آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جيڪي ياد پيوم

فتاح ملڪ سنڌ ۽ سنڌين جي دردن جو احساس رکندڙ ۽ انھن کي شاعريءَ يا نثر ذريعي نمايان حيثيت ڏيندڙ شخص آھي. فتاح ملڪ پنھنجي يادگيرين ۾ اھڙا ورق پڻ کوليا آھن جيڪي نہ اعتبار ۾ ايندڙ آھن، خاص ڪري شيخ اياز ۽ ٻين بابت جيڪي اڳ ڍڪيل ھيا. فتاح ملڪ ھن ڪتاب ۾ ننڍپڻ جي يادگيرين، عوام جي مثالي نمائندن، اسڪولن ۽ مدرسن جي ماحول، گهر ڀاتين، خيرپور ۾ گهاريل ڏينھن، ون يونٽ جي تحريڪ، نوڪريءَ لاءِ جاکوڙ، سکر جي اڻمٽ يادن ۽ شخصيتن، غربت ۽ وڪالت جي ڏينھڙن، شاگرد جدوجھد، پرڏيھہ ياترا، ھندستان ۽ چين جي يادن، ڀلي پار جي سفر، سميت ڪيئي يادون شامل ڪيون آھن.

  • 4.5/5.0
  • 148
  • 39
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 2
Title Cover of book Jeki Yaad Payom

سنڌسلامت پاران

سنڌسلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر، نثرنگار، تعليمي ماھر، مشھور وڪيل ۽ سنڌ جي اڳوڻي ايڊوڪيٽ جنرل فتاح ملڪ جي لکيل يادگيرين تي مشتمل ڪتاب ”جيڪي ياد پيوم“ اوھان اڳيان حاضر آهي.
فتاح ملڪ سنڌ ۽ سنڌين جي دردن جو احساس رکندڙ ۽ انھن کي شاعريءَ يا نثر ذريعي نمايان حيثيت ڏيندڙ شخص آھي. فتاح ملڪ پنھنجي يادگيرين ۾ اھڙا ورق پڻ کوليا آھن جيڪي نہ اعتبار ۾ ايندڙ آھن، خاص ڪري شيخ اياز ۽ ٻين بابت جيڪي اڳ ڍڪيل ھيا. فتاح ملڪ ھن ڪتاب ۾ ننڍپڻ جي يادگيرين، عوام جي مثالي نمائندن، اسڪولن ۽ مدرسن جي ماحول، گهر ڀاتين، خيرپور ۾ گهاريل ڏينھن، ون يونٽ جي تحريڪ، نوڪريءَ لاءِ جاکوڙ، سکر جي اڻمٽ يادن ۽ شخصيتن، غربت ۽ وڪالت جي ڏينھڙن، شاگرد جدوجھد، پرڏيھہ ياترا، ھندستان ۽ چين جي يادن، ڀلي پار جي سفر، سميت ڪيئي يادون شامل ڪيون آھن.
ھن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 2015ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي ٿورن سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.


 

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.
 

حق ۽ واسطا

ڪتاب جا سمورا حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: جيڪي ياد پيوم - يادگيريون
ليکڪ: فتاح ملڪ
ڇاپو ٻيون : 2015ع
تعداد: 1000 ڪاپيون
ڇپيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي.
قيمت: 400/- رپيا


Book Name: JEKI YAD PAYOAM
Author: Fatah Malik
Title: Fazlur Rehman Memon
Quantity: 1000 Copies
Edition: Second
Year : 2015
Printed by: Sindhica Academy, Karachi
Price: Rs. 400/=


ملڻ جا هنڌ
سنڌ جا سمورا وڏا بوڪ اسٽال

انتساب

منسوب ٿو ڪيان هي ڪتاب پنھنجي پيءُ ، ماءُ کي ۽ پنھنجي رفيق حيات ممتاز بيگم کي ۽ پنھنجي پياري وڇڙي ويل فرزند ڊاڪٽر عبدالسميع کي ۽ ان جي گهرواري صائمہ کي پنھنجي محسن ڀاءُ عبدالغفار کي بہ نہ ٿو وساري سگهان.

المنتسب

فتاح ملڪ

پڻ ڇڻ کان پوءِ جا ورق

عجب هيءَ داستان حيات آهي، ٽٻي هڻ تہ ٽٻي نہ لڳي، ترڻ جي ڪر تہ تري نہ سگهہ پر هن داستان جو انت ڪونھي، کٽڻ جو ئي ڪونھي، بحر هوندي بہ تراکڙو آهي، ڇا وطن جي عشق سان لاڳاپيل داستان ائين هوندا آهن؟ ڇا حياتي جي بي ثباتي جي ڪري يا داستان پوري ٿيڻ کان اڳ حياتي ختم ٿيو وڃي پوءِ نہ داستان گو رهيو نہ داستان پورو ٿيو. حياتي اڳ ئي پوري ٿي وئي.
اسان جو فتاح ملڪ هيءُ ڪھڙا داستان، ڪھڙا سفر کڻي ويٺو آهي. حياتيءَ جو سُٽ سلجهائڻ بابا! جي ائين منجهيل سُٽ سلجهي ها تہ پوءِ اسين سڀ هيءُ گانو نہ ڳايون ها!
فتاح سائين جو سُٽ انھيءَ ڪري منجهي پيو آهي، جو ڪالم لکندي داستان حيات بيان ڪري ويھي رهيو آهي. ڀلا ڪالمن ڪڏهن ڪڏهن حياتي جي لاهن چاڙهن جي سٽ جهلي آهي. اهي ڪٿائون هجن، يا ”عمر رفتہ کو آواز دينا“ واريون آپ بيتيون جن کي نہ منڍ هوندو آهي نہ پڇاڙي بيان پيون ٿينديون آهن. دفترن جا پنا، کٽي ويندا پر هيءُ آتم ڪٿائون هيءُ جيوڻيون، هيءُ من موهڻيون سھڻيون سلوڻيون يادگيريون، هر هڪ پڙهندڙ کي اهڙي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏينديون آهن جو ڄڻ ائين پيو ڀائبو آهي تہ بيان ڪندڙ ۽ ٻڌندڙ يا پڙهندڙ وچ ۾ ڪو سنڌو نہ رهيو آهي. تڏهن ئي حياتي جو داستان ڪنھن نہ ڪنھن فلسفي يا عقيدي سان آخر تائين ڪميٽيڊ هجڻ سان ئي، پير کپي سگهي ٿو، وفا جا گيت ڳائي سگهجن ٿا. پر جيئن تہ ” جيڪي ياد پيوم“ (يادگيريون) عبدالفتاح ملڪ (مدظلہ) جو نئون ڪتاب آهي. هيءُ هڪ اهڙو داستان آهي جنھن ۾ ايترا تہ ور وڪڙ لاها چاڙها آهن جو ماڻھو سمجهي وڃي ٿو تہ سچ پچ حياتي ائين ئي ٿيندي آهي.
حسينائن جي زلفن جيان پر پيچ هنيانءُ ۾ جهير وجهندڙ ڏکن ڏونگرن جا لڙڪ آڻيندڙ Episodes هر وقت سفر وسيلئہ ظفر، لاءِ تيار، لڙڪن سان گڏ ٽھڪ“ ناممڪن مرڪون ان سان گڏ ڪي ڪاميابيون ۽ ڪي ناڪاميون جيڪي ياد پيوم“ جيئن مان عرض ڪري چڪو آهيان، تہ اخباري ڪالمن وسيلي بيان ڪيل داستان حيات آهي، ڪجهہ جهوريندڙ يادگيرين، ڪجهہ نہ ياد رهندڙ گهڙين ۽ پلن جون ڪي اڌوريون يادگيريون ڪي نامڪمل ڪھاڻيون آهن.
فتاح ملڪ جيڏو وڏو شاعر آهي اوڏو سٺو ڪھاڻيڪار ۽ نثر نويس آهي، جيئن هُن کي اوچتو خبر پئي تہ هو شاعر آهي ۽ دوستن نئين زندگي ۽ ”روح رهاڻ“ کيس مھميز ڏني ۽ هو اڳتي وڌي شاعر بڻجي ويو ، ائين ئي کيس خبر پئي تہ هو ڪھاڻيون بہ لکي سگهي ٿو. ائين روح رهاڻ ۾ سندس ڪھاڻيون” مامو“ اڃايل بکايل“ ۽ ٻيون ڪھاڻيون ڇپيون.
عبدالفتاح ملڪ ائين ڪمالات ڏيکاريندو رهيو، جيئن هن ”هلال پاڪستان“ ۾ ڪالم لکيا، انھن جو بہ هڪ ڪتاب جڙيو ”ڀينر هن ڀنڀور ۾“ سندس شاعري مختلف رسالن ۾ رنگ ڏيکاريندي رهي هن سنھڙي سيپڪڙي شاعري جا (ٻہ يا هڪ) ڪتاب ڇپيا.
اِجهو هاڻ سندس ”جيڪو ياد پيوم“ جو هيءُ ضخيم ڪتاب ڇپيو آهي وزن ڪبو تہ سندس وزن کان سندس ڪتاب ڳرا بيھندا.
عبدالفتاح ملڪ صاحب جي يادگيرين جو سفر ڪجهہ عجيب آهي، سندس ڪي ڳالھيون تہ ٺيڪ پر ڪجهہ ڳالھيون نہ اعتبار ۾ ايندڙ آهن ۽ ڪيترن هنڌن تي پنھنجا سڀ ڏوھہ گناھہ دوستن جي ڪاني ڪراتبين جي حوالي آهن، سندس ڪاني ڪراتبين لکڻ کان آجا ويٺا آهن.
مان پنھنجي همسفر ساٿين ۽ دوستن کي پنھنجو همزاد سمجندو آهيان اڳين زماني ۾ اعتبار ۽ ڀروسا هوندا هيا. هن زماني ۾ بقول جوڳي (اشفاق قاضي) جي ته
”همزاد بہ ائين ڏنڊي هڻي ويندو،
اها جوڳي کي خبر نہ هئي“
هيءُ 300 صفحا پڙهڻ کان پوءِ خبر پئي تہ فتاح سائين ڪيترن هنڌن تي تارازي کڻي ڏنڊي هئي پنھنجو بچاءُ ڪيو آهي، مون کي پوءِ ياد آيو تہ هيءُ ڪالم آهن، جيڪي آتم ڪٿا جو حصو بڻجي سگهن ٿا پر خود آتم ڪٿا نہ آهن هن ۾ جوڙ توڙ ٿي سگهي ٿو پر اصل آتم ڪٿا ۾ ڀڃ ڊاھہ جي گنجائش نہ هوندي آهي.
فتاح سائين ڪيترن ئي هنڌن تي پاڻ کي صحيح سمجهندي خبر هوندي بہ اصل نسل کان پاسو ڪيو آهي. اسان بابا انھيءَ ۾ خوش آهيون تہ اوهان اسان کي ياد تہ ڪيو، ناڪردھہ گناهن ۾ بہ شامل ڪيو.
هيءُ ڪتاب يادگيرين کي اٿلائڻ With Reference to context لاءِ ڪتب اچي سگهي ٿو پر ڪيترن انھن ساٿين کي ڏکوئڻ جو باعث بڻجي سگهي ٿو جن لاءِ پاڻ لکيو هو.

ولر کان جــــــدا ٿي پکيڙي پــــــڪاريـــو
ڪٿي آهيو ساٿي ڪٿي آهيو، ســــاٿيو
خوشيءَ ساڻ لھرون ڪنارن لڳن ٿيون
۽ سينا مــــــــلائي چپڙا چــــــــمن ٿيون،
اڃــــايل امنگن اوهان لاءِ نھاريـــــــــــــو،

ڇا مان هت ان آصف نصيح وردگ لاءِ اهو ايڊيٽوريل هت اتاريان جيڪو ان وقت جي روح رهاڻ ۽ هاڻوڪي روح رهاڻ ۾ ڇپيو جيڪو اياز ۽ اوهان کي نہ وڻيو هو، جيڪو آصف جي اڍنگي رويي ۽ ڪيل تقرير جي جواب ۾ هو.
اتي اسان حيدرآباد مان آيل دوست بہ موجود هئاسين، توهان مرحوم عبدالسميع (فرزند) جي وڇوڙي تي اڪيلائي جو اظھار ڪندي ڪجهہ يارن جي ساٿ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ڪيترن کي وساريو آهي پر يار پاڻ تہ ان ويلي کان گڏ هئاسين، جڏهن مومل ڄائي هئي. عبدالقيوم، عبدالسميع جي بيماري ۽ عبدالسميع صحتمند ۽ ارشد، عظمت، عائشہ ڄاوا هئا. موڪلاڻي تي بہ پل پل گڏ هئاسين توهان حيدرآباد مان لنگهيو تہ بہ پي پڇتايم، بيماري ۽ جڏي جيءَ ڪري مان نڪري نہ پي سگهيس، امالڪ ارشد کي ڏياري موڪليم، ٻئي ٽئين ڏينھن مان بہ سکر اچي نڪتس. ڪافي گهڙيون ۽ پل تڏي تي گذاريا هئاسين. اسين الڳ ڪڏهن ٿيا هياسين جو تو دوستن ڀائرن کي پنھنجو هم غم نہ سمجهيو تو پنھنجا درد لڪائي ۽ سانڍي اسان کي کلائيندو اسان سان ڀڳتيون وجهندو هلندو هلين. تو ڪالمن اندر جي سانڍيل ٻاف ڪڍڻ جي ڪوشش تہ ڪئي پر اها اسان لاءِ نہ هئي. اهي ڪالم بہ اسان لاءِ نہ هئا جيڪي اهڙي اخبار ۾ ڇپيا جيڪا نہ تنھنجي سڄڻ هئي نہ منھنجي جو ان ۾ هڪ ٻئي دوست نما دشمن جا ڪالم بہ ڇپيا هئا جنھن ۾ اسان جي خاندان ٻچن کي پڻيو ويو هو. اها اخبار ان ڪري نہ مون وٽ ايندي هئي نہ ٻين دوستن وٽ پوءِ ڪن وٽان خبر پئي تہ اسان جي ڦٽن فتاح کي رنج سپريان رسيو آهي.
اصل ۾ هيءُ ڪتاب انھيءَ Depression جو نتيجو آهي جڏهن فتاح انھيءَ Depression جي دور مان گذريو هو اسان کي ان ڳالھہ تي حيرت ٿيندي هئي تہ فتاح جھڙو اميد ڀريا گيت ڳائيندي هن وٽان اهڙا گيت نہ کٽندا هئا. ڪو وقت اهڙو بہ آيو جو فتاح جشن روح رهاڻ ۾ ڳايو ويو. اياز کان پوءِ فتاح، ۽ پوءِ تنوير، استاد بخاري، نياز ۽ ٻين جا شعر ڳلي ڳلي ڳائجڻ لڳا. فتاح جا ڪيترا اميد ڀريا گيت، نظم ۽ شعر ڪنھن کان وسريا ناهن سندس هڪ آزاد نظم مون کي اڃان بہ ياد آهي.“ او صبح ڇو نہ ٿو اڀرين اڃان“ ان نظم ۾ هو وڌيڪ چئي ٿو:

او صبح!
تو ساڻ منھنجو آھہ اهڙو ئي پيار
جهڙو ڪنھن ڪنواري جو
مرڪن رتلي
اکڙين ڀريل
انتظار
معصوم
اهڙو ئي
جهڙو ڪنھن ٻارڙيءَ جو ننڊ ۾ ٽھڪ
اهڙو ئي سچو، مٺو ۽
اڻٿڪ
جيئن مامتا جي چُمي

ھھڙا شاعر انھيءَ دؤر پيدا ڪيا جڏهن نوجوان نسل ون يونٽ جي قھري نظام، سماج ۽ نا انصافي جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل هو جنھن شاعر مايوسين مان ڪنڌ مٿي کڻي حياتي کي وزندار سمجهي مرڪي منھن ڏيڻ لاءِ هيئن چيو هو.

هاڻ حياتي هلڪي ناهي، مــــــــــرڪي نيٺ نڀايو
پنھنجو من پرچايو
پيو جي راڳ رڳن ۾ ناهين، گيت خــوشي جـا ڳايو
پنھنجو من پرچـايو
ڪوئي ناهين جــــي ڪو همدم ڳـــوڙهن سان ڳالھايو
پنھنجو من پرچايو
سارو ڏيھہ ڏکن ۾ سائين، ڪـــنھن کي ٿا پرچـــــايو
پنھنجو من پرچايو

منھنجا فتاح سائين، توهان پنھنجين تخليق ڪيل هنن سٽن تي غور ڪيو خاص طرح ” سارو ڏيھہ ڏکن ۾ سائين، ڪنھن کي ٿا پرچايو.“
هيءُ ڪتاب پنھنجي Catharsis جو ڪتاب آهي هن ۾ ٻين جي ڏکن ۽ ٻين کي آيل تڪليفون بيان ناهن ٿيل. شاباس اوهان جي والدين، ڀائرن، عزيزن، قريبن کي آهي جو انھيءَ ڏکئي دور مان! اوهان کي ڇپر ڇانءُ بڻجي ڪڍي آيا ۽ باقي واري دور ۾ اوهان ڏاڍ ڏمر کي منھن ڏئي پاڻ کي ۽ پنھنجي ٻچڙن کي ڪڍي آيا آهيو. اهي سڀ اوهان سان گڏ جيئا آهن ۽ سٺو بہ اٿن، پر ٿوري آسپاس تي نظر تہ ڪيترا سڄن ساٿي اوهان سان گڏ رهيا آهن. ڪي مُئا، ڪي جيئري ئي مئل آهن، انھن جي سارَ ڪيو ها تہ جيڪر باقي بچيلن مان ڪو ڪنڌ کڻي چئي ها.

جــــــي ديپ وسامي ويو، سڪرات هلي ويندي
۽ تيل ٻــــــرڻ کان پوءِ، فڪــــرات هـلي ويندي
جيسين هيءُ جياپو تيسين تہ رڳـــــــون رڙنديون
تارون جي ڇڳيون هيڪر، هر لات هلي ويندي

هيءُ ساروڻيون سنڌ جي هڪ وطن پرست شاعر جي ڏکن سکن جي وارتا آهي. جيڪا مٿانهس گذري تہ هو سنڌ سان عشق ڪرڻ لڳو ۽ ات عشق ۾ هو شاعر بڻيو. هن جي سڃاڻپ شاعري آهي. هن جي وڪالت سندس پروفيشن آهي ان ۾ مھارت سندس شاعري ۾ مھارت کان سيڪنڊري ڳالھہ آهي.
نثر نويسي، ڪھاڻي نويسي، ڪالم نويسي سندس ”آءُ ڪبوتر توکي ساز سڏي ٿو“، ”محفل مست بنايون يار.“ ”اسان مست الستي هون.“ ، ”ڪنھن پر ڪاڪلي کٽي ٿي“ ، ”سنڌڙي جا سينگار اجا ڀي ساڳياڙي“ ۽ ”هيءُ شھر بہ ڪو شھر هيو“ جھڙن گيتن کي ڌڪي پوئتي نہ ٿي ڪري سگهي، هنن ۾ ڪالمن جو مقصد سنڌ جي مظلومي واري صورتحال بيان ڪرڻ هو، جنھن ۾ ڪٿي تہ مصنف يقينن ڪامياب ويو آهي ۽ سندس ادائيگي هڪ سٺي داستان جيان ڏيان ڇڪي وٺي ٿي، ڪٿي جڏهن هن کي پنھنجو خيال اچي ٿو تہ ڪيترن حقيقتن کان منھن موڙيو اٿس هو ڪيترن هنڌن تي ڪي ڳالھيون، سچي مچي ڪرڻ کان الائي ڇو لنوائي ويو آهي، جنھن جا ڪي ساکي طلي مرڻ ڪنڌي تي هجن پر ڪي جيئرا جاڳندا ويٺا آهن. فتاح جا هيءُ ڪالم اميدن ۽ مايوسين جو سنجوڳ آهن. انھيءَ خودبياني کي بنھہ سچ بياني تہ نہ ٿو چئي سگهجي پر سنڌڙي جي غم گاڏر سنھري داستان جا ڪيترا ورق چئي سگهجن ٿا. جن کان منھن موڙي نہ ٿو سگهجي. فتاح جي خوبصورت انقلابي شاعري کان پوءِ هيءُ پن ڇڻ کان پوءِ جا ورق يقينن شڪل پنن جيان پھريان محسوس ٿيندا پر فتاح جي ڳلن تان وهندڙ ڳوڙهن سان اهي پن توهان کي تروتازو نظر ايندا. هيءُ هڪ شاعر جو داستان حيات آهي ڪو مذاق ناهي، سنڌ سان عشق جي رُوداد آهي ۽ انھيءَ شاعر جي جنھن چيو هو :

ڌرتي پنھنجي سر تي آهــي،
توکان ڪھڙو لڪُ لڪاءُ
سوري سيج اسان جي آهي،
مُرڪــي لائج ميندي ماءُ

حميد سنڌي
10 نومبر 2009ع

ڪجهہ پنھنجي طرفان

اسان ڇھہ ڀائر ۽ ٻہ ڀينر هياسون. هڪ ڀيڻ گذاري وئي آهي. باقي حال حيات آهيون. مون کان ٻہ ڀائر ۽ ڀينرون وڏا ۽ ٽي ننڍا ڀائر آهن.
مون کي ٽي پٽ عبدالقيوم، ڊاڪٽر عبدالسميع جيڪو 13 جون 2007 تي ﷲ کي پيارو ٿيو. عبدالصمد ۽ ڊاڪٽر مومل هڪ ڌيءُ آهي. سندس وَرُ منھنجو ڀائيٽيو ثناءُ ﷲ سول ايوي ايشن ۾ آفيسر آهي.
منھنجا ٻئي پٽ فرمانبردار ۽ هميشہ منھنجو ۽ پنھنجي والدہ جو خيال رکڻ وارا آهن.
منھنجي گهرواري، سگهڙ، ديندار ۽ هميشہ گهر ۽ گهروارن جي خيرخواھہ آهي ۽ هر ڏک ۽ سک ۾ همسفر ۽ هم رڪاب رهي آهي.
عبدالقيوم جي گهرواري ارجمند بانو بہ منھنجي ڀائيٽي آهي ۽ پڙهيل لکيل ۽ سلڇڻي آهي. صائما منھنجي ڀاءُ ڊاڪٽر عبدالجبار جي نياڻي آهي ۽ ڊاڪٽر عبدالسميع جي وڇڙي وڃڻ کان پوءِ مون سان گڏ آهي ۽ عبدالسميع جي ڏنل نشاني اسفند جي تعليم ۽ تربيت ۾ مون سان ساٿ ڏيو بيٺي آهي.
عبدالمعز منھنجو ٻيو پوٽو ۽ ڄامزادي رابيل جنھن تي مون پنھنجي امڙ جو نالو رکيو آهي. عبدالقيوم جي اولاد آهن.
منھنجا ٻہ ڏوهٽا شھر يار ۽ شھزاد مومل ۽ ثناءُ ﷲ جي اولاد آهن.
”جيڪي ياد پيوم“ ڪجهہ يادگيريون آهن ڪجهہ پنھنجي متعلق آهي. زندگيءَ جو ڪافي سفر ڪٽجي چڪو آهي. باقي اچي بچيو آهي سوبہ ڪٽجي ويندو. شاگرديءَ جي زماني کان وٺي ڪافي ارڏايون ڪيم. پنو عاقل، پير ڳوٺ ۽ خيرپور ناز هاءِ اسڪولن ۾ پڙهيس. ڊرامن، مشاعرن، هڙتالن، ڊبيٽ، سنڌي ادبي سنگت ۽ ان جي هلايل تحريڪن ۾ سرگرم رهيس. ننڍپڻ جون دوستيون اڄ توڻي ويٺو نڀايان. ڪجهہ امر جليل مان متاثر ٿي سندس ڪھاڻين جي عنوانن تي شعر لکيم، جھڙوڪ ”جڏهن مان هوندس“ ۽ ”لھندڙ سج وڌندڙ پاڇا“.
شيخ اياز، تنوير عباسي، رشيد ڀٽي، علي بخش ميمڻ، حبيب ﷲ شيخ، سليم خواجا، ڊاڪٽر محمد عمر جاگيراڻي، عبدالقادر صديقي، نور الدين سرڪي، سراج ميمڻ، عبدالحميد سنڌي، امر جليل ۽ ٻيا تمام گهڻا دوست هُيا ۽ آهن، جن مان ڪيترا هِنَ دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن.
منھنجن ڪالمن جو هڪ مجموعو اڳ ڇپجي چڪو آهي، ان کان پوءِ ٻيو چاپو مارڪيٽ ۾ آيو ۽ هينئر ٽئين ڀيري پيو اچي. ٻنھي ڇاپن ۾ جسٽس سيد ديدار حسين شاھہ صاحب ۽ برادرم حميد سبزوئي صاحب مدد ۽ رهنمائي ڪئي آهي جنھن لاءِ آءُ دل سان سندن ٿورائتو آهيان.

فتاح ملڪ

منھنجا وڏڙا

چون ٿا تہ اسان جو ڪو وڏو اڪيلي سر بلوچستان مان اڄ کان ڇھہ يا ست سؤ سال اڳ خبر نہ آهي تہ ڪھڙي سببان گهوٽڪيءَ جي شھر ۾ اچي مقيم ٿيو. گهوٽڪيءَ کي ان وقت جي بزرگن جي ڪري صاحبن جي لوءِ سڏيو ويندو هو. صاحب ڪريم ان وقت جا بزرگ سيد پير مونس شاھہ جن هئا، جن ڏينھن شاھہ عبدللطيف ڀٽائي بہ انھن جا مھمان ٿيا هئا. اسان جو وڏو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ چواڻي : بلوچستان جي ڪنھن ننڍڙي رياست جو مالڪ هو، خبر ناهي تہ ڪھڙي ڳالھہ کين هتي اچڻ تي مجبور ڪيو، بھرحال هو اتان نڪري صاحب ڪريمن وٽ اچي حاضر ٿيو، ڪجهہ وقت تہ خادمن ۽ مريدن ۾ هو. سندس زبان شايد بلوچي يا فارسي هئي، ان ڪري ڪوبہ سندن حال احوال ڪونہ پيو وٺي، بعد ۾ پير صاحب جن جڏهن کانئن خبرگيري ورتي تہ کين معلوم ٿيو تہ همراھہ وڏ گهراڻو آهي. مدد طور کين ڪجهہ رقم ڏنائون. جنھن سان ڪو واپار ڪيائون ۽ ڪافي مال ڪمايائون. جيڪو سمورو اچي پير صاحب جن جي اڳيان رکيائون، پير صاحب جن فقط اوتري رقم کنئي جيتري کين ڏني هيائون. پوءِ کين پنھنجي حويلي سان گڏ گهر بہ ڏنائون، شادي وغيرہ بہ ڪرايائون ۽ شھر جي ڪوٽوالي بہ ڏنائون. ان گهٽيءَ جو اڄ تائين ”ڪوٽوال“ گهٽي نالو رکيل آهي.
اسان جو گهراڻو پير صاحب جن جي خاص خليفن مان سڏبو آهي ۽ تمام ٿورن فردن تي مشتمل آهي. ڪل سؤ سوا ڄڻا آهيون. تقريبن سمورا همراھہ نوڪرين پٺيان آهن. منھنجو ڏاڏو واحد ڏنو نوڪريءَ جي سبب ڪري پنو عاقل ۾ آيو ۽ اتان جو ئي ٿي ويو. ڏهر خاندان مان شادي ڪيائين. منھنجي والد صاحب بہ پنو عاقل کي پنھنجي ڳوٺ طور آباد رکيو. سندن شادي چانڊيا خاندان مان امروٽ شريف جي مولوي تاج محمد ڪرائي، مولوي تاج محمد امروٽي انگريزن جي خلاف هلايل تحريڪ جو خاص مھندار هو، سندس گادي اڄ بہ قائم ۽ دائم آهي.
اسان جي والدہ ماجده دٻي تعلقي ميھڙ جي هڪ ننڍڙي زميندار احمد خان چانڊئي جي نياڻي هئي، جنھن کي سندس ناني مولوي حبيب ﷲ نپايو هو. مولوي صاحب بہ پنھنجو ڳوٺ ڇڏي جھان ﷲ شاھہ جي ڪوٽ ڀرسان اچي روهڙي وسائي هئي ۽ خلافت تحريڪ ۾ مولوي تاج محمد امروٽيءَ سان شامل هو، جھان ﷲ شاھہ صوفي شاھہ عنايت جو ساٿي ٿي گذريو آهي. اسان ڇھہ ڀائر ۽ ڇھہ ڀينرون هئاسون. هڪ ڀيڻ راھہ رباني اختيار ڪري وئي، باقي حال حيات آهيون. مون کان ٻہ ڀائر ۽ ٻہ ڀينر وڏيون آهن. منھنجو ننڍپڻ پنو عاقل ۾ گذريو، پيءُ ملڪ ۽ ڏاڏي ڏهرياڻي، ماءُ چانڊياڻي جيڪي بہ هي فاني جھان ڇڏي ويا آهن. اهو اعزاز بہ مون کي حاصل آهي تہ والدہ جي خدمت ڪرڻ جو گهڻو شرف مون کي حاصل ٿيو ۽ اڃان بہ آس اٿم تہ مون کي ماءُ جي قدمن ۾ قبر نصيب ٿئي. منھنجو والد صاحب سنڌ مدرسة الاسلام مان شايد 1923ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪري روينيو کاتي ۾ ملازم ٿيو. سدائين نوڪري سانگي والد صاحب ٻاهر هوندو هو ۽ هر ڇنڇر جي ڏينھن ڳوٺ ايندو هو، منھنجي ڄم جي تاريخ يقين سان نہ ٿي ٻڌائي سگهجي، ڇاڪاڻ جو اسان کي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ ڪونہ ڪو ملازم وٺي ويندو هو ۽ داخل ڪرائيندو هو. اسڪولي رجسٽر مطابق منھنجي جنم تاريخ ڇوٿين اپريل 1939ع آهي ۽ مان هينئر 72 سالن جو ٿي چڪو آهيان ۽ هن دنيا جا ڏک سک پسڻ لاءِ حال حيات آهيان. زندگيءَ جو سفر ڪيئن گذريو؟ هي هيڏا سارا سال ڪيئن گذري ويا؟ خبر ئي نہ پئي!! ضروري ٿي پيو آهي تہ مان پنھنجون اهي يادگيريون رڪارڊ تي آڻيان، مون گهڻو ڪجهہ ڏٺو آهي. ڪيترن سان مليو آهيان، ڪجهہ تحريڪن سان بہ واسطو رهيو آهي، منھنجي سامھون ڇا وهيو ڇا واپريو، اهو ٻڌائڻ هاڻي ضروري ٿي پيو آهي مون ڇا محسوس ڪيو اهو بہ ٻڌائڻ گهرجي. ڪي ڳالھيون دماغ جون آهن ۽ ڪي دل جون آهن ۽ ڪري وري ٻنھين جون آهن. مان سمجهان ٿو تہ جيڪڏهن مان دل جي ڳالھہ مڃان ۽ دماغ جي نہ مڃان ها تہ شايد فقيري اختيار ڪري ڪنٺا قولابا پائي گيڙو ويس پھري ڪستو ڳچيءَ ۾ وجهي جهر جهنگ ۽ جبل جهاڳيان ها. منھنجي ڳالھہ سان ڪو اتفاق ڪري يا نہ ڪري تہ شاعريءَ جو واسطو دل سان آهي نہ دماغ سان. ان ڪري مون ڪجهہ دل کي مڃيو ۽ ڪجهہ دماغ کي. دل کي دماغ تي حاوي ٿيڻ نہ ڏنو.

ڀٽائيءَ جو ڀيرو

سنڌ تہ سيدن سان ڀري پئي آهي ڇاڪاڻ تہ عربن جي ڪاھہ کان اڳ بہ ڪجهہ عرب سنڌ ۾ اچي چڪا هئا، پر سنڌ جي فتح کان پوءِ مسلسل يلغار رهي. ڪي لشڪر سان گڏ هئا ڪن بزرگن اسلامي تبليغ جي خيال سان مختلف مدرسا ۽ خانقاهون اچي وسايون. عام ماڻھو (جيڪي سرڪاري ڪارندن ۽ ٻين ڏاڍن جا ستايل هئا) ۽ بيمارين جا لاعلاج مريض انھن خانقاهن کي ئي فقط پنھنجو ڏڍ ۽ سھارو سمجهي اچي حاضري ڀريندا هئا، ڪجهہ نذر ۽ نياز بہ ٿيندو هو، خير خيرات بہ عام هو. اهڙي ريت گهوٽڪي ۾ خاص طرح پير حضرت موسن شاھہ کي ڪنھن مريد اطلاع ڏنو تہ هڪڙو نوجوان فقير مسجد جي حُجري ۾ ڪنھن ساز سان راڳ آلاپي رهيو آهي اها ڳالھہ پير صاحب لاءِ ڇا پر ان وقت جي ماحول مطابق نھايت غير شرعي ۽ ناقابل برداشت هئي. پير صاحب جن پنھنجن مريدن کي سمجهايو تہ صبر ڪن جيستائين هو پاڻ حقيقت معلوم ڪري چون ٿا تہ پير صاحب جن مسجد ۾ آيا ۽ اچي شاھہ صاحب سان ملاقاتي ٿيا واقفيت مان معلوم ٿيو تہ نوجوان شاھہ عبداللطيف آهي. جيلاني سيد آهي ۽ شاھہ حبيب ﷲ جو فرزند آهي ۽ سير جي خيال سان نڪتو آهي.
اهو وقت نماز جو هو، ان ڪري پير صاحب شاھہ صاحب کي نماز جي امامت لاءِ چيو، سوچيائون تہ جيڪڏهن ڪو ملنگ موالي هوندو تہ پاڻھي ڀڄي ويندو پر شاھہ بيھي رهيا، پير صاحب سان گڏ سموري جماعت بہ سندن پويان اچي بيھي رهي. شاھہ صاحب جن نماز جي هن طرح سان شروعات ڪئي:

”الف ﷲ عليم، اعلى عالم جـــــــو ڌڻي
قادر پنھنجي قدرت سين، قائم آهي قديم
والي واحد وحــــــــده ، رازق، رب رحــــــيم
سو ساراھہ سچو ڌڻي ، چئي حمد حڪيم
ڪري پاڻ ڪريم جوڙون جوڙ جھان جي“

ﷲ اڪبر چئي رڪوع ۾ هليا ويا. سموري جماعت نماز ڀڃي پري ٿي بيھي رهي پر چون ٿا تہ پير موسن شاھہ بيٺو رهيو، وري شاھہ صاحب جن رخ بدلايو ۽ آيت جي بدران ڪو ٻيو شعر پڙهيو، انھيءَ ريت سمورا رخ بدلي جيڪو آخري شعر پڙهيائون اهو هي هو:

”جيڏانھن ڪريان نگاھہ تيڏا سڄڻ سامھان“

شاھہ عبداللطيف  جن تہ نماز پڙهائي هليا ويا پر سڄو شھر اچي پير صاحب جن تي ڪڙڪيو تہ سائين هيءُ اڄ ڪھڙي قسم جي نماز پڙهائي وئي؟ وغيرہ وغيرہ پير صاحب جن وراڻيو تہ جيڪا نماز بہ هئي پر مون هر طرف کان خانہ ڪعبہ ڏٺو. پير موسن شاھہ جن اصل بغدادي پير هئا. هنن جي گادي اڄ بہ آهي پر جيئن ٻين درگاهن ۽ مدرسن جو حشر نشر ٿي ويو آهي تيئن هن سان بہ ساڳي ڪار آهي. دين بدران سياست، علم ۽ فضل بدران جاگيرداري هن گاديءَ جو بہ ساڳيو حال آهي.
اتان جي خاندان وارا اڄ بہ اتي آهن. حويليون آهن پر نا اتفاقي آهي، سرمائيداري آهي غريب پر وري ڪانھي جتي وڏا وڏا سردار ۽ نواب اچي سرجهڪائيندا هئا، اتي در ڌڻي پاڻ بي علم جاهلن، فرعونن ۽ سردارن جي دروازن تي معمولي ملازمت لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ سوالي ٿيو ويٺا آهن.

طمع جـــــي تنوار متان ڪرين مگڻا
ڌڪي ڪندءِ ڌار، مڻيو ڏئي مُٺ ۾
(لطيف)

منھنجي جنم ڀومي عاقل خان ڌاريجي جي زمين تي ٻڌايل ڳوٺ کي پنو يعني زمين سڏيو ويو. زماني ۾ ڌاريجن جي وڏي زمينداري هئي. هينئر اها آهستي آهستي ختم ٿيندي پئي وڃي. پنوعاقل شھر ۾ هندو ، شيخ، ڏهر، مھر، بُلا بلوچ اڪثريت ۾ رهن ٿا. ان جي ڀرپاسي ۾ بہ تقريبن ساڳي صورتحال آهي. مھر ڏهر ۽ ڌاريجا قوم کي اچ شريف جي بزرگن جي تبليغ مسلمان ڪيو. اسان پنو عاقل ۾ جنھن جاءِ ۽ جڳھہ جا رهواسي آهيون، اها دراصل فقير محمد ڏهر جي ملڪيت آهي. فقير محمد ڏهر منھنجي ڏاڏي خليفي واحد ڏني جو سھرو هو. هن پنھنجي نياڻي يعني منھنجي ڏاڏيءَ کي اها جڳھہ ڏني. اسان جو گهراڻو تہ گهوٽڪي جو آهي. فقير محمد ڏهر جنھن پنو عاقل ۾ مسجد ٺھرائي، اها هينئر جامع مسجد آهي. ان کي ايترو وڏو ۽ ويڪرو مولوي فتح محمد شيخ ڪرايو، جيڪو هينئر خود مسجد جي اڱڻ ۾ دفن آحي. فقير محمد ڏهر جو فرزند قادر بخش سنڌ زميندار اخبار جو ايڊيٽر رهيو. اسان جو هي محلو هندن ۽ شيخ برادري سان ڀريل هو، پاڙي ۾ سنتي ماءُ ۽ سيتل ماءُ (مھراج سيتل داس) مشھور مايون هيون جن جو سڄي محلي تي ڌاڪو هوندو هو. سنتي ماءُ جو مڙس سائين رگهومل جيڪو پرائمري استاد هو ۽ پوءِ هيڊ ماستر ٿي رٽائرڊ ٿيو، سيتل ماءُ برهمڻ ۽ مھراج سيتل داس جي ماءُ هئي. سموريون هندو سماج جون رسمون يعني شاديون ۽ ڪرياڪرم اهي ماءُ پٽ ڪرائيندا هئا. استاد رگهومل وٽ هڪ کير لاءِ ٻڪري هوندي هئي، جيڪا هن لاءِ صبح جي لسي ۽ ڦٽي (مکڻ) ۽ رات جو کير ماني کائي سمھڻ جو سھارو هئي. منجهند جي ماني ڪڏهن کائبي ڪڏهن نہ کائبي. اڇو اجرو، ڪڙڪدار آواز ۽ بااصول شخصيت جو مالڪ، تعليم ۽ تعظيم ۾ ڪنھن داٻي هيٺ نہ اچبو.
هڪڙو پرائمري اسڪول بوائز ۽ ٻيو پرائمري اسڪول گرلز هوندو هو، هينئر اسڪولن جو تعداد ڳڻپ کان مٿي آهي. هاءِ اسڪول بہ هڪڙو هو. جيڪو ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي ملڪيت هو، ان جو پريزيڊنٽ ڪونہ ڪو سردار يا وڏيرو هوندو هو، پر تعليمي معاملن ۾ مداخلت ڪونہ ڪندو هو. هڪڙي سرڪاري اسپتال هئي، جنھن ۾ سرڪاري ڊاڪٽر هوندو هو، ان جو سڄي تعلقي تي رعب هو. ڊاڪٽر صاحب کي ڪو گهرائيندو هو، تہ سڄي شھر ۾ هوهوا ٿي ويندي هئي. جنھن وٽ وزٽ تي سرڪاري ڊاڪٽر اچي، اڌ شھر طبيعت پڇڻ ايندو هو. اها ڄڻ ڪا وڏي ڳالھہ ٿي آهي. سرڪاري اسپتال ۾ علاج مفت ٿيندو هو ۽ تعليم بہ سموري مفت هئي. انگريزي تعليم تي ڪجهہ في ڏيڻي پوندي هئي. غريبن ۽ اميرن لاءِ ساڳيا اسڪول هوندا هئا. اسڪول استادن جي نالن سان مشھور هوندا هئا. استاد فلاڻو فلاڻي اسڪول جو. پرائمري تعليم ۾ شاگرد کي ٻاراڻي يعني ڪي جي کان شروع ڪرڻو پوندو هو، اسان جو سائين کيٽومل اسان جي پاڙي ۾ هو، هو پاڻ سان گڏ اسڪول وٺي ويندو هو ۽ پاڻ سان گڏ وٺي ايندو هو. هارمونينم تي اسان کان سريلي آواز ۾ بيت ياد ڪرائيندو هو.
صبح جو هر اسڪول ۾ پرارٿنا ٿيندي هئي، يعني ڌڻيءَ جي ساراھہ ان کان پوءِ اها چڪاس ٿيندي هئي تہ ننھن لٿل آهن يا نه، تَڙ ڪيل آهي يا نه، ڦڻي ڏنل آهي يا نه، ڪپڙا صاف آهن يا نه. پوءِ ڪلاس شروع ٿيندا هئا. استادن جا مقابلا هئا. امتحانن جو اهو تاثر هو تہ امتحان شاگردن جو تہ آهي پر حقيقت ۾ استادن جو آهي، انھن جون ترقيون شاگردن جي تعليمي معيار تي ٿينديون، سستي ۽ سٺي تعليم ملندي هئي، ٻھراڙي جا ڇوڪرا ۽ هندو ڇوڪرا اسان شھر وارن کان گهڻو هوشيار هئا ۽ انھن جا هٿ اکر بہ سٺا هئا. هوشيار ۽ غريب شاگرد کي سرڪار طرفان اسڪالرشپ ملندي هئي، ان لاءِ بہ مقابلي جو امتحان ٿيندو هو، تعليمي نصاب ۾ ٽين درجي سنڌيءَ کان پھريائين تعلقي جي جاگرافي ۽ تواريخ ۽ سنڌي چوٿين ۾ ٻن يا ٽن تعلقن تي مشتمل ڊويزن جي تواريخ ۽ جاگرافي پڙهائي ويندي هئي. سنڌيءَ جا بہ ست درجا هئا، جيڪي پوري ڪرڻ کان پوءِ سنڌي فائنل جو امتحان ٿيندو هو. ان کي پاس ڪرڻ کان پوءِ سنڌي پرائمري ۽ ماستري يا تپيداري جي نوڪري ملندي هئي. اهڙي طرح انگريزي جا بہ ست درجا هئا، جن ۾ دنيا جي تواريخ ۽ جاگرافي پڙهائي ويندي هئي، سنڌي فائنل ۾ سڀ مضمون آلجبرا، جاميٽري، حساب ۽ سائنس سنڌيءَ ۾ هئا، پوءِ اهي مضمون انگريزي پڙهڻ وارن لاءِ ٽين يا چوٿين انگريزي ڪلاس کان انگريزي ۾ شروع ٿيندا هئا. بنيادي تعليم مادري زبان ۾ هئي. جيڪي سڄي دنيا جو مڃيل اصول آهي، سنڌ مدرسة الاسلام طرفان سڄي سنڌ ۾ غريب ۽ هوشيار شاگرن کي مفت تعليم، کاڌ خوراڪ سميت ملندي هئي، جنھن جي چونڊ لاءِ سڄي سنڌ ۾ ٽيمون اينديون هيون. منھنجي والد صاحب کي ۽ شيخ نور محمد جنھن جو فرزند جسٽس عبدالقادر شيخ آهي، کي بہ اهڙي ريت مدرسي ۾ تعليم ملي. هن مدرسي سنڌ جي ماروئڙن جي وڏي مدد ۽ خدمت ڪئي ۽ وڏيون وڏيون شخصيتون پيدا ڪيون، جن ۾ علامہ آءِ آءِ قاضي، اي ڪي بروهي، شمس العلماء عمر بن داؤد پوٽو ۽ ٻيا شامل آهن.

پراڻو پنو عاقل

اچو تہ ٿورو شھر پني عاقل جو سير ڪريون : سڄو شھر نمن جي وڻن سان ڀرپور، چؤڌاري کوهن تي انبن، کجين، ٻٻرن، ليمن جا باغ ۽ سبزيون پوکيل هيون. ماڻھو اونھاري جو کوهن تي هليا ويندا ها. زنانہ ۽ مردانہ گهاٽ بہ هئا، جر جي پاڻي سان وڻن هيٺان ويھي تڙ بہ ڪبو ۽ ڪچھري بہ ڪبي هئي، شھر گهڻو ڪري تعليم يافتہ وچولي طبقي جي ماڻھن سان ڀريل هو، شام جو اڪثر هندو ۽ مسلمان پنھنجي گهرن اڳيان پاڻيءَ جي ڇنڪارِ ڪرائي ڪرسيون ۽ کٽون وجهي ڪچھريون ڪندا هئا. رپند مل جون مٽ جون قلفيون، جواڻ مل جون ٿڌيون بوتلون گهرائبيون ۽ ڪباب کائبا ۽ حقا ڇڪبا هئا ۽ ڪچھريون ڪبيون هيون. اسان جي اوطاق جي سامھون سيٺ تنومل جو وڏو گهر ۽ اوطاق هئي. هو تمام وڏو سيٺ هو، پر سندس ڌڙ سڪل هو، تنومل ڏاڍو سريلو بہ هو، ان ڪري رات جو محفل مڇندي هئي، ۽ کيس نوڪر کڻي اچي ويھاريندا هئا. گهر جي اڳيان وڏو کوھہ هو، جنھن جو پاڻي پرائمري اسڪول جي باغ کي ملندو هو. سيٺ تنومل وٽ رات جي ڪچھري دير تائين هلندي هئي. قلفيون، فالودا، بوتلون ۽ مٿان پرڀاتي، راڻو راڳ! ڇا ڳالھہ ڪجي، چار وڏيون بازارون هيون. ڍڪ بازار ۾ ولايتي ڪپڙو، بوٽ، زنانو سامان ۽ پرفيوم وغيرہ ملندو هو. هن بازار ۾ گهڻي ڀاڱي عورتون خريداري ڪنديون هيون، ٻي گرني بازار، هيءَ گرني مل پاساريءَ جي نالي مشھور هئي. ٽين هئي ساساني مل جي، هن بازار ۾ گهڻي ڀاڱي سليٽون، ڪتاب قلم ۽ اسٽيشنري ملندي هئي ۽ چوٿين هئي شاهي بازار، هي بہ ڪافي وڏي هئي. ۽ اڄ بہ موجود آهي، باقي ٽي بازارون ختم تہ ڇا پر ويران ٿي ويون، انھن ۾ هندستان کان آيل ڀائرن کي وسايو ويو، جن پنھنجا گهر اڏيا، ان وقت تہ ڏاڍا غريب ۽ ڏتڙيل هئا، هڪ کي دڪان تہ هڪ کي گهر ڪيائون، ڇتين جو سامان هڪ هڪ ڪري وڪڻي ڇڏيائون، جيڪي شھري هندو هئا، سي گهڻو ڪري هليا ويا هئا، پڙهيل ڳڙهيل عزت وارا سڀ خوف کان هليا ويا، سڀ اوطاقون ويران ٿي ويون.
اهو وقت عجيب هو. سڄو ملڪ لڏپلاڻ جي حالت ۾ هو، هندو پنھنجا ٽپڙٽاڙي مٺ ڀڳڙن تي وڪرو ڪندا رهيا ۽ ڀارت روانا ٿيندا ويا. وڇوڙي جا وهڪرا وهڻ لڳا، هڪ طرف وطن ڇڏڻو هو ۽ ٻي طرف وسارڻو هو. وطن ڇڏي تہ ويا پر وساري نہ سگهيا. ”حيف تنين کي هوءِ وطن جنين وساريو“ جي ميار ڪانہ سٺائون. اڄ بہ پانڌيئڙا ٿي پراڻا وٿاڻ ڏسڻ اچن پيا، ڪيئي مسلمان پنھنجي سنڌي هندو دوستن کي ڀارت تائين ڇڏڻ ويا، ان وقت ايترو مذهبي ڪٽرپڻو ڪونہ هو، سنڌ صوفين جي آهي، شاھہ، سچل، سامي ۽ ٻين صوفين بزرگن ڀيد ڀاوَ ختم ڪري ڇڏيو هو. هڪ ٻئي جي ڏک سک ۾ سڀئي شريڪ ٿيندا هئا. ڏياريون، هوليون، عيدون ۽ محرم گڏ ملھايا ويندا هئا. پوءِ جڏهن سياسي جوڙتوڙ شروع ٿي تہ اسان جو گهر مني مسلم ليگ هائوس ٿي ويو ۽ مھراج سيتلداس جو گهر مھاسڀائي مسلمان ۽ ڪٽر هندو جدا جدا جنگ ڪرڻ جي اراد سان فوجي تربيتون ڏيندا هئا. اسان جي گهر تي هو لٺيون وسائيندا هئا ۽ مھراج جي گهر تي هيءَ نفرت ان وقت وڌيڪ شدت اختيار ڪرڻ لڳي، جڏهن هندوستان مان لاشن ۽ زخمين جون ريل گاڏيون ۽ پناهگير اچڻ لڳا. اسان جي شھر جا مسلمان بہ چندا ڪري ريلوي اسٽيشن تي ماني ۽ ٻوڙ جون ديڳيون جهليو بيٺا هوندا هئا ۽ لاشڻ کي دفنائڻ ، زخمين جو علاج ڪرڻ ۽ جيئرن کي پنھنجي جيءَ ۾ جايون ڏيڻ ۾ ڪا ڪسر نہ ڇڏيائون.
ڪيئي سنڌي هندو موڪلائڻ وقت اوڇگارون ڏئي پئي رُنا، مسلمان عورتن بہ پاڻ ۾ ڀاڪر پائي رنو ۽ موڪلايو. جاني جدا ٿي ويا الائي ڪھڙي سببان جنھن جي اڄ تائين ڪنھن کي بہ خبر نہ آهي، تہ ڪنھن اهو نعرو ٿي هنيو تہ هندو وڃن يھودي اچن، اسان جي ڳوٺ مان بھرحال ٻہ ماڻھو ڀارت نہ وڃي نہ ويا، ٿي سگهي تہ ٻيا بہ هجن پر هڪڙو مھراج سيتل داس ۽ ٻي پارتي مارواڙڻ پار بتي تہ ريلوي اسٽيشن کان ايندڙ پناهگير ن جي لاشن لھرائڻ، زخمين جي ملم پٽي ڪرائڻ، ڪفن دفن جي انتظام ڪرڻ سان گڏ ماني وغيرہ جي انتظامن ۾ ڪلھو ڪلھي ۾ ملايو بيٺي هوندي هئي، ڏينھن رات هڪ ڪيو بيٺي هوندي هئي، هوءَ ويچاري جيستائين جيئري هئي، پاڪستان جي وفادار شھري ٿي رهي پر کيس 1965ع واري جنگ دوران ٻين هندن سان گڏ جيل وڃڻو پيو ۽ مٿس جاسوسيءَ جو الزام هنيو ويو، جنھن کان پوءِ هوءَ جيسلمير راجستان هلي وئي، اتي سنڌ ڏانھن نھاريندي مري وئي. باقي مھراج سيتل داس پنھنجي سموري جائدا وڪرو ڪري ايم ايس انگلش ميڊيم اسڪول ٺھرايو، جيڪو اڄ بہ قائم آهي ۽هتي ئي مري ويو ۽ هڪ دفعو بہ هندوستان نہ ويو.

ماڻھو نہ وسرڻ جھڙا

اهي تہ هئا اهي هندو جيڪي اسان جي محلي ۾ رهندا هئا، باقي حقيقت ۾ سڄو تعلقو ٻن مذهبن ۾ ورهايل هو : هڪڙا هئا مسلمان ٻيا هندو، مسلمان بہ ٻن حصن ۾ هئا، هڪڙا زميندار ۽ سردار ۽ ٻيا هاري شھرن ۾ ڪو ورلي گهراڻو وچولو طبقو هو، جيئن، ڏهر يا شيخ صاحبان، تعليم ۾ بہ هندو ۽ مسلمانن جو وچون طبقو دلچسپي وٺندو هو، باقي زميندار پنھنجي اولاد کي گهڻو ڪري ڪونہ پڙهائيندا هئا ۽ نہ وري غريب کي پڙهڻ ڏيندا هئا، ٻھراڙين ۾ استاد کي ماستر ڪري سڏيو ويندو هو، ۽ پنھنجي منشي طور هلائبو هو، غريبن جي ننڍڙن ٻارن کي وڏيرن جي ٻارن کي کيڏائڻ لاءِ جبرا بنا پگهار جي گهر ۾ رکبو، ڇوڪريون تہ نہ پاڻ پڙهابيون ۽ نہ پڙهڻ ڏبيون. هارين جا فصل سندن منشين ڪوڙن حسابن ڪتابن ۾ هضم ڪري ڇڏيندا هئا. غريب ڇھن مھينن يا ٻارهن مھينن جو پورهيو خالي ڪپڙن ۾ کڻي ايندو، هندو وياج خور وٽ جيڪو خود وياج تي وياج چاڙهيو ويٺو هوندو هو ۽ اڇن پنن تي آڱوٺا هڻائي باقي ڏاندن جا جوڙا يا ٻني ٽڪرو هوندس تہ لکرائي وٺندو هوس. سنڌي مسلمان کي شل نہ ڪا سھڻي ڇوڪري هجي، هوندي تہ کيس وڏيرن ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي ڇڏيندو، هندو وياج خور وٽ مجبورن قابو ٿيندو، ٻچن جون بکون ڪير بہ برداشت نہ ٿو ڪري سگهي، ان لاءِ هٽ واڻيو ويٺو آهي ڪوڙا کاتا کنيون. مون تہ شھر ۾ بہ پاڻيءَ جا ڌار ڌار مٽ ۽ گلاس بہ ڏٺا. مسلمانڪو پاڻي ۽ هندڪو پاڻي! اهي ڳالھيون بہ هيون دڪاندار هندن وٽ، باقي پڙهيل ڳڙهيل ديوان هندوءَ وٽ اها ڳالھہ گهٽ هئي. غريب لاءِ نفرت ۽ ان کي نيچ سمجهڻ تہ ٻنھي وٽ هو، هڪ دفعي مون کي اسڪول ۾ اڃ لڳي ۽ مان ڊوڙندو گهر ۾ پاڻي پيئڻ لاءِ آيس، اسڪول اسان جي گهر جي ڀرسان هو، جيئن گهر پھتس تہ حڪم ٿيو، ”بابا جلدي وڃي هي شيءِ ڏاڙهون مل جي دڪان تان وٺي اچ“ ڏاڙهون مل جو دڪان اسان جي گهر کان ويجهو هو، مان ڊوڙندو ويس، دڪان تي پاڻي جا مٽ ڳاڙهي ڪپڙي سان ويڙهيل رکيل هئا. آءُ اڳ ئي اڃايل هوس، سو چيومانس ”ڏاڙهون مل پاڻي تہ پيار.“ چيائين بابا ٻڪ جهل. مون ڪڏهن ٻڪ ۾ پاڻي ڪونہ پيتو هو، سو سڄو پاڻي وهي ويو ۽ ڪپڙا بہ آلا ٿي ويا، گهر ۾ پڇا تي مون ٻڪ ۾ پاڻي پيارڻ واري حقيقت ڪئي، شام جو منھنجا ڀائر گهر ۾ آيا! حقيقت ٻڌڻ کان پوءِ چڱو ڀلو فساد ٿيندي ٿيندي رهجي ويو. وياج خور هندو سنڌ ۾ اڄ بہ آهن. هاڻي تہ مسلمان بہ ان ڪم تي لھي پيا آهن. هڪڙا تہ فقير بہ هئا. جيڪي بغير ڪنھن ڀيد ڀاوَ جي خدمت ڪندا هئا. هڪڙو هندو هميشہ ٻارن جا پير پاڻ ڌورائيندو هو ۽ شيون کارائيندو هو. هاڻي جيڪي ننڍپڻ جون ڪن ماڻھن متعلق يادگيريون آهن جيڪي وسري نہ ٿيون وسرن، سي ٻڌائي ڇڏيان تہ بھتر آهي.
هڪ تہ اها ڍڪ بازار جيڪا پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ اجڙي وئي، ان جي ڪجهہ دڪانن تي اچي هندستان کان آيل دوستن گهر اڏيا، باقي تي ڪجهہ ٽانگي وارن پنھنجون بگيون ۽ گهوڙا اچي بيھاريا ۽ ٻڌا. هڪ دڪان تي هڪڙي ٻي عورت جيڪا هڪڙي پير کان معذور هئي اچي قبضو ڪيو، سندس نالو لال هو، اها بازار جي اڪيلي سدا سھاڳڻ هئي، سدائين سينگار ڪيو ٻاهر کٽ رکي ويٺي هوندي هئي ۽ ڪنھن نہ ڪنھن جو انتظار ڪندي رهندي هئي، منھنجي لاءِ ڄڻڪ آزار هئي مان اڪثر ڏاڙهون مل جي دڪان تي وڃڻ لاءِ اتان لگهندو هوس، جو اتان شارٽ ٽرن هو، بس لال جي نظر پوندي تہ ڊوڙائي پڪڙي سڄي سرخي منھنجي مٿان کپائي ڇڏيندي، مان روئندو گهر اچي دانھن ڏيان پر هوءَ چئي ”منھنجو ٻچو آهي وڻندو آهي“ ٻي هڪ عورت ”رسالو“ بہ انھيءَ احاطي جي هڪڙي دڪان ۾ گهر ڪيو ويٺي هئي، هندستان جي رهتڪ ضلعي سان سندس تعلق هو. سندس مڙس فسادن ۾ مارجي ويوو هو، هوءَ پاڻ سان هڪڙو پٽ ”ڪارو“ ۽ ڀاءُ ”ببري“ سميت هتي آئي هئي. اسان وٽ نوڪري ڪندي هئي، جواڻ جماڻ هئي، پر انتھائي باعزت ۽ باغيرت هئي. پنھنجي پٽ ۽ ڀاءُ کي پالي جوان ڪيائين ، جڏهن سندس پٽ ۽ ڀاءُ جوان ٿيا تہ اسان جي نوڪري بہ ڇڏي ڏنائين. پٽ جي شادي ڪرائي ان دڪان مان گهر کي آباد ڪيائين، ڪاري جي زال ڏاڍي سھڻي ڇوڪري هئي، رسالو خوشيءَ ۾ ڀرجي وئي پر اوچتو ئي اوچتو ڪنھن گهرو اڻبڻت جي ڪري ڪاري جي زال مائٽ وٺي ويا ۽ پوءِ طلاق بہ ٿي وئي. ڪارو ڪپڙا لاهي ديوانو ٿي ويو ۽ پوءِ گم ٿي ويو. ۽ وري نہ مليو، رسالو جو ڀاءُ ريل گاڏي ۾ ڪا شيءِ وڪڻندي ڪري مري ويو. رسالو جي دنيا ويران ٿي وئي، مان ويجھڙائي ۾ ڳوٺ ويس تہ رسالو کي ديوانگي جي عالم ۾ ڏٺم، کيس ڇوڪرا پٿر پيا هڻن ۽ ڊوڙائن پيا، مون وچ ۾ پئي سندس جان ڇڏائي. هن بہ مون ڏانھن نھاريو، سندس اکين ۾ سوين سوال هئا. مامتا جون اڃايل اکيون جن ۾ نھارڻ جي مون ۾ طاقت نہ هئي. هن جو نہ ڪو اوهي هو، نہ ڪو واهي، نہ ڪو ادارو جنھن جي حوالي ڪيان ها. ٻانھن کان جهلي کيس پنھنجي سڃاڻپ ڪرايم پر هن ڪونہ سڃاتو، فقط روئي پئي ۽ مون کي ايلازون پئي ڪري تہ مون کي هنن ڇوڪرن کان بچاءِ مون هن جا مائٽ ڳوليان تہ جيئن کيس انھن جي حوالي ڪريان پر ڪوبہ ڪونہ مليو ۽ مان هن کي پنھنجي حال تي ڇڏي هليو آيس. ٻيا ٻہ ڪردار هئا : دولي ۽ غلام حسين ، غلام حسين بلڪل بي ضرر پاڳل هو، هڪڙو ڊگهو چولو. پويان سندس ناني دولي ماڻھن کان خيرات وٺي گذر ڪندا هئا، غلام حسين فونوگرام ٻڌڻ جو شوقين هو، جيڪو اسان وٽ هو، اسان کيس گهر ۾ گهرائي فونوگرام ٻڌرائيندا هئاسين ناني جي مرڻ کان پوءِ نڌڪڻو ٿي پيو، ڪير هن جي سار سنڀال لھي، ڪير کيس ماني کارائي. اها شيوا ڌاري هندن ۾ هئي، سي تہ هليا ئي ويا، سو غلام حسين بہ بکن ۽ اڃ ۾ بيمار ٿي آخر جوانيءَ ۾ ها جوانيءَ ۾ مري ويو. ان وقت سندس عمر مشڪل سان ٽيھہ ورهيہ هوندي.
چوٿون ماڻھو هو ميوو فقير، جيڪو مسجد جي ڀرسان بخاري شاھہ جو سنڀاليندو هو، بخاري شاھہ تي ميخاني کان سواءِ بزرگ جي درگاھہ بہ آهي، وڏيون چوڪيون هيون، ڳائڻا ۽ ڳائڻيون چوڪيون ڏيندا هئا. برڪت ڀٽ جو والد رسول بخش بہ مون ڪيترائي ڀيرا بخاري شاھہ تي ڳائيندي ٻڌو. ميوو فقير هر جمعي تي رسمي طور تي گداگري لاءِ نڪرندو هو. ڪارو ويس پھري، ڪنٺا ڪولابا، ڪستو ۽ دست پناھہ ساڻ ڪري نڪرندو هو ۽ پنج سير اٽو ۽ ڳڙ جي صدا هڻندو هو ۽ دعا ڪندو هو ”ڪڻي مان ڪيچ ٿيندئي“ ، ”شل واڙي وڌندئي“ ، ”ڪوسو واءُ نہ لڳندءِ!“ ٿورو مليو گهڻو. جي ٻن گهرن مان ضرورت پوري ٿي تہ هليو ويندو. وري ٻي هفتي اچبو. اهو بہ بيمار ٿي مري ويو، بخاري شاھہ جا فقير هڪڙي خيرات جي ديڳڙي ٺاهي پچائي مسجد جي مولوي وٽ کڻي آيا تہ ختمو ڏئي ڏي. مولوي صاحب ختمي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.“ چي : بابا موالين جا ختما ٿيندا آهن ڇا؟ پيو هوندو دوزخ ۾، کڻو پنھنجي ديڳڙي!“ فقيرن ويچارن منھن لاهي مايوس ٿي واپس اچي پاڻ ڪجهہ پڙهائي ماني ورهائي ڇڏي، جيڪو ايندو هين سو ڪري ڪم پورو ڪيائون.

عوام جا مثالي نمائندا

اسان جو ڳوٺ نوٽيفائيڊ ايريا هو. لوڪل گورنمنٽ ٽن يا چئن ميمبرن تي مشتمل هئي. آدمشماري بہ تقريبن ويھہ يا پنجويھہ هزار هئي. هندن جون جڳھيون پڪيون ماڙيون ۽ تمام وڏيون ۽ سھڻيون هيون. شھر جا رستا ڪچا ۽ گهٽيون بہ ڪچيون هيون پر صفائي جو انتظام زبردست هو، روزانو صبح شام صفائي ٿيندي هئي ۽ پخالين جي معرفت سڄي شھر ۾ ڇڻڪار ٿيندي هئي. ميمبر صاحبان پاڻ بيھي صفائي ڪرائيندا هئا. روشنيءَ جي لاءِ سڄي شھر ۾ فانوس لڳل هوندا، جيڪي گاسليٽ جي چمنين سان روشن ٿيندا هئا، روشني وارا روزانو ڏينھن جو فانوس کي صاف ڪري وٺندا هئا ۽ رات جو تيل ڀري روشڻ ڪندا هئا، ٻھراڙيءَ جو ماڻھو ورلي ڪو شھر ۾ جڳھہ وٺندو هو، جي وٺندو تہ زبردست اعتراض ڪبو، ڪنھن کي ڪرائي تي بہ جڳھہ وٺن نہ ڏٻي، چيو اهو ويندو هو تہ ٻھراڙين جا اڪثر ماڻھو پاڻ چوريون ڪندا يا چوريون ڪرائيندا. ڪنھن وڏي سردار يا زميندار کي بہ مجال نہ هوندي هئي تہ وچ شھر ۾ ڪا جڳھہ وٺي. شھر جا هندو مکي شھر ۾ روڊ بہ ٺھڻ نہ ڏيندا هئا. ”بابا چورن جا پير ڊهي ويندا. وڃي روڊ تي چڙهندا. پوءِ گم ٿي ويندا، ان ڪري پڪو روڊ نہ ٺھڻ کپي.“
امن امان ايترو هو جو پاڪستان جي ٺھڻ ۽ هندوستان جي آزادي جي هلچل سبب ريلوي جو نظام درهم برهم ٿي ويو هو، فقط بسون هلنديون هيون. هڪڙي اوٻاوڙي کان سکر، ٻي سکر کان اوٻاوڙي ويندي هئي. اوٻاوڙو سکر کان پنجهتر ميل ۽ سکر پنو عاقل کان پنجويھہ ميل آهي سکر لاءِ هڪڙو روڊ جيڪو نيشنل هاءِ وي آهي. اهو سيمينٽ جو ٺھيل هو، روڊ ي ٻنھي طرفن کان گهاٽو ٻيلو هو، جنھن ۾ هر قسم جا جانور تہ هئا پر ڌاڙيل ۽ چور ڪونہ هئا، ماڻھو آرام سان بگي گهوڙي ڪرائي تي ڪري ٻارين ٻچين رات ڏينھن پيا هلندا هئا. اسان پاڻ اونھاري ۾ گرميءَ سبب ٽانگي تي ٻارين ٻچين پني عاقل کان سکر رات جو سفر ڪيو، ٻن يا ٽن جاين تي گهوڙي کي ڪلاڪ ڪلاڪ جي ساهي ڏياري وئي. دڦ اونداهون ٻيلو هو، گدڙ وغيرہ اچي سامھون بيھي هليا پيا وڃن. صبح جو امن امان سان اچي سکر پھتاسون. شھر جي لوڪل گورنمنٽ خميسي شيخ جي ٻيڙين ٺاهڻ جي مانڊڻيءَ ۾ هلندي هئي، وڏي گهاٽي نم هيٺ خميسي شيخ جي پڙي (مانڊڻي) رکيل هئي، ٻہ ڪاٺ جون بئنچون رکيل هونديون هيون، جن تي ويھي چيئرمين صاحب ۽ ميمبر صاحبان شھر جا مسئلا حل ڪندا هئا، خميسو غير سياسي ماڻھو هو. هو هٿ جون ٻيڙيون ويٺو ٺاهيندو: سرڪاري ڌاڳي واري، يري ڌاڳي واري ۽ اڇي ڌاڳي واري ٻيڙي هو پنھنجو ڪم ويندو ڪندو ۽ هيڏانھن فيصلا پيا ٿيندا، ڀرسان حجم ۽ نير ولي وغيرہ پنھنجي ڪمن کي لڳا پيا هوندا. شيخ ڪمال الدين (جسٽس عبدالقادر جو ڀيڻيويو) امير بخش شيخ ۽ فضل الاهي ڪاسائي جيڪو اوائلي دور جو هو، شھر جا چيئرمين رهيا، شھر ۾ روڊ، رستا، مارڪيٽ وغيرہ امير بخش شيخ جي دور ۾ ٺھيا پر پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ فضل الاهي هر سال اليڪشن جي وقت شھر وارن کان رسي وڃي گهر ويھندو هو، جيستائين شھر جا چڱا مڙس کيس زبردستي گهران کڻي فارم ڀرائي ميمبر ڪن ۽ پوءِ بنا مقابلي چيئرمين بہ ڪيو ويندو هو، پن جون ٻيڙيون ڇڪيندو هو ۽ خميسي شيخ جي مانڊڻي تي پيل بئنچ تي ويٺو هوندو هو، پرائمري اسڪول جا چوڪرا ۽ چوڪريون نين پٽين تي اکر لکرائيندا هئا، سڄو ڏينھن ويٺو ٻارن تي پھرو ڏيندو، ڪنھن کي بہ بازار ۾ رلندو ڏسي هڪدم پڪڙي اسڪول پھچائيندو، وڏن وارن جو دشمن هو، ڪيترا ڀيرا منھنجا وار ڀرسان ويٺل حجم کان زوري ننڍا ڪرائي ڇڏيائين.
شادي غميءَ تي چاچو فضل الاهي پاڻمرادو پھچي ويندو سمورو بندوبست پنھنجي هٿ ۾ کڻبو، صفائي ڪرائڻ گلم غاليچا ، تنبو وغيرہ هڻائڻ ، ديڳيون پچرائڻ ۽ مھمانن جي سارسنڀال لھڻ جو سڄو ڪم سندس ذمي هوندو هو. مالڪ جن جو معاملو هوندو هو بالڪل بي فڪر ٿيا ويندا هوندا ها، فوتگيءَ جي حالت ۾ قبرستان جا معاملا بہ چاچو فضل الاهي سنڀاليندو، هڪ دفعي منھنجي والد صاحب جي ٻي هنڌ بدلي ٿي. اسان پنھنجي گهر کي تالو هڻي اوڏانھن وياسين. سردين جي موسم هئي، اڌرات جو اطلاع مليو تہ گهر جو تالو کليل آهي، اسان جو بابو جيئن تيئن ڪري اچي عاقل پھتو. تالو برابر کليل هو ۽ سڄي رات چاچو فضل الاهي دروازي تي باھہ ٻاريو ڪمبل ويڙهيو ڪرسيءَ تي ويٺو هو. بابي در کولي سڄو گهر چيڪ ڪيو . ٿيو ڪجهہ بہ نہ هو، غلطيءَ ۾ تالي ۾ چاٻي صحيح نہ ڦري هئي ان ڪري کليل رهجي ويو هو. اهي City father هئا، عوام جا صحيح نمائندا هئا، هڏڏوکي هئا، نہ رشوت، نہ پئسا، نہ پلاٽ، نہ پجيرو حرام خور ۽ چور سياستدانن جي بوکڙو دنيا نہ هئي، حلال خور عوام دوستن جي بي لوث دنيا هئي.
هڪڙي دفعي منھنجو والد صاحب ميرپور ماٿيلي جو تعلقي هيڊ منشي ۽ ٿرڊ ڪلاس مئجسٽريٽ هو، مان ٽين درجي انگريزي جو شاگرد هوس، اسان جي گهر جي ڀرسان پوليس اسٽيشن هئي، شھر جو صوبيدار سائين دائم شاھہ جيڪو پڻ پني عاقل جو هو، اتي مقرر هو. شاھہ صاحب جو نياپو آيو تہ .............. سردار صاحب آيو آهي اچي چانھہ وغيرہ پي وڃو. شام جو وقت هو. مان بہ مفت جا پستا باداميون کائڻ لاءِ بابي جي ڪڍ ڊوڙندو ويس. پوليس اسٽيشن جي ديوار جي ٻاهران سوَن جي تعداد ۾ ماڻھو بيٺا هئا. علائقي جو وڏو سردار صاحب آيل هو، سردار صاحب جي ملٽر ماڊل جيپ پوليس اسٽيشن جي ٻاهران بيٺل هئي. اندر ڪجهہ موڙا (ڪانن مان ٺھيل ڪرسيون) رکيل هئا. هڪ تي سردار صاحب ويٺل هو، صوبيدار صاحب بعد ۾ جڏهن بابو پھتو تہ گهران نڪتو ”سائين ! سردار صاحب جن آيل آهن. سوچيم تہ گڏجي چانھہ پيئون.“ ان کان پوءِ هيٺيان ڊائلاگ ٿيا :
صوبيدار : ”سردار صاحب ڪيئن اچڻ ٿيو!“
سردار صاحب هڪڙي ماڻھو کي سڏ ٿو ڪري، اهو اچي ٿو، سندس ڪلھي ۾ ويبلي جو ريوالور لٽڪيل آهي.
صوبيدار : ”بابا هٿيار ڪنھن جو آ؟“
سردار صاحب : ”اهو منھنجو آهي“
صوبيدار : ”پوءِ هي لاهي سردار صاحب کي ڏي.“
صوبيدار صاحب ريوالور وٺي پاڻ وٽ ٿو رکي.
صوبيدار وري مخاطب ٿو ٿئي. ”ها حڪم ڪيو سردار صاحب!“
سردار : ” شاھہ صاحب هيءُ ماڻھو اوهان کي فلاڻي خون جي ڏوھہ ۾ گهربل آهي. اسان کيس پاڻ سان وٺي آيا آهيون. هينئر هن کي اسان وٺي ٿا وڃون. اڇو ڪري وري اوهان کي موٽائي ڏينداسون.“
شاھہ صاحب جو منھن لھي ٿو وڃي ۽ سڏ ٿو ڪري ٿاڻي جي وڏي منشي کي ” هن جي ڪيس جا ڪاغذ کڻي اچ!“ منشي ڪاغذ کڻي ٿو اچي. شاھہ صاحب ڪاغذن کي اٿلائي پٿلائي ڏسي سنتري کي سڏ ڪري ان همراھہ کي لاڪ اپ ڪرڻ جو حڪم ٿو ڏي. سردار صاحب ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي فرمائي ٿو :
”شاھہ صاحب تون اسان جي بيعزتي ٿو ڪري.“
صوبيدار : ”نہ سائين مان پنھنجي ڊيوٽي ٿو ڪريان. خون جو جوابدار آهي يا تہ وٺي نہ اچو ها. هينئر هي ٿاڻي تي موجود آهي. مئجسٽريٽ صاحب بہ ويٺو آهي. هاڻي مان توکي اڇو ڪري ڏيندس.“
سردار صاحب بنھہ باھہ ٿي ٿو وڃي ۽ اٿي ٿو بيھي.
سردار : ”شاھہ ان جا نتيجا ڏاڍا خراب نڪرندءِ.“
صوبيدار : (ويٺي) ”موڪل ٿئي!“ ”(انتھائي وڏي آواز سان)
سردار صاحب هليو ويو ۽ پوءِ اسان بہ مڙئي چانھہ پي هليا آياسين. ڪافي عرصي کان پوءِ مان انھيءَ سردار صاحب جي جاءِ ڪنھن تي ڪنھن ڪم سان ويس جو هو ان وقت حڪومت ۾ وزير هو. هوندو تہ هر حڪومت ۾ وزير هو پر ان وقت ضياءُ الحق جو دور هو. هن منھنجو ڪم اهو چئي ڪونہ ڪيو جو کيس منھنجي والد صاحب تي ڪاوڙ هئي جو هن مٿين واقعي واري دور ۾ اسان وڏي سردار صاحب جي موڪليل ڪڻڪ سان ڀريل ڏاند گاڏي واپس ڪئي هئي. مون پنھنجي والد صاحب کان (جيڪو ان وقت حيات هو) ان باري ۾ پڇيو، مون چيو : بابا سائين! اسان ڇھہ ڀائر ۽ ٻہ ڀينر هئاسين. اوهان فقط تعلقي جا هيڊمنشي هئا. جي اوهان رشوت نہ وٺندا تہ اسان ڪيئن پپلندا هئاسين؟ مون کي بابا سائين ٻڌايو تہ ” بابا ! اسان جيڪڏهن ايماندار نہ هئاسين تہ ايترا رشوتي بہ ڪونہ هياسين، تعليم مفت هئي. ڪپڙو لٽو سادو، سٺو ولايتي ۽ سستو هو، شين جا اگهہ بہ وڏا ڪونہ هئا، سادگي هئي اجايو ڏيکاءُ ڪونہ هو، بجلي تہ هئي ڪونہ جو بل ڀرجن، وري بہ تپيدار هر کاتيدار کان ٻارهن مھينن جي ڍل وٺن مھل هڪ رپئي تي هڪ آنڪ وٺندو هو جنھن مان چپ چاپ ۾ ضلعي جي ڪليڪٽر کان وٺي هيڊمنشي تائين سندن ناٽڪ روزمرھہ جي ڀاڄي بنا ٻڌائڻ جي وٺي ايندو هو. جوڊيشل يا رڪارڊ جي هٿ چراند جي سلسلي م ڪير بہ رشوت ڪونہ وٺندو هو، پوءِ ڇو وڏيرن يا سردارن کان سال جو ان وٺي ناجائز ڪم ڪريون. “
انگريزي دؤر ۾ بابو سکر جو ٽيڪس انسپيڪٽر مقرر ٿيو، کيس هڪ سپاهي بہ مليل هو، هڪڙي انگريز بھادر، ريلوي انسٽيٽيوٽ ۾ اچي ڪارنيوال هنئي، جنھن ۾ کوھہ ۾ موٽر سائيڪل هلائڻ جو تماشو، باھہ ڏئي ٽپو ڏيڻ وغيرہ وغيرہ هئا. پر ان سان گڏ ڪجهہ غير قانوني معاملا بہ هئا، جھڙوڪ جوئا جي ڦرڻي ۽ اگهاڙيون ڊانسون جن جي کيس اجازت ڪانہ هئي. جڏهن کانئس پڇاڻو ٿيو تہ انگريز مالڪ نشي جي حالت ۾ بہ هو . گهٽ وڌ ڳالھائڻ لڳو، سندس هٿ ۾ پسٽل بہ هو. والد صاحب سموري ڪارنيوال ان اڪيلي سپاهي جي زور تي خالي ڪرائي سيل ڪئي ۽ انگريز کي گرفتار ڪري اي سيڪشن پوليس اسٽيشن تي لاڪ اپ ۾ وجهي سمھي رهيو. صبح جو انگريز ڪليڪٽر وٽ هنن جي پيشي لڳي. سڀني جو ساھہ مٺ ۾ هو، تہ خدا خير ڪري ان سموري ڪارروائي ۾ فقط هڪ خرابي هئي، ان وقت جي قانون مطابق انگريز ڪھڙو بہ ڏوھہ ڪري کيس گرفتار ڪري جيل ۾ نہ موڪلڻو هو، اهو قانون صدر ايوب خان اچي ختم ڪيو.
انگريز ڪليڪٽر کي جڏهن ٻڌايو ويو تہ ڪارنيوال جو مالڪ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي جوئا بہ ڪرائي پيو ۽ اگهاڙيون ڊانسون بہ ڪرائي پيو تہ ڪليڪٽر صاحب چيو تہ ”اها مون کي خبر آهي تہ هو اهي ٻئي غيرقانوني ڪم پيو ڪري جو اتي منھنجون ڌيئر ان شو ۾ موجود هيون، پر اوهان انگريز کي گرفتار ڇو ڪيو؟ ۽ وري هن کي جيل ۾ بہ بند ڪيو؟“ والد صاحب جڏهن کيس ٻڌايو تہ ڪارنيوال جو مالڪ نشي جي حالت ۾ هو ۽ هٿياربند بہ هو، يعني پسٽل کڻي بدشد پيو ڳالھائي ۽ حملو بہ پيو ڪري، کيس ڪھڙي ريت قبضي ۾ ڪري قانون تي عمل ڪرائجي ها. فقط اهو ئي طريقو هو جيڪو اسان ڪيو“ جوئا جي رقم، سامان ۽ انگريز مالڪ کان هٿ ڪيل پسٽل کڻي هن ڪليڪٽر صاحب جي ٽيبل تي رکيا. انگريز صاحب ايترو تہ خوش ٿيو جو هن والد کي آفرين نامو ڏنو.

اسڪولن ۽ مدرسن جو ماحول

هينئر مان هاءِ اسڪول ۾ پھچي چڪو آهيان مان اڳ بہ ٻڌايو هو تہ اسان جو هاءِ اسڪول ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ سکر جي ملڪيت هو، جنھن کي سرڪاري باغ وارو اسڪول سڏيو ويندو هو، ڪيترن ئي ايڪڙن ۾ ڦھليل انبن ، ليمن، املتاس جي پيلن گلن وارن سھڻن وڻن سان ڀرپور ، رتن جوت جا گل، گلاب ۽ رابيل جا گل انھن جي وچ ۾ فقط هڪڙي مين بلڊنگ باقي ڪلاس روم ۾ ڦھليل ، ڪو ڪٿي ڪو ڪٿي. نير ۽ ميندي بہ اتي پوکيل هئي. هڪڙو وڏو کوھہ انھن وڻن کي پاڻي پھچائيندو هو، تنھن کان سواءِ اونھاري جي آبڪلاڻي ۾ پيرواھہ مان درياھہ جو پاڻي بہ باغ کي ملندو هو، باغ جو ٺيڪيدار ۽ مالھي وڏي آزار ۾ هوندا هئا، جنھن وقت رسيس ٿئي يا موڪل ٿئي تہ وتندا چوڪرن کي هڪليندا، جيڪي انبڙيون پٽيو پيا ڊوڙندا.
هندو استاد هڪ ٿي آهستي آهستي هندستان هليا ويا، انھن جي جاءِ هندستان کان آيل ڪجهہ ديسي مقامي استادن ورتي، شروع ۾ هندستان کان آيل هيڊ ماستر مقرر ٿيو، زبردست منظم هو، بعد ۾ هيڊماستر تبديل ٿيندا رهيا. اسيمبلي ۾ پرارٿنا جي جاءِ مولوي صاحب جي وعظ ورتي پھريائين درس قرآن ۽ ان جي معنى جي پڙهائي شروع ٿيندي هئي. اسڪول جا فنڪشن بہ ٿيندا هئا. جھڙوڪ ڊيبٽ، چوڏهين آگسٽ يا وري ڪو صاحب انسپيڪشن تي ايندو تہ ان جي اعزاز ۾ فنڪشن ٿيندو، مان سڀني تقريبن ۾ حصو وٺندو هيس، گيت استاد لکي ڏيندا هئا. جيڪي ياد ڪري سريلي آواز ۾ ٻين پاڻ جھڙن جھڙن ڇوڪرن سان ڳاهائيندو هيس، گهڻو ڪري ڊبيٽ ۾ فرسٽ پرائيز کڻندو هيس. چوڏهين آگسٽ جي تقرير جا پنج رپيا خرچي ملندي هئي. هندن جي لڏپلاڻ جي ڪري ڪافي شھر خالي ٿي ويو، اساب بہ هڪ وڏي جاءِ هٿ ڪري ورتي ۽ ان ۾ رهڻ لڳاسين ، باقي جڳھن تي ٻين ماڻھن قبضا ڪيا. هندستان کان جيڪي مھاجر پنوعاقل آيا گهڻو ڪري غريب طبقي سان تعلق پيا رکن. انھن بہ ڪجهہ جڳھن ۾ رهائش اختيار ڪئي، لوهر، ڊکڻ، ڪوري، وغيرہ هئا، ڪيترا اڻ پڙهيل هئا. ڪيترا ويچارا ڪاٺيون ڪري پيا گذر ڪن يا ڪا مزدوري پيا ڪن ۽ پيٽ پالين.
پسگردائيءَ تي ڪجهہ سردارن ۽ ڪن پيرنما سردارن ۽ نوابن جو قبضو هو، ديني عالم پر وڏا زميندار ۽ دوستيون بہ اميرن سان، غريبن کي سکڻيون دعائون ۽ تعويذ، هنن جا مھمان خانا الڳ ۽ ننگر ماني بہ جدا، غريبن لاءِ هڪڙي ۽ اميرن لاءِ ٻي هڪڙي بزرگ وٽ تہ وقت جا وزير بہ ايندا هئا ۽ دعا ڌاڳي لاءِ اسڪندر مرزا پنھنجي نھايت خوبصورت گهرواري ناهيد مرزا سان گڏ وٽس آيو. هن کين دعا بہ ڏني تہ دوا بہ ڏني، جنھن ڪري بزرگ کي ناهيد مرزا سڄي ڄمار دعائون ڪندي هئي ۽ سندس مريدياڻي ٿي وئي، ان زماني ۾ مردانہ طاقت جون دوائون ناياب هيون، ڏاڍو خرچ کائينديون هيون، اهي نسخا ڪنھن ڪنھن وٽ هئاسون جو ڪشتو چاندي جو ڪشتو، سينکئي جو ڪشتو، فولاد جو ڪشتو، شير بري جو عرق وغيرہ وغيرہ سڀ ڪنھن کان نہ وٺندا هئا. هي اسان جو بزرگ اهڙي دعا ۽ تعويذ ڏيندو جو هڪ ٽڪ ٿي ويندو، ڪيئي مريد ۽ مريدياڻيون فيضياب ٿي ويا.
سڄو تعلقو ٻن گروپن ۾ ورهائجي ويو: هڪڙا چون نبي نور ٻيا چون بشر. هڪڙا ٻئي کي ڪافر ۽ واجب القتل سڏين، مسجدون آکاڙا ٿي ويون، جامع مسجد جو مولوي فتح محمد شيخ بريلوي خيالات جو مالڪ هو، پر ڪافي ماڻھو ان طاقتور بزرگ سان هئا، سو آخر جامع مسجد تي قبضو ڪري ٻہ مصلا وڇايا ويا، هڪ مسجد پر ساڳي وقت ٻہ اذانون ٿيڻ لڳيون، ٻہ نمازون پڙهجڻ لڳيون، آخر معاملو وڃي پوليس تائين پھتو، اسان ڪي عيدون اچي سکر ۾ پڙهيون. آخر منھنجي گهرواري جو ڏاڏو قادر بخش جنھن جو والد جامع مسجد ٺھرائي هئي تنھن کي وچ ۾۾ پوڻو پيو، معاملو ڊسٽرڪٽ ڪورٽ تائين ويو ۽ فيصلو مولوي فتح محمد جي حق ۾ ٿيو، جو محترم قادر بخش ڏهر مولوي فتح محمد سان گڏ هو ۽ متولي بہ اهو ٿيو. پر هينئر وري ڀانيان ٿو تہ مولوي فتح محمد ۽ ڏاڏي قادربخش ڏهر جي وفات کان پوءِ جامع مسجد ٻي ڌر جي ور چڙهي وئي آهي. افغانستان تي طالبان جي قبضي وارا تمام گهڻا همراھہ ان مسجد تي اچي قابض ٿيا پر هينئر اهي گم ٿي ويا آهن. اسان جو مولوي عبدالواحد سنڌي جيڪو جامع مليه مان سنديافتو ٿيو اهو بہ هاليجي شريف تعلقي پنوعاقل جو انڍڙ هو، ان جو چوڻ هو تہ راجا اندر جو اولاد آهي. مولوي صاحب جن علم جي خدمت ڪئي تہ ”نئين زندگي“ رسالي جو ايڊيٽر ٿي رهيا. اهو بہ ان بزرگ جو ويجهو عزيز هو. مولوي صاحب پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ دهلي مان مھاجرن جي قافلن سان آيو، مولوي صاحب هندستان جي ڪنھن جيلاني خاندان مان شادي ڪئي هئي. ان ڪري سندس اولاد انڍڙ سڏرائڻ بدران جيلاني پيو سڏائي. مولوي عبدالواحد سنڌي جو هڪ فرزند آصف جيلاني بي بي سي تان خبرون پڙهندو آهي، حڪم ۽ فتوائون اسان جي سمورين مسجدن ۽ مدرسن تي هلنديون هيون، اسان ڪابہ عيد اتان جي فتوى کان سواءِ نہ ملھائي سگهندا هئاسين، ڏير ڀاڄائي جي منھن نہ پوي، عورت ڪنھن بہ جانور مان کير نہ ڏهي . عورت جر جي پاڻي وارو نلڪو نہ گيڙي، سوره فاتح ڪيڻ پڙهجي. ”ض“ کي ”ڏ“ ڪري اچارجي يا نہ، نبي ڪريم  جن جو عرس ڪجي يا نہ ؟ ميلاد مناسب آهي يا نہ؟ نبي نور آ يا بشر؟ اهي هئا ديني مسئلا جيڪي اسان جي مسجدن ۾ سدائين زير بحث رهيا. ڏاڙهي ڪيتري ۽ ڪيئن هجي وغيرہ وغيرہ
مون کي هڪڙي مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو، جتي ڪجهہ فارسي ڪجهہ قرآن پاڪ پڙهڻ ويندو هيس ۽ انھن سڀني معاملن ۾ ملوث ٿيندو ويس. نماز پابنديءَ سان پڙهندو هيس، روزا بہ سڀ رکندو هيس، حالانڪ مان صغير هيس، ۽ منھنجي ڏاڏي روزي کان منع ڪندي هئي پر مان بہ مڙن وارو ڪونہ هيس. اسڪول ختم ٿيڻ کان پوءِ مسجدن جي حوالي ٿي ويندو هيس، شل نہ ديني جلسو هجي، پابندي سان اتي پھچي ويندو هيس. سڄي سڄي رات وارا جلسا جن ۾ اهي فيضلا ٿيڻا هئا تہ نبي نور آهي يا بشر ۽ ڪھڙي ڳالھہ دين ۾ بدعت آهي، پابنديءَ سان ٻڌندو هيس، وار بہ مولوي صاحبن جي حڪم مطابق ۽ مٿي تي رومال ۽ ٽوپي ۽ ڪپڙن جي ڊزائن بہ انھن مطابق ڪيم.
انھن جلسن ۾ فلمي ڌنين تي ٺھيل مولود شريف ڳارايا ويندا هئا ۽ داد ملندو هو، اهو بزرگ تہ راھہ رباني وٺي ويو، سڄو علائقو ويران ٿي ويو، ٻي بزرگ کي ڌاڙيلن شھيد ڪيو، جنھن جو ڪيس اڃا تائين هلي رهيو آهي. مولوي عبدالواحد سان تہ ڪافي رفاقت رهي، جنھن جو ذڪر اڳتي هلي ڪبو، هو سدائين مون کي ”ڳوٺائي“ ڪري سڏيندو هو.

” اِنا لله وَاِنا اِلَيۡهِ راجعُوۡن“

سردارن ۽ زميندارن جو ذڪر

بھرحال مان مسجدون ڇڏي وري اچي اسڪول جي ڪمن ۾ لڳس ٿورو تعلقي جي سردارن ۽ زميندارن جو بہ ذڪر ٿي وڃي. هڪڙُ هو سردار محمد حسن خان بلو، انتھائي رعبدار، ڪلف جو وڳو، ڪلف جو پٽڪو بھترين ٽانگي تي ايندو هو، هو پنھنجي فيملي جي ماڻھن جو ڏک درد دور ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪري پوليس اسٽيشن تي ڏٺو ويندو هو، سندس راڄ وارا بلوچ قوم جا ماڻھو اڪثر پوليس جا ستايل هوندا هئا، ڪيترا فيصلا يا جرڳا خان کي ٿاڻي تي بہ ڪرڻا پوندا هئا. هو ڏاڍو مصروف ماڻھو هو پنو عاقل جا اصلوڪا رهاڪو هندو لڏي وڃڻ کان پوءِ ٻين تعلقن مان ٻھراڙين ۾ بدامني سبب هتي لڏيل ڪجهہ شيخ صاحبان بہ ٻھراڙين مان آيا، پر بلوچ سردار جو انھن تي وڏو هٿ هو ۽ ڄڻ سندس امان ۾ هئا، ٻيو هو سردار علي نواز خان ڌاريجو، اهو بہ تمام وڏو زميندار ۽ وضعدار هو، چڱي ڀلي کي ڪجهہ نہ سمجهندو هو، سياسي ماڻھو بہ هو، هڪ دفعو اسيمبلي جو ميمبر بہ ٿيو هو، سندس پوين ڀينگ ڪري ڇڏي آهي. هينئر يا علي مدد تي گذارو اٿن. علي نواز خان کي راڳ جي ڄاڻ بہ هئي ۽ شوق بہ هو، استاد منظور علي خان ۽ زاهدو پروين اڪثر وٽس ايندا هئا ۽ مالا مال ٿي ويندا هئا.
ڇوٿون زميندار هو صدورل خان چاچڙ هي بہ ڪچي جو زميندار هو، شھر ۾ هڪ وڏو ڪارخانو لڳرايائين. اٽي جي چڪي ، آرا مشين ۽ تيل پيڙهڻ جون مشينون هونديون هيس. هي همراھہ ڪنھن جي معاملي ۾ نہ هو، نہ چور جو ساٿي نہ ساڌ جو حمائتي. اسپورٽس مين هو، ملاکڙو رپ ، ڪتي جي ويڙھہ، هر هفتي ڪونہ ڪو پروگرام هوندو هو. پنجاھہ ايڪڙ زمين ملھہ پھلوانن جي نالي ڪري ڇڏيائين، وٽس سدائين وڏا ملھہ پيا پلندا هئا. سنڌ جا مشھور پھلوان گهرايائين ۽ ملاکڙو ڪرايائين. انھن جا خرچ، خرچيون ، انعام وغيرہ پاڻ ڪندو هو، وڏو پٽڪو ٻڌندو هو جنھن ۾ صدورل خان جا وڏا وار ويڙهيل هوندا هئا. تترن جي بٽ هٿ ۾ شام جو وڏي شان سان پنھنجن سمورن پھلوانن سان شھر جو چڪر هڻبو، ڪتن جو شوقين ڄاهوڪي مينھن ڏئي ڪتي وٺڻ ۾ دير نہ ڪبي. سڄو ڏينھن غريبن ۾ پئسا ۽ ماني ويٺو ورهائيندو، هن جي مرڻ بعد سڀ ويران ٿيو ويو آهي. صدورل خان پونئرن جي ڳالھہ نہ ڪڍجي تہ بھتر آ.
باقي انھن سڀني سرڪردن ۾ هڪڙي ڳالھہ ساڳي هئي، يعني سندن سياسي پارٽي هڪ هئي، اها هئي حڪومت، حڪومت جو مڪمل ساٿ ڏبو، انگريز ڪليڪٽر کان وٺي ديسي آفيسر تائين سندن دعوتنامو اعزاز سمجهيو ويندو هو، سمورا شھري توڙي ٻھراڙي جا چڱا مڙس هڪ ئي پارٽي جا ماڻھو هئا، اها هئي سرڪاري پارٽي . ان وقت تہ هئي فقط مسلم ليگ، جنھن ۾ اهي سڀ هئا، ڪانگريس بہ هئي پر هندن سان هندوستان هلي وئي. آفيسر ڀلي ڪيترو نہ ننڍو هجي، ان جو سلام آيو تہ جتي هٿ نہ ايندن، ويندا ڊوڙندا، ”بابا سرڪار سڏ آهي، ”هندو جيترا شھرن مان هندستان ويا، اوترائي ٻين ڳوٺن مان لڏي آيا آهن، وري بازاريون برسجي ويون آهن، وڻج واپار چوٽ تي آهي. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ ڪارخانو آهي هندو واپاريءَ جو پر چار آنا پتي سردار صاحب جي آهي. بس سروس جو مالڪ ديوان آهي، پر نالي سردار جي آهي. هينئر تہ هر حڪومت سردار صاحب جي آهي، هندو پنھنجي استادي سان ساڳيو مسلمانن کي وياج ۾ وڪوڙيو ويٺا آهن سردار صاحب جي اڻ کٽ طاقت جي زور تي.

ڪي ٻيا اڻوسرندڙ ڪردار

هينئر جيڪي ٻين ڳوٺن مان هندو لڏي ويا. انھن ۾ اڪثر غريب ۽ ٻھراڙين جا پورهيت قسم جا ماڻھو هئا. اسان جو پاڙو بہ مٽجي ويو ۽ پاڙي وارا بہ مٽجي ويا. اسان جي گهر جي لڳولڳ ٻيو وڏو گهر هو، گهر ڇا پر حويلي هئي، اسان جي گهر ۽ ان حويليءَ جي وچ ۾ هڪ وڏو دروازو پيل هو، ڍڪيل پاڻيءَ جي کهي غسل خانو ۽ هڪ اصيل کجي هئي، حويلي ۾ هندو هئا. رامون ماءُ، شيوڪ ماءُ، وشنو ماءُ، سنتي ماءُ، ۽ سيتل ماءُ جي جاءِ والاريل. ٽنڊڻ مل ڪلھي تي ڪپڙو وڪرو ڪندو هو، پوءِ سڀ سيٺيون ٿي ويا. گهر ڌار ڌار هئا پر ڄڻ گڏ هياسين. جڏهن ڪا ڇوڪري پرڻائي ايندا هئا تہ اسان جي امڙ وٽ آشيرواد لاءِ آڻيندا هئا. هندن جا جيڪي بہ ڏڻ آهن. مون سڀ ڏٺا. شاديون ڏٺيون. غميون ڏٺيون، ڏاڍي عزت ڪندا هئا. انھن جون مايون اسان کي نالو کڻي سڏ ڪنديون هيون، گهٽيءَ جو نالو بہ منھنجي والد جي نالي سان سڀني جي راضپي سان رکيو ويو ۽ هينئر بہ رڪارڊ ۾ آهي. هڪ ٻہ همراھہ تہ مون سان گڏ اسڪول بہ هلندا هئا ۽ گڏجي پڙهائي بہ ڪندا هئاسين.
اسڪول ۾ ڀارت کان آيل شاگرد بہ ڪافي وڌي ويا . اردو وارن کي سليس سنڌي ۽ سنڌين کي سليس اردو پڙهائي ويندي هئي. مان حسابن ۾ بنھہ ڪورو هيس. موهن منھنجو دوست هو. حسابن ۾ ڏاڍو هوشيار هو. اسان ننڍپڻ ڏاڍيون دوستيون هيون. اسان جڏهن بہ پنھنجي جڳھہ وڪرو ڪئي تہ سڄو پاڙو ذري گهٽ روئي پيو، جيتوڻيڪ جڳھہ بہ هڪ هندوءَ ورتي. منھنجي ماءُ کي ان جڳھہ جي وڪري جو ۽ پاڙي ڇڏڻ جو غم مرڻ گهڙيءَ تائين هو، امڙ جي وفات تي رامون ۽ شيوڪ ايترو غمگين هئا. جيترو اسان پاڻ هئاسون. پاڪستان ٺھڻ وقت هندستان کان ايندڙ مھاجرن ۾ ڪيترائي زخمي ۽ مئل ريلوي ذريعي پئي آيا، انھيءَ بندوبست لاءِ ريلوي اسٽيشن تي پيش پيش منھنجا وڏا ڀائر هئا. هنن شھر مان چندا ڪري ريلوي اسٽيشن تي هڪ مسجد تعمير ڪرائي. جيڪا اڄ بہ قائم آهي. مصري دايو خزانچي هو، جيڪو جواڻ مل کان چدي واريون بوتلون ڀرڻ جون مشينون وٺي ڏاڙهي رکرائي مولانا ٿي ويو، اهو مھڻو سڄي ڄمار کيس ملندو هو ۽ هو وتندو هو پنھنجي ايمانداري کي ثابت ڪندو. رسول بخش درزي پنھنجي گهر جي هڪڙي ڪمري کي رستي پاسي در ڪڍي درزي خانو ٺاهيو ۽ ”راشدي ٽيلرز“ جو بورڊ هڻي ڇڏيو. سندس ماٽيلو پيءُ هڪ تپيدار هو ۽ وڏي شان سان رهندو هو، هو نھايت حسين، انگريز کان بہ اڇو ۽ يونانين کان بہ سھڻو هو، مون ننڍي هوندي کيس ڪرشن ڀڳوان جي روپ ۾ ڏٺو، زنانا ڪپڙا ۽ زنانو سينگار ، بغل ۾ ڀاڳوت گيتا، چئي ”نيلي گهوڙي ڪا سوار، ڪل جڳ ڪا اوتار“ وري هن ٻيو روپ ڪيو، عيسائي پادرين واري ڊريس پھري وڏي برائون ڏاڙهي رکيائين ۽ پاڻ کي حضرت عيسى سڏائڻ لڳو، بعد ۾ ان ماٽيلي پيءُ تمام سھڻي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرايس ، جنھن مان ڪئين ٻار ڄايس. همراھہ درزي جو دڪان کولي ويھي رهيو، بخاري شاھہ جو مئخانو گڏ هيس ۽ جماع مسجد بہ ڪٺي ، سکو پاڻي بہ پيئبو ۽ نماز بہ پڙهبي. شاھہ جو رسالو گهڻو ڪري سمورو ياد هوندو هيس. مان ننڍپڻ کان وٽس وڃي ويھندو هيس. ڀلو ماڻھو هو. ٽاپ جو درزي هو، اڪثر وڏا ماڻھو کانئس ڪپڙا سبرائيندا هئا. هڪڙو واقعو جيڪو وسري نہ وڃي ٻڌائيندو هلان تہ اسان جي ڳوٺ ۾ بجلي بنھہ ڪونہ هئي. تفريح لاءِ سرنديءَ وارن وٽ بئٽري وارا ريڊيا هئا. باقي ڪڏهن ڪڏهن بخاري شاھہ تي ڪو ڳائڻو آيو تہ سڄو شھر پلٽجي پوندو، سکر جي هڪ مشھور مڪينڪ ديوان ڪشنچند سئنيما جو پروجيڪٽ تيار ڪيو، هو ان کي هڪ وڏي جنريٽر سميت پنو عاقل کڻي آيو، جنريٽر بہ شايد سندس ئي تيار ڪيل هو، اتي پنھنجي هڪ شاگرد جي مدد سان هڪ وڏو پلاٽ ڪرائي تي وٺي اچي فلمون هلايائين.
سائين ڏنو حجم جنھن کي عرف عام ۾ ”سئنو“ ڪري سڏيو ويندو هو، پنھنجي گهر جي اڳيان صندل تي ماڻھن جي سيرب ويٺو ٺاهيندو هو، سئنو هڪ اڌيڙ عمر جو ماڻھو ، ڀڳل چشمي جي هڪ پاسي کان فريم ۾ ڳنيءَ بدران ڌاڳو ٻڌل، پنھنجي روزي ۾ مصروف هوندو هو، هن جو هڪڙو ئي پٽ هو حاجي جيڪو تمام عاليشان ڪپڙا پھري پنھنجي سينگاريل اوطاق ۾ ويٺو هارمونيم تي راڳ آلاپيندو رهندو هو. هو تہ حاجي بہ حجام پر وڏي اسٽينڊرڊ وارن ماڻھن جا وار ٺاهيندو هو، سو سائين ڏٺو يعني ”سئني“ کي ڪنھن اچي ٻڌايو تہ ڪريم ڏنو مڱڻھار توکي دهل وڄائي سڄي شھر ۾ گهٽ وڌ ٿو ڳالھائي. سئني کي اها ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ آئي تہ ڪريم ڏنو ڇو کيس گارگند ڪندو هوندو، اڳ اسان جي شھر ۾ ڪنھن کي بہ ڪنھن ڳالھہ جي مشھوري ڪرائڻي هوندي هئي تہ ڪريم ڏني کان دهل تي پڙهو گهمرائيندو هو. سو ڪشنچند بہ پنھنجي فلم جي مشھوري لاءِ ڪريم ڏني جون خدمتون حاصل ڪيون. ڪريم ڏنو سڄو شھر گهمي نيٺ اچي سائين ڏني جي ڀرسان بيھي دهل وڄائڻ لڳو، سائين ڏنو پنھنجا اوزار رکي خيال سان ٻڌڻ ويٺو، هاڻي ڪريم ڏني دهل وڄائي اعلان ڪيو: ”پڙهو بادشاھہ جو، حڪم سرڪار جو پنوعاقل ۾ ڪشنچند”سئنيما“ آندي آهي، جيڪا رات جو کيل ناٽڪ ڏيکاريندي، اٺ آنا، رپيا ان جي ٽڪيٽ آهي“ سائين ڏني سمجهيو تہ هي پڪ سندس ماءُ کي ٿو گاريون ڏي، سو وڏو جهيڙو ٿي پيو ۽ ڳالھہ وڃي چڱن مڙسن تائين پھتي. ڪريم ڏني جو ضد هو تہ کيس ڪشنچند جيئن لکي ڏنو آهي. هو ان تي عمل پيو ڪري، جڏهن سائين ڏني کي سمجهايو ويو تہ انگريز جي ”سئنيما“ فلم ڪمپني کي چئبو آهي ۽ هرگز ان جو مطلب سئني جي ماءُ نہ آهي، تڏهن وڃي ڳالھہ ٺري.
سو هاڻي اچون ٿا حاجيءَ واري وارن ٺاهڻ واري سيلون تي، اتي ٻيو بہ هڪڙو ڳري اسٽائيل وارو همراھہ هو، ڪندو وار سڌار هو پر ٺٺ سان هوندو هو، نالو هوس اڪبر، اڪبر کي سڀ ماڻھو حسرت سان نھاريندا هئا. ڇاڪاڻ جو هن هڪڙي سدا سھاڳڻ سان عشق جي شادي ڪئي هئي. هئي اها بہ نفس جي پوري ساري ۽ رنگ ٻنھي گهوٽ ڪنوار جو اونداهون هو. پر مڙس شوقين مزاج هو، وڏا ڀلا زميندار ساڻس سنگت رکڻ لاءِ وٽس گراهڪ ٿي ايندا هئا. سو اڪبر ۽ حاجي جي جوڙي ٺھي وئي، ٻنھي گڏجي نھايت سجايل دڪان کوليو، انھن جي مقابلي ۾ شاهوءَ جي سئلون هوندي هئي، هو بہ راڳ جو شوقين هو، مون اسڪولي پروگرامن ۾ هارمونيم تي سر تار ان کان سکيو، هن همراھہ وٽ بہ هڪ خوبصورت ننڍي عمر وارو ڪاريگر هو، ان ڪري شاهوءَ وٽ لئي لڳي پئي هوندي هئي. آخر ۾ مون شاهو ۽ اڪبر کي نمن جي وڻن هيٺان حجامت ڪندي ڏٺو، ڪيڏانھن ويون اهي مستيون ۽ ٺٺ پيريءَ ۾ پيٽ گذر لاءِ نٽھڻ اس ۽ سڪائيندڙ سردين ۾ پيا پاڪيون ۽ قينچيون هلائيندا هئا. مون کين انتھائي غربت ۾ صندل تي ويھي غريبن جون سستيون حجامتون ڪندي ڏٺو ۽ ٻئي تنگدستي ۾ گذاري ويا. شاھہ محمد، اڪبر ۽ حاجي جون حجامتون مشھور هيون.
بھرحال قصو ڪوتاھہ آخر ۾ اهي سڀ هليا ويا. هينئر جڳ مشھور پياري حجام جي پٽن جون حجامتون مشھور آهن. پياري حجام حضرت پير سائين جي ڪري مشھوري ماڻي ڏاڍو حسين هو، مون کيس آخري عمر ۾ هيروئن ۾ ٻڏل ڏٺو، ٿيڙ پيو کائيندو هو، اهو اعزاز بہ اسان جي ڳوٺ کي حاصل آهي تہ پاڪستان ۾ پھريون ماڻھو کڻي ڀنگ وٺڻ واري واردات بہ پنوعاقل ۾ ٿي، هڪ مشھور ڌاڙيل سائيڪل تي هندوءَ کي کڻي پستول جا ٺڪاءَ ڪري اغوا ڪري ويو ۽ پئسا وٺي موٽايائين. هينئر ويجھڙائي ۾ حاجي حجم جي ڏوهٽيءَ پيار جو پرڻو ڪري ورتو آهي. پريزيڊنٽ کان وٺي وڏين عدالتن کي وچ ۾ پوڻو پيو، سڄي سنڌ جا سردار هڪ طرف ۽ هيءَ ڇوڪري ٻي طرف، نيٺ راڄوڻا فيصلا لتاڙي کٽي وئي ۽ هيومن رائيٽس کان وٺي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي مدد سان هينئر آزاديءَ سان يورپ ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪئي اٿائين. ”واھہ حاجي واھہ“ ڪلھہ جي ڇوڪري ڇا ڪري ڏيکاريو، ڏندين آڱريون اچي ويون.

امان ، بابا ۽ ٻيا گهرڀاتي

مان اڳ بہ عرض ڪري چڪو آهيان تہ اسان ڇھہ ڀائر آهيون، ٽي مون کان وڏا ۽ ٻہ ننڍا، وڏن جي شادي ٿي وئي، ڏاڍا جشڻ ٿيا، سمورا عزيز نھايت خوش، دهل دمالا، ناچ گانا ، طعام ورهايا ويا. هندو مسلمان سڀني گڏجي شاديون کاڌيون. وڏي کي بھاولپور رياست جي شھر احمد پور مان، ٻي نمبر کي گهوٽڪي شريف مان پرڻايو ويو. وڏو گهر هو، سڀ آيا، ڪجهہ عرصي کان پوءِ وڏو پنھنجي ٻارن ٻچن وارو ٿي ويو، ۽ پنھنجي نوڪري تي ٻار وٺي هليو ويو، ٻي نمبر جي گهرواري ڪڏهن مائٽن وٽ ڪڏهن اسان وٽ بھرحال ٻنھي همراهن جون نوڪريون ٻاهر هيون، بابو بہ نوڪري سانگي گهر ۾ نہ هوندو هيو، باقي اسان ٽي ۽ امڙ هيڏي ساري جڳھہ ۾ اڪيلا هوندا هئاسين، ڪڏهن سياري ۾ سڀئي هڪ چلھہ تي گڏجي ماني کائيندا هئاسين. هينئر اڪيلا ٿي پياسين. مان ٻاهر جو سامان وڃي اچان ۽ مائٽن کي نياپا سنيھا پھچايان. هميشہ اسڪول ۾ گوسڙو ۽ موڪلن کائڻ ڪري سزائون کائيندو هيس. ڪڏهن استاد بئنچ تي بيھاري سزا ڏيندا هئا تہ وري ڪڏهن ڪلاس مان ڪڍي ڇڏيندا هئا.
سياري جي اونداهي ڏائڻ جھڙي رات ڏاڍي ڏک ڪٽبي هئي. رات جو ٻاهر کڙڪو ٿيندو هو تہ سوين پور پوندا هئا. بجلي نہ هجڻ سبب سج لھڻ سان سڄي شھر تي راڪاس گهمي ويندو هو. اڪيلائي جو احساس ڏائڻ جھڙي رات! ڪٿي ڪٿي ڪتن جي ڀونڪڻ جو آواز ايندو هو، سدائين ڇنڇر جو انتظار ڪندا هئاسين، ڇنڇر وارو ڏينھن ڄڻ اسان لاءِ عيد جو ڏينھن هوندو هو، بابو ان ڏينھن شام جو ريل ۾ ايندو هو، ريل پوري پنجين وڳي پھچندي هئي. اسان وٽ ڀت تي ٽنگيل گهڙيال هوندو هو، ان ڏينھن ان کي چاٻي ضرور ڦيرائبي، جيئن هلندو رهي ۽ پوري پنجين وڳي ريل گاڏي اچڻ مھل اسان باخبر رهون. انھن ڏينھن ۾ ريلوي ٽائيم بلڪل صحيح هوندو هو، هيڏانھن گهڙيال جا گهنٽا وڄايا ۽ هوڏانھن ريل گاڏي جو آواز اسان کي ٻڌڻ ۾ ايندو هو.
ڪڏهن ڪڏهن اسان بابي کي وٺڻ لاءِ رستي تي اڳڀرو اڳواٽ نڪري بيھندا هئاسين، پيءُ هڪ آسمان، هڪ ڇت هڪ حفاظت جو احساس ۽ ماءُ هڪ ڌرتي، جنھنجي جهول ۾ سمھي رهيو ۽ سڪون ملندو، پھريائين اسان کي کارائي پوءِ پاڻ کائي، الائجي کائي بہ يا نہ هجي نہ هجي، اسان لاءِ سڀ ڪجهہ هوندو، جانورن ۽ پکين کي تہ فقط مائرون ٿينديون آهن. کين پيءُ هجڻ جي ضرورت بہ محسوس ٿيڻ نہ ڏيندي آهي. پنھنجي گجيءَ مان ڪڍي کارائي. ٻچن جي حفاظت لاءِ باز بہ اڏامي ۽ الرون سان سامھون ٿي بيھي. مامتا لفظ اچارڻ سان منھن ۾ ميٺاج جو احساس ٿيڻ ٿو لڳي ۽ ٿڃ سان وات ڀرجي ٿو وڃي، هر مصيبت جي وقت ۾ ”امان“ لفظ وات مان نڪري ٿو اچي. جانورن جو ڦر مري وڃي تہ ماءُ کان کاڌو ڇڏائجي ٿو وڃي کير ڏهڻ بہ ڏي.
اسان جي امڙ اڪيلائپ ۾ ڏک سک ۾ هر مصيبت پاڻ تي کنئي. برادرين جا نفاق ۽ ٻڌيون، ننڍن ۽ وڏن کي عزت آبرو وارو رستو وٺرائڻ بہ ان جي حوالي هو. خانداني جهڳڙن کان سواءِ بہ ڪي معاملا هئا، اسان جي مٽي مائٽي ه زميندار گهراڻي سان بہ هئي. ان جو فائدو اهو ٿيو تہ مون ننڍپڻ ۾ ان ڪلاس کي ويجهو وڃي ڏٺو، غريبن جي ٻارڙن کي ٻارن کيڏائڻ لاءِ ونگا طور بيھارڻ، نوڪرن کي بچيل ماني جا ٽڪر ڏيڻ ، هارين کي ڌرتيءَ تي ويھارڻ ، غريبن جون لڄو تڪڻ، مسڪينن جا مال مفت ڦٻائڻ، جي ڪڇن تہ ڏاڙهيون پٽڻ ۽ مارون ڏيڻ اهو سڀ ڪجهہ مون اکين سان ڏٺو، انسانيت جي مڪمل لتاڙ ڪبي، فرعون بہ انھن جي سامھون شرمسار ٿين. مون تي انھن ڳالھين ڏاڍو اثر ڪيو ۽ مان ننڍي هوندي هڪ اڻ ڄاتل انقلاب لاءِ سوچيندو هيس، جنھن ۾ سڀني انسانن کي هڪ جيترو حق ملي.
نقصان اهو ٿيو تہ اهي اسان جا وڏيرا مائٽ سدائين اسان وٽ زالين، مڙسين ڪٽڪ ڪيو اچي اوچتو ڪڙڪندا هئا، اسان ٻار تہ ڏاڍو خوش ٿي ويندا هئاسين تہ گهر ۾ هيڏي ساري رونق اچي وئي آهي پر هڪ ضرورت ۽ ٻيو مجبوري ۾ ڪئين طعام پچندا هئا. هجي نہ هجي گهٽ ناهي ڪرڻو، پوءِ اهڙڻ وقتن ۾ پاڙي واريون هندو عورتون ڏاڍو ڪم اينديون هيون، زيورن کان وٺي هر قيمتي سامان وياج تي، چپ چپات ۾ گروي ٿيندا ويا. انھيءَ قرض لاءِ گهڻو ڪجهہ کپي ويو، ڪجهہ خانداني تڪرار ۾ ۽ ڪجهہ اجائي ڏيکاءَ ۾، بابي کي ڪافي ملڪيت کپائڻي پئي پر پوءِ بہ آجا شايد ڪونہ ٿياسين.

پير ڳوٺ جو سرسري ذڪر

وڏو ڀاءُ پير ڳوٺ اسڪول ۾ استاد ٿي ويو، سندس ٻارن جي اڪيلائپ ۾ ساٿ ڏيڻ لاءِ منھنجي ڊيوٽي لڳي. پير جو ڳوٺ ۾ هاءِ اسڪول ڪونہ هو، فقط پنج ڪلاس انگريزيءَ جا هئا. شھر صاف سٿرو، هر شيءِ سستي، ڪاريگرن جو شھر، گربيون، سوسيون ، اجرڪ ، پٽ جو سامان ۽ ڀرت ڀريل زنانيون ۽ مردانہ جتيون ، ٽامي ۽ پتل جا ٿانوَ ۽ انھن تي چٽساليءَ جو ڪم ڪپڙي ٺاهڻ جا عام جام آڏاڻا گهرن ۾ هئا. گهرن ۾ نھايت خوبصورت عورتون هندورن ۾ ويھي ڪپڙن تي ريشم جو ڀرت ڀرينديون هيون. ساڳيو ڪم موچين جون عورتون بہ انتھائي نفاست سان ڪنديون هيون. چانديءَ جو ڀرت بہ ڀربو هو. مان ڇاڪاڻ تہ اڃان چوٿين ڪلاس ۾ هيس، ان ڪري مون کي پنھنجي هم ڪلاسين سان انھن جي گهرن ۾ وڃن جو موقعو ملندو هو. بازار وڏي ۽ چڪيل برسيل هئي. پير جو ڳوٺ محمد راشد شاھہ جو ڳوٺ، سورهيہ بادشاھہ جو شھر ، جنھن انگريزن کي للڪاريو، ”وطن يا ڪفن“ چئي سامراجيت خلاف جان قربان ڪئي، سندس وڏو ڪوٽ مڪمل ڊٺل هو، انگريزن بمن سان موري ڪوٽ کي مٽيءَ جو ڍير بڻائي ڇڏيو هو، ان وقت جڏهن مان پڙهڻ ويس تہ موجودہ پير صاحب جا والد صاحب جيڪو هي جھان ڇڏي ويا اچي چڪا هئا. اسان جي اسڪول تي اها ڊيوٽي لڳل هئي تہ اسڪول مان پير صاحب سان ڪرڪيٽ راند کيڏڻ لاءِ ڇوڪرا کپن. کيڏندو تہ پير صاحب هو، ڇوڪرا فقط بال ميڙيندا هئا. اڇو چانديءَ جھڙو رنگ قدآور ڪلين شيو، اڇو سوٽ، اڇي قميص، نيريون اکيون سونھري وارن وارو، يوناني ديوتائن جھڙو پير صاحب لغڙ اڏائڻ بہ سندس شوق ۾ شامل هو، هڪ سؤ رپيا انھيءَ شخص کي انعام ملندو، جيڪو پير صاحب جو لغڙ ڪٽي ڏيکاري. منھنجي ڀاءُ کان اها غلطي ٿي وئي هئي. هن بہ هڪ لغڙ تيار ڪري اڏاريو ۽ پير صاحب جو لغڙ ڪٽيو، پوءِ تہ پير صاحب جا مريد ۽ خادم کيس ڳوليندا وتيا، جنھن اهڙي جرئت ڪئي. اهي کيس سيکت ڏيڻ پيا چاهين پر خدا بچائي ورتو. باقي پير ڳوٺ ۾ ان وقت اڪثر لوط جي قوم جا ماڻھو رهندا هئا. مون کي درگاھہ تي نماز پڙهڻ جو پابندي شوق بہ انھن ختم ڪرائي ڇڏيو، اسڪول وڃڻ، سودو وٺڻ، راند کيڏڻ، هر شيءِ ختم ٿي وئي. بلڪل گهر ۾ بند ٿي ويس. هڪ انھن دوستن تنگ ڪيو، ٻيو منھنجي بوٽ جو ترو بہ نڪري ويو، اونھاري ۾ پيرن ۾ مٽي ڀرجي ويندي هئي. ڀاءُ جي پگهار ، هڪ استاد جي پگهار ڪيتري هوندي ! نئون بوٽ وٺي ڏيڻ جي جڏهن بجيٽ اچي، مان اهي حيلا بھانا ڳوليندو رهيس.
پير صاحب جن کي هڪ ٻيو شوق بہ هو، سوئر ۽ ڪتن کي ويڙهائڻ جو شوق، ان لاءِ هڪ خاص شڪار گاھہ ٺھرايائين. رومن ايرينا ٽائپ. وڏو ڪوٽ ٺھرائي ان ۾ چؤڌاري لوهي سيخن وارا ڪمرا جن مان عوام ويھي اهو تماشو ڏسي، وچ تي هڪ وڏو گول لوهي سيخن وارو ڪمرو جنھن ۾ پاڻ پير صاحب جن ويھن. مشھور ماڻھن جا موڪليل سوئر جن کي هڪ مڻ مکڻ کاڌل هوندو، انھن تي مشھور شوقينن جا ڪتا ڇڏبا، پوءِ ڪنھن مھل ڪتو ختم تہ ڪنھن مھل سوئر پيو ريھون ڪندو، انھن رڙين ۽ ريھن ۾ سڀ ڪو پيو مزا ماڻيندو، ڪتن ۽ سوئرن جا مختلف نالا رکيل: هيرو، موتي، بلٽري فوجي، سھڻو وغيرہ مون کي ڪڏهن ڪڏهن انھيءَ منظر ڏسڻ جو موقعو ملندو هو. انھن ڏينھن لياقت علي خان کي گولي لڳي. ان جي غائبانہ جنازي نماز پير ڳوٺ جي شاهي بازار ۾ پڙهائي وئي. اهو مشھور ٿيو تہ لياقت علي خان کي درگاھہ جي پٽَ لڳي، جو جيڪڏهن پاڳارا واپس نہ اچن ها تہ لياقت علي خان سندن ملڪيت Enemy Property ڪري مھاجرن کي الاٽ ڪرڻ پئي چاهي.
ڀاءُ بہ بدلي ٿي وري پنوعاقل هاءِ اسڪول ۾ آيو ۽ مان جان ڇڏائي وري اچي پنو عاقل اسڪول ۾ پھتس.

پاڳارن جي باري ۾

مان پيرڳوٺ واري ذڪر ۾ راشدي خاندان متعلق وضاحت نہ ڪئي هئي بھرحال موجودہ پير سائين پاڳاري جو نالو سڪندر شاھہ عرف سيد شاھہ مردان شاھہ ثاني آهي (جيڪو هينئر سال 2012 ۾ هي فاني جھان ڇڏي ويو) ۽ هو لڪي سادات جي مشھور و معروف راشديه جو ستون پير آهي. سورهيہ بادشاھہ جنھن جو مون اڳ ذڪر ڪيو اهو پير صبغت ﷲ شاھہ راشدي جي نالي سان مشھور ڪيو ويو. هن کان اڳ پير صبغت ﷲ شاھہ بريليءَ جي بالاڪوٽ جي سکن سان ويڙھہ ۾ مدد ڪئي هئي. ان ڪري چيو ٿو وڃي تہ کيس حُرُ مجاهد جو لقب بہ احمد شاھہ بريلويءَ ڏنو، ٿي سگهي ٿو تہ مان غلط هجان.
پير صبغت ﷲ شاھہ ثاني انگريز سرڪار کي سامراج جي لقب سان نوازيو، سامراج معنى جيڪو ڏاڍو سو گابو، Might is right ۽ انھيءَ ڏوھہ ۾ ڪيترن ٻين نافرمانين جي ڪري مٿس هٿيارن جو ڪيس مڙهيو ويو، پاڪستان جو باني محمد علي جناح ان ڪيس ۾ پير صاحب جن جو وڪيل ٿي آيو، پر ڪيس پڙهڻ کان پوءِ جج صاحب جي طور طريقي ۽ سرڪار بھادر جو موڊ سمجهي ڪيس ڦٽو ڪري هليو ويو تہ ”مان اهو ڪيس ان ڪري نہ هلائيندس جو هن ڪيس ۾ پير صاحب کي سزا ضرور ملندي ۽ مان ڪيس هارائڻ نہ ٿو چاهيان.“
بھرحال پير صاحب جن کي سزا لڳي ۽ هو جڏهن سزا ڀوڳي پير جو ڳوٺ پھتو تہ لوھہ مان رُڪ ٿي آيو ۽ انگريز سامراج کي للڪاريائين ۽ نعرو هنيائين تہ ”وطن يا ڪف“ انگريزن سان وڏي ويڙھہ ڪيائين. آخر ۾ کيس گرفتار ڪري موت جي سزا ڏني وئي. سندن رهائشگاھہ کي بمن سان ڊاهي پَٽ ڪيو ويو، زمينون بہ ضبط ڪيون ويون، سندس مريدن کي جيل خانا يعني لوڙها ٺاهي قيد ڪيو ويو.
اسان ننڍا هئاسين تہ پير صاحب جو گهرو سامان نيلام ٿيو هو، جنھن مان وصيت آهر اسان بہ ڪجهہ خريد ڪيو، سندن پرده دار عورتن کي بہ دربدر ڪيو ويو.
موجودہ پير صاحب جا والد صاحب جن آيا تہ سڀ ڪجهہ ويران هو، هي هيسيل ۽ ڊنل ماحول ۾ آيا. هنن هڪ هڪ مريد ڪَٺو ڪيو، هڪ هڪ سر گڏ ڪري ڪوٽ قلعا ٺھرايا موجودہ پير اڳين جيان پڙهيل ڳڙهيل ماڻھو آهي. بھرحال تذڪرو اڳين جو ٿي رهيو آهي هو ڳالھہ کي سمجهي ويو هو تہ ڪھڙو رستو اختيار ڪرڻو آهي، هڪڙن ملڪن کي فوج مليل هوندي آهي هي ملڪ فوج کي مليو هو، ڀلي ڪير سمجهہ بہ چئي حقيقت اها آهي تہ هي ملڪ ڪنھن وڏي عوامي تحريڪ سان وجود ۾ ڪونہ آيو، سردارن، نوابن، جاگيردارن، پيرن سجاده نشينن، فوج ۽ نوڪر شاهي ٺھرايو. پير صاحب کي صاف نظر ٿي آيو تہ هن ملڪ ۾ عزت سان رهڻو آهي. جمھوريت وغيرہ رولو، بيروزگار، وچولي طبقي جي ماڻھن جا اجايا خيال آهن. هن ملڪ ۾ سٺ سالن ۾ جيڪو ٿيندو پيو اچي، اڳتي بہ اهو ٿيندو، سياسي پارٽيون ۽ انھن جا ليڊر بہ ڏاڍ جي اڳيان جهڪيل آهن ۽ انھن جا سوالي آهن. باقي سڀ موالي آهن. ان ڪري ”ڀيڄ پاڳارا“ تي گذارو ڪرڻو آهي ان ۾ خزانا ڀريل ۽ لکين ماڻھو جُتين ۾ ديدار لاءِ مشتاق هوندا. نہ تعليم ايندي نہ اچڻ ڏبي، نہ جمھوريت ايندي نہ اچڻ ڏبي، هنن پنھنجو ڪلاس سڃاڻي ورتو آهي، اجائي تصادم ۾ ڪھڙو فائدو! خواهمخواه ويھي مانگر مڇ سان مقابلو ڪجي وطن يا ڪفن ”جنھن چيو ان جو حشر ڪھڙو ٿيو، قبر بہ نہ ملي! سو وڃي پنھنجي هم ڪلاسين سان دوستيون رکيائين هر حڪومت ۾ موجود سدا موجود ٻيا وري ڇا آهن، مون وٽ هڪڙو مشھور و معروف گادي نشين زبردستي آفيس ۾ گهڙي آيو، چئي، آءُ پير آهيا، انتظار نہ ڪندس. مون ڏانھنس نھاريو، سائينءَ مان نور جون لاٽون ٿي آيون، پڇيومانس ”حڪم سرڪار چئي“ خيرپور جي ڊپٽي ڪمشنر زبردستي منھنجا ڪوٽ لتاڙي پوليس جي معرفت منھنجا پاليل ست سوئر ضبط ڪيا آهن. اوهان ڪيس کڻو، جيڪا فيس گهرو اها ڏبي، پر منھنجا محبوب جانور مون کي موٽرائي ڏيو“ اياز ان وقت زندھہ هو ۽ منھنجي ڀرواري جڳھہ ۾ سندس وڪالت جي آفيس هئي. مون پير صاحب جن کي عرض ڪيو تہ هيءُ تمام وڏو ڪيس آهي ۽ مان ننڍو وڪيل آهيان. سو هلون ٿا، ڪنھن ٻي وڏي وڪيل وٽ. سو کيس وٺي آيس، شيخ اياز وٽ . اياز کي مون حال حقيقت ڪئي ۽ ساٿين سان سندس واقفيت ڪرائي.“ پوءِ مان ڇا ڪريان؟“ اياز ڪاوڙ ۾ ڀرجي مون کان پڇيو. ”استاد ڪيس وڏو آهي. ڳالھہ بہ وڏي. سو اوهان سان گڏجي ڪجهہ ڪري وٺون تہ بھتر آ ”اياز مون کي اڪيلو وٺي ڏاڍي ڇنڊ ڪڍيائين. هي ڪيس هٿان هليو ويو، سو هي ملڪ انھن ماڻھن جي مزن ماڻڻ لاءِ آهي. ڀلا مال بہ جام اٿن، اڻ مئي دولت، زمينون جاگيرون نہ سارين جا نٽھڻ اس ۾ رونبا ڪرڻا اٿن، نہ هر ڪاهڻا اٿن. ماڻھو صدين کان انھن پاڃارين ۾ جڪڙيل، بکن ۾ پاھہ پيا ٿين، هنن کي ڇا هي، مٿي ۾ سور پئي تہ يورپ هليا وڃن. واندا ويھي ڇا ڪن. اسيمبلي جا ميمبر بہ اهي ٿين. ڪوڙا ٺپا هڻائي چونڊيل نمائندا بہ ٿين. وزير بہ اهي ٿين، هنن کي ڪرڻو ڇا هي، فقط اسٽيبلشمينٽ جي غلامي، بس جي لھن تہ عوام جا ڏک کڻي وڃي ولايت ويھن، جي چڙهن تہ مال ميڙيندا وتن.

هندستان جا ڪميونسٽ

مان جڏهن پنجين انگريزيءَ ۾ هوس تہ ان وچ ۾ روسي انقلاب اچي چڪو هو، چين ۾ بہ انقلاب اچي ويو، غريبن، مسڪينن، هارين، مزدورن ۽ ڏتڙيل ماڻھن سامراج ۽ سامراجيت جي قھري ڪوٽن کي ڪيرائي وڌو هو، ڪارل مارڪس ڄائو جرمني ۾ ۽ انقلاب روس ۽ چين ۾ اچي ويو، سڄي دنيا جي لٽيرن ۾ ڦرڦوٽ پئجي وئي، اسٽالن ۽ مائوزيتنگ سڄي دنيا جي سيني تي فتح جا جهنڊا کوڙي ڇڏيا هئا. چون ٿا تہ انقلاب کان اڳ لينن پنھنجي دوستن کان پڇيو هو تہ انقلاب ۾ مکيہ قدم ڪھڙا کڻڻا آهن؟ جواب مليو تہ جيڪي ضروري شيون آهن، انھن کي بچائڻو آهي ۽ غير ضروري کي ختم ڪرڻو آهي. مطلب تہ جن کان سواءِ ملڪ نہ ٿو هلي سگهي، انھن کي بچائڻو آهي، جن کان سواءِ ملڪ هلي سگهي ٿو ۽ اهي انقلابي قدمن ۾ رڪاوٽون وجهندا انھن کي ختم ڪرڻو آهي يعني ڊاڪٽر، انجنيئر پلمبر، اليڪٽريشن وڪيل، شاعر، شيڪنوڪريٽس کي بچائڻو آهي، ڇاڪاڻ تہ انھن کان سواءِ ملڪ نہ هلي سگهندو، باقي جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ موالين کي ختم ڪرڻو آهي، جو انھن کان سواءِ ملڪ هلي ويندو تہ فقط اهو پر اهي انقلاب ۾ رڪاوٽون وجهندا.
هندستان کان سجاد ظھير جي ٽولي سان جيڪي ڪميونسٽ دوست پاڪستان آيا، انھن ۾ حسن حميدي ۽ علي مطاهر جعفري جيڪو جسٽس علي اسلم جعفري جو والد هو، اهي بہ هئا. حسن حميدي اسان جي پنوعاقل جي هاءِ اسڪول ۾۾ اچي استاد ٿيو ۽ اسان جا انگريزي جا پيرڊ وٺڻ لڳو، اسان جو ڪلاس ٽيچر سائين علي شاھہ هڱوري وارو هو ۽ هيڊماستر مسٽر بدرالدين علوي هو، زبردست منتظ۾ هو، مولوي فتح محمد عربيءَ جو استاد هو، ڪميونسٽن پاڪستان جي تحريڪ جي حمايت ڪئي هئي پر کين خبر ئي نہ پئي تہ هيءَ هڪ سامراجيت جي رياست قائم ٿي آهي ۽ سمورن مسلمان ملڪن جن ۾ خلافت بچاءِ ملوڪيت انگريزن قائم ڪرائي هئي، هي بہ انھن جي يونين ۾ SEATO ۽ CENTO بغداد پئڪٽ وغيرہ ۾ شامل ٿي ويو هو، انھن سڀني سامراجي قوتن جو لٺ سردار وڏو سامراج آمريڪا هو، ان جي پناھہ ۾ اچي چڪا هئا. هندوستان ۾ تہ آزاديءَ کان اڳ منصوبابندي ڪري ان جي ليڊرشپ پنھنجو ڪلاس ڪئريڪٽر بدلي عوام ٿي چڪي هئي ۽ سامراجيت جا جيڪي بہ ڳڙھہ هئا، انھن کي تهس نهس ڪيو ويو هو، پر هتي تہ معاملو ٻيو هو، حميدي صاحب تمام ذهين، پڙهيل، ڳڙهيل، اديب، شاعر ۽ انقلابي ذهن رکڻ وارو ماڻھو هو، سو ڪلاس وٺندي اوچتو ڪانٽو مٽائي ڪميونزم تي اچي ويندو هو، ڊاڪٽر اعزاز نذير بہ ڪڏهن ڪڏهن وٽس ايندو هو، سو انھن ٻنھي جي نظرِ ڪرم مون تي پئي، حالانڪہ منھنجو گهراڻو اسلامي ۽ ديني خيالات جو هو، حقيقت ۾ اسلام بہ غريبن ۽ مظلومن جو مذهب آهي ۽ سامراجيت جي خلاف آهي پر ان تي جو سرمائيدار ۽ جاگيردار سامراجي قوتن جو قبضو ٿي چڪو آهي. ان ڪري ان تي عوامي گهٽ سامراجي وڌيڪ رنگ چڙهي ويو آهي.
بھرحال مان حميدي صاحب جي ليڪچرن مان متعاثر ٿيندو ويس، اوچتو هڪڙو واقعو پيش آيو، جنھن معاملا وڌيڪ اڳتي ڪري پڏيو، اسان جي لوڪل بورڊ جي پريزيڊنٽ صاحب آغا بدرالدين دراني سوا لک روپيا غريب شاگردن جي فنڊ مان ڪڍي ڳڙهي ياسين جي اسڪول ڏانھن ٽرانسفر ڪيا ۽ اسان جي پياري استاد سائين علي شاھہ کي بہ بدلي ڪري ڳڙهي ياسين موڪليو، چوندا آهن تہ اڳ ئي نچڻي ويتر پونس گهنگهرو وارو معاملو ٿيو، حميدي صاحب اسان کان خون مان قلم ڀرائي هڪ اپيل شھر ۾ ورهائي اسڪول بند ٿي ويو، مون هڙتال ڪرائي، معاملو تمام وڌي ويو، جڏهن اسان کي هڪ بس ۾ زبردستي ويھاري سکر جي ڊي سي وٽ پھچايو ويو، ڌمڪايو ويو، بابو اڳ روينيو کاتي ۾ ان کي بہ هيسايو ويو. ڀاءُ بہ استاد، پر مان ڪنھن دٻاءَ ۾ نہ آيس، هڙتال جاري رهي. حسن حميدي تي ٻين ڪميونسٽن وانگر گرفتاري جا وارنٽ جاري ٿيا ۽ هو غائب ٿي ويو.
اسان پنجين انگريزي جو امتحان وٺي اسڪول هاءِ اسڪول مان گهٽائي، پنج درجا ڪري مون کي ليونگ سرٽيفڪيٽ ڏئي روانو ڪيائون. خيرپور ميرس ۾ منھنجو مامو ايڪسائيز ڊپارٽمنٽ ۾ هو، اتي ڇھين انگريزيءَ ۾ مون کي ناز هاءِ اسڪول ۾ داخلا ملي ۽ مان پنو عاقل ڇڏي خيرپور هليو آيس.

ميرن جي خيرپور ۾ گهاريل ڏينھن

سنڌ ۾ ميرن يعني ٽالپرن جي پھرين چوياري وقت سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو، انتظام ۽ بھتر امن امان جي خيال سان بس 1806ع ۾ مير ٺاري خان جي پٽ علي مراد خان ميرپور خاص جو شھر تعمير ڪرايو ۽ ان کي تخت گاھہ مقرر ڪيو. پھريون حصو جنھن جو تخت گاھہ حيدرآباد مقرر ڪيو ويو هو اهو مير ٺاري خان پاڻ وٽ رکيو، ٽيون حصو ٿر ۽ موري کان اوٻاوڙي، روجهاڻ ۽ سيوهڻ تائين مير سھراب خان جي حوالي ڪيو ويو، هيءُ شھر اباڻي سڏبي هئي. سندس تخت گاھہ احمد آباد (ڪوٽڏيجي) هو. پوءِ خيرپور تخت گاھہ مقرر ٿيو.
مير سھراب خان هاليپوٽن کان هاڻوڪي خيرپور جي زمين خريد ڪري خيرپور جو شھر تعمير ڪرايو، پوءِ سھراباڻين جو تخت گاھہ ئي رهيو.
سنڌ فتح ٿيڻ ۽ ميرن کي شڪست کان پوءِ 1843ع ۾ سر چارلس نيپئر وٽ مير مراد علي خان پيش پيو، جنھن خيرپور ميرس جون نيون حدون مقرر ڪيون، هن کي خيرپور جو حاڪم تسليم ڪيو ۽ هن مير صاحب کي اهو نئون علائقو حوالي ڪيو، اها رياست 13 آڪٽوبر 1955ع تائين هلي ۽ ون يونٽ مڙهڻ کان پوءِ مغربي پاڪستان ۾ عرق ٿي.
منھنجو مامون ايڪسائيز ۾ هيڊ ڪلارڪ هو، اندران توڙي ٻاهران نھايت صاف انسان هو. ننڍڙي مسواڙي ڪچي گهر ۾ رهندو هو، سڄي شھر ۾ بجلي هئي. پر هنن جي گهر ۾ ڪانہ هئي، ٻہ گهرواريون ٽئين کان اڳ ري چڪي هيس، جنھن مان بہ کيس ٽي ٻار هئا. هڪ پٽ ۽ ٻہ ڌيئر، هڪ پرڻيل، ڌيءَ پٽ ڪنوارا . ٻن گهروارين مان بہ کيس ٽي ٻار هئا، پر هيءَ ٻہ بلڪل لاڏلا ۽ شھزادن وانگر رهندا هئا. سندن ماٽيجنون مائرون سندن هر نخرو برداشت ڪنديون هيون. حبيب ﷲ منھنجو ماروٽ مئٽرڪ پاس ڪري ڪراچي پڙهڻ ويو، جتي هن ڪجهہ نہ پڙهيو فقط عياشيون ڪيون تہ کيس چائنا بوسڪي شارڪ اسڪن، ڪارڊرا ۽ گئبذن جي ڪپڙن جا انبار هوندا هئا. جڏهن خيرپور ايندو هو تہ ان جي شان ۾ وڏيون دعوتون ٿينديون هيون، هو نئين ڊزائين جا ڪپڙا ڪراچيءَ جي انھيءَ وقت جي مشھور Rainbow Tailors کان سبرائيندو هو، مان بہ انھن مان اسپيئر ڪپڙن کي پھري لئي ڪندو هيس.
گهر ننڍو، ماڻھو گهڻا، اومھاري سياري مھمان. دل وڏي ڪري ماپجي ويندا هياسي. مامون سڀني جو خيال رکندو هو ۽ وڏي شان سان رهندو هو، پر سندس فرزند حبيب ﷲ هر قسم جو نشو واپرائڻ لڳو ۽ مون کي بہ ڀنگ ۽ چرس تي اسڪولي زماني ۾ لاهي وڌائين.
خيرپور ۾ اسان جو محلو لاشارين جو محلو سڏبو هو، اسان جي گهر جي ڀرسان جمال رند جو گهر هو، جيڪو خود پنھنجي مامي جي گهر ۾ رهندو هو، پريان سليم خواجہ جو گهر هو. (جسٽس) اسلم جعفري جو گهر ڪجهہ پرڀرو هو پر ايترو پري ڪونہ هو. ابراهيم شاھہ بعد ۾ وائيس چانسلت ٿيو.
اسان سڀ ناز هاءِ اسڪول ۾ پڙهندا هياسين ۽ گهر دوست ٿي وياسين . ناز هاءِ اسڪول اڳ پراڻي بلڊنگ ۾ هو، اسڪول جي هيڊماستر کي پرنسيپال سڏيو ويندو هو، پھريائين استاد غلام اصغر ونڊيو هو، جيڪو ڪٽر سني ملان هو، سندس منھن تي ورلي ڪا مرڪ ايندي. سموري اسڪول ۾ ڪلاسن مان استادن لاءِ ڪرسيون ڪڍرائي ڇڏيائين. چئي ڪرسي هوندي تہ استاد ويھي رهندو ۽ پڙهائيندو ڪونہ پڙهائي تي سزا گهٽ، غير حاضري ۽ ڪئريڪٽر جي معاملي تي وڌيڪ سيکت ملندي هئي.
هر اسيمبلي وقت استاد غلام اصغر هڪ لٺ هٿ ۾ کڻي بيھندو هو، انھن شاگردن جي جيڪي شھر ۾ اجايو رلندا هئا، فلمن تي ويندا هئا. جوئا کيڏندا هئا، يا ڪي ٻيا اهڙا ڪم ڪندا هئا، انھن کي اسيمبلي مان ٻاهر ڪڍي سڀني جي سامھون ٻٻر جي وڏن لڪڻن سان ماريندو هو.
هڪ ڀيري استاد ٽن شاگردن کي انھن جي مائٽن کي گهرائي اسڪول مان خارج ڪري ڇڏيو ۽ انھن کي فتوى ڏني تہ هي ٽئي خون ڪندا ۽ ڦاهي چڙهندا. انھن مان هڪڙو جمعو جتوئي ٻيو نثار لاشاري ۽ ٽيون ڪوري ذات جو هو، هن وقت ان جو نالو ياد نہ ٿو اچي. ٿيو بہ ائين ڪافي عرصي کان پوءِ نثار پنھنجي چاچي جو خون ڪيو ۽ ڦاهي چڙهي ويو، جمعي بہ خيرپور جي پنج گلي چؤڪ وٽ ڏينھن ڏٺي خون ڪيو ۽ ڦاهي کائي ويو، ٽئين جي خبر ناهي تہ ڪھڙو حشر ٿيس. استاد غلام اصغر ڪنھن جي سفارش ڪونہ ٻڌندو هو، انگريزي، حساب ۽ عربي جو بادشاھہ هو، هن ڪن عرب ملڪن کي عربي نصاب ۾ حسابن جا ڪتاب لکي ڏنا ۽ ويجھڙائيءَ ۾ نھايت وڏي ڄمار ماڻي پنھنجي هڪ پٽ پروفيسر محمود وٽ ٽنڊي ڄام يونيورسٽي ۾ گذاري ويو.
هڪڙو ٻيو مولوي شھاب الدين هو، جيڪو اسان جو عربيءَ جو استاد هو، ان وقت انگريزي ڇھون ۽ ستون مئٽرڪ سنڌ يونيورسٽي وٺندي هئي. مون ۽ ابراهيم شاھہ بخاري عربي جو مضمون استاد شھاب الدين کان پڙهيو، استاد ڪنھن کي بہ مفت مارڪون ڪونہ ڏيندو هو.
هڪڙي امتحان ۾ استاد شھاب الدين هڪ شاگرد کي سؤ مان سئو مارڪون ڏنيون، جو هن استاد کي وڌيڪ رشوت ڏني، مان اهو بہ ٻڌائيندو هلان تہ استاد شھاب الدين جي رشوت پئسا نہ هئي. مٺائي جي دٻي يا ڪا ٻي سوکڙي پاکڙي هوندي هئي.
استاد غلام اصغر وٽ استاد شھاب الدين جي حاضري لڳي، غلام اصغر کانئس پڇيو، ”سائين اوهان کي هڪ سؤ مارڪن جو اختيار آهي، ڇوڪرو ڪيترو بہ هوشيار ڇونہ هجي. کيس فل مارڪون نہ ڏنيون آهن“ چي ” سائين ڇوڪرو هوشيار هو، ”پوءِ هي سؤکان وڌيڪ اوهان ڪٿان آنديون؟“ جواب ڏنائين تہ ”هي مون کيس پنھنجي ڏٺيون آهن. ” اڳ مئٽرڪ جي فارم ڀرڻ کان اڳ هڪ Preleminary امتحان ٿيندو هو، جنھن ۾ جيڪڏهن ڪو شاگرد ناپاس ٿيو تہ ان جو امتحان جو فارم اسڪول وارا يونيورسٽي نہ موڪليندا هئا.
اسان جيئن تيئن ٻيا سبجيڪٽس تہ پاس ڪري ورتا اچي ڦاٿاسين عربيءَ ۾ استاد شھاب الدين وٽ. اونھاري جي موسم هئي. ابراهيم شاھہ وٽ سائيڪل هئي، جنھن تي اسان ٻئي اسڪول ويندا هئاسين. ابراهيم شاھہ ۽ مان ان سائيڪل تي استاد شھاب الدين وٽ وياسين، جيڪو شھر کان کان ٻاهر هڪ مينھن جي واڙي ۾ هڪڙي ننڍڙيڪوٺڙيءَ ۾ هٿ جو پکو کنيو ويٺو هو، استاد ٺھي ئي ڪونہ نيٺ چيائين تہ ”منھنجي هن پٽ کي (جيڪو هو اڪثر امتحان وقت گڏ آڻيندو هو وئي وڃو. هڪ ڪاري عينڪ ۽ هڪ ريشمي رومال وٺي ڏيوس. پوءِ ڳالھائبو.“
اسان سائيڪل جي اڳين ڏنڊي تي استاد جي پٽ جيڪو اٺن يا نون سالن جو هو، کي ويھاريو، پويان مان ويٺس، سائيڪل ابراهيم شاھہ هلائي. رستي ۾ اسان ڇوڪري سان ڪجهہ ڳالھايو. کيس سواءِ بلوچيءَ جي ٻيو ڪجهہ بہ نہ پئي آيو، هاڻي اسان هن کي خيرپور جي شاهي بازار ۾ غني جنرل اسٽور، تي وٺي آياسين، اسان کي خبر هئي تہ استاد شھاب الدين اتان مھيني تي اوڌر تي سامان کڻندو هو، غني استاد جي پٽ کي سڃاتو، کيس هڪ عينڪ ۽ هڪ وڏو رومال ڏياري استاد جي حساب ۾ لکرائي ڇڏيائين. اسان وٽ ڪل پنج يا ست آنا کيسي ۾ هئا. جنھن جي هڪ ڪئنچي مارڪ بوتل ڇوڪري کي پياري استاد وٽ آياسين.
استاد شھاب الدين خوشي ۾ ڀرجي سمورا پيپر کڻي اسان جي اڳيان اڇلايا. اسان پاڻ کي تہ فل مارڪون ڏنيون پر ٻيا دوست بہ پاس ڪيائين.
ڳالھہ آئي وئي ٿي وئي. اسان جا فارم جيڪو ان وقت پرنسيپال هو تنھن يونيورسٽي موڪلي ڇڏيا، اسان جا ڪلاس امتحان کان ڪجهہ ڏينھن اڳ بند ٿيا، نہ تہ امتحان جي تياري لاءِ هلندا هئا، اوچتو هڪڙي ڏينھن اسان کي ڪنھن ٻڌايو تہ استاد شھاب الدين ٻہ لڪڻ هٿ ۾ کنيو مون کي ۽ ابراهيم شاھہ کي ڳوليندو ٿو وتي. پھريائين اسان ڳالھہ نہ سمجهي پر پوءِ جڏهن اسان کي ياد پيو تہ مھيني جي پھرين تاريخ گذري وئي آهي پوءِ تہ اسڪول مان ڀڄي آياسين ۽ وري استاد کي منھن نہ ڏيکاريوسين. اسان وٽ ايترا پئسا هوندا ئي ڪونہ هئا جو غني اسٽور واري کي منھن ڏئي سگهو. پوءِ اسان بعد ۾ استاد کان بخشرائيا ۽ ڪافي وقت ساڻس دعا سلام رهي ۽ اهو استاد هونئن تہ سائين قائم علي شاھہ، غوث علي شاھہ ۽ ٻين ڪيترن وڏين شخصيتن جو استاد هو، پر بعد ۾ اسان سان قومي ڪمن ۾ بہ سندس ڪافي ساٿ رهيو، جنھن جو ذڪر بعد ۾ ڪبو.
خيرپور شيعا فرقي وارن حاڪمن جي رياست هوندي بہ ڪنھن کي فرق محسوس نہ ٿيندو هو، سني بہ ائين رهندا هئا جيئن شيعا، رياست لاءِ ٻئي هڪ جھڙا هئا، ڪو ڪٽرپڻو ڪونہ هو، ان مان سمجهو تہ ٺيڙهي جو مدرسو ۽ شھر ڪٽر سني ملن ۽ انھيءَ خيالن سان ڀريل هو، اهو بہ خيرپور رياست جو شھر هو ۽ ميرن ڪڏهن بہ انھن سان ٻہ اکيائي ڪانہ ڪئي ۽ رياست سڀني جي لاءِ ساڳي هئي، ۽ ٺيڙهيءَ کي برداشت ڪرڻ مير صاحب جي حاڪميت کي سلام هو.

وڏيرڪي رياست

هونءَ تہ خيرپور متعلق ڪئين قصا مشھور هئا، يعني هڪڙي وڏيرڪي رياست هئي، جنھن ۾ ڪوبہ قانون يا قاعدو ڪونہ هو، جيڪي مير صاحبان کي وڻي، سو ڪن. ڪو پڇڻ وارو ڪونہ هو، انتظام چيف منسٽر صاحب وٽ هوندو هو، وفاقي حڪومت هڪ سربراهي ڪاميٽي ٺاهي ڇڏي هئي. جنھن جي آفيس لاهور ۾ هئي، اتان چيف منسٽر مقرر ٿيندو هو، ان ڪري مير صاحب جو رخ سدائين لاهور طرف هوندو هو، لاهور جي ڪري مير علي نواز جون عياشيون ڏاڍيون مشھور هيون. خاص طرح اقبال جنھن کي بالي سڏيو ويو، ان تي رياست جي سموري دولت لٽائيندو رهيو، ايتري قدر جو رياست جا خزانا خالي ٿي ويا ۽ اها ڪنگال ٿي وئي. رياست جو خزانچي تنگ ٿي گم ٿي ويندو هو، جڏهن مير صاحب جي چٺي ايندي هئي تہ ”هجن نہ هجن ڏجن رپيا پنج هزار“
رياست کان ٻاهر برٽش راڄ هو، جتي هر شيءِ قاعدي قانون سان هلندي هئي، منھنجو مامو ڪڏهن ايڪسائيز ۾ تہ وري ڪڏهن ڪٿي رياست جا ملازم ڪنھن مھل فوج ۾ تہ ڪنھن مھل سول ۾ مقرر ٿيندا هئا.
بھرحال مون خيرپور کي ٻي رنگ ۾ ڏٺو، ان وقت مير علي مراد تخت تي ننڍي عمر ۾ ويٺو. سندس والدہ شايد هندستان جي ڪنھن ننڍڙي رياست جي راڄ گهراڻي مان هئي. چون ٿا تہ موجودہ مير صاحب جي ڄڃ کي واپس آڻڻ لاءِ ميرن وٽ ڪرايو بہ ڪونہ بچيو جو هنن اتي ڏيکاءَ ۾ شاھہ خرچي ڪئي، ڄڃ کي واپس آڻڻ لاءِ کين ڏاج ۾ مليل گهوڙي جا سونا سنج گروي رکڻا پيا، ان محترمہ سڄي عمر لاهور ۾ گذاري.
علامہ آءِ آءِ قاضي بہ چون ٿا تہ ڪنھن وقت رياست جي عدالت ۾ وڏو جج هو، کيس مير صاحبن ڪنھن قتل جي ملزم لاءِ سفارشي چٺي لکي. قاضي صاحب جن ناراض ٿي، نوڪري تان استعيفا ڏئي هليا ويا، کين پرچائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ٿي پر قاضي صاحب جن نوڪري ڇڏي ويا.
ٻيو هڪڙو واقعو مشھور هو تہ ڪنھن مير صاحب مذاق ۾ پنھنجي حجام کي ڪوٽ ڏجي جي قلعي ۾ بند ڪرائي ڇڏيو، پوءِ کانئن اها ڳالھہ وسري وئي تہ حجام بي گناھہ ڪوٽ ۾ بند آهي ۽ سپاهين جون ونگار ۾ ويٺو ٿو مفت ۾ سيربيون ٺاهي. ان مير صاحب جو ڪو فرزند ڪوٽ گهمڻ ويو تہ حجام رڙيون ڪوڪون ڪري کيس حقيقت بيان ڪئي تہ هو بيگناھہ قيد ۾ آهي. مير صاحب جن پنھنجن ڪارندن کان پڇيو تہ هنن فقط ايترو چيو تہ ”قبلہ! اي تہ سائين دي بابي دي نشاني هي!“ مير صاحب حجام کي بابي جي نشاني سمجهي ساڳيو ڪوٽ ۾ قيد رکيو.
هڪڙي ٻي مير صاحب لاءِ مشھور هو تہ همراھہ ڳائڻ جو شوقين هو ۽ ڳائڻي جو قدردان هو، سو پاڻ وٽ وڏا وڏا ڳائڻا گهرائي راڳ ڳائرائين. جڏهن ترنگ ۾ اچي ويو تہ پاڻ ڳائڻ شروع ڪيائين. سڀ چپ ڪري مير صاحب کي ٻڌڻ ويٺا. جڏهن ڳائڻ ختم ڪيائين تہ سڀني واھہ واھہ ڪئي پر هڪڙو حجائتو داد نہ پيو ڏئي، جنھن کان مير صاحب خاموشيءَ جو سبب پڇيو تہ هن چيو ”جي جان جي امان ملي تہ عرض ڪجي!“ مير صاحب چيو تہ آزادي سان راءِ ڏي! جنھن تي هن چئي ڏنو تہ ”ڳائيندي سائين پئي هن، منھن ڪالا اسا ڏا پيا ٿيوي!“ مير صاحب جن سرائيڪي ۾ مخاطب ٿيندا هئا.
بھرحال مون جڏهن اسڪول ۾ داخلا ورتي، ان وقت ممتاز قزلباس خيرپور جو چيف منسٽر هو، جنھن خيرپور کي ترقي وٺرائي، هڪ وڏي ڪپڙي ٺاهڻ جي مل ”خيرپور ٽيڪسٽائيل مل“ هڻائي وئي. هڪ سگريٽ ٺاهڻ جو ڪارخانو ۽ هڪ پرنٽنگ پريس بہ لڳي، جنھن جي ڪري رياست مان بيروزگاري ڪافي گهٽجي وئي، باقي ڀنگ پيئڻ تہ خيرپور جي Natural Drink هئي. موالين ۽ مفتخورن جو انگر بہ تمام گهڻو هو، چوري چڪاري گهٽ هئي، تعليمي معيار تمام وڌيڪ هو، نھايت قابل استاد ها، سڀئي ڊگرين سان ۽ ٽريننگون ورتل هئا، نئون هاءِ اسڪول ٺھرايو ويو، في تمام معمولي هئي، ڪسرت، پي ٽي، ملٽري ٽريننگ، سول ڊفينس اسڪائوٽنگ لازمي هيون. ان لاءِ يونيفارم بہ گورنمنٽ وٽان ملندو هو، هر شاگرد کي هڪ گلاس کير جو سرڪاري طور روزانو پياريو ويندو هو. ڪتاب بہ گهڻو ڪري سرڪار ڏيندي هئي، غريبن لاءِ فري بورڊنگ بہ هئي.
ان وقت منھنجو گهڻو وقت ڊاڪٽر ابراهيم شاھہ بخاري جي اوطاق يا ڪڏهن جسٽس علي اسلم جعفري جي والد علي مظاهر جعفري وٽ گذرندو هو، ابراهيم شاھہ جو وڏو ڀاءُ محمد شاھہ هڪڙو گرونڊنگ جو ريڊيو وٺي آيو، جيڪو سندس چاچو سائين نياز علي شاھہ اڪثر بند ڪري اسان کي اسڪول جي پڙهائي لاءِ تلقين ڪندو هو، سائين نياز علي شاھہ سنڌ مدرسي مان بطور استاد رٽائر ٿيو هو، کيس ڪارتوسن ۽ بندوقن ٺاهڻ جي ڪارخاني هئڻ جو ڏاڌو شوق هو، جيڪو هن ”بخاري آرمري“ جي نالي سان هڪ دڪان کولي پورو ڪيو. رياست جون پراڻيون تلوارون نيلام مان خريد ڪري رکيائين، جيڪي ڪير بہ ڪونہ پيو وٺي. محمد شاھہ هڪ ماڊرن ريسٽورنٽ اي بي سي جي نالي سان کوليو، جتي سائين نياز علي شاھہ ڪنھن بہ گراهڪ کي اجائي وقت وڃائڻ جو چئي، اٿاري نيٺ بند ڪرائي ڇڏيو.
انھن ڏينھن ۾ روس خلا ۾ راڪيٽ موڪليو ۽ سڄي دنيا ۾ واھہ واھہ لڳي پئي هئي. سائين بہ ڊان اخبار باقاعدگي سان گهرائي ان ڳالھہ تي بحث ڪندو هو، سو کين بہ هڪ راڪيٽ ٺاهڻ جو شوق ٿيو، سو گهر جي ڀرسان هڪ خالي جڳھہ ۾ ان جو تجربو ٿيو. يعني هڪ پائيپ ۾ بارود ڀري ويھي رهيو، رات جي پھر اچڻ جي انتظار ۾ نيٺ اڌ رات جو هڪ زبردست ڌماڪو ٿيو ۽ سڄو شھر لڏي ويو، اها رياست هئي، جتي سيدن جي هلندي پڄندي هئي ۽ ڳالھہ ختم ٿي وئي.
خيرپور لائبريري جڳ مشھور هئي ۽ اسان جي گهرن جي ويجهو هئي. سليم خواجہ کي پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو، سو مون کي بہ ان جو ميمبر ڪرايائين، مسٽر ظھير حسين جيڪو هن وقت وڪالت ٿو ڪري ان وقت لائبريرين هو، هن اسان کي نوان نوان ڪتاب پڙهايا، جيڪي اسان ڪڏهن خريد نہ ڪري سگهون ها.
جمال رند کي سنڌي ادبي سنگت جو شوق ٿيو، سنڌي ادبي سنگت جون شاخون جتي ڪٿي کلڻ لڳيون، اسان بہ خيرپور ۾ ڊاڪٽر ابراهيم شاھہ وارن جو خالي دڪان وٺي ان ۾ سنڌي ادبي سنگت سنگت جي شاخ کولي، جنھن جو افتتاح رشيد ڀٽيءَ ڪيو. جمال رند سيڪريٽري مان جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ابراهيم شاھہ خزانچي ٿياسين. شروع ۾ ميمبرشپ گهٽ هئي پر پوءِ آهستي آهستي وڌندي وئي. منير سولنگي، اميد خيرپوري، رفيق مھيسر ۽ ٻيا ڪيترا ميمبر ٿيا. هفتيوار گڏجاڻيون ٿيڻ لڳيون. مان فلمي ڌنن تي شيرل باڊاهي وانگر شعر لکي ايندو هيس. جمال ۽ سليم افسانا لکي ايندا هئا. ٻيا دوست بہ شروع شروع ۾ مون وانگر شعر لکي ايندا هئا. اميد خيرپوري فقط چوسٽا لکي ايندو هو، تنقيد بہ ٿيندي هئي. اتان پڙهڻ لکڻ جو شوق وڌندو ويو ۽ آهستي آهستي قومي شاعري طرف مائل ٿيس، جو سنڌ تي ڌاري يلغار شروع ٿيڻ لڳي ۽ سڀني ان جو اثر وٺڻ شروع ڪيو.
سنڌي ادبي سنگت خيرپور جي طرفان غريبن لاءِ شام جو اسڪول بہ کوليو ويو، جيڪو پراڻي ناز هاءِ اسڪول جي بلڊنگ ۾ هو، ڏينھن جو اسڪول سرڪاري، شام جو بلڊنگ ۽ فرنيچر سرڪاري استعمال ڪندا هئاسين. ان وقت جا چوٽيءَ جا استاد شام ڌاري مفت ڪلاس وٺندا هئا، خاص طرح سان استاد شھاب الديب ڏاڍو ساٿ ڏنو، هن لاءِ مفت ڪم ڪرڻ هڪ جهاد هو.
اسان جي اسڪول ۾ داخلا ايتري وڌي وئي جو سفارشون ٿيڻ لڳيون، هي اسڪول فقط انھن سنڌين لاءِ هو، جيڪي سرڪاري ملازمت ۾ هئا پر مئٽرڪ پاس نہ هئا يا اهڙا ڪي ٻيا ماڻھو جيڪي ڪنھن بہ سبب ڪري مئٽرڪ پاس نہ پئي ڪري سگهيا. في تمام گهٽ هئي. ان وقت جا پرنسيپال، انسپيڪٽر آف اسڪولس، ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ۽ اهڙا ٻيا ناليوارا استاد هن قومي ڪم اسان سان سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ٻانھن ٻيلي تي بيٺا، هي اسڪول ايستائين هليو، جيستائين رياست هئي، پوءِ ان جي ختم ٿيڻ سان ختم ٿي ويو.

ناٽڪ رنگ

اسان سنڌي ادبي سنگت خيرپور جي پليٽ فارم تان اسٽيج ڊراما بہ ڪيا. هڪڙوڊرامو آغا حشر جي مزاحيہ ڊرامي ”ڇپن ڪروڙ ڪي چوٿائي“ مان ترجمو ٿيل سنڌيءَ ۾ ”آچر“ جي نالي سان هو. اهو پرفارم ڪيو، استاد عبدالرحمن جو ترجمو ٿيل هو. استاد عبدالرحمان ٽيچرس ٽريننگ اسڪول جو پرنسيپال هو، ان ۾ ”آچر“ جو ڪردار جمال رند ڪيو، ان زماني ۾ ڇوڪرين جو ڪردار بہ ڇوڪرا ڪندا هئا. مسٽر عطا محمد لاشاري جيڪو سرڪاري کاتي ۾ آفيسر هو، هيروئن جو ڪردار ادا ڪندو هو، مون کي ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪرڻو پيو، اهو ڊرامو اسان ڳوٺ سڌار پرگرام ۾ سڪرنڊ جي ميلي تي بہ کڻي وياسين ۽ اتي بہ چڱي موٽ ملي، آمدني سموري سنڌي ادبي سنگتجي فنڊ ۾ جمع ٿيندي هئي.
اهو ڊرامو اسان رجبي 27 تي پير ڳوٺ جي ڦٽل سئنيما ۾ ڪيو، ان جي اجازت پير پاڳاري اسان کي ڏني، مسافرخاني ۾ رهائش ۽ ماني جو انتظام بہ ڪري ڏنائون، ٽڪيٽون سڄي پير ڳوٺ جي بازا ۾ هر دڪان تي وڃي ڪيوسين.
هڪڙو ٻيو ڊرامو ”مومل راڻو“ جيڪو ڏاو ڪامياب ويو، اهو اسان خيرپور جي مير علي مراد ٽاڪيز ۾ ڪيو، جيڪا هينئر ڊهي وئي آهي. ان جون ٽڪيٽون بہ هيڏي ساري شھر خيرپور جي هر دڪان تي وڃي وڪيوسين. ڊرامو سائين مشتاق عباسي جو لکيل هو، مشتاق عباسي صاحب هڪ انتھائي غريباڻي گهر ۾ نھايت سادگي سان رهندو هو، علم، ادب جو ڄاڻو ۽ خاموش طبيعت رکڻ وارو ماڻھو هو، ان ڊرامي جي ڪمائيءَ مان ڪجهہ رقم مشتاق صاحب کي بہ ڏني سون. اهو ڊرامو بعد ۾ اسان کان غلام مرتضى شاھہ عرف ڏاڏا شاھہ اهو چئي وٺي ويو، تہ سنڌي ۾ ”مومل راڻو“ فلم ٺاهيندو، فلم تہ ڪانہ ٺھي باقي ان جا گانا نورجھان جي آواز ۾ جڳ مشھور ٿيا. فلم مھانگي ڪاسٽيوم ۽ گهڻي بجيٽ واري هئي. هن ۾ ڊريس وغيرہ جو چڱو ڀلو خرچ هيو، سائين مولائي مڙس، خيچ نہ ڪري سگهيو، ان جو ڊائريڪٽر ڪافي عرصي کان پوءِ جڏهن مان وڪالت ۾ هيس تہ اسان وٽ آيو، شايد سندس نالو عبداللطيف هو، ڊائريڪٽر صاحب جو خيال هو تہ هڪ تہ هن فلم کي گهڻي خرچ کان بچائڻ جا طريقا ڪڍو تہ مومل ۽ هير و راڻو نوان ۽ ماڊرن هجن. يعني مومل ڀل شلوار قميص ۾ هجي پر راڻو فل سوٽ ۾ اٺ جي بجاءِ ڪار استعمال ڪري، ٻيو ڊائلاگ هڪ ڪلاڪ ۾ ختم ٿين. اها فلم بہ ڪانہ ٺھي ۽ استاد مشتاق جو اسڪرپٽ بہ الائي ڪيڏانھن هليو ويو. استاد مشتاق عباسي جو هڪ پٽ سينئر جج آهي.
ان ڊرامي ۾ عطا محمد مومل جو ڪردار ادا ڪيو ۽ هدايت بلوچ جي چاچي غلام مصطفى راڻي جو ڪردار ادا ڪيو ۽ مون کي ناتر جو ڪردار ادا ڪرڻو پيو.
اسان سائين ڏاڏا شاھہ جي مدد سان هڪڙي فلم ”داغ“ بہ گهرائي ۽ جاويد ٽاڪيز ۾ هلائي سين پر ان ۾ اسان کي نقصان ٿيو، سائين ايتري مھرباني ڪئي جو هن اسان کان سئنيما جو ڪرايو بہ ڪونہ ورتو.
بھرحال سنڌي ادبي سنگت خيرپور ڪافي فنڊ گڏ ڪيا، جيڪي اسان مرڪز حوالي ڪري ڇڏيا.

ون يونٽ جون تياريون

هونئن تہ سنڌ صدين کان سورن ۾ آهي، پر جڏهن 1943ع ۾ سنڌ جي ليجسليٽو اسيمبلي ۾ پاڪستان جي حق ۾ قرارداد پيش ڪئي وئي هئي تہ ان وقت چيو ٿو وڃي تہ ميمبرن جو تعداد 60 هو، جنھن مان پنجويھہ ميمبر Quit India تحريڪ ۾ جيلن ۾ هئا ۽ پنج ميمبر ڪنھن سبب ڪري اجلاس ۾ حاضر ڪونہ ٿيا، باقي ٽيھن ميمبرن مان پنجويھن اڪثريت راءِ سان قرارداد پاس ڪئي. پنجن ميمبرن مخالفت ۾ ووٽ ڏنو.
ان وقت جي اديبن پمفليٽ لکي ميمبر صاحبن ۾ ورهايا، جن ۾ ٺھندڙ پاڪستان ۾ سنڌ ۽ سنڌين جي حقن، زبان، ڪلچر، زمينن، سنڌ جي قومي مسئلي ۽ انھن جي تحفظ ڪرڻ جون گذارشون ٿيل هيون، ڪيترن ميمبرن تہ انھن پمفليٽن کي اڇلائي ڇڏيو، ڪيترن ان کي پڙهيو بہ ڪونہ، شايد اڪثريت اسيمبلي ۾ اڻ پڙهيلن جي هئي.
بانيءِ پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح 21 مارچ 1948ع تي ڍاڪا ۾ اعلان ڪيو تہ پاڪستان جي واحد قومي زبان اردو ٿيندي، ان اعلان جي پٺڀرائي 24 جنوري 1952ع ۾ ٿي، بنگالين پنھنجي بنگالي زبان ۽ قومي حيثيت مڃرائڻ لاءِ تحريڪون هلايون. اها سڌي سنئين 1940ع واري قرارداد پاڪستان جي ڀڃڪڙي هئي. بنگالين قربانيون ڏنيون ۽ ڪافي تعداد ۾ ماريا بہ ويا. بھرحال ان نتيجي ۾ پاڪستان جون ٻہ قومي زبانون اردو ۽ بنگالي تسليم ٿيون. ٻہ قومي شاعر هڪ علامہ اقبال ۽ ٻيو قاضي نظر الاسلام تسليم ڪيا ويا. وري ون يونٽ يعني سنڌ، پنجاب، سرحد (خيبرپختونخواھہ) ۽ بلوچستان کي ملائي هڪ يونٽ ٺاهڻ جا سانباها ٿيڻ لڳا. اديب جيڪو سماج جو هڪ اهم جزو آهي، جيڪو باشعور ۽ باعزت بہ آهي، وري پنھنجي ذميواري کي سمجهندي پنھنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لڳو، اياز جو ڪتاب ”ڀنور ڀري آڪاس“ اچي ويو، جنھن ڌرتيءَ جي ڌاڙيلن ۽ موقع پرست اقتدار پسندن جي اندر ۾ آنڌمانڌ وجهي ڇڏي. هن ڪتاب ڄڻڪ باھہ لائي ڇڏي، گهڻو ڪري سمورن شاگردن جي زبان تي اياز جا شعر گونجڻ لڳا. سنڌي ادبي سنگت خيرپور تي بہ ان جو اثر پيو، اسان بہ ٻوليءَ جي هلچل ۾ شريڪ ٿيندي، ڀتين تي چاڪنگ ڪرڻ شروع ڪئي، اسان جو مرڪز جو صلاحڪار رشيد ڀٽي هوندو هو، جيڪو سکر مان اسان وٽ اچڻ لڳو ۽ سمجهائيندو رهيو، سليم خواجہ مئٽرڪ پاس ڪري ڪراچي هليو ويو، هو اسان لاءِ نوان ڪتاب ۽ نوان پروگرام کڻي ايندو هو، ڪڏهن ڪڏهن حفيظ شيخ بہ ايندو هو. انھن جي صحبت ۽ سنگت جي ڪري مون گهڻو پرايو ۽ پڙهيو، مارڪس، اينگلز، ماپاسان، سارتر، گورڪي وغيرہ پڙهڻ لڳس.

عشق عقاب پکي پرڏيھي

هاڻي مان مئٽرڪ جي ڪلاس ۾ اچي ويس، پر هڪڙو اهڙو واقعو ٿيو، جنھن منھنجي ذاتي زندگيءَ تي وڏو اثر ڪيو، اها عمر اهڙي هوندي آهي، جڏهن سر نسرڻ شروع ٿيندا آهن، سرنھن گل ڪڍندي آهي يا بھار جون هوائون لڳڻ شروع ٿينديون آهن. انبن ۾ ٻور پوڻ جي مند ۽ ڪڻڪ جي سنگن لڏڻ جي مھل هوندي آهي، گلاب ۽ موتيو مھڪڻ شروع ڪندو آهي، انسان پنھنجي وس ۾ نہ هوندو آهي، حوا جنھن آدم کي بھشت مان ڪڍرايو، ان جون اکيون ڳالھائڻ لڳيون ۽ ٻہ تن هڪ تن ٿيڻ جا سنيھا ڏيڻ لڳا. هر شيءِ ڳالھائي پئي، ڀتيون، دروازا بہ ڳالھائن پيا، پکين جا آواز وڻن پيا، هن جو گهمڻ، مور جي ڊيل جيان لڳو، ها مون کي عشق ٿي ويو، مان ان پکي پرڏيھي جي بي رحم جهپڙ ۾ اچي ويس، اکين ۾ الماس نظر اچڻ لڳا.
چون ٿا عشق ۽ مشڪ لڪي نہ ٿو سگهي، گهر ننڍو، ڳالھہ وڏي، لڪي تہ ڪيئن لڪي، پر مون نمڪ حرامي نہ ڪئي ۽ حال کان پنھنجي حفاظت ڪئي. ان آڙاھہ ۾ ٽنگڙ ٽپو ڪونہ ڏنم، پر تڏهن بہ بدنامي کان پاڻ بچائي تہ ڪونہ سگهيس، ڪجهہ ڪونہ ڳالھايوسين، سچ پڇو تہ هڪ لفظ نہ ڳالھايوسين، سڀ ڪجهہ اکيون پيون ڳالھائين، گهمڻ پيو ڳالھائي، ٿڌا ساھہ ۽ سھڪا پيا ڳالھائين.
سرينھن جي وڻ ۾ جڏهن گل ٿيندا آهن تہ انھن جي ھٻڪارن جا هل ئي هلندا آهن. سارو سماج اٿي بيھي رهيو، اهو ڪيئن ٿيندو بھرحال مون کي اتان نڪرڻو پيو ۽ مان خيرپور جي لقمان محلي ۾ سومرن صاحبن جي گهر ۾ اچي رهيس. چون ٿا تہ جڏهن اسان جو بابو سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ پڙهندو هو تہ اسان جي ڏاڏي هر مھيني کيس هڪ رپيو مني آرڊر ڪندي هئي. پاڙي جو پوسٽ ماسٽر مسٽر علي بخش سومرو هوندو هو، جنھن اسان جي ڏاڏيءَ کي پنھنجي امڙ ڪري سڏيو، اها سڃاڻپ هلندي آئي ۽ اڄ هو مون کي گهر وٺي ويو ۽ مون مئٽرڪ جو امتحان ڏنو ۽ ڳوٺ هليو آيس، پر دل اتي ڇڏي آيس. ڪجهہ نہ پيو وڻي، رنگ زرد ۽ آھہ سرد کڻي آيس. پنوعاقل ۾ صوفي محمد هاشم بلو جيڪو پرائمري اسڪول ۾ استاد هو، ان سان دوستي ٿي، هو سنڌي زبان جو سٺو شاعر هو، منھنجي شاعريءَ ۾ عشق جو رنگ اچڻ لڳو، جدائي جا نغما اچڻ لڳا. صوفي ڏاڍي مدد ڪئي ۽ اصلاح بہ ڪندو هو، مون اسلاميہ ڪاليج سکر ۾ داخلا ورتي پر رهان خيرپور ۾ پيو، اتي مون رهڻ جو سبب بہ ٺاهيو، ٻيلي کاتي ۾ ڪلارڪي ڪيم، سٺ رپيا پگهار ملي. فيض آباد ڪالوني نئين نئين ٺھي هئي. اتي هڪ ڪوارٽر مليو، سڄي ڪالوني خالي، فقط مان ڳوٺان کٽ کڻائي اچي رهيس. ماني ڪنھن وقت هوٽل تي، ڪنھن وقت ابراهيم شاھہ وارن وٽ، ڪڏهن بنھہ بک تي سمھي رهندو هيس. ان عشق ۾ گهٽيون پيو گهمان. هڪ دفعي ڪنھن سبب جي ڪري سکر اچڻو پيو، واپسي جو ڪرايو ڪونہ هو، مون ڪنھن جي اڳيان هٿ نہ ٽنگيو، حالانڪہ منھنجا ويجها عزيز بہ سکر ۾ هئا. اتان ڳالھہ کلي پئي، مان ساري پيادو هلي، خيرپور آيس، فقط ان گهٽيءَ جي واس وٺڻ لاءِ، جتي حوا جو گهر هو، ٻہ ڏينھن بخار ۾ اڪيلو ڪوارٽر ۾ سمھي پيس. جمال رند بہ حيدرآباد پڙهڻ هليو ويو، باقي ابراهيم شاھہ ۽ مان هياسين. هڪڙو ٻيو غير ادبي دوست حسن لاشاري بہ هو، خواجہ سليم ڪڏهن ڪڏهن ڪراچي کان ايندو هو، ون يونٽ لڳي چڪو، رياست ختم ٿي وئي.
سنڌي ادبي سنگت خيرپور جو مان سيڪريٽري ٿيس. پر منھنجو من نہ پيو لڳي، منھنجو چت چرين وانگي هجي، نوڪري بہ ختم ٿي وئي، تڏهن بہ مان خيرپور ۾ مئو پيو هجان. نيٺ اهو جيڪو ٿيندو آيو آهي. سو ٿيو. مون ڏاڍو سڀني کي ستايو پر ڪنھن نہ ٻڌو. هوڏانھن حوا کي هڪ اڻ پڙهيل لوهر جي حوالي ڪيو ويو، زبردستي ڪرائي وئي، رڙيون ڪوڪون، دانھون پولار ۾ غرق ٿي ويون. لاڏڪوڏ سان پاليل، گلن جي ٽوڪري کي گند جي ڍير تي اڇلايو ويو. مان بلڪل چرين وانگي خودڪشي ڪاڻ تيار ٿي ويس. تڏهن هڪڙي وڏڙيءَ ويھاري سمجهايو ”بابا اڃا مئٽرڪ پاس آهين، کيسي ۾ ڪجهہ بہ ڪونہ اٿئي، وڃ وڃي پڙهائي ڪر، ڪجهہ ٿي ڏيکار، پوءِ کوڙ حوران پريون تنھنجي اڳيان اچي بيھنديون، هن چنڊ ۾ اڳ ڪافي داغ لڳل آهن. جن جي توکي خبر ئي نہ آهي. هن تو جھڙا ڪافي شڪار ڪيا آهن. تون دل جي ڳالھہ ڇڏ ۽ دماغ کان ڪم وٺ، هيءَ جي لائق هجي ها تہ اسان توکي وٺي ڏيون ها.“ مون کي ائين لڳو تہ ڄڻ منھنجو مٿو ڪنھن هٿوڙيءَ سان چٿي ڇڏيو آهي. ڀيٽو جي عشق ۽ سڃي جي ياريءَ ۾ ائين ٿيندو آ. حوا پنھنجو تحفظ ڪونہ ڪيو، ان ڪري نمبر ٽو مال ڪمائي نيڪال ٿي وئي. مان زخم ڇٽائي فقط داغ سنڀالي پنھنجي پڙهائي ۾ لڳي ويس ۽ اچي سکر ۾ رهڻ لڳس، پر اهو داغ اڄ تائين ڌوپي نہ سگهيو، چاهت جي سزا گهاريندي واريءَ جو گهر ڊهي ويو.

حيدرآباد، سکر ۽ خيرپور جا چڪر

مون 1956ع ۾ مئٽرڪ جي پڙهائي ختم ڪئي ۽ امتحان بہ ڏنو، نتيجي کان اڳ ڀاءُ حيدرآباد وٺي ويو، ڪجهہ عرصو اتي رهيس. سندس گهر ۾ سارو ڏهاڙو واڙجي ويھندو هيس، جو سندس فيملي اڪيلي هئي. شام ڌاري ادا ايندو هو ۽ اٺ آنا خرچ ڏيندو هو، جنھن مان شيش محل هوٽل تي اچي هڪ پيالي آئيس ڪريم وٺي مٿي روف گارڊن تي کائيندو هيس. هن هوٽ: تي فاضلاڻي جنھن سنڌي فلم ”عمر مارئي“ ٺاهي هئي.ايندو هو، ان جي ديدار جي سعادت بہ نصيب ٿيندي هئي. هي هوٽ: شھر جي ڳاڙهي بازار ڀرسان هو، مون کي اها خبر ڪانہ هئي تہ اتي ڇا ٿيندو آهي؟ اهي مايون دروازن تي ڇو بيٺيون آهن ۽ ڪنھن جو ٿيون انتظار ڪن.
بھرحال مئٽرڪ جو نتيجو مون حيدرآباد ۾ ٻڌو ۽ پاس ٿيس. ان کان اڳ مٿين ڊيوٽي ۾ ڪجهہ عرصو شھدادپور بہ رهيس. ڀاءُ جي فيملي ڳوٺ پھچائي وري حيدرآباد اچڻو پيو، جو ڀاءُ جي نوڪري اتي هئي ۽ فرسٽ ايئر جي داخلا ورتم. ڪاليج شھر کان ٻاهر هو، ڪابہ اهڙي سواري ڪانہ هئي. جنھن رستي اچجي. جون وٽ پنھنجون سواريون هيون اهي تہ انھن وسيلي ايندا ويندا هئا پر مان پيادل ايندو ويندو هيس. حميد سنڌي ۽ قاضي فضل بہ اتي پڙهندا ها. فقط دعا سلام ٿي، ماني ڪراچي هوٽل تي کائيندا هئاسين.
پر پوءِ ڀاءَ جي ڪري مان واپس سکر هليو آيس ۽ اسلاميہ ڪاليج ۾ داخلا ورتم. اهو بہ ڀلو ٿئي هندستان کان آيل مھاجرن جو، جو هنن چندا ڪري اهو ڪاليج هڪ پراڻي جڳھہ تي کوليو، جنھن سڀني جو ڀلو ڪيو، نہ تہ سکر ڪونہ ڪاليج ڪونہ هو. هيڏا وڏا ماڻھو جيڪي سنڌ جا وزير ۽ وڏا وزير ٿي رهيا، انھن ڪجهہ نہ ڪيو.
خيرپور جي نوڪلري بہ هڪ Leave Vacancy هئي. اتي هڪ زبدست بارش واري سياري ۾ بغير ڪوٽ جي گهارڻو پيو، فقط قميص شلوار ۽ هڪ مفلر ۾. سليم خواجہ ڪراچي مان منھنجي لاءِ ڪوٽ سبرائي آيو ۽ چيائين تہ ”پاءِ“. مون جڏهن اهو ڪوٽ پاتو تہ سچ پچ مون کي اهڙو مزو آيو جو ڇا ٻڌايان، ائين سمجهيم ڄن ماءُ جي هنج جي گرميءَ ۾ آهيان يا ڪنھن محبوب پيار مان ڇڪي ڀاڪر پاتو آهي. ڪجهہ وقت مان ان نشي ۾ غرق هيس. مون کي ان وقت ائين محسوس ٿيو تہ سياري جي ٿڌ ڇا ٿيندي آهي ۽ اهي پٺي اگهاڙا غريب سياري جون راتيون بنا ڪنھن ڇپر يا ڪپڙي جي ڪيئن گهاريندا هوندا. منھنجا مارو اگهاڙين پٺين تي سيءُ ڪيئن سھندا هوندا؟ دل چئي پئي تہ سليم اهو ڪوٽ مون کي بخشي ڇڏي. پر منھنجي غيرت نہ مڃيو ۽ مون کيس ڪوٽ واپس ڪري ڏنو.
سکر ۾ بابي مون لاءِ هڪ Leave Vacancy هٿ ڪئي اها هئي روهڙي جي مختيارڪار وٽ ڪلارڪي. سرشار عقيلي ڪليڪٽر هو، اهو بابي سان پڙهيو هو، سو مان ڪجهہ وقت لاءِ روهڙي ۾ ڪلارڪ ٿيس. هڪڙي دوست بيراج ڪالوني سکر ۾ کيرٿر واھہ جي ڀرسان هڪ لڳس. ڇاهتر رپيا پگهار هئي، اها پيٽ ۾ پوري هئي. اسلاميہ ڪاليج جي في بہ مس ئي پوري ڪندو هيس. اڌوراڻا ڪتاب وٺي پڙهڻ لڳس. ڪلاس هلندا هئا، ڪڏهن پنڌ ڪڏهن چئن آنن وارو ٽانگو ڪري پيو وقت ڪڍندو هيس، منھنجي هڪ سال جي ڊيوٽي گهر وارن طرفان ڪوئيٽا ۾ لڳي. منھنجو ڀيڻيوو سلھہ جي مرض ۾ مبتلا ٿيو، سو ان کي ڪوئيٽا علاج لاءِ اماڻيو ويو ۽ مان ساڻس رهندو هيس. هن جي هر حاجت بستري تي پوري ٿيندي هئي ۽ مان Male Nurse جا فرائض سرانجام ڏيندو هيس. وري واپس ساڳي ڪوارٽر ۾ رهيس. اقبال علوي ۽ شھباز علي شاھہ ڪاليج ۾ سنگت ٿي. اقبال جو والد صاحب محترم بدرالدين علوي روهڙيءَ جو هيڊماستر هو، شھباز علي شاھہ سول جج وٽ ڪلارڪ هو، فتح محمد ڀٽو جيڪو تپيداري تان لٿل هو، اهو بہ ڪڏهن ڪڏهن اچي رهندو هو.
اقبال روزانو هڪ ٿرماس چانھہ ڀريل ۽ ٻہ ٽي مانيون پٽاٽن سان صبح جو ڏئي ويندو هو، اها منھنجي سڄي ڏينھن جي ماني هئي. بھرحال وقت گذرندو ويو، ڪجهہ ڪاليج جي سياست بہ ڪئي سين، جتي مرحوم حبيب ﷲ شيخ ۽ محترم عبدالغني شيخ سان ڪافي مقابلا ٿيا. پوءِ گهرا دوست ٿي وياسين. تسنيم صديقي سان بہ سنگت اتي ٿي. جيڪو پوءِ چيف سيڪريٽري ٿيو، 1956ع ۾ جڏهن مان حيدرآباد ۾ پڙهندو هيس تہ ان وقت برطانيا، فرانس ۽ اسرائيل، سوئيزواھہ جي تنازعي تان مصر تي پھريون حملو ڪيو، ان وقت پاڪستان جو وزيراعظم حسين شھيد سھروردي هو، اهو حملو آمريڪا جي مدد سان ٿيو. پاڪستان جيئن تہ آمريڪا نواز سياست ۾ شروع کان ملوث رهيو آهي، سو ڪجهہ جلوس ڪڍيو، جنھن تي ٽيئر گيس ۽ لاٺي چارج بہ ٿي. مون پھريون ڀيرو اهڙي هلچل ۾ حصو ورتو. اسان کي مير رسول بخش ٽالپر نقد ضمانتون ڀري ڇڏايو.
بھرحال روهڙي جي نوڪري بہ ختم ٿي وئي. ون يونٽ تہ اڳ لڳي چڪو هو، مٿان مارشل لا بہ لڳو ۽ محمد ايوب جيڪو پاڪ افواج جو ڪمانڊر ان چيف هو، هن فوج جي مدد سان ملڪ جي اقتدار تي قبضو ڪيو، مان ڳوٺ پنوعاقل ۾ بي اي پارٽ ون ۽ ٽو جي تياري ڪرڻ لڳس. بابي رٽائرمينٽ ورتي، گهر جو بار ۽ اسان جون گهرجون گهڻي ڀاڱي ڀاءُ عبدالغفار پنھنجي وس کان وڌيڪ کنيون.
بنگال جي اڪثريت کي منھن ڏيڻ لاءِ چئن صوبن يعني سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ سرحد (خيبرپختونخواھہ) کي ملائي هڪ صوبو ڪيو ويو. 15 سيپٽمبر 1955ع تي Assembly جيڪا آئين ٺاهيندي آهي ان ۾ اهو بل پاس ڪرايو ويو، سڀ اسيمبليون ختم ڪري فقط هڪ اسيمبلي جيڪا لاهور ۾ هوندي، قائم ڪئي وئي. هڪ گورنر جيڪو لاهور ۾ رهندو هو مقرر ٿيو، هڪڙي مغربي پاڪستان جي هاءِ ڪورٽ جنھن جو چيف جسٽس لاهور ۾ مقرر ٿيو. هڪڙي سيڪريٽريٽ جيڪا لاهور ۾ هوندي قائم ٿي، ان کي ون يونٽ مغربي پاڪستان سڏيو ويو، ٻئي پاسي ٻيو يونٽ مشرقي پاڪستان سڏيو ويو. ان ۾ سنڌ جي وڏيرن ڏاڍو گندو ڪردار ادا ڪيو، محترمہ حميده کھڙو جو والد صاحب خانبھادر محمد ايوب کھڙو جيڪو ان وقت سنڌ جو چيف منسٽر هو، جنھن بہ ميمبر مخالفت پئي ڪئي، ان کي مٺي، ڏيپلي ۽ ڇاڇري جا جيل ڏيکاريا ۽ سنڌ ۾ ظلم ۽ بربريت جا رڻ ٻاري ڇڏيائين ۽ وفاق سان وفاداري ۾ گهڻا ڪم ڪيائين. سندس حمايتي پير علي محمد شاھہ راشدي ۽ ٻيا بہ گهڻا هئا. ان وقت انتھائي گندي ذهنيت ۽ زبان وارو گورنر جنرل چوڌري غلام محمد هو، بھرحال سنڌ مان سنڌي ختم ٿيڻ لڳي، دفترن مان، اسڪولن مان، نوڪرين مان سنڌي کي ڪڍيو ويو، هر ڪم لاهور ۾ پيو ٿئي، غريب بي پھچ لاهور ۾ ڌڪا کائيندا وتن، وڏيرا منڊي جي شوق ۾ خوش لڳا پيا هجن. 1956ع جو آئين پاس ڪري Parity هنئي هئي. ان وقت ملڪ جو سربراھہ اسڪندر مرزا هو، هن آئين ۾ ٻن بنگالين کي هڪ ووٽ جو حق ڏنو، يعني ٻہ بنگالي برابر ٿيا هڪ مغربي پاڪستان واري جي!
ويتر ايوب خان جي مارشل لا اهو آئين ۽ اسيمبيلون بہ ٽوڙي ڇڏيون ۽ کھڙي صاحب کي گرفتار ڪيو ويو، ڪم لٿو ڊکڻ وسريو، وڏيرا وري ايوب خان جي جتين جا سڳا پيا ٻڌن ۽ ڇوڙين، دعوتون ۽ شڪار پيا ڪرائين، ڪئين پير، فقير، مخدوم، ايوب جي اڳيان ڪوٺا کولي ويھي رهيا. اڄ انھن جا نالا کڻجن تہ کٽن ئي ڪونہ. ايوب خان سنڌ، بلوچستان ۽ بنگال سان ويل وهائي ڇڏي جيڪڏهن خط تي ايڊريس ۾ حيدرآباد ”سنڌ“ لکجي ويو تہ پڪ جيل جو منھن ڏسڻو پوندو، اياز ان وقت چيو هو تہ ”سنڌڙي تنھنجو نانءُ وتو، ڄڻ ڪاريھر تي پير پيو.“

ون يونٽ کان پوءِ

جڏهن ون يونٽ هنيو ويو تہ 1956ع جي آئين ۾ جيئن پاڪستان کي فقط ٻن صوبن ۾ ورهايو ويو، ان ڪري سنڌ سيڪريٽريٽ ختم ٿي وئي ۽ فقط هڪ صوبائي سيڪريٽريٽ لاهور ۾ رکي وئي، باقي ڊويزنون ٺاهي انھن تي ڪمشنر مقرر ڪيا ويا ۽ ڪليڪٽرن کي ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو. انھيءَ هيڏي ساري اٿل پٿل ۾ تمام گهڻا سنڌي بيروزگار ٿيا.
ان کان سواءِ سنڌيءَ ۾ هڪڙو امتحان جنھن کي سنڌي فائنل چئبو هو، جنھن ۾ فقط ست درجا سنڌي جا پڙهيا ويندا هئا، اهو امتحان پاس ڪرڻ سان سنڌي پرائمري استاد يا تپيداري جي نوڪريءَ جي اهليت سمجهي ويندي هئي. اهو امتحان بہ ختم ڪيو ويو، جنھن سان روزگار تي ڪافي اثر پيو.
سنڌي فائنل امتحان ۾ الجبرا، جاميٽري ۽ حساب جا مضمون بہ گهرجي تہ ان زماني ۾ شاگردن کي ڪاپي ڪرڻ جي سھولت بلڪل ڪونہ هئي. انگريزي مئٽرڪ پاس ڪرڻ يا سنڌي ۾ فائنل ڏيڻ، معمولي ڳالھہ ڪانہ هئي، نہ چوپڙيون، نہ ڪوڙا رزلٽ، نہ استادن جي مدد، نہ مائٽن جو اثر رسوخ ڪجهہ بہ ڪونہ هو. فقط ميرٽ هئي. سنڌ ۾ فقط حيدرآباد ۾ ڊگري ڪاليج، يا وري ڪراچي ۾ هو. ڪراچي ۾ مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ يا تہ امير ماڻھن جو اولاد ويندو هو يا وري اتي ڪنھن نہ ڪنھن اداري ۾ نوڪري ڪري پڙهائيءَ جو خرچ ڪڍڻو پوندو هو، ان لاءِ سنڌ گورنمنٽ ڪراچيءَ ۾ ٻہ وڏيون هاسٽلون ٺھرايون ويون، هڪ ميٺارام هاسٽل ۽ ٻي جناح ڪورٽس ميٺا رام هاسٽل جي خبر نہ آهي پر جناح ڪورٽس تي هينئر رينجرز جو قبضو آهي. سنڌ جي ٻھراڙين جي شاگردن لاءِ تعليمي دروازا ۽ روزگار جا ذريعا بند ڪيا ويا.
ويتر 1958ع واري مارشل لا سان، جنھن ۾ انڌا ڪاڻا بنيادي هق هئا، اهي بہ ختم ڪيا ويا ۽ عدالتن کي محدود اختيار ڏنا ويا ۽ ملٽري ڪورٽون ٺاهي، مرچن مصالحن جا ڪيس بہ ملٽري ڪورٽون ٻڌڻ لڳيون . پريس جي آزادي ختم ٿي وئي.
ان ۾ فقط ٻہ خوش هئا، هڪ موقعي پرست وڏيرا ٻيو هندستان کان آيل اسان جا ڀائر، انھن ”پاڪ افواج ڪو سلام“ جا بينر ٺھرايا ۽ فوجين جا استقبال ڪيا. مھاجرن ڀائرن هر انھيءَ ڪم جي حمايت پئي ڪئي جنھن ۾ سنڌين کي ڇيھو ٿي رسيو، فقط روشن خيال ۽ سوشلسٽ ڪميونسٽس، فوجي حڪمرانيءَ جي کلم کلا مخالفت ڪئي. ان ڪري قوم پرستن، ڪميونسٽن ۽ سوشلسٽن تي ايوب خان جو عتاب نازل ٿيو. سائين جي ايم سيد، خان عبدالغفار خان، حيدر بخش جتوئي، مولانا ڀاشاني ۽ ڪافي جمھوريت پسند گرفتار ڪيا ويا ۽ ڪيترن کي ملٽري ڪورٽن مان سزائون بہ ڏنيون ويون. محترم ذوالفقار علي ڀٽو، ايوب خان جي وزارت ۾ شامل ٿيو. اي ڪي بروهي ۽ علي محمد شاھہ راشدي بہ ايوب خان جي گهڻ گهرن ۾ هئا.

خاڪ شوري

مان ان وقت پنھنجي خاڪ شوريءَ ۾ مصروف هيس، ان وقت جي رسالن ۾ شيخ اياز، عبدالرزاق راز، شمشيرالحيدري، تنوير عباسي، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل ۽ جمال ابڙو، رشيد ڀٽي، علي احمد بروهي، سراج ۽ رباني وارن جا افسانا ۽ شاعري شايع ٿيندي هئي ۽ اسان جو ذهن ٺھندو هو.
مان نيٺ هڪ ٻي ڪوارٽر ۾ رهڻ لڳس. اهو عنايت شيخ جيڪو اسان کان سينيئر بہ هو ان جو هو. هن اسان کي هڪڙي شرط تي رهڻ ڏنو تہ نماز باجماعت مسجد ۾ پابندي سان پڙهڻي پوندي. اها تمام سٺي ڳالھہ هئي پر عنايت جو هر هفتي نئون حڪم نامو جاري ٿيندو هو. شروع ۾ تہ سڀ ٺيڪ هو، نيٺ اهو حڪم ٿيو تہ هر نماز ۾ چار رڪعتون اضافي پڙهيون وڃن. اهي چار رڪعتون هيون جيڪي اسان کان نماز نہ پڙهڻ ڪري قضا ٿيون هيون. وري مھيني ۾ ٻيو آرڊر ٿيو تہ چار ٻيون رڪعتون پڙهون، جيڪي آئندہ اسان کان قضا ٿينديون، يني سڄو ڏهاڙو اسان مسجد شريف جي حوالي ٿي وياسين.
هاڻي عنايت وٽ اسان کي بورچيءَ جي سھولت هئي، اسان چار ڄڻا هئاسين سو خرچ ورهائجي ويندو هو، پر نماز واري معاملي اسان کي منجهائي وڌو هو، وري حڪم ٿيو تہ فجر جي نماز کان اڳ غسل ڪرڻ لازمي هو، هاڻي سياري ۾ ٿڌو پاڻي ڪير گرم ڪري! بھرحال مان وري ان ڀڳل ڪوارٽر ۾ واپس هليو آيس. فتح محمد، عبدالغني ۽ محمد يعقوب شيخ تي مشتمل خاندان گڏجي رهڻ لڳاسين. نماز جيڪا خدا فرمائي آهي اها پابندي سان پڙهندا هئاسين، فقط بورچيءَ جو مسئلو منجهيل هو، اهو بہ هڪڙي دوست حل ڪري ورتو، يعني مسجد جو پيش امام جنھن کي بيراج ڪالوني مان ڪافي ماني ملندي هئي، ان مان ڪجهہ اسان کي معمولي پئسن عيوض ڏيندو هو، باقي هڪڙي هوٽل تي وڪڻي ڇڏيندو هو.
هڪڙي دفعي مولوي صاحب بہ ناراض ٿيو ۽ ماني بند ڪري ڇڏيائين. فتح محمد ۽ مان نڪري پياسين. ڪجهہ پئسن جي بندوبست لاءِ مھيني جي آخري تاريخ ننڍن ملازمن لاءِ مصيبت ٿيندي آهي، سو سارو ڏهاڙو ڪنھن ڪجهہ نہ کاڌو، نيٺ فتح محمد ڪنھن دوست کان پنج روپيا وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ جيئن تہ هن گهر جو سربراھہ مان هيس سو فتح محمد اهي پنج روپيا منھنجي حوالي ڪيا، جمعي جو ڏينھن هو پيراڊائيز سينيما ڀرسان ٿي لنگهياسين، اتي ٽين وڳي وارو شو هو، ”سنگ دل“ فلم جنھن ۾ مڌوبالا ۽ دليپ ڪمار ڪم ڪيو هو، اهي ٻئي ايڪٽر منھنجي ڪمزوري هئا، سو فتح محمد جي احتجاج باوجود مون ڊوڙي وڃي ٻہ ٽڪيٽون فلم جون ورتيون جيڪي ساڍن چئن روپين جون ٿيون، باقي ٻہ ڪوپ چانھہ جا ۽ ٻہ بسڪيٽ کائي پئسا کپائي ڇڏياسين.
فلم ڏسي ٻاهر نڪتاسين تہ شھباز علي شاھہ هٿ ۾ سائيڪل لڙڪايون اسان کي ڳوليندو اچي پھتو. اسان کي هن منير هوٽل تي ماني کارائي ۽ ٻين دوستن لاءِ ماني وٺي وڃي ڪوارٽر تي پھتاسين، ڳالھہ آئي وئي ٿي وئي.
پنو عاقل اچڻ جي ڪري اتي ڪجهہ ادبي حلقو ٺھڻ لڳو، جنھن ۾ ننڍا وڏا مشاعرا بہ ڪيا ويا. مون قومي شاعري شروع ڪري ڏني هئي. ڪجهہ اسٽيج ڊراما بہ ڪيا ويا جو مون کي خيرپور مان ٽريننگ مليل هئي هينئر وري ٻيھر منھنجي ڪوئيٽا ڊيوٽي لڳي. ڪوئيٽا ان وقت انتھائي صاف شھر هو، آدمشماري گهٽ هئي. هڙڪ هڪ ننڍي علائقي جو نالو آهي ٻيو حناليڪ. هڙڪ ۾ قدرتي چشمو آهي جنھن جو پاڻي ان وقت سڄي ڪوئيٽا شھر کي ڏنو ويندو هو، بلڪل صاف پاڻي هو، باقي حنا هڪ ڍنڍ آهي، جنھن ۾ بارش جو گڏ ڪيل پاڻي آهي. هينئر هڙڪ جو پاڻي ڇانوڻي کي ڏنو ٿو وڃي ۽ حنا جو پاڻي شھر کي ٿو ملي. ان زماني ۾ ڪوئيٽا جي موسم گرمين ۾ اسان لاءِ سوڙجي سيءَ واري هئي. هينئر تہ پکا بہ هلن ٿا ۽ اي سي بہ هلن ٿا.
اسان کي هزارہ قوم جي هڪ خاندان پنھنجي گهر ۾ هڪ ڪمرو ڏنو هو، اسان کان پردو وغيرہ بہ ڪونہ ڪندا هئا ۽ لالا عبدالرحيم ان گهر جي مالڪ جو نالو هو، کيس چار جوان نياڻيون، هڪ پٽ ۽ گهرواري هئا، جو پاڻ هڪڙي تنبو ۾ جيڪو هنن گهر جي اڱڻ ۾ هنيو هو، ۾ رهندا هئا، ۽ اسان ڪمري ۾. اسان جي گهر جي ڀرسان لالا عبدالرحيم هڪ پلاٽ جنھن ۾ فقط گل پوکيل هوندا هئا، رکيو اهو پلاٽ اسان جي ڀيڻيوي کي لالا عبدالرحيم تمام ٿوري رقم ۾ وٺي ڏنو، مڪمل جڳھہ ٺاهڻ تائين لالا جون ڌيئر، پٽ، پاڻ ۽ مون ڏينھن رات مزدوري بنا اجرت جي ڪئي ۽ گهر ٺھي ويو. اصل گهر ۾ هڪ کُھي هئي. جنھن جي گھرائي تقريبن 60 فوٽ هئي، ان مان پاڻي ڪڍڻ مسئلو هو، بھرحال منھن ڏنوسين.
سيارو اچڻ وارو هو ۽ مون اتان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪرايو ڪير ڪونہ پيو ڏئي. مون خدا کان دعا گهري تہ منھنجي جان ڇڏاءِ . هڪڙي ڏينھن منجهند جو لالا جون ڌيئرون مون کي ڪنڌ کان گھلي ان خالي جڳھہ ۾ وٺي ويون. جتي گل پوکيل هئا حڪم ڪيائون تہ مان ڪئميرا جيڪا منھنجي ڪانہ هئي پر ڪمري جي ڀت تي لڙڪي پئي. تنھن سان سندن ۽ انھن جي ٻين هزارہ جي ڇوڪرين جي ڦوٽوگرافي ڪيان، اهو ڪم نھايت خطرناڪ هو، ان وقت ڳالھيون ڏاڍيون ڏکيون هيون پر ڇا ڪيان، مون کي ڪرائي جي سخت ضرورت هئي، سو کانئن ڪئميرا جي رول وٺڻ لاءِ پئسا ورتم ۽ ڪجهہ وقت کان پوءِ مان وري ڪئميرا سميت جنھن ۾ رول وغيرہ ڪجهہ ڪونہ هيو، اچي پھتس. سچ پچ تہ مون کي ڇوڪريون نظر ئي ڪونہ ٿي آيون. مون کي سڀ گل ئي لڳا. خدا انھن کي مڪمل حسن سان نوازيو هو، هڪ تہ اڻ ڄاتل خوف، ٻيو هنن جي سونھن جي دهشت منھنجا هوش خطا ڪري ڇڏيا هئا. بھرحال مان ڦوٽوگرافيءَ جو بھانو ڪري ڪجهہ ڪرتب ڪري ڀاڙو ڪري ڳوٺ ڀڄي آيس ۽ وري ڪونہ ويس. اتي هڪڙو ٻيو واقعو بہ ٿيو، هڪڙي مائي، ڀائي ۽ هڪ ٻارڙو جيڪي پڻ هزارہ قوم جا هئا، لالا عبدالرحيم وٽ افغانستان مان اچي رهيا. کين هڪ بہ ننڍڙي ڪوٺي ڏنائين، خبر ناهي ڪھڙي مصيبت جا ماريل هئا، جو مائي گهڻو ڪري اڪيلائي ۾ روئندي هئي ۽ افغانستان واپس وڃڻ لاءِ ليلائيندي هئي. مڙس جبل تان ڪاٺيون ڪري وڪرو ڪندو هو. نان ۽ چانھن تي گذارو ڪندا هئا. مون ان مائي کي بشارت ڏني تہ هو ٽن مھينن اندر افعانستان واپس ويندي، ان خوشيءَ ۾ هن جو مڙس ان موتمار کھيءَ مان پاڻي ڀري ڏيندو هو ۽ جيترو وقت مان اتي هيس تہ مائي هڪ زبردست نان پچائي ڏيندي هئي.
مان تہ ڀڄي آيس پر پوءِ معلوم ٿيو تہ منھنجي ڪرامت ڪم ڪيو ۽ هو ٻئي افغانستان هليا ويا.
وطن کي واجهائيندي لالا عبدالرحيم جي گهر ۾ هزارہ قوم جي مائي مون کي لطيف جي مارئي لڳندي هئي. سندس اڪير تہ اهڙي هئي ان جي مڙس جو قد ستن فوٽن کان مٿي هوندو، گهٽ نہ هوندو، اسان ان جو نالو ٽارزن رکيو هو، هو فارسي ڳالھائيندا هئا ۽ فارسي سمجهندا هئا لفظ ”وطن“ اچارڻ سان مائي جا ڳل ڳوڙهن سان تر ٿي ويندا هئا. وطن جيڪو پھاڙن جي پريان افغانستان ۾ الائي ڪٿي هوندو. ڪيئن هوندو، مون کي ڄاڻ ڪانہ هئي. پر سندس آلاپ ۽ آهون ان هيڏي غم جي نشاندهي ڪري ويندا هئا تہ وطن جي اڪير هڪ انسان کي ڪھڙا وڍ ٿي وجهي، مائي ڏاڍي نفيس ۽ حسين هئي.
هو هزارن جون ڇوڪريون جن مون کان فوٽو ڪڍرايا، اهي بہ افغان انار کان گهٽ ڪونہ هيون، سندن سونھري وار، هيرن جي جڙاءَ جھڙيون اکيون ڪي سنيھا سلينديون هيون. سندن ڇوڪرا رولو، اڻ پڙهيل ۽ غريب هوندا هئا. انھن وٽ ڇوڪرين جي قيمت ڪانہ هوندي هئي، ان ڪري اهي ڇوڪريون دريءَ تي سجايل گلدانن وانگي ڪنھن جي اچڻ جو انتظار ڪنديون هيون ۽ ٽارزن جي زال کي پھاڙن جي پويان سندس وطن وڃڻ جو انتظار هوندو هو، هي شيعا فرقي جا مسلمان هئا، نماز ۽ روزي جا پابند، نھايت نفيس ۽ آهستي فارسيءَ ۾ ڳالھائڻ هوندو هين، گهر صاف ۽ سينگاريل رکندا هئا.
”وطن“ جو جن وٽ احساس ۽ قدر آهي، اهي فرد ۽ قومون سدائين عزت ۽ غيرت سان گذاريندا آهن، انھن لاءِ مٽي، ماءُ ۽ زبان، ڪلچر، سيني تي سجايل چولي ۽ کنڀي جيان ساھہ ۾ سانڊيل هوندي آهي، بي وطن، بي قدرا ڌرتيءَ کي پنھنجي مفادن تي قربان ڪري سگهن ٿا، پنھنجي غرضن جا محتاج انسان وطن فروش اڄ بہ اسان جي سامھون آهن.
هڪڙن وٽ وطن هو پر آزادي ڪانہ هين، جڏهن آزادي ملين تہ وطن ڇڏائجي وين. اها آزادي ڪھڙي ڪم جي، جنھن جي بدلي ۾ وطن هٿان هليو وڃي يا اهو وطن ڪھڙو جنھن ۾ آزادي نہ هجي.
چون ٿا تہ 1951ع ڌاري هندستان جو وزيراعظم جواهر لعل نھرو پاڪستان آيو هو، کيس جيڪو لباس پھريل هو، اهو هو چولو، پائجامو، واسڪٽ ۽ گانڌي ٽوپي. اسان جي قيادت ولائتي فل سوٽن ۾ هئي. پاڪستان قيادت نھرو جي استقبال لاءِ انگريزيءَ ۾ تقريرون ڪيون ۽ جواهر لعل نھايت ئي لکنوي اردو ۾ تقرير ڪندي چيو تہ : ”اوهان جو لباس ۽ انگريزي ٻڌي مون کي شرم اچي رهيو آهي“. وغيرہ وغيرہ.
مون کي اڄ ان فقير ۽ بادشاھہ جو قصو ياد اچي رهيو آهي، جنھن ۾ بادشاھہ فقير کي خيرات ۾ پنھنجي سموري بادشاهي بخشي ڇڏي هئي، پاڙي واري بادشاھہ کي جڏهن خبر پئي تہ اصل بادشاھہ پنھنجو ملڪ فقير حوالي ڪري پاڻ روپوش ٿي ويو آهي. سو فقير جي ملڪ تي فوج ڪشي ڪندي چڙهائي ڪئي. جڏهن فقير کي ٻڌايو ويو تہ غنيم ان چؤسول تي قبضو ڪري ورتو آهي، جنھن تي فقير گداگري ڪندو هو تہ فقير هڪڙي حلوي جي ديڳ ٺھرائي ڪجهہ حلوو کاڌو ۽ ڪجهہ کنيو ۽ ويو ان چؤسول تي غنيم بادشاھہ کي چيائين تہ ”سائين اسان ويا هئاسين حلوو کائڻ، توهان ڄاڻو ۽ بادشاھہ ڄاڻي، اسان جو چؤسول خالي ڪريو.“ سو هي بہ آيا هئا حلوو کائڻ.
سنڌ پاڪستان ٺھڻ وقت ۽ ون يونٽ ٺھڻ کان اڳ صوبو هئي، هينئر بہ صوبو آهي. ڀارت ۾ ڪانگريس زمينداري ختم ڪري آئين ٺاهيو ۽ ملڪ هلايو، هت ائين ڪونہ ٿيو.
ايوب خان اچڻ سان جاگيرداري ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو پر جاگيردارن ۽ زميندارن پنھنجن ڀائٽين، ڀاڻيجن ۽ انھن جي ڌيئن ۽ ڀيڻن جي نالي کاتا بدلايا ۽ زمينون بچائي وڃي. ايوب خان جي قدمن تي ڪريا ۽ نياڻين کي قرآن سان شادي ڪرائي ڇڏيائون.
سنڌي وڏيرن سمجهيو هو تہ سندن ملڪيتون جيڪي هندن وٽ گروي هيون نہ فقط آزاد ٿي وينديون پر هندن جا ڇڏيل شيشن محل ۽ روپ محل بہ کين ملندا.
ون يونٽ جي حمايت ڪري سنڌ جي لڄ جي لتاڙ بہ پاڻ ڪيائون ۽ ٻين کان بہ ڪرايائون، انھن کي ڪھڙي خبر تہ وطن ڇا ٿيندو آهي، اهو تہ هزارڻ مائي کان پڇجي، جيڪا وطن لاءِ سدائين ويٺي ڳرندي هئي.
گڊو بئراج 1961ع ۾ ٺھي راس ٿي، جھڙي ريت سکر بئراج بہ سنڌ جي ماڻھن جي ڍلن سان ٺھي، اهڙي ريت گڊو بئراج بہ سنڌ جي پئسي مان ٺھي.
1889ع ۾ سنڌ جي غريبن جون زمينون ڍل نہ ڏئي سگهڻ جي ڏوھہ ۾ ضبط ڪيون ويون هيون، انھن تي ٻيلا آباد ڪيا ويا هئا، اهو قانون هو تہ انھن زمينن جي مالڪن کي جڏهن سرڪار پاڻي ميسر ڪري ڏيندي تہ اهي زمينون آزاد ڪرائي سگهبيون، تيستائين انھن تي رهڻ، مال چارڻ ۽ ٻارڻ جي ڪاٺي استعمال جو حق محفوظ رهندو. گڊو بئراج ٺھڻ کان پوءِ اهي زمينون آزاد ٿيڻ کپنديون هيون پر اهي زمينون جيڪي اٽڪل ٻہ لک ايڪڙ کن هونديون. منگلا ۽ تربيلا جي ماڻھن ۽ فوجين ۾ ورهايون ويون، انھيءَ سڄي روئيداد ۾ جيڪو اثر سنڌ جي ترقي پسند اديبن تي پيو، اهو اڳتي هلي تحريڪ جو روپ اختيار ڪرڻ لاءِ ڪر موڙڻ لڳو. انھن هيڏين سارين بي انصافين خلاف جيڪڏهن آواز اٿارڻ جا جن سانباها ڪيا تہ اهي باضمير اديب ئي هئا. سياستدانن ۾ سائين جي ايم سيد ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سندرا تيار پيا ڪن. اديبن سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم کي 1956ع ڌاري ٺيڪ ٺاڪ ڪري پنھنجون صفون درست ڪرڻ شروع ڪيون. بقا جي جنگ وڙهڻ لاءِ ”سنڌ وطن جي سوداگر تي لعنت لک هزار“ جھڙا شعر لکڻ شروع ٿي ويا. اديبن، شاعرن، ليکڪن پنھنجي مادري زبان مان غير ضروري ۽ غير مروج عربي ۽ فارسي لفظ ۽ محاورا ڪڍي ڦٽا ڪيا، ”آشيان آستان“ نان جوين، نرگس ۽ لالا جي جاءِ تي پيرون، سنڱر، ٻٻرن ۽ سرنھن جي گلن جي ڳالھہ ڪرڻ لڳا. پنھنجي سرزمين تي هر حملي آور کي شاھہ، شجاع، شاھہ بيگ، ارغونن ۽ ترخانن ۽ نادر شاهي سمجهندي انھن جي سامھون ڏاهر، ڀاڳي، بختاور، دولھہ، هوشو ۽ هيمون آندائون.

اعلي تعليم ۽ نوڪري لاءِ جاکوڙ

مون 1961ع ۾ بي اي جو امتحان پاس ڪيو ۽ وڌيڪ پڙهڻ جي آس ۾ حيدرآباد هليو آيس، ڀاءُ اڳ ئي گهر جو خرچ پيو ڏئي ۽ منھنجي ننڍي ڀاءَ عبدالجبار کي ايگريڪلچر ڪاليج ٽنڊي ڄام ۾ داخل ڪرايائين. وري سندس سالو جيڪو پوءِ وائيس چانسلر ٿيو ان جو بار بہ کڻڻ جي سانباهن ۾ هو تہ اچي مان بہ ڪڙڪيس.
ادي پھريائين تہ پنھنجي مجبوري ظاهر ڪئي تہ مون کي پڙهائيءَ جو خرچ نہ ٿو ڏئي سگهي، پوءِ آخر ۾ چيائين ايل ايل بي ۾ داخلا وٺ، ان وقت قانون جي پڙهائي ڏاڍي سخت هئي، جنھن کان مان ڀڄان پيو، مون ايم اي ۾ داخلا جي گذارش ڪئي پر هن چيو تہ وڌ ۾ وڌ هو مون کي هڪ سؤ رپيا مھينو ڏئي سگهندو، جنھن مان ايم اي پڙهڻ مشڪل هو.
فتح محمد ڀٽو جيڪو منھنجو پراڻو يار هو، سو بہ حيدرآباد ۾ لينڊ رڪاڊس ۽ سروي ۾ تپيدار ٿيو هو، کيس پگهارون سال يا ٻن کان پوءِ ملنديون هيون، تيستائين قرض ۽ ٻاڙائن تي گذاريندو هو، ان پنھنجي رهائشگاھہ منھنجي حوالي ڪئي، اها جڳھہ نہ چئجي پر ٽنڊي ولي محمد واري محلي ۾ هڪڙي ڪاٺ جي مڏي جي مٿان ٻن ڪاٺ جي تختن سان جڙيل ڪچي ڇت وارا ڪمرا هئا. هڪ بغير ڇت جي غسل خانو جنھن ۾ هڪ پراڻو مٽيءَ جو مٽ جيڪو ڀري ويندو هو، رکيل هو ۽ هڪ عوامي پائخانو هو، هڪ کٽ جيترو اڱڻ، ڏاڪڻ هر ايندي ويندي لاءِ چوويھہ ڪلاڪ کليل هوندي هئي. ان ۾ اسان ٽي ڄڻا هئاسين. ڪوفتو کائڻ جي دير هوندي هئي، پيٽ جو سور ۽ پيچش جو مرض شروع ٿي ويندو هو. ڇا ڪجي! هڪ ڪوفتو چار آنا، ٻہ مانيون چار آنا هيون. اهو هوٽل بہ فتح محمد جي دريافت هئي.
ڄام ساقي بہ ان دوران اچي مون وٽ ان جڳھہ ۾ رهيو، رات جو گهگهہ اونداهي جي ڪري ڇت کليل ۽ بغير ڪنھن پناھہ جي هئي، چڙهي وڃي سمھندا هئاسين. فتح محمد ۽ سندس ٻيو ساٿي پيارو خان ڪمري ۾ رهيا. باقي اسان وي آءِ پي ڇت تي وڃي ستاسون. ﷲ ﷲ ڪري رات گذاري سون. ڄام مون وٽ ٿر جي سوکڙي ڇانھان کڻي آيو هو، ڄام جمال رند جي دريافت هو ۽ ان جا سلام کڻي آيو هو.
مون ايل ايل بي کان بچڻ خاطر نوڪري جي ڳولا شروع ڪري ڏني، آخر ۾ ڪنھن دوست جي معرفت لاهور ۾ هڪڙي کاتي ۾ يارهين گريڊ جي نوڪري ملي وئي. رفيق شاھہ موسوي جيڪو اصل ۾ پراڻي سکر جي موسوي خاندان جو سيد زادو هو، اهو بہ اتي دوست ٿي ويو. ان کي بہ ساڳي نوڪري ملي وئي ۽ اهو انٽرويو حيدرآباد ۾ ٿيو ۽ آرڊر بہ اتي مليو.
ڀاءُ لاهور وڃڻ لاءِ ٻہ سؤ رپيا ڏنا ۽ ڏاڍو خوش ٿيو. مان ۽ رفيق شاھہ لاهور ۾ سائين جواد حسين شاھہ موسوي وٽ جيڪو اتي فنانس ۾ آفيسر هو، اچي رهياسون. سائين چوبرجي، پونچ هائوس جي اسٽاف ڪالوني ۾ رهندو هو.
سائين صبح جو نماز کان پوءِ ڪلام پاڪ ۽ لطيف جي رسالي جو باقاعدگيءَ سان دور ڪندو هو، اصولن جو پابند هو، مانيءَ جي وقت تي نہ پھتاسين تہ بورچيخانو بند.
سائين اسان کي اچرج مان ڏٺو ۽ معنى خيز مرڪ سان چيائين ”بابا هي توهان کي نوڪري ڪرڻ ڪونہ ڏيندا، سٺو اٿو تہ لاهور گهمي گهر هليا وڃو“ ٿيو بہ اهو ٻن ڏينھن کان پوءِ اسان کي اهو چئي ڪڍيو ويو تہ ”آرڊر صحيح ڪونہ ٿيا آهن، اوهان کي ٻيھر گهرائينداسون.“
اسان بي آبرو ٿي انارڪلي، بانو بازار ۽ ٻيون بازارون گهمي ورتيون، سنڌي فلم ايڪٽر ساقيءَ سان ملياسين مسرت نذير جي گهر ۾ لوڻ واري چانھہ پيتي سين، ايس گل سان ملي مفت جون فلمون ڏٺيون سين. Ben Hur فلم اسان اتي ڏٺي، گهمي ڦري حيدرآباد واپس آياسين.
مون مجبورن ڀاءُ جو چيو مڃيندي حيدرآباد لا ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ اتي رهڻ لڳس، سکر ۾ بہ لا ڪاليج هو ۽ ان وقت پرنسيپال مظھر علي شاھہ ايڊميشن ڪانہ ڏني. جو مون کي ان وقت پينٽ شرٽ پھريل ڪونہ هئي، هئي ڪانہ تہ پھريان وري ڪٿان ها؟
منير علوي، منھنجي دوست اقبال علوي جو مائٽ مون وٽ آيو ۽ مون کي عبداللطيف چنو جيڪو فردوس هوٽل مٿان خانگي هاسٽل ۾ رهندو هو ان سان گڏ رهڻ لاءِ چيائين، عبداللطيف چنو شڪارپور جي هڪڙي پوسٽ ماسٽر جو فرزند هو، ان کي بہ وڌيڪ علم پرائڻ جو شوق هت آندو هو. ايم اي ايڪانامڪس جي داخلا لاءِ ابڙو صاحب سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر جي مدد سان بغير في ڀرڻ جي داخلا ورتي هئائين. هاڪي جو رانديگر هو، ان ڪري في بہ معاف ٿي ويس، ڪتاب لائبريري جا پڙهندو هو، ڪمري جو ڪرايو ويھہ رپيا هو، ٻئي اڌو اڌ ڪندا هئاسين، مان اتي شفٽ ٿي آيس.
ماني مولى تي هئي، يعني گرومندر واري سنڌي پرائمري استادن واري هاسٽل ۾ عبداللطيف ڪڏهن پنھنجو ڪڏهن منھنجو نالو لکرائي ايندو هو، اتي ماني گهڻي ملندي هئي. هڪ سبزي يا دال چانور جن ۾ چانور گهٽ پٿر گهڻا ۽ واريءَ سان ڀريل اٽي واريون جام مانيون. ٿورن پئسن ۾ ملنديون هيون. جيل جي ماني مان سمجهان ٿو هن ماني کان بھتر هوندي، ويچارا غريب استاد اها ماني کائيندا هئا. اسان ٻئي ڄڻا بہ کائيندا هئاسين. اها فردوس هاسٽل قلعي جي ڀرسان هئي ۽ هڪڙي ميمڻ صاحب جي هئي، جنھن کي جوا کيڏڻ جو ڏاڍو شوق هو، اهو پوءِ وڪيل ۽ هينئر سيشن جج جي پوزيشن ۾ رٽائر ٿيو آهي.
سٺي ماني ڪڏهن رفيق شاھہ موسوي وٽ ملندي هئي، جيڪو گاڏي کاتي ۾ رهندو هو، سندس محلي ۾ مسٽر حامد علي مرزا جيڪو ان وقت وڪيل بہ هو، رهندو هو، اهو بہ ماني گهران کڻي ايندو هو ۽ گڏجي کائيندا هئاسين تہ منھنجي حامد مرزا ڏانھن هڪ زبردست ميار رهيل آهي ٿيو هينئن تہ حامد مرزا پنھنجي شاديءَ جو سڏ مون کي بہ ڏنو، مان ڏاڍو خوش ٿيس تہ هڪ دوست جي شادي ٻيو شادي جي سٺي ماني ملندي ۽ هڪ ڏينھن ميس مان جان ڇٽندي پر حامد هڪ شربت جو گلاس ۽ ٻہ لڏون کارايا، مانيءَ جو نانءُ نشان ڪونہ هجي. چي بابا! ايوب خان خان شادي ۾ ماني کارائڻ تي بندش وجهي ڇڏي آهي اهو سارو ڏهاڙو بکيو رهڻو پيو، فردوس هاسٽل ۾ مون سان ڪجهہ وقت لاءِ لالا عبدالرحيم، جيڪو هينئر ڊاڪٽر عبدالرحيم آهي ۽ وائيس چانسلر رهيو آهي.“ رهيو هن بي ايس سي ۾ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي هئي. عبدالرحيم جي عبداللطيف سان نہ لڳندي هئي ۽ هو هن کي تنگ ڪندو رهندو هو، عبداللطيف ڪٿان اڌاري بالٽي آڻي ان ۾ گرم ڪرڻ واري راڊ ڪنھن کان وٺي وجهندو تہ عبدالرحيم مين سوئچ بجلي جو بند ڪري ايندو هو ۽ لطيف کي ٿڌي پاڻي سان تڙ ڪرڻو پوندو، آخر هڪ ڏينھن اهو مالڪ مڪان ميمڻ ۽ ڪجهہ ٻيا همراھہ جوئا ۾ شرط رکي ويٺا تہ جيڪو هارائيندو اهو سڀني کي فلم ڏيکاريندو ان وقت واحد تفريح سئنيما هئي، سو لطيف جو عبدالرحيم چشمو گم ڪري ڇڏيو، سڀ فلم ڏسڻ ويا، لطيف چشمي کان سواءِ فلم ڏسڻ کان رهجي ويو، وڏو گند ٿيو ۽ فيصلو بہ عبداللطيف جي خلاف ٿيو ۽ کيس ڏنڊ ۾ موڪل واري ڏينھن اسان کي ٿاڌل (ڀنگ) پيارڻي پئي، سا بہ لطيف وٺي آيو ۽ ڏنڊو ڪونڊو ۽ گهوٽڻ لاءِ موالي بہ وٺي آيو ۽ پاڻ گم ٿي ويو ٿاڌل پيئندا وياسين اچي الٽيون ۽ پوءِ دست شروع ٿي ويا لطيف ٿاڌل ۾ جمال گهوٽو وجهي آيو هو، عبدالرحيم ۽ مان ٽي چار ڏينھن خراب حالت ۾ هئاسين ۽ مري مري بچياسين، مواليءَ جي حال جي خبر ڪانہ آهي.
عبدالرحيم هيءُ هاسٽل ڇڏي ڄامشورو واري نئين هاسٽل هليو ويو ۽ مان ڀرسان گڊس ناڪي وٽ ٻي هاسٽل ۾ اچي رهيس ان ۾ هئا ئي ڪل اٺ ڪمرا. هڪ ۾ مان ۽ لطيف، هڪ ۾ انور کوکر، جيڪو هينئر رٽائرڊ آفيسر آهي. هڪ ۾ الھہ بچايو لغاري، جيڪو بعد ۾ چيف منسٽر جو پرائيويٽ سيڪريٽري ٿيو ۽ هڪڙي ڪمري ۾ غلام اڪبر مھر رهندو هو، باقي هڪ ڪمري ۾ ڪو ٻيو همراھہ هو، جنھن جو نالو ياد نہ ٿو اچي.
مان لا ڪاليج ۾ گهٽ، يونيورسٽي جيڪا ان وقت شھر ۾ هئي، ان ۾ وڌيڪ گذاريندو هيس، اتي جمال رند، ابراهيم شاھہ حميد سنڌي، غياث جوڻيجو ۽ ٻيا ڪافي دوست گڏ ٿي علم، ادب ۽ ون يونٽ جي باري ۾ آهستي آهستي ڳالھائيندا هئاسين.
جمال رند مون کي مرحوم محمد عمر ميمڻ جيڪو ان وقت پروفيسر هو، سان ملايو اتي محمد حسن ڀٽو بہ ايندو هو، هن هڪ پمفليٽ لکيو، جنھن جو نالو ”سجاڳي سلسلو“ رکيو ويو، ان جي ڇپائڻ جي خرچ جو ذمو جمال رند کنيو، جيڪو ان وقت پبلڪ اسڪول ۾ استاد هو، اهو فيصلو ٿيو تہ جمال پنھنجي پگهار ڏيندو پوءِ آهستي آهستي اها پمفليٽ وڪڻي جمال کي پيسا ڏبا مسئلو هي هو تہ هيڏين بندشن ۾ اهو پمفليٽ ڇپيندي ڪھڙي پريس ۽ ورهائيندو ڪير؟ آخر ڇپرائڻ جو ذمو سليم خواجہ ڪراچي مان کنيو، باقي ورهائڻ لاءِ ڪافي دوستن هام ڀري.

زندگيءَ جا رنگ

اسان ڇھہ ڀائر آهيون. وڏو عبدالستار جيڪو پاڪستان ٺھڻ جي تحريڪن ۾ مسلم ليگ جي نعرن هڻڻ وارن کان وٺي نيشنل گارڊ تائين ڏاڍو مصروف رهيو، ان حب الوطني جي جذبي ۽ پاڪستان جي جوش ۽ شوق ۾ تعليم کي وڏو نقصان رسيس. تنھن هوندي بہ آرٽ ڊزائيننگ جو ميدان ماري وڌائين. سرڪاري طور ڊزائنگ ٽيچر بہ مقرر ٿيو، نھايت نفيس ۽ وضعدار ۽ سخت اصولي طبيعت جو مالڪ آهي گهر کان اسڪول پھچي سڌو ڊرائنگ هال ۾ وڃبو، هيڊماستر گهڻو ڪري تہ پاڻ وٽس ڪھي ويندو نہ تہ خير. ڪڏهن ڪڏهن انگريزيءَ جو ڪلاس وٺبو، اکر تمام سٺا ۽ صاف اٿس. انگريزي ڏاڍي اعلى، ڳالھائبو گهٽ، بھترين پينٽنگس ۽ پورٽريٽس ٺاهيائين. شاھہ عباللطيف ڀٽائي جي سرن ۽ سورمين جا پورٽريٽ پھريائين ادا ٺاهيا، جيڪي نئين زندگي رسالي ۾ شايع ٿيا ۽ جڳ مشھور ٿيا. هڪڙي رسالي جي پھرئين شماري جي ٽائيٽل ۽ اڳين صفحي تي مارئي سنڌ جي نقشي جي صورت ۾ ويھاري ڏيکاريائين. علي اڪبر سندس ساٿي يا شاگرد آهي.
”ڀلي بک ڀرم جي، شل نہ وڃي شان“ جو قائل پنھنجي صلاحيتن کي وڪرو نہ ڪيائين. مفت ۾ اسڪولن کي تصويرون ڏئي ڇڏيائين. ڪاظمي صاحب جي ميوزم لاءِ ڪجهہ تصويرون کانئس وٺي ويو هو، پوءِ هنيائين يا نہ سڄو شھر عزت ڪندو اٿس. سندس هڪڙو پٽ ثناءُ ﷲ منھنجو نياڻو آهي، ٻہ آمريڪا ۾ اٿس.
ٻيو عبدالغفار جيڪو انجنيئر ٿي رٽائرڊ ٿيو آهي، هي اسان جو ان داتا آهي. اڄ بہ انجنيئر کانئس صلاح مشورا وٺندا آهن. انگريزي ۽ ادب جي سٺي ڄاڻ اٿس. سندس اولاد بہ ٺيڪ ٺاڪ ۽ تعليم يافتہ آهي. هڪڙو هالينڊ مان سئٽلائيٽ سائنس ۾ پي ايڇ ڊي ڪري آيو، هتان جي يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن پگهارون بند ڪري ڪري نيٺ ڀڄائي ڪڍيس ۽ هن وقت ڪئناڊا ۾ آهي، انھن کي مفت ۾ هڪ تعليمي ماهر ۽ سائنسدان ملي ويو.
ٽيون ڊاڪٽر عبالجبار جيڪو مون کان عمر ۾ ننڍو آهي ۽ ٽنڊي ڄام جي يونيورسٽي مان ڊائريڪٽر آف ايڊوانس اسٽڊيز جي حيثيت سان رٽائرڊ ٿيو آهي. سٺو سائنسدان آهي پنھنجي شعبي ۾ ماهر آهي، سندس بہ ڪافي شاگرد آهن، جن کي هن ڊاڪٽريٽ ڪرائي آهي، هينئر ڪراچيءَ ۾ هڪ ننڍڙي فليٽ ۾ واندو ويٺو آهي. سندس اولاد بہ ٺيڪ ٺاڪ آهي.
ٻہ ننڍا ڀائر، بہ سٺي پوزيشن ۾ رٽائر ٿي گهرن ۾ ٿا موجون ڪن، باقي مان وڪالت ۾ پيو ٿو وڃان نالو ڪڍان، جتي وقت ڪٽجي نہ ٿو عمر گهٽجي نہ ٿي. فتح محمد ڀٽي واري وي آءِ پي هائوس ۾ بجلي ڪانہ هئي. جيئن تہ مون کي قانون پڙهڻو هو، ان ان ڪري ڀروارو ڪمرو فتح محمد منھنجي حوالي ڪيو، مان بازار مان هڪ ٽوئن جي تونئري وٺي آيس ۽ هڪ گاسليٽ تي ٻرڻ واري ٽيبل ليمپ، ڪمرو سجائي تونئري تي هنڌ وڇائي ويٺس. پڙهائي جي تياري ڪرڻ فتح محمد ان ڳالھہ جو ذمو کنيو تہ مون کي ڊسٽرب نہ ڪيو ويندو.
طوفان سان اوچتو اچي برسات ڪڙڪو ڪيو، سمورو سامان ان اڪيلي کٽ تي رکي ويھي رهياسين. ڪمري جي ڪاٺي وارن تختن جي وٿين مان سڄو برسات جو پاڻي اندر پيو اچي. قدرت کي مون واري تياري قبول ڪانہ پئي ۽ هر شيءِ پاڻي ۾ پسي وئي.
هاڻي اهو فيصلو ٿيو تہ مان ڪنھن هاسٽل وغيرہ ۾ شفٽ ٿيان ۽ پڙهائي ڪيان، پر جيئن تہ لا ڪاليجن کي هاسٽل هوندي ئي نہ آهي، ان ڪري ڪا پرائيويٽ هاسٽل ڳولڻ لڳاسين.
ان وچ ۾ اسان جي ڀاءُ منھنجي حوالي هڪ ٻيو ڪم ڪيو، اهو هو زمينداري جيڪا مان ڄاڻندو ئي ڪونہ هيس.
ٿرپارڪر جي ڊگهڙي تعلقي ۾ مير بندہ علي جي ڇڏيل زمين ايوب خان وارو لينڊ رفارمز وقت هارين ۾ ورهايل ڪجهہ زمين جيڪا اٽڪل ڏيڍ يا ٻہ سؤ کن ايڪڙ هئي. ادي مقاطعي تي ورتي هئي ۽ مون کي ان جي سنڀال لاءِ ڪجهہ وقت لاءِ جيستائين ڪو حيدرآباد ۾ مناسب رهڻ جو انتظام ٿئي، مقرر ڪيو ويو، ڊگهڙي شھر ۾ هڪ ٺاهوڪي جڳھہ ڪرائي تي ورتي سون، ميرن جا مشھور شيدي بورچي رکياسون. زمين تي ڪچا ڪمرا ۽ لانڍيون ٺاهيوسين ۽ مان وڃي اتي زمين تي رهيس.
هاري گهڻي ڀاڱي ڪولھي ۽ مسلمان خاصخيلي ذات جا هئا. هي علائقو نھايت امن پسند ماڻھن جو آهي، نہ ڪا شيءِ کائبي، نہ هنن کي ڪنھن شيءِ کي هٿ لائڻ ڏبو، بلڪل فضيلت وارا ماڻھو ڪولھي سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو آهن.
فقط هڪ معاملو هو تہ مسلمان هاري ويھي کٽ تي ۽ ڪولھي ويھي پٽ تي. ڪولھيءَ جي هٿ جي ڪابہ شيءِ ڪانہ کائبي. نہ هنن کي ڪنھن شيءِ کي هٿ لائڻ ڏبو، بلڪل اڇوت ڪري هلائبو. ڪولھين اسان جي آجياڻي جي لاءِ مسلمانن کان نئين ڇپري ٺھرائي. مسلمانن کان کٽ ۽ رلي وٺي وڃي ويھاريائون. مسلمانن کان چانھہ ٺھرائي ڪيٽلي چانھہ جي لٺ ۾ لڙڪائي کڻي آيا ۽ مسلمانڪو ڪوپ مسلمان رکيو. مون کي هيءَ سڄي ڳالھہ نہ پئي وڻي. مون ڏٺو ڪولھي مسلمانن کان وڌيڪ غريب، مظلوم ۽ هن سماج جا پيڙهيل هئا.
باقي ڪولھين جي عورتن تي سڀني جي بکي نظر پئي هئي. اتي ڇوت ڇات، نفرت وغيرہ ڪانہ هئي. هر ڏاڍائي مسلمان ڪولھين سان ٿا ڪن. ڪولھين جون لڄون لٽڻ، نہ فقط عياشي پر پُروقار شوق هو. هنن جي ٻارن جو اسڪول ۾ وڃڻ بند. هن پياري پاڪستان ۾ هيڏي ساري زيادتي هڪ بدنما داغ آهي. نہ روڊ نہ رستا، نہ بجلي نہ پاڻي، انتھائي ڊنل ڊنل هيسيل هيسيل، اکيون اندر پنھنجو پاڻ اچي زمين تي ويھي رهندا جيڪي چوندو اهو ڪندا.
اسان اتي هڪ دڪان سيڌي وغيرہ لاءِ ٺھرائي راوت ڪولھي جي حوالي ڪيو، هڪ لانڍي ٺھرائي ان ۾ ڪولھين جو مندر آباد ڪيو، ديوتائن لاءِ کير هجڻ بہ ضروري هو، سو ٻڪري وٺي ڏني سون، مون پنھنجي ماني پچائڻ لاءِ هڪ ڪولھيءَ کي بورچي ڪري رکيو، رات جو ڪولھين جي گهرن ۾ وڃي هنن جا يڪاتارن تي ڪيرتڻ ٻڌندو هيس. جن تي ڪولھڻيون ڏاڍو سٺو ڊانس ڪنديون هيون. مون فقط مذهب ڪونہ مٽايو، باقي گهڻي ڀاڱي ڪولھي ٿي ويو هيس. سڀني جي محنتن سان سموري زمين آباد ٿي وئي، جنھن ۾ ڪمند ۽ ڪپھہ مکيہ فصل پوکيا ويا ۽ وونئڻن جو هڪ فصل کنيوسين. باقي سڄي جھان ۾ ترجي زميندار ۾ هُوهوا ٿي وئي تہ ننڍو ملڪ صاحب يعني ”مان“ ڪنھن اڻ وڻندڙ ڳالھہ ۾ ڦاسي پيو آهيان. مسلمانن اوطاق تي اچڻ وڃڻ ڍرو ڪري ڇڏيو تہ هتي پليد پاڻي پيئڻو پوندو. بھرحال ڀاءَ منھنجي دليلن کي ٻڌو ۽ ڪجهہ تنبيھہ ڪجهہ حالات ۽ ماحول مطابق هلڻ لاءِ چئي هليو ويو. اسان سموري پونجي ان ئي زمين تي لڳائي ڪافي قرض بہ کنيوسين. ڪمند ٽنڊي محمد خان کنڊ جي ڪارخاني کي ڏيندا هئاسين ۽ ڦٽيون ڊگهڙي واري فيڪٽري کي.
انسان جي من ۾ هڪڙي خدا جي من ۾ ٻي هڪڙي ڏينھن اوچتو هوائون بند ٿي ويون ۽ گرمي ۽ گهٽ ٿيڻ لڳي. ڪلاڪ ٻن کان پوءِ اوڀر کان آسمان ڳاڙهو ٿيڻ لڳو ۽ هڪ خوفناڪ آواز آسمان مان اچڻ شروع ٿي ويو. ”ماڪڙ ڙي ماڪڙ“ سڀني هارين کان دانھون نڪري ويون. سڀ ويچارا پورهيت هندو توڙي مسلمان هن هيڏي وڏي قدر تي آفت کي بيوسي سان نھارڻ لڳا. ماڪڙ سج کي بہ ڍڪي ڇڏيو. بلڪل ڏينھن جي روشني ڪجهہ وقت لاءِ غائب ٿي وئي. نيٺ هي آفت اچي لٿي فصلن تي ٻہ ڏينھن ٻہ راتيون اتي ماڪڙ لٿل هئي. غريبن اوڇنگارون ڏئي پيا روئن، ڦٽيون تہ کائي وئي پر ڪمند کي بہ ڪافي نقصان رسيو.
اسان بہ لٽجي وياسين پر هنن غريبن کي قرض طور بہ ڪجهہ بہ نہ پيو ملي، ڇاڪاڻ جو فصل جو آسرو بہ ختم ٿي ويو. مون وٽ مڪئي جو مڻ ڏيڍ هو، جيڪو فقط هڪڙي ضرورتمند کي ڏئي ڇڏيم، غريبن پنھنجا ڇلا، منڊيون ۽ ڪجهہ ڳائو ماهيو ٿي وڪيو ۽ گذران پئي ڪيو اسان اتان ٽپڙ ويڙهي هليا آياسي.

مظلوم قومن جي جدوجھد

ايوب خان جي مارشل لا وارو دور گهٽ ۽ ٻوسٽ وارو دور هو، سنڌ بلوچستان سرحد (خيبرپختونخواھہ) ۽ بنگال جي وسيلن تي قبضا ڪيا ويا پريس تي بندشون تقرير ۽ تحرير تي پابنديون لڳل هيون. سواءِ حڪومت جي تعريف جي ٻيو ڪجهہ لکڻو هو، نہ چوڻو آهي نہ ڇپجڻو آهي، جنھن ڪجهہ لکيو اهو قابو، جنھن ڪڇيو اهو گرفتار ۽ اڻ ڄاتل مدي تائين جيل ۾ هليو ويندو، جنھن ڇا پيو اها پريس ضبط ڪئي ويندي، نہ شخصي آزادي نہ شھري آزادي هئي. عدالتون بيوس هيون، فقط ملٽري ڪورٽون لڳل هيون.
بلوچستان تي فوجي آپريشن ڪيو ويو ۽ سمورا سردار جن پنھنجي وسيلن کي آزاد ڪرڻ جي گهر ڪئي، ڪي ماريا ويا، ڪي گرفتار ڪيا ويا. نوروز خان جا پٽ ۽ پوٽا ڦاهيءَ چاڙهيا ويا. بنگال جيئن تہ اڪثريت ۾ هو پر ان کي بہ اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ کان لنوايو ويو.
ملڪ تي سول ۽ فوجي نوڪر شاهيءَ مڪمل قبضو ڪري ورتو، وڏيرا سڀ جي جوءِ ! ”کدڙي جو جهيڙو ماءُ ۽ ڀيڻ“ واري مثال وانگر اهي پنھنجن کي پيڙهين ۽ پيڙاهائن.
جيئن تہ سول ۽ فوج تي گهڻي ڀاڱي پنجاب جو قبضو آهي ان ڪري سڄي پاڪستان ۾ هر ڏاڍ ۽ ظلم ۾ پنجاب پيو نظر اچي، بندوق جيڪا فوجيءَ جي هٿ ۾ هئي، اها بہ ڄڻ پنجابي جي هٿ ۾ ٿي لڳي.
بنگال بلوچستان، سرحد (خيبر پختون خواھہ) ۽ سنڌ پنھنجا پنھنجا انقلابي ليڊر پيدا ڪيا. بنگال ۾ شروع ۾ فضل حق، مولانا ڀاشاني، خيبر پختونخواھہ ۾ خان عبدالغفار خان، بلوچستان ۾ مري، مينگل، بگٽي ۽ بزنجو، سنڌ ۾ ڪامريڊ حيدربخش، جي ايم سيد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري اڳڀرا هئا، پريس جي پابندي جي ڪري عوامي رابطا مشڪل هئا.
لياقت علي خان آئين آڻڻ ۾ رڪاوٽون وڌيون. هندستان کان گهڻي ڀاڱي جيڪي مھاجر آيا. انھن کي سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو، هندن جون ڇڏيل ملڪيتون بہ انھن کي مليون. اهڙا قانون پاس ڪيا ويا، جن جي ڪري ڪوبہ سنڌي هندن جي ملڪيت الاٽ نہ پيو ڪرائي سگهي.
1951ع ۾ لياقت علي خان کي قتل ڪيو ويو، ڪجهہ وقت خواجہ ناظم الدين جيڪو بنگالي هو ۽ پوءِ چوڌري غلام محمد گورنر جنرل پاڪستان مقرر ٿيو، بعد ۾ چوڌري محمد علي وزيراعظم پاڪستان ٿيو، جنھن ون يونٽ جو منصوبو ٺاهيو. غلام محمد پاڪستان جي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي. سندس اهڙي قدم کي ان وقت جي اسپيڪر مولوي تميز الدين جيڪو بنگالي هو، سنڌ جي چيف ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو. سنڌ جي چيف ڪورٽ گورنر جنرل جي حڪم کي رد ڪري ڇڏيو. حڪومت طرفان سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي وئي. ان وقت چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس منير هو، جيڪو پنجابي هو ۽ ڪيس جي ٻڌڻي جي هڪ هڪ رپورٽ باقاعدگيءَ سان گورنر جنرل چوڌري غلام محمد کي پھچائيندو هو، جسٽس منير گورنر جنرل جي اسيمبلي ٽوڙڻ واري فيصلي کي اهو چئي حق بجانب قرار ڏنو تہ اهو فيصلو ”نظريہ ضرورت“ تحت ٿيو آهي، ان فيصلي ۽ فلسفي جي ڪري جيڪي بہ ملڪ تي فوجي حڪومتون آيون ۽ آئين کي ٽوڙيو ويو، انھن قدمن کي پاڪستان جي اعلى عدالتن جسٽس منير جي فيصلي کي بنياد بڻائي ”حلال“ قرار ڏنو، ان وقت حيدر بخش جتوئي هڪ پمفليٽ انگريزي ۾ لکي ڇپرائي ورهايو، جنھن جو عنوان هو: Injustice By Chief Justice اهو پمفليٽ جناب محمود علي قصوري وڃي جسٽس منير جي ٽيبل تي رکيو، جنھن پڙهيو تہ سھي پر ان تي ڪو قدم کڻڻ کان لنوائي ويو.
ورهاڱي کان اڳ گڏيل پنجاب وٽ پنج درياءَ هئا. ورهاڱي وقت ٻہ ڀاڱي ٽي پنجاب پاڪستان ۾ ۽ هڪ ڀاڱي ٽي هندستان هليو ويو. ٿيڻ اهو کپندو هو تہ ٽي درياھہ پاڪستان کي ۽ ٻہ هندستان کي ملڻ کپندا هئا پر نوڪر شاهي ۽ سندس حريفن ون يونٽ جو فائدو وٺي قبضو ڪري ورتو. سنڌو درياھہ جيڪو سنڌين جي زندھہ رهڻ جو واحد ذريعو هو اهو بہ کسجي ويو.
ان وقت ڪنھن سنڌي سياستدان ٻڙڪ بہ ڪانہ ڪڇي. سنڌي انجنيئرن ڪجهہ گوڙ ڪيو پر انھن کي بہ خاموش ڪيو ويو.
مرحوم شير محمد بلوچ جيڪو ان وقت آبپاشي کاتي ۾ بالا آفيسر هو، تنھن ”پاڻي منجهہ پساھہ“ نالي ڪتاب لکي ڇپرايو، جنھن ۾ ۾ لڱ ڪانڊاريندڙ حقيقتون بيان ڪيل آهن ۽ انگن اکرن کان علاوہ رڪارڊ جا اوتارا بہ ڏنا اٿائين.
انھيءَ ڪتاب تي بندش پيل آهي.
اسان جي سنڌي وزيرن مان هڪ مک همراھہ جيڪو بعد ۾ قدرتي وسيلن جو وزير ٿيو، ان تہ چشما لنڪ ڪئنال بہ کولي پنجاب جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ بعد ۾ سنڌ طاس معاهدو ڪري سنڌوندي تي بہ قبضو ڪيو ويو. جيئن جو ان وقت سنڌ صوبو ڪونہ هو ۽ فقط پاڪستان ۾ ٻہ صوبا هئا. هڪ مغربي ٻيو مشرقي. مشرقي جو تہ درياھہ ڪونہ ٿي ورهايو ويو، باقي سنڌوندي کسجي وئي، اهي زيادتيون ۽ ٻيون انيڪ ڳالھيون. سنڌين کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ سجاڳي سلسلي واري پمفليٽ ۾ لکيون وينديون هيون.
بلوچستان جي ماڻھن ۽ انھن جي سردارن پنھنجن حقن لاءِ آواز اٿاريو پر انھن تي زبردست فوج ڪشي وئي. جنھن جي نتيجي ۾ ڪيئي بلوچ ماريا ويا ۽ ڪجهہ پھاڙن تي چڙهي مقابلو پيا ڪن، بلوچ سردار اڪبر خان بگٽي (جنھن کي مشرف جي دؤر ۾ قتل ڪيو ويو)، عطاءُ ﷲ خان مينگل، خير بخش مري ۽ ٻيا سون جي تعداد ۾ گرفتار ٿيا. جنرل موسى دوکو ڪري بلوچ سردارن سان قرآن شريف تي ڳالھيون ڪرڻ جي وعدي تان ڦري ويو ۽ بعد ۾ نوروز خان جا پوٽا ڦاهي چاڙهيا ويا ۽ بلوچن جا مطالبا رد ڪيا ويا.
ڪامريڊ حيدر بخش هڪ پمفليٽ جيڪو ”چوڌري محمد علي جو ون يونٽ متعلق خفيہ دستاويز“ جي نالي چپرائي ورهايو، سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جو ان وقت جو ليڊر قاضي صاحب کانئس اهو پمفليٽ کسي نالي ۾ اڇلايو ۽ ڪامريڊ کي بہ ڌڪا ڌوڻا ڏنا ويا. جيڪو بعد ۾ وڃي پٽ تي ڪريو. ان ڳالھہ جو شاگردن تي ڪافي اثر پيو ۽ انھن ۾ ڏاڍو تاءُ حڪومت جي خوف کان ڪير ڪڇي ڪونہ سگهيو.
شوڪت برادرس منھنجي نئين هاسٽل جو نالو هو. اسر ويل اوچتو سليم خواجہ در کڙڪايو. مون ڪمري جو دروازو کوليو. سليم خواجہ بستري واري چادر واري هڙ مٿي تان کڻي اڇلائي ۽ ٻي کٽ تي وڃي سمھي رهيو، ان هڙ ۾ اهي سمورا پمفليٽ هئا، جيڪي ڪراچي مان هو ڇپرائي کڻي آيو هو.
مون تي اهو بار رکيو ويو تہ اهي مان لڪائي رکان ۽ جيڪو شاهينگ جمال رند جي لکت ۾ چٺي آڻي تہ اوتريون چوپڙيون ان جي حوالي ڪيان جيڪو وڃي پاڻ ورهائيندو. گهڻي ڀاڱي ڄام ساقي جيڪو ان وقت نوجوان هو ۽ بي اي جو شاگرد هو، وٺي ويندو هو ۽ اٽڪل سان ڪاليجن ۾ ورهائي ايندو هو، اهي چوپڙيون هو شلوار جي ور ۾ لڪائي کڻي ويندو هو.
منھنجي هاسٽل جي سمورن ڪمرن ۾ بجلي تہ هئي پر هوائي پکو ڪونہ هو. جوابي سوالي دريون هيون جن مان هوا ايندي رهندي هئي. لطيف چنو ٻي ڪمري ۾ شفٽ ٿي ويو. مالڪ مڪان ڏاڍو شريف ماڻھو هو. ان لطيف جي حالاتن کي ڏسي کانئس ڪرايو وٺڻ ڇڏي ڏنو.
مون واري ڪمري ۾ مظھر علي علوي (شڪارپور وارو) مون سان اچي پارٽنر ٿيو، هو اها ڳالھہ تسليم نہ ڪندو هو تہ ڪڏهن فوجي حڪومت ويندي يا سنڌ صوبو وري بحال ٿيندو.
مان بازار مان چار پنج ڪپڙي جون چڊيون وٺي آيس. پنجن سالن جا پرچا بہ ڀاءُ وٺرائي ڏنا. ڇاپي والا سيريز وٺي اچي ڏينھن رات پڙهائي کي لڳي ويس. هر آچر تي ڪڏهن مان ڪڏهن منھنجو ڀاءُ جبار ايندا ويندا هئاسين. ادا غفار سار سنڀال لھندو هو.
منھنجي ڪمري تي جمال رند مرحوم محمد صديق کرل، ابراهيم شاھہ بخاري، حميد سنڌي غياث جوڻيجو ايندا هئا ۽ مون وٽ رکيل ”ڀڳڙا“ جنھن کي Dry Fruit سڏيندا هئاسين کائيندا هئا.
منھنجي ملاقات جمال رند، شير محمد مري، جيڪو بعد ۾ جنرل شيروف جي نالي سان مشھور ٿيو سان ڪرائي شير محمد حيدرآباد اسٽيشن ويجهو تاج هوٽل جي هڪ ڪمري ۾ رهندو هو. هي بہ بلوچ اڳواڻ هو ڏاڍو پڙهيل ۽ رعبدار شخص هو ڀٽو صاحب جيڪو ان وقت سنڌي ايوب خان جي ڪابينا ۾ اهم وزير هو، حيدرآباد گهڻو اچڻ لڳو ۽ سنڌي شاگرد جيڪي خوش پوش ۽ انگريزيءَ جي سٺي ڄاڻ رکندا ۽ ڳالھائيندا هئا تن سان تعلقات رکندو هو. قاضي برادران سندس ڏاڍي خدمت ڪندا هئا. قاضي صاحبان وٽ اخبارون هيون، سئنيمائون ۽ انھن تي دادا جن جي زور تي يونيورسٽي جي شاگردن ۾ ڏهڪاءُ هوندو هو. قاضي صاحبن جا فرزند وڏي شان مان سان ۽ وڏي اٽالي سان يونيورسٽي ۾ ايوب خان جي حمايتي سياست ڪندا هئا. سندن هوٽل ۾ ڀٽي صاحب لاءِ ”خاص“ ڪمرو رکيو ويو جنھن ۾ هو اڪثر اچي رهندو هو.
ان وقت سنڌي اخبارن جي ڪنھن ڪنڊ پاسي ۾ ڪا سياسي خبر لڳندي هئي نہ تہ يا ڌيان طلب يا وري ايوب شاهي جو حڪومتي موقف.
گرامي صاحب سان بہ اتي ملاقات ٿي، جيڪو رفيق شاھہ واري اوطاق جي مٿان فقيري حال ۾ رهندو هو.
محترم محمد ابراهيم جويو، غلام رباني آگرو، تنوير عباسي جيڪو ان وقت ميڊيڪل پڙهي چڪو هو ۽ هائوس جاب پيو ڪري، تنوير محترمہ قمر سان اڃان شادي نہ ڪئي هئي پر تڏهن بہ گڏجي هڪ ڪلينڪ کولي هيائون. جنھن تي الڳ الڳ بورڊ هڻي ۽ وچ ۾ هڪ پردو ڏئي ڇڏيو هيائون. انھن سان اتي اليڪ سليڪ ٿي ۽ پوءِ گهرائي ٿي وئي . ناصر مورائي شمشير الحيدري نياز همايوني سان بہ سلام دعا ٿي وئي.
ڇاڪاڻ جو سنڌ ۽ سنڌين جو موقف هوريان هوريان مختلف طريقن سان اچڻ لڳو ۽ بلوچ ليڊرن مان ڪيترائي سنڌ ۾ اچي ويا ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي بہ هاري ڪاميٽي کي سرگرم ڪرڻ لڳو ۽ سنڌي شاگردن ۾ بہ ڪجهہ چرپر ٿيڻ لڳي تہ حڪومت جا ادارا بہ متحرڪ ٿيڻ لڳا. ان وقت سنڌي اخبارون ان وقت جي سنڌي وزيرن جون اهي تصويرون جن ۾ سنڌي زبان ٻولي، ڪلچر جي مخالفت هجي وڏين سرخين سان شايع ڪرڻ لڳيون.
انھن وزيرن ۾ در محمد اوستو تہ سنڌ ۽ سنڌين خلاف لٽا لاهي ڪڍ پئجي ويو. اگهاڙو ٿي سنڌ ۽ سنڌين جي خلاف ون يونٽ جي حمايت ۾ تحريڪ پيو هلائي.
ان وقت سرهاري ۾ هاري ڪانفرنس ٿي، جنھن ۾ اسان پمفليٽ ورهايا. ماڻھو گهٽ پوليس گهڻي هئي. ڪامريڊ حيدر بش جتوئي، ڪامريڊ غلام محمد ۽ محترم علي محمد مطاهر جعفري ڏاڍيون سٺيون تقريرون ڪيون ۽ اسٽيج تان ئي گرفتار ٿي ويا.
باقي اسان چوپڙيون ورهائي لڪي ڀڄي آياسين. اسان ابراهيم شاھہ بخاري کي سنڌ يونيورسٽي جي يونين جو صدر چونڊرايو، سندس مقابلو هڪڙي قاضي صاحب سان ٿيو. ان اليڪشن دوران قاضي صاحب سان مرحو محمد صديق کرل جو ڏاڍو خراب جهڳڙو ٿي پيو، هو ڪيترائي ڏينھن سئنيمائن جي داداگيرن کان لڪل هو پر پوءِ ٺاھہ ٿي ويو، وري ٻي دفعي نيڪ محمد شيخ صدر چونڊيو، اهو بہ اسان جي گروپ جو هو.
ان جو فائدو اهو ٿيو جو يونيورسٽي ۾ مشاعرا ٿيڻ لڳا ۽ شاھہ لطيف جي پناھہ ۾ سنڌين کي گڏ ڪرڻ جا بھانا ملي ويا. اديبن يونيورسٽي کي پنھنجي تحريڪ جو مرڪز بڻايو.
آخر يونيورسٽي جي شاگردن جو هڪ وفد سنڌ جي دوري تي نڪتو، ان وقت جي سنڌي وزيرن سان ملياسين، کين گذارش ڪئي سون تہ گهٽ ۾ گهٽ سنڌي وزير سنڌ ۽ سنڌين خلاف ۽ ون يونٽ جي حمايت ۾ بيان بازي نہ ڪن. هنن اهو وعدو ڏنو تہ آئندہ اهڙي ڳالھہ نہ ٿيندي.
ڀٽي صاحب ۽ سنجراڻي وعدي خلافي نہ ڪئي اوستو صاحب نڙ ۽ پڇ واري ڪار ڪئي. سنڌ ۽ سنڌين خلاف گارگند تي لھي آيو.

حفيظ قريشي، اياز ۽ ون يونٽ خلاف جدوجھد

روپ محل هڪ گهڻ ماڙ عمارت حيدرآباد جي هيرآباد جھڙي صاف سٿري ۽ خوبصورت علائقي ۾ هئي. حميد سنڌي جي والد صاحب جيڪو ان وقت سرڪار جي اعلى عھدي تي هو، لطيف آباد ۾ گهر ٺھرايو پر حميد روپ محل ۾ هڪ فليٽ وٺي اچي رهيو. اهو فليٽ اسان سڀني جو ڄڻ گهر ٿي ويو، سڀئي دوست اتي گڏجاڻيون ڪرڻ لڳا ۽ ڪٿي تہ راتين جون راتيون رهڻ لڳا. اشفاق قاضي، سليم خواجہ، ناصر مورائي ۽ ڪڏهن مان بہ رهي پوندو هيس. هينئر تہ جتي سموري سنڌ اجڙي وي آهي اتي روپ محل جي بہ خبر ناهي تہ ڪھڙي حال ۾ آهي.
بسنت هال جي ٻاهرين لان واري چبوتري تي سنڌي ادبي سنگت جون هفتيوار گڏجاڻيون ٿيڻ لڳيون. جن ۾ نياز همايوني، تنوير عباسي، پروانو ڀٽي ۽ ڪي ٻيا شاعري پڙهندا ها. حميد ۽ ناصر ڪھاڻيون لکي ايندا هئا. رسول بخش پليجو فقط تنقيد ڪندو هو، پليجي صاحب جو مطالعو غضب جو هو تہ اوترو ئي سندس تنقيد جو انداز جارحاڻو هوندو هو. اڳلي کي ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيندو هو. جويو صاحب بہ ڪڏهن ڪڏهن ۽ ڪڏهن رباني ۽ جمال رند بہ اچڻ لڳا. مون پني عاقل وارن مشاعرن ۾ تہ شعر پڙهيا پر هتي نہ ڪنھن کي خبر هئي تہ شاعري ڪندو آهيان ۽ نہ وري مون کي ٻين جو حشر ڏسي ڪا همت پئي ٿئي ان ڪري فقط ٻڌندڙن ۾ شامل هوندو هيس. سائين محمد عمر ميمڻ، ابراهيم جويو، جمال رند، پليجو، حميد ۽ ٻيا ڀروسي جھڙا همراھہ پاڻ ۾ لڪي لڪي گڏجاڻيون بہ ڪندا هئا. منصوب بندي بہ ڪندا ها. ڪڏهن روپ محل ۾ تہ ڪڏهن يونيورسٽي جي هڪ ڪوارٽر ۾ ڳجهيون گڏجاڻيون ٿينديون هيون.
هڪڙو ٻيو مرد مجاهد هو محترم حفيظ قريشي، وڪيل بيباڪ، تقرير جو بادشاھہ، بي پرواھہ سنڌ جو عاشق انھن ڏينھن ۾ نواب امير محمد ڪالاباغ مغربي پاڪستان جو گورنر هو، وزير اعلى وغيرہ ڪونہ هوندا هئا نہ وزير اعظم هوندو هيو، سنڌوسنئون صدارتي نظام هيو. هڪ صدر ۽ ان جا وزير، هڪ گورنر ۽ ان جا وزير، نواب ڪالاباغ نھايت بي رحم انسان هيو، سڄي صوبي ۾ لوهي هٿن سان حڪومت ڪندو هيو. ان ڏينھن ۾ ٽن يا چئن ڏينھن لاءِ ڪالاباغ حيدرآباد ۾ اچي سمورن وزيرن سميت ٽڪي پيو. حفيظ قريشي جي گهر جي ڇت تي ون يونٽ مخالف ڪنوينشن رکيو ويو ۽ پوءِ شام ڌاري يونيورسٽي ۾ هڪ ننڍڙو مشاعرو رکيو ويو. لياقت ميڊيڪل ڪاليج وارا پنھنجا ساليانا فنڪشن رکي ڪالاباغ ۽ ان جي سموري ڪابينا کي سارو ڏهاڙو مصروف رکيو، شام ڌاري ميڊيڪل ڪاليج ۾ هڪ بھادر شاھہ ظفر جو ڊرامو رٿيو ويو، رات واري تقريب ۾ در محمد اوستو اڪيلو مھمان خاص طور تي ويھڻو هو.
مشاعري واري ويھڪ کي اوستائين هلايو ويو، جيستائين اوستو صاحب پنھنجي صدارت ماڻڻ ۾ چڱي طرح مصروف ٿي وڃي رات جو يونيورسٽي جون ٻہ بسون ڀري نيڪ محمد شيخ ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج شاگرد يونين جي صدر جي سربراهي ۾ نڪري پياسين. ڄامشوري جي هوا هلي پئي. وڏو پنڊال جنھن کي پوليس جو زبردست گهيرو ڏنل هيو، اندر اٽڪل 4، 5 هزار شاگرد ڊاڪٽر، عطر عنبير ۾ ٻڏل ڊاڪٽرياڻيون، شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ خاص شخصيتن جي وچ ۾ در محمد اوستو صاحب راجا اندر جو ڏيک پيو ڏي. يونيورسٽي جون بسون پنڊال کان پري بيھاري جبلن جي اوٽ وٺي شاگرد پنڊال جي چؤڌاري ڦري ويا. هڪڙا اسٽيج کان بليڊن سان قنات ڦاڙي اندر داخل ٿيا، انھن ۾ ناصر مورائي ۽ شمشير اڳڀرا هيا. بھادر شاھہ زنجيرن ۾ گرفتار هيو، ماحول تي هندستان جي زوال جھڙو منظر هيو. سامھون ويٺلن اهو سمجهيو تہ هي بہ ڪي ڊرامي جا ڪردار آهن. سڄو پنڊال ون يونٽ مردہ باد در محمد اوستو مردہ باد ڪالاباغ مردہ باد، ايوب مردہ باد جي نعرن سان گونجڻ لڳو. ناصر سڌو ٽپ ڏئي وڃي اوستي صاحب کي صوفي ۾ دسيو. ٻاهران ٻين همراهن بجلي جون تارون ڪٽيون ۽ پنڊال جا رسا ڪپيا، شاميانو ڪري پيو، پوليس وارو ڪري اوستي کي ڪڍي وئي، باقي فقط ڇوڪرين ۽ ڊاڪٽرياڻين جون اڀ ڏاريندڙ رڙيون ۽ ڪوڪون هيون.
ناصر جي نئين قراقلي ٽوپي وڃائجي وئي، اسان بہ ٽي ڄڻا ٻڌجي پياسين. شاگردن بہ ماريو تہ پوليس بہ وڙهي. شمشير جو خيال هو تہ جيل هليا وڃون پويان تحريڪ هلندي پر ٻين جو خيال هو تہ اڃا تحريڪ لاءِ مناسب ماحول ڪونھي. بھرحال بنگالي شاگردن مڙسي ڪري ڇڏائي ورتو. اسان موٽي اچي سمھي رهياسين، صبح جو ڪنھن اخبار ۾ راتوڪي واقعي جي ڪابہ خبر ڪانہ هئي، جيتوڻيڪ سڀ اخباري نمائندا انھن جا مالڪ اتي موجود هيا. بھرحال نواب ڪالاباغ پنھنجي سمورن وزيرن سميت هڪدم هليو ويو، جيئن جو سنڌي ۾ بہ ادبي رسالا هيا هڪ نئين زندگي ٻيو مھراڻ، نئين زندگي سرڪاري هيو. مھراڻ سنڌي ادبي بورڊ جو، جنھن ۾ ڪنھن نہ ڪنھن طريقي سان سنڌ جو موقف افسانن ۽ شعرن ذريعي اچي پيو پر دٻيل دٻيل طريقي سان. شيخ اياز جي شعري مجموعي ”ڀنور ڀري آڪاس“ نوجوان نسل ۾ وطن پرستي جا جذبا ڪافي اڀاريا ان ڪتاب تي بندش وڌي وئي. ويتر ان بندش تہ ڄڻ ڪتاب کي جڳ مشھور ڪري ڇڏيو ۽ اياز بہ هر جاءِ تي ڳائجڻ لڳو.
حيدرآباد جي هڪڙي مشاعري ۾ اياز کي پري کان ڏٺم، جنھن ۾ جمال رند لولي ٻڌائي ۽ نياز همايوني بہ ترنم ۾ ”مورو“ ٻڌايو. انھن مشاعرن ۾ ٽکڙائي، ڪڪڙائي۽ ناٿن شاهي شاعرن جا ڪٽڪ اچڻ لڳا. استاد بخاري، شمشير ۽ تنوير بہ نمايان هئا. سنڌي معاشرو مشاعرن جو عادي ٿيڻ لڳو. آخر روپ محل ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي ۽ پنھنجي الڳ رسالي ڪڍڻ جو فيصلو ٿيو. اهو بار حميد سنڌي تي رکيو ويو. ان لاءِ پيسا ۽ ڊڪليئريشن وٺن ضروري هو. ويچاري حميد اهي سڀ بار پاڻ تي کنيا، ڊڪليئريشن بہ ورتائين. ضمانت بہ ڏنائين. پيسا خرچ ڪرڻ ان کي ڇپائڻ وغيرہ جا معاملا بہ حميد پنھنجي سر تي کنيا. محترم عبدﷲ چنا ۽ سندس بيگم زينت عبدﷲ چنا بہ حميد سان ٻانھن ٻيلي ٿي بيھي رهيا. ڇاڪاڻ جو اهڙي ڪا پريس ڪانہ هئي، جنھن ۾ قومي شاعري قومي گيتن تي مشتمل افسانا جن ۾ غريب پيڙهيل هاري ۽ انساني مسئلا هجن، ڇاپي ڏيکاري نہ فقط رسالو ضبط ٿي سگهيو پئي پر ان سان گڏ پرنٽر ۽ پبلشر بہ جيل جي هوا کائي سگهيو ٿي. حميد ۽ چنا صاحب وارن اهي ذما کڻي هڪ بھادر سپاهي وارو ڪم ڪري ڏيکاريو. هي جيڪي پاڻ کي اڄ سر موڙ شاعر ۽ اديب نظر ٿا اچن اهي سمورا روح رهاڻ حميد جي پيداوار آهن. روح رهاڻ اديبن کي قلمي محاذ لاءِ ميدان ڏنو، ان سڄي ڳالھہ لاءِ باقي سڀ زباني ڪلامي باقي عملي جدوجھد لاءِ قلم کي خنجر جو ڪم سونپيو ويو، اهو ڪم حميد ڪيو، دشمن جي هٿيارن سان اديب هٿين خالي سنڌ جي آجپي جي جنگ جيڪا روح رهاڻ وڙهي ڏيکاري اها ڏکڻ ايشيا ۾ ڪنھن نہ ڪري ڏيکاريو. سنڌ ۽ سنڌين جي موقف ‎۾ اديبن وٽ نہ پريس نہ اخبار، اخبارن جا مالڪ فقط حڪومتي خوشنودي ۽ فائدا وٺڻ لاءِ اشتھاري اخباري هئا. وري بہ مولوي عبدالواحد سنڌي، مولانا غلام محمد گرامي جنھن جي پويان محمد ابراهيم جويو ۽ رباني هيا. وڏو ڪم ڪري ڏيکاريو. بيگم چنا مارئي رسالو ڪڍيو، ڏيپلائي صاحب بہ ڪو رسالو ڪڍيو، حڪومت نئون قانون پاس ڪيو، جنھن جي ڪري ڪافي سنڌي رسالن کي بند ڪرڻو پيو، روح رهاڻ بہ في الحال بند ڪرڻو پيو، سليم خواجہ نئين زندگي رسالي جو اسسٽنٽ ايڊيٽر مقر ٿيو. ان ڏينھن ۾ هڪ شاعر کي 10 رپيا في شعر معاوضو ملندو هو، سليم کي 10 رپين جي سخت ضرورت هئي سو هن هڪ نظم پاڻ لکي منھنجي نالي سان نئين زندگي ۾ ڇپرائي مون ڏانھن خط لکيو تہ کيس 10 روپين جي رسيد موڪلي ڏيان. نظم ڏاڍو سٺو هو ۽ ڏاڍو مشھور ٿيو. سليم کي 10 رپين جو فائدو ٿيو باقي شاعر جي حيثيت سان مان متعارف ٿي ويس ۽ ڇپجڻ لڳس. روح رهاڻ ۽ نئين زندگي ۾ سمورا شعر ڇپرائي ڇڏيا، جيڪي مان لڪايو ويٺو هيس. آخر 1963ع ۾ مان ڏينھن رات محنت ڪري ايل ايل بي پاس ڪري سکر هليو آيس. ان ڏينھن ۾ بار ڪائونسل ڪانہ هئي. سو وڪالت جي سند چيف جسٽس پاڻ ڏيندو هيو. ڪراچي وڃي سليم خواجہ وٽ رهيس. سند جا ڪاغذ چيف جسٽس جي ٽيبل تي ٻن ڏينھن کان رکيل هئا. پر صحيح ڪري ٻاهر نہ پيا نڪرن. مان عبدالقادر شيخ جيڪو ان وقت ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل هو، وڃي مليس، شيخ صاحب پنوعاقل جو هو سو مون وڃي واقفيت ڪرائي مانس. هو بنا ڪنھن ڳالھائڻ جي چيف جسٽس کان منھنجا صحيح ٿيل ڪاغذ کڻي آيو. ڪلارڪن کان ٺپا هڻائي سند منھنجي حوالي ڪيائين ۽ مان سکر هليو آيس. هاڻي سکر ۾ ڪابہ واقفيت ڪانہ هئي. ڪھڙو سينيئر مون کي پان سان گڏ کڻندو بہ تہ ڪٿي رهندس. اهي سمورا سوال هيا. وڪالت جي دنيا ئي نرالي آهي. ٿيوري ۽ پريڪٽيڪل ۾ وڏو فرق آهي مون امتحان وڏي محنت سان 1963ع ۾ پاس ڪيو، سند مون کي 1964ع ۾ ملي، منھنجو هڪڙو عزيز روهڙي ۾ رهندو هيو، ان مرحوم عبدالمجيد عباسي سان لڳرايو، رهائش جي لاءِ رفيق شاھہ موسوي محلي جي هڪ امام بارگاھہ ۾ ڪمرو وٺي ڏنو، ماني بہ صبح جي موسوي صاحبان کڻي ايندا هئا. هڪ وڏو هال هيو، ان ۾ هڪ سيد سڳورو امام صاحبن جي کٽ سجايو ويٺو هوندو هيو، وچ تي چلھہ جنھن جي چؤڌاري پينو ۽ گداگر فقير ڪشتن ڪولابن ۽ دست پناھہ سان ويٺل هوندا هئا. منھنجي ڪمري جي ٻاهران رات جي راڻي پوکيل هوندي هئي جيڪا ڏاڍي خوشبوءِ ڏيندي هئي. فقير شام جو تڙتپا ڪري منھنجو انتظار ڪندا هيا، خيرات مان مليل ماني رات جو گڏجي کائيندا هئاسين، انھن ۾ ڪيترا فارسي ۽ ديني توڙي دنيوي ڄاڻ رکڻ وارا هوندا هيا. ڏاڍا فضيلت ۽ نماڻائي سان ڳالھائڻ وارا سٺا انسان هيا.

سکر جون ڪجهہ هستيون

”پٽ جوان ۽ ماءُ بي صبر“ جي چوڻي مطابق جڏهن مان ايل ايل بي جي آخري سال ۾ هيس تہ منھنجي والدہ منھنجي شاديءَ لاءِ ڇوڪريون ڳولڻ شروع ڪيون. جڏهن بہ ڳوٺ وڃان تہ ڪانہ ڪا مائي يا ڀائي گهر ۾ مون سان ملايو ويندو هو، منھنجي پسند يا نا پسند ڪجهہ بہ نہ هئي، ڇوڪريءَ وارن جي پسند لاءِ مون کي پڙيءَ تي بيھاريو ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن تہ ڪو همراھہ مون کي ملڻ لاءِ اچي حيدرآباد واري منھنجي هاسٽل جي ڪمري تي بہ اوچتو ڪڙڪو ڪندو هو ۽ بنا سبب ٻڌائڻ جي اچي ملندو، جتي مان ڪپڙي جي چڍيءَ ۾ ويٺو هوندو هوس. منھنجي ان وقت هاٺي بنگال جي بکين جھڙي هوندي هئي. فقط هڏن جو پڃرو، جنھن جون سموريون پاسيريون ڳڻي سگهبيون هيون، ڪئين رشتا خبر نہ پئي تہ ڇونہ ٿي سگهيا. آخر اچي هڪ گهراڻو ڦاٿو. روهڙيءَ جا هئا، مائي، ڀائي، اها ڇوڪري ۽ سندس ڀيڻ اسان جي گهر آيا، جتي مان بہ موجود هيس. هڪ ٽٽيھر جھڙي ڇوڪريءَ جو ڀاءُ ۽ ان جي والدہ ٿانون ملڻ کان وٺي زورن زنبھن ڏيڻ لاءِ بہ تيار امڙ کي بہ اهڙي سلڇڻي ڇوڪري کپندي هئي.
نيٺ مون جڏهن ڏٺو تہ هاڻي ڪاتي ٻڪر لاءِ تيار ٿي چڪي آهي، سو وٺي ڀڳس سکر. جڏهن دهليءَ جي مست سرمد کي شھيد ڪرڻ جا سمورا سانباها ٿي ويا تہ هو وٺي دهليءَ جي جامع مسجد جي ڏاڪڻ طرف ڀڳو. پويان سندس مرشد جو آواز آيو،” ڇو ٿو ڀڄين؟“ چيائين ”هنن کي جهل نہ تہ قيامت اچي ويندي“ قيامت جي واري ڏينھن ايندي“ مرشد وراڻيو. ”وڃ وڃي سر جهڪاءِ. ”حڪم ٿيو. سرمد اجل جو حڪم مڃيندي شھيد ٿي ويو.
مان شھيد نہ ٿيس ۽ ڀڳس سکر، اتي منھنجون وڏڙيون رهنديون هيون تمام زيرڪ ۽ داناءَ وڏا وڏا خانداني معاملا جهٽ پل ۾ نبيري وٺنديون هيون. سو کين وڃي دانھن ڏنم ۽ پيرن تي ڪريس هنن دلجاءِ ڏني ۽ چيائون تہ ”ٻچا جتي اسان چئون اتي ها ڪر“ مون کي قبول آهي. مون کين دلجاءِ ڏني ۽ آمنا صدقنا ڪئي.
هنن اهڙو ڦرڪو ڦيريو جو سڄو سين بدلجي ويو ۽ منھنجو مڱڻو مسٽر فقير محمد ڏهر مرحوم جيڪو هونءَ بہ اسان جو عزيز هيو، جي نياڻي سان ٿي ويو، ڏهر صاحب ان وقت روينيو کاتي ۾ آفيسر هيو، مڱڻي واري رسم ۽ سرڪاري مصروفيتن سبب نہ اچي سگهيو ۽ ٻي ڪنھن عزيز کي چٺي لکي ڏنائين. جيڪو ڪنوار جو پيءُ ٿي ويو، نيٺ مون تان سڀ آفتون ٽري ويون.
عبدالمجيد عباسي نھايت ئي اعلى اخلاق جو مالڪ هيو. روهڙيءَ جو سڄو شھر ايتري تہ عزت ڪندو هيو جو سندس فوٽو گهڻو ڪري هر دڪان تي ۽ گهر ۾ لڳل هوندو هيو. هو عوامي ماڻھو هيو، سندس ڪافي شاگرد وڏن عھدن تي پھچي چڪا آهن. جسٽس عبدالغني شيخ بہ عباسي صاحب جو شاگرد آهي، ٻيا ڪجهہ جج بہ آهن.
عباسي صاحب سيد شفقت شاھہ موسوي سان وڪالت ڪندو هيو، اهي عوامي ماڻھو هيا. موسوي خاندان اڳ ئي تعليم ۽ پنھنجي اعلى اصول ۽ انسان دوستي کان مشھور هيو، عطا حسين شاھہ موسوي ۽ عبدالحسين شاھہ موسوي ۽ جواد حسين شاھہ موسوي جنھن وٽ اسان لاهور ۾ وڃي رهيا هياسون، نھايت رعبدار شخصيتون هيون. تاريخ ۾ اهي هميشہ زندھہ رهنديون، سندن دروازا کليل ۽ دسترخوان ڪشادو هيو.
شفقت حسين شاھہ ايم پي اي بہ ٿيو ۽ دل جي دوري ۾ اوچتو جواني ۾ گذاري ويو. عباسي صاحب وڪالت سان شھري سياست بہ ڪندو هيو ۽ ميونسپالٽي جو صدر بہ شايد ٿيو. روهڙيءَ جي ٻن ٻين وڏن خاندانن جي بہ عباسي صاحب کي هميشہ پٺڀرائي رهي. اهي هئا قريشي خاندان ۽ قادري خاندان. قريشي خاندان زمينداري سان گڏ پير صدر الدين شاھہ جي مجاوري بہ ڪندا آهن. جنھن تي ٻارهوئي ميلو متل هوندو آهي. اڳ ڏاڙهيون مڇون ڪوڙيل فل سوٽن ۾ هوندا هيا، هينئر سڀني کي وڏيون رنگارنگي سونھاريون اٿن. سايون اڇون پڳڙيون، وڏا جبا پايو پنج ئي وقت صوم ۽ صلوات ۾ مصروف آهن.
ٻي آهي دستگير جي درگاھہ جتي چيو ٿو وڃي تہ حضرت شيخ عبدالقادر جيلانيءَ غوث اعظم جي دستار مبارڪ بہ رکيل آهي، ان درگاھہ جا متولي قادري صاحبان آهن. هڪ رٽائرڊ سيشن جج ۽ ٻيو پوليس جي اعلى عملداري تان رٽائرڊ.
ٽيون وڏو خاندان آهي ميرڪي، ڪوٽائي خاندان، انھيءَ خاندان جي بہ وڏي ڪھاڻي آهي، سڄو شھر سندن جاگير آهي، شيعا فرقي جا پر اورنگزيب بادشاھہ جيڪو ڪٽر سني عقيدي جو هيو، جي اڏايل مسجد سندن ڪوٽ جي دروازي تي آهي. محرم جي مھيني ۾ سندن ماتمي جلوس جي قيادت جيڪو مير صاحب ڪندو آهي ان کي ٽالپرن واري ٽوپي ۽ لباس پھريل هوندو آهي. مير صاحب جو خطاب بہ بلوچي خطاب آهي. ”وﷲ اعلم بالصواب“ وٽڻ ڪافي نوادرات آهن. مير يعقوب شاھہ جي اولاد آهن جيڪو نواب بہ هيو.
چوٿون خاندان آهي جھان ﷲ شاھہ جي ڪوٽ جا سيد جھان ﷲ شاھہ، شاھہ عنايت صوفي جو ساٿي هيو، اهو بہ مغلن سان وڙهندي شھيد ٿيو، سندس پونئرن ڪوٽ جي زمين پلاٽ ڪري وڪرو ڪندي گذارو ڪندا آهن.
باقي هڪڙو خاندان آهي ڪربلائي، اهو چئن بيبين تي مشتمل آهي. اسان جي والدہ ٻڌائيندي هئي جڏهن سندس نانو مولوي حبيب ﷲ حال حيات هيو تہ انھن بيبين جو والد صاحب پنھنجي نياڻين کي بغير شادي ڪرائڻ جي وفات ڪري ويو. روهڙي جي مجذوب مست محمد شاھہ اڌ رات جو اچي ناني حبيب ﷲ کي ننڊ مان اٿاريو. مست جي ڪلھي تي پاڻيءَ جو مٽ هيو، چئي ”مولوي، شاھہ جي قبر کي باھہ لڳل آهي، مون کان نہ ٿي وسامي هلون بيبين کي چئون تہ شادي ڪن.“
آخر شھر جا معزز ڪٺا ٿي هڪڙي مائي جي شادي ڪرائي ڇڏيائون. انھن جو ڪوبہ سياسي ڪردار ڪونہ آهي، فقط ٻارهين مھيني ڪربلا جو ماتم ڪڍرائڻ ۽ ڪرائڻ آهي.
عباسي صاحب وٽ ڪيس گهڻو ڪري مختيار ڪار يا سول جج جي ليول جا هوندا هيا. ڪڏهن ڪڏهن ڪو سيشن ڪورٽ ۾ ڪرمنل ڪيس هوندو هيس.
مان جنھن امام بارگاھہ ۾ اچي رهيو هيس. اها پراڻي سکر ۾ هوندي هئي. مون کي صبح شام روهڙي وڃڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي. صبح جو پيادل روهڙي وڃان ۽ منجهند جو واپس اچان. شام جي چيمبر ورڪ لاءِ روهڙي وڃان ۽ وري اتان واپس اچان. عباسي صاحب پان محسوس ڪندي مون کي سکر جي نامياري وڪيل سيد شمس الدين شاھہ وٽ لڳرايو، بعد ۾ شاھہ صاحب جو ڀاڻيجو ۽ بعد ۾ ناٺي نور احمد شاھہ بہ اچي ڪم ڪرڻ لڳو، پوءِ سيد گلزار شاھہ ۽ نظير حسين مھر بہ آيا. شاھہ صاحب اسان جي تعلقي سان واسطو رکندو هو.
سائين بھترين وڪيل، دانشور، معزز، ترقي پسند ۽ کليل ذهن جو مالڪ هيو، سندس آفيس جيتوڻيڪ ننڍي هئي پر دل ڏاڍي وڏي هوندي هيس. فضيلت سان ڳالھائيندو، ڪڏهن تون نہ ڳالھايائين. سياست ۾ جمھوريت پسند هيو، ان ڪري مولانا ڀاشاني ۽ ولي خان نيشنل عوامي پارٽي سکر جو صدر ٿيو، اڳ ڪنھن زماني ۾ خاڪسار بہ ٿي رهيو.
سائين جي ايم سيد وٽن ايندو هيو، ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي بہ اچي شاھہ صاحب جي شاگردي ۾ هيا.
ڊاڪٽر اعزاز نظير، علي مطاهر جعفري ۽ حسن حميدي بہ سائين وٽ اڪثر ايندا هيا، سائين باقر شاھہ کان وٺي ڪيترائي سوشلسٽ، ڪميونسٽ ۽ ڪيترا وارنٽي روپوش ڪامريڊ هاري، ورڪر بہ شاھہ صاحب جي خدمت ۾ ضرور ايندا هئا هو سڀني جي دامي درمي، هڙان وڙان سھائتا ڪندو هيو. پارٽي بہ سکر ۾ شاھہ صاحب جي دم خم سان هلندي هئي.
آخر ۾ شاھہ صاحب پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو ضلعي صدر بہ ٿيو ۽ سينيٽر بہ ٿيو، اهي سبب بعد ۾ بيان ڪبا.
مون کان اڳ رشيد ڀٽي بہ سائين شمس الدين شاھہ وٽان وڪالت سکي الڳ ٿيو هو.
مان، رشيد ڀٽي، رڪن الدين قاسمي، فتح ﷲ عثماني، نيشنل عوامي پارٽي ۾ شامل ٿي سرگرم ٿي وياسين. نور احمد شاھہ تہ ٿوري عرصي ۾ سي ايس ايس ۽ پي سي ايس پاس ڪري نوڪري ڪرڻ هليو ويو. شاھہ صاحب ۽ عثماني صاحب تہ بعد ۾ وڃي پي پي ۾ شامل ٿيا پر اسان يعني رشيد ڀٽي ۽ مان اتي ئي رهياسين.
سکر بار ۾ ٻيون بہ قدآور شخصيتون هيون، جهڙصوڪ آغا بدر الدين، مظھر علي شاھہ، سمندر شاھہ، حسن ميان، رحمان علي نقوي، مون کان ڪجهہ سينيئر رشيد ڀٽي، محمد حنيف منگي ۽ ٻيا ڪيترائي جن سان گھري سنگت ٿي وئي، جھڙوڪ علي بخش ميمڻ، غلام مصطفى شاھہ، اسلم ڀٽو وغيرہ اهي سڀ راھہ رباني اختيار ڪري ويا آهن. سيد مظھر الحق بہ مون کان اڳ وڪيل هيو ۽ اي اين پي ۾ شامل ٿيو، اعزاز نظير سندس عزيز هيو.
آغا صاحب وڏيري سان گڏ مسلم ليگ جي سياست ۾ بہ هيو پر دولتانہ واري مسلم ليگ ۾ جيڪا ايوب خان جي مخالفت ۾ هئي. آغا صاحب سادو، سچو بھادر، قول ۽ فعل ۾ هڪ جھڙو هيو.
محترم جمال صديقي، نور الدين سرڪي جو سالو، عبدالقادر صديقي سندس ڀاءُ بہ اتي هيا. محترم عبدالحليم پيرزادو جيڪو ايوب خان جو حمايتي هيو، ۽ ايوب خان جي ٺاهيل جڙتو مسلم ليگ جو نائب صدر هيو. دراصل اها ئي هڪڙي اهڙي پارٽي آهي، جيڪا گهوڙيءَ وانگر هميشہ سنجن سوڌي هر جابر ۽ ظالم آمر جي اچڻ جو انتظار ڪندي آهي. مسلم ليگ ٺھي ناهي ۽ موقعا پرست اقتدار جا بکيا، سڀ ليڪا لتاڙي وڃي پھريون نمبر پاور وٺڻ ۾ انھيءَ پارٽي ۾ شامل ٿيندا آهن.
شيخ اياز، بھترين ٿري پيس فل سوٽ اونھاري سياري ۾ پھريل، امپالاڪار ۾ آڪڙيل اچي ڪورٽ ۾ لھندو، نہ ڪنھن کي سلام ڪبو نہ وٺبو، فقط هڪ آڱر کي ٿورڙي تڪليف ڏبي ۽ڪنھن جي سلام جو جواب ڏبو، ڪڏهن ڪڏهن پنھنجي ڳوري ڪنڌ کي جي ٿوري لوڏو ڏنائين تہ سمجهو وڏي عنايت ڪيائين.
پھريائين هر هڪ انھيءَ ڪورٽ ۾ ويندو، جتي سندس ڪيس لڳل هوندو، جيترو وقت ڪورٽ ۾ هوندو ۽ سندس ڪيس سڏجي اوستائين يا تہ ڪونہ ڪو ڪتاب ويٺو پڙهندو يا ٻاهر نڪري سگريٽ پيو ڇڪيندو ۽ پسار بہ پيو ڪندو. ڪتاب تہ هو ڪار ۾ بہ پڙهندو ايندو. ڪورٽ مان ڪم ختم ٿيڻ کان پوءِ چپ چاپ ڪري سنگل چانھہ جو آرڊر ڏئي اچي وڪيلن واري بار ۾ خاموشيءَ سان اکيون ٻوٽي ڪا ڪنڊ والاري ويھي رهندو. چانھہ پي سگريٽ دکائيندو ۽ پوءِ ويھي ڪتاب پڙهندو. جڏهن کين منشي اشارو ڪندو تہ هو يا تہ اصيل کان پئسا وٺڻ لاءِ نڪرندو يا گهر هليو ويندو.
اياز هروڀرو هوائي ڳالھين يا بيھودہ گفتگو ۽ بيڪار سياسي لٻاڙ ۾ نہ وچڙندو هيو، اياز جي ان اڳرائي يا گھرائي کي ڪئين لقب لڳل هيا. ڪنجوس، مغرور، آڪڙيل وغيرہ وغيرہ.
مان بہ انھيءَ ماحول ۾ شاھہ صاحب جا فائيل ڪڇ ۾ کڻي ايندو هيس، ڪورٽن ۽ بار ۾ شاھہ صاحب جي پويان پويان جيئن ڪو ٻڪريءَ جو ڦر هوندو آهي.

رشيد ڀٽي، شيخ اياز : اڻمٽ يادون

آخر ڀاءَ وري ڪجهہ مدد ڪرڻ شروع ڪئي. ان ڪري مان امام بارگاھہ ۽ سائين مسڪين شاھہ وارو ميخانو ڇڏي آيس. اقبال علوي جيڪو منھنجو پراڻو دوست هيو، ان اچي ڳولي لڌو. سندس والد صاحب محترم مرحوم بدرالدين علوي جيڪو منھنجو بہ استاد هيو، سو رٽائرمينٽ کان پوءِ ميمڻن واري بندر روڊ تي اسڪول ۾ هيڊ ماستر ٿيو هيو، سو هنن جيلاني روڊ وٽ مارواڙي محلي ۾ هڪ جڳھہ چاليھہ رپيا ماهوار تي ورتي هئي. مان بہ اچي سائين وارن سان اتي رهيس.
مان فقيرن کان موڪلايو، فقيرن هڪ رات اڳ منھنجي دعوت ڪئي. صبح جو ٽانگي ۾ سامان رکي مون کي پاڻ ڇڏي آيا. ان کان پوءِ نہ وري مان انھن وٽ ويس نہ هو ڪڏهن آيا.
اسان واري جڳھہ هڪ گهٽيءَ ۾ هئي. هيٺ دائود پوٽا بوٽ هائوس وارا پنج ڀائر رهندا هئا ۽ مٿي اسان رهندا هئاسين، ان جڳھہ ۾ نہ بجلي نہ وري پاڻي هيو، سائين هوا لاءِ جهلي هڻائي جيڪا هو شڪارپور مان کڻي آيو ۽ پاڻي پخالي ڀري ويندو هيو. هڪ بورچي بہ رکيوسين. ڏاڪڻ جي ٻاهرين دروازي جي ڪڙي مان تالو ٽپائي ڇڏيندا هئاسين. انھن ڏينھن ۾ امن امان هيو، پر اسان وٽ سواءِ بسترن جي ٻيو ڪجهہ بہ ڪونہ هيو، بھرحال بورچي بہ هيو، جيڪو گهڻو ڪجهہ ڪري ٻاهر ڪونہ ويندو هيو.
رشيد ڀٽي مڪمل مارڪسٽ هيو، مولوي حافظ عبدالحميد جي اولاد هيو. مولوي صاحب جي المنار پرنٽنگ پريس هئي. جنھن مان هفتيوار اخبار نڪرندي هئي. مولوي صاحب جن وٽ جاگيراڻي محلي ۾ ڪافي جايون هيون. جيڪي ڪرائي تي ڏنل هيون. سيروءَ جي چوڪ تي هڪ اناج جي ڪوٺي هئي. اروڙ روڊ تي چانورن جو ڪارخانو بہ هيو، اروڙ ۾ سندن زمينداري بہ هئي. اروڙ ۾ ڪالڪان ديوي جي مندر جي ڀرسان عارب فقير جي درگاھہ آهي. عارب فقير بہ ڀٽي خاندان مان هيو.
انھن سڀني ڳالھين جي باوجود ڀٽي صاحب وارا رهڻي ڪھڻي کاڌي پيتي ۾ سادا هئا، نہ گهڻو ڏيکاءُ نہ گهڻي لٻاڙ، رشيد ڀٽي کرو سچو دوست هيو، نہ ڪوڙ ڳالھائبو ۽ ڪنھن کان متاثر ٿي ڪنھن جي رعب ۾ بہ نہ ايندو، سندس سوچ واضح ۽ صاف هوندي هئي. سندس مطالعو وسيع هيو. ماضي، حال ۽ مستقبل تي گھري نظر هوندي هيس. سنڌ لاءِ عملي جدوجھد ۾ يقين رکندو هيو. سنڌ جي معاملي تي کليل ڪميٽمنٽ هوندي هيس. بھترين نفاذ ۽ افسانا نگار هيو. ڀٽيءَ جي جوڙ جو سنڌ هڪ ٻيو شخص بہ پيدا ڪيو، اهو هيو شيخ حفيظ شيخ حفيظ بہ اٺ ڪتاب پڙهيل هيو ۽ عملي ماڻھو هيو.
تنوير عباسي جيترو شاعر هيو اوترو ئي حليم طبيعت جو مالڪ ۽ سلڇڻو دوست هيو، کيس فارسي تي وڏي پھچ هئي. هو هڪ اسڪالر بہ هيو ان سان گڏ غزل جو بادشاھہ بہ هيو. ابراهيم خليل جو شاعريءَ ۾ شاگرد هيو.
شام جو گهڻو ڪري تنوير، ڀٽي، مان ۽ اياز گڏ هوندا هئاسين. اياز ٻي ڪنھن جا نہ شعر ٻڌندو، پر جي ٻڌندو تہ داد اصل ڪونہ ڏيندو ۽ پنھنجا شعر ٻڌائڻ شروع ٿي ويندو، اڌ رات تائين اياز جا بياض ٻڌي ساڻا ٿي اچي ڪرندا هئاسين.
اياز جو مطالعو ڏاڍو وسيع هو ۽ هو علم جي سمنڊ جي دنيا جو ماڻھو هو، جتان شايد ڪنھن کي سرڪي بہ نصيب ڪانہ ٿي هوندي. اياز پنھنجو ماضي هڪ دفعي اڪيلائپ ۾ مون کي ٻڌايو هو. هن چواڻي سندس والد صاحب ڏاڍو شوقين مزاج ۽ خوش پوش ماڻھو هو، هو جڏهن اياز ۽ سندس ڀيڻ ننڍا هئا تہ گذاري ويو ۽ کين والدہ پاليو، شڪارپور جا شيخ هئا. سندن عزيز شيخ صاحبان ڪابہ مدد نہ ڪئي ۽ هو پنھنجي ڏکن ڏولاون واريون ڪھاڻيون کڻي وڏو ٿيو. ان ڪري شيخ اياز شڪارپور جي شيخ صاحبن سان ڪوبہ تعلق نہ رکڻ چاهيندو هو، هو نہ چاهيندو هو تہ سندس مائٽن مان ڪوبہ سندس در تي اچي ان ڪري هو فقط چند دوستن تائين محدود هو. محترم محمد ابراهيم جويو، سوڀو گيانچنداڻي سندس بھترين ويجها دوست هيا. جن سان اڪيلائيءَ ۾ ڪچھريون ڪندو هيو ۽ اهي بہ کيس منھن تي سڀ ڪجهہ چئي ڏيندا هئا. ۽ ٻہ ٻيا دوست بہ هيس، هڪ مرحوم جمال ابڙو ۽ بعد ۾ رسول بخش پليجو، جمال ابڙو تہ ”هائو هائو“ ڪرڻ وارن مان هو، باقي پليجو اصل کل لاهي اڇليندو هيس.
باقي مان ڀٽي، تنوير ۽ ٻيا تہ اياز جي حاڪميت جا درٻاري هياسين. منھنجي لاءِ اهو ئي ڪافي هو تہ اياز جي صحبت ۾ آهيان.
روزانو اياز وٽ محفل لڳندي هئي. حبيب ﷲ شيخ سندس مائٽ بہ هيو ۽ شاگرد بہ هو، غلام مصطفى شاھہ بھترين دوست ۽ اياز جو وڪالت ۾ پارٽنر بہ هو، علي بخش ميمڻ ۽ شريف خان واحد سؤٽ ماروٽ بہ اتي ايندا هئا. عبدالقادر صديقي وڃايل اٺ وانگي لڏي لمي اچي نڪرندو هو.
علم، ادب، سياست ۽ آخر ۾ اياز جي تازي شاعري ٻڌبي ۽ ڪڏهن ڪڏهن سڄي رات بہ گذري ويندي هئي. اياز جا ٻيا بہ ڪتاب ”ڪلھي پاتم ڪينرو“ ۽ ڪاڪ ڪڪوريا ڪا پڙي“ اچي چڪا هيا. شاھہ صاحب گذر سفر لاءِ ڪجهہ ڪونہ ڏيندو هيو.
مان ميرپور ماٿيلي، گهوٽڪي، شڪارپور ۽ خيرپور جي ڪورٽن ۾ بسن ۽ ويگنن تي شاھہ صاحب جي طرفان ويندو هيس، ڪڏهن اصيلن کان ڪرايو ملندو هيو، ڪڏهن پنھنجي کيسي مان خرچ ڪرڻو پوندو هيو. سڄو ڏينھن بک تي ڌڪا کائي شام جو موٽي اچي شاھہ صاحب کي رپورٽ ڏيندو هيس.
جيئن تيئن ڪري ڇھہ مھينا ڪڍيم، پوءِ مولا بخش ابڙي سان سندس آفيس ۾ پنھنجي آفيس ٺاهيم، ڪجهہ پئسا، نوراحمد شاھہ ڏنا جيڪو ان وقت قمبر ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر هيو. مڙئي ڪجهہ فرنيچر ورتم ڪجهہ ڪتاب ورتم.
مولا بخش ابڙو مرحوم نور الدين جتوئي جو ڀيڻيوو هيو، مون کان پنج اٺ سال سينيئر هيو، وڪالت ۾ دلچسپي گهٽ هوندي هيس. اڪثر تبليغي اجتماعن ۾ هوندو هيو. مون کان جيترو پھچندو هو سندس گهر موڪلي ڏيندو هيس. نيٺ سندس گهروارن مون کي چيو تہ مولا بخش ڪو ڪم ڪار نہ ڪندو، ان ڪري مون پنھنجي آفيس الڳ ڪئي. آفيس شريف خان وٺي ڏني. فرنيچر قسطن تي ڀٽيءَ وٺي ڏنو.
ان وقت رشيد ڀٽي سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري هيو، هفتيوار گڏجاڻيون ڀٽي جي جاگيراڻي پاڙي واري آفيس ۾ هر ڇنڇر تي ٿينديون هيون. بعد ۾ رشيد ڀٽي مرڪزي سيڪريٽري مقرر ٿيو ۽ مان سکر شاخ جو سيڪريٽري ٿيس. پوءِ گڏجاڻيون منھنجي آفيس تي ٿيڻ لڳيون. ادل سومرو ۽ اياز گل پھريان ڀٽي واري آفيس تي پوءِ مون وٽ ايندا هيا ۽ پنھنجا شعر پڙهندا هئا. شيخ اياز انھن ڳالھين کان مٿانھون هيو.
روح رهاڻ نئين زندگي، مھراڻ ۽ بعد ۾ سھڻي رسالا، باقاعدگيءَ سان ايندا هيا. مان بہ انھن سڀني رسالن ۾ هر مھيني ڇپيو هيس. اياز تہ روح رهاڻ تي ڇانيل هوندو هو.
هاڻي سنڌ جي شاعري سنڌ جي نوجوان نسل جي رڳ رڳ ۾ رچڻ لڳي ۽ ڌرتيءَ جي سڃاڻپ ٿيڻ لڳي. سنڌي پڙهيل طبقو اهو محسوس ڪرڻ لڳو تہ سنڌين سان پراون سان گڏ پنھنجن بہ ويساھہ گهاتي ڪئي آهي. هي اهو پاڪستان ناهي جيڪو جناح صاحب ٺاهيو هو.
حميد سنڌي جشن روح رهاڻ جي نالي تي هر سال بسنت هال ۾ سنڌ جي سمورن اديبن کي گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو، جتي ٽي نشستون ٿينديون هيون. پھرين ۾ افسانا يا مقالا پڙهيا ويندا هيا. ٻي تي مشاعرو ۽ آخر ۾ راڳ رهاڻ.
جشن روح رهاڻ ۾ مقالا توڙي افسانا سنڌ ۽ سنڌين جي اقتصادي، طبقاتي، سياسي ۽ معاشي لٽ ڦر تي علامتي ڪھاڻيون ۽ مضمون پڙهيا ويندا هيا، مشاعرو تہ جنسي باھہ جي اُلن جھڙو هوندو هو.
ان فنڪشن ۾ پھريائين سون پوءِ هزارن جي تعداد ۾ ماڻھو اچڻ لڳا. حيدرآباد ون يونٽ جي خلاف جدوجھد جو مرڪز بڻجندو ويو. ڪابہ سياسي تقرير ڪانہ ٿيندي هئي، پر هئي سياست ٻيو ڪو چارو بہ ڪونہ هيو. سياسي ليڊر تہ سنڌ کان منھن موڙي وڃي لوڀ لالچن جي دنيا ۾ سنڌ جي سينڌ تہ ويٺي وڪيائون پر بازن حوالي ڪري سنڌ جو پر پئي پٽرايائون.
اسان ٻن محاذن تي هياسين. هڪ سياسي ٻيو ادبي سياسي نعپ جي پليٽ فارم تان جنھن ۾ بلوچ پٺاڻ ۽ سنڌي ڪميونسٽ، سوشلسٽ ۽ قومپرست سڀ گڏ هئا. اردو دانن مان اسان سان فقط ڪميونسٽ گڏ هئا. پر هنن جو نعرو بہ مزدور يونين لاءِ هوندو هو. هو سنڌ جي هارين جي ڳالھہ ڪرڻ کان لنوائيندا هئا. ”دنيا کے مزدورو ايک هوجاؤ“ تہ چوندا هئا پر ”دنيا کے ہاری و ايک هوجاؤ“ڪرڻ کان لنوائيندا هئا. نہ چوندا هئا. هو ڪسان تحريڪ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ تيار ٿيل ان ۾ سي آر اسلم ۽ ميجر اسلم اسحاق وارا اڳڀرا هئا. پر سائين ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو ٺاھہ نہ ٿي سگهيو. ڪامريڊ جو چوڻ هو تہ پنجاب ۾ ”ڪسان“ ننڍي زميندار کي چئبو آهي. سنڌ ۾ ”هاري“ معنى جنھن کي ڪابہ زمين ڪانہ هجي ۽ اهو زميندار جو پيڙهيل طبقو آهي ان ڪري ”هاري“ ۽ ”ڪسان“ ٻہ مختلف ”طبقا“ آهن ۽ هڪ نہ ٿا ٿي سگهن.
ٻيو محاذ هو ادبي جيڪو روح رهاڻ ۽ ٻيا سنڌي اديب سنڀاليو ويٺا هئا ان ۾ آخري نشست ۾ قومي گيت جيڪي گهڻو ڪري اياز جا يا ڪڏهن ڪڏهن منھنجا بہ ڳايا ويندا هئا، جيڪي زرينا بلوچ ۽ علڻ فقير معرفت هزارين سنڌين جي اندر ۾ گهڙي سندس ضمير کي جهنجهوڙي ڇڏيندا هئا.
هينئر جيڪي سرڪاري ۽ درٻاري شاعر ۽ ليکڪ زلف، لال لب ۽ رخسارن ۾ محبوب سان ملاقات لاءِ مشتاق هئا. انھن کان ڌرتي پيرن هيٺان نڪري چڪي سو هو پاڻ وڻائڻ لاءِ قومي ادب جا اردو ترجما ڪري حڪومت کي پھچائڻ لڳا. هڪ وڏو ليکڪ جيڪو ان وقت انفارميشن کاتي ۾ اعلى آفيسر هيو، سو ان ڪم ۾ پيش پيش هو باقي ڪجهہ ٻيا ماڻھو بہ سنڌي اديبن جي هن تحريڪ جي خلاف ظاهر ظھور اچي بيھي رهيا. هڪ اخبار سنڌي اديبن کي ”ڀارتي ايجنٽ، دهريا“ ۽ ٻيو گهڻو ڪجهہ لکڻ لڳي. اياز جا شعر ترجمو ڪري پوسٽر ٺھرائي ڀتين تي هنيا ويا. انھن ڏينھن ۾ شمشير الحيدري جشن روح رهاڻ ۾ ”سنڌ وطن جو ڏاهو آهيان، شوق منجهان شمشير سڏايان.“ پڙهيو ۽ ٻي ڏينھن تي سيد سردار علي شاھہ روزاني مھراڻ اخبار جي پھرين صفحي تي ليڊ خبر هنئي ۽ ايڊيٽوريل ۾ حڪومت کي اديبن تي قدم کڻڻ جي اپيل ڪئي.

ون يونٽ ۽ سکر جي سياست

1954ع ۾ ون يونٽ لاڳو ڪيو ويو، انھيءَ کان پوءِ نيشنل عوامي پارٽي بہ ساڳي سن ۾ قائم ٿي. لاهور ۾ ميان افتخار الدين (مرحوم) وٽ ان پارٽي جو اعلان ٿيو. هن پارٽي جا آدرش ۽ پروگرام ملڪ ۾ جمھوريت جي بحالي، مساوات، زمينداري جو خاتمو، انسان دوستي ۽ سامراجيت کان آجو معاشرو قائم ڪرڻ هو. هن پارٽي سڀ کان پھريون ون يونٽ جي مخالفت جو اعلان ڪيو. ان پارٽي ۾ بلوچ، سنڌي، پختون، پنجاب جا ترقي پسند، ڌڙا، مزدور ٽريڊ يونينن جا نمائندا ۽ شاگرد تنظيمون شامل ٿيڻ لڳيون.
جيئن تہ مان سکر بار ۾ 1963ع ۾ اچي ويو هيس. ۽ ڇھن مھينن کان پوءِ 1964ع ۾ مون کي وڪالت جي سند ملي. ان دوران مان سيد شمس الدين جي آفيس ۾ ڪم ڪندو هيس. شاھہ صاحب اي اين پي سکر جو صدر هو. رشيد ڀٽي ۽ ٻيا ڪيترائي دوست نئپ ۾ شامل ٿي وياسين.
هي ايوب خان جي آمريت کان جان ڇڏائڻ لاءِ ملڪي سطح تي هڪڙو جمھوريت جي بحالي جو محاذ ٺھيو جنھن جو نالو سي يو پي رکيو ويو ان ۾ نوابزادہ نصر ﷲ نيشنل عوامي پارٽي جو سربراھہ مولانا ڀاشاني جيڪو بنگال جو اڳواڻ بہ هيو ۽ مائوزي تنگ جي مارڪسٽ فلسفي جو قائل هيو، مسلم ليگ جو صدر ميان ممتاز دولتانہ چوڌري محمد علي جماعت اسلامي وغيرہ شامل هئا ۽ اهي اڳواڻ سکر بار ۾ اچڻ لڳا.
اسان جون گڏجاڻيون گهڻو ڪري يا تہ آغا بدرالدين يا شمس الدين شاھہ يا ڪڏهن فتح ﷲ عثماني وٽ ٿينديون هيون. عثماني صاحب حيدرآباد دکن مان آيو هيو ۽ کليل ذهن جو ترقي پسند انسان هيو. هي اهو ماڻھو هو جنھن سنڌ کي پنھنجو وطن تسليم ڪيو ۽ ڪوبہ ڪليم وغيرہ ڪونہ ورتائين. سنڌي سکيو، هڪ ڀڳل جڳھہ خريد ڪيائين ۽ بعد ۾ ان کي ٺھرائي ان تي سنڌ جو نقشو ٺھرائي ڇڏيائين. انڪم ٽيڪس ڊپارٽمنٽ کي ڇڏي وڪالت ڪيائين ۽ شاھہ صاحب وٽ ٽريننگ وٺي انڪم ٽيڪس جي وڪالت ۾ داخل ٿي ويو هيو. وٽس عطاءُ ﷲ مينگل، غوث بخش بزنجو اچي رهندا هئا. اسان بہ کٽيءَ ۾ عثماني صاحب جي بٽون کي نھاريندا هئاسين. جيڪو هميشہ سندس ٽيبل تي کليل رکيو هوندو هو.
عثماني صاحب جي گهرواري واري ۽ سندس نياڻيون اسان کان پردو وغيرہ ڪونہ ڪنديون هيون ۽ ماني کارائڻ کان سواءِ ڪونہ ڇڏينديون هيون.
ايوب خان بنيادي جمھوريت جو نظام قائم ڪيو، جيڪو هينئر ناظمن جي صورت ۾ صدارتي نظام ڄاڻايل هيو. بنيادي جمھوريت جا جملي اسي هزار ميمبر سڄي پاڪستان مان چونڊجي ويا، جيڪي اڳتي هلي صدر جي چونڊ ڪندا. پاڪستان جي روايتي چونڊن وانگر بنيادي جمھوريت جي چونڊن ۾ بہ زبردست ڌانڌلي ڪئي وئي.
علي حسن منگي فوڊ انسپيڪٽري ڇڏي سياست ۾ اچي ويو ۽ ايوب شاهي جو حمايتي بڻجي ويو. سکر جا مھاجر جيڪي آمريت جا حمايتي ۽ ٻيا مفاد پرست ٽولا اچي منگي صاحب وٽ گڏ ٿيا. منگي صاحب هڪ منگي بئنڪ ٺاهي وڏو پئسو گڏ ڪيو. هو سياست ۾ سڀ ڪجهہ ڪرڻ جو قائل هيو. ووٽ خريد ڪرڻ ۽ ميمبرن جون ٻيون هر قسم جون خدمتون ڪرڻ ۾ دير نہ ڪندو هو، منگي صاحب جي دم خم سان سياست جي بازار سان گڏ بازار حسن ۾ بہ رونقون اچي ويون ۽ کين بہ روزگار ملي ويندو هو.
بنيادي جمھوريت جي ميمبرن جي چونڊ ۾ هڪڙي سيٽ تي منگي صاحب مير رياست علي کي بيھاريو. هي همراھہ حيدرآباد دکن جي هڪ ڪلمينٽر جو ڪمدار هيو. خوش شڪل هو، سدائين فل سوٽ ۾ رهندو هيو. رياست علي جو ڪليمنٽ معذور هيو ۽ هلڻ چرڻ کان لاچار هيو، ان ڪري رياست علي هن جو پورو پورو فائدو ورتو.
رياست جي مقابلي ۾ مخالف ڌرين آغا بدر الدين کي بيھاريو، هوڏانھن منگي صاحب ڳڙهي ياسين ۽ سکر شھر جا غنڊا ۽ داداگير گهرايا. آغا صاحب بہ سلطان ڪوٽ جا پٺاڻ هٿياربند ڪري بيھاريا. اليڪشن ايوب خان جي ڪنوينشن مسلم ليگ ۽ متحدہ مخالف جماعت جي وچ ۾ تہ ظاهر هئي پر حڪومت جي طاقت ۽ عوامي طاقت جي وچ ۾ بہ سخت مقابلو هيو، چيو ويو تہ مرحوم ڀٽو صاحب هتي اليڪشن پاڻ مانيٽر ڪرڻ آيو ۽ ميونسپل آفيس ۾ اچي ويو.
مقابلو رات تائين هليو ۽ آخر ۾ آغا صاحب اليڪشن کٽي ويو، پر ٻيون ڪيتريون سيٽون حڪومت کڻي وئي. اسان اليڪشن کٽڻ جي خوشي ۾ وڏو جلوس ڪڍيو، جنھن جي قيادت شمس الدين شاھہ ۽ ٻين ڪيترن دوستن ڪئي.
رڪن الدين قاسمي جيڪو هينئر ڄام ساقي جو سھرو بہ آهي. ٽريڊ يونين جو اڳواڻ هيو ۽ وڪالت بہ ڪندو هيو، ڏاڍو جستو پھلوان قسم جو هاٺي ڪاٺيءَ سان بہ هيو، هينئر ڏاڍو ضعيف ٿي ويو آهي ۽ مفلسي واري زندگي گذاري رهيو آهي.
آخر ايوب خان جي صدارتي اليڪشن جو اعلان ٿيو، جيڪو انھن بي ڊي ميمبرن مان چونڊجڻو هو، اها اليڪشن جنوري 1964ع ۾ ٿي. مخالف ڌر وارن فاطمہ جناح کي ايوب خان جي مقابلي ۾ بيھاريو. ٻہ ٻيا همراھہ بہ ڪورنگ ۾ بيٺل هيا. جن جو نالو هيو ڪمال ۽ بشير. شڪارپور جي سومرن شروع ۾ ايوب خان جي مخالفت جو اعلان ڪيو، پر بعد ۾ مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪوشش سان ايوب خان جا حمايتي ٿي ويا.
مون کي شاھہ صاحب ميرپور ماٿيلي واري پولنگ تي ايجنٽ طور موڪليو. هڪ ٽئڪسي جنھن ۾ حسن حميدي ۽ ٻيا ڪارڪن منھنجي حوالي ڪيا ويا. فاطمہ جناح جي اٿارٽي ليٽر سان بشير ۽ ڪمال جا اٿارٽي ليٽر بہ مون وٽ هيا. ان سان گڏ فاطمہ جناح جي صحيح واري سيل مھر بہ مون وٽ هئي.
ان کان اڳ فاطمہ جناح ۽ بلوچ اڳواڻ جن ۾ خير بخش مري، مير جعفر خان جمالي ۽ ٻين سڀني پارٽين جا مرڪزي اڳواڻ سکر آيا مولانا مودودي، فاطمہ جناح جي رهائش ۽ ٻيا انتظام منھنجي ۽ سيد مظھر الحق جي حوالي هيا. رات جو بار جي ڊنر ٿي، جنھن ۾ ايوب خان واري مسلم ليگ ۾ شامل وڪيل صاحب جن ۾ حسن ميان، رحمان علي نقوي ۽ عبدالحليم پيرزادو بہ شريڪ ٿيا.
ٻي ڏينھن تي اسٽيڊيم ۾ تمام وڏو جلسو ٿيو، جنھن جي صدارت بہ شاھہ صاحب ڪئي. فاطمہ جناح جي اليڪشن نشاني لالٽين ۽ ايوب خان جو گلاب جو گل هو.
اليڪشڻ واري رات اسان ميرپور ماٿيلي پھتاسين. اسان کي ٻڌايو ويو تہ اسان جي رهائش هڪڙي وڪيل صاحب جي جڳھہ تي آهي ۽ مرحوم نور محمد لنڊ ۽ ٻيا سرڪرده زميندار اسان جي مدد ڪندا. هوڏانھن سردار غلام محمد خان مھر ايوب خان جي اليڪشن پيو وڙهي.
اسان جڏهن شام ڌاري ميرپور ماٿيلو پھتاسين تہ وڪيل صاحب جي جڳھہ کي تالو هيو ۽ پاڙي وارن ٻڌايو هو تہ هو هيٺين جڳھہ پوليس جي حوالي ڪري هليو ويو آهي. نور محمد خان لنڊ بہ ڦري ايوب خان جو حمايتي ٿي ويو هو.
اسان ڪجهہ وقت ڪار ۾ ويھي گذاريو، پوءِ تالو ڀڃي وڪيل صاحب جي جڳھہ تي رات گذاريوسون، صبح جو اليڪشن آفيس جيڪا مختيارڪار جي آفيس ۾ هئي وڃي پھتاسون.
مختيارڪار مرحوم فضل عباسي جيڪو تنوير عباسي جو چاچو هيو ۽ بابي وارن سان سنڌ مدرسي ۾ پڙهيو هيو ۽ گڏ نوڪري بہ ڪئي هيائون. هيو قادياني فرقي جو پر نھايت شريف ۽ سادو ماڻھو هو.
مون کيس واقفيت ڪرائي، حسن حميدي ڪمال جو ايجنٽ ۽ هڪ ٻيو همراھہ بشير جو ايجنٽ مقرر ٿيو، چاچو فصل محمد شروع ۾ ڏاڍو پريشان ٿيو بعد ۾ سول جج قريشي صاحب جي سمجهائڻ تي اسان سان مڪمل تعاون ڪيائين.
سردار غلام محمد کي جڏهن خبر پئي تہ ميرپور ماٿيلي ۾ بہ مخالف ايجنٽ پھچي ويا آهن تہ مينھن واءُ وانگر پھچي ويو ۽ ڪجهہ ڌمڪيون ڪجهہ پيار سان ڳالھائڻ لڳو. منھنجي واقفيت کان پوءِ مون جڏهن کيس مخفي طور ٻڌايو تہ شام ڌاري ملڪ ۾ وڏو انقلاب اچڻ وارو آهي ۽ ايوب خان جا سمورا حمايتي اسان جيل اماڻي پوءِ اٿنداسين تہ پوءِ ڪجهہ ٿڌو ٿيو.
اسان ماحول سمجهي وياسون تہ هت سمورا ووٽ ايوب خان جا آهن سو يارهين لڳي ڌاري هڪ پروٽيسٽ نوٽ ڌانڌلين وارو لکي ڏئي واڪ آئوٽ ڪري آياسون.
رڪن الدين قاسمي کي گهوٽڪي موڪليو ويو ۽ رشيد ڀٽي کي پنو عاقل موڪليو ويو هيو. تقريبن سڀني دوستن وٽ ساڳي ڪھاڻي هئي.
ايوب خان گهڻو ڪري اسي هزار جي لڳ ڀڳ ووٽ کنيا. باقي مشرقي پاڪستان جي ڍاڪا شھر ۾ اليڪشن هارائي ويو هيو، هنن فاطمہ جناح جي حمايت ڪئي.
هن اليڪشن جو اثر اهو ضرور ٿيو تہ سڄي ملڪ ۾ ايوب خان جي خلاف نفرت ۾ اضافو ٿيو.
هڪ اهم ڳالھہ رهجي وئي تہ اليڪشن کان اڳ عثماني صاحب وٽ هڪ ڳجهي ميٽنگ ٿي جتي سي آر اسلم جيڪو پنجاب جي ڪسان ڪاميٽي جو سربراھہ هيو، آيو ۽ مولانا ڀاشاني جيڪو نيشنل عوامي پارٽي جو سربراھہ هيو، ان جو نياپو کڻي آيو تہ چين جي حمايتي ڪامريڊن فيصلو ڪيو آهي تہ اليڪشن ۾ ايوب خان جي حمايت ڪجي. اسان جو ايوب خان جي خلاف هيڏي تحريڪ هلائي هئي. کيس انڪار ڪيو ۽ پنھنجي ڳالھہ تي بيھي رهياسين.
اليڪشن ۾ نيشنل عوامي پارٽي طرفان هڪ وڪيل جي بدنام منشي عبدالرئوف جوهر بہ بنيادي جمھوريت نيشنل عوامي پارٽي جي حمايت سان بي ڊي جو ميمبر چونڊيو، ان کان پوءِ قومي اسيمبلي جون اليڪشنون ٿيون. جنھن ۾ سردار غلام محمد مھر جي مقابلي ۾ رئوف جوهر کي بيھاريو ويو، جيڪو پوءِ وڪامي هٿ کڻي ويو ۽ سردار صاحب بنا مقابلي چونڊجي ويو.
نيشنل عوامي پارٽي ۽ ٻين پارٽين جا ميمبر ڏاڍا مايوسيءَ جو شڪار ٿيا ۽ ڇڙوڇڙ ٿيڻ لڳا. ايتري ۾ هندوستان سان جنگ جا اعلان ٿيڻ لڳا. ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ٿي وئي. بنيادي حق ختم ٿي ويا. شيخ اياز کي ڊفينس آف پاڪستان رولز تحت گرفتار ڪيو ويو. سندس ڪوئنس روڊ وار جڳھہ حڪومتي آرڊر تحت زبردستي خالي ڪرائي هڪ مھاجر ڪٽنب جي حوالي ڪئي وئي. ان کان اڳ اياز جو جنگ جي خلاف نظم شايع ٿيو. جنھن جو اردو ۾ ترجمو ڪري هڪ مذهبي پارٽيءَ وارن وڏا پوسٽر ڇپرائي سڄي ملڪ ۾ ورهايا.
اهو وقت نھايت گهٽ ۽ ٻوسٽ وارو هيو، اياز جي آزادي لاءِ اسان مرحوم اي ڪي بروهي سان ملياسين، جنھن هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي. ڪيس جي پيروي رشيد ڀٽي باقاعدگي سان ڪندو هيو، اياز سان ملاقات جي اجازت بہ لاهور مان ڀٽي وٺي ايندو هيو.
اياز جيل جا ٽي مھينا گهاري باهر نڪتو، اسان سندس جلوس سان استقبال ڪيو.
جڏهن اياز جيل ۾ هيو جنگ جون حالتون هيون، ان دوران اقباليات وارن سکر ۾ هڪ رزميہ مشاعرو ڪوٺايو، ڀٽي مون وٽ آيو ۽ چيائين تہ آفاق صديقي چئي ٿو تہ اسان ان مشاعري ۾ شريڪ ٿيو. اياز جي نہ هجڻ ڪري مان ۽ ڀٽي ايئن لڳندا هئاسين ڄڻ اها جنگ اسان ڪرائي آهي. سو وڃي ان فنڪشن ۾ شريڪ ٿياسين. صدارت وقت جو ڪمشنر ۽ فوجي آفيسر ڪري رهيا هئا. ڪارروائي آفاق صديقي جنھن اياز کي شاھہ جو رسالو اردو ۾ ترجمو ڪرڻ ۾ مدد ڪئي هلائي رهيو هيو. شيخ عبدالرزاق راز ۽ شيخ حفيظ بہ اتي هيا. حفيظ شيخ تقرير ڪندي روئي ڏنو ۽ اعلان ڪيائين تہ هو جنگن جي حمايت نہ ٿو ڪري سگهي.
هڪڙي پروفيسر سليم چشتي کي لاهور مان گهرايو ويو هيو، هو نھايت نٻل ۽ ضعيف هيو، کيس کڻي اچي اسٽيج تي ويھاريو ويو، هن اچڻ شرط هندستان جي ان وقت جي صدر ڊاڪٽر راڌا ڪرشن جي شعرن سان شروعات ڪئي ۽ جنگ جي خلاف زبردست تقرير ڪئي.
مون وٽ شمشير جو شعر هيو ۽ ان ماحول ۾ اهو ئي ياد آيو، سو پڙهي لھي آيس.
اسان وٽ آغا علي حيدر سيشن جج هيو، ان وڪيلن جي بار ۾ ميٽنگ گهرائي ۽ سڀني وڪيلن کي جنگ لاءِ فنڊ ڏيڻ جو حڪم ڏنو. اسان جي مھاجر وڪيلن اعلان تہ وڏا ڪيا پر ڏنائون ڪجهہ بہ نہ آغا علي حيدر اياز جي پارٽنر مرحوم غلام مصطفى شاھہ ۽ حبيب ﷲ شيخ کي چيو تہ اياز جي فرم بہ چندو ڏئي ۽ جي نہ ڏنائون تہ کين بہ هو جيل اماڻيندو، جنھن تي غلام مصطفى شاھہ اٺ آنا ڏيڻ جو اعلان ڪيو. سڀ حيرت ۾ پئجي ويا. جنھن تي شاھہ صاحب وراڻيو تہ هڪ تہ اياز کي پاڪستان دشمن سمجهي جيل اماڻيو ويو آهي. ٻيو اسان کي بہ جيل جا دڙڪا ٿا ڏيو، اهو چئي اسان ٻہ چار ڄڻا بار مان نڪري آياسين.
ان جنگ جو خاتمو تاشقند معاهدي سان ٿيو، پاڪستان کي رڻ ڪڇ جي علائقي مان ڪڇ ۽ ڀڄ جيڪي صدين کان سنڌ جا علائقا رهيا آهن، هندوستان کي ڏيڻا پيا.
ان معاهدي مان ڀٽو صاحب خوش ڪونہ هيو ۽ بعد ۾ هو ايوب خان جو ساٿ ڇڏي. جڏهن حيدرآباد پھتو تہ سندس آجيان لاءِ اسٽيشن تي ڪير بہ ڪونہ هيو ۽ هو هوٽل وارو ڪمرو بہ نہ کليو، جيڪو سندس لاءِ قاضي برادران اعلانيہ رکيو هو. ڀٽي صاحب کي آخر مير رسول بخش ٽالپر ۽ سندس ڀاءُ علي احمد ٽالپر وٺي اچي پنھنجي گهر رهايو.

شيخ اياز

شيخ اياز جيل ۾ رهڻ دوران تمام سٺا شعر لکيا، جن ۾ همايون شريف جي بزرگ حضرت مولانا عبدالغفور، مفتون، همايوني جي زمين ۾ بہ هيو، مفتون جو شعر هن ريت آهي.
تنھنجي زلف جي بند ڪمند وڌا، زندان
هزارين مان نہ رڳو
تنھنجي شاهي دسترخوان مٿي مھمان
هزارين مان نہ رڳو،

اياز هن ريت لکي ٿو :

اک ساري رات نہ جهپڪي آ
۽ شبنم شبنم ٽپڪي آ
ڇو چنڊ اسان کي رات لڙي آ
ڏي چانڊوڪيءَ جو زهر ڀري
آ ڪيڏو پويون پھر پري
حيران هزارين مان نہ رڳو

”سنڌڙيءَ تي سر ڪير نہ ڏيندو“

”هيءَ سين نہ ڏيندي چين، اٿي ڏس
ڪوئي آيو آ پيارا“

مون مرڪي پنھنجو پاند ڏٺو، رت آئي
ڳاڙهن پيرن جي

۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي شعر روح رهاڻ ۾ شايع ٿيڻ لڳا.
حميد روح رهاڻ جو سارو رسالو هڪ دفعي اياز جي شعرن جي حوالي ڪري ڇڏيو، جل جل مشعل جي نالي سان جشن روح رهاڻ ۾ هن ماڻھن جي موجودگيءَ ۾ پڌرو ڪيو ۽ آخر شيخ اياز سنڌ جو آواز ٿي ويو.
رشيد ڀٽي سکر ۾ ادبي سنگت جو سنڌ ڪنوينشن ڪوٺرايو جنھن ۾ محترم محمد ابراهيم جويو، غلام رباني آگرو، مولانا غلام محمد گرامي، مولانا غلام مصطفى قاسمي ۽ ٻيا ڪيترائي اديب ۽ شاعر جھڙوڪ ڊاڪٽر تنوير عباسي، شمشير الحيدري، نياز همايوني ۽ امداد حسيني شريڪ ٿيا. ان وقت هڪڙو اڻوڻندڙ واقعو بہ ٿيو، جيڪو اجلاس ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال ۾ ٿي رهيو هو اتي پريس نمائندن لاءِ گئلري رکيل هئي ان ۾ پريس جا ڪافي نمائندا موجود هيا. صدارت اياز يا شايد گرامي صاحب پئي ڪئي. بھرحال اهي سموريون قدآور شخصيتون موجود هيون. بردو سنڌي نواب شاھہ کان آيل هيو، سڄي سنڌ مان سنڌي ادبي سنگت جي شاخن جا عھديدار بہ آيل هيا. اتي رشيد ڀٽي هڪ اخبار جي نمائندي عبدالڪريم تابان کي هال مان نڪري وڃڻ جو اعلان ڪيو. ان ڪري پريس جا سمورا عھديدار احتجاج ڪري نڪري ويا.
صبح جو ان اخبار سرخي هنئين، سرخن جي سرغنن ۽ ڀارت نواز اديبن جو ميڙ وغيرہ جھڙيون خبرون هيون. ڪافي سنڌي اخبارون ڪجهہ نرم ڪجهہ گرم خبرون ڏنيون ۽ اهو روز جو معمول ٿي ويو، مدا باھہ ٻري وئي.
اياز تازو جيل مان آزاد ٿيل هو، سو ڏاڍو گهٻرايل هيو، جويو صاحب، رباني ۽ حميد کي سکر گهرايو ويو. صلاح مشوري کان پوءِ اهو فيصلو ٿيو تہ اخبارن جو وات بند ڪرڻ لاءِ هڪ ڊيفينيشن جي فرياد داخل ڪئي وڃي.
اها فرياد شيخ اياز تيار ڪئي پر شيخ صاحب جو خيال هيو تہ اها فرياد جنھن عدالت ۾ داخل ٿئي جيڪا سکر ۾ نہ هجي.
بھرحال فيصلو ٿيو تہ فريادي حميد سنڌي هجي. وڪيل رسول بخش پليجو ۽ داخل ٿي سول جج ۽ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ حيدرآباد وٽ جيڪو جمال ابڙو هيو. هينئر اها ڊيوٽي مون تي رکي وئي تہ مان اها فرياد حيدرآباد کڻي وڃان. مون وٽ ڪرائي جا پئسا ڪونہ هيا. سو اياز پنجاھہ رپيا اوڌر ڪري ڏنا ۽ تاڪيد ڪيائين تہ اهي پئسا ستت کيس واپس ڪرڻا پوندا. انھيءَ معاملي ۾ شيخ صاحب ڏاڍو سخت گير ماڻھو هيو، سڄي دنيا کي اهو تاثر هوندو هو تہ اسان اياز وٽ پلجندا آهيون، پر حقيقت ان جي ابتڙ هئي. جڏهن ڪو دوست باهران ايندو هيو تہ اياز جي چٺي سندس بلو منشي کڻي ايندو هيو تہ سڀني جو دوست آيل آهي چندو ڏيو ڀلي اهو ڏھہ رپيا ڇو نہ هجي.
بھرحال اها فرياد مان حيدرآباد کڻي ويس حميد، مان ۽ پليجو، ابڙي صاحب جي ڪورٽ ۾ پيش ٿياسين. هن بنا دير ضمانت جوڳا وارنٽ ڪڍي ڏنا. حقيقت ۾ اسان جي تحريڪ کي انھن خبرن سان وڏو ڇيھو ٿي رسيو، ان ڪري انھن جو وات بند ڪرڻ جو اهو ئي هڪ طريقو هيو، ان جو اثر ڪجهہ وقت تہ ٿيو پر ساڳيون خبرون ٻي رنگ ڍنگ سان شايع ٿيڻ لڳيون. ان ڪري هڪ ٻي فرياد سکر ۾ بہ داخل ڪئي وئي پر نتيجو نہ نڪتو.
مون تي شيخ صاحب پنجاھہ رپيا واپس ڪرڻ جو ڏاڍو زور ڀريو ۽ ذليل بہ ڪرڻ لڳو. صلاح رشيد ڀٽي ڪڍي تہ خيرپور ۾ تنوير عباسي سرڪاري مشاعرا ڪرائيندو آهي جن ۾ شاعرن کي پئسا بہ ملندا آهن. اسان دراصل سرڪاري فنڪشن ۾ شامل نہ ٿيندا هئاسون پر مجبورن مون کي اهو بدپيشو ڪرڻو پيو ۽ تنوير واري سرڪاري مشاعري مان جيڪي پنجاھہ رپيا مليا، اهي چئي مون شيخ صاحب کي ڏنا تڏهن جان ڇٽي.
شيخ اياز جيترو ئي وڏو شاعر هيو اوتروئي گهڻن عملن ۾ ڪمزور بہ هيو، عورت هونءَ تہ هر مرد جي ڪمزوري رهي آهي پر شيخ صاحب ان معاملي ۾ ليڪا لتاڙي بيھندو هيو ۽ اهي حرڪتون جن کي هو معاشقا سڏيندو هيو فخر سان ٻڌائيندو هيو. انھن مان هڪڙو اهڙو واقعو ڏاڍو خراب اثر ڇڏي ويو. مثال طور ڪنھن وقت هندستان مان هڪ مھمان اديب پنھنجي ڌرم پتني سان گڏ سنڌ گهمڻ آيو. اهي سکر بہ آيا ۽ شيخ صاحب جا مھمان ٿيا. شيخ صاحب خبر ناهي تہ مائي صاحبہ کي ڇا ڪيو جو ان موڪلائڻ وقت هڪ تاريخي جملو ڳالھايو مون کي سڏ ڪري چيائين فتاح تون ڏاڍو سٺو شاعر ٿيندين هڪڙا شاعر وڏا هوندا آهن پر ماڻھو ننڍا هوندا آهن تون شاعر بہ وڏو ٿجان ۽ ماڻھو بہ وڏو ٿجان.
ان ڏينھن ۾ ئي سيد عابد حسين شاھہ موسوي جيڪو ان وقت اسلاميہ ڪاليج سکر جو شاگرد ليڊر هيو ۽ عبدالمجيب پيرزادہ جيڪو مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جو شاگرد اڳواڻ هيو ۽ نبي بخش کوسو جيڪو هونءَ تہ ڪجهہ بہ ڪونہ هيو پر سياسي ۽ علمي ڄاڻ رکڻ وارو ۽ نوجوان هيو. هنن گڏجي سکر ۾ سنڌي شام جي نالي تي هڪ فنڪشن ڪرڻ چاهيو. ان وقت ڪنھن بہ اهڙي ميڙ لاءِ دسٽرڪٽ مئجسٽريٽ جي اجازت ضروري هوندي هئي.
ان وقت سکر جو ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ آصف فصيح الدين وردڪ هيو. هئو پٺاڻ ماڻھو پر نھايت بھترين انسان هيو، بھرحال شمس الدين شاھہ ۽ شيخ اياز کي قائل ڪيو ويو تہ ان ميڙ ۾ ڪابہ سياست ڪانہ ٿيندي. فقط راڳ روپ جي محفل ڪئي ويندي. سو آغا بدرالدين جيڪو هميشہ پي آر ڪامورن جي دعوتن ذريعي رکندو ايندو هيو، سو ان کي وچ ۾ وجهي سنڌي شام جي اجازت ملي وئي. اياز اسان کان سمورا قسم ۽ وعدہ ورتا ۽ شاھہ صاحب کي بہ دلجاءِ ملي تہ هي ڪو سياسي ميڙ نہ آهي.
هيڏي وڏي ميڙ لاءِ چندو وٺڻ شروع ڪيوسين پي ڊبليو ڊي وارن سڀ کان گهڻو چندو ڏنو. آغا غلام نبي خان پٺاڻ شڪارپور گهرائي پاڻ بہ سھائتا ڪئي ۽ ٻين کان بہ ڪجهہ وٺي ڏنائين. مان گهوٽڪي ويس . اتي اسان جو دوست ڊاڪٽر غلام مصطفى قريشي هوندو هو. ڊاڪٽر صاحب وٽ علي محمد مھر جو والد علي انور خان مھر، ڊاڪٽر قريشي ۽ علي بخش ميمڻ وارن سمورا جوئا جا پئسا منھنجي حوالي ڪيا ۽ سکر بہ سردار صاحب جي گاڏي ڀڄائي وئي.
ان فنڪشن کي مھراڻ مرڪز ۾ رکيو ويو، ان ۾ ڊاڪٽر حسان، حفيظ قريشي، حيدر بخش جتوئي، محمد ابراهيم جويو ۽ سنڌ جا مزاحمتي شاعرن جن ۾ سرويچ سجاولي، مجيب پيرزادي زبردست تقرير ڪئي. پھريون ڀيرو سنڌ جي نقشي جي نقاب ڪشائي ٿي. جنھن جي ٻنھي طرفن کان جيئي سنڌ، جام محبت پئي سنڌ ڳايو، جيئي سنڌ جو نعرو پھريون ڀيرو اتي لڳو، پوءِ جڳ مشھور ٿيو، اياز شاھہ صاحب ۽ آغا صاحب کي وردڪ صاحب ڪنڊ ۾ وٺي ويو ۽ وڏي ڇنڊ پٽيائين ۽ دڙڪو ڏنائين تہ ان جا نتيجا خراب نڪرندا. هو وري اسان تي الرون ڪرڻ لڳا. سنڌ جو نقشو رشيد ڀٽيءَ پاڻ پينٽ ڪيو هيو. بھرحال اسان ڪونہ ڊناسون پر اياز ڏاڍو گهٻرايل هيو، هو سڀ اٿي هليا ويا ۽ اسان سڄي رات فنڪشن هلايو.
ٻئي ڏينھن تي ايوب خان جي دعوت مير علي مراد ٽالپر ۽ اڳواڻي واليءَ رياست خيرپور ڪئي. ان تقريب ۾ ايوب خان سنڌ کي وري بحال ڪرڻ وارن جي حمايتين کي ڏاڍيون ڌمڪيون ڏنيون.
ان کان پوءِ سائين جي ايم سيد جيڪو گهڻو ڪري نظربند هوندو هيو، آزاد ٿي ويو، سائين سنڌ جو دورو ڪرڻ شروع ڪيو. خيرپور ۾ تنوير جي جڳھہ تي سائين بزم صوفياءِ سنڌ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو. مان ۽ رشيد بہ اتي هياسين. سائين چيو تہ سنڌ جي ميلن ملاکڙن تي ڪابہ بندش ڪانہ آهي. سو سمورن درگاھہ جي سجادہ نشينن جي اجازت سان سنڌ جي غلاميءَ ۽ ان جي آجپي لاءِ تقريرون ۽ اسان جا شعر پڙهيا ويندا هيا. اسان گهڻو ڪري هر ميلي تي پڄي ويندا هياسين. اياز بہ ڪڏهن ڪڏهن پھچي ويندو هيو. وري جي سائين نظر بند ٿي وڃي تہ سن ۾ سائين جي سالگرھہ زبردست نموني ملھائي ويندي هئي ان ۾ قومي تقريرون ۽ شعر پڙهيا ويندا هيا. ۽ پوءِ راڳ رهاڻ جنھن ۾ بہ قومي شاعري پيش ٿيندي هئي.
رئيس ڪريم بخش نظاماڻي بدين جو زميندار پھرين سنڌي فلم ايڪتا جو هيرو بہ اتي ايندو هيو. رئيس ڳائڻن جي ٽولي پاڻ سان وٺي ايندو هيو ۽ اوستائين ويٺو چاندي جي گلاس ۾ سوم رس پيئندو، جيستائين محفل مشاعرہ پنھنجي عروج تي پھچي. رئيس کنجري کڻي وچ مشاعري ۾ ڳائڻ شروع ڪندو ۽ هن جا ڳائڻا بہ شريڪ ٿي ويندا هئا.
اسان علڻ فقير کي وٺي اچي پنھنجي رهائش تي ويھندا هياسون. علڻ ساري رات ويٺو ڳائيندو جيستائين اسان کي ننڊ اچي وڃي.
سائين دسترخوان جو سخي امير غريب کي هڪ جھڙي ماني کارائيندو، سندس فرزند امير حيدر شاھہ ۽ امداد محمد شاھہ پاڻ بيھي ماني کارائيندا هئا. سائين سڀني سان ويھي ڪٺي ماني کائيندو، سائينءَ جي ماني پرهيز جي هوندي هئي. ڀل ڪھڙو صاحب هجي. پير حسام الدين شاھہ هجي يا ڪو ٻيو سڀني مھمانن کي گڏجي فرش تي ويھاري ڪٺي ماني کارائبي. رات ڌاري سائين اسان ستلن جون چادرون سڌيون ڪرڻ ايندو هيو. ايوب خان يارهين جنوري 1966ع تي اعلان تاشقند تي صحيح ڪئي. مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي صاحب چوويھہ اپريل 1967ع تي وزارت خارجا تان استعيفى ڏني،. هو ڪجهہ عرصو سائين جي ايم سيد وٽ سن ۾ بہ رهيو، جو کيس سنڌ جي هڪ وڏي پير کان مارجڻ جو خوف هيو.
بعد ۾ ايوب خان ڀٽي صاحب کي ڪجهہ وقت نظربند ڪيو، سکر بار جي وڪيلن احتجاج بہ ڪيا ۽ جلوس بہ ڪڍيا، جنھن ۾ اسان پيش پيش هياسون.
اصغر خان ڀٽي صاحب جي حمايت ۾ سڄي ملڪ ۾ دورا ڪرڻ لڳو ۽ سکر بار ۾ بہ آيو، اسان سندس آجياڻو ڪيو ۽ بعد ۾ ڀٽي صاحب کي آزاد ڪيو ويو. هن شڪارپور ۾ قاضي عبدالقادر جي جڳھہ تي هڪ جلسو ڪيو. حفيظ قريشي ساڻس گڏ هيو. هو اسان وٽ سکر آيو ۽ چيائين تہ ڀٽي صاحب واري جلسي ۾ هلي شريڪ ٿيون. اياز کيس اهو شرط رکيو تہ ڏسون تہ ڀٽو صاحب ڪنھن ٻي کي تقرير جو موقعو ڏئي ٿو؟
اهو شرط پورو نہ ٿيو جو قريشي صاحب کي ڀٽي صاحب تقرير ڪرڻ ڪانہ ڏني ۽ هو ڪنڌ لڙڪائي موٽي آيو.

وڪالت جا ڏينھن ۽ غربت جا ڏهاڙا

مون کي منھنجي گهرواريءَ ٻڌايو تہ منھنجي ٻي ٻار جو دنيا ۾ وارد ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي. اڃا وڪالت جي شروعات هئي. زمين وغيرہ بہ ڪانہ هئي. مان ڪافي وقت سنڌ جي عشق ۾ ڪڏهن سائينءَ وٽ سن ۾ ڪڏهن حيدرآباد ڪڏهن ڊٺڙو (شھدادپور) ۾ ڪڏهن جيڪب آباد جي مشاعرن ۾ رلندو پيو وتان. وڪالت جي طرف ڌيان گهٽ هجڻ ڪري آمدني بہ گهٽ هئي. مون ڪڏهن بہ ڪنھن جي اڳيان هٿ نہ ٽنگيو. توڙي سھرو چڱو ڀلو آفيسر هيو پر مون ڪڏهن بہ سندس دروازي ڏانھن نہ نھاريو، زال نھايت ذهانت کان ڪم ورتو. گهرو حالتن مطابق هڪڙي ليڊي هيلٿ وزيٽر سان ڳالھائي ڇڏيائين تہ هوءَ گهر ايندي ۽ سڀ ڪجهہ گهر ۾ ٿيندو، انھن ڏينھن ۾ الٽرا سائونڊ وغيرہ ڪونہ هيا نہ وري ڊاڪٽر جي پروفيشن ايٿڪس (اخلاقيات) ايتري خراب بہ نہ هئي تہ پئسن ڪمائڻ خاطر هر ڪيس ائبنارمل چئي ٻار آپريشن ذريعي ڄڻائجي.
بھرحال تنھن هوندي بہ ڇھہ سئو رپيا کپندا هئا. اهي هيا ڪو نہ ”آڻيون ۽ چاڙهيون، ڏٿ ڏهاڙي سومرا“ وارو ڪم هوندو هيو.
اميد ڪري خيرپور هليو ويس. اتي منھنجو پراڻو يار سيد نور احمد شاھہ سٽي مئجسٽريٽ هيو. مون ان کي چيو تہ مون کي ڇھہ سو رپيا کپن. سي بہ اڌورا نہ پر مون کي ڪو ڪيس وٺي ڏي. جنھن مان مون کي گهٽ ۾ گهٽ اڄ جو اڄ ڇھہ سو رپيا ملن. مون کيس اهو ڪونہ ٻڌايو تہ اهڙي ڪھڙي ضرورت آهي پر اهو ضرور چيو تہ مون لاءِ ايمرجنسي آهي جيڪا ٻڌائيندس ڪونہ. اتي هڪڙو ٻيو آفيسر ڊپٽي ڪليڪٽر ڪوٽ ڏيجي بہ ويٺو هيو، نور احمد شاھہ ۽ ان آفيسر کي گڏجي ڪا سرزمين ڏسڻي هئي سو ان آفيسر چيو تہ جي مان ساڻن ڪوٽڏيجي هلان ۽ اتان پوءِ ان وزٽ تي بہ هلان تہ هي ڇھہ سو رپيا بہ مون کي ڪمرائيندو، ماني بہ کارائيندو ۽ شام جو سکر بہ پھچائيندو. مون کي ٻيو ڇا کپي. مان گهران ڪارو ڪوٽ پائي نڪتو ئي ان مقصد خاطر هيس.
سو آياسين ڪوٽڏيجي هن يار پنھنجي ريڊر کي گهرايو ۽ حڪم ڪيائينس تہ ملڪ صاحب کي ڪو ڪيس وٺي ڏي، جنھن ۾ کيس ڇھہ سو رپيا ملن. هُن جهٽ ڪري هڪڙي ماڻھوءَ کي هٿ ڪري کانئس پئسا وٺي ڏنا. هن جي ضمانت جي درخواست ڏيڻي هئي. مون اها هٿ سان لکي ان وچ ۾ هو جيل کان وڪالت نامو بہ وٺي آيو. مون صاحب کي عرض ڪيو تہ ڪورٽ ۾ اچي ويھي جتي مان تقرير ڪريان پوءِ هن کي جيڪي وڻي سو ڪري، جيئن منھنجا پئسا حلال ٿين. ويچاري سڀ اهي ڪم ڪيا، جن لاءِ مون کيس چيو.
پئسا مون کي ملي ويا، باقي مون کي شرطن موجب هن سان وزٽ تي بہ وڃڻو هيو ۽ سارو ڏينھن گذرڻو بہ هيو، سو سرزمين وڏا بوزدار ۾ هئي. اتي سڀ وياسين، ڪنھن ماڻھو ڪن هندن جي گهٽي بند ڪري ڇڏي هئي سڄو شھر گڏ هيو، فيصلو ٿيو، گهٽي کلي وئي.
ڪوٽڏيجيءَ ۾ صاحب وٽ ماني کاڌي سون ۽ ويھي ڪچھري ڪرڻ لڳاسون. منھنجو سڄو ساھہ گهر ۾ ڦاٿل هيو، پر مان سڄي ڏينھن لاءِ بُڪ ٿيل هيس. سو نيٺ شام ڌاري انجام مطابق سکر آياسين، اچي لٿاسين الصحرا هوٽل تي، اتي هنن يارن جو ڪو ٻيو پروگرام هيو.
هوٽل تي لھڻ وقت سردار علي نواز خان مھر بہ پنھنجي امپالا ڪار مان پيو لھي. سو مون تي نظر پوندي وٺي کنڀيائين. مان ساڻس واپس اچڻ جا ڪوڙا واعدا ڪري سندس ئي ڪار ۾ هليو آيس. اهو آفيسر جنھن وقت سر مدد ڪئي اهو هيو مسٽر امداد ﷲ انڙ جيڪو بعد ۾ وڏو آفيسر ٿيو ۽ ڪجهہ تڪليفون بہ ڏٺائين.
مان گهر پھتس تہ گهروارا ڏاڍو پريشان هيا. جو مان صبح سان هليو ويو هيس ۽ رات ڌاري موٽي آيس. هتي معاملو تيار هيو، مان پنھنجي سس کي ٽانگي تي ويھاري گهر ڇڏي وري پيدل ريڊڪراس اسپتال ويس، جتان ان ليڊي هيلٿ وزيٽر کي اچڻو هيو. سياري جي رات، مس مس چوڪيدار در کوليو. مائي تيار ٿي ۽ ۽ هڪ نرس بہ کنيائين. مان رڪشا ڪرائي تي ڪري آيس. اسر ويل گلاب جي گل کان سھڻي مومل ڄائي. مون کي هڪ ڌيءَ آهي. ڏاڍن ڪشالن ۽ جنگين سان ڊاڪٽري پڙهائي مانس. هينئر ٻن پٽن جي ماءَ آهي ۽ منھنجي مربي ڀائٽي ثناءُ ﷲ جي گهرواري آهي. ڊاڪٽري تہ ڪانہ ٿي ڪري پر پنھنجي گهر ۾ خوش آهي.
ملڪي حالتون ڇڪتاڻ جي طرف ويون هڪ طرف مجيب الرحمان جنھن جو مطالبو ڇھہ نقطا هيا ٻي طرف محترم ذوالفقار علي ڀٽو جنھن جو نعرو اجهو، اٽو، ۽ لٽو، هندستان سان جنگ، ٽئين طرف سنڌ جا قوم پرست جن جو واحد اڳواڻ سائين جي ايم سيد جنھن جو مطالبو سنڌوديش، چوٿين ڌر ۾ مھاجر حضرات جماعت اسلامي ۽ آمريت پرست ٽولا جن جو مقصد ڪنھن کي ڪجهہ بہ ناهي ڏيڻو. اقتدار پنھنجي قبضي ۾ رکڻو آهي ۽ آمريت کي هميشہ لاءِ پاڪستان جو مقدر ڪري ڇڏڻو آهي.
اياز جي آفيس ۾ ميٽنگ ٿي، في الحال بنگال وڃڻ جو پروگرام ملتوي ٿيو. ڀاڙي جا پيسا عثماني صاحب واپس ڪري ڏنا، جن مان آءُ ۽ قادر صديقي ريفريجريٽر وٺي آياسين.
نيپ جي ڪامريڊن جي خيال ۾ استعفائون رشيد ڀٽيءَ ڏياريون آهن. سو هو ڀٽيءَ خلاف پنھنجا عملي قدم کڻڻ لڳا.
مان ۽ ڀٽي سيشن ڪورٽ جي بار طرف ٿي آياسون تہ هڪ نوجوان جنھن جو نالو هينئر ياد نہ ٿو اچي ۽ هينئر ڪراچيءَ ۾ وڪالت ٿو ڪري. سو هُن ڪا شيءِ بار روم جي دريءَ کان اڇلائي ۽ تڪڙو تڪڙو هلڻ لڳو. اسان اندر وڃي ڏٺو تہ هڪ بنڊل هيو جنھن ۾ پمفليٽ هيا. هڪ طرف سنڌيءَ ۾ ٻي طرف اردوءَ ۾ لکيل هيا. انھن پمفليٽن ۾ پاڪ فوج لاءِ گهٽ وڌ ۽ گندي زبان استعمال ٿيل هئي. ٿوري دير ۾ ڪنھن همدرد ڊي سي آفيس مان فون ڪري ٻڌايو تہ اهي پمفليٽ نيپ وارا ڪارا ڪامريڊ ۽ هڪ مذهبي پارٽيءَ وارا گڏجي شھر ۾ ورهائيندا پيا وتن. ٿوري دير کان پوءِ خبر آئي تہ رشيد ڀٽيءَ مٿان سرڪار فرياد داخل ڪرائي آهي تہ هو اهي پمفليٽ ڇپرائي ۽ ورهائي رهيو هيو.
شام تائين رشيد ڀٽيءَ کي گرفتار ڪري اي سيڪشن پوليس اسٽيشن سکر تي رکيو ويو. ڀٽي کي بلڊپريشر ۽ شگر جون بيماريون لڳي چڪيون هيون. رپورٽ آئي تہ ڀٽيءَ کان دوائون بہ کسيون ويون آهن. گهر جي ماني بہ بند اٿس ۽ ملاقات بہ بند ڪئي وئي اٿس.
مرحوم الاهي بخش شيخ سکر بار جو سيڪريٽري هيو. وڪيلن ۾ مارشل لا جو ڏهڪاءُ هيو. ڪن کي وري اسان ڪونہ وڻندا هياسون. ڪجهہ مسلم ليگي ڪجهہ پيپلز پارٽي، ڪجهہ جماعت اسلامي، نيپ تہ اسان ڇڏي چڪا هئاسون. سو ڪير بہ مدد تہ ٺھيو همدردي بہ ڪونہ پيو ڪري. مٿان ڊائلاگ بازي چڱو ٿيو، سرخو آهي غدار آهي.
الاهي بخش شيخ اٿي بيھي سڀني کي ڏاڍو شرمايو. بابا وڪيل ڀاءُ آهي. سنڌ جي ڪاز لاءِ ٿو وڙهي کيس قانوني مدد تہ ملڻ گهرجي، نيٺ مان ۽ الاهي بخش شيخ پوليس اسٽيشن تي وياسون. وڙهي جهڙي ملاقات بہ ڪئي سون. دوائون بہ پھچايون سين ۽ ماني بہ کولرائي سين.
اڄ ڪلھہ جي هڪ مھان نقاد ۽ اديب لاءِ ڀٽيءَ شڪايت ڪئي تہ منھن لڪائي ۽ ويڙهي لاڪپ وٽان لنگهندو هيو تہ متان سندس نظر ڀٽيءَ تي نہ پوي ۽ هن تي ڪو سرڪاري الزام نہ اچي.
ان ڪيس جي جاچ ۾ نيپ جي لوڪل ڪامريڊن ۽ هڪ مذهبي پارٽيءَ وارن ڀٽيءَ مٿان هٿ ٺوڪا ڪوڙا بيان لکرايا.
ڪيس سمري ملٽري ڪورٽ خيرپور ۾ هليو، ساڳين دوستن ڀٽيءَ مٿان باهيو تہ پمفليٽ ڀٽي لکيو ۽ ورهايو. ان وقت ملٽري ڪورٽ جي سربراھہ ۽ ڀٽيءَ ۾ ڪجهہ تلخ ڪلامي بہ ٿي، جو هن ڀٽيءَ کي غدار لفظ سان نوازيو. ان جي جواب ۾ ڀٽيءَ بہ ان کي ”غدارِ وطن“ ۽ پاڻ کي محب وطن ڪوٺيو.
بھرحال رشيد ڀٽيءَ کي توقع مطابق هڪ سال سخت پورهئي سان سزا ٻڌائي وئي.
ڀٽي جيل ۾ ئي هيو تہ چونڊون ٿيون. شيخ مجيب الرحمان کي 162 مان 160 سيٽون مليون ۽ ڀٽي صاحب کي 138 سيٽن مان 81 سيٽون مليون.
هاڻي اقتدار جي جنگ شروع ٿي وئي. انھن ڏينھن ۾ مان ڪراچي ويس ۽ سلاطين هوٽل ۾ ڪمرو ورتم. اتي رسول بخش پليجو ۽ فاضل راهو بہ ترسيل هئا. مون وٽ علي بابا ۽ نبي بخش کوسو بہ ويٺل هئا تہ مرحوم ناصر مورائي جيڪو اصل ۾ سيد ناصر علي شاھہ آهي. آيو ناصر ان وقت روسي سفارت خاني مان طلوع رسالو ايڊٽ ڪندو هيو. ناصر ٻڌايو تہ سفارخاني کي ڪنڊن واري تار ٿا هڻن شايد ڪجهہ ٿيڻ وارو آهي. ناصر يحى خان ۽ روسي صدر پوڊگورني جي وچ ۾ خط و ڪتابت جي باري ۾ ڪي اهم ڳالھيون ٻڌايون تہ جنرل ٽڪا خان کي فوجي آپريشن جو حڪم ٿيو آهي. هنن بنگال ۽ سنڌ جي دانشور، انجنيئرن ۽ سياسي ڪارڪنن کي قتل ڪرڻ جي تياري ڪئي آهي. مون کي ان ڳالھہ ايترو ڏکايو جو مان امر جليل جي افساني جڏهن مان نہ هوندس، تي سڄي رات ويھي هڪ طويل نظم لکيو. جيڪو پوءِ نئين زندگي ۾ ڇپيو ۽ ٻي پرچي ۾ تاجل بيوس جو نظم جڏهن تون هوندين شايع ٿيو.

شاگرد جدوجھد ۽ ذوالفقار علي ڀٽو

چوٿين مارچ 1967ع تي منھنجي شادي خانہ آبادي ٿي وئي ۽ مان جڳ جھڙو ٿي ويس. ڀاڳن ڀري منھنجي گهرواري سُلڇڻي، گهريلو، خانداني، ٿوري ۾ خوش ۽ سگهڙ ڇوڪري هئي. مھاتما گانڌيءَ جي شادي جي وقت سندس عمر تيرهن ورهيہ هئي. سندس گهر واري رتنا ديوي جي عمر بہ 13 ورهيہ هئي. مان مھاتما تہ ڪونہ هيس پر ذري گهٽ ساڳيو ڪم ٿيو. منھنجي عمر چوويھہ ورهيہ هئي ۽ منھنجي گهرواري رتنا ديويءَ جي عمر جي هئي. بھرحال ٻئي خوش هياسون. منھنجي ويجهي عزيز هئي ۽ هڪ لحاظ کان خون جو رشتو بہ هو ۽ مسلمانڪو ڪم ٿي ويو.
منھنجو دوست صوفي محمد هاشم بلو دست شناسي ۽ ابجد کان وٺي ڪئين ٻيا علم بہ ڄاڻندو هو. ڪافي عرصو اڳ هن مون کي منھنجي ٿيڻ وارن ٻچن جي ماءُ جو نالو ٻڌائي ڇڏيو هو. ان وقت منھنجي ڌيان ۾ بہ اهو نالو ڪونہ هو. پر ساڳي نالي سان ٻي مائي هئي. جيڪا مون کان عمر ۾ بہ وڏي هئي ۽ سڀني ارڪانن ۾ مون لاءِ عذاب هئي سو صوفي محمد هاشم کي پيرن تي ڪري عرض ڪيم تہ ڪاتب تقدير کان اهو نالو ڦيرائي اچي ڇاڪاڻ جو منھنجا عزيز سر ڌڙ جي بازي لايو ويٺا هئا. ان قھر الاهيءَ لاءِ پر صوفيءَ بنھہ جواب ڏئي ڇڏيو ۽ چيائين تہ سليٽ ۽ قلم فقط اهو نالو ٿو ٻڌائي ۽ هٿ جون ريکائون بہ اهو ٿيون چون.
نيٺ ان کي ٻاجهہ پئي ۽ منھنجي شادي ٿي وئي انھيءَ ساڳي نالي واري مائي سان نہ پر ٻي ڇوڪريءَ سان نڪاح وقت جڏهن مون واري موجودہ ممتاز جو نالو مولوي صاحب کنيو تہ صوفي سري اچي مبارڪ ڏني ۽ منھنجون واڇون خوشيءَ ۾ هر گهوٽ وانگر ٽڙي ويون. 1967ع ۾ ان سان چوٿين مارچ تي حيدرآباد جي ڪمشنر مسرور حسن ڄامشوري مان سنڌ يونيورسٽي ۽ مھراڻ يونيورسٽي جي شاگردن جي ڄامشوري پل کي ڪڙو چاڙهي جلوس تي زبردست لاٺي چارج ڪئي. ان جلوس جي قيادر برادرم عبدالمجيب پيرزادو، يوسف لغاري ۽ نواب يوسف ٽالپر ڪري رهيا هئا. هن جلوس ۾ آمريت مردہ باد، ون يونٽ مردہ باد جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا. شاگرد هزارن جي تعداد ۾ جلوس جي صورت ۾ حيدرآباد ٿي آيا. ڪافي شاگرد شديد زخمي ۽ ڪافي گرفتار ٿيا. ان ڏينھن کي اڄ تائين آمريت جي تشدد جي صورت ۾ ياد ڪيو ٿو وڃي ۽ ڪيترن شاعرن شعر بہ لکيا هڪڙُ گيت مون بہ لکيو.
1967ع ۾ حيدرآباد ۾ هڪڙو مشاعرو سنڌ لا ڪاليج ۾ رکيو ويو جنھن ۾ سڄي سنڌ جا شاعر شريڪ ٿيڻا هئا، مان ۽ اياز بہ اتي آيل هياسين. اياز گهڻو ڪري حيدرآباد جي صدر جي علائقي ۾ رٽز هوٽل ۾ اچي رهندو هو. لا ڪاليج جي سامھون گول بلڊنگ آهي جنھن ۾ رسول بخش پليجي صاحب جي وڪالت واري آفيس هئي. حميد ان ڏينھن ۾ وڪالت ڪندو هيو. ڀرسان زينت پرنٽرس جي نالي سان پريس هئي جتي روح رهاڻ ڇپيو هيو.
جڏهن مشاعري لاءِ گڏ ٿيڻ لڳاسين تہ خبر پئي تہ شيخ اياز کي اسر ويل پوليس هوٽل کي گهيرو ڏئي گرفتار ڪري شھر نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي ۽ کيس ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن تان ڪنھن ريل ۾ ويھاري سکر اماڻيو ويو آهي. شھر ۾ زبردست تاءُ پکڙجي ويو ۽ سڄو حيدرآباد پوليس ۽ فوج جي گرفت ۾ اچي ويو.
ساڳئي سال 1967ع ۾ ڊسمبر جي مھيني ۾ مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي سياسي پارٽي جوڙي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو نالو رکي جدوجھد جو اعلان ڪيو.
ان کان اڳ 1966ع ڌاري بنگال جي اڳواڻ شيخ مجيب الرحمان عوامي ليگ جو پايو وجهي لاهور ۾ ڇھن نقطن جو اعلان ڪيو ۽ 1940ع واري قرارداد ۽ پاڪستان جي بنياد تي صوبائي خودمختياري جي گهر ڪئي.
ڀٽي صاحب اسلامي سوشلزم جي بنياد تي اٽو، اجهو ۽ لٽو جو نعرو هنيو، کيس مغربي پاڪستان ۾ زبردست پذيرائي ملي. مجيب الرحمان کي سواءِ سائين جي ايم سيد، حيدربخش جتوئي، قاضي فيض محمد کان مغربي پاڪستان مان ڪابہ موٽ نہ ملي. باقي سموري بنگال سندس حمايت ڪري ڇڏي.
ڀٽو صاحب پاڪستان جي دوري تي نڪري پيو ۽ جلسن کي خطاب ڪرڻ لڳو.
اسان بہ سکر بار کي درخواست ڏني تہ ڀٽي صاحب کي سکر بار ۾ خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏني وڃي. اسان جو اڳواڻ شيخ اياز هيو. حمايت ۾ مان، فتح ﷲ عثماني مرحوم رشيد ڀٽي، رڪن الدين قاسمي، قادر صديقي، غلام مصطفى شاھہ، علي بخش ميمڻ، حبيب ﷲ شيخ، شرف الدين ادا ۽ ٻيا ڪافي نوجوان هيا. مرحوم محمد حنيف منگي توڙي ايوب خان واري مسلم ليگ ۾ هيو پر تڏهن بہ صحيح ڪري ڏنائين. حنيف منگي ڏاڍو شريف ماڻھو هيو پر سياسي طور علي حسن منگي سان هوندو هو جيڪا منگي صاحب جي پارٽي اها ئي حنيف منگي جي پارٽي هوندي هئي.
هڪ دفعي علي حسن منگي اليڪشن ۾ قومي اسيمبلي لاءِ اي ڪي بروهي کي شڪست ڏني هئي. بروهي صاحب جماعت اسلامي جي ٽڪيٽ تي بيٺو هو ۽ صاف اليڪشن وڙهيو. هيڏانھن منگي صاحب جي حمايت ۾ سدا سھاڳڻين، خواجہ سرائن، ۽ منگي مل ۾ واڙيل ميمبرن بہ پھر نہ گهٽايا. منگي دهلين، دمامين اليڪشن کٽي ويو ۽ بروهي صاحب هارائي ويو. پياري پاڪستان جي سونھري باب ۾ هڪ زبردست اضافو ٿيو، بعد ۾ ضياءُ الحق منگي صاحب کي پاڻ وٽ گهرائي کانئس اهي گر پڇيا تہ هن ڪھڙن نسخن سان بروهي صاحب جھڙي خانداني ماڻھوءَ کي هارايو.
سو ڳالھہ پئي ڪئي سين سکر بار ايسوسيئيشن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي کي دعوت ڏئي تقرير ڪرائڻ جي. سکر جا سمورا سينئر وڪيل شيخ اياز جي وڪالت کان تہ حسد ۽ ساڙ رکندا هئا. جنھن کي پروفيشنل جيليسي چئبو آهي ۽ اهو هر هنڌ هر پيشي ۾ آهي، پر شيخ اياز، سنڌ جو آواز، بہ کانئن برداشت نہ ٿيندو هيو. سندس شعر، مشھور گيت، بزم صوفياءِ سنڌ ۾ کيس سائين جي ايم سيد ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ڪيو. اياز جون اخبارن، رسالن ۾ خبرون ۽ شھر نيڪايلون برداشت نہ پيون ٿين. وڏي ڳالھہ تہ هيڏي وڏي جرئت سان ايوب شاهيءَ سان مھاڏو اٽڪائڻ کين نہ پيو هضم ٿئي.
اياز وٽ تہ ڪو نظريو هيو، نصب العين يا منزل هئي جنھن کي حاصل ڪرڻ لاءِ تختو هيو تخت ڪونہ هيو. هي تہ ايئرپورٽ کان وٺي بيڊ روم تائين ايوب خان لاءِ ٻانھون ٻڌيون قطار ۾ بيٺا هوندا هئا. فقط پلاٽڻ، پرمنٽن، ويڪائو رشوتي نوڪرين ۽ ڪامورن وٽ لئہ ڪرڻ لاءِ منھن تي تعريف ڪندا هئا پر ڳجهہ ڳوھہ ۾ هر قسم جي سازش ڪندا هئا. سو هڪڙي ٻي ان وقت جي صدر کي درخواست ڏني وئي تہ مولانا احتشام الحق ٿانوي جيڪو ايوب خان جي حمايت ۾ جلسا ڪندو پيو وتي، ان کي بہ گهرايو وڃي ۽ ڀٽي صاحب کان اڳ مولوي بار کي خطاب ڪري.
اها ڀٽي صاحب جي ظاهر ظھور بي عزتي هئي سو اسان اعتراض ڪيو، جنھن تي اسان کي چيو ويو تہ جيئن وڪيلن جي اڪثريت فيصلو ڪري سو جنرل باڊي جو اجلاس ڪوٺايو ويو.
ان وقت سکر ضلعو ڳڙهي ياسين کان اوٻاوڙي تائين هو، سو اسان جيئن اليڪشن جي ورڪ ٿيندي آهي نڪري پياسون. وڪيلن کي گڏ ڪرڻ لاءِ. مرحوم غلام مصطفى شاھہ ۽ حبيب ﷲ شيخ، علي بخش ميمڻ ۽ ٻيا دوست پني عاقل، گهوٽڪي، ميرپور ماٿيلو، ڏهرڪي ۽ اوٻاوڙو طرف ويا ۽ روهڙي ۽ سکر ۾ بہ ڏينھن رات ورڪ ڪئي سون.
مقابلو ڀٽي صاحب ۽ مولوي احتشام الحق جو نہ هيو پر مقابلو هيو آمريت پسندن ۽ جمھوريت پسندن ۾. ڀٽو صاحب جيستائين آمريت جو حمايتي هيو اسان سندس مخالفت ۾ هياسون. جڏهن هو آمر جي مدمقابل ٿيو ۽ اڪيلي جنگ وڙهڻ لڳو تہ اسان سندس حمايتي ٿي وياسين.
جنرل باڊي واري ڏينھن سکر ضلعي جا گهڻو ڪري سمورا وڪيل ڪَٺا ٿي ويا. اسان جي گهر هئي تہ هڪ نقطي تي فيصلو ٿئي تہ ڀٽو صاحب وڪيلن کي خطاب ڪري يا مولانا احتشام الحق ٿانوي خطاب ڪري، ٻنھين مان هڪڙي جو فيصلو ٿئي ڇاڪاڻ تہ اسان کي مولوي قطعن برداشت نہ پيو ٿئي.
هاڻي جڏهن ڏٺو ويو تہ جيڪڏهن ووٽنگ ٿي تہ فيصلو ڀٽي صاحب جي حق ۾ ٿيندو تہ وڪيلن ۾ ٽي گروپ ٿي ويا. هڪڙا کلم کلا ڀٽي صاحب جا حمايتي ٻيا مولانا جا حمايتي ۽ ٽيون گروپ وري ٺاھہ ڪرائڻ واري هيڏي هوڏي ۽ سوديبازي جي چڪر ۾ پئنچ بہ خوش ۽ ساڌ بہ پرسن يعني انٽيليجنس وارا اهو نہ لکن تہ فلاڻا آمر جا مخالف هئا.
هڪڙو ايوب جو حمايتي جنھن ۾ حسن ميان، رحمان علي نقوي، عبدالحليم پيرزادو ۽ ٻيا مھاجر وڪيل جيڪي واضح ٿورائي ۾ ٿي نظر آيا. باقي اسان جو گروپ شاھہ صاحب يعني شمس الدين شاھہ آغا بدر الدين جيتوڻيڪ سندس ماضي ٺيڪ ٺاڪ هيو، پر اياز دشمني ۾ وچ وٺيو بيٺا هيا. سو بجاءِ ووٽنگ ٿيڻ جي گهرجي تہ معاملو ختم ٿئي جنھن تي هڪ وڪيل اٿي اچي شيخ اياز تي حملو ڪيو جنھن تي رڪن الدين قاسمي ٽپ ڏئي ان وڪيل تي جوابي حملو ڪيو ۽ جهڳڙو ٿي پيو.
ان جو فائدو جهڳڙو ڪرائڻ واري کي ملي ويو ۽ هنن فيصلو ڪيو تہ ڀٽو صاحب بہ اچي ۽ مولانا بہ اچي هڪ سينيئر اعلان ڪيو تہ ان ۾ ڀٽي صاحب جي ڪا بي عزتي نہ آهي جنھن تي ٻي گروپ چيو تہ ڀٽو صاحب بار جي حدن ۾ ايندو، جواب ۾ چيو تہ ڀٽو صاحب بار جي حدن ۾ نہ ايندو. جواب ۾ چيو ويو تہ قبول آهي ڀٽو صاحب بعد ۾ ايندو پھريان مولانا خطاب ڪندو قبول آهي جا نعرا هنيا ويا نہ ووٽنگ ٿي نہ راءِ ورتي وئي فقط داداگيري ٿي.
اسان ان ميٽنگ جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ هليا آيونسون. بعد ۾ مولانا کي وڏي احترام سان هار پارائي خطاب ڪرايو ويو ۽ ڀٽي صاحب کي الصحرا هوٽل ۾ خطاب ڪرايو ويو. مان ٻنھين دعوتن ۾ ڪونہ ويس. بعد ۾ معلوم ٿيو تہ ممتاز علي خان ڀٽو جيڪو ذوالفقار علي خان سان ڪَٺو هيو، سو اياز کي گهران وٺي آيو ۽ اياز اسان کان پڇڻ کان سواءِ ان دعوت ۾ شريڪ ٿيو.

حافظ خير محمد اوحدي

حافظ خير محمد اوحدي چوڏهن ورهيہ ۾ سنڌ جي مسلم ليگ آفيس سيڪريٽري جو عھدو ماڻھيو. سنڌ زميندار پرنٽنگ پريس جنھن جو مالڪ خانبھادر کھڙو هو. منھنجي گهرواريءَ جو ڏاڏو مرحوم قادر بخش ڏهر، ان پريس مان سنڌ زميندار هفتيوار اخبار ڪڍندو هيو. سندس وفات کان پوءِ اها پريس بند پئي ھوندي هئي. آخر ۾ اها پريس حافظ خير محمد اوحدي جي حوالي ڪئي وئي.
حافظ صاحب ان پريس ۾ پنھنجي ٽن پٽن سميت رهندو هيو. سندس گهرواري گذاري ويل هئي. پريس جي پاڻ صفائي بہ ڪندا هيا ۽ کاڌي پيتي لاءِ رڌ پچاءَ بہ پاڻ ڪندا هيا. چانھہ جا شوقين هئا ۽ عمدي چانھہ ٺاهيندا هيا.
پڪو مسلم ليگي ڪٽر بريلوي خيالن جو مسلمان هندن جي خلاف زبردست نفرت رکندو هيو. اسلام، پاڪستان ۽ محمد علي جناح سندن سڀ ڪجهہ هيا. ان تي هر شيءِ قربان ڪرڻ لاءِ تيار.
خاموش طبع، وضعدار، وڏو عربي ۽ فارسيءَ جو عالم، بحث ڪيو پر سنجيدگيءَ سان ٻي کي بہ فضيلت سان ٻڌبو ۽ آهستگي سان دليل ڏئي سمجهائبو. اسلامي تاريخ قرآن پاڪ، حديث، فقہ جو ڄاڻو.
شاعري جا استاد شاعر، علم عروض ۾ خليل بصريءَ کان وٺي ابراهيم خليل تائين پھچ هيس. نواز علي شوق، ڊاڪٽر پروفيسر عبدالمجيد سنڌي، فيش بخشاپوري، رشيد احمد لاشاري ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر کانئن پنھنجي شعرن ۽ ڪتابن جي اصلاح ڪرائيندا هيا.
مان ڪورٽ مان واندو ٿي اڪثر حافظ صاحب وٽ ويندو هيس. رڪن الدين قاسمي بہ پھچي ويندو هيو. مولوي نظير حسين جتوئي بہ اڪثر حافظ صاحب وٽ ايندو هيو. هڪ اخبار جو ايڊيٽر سيد سردار علي شاھہ ذاڪر بہ ڪڏهن ڪڏهن حيدرآباد کان ايندو هيو.
مولوي نظير حسين جتوئي اصل لاڙڪاڻي جو ڪانگريسي ڪميونسٽ خيالن جو مالڪ هيو. ڳاڙهو اڇو قدآور، ڳاڙهي کانڌيءَ جو وڳو پھريل، مٿي تي ڳاڙهي گانڌي ٽوپي هوندي هيس. نھايت بي باڪ، بي پرواهيءَ سان مذهب ۽ سياست تي ڳالھائڻ وارو، ڪنھن سان بہ رعايت نہ ڪبي. ڀٽو صاحب جتوئي سندن شيدائي هيا.
شيام ڪمار، سکر جو ڪوئنس روڊ تي سندس وڏن جو شو مندر ۾ گهر هيو، اصل رشيد ڀٽيءَ جو دوست هيو. شيخ حفيظ ۽ سليم خواجہ سان گھرائپ هئس، پوءِ هو ڪراچيءَ جو ڪامريڊ جنھن عطاءُ ﷲ خان مينگل کي ڪئين سال پنھنجي کارادر واري ڀڳل فليٽ ۾ لڪايو ان جو بہ گهاٽو يار سڄو گهر ڪتابن سان ڀريل هيو. گهڻي ڀاڱي يورپ يورپ جي فلاسافرن جا ٿلھا ڪتاب گهر ۾ سجايل. نيپ ۾ پروگرام 1965ع واري جنگ ۾ جتي سنڌ جي ٻين ڪيترن هندن کي جيلن ۾ نظر بند ڪيو ويو. اتي شيام ڪمار بہ نظر بند ٿيو. سندس والدہ هميشہ سکر جي سينٽرل جيل جي دروازي تي ڇليءَ ۾ ڪجهہ نہ ڪجهہ کنيو اڪيلي پٽ جي ملاقات لاءِ ويٺل نظر ايندي هئي. اياز بھانھيءَ جيل ۾ هيو. پر شيام ۽ اياز جي پاڻ ۾ نہ لڳندي هئي.
ايمن کوسسو بہ پراڻو ڪانگريسي ميونسٽ هيو، جنھن شايد ڪنھن مسلم ليگيءَ سان پاڪستان کان اڳ اليڪشن وڙهي هئي ۽ آخر ۾ مرحوم ڀٽي صاحب بلوچن سان ٺاھہ لاءِ کانئس مدد گهري هئي. ان کان پوءِ حافظ صاحب وٽ ملاقات ٿي پوءِ مون وٽ بہ ايندو رهندو هيو.
اهي سڀ همراھہ اهو حافظ خير محمد اوحدي وٽ ايندا ويندا هيا ۽ ملاقاتون ٿينديون هيون، رشيد ڀٽيءَ کي حافظ خير محمد ڪونہ وڻندو هيو، سو ان وٽ ڪونہ ايندو هيو. حافظ جي خيال مطابق اياز ۽ ان جو ٽولو بہ جويو صاحب جي ڪافر، ملحد ۽ پاڪستان دشمن ۽ واڪب القتل آهن.
بھرحال مان، قاسمي ۽ شيام ڪمار گهڻو ڪري منجهند جو حافظ صاحب وٽ روزانو ويندا هئاسون، بزم صوفياءِ سنڌ، روح رهاڻ، نئين زندگي، مھراڻ رسالو ۽ ان جو ايڊيٽر، مولانا غلام محمد گرامي زير بحث ايندا هيا. ملڪي حالات، ايوب خان، جي ايم سيد ڀٽو صاحب، عوامي ليگ، شيخ مجيب الرحمان، حالت حاضره تي روزانو زبردست بحث ٿيندو هيو ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻہ دور چانھہ جا ضرور هلندا هيا.
ڪامريڊ برڪت علي آزاد جيڪو اصل ۾ ٽئگور جو شاگرد هيو. بعد ۾ گانڌي جي آشرم ۾ بہ رهيو. آخر ۾ کيس اندرا گانڌيءَ هندستان ۾ گهرائي آزاديءَ جي هيرو واري شيلڊ ڏني. جنھن جي ڏوھہ ۾ کيس پاڪستان جو جيل ڀوڳڻو پيو ۽ سندس پٽن کي سرڪاري نوڪرين مان ڪڍيو ويو. اهو بہ حافظ صاحب جي ڪچھريءَ ۾ اڪثر اچي شامل ٿيندو هيو. آزاد اسان کي تمام گهڻا ڪتاب پڙهائيا. سٺا سٺا ڪتاب هٿ ڪري وڪرو ڪندو هيو. سندس گهر فرنيچر گهٽ، ڪتاب گهڻا هوندا هيا.
ويھين جنوري 1968ع تي اگرتلہ سازش جو انڪشاف ٿيو، مجيب الرحمان سان گڏ 22 ٻيا بنگالي بہ ان سازش ۾ گرفتار ٿيا.
سائين جي ايم سيد جا مجيب الرحمان سان رابطا ٿي چڪا هيا. سائين بزم صوفياءِ سنڌ جي پليٽ فارم تان قلندر شھباز جي ميلي جي موقعي تي ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي ان کان اڳ ساڳي ڪوٺ حسن بخش جي مزار تي جيڪا شھدادپور جي ويجهو آهي اتي بہ ٿي. وري سيوهڻ ۾ سائين گهرايو سکر مان عثماني صاحب، رشيد ڀٽي، رڪن الدين قاسمي ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ مان وياسون. ڪراچيءَ مان الطاف ڀائي بس ڀرائي آيو. ڏاڍيون سھڻيون ڇوڪريون بہ ان وفد ۾ هيو ڪجهہ دير ويھي سائين جي حاضري ڀري هو تہ هليا ويا باقي باقي اسان اتي رهي پياسين.
سائين جي ايم سيد اتي جيڪا تقرير ڪئي ان جو لب لباب هن ريت هيو تہ هڪڙي سياست ٿيندي آهي عملي ٻي خيالي هڪڙي ۾ هوش ۽ ٻي ۾ جوش هوندو آهي. سائين قائد اعظ۾ سان اختلافن جو خاص ذڪر ڪيو تہ جڏهن پاڪستان جي تحريڪ مسلم ليگ ٿي هلائي تہ سنڌ جي ڪيترن شاگردن ان ۾ نہ فقط حصو وٺڻ کان ڪيٻايو پر مخالفت بہ ڪئي انھن موقعي پرستن کي جڏهن پڪ ٿي وئي تہ پاڪستان پڪ سان ٺھي رهيو آهي. ان جي سربراهي مسلم ليگ کي ملي رهي آهي ۽ اقتدار جو ڌڻي قائداعظم محمد علي جناح ئي ٿيندو، سو ڌڙا ڌڙ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ لڳا ۽ ايندڙ اليڪشن جون تياريون ڪرڻ لڳا. جي ايم سيد چواڻي سائين هن ڳالھہ تي اختلاف ڪيو تہ هنن موقعي پرستن کي گهٽ ۾ گهٽ مسلم ليگ جي ٽڪيٽ نہ ڏني وڃي. جنھن تي کيس جناح صاحب وراڻيو تہ هن کي اسيمبلين جا ميمبر کپن. انھن وٽ ووٽ آهن. سو سائين چواڻي هو جذباتي ماڻھو هيو، سو مسلم ليگ کان الڳ ٿي ويو.
سائين جي ايم سيد ان تقرير جو ان وقت تہ اسان کي مطلب سمجهہ ۾ نہ آيو، پر گهڻو ڪري پوءِ سائين ۽ اسان جا اختلاف بہ ساڳيا ٿيا جيڪي هن جناح صاحب سان ڪيا، ان جو ذڪر بعد ۾ ايندو.
مولانا ڀاشاني جي ايوب خان سان سازباز جي ڪري ۽ ڪن ٻين سببن ڪري نيشنل عوامي پارٽي جو صدر خان عبدالولي خان ڪيو ويو، ولي خان، اجمل خٽڪ، محمود علي قصوري، عطاءُ ﷲ خان مينگل، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، حفيظ قريشي ۽ ٻيا مزدور ليڊر جھڙوڪ اعزاز نظير، علي مظاهر جعفري وغيرہ سکر ۾ آيا. ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ پني عاقل مان هارين جو وفد وٺي آيو.
فتح ﷲ عثماني وٽ پارٽي ميٽنگ ٿي. بعد ۾ ليوڪس پارڪ ۾ عوامي جلسو ٿيو. مان پنو عاقل ۾ بہ جلسو ڪرايو. شاھہ صاحب هنگورو ۾ ماني کارائي بار کي خطاب ڪرايو ويو.
انھن ڏينھن ۾ ميان ممتاز دولتانہ چوڌري محمد علي ۽ ٻيا پنجاب جا ليڊر بہ آيا. جن بہ بار کي خطاب ڪرايو ويو.
اسان نيشنل عوامي پارٽيءَ جي سياست مان تنگ ٿي پيا هئاسون سو سڀني دوستن پارٽي تان استعيفا ڏئي ڇڏي. جنھن تي پارٽيءَ جي ڪميونٽس اسان کي دڙڪا ڏنا تہ ان جا نتيجا خراب نڪرندا.
سائين جي ايم سيد وٽ کھڙو صاحب، راشدي صاحب، مخدوم صاحب ۽ ٻيا ڪيترا اهڙا ماڻھو جن ايوب شاهي جي خدمت ڪئي يا ون يونٽ هڻائي اچڻ وڃڻ لڳا. جيڪا ڳالھہ سان جهيڙن بيھوش جذباتين لاءِ ڏکي هئي.
پليجو صاحب جيجي زرينہ ۽ سندن نياڻي اختر بلوچ مختلف جلسن کي خطاب ڪرڻ لڳا ۽ سنڌ جو موقف پيش ڪرڻ لڳا. سندن تقريرون سنڌ جي نظرياتي آئيندي ۽ آجپي سان گڏ پيرن، ميرن ۽ ابن الوقت موقع پرستن تي سڌيون بندوقون هيون. سائين وٽ مصلحت واري سياست شروع ٿي وئي. سائين جو خيال هيو تہ جيترا گهڻا آئيندي جا اسيمبلي ميمبر يا پراڻا سياستدان وٽس گڏ هوندا اوتروئي وڏو صوبو جنھن جي خلاف سڀني کي شڪايتون آهن. اڪيلو ٿيندو ۽ جهڪندو.
ڀٽو صاحب جو سمورو زور پنجاب صوبي تي هيو جنھن جو هن وٽ طاقت جو محور هيو. مجيب الرحمان جي پوري ڪوشش فقط بنگال تي هئي، ڇاڪاڻ جو اهو وڏو صوبو بہ هيو ۽ پاڪستان جي اڪثريت هيو. بھرحال مجيب تہ جيل ۾ هيو مٿس غداريءَ جو ڪيس ٿي هليو.
حيدرآباد مان روح رهاڻ سھڻي ۽ مھراڻ رسالا ڪراچيءَ مان نئين زندگي توڙي سرڪاري هيا پر سنڌ جي اديبن جون سموريون لکڻيون ڇپجڻ لڳيون. آريسر، ڄام ساقي، پليجو ڪڏهن گڏ ڪڏهن الڳ عوامي ميڙ ڪوٺائڻ لڳا. اسان جنھن جي سڀني ميڙن ۾ فقط شاعري ڪندا هئاسون. تقريرون هو ڪندا هيا.
ڏيئا، ڏيئا لاٽ اسان
چوڌاري چمڪاٽ اسان
پنھنجي رت سان ريٽو جهنڊو، اڀ تائين
جهوليندو
اهڙو ڏينھن بہ ايندو اياز
سنڌڙيءَ جا سينگار اڃا ڀي ساڳياڙي
وھہ واھہ ميگهہ ملھار اڃا ڀي ساڳياڙي
ڇوري ڇير وڄاءِ، زمانو تنھنجو آ
منھنجا شعر آهن.

اهي شعر جيجي زرينہ ۽ ٻيا ڪورس ۾ ڳائيندا هئا ۽ هزارين ۾ سنڌي جهومڻ شروع ڪندا هيا ۽ سنڌين جي ون يونٽ جي تحريڪ ڀرپور نموني اجاگر ٿيڻ لڳي.
مولوي عبدالواحد سنڌي، ايڊيٽر نئين زندگي ۽ حميد سنڌيءَکي روح رهاڻ ۾ اهڙي مواد ڇپجڻ ڪري سرڪاري نوٽيس مليا.
مولوي صاحب تہ الائي ڪيئن منھن ڏنو پر حميد نوٽيس کڻي اياز کان جواب لکرائڻ سکر آيو. اياز ڏاڍو گهٻرايل هيو، سو فيصلو ٿيو تہ اياز سان گهر هلي ملجي جو بار ۾ اياز ڳالھائڻ لاءِ تيار ڪونہ هيو، ڳالھہ بہ اهڙي هئي.
سو جڏهن منجهند ڌاري مان ۽ حميد اياز جي گهر پھتاسين تہ اتي اياز بہ بوائل آنا ٻاهران کان کارايا ۽ چيائين في الحال تہ نوٽيس جي جواب جو ٽائيم وڌائڻ لاءِ ٽيليگرام ڪجي پر اها سکر مان نہ هجي. سو خيرپور وڃي جلدي ٽيليگرام ڪجي. اهو وقت منجهند جو ٽين بجي جو هيو، پوسٽ آفيس چئين يا پنجين بعد بند ٿيڻ جو وقت هيو. سو حميد اياز کان سواري يعني ڪار گهري جيڪا کيس خيرپور پڄائي. اياز اهو چئي جواب ڏنو تہ ڪار خراب آهي ۽ ٺھڻ وئي آهي، عين انھيءَ وقت اياز جو ڊرائيور بہ ٻارن کي اسڪول مان وٺي آيو. اسان ڳالھہ سمجهي وياسون. سو شايد ٽيڪسي ڪري اچي خيرپور مان حڪومت کي نوٽيس جو ٽائيم وڌائڻ جي تار ڪئي سون.
پر منھنجي خيال ۾ بعد ۾ حڪومت روح رهاڻ جو ڊڪليئريشن رد ڪري ڇڏيو ۽ روح رهاڻ بند ٿي وئي.

سکر ۾ رچايل ڪچھريون

منھنجي اڃا شادي ڪانہ ٿي هئي ۽ مان جڏهن ڪمائڻ لڳس تہ علوي صاحب وارن واري مارواڙي محلي جي جڳھہ ڇڏي پراڻي سکر ۾ شھر جي مشھور دٻا محلي ۾ قريشي روڊ تي هڪڙي جڳھہ ڪرائي تي وٺي اڪيلو رهڻ لڳس. شھر جو وڏي ۾ وڏو تلاءُ جنھن ۾ شھر جو گندو پاڻي جمع ٿيندو آهي. ڪروڙن ۾ مڇر ۽ موتمار وارو دٻو هيو. بھرحال جڳھہ اندران سٺي، بجلي ۽ پاڻي جام هيس.
سليم خواجہ بہ اتي اچي مون سان گڏ رهيو. سکر جي اخبار نواءِ انقلاب ۾ ڪم ڪندو هيو. حفيظ شيخ سکر ۾ ضلعي پلاننگ آفيسر ٿي آيو اهو بہ ڪڏهن ڪڏهن رات جو دير سان گهر جي ڀت ٽپي اچي سمھي رهندو هيو. ”چي“ اسايو توهان جي ننڊ ڇو خراب ڪريان. سو در نہ کڙڪايم جيپ هڊ تي چڙهي ڀت ٽپيم ۽ سمھي رهيس.
ڪڏهن ڪڏهن حفيظ پلو مڇي وٺي ايندو هيو، جيڪو پاڻ پچائي چانورن سان کائيندا هياسون. پلو هونئن تہ دنيا جي ٻين ڪيترن ملڪن ۾ ٿيندو آهي پر سنڌ جو پلو خوشبودار ۽ لذيذ آهي. پچائڻ ۽ کائڻ بہ سڀ ڪنھن جو ڪم نہ آهي. جتي سنڌين کان سندن ٻيا وسيلا هٿان نڪري ويا آهن اتي سنڌين کان پلو بہ کسجي ويو آهي.
شيام ڪمار اڪيلو پٽ ماءُ کان جدا رهندو هيو، پر کانئس پرهيز جي ماني پچرائي کائيندو هيو. دنيا جون جيڪي بہ بيماريون آهن جن ۾ سلھہ بہ شامل آهي سي شيام ڪمار کي هيون. هيون يا نہ هيون هو ائين چوندو هيو، ۽ سندس ڪمرو دوائن ۽ ڪتابن سان ڀريو پيو هوندو هيو ان نام نھاد بيمارين جي بھاني هو پنھنجي ماءُ کي پيو ستائيندو هيو ۽ شادي ڪرڻ کان لنوائيندو هيو. آخر جڏهن والدہ مرڻ کي پھتي تہ شيام جي مائٽن زوري ڪري پرڻائي وڌس ۽ ٿوري عرصي کان پوءِ مائي گذاري وئي ۽ شيام کي وارو لڳي ويو. سو مٿو ڪوڙائي ماءُ جي غم ۾ ڪئين ڏينھن ڪنوار کان لنوائيندو رهيو پوءِ خبر نہ آهي ڪھڙي منتر ڪم ڪيو هينئر شيام پنھنجي گهرواري ۽ سھڻن ٻچن سان خوش بہ آهي خوشحال بہ آهي.
حفيظ هڪ دفعي پنھنجي عادت کي بحال ڪندي شيام ڪمار جي گهر بہ ٽپي ويو، جتي هي تازو پرڻيل جوڙو ستل رهيو پر حفيظ بي پرواهي کان ڊيئر ويري ساري چئي وڃي اندر سمھي رهيو نہ چادر جو خيال ڪيائين نہ چار ديواري جو.
بعد ۾ حفيظ خيرپور بدلي ٿي ويو. حفيظ سان گڏ ٽرڪ ڪتابن جي بہ خيرپور وئي. وٽس ناياب ڪتاب هيا. حفيظ ۽ اياز پاڻ م هونئن بہ نہ ٺھندا هيا پر حفيظ اياز تي هڪ افسانو لکي ويتر ڪم خراب ڪري ڇڏيو.
حفيظ شيخ مشھور افسانہ لکيا جن ۾ ”ٽہ واٽو“، ”منجهيل سٽ“ مون کي ڏاڍا پسند آهن منھنجي ساڻس خيرپور واري زماني کان سنگت هئي. حفيظ افسانن جي دنيا جو بادشاھہ هيو. هن جا افسانا روس ۽ يورپ جي مشھور افسانہ نگارن کان بھتر، معياري ۽ مٿانھان آهن، رباني، جمال ابڙو، حميد سنڌي، نسيم کرل، رشيد ڀٽي يا ٻيا اهڙا دوست بہ پنھنجي پر ۾ آهن پر حفيظ شيخ حفيظ جي ڳالھہ ڪجهہ ٻي آهي.
هو بذات خود ڪنھن نہ ڪنھن افساني جو ڪردار هيو. ڪھاڻي ۾ ايترو تہ گهڙي ويندو هو جو ذمو کنيائين تہ ان کي نيت سان پورو ڪندو. انھن ڏينھن ۾ حڪومت قانون هنيو تہ فيملي پلاننگ لازمي آهي، جيڪو پاڪستاني فيملي پلاننگ جي قانون جي خلاف ڪجهہ بہ ڳالھائيندو ان شخص کي سزا لڳي سگهي ٿي.
مان ۽ رشيد ڀٽي خيرپور تنوير وٽ وياسون تنوير پھريون دفعو سيڪنڊ هينڊ ايئر ڪنڊيشنز ورتو هو. سو تنوير اسان کي فون ڪري اهو ڏيکارڻ چاهيو. منجهند جو ايئرڪنڊيشنز جي ماحول ۾ ڊاڪٽر ماني جي ٽرالي پاڻ گھلي آيو. مانيءَ ۾ ٻين شين سان گڏ هرڻ جو گوشت بہ هيو. ايتري ۾ ڀاڄائي قمر سخت ناراض ٿيندي اها ٽرالي واپس کڻي وئي. ادا اها اوهان لاءِ نہ آهي. تنوير پنھنجي پيارن دوستن جي هيڏي وڏي بيعزتي برداشت نہ ڪري سگهيو ۽ زال مڙس ۾ چڱو ڀلو تڪرار ٿي پيو. حقيقت ۾ غلطي تنوير جي بہ هئي جو ڊاڪٽر وارن شايد ڪنھن فوجي ميجر کي زال سوڌو دعوت ڏني هئي ۽ اها ماني سجايل هئي انھن لاءِ تنوير کي اسان کي گهر گهرائڻو نہ هو پر حقيقت ۾ تنوير ڪي نوان شعر لکيا هئا. سي هو ٻڌائڻ پيو گهري بھرحال اسان معاملي کي ٺاهيو اهو ميجر بہ آيو سندس گهرواري بہ آئي پھريائين انھن ماني کاڌي پوءِ اسان کاڌي. تنوير اسان کي شام تائين ترسايو تہ شام جو حفيظ سان ڪچھري ڪبي.
سو شام جو اسان حفيظ سان گڏجي روڊ ماسٽري تي نڪري پياسون. حفيظ کي انھن ڏينھن ۾ فقط فيملي پلاننگ جي پروگرامن جي ٻيو ڪو بہ موضوع ڪونہ هوندو هيو. اسان فيملي پلاننگ جي زبردست مخالفت ڪئي ۽ ٽنھين اهو متفقہ دليل ڏنو تہ اسان سنڌين کي آدمشماري وڌائڻ گهرجي جنھن ۾ اسان جو فائدو آهي. ڳالھائيندي ڊپٽي ڪمشنر جي بنگلي تائين اچي پھتاسون. حفيظ ڪاوڙ ۾ اسان کي ڪجهہ چئي ڊي سي جي بنگلي تائين هليو ويو. ايتري ۾ ڊي سي صاحب جو ماڻھو آيو ۽ اسان کي اندر وٺي ويو. ڊي سي صاحب اسان سان سٺي نموني مليو حفيظ ڪنھن ڪاغذ تي ڪجهہ لکي رهيو هيو. ڊي سي صاحب چانھہ گهرائي ايتري ۾ حفيظ اهو لکيل ڪاغذ ڊي سي صاحب کي ڏنو. صاحب اهو پڙهي هڪ وڏو ٽھڪ ڏنو ۽ اسان کي چيائين تہ حفيظ صاحب اوهان جي خلاف فرياد لکي ڏني آهي تہ هي فيملي پلاننگ جي مخالفت ٿا ڪن سو هنن تي قانوني قدم کنيو وڃي.
اسان حفيظ کي جذبات ۾ ڏسي کانئس معافي ورتي ۽ پرچائي هليا آياسون.
اياز بہ ڪڏهن ڪڏهن جڏهن ڪي نوان شعر لکندو هيو تہ اسان کي گهر وٺي ويندو هيو ۽ تمام سٺي تواضع بہ ڪندو هيو. سٺي ماني بہ کارائيندو هيو ۽ پنھنجا نڪور لکيل شعر ٻڌائيندو هيو. اهو اعزاز مون کي آهي تہ اياز جون سموريون لکڻيون جيڪي وائيس چانسلري کان اڳ جون آهن اهي پھريان مون ٻڌيون آهن بعد ۾ ٻي دنيا ٻڌيون. اياز جي بھترين شاعري هئي ئي وائيس چانسلري کان اڳ پوءِ تہ ڄڻ سڀ ڪجهہ رسي ويو هيس.
شريف خان الھہ آباد هندستان مان آيل مھاجر، سکر جي بازار ۾ سندس واحد سويٽ مارٽ جي نالي مٺائي جو دڪان هيو. سنڌي سمجهندو هيو ڳالھائي ڪونہ سگهندو هو. اياز جو ۽ پوءِ اسان سڀني جو بھترين دوست ٿي ويو. هن جو علم ادب ۽ سياست سان ڪوبہ واسطو نہ هو پر اسان جو وفادار رت ڏيڻ وارو مجنون هيو. اياز جا سمورا خانگي معاملا شريف خان جي حوالي هوندا هيا. هو اياز جو هر ڪم پاڻ کان وڌيڪ ڪندو هيو.
اياز جي نياڻين جون شاديون ۽ ان جا انتظام شريف خان جي حوالي ها ڪيترا دعوتي آهن. ڪھڙي قسم جي ماني هجي، ڪٿي هجي، شريف خان اهو سارو ڪم ڪري ڏيکاريو. شيخ صاحب فضول خرچي ۽ ڏيکاءُ فقط پنھنجي ذات تائين محدود رکندو هو.
ڪل پنجاھہ ماڻھن جي گنجائش واري اپوا ڪلب ۾ اياز جي نياڻيءَ جي شاديءَ جو انتظام هڪ ننڍڙي مينيو تحت بہ شريف خان ڪري ڏيکاريو، پنجويھہ گهوٽيتا گهوٽ سميت، پنجويھہ ڪنواريتا ڪنوار سميت! بھرحال ان معاملي ۾ اياز ڪابہ رعايت نہ ڪندو هو، تمام ويجهن دوستن کي سڏ ڏبو، انھن ۾ مان بہ خوش نصيب هيس، جو دعوت ملي. هڪڙي دوست جي گهر جون عورتون غلطيءَ ۾ اياز جي گهر هليون ويون. کين اهو چئي واپس ڪيو ويو تہ توهان جي مرد کي اڪيلي دعوت آهي، اهي ويچاريون واپس هليون ويون.
شريف خان مون سان بہ ڏاڍو نڀايو. منھنجي مٿان ڪوڙا ڪيس ڪن ليڊرن داخل ڪرايا. شريف خان مدد ۾ حاضر، منھنجي ڪار چوري ڪرائي وئي. شريف خان پنھنجي ملٽري ماڊل جيپ منھنجي در تي ڇڏي ويو، بھرحال هن جھڙو ماڻھو ورلي ڪو آهي. اياز وائيس چانسلر ٿيو تہ ان جي گهر ۽ آفيس جي حفاظت شريف جي حوالي هوندي هئي. اياز جڏهن جيل هليو ويو تہ لاهور مان ملاقاتي اجازت نامو وٺي اچي شيخ صاحب سان ملاقات ڪري آيو.
هينئر نہ اياز آ، نہ شريف خان! ڀٽي، علي بخش ميمڻ، غلام مصطفى شاھہ، گرامي صاحب، حبيب ﷲ شيخ سڀ جنت ۾ گڏ ڪچھريون ڪندا هوندا. دعا ڪيو تہ مان انھن سان ملان.
مان هر هفتي ڳوٺ ويندو هيس. ماني ڪڏهن ڪيئن ڪڏهن ڪيئن سو نيٺ فيصلو ڪيم گهرواريءَ کي سکر وٺي اچان، سکر ۾ هنن جي ڇڏيل جڳھہ جنھن ۾ اسان جا عزيز ڪڏهن ڪڏهن اچي رهندا هئا ۽ پوءِ خالي رهندي هئي. مان بہ انھن جي اجازت سان ان جڳھہ ۾ اچي رهيس. گهرواريءَ کي ڳوٺان وٺي آيس. بابو ڏاڍو ناراض ٿيو. ان جڳھہ ۾ نہ بجلي نہ پاڻي. انتھائي خراب حالت ۾ هئي. ڪڏهن ڪاٺين تي، ڪڏهن ڪوئلن تي منھنجي گهرواري پاڻ ماني پچائيندي هئي. اوچتو هڪڙي ڏينھن جڳھہ جو اڌ حصو ڊهي پيو. خدا منھنجي زال کي بچايو جو بورچيخانو، غسل خانو ۽ ٽوائليٽ ٽئي هڪ وقت ڊهي ڪري پيا جڳھہ مٿي هئي مون پنھنجي عزيزن کي اطلاع ڏنو تہ هاڻي ڇا ڪجي؟ هنن چيو تہ هينئر جڳھہ تنھنجي آهي تون ڄاڻ ۽ جڳھہ ڄاڻي. منھنجي آمدني بہ خاص ڪانہ هئي. سو جيئن تيئن ڪري مون اها جڳھہ ٺھرائي بجلي ۽ پاڻي جو انتظام ڪيو. گئس بہ هڻائي رنگ روپ ڪرايو، منھنجي زال ان جڳھہ کي پنھنجي وس آهر ڏاڍو سينگاريو.
1969ع ۾ مون کي پھريون پٽ عبدالقيوم بہ ڄايو، اسان ڏاڍا خوش هياسين انھن عزيزن اوچتو بنا ڪنھن سبب جي مون کي ڏاڍو ذليل ڪري ان جڳھہ مان ڪڍي پاڻ قابض ٿي ويھي رهيا. منھنجا دوست غلام مصطفى شاھہ ۽ علي بخش ميمڻ منھنجي ڪم آيا انھن پنھنجي پراڻي سکر واري جڳھہ خالي ڪري منھنجي حوالي ڪري پاڻ هتي رهڻ لڳا. پوءِ مرحوم محمد حنيف منگي پنھنجي ساهرن کان هڪ جڳھہ مسواڙ تي وٺي ڏني. جڳھہ سول اسپتال جي پويان ڪنڀار پاڙي ۾ هئي. ماهوار اسي رپيا مسواڙ هئي. بجلي بہ هئي پاڻي بہ هيو، پر گئس ڪونہ هئي. هڪ ٽيبل فين برطانيہ جي زماني جو عثماني صاحب ڏنو جنھن مان ڪم پئي ڪڍيوسين. بھرحال منھنجي زال ڪڏهن مون کي اهو محسوس ٿيڻ بہ نہ ڏنو تہ گهر ۾ ڪاٺين تي ماني ٿي پچائي. يا پکو ڇت جو ڪونہ آهي. هڪڙو ننڍو ڇوڪرو گهر جي ڪم ڪار لاءِ رکيل هيو. خوش هياسين. مون پھريون پلنگ ان گهر ۾ ورتو. پھريون ڇت جو پکو گهوٽڪي مان قسطن تي وٺي آيس. هڪ لوھہ وارو ڊرم بہ ورتم. ٽيليفون بہ اتي هڻايم. قسطن تي فرج ورتم، گهر ٺھي پيو. اوٻاوڙو، ميرپورماٿيلو، گهوٽڪي، روهڙي، شڪارپور تائين مون کي جيڪو ڪيس ملندو هو، بسن ۽ ويگنن تي چڙهي وڃي هلائيندو هيس. شام جو جڏهن ٿڪل ڪارو ڪوٽ ٻانھن تي رکي فائل ڪڇ ۾ کڻي گهر ۾ داخل ٿيندو هيس تہ منھنجي زال مرڪن ۽ مھربانين سان اهڙو تہ استقبال ڪندي هئي جو سارا ٿڪ لھي ويندا هئا. جيڪي ڏيندو هيومانس ان کي شڪر ڪري وٺندي هئي. زندگيءَ جو سفر ڪيترو بہ اڻانگو هجي، جي ساٿي ۽ همسفر سھڻو ۽ سيبتو آهي تہ ڪو مسئلو نہ آهي. سفر گذري ويندو ۽ منزل بہ ملي ويندي، گهر گهرواريءَ جو آهي جنت ڪري يا جھنم، منھنجو گهر گهرواريءَ جنت ڪري ڏيکاريو. هيءُ عمر ڀل ڏکن ڏولاون ۾ بہ گذري پر ساٿيءَ سونھن نہ وڃائي ۽ سونھون ٿي هلي، ۽ هلندي اچي مان گهر کي رات جو تالو هڻي کيس اڪيلو ڇڏي اچي ڪڏهن اياز وٽ ڪڏهن ڀٽي وٽ، ڊاڪٽر عمر، قادر صديقي، قلندر بخش ڪلر جيڪو انجنيئر هيو. ان وٽ راتين جون راتيون گذاري گهر موٽندو هيس. ڪڏهن اف بہ نہ ڪيائين ڪڏهن منھن خراب نہ ڪيائين نہ مھڻو نہ ڪاوڙ نہ شڪايت جيڪو پڇي چئي مان خوش آهيان.

نعپ ۽ ترقي پسند اديب

نيشنل عوامي پارٽي تي ڪامريڊن جو قبضو ٿي چڪو هو. اهو بہ خاص طرح سان اردو دانن جو، اهي وري ماسڪو يا بيجنگ کان هدايتون وٺي پارٽي لائين هلائيندا هئا. هميشہ جڏهن بہ سنڌ تي ٻاهرين يلغار ۽ آبادڪاريءَ جو مسئلو هجي يا سنڌ جي وسيلن تي ٻاهرين جي قبضي جو معاملو هجي يا گڊو بئراج جي زمينن جو معاملو هجي يا ڪراچي تي پٺاڻن جي يلغار يا سنڌ جي هارين جا معاملا، سنڌي قومي ٻولي ۽ ثقافت جو مسئلو هجي تہ هي دوست لنوائي ويندا هئا ۽ فقط مزدور جيڪي شھري آبادي وارا آهن انھن جا معاملا يا فقط هيڏانھن هوڏانھن جون ڳالھيون ڪري اسان کان جلوس ڪڍرائيندا وتندا هئا، اجمل خٽڪ تہ صاف چئي ڏنو تہ سنڌ ۾ پٺاڻن سان هٿ چراند ڪرڻ يا سنڌ جي زمينن جي مسئلن کي ڇيڙڻ سان وڏا مسئلا پيدا ٿيندا.
ايوب خان جي اليڪشن ۾ فاطمہ جناح سان دوکي بازي ڪئي وئي . سکر ۾ بدنام زمانہ رئوف جوهر کي ٽڪيٽ ڏئي عوامي نيشنل پارٽي جي پليٽ فارم تان قومي اسيمبلي جي سيٽ تي سردار غلام محمد مھر جي مقابلي ۾ فارم ڀرائي پئسا وٺي غلام محمد مھر کي بنا مقابلي چونڊرايو ويو. رئوف هٿ کڻي ويو ۽ مسلم ليگ جو اميدوار کٽي ويو.
ڪراچي ۾ غوث بخش بزنجو، عطاءُ ﷲ خان مينگل، محمود الحق عثماني جيڪو ان وقت نيپ جو سيڪريٽري جنرل هيو، اردو جي حمايت ۽ سنڌي قومي زبان جي کليل مخالفت ڪئي.
بنگال جي ليڊر شيخ مجيب الرحمان جيڪي ڇھہ نقاطي مطالبا ڪيا. ان جي ولي خان کان وٺي سڀني ڪامريڊن کليل مخالفت ڪئي ۽ ايوب شاهي مضبوط ڪرڻ لڳا. بنگال تي فوجي آپريشن جي بہ اشارن سان حمايت ڪرڻ لڳا.
ان کان اڳ 1965ع واري هندستان واري جنگ ۾ سنڌ جي دانشورن جو موقف جنگ جي حمايت ۾ نہ هيو ۽ خطي ۾ امن کي تباھہ ڪري اجائي عسڪريت پسندي جي نتيجي ۾ انتھاپسندي ۽ فاشسٽ قوتن ۽ مذهبي ڪٽرپڻي کي هڪ طرف هٿي وٺرائڻي هئي ۽ ٻين طرفان ٻن غريب ملڪن جي پيڙهيل غريب عوام جي مسئلن تان هميشہ لاءِ ڌيان هٽجي ويو. ملڪ هميشہ لاءِ جمھوريت جي خوابن ۾ رهجي ويو ۽ اهڙا ٻيا انديشا جن ۾ ملڪ فسطائي قوتن جي حوالي ٿيڻ جا انديشا هيا. اياز جنگ جي خلاف زبردست شعر چيو، جنھن ڪري اياز کي جيل اماڻيو ويو. اسان سڀني خطي ۾ امن جي حمايت ڪئي ۽ جلوس بہ ڪڍيا. پر نيشنل عوامي پارٽي جا اهي دوست جيڪي اندر ۾ مذهبي ڪٽرپڻو ۽ ٻاهران سوشلسٽ ۽ ڪامريڊ هيا. اهي وار فنڊ جمع ڪندا پيا وتن. فيض احمد فيض جنگي نغما لکيا جيڪي نورجھان ڳايا.
سنڌ جي ترقي پسند اديبن کي پرچائڻ لاءِ فيض احمد فيض ۽ گل خان نصير سکر آيا. اياز ۽ جتوئي صاحب وارن سان گڏجي هڪ پڌرنامي تي صحيحون بہ ڪيون. جنھن ۾ سنڌي، پنجابي، پشتو، بلوچي ۽ ٻين کي قومي زبانون ۽ اردو رابطي جي زبان تسليم ڪئي وئي. ان ۾ قوميتن جا زبان، ڪلچر، ثقافت، اسٽحصالي معاملن ۾ سنڌ جي موقف جي حمايت بہ ڪيل هئي پر پوءِ هر انھيءَ ڳالھہ کان هٽي اسان جي اردو ڪامريڊن سنڌ جي معاملن کي سمجهڻ بجاءِ نقصانڪار رويا اختيار ڪيا.
سنڌ جي اديبن ۽ ٻين ترقي پسندن کي مارڪس، لينن ۽ مائو جا ڪتاب ڏيکاري پنھنجي مرضي جون معنائون ڪڍي دليلن بجاءِ پويان هلائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا. بنگال جو ٽٽڻ موجودہ پاڪستان جي حالتن جو هڪڙو سبب اهو بہ آهي تہ نيپ ۾ هندستان کان آيل ڪامريڊن غلط پاليسيون اختيار ڪيون ۽ بيڪار قسم جي ڪافي هائوس ذهني عياشي ڪئي. جنھن جو حقيقت سان ڪوبہ واسطو ڪونہ هو. اهڙا ٻيا ڪيترا معاملا هيا. جڏهن ولي خان، قصوري، اجمل خٽڪ ۽ ٻيا پھرين جوڙ وارا سياستدان سکر ۾ آيا تہ سندن استقبال هارين جي وڏي جلوس ڪيو. ليوڪس پارڪ ۾ جلسو ٿيو، ايجنڊا تان هارين جا مسئلا غائب ڪيا ويا ۽ حفيظ قريشي جيڪو نيشنل عوامي پارٽي سنڌ جو نائب صدر هيو، ان کي تقرير بہ نہ ڪرڻ ڏني وئي ۽ ان سان ڪوڙ ڳالھايو ويو تہ فتاح ۽ رشيد منع ڪئي آهي.
انھن سڀني واقعن جي ڪري اسان سڀ بيزار ٿي پياسون، بنگال جي تحريڪ ۾ نيپ ۾ ڪامريڊ قبضا گروپ وائکو ٿي پيو تہ جمھوريت وغيرہ ڪوڙا نعرا آهن ۽ هي خطي ۾ امن بجاءِ بدامني ٿا چاهين. غربت، جھالت، بک، بيروزگاري هنن جو مسئلو ناهي. ڪڏهن بہ صحيح سوچ وارن جي اڳواڻي قبول نہ ڪيائون ۽ خاص طرح سان سنڌ وارن کي پوئتي رکندا پيا اچن. رائٽرس ڪلب تي هنن جو قبضو، الطاف گوهر ايوب خان کي ڪتاب ڏنو. انھن سڀني ڳالھين جي ڪري رسول بخش پليجي کان وٺي اسان سڀني نيشنل عوامي پارٽي تان استعيفا ڏني.
نيشنل عوامي پارٽي جي ان روش جي نتيجي ۾ عسڪريت پسندن ۽ ٻين ليڊرن کي موقعو ملي ويو تہ پنجاب جيڪو گهڻي ڀاڱي فوج ۾ آهي ۽ 1965ع واري جنگ ۾ پنجاب جو گهڻو ڪري هر ڳوٺ ۽ هر گهر جو ڀاتي مقرر ٿيل هو. ان ۾ هندستان سان هزار سال جنگ وڙهڻ جي اعلانن کي هٿي ملي وئي. ڀٽي صاحب هڪ طرف اٽي، اجهي ۽ لٽي جي ڳالھہ ڪري پيو تہ ٻئي طرف تاشقند معاملي کي اٿاريو پيو اچي. کيس پنجاب ۾ تہ پذيرائي ملي پر سنڌ جي مسئلن کي پٺتي ڪندو رهيو. سنڌ ۽ بنگال جنھن جا مسئلا گهڻو ڪري ساڳيا هيا. انھن کي جذباتي نعرن ۾ ڍڪيندو رهيو.
هيڏانھن سڄي پاڪستان ۾ ايوب خان جي خلاف زبردست جلوس نڪرڻ لڳا. راولپنڊي ۾ هڪڙو شاگرد پوليس جي گوليءَ ڪري مري پيو تہ ڄڻ سموري پنجاب ۾ باھہ لڳي وئي. ايوب خان سڀني سياستدانن اڳيان گوڏا کوڙڻ کان اڳ گرفتاريون شروع ڪيون. ڀٽو صاحب گرفتار ٿي ويو، اياز کي بہ گرفتار ڪيو ويو، ٻنھي کي ساهيوال جيل ۾ رکيو ويو.
آخر ايوب خان کي هڪ گول ميز ڪانفرنس گهرائڻي پئي. اياز ۽ ڀٽو آزاد ٿي ويا پر ڀٽي صاحب ان ڪانفرنس جو بائيڪاٽ ڪيو. اگر تلہ ڪيس واپس وٺي مجيب الرحمان کي بہ آزاد ڪيو ويو.
چوٿين مارچ اچڻ واري هئي جنھن جو مرڪزي جلوس حيدرآباد مان نڪرڻو هيو، ان جلوس جي قيادت ڀٽو صاحب، يوسف لغاري، يوسف ٽالپر ۽ مجيب پيرزادي کي ڪرڻي هئي. شيخ اياز، مان، ڀٽي، تنوير ۽ رباني سن وياسين ۽ سائين کي عرض ڪيوسين تہ جلوس جي قيادت سائين ڪري پر سائين جواب ڏنو تہ هو ايوب خان جي سڏايل گول ميز ڪانفرنس ۾ ويندو. ساري رات جي بحث کان پوءِ سائين اياز کي چيو تہ شيخ، اول تہ اسان کي اقتدار ڪڏهن بہ ڪونہ ملندو پر جي ڪڏهن وارو لڳو تہ توکي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر يا ادبي بورڊ جو چيئرمين ڪرائيندس، تون ان کان وڌيڪ نہ سوچيندو ڪر.
اسان منھن لاهي موٽي آياسون، چوٿين مارچ جي جلوس جي قيادت ڀٽي صاحب ڪئي، جنھن ۾ لک کان وڌيڪ ماڻھن شرڪت ڪئي پر ڀٽي صاحب جي تقرير سنڌ جي قوم پرستن لاءِ مايوسيءَ جو پيغام هئي.
25 مارچ 1969ع تي مان ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جو جلسو پنو عاقل ۾ رکرايو. ڪامريڊ مچ جيل مان آزاد ٿي پئي آيو. ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ ۽ نبي بخش کوسو جلوس ۽ جلسي جي انتظامن ۾ لڳا پيا هئا ڪنھن مھل ڪامريڊ ڪھڙي ويل ۾ ٿو اچي ۽ ڪٿان کيس جلوس ۾ آڻبو وغيرہ وغيرہ. 24 تاريخ تي مون کي نبي بخش کوسي اچي ٻڌايو تہ ڪامريڊ سکر ۾ اچي ويو آهي ۽ شمس الدين شاھہ جي گهر ۾ رهيل آهي. ڇا جا جلوس، ڇا جا استقبال، سڀ ختم . مان اتي ويس ڏٺم تہ ڪامريڊ پنھنجي ننڍڙي ٿيلھي مان شلوار قميص ڪڍي پھري رهيو هيو مون کيس التجا ڪئي تہ هو اڄ ڇڏي. سڀاڻي پنو عاقل پھچي تہ گهٽ ۾ گهٽ اتي تہ سندس استقبال ڪجي. نيٺ واعدو ڪيائين تہ مان ٽيڪسي ڪري پنھنجا ٻار ٻچا وٺي پنو عاقل هليس جو پويان گهر اڪيلو هوندو. جڏهن روهڙي واري پل تي پھتاسون تہ اڳيان هڪ ٽيڪسي ۾ ڪامريڊ ۽ نبي بخش کوسو سوڙھہ ۾ ٻين پسنجرن سان گڏ پنو عاقل طرف وڃي رهيا هئا. ڪامريڊ رات جو اتي رهيو، سڄو وقت هارين جا مسئلا ٻڌندو رهيو ۽ انھن کي درخواستون لکي ڏئي رهيو هو.
ٻئي ڏينھن تي عيدگاھہ ۾ ڪامريڊ جي لاءِ جلسي جو انتظام ڪيوسين. اتي رشيد ڀٽي پنھنجو مشھور شعر پڙهيو، ”سنڌڙي
جيئي، اسان نہ جيئاسون تہ ڇا ٿيو“ ڪامريڊ پنھنجي تقرير ۾ ڀٽي جي ان شعر تي زبردست اعتراض ڪندي چيو بابا سنڌڙي جيئي پر اسان جي نہ هونداسين تہ پوءِ سنڌ کي ڇا ڪبو. بھرحال اهو جلسو هلندي شام جو اٽڪل پنجين وڳي ڪنھن اچي ٻڌايو تہ ايوب استعيفا ڏئي ڇڏي آهي. ان وقت جلسي ۾ هوڪرا لڳي ويا. پر اسان جا منھن لٿل هيا. وري نئين مارشل لا نيون گرفتاريون . بھرحال جلسو ختم ڪري موٽي آياسون.
يحى خان پنھنجي پھرين نشري تقرير ۾ هڪ ماڻھو کي هڪ ووٽ جو حق تسليم ڪيو. جيڪو بنگال جو مطالبو هيو. ون يونٽ ٽوڙي نيون آزاد اليڪشنون ڪرائڻ جو واعدو بہ ڪيو.
ان کان اڳ مجيب الرحمان سنڌ جو دورو شروع ڪيو. آغا غلام النبي پٺاڻ، پير صاحب پاڳاري، ڄام صادق علي، عبد القادر سنجراڻي عوامي ليگ ۾ شموليت جا اعلان ڪيا. مجيب الرحمان کي ڪجهہ ماڻھن تي زبردست اعتراض هيو پر سائين جي زور ڀرڻ تي هو خاموش ٿي ويو، شيخ صاحب آغا صاحب جي دعوت تي پھرين سلطان ڪوٽ ويو ۽ پوءِ شڪارپور ۾ جلسي کي خطاب ڪيائين. اياز کي عوامي ليگ جي سينٽرل ڪاميٽي تي کنيائين ۽ اسان کي ڍاڪا اچڻ جي دعوت بہ ڏنائين ۽ پوءِ سيد جي دعوت ۾ ڪراچي ۾ وڏي هوٽل ۾ شرڪت ڪيائين.
ان دعوت کان اڳ اقتدار جا بکيا مير، پير، وڏيرا سائين وٽ ڳاهٽ پيا ٿين. اسان جن جي خلاف جدوجھد ڪئي. گيت لکيا، نعرا هنيا. اهي اسان جي اڳيان پھرين نشست تي ويھاريا ٿي ويا ۽ اسان کي حڪم ٿيو تہ انھن غدارن جو استقبال ڪيو. سائينءَ جون پنھنجون مصلحتون هيون، اسان جڏهن اهو ماحول ڏٺو، تڏهن سائين کي سلام ڪري هليا آياسين. ان ٽہ واٽي تي جتان هليا هياسين نہ نيشنل عوامي پارٽي ۽ نہ سائين نہ وري ڀٽي صاحب جا آدرش سمجهہ ۾ پيا اچن. اسان پاڻ کي ان نچڻي وانگي پي سمجهيو، جيڪا فقط ٻين کي خوش ڪرڻ لاءِ گهنگهرو ٻڌي نچي نچي فقط پير زخمي ڪندي آهي. تماشي کان پوءِ کيس ڪير پڇندو بہ نہ آهي.
سنڌ جا دانشور ويڳاڻا ويڳاڻا نہ خدا هي ملا نہ وصال صنم، ڀٽو صاحب اعلان ڪيو تہ ون يونٽ ٽٽڻ سندس مطالبي جو نتيجو آهي. سائين چئي تہ هن جي حڪمت عملي جو ڪم آهي باقي سنڌ جا اديب ڇا هيا؟ اها نچڻي جنھن پنھنجا پير زخمي ڪري اچي گهر سمھي رهي؟!
سياست اسان جو ڪم نہ آهي. هيءَ شطرنج جي راند آهي. ان ۾ ايمانداري، خلوص، خدمت ڪجهہ بہ نہ آهي ۽ پاڪستاني سياست ۾ امن، ڀائيچارو، غربت ۽ جھالت خلاف جنگ وڙهڻ، ڪجهہ بہ نہ آهي. اقتدار حاصل ڪجي، جاگيرداري، زميندار، جبر، اسٽيبلشمنٽ ۽ ٻين قابض ۽ استحصالين کي بچائڻو آهي ۽ اسٽيٽسڪو هلائڻو آهي.

بنگلاديش جي آزادي ۽ شيخ مجيب الرحمان

ان دور ۾ پاڪستان جي سياست ٻن طبقن ۾ ورهائجي چڪي هئي. هڪ جاگيرداري، زمينداري ۽ سرمائيداري جنھن جي پٺڀرائي اسٽيبلشمنٽ ڪري رهي هئي ۽ ٻيو هاري، مزدور ۽ وچولو طبقو تمام ٿورائي ۾ هيو، پوءِ آهستي آهستي هندستان کان آيل مھاجرن ۾ ڪجهہ وچولو طبقو پيدا ٿيڻ لڳو، اڳوڻي مشرقي پاڪستان ۾ جاگيرداري ختم ٿي چڪي هئي. باقي سياسي قيادت وچولي طبقي، مزدورن ۽ هاري ڪلاس وٽ هئي، جن کي عوام جي ڀرپور پٺڀرائي هئي.
اڳوڻي مغربي پاڪستان ۽ هاڻوڪي پاڪستان ۾ طاقتور طبقو فقط نوڪر شاهي هيو، باقي سڀ پتليون هيون، ملڪي وسيلن تي بہ ان جو قبضو هيو. يحى خان جي ڪرايل اليڪشن ۾ اڪثريت ميمبر بنگال مان چونڊجي آيا ۽ حڪومت بہ انھن کي ملڻ گهربي هئي. مجيب الرحمان، سيڪيولر آئين، صوبائي خودمختياري جنھن ۾ سمورن وسيلن تي صوبن جو اختيار هجڻ گهرجي. مرڪز وٽ ٻہ يا اڍائي کاتا هجڻ گهرجن، ملڪ جي نوڪر شاهي مڪمل سول قيادت جي ماتحت ۽ طابع هجي هئڻ جي گهر ڪري رهيو هو.
اهي سڀ ڳالھيون مغربي پاڪستان جي نوڪر شاهي ۽ مراعات يافتہ طبقي کي قابل قبول نہ هيون. بنگال کي مجيب الرحمان جي روپ ۾ اڳواڻ ملي ويو. باقي وفاق پرست ٽولي کي مغربي پاڪستان مان اڳواڻ جي ضرورت هئي. سو کين محترم ذوالفقار علي ڀٽو ملي ويو، سنڌ بلوچستان ۽ سرحد (خيبر پختونخواھہ) جا مطالبا بہ حقيقت ۾ بنگال جھڙا هيا. پنجاب مڪمل وفاق پرست هيو. بلوچستان کي آدمشماري آهر سيٽون ملڻيون هيون. سرحد (خيبر پختونخواھہ) جي پوزيشن بہ ساڳي هئي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪجهہ ٺيڪ پوزيشن هئي. باقي پنجاب اڪثريت حاصل ڪري ويو. هاڻي جيڪڏهن پاڪستان متحد ٿو رهي تہ ننڍا صوبا ۽ بنگال حڪومت بہ ڪن ها سو ٻيو ڪو رستو رهيو ئي ڪونہ هيو. سواءِ بنگال کي ٽوڙي الڳ ڪرڻ جي.
اڳوڻي مغربي پاڪستان ۾ خاص طرح سان پنجاب ۽ سنڌ ۾ مرحوم ڀٽو صاحب هڪ طوفان جي شڪل اختيار ڪرڻ لڳو. جي ايم سيد کي نظربند ڪيو ويو. رشيد ڀٽي جيل ۾ بيمار ٿي پيو ۽ سول اسپتال جي جيل وارڊ ۾ داخل ٿيو. قاضي فيض محمد بہ گرفتار ٿي ويو. حميد سنڌي، پروفيسر محمد عمر ميمڻ ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا کي بہ گرفتار ڪيو ويو.
شيخ اياز مون وٽ پاڻ منھنجي گهر شام جو آيو ۽ چيائين تہ هو بہ گرفتار ٿيڻ وارو آهي ۽ رات تائين گرفتار ٿي ويو.
ماڻھو سموريون پارٽيون ڇڏي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لڳا. اسان جي بار ۾ هڪڙو ڪامريڊ رڪن الدين قاسمي ٻيو مان ۽ شايد عثماني صاحب کان سواءِ سڀ وڪيل پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ داخل ٿيندا ويا. اردو دوست جماعت اسلامي يا نظام اسلام پارٽي يا جمعيت جي حمايت ڪرڻ لڳا.
اسان جو دوست مرحوم حبيب ﷲ شيخ تہ جذباتي طور ڀٽي صاحب جي ڪرشماتي شخصيت مان ايترو تہ متاثر هيو، جو هو بنگالين کي گهٽ وڌ ڳالھائيندو هو. هڪ نئون جذباتي پڙهيل ڳڙهيل نوجوان وڪيل نظام الدين بلوچ بہ اچي ويو. عبدالحليم پيرزادہ، محمد حنيف منگي، شمس الدين شاھہ، عبدالغني شيخ ۽ ٻيا ڪافي دوست پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ اچي ويا. علي حسن منگي بہ پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو. باقي مان، رشيد ڀٽي جيڪو جيل ۾ هيو، اياز جيڪو بہ جيل ۾ هيو، عثماني صاحب ۽ ڪامريڊ قاسمي اڪيلا ٿي پياسين.
سردارن، نوابن، جاگيردارن عوامي طوفان ڏسي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ اعلان ڪري ڇڏيا. فقط انھن سردارن جو فيصلو ڪيو جن جا ازلي دشمن پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ ويا ۽ هنن کي پارٽيءَ کان سواءِ بہ ڪا ٻي پوزيشن هئي.
مان بار ۾ اڪيلو ۽ ويڳاڻو هوندو هيس. مون کي پاڪستان پيپلز پارٽي جو منشور، وڏيرا سردار ۽ جيالا ڏٺي نہ پيا وڻن. ان ڪري مون دل ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو تہ ڪنھن بہ سياسي پارٽيءَ ۾ شامل ناهي ٿيڻو. ٿيان ها تہ بہ ڪيان ڇا ها؟ علي حسن منگيءَ جي حمايت ۾ ڪارنر ميٽنگون ڪري ڇا ڳالھايان ها. مون کي منھنجي سوالن جا جواب نہ پيا ملن تہ مفاد پرست اقتداري ٽولن جي صدين کان رنگ، روپ ۽ پارٽيون مٽائيندڙ اقتدارين وٽ مون جھڙي غريب جي حيثيت ڪھڙي هوندي، نہ غريبن کي ڪجهہ ملڻو هيو نہ ننڍن صوبن کي ڪجهہ حاصل ٿيڻو هيو.
انھن جن اسان کي اروڙان اٿاريو جن اسان کي مياڻيءَ ۾ ماريو، جيڪي مدد خان جا حامي ارغونن جا استقبالي، استحصالي، ڦورو ۽ لٽيرن سان ويھي ڪيئن سگهندس. آدرش جدا، خيال جدا، مان انھيءَ غريب کي ڪھڙو جواب ڏيندس، جنھن جا درياھہ ڦرجڻا هيا، جنھن جي تيل، گئس ۽ پنجويھہ لک ايڪڙ زمين تي ڌارين جو قبضو ٿيڻو هيو.
امير ٻارن جا ڪتا سونين صندلين تان نہ لھڻا هيا ۽ غريب کي پٽ تان اٿي کٽ تي نہ ويھڻو هيو. سکڻا نعرا ڪير هڻي؟ ۽ ڇو هڻان.
شايد مان ئي هڪڙو پاڳل هيس هن ساري پاڳل خاني ۾ منجهند جو حافظ خير محمد اوحدي وٽ ۽ هر آچر تي صبح جو عثماني صاحب وٽ گڏ ٿيندا هياسين ۽ وڏي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي. اليڪشنون ويجهيون اچي ويون. سمورا سياسي قيدي آزاد ٿي آيا. فقط اياز آزاد ڪونہ ٿيو. سموري سنڌ جي اديبن سکر ۾ جلوس ڪڍيو، برادرم حميد سنڌي، غلام علي الانا، پروفيسر محمد عمر ميمڻ بہ آزاد ٿي ويا.
ٻيو جلوس اياز جي آزاديءَ لاءِ حيدرآباد ۾ ڪڍيو ويو، جنھن جي قيادت مرحوم بيگم زينت عبدﷲ چنا ڪئي. سنڌي پاڙن مان گلن جي ورکا ٿي ٻين دوستن پٿر تہ نہ هنيا پر گل بہ نہ هاريائون. بھرحال اياز بہ آزاد ٿي آيو، سکر اسٽيشن تان کيس وڏي جلوس ۾ وٺي آياسون.
سکر ۾ علي حسن منگي ۽ اي ڪي بروهي دوبدو بيٺا . بروهي صاحب جماعت اسلامي جي حمايت سان ۽ منگي صاحب پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي بيٺا. ٽيون اميدوار هيو مرحوم محترم پيرزادہ عبدالستار سندس هڪ فرزند عبدالحفيظ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي اليڪشن پيو وڙهي. پيرزادہ عبدالستار قيوم ليگ جو اميدوار هيو. عبدالمجيب پيرزادہ پنھنجي والد صاحب سان هيو، اسان کي بہ نيٺ هڪ پڙهيل ڳڙهيل اميدوار ملي ويو. سو مان، رشيد ڀٽي ۽ مرحوم قادر صديقي پيرزادہ صاحب جي بنگلي تي وڃي ووٽن جون لسٽون وغيرہ چيڪ ڪندا هياسون سڄي ڏينھن ۾ ٻہ دفعا هوٽل جي چانھہ ۽ بسڪوٽ کائڻ لاءِ ملندا هئا. پاڻ وڃي الصحرا تان ماني کائي ايندا هيا. نيٺ ڪڪ ٿي ڀڄي آياسين. سائين شمس الدين شاھہ وٽ جيڪو پنو عاقل جي تڪ تي صوبائي اميدوار هيو. سندس مد مقابل هيو سردار علي انور مھر ۽ قومي تڪ تي سردار نور محمد لنڊ پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان ۽ سردار غلام محمد مھر مسلم ليگ طرفان بيٺل هئا. اليڪشن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو اميدوار سردار نور محمد لنڊ کٽي ويو ۽ سردار غلام محمد مھر هارائي ويو. ٽن ڏينھن کان پوءِ صوبائي تڪ تي شاھہ صاحب هارائي ويو ۽ علي انور خان مھر مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي کٽي ويو. مان ۽ رشيد ڀٽي جو ننڍو ڀاءُ لالو پني عاقل کان پري ڊٻ جي تڪ تي شاھہ صاحب جا ايجنٽ ٿي وياسون. سائين قوت علي شاھہ اسان کي سواري ڏئي ڊٻ پھچايو، اها سياري جي مند هئي.
سڄو ڏينھن پولنگ هلي، اسان وس آهر بک تي منھن ڏنو بھرحال شاھہ صاحب سڄي تعلقي مان اليڪشن هارائي ويو ۽ علي انور خان مھر کٽي ويو. اسان کي رات ٿي وئي. سمورو عملو هليو ويو، اسڪول جتي پولنگ هئي، بند ٿي ويو، پر شاھہ صاحبن طرفان ڪير بہ وٺڻ ڪونہ آيو. نيٺ رات ڌاري مرحوم علي محمد خان ڌاريجو جيڪو اسان جو مخالف هيو، ان کي نياپو آيو تہ هينئر نانگ پٽيندو هيڏانھن هليا اچو. اسان نڪ ٻوڙي مخالفن وٽ وڃي رات رهياسون، صبح جو انھن جي گاڏين تي پنو عاقل پھتاسون ۽ پوءِ بس تي چڙهي سکر پھتاسون.
اليڪشن کان پوءِ مون پاڻ ڀٽي صاحب جي تقرير ٻڌي جنھن ۾ هن اسيمبلي ميمبرن کي بنگال وڃڻ کان روڪيو ۽ مجيب الرحمان کي مخاطب ٿي چيو اڌرتم، اڌرهم.
مجيب الرحمان کي گرفتار ڪيو ويو، ٽڪا خان ملٽري ايڪشن ڪيو. هندستان پاڪستان جي جنگ ٿي، مشرقي پاڪستان مان بنگلاديش ٿيو، هتي محترم ڀٽو مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ صدر پاڪستان ٿيو. مجيب الرحمان کي آزاد ڪري بنگلاديشن موڪليو ويو، جتي هو صاحب اقتدار ٿيو.
هڪڙي ڳالھہ ٻي بہ ٻڌائيندو هلان تہ بنگلاديش جو قومي جهنڊو پھريائين سنڌ ۾ ٽنڊي آدم جي جلسي ۾ سنڌوديش جو جهنڊو ڪري ڏيکاريو ويو. جڏهن مجيب الرحمان جهنڊو ڏٺو تہ هن هڪدم اهو ڪنھن شاگرد کان کسي ورتو ۽ آخر ۾ بنگلاديش جو جهنڊو ڪري ڇڏيائين. فقط رنگ جو فرق آهي هو سائو آهي ۽ هي ڳاڙهو هيو.
جڏهن جنگ جو اعلان ٿيو، بليڪ آئوٽ ٿيڻ لڳا ۽ بنگال تي فوجي آپريشن جون خبرون اچڻ لڳيون اياز، رشيد ڀٽي ۽ ٻيا دوست جيل هليا ويا. يحى خان ۽ پوڊگورني جي خط و ڪتابت پڙهڻ کان پوءِ مون تي زبردست ذهني دٻاءُ ٿيڻ لڳو. ان اڪيلائي جنگ، قتل عام، بار جي ماحول جي ڪري نروس بريڪ ڊائون ٿيڻ لڳو ۽ مان ڊپريشن جو شڪار ٿي ويس.
ڊاڪٽر محمد عمر بلوچ جيڪو منھنجو پيارو دوست آهي. اهو پاڻ ۽ ٻيا ڊاڪٽر سدائين منھنجي مٿان ساري ساري رات ويھاريون ويٺو هوندو هيو. ڪئين نشي آور گوريون ۽ انجيڪشن جي باوجود سڄي سڄي رات ننڊ ڪانہ ايندي هئي، وات بہ نہ کلندو هيو.
آخر ڀاءُ حيدرآباد وٺي ويو، جتي حميد سنڌي ڊاڪٽر عالماڻي کان علاج ڪرايو. ڪافي عرصو پئٽريڊن تي هلايو ۽ پوءِ نشي آور گوريون منھنجي عادت بڻجي ويون.
ڪنھن وقت امرتسر فتح ٿي ويو. ڪڏهن دهلي ختم ٿي وئي، ڪڏهن ڪشمير فتح ٿي ويو، غدار سڀ قتل ٿيندا، آمريڪا جو ستون ٻيڙو اجهو آيو ڪي آيو. اهي خبرون سڄو وقت بار روم ۾ هلنديون هيون ۽ مان عجيب صورتحال سبب سڀ ڳالھيون مڃيندو هيس. منھنجا پيارو دوست مرحوم حبيب ﷲ شيخ بہ جڏهن زور ڏئي اهي ڳالھيون ڪندو هيو تہ مون کي مڃڻ کان سواءِ ٻي واھہ ڪانہ هوندي هئي.
جنگ ۾ هارائڻ، بنگال جو ٽٽي وڃڻ ۽ بي گناھہ انسانن جو قتل عام، انھن ڳالھين جو دوست کي ايترو غم ڪونہ هوندو هيو. جيترو محترم ڀٽي ۽ ان جي پاڪستان پيپلز پارٽي جو اقتدار ۾ اچڻ جي خوشي هئي. سڀني جا منھن خوشيءَ ۾ ٻھڪڻ لڳا. سائين شمس الدين شاھہ پاڪستان پيپلز پارٽي جو ضلعي صدر ۽ عبدالحليم پيرزادہ سٽي پريزيڊنٽ ٿيا. راشن ڊپو، نوڪريون پلاٽ، امپورٽ ايڪسپورٽ کان وٺي ڪيترين ٻين ڳالھين جا اختيار کين مليا.
مون کي اهو ائين لڳندو هيو ڄن فرعونن کي ملڪ جو مالڪ ڪيو ويو هجي يا ڊيڍن جي اڳيان ڪنھن گگدام کي ماري اڇليو ويو آهي ۽ هر ڪو چاڪون ۽ ٿالھي کڻي ڀڄندو ٿو وڃي پنھنجي پنھنجي حصي وٺڻ ڪاڻ.
قائد اعظم محمد علي جناح جي پاڪستان کي ٻہ ٽڪر ڪيو ويو، لاش لتاڙي عسڪريت پسندن کي عارضي اقتدار جي ڪنوار سينگاري ڏني وئي.
مون ڀٽي صاحب تہ پري کان بہ ڪونہ ڏٺو هيو، منھنجي لاءِ تہ سڀ ڪجهہ هتان جا ليڊر هيا جيڪي منھنجي سامھون هيا.
جڏهن محترم ڀٽي 1973ع جو آئين پاس ڪرايو تہ مدد علي سنڌي پنھنجي رسالي اڳتي قدم لاءِ مضمون گهريو. مون ان آئين جي خلاف شعر لکي موڪليو مانس. ڇاڪاڻ جو ان آئين ۾ صوبا تہ هيا اختيار ڪونہ هيا. سنڌ وسيلن هوندي بي وس هئي. سنڌي زبان ۽ ڪلچر کي ڪوبہ تحفظ ڪونہ هيو. جاگيرداري ۽ سرمائيداري مڪمل محفوظ هئي. قومي فوج بہ ڪانہ هئي بنگال کي جدا ڪرڻ کان پوءِ ڪھڙي بہ جمھوريت ڇو نہ هجي ننڍا ۽ وڏا صوبا جا نوان اصطلاح استعمال ٿيڻ لڳا.
جڏهن بلوچستان تي فوج ڪشي ڪئي وئي ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي تہ اياز مون کي سڏ ڪري مشتاق باگائيءَ جو ڇپيل شعر پڙهايو تہ :
تو جو ڀانيو ڀت
ريڍارن جو رت
ٺاري ٺاري کائجان

بار جي ننڍڙي ماحول کي آمريت پسندن پنھنجي رنگ ۾ رنڱڻ شروع ڪري ڏنو، بغير جنرل باڊي جي ڪوڙيون قراردادون پاس ٿيڻ لڳيون، ڪوڙا منٽ بوڪ ٺھڻ لڳا. جيڪو ٻرڪ بہ ڪڇي ان جي عزت ئي لاٿي وئي اهو تہ ٺھيو پر الصحرا هوٽل جي مالڪ پاشا کي ان ڪري جيل اماڻيو ويو جو هن شھر جي سياسي اڳواڻ کي هوٽل ۾ حصو ڏيڻ کان لنوايو. آخر هوٽل تي حملو ڪري تباھہ ڪيو ويو.
آفيسرن کان حصا گهريا ٿي ويا. انھن کان شادين ۽ غمين جا خرچ ڪرايا ٿي ويا. اوستائين جو رمضان شريف ۾ افطار پارٽيون بہ سرڪاري ڪامورن جي خرچ سان پي ٿيون.
نيٺ هڪڙي ڏينھن اياز مون کي ٻاهر سڏي مون کان وڪالت واري ڊائري گهري ۽ ان تي انگريزيءَ جي هڪ پراڻي چوڻي لکي ڏنائين تہ :
When rape is inevitable Then relex and enjoy
اياز کي سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ٿي ڪيو ويو، سندس لاڙڪاڻي جا پنڌ ڪم آيا. هونءَ بہ بنگال جي ٽٽي وڃڻ کان پوءِ ۽ نئين ماحول ۾ بار بار جي جيلن اياز جي مون وانگر همت هارجي چڪي هئي. هٿيار ڦٽا ڪرڻا هيا، لٽا لاهي ڪنڌ سٽڻو هيو ۽ مزا ماڻڻا هيا.
ان وقت شيخ اياز جون دعوتون شروع ٿي ويون. مون بہ هڪ ننڍڙي موڪلاڻي جي دعوت ڪئي. ان ۾ مرحوم غلام قادر ڊکڻ، مرحوم قادر صديقي، مرحوم غلام مصطفى شاھہ، مرحوم رشيد ڀٽي، مرحوم تنوير عباسي، حال حيات رسول بخش پليجو، سيد عالم شاھہ ۽ مان هياسين ڊاڪٽر تنوير پاڻ سان انگلينڊ مان آيل ٽي پروفيسر بہ وٺي آيو.
پليجو صاحب پنھنجي عادت مطابق انگريزن سان بحث ۾ وچڙي ويو، مس مس ٻنھين ڌرين ۾ جنگ بندي ٿي.
آخرڪار شيخ صاحب هتان لاڏين ڪوڏين ڄامشورو لاءِ روانو ٿي ويو. سنڌ يونيورسٽيءَ وارن ڀٽ شاھہ کان زبردست استقبال ڪيو ۽ يونيورسٽي جي تخت تي ويھاريس. سائين جي ايم سيد جي اياز کي چيل ڳالھہ پوري ٿي.

منھنجي وڪالت ۽ سکر جون سرگرميون

مون کي جڏهن ڊپريشن جا دورا پوڻ لڳا هيا تہ ان وقت مان جيئن تيئن ڪري رشيد ڀٽي جيڪو ان وقت سول اسپتال جي جيل وارڊ ۾ هيو وٽ ويس. منھنجو گهر سول اسپتال جي لڳ مردا خاني جي پٺيان هيو. مون جڏهن ڀٽيءَ کي اسپتال جي جيل ۾ ڏٺو تہ اتي ڪري پيس، ڊاڪٽر محمد عمر بلوچ جيڪو ان وقت سول اسپتال ۾ ڊاڪٽر هيو کڻائي گهر پھچايائين.
حيدرآباد ۾ مون کي ڊاڪٽر قاضي جيڪو گدو مينٽل هاسپيٽل جو ڊاڪٽر هيو ان کي بہ ڏيکاريو ويو نجم عباسي جيڪو پڻ اديب ۽ شاعر هيو ۽ ڊاڪٽر پروفيسر عالماڻي سنگت ۾ خانگي طرح صلاح ڏني تہ مان سوم رس بہ استعمال ڪريان ۽ سائيڊ ۾ ڪنھن اپسرا سان صحبت بہ ڪيان. اول تہ منھنجي ايتري آمدني ڪانہ هئي جو مان سوم رس جھڙي مھانگي شيءِ خريد ڪري سگهان، ٻيو تہ مان شادي شدہ هيس. بھرحال ڊپريشن کي ختم ڪرڻ جو واحد عمدو نسخو اهو ئي هيو سو اياز وٽ آمريڪا واري ٽامي شينئر جو اڳ بہ ونھوار هيو سو ان تي عمل ڪيم. باقي ٻي ڳالھہ لاءِ پاڙي ۾ هڪ ڪرسچن فيملي هئي. ائنسٽونيا اسڪول جي ماسترياڻي بہ هئي ۽ انگريزي ۾ زبردست هئي. ڪچھري جي بہ مور هئي. سو ان دوا طور چڱو ساٿ ڏنو بعد ۾ اياز کي جڏهن خبر پئي تہ مون کي ائنسٽرونيا سان ڪچھري لاءِ فرمائش ڪيائين. مان سڃو اياز آسودو، اياز جي انگريزي ۽ ڄاڻ مون کان وڌيڪ هئي سو مان لنوائي ويومانس. سال ڏيڍ سال اهو ڪم هليو. نيٺ هڪ ڳالھہ مان جان ڇڏايم پر ٻي شيءِ سڄي زندگي جي ساٿي ٿي وئي.
ڇا ڪيان ها سموري سنگت جي اها صلاح هئي. جنھن تي دوا طور عمل ڪرڻو پيو ۽ آهستي آهستي مان ڊپريشن مان نڪري ماڻھن جھڙو ماڻھو ٿي ويس.
شيخ اياز جي وائيس چانسلر ٿيڻ ۽ هتان ڄامشورو وڃڻ جي ڪري مان ۽ رشيد ڀٽي اڪيلا ٿي پياسين. اڳ رات جو روز ملڻ، تنوير بہ اچي، ڪڏهن رباني، ڪڏهن جويو صاحب، ڪڏهن گرامي صاحب ۽ ڪڏهن نياز همايوني، بردو سنڌي، مولوي عبدالواحد سنڌي، هتي ايندا هئا. جن سان ساري ساري رات اياز وٽ ڪچھريون ٿينديون هيون. ڪامريڊ سوڀو بہ ايندو هيو، ڪڏهن اياز جي گهر تي ڪڏهن سندس آفيس ۾ علم، ادب، سياست، ملڪي ۽ عالمي ماحول تي ڏاڍا بحث ٿيندا هئا.
هر آچر تي صبح جو عثماني صاحب جي جاءِ تي گڏ ٿيندا هياسي، تاج محمد ابڙو ايڊيشنل جج ٿي آيو، اهو ۽ سائين شمس الدين شاھہ آچر جو عثماني صاحب وٽ گڏ ٿي اوڀاريون لھواريون ڳالھيون ٿينديون هيون. عثماني صاحب جي گهرواري جوانيءَ ۾گذاري وئي. عثماني صاحب جا ٻہ پٽ ڏاڍا ننڍا هئا. سندس نياڻين ۽ پوڙهي والدہ انھن کي سنڀاليو. عثماني صاحب ننڍڙي جنيد کي گوڏي تي ويھاري آفيس جو ڪم ڪندو هيو.
ٻيو هڪ هندو ڪامريڊ جنھن ساڌ ٻيلي جي گادي تي قبضو ڪيو هيو، هو بہ صبح سان ڳائي گوشت مان ٺھيل ٿلھي تان نھاري ۽ نان لڪي عثماني صاحب جي گهر جي هيٺان واري آفيس تي اچي کائيندو هيو ۽ پوءِ ڪميونزم تي ڪارل مارڪس، اينجلس، لينن، فرينچ انقلاب تي تمام سٺي تقرير ڪندو هيو. سکر جي وڏي سيٺ سلامت راءِ جو پوٽو هيو ۽ سکر بار جي ڪنھن فنڪشن لاءِ ٻہ رپيا چندو بہ ڪري وٺي ڏنو هيائين.
مون وڪالت تي مڪمل ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو ۽ سٺو ڪمائڻ لڳس. شام جو ڀٽي صاحب ايندو هيو ڪڏهن ڪڏهن تنوير ۽ علي بخش بہ ايندا هيا. منھنجو گهر ڪنڀار پاڙي ۾ ۽ آفيس والس روڊ تي هئي. جيڪا شريف خان پنھنجي مھاجر ساهرن کان ڪرائي تي وٺي ڏني هئي. پوءِ وري ڀرواري جڳھہ مون کي گل محمد اعواڻ شڪارپور جي شيخ وڪيل سڪندر علي کان ڪرائي تي وٺي ڏني. جڳھہ جي مٿان ٻيو وڪيل فرمان علي ٻارن ٻچن سان رهندو هيو. مان ڪنڀار پاڙي مان لڏي اچي والس روڊ تي رهيس، آفيس ۽ گهر جي وچ ۾ هڪ ڀت هئي. ڪوئنس روڊ تي منھنجو ساهرو گهر هيو، مان بہ خوش گهرواري بہ خوش هياسي.
مون وٽ گهڻي ڀاڱي روينيو جون اپيلون هونديون هيون جيڪي گڊو بئراج جي الاٽ ٿيل زمينن جا تڪارار هوندا هيا. جيڪي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ ميمبر بورڊ آف روينيو وٽ هونديون هيون.
ون يونٽ کان بورڊ آف روينيو جو ميمبر لاهور کان ايندو هيو، رفعت پاشا سينيئر ميمبر هوندو هيو، گهڻو ڪري سرڪٽ هائوس ۾ ڪورٽ لڳندي هئي. رفعت پاشا گهڻو ڪري اپيلون رد ڪندو هيو، هڪڙي ڏينھن صبح ڌاري جڏهن سرڪٽ هائوس پھتاسين تہ وڪيل ٻڌايو تہ ريڊيو تي اعلان ٿيو آهي تہ قاضي فضل ﷲ وزير ٿي ويو آهي. اڃا ائين ڳالھايوسين پئي تہ پويان قاضي صاحب بہ لاڙڪاڻي کان ڪار ۾ اچي پھتو. اسان سڀني کانئس وزارت واري ڳالھہ پڇي جنھن چيو تہ واقعي کيس قانون واري وزارت ڏني وئي آهي، پر هن گورنر کان ڪجهہ مھلت گهري آهي، جيئن پنھنجا ڪجهہ ڪيس اڪلائي وٺي.
ايتري ۾ رفعت پاشا بہ آيو ۽ قاضي صاحب کي سر ڪري مخاطب ٿيو ۽ اڪيلو اندر ڊرائنگ هال ۾ وٺي ويس. اپيلون منھنجون، مرحوم محمد اسلم ڀٽو ۽ عبدالغني شيخ سان قاضي صاحب جون هيون، قاضي صاحب سڀني ڪيسن ۾ اپيلانٽ جو وڪيل هو، اسان کي پڪ ٿي وئي تہ هاڻي ڪيس قاضي صاحب جي حق ۾ ٿيندا ۽ وري ڪيسن ۾ اوليت بہ انھن ڪيسن کي ڏيندي پاشا صاحب اهي ڪيس پھريان گهرايا جن ۾ قاضي صاحب وڪيل هيو. اسان کي ويتر پڪ ٿي وئي تہ فيصلا اسان جي خلاف ۽ قاضي صاحب جي حق ۾ ٿيندا. اسان ٽيئي ڄڻا اندر جتي ڪورٽ روم هيو. وياسين قاضي صاحب اسان کان اڳ اتي ويٺل هيو. پاشا صاحب پھريائين قاضي صاحب کي تقرير ڪرڻ لاءِ چيو، قاضي صاحب هڪ ڪلاڪ زبردست تقرير ڪئي. پاشا صاحب اسان کي ڳالھائڻ جو وارو بہ ڪونہ ڏنو ۽ قاضي صاحب جون سموريون اپيلون رد ڪري سندس خلاف سڀني اپيلن ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو. قاضي صاحب ٻاهر ڳاڙهو ٿي نڪتو ۽ پاشا لاءِ الائي ڇا ڇا ڳالھائيندو هليو ويو. هن آفيسر انھيءَ ڳالھہ جي بلڪل پرواھہ نہ ڪئي تہ سندس سامھون مغربي پاڪستان جو وزير قانون آهي يا ڪو ٻيو.
قاضي فضل ﷲ بحيثيت وزير قانون هڪ دفعي سکر آيو، منھنجو هڪ عزيز صبح جو سوير مون وٽ آيو ۽ اچي ننڊ مان اٿاريائين. چيائين تہ ڪنھن نوڪري جي انٽرويو ۾ ويھڻو هيو، کيس نوڪري جو انٽرويو وٺڻ وارو صاحب قاضي فضل ﷲ جي حڪم کي اکين تي رکندو سو کيس قاضي صاحب جي سفارشي چٺي گهرجي. هن يار قاضي صاحب جو سمورو پروگرام نوٽ ڪري ڇڏيو هو تہ قاضي صاحب جي صبح جي چانھہ سکر بار ۾ وڪيلن ڪئي آهي پوءِ سندس منجهند جي ماني سائين شمس الدين شاھہ وٽ رکيل هئي. مون کيس ٻڌايو تہ مان تہ هڪ ننڍڙو وڪيل آهيان ۽ قاضي صاحب وڏي عمر هوندي وزير بہ آهي بھرحال مان صبح سان وڃي بار روم ۾ ويھي رهيس. صبح جو ڏهين وڳي کن قاضي صاحب جن آيا، چانھہ وغيرہ پي ۽ ڪجهہ اعلان ڪري جڏهن ٻاهر نڪري ڪار ۾ ويھڻ لڳو تہ مان بہ سندس ڪار جي اڳين سيٽ تي چڙهي ويھي رهيس. قاضي صاحب مون کان ڪجهہ نہ پڇيو، فقط هتان جا حالات پڇندو رهيو، جيڪي مان کيس ٻڌائيندو هليس، قاضي صاحب پھريان ڊي سي آفيس ويو وري بئراج ويو ۽ آخر شاھہ صاحب جي بنگلي تي اچي لٿو. لھڻ مھل مون کي چيائين، ”بابا اوهان جي مھرباني هينئر اوهان وڃو“ مون کيس چيو تہ ”سائين منھنجو توهان ۾ ڪم آهي“ ”ڪم آهي تون ڇا ڪندو آهين“ قاضي صاحب اچرج مان پڇيو. مون چيو: ”مان وڪيل آهيان“ پوءِ قاضي صاحب ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو. توهان نوجوانن کي ڪو لحاظ نہ آهي، بس ائين وزيرن جي ڪارن ۾ چڙهي ٿا پئو. مون سمجهيو ڪو آفيسر آهين ۽ منھنجي ڊيوٽي ۾ آهين.“ ائين قاضي صاحب گوڙ ڪندو شاھہ صاحب جي بنگلي تي هليو ويو، مان ٻاهر آفيس ۾ ويھي رهيس. سائين وارن ٻاهر ماڻھو موڪليو تہ ”اچي ماني کائو“ پر جيئن جو مون کي ان دعوت جي لاءِ سڏ ڪونہ هيو سو نہ ويس. ٿوري دير کان پوءِ قاضي صاحب پاڻ ٻاهر نڪري آيو ۽ مون کي پرچائي ماني بہ کارايائين ۽ چٺي بہ اهڙي سٺي لکي ڏنائين جو همراھہ هينئر ويھين گريڊ ۾ رٽائر ٿيو آهي.
انھيءَ سرڪٽ هائوس ۾ جڏهن اسان ڪيسن لاءِ ويٺل هئاسون تہ رحمت منھنجو ماروٽ سھڪندو آيو ۽ سڀني وڪيلن جي روبرو خوشيءَ مان رڙ ڪري چيائين تہ ” ادا پٽ ڄائو اٿوَ“، ”چڱو، چڱو تون هل مان اچان ٿو“ هو ويچارو شڪي ٿي هليو ويو. حفيظ قريشي بہ ڪنھن ڪيس ۾ آيل هيو. ان رهڙ ڏئي چيو تہ ڇا پٽ ڄائو اٿئي، تون في الحال تہ سؤ روپيہ خرچي ڏينس ها، ڪن هن غريب جو منھن پٽي وئين، ها بابا جوان مڙس آهيو، توهان کي پٽن ڄمڻ جي ڪھڙي پرواھہ .
دراصل ان زماني ۾ انھن ڳالھين تي اسان کي شرم ايندو هيو، مون کي ٽيون ٻار يعني ٻيو پٽ عبدالسميع ڄائو هو.
هڪڙي ڏينھن شريف خان جي ساهرن چيو تہ مان سندن جاءِ خالي ڪيان. جنھن ۾ منھنجي آفيس هوندي هئي، مون بنا دير اها خالي ڪري گهر جي ورانڊي ۾ آفيس ٺاهيم. ڏينھن جو گهر رات جو اڌ گهر آفيس ۽ اڌ گهر رهائش طور استعمال ڪندو هيس. ڪڏهن ڪڏهن ٻار رات جو ڪجهہ ڪلاڪن لاءِ ساهرن ڏانھن هليا ويندا هئا.
خبر ناهي تہ ليڊر صاحبان اسان تي ڇو ناراض هيا، ڇاڪاڻ جو هنن جي خيالن ۾ جيڪڏهن ڪوبہ نوجوان سکر ۾ وڪالت لاءِ اچي تہ پھريائين هنن جو سلام ڪري کانئس وڪالت ڪرڻ جي اجازت وٺي پوءِ بار ڪائونسل کان اجازت وٺي. مون وٽ بار ڪائونسل جي اجازت هئي، ان ڪري دوستن هڪڙي وڪيل صاحب کان مون تي ڪورٽ هلندي حملو ڪرايو. مان خوش ٿي گهر آيس. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ ان وڪيل صاحب تي ڪن شاهينگن حملو ڪيو، مون تي فرياد داخل ڪرايو ويو. اسان سيشن ڪورٽ مان ضمانتون ڪرايون، بعد ۾ اهو ڪيس ڪوڙو قرار ڏئي ڪينسل ڪري ڇڏيو.
گهڻي وقت کان پوءِ بار جي اليڪشن جي مسئلي تي منھنجي ڪار چوري ڪرائي وئي. اها بہ مون واپس ڪرائي، انھن سمورن معاملن بہ ڀٽي، علي بخش ميمڻ ۽ شريف خان ڏاڍو ساٿ ڏنو، عطا محمد سومرو بہ ڪار جي ڳولا ۾ گڏ هيو.
ڀٽي ۽ مان ڪجهہ سماجي ڪم ڪرڻ لاءِ منصوبابندي ڪئي، پر اياز جي وائيس چانسلر ٿيڻ کان اڳ سکر ۾ سنڌي مھاجر فساد ڪرايو ويو. اسان هڪ امن جلوس ڪڍيو، جنھن ۾ شيخ اياز ۽ عثماني صاحب پيش پيش هيا. پر ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر جيڪو هينئر وزير پڻ آهي، اياز کي ڪار مان لھرائي سندس بيعزتي ڪرائي، سنڌين کي ٽانگن تان لھرائي پٽڪا ۽ اجرڪ لھرايائين.
بھرحال اسان شھر جي بهبود لاءِ سکر جون برباد ٿيل لائبريريون ۽ تاريخي ماڳ مڪانن کي وري آباد ڪرڻ جو سوچيو، ان وقت مسٽر ﷲ بخش سومرو ڪمشنر هيو ۽ قاضي اعجاز جيڪو ميمبر بورڊ آف روينيو هيو. ميونسپالٽي جو ايڊمنسٽريٽر هيو، ميٽنگ گهڻو ڪري منھنجي گهر ۾ ٿيندي هئي. مون وارو مسواڙي گهر ڪافي وڏو هيو سو ﷲ بخش صاحب جي پڇڻ تي مون کيس ٻڌايو تہ مسواڙي گهر آهي، هن کي ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ قاضي اعجاز کي چيائين تہ ”ملڪ صاحب کي ميونسپالٽي جو پلاٽ ڏيو“ قاضي اعجاز هڪ پلاٽ جتي هينئر منھنجو گهر آهي سفارش ڪري، ڪمشنر صاحب جي معرفت حڪومت ڏانھن ڪاغذ موڪليا، پلاٽ جي چوٿين پتي جي قيمت مون کي لازمي ڀرڻي هئي سا ويچاري عثماني صاحب ڏني. اهو 1976-77ع جو دور هيو. ڄام صادق واسطيدار وزير هيو ۽ سميع قريشي چيف سيڪريٽري هيو. سکر مان سندس شادي ٿيل هئي ۽ مون کي سڃاڻيندو هيو.
مان سميع قريشي سان مليس ۽ ٻڌايو مانس تہ جيڪڏهن ڄام صادق کي خبر پئي تہ هي پلاٽ مون کي ملي رهيو آهي تہ هو ڪڏهن بہ منظوري نہ ڏيندو. سميع قريشي خبر ناهي تہ ڪھڙي اٽڪل ويڙهائي، جو منظوري وٺي آيو.
ﷲ بخش سومري صاحب قبضو بہ وٺي ڏنو، اڃان مان ويٺس مس تہ شھر جا ڪجهہ بدنام بدمعاش اچي پھتا ۽ مون کي چيائون تہ ”جڳھہ خالي ڪريو“ مون وٽ بہ ڪي ڪاٽڪو ڪنھن ڪم سانگي ويٺا هئا. مون انھن ڏانھن نھاريو. هنن ٻاهر وڃي هڪ ٻي سان ڳالھايو ۽ همراھہ رفو چڪر ٿي ويا. منھنجو پلاٽ بچي ويو ۽ مان بہ بچي ويس.
ان وقت اليڪشن جو زمانو بہ هيو، زبردست تاريخي ڌانڌلي ڪرائي وئي. اسان گهر ويٺا رهياسين تہ اسان جا ووٽ بہ داخل ٿي ويا. دٻا پولنگن تان کڄي ويا. جتي ڏيڍ لک ووٽ هيو، اتي اڍائي لک ووٽ پيا. منگي صاحب، مھر لنڊ ۽ ٻيا سردار وڏيرا وڏي وٿي سان جتي ڪٿي کٽي ويا، پي اين اي جي تحريڪ هلي، جناب مرحوم حسن حميدي پاڪستان پيپلز پارٽي جي خلاف پير صاحب ۽ مولوين جي هلايل تحريڪ ۾ جلسن کي خطاب ڪرڻ لڳو، حالانڪہ منھنجي خيال ۾ ڀٽي صاحب جي خلاف سازشن طور ايڏي وڏي پيماني تي ڌانڌليون ڪرايون ويون هيون.
ضياءُ الحق جي مارشل لا لڳي، ان ڏينھن سڀ وڪيل منجهيل ماحول ۾ بارو روم ۾ ويٺا هئا. پاڪستان پيپلز پارٽي سکر جا ليڊر بہ هيسيل هيسيل ويٺا هئا تہ اوچتو شرف الدين ادا وڪيل ان مارشل لا جي خوشيءَ ۾ هڪ حلوي جي ديڳ پچرائي کڻي آيو ۽ بار جي پٽيوالي کي بار ۾ ڀٽي صاحب جو لڳل فوٽو هٽائڻ جو حڪم ڏنائين.
ستايل مان بہ هيس پر هڪ تہ ڀٽي صاحب کان نہ پر سندس پارٽي جي شھري اڳواڻن جو ٻيو مارشل لا ڪا اهڙي خوش خبري ڪانہ هئي، جنھن جي اچڻ تي مٺايون ورهائجن. ڪھڙو بہ هيو پر ڀٽو صاحب عوام جو چونڊيل نمائندو هيو. ان جي مٿان هڪ ملٽري ڊڪٽيٽر کي ترجيح ڏيڻ مناسب نہ هيو، سو مون شرف الدين کي ٻنھي ڳالھين کان سختيءَ سان منع ڪيو، هو خبر نہ آهي تہ منھنجي ڏاڍي عزت ڪندو هيو سو ديڳ بہ واپس ڪيائين تہ ڦوٽو بہ نہ لاٿائين، باقي جيالا سڄو وقت خاموش رهيا شايد پنھنجي آئيندي لاءِ پريشان هئا.

خواب اسان جا جنگي قيدي

اسان پنھنجي پر ۾ ڪي خواب ڏٺا هيا. هن پياري پاڪستان ۽ سنڌ کي خوشحال ڏسڻ ٿي چاهيوسين. مارو اگهاڙا ۽ بکيا نہ پر خوش ۽ سکيا ستابا هجن. سندن لڱن تي اوگهڙ بدران ڪپڙو، پيٽ ڀريل، پڪو اڏيل گهر، ٻارڙا سٺن ڪپڙن پھريل، ڪتاب ۽ سليٽن سان اسڪولن ڏانھن وڃن. سندن لڄون محفوظ، ڪير بہ پٽ تي نہ ويھي. سڀ کٽڻ ۽ ڪرسين تي ويھن. سڀني وٽ زمين ۽ روزگار هجي. سڀني کي سواري هجي، اسپتالون ۽ ڪاليج هجن، ڊاڪٽرن جي مافيا بدران مسيحا هجن، هڪ آئين هجي، آزاد اليڪشن ٿئي، چونڊيل نمائندا هجن، صوبن جا وسيلا صوبن وٽ هجن، سڀ هڪجھڙا هجن، سڀني وٽ ٽي وي ۽ ريڊيا هجن، سائنس جا جيڪي فائدا آهن، انھن تي سڀني جو حق هجي، وغيرہ وغيرہ
ڏاڍي جاکوڙ ۽ جدوجھد کان پوءِ شيخ مجيب الرحمان ۽ بنگال، سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد جي عوامي جدوجھد جي ڪاميابي ۾ ڪجهہ خوابن کي پورو ٿيندو ٿي ڏٺوسين. اهي سڀ خواب ختم ٿي ويا. هميشہ هميشہ لاءِ دهليءَ کان آيل نوڪر شاهي ۽ پنجاب جي مفاد پرستن اهي سمورا خواب خواب ڪري ڇڏيا. اسان ڀٽي صاحب کي بہ انھن جو حمايتي ٿي ڄاتو، ان ڪري اياز جي وائيس چانسلر ٿيڻ کي مفاد پرستي ۽ سنڌ جي سوديبازي ٿي ڄاتوسون. مون اياز جي خلاف شعر لکيا. تڏهن بہ ساڻس فون تي ڳالھہ ٻولھہ ٿيندي رهندي هئي. وٽس وڃڻ بہ ٿيندو هو، هو پاڻ بہ بنا پڇڻ جي وائيس چانسلري جي عھدي کي قبول ڪرڻ متعلق ٻڌائڻ شروع ڪندو هو.
منھنجو وڏو ڀاءُ جنھن اسان سڀني جو خيال رکيو ۽ سڄي خاندان جي سار سنڀال لڌي، اهو ڄام صادق جي عتاب ۾ اچي ويو. اياز منھنجي ننڍي ڀاءُ نور ﷲ کي سورهين گريڊ جي نوڪري ڏئي ويھين گريڊ وارو بنگلو ڏنو، جنھن ۾ ڀاءُ ٻارن ٻچن سان اچي رهيو، منھنجو وات بند ٿي ويو. تنوير جو ڀاءُ الطاف ايڪسائيز جو ڊائريڪٽر هو ۽ شاعر بہ هو، اهو روزانو ڪجهہ نہ ڪجهہ اياز کي ڏيندو هو، هو ان ڪري شيخ الشراب جي نالي سان مشھور ٿي ويو. حميد سنڌي ۽ ٻين دوستن کي بہ ويجهو آندائين.
مرحوم ڀٽي صاحب پاڪستان لاءِ ڪافي تاريخي چڱا ڪم ڪيا، جيڪي نہ لياقت ڪيا نہ ڪنھن ٻي مائيءَ جي لعل ڪري ڏيکاريا. اسلامي ڪانفرنس ڪوٺايائين، جنھن ۾ اسلامي ملڪن جا سمورا سربراھہ آيا ۽ هن ڪانفرنس ۾ شيخ مجيب الرحمان بہ آيو. هن ڪانفرنس، اسرائيل، يورپ ۽ آمريڪا جا ڪن کڙا ڪري ڇڏيا.
ڊاڪٽر قدير کي گهرائي ائٽم بم جو منصوبو ٺھرايائين. شاھہ ايران جي ڀيڻ اشرف پھلوي ائٽمي پلانٽ جو نقشو پرس ۾ لڪائي ڀٽي صاحب کي غير فطري ڀاڪر پائي چپ چپن ۾ ملائي چوري ڪنھن باغ ۾ گهمائي کسڪائي ڪوٽ جي کيسي ۾ وڌو، پر آمريڪن سيٽلائيٽ ان منظر جو فوٽو ڪڍي ورتو. شام. لبيا، سعودي عرب کان پئسن جو بندوبست ڪيائين. ٽيڪسيلا ۾ هيوي انڊسٽري هنيائين، چشما پارو پلانٽ هنيائين. روسين کان گڊو پاور پلانٽ ۽ فولاد جو ڪارخانو ورتائين. وڏي ڳالھہ تہ هارايل فوج جا اسي هزارن کان وڌيڪ فوجي هندستان کان آزاد ڪرايائين. مون کي لڇمڻ ڪومل دهليءَ ۾ ٻڌايو تہ هو ان منظر جو اکين ڏٺو شاهد آهي. لڇمڻ بہ ڪنھن اخبار جي نمائندگي ڪندي شملي ۾ موجود هو. اندرا گانڌي ۽ ڀٽي صاحب جون ڳالھيون ناڪام ٿي چڪيون هيون ۽ همراھہ واپس اچڻ لاءِ ٽپڙ ويڙهي رهيا هئا. لڇمڻ کي اڌ رات جو ڪنھن آمريڪي صحافيءَ ننڊ مان اٿاريو ۽ ٻڌايائينس تہ ڪا اهم خبر آهي. لڇمڻ ۽ ان آمريڪي کي خبر پئي تہ ڀٽي جي وڏي منٿ ميڙ کان پوءِ اندرا ڪجهہ منٽن لاءِ ڀٽي صاحب سان اڪيلائيءَ ۾ ملڻ لاءِ راضي ٿي هئي.
لڇمڻ ۽ آمريڪي صحافي چوري ان جاءِ تي وڃي پھتا. اها جاءِ هڪ باغ ۽ جهنگ هو. ڀٽي صاحب نھايت عاجزي سان اندرا کي ستائي فوجي آزاد ڪرائڻ تي راضي ڪري ورتو. اها سين هت لکڻ جھڙي نہ آهي جيڪا لڇمڻ ڏٺي ۽ مون کي ٻڌائي، پوءِ ڀٽي صاحب سان انھن ماڻھن ڇا ڪيو؟
منھنجي والد صاحب اسان کي ٻڌايو هو تہ جڏهن ننڍو هو تہ اسان جو ڳوٺ پنو عاقل بہ ننڍڙو ڳوٺ هو. بابا ڪن باگڙين کان هڪ بگهڙ جو ٻچو ڪتي جو ٻچو سمجهي ورتو هو. ان کي پالي تاتي جوان ڪيائين. هڪڙي ڏينھن هو ان بگهڙ کي زنجير ڳچيءَ ۾ وجهي معمول مطابق گهمائڻ ويو. گهمائيندي شھر کان ٻاهر نڪري آيا، جڏهن بگهڙ بابي کي اڪيلو ڏٺو تہ اکيون ڦيري اهڙن نظرن سان نھارڻ ۽ گرڪڻ لڳو جو بابي خوف وچان زنجير کڻي ڦٽو ڪيو ۽ رڙيون ڪرڻ لڳو، ڀرسان ڪنڀرن جا گهر هئا اهي ڊوڙندا آيا ۽ بگهڙ ڀڄي ويو، ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ معلوم ٿيو تہ اهو بگهڙ زنجيرن ۾ وچڙڻ ڪري ڦاسي مري ويو.
اياز کي بہ ڀٽي صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جي ترقي وٺرائڻ لاءِ وڏي مالي مدد ڪئي. ان مان کيس يونيورسٽيءَ ۾ ايتري تہ ترقي وٺرائڻي هئي جو سنڌ يونيورسٽي وڻن، گلن، ۽ سائنسي فئڪلٽيز سان ڀرجي وڃي ها پر شايد شيخ صاحب انھن ڳالھين طرف ڌيان گهٽ ڏنو. باقي پھريون دفعو مون محسوس ڪيو تہ هي عھدو شيخ صاحب جي ڪمزوري ٿيندو ويو. ايتري قدر جو ٽي وي تي ڀٽي صاحب کي ”قائد عوام“ چوڻ شروع ڪيائين ۽ جڏهن ڀٽو صاحب عتاب ۾ آيو تہ ضياءُ الحق صاحب اقتدار ۾ آيو تہ مون پاڻ شيخ صاحب کي ٽي وي تي ڏٺو جتي هو مرد مومن مرد حق، ضياءُ الحق جا نعرا هڻي رهيو هو. منھنجو ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويو، اياز پنھنجي وي سي هائوس ۾ ٽيبل تي مولانا مودودي جا ”سيرت النبي“ جا ڪتاب سجائي رکيا ۽ نماز جي صندلي بہ گهرائي رکي. مولانا غلام مصطفى قاسميءَ کي ”علامہ“ جو خطاب ڏئي سندس پويان نماز پڙهڻ لڳو، نماز خدا کي خوش ڪرڻ لاءِ هئي يا ڪنھن ٻئي کي؟!! اڳ ۾ ئي يونيورسٽيءَ جا اهي سينيئر استاد جيڪي اياز جي مقرري تي خوش ڪونہ هيا پر هن جي شخصيت ۽ نالي کان دٻيل هئا اهي بہ اياز جي خلاف ميٽنگون ڪرڻ لڳا. اياز ڀٽي صاحب کي شڪايت ڪئي ۽ ان جي اجازت کان پوءِ ڇھن پروفيسرن کي نہ فقط نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيائين پر کين ڏاڍو ذليل ڪري کانئن گهر بہ خالي ڪرائي ڇڏيائين.
ڀٽي صاحب جي هٽڻ ۽ مارشل لا لڳڻ سان اياز مڪمل طرح فوجين جو زيردست ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. ان ڪري استادن ۽ شاگردن جي نظرن ۾ ڪري پيو. هيرو مان زيرو ٿي ويو ۽ ساڍا ٽي سال يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ٿي رهيو. ”شيخ اياز سنڌ جو آواز“ جي بدران سڄي سنڌ ۾ ڀتين تي اياز لاءِ نھايت غليظ جملا لکجڻ لڳا. اياز اديبن ۽ دوستن لاءِ بہ مصيبت ٿي ويو. سندس پياري دوست رشيد ڀٽي جيڪو سندس هر ڏکئي وقت جو ساٿي هو، ان کي بہ ناراض ڪري ڇڏيائين. سندس پٽ خالد کي مائڪروبائلاجي ۾ داخلا ڪانہ ڏنائين ۽ اها سيٽ هڪ فوجي آفيسر جي پٽ کي ڏئي ڇڏيائين. اياز هڪ دفعي لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي هڪ فنڪشن جي صدارت ٿي ڪئي جتي مان بہ موجود هيس. اتي ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ سندس گهرواري قمر اعلان ڪيا تہ سندن مرڻ کان پوءِ هنن جا لاش ايل ايم سي کي ڏنا وڃن ۽ عضوا خيرات ڪري سندن پڃرا ڪاليج ۾ رکيا وڃن. هينئر تنوير اسلام آباد جي قبرستان دفن آهي.
ان کان پوءِ اياز سرڪاري خرچ تي پنھنجا ڪتاب حمايت علي شاعر ۽ احمد سليم کان ترجما ڪرائي ڇپرايا. ڪجهہ ٻيا ڪم بہ اهڙا ڪيائين جن مان اهو ظاهر ٿي ويو تہ اسان مان هر هڪ وٽ هڪ ذاتي ايجنڊا آهي ۽ سولائي سان وڪامي سگهون ٿا ۽ ادارا نہ پر پاڻ ٺاهڻ جي چڪر ۾ آهيون.
بھرحال اياز اسان لاءِ ۽ سنڌ لاءِ ۽ سنڌ وارن لاءِ ديوتا ٿي چڪو هو ۽ ديوتا جا پير مٽيءَ ۾ ٿيندا آهن ۽ هيرو هميشہ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ملندو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن باز جا ٻچا ڪانءَ پاليندو آهي. آخر شيخ صاحب يونيورسٽيءَ مان جڏهن واپس سکر آيو تہ اڪيلو آيو ۽ پنھنجي آفيس اچي کوليائين. اهو وقت اهڙو هو جو ڀٽي صاحب کي قتل ڪيو ويو هو. سنڌ ۾ زبردست تاءُ هو ۽ ضياءُ الحق تقريبن چاليھہ هزار ماڻھن کي ڪوڙا هنيا هئا. ۽ هن جا حمايتي ڪنھن کي ڪونہ پيا وڻن. ٻي طرف شيخ صاحب سکر بار ۾ ويھي ظاهر ظھور ضياءُ الحق جي تعريف ڪندو هو ۽ ان ڪوشش ۾ هوندو هو تہ من کيس ٻيھر ڪا نوڪري ملي وڃي. مان بار جو عھديدار هيس. اسان جيڪو بہ ريزوليشن پاس ڪيون. جيڪڏهن ضياءُ الحق جي خلاف هجي تہ شيخ صاحب يا تہ اٿي هليو ويندو هو يا هو چئي ويھي رهندو هو تہ سندس نالو نہ لکيو وڃي. ڪورٽن جو بائيڪاٽ ٿئي تہ اياز وڃي ڪيس هلائيندو هو.
مان بار جي صدر جي حيثيت سان محترمہ بينظير کي بار جي خطاب جي دعوت ڏني. ان کان اڳ مون جنرل باڊيءَ سان سمورن سياسي اڳواڻن کي خطاب ڪرڻ جي اجازت ورتي. پھريان بينظير صاحبہ آئي. ان جلسي ۾ اياز گهر ويھي رهيو ۽ ڪونہ آيو. ان کان پوءِ غوث علي شاھہ جيڪو وقتي چيف منسٽر هو ان کي بہ گهرايوسين. جڏهن ضياءُ الحق جو مارشل لا لڳو تہ ان وقت سکر جو ڊپٽي ڪمشنر برادرم غياث جوڻيجو هو جيڪو پڻ اديب هو. هڪڙي شام جو ڪلب ۾ موٽي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن منٿ ميڙ ڪئي تہ ضياءُ الحق سان ملڻ لاءِ وڪيلن جو وفد جيڪو ڊي سي ٺاهي رهيو آهي ان ۾ هنن جا نالا بہ هجن. مون ساڻن غياث سان بہ ڳالھرايو. ان وقت همراھہ ڏاڍا ڊنل هئا. جڏهن ضياءُ الحق سان ملڻ جو وقت آيو تہ ڪافي وڪيلن احتجاج ڪيو. بھرحال سائين شمس الدين شاھہ جيڪو بہ ڪو اهم عھديدار هو، مان ۽ ٻيا عھديدار بہ ۽ ٻيا ضياءُ ڏانھن انجام مطابق وياسون. ان وقت جسٽس عبدالقادر شيخ جسٽس بہ هو ۽ گورنر بہ هو، اسان سکر لاءِ هاءِ ڪورٽ ۽ سيڪنڊري بورڊ آف ايجوڪيشن جو مطالبو ڪيو، ٻئي مطالبا تسليم ٿيا، باقي ميڊيڪل ڪاليج گهريوسين، ان کان انڪار ڪيائين.
اهي دوست جن اسان کان غياث کي منٿ ميڙ ڪرائي هئي عين وقت تي ڦري ويا، پوءِ اسان تہ واعدا ڪري ويٺاسين ۽ جڏهن ضياءَ الحق ڏي وڃڻو پيو تہ فيصلو ڪيوسين تہ ڪجهہ ڪري اچون. مان تہ ننڍو وڪيل هيس، اڳواڻ تہ پيپلز پارٽيءَ جا سربراھہ هئا مان چئي سگهان ٿو تہ انھن سربراهن وٽ ٽريڪٽرن ۽ ٻين ذاتي معاملن جون درخواستون هيون. مون وٽ هاءِ ڪورٽ ۽ بورڊ آف ايجوڪيشن جا مطالبا هئا، ۽ اهي ٻئي مطالبا پورا ٿيا. ڊاڪٽر انور پراچا بہ اتي موجود هو جنھن جنرل صاحب کان پلاٽ گهريو جتي سندس چواڻي هو هڪ اسپتال ٺاهيندو جيڪا اڳتي هلي ميڊيڪل ڪاليج ٿيندي. جنرل ضياءُ اها رٿ قبول ڪئي ۽ کيس ريلوي ناچ گهر مان پلاٽ ڪڍي ڏنائين. جتي هينئر انور پراچا جي اسپتال تہ آهي پر ميڊيڪل ڪاليج نہ آهي. ميڊيڪل ڪاليج هنيئر مھر سردارن منظور ڪري قائم ڪيو آهي ۽ هلي پيو. اسان جي دوستن مرحوم ڀٽي صاحب جي دور ۾ هاءِ ڪورٽ ۽ ميڊيڪل ڪاليج جا واعدا تہ ڏاڍا ڪيا پر شايد صاحب جي سامھون يا تہ همت ڪانہ ٿيندي هين يا ڪجهہ عوامي مطالبن جي بھاني ڪي ٻيا ڪم ڪرائي ايندا هئا.
ايوب خان ڪوڙا لينڊ رفارمس آندا ۽ زمينداري جي حد مقرر ڪيائين، جيڪو هڪ فراڊ ثابت ٿيو، مرحوم ڀٽي صاحب بہ زمينداري جي حد مقرر ڪئي پر اهو بہ هڪ ڪاغذي ڪم هو. ان جي ابتڙ هندستان مڪمل ڪاميابيءَ سان زمينداري ختم ڪري ڏيکاري، ان ڪري ڀارت ترقي ڪري رهيو آهي. هر بيماري جو ڪارڻ هتي وڏيرن جون زمينداريون آهن. جتي ڏوھہ پلجن ٿا. اقتصادي ناهمواري بہ ان ڪري آهي. نانگن مارڻ سان نانگ ڪونہ کٽندا آهن، ٻوڙن ساڙڻ سان نانگ ختم ٿيندا آهن. اقتدار تي قبضا آمريڪي مفادات جو تحفظ وغيرہ بہ اهي ماڻھو ڪندا آهن جن کي اقتدار جي نہ کٽندڙ بک هوندي آهي. اياز وڪالت ۾ واپس اچي ڪري منھنجو پاڙيسري ٿي پيو. ڀٽي روزانو شام جو مون وٽ ايندو هو. اياز سان نہ ڳالھائيندو هو. آخر اياز گهر وڃي وڏي منٿ ميڙ ڪري پرچائيس پر دليون ٿڌيون گهٽ ٿيون.
قادر صديقي ۽ غلام مصطفى جج ٿي ويا. قادر اسلام آباد ۾ ايڊيشنل لا سيڪريٽري ٿي ويو هو. هن هڪ ڳالھہ ٻڌائي تہ اياز جون نئين عھدي لاءِ جنرل ضياءَ ڏانھن درخواستون وينديون ٿيون رهن. ڪيترا ڏينھن اياز ان چسڪي لاءِ تڙپندو هو. مس مس وڃي ٺاپر ڪيائين پوءِ بہ جڏهن محترمہ جي حڪومت آئي تہ اياز علاج ۽ ٻاهر وڃڻ لاءِ سنڌ جي ان وقت جي چيف منسٽر عبدﷲ شاھہ کان شايد مالي مدد ورتي هئي ۽ رابطا ڪرڻ لڳو پر شايد فقط ڪجهہ پيسا مليس. بعد ۾ ڪراچيءَ جي سنڌي اخبار جو ايڊيٽر ٿيو ۽ دعائون لکڻ شروع ڪيائين. اسان جو ديوتا تہ هو پر مٽيءَ جو، شايد دنيا جي وڏن شاعرن درٻارن جو رخ رکيو آهي. اقبال مسلم ليگ مان جان ڇڏائڻ خاطر نوڪري جي طلب ڪئي جيڪا کيس ڪانہ ملي. غالب تہ ويٺو ئي درٻار جي دروازي تي هوندو هو. عظيم انسان ڏوھہ بہ عظيم ڪندا آهن. جيڪي تاريخ جي ورقن ۾ گم ٿي ويندا آهن. اڳتي هلي اياز رهندو، کيس ڪير ڇا بہ ڪري نہ هٽائي سگهندو انھن عظمتن تان جتي هو پھچي ويو آهي. ايندڙ نسل اياز کي شاھہ جي جڳھہ ضرور ڏيندو ۽ هو ايندڙ انقلاب جي راھہ هموار ڪندو.

پرڏيھہ ياترا

منھنجي والد صاحب ۽ والدہ حج بيت ﷲ وڃڻ جو ارادو ڪيو، سو بہ پاڻيءَ واري جھاز رستي، ڇاڪاڻ جو انھن جو خيال هو تہ پاڻيءَ جي جھاز وارن کي گهڻو وقت سعودي ۾ رهڻ جو موقعو ٿو ملي. سو اسان جي ڀاءَ سمورو خرچ پاڻ ڪيو. ۽ سفينہ عرب جھاز رستي ”اي ڪلاس“ جي ٽڪيٽ وٺي ماءُ پيءُ کي حج تي روانو ڪيم. بابي جن حج تي ئي رهيا تہ مون کي ٽيون پٽ عبدالسلام ڄائو. سندس ڄمڻ جو اطلاع مون بابي جن کي سعوديءَ روانو ڪيو. انھن اتي منھنجي پٽ ڄمڻ جي خوشي ۾ مٺائي ورهائي. بابو اسان ڇھن ئي ڀائرن کي چئي ويو هو تہ کيس اهڙي نموني خط لکون جيئن روزانو هڪ خط ملي وڃي. سو اسان ان تي عمل ڪندا هئاسون. حج ٿي ويو، اڃان بابي وارن کي اچڻ ۾ وقت هو. پاڻيءَ جي جھاز وارن کي گهٽ ۾ گهٽ چار مھينا لڳندا هئا. هتان هو گهڻو رهڻ جي شوق ۾ ويا، پر پوءِ سندن خط اچڻ لڳا تہ اسان هنن جي جلد واپس اچڻ جو انتظام ڪريون. سو ائين ٿي نہ سگهيو ۽ پورن چئن مھينن کان پوءِ هو آيا ۽ ايترو تہ اولاد ۽ وطن ورڻ جا سڪايل هئا جو بيان ڪري نہ ٿو سگهجي. ڳالھائي نہ پيا سگهن. عرب سڳورن هنن کي ڦريو ۽ خراب جڳھن ۾ رهائي ڳرا ڪرايا ورتا، اهڙيون ٻيون ڪئين ڪھاڻيون کڻي آيا. هينئر تہ ڪجهہ آساني ٿي وئي آهي. مان پاڻ پنھنجي گهرواريءَ سان حج ڪري آيو آهيان. هينئر تہ ٽريولنگ ايجنٽ آهن. اسان کي ٽريولنگ ايجنٽ هر قسم جون سھولتون ڏنيون جيڪي انھن ڏينھن ۾ ڪونہ هيون.
مان هڪ دفعي حيدرآباد ويس ۽ جيجي زينت عبدﷲ چنہ سان پنھنجي گهرواريءَ ۽ ٻارن کي ملائڻ ويس. هوءَ منھنجا چار ٻار ٻڌي ڏاڍي ناراض ٿي هئي. چئي”اوهان پڙهيل ماڻھو آهيو، ٻن ٻارن کان وڌيڪ نہ هجڻ گهرجن“ بھرحال مان وڪالت زور شور سان ٿي ڪيم ۽ سارو ڏهاڙو گهر کان ٻاهر ۽ شام جو آفيس. رات جو چند گهڙيون گهر ۾ ملنديون هيون. اوچتو منھنجو ننڍڙو عبدالسلام بيمار ٿي پيو. مان صبح جو سوير اٿي ڊاڪٽر جي گهر ويندو هيس ۽ کيس فيس ۽ ڪرايو ايڊوانس ۾ ڏئي ڪورٽ هليو ويندو هيس. پويان ڪنھن مھل ڊاڪٽر صاحب اچي ڪڏهن نہ اچي. ٻار پوئتي پوندو ويو. آخر هڪڙي ڏينھن صبح جو هڪ اصيل آيو جنھن جو ڪيس ايڊيشنل ڪمشنر الطاف قادري صاحب وٽ هو. هن آخري چتاءُ ڏنو هو. مون چيس تہ ”صاحب کي ٻڌاءِ تہ منھنجو ننڍڙو چاڪ نہ آهي. مان کيس اڄ اسپتال کڻي ويندس.“ هو ٿوري دير ۾ موٽي آيو ۽ قرآن شريف کڻي آيو، چيائين الطاف صاحب حڪم ڪيو آهي تہ وڪيل کي وٺي اچان نہ تہ ڪيس جو فيصلو سندس خلاف ٿي ويندو. مان مجبور ٿي اوڏانھن ويس. الطاف قادري صاحب ڪا رعايت نہ ڪئي. بھرحال سڄو ڏينھن ويھاري ڪيس جو فيصلو ڪيائين. توڙي مون پنھنجي مجبوري ٻڌائي مانس.
مان دير سان جڏهن گهر پھتس تہ ٻار جي حالت خراب ٿي چڪي هئي ۽ مان کيس اسپتال کڻي ويس پر اهو بچي نہ سگهيو، مان ايترو تہ ان غم ۾ بي حال ٿي ويس جو ڪيترائي ڏينھن مون کان وڪالت وسري وئي. مون کي ان معصوم کي صحيح علاج نہ ملڻ جو ڏاڍو غم هو. اڪيلائپ ۽ وڪالت جي مجبوري ۽ صاحبن جون من مستيون ڪيترين مشڪلاتن جو سبب ٿيون بڻجن. اهو الطاف قادري هو جيڪو هڪ دفعي ميرپور ماٿيلي ۾ منزل ڪيائين ۽ اتان جا ڪيس هلائڻ هليو چئي ”ماڻھن کي سھولت ٿا ڏيون جيئن ويچارا اجايو سکر ڀاڙا ڪرايا نہ ڪري اچن، کين انصاف دروازي تي ملڻ گهرجي! ٻيو تہ اسٽاف بہ هروڀرو هڙون رڪارڊ جن کڻي اچڻ کان بچي ويندو.“ مان ميرپور پھتس، هيڏانھن ڪورٽ شروع ٿي وڪيل تقريرون پيا ڪن، تپيدار رڪارڊ کنيون بيٺا آهن. عين قادري صاحب جي عدالتي ڪرسيءَ سان گڏ ڪپڙي جو دڪاندار ڪپڙن جا ڍير لڳايو ويٺو آهي. جتان قادري صاحب جا پٽ جن کي هو ساڻ وٺي آيو هو، ڪپڙن جي چونڊ پيا ڪن ۽ انھن جي ڀرسان درزي انچ ٽيپ کنيون بيٺو هو، جنھن سان هو ڇوڪرن جون ماپون پيو وٺي، جنھن تي رشيد ڀٽيءَ مڪمل ڪالم لکيو، جنھن کي مون اهو قصو ٻڌايو هو.
ٻي ڳالھہ تہ مون منجهند جي ماني پنھنجي ڀائٽي ظفر ﷲ کي چورائڻ پئي چاهي. جيڪو ان وقت پاڪ سعودي فرٽيلائيزر ڪارخاني ۾ آفيسر هو پر مون کي اتان جي اسٽاف منع ڪئي ۽ چيائون هنن صاحب سان گڏ ٻاهران آيل وڪيلن جي ماني بہ ٺھرائي ڇڏي آهي. سو مانيءَ لاءِ ظفر ﷲ کي ڪو نياپو نہ ڪيم. ٽين يا چئين ڌاري جڏهن ڪيس ختم ٿيا ۽ سڀ واندا ٿياسين. دڪاندار بہ ويا. درزي بہ هليا ويا. الطاف قادري صاحب بہ موڪلائي هليو ويو پر سموري اسٽاف کي هڪ زبردست پريشانيءَ ۾ مبتلا ڪري ويو پر سموري اسٽاف کي هڪ زبردست پريشانيءَ ۾ مبتلا ڪري ويو. ”بابا ڇا ٿيو آهي؟“ مون پڇيو، ”ملڪ صاحب، قادري صاحب سموري ماني ڪار ۾ وجهي کڻي هليو ويو آهي.“ اتان جي هوٽلن جي ماني گهرائي کاڌي سون ۽ پوءِ مان دير سان اچي سکر گهر پھتس.
اسان جي بار ۾ سينئر وڪيل آغا بدرالدين ۽ شمس الدين شاھہ کي اياز جا ٻاهرين ملڪن گهمي اچڻ جا قصا نہ وڻندا هئا، جيڪي هو مرچ مصالحا ملائي ويھي ٻڌائيندو هو، نيٺ هڪڙي ڏينھن شاھہ صاحب وارن بار ۾ دنيا جو نقشو گهرايو ۽ شيخ صاحب کان ٻاهرين ملڪن جي جاگرافيائي ۽ تواريخ متعلق تفصيلي تقرير ڪرائي ۽ اعلان ڪيائون تہ هڪ ڏينھن هو بہ دنيا ضرور گهمندا، پر ڪيڏانھن ڪونہ ويا ۽ ايئن گذاري ويا.
ٻين ان تقرير مان اتساھہ ورتو يا نہ باقي پنھنجا مان سمورا مونجهارا لاهڻ لاءِ ٻاهر وڃڻ جا پڪا پروگرام ٺاهڻ لڳس. نيٺ ڀارت سينگاپور ۽ بئنڪاڪ وڃڻ جو ٽوئر ٺھي ويو، مان هتان انڊين ايئر لائين ذريعي پنھنجي گهرواريءَ سان گڏ بمبئيءَ لاءِ روانو ٿيس. اسان وٽ ضياءُ الحق جو اسلامي دور هو. شراب خانا تہ ڀٽي صاحب ئي ختم ڪري ڇڏيا هئا. سو جھاز اٿندي اعلان ٿيو تہ اتي ڊيوٽي فري شاپ هئي جتي سڀ ڪجهہ ٿي مليو. پاڪستانين ٻيو ڪجهہ ورتو فقط ڏيڍ ڪلاڪ جو سفر وسڪيءَ ۽ بيئر مان اڃون ٿي لاٿائون، جيڪي کين پاڪستان ۾ نصيب نہ هو. جھاز شام ڌاري بمبئي ايئر پورٽ تي لٿو. مون سرڪيءَ کان اتان جي دوستن جون ايڊريسون ۽ ٽيليفون نمبر وٺي ڇڏيا هئا. اهو آچر جو ڏينھن هو. مون سان گڏ جھاز ۾ ريجهومل نالي جيمس آباد جو هڪ سونارو بہ پنھنجي ڌوم پتني سان گڏ جيسلمير لاءِ هليو هو. جيڪو اصل ۾ سندس ڳوٺ کان ڪانءُ اڏار ۾ شايد سؤ يا ڏيڍ سؤ ميل جي فاصلي تي هو. پر هن کي اتي وڃڻ لاءِ سڄو هندستان لتاڙڻو پيو هو. اڳ بہ هڪ ٻہ دفعا ڀارت يا ترا ڪري چڪو هو، سو مان کانئس في الحال رات گذارڻ لاءِ ڪنھن مناسب هوٽل لاءِ پڇيو، چي ”آرام هوٽل“ اهو باندرا ۾ هو، اسان سڌو في الحال اتي وياسين. اهو هڪ مرهٽي جو هوٽل هو. ڪمرو مليو، ماني گهرائي سون تہ ڦڪا چانور ۽ جيل جھڙي ڇڊي ڦڪي دال جا ٻہ ڪونڊا آيا وڏي ڳالھہ تہ چڊي پھريل بئرو ٻہ ٿالھيون انھن چانورن ۽ دال واريون ڪمري جي دروازي تي اڇلي هليو ويو. مون دوستن ڏانھن ٽيليفون ڏاڍا ڪيا پر آچر هجڻ ڪري شايد ڪير نہ پيو کڻي اسان کي ٻڌايو ويو هو تہ پاڪستانيءَ کي پھچڻ شرط هندستاني جاسوسي اداري جي آفيس ۾ پنھنجي پھچڻ ۽ رهائش جڳھہ سان گڏ وڃي پاسپورٽ سميت لکرائڻي آهي. سو اها بہ پريشاني هئي.
بھرحال ان هوٽل ۾ رات گذاري سون. زبردست مڇرن جو حملو هڪ طرف ۽ هوٽل جي هيٺان جڳھين ۾ ڪنھن عبادت لاءِ گهنڊن ۽ گهڙيالن جو گوڙ ٻي طرف. صبح جو هوٽل جي پاڙ ۾ مائين ۽ ڀائين جي باجماعت حاجت ڪرڻ جو نظارو بہ نصيب ٿيو. اهو هو آرام هوٽل! ساري رات سمھي نہ سگهياسون. نيٺ صبح جو هوٽل جي مالڪ کي اسان تي رحم آيو ۽ ويسٽ اينڊ هوٽل جو ڏس ڏنائين جيڪو ڪنھن سنڌي هندوءَ جو هو. ٽيڪسي ڪري سومر ڏهاڙي اتي پھتاسون، اتم چنداڻي ڏانھن فون ڪئي، جنھن هڪدم سڃاتو ۽ چيائين تہ اسان هوٽل ۾ ڪمرو وغيرہ في الحال نہ وٺون ۽ هڪ ڪلاڪ کن ۾ پھچي ويندو. اسان اتي ناشتو ڪيو، انڊا، ڊبل روٽي، مکڻ وغيرہ ۽ اسان جي پسند جي سٺي چانھہ بہ هئي. ڪلاڪ کان کان پوءِ اتم بہ پھچي ويو. هڪدم چيائين تہ ”اٿو ۽ ٽپڙ کڻو“ منھنجي گهر هلي رهو، سندري کي بہ ٻڌائي آيو آهيان. ”مون کيس ٻڌايو تہ مان هوٽل ۾ ئي رهڻ ٿي چاهيو پر هن زبردست دليل ڏنو، جنھن مون کي لاجواب ڪري ڇڏيو، چيائين ”بابا لوفرن وانگي اڪيلو اچين ها تہ ٻي ڳالھہ هئي، هينئر تون زال سان گڏ آهين، مون کي ٻہ ڌيئر اڳ آهن هي ٽئين ڌيءَ آهي، مان پنھنجي ناٺيءَ کي هوٽل ۾ ڪيئن رهڻ ڏيندس، گهڻو گوڙ ڪندين تہ ورندو ڪجهہ ڪونہ اجايو ماڻھو کلندا ۽ مان ڇوڪريءَ کي وٺيو هليو ويندس، تون وڃي پئو کڏ ۾.“ ايڏي پنھنجائپ اکين ۾ پاڻي آڻي ڇڏيو ۽ اسان اتم سان فليٽ جيڪو شيتلا ديوي روڊ تي ٻن بيڊرومز تي مشتمل هو، اتي هليا آياسين جتي سندري سندس گهرواري اسان جي انتظار ۾ ويٺي هئي. اتم جوئي صاحب جي عمر جو هو. اصل حيدرآباد جا عامل هئا. اتم ”نئين دنيا“ رسالو ڪڍندو هو ۽ بھترين ليکڪ هو، سندري شاعري بہ ڪندي هئي ۽ افسانا بہ لکندي هئي. هندستان ۾ سنڌيءَ کي قومي زبان مڃائڻ لاءِ تحريڪ ۾ هنن ٻنھين جو وڏو ڪردار هو.
ٻن ڪمرن مان هڪ بيڊ روم ۽ ٻيو ڊرائنگ روم هو. اتم ۽ سندري پنھنجو بيڊ روم اسان جي حوالي ڪري پاڻ وڃي ڊرائنگ روم سمھي رهيا. اسان جي لاءِ ڪڪڙ جو ٺھيل چرغو وٺي آيا. بورچيخانو منھنجي گهرواريءَ جي حوالي ڪري ڇڏيائون.
ٻي ڏينھن اتي اتم مون کي اورنگ آباد لاءِ روانو ڪيو جتان پوءِ اسان کي اجنتا ۽ الورا جا کنڊرات گهمڻا هئا. اسان فقط الورا گهمي بمبئي واپس هليا آياسون، جو مون کي ان طرف جي ويزا ڪانہ هئي ۽ مون کي خوف ٿي رهيو هو تہ متان ڊيپورٽ نہ ڪيا وڃون.
پوليس رپورٽنگ لاءِ اسان سي آءِ اي هيڊڪوارٽر تي وياسون، جتي پاڪستان مان آيلن جي وڏي قطار لڳل هئي. بھرحال اهو ڪم ڪري ماسٽر چندر سان ملياسين جيڪو ڏاڍو بيمار هو، پر اسان سان ڏاڍي محبت سان مليو. مون کيس اجرڪ ڏنو جيڪو هن اکين تي رکيو. سندس فليٽ ۾ رياض ڪرڻ لاءِ چوڪي ٺھيل هئي جتي هارمونيم ۽ طبلا رکيل هئا سندس پٽ مھيش بہ ڳائيندو هو پر ان لفٽ نہ ڪرائي، کيس پاڪستاني سنڌين خلاف ڪئين شڪايتون هيون. مون سان اتم سنڌ مان ايندڙ اديبن ۽ اديبائن جون شڪايتون ڪيون تہ اهي هندستان ۾ عياشيءَ جي خيال سان ٿا اچن. هڪڙي اديبا تي تہ اتم ڏاڍو ناراض هو. جي وير ۽ ٻيا ڪيترائي اديب اسان سان مليا. سنڌين کي ڪوبہ ڪليم وغيرہ ڪونہ مليو هو، حالانڪہ هو هتي ڀريل محلات ڇڏي ويا هئا. سنڌين ڀارت ۾ پنھنجي محنت سان ٻڙيءَ کان شروعات ڪئي ۽ اڄ وٽن سڀ ڪجهہ آهي.
اتان پوءِ اسان سينگاپور لاءِ روانا ٿياسون پنجن ڪلاڪن کان پوءِ سينگاپور ايئر لائين ذريعي پھچي وياسون. ويزا اسان کي ٽن مھينن لاءِ ايئرپورٽ تي ملي وئي. ان جو ايئرپورٽ ڏاڍو سينگاريل هو. گلن ۽ ولين سان ڀريل، شھرن ۾ ڏاڍي صفائي، جيڪا اسان جي تصور ۾ بہ ڪانہ هئي. 80 سيڪڙو چيني، باقي انڊين ۽ ٻيا همراھہ آهن. دفتري زبان انگريزي اٿن. يورپ ۽ آمريڪا کان بہ وڌيڪ سلجهيل ماڻھو، آهستي ڳالھائڻ وارا، هيڏي ساري رش ۾ بہ اهڙي خاموشي ڄڻ فقط اسان ٿا گهمون ڏاڍو سينگاريل شھر آهي. شاپنگ سينٽرن عورتن کي وائڙو ڪري ڇڏيو. بارگينگ جو بہ وڏو وهنوار هو. اسان سٽي ٽوئر واري بس ۾ ويھي سڄو شھر بہ گهميو ۽ ڀرسان ملائيشيا جو شھر جوهر بوهر بہ گهمياسين. ٽي چار ڏينھن اتي رهياسين. اسان کي سندري پنھنجي ڀاڻيجي، جيڪو سينگاپور ۾ هو جي ايڊريس ڏئي ڇڏي هئي ٻيو همراھہ ميرپورماٿيلي جو هو، ۽ اهو منھنجي وڏي ڀاءُ عبدالستار جو شاگرد هو، هو اتي جي مندر ۾ پنڊت هو. آچر ڏينھن گيڙو ساڙهي ۽ چاکڙيءَ ۾ ملڻ آيو. ڪجهہ شاپنگ بہ ڪئي سون ۽ وري ٿائي ائير لائين ذريعي بئنڪاڪ هليا آياسون. جتي ايئرپورٽ تي اسان کي شام تائين ويھاري ويزا ڏنائون. پاڪستاني جيڪي عورتون آڻين انھن سان اهو حشر هو.
بئنڪاڪ نھايت غليظ ۽ پوئتي پيل شھر هو. ٽريفڪ لاءِ سگنل ڪونہ هئا، پوليس وارن جي هٿن ۾ ڳاڙها ساوا جهنڊا هئا. جيترو سينگاپور ٺھيل هو اوترو بئنڪاڪ بگڙيل هو، هينئر يورپ کان اڳڀرو آهي، سليپنگ ٻڌا، گولڊ ٽيمپل، فلوٽنگ مارڪيٽ، روزگارڊن وغيرہ وغيرہ گهمياسون. فوجي حڪومت هجڻ ڪري هر ادارو تباھہ هو. ماڻھو هيسيل هيسيل ڪجهہ ڳالھائڻ کان لنوائيندا وتن.
اسان اتي بئنڪاڪ هوٽل جي ٽيڪسي تي هليا هئاسو. اسان کي بمبئي مان بئنڪاڪ جي هڪ خالصي ڪپڙي واري جي دڪان جي ايڊريس ملي هئي. سو ٽيڪسي وارو اوڏانھن وٺي ويو، واقعي اهو همراھہ تعريف جي لائق هو. ڏاڍيون رعايتون ڪيائين. سندس ورتاءُ ۽ سڀاءُ هنن ساکرو سنڌين کان گهڻو بھتر هو.
آخر ٽيڪسي وارو ڏاڍو ناراض ٿيو جو اسان اتان جي راتين ۾ ڪا بہ دلچسپي نہ پيا ڏيکاريون. آخر ٽي ڏينھن رهي پاڪستان واپس هليا آياسون. ان کان پوءِ وري ڪجهہ عرصي بعد لنڊن جو ٽوئر ڪيوسين. ويزا ايئرپورٽ تي ملي ويو. انھن ڏينھن ۾ پاڪستانين جي ڪجهہ عزت هئي، هينئر تہ پاڪستانين کي ويزا تہ ٺھيو پر جڏهن ڪنھن بہ ملڪ جي ايئرپورٽ تي ٿا پھچن تہ سندن ڪپڙا لاهي اگهاڙو ڪيو ٿو وڃي. سرڪاري ڊيليگيشن کي تہ مان مرتبي مطابق بي عزتو ٿو ڪيو وڃي.
لنڊن جا سمورا ميوزيم، آرٽ گيلريون، سفاري پارڪ بہ گهمياسون. الائي الطاف ڀائي هيترن سالن کان اتي ڪيئن رهيو پيو آهي، اسان فقط ڏھہ ڏينھن هي سگهياسون ۽ پوءِ وٺي ڀڳاسون. هتي اچڻ کان پوءِ اياز ٽوڪ طور اهو جملو چيو تہ ”يورپ زال سان ٽُئر ڪرڻ ڪيئن آهي جيئن ڪو ماڻھو پنھنجي آنٽي سان ڊانس ٿو ڪري.“
دنيا جا ٻہ شھر ڏاڍا مھانگا آهن : هڪ ٽوڪيو ۽ ٻيو لنڊن. ٽوڪيو تہ مون نہ ڏٺو آهي پر لنڊن ۾ هڪ ليمون هڪ پائونڊ جو هڪ سائو مرچ اڌ پائونڊ جو هو. الطاف ڀائي کي سلام آهي سالن کان اتي ٿو رهي.

گرمين جي موسم ۾ ڀٽيءَ سان جٺ

گرمين جي موسم ۾ ”هل تہ هلون سنڌوءَ تي سانوڻ بہ آيو“ جھڙا گيت سڄي سنڌ ۾ گونجڻ شروع ٿي ويندا هئا. سڀئي ماڻھو پوڙها توڙي جوان پنھنجا پروگرام ٺاهڻ شروع ڪندا هئا. انبن يا کارڪن جي مند هجي ۽ سانوڻ بہ هجي تہ امير توڙي غريب واهن ۾ تڙ ڪرڻ يا گهٽ م گهٽ انھن جي ڪنارن تي ويھي انب چوسڻ کي هڪ نعمت سمجهندا هئا. اهڙي ئي مند ملھائڻ لاءِ سکر ۾ درياھہ جي ڪناري تي وڏي وڻڪار جي هيٺان زنانہ ۽ مردانہ گهاٽ هوندا هئا . پپل ۽ بڙ جا وڏا وڻ درياھہ جي ڪناري کي وڌيڪ ملھار بنائي ڇڏيندا هئا. ويتر جي وسڪارو ٿي وڃي تہ سڄو ڏينھن وٺي درياھہ طرف ڀڄندو . ڍٻل، ڇولا، راهان مٽر ۽ ڪئين اهڙا ٻيا ڇاٻڙين وارا رونق لايو بيٺا هوندا هئا، مطلب تہ ماڻھن کان آرهڙ جي گرمي وسري ويندي هئي، انھي پر رونق فضا کي وقت جي ڦريل ماحول خراب ڪري ڇڏيو آهي. اڄ ڪلھہ جي ماحول ۾ ڪنھن بہ واھہ تي پڪنڪ ڪرڻ لان اڳ بگهڙن وانگي ڦريندڙ ڌاڙيلن ۽ نام نھاد امن ۽ آشتي جا نعرا هڻندڙ حڪومتي اعلانن تي اعتبار نہ ٿو ڪري سگهجي.
بھرحال هڪڙي ڏينھن بار ۾ آيس تہ ڀٽيءَ ٻڌايو تہ دوستن پڪنڪ جو پروگرام ٺاهيو آهي ۽ تون بہ هل. زبردست گرمي هئي هر ڪنھن چندا پئي ڪيا. مون بہ ڀٽيءَ کي پنھنجو حصو ڏنو. پلا ڀٽيءَ جي گهران آيا. انب علي بخش ميمڻ گهرايا، برياني ڊاڪٽر تنوير عباسي کي چيل هئي. مشروبات مون ورتا. سليم خواجہ بہ آيل هو، ان ڪجهہ ڪونہ آندو جو هو گيسٽ اسٽار هو، قادر صديقي ۽ شيخ اياز پنھنجي موٽرڪارن جي امداد ڪئي، اسان سڀئي روهڙي ڪئنال تي ٺيڙهي لڳ هڪ ريگيوليٽر تي وڃي ڪيمپ هنئي. اتان ٻہ ننڍا واھہ بہ نڪرن پيا، گهاٽا وڻ ۽ تڙ ڪرڻ لاءِ نلڪو بہ لڳل هو، آبپاشي کاتي جا سرڪاري ڪوارٽر بہ هئا. وڻن جي وڻندڙ ڇانءِ بہ هئي. موٽر ڪارن تي چڙهي اياز، مان، رشيد، قادر صديقي، علي عباسي ۽ سليم خواجہ خيرپور مان آيا. مون ۽ رشيد ڀٽيءَ کي واھہ ۾ ترڻ نہ ايندو هو، ان ڪري مان ۽ ڀٽي واھہ جي ڪناري تي ويھي رهياسون، باقي سمورا دوست وڏي واھہ يعني روهڙي ڪئنال ۾ ترڻ لاءِ لھي ويا. اياز وڏي مھارت سان واھہ ۾ تري رهيو هو، سمورا ڪرتب جيڪي وڏن تارن کي اچڻ گهرجن، اياز کي ايندا هئا. ڀٽي کي ذيابيطس جي بيماري لڳي چڪي هئي. ان ڪري هو بک برداشت نہ ڪندو هو، ڀٽي ماني کولي کائڻ شروع ڪئي. واھہ مان ڀٽي کي سڀني رڙيون ڪري اڪيلي سر ماني کولي کائڻ کان منع ڪئي پر هو نہ پيو مڙي، ان تي اياز، تنوير، خواجہ سليم ٻاهر نڪري اچي کيس ڪجهہ وقت انتظار ڪرڻ لاءِ چيو ۽ وري واھہ ۾ هليا ويا. تنوير، سليم خواجہ، غلام مصطفى شاھہ، قادر صديقي ۽ علي بخش ميمڻ ڏاڍا سٺا تارو هئا ۽ مقابلا ڪرڻ لڳا.
مون فقط اهو تماشو ويٺي ڏٺو. ڀٽي صاحب ٻيھر ماني کولي کائڻ شروع ٿي ويو. ان تي اياز پاڻي مان نڪري آيو ۽ سمورن دوستن کي بہ واھہ مان نڪري اچڻ لاءِ چيو. جڏهن سڀ نڪري آيا تہ اياز رڙ ڪري چيو تہ يار ڏسو ڇا ٿا، ڀٽي کي کڻي واھہ ۾ اڇلايو، هو پاڻھي ترڻ سکي ويندو، اياز جي انھيءَ چوڻ تي سڀني دوستن ڀٽيءَ کي ڪپڙن سميت ٽنگن ۽ ٻانھن کان وٺي کڻي واھہ ۾ اڇلايو، في الحال تہ ڀٽي گم ٿي ويو، پوءِ غوطا کائڻ لڳو، تڏهن سڀني جو دماغ درست ٿيو تہ ٻڏي پيو، اياز سميت سڀني کڻي واھہ ۾ ٽپا ڏنا، سليم خواجہ، تنوير عباسي ۽ علي بخش ميمڻ وڏي جدوجھد کان پوءِ ڀٽي کي بچائي ٻاهر ڪڍي آيا. ڪافي وقت تہ ڀٽي گم سم ويٺو هو ۽ پوءِ اوچتو اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو. سڀئي دوست پريشان ٿي ويا. پڪنڪ وغيرہ تہ وسري وئي. ڪپڙا پائي ڀٽي کي پرچائڻ لڳا. سڄو ماحول بدلجي ويو، ايتري ۾ٺيڙهيءَ جا ملان ۽ کٿابي لٺيون کڻي وڙهڻ آيا. هنن ڀٽيءَ کي سڃاتو هو ڇاڪاڻ جو ڀٽي مولوي گهراڻي جو هو ۽ ٺيڙهي جي مدرسي مان پڙهيل هو، سو هنن سمجهيو تہ ڀٽيءَ کي ڄاڻي واڻي ماريو ٿي ويو، سو کين مس مس سمجهايو سون ۽ ڪافي دير کان پوءِ واپس وريا.
ڀٽيءَ انھيءَ ڪاوڙ ۾ سموري ماني کڻي واھہ ۾ اڇلائي ۽ خوب اياز کي گهٽ وڌ ڳالھايو، جيڪي اياز خاموشي سان برداشت ڪندو رهيو، آخر تنوير جي ڪار ۾ چڙهي سکر آياسين ۽ ڀٽيءَ کي گهر پھچايوسين. ٻئي ڏينھن سمورن وڪيلن ۽ شھر ۾ اها ڳالھہ عام ٿي وئي تہ ڀٽيءَ کي شيخ اياز واھہ ۾ ٿي ٻوڙايو، بھرحال ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ هر شيءِ نارمل ٿي وئي. جڏهن مون محترمہ بينظير کي بار ۾ خطاب لاءِ گهرايو تہ ان کان اڳ مون وڪيل صاحبن سان انجام ڪيو هو تہ سڀني سياسي پارٽين جي سربراهن کي خطاب لاءِ گهرائبو، تنھن هوندي بہ مخدوم خليق الزمان ۽ محترمہ نصرت ڀٽو صاحبہ کي بہ خطاب ڪرايم، جيڪي پاڪستان پيپلز پارٽي سان وابستہ هئا. آخر ۾ محترم غوث علي شاھہ جيڪو ان وقت سنڌ جو سينيئر وزير (چيف منسٽر) هو تنھن کي بہ دعوت ڏنم، جنھن تي محترمہ سميت پيپلز پارٽي جا سمورا دوست اڄ تائين سخت ناراض آهن.
سيد غوث علي شاھہ صاحب کي مون ڀٽيءَ جي دل جي بيماري جي سرڪاري طور علاج ڪرائڻ لاءِ چيو جنھن چيو تہ کيس اهڙي درخواست ڏيون. انھيءَ ساڳي دور ۾ غلام رباني آگرو، جيڪو اسان سڀني جو دوست هو، اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جو ڊائريڪٽر مقرر ٿي اسلام آباد هليو ويو. ان جڏهن ڀٽيءَ جي بيماري جي ڳالھہ ٻڌي تہ هن بہ پنھنجي اداري جي معرفت ڪوشش ڪرڻ شروع ڪئي. انھن ڏينھن ۾ دل جي بيماري جو علاج ٻاهرين ملڪن ۾ ٿيندو هو ۽ ڏاڍو مھانگو علاج هو. جيڪو سڀ ڪنھن جي وس جي ڳالھہ نہ هئي. آخر اڪيڊمي ادبيات هڪ وڏو سيمينار گهرايو، جنھن جي هڪڙي نشست جي صدارت مرحوم محمد خان جوڻيجو جيڪو ان وقت وزيراعظم پاڪستان هو، ڪري رهيو هو، اسان کي رباني فون تي ٻڌايو تہ اسان جيڪڏهن اسلام آباد ان سرڪاري تقريب ۾ شريڪ ٿينداسون تہ ڀٽيءَ جي سرڪاري علاج واري معاملي ۾ سھولت ٿيندي. وڏي صلاح مشوري کان پوءِ ڀٽيءَ مونکي بہ پاڻ سان شريڪ ڪيو ۽ اسان ٻئي سرڪاري ٽڪيٽن تي جھاز ذريعي اسلام آباد وياسون، جتي اسان لاءِ رباني پاڻ ايئرپورٽ تي آيو ۽ مرسڊيز ڪار ۾ چاڙهي راولپنڊي جي پرل ڪانٽينيٽل هوٽل ۾ رهايائين. جيئن تہ اسان جي سيمينار وغيرہ ۾ ڪابہ دلچسپي ڪانہ هئي، سو فقط ڪچھريون پئي ڪيون سون. حسين شاھہ راشدي، فيض بخشاپوري، علي احمد بروهي جا ڪمرا اسان سان ڪٺا هئا. هڪڙي ڏينھن رباني کان ڪار وٺي پشاور گهمڻ وياسون. اسان سان هڪ مس دراني جيڪا اتي آفيسر هئي، پشاور ڏسڻ هلي. پشاور مون اڳ ڪونہ ڏٺو هو، سو نڪري پياسون. پشاور لاءِ مون کي اتان جو صحيح سلامت ۽ سنڀاريل تاريخي قلعو ڏسي حيرت ٿي. اتان جو ميوزم بہ سنڀاريل هو، مون کي پنھنجو حيدرآباد جو قلعو ياد آيو، حيدرآباد جو تاريخي قلعو، ڪالڪان ديوي جو مندر، وڄڻوٺ، نئنگ ۽ ان تي هزارن سالن جون تاريخي غارون، مصنوعي اوائلي ڊيم ۽ چشما ياد آيا، نئين گاج ياد آئي ۽ هر حاڪم جا ڪوڙا واعدا جيڪي هنن انھن ماڳن مڪانن کي سنڀارڻ لاءِ ڪيا، ياد آيا، مدد خان جا گهوڙا، شاھہ شجاع، شاھہ بيگ ارغونن ۽ سڀ لٽيرا ياد آيا. جن سنڌ جي سينڌ ۾ فقط رت ڀريو آهي، اهي سڀ ياد آيا، پنھنجن ۽ پراون ۾ ڪو فرق نظر نہ آيو.
اسان کي مس دراني پشاور جي پبلڪ اسڪول جي پرنسيپال ”جيڪا پشتو زبان جي بھترين ليکڪا هئي“ سان ملايو، محترمہ نھايت وضعدار، پڙهيل ڳڙهيل عورت هئي. خيبر جو دروازو گهميوسين ۽ شام ڌاري اسلام آباد واپس هليا آياسون. رباني کان ڪار وٺي ڪوھہ مري کان نٿيا گلي طرف هليا وياسون، ڀٽي جي فرمائش تي نٿيا گلي جي هڪ پھاڙ تي هوٽل جي چانھہ پيئڻ وياسون. اتي آڪسيجن گهٽ هجڻ جي ڪري ڀٽيءَ جي طبيعت خراب ٿيڻ لڳي، اسان هڪدم واپس ڪار ۾ اچي ويٺاسون ڪار ايبٽ آباد طرف هلي ۽ آهستي آهستي ڀٽي جي طبيعت وري سڌرڻ لڳي ۽ ٺيڪ ٿي ويو. ايبٽ آباد ۾ اچي چائنيز ماني کاڌي سون، شام جو وري اسلام آباد اچي ٽڪياسون.
ٽئين ڏينھن تي قراردادن جو ڏينھن هو، سو اسان بہ سرڪاري ڀاڙا ۽ ماني حلال ڪرڻ لاءِ وياسون. هڪڙي قرارداد اسان بہ پيش ڪئي تہ سنڌي، بلوچ، پشتو، پنجابي، سرائيڪي ۽ پوٺوهاري زبانون پاڪستان جون قومي زبانون تسليم ڪيون وڃن، باقي اردو کي رابطي جي زبان تسليم ڪيو وڃي.ان قرارداد ۾ اردو دانن جن جي مادري زبان اردو هئي گهٽ پر پنجابين وڏو هنگامو ڪيو ۽ اسان کي غدار پاڪستان جا لقب ڏنا. بھرحال اها قرارداد هل هنگامي جي نظر ٿي وئي ۽ پاس نہ ٿي سگهي. اسان ٻي قرارداد پيش ڪئي تہ پاڪستان جيئن تہ هڪ اسلامي ملڪ آهي، سو پاڪستان جي قومي زبان عربي ٿيڻ گهرجي. ان کي سازش قرار ڏئي رد ڪيو ويو. شام جو اڪيڊمي طرفان ڪجهہ ڪتابن کي انعام مليا، جن ۾ اردو ڪتاب لاءِ چاليھہ هزار ۽ سنڌي زبان ڪتاب لاءِ ويھہ هزار رپيا انعام هئا مرحوم علي احمد بروهي کي سندس سنڌي ڪتاب لاءِ ويھہ هزار رپيا انعام ملڻا هئا ۽ امجد اسلام امجد کي چاليھہ هزار رپيا انعام ملڻو هو، جو هن جو ڪتاب اردو ۾ هو، اهو ئي فارمولو اڪيڊمي وارن ترجمن وارن ڪتابن لاءِ بہ رکيو هو، سنڌي ڪتاب جي مترجم کي ڏيڍ رپيو هڪ اکر جو ۽ اردو واري کي ٽي رپيا هڪ اکر جا ملندا هئا. هن وقت بہ ساڳي صورتحال آهي. ساڳي ڏينھن انھن انعامن کان پوءِ مشاعرو شروع ٿيڻو هو، مون کي بہ رباني چيو تہ ڪجهہ اردو ۾ شعر لکي وٺان جو هتي سنڌي شعر پڙهڻ نہ ڏنو ويندو، سو مون روزي حلال ڪرڻ جي خيال کان ۽ ٻيو اهو چئلينج ڪري ورتو تہ اسان اردوءَ ۾ بہ شاعري ڪري سگهون ٿا. سو ٻہ يا ٽي اردو ۾ شعر لکي ورتا. جڏهن ڀٽيءَ کي اهي شعر هوٽل جي ڪمري ۾ پڙهي ٻڌايم تہ هن زبردست داد ڏيندي حڪم ڪيو تہ مان وري اردو شاعري نہ ڪندس جو هن جي خيال ۾ کانئن هڪ سنڌي شاعر کسجي ويندو. هتي دين بہ آهي تہ دنيا بہ آهي. پروين شاڪر کي جڏهن اها خبر پئي تہ اها اسان جي ڪمري ۾ هلي آئي. شعرن ٻڌڻ کان پوءِ زبردست فرمائش ڪيائين تہ مان جيڪر اهي شعر مشاعري ۾ پڙهان. بروهي صاحب تي تہ ايترو اثر ٿيو جو هن انعام وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. فيض بخشاپوري جيڪو غالب سنڌ بہ سڏائيندو هو، تنھن بہ ستايو تہ جيڪر مان اهي اردو وارا شعر نہ پڙهان.
هاڻي معاملو وڌي وڻ ٿي ويو، هڪ طرف پروين شاڪر، ٻي طرف ڀٽي صاحب، بھرحال مون پروين شاڪر جي قربت جي قرباني ڏيندي شعر نہ پڙهيا. نيٺ سکر هليا آياسين، جنھن ڳالھہ ڪري ايتريون قربانيون ڏيڻيون پيون. سا ڳالھہ بہ نہ ٿي يعني ڀٽيءَ جو سرڪاري خرچ تي علاج نہ ٿيو، هتي هڪ خوش خبري ملي تہ عبدالصمد ڄائو جيڪو ننڍڙي عبدالسلام جي هم شڪل هو، گلاب جي گل جيان منھنجي ننڍڙي باغيچي ۾ اضافو بہ ٿي ويو ۽ قدرت طرفان ازالو بہ ٿي ويو.

يادگيرين جا سيلاب

ہم گرو تے ہم گیان
نانک لچھمن میرا نام

نانڪ يوسف سچل جي ٻالڪي جي مزار اڳڙن جي ڳوٺ ۾ آهي. پھريان سڳيون پوءِ اڳڙا اچن ٿا ”ڌوپڙ ۾ ڌپو، عشق سندي آڙاھہ ۾ ڏي ٽاهڙ ٽنگڙ ٽپو.“ اهي بہ نانڪ يوسف جي شعرن جون ڪجهہ سٽون آهن. سوڀو ديرو تنوير عباسيءَ جو ڳوٺ آهي، گهڻا سال اڳ تنوير مون ۽ ڀٽيءَ کي سوڀيديري وٺي ويو هو. اتان اسان اڳڙا وياسون. رستي ۾ تاجل بيوس جو ڳوٺ بہ اچي ٿو، ان کي بہ گهرائي ورتوسون. ڪو واھہ هو ان جي ڪنڌيءَ تي ويھي ڪچھري ڪئي سون. وٽين ۾ وھہ پيتوسون، وٽيون تاجل بيوس کڻي آيو هو. نانڪ يوسف جا ڪلام درگاھہ تي ٻڌاسون. صوفي سنت اسان کي ڏاڍا وڻندا هئا، ڳچين ۾ ڳانا پاتاسون، فقيرن سان سر وٺايوسون، تنوير وجد ۾ اچي ويندو هو. سنڀالڻ ڏکيو ٿي پوندو هو. ”هڪ اڳي ئي نچڻي ويتر پونس گهنگرو“ واري ڪار ٿي ويندي هئي. هڪ ڀلوڙ شاعر ٻيو صوفي ڪلام بہ هجن تہ معاملو وڌي ويندو هو.
رات سوڀيديري ۾ تنوير وارن جي ويران بنگلي ۾ جاڳي گذاري سون. سندس والد صاحب گل حسن عباسي روينيو جو وڏو آفيسر، سندس چاچو فضل محمد بہ روينيو آفيسر عبدالنبي عباسي سندن ڀاءُ انجنيئر ۽ کاتي جو وڏو آفيسر اعجاز ڀاءُ بجلي جي کاتي ۾ آفيسر هو. الطاف ايڪسائيز ۾، پارس عرف ارشاد پرڏيھي معاملن ۾ سڀ سٺا ۽ وڏا عھدا ماڻي رهيا هئا.
ڪي ملان، ڪي ملحد ۽ ڪي وري قادياني تنوير نہ ملان نہ ڪافر، مڪمل مومن هو. سندن ڀيڻ نورجھان وري سياستدان، ٽائون ڪاميٽيءَ جي چيئرپرسن مرضي پوين تہ ڳالھائين، مرضي پوين تہ لفٽ بہ نہ ڪرائين، پر تنوير هميشہ دوستن تي قربان ماني کارائڻ ۽ گهر ۾ رهائڻ کان سواءِ نہ ڇڏيندو. جڏهن وڃ تہ ويھارڻ لاءِ جاءِ نہ ملندس ڊاڪٽري وغيرہ ڦٽي ڪري لڳي ويندو، سنمک ٿيڻ، جيڪي ڪنھن تحريڪ ۾ هن گگدام کي بہ جيل اماڻيو ويو، مڙس ٿي منھن ڏنائين.
الطاف حيدرآباد مان بدلي ٿي سکر آيو، ڀٽي صاحب موالين کي قربانيءَ جو ٻڪر بڻايو هو، ڪٿان ڪو ڪچي مان ڪنستر ڏئي ويو. مٿان الطاف اچي ڪڙڪيو. چي ”سڀ سيل ڪري آيو آهيان“ هتان ٿڙندو ٿاٻڙندو وڃي ايڪسائيز جي زبردست عملي کي ڇنڊ ڪڍيائين. ويچارا قطار ڪري آيا ”سائين اسان جو صاحب ڏاڍو ناراض ٿيو، چئي جڏهن هو پاڻ سڀ بند ڪري آيو تہ وري هي ڪٿان آيو؟“
الطاف هتان هليو حيدرآباد مان ٻار ٻچا وٺي اچڻ لاءِ رستي ۾ سموريون سئنيمائون چيڪ ڪيائين ڏاڍو ڪرڙو ڪامورو هو، چيڪ ڪندو ويو، آخر سڪرنڊ ۾ رات ٿي ويس. عملي وارن صاحب جي ڪا خدمت ڪئي، سياري جي آڌي رات اڪيلي سر سرڪاري گاڏي ڪاهي نڪري پيو. حيدرآباد لاءِ مٽيارين ۾ سندس ڪار جو ٽرڪ سان حادثو ٿيو.
اسان پھتاسون راڻيپور ۾ تنوير ڀاءُ جي غم ۾ زمين تي ڪريو پيو هو. سڀ سوڀيديري پھتاسون قبرستان ۾ سندن والد صاحب پري صبر سان ويٺو هو، اوچتو اٿي بيھي رهيو، ”ابا، هاڻي بہ منھن نہ ڏيکاريندؤ؟! ”راڄ روئاري وڌائين، ابي پنھنجي اڳيان جوان پٽ کي پئي قبر ۾ پورايو.
مان، نياز همايوني، رشيد ڀٽي، رباني، شمشير ۽ ڪيئي ٻيا دوست تنوير کي ساري سنڀاليو ويٺاسون، صبح جو ان بنگلي مان نڪري هليا آياسون وري هڪ ڏينھن تنوير پاڻ سان استاد بخاري عبدالڪريم گدائي، نياز همايوني ۽ سائين غلام مرتضى شاھہ عرف ڏاڏا شاھہ کي کنڀيون آيو، اياز، مان ۽ ڀٽي بہ گڏجي پياسون. ڏاڏا شاھہ مومل راڻو فلم پيو ٺاهي، ان لاءِ ڪھاڻي بہ کپي ۽ گانا بہ گهرجن سنڌي فلم ٺاهڻ لاءِ لاهور مان عبداللطيف نالي ڪو ڊائريڪٽر نالي ڪو ڊائريڪٽر صاحب بہ آيو.
مون وٽ خيرپور ۾ پراڻو مومل راڻو ڊرامو استاد مشتاق جو لکيل رکيو هو، ان کي فلمي اسڪرپٽ ۾ آڻڻو هو، ڊائريڪٽر صاحب جو خيال هو تہ هي راڻو ماڊرن هجڻ گهرجي، يعني راڻو سوٽ بوٽ ۾ هجي ۽ اٺ جي بجاءِ ڪنھن ڪار تي چڙهي اچي. هڪ ڪلاڪ جي هجڻ گهرجي، نہ اٺن جي آئوٽ ڊور شوٽنگ نہ ڊريسون ۽ نہ ٻيا ڪاسٽيومز هجن. سڄي انڊور هجي. جيئن سائينءَ جو خرچ بچي وڃي. باقي سائين جي باجي نورجھان گانا فري ۾ ڳائي ڏيندي. معنى ننڍي بجيٽ ۾ هڪ بين الاقوامي معيار جي سنڌي فلم ٺھي ويندي.
هڪ هڪ گانو سڀني لکي ڏنو، ڏاڏا شاھہ تنوير کي وٺي لاهور هليو ويو. هڪ مھيني کان پوءِ موٽيو، ڏاڍين منٿن ميڙن کان پوءِ سندس گهر جو دروازو کليو، فلم تہ ڪانہ ٺھي، باقي باجيءَ مھربانيون ڪيون ۽ ساٿين کي گانن جي رائلٽي ملندي رهي.
اوچتو اهڙي ئي سياري جي رات ڀٽيءَ جي فون آئي تہ تنوير چئي ٿو تہ مومل راڻي جي هيروئن گڊو ڏاڏا شاھہ جي وائٽ هائوس واري بنگلي تي آيل آهي. رات جي دعوت آهي. سو مان ۽ ڀٽي وڃي ڊاڪٽر جي گهر پھتاسون، همراھہ اڳ ئي تيار بيٺو هو، ڊاڪٽر قمر ڏاڍي ڪاوڙيل ڪاوڙيل نظر اچي رهي هئي. ڏاڍو موڊ خراب هيس.
وائٽ هائوس خيرپور شھر کان اسٽيشن طرف باليءَ جي بنگلي جي ويجهو ڪا سرڪاري عمارت هئي. سائين پيپلز پارٽيءَ جي حڪمرانيءَ جو فائدو ورتو هو. ڪافي تماشبين نوٽن جون دستيون کوليون ويٺا هئا. هادي بخش لاڙڪ بہ هو، اسان ٽن سڃن جو ڏاڍو استقبال ٿيو تہ ٻہ نوجوان ڪنھن وڏي ليڊر جو اولاد جيڪي انگلينڊ مان آيا هئا، فقط انگريزي پيا ڳالھائين ۽ انگريزي پيا سمجهن گڊو جڏهن گهنگهرو ٻڌي ٻہ پيرڙا کنيا تہ نوٽن جي برسات پوڻ شروع ٿي وئي ان تي انھن سڌي انگريز پڇيو تہ هيءَ ڪير آهي؟ ”آرٽسٽ“ اسان کين ٻڌايو. ”پوءِ پني ڇو ٿي؟“ هنن اچرج مان پڇيو، ”هتي آرٽسٽ پنندو آهي“ اسان کين ورندي ڏني.
ٽيپ رڪارڊ تي تنوير جي ڪلام سان گڊو جڏهن ڪيسيٽ هلي ۽ گڊو جڏهن شعر جي جملن مطابق ادائگي ڪري ڏيکاري تہ تنوير سنڀالجي نہ سگهيو، اسان کيس کنڀي کڻي آياسون.
وري هڪڙي رات خوش خير محمد هيسباڻي جي ڳوٺ ڪرونڊي وڃي رهيا هياسون، فقير امداد جيڪو پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ايم پي اي بہ هو، ڏاڍي تواضع ڪيائين ڍولڪ تي سڀني ڀائرن الفيون پائي فقيرن جا ڪلام ” تجهہ ۾ تڪيا تجهہ ۾ تيرٿ، تجهہ ۾ رام سمائي هو“ ٻڌايو توڙي محرم جو مھينو هو پر فقيرن اسان جو استقبال ڪيو، ڪرونڊي جي هر گهر ۾ ڍولڪ آهي ۽ سڀ ماڻھو عارفاڻن ڪلامن جو عاشق آهن. تنوير جي ڪري پنھنجي عقيدن جا احترام بہ پاسيرا رکيائون. تنوير جي ڪري پنھنجي عقيدن جا حترام بہ پاسيرا رکيائون. اها رات بہ مون ڀٽي ۽ تنوير ان وجد جي ڪيفيت ۾ گذاري، تنوير خوش خير محمد جو سمورو ڪلام سھيڙي ڇپرايو آهي.
تنوير ۽ مان حميد سنڌي جي وائيس چانسلري دوران سئنڊيڪيٽ جا ميمبر ٿياسين. اوچتو خبر نہ آهي تہ ڪھڙي ڏائڻ ڏنڀي ورتو جو حميد ۽ تنوير ڏندين چڪين ٿي ويا مان مشڪل ۾ اچي ويس. ڪھڙي ڀر وٺان بھرحال ڪجهہ هو ڪجهہ ٻيو بہ اهڙو معاملو ٿيو مون سئنڊيڪيٽ مان استعفى ڏئي ڇڏي.
اوچتو تنوير عباسي منجهيل منھن سان ڀاڀي قمر سان گڏ آيو. اسلام آباد لڏيون پلاڻيون ٿي ويو، سندن اڪيلو پٽ سرمد آمريڪا مان پڙهي آيو هو. هو اسلام آباد ۾ نوڪري وٺي ويٺو. هي بہ پٽ سان باقي عمر گذارڻ ٿي ويا تنوير جي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا. ڇڪي ڀاڪر پاتائين، چئي ”مان اڳين هفتي تو وٽ موٽي ايندس.“
ان کان اڳ جڏهن ڀٽيءَ جي طبيعت خراب ٿي هئي تہ تنوير سندس گهران روئيندو موڪلائي نڪتو چيائين ”ڀٽي نہ بچندو“ مري ويو.
تنوير کي واقعي اٺن ڏينھن ۾ اسلام آباد کائي وئي ۽ هو اتي هڪ اسپتال ۾ پنھنجي پياري محبوبہ گهرواريءَ جي هنج ۾ گذاري ويو. سندس پٽ تنوير کي سرد خاني ۾ رکرايو ۽ پوءِ اتان ڪڍي فوٽ پاٿ تي رکيائون. وڏي ڀڄ ڊڪ کان پوءِ کيس اسلام آباد واري قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيائون.
مان ڪجهہ عرصو اسلام آباد ويو هئس. سندس ڀاءُ پارس ارشاد مون کي ان قبرستان ۾ وٺي ويو، جتي ڪنھن آخري ڇيڙي جي ڪنھن ڪنڊ ۾ تنوير جي قبر هئي. ان سپاهيءَ وانگر جنھن کي گمنام سپاهين وانگر دفنايو ويو هجي پر وري بہ انھن تي وي آءِ پي اچي گل تہ هاريندا آهن هي سنڌ جو سپاهي پرائي ڏيھہ ۾ جنھن بہ دفنايو ان وڏو ڏوھہ ڪيو آهي ۽ کيس تاريخ ڪڏهن بہ معاف نہ ڪندي پنھنجي اولاد تي قربانيون ڏبيون آهن. پر هيءَ قرباني جيڪا تنوير کي ڏيڻي پئي منفرد آهي تنوير هو بہ منفرد، ٻيو تنوير وري نہ جڙي سگهندو.
هينئر ويجهڙائيءَ ۾ مون کي وري سوڀيديري وٺي ويا، سنگت وارن تنوير جي ياد ۾ ميڙاڪو ڪيو هو. تاجل بيوس بہ هو، ڊاڪٽر ذوالفقار ۽ مان بہ هيس، مان ان قبرستان وٽان لنگهيس جتي الطاف کي دفنايو هيوسين، شھر هيو، جايون جڳھيون بہ هيون. عباسي خاندان بہ هيو پر تنوير ڪونہ هو، ٿي سگهي ٿو تہ تنوير جي مڙھہ کي آڻيندي جو ڪو نسل ترگنيف وانگر واپس سنڌ کڻي اچي. ائين تاريخ ۾ ٿيو آهي ٿي سگهي ٿو تہ جڏهن سنڌ سنڌين جي رهڻ لائق نہ رهندي، تڏهن سمجهبو تہ تنوير لاءِ چڱو ٿيو يا وري جڏهن رهڻ لائق ٿيندي تہ تنوير لاءِ چڱو ٿيو يا وري جڏهن رهڻ لائق ٿيندي تہ تنوير کي وري موٽائي ايندا.
مون سان واعدو ڪري ويو هو تہ اٺين ڏينھن موٽي ايندس پاڻ تہ نہ آيو پر سندس مرڻ جي خبر پوري اٺين ڏينھن ملي وئي.
سلڇڻو عالم، ماکي ۽ مکڻ سان مکيل سندس شعر هوندا هئا. منھنجا تہ سڀ دوست ۽ رفيق هڪ هڪ ٿي هليا ويا آهن اهي صوفا ۽ سيٽون جن تي اياز، ڀٽي، تنوير، غلام مصطفى شاھہ، قادر صديقي ۽ علي بخش اچي ويھندا هئا. سڀ خالي آهن، ڪڏهن ڪڏهن مان اڪيلو اچي ويھندو آهيان ۽ انھن خالي صوفن تي خيالن ئي خيالن ۾ انھن سڀني يارن کي ويھاري ڪچھري ڪندو آهيان.
تنوير جي جڳھہ سرمد جو گهر اڃا موجود آهي، مان اتان منھن لڪائي لنگهندو آهيان ۽ ڪڏهن پوئتي ڪنڌ ورائي نھاريندو آهيان تہ شايد تنوير پويان سڏ ڪري.
اياز جي ڀرواري جڳھہ وڪامي وئي آهي تڏهن بہ ڀتيون ساڳيون اٿس، جيڪي ڪجهہ ڳالھائن ٿيون. مان ٻڌندو آهيان منھنجي آفيس جي دري جتان اياز اچي سڏ ڪندو هو ان ڏانھن بہ اوچتو اک کڄي ويندي آهي. ان جاءِ تان بہ ڪيئي تحريڪون اڀريون ۽ وسامي ويون. اسان جا سڀ دوست انھن تحريڪن جي نظر ٿي ويا. نہ ون يونٽ ٽٽو نہ غريب کي اجهو، اٽو ۽ لٽو مليو.
ڪڏهن ڪڏهن علي بخش جو روح بہ اچي ليئا پائيندو آهي ۽ وڏا وڏا ٽھڪ ڏيندو آهي ڏيھہ ڏائڻ کان بہ وڌيڪ بدصورت ٿي ويو آهي. مان پيو جيئان هن هيڏي ساري جٺ ۾ مان آخري ڀيرو ڀڄي آيو آهيان تنوير جي سوڀيديري مان وري ڪونہ ويندس. وري ڪونہ ويندس.
تنوير کي موٽڻ شاھہ جو ٽولو جيڪو سچل کي دل سان ڳائيندو هو، ڏاڍو وڻندو هو، انھن کي وٺي آيو. ڪار مان ڌڪڙ ڌمچڙ رکيائين. مون ڊرائنگ هال مان صوفا ڪڍرائي رليون وڇرايون، اياز، جويو صاحب، تنوير، مان، ڀٽي، علي بخش ۽ ڪجهہ ٻيا دوست بہ آيا. موٽڻ شاھہ سچل کي ڀرپور نموني جلالي طريقي سان ڳايو. لطيف کي بہ ڳايائين. خوش خير محمد جا مشھور ڪلام ٻڌايائين. ساز ۽ آواز سان گڏ صوفي رنگ وھہ واھہ ڪري وڌي. اياز کي موٽڻ شاھہ اصل ڪونہ وڻندو هو. سو ماني کائي هليو ويو، اسان سڄي رات ڪونہ ستاسون.
صبح جو منھنجي امڙ مون کي زبردست جملو چيو،” ابا هاڻي گهر کي مڪان ڪرائي ڇڏ.“ مون تنوير جو سھارو ورتو. اهو امڙ جو ڪڏهن ڪڏهن علاج ڪندو هو.
ٻڌڻ ۾ آيو آهي تہ تنوير جو فرزند سرمد جنھن تي هو قربان ٿي ويو، هينئر لاهور ۾ آهي. نوڪري ٿو ڪري، سڪ بہ لاهڻ نہ ٿو ڏي، پيءُ جا مھانڊا اٿس. من ڪٿان تنوير ليئو پائي وجهي ۽ اسان ملي وٺون. پر شايد سنڌ ۽ سنڌين کان لاهوري اهي حق بہ کسيندا ٿا وڃن.

معياري تعليمي ادارن جي قيام لاءِ جاکوڙ

رشيد ڀٽيءَ کي بہ ساڳي بيماري لڳل هئي، جيڪا مون کي هئي. پھريان چيائين تہ سنڌ مدرسہ بورڊ جي بلڊنگ ٻن حصن ۾ موجود آهي ۽ ڪجهہ پئسا بہ چون ٿا تہ ان فنڊ ۾ رکيل آهن. سکر جي ٻن سينيئر وڪيلن شمس الدين شاھہ ۽ آغا بدرالدين سان ملياسين. سنڌ مدرسہ بورڊ جو سربراھہ ڊپٽي ڪمشنر هو، سکر ۾ ڇا پر سڄي سنڌ ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جو معيار گهٽجڻ لڳو هو، اسان جو خيال هو تہ مدرسہ بورڊ جي سھائتا سان معياري تعليم وارا اسڪول کولجن. شاھہ صاحب ۽ آغا صاحب کان مدد گهري سون. انھن ڊي سي بورڊ طرفان ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جا اسڪول کولڻ جون تجويزون رکيون. ان مان مادري زبان سان گڏ انگلش ميڊيم جي سستي ۽ معياري تعليم جا پروجيڪٽ تيار ڪياسون. اسان جي پروجيڪٽس کي غور سان ٻڌڻ کان پوءِ سکر کان ملٽري روڊ طرف ڪمپريھينسو اسڪول کي شفٽ ڪري ان ۾ پبلڪ اسڪول تہ منظور ڪرايو ويو، پر مدرسہ بورڊ جي جڳھن تي قابض هڪڙي شخص کان قبضا ڇڏرائڻ کان پوءِ ان ۾ آغا نظام الدين گرلز ڪاليج ۽ اسڪول کولي ان ۾ ڊي سي ايس پي ۽ ٻين سمورن آفيسرن جي زالن کي ليڪچرار طور مقرر ڪيو ويو، اهي گهڻو ڪري اردو پنجابي ڳالھائڻ واريون هيون. سو اردو ميڊيم ۽ انگريزي ميڊيم ڪاليج ۽ اسڪول کولي سنڌ مدرسہ بورڊ جي بلڊنگن ۽ پئسن تي قبضو ڪري ويھي رهيا. پبلڪ اسڪول ۽ هنن ٻن تعليمي ادارن جون فيسون بہ ڳاٽي ڀڳيون رکيون ويون جيڪي عام غريب ماڻھن جي پھچ کان مٿي هيون. غريبن جا ٻار ساڳيا سرڪاري اسڪولن جي استادن آڏو تعليم بدران سگريٽ وٺڻ ۾ پورا . ”ڇورا ٻھاري ڏي“ ۾ وقت ڪڍي لتون ۽ مڪون کائي گهرن ڏانھن پيا اچن.
رشيد ڀٽي مايوس ڪونہ ٿيو ۽ ٻيو پراجيڪٽ کڻي آيو. ﷲ بخش سومرو سکر جو ڪمشنر ٿي آيو. سکر ثقافتي سوسائٽي ٺاهي سون. ڪمشنر صاحب ان جو سربراھہ ۽ باقي سمورا ڊپٽي ڪمشنر ۽ سنڌ سڌارڪ دوست ڪَٺا ڪياسون. سنڌ جا ماڳ ۽ مڪان بچائڻ جو شوق ٿيو، سکر جون ويران لائبريريون آباد ڪجن. گهنٽا گهر، پير الاهي بخش ٽاور گهڙيال وري هڻجن، بندر روڊ صاف ڪرائجي، ستين جو آستان، زندھہ پير ۽ معصوم شاھہ جو منارو ٺيڪ ٺاڪ ڪجن. مير عبدالباقي، مير مڪي شاھہ هفت گنبذ جي سنڀار لھجي. بکر جي قلعي ۾ هڪ سٺو آڊيٽوريم ٺھرائجي.
ان زماني ۾ مرحوم ڀٽي صاحب جي حڪومت اچي چڪي هجي. حفيظ پيرزادي صاحب سان رابطو ڪري ورتوسين. ان طرح جي مدد ڪرڻ جي دلجاءِ ڏني، پوءِ اتان واندا ٿي خدا آباد، روپا ماڙي کان وٺي سڄي سنڌ جا ماڳ مڪان سنڀالڻا هئا.
هڪ دفعي ثقافتي سوسائٽي جي ميٽنگ منھنجي گهر ۾ ئي. ﷲ بخش سومرو، اعجاز قاضي جيڪو ان وقت شھر جي ميونسپالٽيءَ جو ايڊمنسٽريٽر بہ هو ۽ ٻيا سڀ معزز ميمبر بہ آيا، ميٽنگ کان پوءِ سومري صاحب منھنجي جڳھہ ڏسي پڇيو، تہ هيءَ ڪنھن جي آهي؟ ”مسواڙي آهي“ مون وراڻيو، ”ڇو؟“ هن عجب مان پڇيو، ”مون کي پلاٽ ڪير ڏيندو، آغا شھاب پنھنجي ايام ڪاري ۾ سکر جا روڊ بہ وڪرو ڪري ڇڏيا هئا. اها ”ڪھڙي ڳالھہ آهي جيڪڏهن مان ڪنھن مسواڙي جڳھہ ۾ گذاريويس. ماڻھو، پلين هيٺان پائيپن ۽ فوٽ پاٿن تي ٿا گذارين.“ قاضي اعجاز ڪمشنر صاحب کي چيو: ” جي اوهان اجازت ڏيو تہ ما هن کي هڪ پلاٽ ڪڍي ڏيان.“ اعجاز مون کي ادب وچان ادا چوندو آهي جو مان سندس وڏي ڀاءَ مرحوم اشفاق جو دوست هيس. اشفاق، حميد جي معرفت دوست ٿيو هو ۽ روح رهاڻ ۾ ”جوڳيءَ جي ڊائري“ نالي آرٽيڪل لکندو هو، سو ﷲ بخش سومري جي اجازت سان هڪ پلاٽ قاضي اعجاز مون کي ڪڍي ڏنو، جيڪو مون پيپلز پارٽي جي حڪومت دوران منظور ڪرايو ۽ قاضي قبضو بہ سرڪاري طور ڏنو، پلاٽ کي چار ديواري بہ هئي ۽ هڪ ڪمرو بہ ٺھيل هو، مان ان ۾ آفيس ٺاهي ويھي رهيس. اڃان مان داخل مس ٿيس تہ چار پنج همراھہ هٿيارن سان اندر داخل ٿيا، ان سياسي پارٽيءَ جي سکر سورمن اهي ماڻھو موڪليا هئا جو هو اها ڳالھہ برداشت نہ ڪندا، تہ سندن مٺ گرم ڪرڻ کان سواءِ ڪيئن ٿو، ڪنھن بي گهر کي گهر ملي. سو بہ هڪ سنڌي اديب کي! سو مون وٽ بہ ڪاٽڪو ڪنھن ڪيس جي سلسلي ۾ آيا هئا. هو هڪٻئي کي سڃاڻيندا هئا. ڪاٽڪن، هڪ ٻئي سان ڪنن ۾ ڳالھايو ۽ هو هليا ويا. خبر اها پئي تہ هنن کي پلاٽ جو قبضو کسڻ لاءِ موڪليو ويو هو.
منھنجو پراڻو دوست برادرم رحيم بخش مھر جيڪوپڻ ادب جو شوق رکندو آهي، مدد طور ايندو رهندو هو، پاڻ سان گڏ بشير ڪمانگر کي بہ وٺي آيو، بشير هڪ پورهيت نوجوان هو. هن جو هوٽل ۽ گهر گڏ هئا، جتي هو ٽن بيروزگار ڀائرن ۽ پوڙهي پيءُ ماءُ سان گڏ رهندو هو. بشير کي بہ ان سياسي سربراھہ دڙڪو ڏنو هو تہ يا هوٽل اڌو اڌ يا دربدر! ايتري ۾ ٻي مصيبت اچي ڪڙڪي. جناب ضياءُ الحق صاحب جو اسلامي مارشل لا لڳي ويو. هن ڀٽي صاحب جي دور جا سمورا منظور ٿيل پلاٽ رد ڪري ڇڏيا. پر پوءِ ڪراچيءَ وارن جي گوڙ ڪرڻ تي اهو اعلان واپس ورتائين وري واپڊا وارا منھنجي پلاٽ تي مڇرجي پيا. مون قرض پکو وٺي جڳھہ ٺھرائڻ شروع ڪئي تہ والد صاحب هڪ نوٽس هٿ ۾ ڏنو، ميونسپالٽي وارن ڪم بند ڪرڻ لاءِ چيو هو جو واپڊا وارن پلاٽ تي پنھنجو حق ٻڌايو هو.
ڪڏهن فوجي پيا اچن، ڪنھن مھل ڪير، مون نيٺ غياث جوڻيجي جي صلاح سان سول ڪورٽ ۾ ڪيس ڪري جان ڇڏائي غياث ان وقت سکر جو ڊپٽي ڪمشنر هو. منھنجي ڏاڍي مدد ڪيائين. نيٺ منھنجو گهر ٺھي ويو ۽ مان گهر وارو ٿي ويس. ان تي سکر جي هڪ سينيئر وڪيل مرحوم رحمت علي نقوي ڏاڍو جملو چيو. ”اسان تہ توکي هڪ لفنگو سمجهندا هئاسون، پر تون تہ گهر ٿو ٺھرائين.“
ويچارو بشير ڪمانگر جيڪو هڪ هوشيار رازو هو ان ڏينھن رات ڪري منھنجي جڳھہ تيار ڪئي. رحيم بخش مھر بہ ان سان ٻانھن ٻيلي ٿي بيٺو. هڪ طرف بشير پنھنجي گهر کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ هو ٻي طرف رحيم بخش سان بہ ساڳي مصيبت هئي. ٽين طرف منھنجي جڳھہ بہ انھن دوستن پئي سنڀالي، اجهي، اٽي ۽ لٽي جو خواب اتي پورو ڪيوسين، مان اهي سڀ معاملا ڪورٽن ۾ کڻي ويس. اونھاري ۾ مون بشير ۽ رحيم بخش مھر جي صلاح سان مسواڙي جاءِ خالي ڪري ڇڏي ۽ ٻارن کي ڪوئيٽا وٺي ويس. فيصلو اهو هو تہ هڪ ٻن مھينن ۾ جڳھہ مڪمل ٿي ويندي. مون آخر ۾ بشير کي سکر بار جي پٽيوالي معرفت گهرائي ٽيليفون تي حال احوال ورتو، هن ٻڌايو تہ جڳھہ مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ مان اچي رهي سگهان ٿو. بشير جيئن ئي مون کي فون ڪري واپس ٿي آيو تہ ڪي شاهينگ سندس تاڙ ۾ ويٺل هئا، کيس پستول هڻي قتل ڪري ڇڏيائون. قاتل پھچ وارا هئا. هي غريب پورهيت هو. سندس گهر بہ کسجي ويو. هوٽل بہ ختم ٿي ويو. بشير جي زال بيواھہ ۽ هڪ نياڻي يتيم ٿي وئي. ڪيس جي پيروي نہ هجڻ ۽ شاهد بہ ڪمزور هجڻ سبب بشير جي موت کي ڪاغذن ۾ ئي دفن ڪيو ويو، داداگير کٽي ويا، ڪوڙ ۽ ڏاڍ سوڀ ماڻي، هيڻو ۽ ڪمزور هارجي ويو.
وري مون پنھنجي ڳوٺ ۾ ڪي سرگرميون شروع ڪيون، ان وچ ۾ منھنجو والد صاحب راھہ رباني وٺي ويو. هڪ برجستو ماڻھو هو. اسان جي مٿان ڄڻ ڇت اڏامي وئي پر امڙ جي هنج ۾ اچي ويٺاسون، جيڪا اڃا حال حيات هئي. مھراج سيتداس هڪ سڌارڪ برهمڻ هو. کيس پني عاقل ۾ ڪافي جائيداد هئي. هن پنھنجي سموري ملڪيت وڪڻي هڪ هاءِ اسڪول ٺھرايو، جيڪو اڄ بہ قائم آهي. هن سڀ ڪجهہ دان ڪري ڇڏيو ۽ هڪ ڪمري ۾ گذاري ويو.
مھراج سان گڏ مرحوم انور الدين شيخ جيڪو تعليم کاتي ۾ استاد کان پوءِ بورڊ آف سيڪنڊري ايجوڪيشن ۾ ڪنٽرولر جي نوڪري تان جلد رٽائر ٿي اچي مون سان گڏ ٿيو. مھراڻ ايجوڪيشن سوسائٽي ٺاهي سون. غياث جوڻيجي جي مدد سان هڪ گرلز هاءِ اسڪول منظور ڪرايوسين. آخر ۾ هڪ ٻارهين درجي تائين وڏي اسڪول جو منصوبو جوڙيوسين. اسڪول لاءِ پلاٽ هڪ ڪامريڊ شفيع پنجابي اوڌر تي ڏنو. 180 ڪلاس خيرات ۾ ٺھي ويا. يعني هر ماڻھو پنھنجي وڏڙن جي نالي سورنھن هزار رپيا خيرات ۾ پيو ڏئي جنھن مان ڪلاس روم ٺھي تيار ٿي ويو ۽ ان جي يادگار تختي هر هڪ ڪلاس تي پي لڳي. سوسائٽي جي ميمبرن جن ۾ رحيم بخش مھر، ڊاڪٽر هري لعل، محمد پنجل مھيسر، محمد نواز ڀٽو، محمد عالم عباسي ۽ ٻيا ڪيترائي مرحوم انور الدين پنھنجي سموري زندگي ان اداري لاءِ وقف ڪري ڇڏي. هينئر ويجهڙائي ۾ فوت ٿي ويو آهي پر ادارو ٺاهيو ويو جنھن ۾ ساڍا ٽي هزار شاگرد پڙهن ٿا . محترم بينظير ڀٽو سٺ لک رپيا چندو ڏنو. عبدﷲ شاھہ سنڌ جي چيف منسٽر هڪ ڪوسٽر بس بہ وٺي ڏني. تمام معمولي في تي اعلى درجي جي تعليم ۽ با اصول تربيت جو مرڪز ٺھيل آهي. مان پھريائين چيئرمين هئس. پوءِ مسٽر عباسي چيئرمين ٿيو. هي ادارو غريب، وچولي طبقي وارن ۽ اميرن لاءِ بہ سستي، هڪ جھڙي تعليم ۽ تربيت ڏئي رهيو آهي. مادري زبان سان گڏ انگلش ميڊيم بہ آهي. ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پنھنجي اخلاقي حدن اندر تعليم ٿا حاصل ڪن. اهو ڪم هر هنڌ ٿي سگهي ٿو، پر نيت صاف تہ مرادون حاصل.

پاڪستان ۾ ٻولين جو سوال ۽ رشيد ڀٽي

31 مارچ 1948ع تي باني پاڪستان محترم محمد علي جناح مشرقي پاڪستان جو دورو ڪندي اعلان ڪيو تہ پاڪستان جي سرڪاري زبان اردو هوندي، اها ئي ڳالھہ 26 جنوري 1952ع تي پاڪستان جي دستوري اسيمبلي جي قائم ڪيل ڪاميٽي جي سفارشين ۾ شامل هئي تہ اردو پاڪستان جي واحد سرڪاري زبان ڪئي ويندي انھن ٻنھي اعلانن دراصل انھن ماڻھن جا پاڪستاني خواب خراب ڪري ڇڏيا جن سمجهيو هو تہ پاڪستان ۾ هر هڪ ماڻھو پنھنجي پنھنجي زبان، تھذيب، ملڪيت ۽ ٻين بنيادي حقن ۽ عزت کي حفاظت ۾ ڏسي سگهندو ۽ هڪجھڙائي هوندي. نون سالن کان پوءِ 1956ع ۾ جيڪو آئين ٺھيو ان ۾ بنگال، سرحد، سنڌ ۽ بلوچستان جي لڄ لتاڙ ٿي 24 آڪٽوبر 1954ع چوڌري غلام محمد گورنر جنرل دستور ساز اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي هئي. ان کان پوءِ ان وقت جي اسپيڪر مولوي تميز الدين سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ حڪومت جي ان فيصلي خلاف ڪيس داخل ڪيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ فيصلو حڪومت جي خلاف ڏنو، بعد ۾ سپريم ڪورٽ حڪومت جي فيصلي کي بحال ڪندي ”نظريہ ضرورت“ وارو فلسفو ڏنو. 1958ع ۾ وري آئين ٽوڙي فوجي حڪومت قائم ڪئي وئي ۽ سڄي ملڪ کي مارشل لا حوالي ڪيو ويو. 1971ع ۾ بنگال کي فوجي آمريت ڌڪي ڌار ڪري ڇڏيو. 1973ع جو آئين فقط چند سال هليو ۽ 1977ع ۾ وري ضياءُ الحق مارشل لاءِ هنيو، جيڪو اڄ تائين ڪنھن نہ ڪنھن روپ ۾ قائم آهي.
ان ايڏي ساري پٽاڙ جو مقصد اهو ٻڌائڻ آهي تہ شروع کان ئي قومن ۽ قوميتن جي حقن جي لتاڙ مان ظاهر ٿيڻ لڳي پيو تہ ميلو ئي ڪنھن جي پٽڪي لاهڻ لاءِ مچايو ويو هو. فوجي ۽ سول نوڪر شاهي ۽ عدليه جي وچ ۾ سمجهوتو ٿي چڪو هو ۽ ڏاڍائي ۽ جبر سان هڪ محدود ٽولو اقتدار جي بکين سياستدانن سان وقتي سمجهوتا ڪندي ڪم هلائيندو رهيو آهي. 1977ع جي مارشل لا ۾ گهٽ ۾ گهٽ چاليھہ هزار ماڻھن کي اگهاڙو ڪري سرعام ڪوڙا هنيا ويا. ان ۾ اڪثريت سنڌ جي ماڻھن جي هئي. هيڏي ساري گهٽ، ٻوسٽ ۽ سالن کان زور زبردستي ۽ داداگيري جي نتيجي ۾ سياي پارٽين جي معمولي للڪار تي سڄي پاڪستان مان فقط سنڌ جي عوام متحد ٿي. پاڪستان جي ايسٽيبلشمينٽ کي للڪاريو. 1983ع ۾ سنڌي ماڻھو جن ۾ عورتون بہ شامل هيون، ٽينڪن، توبن ۽ هوائي بمن آڏو ارڏائي سان اچي بيھي رهيا. جيل ڀرجڻ شروع ٿي ويا. ٽيئر گئس کپي ويا. گوليون ختم ٿيڻ لڳيون پر سنڌي عوام جو عزم وڌندو ويو. جيل وڃڻ هر ڪنھن جي بي عزتي بجاءِ عزت افزائي ٿي سمجهيو. ريلون بيھجي ويون، رستن تي وڻ وڍي رڪاوٽون وڌيون ويون. سنڌي عوام جون اهي اکيون ڪنھن ڪڏهن ڪونہ ڏٺيون هيون، جن ۾ صدين جا سور سمايل هئا. پيڙهيل ماڻھو پاڃارين جي پيڙا مان جان ڇڏائي، پنھنجي پڳ ۽ پوتيءَ جي حرمت جي حفاظت ٿي ڪئي.
مان سکر بار ۾ ويٺو هئس تہ ڪنھن ٻڌايو تہ رشيد ڀٽي گرفتار ٿي ويو. مان بار مان نڪري گهر آيس تہ ڪنھن چوايو تہ منھنجو نالو بہ گرفتار ٿيڻ وارن ۾ آهي. مان منڍ کان جيل وڃڻ کان لنوائيندو آيو هيس. سو بريف ڪيس ۾ ڪجهہ ڪپڙا، ڪجهہ ضرورت جون شيون وجهي حيدرآباد هليو آيس. حميد سنڌي وڏي دل ڪري گهر ۾ رهايو. شام جو روز ڪچھريون ٿيڻ لڳيون. شمشير، جمال رند، ۽ ٻيا ڪيترائي دوست روزانو ايندا هئا ۽ رات جو دير تائين ڪچھري ٿيندي هئي. شمشميرروزانہ ”مھراڻ“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو هو. هن اخبار جي سرڪيوليشن چند سون مان هزارن تي اچي پڄائي. سنڌي اخبارون، سنڌي عوام سان پنھنجي مالڪن جي مرضيءَ جي خلاف عوام جو ساٿ ڏيڻ لڳيون، جنھن تي حڪومت فقط سنڌي اخبارن کي سينسر ڪرڻ شروع ڪيو، شمشير روزانو هڪ باڪس نيوز هلائڻ شروع ڪئي تہ ”فتاح ملڪ غائب، پوليس جي ڇاپن کي اڄ نائون ڏينھن.“ ايتري ۾ حيدرآباد جي ڪمشنر حميد کي آگاھہ ڪيو تہ ” يا تہ همراھہ کي چئوس تہ واقعي گم ٿي وڃي يا وري اچي پيش پوي.“ ڀٽيءَ کي نارا جيل ۾ رکيو ويو ۽ ڪافي تڪليفون ڏنيون ويون. ڪافي دوست اڳ ۾ ئي جيل هليا ويا. مون بہ فيصلو ڪيو تہ هلي آڱر وڍائي شھيد ٿيان نہ تہ تاريخ ڏاڍو بڇڙو ڪندي. سو سکر هليو آيس ۽ پوليس کي نياپو ڪيم تہ مان گرفتاريءَ لاءِ حاضر آهيان.
اڌ رات مھل منھنجي گهر جي چؤگرد پوليس جا وڏا وڏا اٽالا پھچي ويا. مون بريف ڪيس ٺاهي رکيو هو سو لھي آيس. ڪو مھر صوبيدار هو. ڏاڍي فضيلت سان ٿاڻي تي هڪ کٽ ڏنائين جتي مان اچي سمھي پيس. صبح جو سنتري جيڪو مھر هو. اهو پنھنجي گهران چانھہ ۽ اڦراٽو پچرائي کڻي آيو. منجهند جو منھنجي گهران ماني آئي، پاڙي ۾ آفتاب بلوچ جو گهر هو. آفتاب منھنجي لا ڪاليج جي پروفيسري جي ايام ڪاري ۾ منھنجو شاگرد هو، سو گهران ٽيبل فين، ٿرماس ۽ ٻيون ضرورت جون شيون کڻي آيو. ڪافي دوست ۽ مائٽ ملڻ ٿي آيا. هر ڪنھن جي هٿ ۾ مٺائي ۽ فروٽ ضرور هوندو هو، جيڪو مان سپاهين کي ڏئي ڇڏيندو هيس. هو پاڻ ۾ اهو ڳالھائيندا هئا تہ ”يار جڏهن ڪو وڏو ماڻھو ٿو گرفتار ٿئي تہ کائڻ لاءِ چڱو ڪجهہ ملي ٿو.“
سپاهين جا ڪوارٽر هڪ کٽ رکڻ جيتري ڪمري، اگهاڙي ڇت ۽ ڀڳل فرش تي مشتمل هئا. ٻار اڪثر اگهاڙا ۽ بکايل هوندا هين. منھنجي ڀر واري ڪمري مان جمنا جو ڪمرو هو، جمنا جي سس ۽ سندس مڙس رامون چئن يا پنجن ٻارن سان رهندا هئا. رات جو گرميءَ سبب مان، سپاهي، جمعدار، رامون ۽ ان جو خاندان ٿاڻي جي اڱڻ ۾ سمھندا هياسون. جمنا ۽ رامون ٻار پنھنجي پوڙهي ماءُ حوالي ڪري ڪنھن نئين ٻار کي جنم ڏيڻ لاءِ سڀني جي سامھون ڪمري ۾ واڙجي ويندا هئا. جنھن تي سپاهي ۽ جمعدار ڏاڍو ناراض ٿيندا هئا. هو ويچارا چپ ڪري ٻھارا هٿن ۾ کڻي صفائي ڪرڻ لڳي ويندا هئا.
سڄي ٿاڻي تي فقط هڪ ئي ماڻھو وٽ ريڊيو هو، جنھن مان سڀئي ڪن لائي بي بي سي ٻڌندا هياسين. ريڊيو دراصل ملڪيت ئي هئي رامونءَ جي، جنھن کان زوري کسي سپاهي وڄائيندا هئا. سپاهين جون زالون شام جو سينگارجي جمنا سان گڏجي جيڪا پڻ رات جي راڻي ٿي پوندي هئي. پاڙي ۾ ٽي وي ڏسڻ جي بھاني نڪري وينديون هيون ۽ اڌ رات جو ٽھڪڙا ڏينديون واپس اينديون هيون. سندن مڙس شاليمار سئنيما جي داداگيرن سان چرس جا سگريٽ ڇڪي اچي کٽن تي اونڌي منھن ڪرندا هئا. سندن زالن کي هنن جي ڪا گهرج ڪونہ هوندي هئي. هو بہ جمنا سان آرس ڀڃي اينديون هيون. جنھن جاءِ تي مان ويٺو هيس ۽ يا جتي پوليس اسٽيشن هئي. اهو کرڙيءَ جو ميدان هو، جتي سنڌ جي جوڌن ڪيئي جنگيون جوٽيون هيون. احمد شاھہ ابدالي، مدد خان، نادر شاھہ، علاؤالدين خلجي، شاھہ بيگ ارغون، شاھہ شجاع ۽ مغلن جي يلغار کي منھن ڏنو هو. شڪستون ٿيون هيون پر قبول ڪونہ ڪيو هيائون. ڪنڌ ڪپيا هئا پر جهڪيا ڪونہ هئا. پريان درياءُ هو، ان جي وچ ۾ بکر جو ٻيٽ هو، جتي دارا شڪوہ اچي پناھہ ورتي هئي. درياءَ جي هن پاسي اروڙ هو، جتي محمد بن قاسم ۽ ڏاهر جي وچ ۾ جنگ ٿي هئي. سنڌ باب الاسلام ٿي وئي. سپاهين جون للڪاريون ۽ گهوڙن جون هڻڪارون هيون. ٽيئر گئس ۽ گولين جا ٺڪاءَ هڪ ٻئي ۾ وچڙي مون کي سڄي رات سمھڻ ڪونہ ڏيندا هئا. عيد هجڻ ڪري مون کي ٿاڻي تي رکيو ويو هو، جو جيل بند هيو. منھنجو سھرو محترم و مرحوم فقير محمد ڏهر ان وقت سنڌ حڪومت ۾ هوم سيڪريٽري هو، کيس جڏهن منھنجيءَ گرفتاريءَ جي خبر پئي تہ منھنجي ڀاءُ سان گڏجي اچي سکر نڪتو. ٻاهران ئي ٻاهران ڊپٽي ڪمشنر وٽ معافي نامو لکي ڏئي آيو ٿاڻي تي، سپاهين سمجهي ورتو. ”سائين معافي نہ وٺجو“ پر هي تہ ڪم ئي لاهي آيا هئا. مان آزاد ٿي جڏهن گهر پھتس تہ سڄو گهر مھمانن سان ڀريو پيو هو. ڪنھن روئي ڏنو، ڪنھن ٿڌا ساھہ ڀريا، مان سينو تاڻي پنھنجي بھادري جو مظاهرو ڪندو رهيس، رشيد ڀٽي ڏاڍو دير سان آزاد ٿيو. سندس والد صاحب مولوي عبدالحميد ڀٽي جيڪو اڳ پٽ جو هم خيال نہ هوندو هو سو ساڳي ڳالھہ ڪرڻ لڳو تہ ”هي فاتح ٿي آيا آهن. ” هڪ دفعي سيد سڳورو سنڌ جو چيف منسٽر ٿيو، ضياءُ الحق ۽ ان جي رفقاء هڪ منصوبو تيار ڪيو، جنھن تحت سنڌ ۾ هڪ دهشتگرد لساني تنظيم جوڙي وئي. ان تنظيم جو سربراھہ اعلان ڪيو تہ ”ٽي وي وڪڻي ڪلاشنڪوف وٺو“ اسان جي قوم پرستن پنھنجي ڪوتاهين سان علمي ادارن ۾ جيڪو ماحول جوڙيو هو، ان انھيءَ تنظيم جي ارادن جي آبياري ڪئي. سکر جو جيل ٽوڙايو ويو، خطرناڪ قيدين کي سرڪاري گاڏين ۾ کڻي وڃي ٻيلن ۾ منظم ڪري هٿيار ڏئي غريبن کي لٽڻ جي ترغيب ڏني وئي ۽ ڏهڪاءُ جو ماحول جوڙيو ويو. سنڌ کان بدلي وٺڻ لاءِ هڪ طرف شھري دهشتگردي ۽ ٻھراڙين ۾ ڌاڙيلن کي اڳتي آڻي بدامني جي ازدها اڳيان اڇليو ويو، منھنجي پٽ جي شاديءَ دوران منھنجي گن مئن کان گهوٽ جي دوستن سرڪاري هٿيار کسي ڪجهہ هوائي ٺڪاءَ ڪيا. ٻي ڏينھن گن مئن منھن لڙڪائي اچي بيٺو تہ سندس سرڪاري گوليون ڪٿان پوريون ٿين؟ ”بازار مان وڃي وٺي آءُ“ مون کيس چيو. ”سائين اهي سرڪاري ميڪ جون گوليون بازار ۾ ڪونہ ملنديون آهن، اهي سرڪاري طور هيڊڪوارٽر مان ملنديون آهن.“ مون هڪڙي پوليس جي عملدار کي چيو، هن کتو جواب ڏنو. ”ملڪ صاحب هي ناممڪن آهي. هينئر توهان جو گن مئن ڪوارٽر گهاٽ ٿيندو.“ ايتري ۾ منھنجو هڪ اصيل آيو. اچڻ شرط گولين سان ڀريل ٻُڪ اچي اڳيان رکيائين. گن مئن خوشيءَ ۾ نہ پيو ماپي، سرڪاري گوليون ملي ويون.

پنو عاقل : روح ۾ رهجي ويل يادون

اسان جي پنو عاقل واري جڳھہ اسان جي ڀاءُ وڪرو ڪري ڇڏي، مان تہ اڳ ۾ ئي وڪالت جي سبب سکر اچي رهيو هوس. هڪ وڏو ڀاءُ اباڻي گهر ۾ هيو، ٻيو دربدر ٿي وڃي مسواڙي جڳھہ ۾ رهيو باقي ٻيا سکر ۽ حيدرآباد کي ڳوٺ ڪري ويھي رهيا. هڪ پل جي غلطي صديون سزا لوڙائيندي آهي.
منھنجي حصي ۾ جنت آئي، جيڪا مون اکين تي کڻي رکي، جنت جي ٿڌڙي ٿڌڙي هير، هندورن جھڙي هنج، دعائن سان ڀرپور ڀريون. محبت سان ڀريل مامتا هجي تہ ڄڻ سڄو وات ٿڃ سان ڀرجيو وڃي.
شاديءَ دٻي جي پسگردائي ۾ احمد خان چانڊيو ڳوٺ آهي. احمد خان هڪ قدآور ڀوري رنگ وارو، وڏن وارن سان روزانو ٽارين جي ڇانو ۾ کوھہ جي نار هيٺان ميٽ مٿي مان ڪڍندو هو. اهو ميٽ جيڪو اڪثر سنڌ جا ماڻھو منجهس سرهو تيل ۽ ليما ملائي مکيندا هئا ۽ کوهن تي وهنجي ميٽ ڪڍندا ها تہ سڄو ڏينھن سندن بدن ۽ وار هٻڪارن جا هل کنيون هلندا هئا. احمد خان بہ خبر نہ آهي ڪھڙي سببان پنھنجي گهرواري سميت هن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو، هڪ ننڍڙي نياڻي سندن ناني مولوي حبيب ﷲ اچي روهڙيءَ جي ڪوٽ جھان ﷲ شاھہ ۾ رهائي ۽ پنھنجي خاندان سان سندس پالنا ڪرڻ لڳو، نانو حبيب ﷲ هڪ عالم ۽ بزرگ شخص هو. امڙ ٻڌائيندي هئي تہ جڏهن ڪا تنگي ٿيندي هيس تہ ڪو وظيفو پڙهندو هو ۽ روزانو نماز پڙهڻ واري جاءِ جي هيٺان گهربل پئسا کڻندو هو. مولوي صاحب خلافت تحريڪ جي سرگرم اڳواڻ مولانا تاج محمود امروٽيءَ سان منسلڪ هو. اسان جو بابو 1923ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام مان مئٽرڪ پاس ڪري اچي روهڙيءَ جي جي ڊپٽي ڪليڪٽر جي آفيس ۾ ڪلارڪ ٿيو. مولوي صاحب جو هڪ ٻيو دوست هو. مولوي محمد يوسف مغل جيڪو سيشن ڪورٽ ۾ سرشتيدار هو ۽ سندس ايمانداري سبب کيس انگريز سرڪار انعام ۾ ڪجهہ زمين ٽڪرو پنو عاقل ۾ ڏنو. مولوي محمد يوسف روهڙي شھر جو امين بہ هو. ۽ موسوي خاندان سميت ڪيئي ٻيا ماڻھو بہ وٽس امانتون رکندا هئا، ان کي ڪجهہ جڳھيون بہ هيون جيڪي هو ڪرائي تي ڏيندو هو. اسان جي بابي هڪ جڳھہ کانئس ڪرائي تي ورتي هئي.
اسان جي بابي مولوي تاج محمود امروٽي ۽ مولوي محمد يوسف جي ڪوشش سان احمد خان چانڊئي جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي. امڙ نہ فقط اسان ڇھن ڀائرن ۽ ٻن نياڻين جي پالنا ڪئي پر ان سان گڏ ڪيترا ملازم بہ پاليائين ۽ پرڻايائين. ان کان سواءِ سڄي محلي جي هندن ۽ مسلمانن لاءِ بہ دعا جو دروازو هئي. سڄي خاندان لاءِ تسبيح جي بانگي وانگر هڪ اتحاد جي علامت هئي. سا منھنجي نصيب ۾ آئي سڄي پاڙي ٿي نير وهايا. جڏهن امڙ ڳوٺ کي جڳھہ وڪامڻ کان پوءِ خيرآباد چئي اچي سکر وسايو. کيس ميھڙ، شادي دٻي ۽ روهڙي سان ڪو تعلق نہ رهيو. هن پنھنجي مجازي خدا جي ڳوٺ کي ئي پنھنجو وطن سمجهيو ۽ ڀائرن جي جاءِ تي اسان کي پنھنجو ڀاءُ ٿي ڀانيو ۽ هر ڏک جي گهڙي صبر ۽ تحمل سان سان گذاريائين ۽ حالات جون سموريون سرديون ۽ گرميون پنھنجي مٿان وسايائين ۽ اسان اولاد کي وڏي بڙ جي ڇانوَ ۾ رکيائين. امڙ جي ڪري مون وٽ ميلا لڳا پيا هوندا هئا ۽ منھنجي سلڇڻي گهر واري هر مھمان جو هميشہ خيال رکيو. مان هميشہ فخر سان چوندو هيس تہ جنت منھنجي نصيب ۾ آئي آهي، ٻيو مون کي ڇا کپي؟
امڙ کي اباڻا ڪک ڪڏهن ڪونہ وسريا. ڪڏهن ڪڏهن جڏهن اسان پنو عاقل واري تمام وڏي جاءِ ۾ اڪيلا هوندا هياسين جو بابو نوڪري سبب ٻاهر ويندو هو. سياري جون ڊگهيون اونداهيون ڀوائتيون راتيون کائڻ اينديون هيون تہ کيس اباڻا ياد ايندا هئا. وڏا ڀائر بہ پنھنجي نوڪرين سانگي ٻاهر رهندا هئا. ڀينر پرڻجي ويون هيون. فقط اسان ٽي ننڍا ڀائر ۽ امان اڪيلا هوندا هياسين. رات جو لالٽين ٻرندو هو، جيڪو ايڏي وڏي جڳھہ ۾ روشنيءَ لاءِ ڪافي ڪونہ هوندو هو. امان جا ڳوڙها ڳڙي ڳالھائيندا هئا.
ڏهر صاحب جڏهن دادوءَ جو ڊپٽي ڪمشنر هو تہ امڙ جو ڳوٺ ڳولرائي کيس اتي وٺي ويو، جتي هن پنھنجي اباڻي ڦٽل ۽ ڊنل حويليءَ جي ڀترن کي ڀاڪر پاتا ۽ روئي راڄ روئاريو. شايد سندس اباڻن جا آلاپ بہ ايندا هوندا. سنڌي عورت اباڻن ڪکن کي ڏاڍو ڏکيو ٿي وساري ۽ اباڻا ۽ آيل لفظ شايد سنڌيءَ ۾ اهڙو مفھوم ٿا ماڻن جيڪو ڪنھن بي ٻوليءَ ۾ ڪونھي.
انھن ڏينھن ۾ ڀٽي صاحب ڏاڍو بيمار رهڻ لڳو پر هن ڪڏهن بہ ڀيرو ڪونہ ڀڳو ۽ روزانو شام جو هو مون وٽ ضرور ايندو هو. پھريائين عثماني صاحب وٽ ويندو ۽ پوءِ مون وٽ ايندو ۽ گهڙي پل گهاري هوريان هوريان گهر ڀيڙو ٿيندو هو، ڀَٽي صاحب کي پوئين جيل جي تڪليفن هيڻو ڪري ڇڏيو هو.
نيٺ هڪڙي ڏينھن مان جڏهن ڪورٽ وڃڻ لاءِ تيار ٿيس تہ فون تي خبر آئي تہ ڀٽيءَ صاحب جي طبيعت خراب ٿي وئي آهي. مان وٽس وڃي پھتس، تنوير ڳوڙها ڳاڙيندو ٿي ويو. مون ڀٽيءَ جي حالت ڏاڍي خراب ڏٺي، کيس ايمبولنس ذريعي ڪراچيءَ ٿي ورتيون ويا. مون ڏانھن نھاري بہ نہ پيو سگهي. مون سڏ ڪيومانس: ”ڀٽي ڇا ٿو محسوس ڪرين؟“ ”ڪجهہ نہ“، ”پوءِ اکيون کول.“ هن پنھنجي خمارن سان ڀريل اکين مان ڇڪي ڇڪي نھاريو.“ ”ڊڄين ٿو.“ مون پڇيو، ”ڇا کان؟“ هن هوريان ورندي ڏني، ”موت کان“. مون چيو. هن جي منھن تي هڪ فاتحانہ طنزيہ مرڪ آئي.“ نہ بلڪل نہ.“ هن ساريون ڪھاڻيون ان هڪ پل ۾ ورجائي لکي ڇڏيون.
اياز اوڇنگاريون ڏئي روئڻ لڳو. پليجو بہ پاڻ جهلي نہ سگهيو. رباني، حميد، پروانو ڀٽي، حبيب ﷲ، علي بخش ميمڻ سڀ هڪٻئي سان چنبڙي پيا روئن. ڀٽيءَ جا پٽ تہ روئين ئي پيا. پر ڀٽيءَ جا دوست بہ روئڻ نہ جهلجي سگهيا. ڀٽيءَ کي دفن ڪري آياسين. رات جو رباني، حميد، اياز ۽ ٻيا دوست مون وٽ اچي ڪٺا ٿيا.
ڀٽي ڇو مري ويو؟ هڪ تہ سندس حياتي ايتري هئي. ٻيو ڀٽيءَ جو علاج نہ ٿي سگهيو، ٽيون پليجي صاحب هن يار کي عوامي تحريڪ ۾ ٻارين ٻچين آڻي ڇڏيو هو. ان جي هر گڏجاڻي ڀلي ڪٿي بہ هجي ۽ ڀٽي ڀل ڪھڙي بہ حالت ۾ هو، اتي ضرور شريڪ ٿيندو هو. ڀٽيءَ جي صحت کيس ايتري جاکوڙ ڪرڻ جي اجازت نہ پئي ڏني، ٿي سگهي ٿو ان هيڏي ساري هل هلان جي ڪري سندس انت آيو هجي.
اسان جي هن سپاهي ڪئين افسانا لکيا، ڪئين ڪتاب لکيائين، نور نچوڙي ترجما ڪيائين، سنڌ لاءِ راتيون جاڳيو ۽ لکندو رهيو. ”سنڌڙي رهي، اسان نہ رهياسون تہ ڇا ٿيو.“ ڀٽيءَ جي ان شعر تي ڪامريڊ حيدربخش جتوئي چئي ڏنو تہ ”بابا سنڌ اسان جي اکين آڏو هجي نہ تہ ڇا ڪبي.“
ڀٽي غرض جو محتاج نہ هوندو هو، غرضون ڀٽيءَ جون محتاج هونديون هيون. ان ڪري ئي ڪنھن جي پرواھہ نہ ڪڍندو هو ۽ بھادريءَ سان جيل ڪاٽيندو رهيو. کرو اديب، کرو انسان، سڄو ڏينھن عوامي انسان، اياز کي پھريون دفعو اوڇنگارون ڏئي روئيندو ڏٺوسين.
هن ڌرتيءَ تي شاعرن، اديبن، هڏڏوکي انسانن جا ڳوڙها ٿا ڪرن جيڪي فقط پيار ڪرڻ ڄاڻيندا آهن. انھن ارڏن، ڏکويلن جا ڳوڙها ڪير اگهي، جيڪي زمانن جا ڳوڙها ٿا اگهندا وتن، سي بہ اڄ روئي پيا. صدين ۾ ڪو سچو ليکڪ ڪنھن نڌڪڻي ڌرتيءَ کي ملندو آهي سو بہ اڄ هليو ويو. اسان جو پنھنجو قبيلو آهي هڪ ساٿ ۽ سٿ آهي. هڪ کٽي پيو ۽ هڪ ڪلو خالي ٿي ويو.
ائين اکيون کڻي ٻوٽيائين ڄڻ کيس عدم جي اگهور ننڊ ٿي آئي جڏهن ڪو پکي پڃري ۾ ڪونہ مرندو. جڏهن بکين ٻارن کي دلاسي لاءِ ڪا امڙ خالي ديڳڙو باھہ تي نہ چاڙهيندي، جڏهن گلن جھڙا ٻارڙا گپ جھڙي اگهاڙي اڱڻ تي نہ سمھندا، جڏهن هار تي هر کڻ ليلا ڇڏي ڏيندي، جڏهن مارئي بند مان آزاد ٿي آجپو ماڻيندي، تڏهن ڪو ليکڪ، ڪو ڏاهو، ڪو اروڙ جو انسان وري جيئرو ٿي پوندو. تڏهن رشيد ڀٽي سنڌ جي ڪک مان نڪري ايندو. هيءَ ڌرتي نيٺ تہ ڪو نئون انسان ڄڻيندي.
مون کي جيل کان گهٻراهٽ ٿيندي آهي. ڀٽيءَ جو خيال هو تہ مان پنھنجو ڪلاس مٽائي چڪو آهيان. ڊبل بيڊ، ايئر ڪنڊيشن، هوائي جھاز واري زندگي مون کي بيمار ڪري ڇڏيو آهي. ان ڪري مان جيل کان ڪيٻايان ٿو، سو تربيت خاطر هڪ ڀڳل بس ۾ رات جو گرميءَ ۾ نڪري پياسون. ڪراچيءَ لاءِ اتي رهايائين جتي سندس همراھہ پاڻ ٻھارو ڏئي گهر صفا ڪندا هئا. پاڻ رڌوپڪو ڪندا هئا، ٻہ ٽي ڏينھن انھن جوڳين ۽ آڌوتين وٽ رهياسين، پوءِ ڀٽيءَ کي مون تي رحم آيو ۽ آزاد ڪري ڇڏيائين.
هڪ دفعي ڀٽيءَ کي ڪنھن ڪھاڻي لکڻ لاءِ پلاٽ نہ پيو ملي سو چڙهي پياسون، هڪ پئسينجر ريل ۾، ريل جا دٻا نوان پينٽ ٿيل هئا. پليٽ فارم پھريون دفعو ڌوتل ٿي لڳو. اسٽيشن تي هوڪيباز بہ گهٽ نظر آيا. اسٽيشن تي جهنڊيون وغيرہ بہ لڳل هيون. سڄو معاملو نئون ۽ آئيڊيل ٿي لڳو. معلوم ٿيو تہ اتي وقت جي ريل جو وزير ڪا تازي وزٽ ڪري ويو آهي.
جڏهن ريل پليٽ فارم ڇڏيو تہ ٿوري دير کان پوءِ ريل جي دٻي واري غسل خاني مان ڪنھن جون رڙيون ٻڌڻ ۾ آيون. معلوم ٿيو تہ ڪو همراھہ اندر ڦاسي پيو آهي ۽ مٿس پاڻيءَ جي ٽانڪي ڪري پئي آهي. ايتري ۾ اسان جي ڀرواري سيٽ جي مٿان ستل همراھہ اوچتو ڪري پيو جو سيٽ جو زنجير ٽٽي پيو هو. لڳو ٿي هيءَ فلم ريلوي جي وزير صاحب کي ڏيکارڻ لاءِ تيار ڪئي وئي هئي.
”ڪھاڻي ملي وئي!“ ڀٽيءَ چيو ۽ اسان خيرپور ۾ لھي پياسون. ”وڃايل اٺ“ ”حنيف ڪاري جا عشق“ پنھنجي دوستن تي لکيائين پر اسان جي اڳيان عدم جي ننڊ ۾ هليو ويو، بلڪل سرمد شھيد جي هن شعر وانگر :
شور شد من از خواب عدم چشم ڪشو ديم
ديديم کہ باقـــي اســـت شــــب فتنہ غنو ديم

هند ياترا

وينا شرنگي هندسان ۾ سنڌي زبان جي پھرين جوڙ جي ليکڪا آهي. سندس ڪئين ڪتاب لکيل آهن، انتھائي جاکوڙي، ٻوليءَ سان محبت، وطن لاءِ حب ۽ سڀني کي گڏ ڪرڻ ۽ گڏ ڪري هلڻ سندس خوبيون آهن. هند ۽ سنڌ جي اديبن سان وينا جا هميشہ رابطا رهيا آهن. سندس اباڻو ڳوٺ شھدادڪوٽ آهي. وينا جو والد صاحب ڪو مھراج نالي شھدادڪوٽ جي مشھور شخصيت هو. مھراج جو اڌ خاندان دهليءَ ۾ ٿو رهي ۽ اڌ شھدادڪوٽ ۾، پاڻ مھراج ديھانت ڪري ويو آهي.
وينا، عورتن جي ”مارئي“ نالي هڪ ايسوسيئيشن ٺاهي آهي ان ”مارئي“ ايسوسيئيشن جي طرفان دهليءَ ۾ ڪئين ڪانفرنسون ڪوٺايون ويون آهن. نيٺ مان وينا جي قرب جي ڪوٺ تي دهليءَ لاءِ سنبريس. انھن ڏينھن ۾ انڊيا جو سفارتخانو ڪراچيءَ ۾ بہ هوندو، وينا اسان جي ويزا جو بندوبست ڪري ڇڏيو هو، سو سفارتخاني وارن فضيلت سان گهرائي ويزا هڻي ڏني. باقي اسان جا پاڪستاني ڀائر سفارخاني جي مڙني دروازن وٽ سادن ڪپڙن ۾ موجود هئا. سو فقط سنڌين جي ڪڍ ڊوڙندا ٿي وتيا. ”او ڀائو، هيڏانھن اچ، ڇو ٿو وڃين ڀارت، تون ڪير آن، “ وغيرہ جھڙا سوال پڇي نھايت بدفضيلتي نموني ستائيندا ٿي وتيا.
23 آڪٽوبر 1991ع تي پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز ذريعي دهليءَ لاءِ روانو ٿيس. ايئر پورٽ تي ڄام ساقي بہ مليو ۽ اهو بہ اوڏانھن ٿي ويو. مون کي ويزا فقط دهليءَ جي ملي هئي. سا بہ پوليس رپورٽنگ سان، يعني دهلي لھڻ شرط پوليس اسٽيشن وڃي اطلاع ڪرڻو هو تہ ”مان آيو آهيان.“ ڄام ساقيءَ کي سڄي هندستان گهمڻ جي اجازت هئي سا بہ بغير پوليس رپورٽنگ جي. اسان کي ايئرپورٽ تي وينا جو ڀاءُ راجو ۽ مس ائن آڏواڻي وٺڻ آيا هئا. اسان سان گڏ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي خاندان جون ڪي عورتون بہ لٿيون. مس آڏواڻي انھن کي پاڻ سان وٺي وئي. شيخ عبدالمجيد سنڌي هندوءَ مان مسلمان ٿيو هو ۽ مس آڏواڻي چواڻي هو سندس ”ڪزنس“ هيون. ڄام پوءِ ٻڌايو تہ هو هندستان ايندو ويندو هو ۽ وينا وٽ هميشہ ديرو ڄمائيندو هو. هونئن بہ ڄام جو ڳوٺ ٿر ۾ هندستان جي شھر ”ٻاڙمير“ جي سڏ پنڌ تي آهي.
اسان کان اڳ انعام، حميد سبزوئي ۽ ٻيا نوجوان اديب ۽ شاعر اتي پھتل هئا. وينا شرنگي، مارئيءَ جي معرفت ”شاھہ، شچل، سامي سيمينار ڪاٺايو هو. اسان ان ۾ شريڪ ٿيڻ وياسون. اسان کي وينا دهليءَ جي هڪ پوش علائقي ”اندر پوري“ ۾ هڪ خالي بنگلي ۾ رهايو. وينا جو گهر بہ ان جڳھہ جي ويجهو هو، وينا جو گهر چار سؤ والن تي ٺھيل هڪ ننڍو بنگلو هو جتي اسان رهياسون. اها هڪ ڪرسچن جي جڳھہ هئي. هن جو سمورو خاندان آسٽريليا هليو ويو هو. هو هي بنگلو وڪرو ڪرڻ لاءِ اڪيلو فقط چڍي ۽ چمپل ۾ ويٺو هو. سندس فقط هڪ سک دوست هو، جنھن سان ٻاهر ڪرسي وجهي ڪچھري بہ ڪندو هو ۽ اخبار بہ گڏجي پڙهندا هئا جيڪا اخبار واري کان ٿوري دير لاءِ اوڌاري وٺندا هئا ۽ بنا پئسي باخبر ٿي کيس موٽائي ڏيندا هئا. بنگلي جي مالڪ کي هڪ ٻي سھولت هئي تہ رستي واري پاسي کان هڪ ساوڪ جي ڪنڊ هئي، جنھن کي جهنگلو ڏنل هو ۽ ان جهنگلي کي هڪ ننڍو لوهي دروازو هو. هڪڙو سبزي وارو رات جو سبزي وارو ريڙهو ان جهنگلي ۾ واڙي زنجير هڻي ڇڏيندو ان ڳالھہ ڪري سبزي وارو هڪ ڏينھن جي سبزي مالڪ مڪان کي مفت ڏيندو هو. سومدا هن ڪرسچن جو نہ ڪپڙن جو خرچ هو نہ مانيءَ جو سندس بنگلي جو هُن چواڻي ان وقت ستر يا اسي لک کان مٿي ملھہ هيو، جيڪو هو وڪڻي آسٽريليا هليو ويندو، جتي سندس پٽ هن جو انتظار پيا ڪن.
ايتري ۾ هڪ ٻي فيملي بہ اتي اچي وئي. مرحوم پروفيسر محمد احمد ميمڻ حيدرآباد جي ڪنھن لا ڪاليج جو پرنسيپال بہ هو، هو بہ پنھنجي ڌيءَ ۽ ڏوهٽي سميت اچي لٿا، بنگلي جا چار ڪمرا هئا ۽ هڪ ڊرائينگ هال، ٻن ڪمرن ۾ کٽون هيون، باٿ رومن جو بہ حال ڪونہ هو، ڊرائينگ روم بلڪل خالي، حقيقت ۾ اهو بنگلو وڪامڻ لاءِ خالي هو. هي تہ وينا جي سڏايل سيمينار جي ڪري ڪجهہ ڏينھن لاءِ آباد ٿيو هو. سو ميمڻ صاحب وارن کي رهائش پسند ڪونہ آئي. سندس فرزند شايد پاڪستان جي پرڏيھي وزارت ۾ وڏي عھدي تي هو سو هن سندن انتظام دهليءَ جي ڪنھن سٺي ”هائوس“ ۾ ڪرايو. باقي بچيا ٽي ڇوڪرا، ڄام ۽ مان، سو اتي رهي پياسون. ماني وينا جي گهر وڃي کائيندا هئاسون.
سيمينار کان اڳ وينا اسان جي جشن واسواڻي سان ملائڻ وٺي وئي، ڪجهہ مھمان جتي اتم ۽ سندري بہ هئا جن کي دهليءَ جي پاليڪا سينٽر ۾ رهايو ويو هو. پاليڪا سينٽر ۾ هڪ هال جتي اجتماعي ماني جو بندوسبت هو، ان ۾ سؤ کان مٿي مھمان ماني کائي ٿي سگهيا، اتي مھمانن لاءِ رهائش جو جوڳو بندوبست هيو. هي ماڳ روڊ تي هيو، اهي سمورا مھمان گڏجي هڪ نئين ٺھيل هاءِ اسڪول پھتاسون. اسڪول تمام وڏو هيو، ٻڌايو ويو تہ ان اسڪول ۾ انگريزيءَ سان گڏ مادري زبان ۾ بہ لازمي تعليم ٿي ڏني وئي ۽ سنڌي مضمون کڻندڙ شاگرد کي في ۾ ڪافي رعايت مليل هئي. سنڌي هونئن بہ هندستان جي قومي زبانن مان هڪ آهي ۽ حڪومت پنھنجي بجيٽ ۾ جيترا هندي ۽ انگريزي لاءِ پئسا ٿي رکيا اوترا ئي سنڌيءَ لاءِ ٿي رکيا. هونئن تہ ڇڙو بمبئيءَ ۾ ڇھہ يا ست سنڌي ميڊيم هاءِ اسڪول هيا. پونو تہ ڄڻ سڄو ئي سنڌين جي حوالي هيو. جشن واسواڻي سنڌ مان ويل سنت گهراڻي جو معتبر شخص آهي. هنن پوني ۾ پنھنجي رهائش ڪئي آهي جتي سندن اسپتالون، اسڪول ۽ ٻين ڌرمي ڪمن جو سينٽر آهي. واسواڻي کي وڏي عزت مليل هئي. تعليم جي مرڪزي وزير ڪا محترم واسواڻيءَ جي عزت افزائي لاءِ آيل هئي. اسڪول ۾ اسان کي پري کان پير اگهاڙا ڪرايا ويا. اسان جا بوٽ اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي مان سان ورتا ۽ سنڀاريا.. شاگردن کي اسڪول جو يونيفارم مھريل هو ۽ هو وڏي ڊسيپلين سان قطارون ڪيون هر مھمان جو آڌر ڀاءُ پيا ڪن. شام جو پھر هيو، هڪ وڏي ميدان ۾ ننڍي اسٽيج ٺھيل هئي. جتي واسواڻي صاحب کي ليڪچر ڏيڻو هيو، اٽڪل ٻہ يا ٽي هزار ماڻھو اڇا ڪپڙا پھريل موجود هيا. طبلي ۽ هارمونيم تي ڇوڪرين ۽ ٻين عورتن اڇي رنگ جي ساڙهين ۾ ويٺي ڀڄن ۽ گيت ڳايا.
فرشي نشست هئي، سو اسان کي بہ ان اسٽيج جي ويجهو ويھاريو ويو. ڪجهہ وقت کان پوءِ جشن واسواڻي جن آيا ۽ ان جي تعظيم ۾ سڀ اٿي بيٺاسون. واسواڻي اسان کي هٿ ٻڌي پرنام ڪيو. هي هڪ نٻل ۽ منھن تي وڏي مرڪن ڀريل شخصيت آهي. سندس اکيون اندر ۾ پيھي وڃڻ واريون هيون. واسواڻي شاھہ لطيف جي ڪنھن سٽ کي کڻي پھريائين سنڌيءَ ۾ ۽ پوءِ هنديءَ ۾ ليڪچر ڏنو. چاليھہ منٽن جو ليڪچر هو ۽ پوءِ هو اسڪول جي اندر هليو ويو جتي اسان کي اڪيلو ملايو ويو. اهو ڄڻ اسان لاءِ وڏو اعزاز هيو.
ان کان پوءِ ٻي ڏينھن صبح جو دهليءَ جي انٽرنيشنل ڪلب ۾ ڏهين وڳي سيمينار شروع ٿيو. اها ڪلب گرائونڊ فلور تي هڪ وڏي عمارت آهي جنھن ۾ ڪيترا وڏا هال ٺھيل آهن. هر هڪ هال ۾ ڪي سياسي، ڪي سماجي، ڪي مذهبي گڏجاڻيون هلي رهيون هيون. اسان کي بہ هڪ هال مليل هو. هن عمارت جي چوڌاري ڪئين ايڪڙن تي باغ هيو جنھن ۾ مختلف لانن ۾ ڪي سياسي جلسا هلي رهيا هئا. ڪجهہ حڪومتي بہ هئا. سڀ پنھنجي پروگرامن مطابق پرامن طريقي ۽ سليقي سان ٿي هليا. نہ نعريبازي، نہ لٺبازي، وزير آيا ويا ٿي پر کين فقط اڇي ڪار جنھن تي سلڪي جهنڊو هيو، نہ پروٽوڪول نہ باڊي گارڊ، نہ وري ڪي سيڪيورٽي لاءِ ڪمپائونڊ پوليس سان وڪوڙيا ويا هئا. ائين پئي آيا ويا ڄڻ رواجي ماڻھو هجن. خود اسان جي سيمينار جي هر نشست ۾ هڪ وزير هوندو هو. نہ توتارا نہ نغارا. هتي تہ هنن اسان جي اڌ پوليس پروٽوڪول ۾ سيڙائي ڇڏي آهي. ان سيمينار ۾ اسان وينا جي چوڻ تي حڪومتي اهلڪارن کان آگگري، جئپور ۽ اجمير شريف وڃڻ جي اجازت ورتي جيڪا هنن بنا دير منظور ڪري ڇڏي ۽ پاسپورٽ وينا وٺي وئي ۽ پوليس رپورٽنگ ويزا هڻائي آئي.
ٽي ڏينھن سيمينار هليو. اسان روزانو منجهند جي ماني کائڻ پاليڪا سينٽر ويندا هئاسون، هڪڙي بس اسان کي کڻڻ ايندي هئي ۽ وري واپس وڃي سيمينار ۾ شريڪ ٿيندا هئاسين. رات جو وري ڪڏهن سٺي هوٽل ۾ يا ڪڏهن ڪنھن سنڌيءَ جي دعوت ۾ شريڪ ٿيندا هئاسون. اسان سان ميان غوث محمد پيرزادو ڪوٽڙي ڪبير وارو بہ پنھنجن ٻن مريدن سان گڏ هيو، اسان کي خبر نہ هئي تہ اسان سان گڏ راجسٿان جو هڪ هيلٿ منسٽر جيڪو سنڌي هيو ڪٺو هيو. همراھہ هڪ ٿيلھو هٿ ۾ کنيو ٿي هليو. آخري ڏينھن هن جي اڇي ڪار آئي جنھن ۾ هو چڙهيو، ”توهان ڇا ڪندا آهيون؟“ مون کانئس اچرج مان پڇيو. ”مان هيلٿ منسٽر آهيان.“ هن کلي ورندي ڏني. ” اچو تہ توهان کي راجسٿان گهمايان“ هن يار موٽ ۾ راجسٿان گهمڻ جي دعوت ڏني، پوءِ فضيلت سان ڀاڪر پائي موڪلائي هليو ويو.

هند ياترا (2)

چوڻ لاءِ تہ اهو چئي سگهجي ٿو تہ هندستان ۽ پاڪستان چوڏهين ۽ پندرهين آگسٽ 1947ع تي برٽش راڄ کان آزاد ٿيا پر حقيقت ۾ آزاد ان ملڪ کي چئي سگهجي ٿو جنھن جا اڳواڻ آزاد هجن ۽ آزاد ذهنيت رکڻ وارا هجن. هڪ پارليامينٽ جيڪا آزاد اليڪشن ڪميشن جي معرفت چونڊيل نمائندن تي مشتمل هجي، جيڪي صاف ۽ شفاف اليڪشن ذريعي چونڊجي آيا هجن. ائين هجي جنھن جو مڪمل احترام هجي ۽ هر ادارو ان تي عمل ڪري.
بھرحال هندستان پنھنجي گورنر جنرل مائونٽ بيٽن کي ويھاري پھريائين آئين ساز اسيمبلي جي معرفت آئين ٺاهي پاس ڪيو. ان آئين تي عمل ڪندي پارليامينٽ جي چونڊ ٿي ۽ حڪومت جوڙي وئي، صدر، وزيراعظم ۽ ڪابينا جوڙي وئي ۽ پھريون ڀيرو ڀارت هڪ جمھوري ملڪ جي صورت ۾ وجود هيٺ آيو. اهو مرحلو 26 جنوري 1950ع تي مڪمل ٿيو ۽ اڄ ڀارت ان ڏينھن کي ملھائي رهيو آهي ۽ ملڪ ان آئين تي هلي رهيو آهي.
هاڻي اچو پنھنجي پياري پاڪستان تي 14 آگسٽ 1947ع تي جناح صاحب گورنر جنرل ۽ لياقت علي خان وزيراعظم طور قسم کنيو. اڳ جي متحدہ هندستان ۾ 1947ع ڌاري چونڊون ڪرايون ويون هيون، ڀارت تہ آئين ٺاهي ڇڏيو پر اسان وٽ ٻيو دفعو آئين ساز اسيمبلي جون 1954ع ۾ چونڊون ٿيون. چوڌري غلام محمد گرونر جنرل پاڪستان ان اسيمبلي کي 1955ع ۾ ٽوڙي ڇڏيو، نون سالن کان پوءِ پھريون دفعو 1956ع ۾ آئين ٺھيو جنھن کي 1958ع ۾ مارشل لا هڻي ختم ڪيو ويو، وري 1973ع ۾ آئين ٺھيو جنھن کي 1977ع ۾ ختم ڪيو ويو.
جھاز ۾ مون ڄام ساقي کان پڇيو تہ هڪ ڪمائيندڙ وڪيل آهيان، جھاز جي دهليءَ لاءِ پنج هزار اوٽ موٽ ٽڪيٽ برداشت ٿو ڪري سگهان باقي ڄام پئسا ڪٿان آندا جو مون کي خبر آهي تہ اڪثر سياستدان صفا مولائي مڙس آهن. پوءِ بہ هو ڪڏهن آمريڪا، ڪڏهن روس، ڪڏهن چين ڪڏهن برطانيا، ڪڏهن سائوٿ آفريڪا ۽ ڀارت جا دورا ٿا ڪندا وتن. اهي پئسا ۽ خرچ پکا هو ڪٿان ٿا آڻين؟ ڄام ڪو خاطر خواھہ جواب ڪونہ ڏنو.
بھرحال جڏهن مان پھريون ڀيرو بمبئي ويو هئس تہ اهو 1983جو سن هو. پوءِ اتان پنجين ڏينھن سينگاپور ويو هئس. وري اتي چار ڏينھن رهي بئنڪاڪ ويس جتي فقط ٻہ ڏينھن رهي ڪري ڪراچي واپس آيو هئس. ان وقت ڊالر ساڍا نوَ رپيا هو. سينگاپور جي ٽيڪسي ۾ ٻہ رپيا پاڪستاني ٿي پيا ۽ وري بہ ٿائي هڪ پاڪستاني رپئي جي برابر هئا. وري جڏهن اٺين جولاءِ 1985ع تي لنڊن جي Heathro ايئرپورٽ تي لٿس تہ ڊالر ٻارهن رپيا پاڪستاني هو ۽ پائونڊ ويھہ روپين ۾ هو. دهلي مان 23 آڪٽوبر 1991ع تي پھتس تہ ڊالر پاڪستان ۾ ستاويھہ رپيا هو ۽ ڀارت ۾ ٽيھہ رپيا هو. پاڪستان جا سؤ رپيا هندستان ۾ هڪ سؤ ٽيويھين رپي ۾ ٿي مليا.
اسان کي سينگاپور، برطانيا وغيرہ لاءِ پاڪستان جي سرڪار هڪ هزار ڊالر کڻڻ جي اجازت ڏني هئي پر ڀارت لاءِ صرف پنجاھہ ڊالر کڻي وڃڻ جي اجازت هئي سو ايئرپورٽ دهليءَ تي ڄام ۽ مان جڏهن لٿاسون تہ مان اهي پنجاھہ ڊالر اسٽيٽ بئنڪ آف انڊيا جي ڪائونٽر تي کڻي ويس مٽائڻ. اتي بئنڪ وارن مون کي گذارش ڪئي تہ مان کين ٻہ انگريزي شراب جون بوتلون ڊيوٽي فري شاپ تان وٺي ڏيان. Wine shop ان بئنڪ جي ڪائونٽر سا ن گڏ هئي ۽ ان جو مالڪ بہ اها ٻڌي پيو. مون کي عجب آيو تہ هي ماڻھو ديسي شراب تہ جيترو وڻين وٺي پئي سگهيا پرڏيھي شراب هنن لاءِ ممڪن هو بھرحال مون کين انڪار ڪيو.
ان سيمينار ۾ هڪ شرماجي جيڪو گيڙو ساڙهي ۽ چاکڙي پاتل هو آيو ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ سٺي سنسڪرت ۾ تقرير ڪيائين. تقرير پوري ٿيڻ شرط سامعين سندس پيرن تي وڃي ڪريا. ڄام ۽ ميمڻ صاحب شرما جي پيرن تي ڄڻ سمھي پيا. مان اسٽيج جي سامھون ويٺو هئس. سو مان نہ اٿيس ۽ نہ وڃي شرما سان مليس. اسٽيج تان اعلان ٿيو تہ شرما جي منھنجي ملڻ لاءِ انتظار ۾ بيٺو آهي پر مان نہ اٿيس. ان تي شرما مائيڪ وٺي وري ڳالھائڻ شروع ٿي ويو، چي سنڌ مان آيل هڪ ڪوي پيشي جي لحاظ کان وڪيل آهي، سو مون تي ضرور ڳالھائي. نيٺ مون مائيڪ ورتومانس. مون چيو تہ ”شرما جي هڪ وڏو عالم آهي ۽ وڏي پائي جو مقرر آهي. اسان وٽ بہ نصيرالاجتھادي جھڙا عالم آهن جيڪي تمام سٺي تقرير ڪرڻ ڄاڻن. شرماجي سنسڪرت ۾ تقرير ڪئي آهي. باقي جيتري قدر پيرين پوڻ وارو معاملو آهي، سو سنسڪرت جي ماتر ڀومي سنڌ آهي جيڪا سنسڪرت جي ماءُ ۽ مان ان سرزمين تان آيو آهيان. سو مان ڇو پيرين پوان؟ اهو اپمان سنڌ جو ٿيندو.“ ان تي شرما جي ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ مون کي ڇڪي ڀاڪر پاتائين.
مون کي ٻڌايو ويو هو تہ ڀارت ۾ ٽوئرزم ڏاڍي منظم آهي، اسان کي وينا شھر جون خاص خاص جڳھيون گهمايون. دهلي هڪ وڏو شھر آهي. هندستان جي گادي جو هنڌ بہ آهي. وينا اسان سان هڪ ميمبر پارليامنٽ رامچندر جي ملايو، جنھن اسان جي پارليامينٽ هائوس دهليءَ جي ڪئنٽين ۾ دعوت بہ ڪئي ۽ پوءِ سڄو هائوس بہ گهمايو. پارليامينٽ جو سيڪريٽري جيڪو ڪنھن وڏي گريڊ ۾ هو اسان کي پاڻ وٺڻ آيو ۽ ان سان هن جو ڊپٽي بہ هو جنھن کي خاڪي ڪپڙي جو هڪ يونيفارم پيل هو. ٻنھي جو رنگ روپ ۽ ڪپڙا هڪ جھڙا هئا. ڪا خبر ڪانہ ٿي پئي تہ صاحب ڪھڙو آهي ۽ ڊپٽي ڪھڙو؟
اتان پارليامينٽ هائوس مان رامچندر جي مون کي ۽ ڄام کي هڪ ڳجهو اشارو ڪيو. اسان سندس گاڏيءَ ۾ چڙهي ويھي رهياسون. گاڏي وري ڇا هئي. هڪ ڀڳل پراڻو ڍانڍو هو جنھن کي پويان هُڊ ڏنل هو ۽ ٻہ بينچ سيٽون ۽ اڳيان هڪ ڊرائيور ۽ هڪ ٻي سيٽ هئي. پويان ٻہ تغاريون ۽ هڪ ڀاڻ جي ٻوري بہ رکيل هئي. رامچندر جي اڳيان ڊرائيور سان ويٺو. باقي مان ۽ ڄام پويان بينچن تي چنبڙي ويٺاسون. اسان ڪجهہ وقت کان پوءِ شھر کان پري هڪ وڏي ڪوٽ ڏنل عمارت وٽ اچي پھتاسون. ٻاهران وڏو گيٽ جتي چوڪيدار مقرر هئا اچي بيٺاسون. رامچندر جي اسان کي اندر وٺي وڃي هڪ ننڍي ڪمري ۾ ويھاريو. ڪمري ۾ انگريزن جي زماني جون نيٽ جون اوائلي ڪرسيون رکيون هيون.
ٿوري دير کان پوءِ هڪ اڌيڙ عمر وارو نٻيل ۽ ڏٻرو شخص گهر جي ڌوتل کاڌيءَ جي پنجابي شلوار قميص پھريل آيو. سندس ڏاڙهي ڪجهہ وٽيل ۽ وارو چوٽو ڪري ٻڌل ۽ خضاب ۾ ٻڏل هئا. خوش مزاج انسان هو. معلوم هو تہ ڀارت جو اڳوڻو صدر گياني ذيل سنگهہ آهي.
ٿوري دير کان پوءِ هڪ ڇڪي ۾ گلاس چانھہ جا آيا، جيڪا گهڻو ڪري اسٽيشننن تي ملندي آهي. گيانيءَ کي هي بنگلو رٽائرمينٽ جي ڪري سرڪاري طور مليل هو. گيانيءَ اول تہ اسان کي ٻڌايو تہ هو ڊکاڻڪي ڪندو هو ۽ منجون ٺاهيندو هو کيس انڌراگانڌيءَ سياست ۾ آندو ۽ مرتبي تي پھچايو. گيانيءَ اسان کي چيو تہ رامچندر جي کي بہ انڌرا گانڌيءَ وزير ٿيڻ لاءِ ڏاڍو ستايو پر هن نہ مڃيو ۽ هينئر وري کيس نرسمارائو بہ منٿ ڪندو ٿو رهي تہ پر رامچندر جي وزير ٿيڻ لاءِ تيار نہ آهي اسان رامچندر جي کان پڇيو تہ هو آخر ڇو وزير ٿيڻ لاءِ تيار نہ آهي؟ رامچندر جي فرمايو تہ کيس ٻہ ڀائيٽيا ۽ ٻہ پٽ آهن. ٻہ ڀاءَ جون نياڻيون ۽ ٻہ پنھنجون اٿس. هڪ ڀائيٽيو سندس سيڪريٽري ۽ ڊرائيور بہ آهي. هڪ ڀائيٽيو سورهن ايڪڙ زمين سنڀاليندو آهي. باقي موٽر سائيڪلن جي دڪان سندس ٻہ پُٽ سنڀاليندا آهن. سواري لاءِ کيس اها ٻاهر بيٺل ڍانڍو مليل آهي. هو ان زندگي مان مطمئن هو ۽ گهڻي خفي ۾ پوڻ نہ پئي چاهيائين.
مون کي ياد پيو تہ هڪ دفعي سڀني پارٽين ڪميونسٽ ليڊر جوتي باسوءَ کي ڀارت جو وزيراعظم ٿيڻ لاءِ ڏاڍا جتن ڪيا پر هن نہ مڃيو آخر جڏهن ڏٺائين تہ همراھہ ساڻس زوري ٿا ڪن تہ هن باٿ روم جي پوئين دروازي مان ڀڄي جان ڇڏائي ۽ وڃي ڪلڪتي نڪتو.
ڀارت جو مزاج الڳ آهي. اڳواڻ گهڻو ڪري مزدور، هاري، وچولي طبقي وارا عوامي، هڏڏوکي ۽ سادگي پسند آهن. پارٽي ڪارڪنن تمام سلجهليل، پڙهيل ۽ محنتي آهن. اسان سان بہ هڪ ڪانگريسي ڪارڪن رابطي ۾ هوندو هو. سادي کاڌيءَ جي ڊريس، پير ۾ چول، ننڍڙي ڏاڙهيءَ وارو ۽ سادو ٿيلھو بغل ۾ هئس. هر ڪنھن سان سڀاءُ سان پيش ٿي آيو، بغير ڪنھن غرور جي. هر وزير کان وزيراعظم تائين سندس رسائي هئي. هول ٽائمر هو. سندس پارٽيءَ طرفان سندس پگهار مقرر ٿيل هئي. کيس هڪ ننڍو گهر پارٽيءَ طرفان مليل هو. ٻارن جي پڙهائي جو ذمو بہ شايد پارٽي کنيو هو.
ڄام ۽ مان لڇمڻ ڪومل جي سڏ تي سندس گهر بہ وياسون. اهو گهر هڪ فليٽ تي هو جيڪو شھر کان ٻاهر حڪومت طرفان اديبن، شاعرن ۽ صحافين کي مليل آهن. قرة العين حيدر کان وٺي خوشونت سنگهہ ۽ ٻيا اديب جن جو معاوضو بہ مقرر ٿيل آهي انھن کي گهڻو ڪري مفت ۾ گهر مليل آهن. جن هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ هلائي انھن کي بہ ڪافي اعزاز ۽ پينشنون ٿيون ملن ۽ ڪافي سھولتون مليل آهن. انھن جا نالا انڊيا گيٽ تي اڪريل آهن ۽ چوويھہ ڪلاڪ ٽارچ ٻريل آهي ۽ ان تي گارڊ مقرر آهن.
گانڌيءَ، نھرو، اندرا ۽ سنجي جون سماڌيون آهن، جتي هزارن ۾ ماڻھو قطار ڪري گلن جي ورکا ڪندا آهن. ٽورسٽ بسون آهن، گائيڊ آهن، جيڪي قلعي کان قطب مينار تائين گهمائن ٿا. سرڪاري ۽ غير سرڪاري هر صوبي جا شاپنگ سينٽر آهن جتي ڀارتي ڇوڪريون رنگارنگي ساڙهيون پھري قاتلانہ مرڪن ۾ هر گراهڪ کي سستي ۽ سٺي شاپنگ جي ترغيب ڏينديون آهن.

هند ياترا (3)

سائين رٽائرڊ جسٽس ديدار حسين شاھہ منھنجو پراڻو مھربان آهي. سائينءَ سان سندس وڪالت جي دور کان منھنجي سلام دعا آهي. انتھائي مھربان ۽ ملنسار شخصيت آهي. سائين جڏهن سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر هو، تڏهن بہ مون سان رابطي ۾ هوندو هو. منھنجا ڪالم جڏهن هڪ سنڌي اخبار ۾ ڇپيا هئا تہ سائينءَ جو هر هفتي منھنجي هر هڪ ڪالم تي خط ذريعي تبصرو ملي ويندو هو، هينئر بہ سائينءَ جو هر هفتي ڪالم پڙهڻ کان پوءِ فون ايندو آهي. نھايت تعميري تبصرو ڪندو آهي. ساڻس هر هفتي فون ذريعي ملاقات بہ ٿيندي آهي، جوتي باسوءَ متعلق سائين ديدار شاھہ جو صحيح چوڻ آهي تہ جوتي باسوءَ کي جڏهن گڏيل پارٽين هندستان جو وزيراعظم ڪرڻ ٿي گهريو تہ هن ان ڪري انڪار ڪيو جو سندس ڪميونسٽ پارٽيءَ هندستان جي وزارتِ عظمى جو عھدو وٺڻ کان کيس منع ڪيو، ڀارت ۾ پارٽيون فيصلا ڪنديون آهن ۽ اهي سندن اڳواڻن کي مڃڻا پوندا آهن. اهو بلڪل صحيح آهي تہ جوتي باسوءَ بہ پارٽي فيصلي کي مڃيندي وزارتِ عظمى جو عھدو وٺڻ کان انڪار ڪيو. جوتي باسو پنجويھہ سال بنگال جو چونڊيل وزيرِ اعلى ٿي رهيو ۽ پوءِ سياست تان ئي رٽائر ٿي ويو.
اها بہ حقيقت آهي ڀارت ۾ پارٽيون عھدا وٺڻ بجاءِ عوا جي خدمت ڪرڻ کي اهميت ڏينديون آهن. پارٽي اڳواڻ نھايت سادگيءَ سان موٽرن تي گهمندا آهن. اسان وٽ اسي يا نوي لکن جي لينڊ ڪروزر ۽ مھانگي پرفيوم استعمال ڪندي وڏا بنگلا هٿ ڪرڻ ۾ ئي فخر محسوس ڪندا آهن. اهي سڀ شيون حاصل ڪرڻ خاطر همراھہ سدائين حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ مگن هوندا آهن. پارٽيون مٽائڻ بہ سندن لاءِ ننڍڙي ڳالھہ آهي. اسان جي ڳوٺ جي هڪ هوٽل جي بيري کي اسان هڪ وڏي سردار سان مقابلو ڪري کٽرايو. هينئر همراھہ وٽ محلات جھڙو گهر بہ آهي. گاڏيون بہ آهن اهي هن ان عھدي مان ڪمايا آن ۽ هن وقت تائين مزا ماڻيندو ٿو وتي. ڀارت ۾ سياسي پارٽين جا منشور ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ هوندا آهن ۽ هر دفعي جمھوري عمل تي هلڻ لاءِ جدوجھد ڪندا آهن. هتي شھرن جا رستا کنڊر، اسڪول تعليم کان وانجهيل، اسپتالون غريبن لاءِ قھر الاهي ۽ پوليس فرعونن جا ڳڙھہ آهن. دهلي تمام وڏو شھر آهي ۽ ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ پراڻي ٻي نئين دهلي نئين دهلي نھايت خوبصورت آهي ۽ پراڻي دهليءَ ۾ لال قلعو، جامع مسجد، چاندني چوڪ وغيرہ آهن. قطب مينار، همايون جو مقبرو، خواجہ نظام الدين اولياء جي احاطي ۾ امير خسرو جي مزار آهي. سون جي تعداد ۾ روزانو حاضرين ۽ عقيدتمند ايندا آهن. غالب تي ڪير بہ ڪونہ ويندو آهي. غالب جي مزار ۽ خواجہ نظام الدين جي وچ ۾ فقط هڪ گهٽي آهي خواجہ صاحب علاؤ الدين خلجي جي درٻار ۾ وڃڻ کان انڪار ڪيو ان ڪري کين بادشاھہ جو عتاب ڏسڻو پيو ۽ غالب سدائين بادشاھہ جي درٻار جي دروازن ڏانھن پيو نھاريندو هو، ان ڪري شايد اهو تواريخ سان گڏ پنھنجو فيصلو پاڻ لاءِ هن شعر ۾ لکي ڇڏيائون.
”غالب و ظيفه خوار هو، دو شاه کو دعا،
وه دن گئے کہتے تھے، نوکر نہیں ہوں میں
شايد اهو ئي سبب آهي جو اياز ۽ لطيف لاءِ بہ ساڳي صورتحال آهي. لطيف تي هزارين پانڌيئڙا سندس مزار تي ميلو مچايو ويٺا آهن ۽ اياز لاءِ اسان جي دوستن کي هر سال حيدرآباد مان وڃي گلن جي ورکا ڪرڻي ٿي پوي، اسان کي مذهب وارن جي جوڙايل هڪ بھائي نھايت خوبصورت سنگ مرمر جي عمارت ڪنول جي گل جيان ”لوٽس ٽيمپل Lotus Temple ڏيکاري وئي. انتھائي ڪشادي ۽ ڪيترين ايڪڙن ۾ ڦھليل خوبصورت باغ ۾ لائبريري وغيرہ عمارت ۾ هئي. اندر هڪ وڏو هال جنھن ۾ هر ماڻھو وڏي خاموشيءَ سان خدا کي دل ۾ ويھي ياد ڪري. چپ چپات ۾ هر ڪو پنھنجي من ۾ جهاتي بہ پائي ۽ پنھنجا ڪيل ڏوھہ بہ اکيون ٻوٽي ڏسي وٺي. ان ٽيمپل ۾ هر مذهب جي ماڻھوءَ کي وڃڻ جي اجازت هئي. هزارن جي تعداد ۾ ماڻھو ٻارن ٻچن سان موجود هئا. ڀارت ۾ سواءِ جامع مسجد جي باقي ٽڪيٽ وٺڻي ٿي پوي. جنھن مان انھن ماڳن کي سنڀالڻ جو خرچ نڪريو اچي. مارئيءَ وارن اسان لاءِ آگري، جئيپور ۽ اجمير لاءِ ويزا وٺي ڇڏي هئي. هڪ بس بہ ڪرائي تع وٺي ڇڏي هيائون. اسان جڏهن بہ دهلي ڇڏي تہ هريانہ صوبي جو بارڊر اچي ويو، جتي اسان جي بس کي روڪيو ويو، اتان جي حڪومت اسان کي پوليس جي مدد ۾ حفاظت سان گهمائڻ جو ضد ڪيو. وينا ۽ ٻيا عھديدار ڪافي بحث مباحثي کان پوءِ واپس آيا ۽ ٻڌايائون تہ هو پوليس مان جان ڇڏائي آيا. اسان جو خيال هو تہ هيڏي سفر لاءِ جيڪڏهن پوليس جي حفاظت ملي ها تہ بھتر هو ڇاڪاڻ جو اسان سان پاڪستاني خوبصورت عورتون سونن زيورن سان هليون هيون. اسان کي پاڪستان جي امن واري صورتحال خوفزده ڪري ڇڏيو هو. ڀارتي دوستن جو خيال هو تہ ڀارت هڪ پر امن ملڪ آهي. اهو ئي سبب آهي جو اتي سڄي دنيا جا سياح آزاديءَ سان سڄو ملڪ پيا گهمن. هنن چواڻي پوليس جي حفاظت ۾ اسان قيدي ٿي پئون ها جنھن جي ڪابہ ضرورت ڪانہ هئي.
اسان منجهند ڌاري آگري پھتاسون. آگري وارو لال قلعو ڏاڍو سنڀاريل ۽ خوبصورت آهي. ”اها جاءِ بہ ڏٺي سون جتي اورنگزيب بادشاھہ پنھنجي پيءُ شاھہ جھان کي قيد ڪري رکيو. ٻہ ننڍا ڪمرا جن مان هڪ رهائش لاءِ ٻيو غسل خانو ۽ هڪ ننڍي ڏهن ماڻھن لاءِ مسجد بہ هئي، دريءَ مان پري ٺھيل جمنا نديءَ جي ڪناري تي تاج محل بہ نظر ٿي آيو. هڪ ملان بادشاھہ اورنگزيب پنھنجي پيءُ کي قيد ڪري صوفي ڀاءُ دارا شڪوہ ۽ سرمد مست فقير کي شھيد ڪرايو هو. اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ڪئين روپ اختيار ڪيا هئائين. مذهبي ڪٽرپڻي سان ڀريل مولوين جي شريعت ڪورٽ بادشاھہ جي طرفداري ۾ فقير کي شھيد ڪرڻ لاءِ فتوى فروشي ڪئي هئي. معصوم جو گردن، مفتيءَ جي فتوى ۽ فوجيءَ جي تلوار هندستان جي زوال جي شروعات هئي، جنھن جي نتيجي ۾ ڀارت آخر ۾ بہ اڌ ٿيو ۽ مسلمانن کي وري سک نصيب نہ ٿيو، اڳتي ڇا ٿيندو اها خبر خاوند کي آهي.
تاج محل هڪ نھايت پروقار عمارت آهي. مون کان هڪ هم سفر ساٿياڻي منھنجي ڀر سان ويھي تاج محل ڏانھن نھاريندي ان بابت منھنجي راءِ معلوم ڪئي جنھن تي مون کيس وراڻيو تہ ”ساحر لڌيانوي تہ ڇا بہ چيو، پر منھنجي خيال ۾ هر ماڻھو پنھنجي محبوبہ لاءِ اهڙي عمارت جوڙائڻ جو خواب ضرور ڏسندو هوندو، پر هن وقت هتي تہ ڪاڻيون بہ سھڻعون ٿيون لڳن. تون تہ وڏي ڳالھہ آهين. ”جنھن تي هن وراڻيو. ” فتاح صاحب! هندستان ۾ جڏهن بادشاهن جو زالون گهڻا ٻار ڄڻڻ جي ڪري داين هٿان ٿي ميون، تڏهن يورپ ۾ جديد قسم جا ويم گهر تعمير ٿيا ۽ هي هتي تاج محل پيا جوڙائين، هڪ تاج محل جي قيمت مان سڄي هندستان ۾ ڪئين اسپتالون جوڙائي سگهجن ها ۽ لکين عورتون ائين نہ مرن ها. جيئن هڪ بادشاھہ جي راڻي مري وئي. ....... پر تاج محل جو ڇا ٿئي ها!“ مون وراڻيو. مون کي دارا شڪوہ جو سکر واري بکر جي قلءي ۾ لڪڻ ۽ وري اتان ڀڄي نڪرڻ ۽ ڍاڍر جي هڪ بي وفا بلوچ جو دارا شڪوہ جي تقدير جو اورنگزيب سان سودو ڪرڻ ۽ هن جي بيواهن مٿان اورنگزيب جي هوس گير نگاهون اکين اڳيان ڦري آيون ! تاج محل لال قلعي ۾ دفن ٿي ويو.
شھزادي زيب النساء اورنگزيب جي ڌيءَ جي سواري ان باھہ کان گذري جتي سرمد مٽيءَ جا گهر ويٺي ٺاهيا.
پڇيائين: ”ڇا ٿو ڪرين؟“ ”بادشاهن جا محلات ويٺو جوڙيان.“ سرمد وراڻيو.
”وڪڻندين ؟“ شھزاديءَ پڇيو،
هائو سرمد چيو،
”هڪ محلات جي گهڻي قيمت وٺندين؟“ شھزادي پڇيو. ”بيک سلفہ تمباڪو“ يعني (هڪ تماڪ جو سلفو) فقير چيو. شھزاديءَ هڪ سلفو تماڪ جو گهرائي ڏنس. سرمد سڄي آڱر سان ليڪو ڪڍي اتي لکي ڇڏيو ”من اين خلد بنام شھزادي زيب النساء بيک سلفہ تمباکو فرخت کردم“ چون ٿا تہ اورنگزيب خواب ۾ زيب النساء کي جنت جي هڪ محل ۾ ڏٺو پر هو پاڻ ان محل ۾ داخل ٿي نہ سگهيو. جڏهن سموري حقيقت معلوم ٿيس تہ پاڻ بہ وڃي سرمد وٽ پھتو ۽ کيس هڪ ٻي محلات جي طلب ڪئي. جنھن تي کيس فقير وراڻيو تہ اهڙي خريدو فروخت روز روز نہ ٿيندي آهي ۽ هو ڪڏهن بہ جنت ۾ وڃي نہ ٿو سگهي. ”اٿو هلون“، ”ڪيڏانھن؟“ ”جئيپور“ وينا مون کي تاج محل مان اٿاري اچي بس ۾ ويھاريو. آگري کان شام ڌاري جئيپور لاءِ روانا ٿياسون. سڄو رستو هڪ ريگستان مان ٿي گذريو ۽ گهڻو ڪري ويران هو. چانڊوڪي رات هئي جنھن سڄي بيابان تي ڄڻ کير ٿي هاريو. ڪٿي ڪٿي ڪو ڇپرو هوٽل هو اتي اسان چانھہ لاءِ لٿاسون. اسان جون همسفر پاڪستاني ڇوڪريون هيڏي آزاديءَ ۽ امن امان ڏسي ڇيڳريون ٿي لھي هيڏي هوڏي ويرانن ۾ گهمڻ ٿي هليون ويون. اسر ويل وڃي خاموش جئيپور ۾ لٿاسون. اسان لاءِ مانيءَ جو انتظام ٿيل هو. ڏينھن جو شھر گهميوسين. ڏاڍو وڻندڙ گلابي پٿر مان ٺھيل ترتيب سان صاف سٿرو ۽ ڏاڍو سھڻو شھر هو. سندس قلعا، محلات، بازاريون ڏسڻ وٽان آهن. روزانو هيرن ۽ جواهرن جو واپار ٿيندو آهي. سنڌين جي آدمشماري ٻہ يا اڍائي لک آهي. سڀ خوش ۽ خوشحال آهن. جسٽس ايسراڻي جيڪو اصل لاڙڪاڻي جو هو خاص طرح سان ملڻ آيو. ٻہ ڏينھن رهيا ڏاڍيون دعوتون ٿيون. هڪ مشاعرو بہ ٿيو، اتان اجمير شريف لاءِ روانا ٿياسون. شھر جبلن جي وچ ۾ آهي، اتي هڪ يونيورسٽي بہ آهي. سنڌي ۾ پي ايڇ ڊي ٿا ڪرائين. اتي بہ سنڌي ڪافي تعداد ۾ ٿا رهن. بزرگ خواجہ معين الدين چشتي غريب نواز جي زيارت بہ ڪئي سون. مون اتان ڪجهہ خريداري بہ ڪئي. ڪملا گوڪلاڻي جو قرب بہ ماڻيم.
شام ڌاري ساڳي بس ۾ چڙهي سڄي رات جو سفر ڪري صبح جو دهلي واپس آياسون. اسان جئيپور ۾ فيصلو ڪيو هو تہ دهلي ۾ ڪجهہ عرصو پنھنجي منھن وڃي ۽ پنھنجي خرچ سان رهنداسون. وينا ۽ مارئي وارن ڪافي بار کنيو هو، انھن کان الڳ رهڻ جو فيصلو ڪيوسين. صبح جو جيئن ئي دهلي پھتاسون تہ اتي اسان جي رهائش وٽ ٻہ ٽيڪسيون بيٺيون هيون. هڪ سندر داس نالي همراھہ ۽ ان سان حميد نالي ماڻھو بيٺو هو. اسان جو سامان کڻي پھاڙ گنج بازار ۾ هوٽل نمسڪار ۾ اچي رکيائون. اهو هوٽل ننڍو پر سٺو هو ۽ نيو دهلي ريلوي اسٽيشن جي ويجهو هو. سندر داس جي گهر جي لڳ هو. بعد ۾ معلوم ٿيو تہ سندر ۽ حميد هندستان جا جاسوس هئا ۽ اسان جي ڊيوٽيءَ تي لڳل هئا تڏهن سندر پنھنجي گهر سان لڳولڳ اسان کي اچي رهايو هو.

هند ياترا (4)

دهليءَ ۾ هڪ تہ هو سندر داس ۽ ٻيو هو حميد، اهي ٻئي هندستاني جاسوس کاتي جا ماڻھو هئا. حميد مسلمان هو پر هو هندستاني جاسوس. سندر ۽ حميد ٻئي پھريان جدا هئا پوءِ گڏ ٿي ويا. سندر هڪ سنڌي نوجوان هو، پنھنجي گهرواري گهٽيءَ ۾ هوٽل نمسڪارر ۾ اچي رهايائين. هوٽل نمسڪار دهليءَ جي مصروف بازار پھاڙ گنج جي علائقي ۾ هڪ سوڙهي گهٽيءَ ۾ هو. ان هوٽل جا ٻہ ڀائر مالڪ هئا. ٻنھي جا گهر هوٽل جي ٽئين ۽ چوٿين منزل تي هئا. وڏي ڀاءَ جو نالو سندر داس هو، ٻئي ڀائر لاهور پاڪستان جا رهاڪو هئا. هنن چواڻي ورهاڱي وارن فسادن ۾ هنن جو سمورو خاندان قتل ٿي ويو. گهر بہ سڙي ويا. سندن ڪجهہ عزيز پنھنجي جان بچائي ڀارت پھتا هئا. هنن هتي اچي ڪاروبار ڪيو ۽ هي ننڍو گيسٽ هائوس ٽائيپ هوٽل ٺاهي گذارو پيا ڪن. وڏي ڀاءَ سندر کي ڪابہ اولاد ڪانہ هئي. ننڍي کي اولاد هئي. ڪڏهن پاڻ ڪڏهن سندن زالون هوٽل جي ڪائونٽرز تي ويھنديون هيون. جن سان هنن ڀارت ۾ اچي شادي ڪئي هئي. ٻئي ڀائر نھايت قربائتا هئا.
مون کي ڪجهہ خريداري ڪرڻي هئي. وينا جي ماءُ ڏس ڏنوهيو تہ هڪڙا دڪان آهن جتي بارگيننگ ٿيندي آهي. ٻيا سرڪاري دڪان، هر هنڌ آهن ۽ اتي هڪ سرڪاري اگهہ مقرر آهي پر سندر هوٽل واري اسان جي وڏي مدد ڪئي، ٿي سگهي ٿو اها سھولت هر هوٽل تي هجي. سندر مون کي هڪ ڪارڊ ڏئي ”آهوجا“ وارن جي دڪان جو ڏس ڏنو ۽ چيائين تہ سندر جو ڪارڊ ڏيکارڻ سان ٽيھہ سيڪڙو رعايت ملندي ۽ اهو ٿيو بہ جڏهن ان دڪان تي پھتس تہ ڏٺم تہ دڪان تمام وڏو هو، مون کانئس بنارسي جوڙا چڪايا. دڪاندار اگهہ ٻڌايا ۽ پوءِ چيائين تہ مان پھريائين بازار مان ساڳي قسم جي جوڙن جا اگهہ پڇي اچان. مان بازار جي ٻين دڪانن تان وڃي ملھہ چڪايو، جيڪو گهڻو ڪري ساڳيو هو پر ڪٿي ڪٿي وڌيڪ بہ هو، مون اچي دڪاندار کي حقيقت ڪئي تہ سندس اگهہ مناسب آهن. پوءِ مون کيس هوٽل نمسڪار جي مالڪ سندر جو ڪارڊ ڏيکاريو. دڪان جو ملازم اهو ڪارڊ مالڪ ڏانھن کڻي ويو. سيٺ هڪ ڀريل جسم سان لھيم شھيم ۽ فل سوٽ ۾ هيو. ڪارڊ پڙهي ملازم کي چيائين تہ مقرر اگهہ کان ٽيھہ سيڪڙو گهٽ اگهہ وارا پئسا ورتا وڃن. مون کانئس ان ڳالھہ جو سبب پڇيو، هن وراڻيو تہ مان اها ڳالھہ سندر جي کان پڇان. جڏهن مون اها ماجرا سندر جي کان پڇي تہ هن وراڻيو تہ ”اسان پاڪستان مان لٽيل، ڀارت پھتاسون ۽ هتي ئي شاديون ڪيوسون. هندستاني هندو رواج مطابق ڪنوار وارا گهوٽ جي قيمت ڀري مال ۽ ملڪيت ڏئي خريد ڪري وٺندا آهن. پوءِ سڄي ڄمار ڄڻڪ زال جي اڳيان زير بار هوندا آهن، جي مايون وڙهيل تہ ڀائي بہ ڪونہ ڳالھائيندا. سو آهوجا وارا ۽ سندر داس وارا ويجها عزيز هئا. پر سندن زالون هڪ ٻئي سان وڙهيل هيون. ان ڪري هنن جي مردن جو سالن کان ميل ميلاپ ڪونہ هيو، سو هي ڪارڊ ۽ ٽيھہ سيڪڙو رعايت وارو عمل جو پاڻ ۾ تعلق قائم رکڻ جو ذريعو هو.
اهڙي ريت ڀڳت جيولرز تان مون ڪجهہ چانديءَ جو سامان خريد ڪيو، اهو بہ لاهوري پنجابي هو. اتي وينا جي ڀيڻ ساڻ هلي ۽ زيور وٺي ڏنائين. پاڪستان ۾ ٻاهرين ڪرنسي رکڻ ڏوھہ ڪونہ هو، پر ڀارت ۾ سنگين ڏوھہ هو، مون وٽ ڪجهہ ڊالر ۽ ڪجهہ پاڪستاني رپيا هئا. ڀڄن داس جو ڀاءُ ڀارتي ڏھہ هزار رپيا ڏئي ويو هو پر اڃا پئسا گهرجن پيا، سو ڀارت ۾ ڊالر ۽ پاڪستاني ڪرنسي ڪير بہ نہ پيو وٺي، نيٺ غوث محمد پيرزادہ مون کي جامع مسجد جي محلي ۾ وٺي ويو، جتي مسلمان اهو واپار کليو کلايو ڪندا آهن. مون پئسا مٽايا خريداري ڪئي.
وري سندر جي شھر گهمڻ لاءِ بس جون ٽڪيٽون گهرائي ڏنيون. صبح جو سوير بس ۾ چڙهي گهميوسين. سون جي تعداد ۾ ٽوئرسٽ بسون هيون جن تي گائيڊ بہ هئا انھن سڄو شھر ۽ مشھور ماڳ مڪان گهمايا. رعايتي خريداري جا دڪان بہ ڏسيا، منجهند جي ماني هڪ ڇپري هوٽل تي کاڌي سون. جتي ٻارهن رپين ۾ پيٽ ڀري کائڻ جي اجازت هئي. ماني ساڳي هئي جيڪا اڳ رام چندر جي پارليامينٽ هائوس ۾ کارائي هئي، يعني گوبي، دال، چانور ڦلڪا ۽ هڪ پاپڙ.
انٽرنيشنل ڪال ڏاڍي سستي ۽ هر هنڌ هئي. مڪمل هڪ ڌنڌو هيو، مون کي ٻڌايو ويو تہ جنھن نوجوان کي روزگار نہ ملي تہ هو پنجاھہ هزار رپيا سيڙائي انٽرنيشنل ڪال جو ڌنڌو کولي ويھي تہ حڪومت جي طرفان وڏيون رعايتون ملندس.
ڀارت ۾ هر ٻولي ۽ ان جي اديبن جي حڪومت ڀل ڪنھن جي بہ هجي سھائتا ڪئي ٿي وئي. سنڌي ادبي ڪانفرنسون ڪوٺائڻ وغيرہ ۾ حڪومت وڏي مدد ٿي ڪري. اديبن جو علاج، رهائش، روزگار جو خيال هڪجھڙائي سان حڪومت ٿي ڪري.
مسلمانن کي حج تي موڪلڻ ۾ حڪومت ڪافي رعايتون ۽ سبسڊيز ٿي ڏي ۽ اتي حج تي حاجين جي پرگهور لڌي ٿي وڃي، ڪوبہ وزير ڪابہ ڪميشن، رشوت وٺڻ بجاءِ حاجين جو مددگار آهي. سنڌي جيئن تہ قومي زبان آهي، سو حڪومت جي بجيٽ سنڌين جي کپائڻ کان مٿي آهي.
دهلي جي شھر ۾ جانورن ۽ پکين جي بيمارين جي علاج جون ڪيتريون ئي اسپتالون آهن. آرٽ اڪيڊمين جو تہ انت ئي ڪونہ آهي. ڪئين ڊپلوما ڪورس آهن، جھڙوڪ گائيڊ ٿيڻ لاءِ، ٽوئرزم ۾ نوڪري وٺڻ لاءِ ميوزڪ سکڻ ۽ سيکارڻ لاءِ نوجوانن جي روزگار جا ڪافي ذريعا آهن. امن امان تہ ايترو آهي جو مشرقي ۽ مغربي يورپ، آفريڪا ۽ ايشيا جا ڪئين ماڻھو سياحت لاءِ ٿا اچن. اڪيليون عورتون ڏينھن رات جهنگن ۽ جبلن ۾ اڌ اگهاڙين ڳچيءَ ۾ ڪيمرائون لڙڪايون ٿيون گهمن. انھن ڏانھن ڪوبہ ڪوجهي اک ڪونہ نھاريندا.
نوجوانن جي تفريح لاءِ ڊسڪو سينٽر آهن، سڄو ڏينھن ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا فوٽ پاٿن تي بيھي قسمين قسمين شيون وڪڻي شام جو گهڙي کن ڊسڪو تي هليا ٿا وڃن. اجايو وقت وڃائڻ ۽ بيروزگاري کان تنگ ٿي ڪو غير قانوني ڪم ڪرڻ کان تہ بھتر تفريح آهي.
ڄام وٽ پئسا گهٽ ها، سو هن کي ڏاڍي تڪليف هئي. آخر ۾ هو اسان کان اجمير ۾ جدا ٿي ويو ۽ ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ دهلي واپس آيو. وٽس ڀارتي ڪرنسي ۾ جام پئسا هئا. جيڪي هن چواڻي تہ هن جا جيسلمير ۾ ڪنھن ڏانھن پئسا رهيل هئا سو اتان هو قرض اڳاڙي آيو هو.
وينا جو ڀاءُ ڪو وڏو آفيسر هيو. ان هڪ رات اسان کي يعني مون ۽ ڄام کي پاڻ سان وٺي ويو. هڪ نئون سنگ مرمر مان جڙيل هوٽل هيو. اتي شام غزل ٿيندي. هوٽل ۾ سنگ مرمر مان جڙيل اڇون ٽيبلون هيون. سنگ مرمر جون ڪئبنون هيون، جن ۾ گهڻو ڪري پريمي جوڙا هئا. سامھون سنگ مرمر مان جڙيل اسٽيج هئي جنھن تي هڪ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري جگجيت جا غزل ڏاڍي سريلي آواز ۾ پيا ڳائين.
ڄام انھن ڏينھن ۾ سگريٽ ڇڪيندو هو. سو جيترو وقت اتي هياسون. ڄام جي کنگهہ رنگ ۾ ڀنگ ٿي لڳي. سڀ ماڻھو ڪنڌ ورائي پيا نھارين. هوٽل جي مالڪ ڪنھن سنڌي مائيءَ سان شادي ڪئي هئي. اسان سان اچي مھمان نوازي ڪرڻ لڳو. هن هڪ برانڊي جو وزن گرم پاڻيءَ ۾ ملائي ڄام کي پياريو، ڄام جي کنگهہ تہ بند ٿي وئي پر کيس نشو چڙهي ويو ۽ پوءِ جنھن طريقي سان هن روسي پرولتاري طريقي سان اٿي الرون ڪري داد ڏيڻ شروع ڪيو ان ڪري اسان جلدي هوٽل مان اٿي مٿي ڪئبري ڏسڻ لاءِ وياسون. اهو بہ ڄام جي مھربانين ڪري نہ ڏسي سگهياسون ۽ گهر هليا آياسون.
ڀارت ۾ هر ماڻھو کي ايم بي بي ايس پاس ڪرڻ کان پوءِ ميڊيڪل ايسوسيئيشن جو ميمبر ٿيڻ لاءِ وري امتحان ڏيڻو ٿو پوي، جيڪو شايد ايم بي بي ايس کان بہ ڏکيو آهي. ان کان سواءِ پريڪٽس نہ ٿو ڪري سگهي. ٻيو تہ ڪوبہ ڊاڪٽر سرڪاري توڙي خانگي ڪنھن بہ دوائن جي ڪمپني کان ڪابہ سوکڙي وغيرہ نہ ٿو وٺي سگهي، جي ثابت ٿيو تہ سندس ميمبرشپ رد ٿي سگهي ٿي. هتي ڏندن وارن، منجن وارن، سانڊي جي تيل وڪڻڻ تائين گهر ويٺي ڊاڪٽري پاس ڪيل، ريلن، بسن ۽ فوٽ پاٿن تي جيڪڏهن ڪو زهر بہ وڪڻي تہ کيس جهلڻ وارو ڪونہ آهي. اها ڳالھہ ڀارت ۾ نا ممڪن آهي. ڏياري هندستان جو وڏو ڏڻ آهي. وينا اسان جي پنھنجي گهر ۾ دعوت رکي بازارون چوويھہ ڪلاڪ کليل هيون اسان جو هوٽل بہ خالي ٿي ويو ميان صاحب وارا بہ ريل رستي پاڪستان هليا ويا. ڀارت ۾ جيتريون دوائون سستيون آهن. اوترو ئي ڪتاب بہ ڏاڍا سستا آهن. ميان غوث محمد ڪتابن جي وڏي خريداري ڪئي هئي سو سندس جھاز رستي وڃڻ مشڪل هيو. باقي مان ۽ ڄام هوٽل ۾ رهجي وياسون. صبح جو اسان جي فلائيٽ هئي. مون کي سندر هوٽل واري پنھنجي ڀاءَ جي ڌيءَ سان ملايو جنھن ڪنھن امتحان ۾ نرسمارائو پرائيم منسٽر ايوارڊ کٽيو هو. مون ان ڇوڪريءَ جي مٿي تي هٿ رکي کيس پنھنجي پارڪر پين ۽ هڪ مٺائي جو دٻو آڻي ڏنو هيو. وينا ڏانھن ويندي مون سندر جي کي هوٽل جو حساب شھر گهمڻ لاءِ ٽڪيٽن جا پئسا جيڪي بہ هوٽل ڀريا هئا. ڪجهہ ڪپڙا بہ ڌوئرايا هئا، هڪ چڪن چائومن گهرايو هيم، ان جو حساب ڪرڻ لاءِ چيم ۽ صبح جو ايئرپورٽ لاءِ ٽيڪسي بہ گهرائي هئي. ”سڀ ٿي ويندو، توهان فڪر نہ ڪريو“ اهو چئي هو لنوائي ويو. ”بابا اسان صبح جو پنجين وڳي اٿنداسون، ڇھين بجي روانا ٿينداسون، نائين بجي جي جھاز ۾ چڙهنداسون. هينئر وينا ڏانھن ٿا وڃون، سو حساب هينئر ڪري ڇڏ.“ سندر وري لنوايو. آخر ٻارهين هڪ وڳي رات جو اسان ٻئي وينا وٽان موٽياسون. پوري پنجين بجي سندر اسان کي در کڙڪائي اٿاريو، ڇھين بجي ٽيڪسي بہ آئي، سامان ٽيڪسي ۾ رکيو ويو. سندر مون کان پنجين ڏينھن جو ڪمري جو نہ ڪرايو ورتو ۽ نہ اڳيان خرچ ورتا. هٿان هٿ جوڙي پيرن تي جهڪي اکين ۾ قرب جا ڳوڙها آڻي چيائين، ”اوهين سنڌ جا ڪوي آهيو، توهان ۾ پرماتما آهي، اوهان اسان جي ڌيءَ جي مٿي تي هٿ رکي دعا ڏني، پنھنجي قلم ڏني، ڏياريءَ جي مٺائي ڏني، اسان کي سڀ ڪجهہ ملي ويو.“ اسان چپ ڪري ٽيڪسي ۾ ويھي ايئرپورٽ تي آياسون. معلوم ٿيو تہ ٽيڪسي واري کي ڪرايو بہ مليل هيو. مون ٽئگور جي ديس واسين کي نمسڪار ڪيو ۽ اهي يادگيريون کڻي هليو آيس. اڄ بہ ٽئگور جي پيرن کي وري چمڻ جي آس اٿم. ميان صاحب جيڪي ڪتاب آندا، اهي پاڪستاني صاحب هڪ هڪ ڪري اٿلايا ۽ ڪلاڪ کن جي پڇا کان پوءِ سندس جان ڇڏيائون، هنن بنا تفريق جي تہ اهي سمورا ديني ڪتاب ها، ڪتابن کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڦٽو ڪندا ويا. جيڪي ميان صاحب وارن ڌرتيءَ تان ميڙي وري بند ڪيا. هينئر هيري ٺڪر ۽ ٻين دوستن ڏاڍو چورايو آهي تہ مان جيڪر وري چڪر هڻي اچان پر همٿ ڪونہ ٿو ساريان. اڳ جيڪي ويجهڙائيءَ ۾ دوستن جا قافلا ڀارت ويا، انھن ۾ تہ منھنجي جڳھہ ڪونہ هئي ۽ يارن ڪوڙي صلاح بہ نہ هنئي پر تنھن هوندي بہ مان گذريل تجربي مان ڪافي پرائي آيو آهيان. خدا سڀني کي خوش رکي هو هت، اسين هت، اسان ڌرتي هوندي ڌاريا ٿي ويا آهيون. ٻنھي جي صورتحال ساڳي آهي، پنھنجي پنھنجي ڪئي جي ويٺا لوڙيون، پنھنجن کي وڻون ڪونہ پري وارن جا قرب ويٺا ساريون، جنھن قوم جا اديب ورهايل هجن، ان قوم کي ڇا چئجي!

هند ياترا (5)

ڀارت ۾ مذهبي ڪٽرپڻو يا لاتعلقي چئجي. مان ۽ ڄام هڪ دڪان تي پاڪستان پنھنجي گهرن ڏانھن، دهليءَ ۾ رهائش وقت ٽيليفون ڪرڻ وياسون. دڪان بڪالڪو هو وڏو ڀريل هو. ان جي دروازي تي ٽيليفون جو بوٿ هو. دڪان هڪ عورت جي ملڪيت هيو، اڌيڙ عمر واري مائي ۽ سندس سينڊي جھڙو نوجوان پٽ دڪان هلائي رهيا هئا. ٽيليفون بہ انھن جي ملڪيت هئي. اسان کين ٻڌايو تہ اسان پاڪستاني مسلمان آهيون ۽ فون ڪرڻ ٿي چاهي سون. مائي نھايت فضيلت سان پيش آئي ۽ پنجاھہ رپيا مون کان ۽ پنجاھہ رپيا ڄام ساقيءَ کان اڳواٽ ورتائين. پوءِ سندس پٽ اسان کي بوٿ جو تالو کولي اندر فون کولي نمبر ملائي ڏنو. بجاءِ جو هو ڇوڪرو ٻاهر نڪري بيھي ها، اسان جي مٿان بيھي رهيو ۽ مارڻي چور وانگي نھارڻ بہ لڳو ۽ اسان جي ڳالھہ ٻولھہ بہ ٻڌڻ لڳو. جيئن تہ اسان جي گفتگو سنڌيءَ ۾ هئي. سو جڏهن نہ سمجهي سگهيو تہ بوٿ مان نڪري ويو. منھنجا ڪل ستاويھہ رپيا لڳا. باقي پئسا مائيءَ منھن تي مرڪ آڻي موٽائي ڏنا. اهڙي ريت ڄام سان بہ ڇوڪري جي روش صحيح نہ هئي پر مائي خوش اخلاقيءَ سان پيش ٿي آئي.
ڄام کي مس مس ڪٿان آمريڪي ڊالر هٿ آيا، سو هو سوناري جي دڪان تي وياسون ۽ حقيقت ڪئي سون تہ اسان کي ڊالر مٽائڻا هئا. هو ويچارو شريف ماڻھو هيو. پاڻ راجا بازار راولپنڊي پاڪستان جو هيو. جڏهن معلوم ٿيس تہ اسان پاڪستاني مسلمان آهيون، سو آڌرڀاءُ ڪندي پٽ کي چانھہ آڻڻ لاءِ چيائين. ڇوڪرو اسان کي نفرت سان نھاريندي چانھہ وٺڻ ويو، ان سوناري ٻڌايو تہ ورهاڱي وقت راولپنڊيءَ ۾ ڏاڍو قتلام ٿيو ۽ هن جو خاندان بہ ختم ٿي ويو. هو اڪيلو اتان پنھنجي ڀاءَ سان ڀڄي اچي ڀارت پھتو. هتي هن ٻي شادي ڪئي ۽ هي ڇوڪرو ان ڀارتي مائيءَ مان ڄاول هو. هن پنھنجي ڀاءَ جي ايڊريس ڏني. جيڪو ڪافي پري هو. ان وٽ پڇائي پھتاسون. هن يار وٽ بہ ساڳي ڪھاڻي هئي، هن جا پٽ بہ خراب نظرن سان ٿي پيش آيا. جڏهن هتي بہ هڪ سؤ ڊالر نہ مٽيو تہ وري اسان کي هڪ ٽريولنگ ايجنسي ڏانھن موڪليو ويو، اها هڪ سک نوجوان جي هئي. هن ڊالر تہ نہ ورتا باقي پاڪستاني ڪرنسي وٺن لاءِ تيار ٿي ويو ڇاڪاڻ جو سک پاڪستان ۾ ايندا رهن ٿا.
ميان غوث محمد کي ڪتاب وٺڻ جي ڏاڍي لڳل هئي سي بہ اسلامي ۽ ديني ڪتاب. ڏس مليو تہ جامع مسجد وٽ اهڙا ڪافي دڪان آهن، جڏهن اتي پھتاسون تہ دڪان بہ هئا ۽ دڪاندار بہ ها ۽ مسلمان هئا پر جڏهن کين خبر پئي تہ اسان پاڪستاني مسلمان آهيون تہ پري منھن ڪري اشارو ڪيائون تہ اسان اتان هليا وڃون. اسان پاڪستانين هندستان ۾ رهندڙ مسلمانن لاءِ ڪافي مصيبتون آنديون آهن. ٻہ يا ٽي جنگيون ”بھارت کو کچل دو“ جا نعرا ۽ روز اسان جي ليڊرن جون اجايون نفرت سان ڀريل بيان بازيون.... هندستاني مسلمان اتي ڄڻ هڪ گهمندڙ ڦرندڙ پاڪستان آهي.
مان ۽ ڄام جڏهن گياني ذيل سنگهہ سان مليا هئاسين تہ گيانيءَ ڄام کان پڇيو تہ آيا پاڪستان هندستان سان ڪشمير جي جنگ ڪندو؟ پاڪستاني عوام ڇا جنگ جي حق ۾ آهي؟ ڄام کيس ورندي ڏني تہ پاڪستان يا پاڪستاني عوام ڀارت سان جنگ نہ ٿو چاهي البتہ ڪشمير جي آزادي سڀ چاهين ٿا. باقي جڏهن تہ هي آزاديءَ جو دور آهي ۽ سموري دنيا آزاديءَ جي تحريڪن جي حمايت ڪري ٿي. روسي رياستون آزاد ٿي ويون. بوسنيا آزاد ٿي وئي. انڊونيشيا بہ ٽٽي ويو تہ باقي ڀارت ڪشمير کي ڇو دٻايو ويٺو آهي. ان تي گياني ذيل سنگهہ جيڪو جواب ڏنو سو هن ريت هو. ”اوهان بلڪل سچ ٿا چئو. ڀارت کي ڪوبہ حق ڪونہ آهي. ڀارت ناحق تي آهي ۽ زبردستي ڪشمير تي قبضو ڪيون ويٺو آهي. ڪشميرين کي پنھنجي مرضيءَ مطابق آزادي ملڻ گهرجي پر اها ڳالھہ توهان سان هن بند ڪمري ۾ ڪري سگهان ٿو، ڪمري کان ٻاهر ڪنھن کي بہ همٿ نہ آهي جو حق سچ ڳالھائي سگهي. ليڊرن سڄو وقت ڪشميرين جي لاشن تي سياست ڪئي آهي. ڪنھن کي پئي آهي جو پنھنجي سياسي مستقبل ۽ پنھنجي جان داءَ تي هڻي.“
اسان کي قطب مينار گهمايو ويو. اتي قطب الدين ايبڪ ۽ التمش جون قبرون هيون. قطب مينار بند هيو، ڇاڪاڻ جو اتان ڪنھن ناڪام عاشق ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي هئي. باقي علاؤالدين خلجي جي قبر بہ ان احاطي ۾ هئي. مقبري جي ڇت ڀڳل ۽ قبر زبون حالت ۾ هئي. ساڍا ست لک فوج سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ موڪلي هيائين. دودي سومري وڙهندي جان ڏني هئي. جکري ابڙي جي جوڌن ننگن جي سام جهلي هئي. روپا ماڙي اڄ بہ انھن للڪارن، دانھن ۽ رت سان ريٽيل هئي. چنيسر سنڌ تي وٺي آيو هوس. دهليءَ جي صوفي درويش خواجا نظام الدين اولياءَ کي درٻار ۾ پيش ٿيڻ لاءِ حڪم ڪيو هيائين. درويش پاڻ تہ ڪونہ ويو باقي پنھنجي جتي موڪلي هيائين. امير خسرو کي جڏهن اها خبر پئي تہ فقير پاڻ وڃن بدران درٻار ۾ پنھنجي جتي موڪلي آهي. سو هو ڪابل مان طوفان وانگي اچي دهليءَ ۾ پھتو ۽ فقير کي هن ظالم بادشاھہ جي عتاب کان بچائڻ لاءِ درٻار ۾ وڃي ڏاڍيان چوڻ لڳو تہ ”بادشاھہ ! اڄ هتي مون کي منھنجي مرشد جي خوشبوءِ اچي رهي آهي.“ ايتري ۾ بادشاھہ آڏو خواجہ نظام الدين جي جتي اچي رکيائون. امير خسرو اها جتي هڪدم کڻي پنھنجي اکين تي رکي، چوڻ لڳو”ڏسو! مون نہ چيو تہ مون کي منھنجي مرشد جي خوشبو هن درٻار ۾ اچي رهي آهي.“ بادشاھہ ڳالھہ سمجهي ويو تہ فقير علاؤ الدين کان نفرت ڪري ٿو ۽ حڪم عدولي ڪرڻ جي همٿ بہ ڌاري ٿو، سو حڪم ڪيائين تہ فقير کي درگاھہ کان ٻاهر نڪرڻ نہ ڏنو وڃي.
روايت آهي تہ علاؤالدين پنھنجي مامي کي قتل ڪرائي ان جو گوشت پنھنجي ماءُ کي زبردستي کارايو هو.
وينا مون کي ۽ ميان غوث محمد پيرزادي کي آل انڊيا ريڊيو دهلي بہ وٺي وئي. ريڊيو اسٽيشن ڏاڍي وڏي ۽ هڪ اوائلي مغليہ دور جي ڏاڍي سھڻي عمارت ۾ آهي. اسان کي بغير ڪنھن تلاشيءَ جي وٺي وڃي هڪ اسٽوڊيو ۾ ويھاري وينا گم ٿي وئي ۽ اسٽوڊيو جي مشينري وغيرہ بہ اسان جي حوالي هئي. ٿوري دير کان پوءِ وينا اچي وئي ۽ اسان جو انٽرويو رڪارڊ ٿيو.
اسان دهلي پريس ڪلب ۾ هڪ پريس ڪانفرنس بہ ڪئي، اتي پريس ڪلب ۾ يا جئيپور ۾ پريس وارن اسان کان گهڻو ڪري هند مان پاڪستان ويل، خاص طرح سان سنڌ ۾ آيل ڀارتي مسلمانن سان اسان جي ڪيل ظلمن متعلق ڏاڍو پڇاڻو ٿي ڪيو. آخر ۾ پاڪستان جي طرفان ڀارت تي متوقع حملي جي بہ ڏاڍي پڇا هئي. مون تہ ڄام ڏانھن اشارو ڪري کين جواب ڏنو تہ ” مان تہ هڪ شاعر آهيان ۽ ٻنھي ديسن جي وچ ۾ پيار جي پُل ٺاهڻ آيو آهيان. باقي جنگيون سياستدانن مڙهيون آهن، تنھن هوندي بہ مون سان هڪ سياستدان آيو آهي. وڌيڪ ان کان پڇو.“
دهليءَ واري سيمينار ۾ سوالن جوابن جو بہ هڪ سيشن ٿيو، ان ۾ هڪ نوجوان اٿي بيٺو، سوال ڪيائين تہ ”مان سنڌ مان آيل هڪ سنڌي خاندان سان تعلق ٿو رکان. مان هت ڀارت ۾ ڄائو آهيان. مون کي سنڌي سمجهہ ۾ اچي ٿي پر لکي پڙهي ۽ ڳالھائي نہ ٿو سگهان. اوهان هڪ سوال جو جواب ڏيو تہ سنڌ مان اوهان جي وفد ۾ گهڻا هندو آيا آهن ۽ ڪيترا مسلمان؟“ اسان کيس جواب ڏنو تہ ”ڇوڪرا! تنھنجي هن هڪ سوال هندستان کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي، اڃان توکي ڇا کپي؟“
ڀارت ۾ هڪ پيڙهي اها آهي تہ جن ڀارت ۾ فساد ڏٺا ۽ تقسيم ڏٺي. هڪڙن لڏپلاڻ ڪئي، جيڪي سنڌي هتان لڏي ويا اهي تہ سنڌ کي ياد رکيو ويٺا آهن. ٻيا جيڪي اتي ڄاوا، پڙهيا ۽ پليا آهن، انھن کي اهي ڪھاڻيون ٻڌايون ويون آهن تہ سندن وڏڙن کي سنڌ واسين وڏا ظلم ڪري سندن ملڪيتون ۽ عزتون لٽي ڌڪي ڪڍيو ۽ کين ڀارت پناھہ ڏني. ان ڪري هنن جي نوجوان پيڙهي اسان کان نفرت ٿي ڪري، نفرت بہ ڪري ٿي ۽ هو لا تعلق بہ آهي.
سنڌي هندن کي ڀارت ۾ ڪابہ جائداد نہ ملي. هتي ڪوبہ ڪليم نہ ورتو ويو، هو هتي محلات ڇڏي ويا، دڪان، زمينون ۽ ڪارخانا ڦٽي ڪري هليا ويا پر هندستان ۾ سنڌين کي ڪجهہ بہ نہ مليو. ڇاڪاڻ جو ڀارتي مسلمان جيڪي پاڪستان ۾ آيا، انھن وٽ ڀارت ۾ ڪابہ جائداد ڪانہ هئي جيڪا اهي اتي ڇڏي آيا هجن، جيڪا سنڌين کي ملي ها، سو سنڌين کي ڀارت ۾ پنھنجي محنت سان سڀ ڪجهہ ڪرڻو پيو، گهر بہ هن کي پنھنجي محنت سان ٺاهڻا پيا ۽ روزگار جا ذريعا بہ پاڻ هٿ ڪيائون. باقي اتان جي سياستدانن سستا گهر ٺاهي قسطن تي کين وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي. اسان جي تاريخ سڄي جنگين ۽ نفرتن سان ڀري پئي آهي. انھن ۾ گهڻيون جنگيون مذهب جي ڪري وڙهيون ويون آهن. رت جا درياءَ ڀريا پيا آهن. ڪنھن ڪنھن جا ڳوڙها ڪونہ اگهيا آهن. هر ڪنھن پنھنجا ڳوڙها پاڻ اگهي اڳتي قدم وڌايو آهي ۽ پٺتي ڪونہ نھاريو آهي. اها ئي هڪ سنئين سڌي راھہ آهي تہ ماضيءَ جي اکين ۾ نھارڻ بجاءِ آئيندي ۾ اک اڙائجي. شايد منزل ملي وڃي. دهلي جي لال قلعي ۾ روزانو شام ڌاري هڪ شو ٿيندو آهي. ڏھہ رپيا ٽڪيٽ هئي. هڪ ڪلاڪ هنديءَ ۾، هڪ ڪلاڪ انگريزيءَ ۾، ڪل ٻہ سؤ ماڻھن جي لاءِ اندر هڪ پليٽ فارم تي ڪرسيون رکيل هيون. سج لھڻ شرط سڄي قلعي جي ارادي جي هڪ هال ديوان خاص، ديوان عام، زنانہ خانہ وغيرہ ۾ هلڪيون روشنيون ٿي ويون. ڊيڪ ۽ ان جا اسٽيريو اسپيڪر سموري قلعي جي مک هنڌن تي رکيل هئا. اوچتو هندستان سامعين سان مخاطب ٿيو ۽ ”هندستان جي ڪھاڻي ان جي زباني“ شروع ٿي. اوچتو تيمور لنگ جي فوجن جو حملو ٿيو. پوءِ بابر هندستان فتح ڪيو، گهوڙن جو ٽاپون، هاٿين جا آواز اسان جي ڀرسان اچڻ لڳا. پوءِ همايون جو دور آيو، شير شاھہ سوريءَ جو همايون کي هندستان مان شڪست ڏئي ڀڄائي ڪڍڻ، وري شير شاھہ جي شڪست ۽ وري همايون جو واپس اچڻ، اڪبر جو دور، جشن نوروز، محلات ۾ ايراني، افغاني، ترڪ ۽ هندستاني نارين جون مستيون ۽ ٽھڪ، دلربايون ۽ دلبريون، شھزادن سان مستيون، عشق ۽ الھڙ پن جون ڪيئي ڪھاڻيون، جھانگيري داستان ۽ گيت ٻڌڻ ۾ آيا. شاھجھان، اورنگزيب ۽ دارا شڪوہ جي بادشاهي تي اقتداري جنگ ٿي. پنجاھہ سال اورنگزيب مرهٽن ۽ ٻين باغين کي هاٿين هيٺان ڏيندو رهيو. آخر ۾ محمد شاھہ جون شراب ۾ ٻڏل چاندني چوڪ جي رٺل طوائف کي منٿون ۽ ان جي پرچڻ لاءِ شرط تہ بادشاھہ سندس سوڙهي ڏاڪڻ مان هن جي ڀاءَ جي لانگ مان لنگهندو، هڪ ٻانھيءَ کي قلعي ۾ رهائيندو، طوائف سان نڪاح ڪندو، سندس ڀاءُ کي ملتان جو حاڪم مقرر ڪندو. بادشاھہ اهي سمورا شرط قبول ٿو ڪري، نادر شاھہ جو هندستان تي حملو ڪرڻ ۽ قبضو ڪرڻ، هڪ ڪبوتر جي ڳالھہ تي نادر شاھہ ٽي ڏينھن دهليءَ ۾ وڏو قتل عام ڪيو. محمد شاھہ پاڻ مٿي تي ڪلام پاڪ کڻي نادر شاھہ کان خونريزي ختم ڪرائي. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ معرفت انگريزن جو هندستان تي قبضو ڪرڻ، پوءِ آزاديءَ جو تحريڪون 1857ع ۾ آخر ۾ هندستان جو آزاد ٿيڻ، پاڪستان ٺھڻ تائين جا منظر اهڙي طرح سان ادا ڪيا ويا، ڄڻ هڪ فلم ٿي هلي، ان کي LIGHT AND SOUND SHOW جي نالي سان سڏيو ٿي ويو. هڪ ڪلاڪ ۾ سڄي صدين جي تاريخ ڏسڻ کان پوءِ بي خبر ۽ با خبر گم سم ٿي گهر آياسون.

هندستان ڏانھن اڏام

18 مارچ 1983ع تي جڏهن بمبئيءَ جي سانتاڪروز ايئرپورٽ تي پنھنجي گهرواريءَ سان انڊين ايئر لائينز ذريعي پھتم تہ اهو منھنجو پاڪستان کان ٻاهر وڃڻ جو پھريون تجربو هو. ڪئين انديشا ۽ وسوسا وڪوڙي ويا هئا. اڻ ڏٺو ڏيھہ، ڪو واقفڪار بہ ڪونہ هو. اديبن سان ڪي خاص واقفيتون ڪونہ هيون. سرڪيءَ کان ايڊريسون ۽ فون نمبر وٺي ڇڏيا هئا. هندستان ۽ پاڪستان جي قانون مطابق مون کي 24 ڪلاڪن اندر پوليس ۾ رپورٽ ڪرائڻي هئي. ويزا بہ فقط هڪ شھر بمبئي جي مليل هئي. رهڻو بہ ڪنھن ڀارتيءَ وٽ هو جنھن جي ايڊريس ويزا وٺڻ وقت ڀارتي ڪائونسل خاني کي ڏئي ڇڏي هيم. وري جھاز ۾ نوان فارم ڀرايا ويا هئا. جنھن ۾ اهو ٻڌائڻو هو تہ بمبئيءَ ۾ ڪنھن وٽ وڃي رهندا وغيرہ وغيرہ. اتي بمبئي پوليس هيڊڪوارٽر تي وڃڻو هو. رستي ۾ ڪئين جهوپڙ پٽيون هيون، جن ۾ ڪيترا اڌ اگهاڙا مرد ۽ عورتون رهيل هيا. فوٽ پاٿ سان لڳل ڪي کوليون بہ هيون جن ۾ جيڪڏهن ماڻھو سنڌو ٿي سمھي تہ شايد سندس ٽنگون ٻاهر هجن. رنگ جا گهڻو ڪري سانورا ۽ مايون بي مزي، سڪل ۽ نٻل. اوچتو هڪ هنڌ ٽريفڪ بلاڪ ٿي وئي. ٽئڪسي وارونھايت هوريان هلڻ لڳو. سون ۾ ڀارت جون ٺھيل ننڍيون گاڏيون هوريان هوريان هلڻ لڳيون. هونئن بہ بمبئيءَ ۾ مکين وانگر ماڻھو ماڻھو ۾ اٽڪيل آهي.بسون ۽ ريليون ڀريل، ماڻھو ڳاهٽ پيا ٿيندا. پيدل وڃڻ وارا ان کان الڳ بمبئي هڪ مستطيل ٻيٽ آهي. ٽن پاسن کان سمنڊ اٿس. غربت ڏاڍي آهي. مھاراشٽر صوبي جي گادي جو هنڌ آهي. ٽريفڪ جام جو سبب هڪ مسجد هيو، اتي وچ رستي تي هڪ ننڍي مسجد ٺھيل آهي. روڊ ان جاءِ تي سوڙهو ٿي ٿو وڃي. اهو ڀونڊي بازار جو علائقو هو. جتي مسلمانن جي اڪثريت آهي. علامہ دائود پوٽي جنھن جڳھہ ۾ رهي بي اي پاس ڪئي هئي، اها بہ اتي آهي. مسلمان عورتن پراڻن برقعن سان ۽ مردن پراڻين شيروانين سان مسلمانن جي هيڻي حال جي واضح نشاندهي ٿي ڪئي. اڪثر عيد جي موقعي تي اتي هندو مسلمان فساد ٿيندا رهندا آهن.
پوليس هيڊڪوارٽر تي جتي اسان کي رپورٽ ڪرڻي هئي، اتي پاڪستاني قطار ڪيو بيٺا هئا. چڱي وڏي قطار هئي. هر ڪنھن جي هٿ ۾ پاڪستاني پاسپورٽ هو. اندر وڏو هال هو جتي ڪنھن ڪلارڪ پاسپورٽ جي ڪنھن رجسٽر ۾ داخلا رکي ٺپو هڻي اندر ڪمري ۾ ويٺل پوليس انسپيڪٽر ڏانھن صحيح لاءِ ٿي موڪليو. جنھن پاسپورٽ تي صحيح ڪري پاسپورٽ واپس ٿي ڏنو. اهو ساڳيو طريقو جڏهن بمبئي ڇڏجي تہ ڪرڻو هيو تہ هينئر بمبئي کي ڇڏي وڃون ٿا. مون کي ٻڌايو ويو تہ جيڪڏهن مان هر هڪ پاسپورٽ ۾ پنج رپيا وجهي پٽيوالي کي پاسپورٽ حوالي ڪيان تہ جلدي بہ ٿي ويندي ۽ قطار ۾ بہ نہ بيھڻو پوندو. مون جڏهن اندر ويٺل صاحب ڏانھن نھاريو تہ هو هڪ ٽن ستارن وارو پوليس انسپيڪٽر هو. مون سوچيو تہ پنج رپيا بہ ڪا رشوت آهي؟ سا بہ هيڏي وڏي صاحب لاءِ؟ سو ڏهين ڏيھن جا ٻہ نوٽ وجهي پاسپورٽ پٽيوالي کي ڏنم. انسپيڪٽر ايترو تہ خوش ٿيو جو هن ذري گهٽ چانھہ جو آرڊر ٿي ڏنو. رشوت ڀارت ۾ بہ آهي پر تمام نہ جھڙي، ۽ اها بليڪ ميلنگ يا داداگيري واري طريقي سان نہ ٿي ورتي وڃي ٿي ڪم قانون مطابق ٿيندو. صاحب جو آواز دٻيل ۽ عوام جو وڌيل آهي. ڪنھن کي مجال نہ آهي جو ڪو ڪنھن سان ناجائزي ڪري، سياسي ڪارڪن هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ لاءِ بي پھچ جي مدد ڪرڻ ۾ مگن لڳا پيا آهن، جي ڪنھن جي مرضي پوي تہ ڏھہ ويھہ رپيا خرچي ڏئي ڇڏي نہ تہ بس، انھن ڏينھن ۾ بمبئيءَ ۾ سبزيءَ جو اگهہ گهڻو ڪري ڏھہ رپيا هو. اڪثر ماڻھو سبزي خور آهن. بمبئيءَ جي فليٽن ۾ ننڍا ڪٽنب آهن، نوجوان شاديءَ کان پوءِ پنھنجي فليٽن ۾ پيءُ ماءُ کان جدا ٿا رهن. جيڪڏهن ڪنھن کي ڏھہ رپيا بہ مليا تہ ڪلوسبزي جو ملي ويو، جيڪو هن لاءِ ڪافي آهي. يورپ وانگر صبح جو کير جي بوتل هر فليٽ جي در تي پھچي ويندي، اخبار بہ سستي، اردو اخبار بنھہ ڪانہ آهي. ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن بہ سستي آهي. ڪابہ خانگي بس نہ آهي. ٽوئرزم ڊپارٽمنٽ جي طرفان گائڊيڊ بسون آهن. سڄي بمئي گهمي سون. شيوا جي پارڪ، ميوزم، هيگنگ گارڊن، گيٽ وي آف انڊيا، خاص طرح سان باندرا ريلوي اسٽيشن واري پل جي ڀرسان مشھور ڌوٻي گهاٽ، جتي سون جي تعداد ۾ ساڙهيون اس تي سڪي رهيون آهن. مون کي ڪرشن چندر جو لکيل ناول” باندرا ڪي ساڙهيان“ ياد اچي ويو.
سڄو شھر ريلوي پٽڙين سان ڀريل آهي. ڪئين ريل جون اسٽيشنون آهن، هڪٻئي جي پٺيان ماڻھن سان ڀريل ريلون پيون ٿيون هلن. وري ڪرشن چندر جو ٻيو ناول ” سرانچ لائين“ ياد آيو. مون جئہ ڪشن جي فليٽ جي گيلريءَ مان باندرا جي اسٽيشن تان هزارن ماڻھن کي ريلن ۾ چڙهندي ۽ لھني ڏٺو. هندستان ۾ ايشيا جو وڏو ريلوي نظام آهي. هر ٽرين وقت تي نڪري ٿي ۽ وقت تي پھچي ٿي. تازو منھنجو ڀاءُ عبدالستار گلي جي ڪنھن بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيو. سندس علاج پاڪستان ۾ ڪونہ هيو. ٻاهرين ملڪن ۾ اٺن نون لکن کان گهٽ ڪونہ هو. هو رٽائرڊ اسڪول انٽرنيٽ ذريعي کيس مدراس جي هڪ ڊاڪٽر ڪرشنا رائو چوايو تہ هو پئسن جو فڪر نہ ڪري ۽ هڪدم هليو اچي. سندس مفت علاج ٿي ويندو، ادي چواڻي مدراس ايڪسپريس دهليءَ مان پوري وقت نڪتي ۽ 36 ڪلاڪن کان پوءِ پوري ساڍي اٺين وڳي صبح جو مقرر وقت تي مدارس اسٽيشن تي پھتي، ڊاڪٽر صاحب سندس انتظار ۾ ويٺو هيو. ڪامياب آپريشن ٿيو. وڏي پرگهور لڌي وئي ۽ هو صحتياب ٿي هليو آيو. معمولي خرچ ٿيس ۽ اٽڪل ٽي سال ٿي ويا اٿس وري ڪابہ تڪليف ڪانہ ٿي اٿس. اتم اسان کي صلاح ڏني تہ اسان اجتنا ۽ الورا جا کنڊرات ڏسي اچون. جيڪي مھاراشٽر جي ڏکڻ ۾ حيدرآباد دکن جي ويجهو اورنگ آباد ۾ هئا. اسان کي ان طرف جي ويزا ڪانہ هئي. اتم چواڻي ويزا ڪو مسئلو ڪونہ هيو ۽ اسان وڃي گهمي اچون. 400 رپيا بس جي اوٽ موٽ جي هڪ ماڻھو جي ٽڪيٽ هئي. ان ۾ رهائش مفت هئي. اسان ٻہ ٽڪيٽون وٺي رات جو بس ۾ چڙهي ويٺاسون. اورنگ آباد ڪافي پري هو. سڄي رات جو سفر هو، بس ايئر ڪنڊيشن هئي. ٿوري دير کان پوءِ پھاڙي چڙهايون شروع ٿي ويون، بس ڏهين يا يارهين وڳي ڌاري هڪ پھاڙ جي چوٽيءَ تي ٺھيل ننڍڙي هوٽل وٽ بيٺي. هڪ ڪلاڪ اتي بيھڻ کان پوءِ بس وري هلي. صبح جو پنجين يا ڇھين وڳي اورنگ آباد پھتاسون. هڪ سرڪاري وڏي هاسٽل ۾ اچي بس بيٺي. اسان کي ان ۾ ڪمرو ڏنو ويو ۽ چيو ويو تہ اٺين وڳي تيار ٿي اچي بس ۾ ويھون، اسان جلدي تيار ٿي اتان جي ڪينٽين مان ناشتو ڪري بس ۾ اچي ويٺاسون . گائيڊ هڪ مسلمان هو. اسان کي پھاڙن مان گذاري هڪ قلعي جي ٻاهران اچي لاٿائين اهو دولت آباد جو مشھور وڏو قلعو هو. اهو علاؤالدين خلجي جو جوڙايل ناقابل شڪست قلعو هو. اندر ڪئين ڀول ڀليان، انڌيريون ۽ شب خون هڻڻ جون جايون هيون. جتان دشمن جا لاش ڪئين گم ڪري ڇڏجن. زندان خانہ، عقوبت گاهون، واڳن سان ڀريل تلاءُ ۽ هڪ مسجد بہ هئي. اتان الورا آياسون جتي پھاڙن کي ٽڪي اندر هندو ۽ ٻڌڌرم جون عبادت گاهون ٺاهيون ويون هيون. هي پھاڙ ڪئين کوٽيا ويا ها ۽ انھن ۾ ڪئين اهي عمارتون ڪڍيون ويون هيون؟ حيرت جھڙي ڳالھہ آهي ڀرسان هندن جو پٿر مان جڙيل هڪ بھترين مندر بہ هيو، اهو بہ ڏاڍو خوبصورت هو. اسان کي هڪ پھاڙ تي شو ديوتا جو مندر ڏيکاريو ويو. ڀرسان ريسٽورنٽ هو جتي منجهند جي ماني کارائي وئي ڪجهہ مفاصلي تي خلدآباد جو شھر هو. جتي هڪ دڙي تي اورنگزيب جي مزار هئي. سندس فرزند بہ ساڻس گڏ دفن هيو، قبر انتھائي شرعي طريقي سان زمين سان لڳل سنگ مرمر مان جڙيل هئي. وچ ۾ ڪچي هئي. جنھن ۾ نازبوءِ جو ٻوٽو پوکيل هيو، ساڻس گڏ مسجد ۽ مدرسو بہ هو.
اتان ڪجهہ پھاڙ لتاڙي اورنگ آباد جو شھر گهمايو ويو. وڏو شھر هو، جديد قسم جا هوٽل ۽ ڪشادا رستا ها. وچ شھر ۾ نرمدا ندي هئي. ان جي ڪناري تي اورنگزيب جو پنھنجي گهرواريءَ مٿان جوڙايل”بي بي ڪا مقبرہ“ بلڪل تاج محل جي ڪاپي هئي. ساڳي ريت اچي سنگ مرمر مان جڙيل ساڳيا اڇا منارا ۽ ڪشادو باغ هيس پر اصل ۽ نقل ۾ فرق اهو هو تہ هن جا منارا سنگ مرمر جا نہ هئا پر چن سان ليپيل هئا ۽ الائي ڇو هيءُ هڪ مذاق ٿي لڳو ۽ اسان کان سواءِ ڪير بہ ڏسڻ وارو ڪونہ هيو، اسان اجنتا ڪونہ وياسون. اورنگ آباد اسان جي پياري محسن دوست فتح ﷲ عثمانيءَ جو شھر هو. اسان هڪ رات رهي بمبئي واپس هليا آياسون ۽ اتان ارڙهين تاريخ سنگاپور روانا ٿياسون. بمبئي ۾ جئي وير مليو، پروفيسر رام پنجواڻي سان بہ ملاقات ٿي ماستر چندر سان بہ ملياسين.
سنگاپور بہ هڪ نھايت خوبصورت شھر آهي. ايئرپورٽ ڏاڍو سينگاريل ۽ سھڻو آهي. اسان بمبئيءَ کان سنگاپور ايئر لائين ذريعي هلياسين. اندر جھاز ڏاڍو سينگاريل هيو. ايئر هوسٽس مان هڪ کي روايتي گيشا گرل جھڙي ڊريس پھريل هئي. ڇھن مھينن جي ويزا ايئرپورٽ تي ئي هڻي ڏنائون. سڄو شھر گلن، گلدانن، باغن، ڪشادن رستن سان آهي. هتي نھايت مھذب ۽ خاموش طبيعت وارا خوشحال ماڻھو رهن ٿا، اسي سيڪڙو چيني، باقي هندستاني ۽ ٻيا ٿا رهن، سڄو شھر هڪ ملڪ بہ آهي سياحت ئي ملڪ جي مک آمدني آهي. وڏا وڏا شاپنگ سينٽر ۽ وڏيون جديد قسم جون عمارتون هيون. دنيا جو وڏو واپاري شھر آهي. شھر گهمڻ لاءِ ٽوئر سٽ بسون آهن. ڏاڍو مھانگو شھر آهي، تقريبن يورپ جي شھرن جيترو مھانگو آهي. امن امان جو ان مان اندازو لڳائجي تہ ان وقت سنگاپور جي جيل ۾ فقط هڪ قيدي هيو. ڪو ڏوھہ ڪونہ ٿيندو هيو. ماڻھو خاموش ۽ پنھنجي ڪم سان ڪم رکڻ وارا، ڀرسان ملائيشيا جو شھر جو هر بوهر اٿس. سنگاپور مان بس تي چڙهي جوهر بوهر بہ ڏٺوسين. سمنڊ ڪناري مسجدن ۽ مدرسن جو مسلمان ملڪ آهي، اتي منجهند جي ماني بہ کاڌي سون، جيڪا بس جي ڪرائي ۾ شامل هئي. سرڪاري ريسٽ هائوس جي مٿان ڪلمو پاڪ وڏن اکرن ۾ لکيل هو. اندر هڪ هال ۾ شراب جو ڪائونٽر هيو. عورتن ۽ مردن جا قبرستان الڳ ها. ٽي ڏينھن رهي بئنڪاڪ هليا آياسين. ٿائلينڊ جي ويزا بہ ايئرپورٽ تي ملي، هيئنر چون ٿا تہ اسان کي ويزا پنھنجي ملڪ مان وٺي وڃڻي آهي. اڳ لنڊن جي ويزا بہ مون کي اتان جي ايئرپورٽ تي ملي هئي. اسان کي بئنڪاڪ پسند ڪونہ آيو، ان ڪري ٽي ڏينھن رهي واپس هليا آياسون. توڙي بئنڪاڪ اسان جي حساب مطابق ڏاڍو سستو هو. ٻہ ٿائي سڪا هڪ پاڪستاني روپئي جي برابر ها، هينئر چون ٿا تہ ٻہ پاڪستاني رپيا هڪ ٿائي جي برابر آهن، شھر ۾ بدبوءِ هئي. ڪتا، ٻلا، ڪوئا، نانگ، ڪميون عام جام پيا کائين. چمڙو هنن جي پسنديدہ خوراڪ آهي. نانگن جا فارم اٿن. چون ٿا هينئر بئنڪاڪ دنيا جي جديد ترين شھرن مان آهي. ڏاڍي ترقي ڪئي اٿس. ماڻھو بہ خوشحال ٿيا آهن.

چين جون يادون

چين هڪ تمام وڏو ملڪ آهي، ڪنھن زماني ۾ اسي سيڪڙو عوام زراعت پيشہ هو، هزارن سالن کان بادشاهت ۽ جاگيرداري جي قبضي ۾ هو، بادشاھہ ۽ جاگيردار عياش يعني يعني عورتن ۽ خواجا سرائن جي گهيري ۾ رهندڙ هئا۽ غريب عوام جو رت چوسڻ هنن جو من پسند مشغلو هوندو هو. ايسٽ انڊيا ڪمپني جي معرفت برطانوي سامراج ۽ آمريڪي سامراجين چين جي بادشاهن ۽ جاگيردارن جي معرفت ڪي واپاري سمجهوتا ڪيا. ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ آمريڪي واپارين چين ۾ آفيم درآمد ڪرڻ شروع ڪيو، گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال ۾ ٽيھہ هزار پيٽيون آفيم جون چين ۾ آنديون ويون، جن جي بدلي ۾ چاندي ۽ سون کڻي ٿي ويا. ان ڳالھہ جي ڪري بادشاهي مٿان عوامي دٻاءُ وڌڻ لڳو. برطانيا چين تي جنگي حملا ڪيا ۽ 29 آگسٽ 1842ع تي جنگي هرجاڻي ۾ چين هانگ ڪانگ برطانيہ جي حوالي ڪيو، ان هوندي بہ سامراجين چين جي ريشم، ڪپھہ، چانھہ ۽ ٻين قيمتي شين جي بدلي ۾ آفيم ۽ هٿيار ٿي موڪليا.
سامراجين چين جي خلاف ڪئين ظالماڻيون جنگيون وڙهيون، مثال طور آفيم جي جنگ جيڪا 1840ع ۾ برطانيا ڪئي، 1858ع ۾ برطانيا ۽ فرانس، چين تي حملو ڪيو، 1894ع ۾چين تي جاپان حملو ڪيو، 1900ع ۾ اٺن اتحادين فرانس، برطانيا، آمريڪا، جاپان ٻي ملڪ چين تي حملو ڪري ننڍا ننڍا ڪارخانا هڻي اتان جي مذدورن ۽ هارين کان گهٽ اجرت ۽ قرضن ذريعي ڪم وٺي چين جو سامان پنھنجي ملڪن ڏانھن کڻي ويندا رهيا. ڪمزور ۽ عياش حڪمرانن چين جي مفادن جا ناجائز معاهدا ڪيا، جن جي ڪري چيني عوام ڏاڍين مشڪلاتن ۾ رهيو. نوجوان نسل نوڪرين ۽ روزگار جي تلاش ۾ وڏيرن جي درن جون حاضريون ڀريندو هو. اعلى عھدن تي مقرري لاءِ امتحان پاس ڪرڻا پوندا هئا. نوڪرين حاصل ڪرڻ لاءِ ڪئين ڊپلوما ڪورس ۽ ڊگريون طلب ڪيون وينديون هيون، رشوتن ۽ سفارشن ذريعي جيڪي نوجوان نوڪريون حاصل ڪندا هئا. اهي خود بہ راشي ڪامورا ٿي ويا. هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ ۽ عھدي تي بدلي ڪرائڻ جو مقصد بہ پئسا ڪمائڻ ٿي ويو. اهڙين انيڪ خرابين سن يات سن، چو اين لائي ۽ مائوزي تنگ کي جنم ڏنو.
چين ۾ پھريون انقلاب 1911ع ۾ آيو، ٻي جدوجھد ان کان پوءِ هلي. 1917ع جي روسي انقلاب جا اثر بہ چين جي انقلابي تحريڪن تي پيا. مائو 1893ع ۾ هڪ غريب هاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. 1911ع ۾ مائو چيني حڪمران مانچو خاندان خلاف جنگ شروع ڪئي. 1925ع ۾ غير ملڪي پوليس شنگهائي جي مزدورن جو قتل عام ڪيو، مائو اتان فيصلو ڪيو تہ ڳوٺن جي هاري نوجوانن کي متحد ڪري تحريڪ هلائجي. سن يار سن جي مرڻ کان پوءِ مائو ۽ چو اين لاءِ هارين کي متحد ڪري تحريڪون هلايون، جن ناڪامين مان گذرندي گذرندي سرخ فوج جو روپ وٺي هٿياربند جدوجھد جو آغاز ڪيو. آگسٽ 1953ع ۾ مائوزي تنگ جي لانگ مارچ جي شروعات باقاعدگي سان ٿي، جنھن ۾ هزارن جي تعداد ۾ سندن ڪارڪن سامراجين ماري ڇڏيا، ڇھہ هزار ميل جي لانگ مارچ مڪمل ٿي چڪي تڏهن بہ هن وري جدوجھد جاري رکي، دشمن فوجن کان کسيل هٿيارن جي زور تي هارين ۽ مزدورن ۽ باهمت نوجوانن کي گڏ ڪري هلندو رهيو. کيس روس کان بہ ڪڏهن ڪڏهن مدد ملندي رهي. آخر 20 آڪٽوبر 1949ع تي عوامي جمھوريہ چين جو اعلان ٿيو ۽ مائوزي تنگ ان جو پھريون چيئرمين ٿيو. پھريون دفعو مائوزي تنگ روس جو دورو ڊسمبر 1049ع ۾ ڪيو، آمريڪا چين جي چوڌاري پنھنجا اڏا ٺاهڻ شروع ڪيا ۽ حملي ڪرڻ لاءِ تياريون ڪرڻ لڳو، تڏهن مائوزي تنگ هي جملا چيا. ”ڇا اسان آمريڪا کان ڊڄي وينداسون، هو ڀلجان ائٽم بم استعمال ڪري، جي 70 ڪروڙ چينين مان چاليھہ ڪروڙ مري بہ وڃن تڏهن بہ باقي ٽيھہ ڪروڙ دشمن سان وڙهندا.“ پوءِ دنيا ڏٺو تہ چين ميزائيل بردار ائٽم بم بہ ٺاهيو. اقوام متحدہ ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل جو مستقبل ميمبر بہ ٿي ويو، چين حيرت ۾ وجهڻ جھڙي ترقي ڪئي آهي، جيڪا بيان ڪرڻ کان مٿي آهي.
اسان کي بيجنگ جو شھر گهمايو ويو، ڪشادہ رستا، نيون عمارتون ۽ منظم قوم، وقت جا پابند، محنتي ۽ صاف گو انسان ۽ هاڙا محنتي ماڻھو ورلي ڪي ملندا. ڪميونسٽ پارٽي کان سواءِ چين کي هزارن سالن جي تاريخ ۽ فلسفا بہ آهن جن ۾ ڪنفيوشس جيڪو 551،552، 479 ق م واري دور ۾ هو. سندس فلاسفي جا هونءَ تہ گهڻا ئي بھترين مول متا آهن، جن مان ”انسانيت کي اهڙي روپ ۾ ڌارجي جنھن ڪري توهان جو سربراھہ اخلاقيات تي هلڻ لاءِ مجبور ٿي پوي.“ جيڪي صحيح هجي ان تي عمل ڪندا رهو، ڀل ا ۾ ڪيتريون بہ تڪليفون اچن پر ماحول مطابق پنھنجا رويا تبديل ڪندا رهو وغيرہ وغيرہ، ”وڌيڪ مشھور آهن هن صوفي، منش، لائوزي، موزي، شنزي، زنگزي کان سواءِ اتائو پوءِ گوتم ٻڌ چين جا فلاسافر آهن، چين ساڍا ست هزار سال بغير ڪنھن مذهب جي گذاريو آهي. اسلامي تعليمات بہ پھتيون آهن. پاڪستان چين کي 1950ع تسليم ڪيو، ڪوريا واري جنگ ۾ پاڪستان جو ڪردار مشڪوڪ رهيو. پاڪستان آمريڪا جا جوڙيل بغداد پيڪٽ، سيٽو، سنيٽو ۾ هجڻ ڪري انقلابي آزاد ملڪن ۾ نظرن ۾ وڌيڪ مشڪوڪ رهيو. باوجود ان جي 1962ع کان پاڪ چين دوستي هلندي پئي اچي. 1965ع ۾ چيني صدر ليوشائو جي پاڪستان آيو ۽ اهو اعلام ڪري ويو تہ ”جيڪڏهن ڪنھن پاڪستان تي حملي جي جرئت ڪئي تہ چين پاڪستان جي مدد ڪندو.“
چين ۾ صفائيءَ جو ڪھڙو ذڪر ڪجي، انتھائي صاف رستا گهٽيون ۽ گهر، فھميدہ رياض جنھن کي سنگريٽ جي ڏاڍي خراب عادت پيل هئي. هڪ سگريٽ مان ٻيو پئي دکايائين. چين ۾ عام رستن ريسٽورنٽس، ريلوي اسٽيشنن، ايئرپورٽن ۽ دڪانن تي سگريٽ پيئڻ تي مڪمل بندش پيل آهي. سگريٽ پيئڻ وارن لاءِ ڪي مصخوص جڳھيون ٺھيل آهن، جتي عادي ڇيڪن کي اجازت آهي. بيجنگ جي ايئرپورٽ تي فھميدہ رياض هڪدم سگريٽ دکايو ۽ ان کي ختم ڪري بچيل سگريٽ هيٺ زمين تي اڇلايو تہ هڪدم هڪ مائي صفائي ڪري واري زمين تان سگريٽ جو ٽوٽو کڻي فھميدہ رياض کي ڏيکاريو ۽ اشارن ۾ پڇيائين تہ ”هي تو ڇو اڇلايو آهي؟“ فھميدہ هائوڪار ڪئي تہ هن صفائي ڪرڻ واريءَ کيسي مان هڪ رسيد بوڪ ڪڍيو ۽ ٽن (يوان چيني سڪي کي يو ان سڏيندا آهن) جي رسيد ڪڍي وڌل ڏنڊ جي رقم طلب ڪرڻ لڳي. اسان کي استقبال ڪري وٺي اچڻ وارا چيني آفيسر ٻڌائڻ لڳا تہ چين ۾ ڪابہ شيءِ جيڪا زمين تي اڇلائبي تہ ان جو ڏنڊ ڀري ڏيڻو پوندو آهي. گند ڪچري لاءِ ڪٿي ڪٿي دٻا رکيل آهن. فھميدہ ڏنڊ جي رقم ڀري ڏني تڏهن جان ڇٽي. ان کان پوءِ اسان پاڻ سان هڪ پلاسٽڪ جو ٿيلھو رکڻ شروع ڪيو جنھن ۾ اهڙيون بيڪار شيون ڪٺيون ڪري جتي ڪو ڪچھري جو دٻو ڏسون پيا تہ ان ۾ اهو اڇلائي پيا اچون. ان ڪري ڏٺوسون تہ ڪير بہ ڪچرو رستي ڪونہ پيو اڇلائي ان ڪري سڄا شھر صاف شفاف ٿي لڳا. ٻيو تہ قانون جو احترام هر هڪ تي لازم هــو، چيني
کاڌا صاف ڪري اٻريل، بغير تيل ۽ بغير ڪنھن لوڻ مصالحي جي آهن ان وقت گرم گرم اٻريل کاڌا ٽيبل تي ٿا رکن. اسان لاءِ هوٽل ۾ اڳواٽ ٽيبل مخصوص ٿيل هوندي هئي. کاڌو ڪورسن ۾ پيا رکن. پھريان هڪ شيءِ کائي ٿيڻ بعد ٻي ٿي رکيائون. اسان لاءِ اسان جي حڪومت چين جي حڪومت کي ٻڌائي ڇڏيو هو تہ جيڪا شيءِ قرآن پاڪ ۾ منع ٿيل آهي اها اسان کي نہ ڏني وڃي. قرآن ۾ تہ واضح لفظن ۾ فقط خون ۽ سوئر جو گوشت منع آهي. باقي جي کائون تہ ڏوھہ نہ آهي. سو چيني اسان لاءِ آڪٽوپس کان وٺي وڇون ۽ نانگ بہ سجائي کڻي آيا ٿي. باقي چيني کاڌن جي هڪ خاصيت هئي تہ فقط اٻريل هجڻ جي ڪري جلدي هضم ٿي ٿي ويا. چينين لاءِ اهو مشھور هو تہ چيني هر اڏامندڙ پکي يا چمڙو بہ کائن ٿا سواءِ هوائي جھاز جي پاڻي ۾ ترندڙ هر شيءِ ٿا کائن. سواءِ ٻيڙين جي ۽ هر زمين تي هلندڙ ۽ رهندڙ ٿا کائن. سواءِ ريل گاڏيءَ جي بيجنگ ۾ روڊ ڏاڍا ڪشادا آهن ۽ هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ مخصوص ٿيل يعني هڪ پٽو روڊ جو فقط موٽرڪارن لاءِ هڪ پٽو روڊ جو سائيڪل سوارن لاءِ فوٽ پاٿ انڊر پاٿ پيدل هلڻ وارن لاءِ ٺھيل هو. ريلون بہ بجلي تي ٿي هليون، ان ڪري ماحول جي خرابي ڪانہ هئي هوا ۽ آسمان بہ صاف هئا. هر ماڻھو منرل واٽر جي بوتل پيو استعمال ڪري، جيڪو ڏاڍو سستو هو، هر ماڻھوءَ کي ملازمت، گهر ۽ سواري ڏيڻ سرڪار جي ذميواري هئي. گهٽ ۾ گهٽ پگهار ٽي سؤ يوان ماهوار هئي ۽ وڌ ۾ وڌ اٺ سؤ يوان هئي. ڪير بہ بنگلن ۾ ڪونہ ٿو رهي. صدر کان وٺي مزدور تائين فليٽن ۾ ٿا رهن. جن جو معمولي ڪرايو آهي، بجلي ۽ گرمي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوئلو ٿا استعمال ڪن. بجلي ۽ گهر گرم رکڻ لاءِ حڪومت خرچ ٿي ڪري، ان ڪري ان پگهار ۾ هر ڪنھن جو گذارو ٿي ٿو وڃي. تعليم ۽ صحت بہ حڪومت جي ذميواري آهي. مغربي لباس تي بہ ڪو خرچ ڪونھي. مرد توڙي عورت هڪ واش ان ويئر پينٽ ٿا پائين. اسان سان بہ چيني آفيسر ساڻ هيا. اسان لاءِ وڏن هوٽلن ۾ مانيءَ جو انتظام هو، باقي هو ڪنھن سستي جاءِ تي وڃي مانيپيا کائن. اسان مھانگي هوٽل ۾ اڪيلا اڪيلا هڪ هڪ ڪمري ۾ هئاسون، جنھنجو گهٽ ۾ گهٽ ان وقت ٻہ سؤ يا ٽي سؤ ڊالر روزانو ڪرايو هو ۽ چيني آفيسر ڪنھن سستي هوٽل ۾ وڃي ٿي رهيا. هڪ ڏينھن اسان کي ديوار چين ڏيکارڻ وٺي ويا. بيجنگ کان اٽڪل ستر يا اسي ڪوميٽر پري هئي ۽ مٿي چڙهائي تي جابلو علائقو هو، بيجنگ شھر جي آبھوا گلابي هئي، يعني نہ گرمي نہ سردي پر جڏهن ديوار چين وٽ پھتاسون تہ اتي هلڪي بارش ۽ هلڪي برفباري ٿي هلي، ڪئين کاڌي پيتي جا هوٽل ۽ دڪان هئا، هزارين ماڻھو ديوار چين ڏسڻ لاءِ آيل هئا. بلڪل اسان جي رني ڪوٽ جھڙي آهي، ڄڻ ٻہ جاڙيون ڀينر جيڪي ڪنھن جدا ڪري ڇڏيون هجن، ساڳي ويڪر ساڳي جابلو لاهي چاڙهي هنڌ هنڌ برج، ديوار چين ست هزار ميلن ۾ مضبوط ٺھيل آهي، رني ڪوٽ ٻن تعلقن ۾ آهي. هڪ سنڀاريل آباد ۽ با رونق آهي. هي غيرآباد اجڙيل ۽ ويران آهي، رني ڪوٽ ڌاڙيلن جو پناھہ گاھہ آهي ۽ ديوارِ چين مھذب ملڪ ۽ مھذب قوم جو سنڀاريل ورثو آهي. ديوار چين تي وڃڻ لاءِ عالمي درجي جا روڊ رستا ٺاهيا ويا آهن، جتي اسان ٻہ ڪلاڪ کن رهياسون، مون کي ياد آهي تہ هڪ دفعي رني ڪوٽ تي سنڌ سرڪار مھرباني ڪري ڪو سيمينار ڪوٺايو، هن جي سامھون سرڪاري جيپن تي چڙهي وياسون. ڪلاڪ ڏيڍ جي لڳاتار خطرناڪ چاڙهيون تان ﷲ ﷲ ڪري ابتا سبتا ٿي اڌ مئا ٿي پھتاسون. في الحال تہ طنبو طولان هڻي ميلو مچايو ويو، مرحوم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو زور هو تہ هيءَ ٻروچن ٺھرايو آهي، پنھور صاحب جو خيال هو تہ سڪندر اعظم جوڙايو آهي بھرحال بحث اڄ توڻي جاري ۽ ساري آهي ۽ اهو فيصلو اڃا رهيل آهي، سيمينار ختم ٿيو وري اچي انھن جيپن تي چڙهي نپوڙجي سن شھر ۾ واپس آياسون، رات گئي بات گئي وري تازو هينئر ڪي نوان اعلان ٿيا آهن تہ رني ڪوٽ نئين گاج ۽ ٻيا ماڳ مڪان ترقي ماڻيندا خدا کي خبر.

وﷲ اعلم بالثواب