو هو. "مھرباني." پوءِ معمول مطابق وجهہ ڪڍي هلندڙ ڪچھري ۾ ٽڀڪو هڻي، پاڻ کي سرخرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي دوستن ۾ "مان" جي رٽ لڳائيندي چيو هو.
"يار مان ڪالھہ هڪ ضرورتمند کي پنج هزار روپيہ عطيي طور ڏئي ڇڏيا. ويچارو ڏاڍو مجبور هو. منھنجو پيرين پئي شڪريو ادا ڪيائين مون هن کي چيو: " بابا توهان جھڙن مسڪينن جي مدد ڪرڻ تہ اسان جو فرض آهي، توهان جھڙن ماڻھن لاءِ منھنجا دروازا هر وقت کليل آهن. ۽ بس پوءِ تہ وڏيون وڏيون دعائون ڏيندو رهيو." مونکي ائين ٿي لڳو ڄڻ سنگتي منھنجين ٻٽاڪن کي حقيقت سمجهي رهيا هئا. آصف مون ڏانھن اچرج وچان ڏسندي پڇيو هو:
"يار ڀلا تون ان همراھہ کي سڃاڻين ڇا؟"
"نہ ادا سچ پڇو تہ مونکي هن جي نالي جي بہ خبر نہ آهي!"
"پر شفقت تون بہ آهين تہ اسان وانگر مڊل ڪلاس جو ماڻھو پوءِ ايترا پئسہ ڪٿان افورڊ ڪيئي!؟" راشد مون ڏانھن گهوريندي پڇو هو. پھريان تہ آئون ڪجهہ گهٻرائجي ويو هوس، پر پوءِ پاڻ سنڀالي کيس مطمئن ڪندي چيو هيم:
"ادا مون وٽ هڪ کل جا سم سم وارو عمل آهي." اهو جملو چوندي آئون ٿورو مرڪيو هوس." ان عمل مان آئون پيو دولت ميڙيندو آهيان... بھرحال اها تہ ٿي وئي مذاق پر حقيقت اها آهي تہ مان پنھنجي پگهار مان ٿورا ٿورا پئسہ اهڙن ماڻھن لاءِ بچائي رکندو آهيان."
"پوءِ ڀلا اهو ماڻھو پئسہ موٽائي ڏيندئي يا ڇُٽا؟" وري آصف پڇيو هو.
"ڀائو مان توهان کي اڳ ۾ ئي ٻڌائي چڪو آهيان تہ مون اهي پئسہ کيس عطيي طور ڏنا آهن واپس وٺڻ لاءِ نہ. اها ئي تہ منھنجي سخاوت آهي. مان... مان.... مان.... پوءِ تہ بس وري "مان"، "مان" جو ورد شروع ڪيو هو ۽ دوستن جي واڇ بہ گودو هڻندي وئي هئي. منھنجين اهڙين ڳالھين کانپوءِ مٿن سٺو رعب پئجي چڪو هو. مان کين موقعو ئي ڪونہ ڏنو هو ڳالھائڻ جو، تہ مٿن ڪيئن نہ رعب پوي ها. هنن کان موڪلائي گهر وڃڻ وقت دل ئي دل ۾ ٽڏي رهيو هوس ۽ ذهن ۾ سوچيو هو:" اڄ بہ سٺو بيوقوف بڻائي آيومانِ، پير کوڙي ٻٽاڪ هڻڻ بہ ڪو هر ڪنھن جو ڪم ٿورئي آهي. مان پاڻ مڃائڻ خوب ڄاڻان، باقي ٻئي ڪنھن جي تعريف ڪرڻ پاڻ کان پڄي ئي ڪونہ. مڃان ٿو تہ منھنجن دوستن ۾ بہ گهڻيون خوبيون آهن، پر مان هروڀرو ڇا لاءِ ويٺو سندن تعريفون ڪيان.
مگر هاڻي سمجهان ٿو تہ هنن کي منھنجي اصل روپ جي خبر پئجي وئي آهي تہ آئون اندران کوکلو ۽ سکڻي ڪـُني وانگر آهيان. ها... هاڻي الائي جي ڇو مونکي پنھنجو وجود ڀرندو ٿو محسوس ٿئي ڪنھن ڪچي ڀتر جيان. جنھن کي ٿوري ٺوڪر لڳائڻ جي ضرورت هوندي آهي. منھنجي دل کي بہ چوٽ لڳي آهي، ڇو تہ اڄ ڪلھہ ڪو ئي لفٽ جو ڪو نہ ٿو ڪرائي، ڪوئي response جو ڪو نہ ٿو ڏئي. پوءِ مان ڪيئن نہ ڀران. منھنجو وجود ڪيئن نہ منتشر ٿئي. هينئر هلندي هلندي اوچتو رڪي پيو آهيان، ذهن مان سوچن جو وهڪرو پڻ بند ٿي چڪو آهي. آصف جي اوطاق تائين باقي ٿورو ئي فاصلو رهيو آهي. پر الا جي ڇو؟ دل نہ ٿي چئي اوڏانھن وڃڻ لاءِ. شايد انھيءَ ڪري تہ هاڻي منھنجا دوست مون سان منھن ڏئي ڳالھائڻ بہ پسند نہ ٿا ڪن. ها... آئون سندن هر ڳالھہ سان اختلاف جو ڪيان ٿو! هاڻي مڙي پنھنجي گهر وارو رستو وٺان ٿو. سوچن ئي سوچن ۾ وقت ائين ٿو گذري جيئن ڪنھن پھاڙ تان وهندڙ تيز آبشار. رکيل جي دڪان تائين پھچي ويو آهيان پر پنڌ جو احساس ئي ناهي ٿيو.
"پٽ شفقت." پٺيان چاچي قربان جو آواز آيو آهي، سوچان ٿو اڳي ئي ذهن تي ٽينشن آهي، وري ويتر چاچو پنھنجو ليڪچر شروع ڪندو تہ بور ٿي پوندس. سو تڪڙو هلي ٿو پوان.
"ابا شفقت ناراض آهين ڇا؟" چاچي جا اهي لفظ ٻڌي منھنجا تيز قدم رڪي پيا آهن." نہ چاچا اهڙي ڪائي ڳالھہ ناهي" مڙي ڏاهنس ويندي چوان ٿو.
"پٽ ڇو اڄ تون ڪجهہ پريشان ٿو لڳين، خير تہ آهي بابا."
"ها...، ها چاچا... خير... خير آ اهڙي ڪا ڳالھہ ڪونھي."
"بابلا ڀلا توهان کي ڪي ٻہ ٽي پل واندڪائي ٿيندي."
"ها چاچا حڪم." نہ چاهيندي بہ وات مان نڪري وڃي ٿو.
"هيڏانھن اچو بابا توهان سان ڪجهہ ڳالھائڻو اٿم." چاچو قربان منھنجو هٿ پڪڙي پنھنجي گهر ڏانھن وٺي وڃي ٿو.
مان چاچي قربان جي گهر پھريون ڀيرو وڃي رهيو آهيان. چاچو پنھنجي اڇي پھراڻ جي کيسي ۾ هٿ هڻي چاٻي ڪڍڻ کانپوءِ دروازو کولي مونکي اندر اچڻ لاءِ چوي ٿو. مان در جي چائنٺ ٽپي هن جي پٺيان سامھون ٺھيل ڪوٺيءَ ۾ وڃي رهيو آهيان. ڪوٺي تي هڪ نظر وجهي دل ۾ سوچيان ٿو‍ چاچو ڪيئن ٿو رهي هن ڪوٺيءَ ۾، مونکي تہ بيھندي ئي ٻوسٽ ٿو محسوس ٿئي ۽ سيٽنگ بہ عجيب آهي. اتر واري ڀت وٽ هڪ ڍلي کٽ، مٿن کان موڙو، اولھہ واري ڀت سان لڳ هڪ ٽين جي پراڻي ٽينڪ ڀرسان ئي تڏي جو مصلو ٽنگيل. هڪ ڪنڊ سان پاڻي جو دلو ۽ مٿانئس رکيل جست جو گلاس ۽....‍‍‍‍
"پٽ ڇا ٿو سوچين؟" مونکي سوچ ۾ ٻڏل محسوس ڪندي چاچو سوال ڪري ٿو.
"نہ چاچا ڪجهہ بہ نہ."
"نہ بابا تون ڪجهہ سوچين پيو. چاچي کي نہ ٿو ٻڌائڻ چاهين ڇا؟"
"چاچا اهڙي ڪا ڳالھہ ڪونھي، ڇاهي تہ آئون توهان جي گهر ۾ پھريون ڀيرو آيو آهيان نہ، سو ائين ئي گهر جو جائزو پئي ورتم."
"پوءِ ڪيئن لڳو منھنجو هي ننڍڙو محل." چاچو مرڪندي چوي ٿو.
"محل، چاچا تون هن گهر کي محل ٿو سڏين، مونکي تہ هي ڪٻاڙ خانو ٿو لڳي، چاچا ڪڏهن مان پنھنجو گهر توکي ڏيکاريندس.آهي تہ غريباڻو پر ڏسڻ کانپوءِ چڱن ڀلن جو وات پٽجي ويندو آهي. وري "مان واري رٽ لڳائڻ شروع ڪيان ٿو. چاچا قربان دراصل مان.... مان... مان.... چاچو قربان منھنجي "مان" واري عادت کان اڳ بہ ڪجهہ واقف هو، پر هن ملاقات کانپوءِ کيس وڌيڪ پتو پيو آهي.
"مان" جو دورو پوڻ کانپوءِ چاچو قربان مون ڏانھن ڏسي فقط پنھنجو ڪنڌ هاڪار ۾ لوڏي رهيو آهي. جيئن ڪو ماهر نفسيات پنھنجي مريض جي ڳالھہ ٻڌي سندس مريض کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو هجي.
"پٽ نفسيات کي پڙهيو اٿئي؟" چاچو مون کان اگرو سوال ڪري ٿو.
"نہ.... اهڙا خشڪ موضوع مون کي پسند نہ آهن." مان نرڙ ۾ گهنج وجهي چوان ٿو.
چاچو قربان ڪجهہ وقت خاموش رهڻ کانپوءِ چوي ٿو. "نفسيات جي هڪ وڏي ماهر جو چوڻ آهي. "پاڻ کي مڃائڻ ۽ سرخرو ڪرڻ جو بھترين طريقو اهو آهي تہ...." چاچي کي کنگهہ اُڀري ٿي مان ڏانھنس سواليه نظرن سان گهوريندي پڇان ٿو.
"ها چاچا اهو ڪھڙو طريقو آهي؟"
"پاڻي" کنگهندي کنگهندي پاڻي لاءِ پڪاري ٿو. مان ڀرسان پيل پاڻي جي دلي مان کيس گلاس ڀري ڏيان ٿو. جواب ٻڌڻ لاءِ منھنجو اتساھہ اڃان وڌي ٿو.
"ها تہ چاچا توهان ڳالھہ اڌ ۾ ڇڏي."
"ها پٽ مون چيو پئي تہ هڪ نفسيات جي ماهر چيو آهي. توهان ڪنھن سان بہ ملاقات دوران ۽ خاص طور پھرين ملاقات تي پاڻ کي پڏائڻ ۽ ساراهڻ بجاءِ‌ جنھن سان اوهان جي ڪچھري ٿئي ٿي، ان جي هر ڳالھہ کي مانائتي موٽ ڏئي سندس جائز تعريف ڪريو. يا کڻي ائين چئجي تہ ساڻس مخالفت نہ ڪريو. ڇو تہ جنھن دوستيءَ جي شروعات سٺي انڊراسٽينڊنگ سان ناهي ٿيندي، ان جو اختتام ڏاڍو برو ٿيندو آهي. مان چاچي قربان جي ڳالھہ ڌيان سان ٻڌان ٿو. "ان نفسيات جي ماهر تڏهن ئي چيو آهي تہ ڪامياب دوستيءَ جو راز انھيءَ ۾ لڪل آهي تہ اوهان پاڻ کي پنھنجي دوستن آڏو گهٽ ڪري پيش ڪريو ۽ هون، بہ ڦلدار وڻ هميشہ جهڪيل هوندو آهي پُٽ ۽ ها پنھنجن دوستن جي خوبين کي ڀرپور طرح اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو." چاچي جي اها ڳالھہ ٻڌي دل ڪُري ٿي پر پوءِ بہ الائي ڇو سڀ ڪجهہ ٻڌان پيو."سو جيڪڏهن توهان پنھنجي دوستن جي جائز تعريف ڪندا تہ هو بہ اوهان جي اوڻاين کي لڪائي اوهان جي شخصيت جا تعريف وارا پھلو ڳولھڻ لڳندا. ٻين لفظن ۾ ان ماهرِ نفسيات جي چوڻ جو مقصد اهو آهي تہ جيڪو "مان" ڇڏي "تون" چوڻ شروع ڪندو اهو ئي ڪامياب دوستي ماڻي سگهندو.... پٽ شفقت بور تہ نٿا ٿيو؟"
"نہ چاچا مان غور سان ٻڌان پيو."
"پٽ دنيا جي هڪ ٻئي ڏاهي جو چوڻ آهي، انساني فطرت جي اهم ترين تقاضا اها آهي تہ سندس تعريف ڪئي وڃي ۽ اها ئي تقاضا آهي جيڪا اسان کي جانورن کان مختلف بڻائي ٿي. مطلب تہ ٻئي جي جائز تعريف ضرور ڪجي پر پاڻ پڏائڻ چڱو نہ آهي. شاعرن جي سرتاج ڀٽ جي گهوٽ بہ "مان" کان منع ڪئي آهي، تڏهن ئي چيو اٿائين:
ڪين مائيندا من ۾ خودي ۽ خدا،
ٻن ترارين جاءِ ناهي هڪ ميـاڻ ۾.

چاچو بيت پڙهي ماٺ ٿي ويو آهي. آئون سندس چھري ۾ ڏسي رهيو آهيان مون کي پھريون دفعو سندس چھري ۾ نور جا تجلا محسوس ٿي رهيا آهن. پھريان سندس صاف شفاف مک تي پشم جھڙي ڏاڙهي کي ڏسان ٿو ۽ پوءِ نماڻن نيڻن کي. سندس چپن مان نڪتل لفظن جي چاشني منھنجي روح تي ڪجهہ اهڙو اثر ڪيو آهي جو آئون اندران ئي اندران ڀري پيو آهيان ۽ نندي رهيو آهيان پاڻ کي..... من جي پاتال ۾ ٻڏي پاڻ سان ڳالھايان ٿو.
"مان ڇا آهيان؟ ڪجهہ بہ تہ ناهيان. ها ڪجهہ بہ نہ. ڪجهہ بہ نہ...." اندر جي آلاپن جيءُ جهوري وڌو آهي.
چاچو ٿڌو ساھہ ڀري هڪ ٻيو بيت ٻڌائي ٿو.
پاڻ سڃاڻي پاڻي کي ڳولھي لھج پاڻ.
پاڻ منجهان ئي پاڻ کي، پوندئي ڄاڻ سڃاڻ.

بيت ختم ڪيو اٿائين تہ سندس اکين جي ساگر ۾ لڙڪن جون ٻيڙيون ترڻ لڳيون آهن، ڪجهہ ساعتون سانت کانپوءِ چاچو وري ڳالھائي ٿو.
"توهان کان هڪ سوال پڇان پٽ."
"ها چاچا."
"مجازي عشق ڇا هوندو آهي. پتو اٿوَ؟"
"ها چاچا ان کي دنياوي محبت چوندا آهي."
"۽ حقيقي عشق؟"
"چاچا چوندا آهن اهو ﷲ، سان ٿيندو آهي."
"بابا جيڪڏهن توهان کي مجازي عشق ۽ حقيقي عشق جي باري ۾ ايتري خبر آهي تہ پڪ اهو بہ ڄاڻيندا هوندﺂ تہ حقيقي عشق بہ دراصل مجازي عشق مان ئي ٿيندو آهي."
"ها چاچا اهو ٻڌو اٿم" مان کيس ماٺيڻي آواز ۾ جواب ڏيان ٿو.
"شفقت پٽ "تون" جو فلسفو بہ ڪجهہ ائين ئي آهي. پھريان پنھنجي "مان" کي ماري "تون" چئجي. دوستن عزيزن کان وٺي دنيا جي هر ننڍي وڏي شيءِ تائين. "تون، تون" جو ورد ڪجي ۽ ان مجازي "تون" کانپوءِ خبر اٿئي ڇا ٿيندو آهي؟"
مان ماٺ ڪيو ويٺو آهيان ڇو تہ خبر نہ آهي تہ پوءِ ڇا ٿيندو آهي. منھنجي مک تي بيخبري جو تاثر ڏسي کن پل ۾ چوي ٿو.
"بابا پوءِ حقيقي "تون" جي خبر پئجي ويندي آهي ۽ بس... پوءِ تون ئي تون، تون ئي تون، ڪک پن ۾ تون وارو فلسفو سمجهہ ۾ اچي ويندو آهي."
هاڻي لڳي ٿو ڪمري ۾ ڪو راڪاس گهمي ويو آهي. چوڌاري قبرستان جھڙي خاموشي ٿي محسوس ٿي. مان بہ ماٺ آهيان ڪنھن بي زبان بت جيان. چاچي قربان بہ اکيون ٻوٽي ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو آهي. لڳي ٿو ڄڻ هي وحدت جي وسيع سمنڊ ۾ ٻڏي ويو آهي. آئون کيس ٻڏل ئي ڇڏي گهرڏانھن موٽان ٿو.
رکيل جي دڪان وٽان گذران ٿو سندس اوئلي دور جي ريڊيو ۾ هلندڙ ڪلام منھنجي ڪنن سان ٽڪرائجي ٿو. "محبوب ڳولھي ڏس من ۾ الا، من ۾ الا ڪک پن ۾ الا" ڪلام جا ٻول منھنجي من کي جنجهوڙي ٿا ڇڏين گهر پھچان ٿو. اڄ ٻن ٽن سالن کانپوءِ پھريون ڀيرو زال سان گڏجي ماني کاوان ٿو. هوءَ منھنجي ان رويي کي ڏسي حيران ٿي رهي آهي.... هينئر سمھڻ جو وقت ٿيو آهي. آئون کيس پيار منجهان ڳراٺڙي پائي سندس تعريف ڪندي چوان ٿو.
"جميلا مونکي اڄ احساس ٿيو آهي تہ مان ڏاڍو نفرت لائق آهيان ۽ تون..... تون نھايت پياري. مان سدائين پاڻ کي آئيني ۾ ڏسي پنھنجي تعريف جا جملا پاڻ بہ چوندو هوس ۽ توکان پڻ چورائيندو هوس. پر مون کي اها خبر ڪونہ هئي تہ منھنجو آئينو تہ تون آهين. اهو سچ آهي تہ اندر جو ڪوجهو ماڻھو شڪل جو ڪيڏو بہ سھڻو هجي ان کي سھڻو نہ چئبو. جميلا مان بہ اهڙن ماڻھن مان آهيان، ها... مون پنھنجي سونھن کي بار بار پئي ڏٺو، پر پنھنجي دل جي ڪاراڻ ڏانھن ڪڏهن ڪو توجھہ ئي نہ ڪيم. مون... تہ تنھنجي مرڪ تي بہ ڌيان نہ ڏنو جيڪا مسيحا جو ڪم ڪري سگهي ٿي. مون تنھنجي سنڌوءَ جهڙين گهرين اکڙين مان بہ ڪڏهن پنھنجي اندر جي اُڃَ نہ اُجهائي. جميلا تو جھڙي خوبصورت زال... تو جھڙي باسيرت زال... تو جھڙي.... مان ڏاڍو خوش قسمت آهيان جميلا جو تون مون کي ملين،."
جميلا جي دل ۾ خوشين جا گلاب ٽڙڻ لڳن ٿا، هو، چوطرف بھار ٿي محسوس ڪري. "شفقت تون بہ مونکي پيارو آهين، انتھائي پيارو، پنھنجي جيون کان بہ وڌيڪ." هوءَ مونکي زور سان ڀاڪر پائي منھنجي سيني ۾ منھن لڪائيندي چوي ٿي ۽ منھنجي اندر جي آڳر تي سُکَ جون شھنايون وڄي پون ٿيون.
"ﷲ اڪبر، ﷲ اڪبر...... الصلوات خيرالمن النوم، الصلوات خيرالـمن النوم."
اڄ پھريون ڀيرو ان آواز تي منھنجي اک کلي آهي. گهڙيءَ ۾ ٽائيم ڏسان ٿو پنج وڄي ٻہ منٽ ٿيا آهن. مان ازخود بسترو ڇڏي تيار ٿي پاڙي واري مسجد ڏانھن رخ ڪيان ٿو. ٻہ رڪعتون سنت ادا ڪرڻ کان پوءِ فرض نماز پڙهي دعا لاءِ هٿ کڻان ٿو. پر هتي بہ پنھنجي عادت کان مجبور ٿي "مان" چوڻ کان نہ ٿو مڙان ۽ دعا ۾ چوان ٿو.
"يا رب مان، گنهگار آهيان، مان عيبدار آهيان، اي منھنجا مولا مان تنھنجو هڪ ناچيز ۽ ادنى بندو آهيان. ها... مان تنھنجي ٻاجهہ جو طلبگار آهيان. مان ڪجهہ بہ نہ آهيان فقط خاڪ آهيان. ياﷲ مون تي رحم ڪر، ڪرم ڪر." ها منھنجا لڙڪ لڙي رهيا آهن ۽ آواز پڻ ڳورو ٿو محسوس ٿئي. "اي ﷲ تون رحيم آهين، تون ڪريم آهين، يا رب تون هر شي تي قادر آهين، تون عظيم آهين، تون ئي خالق ۽ مالڪ آهين، تون غفور ۽ غفار آهين. تون ئي تون آن منھنجا مالڪ تون ئي تون... تون ئي تون... ڪک پن ۾ تون.“

لمحن جو درد

هن جا قدم ڪچي گهٽيءَ جي سيني کي لتاڙيندا تيز تيز اڳتي وڌندا پيا اچن. اڳيان کنيل قدم جي پويان ٻيو قدم تيزي سان کڄندو پيو اچيس هر وک پوئين وک کان وڏي ڪرڻ ٿو گهري. پيرن جي چرپر فاصلا گهٽائي رهي آهي ۽ سندن منزل ويجهو ايندي ٿي رهي. ٽاڪ منجهند آهي، گهٽين ۾ گهمندڙ ڪتا سھڪي رهيا آهن، سندن زبانون وات کان ٻاهر لڙڪي رهيون آهن. اُسَ زمين تي باھہ جي شعلن وانگر ڪري رهي آهي. هو تپش جي ان ڀڙڪندڙ ڀڀڙ مان لنگهي رهيو آهي. توڙي جو سندس منھن تان پگهر جا ڦڙا ڪري رهيا آهن، قميص نپوڙڻ جھڙي ٿي وئي آهي، پوءِ بہ کيس گرمي جي ڪا پرواھہ ڪونھي. بس قدمن کي وڌ کان وڌ تيز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. دل ٿي چويس تہ هڪ زوردار ڊڪ ڀري وڃي سائيڪل واري جي دڪان تائين پھچي، پر الائي جي ڇو ائين نہ ٿو ڪري. ور وڪڙ گهٽيون کُٽڻ جو نالو ئي ڪونہ ٿيون وٺن. اڃان هڪ مس ٿيو آهي پر گرمي ٺاهوڪي آهي. جڏهن تہ اپريل جو مھينو آهي، پر لڳي ٿو تہ جون يا جولائي جو مھينو اچي ويو آهي. اڀرندي ئي سج ساڙي ٿو رکي. هر ڪنھن جي وات اها وائي آهي.
"هيل تہ گرميءَ ماري ڇڏيو."
"ويل جي گرمي آ اصل دم ٿو نڪري."
"ھھڙي قھر جي گرمي اڳ ڪڏهن ڪو نہ ٿي آ."
"اف گرميءَ جو آغاز ئي هھڙو خطرناڪ ٿيو آ تہ اختتام ڪھڙو ٿيندو؟"
هن جي چھري مان پريشاني صاف ظاهر آهي. چھري جا رنگ بہ عجيب هوندا آهن. ماڻھو ڪجهہ بہ لڪائڻ گهري پر چھرو اهڙو کليل ڪتاب آهي جيڪو ماڻھو جي هر ڪيفيت ٻڌائي ڇڏيندو آهي. خوشي هجي تہ گلاب وانگر ٽڙندو محسوس ٿيندو آهي ۽ غم ۾ مرجهايل. ها! سندس چھرو مرجهايل آهي. تڪڙيون وکون کڻي هاڻي وڃي سائيڪل ۾ هٿ وڌو اٿائين.
"ادا نالو." دڪاندار سندس نالو پڇي ٿو.
"نالو، نالو منھنجو، منھنجو ڇاهي، ڇا...!" هو بدحواس لڳي رهيو آهي.
دڪان ۾ ويٺل ڪاريگر هوا سان ڀريل ٽيوب کي پاڻي ۾ وجهي پنڪچر ٿيل ٽيوب مان هوا جا بڙبڙا ڪڍندي دڪان جي مالڪ کي چوي ٿو.
"سائين هي پاڙيوارو ارشاد آهي."
دڪان جو پوڙهو مالڪ ٿلھن شيشن واري عينڪ نڪ تي رکي کيس چتائي ڏسندي چوي ٿو: "ابا ارشاد معاف ڪجانءِ جڏڙا آهيون."
هو ڪنھن جواب ڏيڻ کان سواءِ سائيڪل تي لانگ ورائي ويٺو آهي. جذبات ۾ اچي سائيڪل تيز هلائي رهيو آهي. پيڊل تي پير جو زور وڌائيندو رهي ٿو.
ڪڏهن آڏو گهڻي رش اچڻ جي ڪري بريڪ هڻي ٿو، وري اسپيڊ ۾ هلائي ٿو. سائيڪل کي گهنٽي بہ ڪونھي، ششڪر بہ وات مان ڪونہ ٿي نڪريس. صفا هڪو ٻڪو ٿي ويو آهي. سائيڪلن واري دڪان کان اڃان ٻہ روڊ مس ٽپيو آهي. کيس سائيڪل ڳوري ٿي لڳي. پوءِ بہ ٻہ ٽي پيڊل ڦيرائي ٿو. هاڻي کيس محسوس ٿئي ٿو تہ شايد سائيڪل جي هوا نڪري وئي آهي. بريڪ هڻي پوئين ويل ڏانھن ڏسي ٿو. جيڪو واقعي ڪافي هيٺ جهڪيل آهي. سائيڪل تان لھي ان کي هٿ سان ڪاهي ٿو. هڪ روڊ اڳيان ڪرائي جي سائيڪلن جي هڪ ٻئي دڪان تان پمپ کڻي هوا وجهي ٿو. سندس پريشانيءَ ۾ اضافو اچي رهيو آهي. تڙ تڪڙ ۾ ٿوري هوا ڀري چڙهي پئي ٿو. هينئر سائيڪل اڃان وڌيڪ رفتار ۾ هلائي ٿو. ڪي ڪي ماڻھو سندس لٿل منھن ڏانھن ڏسي رهيا آهن. هاڻي گهڻي زور ڏيڻ جي ڪري پيڊل تان پير کسڪي ويو اٿس. سائيڪل هڪ پاسي لڙي سندس ڄنگهہ مٿان ڪري پئي آهي. کيس توائي ٿي اچي، پر پاڻ کي ڪجهہ بہ تہ چئي ڪونہ ٿو سگهي. وري سائيڪل تي چڙهي سوچي ٿو، "اجائي سائيڪل کنيم، ڳچيءَ ۾ پئجي وئي آهي، رڪشي تي وڃان ها جيڪر. پر وري پنھنجي سوال جو جواب بہ پاڻ کي پاڻ ئي ٿو ڏئي. رڪشي تي وري ڌوڙ وڃان ها. پندرنھن رپيا ڪير ڀري. کيسي کي ڏسي خرچ ڪجي." سندس آڏو هڪ وڏو ٽرالر اچي ويو آهي، جيڪو سڄو روڊ بلاڪ ڪيو هلي ٿو. پويان گاڏين ۽ رڪشن جا هارن لڳنس ٿا پر کيس ڪن تي ئي ڪو نہ ٿا پون. پر جي ٻڌندو بہ هجي تہ ٽرالر کي ڪو روڊ تان اڏائي تہ ڪو نہ ويندو.
"مار پوندئي ڪا خدا جي، توکي بہ اچي شھر ۾ مرڻو هو." هو دل ۾ چوي ٿو ۽ کيس ڪراس ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش پڻ ڪري ٿو. پر اها ڪوشش بار بار ناڪام ٿئيس ٿي. سندس دل ڌڙڪي رهي آهي ۽ پريشاني بہ وڌندي ٿي رهي. سوچي ٿو ڀرسان واري روڊ ڏانھن لڙي وڃي پر اوڏانھن وڏو مفاصلو ٿئيس ٿو ۽ هن کي ڪيوئلٽي جلدي پھچڻو آهي. بس هاڻي بغير ڪجهہ وڌيڪ سوچڻ جي پاسي واري روڊ ڏانھن لڙي پيو آهي. هي روڊ اڪثر سنسان هوندو آهي ۽ ٽريفڪ جي اچ وڃ بہ مڙئي گهٽ هوندي آهي. اوچتو هن جي ذهن ۾ ڪجهہ گهڙيون اڳ اسڪول ۾ ٻارن کي الف اک ب بدڪ پڙهائيندي پٽيوالي جو سڏ ياد پئي ٿو.
"سائين ارشاد صاحب پي.سي.او واري نياپو ڏنو تہ توهان جي ٽيليفون آئي آهي جلد هلو."
"منھنجي ٽيليفون!" هو تڪڙو تڪڙو هيڊماستر جي آفيس ڏانھن ويو هو. "سائين منھنجي ٽيليفون آئي آهي." ائين چئي هو وڏين ٻرانگهن سان پي.سي.او ڏانھن وڌي ويو هو. جيڪو اسڪول جي مين گيٽ جي ڀرسان ئي آهي.
"هلو ڪير" هن رسيور کڻندي چيو هو.
"ارشاد، يار مان نعيم ٿو ڳالھايان."
"ها، ها نعيم هن وقت فون ڪئي اٿئي خير تہ آهي."
"يار ٻيو تہ سڀ خير آهي.....!" سندس دوست چپ ٿي ويو هو.
ڇا، ڇا ٿيو آهي، پر ڇا؟"
"ادا ارشاد ڇا هي تہ....."
"يار نعيم مونکي جلدي ٻڌاءِ ڇاهي ٿيو، خير تہ آهي نہ." هن جي گهٻرايل چھري ڏانھن پي.سي.او تي ويٺل همراھہ ڏسي رهيو هو.
"ارشاد، تنھنجو چاچو!"
"هان! ڇا، ڇا ٿيو آ چاچا کي."
"ايڪسيڊنٽ!!"
"نہ نه"
"مان چاچي کي ڪيولٽي کڻي آيو آهيان تون جلدي اچ!"
"پي.پي" ڪار جي هارن تي ڇرڪي پئي ٿو. "ايڪسيڊنٽ" سندس دوست جو لفظ کيس مٿي تي هٿوڙي وانگر لڳي رهيو آهي. "ايڪسيڊنٽ" هينئر سائيڪل تيز تہ هلائي ٿو، پر احتياط سان. ڦاٽڪ جي ويجهو پھتو آهي. ڪيولٽي تائين باقي ٿورو مفاصلو آهي.
"پانپ، پانپ"
"ٽڙن، ٽڙن، ٽڙن"
ٽرين هارن ٿي ڏئي، گهنٽي وڳي آهي ۽ ڦاٽڪ بند ٿي ويو آهي. هو سائيڪل کي تڪڙو ڪري ڦاٽڪ تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڪافي چاڙهي آهي، زور ڏئي مس مس ڦاٽڪ تائين پھچي ٿو. "اف" مٿي کي ڌڪ هڻي چوي ٿو "ٽرين بہ هاڻي وڃڻي آهي.... اڙي هيءَ تہ مال گاڏي آهي.... يا خدا چاچي ڏانھن خير ڪجانءِ." ٽرين جا جونءَ چال هلندڙ گاڏا کٽڻ جو نالو ئي ڪونہ ٿا وٺن. هن جي منھن تي اداسي ڇانيل آهي ۽ سندس من جي اڻ تڻ وڌي رهي آهي. هر گاڏي گذري وڃڻ کانپوءِ دل ۾ چوي ٿو بس ان کانپوءِ آخري گاڏو هوندو پر ائين نہ ٿو ٿئي. کيس هڪ منٽ بہ ڪلاڪ جي برابر ٿو محسوس ٿئي. چاچي سان هن جي ڏاڍي محبت آهي. پيءُ جي مري وڃڻ کان پوءِ اهو چاچو ئي تہ هيو، جنھن کيس پڙهائي لکائي جوان ڪيو. هٿ پير هڻي وڏي ڪوشش کان پوءِ کيس پرائمري ماستري وٺي ڏني چاچھنس جا مٿس ايترا احسان آهن جو هي تہ هڪ بہ لاهي نہ سگهندو.
"پانپ، پانپ، پي، پي، پي...." ڦاٽڪ کُلڻ تي رڪشن ۽ ڪارن جا هارن لڳي رهيا آهن. هاڻي وري هن جي سائيڪل جا ڦيٿا ڦرڻ لڳا آهن. جيئن فاصلو گهٽبو ٿو وڃي تيئن سندس دل جي ڌڙڪن تيز ٿيندي پئي وڃي. نرڙ تي پگهر جا ڦڙا اچڻ ٿا لڳنس. جسم ۾ هلڪي ڏڪڻي ٿي محسوس ٿئيس. ها! هاڻي ڪيولٽي جو گيٽ ٽپي چڪو آهي. سندس آڏو هڪ ايمبولينس ۾ تازو گذاري ويل ماڻھو پيو آهي. سندس مائٽ پار ڪڍي رهيا آهن ۽ اڇنگارون ڏئي روئي رهيا آهن. هن جون اکيون بہ ڀرجي آيون آهن. سائيڪل کي اسٽينڊ ڏئي تڪڙ ۾ ڪيولٽي اندر وڃي رهيو آهي. سندس آڏو نعيم بيٺو آهي.
"نعيم، نعيم، ڪٿي، ڪٿي آهي چاچا، ڪھڙي وارڊ ۾ آ؟"
"يار چاچا! ؟ "نعيم لٿل چھري سان وراڻي ٿو.
ارشاد جا ڳوڙها ڳڙي پيا آهن ۽ بلڪل خاموش بت بڻيل آهي سندس ٻيا دوست مختلف پاسن ڏانھن اچن ٿا ۽ نعيم سميت هڪ ئي آواز ۾ چون ٿا. "اپريل فول!!"

رانديڪو

سڄي ويڙهي ۾ ڪل ڏھہ ٻارنھن گهر مس آهن. گهر بہ مڙئي گهر. هڪ اڌ مٽي جو ٺھيل باقي مڙئي ڪکاوان، ماڻھو تہ صفا ٺپ ڪورا جاهل. علم جو تہ اصل اکر ئي ڪونہ. ڀُونگين جي صورت ۾ ڇڙوڇڙ گهر. گهرن جي ٻاهران اڪثر ڊنگهرن جو لوڙهو ڏنل. نواز جي گهر جي ٻاهران بہ. اهڙو ئي لوڙهو ڏنل آهي.
نواز جي گهر جي ڪشادي آڳر تي مختلف جڳھن تي پلال کنڊريل هو.هڪ پاسي ڏانھن مال لاءِ پترن جو ٺھيل واڙو، جتي مينھون ۽ ڏاند ڪونرن ۾ منھن وجهي چارو کائي رهيا هئا. ٻئي پاسي ڏانھن هڪ وڏو ۽ ويڪرو مٽيءَ جو ليپو ڏنل ڪمرو ۽ وچ ۾ هڪ ڪوٺي. گگهہ اونداهي ڪوٺي. چوڌاري پکڙيل ٻاٽ ۾ ڪجهہ بہ نظر نہ ٿي آيو. آهستي آهستي رات جي سانت ۾ اضافو ايندو ويو. ڪوٺيءَ جي ٻاهران بند ٿيل دروازي جو ڪڙو کلڻ جو کڙڪو ٿيو. در جا ٻئي تاڪ کلي ويا. روشنيءَ جو هڪ ڊگهو سنھو پٽو ڪمري ۾ گهڙي آيو. هاڻي ڪوٺيءَ ۾ ڪنھن جي هجڻ جو احساس ٿي رهيو هو. ها! ڪوٺي جي هڪ ڪنڊ ۾ هوءَ ويٺي هئي. هوءَ جيڪا شادي کان اڳ ڏاڍي سھڻي هئي. پر هاڻي سندس مُکَ مان رونق ئي رسي وئي آهي. هن جي اکين جي هيٺان پيل ڪارا دائرا ڏينھون ڏينھن چِٽا ٿي رهيا آهن. خشڪ وارن مان مٽي ڇڻي رهي هيس جيڪي سندس منھن ۾ پئجي رهيا هئا. ڇو تہ هن کي پائڻ لاءِ رئو بہ ڪو نہ هو. جسم تي پيل ڪپڙا ائين ميرا جيئن زمين. چولو پاسن وٽان اڊڙيل ۽ مختلف هنڌن تان ڳريل، نيڻن مان نيرن جا نار وهي ڇڙيا هئس تڏهن ئي تہ هن جون اکيون سڄي ڳاڙهيون ٿي ويون هيون ۽ ڇپر بہ ڇڙڻ ٿي لڳس. سندس چپ ڪلراٺي زمين وانگر اڇا ۽ سڪي ٺوٺ ٿي ويا هئا. ها هن جي ڪوٺيءَ ۾ پاڻي جو دلو بہ ڪونہ هو.
روشنيءَ جو پٽو سڌو وڃي هن جي مٿان پيو. چوڏهين جي چنڊ جي روشني پاڻي وانگر جتان ڳٿو مليس گهڙي ٿي پئي، هن پنھنجون ٻانھون سوجهري کان بچڻ لاءِ اکين تي ڏئي ڇڏيون. شايد کيس گگهہ اوندھہ ۾ اجالو محسوس ٿي رهيو هو.
نوازُ، در مان اندر گهڙي آيو. سندس ٻوٿ سڄل هو. مڇون ۽ مٿو اڇو، جيئن ڪپھہ جون پوڻيون. ڏاڙهي چٽ. هن جو مرونءَ جھڙو منھن جيڪڏهن ٻارن کي رات جو خواب ۾ اچي تہ ڇرڪ ڀري اٿن. اُٺَ جيڏو قد، بڀ نڪتل، نڪ ٿلھو، چپ بي ڊولا، ڏند ٻاهر، ڀرئون ڇڪيل ۽ وڏا ڳاڙها دوڏا هن جي بدشڪلي ۾ اضافو ڪري رهيا هئا. در کان ٻہ ٽي قدم اڳتي اچي هن جي ڀرسان بيھي کيس تيز نظرن سان تڪڻ لڳو. هوءَ سندس قدمن جو آواز ٻڌي ڊنل اکين سان هن ڏي ڏسڻ لڳي ۽ هرڻي جيان هيسجي وئي. ڇرڪي هٿ زمين تي کوڙي ٿورو پوئتي سُري وئي. سندس سڄي جسم مان هڪ سيسراٽي اُڀري ۽ بدن جا وار اڀا ٿي ويس. شايد کيس صبح واري مار ياد اچي وئي. اڄ نواز کيس واھہ جي ڪُٽَ ڪڍي هئي. اصل سَنڌُ سَنڌُ سَٽيو هئائينس. ڄنڊن کان وٺي ڌو زمين تي، وري ڀت ۾، وارن جون چڳون پٽي ڇڏيون هئائينس. لتن، چنبن ۽ مڪن جا ڌڌڪا. هڪ گار لاهي ٻي چاڙهي. کيس رتو ڇاڻ ڪري ڇڏيائين پوءِ بہ هن ويچاريءَ ٻڙڪ ٻاهر نہ ڪڍي. جيئن وات ۾ مڱ هجنس. ڳالھہ هجي نہ هجي سندس پوڙهي ڏائڻ جھڙي ساهيڙي پڻ اچي وٺندس. ٻُھاري هٿ آيس تہ ڇا. سونٽي هٿ لڳس تہ ڇا، سَٽي ڪنديس سوڙهو.
شادي کي ٽي چار مھينا گذريا هئس تہ اميد سان ٿي هئي. ڪُٽي ڪُٽي ٻار ضايع ڪيائونس، پوءِ بہ چُپِ. نہ ڇڏيائونس ڪو سَنڌُ. پيٽ واريون لتون هيائونس تہ ٻيو ٻار بہ ڪري پيس. ويھي رت ڳوڙها ڳاڙيائين پر ڪجهہ بہ نہ ڪڇيائين. جي ڪڏهن وات مان حق جو اکر ڪڍي تہ سندس ساهيڙي ڀون ڀون ڪري وٺي وڃيس. چئہ"اڙي نواز توکي ڀڄائي ڪو نہ کڻي آيو آهي. ٽڪا ڏئي آيو آهي پڻھين کي ٽڪا. گهڻي زبان هلائيندينءَ تہ وات ڀڃي رکندي سانءِ، سو اها ٽر ٽر ڇڏ ۽ پنھنجي ڪم سان ڪم رک."
هن جي ساهيڙي گهر جي ڏاڏڙي بڻي سڄو ڏينھن ڄنگهہ ڄنگهہ تي چاڙهي کٽ تي ويٺي هجي. مڙس تي بہ دڙڪو دهمان رکيو اچي. ٿانون ٻُھاري، سانجهڻ، لٽا ڪپڙا ڌوئڻ کان مال جا ڇيڻا کڻي ٿڦڻ تائين گهر جو سڄو ڪم هن نڌڻڪيءَ جي مٿي ۾. سنجهي کانپوءِ ڪم لھي تہ کيس ڪوٺي ۾ واڙن. جيئن ڪا جنم جنم جي قيدياڻي هجي. ماني ٽِڪي بہ بس جيئڻ جيتري مليس. تڏهن تہ ڏينھون ڏينھن ڏٻري پئي ٿيندي وئي.
"ڀاڳي اٿي کٽ اندر ڪر!" نواز مٿان بيھي رکي نموني چيس. نواز سان لائون لھڻ کانپوءِ هوءَ ڀاڳ ڀري مان ڀاڳي بڻجي چڪي هئي. جڏهن ڄائي هئي تہ پڻھنس خوشي مان ڪُڏي پيو هو. ڳُڙَ جا ٻہ ڪلا وٺي سڄي ڳوٺ ۾ ورهايا هئائين. ٽي ٻار مري وڃڻ کان پوءِ پير سائين تي چلو ڪٽيو هئائين. خواب ۾ آيو هئس تہ هاڻي تنھنجو جيڪو ٻار ڄمندو، سو رب جي حڪم سان نہ مرندو. سو تڏهن ئي نالو ڀاڳ ڀري رکيو هئائينس. پر کيس ڪھڙي خبر تہ ڀاڳ ڀريءَ جا ڀاڳ، اڀاڳ ۾ تبديل ٿي ويندا. اوئان، اوئان ڪرڻ کانپوءِ بانبڙا پائڻ لڳي. ڦت ڦت ڪري پيرڙو پنڌڙو سکي. ٻاتڙن ٻولن ٻولڻ تي سندس پيءُ ماءُ گهور ويندا هئا. آهستي آهستي وڏڙي ٿيڻ لڳي. پوءِ ٺپي، بال پٿر، نوڙي ٽپڻ، ڦري ڦري سانٽيو. اک ٻوٽ ۽ گڏي گڏيءَ واريون رانديون کيڏڻ شروع ڪيائين. سامائي تہ ننڍي کان بہ سھڻي ٿي پئي. ڀوري تہ هونءَ ئي هئي، ويتر اڃا بہ رنگ کُلي پيس تہ منھن گلابي ٿي پيس. هرڻي جهڙين وڏين ۽ سھڻين اکين ۾ ڪجل پائيندي هئي تہ ڳوٺ جي جوانن کي گهائي وجهندي هئي. هن جا چپ سرخي مساڳ بنا بہ سدائين نرم ۽ گلابي هوندا هئا، سندس گهاٽا ڪارا وار جڏهن منھن آڏو اچي ويندا هئس تہ ائين لڳندو هو جيئن ڪو چنڊ نم مان جهاتيون پائيندو هجي. کل مک اهڙي جو ڳالھہ هجي نہ هجي پئي مرڪندي ۽ مرڪ سندس مُکَ کي اڃا بہ نکاري ڇڏيندي هئي. هن جا نيڻ هن جي ڀرت جي ڪاون جيان سدائين چمڪا ڏيندا هئا.
"نہ ٻڌئي ڇا رن کٽ اندر ڪرڻ لاءِ چيومانءِ." نواز پير جو ٿڏو هڻي ٻيھر ڪاوڙ ۾ چيس.
هوءَ ڊڄندي ڊڄندي پَٽَ تان اٿي. جيئن هوءَ ڪنوارپ ۾ هئي، اڄ ان کان بلڪل ئي ابتڙ ٿي لڳي. رنگ هيڊو، اکيون سڄل، ريءَ سرمي ڪجل. نرم ۽ گلابي چپن ۾ سڪي وڃڻ جي ڪري ڏار پيل. هن جا گهاٽا ڪارا وار کٿل هئا ۽ مُکَ تان مرڪ ۽ نيڻن جي چمڪ الائجي ڪيڏانھن اڏامي وئي هئي. آڳر ۾ اچي کٽ ۾ هٿ وڌائين. صبح واري سورَ جي سَٽَ اُڀريس. سوچَ ۾ پئجي وئي. من ۾ ڀڻڪڻ لڳي.
"بابا مون سان هي ظلم ڇو ڪيئي؟ مون کي هن جھنم ۾ ڇو ڦٽي ڪيئي. منھنجو ڪھڙو ڏوھہ هو. آخر منھنجو ڪھڙو ڏوھہ هو. "اکين مان ڪرندڙ گرم لڙڪ هن جي ميري چولي کي آلو ڪري رهيا هئا. وري گهڙي ۾ ڳوڙهن جي ٽپ ٽپ بند ٿي ويس. ڳوڙها نہ هئا ڄڻ سانوڻي جي برسات هئي. ها پوءِ کيس بابل جون مجبوريون آڏو اچي ويون.
ٻہ سال اڳ وڏا مينھن پيا، اهڙا مينھن اڳ ۾ ڪڏهن نہ اُٺا. اصل سمورا فصل لڙهي ويا هئا. ڳوٺ جي ڪجهہ همراهن کجين ۾ قرآن شريف ٻڌا هئا نيٺ مولا معافي ڏني ۽ مينھن بند ٿيو هو پر وري رب جو ٻيو ڏمر شروع ٿيو. مال ۾ اچي بيماري پئي. بيماري بہ اهڙي جو اصل هڻ کڻ. جهٽ نہ گذري زناور اچي ٻٽڪو ڏئي ڪري. ڊاڪٽر تائين پھچڻ کان اڳ ئي جانور چٽُ. چوڌاري ڏڪر پئجي ويو هو. هرڪو ماني ڳڀي لاءِ بہ ماندو. بابو بہ تر جي وڏيري جي آڏو ٻانھون ٻڌي بيٺو هو. پيرن تي ڪري چيو هئائينس:
"ڀوتار سائين ٻن ڏينھن کان گهر ۾ چلھہ ناهي ٻري، گندڙا خالي ٿي ويا آهن. ڪو اَنَ جو داڻو بہ ڪونھي. سائين جن جيڪڏهن اسان مسڪينن تي رحم ڪن تہ...."
"اڙي جڏهن اَنُ ٿو کٽيوَ تہ ڀڳا بيٺا آهيو. مان ڪو توهان جو ٺيڪو کنيو آ." وڏيري ڏاڍو دٻايو هيس چئہ: "جي گهر ۾ چلھہ نہ ٿي ٻرئي تہ مان ڇا ڪيانءِ."
"پر سائين مان توهان وٽ اول ڪڏهن بہ نہ..."
"سنڀالي ڳالھاءِ سنڀالي ڳالھاءِ.... ڀوتار آڏو وات ٿو هڻين." ڪمدار منھن ۾ گهنج وجهي کيس اڌ ۾ روڪيندي چيو هو.
"بس ڀوتار مھرباني ڪيو ٻہ ڪڻان ان جا پنڻ آيو آهيان." بابي وري بہ منٿ ڪٿي هيس.
"ٻيا ڪھڙا پيٽ ڀريو ويٺا آهن جو رڳو تون بکيو آن."
وڏيري جي ابتن سبتن سوالن مان نااميديءَ جي بوءِ محسوس ڪندي بابو گهر ڏانھن موٽيو هو. اڃان سور سرير ۾ ئي هيس تہ گهر جو دروازو کڙڪيو هو. در کوليو هيائين تہ نواز هو. ويھي هڪ ٻئي کان حال احوال وٺڻ کانپوءِ نواز ساڻس سڀاڳيءَ جي سڱ گهرڻ جي ڳالھہ چوري هئي. بابي جا پھريان تہ تاڪ لڳي ويا ها ۽ دل ۾ آيو هيس تہ ڪھاڙي سان سندس سسي لاهي وجهي. ڀلا چوڏهن سالن جي نينگري سٺ سالن جي پوڙهي کي ڪير ڏيڻ چاهيندو. پر پوءِ هن منھنجي بدلي کيس پنجاھہ هزار ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي. اهو ٻڌي بابو ويتر تپي باھہ ٿي ويو هو. امڙ جي ڪَنَ تي ڳالھہ پئي هئي تہ ڏاڍو ٻاڪاريو هئائين چئہ.
"منھنجي مسڪينڙي ڌيءَ تي اهو ظلم نہ ڪر منھنجي بي زبان ٻچڙيءَ سان اها ويڌن نہ ڪر. مون کي بک مرڻ قبول آهي پر اهو نہ."
مون کي خبر پئي هئي تہ ڏندڻ پئجي ويا هئا ڏاڍو رني هيس پر ڪجهہ نہ ٿيو. جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي ويو. نواز پرڻجي پنھنجي ڳوٺ آيو. شاديءَ جا پھريان ڪجهہ ڏينھن چڱو هليو، پر پوءِ موچڙي ۾ هٿ پيس تہ بي درديءَ سان ڪُٽڻ شروع ڪيائين. خانداني زمين کپائي مالُ ميڙيو هئائين پر بڇڙين عادتن ڪري رپيو رپيو لٽائيندو ويو. جوا تي تہ پھريائين ئي لٿل هو، مٿان ڀنگ ۽ چرس جي هير ٿيڻ تي ڪل ئي ٿڙي پيس. پوءِ تہ بس، جي نشو نہ مليس تہ بہ سٽڪو مون تي. جي جوا ۾ هارائي تڏهن بہ مون مٿان پادر.
"ڀاڳي" ڪوٺيءَ مان آيل نواز جي ڀيانڪ آواز تي هن ڇرڪ ڀري کٽ کي پٺيءَ تي کنيو. دروازي کان اندر ڪري. پٽ تي رکي هنڌ وڇايو ۽....!!
ها!‍ هاڻي ڀاڳ ڀري نواز لاءِ فقط هڪ رانديڪو بڻجي چڪي هئي. جنھن سان هو جڏهن ۽ جنھن وقت چاهي کيڏي ۽ دل ڀرجي وڃڻ تي ٿڏي ڦٽي ڪريس.

درد لادوا

مان پنھنجي ٽيبل تي وکريل ڪاغذ سھيڙي ئي رهيو هئس تہ هوا جو جهوٽو سامھون دريءَ مان گذرندو منھنجن ڪاغذن سان کيچل ڪندو دَرَ کان ٻاهر نڪري ويو. ڪجهہ پنا لڏندا لمندا هوا جي لھرن ۾ ترندا وڃي پَٽَ تي ڪريا. مون ٽيبل تي مختلف جڳھن تي رکيل ڪاعذن مٿان پنھنجا هَٿَ رکي ڇڏيا پر تنھن هوندي بہ ڪجهہ ڪاغذ هوا جي هلڪين لھرن تي لڏي رهيا هئا. مون سڄي هٿ کي چوري ٽيبل جي ڪنڊ تي پيل پيپر ويٽ ۾ هٿ وڌو ۽ پوءِ ٽيبل جو خانو کولي ٻہ ٻيا پيپر ويٽ کڻي پنن جي مٿان رکيا. زمين تي ڪريل ڪاغذ بہ ڇَنڊي ڦوڪي مٿي ڪيم. آفيس ۾ اڪثر پھريون پھر پبلڪ جو گوڙ گهمسان هوندو آهي، جيڪو هاڻي ٻڌي ٻڌي هري ويو آهيان.
آفيس جي وال ڪلاڪ ۾ ڏھہ لڳي پنج منٽ ٿي رهيا هئا، سيڪنڊ ڪانٽو انگن مٿان ننڍيون ننڍيون ٻرانگهون پائي رهيو هو. منھنجو قلم ڪاغذ جي سيني مٿان تيزيءَ سان تِرڪندو رهيو. ڪم ۾ مصروف رهڻ ڪري ٽائيم گذرڻ جو احساس ئي ڪونہ پئي ٿيو. شام جا چار ٿيا تہ ٻئي ٻانھون مٿي ڪري آرس ڀڳم. ائين ٿي لڳو جيئن جسم مان هلڪيون لھرون اُڀري هٿن جي آڱرين مان نڪرنديون هجن.... آفيس ۾ هاڻي ٽائيپ جي ٽڪ ٽڪ کانسواءِ ڪوبہ آواز نہ هو. هرڪو پنھنجو ڪم وائينڊاپ ڪري رهيو هو. مان بہ پنھنجا رجسٽر ۽ فائيل سھيڙڻ لڳس. سڀ شيون گڏ ڪري ٽيبل جي پويان رکيل سيف ڏانھن اڃا مڙيس ئي مس تہ هڪ معصوم آواز ۽ سھڻي صورت واري ناري منھنجي سامھون اچي بيٺي. هن منھنجي آڏو هٿ ڊگهو ڪري چيو "او سائين! ﷲ جي نالي تي منھنجي مدد ڪر، مان غريب مسڪين آهيان."
مان هن کي ڏسي بت بڻجي ويس. سندس ميڪ اپ کان عاري مکڙو ڏاڍو من موهيندڙ هو. ڦاٽل ۽ ميرن ڪپڙن ۾ بہ هوءَ حسين لڳي رهي هئي. سندس گهاٽن وارن ۾ مٽي پيل ۽ چڳون الجهيل هيون پر ها! هن جو نڪ نقشو ڪنھن شھزاديءَ کان گهٽ نہ هو. مان سندس هلڪين نيرين ۽ آلين اکين ۾ ڪجهہ ڳولھڻ لڳس ۽ ها! سندس لڙڪن ۾ مون کي ماضيءَ جي هڪ ڌنڌلي تصوير نظر آئي.
سال کن اڳ معمول مطابق آفيس ۾ آئون پنھنجي ڪم ۾ مشغول هئس تہ ڪو معصوم ۽ پيارو آواز منھنجي ڪنن سان ٽڪرايو هو، "او سائين! ﷲ جي نالي تي منھنجي مدد ڪر! مان غريب مسڪين آهيان."
مون ڪنڌ مٿي کڻي ڏٺو هو، سندس ميڪ اپ کان عاري مکڙو من موهيندڙ هو، ڦاٽل ۽ ميرن ڪپڙن ۾ بہ هوءَ چنڊ جو ٽڪرو لڳي رهي هئي. سندس عمر ٻارنھن تيرنھن سال کن هئي. هن جي آواز مان اڃا معصوميت جي خوشبوءِ ڪونہ اڏامي هئي. سندس جملي منھنجي جيءَ کي جُهٻو ڏنو هو. مون کيسي مان پنج روپيا ڪڍي هن جي تريءَ تي رکيا هئا، پوءِ هوءَ ڪيترائي ڏينھن مون کان خيرات پنندي رهي. مان هڪ غريب ڪلارڪ هوندي بہ هن کي ڪڏهن خالي هٿين ڪونہ موٽايو هو. درد جا ڪارا ڪبوتر مون کي سندس اکين جي آڪاس تي ڦڙڪا ڏيندي نظر ايندا هئا. مان انھن ڪبوترن کي ڦاسائي ڪُھڻ چاهيو هو، ها! مون هڪ ڏينھن کانئس پڇڻ چاهيو هو هن جي درد جو داستان. کيس پنھنجي ڀرسان ڪرسيءَ تي ويھاري ڏاڍا ايلاز ڪيا هئا تہ پنھنجي متعلق ڪجهہ ٻڌاءِ پر ٻڙڪ ٻاهر نہ ڪڍي هئائين. نيٺ ڪرسيءَ تان اٿي لڙڪ لاڙيندي ٻاهر نڪري وئي هئي. آفيس وارن منھنجي مٿان الائي ڪھڙيون ڪھڙيون ڳاليھون ٺاهيون. پرپٺ چون، "لڳندو تہ شريف آ پر هاڻي خبر پئي تہ وڏو کڙپيل آ...."
"لڪل ٿئي لڪل.... ايئن ميسوڻو نہ سمجهينس، وڏو عاشق جيئڙو ٿئي...."
پرپٺ تہ ٺھيو پر سامھون بہ ڪوئي نہ مڙيو. ڪنھن چيو: "اها فقيرياڻي تہ الائي ڪھڙو جادو ڪري وئي اٿئي، جو مٿس لک ٿو لٽائين."
منھنجي جواب ڏيڻ کان اڳ ۾ ٻئي چيو، "يار سڌي سنئين ڳالھہ آهي، هوءَ هِن جي دل کسي وئي آهي."
"يعني لو افيئر.... او....!"
ڪنھن چيو، "لو افيئر سو بہ فقيرياڻيءَ سان. Imposible، ايئن ٿي ئي نٿو سگهي."
هڪڙي ڪلارڪ ڀرون ڇڪي چيو هو"ها يار! مونکي بہ ڪو ٻيو چڪر ٿولڳي."
جڏهن اُبتيون سُبتيون ڳالھيون ٻڌي منھنجي صبر جو پئمانو لبريز ٿيندو هوتہ مٿن گرم ٿيندو هئس ۽ پاڻ کي ڪليئر ڪرڻ لاءِ چوندو هئس. "اهڙي ڪا بہ ڳالھہ ڪونھي، توهان کي غلط فھمي آهي، مون کي فقط هن سان همدردي آهي بس ۽ جيڪڏهن ڪنھن سان همدردي ڪرڻ ڏوھہ آهي تہ ٺيڪ آهي، توهان مونکي ڏوهي چئي سگهو ٿا."
پر منھنجي صفائيءَ کانپوءِ بہ هو ڪونہ مڙندا هئا ۽ مڙيئي ابتيون سبتيون ڳالھيون پيا ڪندا هئا. جنھن ڏينھن مون کيس ڪرسيءَ تي ويھاري کانئس پڇيو هو، تنھن ڏينھن کان پوءِ هوءَ وري ڪڏهن نہ آئي هئي. مان سندس ائين اوچتو غائب ٿي وڃڻ تي حيران ٿي ويو هئس.
"تون... تون شبو آهين نہ.... شبنم؟" مون پنھنجا سھيڙيل رجسٽر ۽ فائيل ٽيبل تي رکندي پڇيومانس ها! هڪ ڏينھن مون کانئس نالو پڇيو هو، چيو هئائين، "شبو نالو آهي.... شبنم."
"ها....! پر....." هوءَ پر چئي چپ ٿي وئي.
"ها مان توکي سڃاڻان ٿو." مان سندس ٻن لفظن جي سوال جو جواب هڪ جملي ۾ ڏنو. ڪجهہ پريان پيل ڪرسيءَ کي سوري چيومانس، "ويھه" منھنجا ڪليگ مون کي ۽ شبو کي ڏسي وائڙا ٿي ويا.
هن ڪرسيءَ تي ويھندي چيو، "تون....." الائي ڇو آئون سندس چيل مختصر لفظن مان آسانيءَ سان معنى ڪڍندو ويس. ها! هن مون کي ڪجهہ دير سان ئي سھي پر سڃاڻي ورتو تہ مان آصف آهيان. هن ڪرسيءَ تي ويھڻ کانپوءِ ڪجهہ دانھن ڪئي، "او...." اوچتو منھنجي نظر سندس پيٽ تي پئي. جيڪو گول مٽول ۽ اڀريل هو، کيس پاتل چولو سوڙهو ٿي لڳو.
"هي....!!" مون کان هلڪي دانھن نڪتي، "شبو، ڇا تنھنجي شادي ٿي وئي آهي؟" هن جو ڪنڌ جهڪي ويو. منھنجا ڪليگ ڪم مان ڪنڌ ڪڍي ڪنھن ڪنھن پل اسان ٻنھي ڏانھن گهوري رهيا هئا ۽ شايد پاڻ ۾ سس پس بہ شروع ڪيائون ٿي.
"مون کي ٻڌاءِ، ڇا تنھنجي .....!"
منھنجي جملي جي پوري ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي هن چيو، "نه". مان چپ ڀڪوڙي ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏئي سانت ٿي ويس. هوءَ بہ خاموش هئي ۽ آفيس ۾ هلندڙ ٽائيپ جي ٽڪ ٽڪ جو آواز منھنجو ميڄالو چِٿي رهيو هو ۽ ائين ٿي لڳو ڄڻ اجهو منھنجو ميڄالو ٻاهر نڪري پوندو. اکين کي زور سان بند ڪري هڪ وڏو ساھہ کنيم، پوءِ لڱ ڍلا ٿيندي محسوس ٿيا. تارن تان پنبڙيون هٽايم تہ سامھون انڌيرو ٿي لڳو، پوءِ هلڪا هلڪا ترورا ۽ پوءِ شبو جو چھرو. الائي جي ڇو مونکي هن جو درد پنھنجو محسوس ٿي رهيو هو، سندس چھري تي ڏاڍ جا آثار صاف صاف ظاهر هئا. مان سڌو ٿي کيس چتائي ڏٺو. هن جي جهڪيل نيڻن مان وهندڙ لڙڪ هن جي بيگناهيءَ جي گواهي ڏئي رهيا هئا.... منھنجا ڪليگ آهستي آهستي آفيس مان وڃڻ لڳا.
"شبو اهو سڀ ڪجهہ ڪيئن ٿيو؟" جواب نہ مليو. "ٻڌاءِ شبو..... مون کي ٻڌاءِ، مان تنھنجو همدرد آهيان، مان...."
"صاحب هن دنيا ۾ ڪو بہ ڪنھن جو همدرد نہ آهي، منھنجو سڀني تان ويساھہ کڄي ويو آهي، سڀني تان..... هونئن بہ ڇا رهيو آهي ٻڌائڻ لاءِ جيڪو توکي ٻڌايان." هن جو روئڻھارڪو آواز دل کي وڍ وجهي رهيو هو. سندس لفظَ درد جي زهر ۾ ٻڏل هئا.
"جيڪڏهن ڪجهہ پڇڻو اٿئي تہ انھن درندن کان پڇ، جيڪي انسانن جو روپ وٺي مون جهڙين هزارين نياڻين کي پنھنجي هَوَس جو کاڄ بڻائي رهيا آهن. "مون کي يقين نہ پئي آيو تہ هي شبو پئي ڳالھائي پر.... شايد زماني جي ظلمن کيس گهڻو ڪجهہ سيکاري ڇڏيو هو.... ها، ڳالھائڻ بہ....
"هاڻي تہ مان ان کوٽي سڪي وانگر آهيان جيڪو ڪڏهن بہ اَگهي ڪونہ ٿو سگهي. صاحب جڏهن مان توکان پنڻ ايندي هئس تہ تون اڪثر مون کان منھنجي ڪھاڻي پڇندو هئين. مان پئي نٽائيندي هيس پر صاحب اڄ مان توکي سڀ ڪجهہ ٻڌائينديس، سڀ ڪجهہ.... هن بي رحم دنيا ۾ اهڙا ماڻھو ڪٿي آهن جيڪي ٻئي جي درد کي پنھنجي دل جو سور بڻائين پر تنھنجي همدرديءَ منھنجو دنيا وارن تان کڄيل ويساھہ واپس آڻي رهي آهي. مان اڄ تنھنجي آڏو پنھنجي اندر جو اوٻر ضرور ڪڍندس."
هوءَ ڳالھائيندي رهي ۽ آئون چپ چاپ ٻڌندو رهيس. هن جا اجهل جذبا لاوا بڻجي سندس اندر مان نڪرندا رهيا.
"سائين مان گهمڻ مس سکي هوندس جو امڙ موڪلائي وئي هئي. بابو ڀنگ ۽ چرس پيئڻ کانپوءِ هيروئن جھڙي زهر پيئڻ جو عادي ٿي ويو. پوءِ بابا مونکي آڱر کان جهلي شھر ۾ پنائڻ شروع ڪيو. منھنجو سھڻو ۽ معصوم مکڙو ڏسي ماڻھن کي رحم اچي ويندو هو. بابا کي پُڙيءَ جيترا پئسا ٿيندا هئا تہ پنھنجي نشي جي ٻاڙ پوري ڪندو هو. پاڙي جي ڪن ماڻھن ﷲ جي نالي تي ماني ڏيڻ شروع ڪئي ۽ مڙئي گذارو ٿيندو رهيو. بابو بہ ڏينھون ڏينھن ڳرندو پئي ويو ۽ آخر هلڻ کان هلاڪ ٿي پيو. هيروئن جي پُڙيءَ کانسواءِ مان بابي جو ڦتڪڻ ڏسي نہ سگهيس. بس.... بغير ڪجهہ سوچڻ جي گهر کان پھريون ڀيرو اڪيلي پنڻ نڪتيس، گهر موٽيس تہ منھنجو جهول پئسن سان ڀرجي چڪو هو. عام ڏينھن کان وڌيڪ پئسا مليا. پر ها! انھن پئسن جي عيوض ڪن ماڻھن منھنجن ڳلن تي هٿ ڦيريا، ڪن اکيون ٿي هنيون تہ ڪن وري ٻانھن کان جهلي سيني ڏي ڇڪيو. بابا پئسا ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. مون کي ڏاڍو پيار ڪيائين پر منھنجين اکين ۾ ترندڙ ڳوڙهن کي نہ ڏٺائين. ائين مان بابي جي نظر ۾ جيڪا زندگي هئي اهو زهر خريد ڪرڻ لڳيس."
ڪجهہ گهڙين لاءِ هوءَ خاموش ٿي وئي. سندس خاموشيءَ ۾ بہ ڄڻ ڪو طوفان لڪل هو. چيومانس "شبو.... تنھنجي اندر ۾ جيڪي ڦٽ آهن، تن جو درد مون محسوس ڪري ورتو آهي، تنھنجين ڳالھين مان. شبو.... شبو مون کي ٻڌاءِ، اهو شيطان ڪير هو، جنھن تنھنجي حسن تي حملو ڪري تنھنجن معصوم جذبن جو قتل ڪيو. مون کي ٻڌاءِ..... اهو ڪير هو؟" منھنجو بدن لوھہ جيان تپڻ لڳو.
"سائين....!" شبو هڪ ڊگهو ساھہ ڀري چيو، ائين لڳو ڄڻ پنھنجي اندر جو سمورو اوٻر ٻاهر ڪڍڻ ٿي گهريائين "مان توکي ڪھڙن ڪھڙن ظالمن جا نالا ٻڌايان، ڪو هڪ هجي تہ چوان. هاڻي تہ مون کي هي سڄي دنيا وحشي پئي لڳي. صاحب، جڏهن منھنجو سڀ ڪجهہ لٽجي ويو تہ مان حياتيءَ مان بيزار ٿي پيس پر وري بہ بابا جو بي ڪفن لاش آڏو اچي ويو، منھنجن چپن تي چُپِ جو تالو لڳي ويو. اکين مان ڳوڙها سڪي ويا. خبر ناهي ڪيترا ڏينھن گهر کان پير ٻاهر نہ ڪڍيم. منھنجي اندر ۾ اوندھہ پکڙجي وئي. دنيا سڄي دوکو پئي ڀائنيم..... بابا جي خوراڪ ختم ٿي تہ بيقراري شروع. وري ساڳي ائي لي گهوڙا. گهر کان پير ٻاهر ڪڍيم تہ زمين ٽامي وانگر لڳي. هر ماڻھو شڪاري ڪتي وانگر ڄڀ لڙڪائيندي نظر آيو. ها!.... پوءِ تہ مان ڪيترن ئي وحشين هٿان لٽبي رهيس. سال کن اڳ جڏهن تو وٽ تنھنجي اڳين آفيس ۾ آخري دفعو پنڻ آئي هيس تہ ان کانپوءِ مون تي اهو ظلم ٿيو. ها! پوءِ مون پاڻ کي تو جھڙي ڀلي ماڻھو، اڳيان اچڻ لائق نہ سمجهيو. تون يقين ڪر صاحب، جيڪڏهن مون کي پتو هجي ها تہ تون هن آفيس ۾ آيو آهين تہ مان هتي ڪڏهن بہ نہ اچان ها. آصف صاحب مان.....“
ڳالھہ اڌ ۾ ڪٽيندي چيومانس "شبو، آصف صاحب نہ، مون کي آصف چئہفقط آصف."
"آصف." هن هلڪي آواز ۾ اچاريو ۽ ائين لڳو ڄڻ پنھنجي اندر ۾ هڪ عجيب سڪون محسوس ڪيائين.
"شبو، صاحب ڌارين کي چئبو آهي، تون مون کي پنھنجو سمجهہ. مان تنھنجو همدرد ۽ دوست آهيان. تنھنجن لفظن جي درد منھنجي دل کي زخمي ڪري وڌو آهي. توسان جيڪو ڪجهہ هن وقت تائين ٿيو آهي، هاڻي آئون ايئن ٿيڻ نہ ڏيندس."
"سائين، توهان اڃا ويھندئو؟ مون کي ٻھاري ڏيڻي آهي." سوئيپر آفيس ۾ گهڙندي مون کي چيو.
"بس اسان هلون ٿا." چيومانس.
مون پنھنجو سامان ٽيبل تان کڻي ڪٻٽ ۾ رکيو.... سج بہ ٻڏي رهيو هو ۽ ها! پوءِ شبو سڌي روڊ تي ويندي رهي، بغير ڪنھن جي آڏو هٿ جهلڻ جي. تنھن ڏينھن منھنجي اندر ۾ عجيب ڪيفيتون ڪر موڙي اٿيون هيون. رات ٿي تہ اکين تي ننڊ جون پريون لھي آيون ۽ سڄي رات خوبصورت خوابن جي کٿوري ذهن کي واسي ڇڏيو هو. نيڻن جا دروازا کوليا هئا تہ صبح جا اجرا ڪرڻا من ۾ ڪتڪتايون ڪڍڻ لڳا هئا.
ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ منھنجو لاڙڪاڻي کان ڪراچي بدليءَ جو آرڊر نڪتو هو. منھنجي اندر جو آئينو چور چور ٿي ويو هو.... ڪڇان تہ ڪافر. من تي ڳرو پٿر رکندي وڃڻو پيو. ڀلا اڪيلو سر منٿن سان نوڪري ملي، سا ڪيئن ڇڏيان. پوءِ مسلسل بدليون ٿينديون رهيون. ڪراچيءَ کان بدين، بدين کان ٺٽي. پنجن سالن جي سروس ۾ ستن شھرن ۾ ٽرانسفر ٿي آهي. اڄ ٺٽي مان حيدرآباد بدلي جو آرڊر مليو. هاڻي تہ اهي آرڊر ڏسي ڏسي هري ويو آهيان... انھيءَ افراتفريءَ ۾ دل جي تھہ خاني ۾ رکيل يادن جا ڪيئي ورق سڙي رک ٿي ويا آهن. سمورا خواب درد نگر ڏي اڏري ويا آهن ۽ اندر ۾ بيچينيءَ جو سمنڊ ڇلي رهيو آهي. شبو سان هن زماني ڪھڙي حالت ڪئي هوندي. اهو سوچي سچ پچ دل ۾ درد جي هڪ سٽ اڀري وڃي ٿي. منھنجي آٿت کانپوءِ هن جي من ۾ اميدن جي جيڪا ننڍڙي لاٽ ٻري هوندي. سا بہ منھنجي وڃڻ کانپوءِ اجهامي وئي هوندي. سندس دل جو درد لادوا ٿي چڪو هوندو. هوءَ وري اداسيءَ ۽ بيقراريءَ جي آويءَ ۾ پچڻ لڳي هوندي ۽ ها‍‍ هاڻي تہ هوءَ هڪ ماءُ بہ بڻجي چڪي هوندي. اهڙي ماءُ جيڪا پنھنجي ٻار کي پيءُ جو نالو ڪڏهن بہ نہ ڏئي سگهندي.

پاڻي

"تون قاتل آهين، تنھنجو زهر منھنجي زندگي کسي رهيو آهي." صحرا مان سرٻاٽ آيو.
سامھون ڪاري نانگ پنھنجي ڦڻ ڪڍي، ڳاڙهي زبان مرڪائيندي چيو "ها منھنجو ڏنگيل "پاڻي" بہ نہ گهري سگهندو آهي."

اُڃَ

"تنھنجو مرڪڻ سانوڻ جي پھرين وسڪاري جھڙو آ. تنهجا ٻول بھار جي سندر گيتن جھڙا آهن. تون منھنجي دل جي رنگ محل جي راڻي آهين." منھنجو هٿ چمي ڪيڏي چاھہ مان چيو هيئي." منھنجي جيون جو هر پل تنھنجي ئي نانءِ آهي."
منھنجي دل ۾ خوشيءَ جي هولي مچي وئي هئي. هر طرف رنگ ئي رنگ نظر آيا هئا. تنھنجا چَپَ منھنجي هٿن جون سرحدون پار ڪري منھنجي لبن تائين پھچي ويا هئا. تنھنجي لمس منھنجي روح کي بي چين ڪري ڇڏيو هو. پر تون منھنجا سڀ رستا بند ڪري اچانڪ ڪاڏي هليو وئين. "اچ مونکي هڪڙو دفعو ڏسي وڃ، ڇو تہ منھنجي لبن تي مرڪ جي لاٽ آخري هڏي جي انتظار ۾ آهي. منھنجا ٻول اداسيءَ جي تتل واري ۾ ڍڪجي ويا آهن ۽ منھنجي دل پنھنجي وڃايل تخت لاءِ هر پل منتظر آهي. تون منھنجي بي چين روح کي اهڙي اُڃ ڇو ڏئي وئينءَ جنھن کي فقط موت جو پُر پيالو ئي اُجهائي سگهي ٿو."

برساتي رات جو الميو

شام کان مسلسل برسات وسي رهي هئي. سياري جي گونگي برسات. مٿان وري اتر جي هوا ڄڻ سينو چيري رهي هئي. رات جي پوئين پھر تہ سيءَ ۾ وڌيڪ اضافو ٿي چڪو هو پر هو ٻئي ان سيءَ کان بي نياز پنھنجي عاليشان بنگلي جي گرم ڪمري ۾ ٽي وي تي فلم ڏسي رهيا هئا. ڪمري جو دروازو کڙڪيو . “Yes” چوڻ تي نوڪر دورازو کولي ڪمري ۾ گهڙي آيو. سندس هٿن ۾ برسات ۾ پسيل هڪ انگريزي نسل جو ڪتو بہ هو. بيگم صاحبہ ڪتي کي ڏسي بيڊ تان ٽپو ڏئي اٿي نوڪر کي چيو "هي ڇا! “Non sense” موتي بارش ۾ ڪيئن پسي ويو؟"
"بيگم صاحبہ...!" نوڪر ڳالھہ شروع ڪئي "اصل ۾..." "بس بس.. مان ڪجهہ بہ نہ ٿي ٻڌڻ چاهيان." هن وضاحت کان اڳ ۾ ئي کيس دڙڪو ڏئي چپ ڪرائي ڇڏيو. موتي جي پشم جھڙن اڇن ۽ نرم پسيل وارن ۾ هٿ ڦيريندي مڙس کي چيائين. "شوڪت! مون کي تہ ڊپ آهي تہ ڪٿي هي معصوم بيمار نہ ٿي پوي."
"واقعي! ڇو تہ ٻاهر سيءُ بہ تمام گهڻو آهي ۽ ويچاري کي ڏڪڻي بہ وٺي وئي آهي." مڙسھنس هن جي تائيد ڪئي.
"تون هتي اسان جي منھن کي ڇا ٿو ڏسين، وڃ جلدي ٽاول کڻي آ.“ صاحب، نوڪر کي دٻ پٽي.
ٽاول آيو تہ بيگم صاحبہ موتيءَ کي ويڙهي هيٽر جي ڀرسان کڻي وئي، هيٽر جي گرمي ملڻ کانپوءِ ڪتي جي ڏڪڻي گهٽجڻ لڳي پر هلڪا هلڪا ڪنئونڪاٽ ڪري رهيو هو. ڪجهہ دير کانپوءِ هڪ دفعو ٻيھر ڪمري جو دروازو کڙڪيو.
"ڪير آهي؟" صاحب چيو.
"سائين.... مان آهيان... ڪرمون."
"بابا... وري ڇا ٿيو، اچ اندر."
هو اندر اچي ڪنڌ جهڪائي چوڻ لڳو "سائين... سائين هو...."
"ها بابا چئہنہ ڇا مسئلو آهي؟"
بيگم صاحبہ رموٽ سان ٽي ويءَ جو واليوم گهٽايو.
"سائين بنگلي جي ٻاهران ڪافي دير کان هڪ ماڻھو بيٺو آهي، بارش ۾ پسڻ جي ڪري طبيعت ڏاڍي خراب ٿي وئي اٿس ۽ سيءَ ۾ ٿڙڪي رهيو آهي..."
"تہ پوءِ....! بابا مطلب جي ڳالھہ ڪر... آخر اسين ان کي ڇا ڪيون؟" صاحب ڪجهہ چڙ وچان چيس.
"فلم جو مزو ئي خراب ڪري ڇڏيائين." بيگم صاحبہ چپن ۾ ڀڻڪي.
"سائين هن ٻہ ٽي دفعا مدد لاءِ بہ پڪاريو آهي... شايد ڪو ڀليل مسافر آهي ۽ ...."
"هاڻي تقرير کي ڇڏ، هي ڪو مسافر خانو نہ آهي جو هتي هر ڪنھن کي پناھہ ڏيندا وتون ۽ ها! هن سان ڪنھن بہ قسم جي همدردي جي ضرورت نہ آهي اهڙا ماڻھو اڪثر خطرناڪ بہ ٿيندا آهن."
"اف، هاڻي ڊارلنگ بس بہ ڪيو." بيگم صاحبہ، صاحب کي ادا سان چيو، "هي ڪھڙي فضول مسئلي تي ٿا ڳالھايو. هرو ڀرو بور ٿا ڪريو."
"چڱو هاڻي هل." صاحب نوڪر کي چيو.
نوڪرحاضر سائين چئي دروازو بند ڪري ٻاهر نڪري ويو.
بيگم صاحبہ رموٽ سان چينل مٽايو. صاحب ليمپ جو بٽڻ آف ڪيو. گرم ڪمري ۾ کين ٻاهران جي سيءَ جو ڪو بہ احساس نہ پئي ٿيو.
ڪمري ۾ زيرو بلب جي هلڪي نيري روشني ڦھلجي چڪي هئي. ها! پر ٻاهر تجلا هئا کنوڻ جا، ڪاري رات ۽ تيز برسات ماحول کي خوفناڪ بڻائي رهي هئي. روڊن تي پاڻي مسلسل لارون ڪري وهي رهيو هو، جيڪو کنوڻ جي چمڪڻ تي ڪنھن ڪنھن مھل ڏسڻ ۾ ٿي آيو.
ڀٽڪيل مسافر اڃا تائين پُسي رهيو هو بارش جي پاڻي ۾. هو پناھہ گهري رهيو هو پر موٽ ۾ کيس پنھنجن دانھن جو پڙاڏو ئي ملي رهيو هو، يا وري آسپاس جي بنگلن مان ايندڙ ڪتن جون ڀونڪون، هن جو پسيل جسم سيءَ ۾ ٿڙڪي رهيو هو. ڏند کڙڪي رهيا هئس، ائين هو سڄي رات سنسان رستن تي ڦرندو رهيو. ها! سڄي رات مينھن جي وسڪاري کانپوءِ باک ڦٽي. ڪڪر الوداعي گيت چوندا هڪ ٻئي کان وڇڙندا ٿي ويا. سج آسمان جي لبن تي لالي هنئين، پکي کنڀ ڦڙڪائي اڏريا. ڪانون ڪان ڪان ڪئي، هر پاسي اجالو ٿي ويو، وڻن جا پن بارش ۾ ڌوپجي اجرا ٿي پيا ۽ بنگلن جي ڀتين تي بوگن بيلا جا گلابي، اڇا ۽ پيلا گل وڌيڪ نکري پيا.
نوڪر بيڊ روم جو دروازو کڙڪايو، صاحب جي Yes چوڻ تي دروازو کولي هٿن ۾ جهليل ٽري سميت ڪمري ۾ داخل ٿيو صاحب ۽ بيگم صاحبہ کي چانھن ڏئي بيڊ جي سائيڊ تي اخبار رکي ويو.
ڪجهہ دير بعد ٽيليفون جي رنگ وڳي. صاحب ڪريڊل تان رسيور کڻي "هيلو" ڪيو تہ رسيور مان آواز آيس "سر! مان حبيب ٿو ڳالھايان، چيئرمين صاحب 11 وڳي ميٽنگ رکي آهي، اوهان کي اطلاع ڏيڻ لاءِ فون ڪئي اٿم."
"اڇا اوڪي، مان اچان ٿو."
"ڊيئر مان يڪو هتي ڊائننگ ٽيبل تي توهان جي انتظار ۾ ويٺي آهيان ۽ توهان ٽيليفون تي گفتگو ۾ مصروف آهيو. "بيگم صاحبہ ناراضگيءَ مان چيس.
“I am very sorry darling” صاحب ڪرسي سوري ڊائننگ ٽيبل جي سامھون ٿي ويٺو "آفيس کان ٽيليفون هئي، ڇا ڪجي، اٽينڊ تہ ڪرڻي هئي نہ."
"چڱو هاڻي ناشتو ڪيو، نہ تہ ٺري ويندو."
"ثمينہ.... هڪ ڳالھہ چوانءِ." صاحب سلائيس کي مکڻ هڻندي چيو.
بيگم صاحبہ ڏانھنس گهوريندي وراڻيو، "هون."
"تون جڏهن مون سان ناراضگيءَ مان ڳالھائيندي آهين نہ، سچ تہ مون کي ڏاڍي سھڻي لڳندي آهين ۽ تنھنجو گلابي چھرو جڏهن ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويندو آهي تہ گلاب جي ڳاڙهي پنکڙيءَ جھڙو لڳندو آهي."
"چڱو پليز! هاڻي منھنجون وڌيڪ تعريفون نہ ڪيو ۽ ناشتو ڪيو. هونئن بہ ڪنھن جي ڪاوڙ سان مذاق نہ ڪرڻ گهرجي. ايئن نہ ٿئي جو مون کي وري ڪاوڙ اچي وڃي." ٿورو مرڪندي چيائينس.
Welcome that’s my pleasure ڀلي اچي، مان تہ خوش ٿيندس." صاحب کان هلڪو ٽھڪ نڪري ويو.
ناشتو پورو ڪري صاحب آفيس وڃڻ لاءِ پنھنجي لينڊ ڪروزر ۾ ويٺو، جيڪا سندس بنگلي جي وسيع لان جي وچ ۾ ٺھيل رستي تان گذري نوڪر کي هارن سان گيٽ کولڻ جو حڪم ڏئي ڊفينس جي صاف سٿرن روڊن تي هلڻ لڳي. صاحب جي بنگلي کان ٿورو ئي اڳيان ڪجهہ ماڻھن جو هجوم هو، جنھن کي ڏسي هن گاڏي روڪرائي. پڇڻ تي خبر پيس تہ اهي ماڻھو ڪنھن لاوارث لاش مٿان بيٺا آهن.
پنھنجي ڪوٽ ۽ ٽاءِ کي ٺاهي صاحب گاڏيءَ تان لھي لاش جي مٿان اچي بيٺو. سيءَ وچان هن جو ڪٻو ٿيل جسم سڪي چڪو هو. سندس آخري دانھن شايد هن جي نڙيءَ ۾ ئي گهٽجي وئي هئي. انھيءَ ڪري هن جو وات کليل ئي رهجي ويو هو ۽ ها! سندس کليل اکين مان چمڪ بہ اڏامي چڪي هئي.
صاحب هن کي ڏسي پنھنجو چشمو لاهي نھايت ڏکاري انداز ۾ چيو Very sad ڏاڍي ڏک جي ڳالھہ آهي، خبر ناهي ڪير هو هي ماڻھو، پر جيڪو بہ هيو، ايئن بي درديءَ سان مرڻ نہ کپندو هو."
"رات هڪ اجنبي جون دانھون ٻڌيون هيون، شايد اهو ئي آهي ۽ برسات ۾ پُسي سيءَ سبب هن روڊ تي مري ويو آهي." هڪ اميرزادي، صاحب کي سندس باري ۾ معلومات ڏني.
"اڇا، يعني هي شخص سڄي رات ڀٽڪندو رهيو آهي، ايڏي سرد رات ۾ هنن روڊن تي! Oh! My God!! صاحب منھن تي اڻڄاڻائيءَ جو ماسڪ چاڙهي ڇڏيو. "مون کي افسوس آهي جو اسان هن جي ڪا مدد نہ ڪري سگهياسين، هن کي گهٽ ۾ گهٽ منھنجو دروازو ضرور کڙڪائڻ کپندو هو. منھنجا دروازا تہ هر منجهيل لاءِ کليل هوندا آهن. توهان سڀني کي تہ خبر آهي تہ مان انساني حقن واري تنظيم جو ميمبر بہ آهيان. مون کي تہ پوري انسان ذات سان محبت ۽ همدردي آهي. هن جي دانھن منھنجن ڪنن تائين پھچي ها تہ مان هن کي ڪڏهن بہ مرڻ نہ ڏيان ها. هي ڪالھوڪي برساتي رات جو وڏو الميو آهي. توهان هن کي سھارو نہ ڏئي ظلم ڪيو آهي." اکين ۾ ڪوڙا ڳوڙها آڻي سڀني ڏانھن نھاريندي چيائين. "ها توهان وڏو ظلم ڪيو آهي." هڪ وڏو ٿڌو ساھہ ڀريندي چيائين، "بھرحال مان هاڻي ئي ايمبولينس موڪليان ٿو. جيئن هن جي ڪفن دفن جو مناسب بندوبست ٿي سگهي."
هو پنھنجي ڳالھہ پوري ڪري گاڏيءَ ۾ ويھي روانو ٿيو ۽ چند پلن ۾ سندس لينڊ ڪروزر اکين کان غائب ٿي وئي.

روپ ٻھروپ

مان معمول مطابق صبح جو سوير جاگنگ ڪرڻ بعد پارڪ جي مخصوص بينچ تي اچي ويٺس ۽ وڏا وڏا ٿڌا ساھہ کڻڻ لڳس، جيئن توانائي بحال ٿي سگهي ۽ صاف سٿري هوا ۽ آڪيسجن ڦڦڙن کي فرحت ڏئي.
صبح ساجهر جون ساعتون بہ عجيب رومينٽڪ هونديون آهن، ٽريفڪ، دونھين، دز ۽ ماڻھن سان ڀريل ويڪرا روڊ بہ سنسان، ماڻھن جي شور ۽ هجوم واري شھر ۾ بہ موت جھڙي خاموشي، پرھہ ڦٽي جي روح کي راحت ڏيندڙ ٿڌڙي هير۽ اجري روشني، باغ ۾ گلن ۽ پنن مٿان ڪريل ماڪ ڦڙا ۽ اهڙا ٻيا منظر ڏسي سوچيندو آهيان ڪاش اسانجون دليون بہ اهڙيون ئي پُرسڪون ۽ پاڪ هجن.
ڪجهہ پل آرام ڪرڻ بعد اڃا اٿڻ وارو ئي هيس تہ سامھون هڪ پراسرار شخص تي نظر پئي. هن جو هُليو عجيب هو. ڊگهو قد، جسم تي سفيد جبو، ڊگهي اڇي ڏاڙهي، وڏا گهٽا ۽ ڊگها سفيد وار، ويڪرو جهريون پيل چھرو، گهاٽيون ڀِرون، گهريون نيريون اکيون ۽ چپن تي پراسرار مرڪ. هو منھنجي طرف ئي اچي رهيو هو. مان اتي ئي ڄمي ويس. هو اڳتي وڌي ساڳي بينچ تي منھنجي ڀرسان اچي ويھي رهيو. دل ۾ عجيب هوراکورا پيدا ٿي پئي. سوچيم هي ڪير شخص آهي؟ اڳ ۾ تہ ڪڏهن نہ ڏنو آهي. ڪير ٿي سگهي ٿو. منھنجي ڀرسان ڇو اچي ويٺو آهي....
مان اڃا کانئس اهو پـڇڻ وارو ئي هيس تہ هن اوچتو مونسان مخاطب ٿي چيو "تنھنجو نالو ڇا هي بابا؟"
مان پھريان ٿورو ڇرڪيس پوءِ چيومانس "تون ڪير آهين ۽ مون کان منھنجو نالو ڇو ٿو پڇين؟"
منھنجي اکين ۾ گهوريندي چيائين "ڇا تون واقعي مونکي نہ ٿو سڃاڻين؟"
"اڄ کان اڳ ۾ مون توکي ڪڏهن ڏٺو ئي ناهي."
"پر تون تہ مونکي روز ڏسندو آهين دل جي درسنيءَ ۾ ."
”ڏس مونکي پريشان نہ ڪر."
"تون پريشان ۽ خوفزده نہ ٿي مان ئي تہ آهيان جيڪو تنھنجي روح ۽ رڳ رڳ ۾ سمايل آهيان."
مان پريشانيءَ ۾ پنھنجي لوندڙين تي هٿ رکي آڱرين سان مھٽڻ لڳس. چيو مانس "اي بي نام شخص تون منھنجي روح ۽ رڳ رڳ ۾ سمايل هجڻ جي دعوى ڪيئن ٿو ڪرين؟"
"مونکي تنھنجي اکين جي چمڪ ٻڌائي ٿي تہ تون منھنجو اولڙو آن ۽ مان تنھنجو آئينو."
دل ۾ سوچيم پڪ هي ڪو جوتشي آهي ۽ مون کي چڪر ڏيڻ ٿو چاهي. مونکي سوچ ۾ ٻڏل ڏسي چيائين" ڇا ٿو سوچين اي دوست؟"
چيو مانس "ماڻھن جي روپ ۽ ٻھروپ تي پيو سوچيان."
چيائين "ڇا تون واقعي بہ ماڻھن جو روپ ۽ ٻھروپ ڏسڻ چاهين ٿو؟"
"ها! پر ائين ممڪن ڪٿي آهي، ماڻھوءَ جو ظاهري روپ تہ پڌرو هوندو آهي. پر اصل روپ هر ڪوئي لڪائي ڇڏيندو آهي. هن مڪار دنيا ۾ هر مڪار ماڻھو پنھنجي مڪار چھري کي ليپ ڏئي پيو هلي. مان اهو ليپ لاهڻ ٿو چاهيان مان اهو ماسڪ پٽي اڇلڻ ٿو چاهيان."
هو منھنجي چھري جي تاثرات کي غور سان ڏسي رهيو هو. ڪجهہ خاموشيءَ کانپوءِ چيائين "دوست مون کي تو جھڙي ماڻھو جي ئي تلاش هئي."
مون کي ڪجهہ سمجهہ ۾ نہ آيو، ٿورو وقت اڳ هن مون ۾ سمايل هجڻ جي دعوى پئي ڪئي ۽ هاڻي وري تلاش جي ڳالھہ ... مان خاموش ٿي ويس.
چيائين "مان توکي ماڻھن جو اصل روپ ڏيکاريندس."
"سو وري ڪئين؟" چيو مانس.
جبي ۾ اندر هٿ وجهي هڪ ويڙهيل سيڙهيل ٽوپي ڪڍي منھنجي هٿ تي رکندي چيائين "هيءَ سليماني ٽوپي آهي، هن کي پائي تون اهو سڀ ڪجهہ ڏسي سگهندين جيڪو تون ڏسڻ چاهين ٿو ۽ ها توکي ڪو بہ ڏسي نہ سگهندو." مان سندس مُنھن ۾ تڪيندو رهيس. هاڻي مون کي پڪ ٿي وئي تہ هو ڪو جادوگر آهي. چيو مانس "مان هڪ شريف، سچو ۽ کرو ماڻھو آهيان. مان هن قسم جي مذاق برداشت نہ ٿو ڪري سگهان. جيڪڏهن تون ڪو جادوگر آهين تہ چوڪ تي بيھي ماڻھن کي پنھنجن منترن سان بيوقوف بڻاءِ.... ڏس مان هڪ پريڪٽيڪل ماڻھو آهيان. ان ڪري مان تنھنجي ڪنھن بہ چڪر ۾ نہ ايندس"
هن جي چھري تي مرڪ جون ريکائون وڌيڪ گهريون ٿي ويون. چيائين "مون کي خبر آهي تہ تون هڪ کرو ۽ سچو ماڻھو آهين تڏهن ئي تہ آئون تو ڏي آيو آهيان. مون تي يقين ڪر مان جادوگر ناهيان."
"پوءِ هي سليماني ٽوپي.... هي ڪھڙي فضول ڳالھہ آهي؟"
"تون ان ڳالھہ کي ڇڏي ڏي... ٽوپي پائي ڏسندين تہ پنھنجي گم ٿيڻ جو يقين ٿي ويندئي ۽ انھيءَ طرح سان تون ماڻھن جو اصل روپ ڏسي سگهندين"
هن جي چپن تي ساڳي پُراسرار مرڪ ڇانئيل هئي... مان ڏاڍو حيران ۽ پريشان هيس. ٽوپي کولي ڏسڻ لڳس تہ چيائين "۽ ها! اها ٽوپي توکي فقط چويھين ڪلاڪن لاءِ آهي. سڀاڻي هتي ئي توکي اها منھنجي حوالي ڪرڻي آهي."
مان ٽوپي کڻي گهر پھتس پر عجيب ٻڏ ترجو شڪار هيس، مون پاڻ سان ڪڏهن اهڙو واقعو پيش اچڻ جو سوچيو ئي نہ هيو. گهر اچي پنھنجي بيڊ روم ۾ لڳل قد آدم آئيني اڳيان بيٺس. من جي هُرکُرکي مارڻ لاءِ ٽوپي پاتم ۽ ها تڏهن حيرانگي جي حد ئي نہ رهي جڏهن آئيني مان پنھنجي وجود کي گم ٿيندي ڏٺم. عجيب احساس هيو، پنھنجي هستي جي غائب ٿيڻ جو احساس.
تيار ٿي ناشتو ڪري گهڙي ۾ ٽائيم ڏٺم. اَٺ وَڄي پنج منٽ. ٻاهر نڪري ماڻھن جي سمنڊ ۾ گم ٿي ويس. ٿورو ئي اڳيان هڪ وڏي مدرسي تي نظر پئي جتي سڄي ملڪ مان آيل ٻار ديني درس حاصل ڪندا آهن. اندر گهڙي ويس، هڪ وڏي هال ۾ درس حديث هلي رهيو هو. سڄو هال طالب علمن سان ٽمٽار هيو. مان هڪڙي ڪنڊ ۾ وڃي ويھي رهيس. جيڪو عالم درس ڏئي رهيو هو تنھن جي چھري مان نور جون لاٽون نڪري رهيون هيون. هن جو لفظ لفظ ماکي جھڙو مٺو ۽ شائستگي سان ڀريل هو. هن حضور صہ جي زندگي تي عمل ڪرڻ جي تلقين ڪرڻ تي پنھنجو درس ختم ڪيو. مان ڏاڍو متاثر ٿيس روح کي فرحت اچي وئي مان هن جي نوراني چھري ۾ تڪيندو ئي رهيس تہ اوچتو هو هال مان روانو ٿيڻ لڳو. هن سان گڏ اڇين ۽ ڪارين ڏاڙهين وارا ٽي ٻيا ماڻھو بہ هلڻ لڳا. مان بہ سندن پٺيان لڳي پيس. هو مدرسي جي عاليشان لائبريري ۾ داخل ٿيا. چوڌاري نظر ڦيرايم ڪٻٽن ۾ هزارين ديني ڪتاب نظر آيا. اوچتو نوراني چھري وارو شخص پنھنجي سـاٿين سميت لائبريـريءَ جي مخصوص ريڊنگ روم ۾ داخل ٿيو. ان روم ۾ ڪو بہ موجود ڪو نہ هو ۽ شايد ڪنھن کي وڃڻ جي اجازت بہ نہ هئي. هن پنھنجي ساٿين کي ريلينگ تي ٺھيل ڪٻَٽَنِ کي سورڻ جو حڪم ڏنو. ڪٻٽَ جيئن ئي پنھنجي جاءِ تان هٽي ويا تہ مان حيران ۽ پريشان رهجي ويس، انھن جي پويان ٺھيل اسٽور بارود سان ڀريل هو. مون نوراني چھري واري شخص جي منھن ۾ ڏٺو. جيڪو شاطرانہ انداز ۾ مرڪي رهيو هو.
مدرسي مان ٻاهر نڪري آيس ۽ ڏاڍو مايوس ٿيس. ٿورو ئي اڳيان سامھون چوڪ وٽ هڪ پينو فقير نظر آيو. ڳچي ۾ ڪشتو ۽ وارن ۾ ڌوڙ هيس، گِگَ ڳاڙيندو پئي ويو شايد ڪوئي مجذوب هو. ٿورو اڳيان تڪڙو وڌي هڪ شخص جي قميص پڪڙي اشھد آڱراڀي ڪري چوڻ لڳس "پنج رپيا" همراھہ ڏاڍي جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي دڙڪا ڏنائنس پر نہ مڙيو، ڪڏهن قميص ۾ هٿً، ڪڏهن سلوار ۾. پنج رپيا ڏئي جان ڇڏايائين، پينو مين روڊ کان ويڪري گهٽيءَ ۾ ويو جيڪا ڪافي سنسان هئي. مان سندس بالڪل ويجهو وڃي بيٺس. اوچتو هن کيسي مان مھانگو موبائيل سيٽ ڪڍيو ۽ نمبر ملائي ڪنھن کي چوڻ لڳو. "ڪيپٽن راحت اسپيڪنگ ٺيڪ ٻارنھن وڄي تيرهن منٽن تي هنڊا پئلس جي موڙ تي گاڏي موڪليو. موبائل بند ڪري چتيون لڳل جبو لاٿائين. مان هن کي ڏسي دنگ رهجي ويس. هيڏي هوڏي ڏسي وار ڇندي، ڦڻي ڦيري چپن تي چپڪيل شھپر لاهي شرٽ جو ڪالر ٺاهي رعب سان اڳتي وڌي ويو. مان اُتي ئي ڄمي ويس.
ڪجهہ دير کانپوءِ شھر جي مصروف ترين چوڪ تي بيھي سوچڻ لڳس هاڻي ڪاڏي وڃڻ کپي. سامھون اٺ ماڙ بلڊنگ ڪر کنيون بيٺي هئي جنھن ۾ ڪيتريون ئي اهم سرڪاري آفيسون هيون. سوچيم ان بلڊنگ جي ڪنھن ٿڌي ڪمري ۾ ويھي موسم جي گُهٽ ۽ اُٻس کان بچي سگهجي ٿو. روڊ ڪراس ڪري گيٽ وٽ پھتس تہ هڪ وڏي ۽ شاندار گاڏي ٿورو اڳيان اچي بريڪ هئين ۽ گاڏي مان فل سوٽ ۾ ملبوس هڪ صاف سٿرو شخص هيٺ لٿو. هن جو چھرو ڪافي رعبدار لڳو. دل ۾ چيم پڪ سان ڪو وڏو آفيسر هوندو. تڪڙو وڃي ساڻس گڏ هلڻ لڳس. لفٽ ذريعي ٽاپ فلور تي پھتو مان سندس پٺيان پٺيان هيس. پنھنجي آفيس جي ڪشادي ڪمري ۾ داخل ٿيو جيڪو انتھائي خوبصورت نموني ڊيڪوريٽ ٿيل هيو. ڪمري ۾ گهرندي ئي مون ٿڌڪار محسوس ڪيو، ڄڻ هيانءَ کي فرحت اچي وئي. هو وڏي ٽيبل جي پويان روالوِنگ چيئر تي ويٺو ۽ مان هڪ پاسي کان رکيل نرم صوفي تي. هن فائيلن ۾ اکيون اٽڪائي ڇڏيون ۽ مون ان تصوير ۾ جيڪا گلوب جي جهيڻي روشنيءَ ۾ بي حد خوبصورت لڳي رهي هئي. ٿوري دير ۾ انٽرڪام جي بيل وڳي هن ريسيور کڻي پھريان "هون" ۽ پوءِ آهستي "ها" چئي ڪريڊل تي رکي ڇڏيو. اوچتو آفيس جو دروازو کليو ۽ ٻہ ماڻھو اندر هليا آيا. هو ساڻن ڪافي گرم جوشيءَ سان مليو. شايد اهي ڪي سماجي ورڪر هئا ڇو تہ سندن گفتگو جو محور سماجي ڀڃ ڊاھہ ئي هو. رعبدار چھري واري آفيسر هنن کي پنھنجي سچائي ۽ ايمانداري جو يقين ڏياريندي چيو "مان ڪڏهن بہ پنھنجي فرض کان غافل نہ رهيو آهيان. مان عوام جو خادم آهيان ۽ هميشہ ماڻھن کي فائدو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي." هن جي لفظن ۾ همدردي جو جذبو جهلڪي رهيو هو. ٻئي ماڻھو گرم گرم چانھن پيئڻ کانپوءِ کائنس موڪلائي ويا. ڪجهہ دير بعد صاحب جي پي ــ اي کيس رازداري سان ٻڌايو"سر هو علوي صاحب جيڪو پنڌرنھن اسڪولن وارو ايجوڪيشن پلان ٺاهي موڪليو هو، اوهان ڪلھہ ٻڌايو تہ ايپروو ٿي ويو آهي. سر، علوي صاحب ٻہ ٽي دفعا توهان سان ملڻ جي خواهش بہ ڏيکاري آهي، اوهان جي حڪم تي مون ٽاري ڇڏيو اٿمانس. وڌيڪ جيئن اوهان فرمايو."
صاحب ٽاءِ ٺيڪ ڪندي چيس "ٺيڪ آهي علوي صاحب کي پنھنجا ٽرمس ۽ ڪنڊيشنس ٻڌائي ڇڏيو. Twenty present per project……OK?"
O.K Sir”" پي ــ اي فائيل کڻي آفيس مان نڪري ويو.
مون صاحب جي چھري ۾ چتائي ڏٺو جتي شرم جي ڪائي ريکا نظر نہ آئي. مون آهستي آهستي پاڻ کي مايوسيءَ جي ڌنڌ ۾ گهرندي محسوس ڪيو. سوچيم جادوگر کان ٽوپي وٺي مون پنھنجي لاءِ پاڻ ئي پريشاني خريد ڪئي آهي. هي سڀ ڪجهہ ڏسڻ منھنجي لاءِ ڏاڍو ڪرب ناڪ آهي.
هاڻي مون کي ان ائيرڪنڊيشنڊ آفيس ۾ وڌيڪ گهٽ ۽ ٻوسٽ محسوس ٿيڻ لڳو. چاهيم ڪنھن کليل باغ ۾ وڏا ۽ ٿڌا ساھہ کڻڻ، پر باغ تائين پھتس تہ وڏو هجوم نظر آيو، شايد ڪوئي سياسي جلسو هو. نعرن جي گونج ڪنن تائين پھتي. ڏٺم تہ پريان اسٽيج تي مشھور سياسي ليڊر ۽ حڪومتي نمائندو جلوہ افروز ٿيو. هن مائيڪ تي اچي پنھنجو خطاب شروع ڪيو. آئون غور سان ٻڌندو رهيس. هن پنھنجي تقرير کي پڄاڻي تي پھچائيندي چيو "تہ منھنجا عزيز هم وطنو هي ملڪ آهي تہ اسان بہ آهيون. اسان کي ئي پنھنجي ڌرتي جي حفاظت ڪرڻي آهي ۽ هن وطن کي مضبوط کان مضبوط تر بڻائڻو آهي... اسان جي حڪومت جو پھريون فرض غربت ۽ بيروزگاري جو خاتمو ڪرڻ آهي. عوام ئي اسان جي طاقت آهي ۽ اسان جو جيئڻ ۽ مرڻ بہ عوام لاءِ ئي آهي." سڄي پنڊال ۾ زوردار تاڙيون وڄي ويون. ليڊر هٿ جي اشاري سان سڀني جون مھربانيون مڃيندي اسٽيج تان لھي پنھنجي پيجارو ڏانھن وڌيو، سندس پروٽوڪل آفيسر اڳيان ۽ پٺيان بيچين ۽ ڀڄ ڀڄان ۾ هئا. مان ڊڪ ڀري ليڊر جي بلڪل ويجهو وڃي پھتس، مون کي سندس ذاتي زندگي ۾ ليئو پائڻ جي خواهش پيدا ٿي. پيجارو جو دروازو کليو تہ مان بہ ساڻس گڏ ويھي رهيس. ٿوري ئي دير ۾ گاڏي عاليشان بنگلي ۾ داخل ٿي. مون شيشي کان ٻاهر ڏٺو بنگلي جو پارڪ ڏاڍو صاف سٿرو ۽ نھايت ئي خوبصورت لڳو. آئون ليڊر جي پٺيان پٺيان بنگلي جي ڊرائينگ روم ۾ داخل ٿيس هڪ نگاھہ چوطرف ڏٺم اهڙو ڊيڪوريٽ ٿيل لائونج مون اڳ ۾ ڪڏهن بہ نہ ڏٺو هيو. ليڊر اڳتي وڃي هڪ ڪمري ۾ هليو ويو ۽ مان اتي ئي ڄمي ويس.
ڪجهہ دير بعد ملازم احترام سان ٻين مھمانن کي ڊرائنگ روم ۾ وٺي اچي ويھاريو. مون ٻنھي ماڻھن کي سڃاتو ڇو تہ اهي ڃاتل سڃاتل سياسي شخصيتون هيون. ليڊر پنھنجي ڪمري مان نڪري ٻنھي سان وڏي گرم جوشي سان ملندي چيو. Welcome to my homeمان توهان جو ئي انتظار ڪري رهيو هيس." سندن گفتگو شروع ٿي تہ آئون غور سان ٻڌڻ لڳس. هنن جي گفتگو جو مرڪز ۽ محور ملڪي سياست ئي هو. ٿوري ئي دير ۾ بليڪ ليبل ۽ اسڪاچ جون بوتلون کلي ويو. سگريٽ دُکي ويا، پيگ مٿان پيگ ٺھندو رهيو. محفل تي مدهوشي طاري ٿيندي رهي. تڪلف بي تڪلفي ۾ مٽبو رهيو. دل جي ڳالھہ زبان جو لغام هٽائيندي رهي. ليڊر ڄڻ ٻي تقرير شروع ڪئي. "عوام عوام عوام. سڀ بڪواس آهي.... عوام جھڙي جاهل ۽ بي وقوف مخلوق ٻي ڪا آهي ئي ڪو نہ. عوام جي حيثيت ڪوِلين ۽ ماڪوڙن کان وڌيڪ ناهي، جن کي اسين ڪڏهن بہ پنھنجي پيرن هيٺيان چيڀاٽي سگهون ٿا." هو مون کي ڪنھن بدمست هاٿي جيان لڳي رهيو هو. هڪ نئون پئگ ٺاهي چوڻ لڳو. "مان چوان ٿو تہ هن ملڪ مان غربت کي ختم ڪرڻ سان ڪو فائدو نہ ٿيندو ختم ڪرڻو ئي آهي تہ غريبن کي ئي ختم ڪيو وڃي نہ رهندو غريب ۽ نہ رهندي غربت." ها ها ها سڀئي وڏا وات کولي ٽھڪ ڏيڻ لڳا. ٽنھي پئگ ٽڪرائي چيئرز ڪيو ليڊر چيو. "جئيو ۽ عيش ڪيو زندگي کي ڪيش ڪيو." وري ٽنھي جا ٽھڪ شروع ٿي ويا. مون ليڊر جي چھري ۾ چتائي ڏٺو هن جي چھري تان ماسڪ لھي چڪو هو. هاڻي اهو ماڻھو جو چھرو نہ پئي نہ لڳو.... دل چيو سندس چھري تي زوردار چماٽ هڻي پنھنجي اندر ۾ ٻرندڙ باھه کي وسائي ڇڏيان پرالائي ڇو ڪجهہ بہ نہ ڪري سگهيس ۽ اتان نڪري آيس.
ڏينھن جي روشني کان رات جي تاريڪي تائين مون ڪيئي چھرا ڏٺا، ڍونگي ۽ ٻھروپي. محافظ لٽيرا ۽ منصف بدديانت نظر آيا. مون هر ماڻھو جي چھري پٺيان هڪ نئون چھرو ڏٺو...... ٻئي ڏينھن صبح جو آئون پارڪ جي ساڳي مخصوص بينچ تي اچي ويٺس، ٽوپي منھنجي هٿ ۾ هئي ۽ اکيون اڻڄاتل شخص لاءِ منتظر. ٿوري ئي دير ۾ مون هن کي سامھون ايندي ڏٺو، هو منھنجي طرف ئي اچي رهيو هو. سندس چپن تي ساڳي پُراسرار مرڪ هئي. منھنجي دل ۾ هن لاءِ تجسس گهڻو وڌي چڪو هيو. ٽوپي واپس ڏئي پڇيو مانس "اي اجنبي شخص مھرباني ڪري مون کي ٻڌاءِ تہ تون آخر آهين ڪير؟"
جهيڻي لھجي ۾ چيائين "مان هر ان ماڻھو جي دل ۾ رهندو آهيان جنھن کي مون سان محبت آهي. جيڪو بدديانتي، ڌوڪي، فريب ۽ ڪوڙ کان نفرت ڪري ٿو ۽ جيڪو ڏاڍ خلاف آواز اٿاري ٿو اهو ئي منھنجو دوست آهي."
مان سندس لفظن جي سحر ۾ جڪڙجي ويس ۽ اوچتو هو گم ٿي ويو. مون بينچ تان اٿي چوطرف نظر ڦيرائي پر هو نظر نہ آيو. چيم"اي اجنبي شخص تون ڪاڏي هليو وئين مون کي پنھنجو نالو تہ ٻڌائي وڃ."
اوچتو هن جو آواز ٻــُريو "مان صدين کان هن ڌرتي تي آهيان ۽ صدين تائين رهندس ها‍‍‍‍‍‍ مان "سچ" آهيان."

ڏوھي

"هليو وڃ هتان، تيستائين منھنجي نظر اڳيان ٽري وڃ جيستائين منھنجي دل ۾ ٻريل باھہ ٿڌي نہ ٿئي." هن جي لھجي ۾ تلخي هئي.
"پر توهان مونتي ايڏي ڪاوڙ ڇو ٿا ڪيو." چيو مانس.
"تون ڏوهي آن تنھنجو ڏوھہ معافي لائق ناهي." منھن ڦيري چيائين.
چيم مان اهڙو ڪھڙو ڏوھہ ڪيو آهي، جنھن جي معافي نہ ٿي ملي سگهي."
"ايڏو معصوم نہ بڻج" اشھد آڱر مونڏي سڌي ڪندي چيائين" تون دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڏوھہ ڪيو آهي."
سمجهہ ۾ نہ آيو چيومانس" دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڏوھہ؟....... ڏسو توهانکي ٻڌائڻو ئي پوندو تہ مان "ڪھڙو وڏو ڏوھہ ڪيو آهي.؟
چيائين" تون جابر دادا کي ظالم ۽ قاتل سڏيو آهي."
چيم" مون غلط نہ چيو آهي، هو واقعي وڏو سفاڪ ۽ قاتل آهي."
غصي ۾ چيائين" تون وڏو بيوقوف ۽ جاهل آهين جو توکي پنھنجي عظيم ڏوھہ جو احساس بہ ناهي."

پس لفظ: دانش هڪ ريئلسٽ ڪھاڻيڪار

ڪنھن نيٽ ڪيفي جي cubical ۾ ويھي ڀل تہ اوهان دنيا کي پنھنجي سامھون محسوس ڪيو، يا کڻي مائوس کي ڪلڪ ڪرڻ سان ڀل تہ اوهان دنيا کي پنھنجي مرضي سان ڦيرائيندا رهو...، ڀلي دنيا تي سوڙهي ٿيڻ جو ليبل لڳندو رهي پر اوهان، ماڻھو مان هن جوحساس پڻو نہ ٿا ختم ڪري سگهو. ڇا ان سان ڪنھن ماڻھوءَ مان ٽھڪ، خوشيون ۽ لڙڪ کسي سگجهن ٿا؟ هرگز نہ. ساڳيءَ طرح ڀلي Electronic Media دنيا تي حاوي ٿيندي وڃي پر جيستائين لفظ جيئرا آهن ايستائين ادب بہ زندہ رهندو. اهو ضرور مڃبو تہ ادب پڙهندڙ گهٽ ٿيا آهن، پر ادب کي مڪمل طور تي ختم نہ ٿو ڪري سگهجي ۽ نہ ئي ادب کي سماج کان الڳ ڪري سگهجي ٿو.
جهڙيءَ طرح هڪ چترڪار جڏهن ڪينواس تي رنگن کي برش سان چٽيندوآهي تہ پوءِ رنگ ڳالھائيندا آهن اهي رنگ ان چترڪار جي فڪر جي ترجماني ڪندا آهن. ساڳي طرح هڪ ليکڪ قلم ذريعي لفظن کي زبان بخشي ٿو، پوءِ اهي لفظ ليکڪ جي فڪر جا ترجمان بڻجي پڙهندڙن سان ڳالھايندا آهن. سنڌ جي نوجوان ٽھيءَ جو ناميارو ليکڪ، منھنجو ڀاءُ دوست احسان دانش بہ اهڙن ليکڪن مان آهي جيڪي لفظن کي زبان بخشن ٿا، جيڪي لفظن کي ڳالھائڻ جي سگهہ عطا ڪن ٿا.
اها ڊسمبر 1990ع جي ڳالھہ آهي جڏهن مان پھريون ڀيرو سچل ادبي مرڪز جي آفيس ويو هيس ان پھرين ڀيري سان ئي اتي احسان دانش سان ملاقات ٿي هئي. ان وقت هو شاگردي واري دور مان گذري رهيو هو. وهم ۽ گمان ۾ ئي نہ پيو اچي تہ هي ڇوڪرو شاعر هوندو. جڏهن تعارف ٿيو تہ خبر پئي تہ هو ڇپجندو بہ رهي ٿو ۽ انھن ڏينھن ۾ سندس شاعري "نئين زندگي" ۾ شايع ٿي هئي. جڏهن سندس شاعري نظر مان گذري تہ احساس ٿيو تہ ڏات عمر جي محتاج ناهي هوندي. بس اهو ڏينھن ۽ هي ڏينھن اسان ٻنھي جو ناتو، سڪ جو ناتو قائم آهي، جنھن جو ثبوت سچل ادبي مرڪز آهي جتي اسان جي ملاقات هر روز ٿيندي رهندي آهي پوءِ چاهي موڪل جو ڏينھن هجي يا عيد يا وري ڪو ٻيو خاص ڏينھن. مطلب تہ مرڪز جي آفيس ۾ ضرور اچبو.
ڪجهہ ڏينھن اڳ احسان هڪ ڇرڪائيندڙ ڳالھہ ڪئي. هون، تہ اڪثر ڪري ڇرڪائيندڙ ڳالھيون ماڻھو، کي پريشان ڪري ڇڏينديون آهن پر احسان واري ڇرڪائنيدڙ ڳالھہ پريشان ڪرڻ بدران خوش ڪري ڇڏيو. چيائين ڪھاڻين جو مجموعو تيارين جي مرحلن ۾ آهي. ڪھاڻيون ڪمپوز ٿي رهيون آهن. واقعي بہ بيحد خوشي ٿي. خوشيءَ جي اظھار جا هي چند لفظ آهن جيڪي يقينن منھنجي خوشي جي ترجماني ڪندا.
احسان دانش هڪ ئي وقت، سٺو ۽ برجستو ڪھاڻيڪار، شاعر، مقالانگار، سٺو ڪمپيئر، بھترين دوست ۽ سٺو استاد (ليڪچرار) آهي. هڪ ئي وقت اُهي مڙئي خوبيون گهٽ ماڻھن کي نصيب ٿينديون آهن. وري منھنجي خوشنصيبي اها آهي جو احسان سان منھنجو سڪ ۽ قرب جو ناتو گذريل 15 سال کان آهي.
احسان دانش، بحيثيت ڪھاڻيڪار، هو موضوع جي گهرائي ۾ وڃي پوءِ ئي ڪا ڪھاڻي سرجي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هن جي ڪھاڻين ۾ زندگي جا حقيقي رنگ نظر اچن ٿا. هن جي ڪھاڻين جا موضوع ڌاريا نہ آهن. انھن جو واسطو هن ڌرتي سان آهي. ساڳي طرح هن جا ڪردار اوپرا محسوس ٿيڻ بدران اسان کي پنھنجا لڳن ٿا. پوءِ اهو ڪردار "درد لادوا" جي فقيرياڻي شبنم جو هجي، "بي انت مسافت" جي سرمد جو هجي يا وري ”رانديڪو“ جي ڀاڳ ڀري جو. مطلب تہ هن جي ڪھاڻين جي ڪردارن کي پڙهڻ کان پوءِ ائين محسوس ٿيندو ڄڻ انھن ڪردارن سان ڪٿي نہ ڪٿي ملاقات ضرور ٿيل آهي. سندس ڪھاڻين جي وڏي خوبي اها آهي جو هن ڪردارن کي پنھنجي ڪھاڻين ۾original ماحول ۾ رکيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن جي ڪھاڻين جي ڪردارن ۾ پڙهندڙ پاڻ گم ٿيو وڃي. هو پنھنجين ڪيترن ئي ڪھاڻين ۾ self charater طور بہ آيو آهي. جئين سندس ڪھاڻي "بي انت مسافت" جي سرمد جو ڪردار آهي. هي ڪھاڻي زندگي جي فلسفي تي ٻڌل آهي ۽ ڪھاڻيڪار جيون کي ڪئين ٿو محسوس ڪري اهو هن سرمد جي ڪردار کان چورايو آهي. سرمد يونيورسٽي جو اسٽوڊنٽ آهي ۽ زندگي تي ٿيسز لکڻ ٿو چاهي. جنھن جي لاءِ هو ڪھاڻيڪار کان، چترڪار کان، پينو فقير کان، هڪ صوفي بزرگ کان رهنمائي وٺڻ چاهي ٿو. مطلب تہ هو زندگي جو مفھوم ڳولڻ چاهي ٿو پر پوءِ ڪھاڻيڪار زندگي کي جئين محسوس ڪيو اهو سرمد جي وتان چورائي ٿو "سر زندگي اهڙي مسافت آهي جنھن جو شايد ڪو انت نہ آهي. مون کي ڏاڍو افسوس آهي جو آئون ٿيسز جي موضوع سان نڀائي نہ سگهيو آهيان ۽ اوهان وٽ submit ٿو ڪيان هي اڻپوري ٿيسز."
دانش پنھنجين ڪھاڻين ۾ شھري ماحول سان گڏ ٻھراڙي واري ماحول کي ڏاڍي سھڻي انداز سان فوڪس ڪيو آهي. هن جي ڪھاڻي "رانديڪو" پڙهڻ کان پوءِ اهو مڃڻو پوندو تہ هو ٻھراڙي واري ماحول تي ڀرپور نموني سان لکي سگهي ٿو.
"برساتي رات جو الـميو" سماجي حقيقت نگاري تي ٻڌل اهڙي ڪھاڻي آهي جنھن ۾ احسان ماڻھوءَ جي چھري تان ٻھروپي وارو ماسڪ لاهڻ جي اثرائتي ڪوشش ڪئي آهي. جنھن ۾ هو ڪامياب رهيو آهي. اها ڪھاڻي ڀٽ ڌڻي جي هن بيت جي ترجماني ڪري ٿي. "اندر ڪارو ڪان، ٻاهر ٻولي هنج جي." ساڳي طرح سندس ڪھاڻي "روپ ٻھروپ" پڻ هڪ منفرد ڪھاڻي آهي جنھن ۾ هن اسان جي سماج جي اهڙن ڪرداردن جي پت وائکي ڪئي آهي، جيڪي پنھنجن چھرن تي ڪيئي چھرا سجائي گهمندا ٿا وتن.
"مان ۽ تون" ڪھاڻيءَ ۾ صوفياڻو رنگ محسوس ٿئي ٿو. توڻي جو کڻي هن ڪھاڻي ۾ صوفياڻا رنگ مڪمل طرح سان نہ ڀرجي سگهيا آهن پر هي ڪھاڻي بہ پيغام جي حوالي سان پنھنجو vision پڙهندڙ تائين اثرائتي نموني سان ڇڏي ٿي. هن ڪھاڻي جي نالي مان ئي ظاهر آهي تہ مان ۽ تون تي بحث ٿيل آهي. جيئن تہ صوفياڻي فلسفي ۾ مان کي مارڻ جو پيغام ڏنل آهي ۽ تون جي پچار ڪرڻي آهي. هن ڪھاڻي جو مرڪزي نقطو بہ اهو ئي فلسفو آهي.
ڪھاڻي جو پنھنجو فن آهي پر وري ڪھاڻي جي ڪلائميڪس تي پنھنجي گرفت مضبوط رکڻ هڪ الڳ فن آهي. ڪھاڻي جو ڪلائيمڪس جيترو آخر ۾ ظاهر ٿيندو اوترو پڙهندڙ تي وڌيڪ گهرا اثر ڇڏيندو. احسان دانش بہ پنھنجن ڪھاڻين ۾ ڪلائميڪس سان سٺو نڀايو آهي. ان جو مثال سندس ڪھاڻي "خوشبو" آهي. هن ڪھاڻي جي پڄاڻي جنھن انداز سان ٿئي ٿي، يقينن پڙهندڙ جي واتان بي ساختہ "واھہ" نڪريو وڃي ۽ زبان مان ادا ٿيل واھہ جو لفظ هڪ ڀرپور داد جي ترجماني ڪري ٿو. هن ڪھاڻي ۾ احسان "خوشبو" لفظ کي ڪردار طور بہ استعمال ڪيو آهي ۽ پيغام طور بہ ڪتب آندو اٿس.
ماڻھو جي اندر ۾ موجود حساس پڻو مختلف طريقن سان ظاهر ٿيندو آهي. ڪي ماڻھو بغاوت سان پنھنجي حساس پڻي کي ظاهر ڪندا آهن، ڪن کي حساس پڻو خودڪشي ڏانھن وٺي ويندو آهي پر اهو ساڳيو حساس پڻو ماڻھوءَ کي ڏات بہ بخشيندو آهي، جنھن جي نتيجي ۾ ڪو مصور رنگن ذريعي ان حساسيت جو اظھار ڪندو آهي ۽ وري شاعر ۽ ڪھاڻيڪار، شاعري ۽ ڪھاڻي ذريعي پنھنجن حساس جذبن جو اظھار ڪندو آهي. احسان جي هن ڪتاب جي ٽائيٽل ڪھاڻي"بي سڪون خواب جو سچ" بہ هڪ اهڙي ڪھاڻي آهي جنھن مان ليکڪ جي حساس هئڻ جي پروڙ پوي ٿي. هر حساس ماڻھو جيان احسان جي بہ اها دلي تمنا آهي تہ هي دنيا امن ۽ سڪون جو نگر بڻجي وڃي. هن ڪھاڻي ۾ احسان ان تمنا کي دعا جي صورت ۾ ڪمال درجي سان هڪ سٽ ۾ سمائي ڇڏيو آهي: "اي خدا انسان کي فطرت جي سونھن ۽ معصوميت جو بدن ڏي."
احسان جي ڪھاڻين پڙهڻ کان پوءِ ائين چئي سگهجي ٿو تہ هن جون ڪھاڻيون سنڌي ڪھاڻي تي لڳل مختلف الزامن کي رد ڪن ٿيون ۽ ثابت ڪن ٿيون تہ سنڌي ڪھاڻي پنھنجو ڀرپور سفر جاري رکيو پئي اچي.

محمد هاشم حامي
شعبو فارماڪالاجي سي ايم سي
11 فيبروري 2005ع