تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ جي سماجي ۽ طبي تاريخ

جيئل اوڏ جي ھن تحقيقي ڪتاب ۾ سنڌو ماٿر جي بڻ بڻيادي ۽ اوائلي ويدڪ ۽ سناتن ڌرم جي ڄاڻ، جوهر ۽ سَتي ٿيڻ جي سبب، مذهبن جو تقابلي جائزو، مختلف مذهبن مُردن کي ٿانيڪو ڪرڻ جا طريقا، مشھور شخصيتن جا اصلي ۽ عرفيت وارا نالا، ذاتين جون پاڙون، شھرن جي نالن جي پٽاڻ، وڻ ٽڻ، ٻوٽن جو تعارف، فائدا ۽ حڪيماڻي ڄاڻ جي واکاڻ ڪيل آهي.

  • 4.5/5.0
  • 92
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Sindh Ji Samaji aen Tibbi Tarekh

حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: سنڌ جي سماجي ۽ طبي تاريخ
ليکڪ: جيئل اوڏ
تعداد: 1000
پھرين ڇاپي جو سال: 2025ع
ٽائيٽل ۽ ڪمپوزنگ: مصور منگي
ڇپائيندڙ: اتم پبليڪيشن لاڙڪاڻو
ڇپائيندڙ: قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو
قيمت: 600 روپيہ

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2025ع


رابطو:
جيئل اوڏ 03337570210
فقير محمد سنڌي 03463390445

ارپنا

لاڙڪاڻي جي انھن محققن، تاريخدانن ۽ ساڃاھہ وندن کي
جيڪي لاڙڪاڻي لاءِ مسلسل علمي، ادبي ۽ سماجي
خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.

جيئل اوڏ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ محقق جيئل اوڏ جو لکيل تحقيقي ڪتاب ”سنڌ جي سماجي ۽ طبي تاريخ“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
جيئل اوڏ جي ھن تحقيقي ڪتاب ۾ سنڌو ماٿر جي بڻ بڻيادي ۽ اوائلي ويدڪ ۽ سناتن ڌرم جي ڄاڻ، جوهر ۽ سَتي ٿيڻ جي سبب، مذهبن جو تقابلي جائزو، مختلف مذهبن مُردن کي ٿانيڪو ڪرڻ جا طريقا، مشھور شخصيتن جا اصلي ۽ عرفيت وارا نالا، ذاتين جون پاڙون، شھرن جي نالن جي پٽاڻ، وڻ ٽڻ، ٻوٽن جو تعارف، فائدا ۽ حڪيماڻي ڄاڻ جي واکاڻ ڪيل آهي.
ھي ڪتاب 2025ع ۾ اتم پبليڪيشن، لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون فقير محمد سنڌيءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ لاءِ موڪلي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مھاڳ: جيئل اوڏ: سنڌ جو دراوڙ روح

جيئل اوڏ جو هي ڪتاب نالي سنڌ جي سماجي ۽ طبي تاريخ سندس چوٿون ڪتاب آهي. جيڪو اوهان جي اکين اڳيان، هٿن ۾ ۽ مطالعي هيٺ آهي. هي ڪتاب سندس ٻين ڪتابن جو ئي تسلسل چئبو. جنھن ۾ جيئل اوڏ پنھنجي پيڙھہ، بڻياد ۽ پاڙون مٽيءَ ۾ پيوست، اونھيون ۽ مضبوط ڪيون آهن. سندس پھرين آيل ڪتاب سنڌ شناسيءَ ۾ سنڌ جي بڻيادي نسل اوڏن جو تعارف، ڪار ڪرت، شادي مرادين، مرڻي پرڻي توڙي اٿڻ ويھڻ ۽ ريتن رسمن سان گڏ دائپ، عورت ۽ ٻارن جي گهريلو ۽ ديسي علاج سميت ڪيترائي ٻيا مضمون شامل آهن. ٻئي ڪتاب منھنجو لاڙڪاڻو منجهہ وري اوائلي ماڳ مڪانن، پاڙن، روڊن رستن، باغ باغيچن ۽ پيرن فقيرن بابت ڄاڻ ڏنل آهي ۽ وري ٽئين ڪتاب “سڄڻن جا ساريو سانگ” ۾ محقق پاڻ سان سلھاڙيل ذاتي، ملازمتي ۽ ساهتي دوستن ۽ شخصيتن جا خاڪا، تعارف ۽ مضمون ڏنا آهن.
موجودہ ڪتاب ۾ وري سنڌو ماٿر جي بڻ بڻيادي ۽ اوائلي ويدڪ ۽ سناتن ڌرم جي ڄاڻ، جوهر ۽ سَتي ٿيڻ جي سبب، مذهبن جو تقابلي جائزو، مختلف مذهبن مُردن کي ٿانيڪو ڪرڻ جا طريقا مشھور شخصيتن جا اصلي ۽ عرفيت وارا نالا، ذاتين جي پاڙون، شھرن جي نالن جي پٽاڻ، وڻ ٽڻ، ٻوٽن جو تعارف، فائدا ۽ حڪيماڻي ڄاڻ جي واکاڻ ڪيل آهي. مطلب تہ سندس چارئي ڪتاب تاريخي ۽ تحقيقي مواد سان سٿيل آهن. جنھن ۾ هن عام رواجي سرڪاري سرپرستي توڙي غير معياري طور بيان ڪيل تاريخ توڙي تحقيق جا بخيا اُڊيڙي،ذاتي طور معياري توڙي حقيقي جاچ پڙتال ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ لاءِ مغز ماري، پيرين پنڌ ڪري انھن ماڳن، مڪانن، شخصيتن توڙي جنسي وکرن جي وستار ڪئي آهي. جنھن مان لڳي ٿو تہ جيئل اوڏ جو جيءُ نہ رڳو پنھنجي ماتر ڀوميءَ لاءِ تڙپي ٿو، پر پنھنجي ويڙهيچن سان گڏ ڌرتيءَ مان ڦُٽي نڪتل ڊڀ ڊاھہ، گند گاھہ ۽ سلي سلي توڙي وڻ راھہ سان بہ ريجهي رهي ٿو. پنھنجي وطن ۽ ويڙهيچن سان اهڙو ڪار وهنوار ۽ هلت چلت بکي کيس (The son of soil)، قطار جي تہ ڪو داءُ وڌاءُ ڪونہ ٿيندو.

اعجاز سولنگي

پنھنجي پاران

مانوارا پڙهندڙو جيئن تہ هي ڪتاب سنڌ جي سماجي۽ طبي تاريخ منھنجو چوٿون ڪتاب آهي. پھريون ڪتاب “سنڌ شناسي”، ٻيو ڪتاب “منھنجو لاڙڪاڻو”، ٽيون ڪتاب “سڄڻ جا ساريو سانگ” اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪري چڪو آهيان. مون کي اميد آهي تہ هي ڪتاب بہ اوهان کي پسند ايندو ۽ اوهان جي معلومات ۾ اضافو ڪندو.
مان ٿورائتو آهيان ادا مصور منگي، اعجاز سولنگي، عيسيٰ ميمڻ، فقير محمد سنڌي، ڪريم بلوچ، سُشيلا اوڏ، سئيلش اوڏ، سميت اوڏ، ۽ ستيش اوڏ جن جو، جن مونکي هن ڪتاب آڻڻ لاءِ همٿايو ۽ مدد ڪئي. مصور منگي هن ڪتاب ۾ قيمتي ۽ سھڻا فوٽو ڏيئي ڪتاب جي سونھن وڌائي، ان لاءِ مان سندس ٿورائتو آهيان.



جيئل اوڏ _ لاڙڪاڻو
09 جون 2025ع

هندن جا وڏا ڏينھن

هندن جي وڏن ڏڻن جا ٻہ ڀاڱا آهن. هڪڙا اهي وڏا ڏڻن جن ۾ فقط خوشيون ڪيون وڃن. اهڙن وڏن ڏينھن جھڙوڪ دسھڙو، ڏياري، هولي وغيرہ کي اتھاسڪ خوبي بہ مليل آهي باقي ٻيا وڏا ڏينھن گهڻو ڪري وگيانڪ خيال وچان شرير ۽ من جي سُڌار لاءِ مقرر ٿيل آهن. هندن جا وڏا ڏينھن مقرر ٿيل مندن تي ملھائجن ٿا، نہ ڪي مسلمانن وانگر ڪڏهن روزا اونھاري ۾ تہ ڪڏهن سياري ۾. پوئين نموني جي وڏن ڏينھن جھڙوڪ گيارس پورڻماسي، ايڪھڻا، ڪارتڪ وغيرہ جا اپواس شرير ۽ من جي شڌيءَ لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن. هندن جا ڌرمي سنسڪار بہ قدرتي قانون جي مدِنظر ٻڌل آهن. پٽاڙ ۽ ڊيگهہ کان بچڻ لاءِ اسين هن هنڌ فقط ٽن سنسڪارن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪريون ٿا.

پھريون منڻ:
اهو سنسڪار فقط هندو قوم ۾ باقاعدي ۽ قدرتي قانون موجب ڪيو ٿو وڃي. ڪو ماڻھو سوال پڇي ٿو سگهي تہ ننڍن ٻارن جي وارن ڪوڙائڻ ۾ ڪھڙو وگيان اچي ڦاٿو آهي. اهڙي سوال ڪندڙ ماڻھن کي اسانجو فقط اهو جواب آهي تہ گرڀ ۾ ٻار جي مٿي تي جيڪي وار ڄمن ٿا اهي ڪمزور ٿين ٿا انھن ۾ ٻار کي ٿڌ ۽ گرميءَ کان بچائڻ جي طاقت موجود نٿي ٿي، انھيءَ ڪري هندن جي ودوان بزرگن دماغ کي زور وٺائڻ ۽ ان کي گرمي سرديءَ کان بچائڻ لاءِ ننڍپڻ ۾ منڻ جو سنسڪار مقرر ڪيو.

جيڻو:
جڻئي جي سنسڪار جي خوبيءَ کان هر هڪ واقف آهي هيءُ اهو سنسڪار آهي جنھن جي پوري ڪرڻ بعد هڪ هندو ٻالڪ پنھنجيءَ ٻاراڻيءَ ۽ بي جوابداريءَ جي حالت مان نڪري دنيا جي ميدان ۾ قدم ٿو رکي، دنيا ۾ هندن کانسواِءِ ٻي ڪا بہ قوم نہ آهي جنھن انساني زندگيءَ کي برابر نموني ورهائي انکي مقصد تائين پھچائڻ جو رستو گهڙيو هجي. مگر هندوجاتيءَ جي ودوانن هر هڪ هندوءَ لاءِ سندس زندگيءَ جي بنياد ۽ ڇوڙ جو نڇيرو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ انھن جو بنياد تي مٿي ذڪر ڪيل جڻئي جي سنسار تي بيٺل آهن. هڪ هندو ٻالڪ جڻئي جي سنسڪار بعد هڪ ڪامل رهبر گروءَ جي رهبريءَ هيٺ دنيا جي ڪرم کيتر ۾ پير پائي ٿو ۽ آخر دنيا جا ڀوڳ ولاس ڏسي زندگيءَ جي آخرين درجي تي دنيا کي ترڪ ڪري ايشور ۽ است ٿي ٿو وڃي.

هندن جو ڌرم

يورپ جو مشھور فيلسوف بيڪن چوي ٿو تہ “ڌرم دکي دل جي درد جو دارون آهي.” اهو ڌرم ئي آهي جو انسان جي زندگيءَ جو مکيہ مدار آهي، جھڙيءَ ريت ڪنھن بہ ست پرش جو سنگ اسانکي چڱيءَ راھہ ڏانھن وٺي ويندڙ آهي، تھڙيءَ ريت ڪنھن ملڪ جو ڌرم انساني زندگيءَ جي عام اصولن ۽ قدرتي طاقتن کان واقف ٿو ڪري، ۽ اها واقفيت ئي آهي جا يا تہ ملڪ جي ماڻھن کي ڪماليت جي چوٽيءَ تي ٿي پھچائي يا زواليت جي اوڙاھہ ۾ ٿي هڻي. انھيءَ ڪري ئي ڌرم کي ملڪ جي سڀيتا روپي سون جي پرکڻ جي ڪسوٽي سمجهيو ٿو وڃي، ۽ اها ڳالھہ هرگز وسارڻ نہ گهرجي تہ ڌرم جنھن جو ٻيو نالو گيان آهي، سو نيتي تتو گيان، ساهتيہ، وگيان يعني سائنس ۽ تھذيب جي ڏڌ مان ڪڍيل مکڻ مثل آهي.
پروفيسر مئڪڊونلڊ پنھنجي (Sanskrit Literature) نالي ڪتاب جي صفحي ست ۾ لکي ٿو تہ : “هندو يورپين جي گڏيل نسل ۾ اهي هندوئي آهن جن دنيا ۾ سڀ کان اعليٰ ڌرم پيدا ڪيو، باقي ٻين قومن نہ پنھنجي دماغ مان بلڪ هندن کي اڌارو ڌرم خريد ڪيو آهي.” لوئي جئڪرليٽ پنھنجي Bible in India نالي ڪتاب جي صفحي 8 تي لکي ٿو تہ “هندوستان ئي دنيا کي ڌرم جو رستو ڏيکاريو. هندوستان ئي پنھنجن ٻچن کي دنيا جي مغرب توڙي مشرق ڏانھن موڪلي، اتي جي ماڻھن کي، ڀاشا، قانون، اخلاق، ساهتيہ ۽ ڌرم جو سبق سيکاريو.”
اسين هن هنڌ صاف ٻڌائڻ ٿا گهرون تہ اڄ ڪلھہ هندوستان جي عام لوڪن جو جيڪو ڌرم آهي، تنھن کي هندن جو ڌرم ڪري نہ سمجهڻ گهرجي ۽ هندو ڌرم جي بنياد جي هاڻوڪين چالو رسمن يا ڳالھين رستي پريکيا وٺڻ نہ گهرجي. دنيا جو لاثاني ۽ بي نظير هندو ڌرم ڌارين قومن جي ميلاپ سبب اڄ گندگيءَ سان ڀرجي چڪو آهي نہ تہ هندن جو ويدڪ ڌرم، اهو ڌرم آهي جنھن رستي هندن جي رشين ۽ منين انساني زندگيءَ جي پيچيدار مسئلن ۽ ايشور جي غير محدود اصولن کي سولائيءَ سان سمجهو. اهو هندو ڌرم آهي جو هندن کي نہ فقط دنيا جي انسان ذات بلڪ حيوانن تي بہ ديا ڏيکارڻ جو اپديش ٿو ڪري، اهو هندو ڌرم آهي جو پنھنجن پوئلڳن کي حڪم ٿو ڪري تہ ڀوڄن کائڻ کان اڳ مھمانن ۽ پسون پکين جو پيٽ ڀريو اهو هندو ڌرم ۽ هندو قوم آهي جنھن ۾ پيدا ٿيل ڀڳوان گوتم ٻڌ، هماليه جي اوچي پھاڙ تان دنيا جي ماڻھن کي آٿت ڏيندي چيو هو تہ “مان اڪيلو مڪت ٿيڻ نٿو گهران.. مان دنيا جي ڪنھن بہ انسان کي ڌرم جي راھہ ۾ پٺيان ڇڏي ڪين ويندس.. جيستائين هن بدن جي نسن ۾ هڪ بوند بہ رت جي موجود آهي تيستائين دنيا جي هڪ هڪ پراڻيءَ جي آتمڪ آزادگيءَ لاءِ جنگ ۽ جهد ڪندو رهندس.”
هندو ڌرم ۾ دنيا جي ٻين ڌرمن کان ڪھڙي خاص خوبي آهي، تنھن نسبت جيڪڏهن باريڪ ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ويندي تہ ڪتاب جي صورت بہ بدلجي ويندي، انھيءَ ڪري اسين هن هنڌ هندو ڌرم تي مختصر روشني وجهڻ واجب ٿا سمجهون.
دنيا جو ڪھڙو بہ ڌرم يا مذهب وٺو انجو مقصد فقط سرڳ ۽ بھشت جي سکن هٿ ڪرڻ تائين محدود ملندو. قرآن شريف يا بائيبل جي هڪ هڪ سٽ جو اڀياس ڪريو اوهانکي انھن ٻنھين مذهبن جي حد سرڳ يعني بھشت تائين پھتل نظر ايندي. انھن ٻنھي پاڪ ڪتابن ۾ ڏيکاريل آهي تہ جيڪڏهن اوهان کي بھشت ۽ جنت جا ڀوڳه هٿ ڪرڻا هجن تہ اوهانکي فلاڻو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، مگر هندو ڌرم سرڳ ۽ بهست جي حد پار ڪري انھيءَ ميدان ۾ قدم ٿو رکي جنھن جو نالو ٻين مذهبن جي پيشوائن کي ياد نہ هو. انھيءَ ۾ ڪو شڪ نہ آهي تہ هندو ڌرمي ڪتابن ۾ سرڳ جو بہ بيان اچي ٿو پر انھن شاسترن سرڳ کي هيٺين درجي جي حد ثابت ڪيو آهي. هندو شاستر تہ هر ڪنھن انسان کي اهوئي اپديش ڏيئي رهيا آهن تہ کين سرڳ جي سکن کان پار ٿي آتمڪ مڪتيءَ تائين پھچڻ گهرجي. اهوئي سبب آهي تہ هندو شاسترن ۾ فقط آتما جي اڌار ۽ سڌار جو ئي وستار سان بيان ٿيل آهي.
هڪ طرف هندو ڌرم، انسان کي سرڳ جي نفساني سُکن کان مٿي گِهِلي کيس ايشور ۾ بنھہ لين ٿي وڃڻ تائين پھچڻ جو رستو ٿو ڏيکاري تہ ٻئي طرف هندو ڌرم، دنيا جي ٻن مذهبن کان اڳتي وڌي کين انھيءَ اصولن جي سمجهاڻي ٿو ڏئي جي دنيا جي هستيءَ نابود نہ بلڪ قائم رکڻ ۾ مدد ٿا ڪن. هندو شاسترن جي ڏيکاريل معنيٰ موجب ڌرم لفظ جي معنيٰ آهي “ڌارڻ ڪرڻ” يعني اهي اصول جن تي هلڻ سان دنيا جي هستي قائم رهي تنھن کي ڌرم ڪري چئجي. اهوئي سبب آهي جو هندو شاسترن دنيا جي هر هڪ انسان کي اهوئي اپديش ڏنو آهي تہ هو وقت بوقت اهڙيءَ ريت پنھنجي هلڻ جا رستا اختيار ڪري جنھنڪري سندس آتمڪ آڌار تہ ٿئي، پر دنيا جي سماج قائم رهي. انھيءَ مد نظر تي هندو ڌرم هر هڪ ماڻھوءَ لاءِ هڪ طرف اهي اصول گهڙيا جي دنيا جي سڀني ملڪن لاءِ هر وقت مفيد ثابت ٿين، ٻئي طرف اهڙا بہ اصول مقرر ڪيا جي جدا جدا ملڪن لاءِ جدا جدا وقتن جي مدنظر تي تبديل ٿي سگهن. انھيءَ بيان جي سچائي انھيءَ مان ثابت آهي تہ هندو شاسترن ۾ شروعات ۾ ئي اها آزادگي ڏٺي ويئي آهي تہ ديش ۽ ڪال يعني وقت جي مد نظر تي ڀل اوهين اهڙا ڪم ڪريو جن مان انسان ذات کي فائدو پھچي سگهي. انھيءَ لاءِ هندو جاتيءَ اندارن هزارن بلڪ لکن ورهين کان وٺي وقت بوقت رَشِيِن ۽ مَنِين جدا جدا وقتن جي حالتن پٽاندڙ هندو سماج کي اهو رستو ڏيکاريو جنھن ڪري دنيا جا زبردست ۾ زبردست انقلاب بہ جن جي خوفناڪ سپاٽي ۾ اچي يونان، گريس، ايران، عربستان، مصر ۽ چين چِٿجي ويا، اهي دنيا جي صورت بدليندڙ انقلاب بہ هندو سماج جي بنياد کي لوڏي ڪين سهگيا. هيڏانھن دنيا جي ٻن مکيہ مذهبن جي تواريخ ۽ اصولن جو اڀياس ڪريو يا نہ پر هندو شاستر دنيا کي لڪير جو فقير رکڻ نٿا گهرن. هنن تہ هر ڪنھن ماڻھوءَ کي اها آزادگي ڏيئي ڇڏي آهي تہ اوهين ڪھڙا بہ ڪرم ڪريو پر انھن جي ڪرڻ سان دنيا جي ٻين ماڻھن جي هستيءَ کي لوڏو نہ اچڻ گهرجي ۽ ٻئي پاسي اوهانجو آتمڪ آڌار تي وڃي پوءِ ڀل هڪ ڪم هڪ صدي اڳ چڱو ثابت ٿيل هجي ۽ اڄ خراب ثابت ٿئي تہ اهو بلڪل نہ ڪرڻ گهرجي. مٿي ڏيکاريل بيان موجب هندو ڌرم ۾ ٻين ڌرمن کان ٻي وڌيڪ خوبي اها آهي تہ جو منجهس وڏي آزادگي مليل آهي ۽ سندس بنياد انھن اصولن تي بيٺل آهي جي زماني جي سپاٽي ۾ خراب نٿا ٿي سگهن. هندو ڌرم ۾ ٽين خوبي اها آهي (جا دنيا جي ٻين ڌرمن ۾ اصل نہ آهي) جو ڪو بہ هندو ڌرمي شاستر دنيا جي ماڻھن کي اهو تنگدليءَ جو اپديش نٿو ڪري تہ فقط هندو ماڻھو ئي بھشت ۾ وڃڻ يا مڪت ٿيڻ جا لائق آهن. هندو ڌرم، اهو پوتر ۽ آزاد ڌرم آهي جنھن نغاري تي ڏونڪو هڻي دنيا کي چيو آهي تہ اوهين ڪھڙو بہ سٺو رستو اختيار ڪيو، نيٺ اوهان کي هڪ ساڳيءَ منزل تي ئي پھچڻو پوندو. هيڏانھن هندو ڌرم جو اعليٰ اصول دنيا جي صفحه هستيءَ تان هزارن صدين کان اهوئي اپديش ڏيئي رهيو آهي تہ ڀل کڻي اوهين ڪھڙي بہ مذهب يا ڌرم جا هجو، جيڪڏهن اوهان جا ڪرم سٺا آهن تہ اوهانکي سرڳ جو سک اوس ملندو. هن مان ثابت آهي تہ هندو ڌرم دنيا جو ڌرم آهي ۽ ٻيا ڌرم يا مذهب فقط ڪن محدود حدن ۽ ماڻھن لاءِ فقط ابتدائي تعليم ڏيڻ لاءِ پيدا ٿيا آهن. هن ڳالھہ جي ٻي ثابتي اها بہ آهي تہ دنيا جو اتھاس ڪڏهن بہ اهڙي ساک نٿو ڏئي تہ ڪڏهن بہ ڪنھن بہ زماني ۾ ڪنھن هندو راجا يا هندو رشيءَ زبردستيءَ سان ڪنھن سماج يا ملڪ ۾ هندو ڌرم جو بنياد وڌو. انھيءَ ۾ ڪو شڪ نہ آهي تہ رگويد موجب هر هڪ هندو کي حڪم ٿيل آهي تہ “سڄيءَ دنيا کي آريا بڻايو.” پر اهو حڪم هر گز ٿيل نہ آهي تہ اڻ آريا ڪافر آهن، انھن کي قتل ڪريو يا زبردستي بہ پنھنجي مذهب جي دائري ۾ داخل ڪريو. بيشڪ هندو ڌرم جي اپديشڪن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هندو ويدڪ ڌرم جي ڌڄا ڦهرائي، پر نہ تلوار جو زور يا ڌن جي لالچ ڏيکاري، بلڪہ پريم سان هندو ڌرم جو جلوو ظاهر ڪري. دنيا جو مغرور پھاڙ هماليه اڄ بہ هندو ڌرم جي ڌڄا کي پنھنجي پيشانيءَ تي رکي دنيا کي هندو ڌرم جي هستيءَ کان واقف ڪري رهيو آهي، پر ڀارت جي پيرن جي خاڪ کي اکين تي رکڻ پاڻ کي پاڪ ڪندڙ هندي وڏو سمنڊ فخر وچان آسمان ۾ لھرون اڇلائيندي اهائي ساک ڏيئي رهيو آهي تہ ڪي صديون اڳ جڏهن باقي دنيا اڌ اگهاڙي ويس ۾ جهنگن ۾ خاڪ ڇاڻي نيم سڌريل حالت ۾ ڀٽڪي رهي هئي تڏهن مون مھاساگر جي ڇاتيءَ کي چيري هندو رشي، دنيا جي جدا جدا قومن کي، هندو ڌرم جي پوتر پريم جي پينگهي ۾ جهولائي رهيا هئا ۽ کين هندو ڌرم ۾ سمايل آتما جي پريم جون پِڪون پياري سڄيءَ دنيا کي هڪ قطار ۾ بيھاري رهيا هئا.
هندو ڌرم جو بنياد، ويدن جي گيان تي ٻڌل آهي، چئنين ويدن جي اڀياس ڪرڻ سان ڪنھن بہ ودوان ماڻھوءَ کي هندو ڌرم جا هيٺ ذڪر ڪيل مکيہ ڏھہ ٿنڀا نظر ايندا، يا ائين کڻي چئجي تہ هندو ڌرم جو ست ۽ تت هيٺ ڏيکاريل اصولن ۾ سمايل آهي.

1. سچي گيان جو بنياد، يا جيڪي ڄاتو وڃي ٿو، سو سڀ پرميشور آهي.
2. ايشور هميشہ دائم قائم، بي انت روشني وارو، نراڪار، شانت سروپ، هر هنڌ هر وقت حاضر نياءُ ڪاري، دياوان، اجر، امر، اڪال مورت، غير محددو ۽ اننت آهي ۽ انھيءَ هڪ جي ئي پوڄا ڪرڻ گهرجي.
3. ويدن جي معنيٰ گيان آهي، ۽ هر ڪنھن انسان جو فرض آهي اهو گيان حاصل ڪري ٻين ۾ وراهي.
4. سچ گرهڻ ڪري، ڪوڙ کي تياڳي
5. ڪم اهو ڪيو وڃي جنھن جي ڪرڻ لاءِ وويڪ موڪل ڏئي.
6. دنيا جي هر ڪنھن انسان سان ڌرمي، نيتڪ بدني ۽ روحاني ڀال ڀلائڻ گهرجن.
7. هر ڪنھن انسان سان پريم، سچائي ۽ نياءُ سان هلڻ گهرجي پوءِ ڀل کڻي هو ٻئي رستي تي هلندڙهجي.
8. وديا جو پرچار ۽ اوديا جو ناس ڪرڻ
9. فقط پنھنجي ڀلي لاءِ نہ، پر ٻين جي ڀلي ۾ پنھنجو ڀلو سمجهڻ گهرجي.
10. هر ڪنھن ماڻھوءَ کي پنھنجيءَ سماج جي قانون تي هلڻ گهرجي.
ياد رکڻ گهرجي تہ دنيا ۾ اڄ جيڪي بہ مکيہ مذهب موجود آهن، انھن سڀني جو آڌار هندو ڌرم جي مٿي ڏيکاريل ڏهن اصولن تي آهي، دنيا جو ڪو بہ مذهب مٿي ڏيکاريل هندو ڌرم جي ڪنھن بہ اصول کان منڪر نٿو ٿئي ۽ جنھن صورت ۾ هندن جا ويد دنيا جي سڀني پاڪ ڪتابن کان پروفيسر مئڪس مولر جي چوڻ موجب وڌيڪ جهونا آهن، تنھن صورت ۾ اها ڳالھہ ازخود ثابت ٿي ٿئي تہ دنيا ۾ اڄ ڪلھہ جيڪي بہ ڌرم يا مذهب آهن سي هندو ڌرم جي ٿڙ جون سايون سبز ٽاريون آهن، يعني هندو ڌرم تي دنيا جي مذهبن جو پيدا ڪندڙ ٻج آهي. دنيا جي مذهبن جي اڀياس ڪرڻ سان معلوم ٿيندو تہ هندن جو ويدڪ ڌرم ٻين مذهبن وانگر دل جي ڪمزور، يا انسانيت ۾ بي وسي يا ڪنھن هڪ پيغمبر يا ماڻھوءَ تي دارومدار رکڻ، يا ڪنھن ڪن ماڻھن کي پنھنجي نجات يا مُڪتيءَ جو ڀروسو سمجهڻ وغيرہ وغيرہ ڪمزوريءَ جا اصول نٿو سيکاري. هندو ڌرم هڪ هندوءَ کي ڄمندي شرط اهوئي اپديش ٿو ڏئي تہ “هي انساني چولي ۾ آيل جيو! تون ساکيات ايشور جو جزو ۽ انھيءَ ڪري شڪتيمان ۽ آزاد آهي.” مطلب تہ هندو ڌرم جي نظر ٻين سڀني ڌرمن کان بلڪل نرالي آهي.
Hibbert Journal نالي هڪ اخبار ۾ Vital Value in the Hindu God Idea جي وشيه تي لکندي مسٽر ٽلي سيگر صاف قبول ٿو ڪري تہ “هندن جا ڌرمي ويچار هاڻوڪي عيسائي مت کان گهڻو گهڻو سڌريل آهن..” شيگل چوي ٿو ته: “انھيءَ ڳالھہ کان انڪار نٿو ڪري سگهجي تہ پراچين هندن کي سچي ايشور جو گيان هو. هندن، ايشور نسبت اهڙا تہ ويچار ظاهر ڪيا آهن جي هوند انساني ڀاشائي ظاهر ڪري سگهي.” ريورنڊ برائيس پنھنجي (Sketch of the State of British India) ڪتاب ۾ لکي ٿو ته: “هندن جي اتھاس ۾ اهڙو وقت بہ هو جڏهن سندن ڌرم جو مکيہ مقصد فقط ايشور هو.” هيءُ جو ڪي تعصب غير هندو، اڄ ڪلھہ جي ڪن هندن کي وهم ۾ ڦاٿل ڏسي، سڄي هندو قوم تي اهو الزام مڙهي رهيا آهن تہ هندن جا ايشور گهڻا آهن. اهڙن جاهل ماڻھن کي مسٽر وارڊ منھن ٽوڙ جواب ڏيندي چوي ٿو تہ “اهو سچ آهي تہ هندو فقط هڪ ايشور کي مڃين ٿا، رواجي هندو بہ بحث مھل اهائي چوڻي ڪم آڻيندو آهي تہ “برهم هڪ آهي ٻيو ڪي ڪين آهي” چارلس ڪولمن پنھنجي Mythology of the Hindus نالي ڪتاب ۾ لکي ٿو تہ “هندن جي پوتر گرنٿن يعني ويدن ۾ ايشور کي سروشڪتيمان، غير محدود يعني بي انت، دائم قائم، ويچار جي حد کان ٻاهر سونڀو، نراڪار، نروڪار، ستيه، برهما (پيدا ڪندڙ) وشنو (پالنا ڪندڙ) ۽ شو (ناس) وغيرہ صفتن سان ظاهر ڪيو ويو آهي.” ڪرنل ڪئنڊي ساک ٿو ڏئي تہ “هر هڪ جنھنکي پنھنجي ڌرم جي اصولن جي واقفيت آهي سو هڪ ئي ايشور ۾ وشواس رکي ٿو.” جارج جيرنا پنھنجي (Theagony of Hindus) جي 53 صفحي تي لکي ٿو تہ ويدن ۾ ظاهر ڪيل ويچار ڏسي اسين بي ڌڙڪ چونداسين تہ ويد فقط هڪ ايشور کي مڃين ٿا ۽ اهو ايشور ودين موجب سرو شڪتيمان، بي انت سونڀو، پرڪاش ۽ وشو جو مالڪ آهي.” مستر مارس پنھنجي Religions of the world جي صفحي 44 تي لکي ٿو تہ “هر هڪ هندو پنھنجي اڳيان ايشور کي ملڻ جو ئي مقصد ٿو رکي نہ نہ هر هڪ هندو پاڻکي اندران ٻاهران اهڙو پوتر رکڻ ٿو گهري جيئن هو نيٺ ايشور ۾ وڃي لين ٿئي” مسٽر ڪولبروڪ پنھنجي Asiatic Researches نالي ڪتاب جي حصي 8 جي صفحي 385 ۾ لکي ٿو تہ “هندو شاسترن جي اڀياس ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو تہ هندو جاتي فقط هڪ ايشور کي مڃي ٿي.” پروفيسر مانيئر وليمس پنھنجي (Indian Wisdom) نالي ڪتاب جي صفحي 226 تي لکي ٿو تہ اسان کي قوي شڪ آهي تہ ڪو هندو منو سمرتيءَ جي زماني ۾ مورتن جي پوڄا ڪندا هئا.” پنھنجن وڏن جي نالي تي براهمڻن کي شراڌ کارائڻ جي جنھن رسم کي غير هندو ڪراهت جي نظر سان ڏسن ٿا، يا جنھن رسم تي هندن مٿان ٺٺولي ڪئي ٿي وڃي، انھيءَ شراڌ جي رسم تي لکندي يورپ جو مشھور ودوان پروفيسر مئڪسمولر پنھنجي (India, What can it teach us) نالي ڪتاب جي صفحي 242 تي لکي ٿو تہ “هندن جي شراڌن واري رسم ۾ پنھنجي مري ويل وڏن کي عزت ڏيڻ واري اصول ۾ هڪ پوتر اخلاق ڀريل آهي مان ايتري قدر چوڻ کان بہ نہ رهي سگهندس تہ اسان ڪرستانن ۾ شراڌ جي رسم چالو نہ هئڻ سبب اسان کي وڏو نقصان رسيو آهي. جيتوڻيڪ ڪي غير قومن هندن جي انھيءَ رسم کي وهم ۽ انڌ شرڌا جي نالي سان سڏينديون، پر هر هڪ سمجهو ماڻھو هندن جي انھيءَ رسم اندر لڪل پنھنجن وڏن بلڪ ننڍن نسبت پريم جي اڳيان ڪنڌ نمائيندو ۽ قبول ڪندو تہ اها شراڌن جي رسم ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيڻ گهرجي.” اسين هن هلندڙ بيان بلڪ اڳئين بيان ۾ صاف ڏيکاري آيا آهيون تہ هندو ڌرم ۾ دنيا جي ٻين ڌرمن کان وڌيڪ ۽ خاص خوبي اها آهي جو هو (هندو ڌرم) وگيانڪ ڌرم آهي. پراچين سمي ۾ هندوستان اندر ڌرم ۽ سائنس يعني وگيان گڏوگڏ هلندا رهيا. دنيا جي جدا جدا ڌرمن جي اڀياس ڪندڙ ڄاڻن جو چوڻ آهي تہ دنيا جا ٻيا ڌرم (هندو ڌرم کانسواءِ) اڄ ڪلھہ جي سائنس جي بنھه برخلاف آهن. پراچين هندو قوم جو ڌرم، سائنس ۽ فيلسوفيءَ تي ٻڌل هو.ميجر ڪننگ هام پنھنجي (History of The Sikhs) نالي ڪتاب جي صفحي 25 تي لکي ٿو تہ “مشرق (هندو قوم) ۾ ڌرم ۽ فيلسوفيءَ جو پاڻ ۾ ايترو تہ گھرو لاڳاپو هو جنھن جھڙو نہ ڪڏهن گريس ۽ نہ ڪڏهن سڄي يورپ ۾ ٿيو.” فرانس جي هڪ مھاودوان جو چوڻ آهي تہ “هندو ڌرم جا سڀ اصول اڄ ڪلھہ جي سائنس موجب سچا ثابت ٿيل آهن”.

مُردن کي ٿانئنڪو ڪرڻ، تاريخ جي آئيني ۾

پھريون انسان حضرت هابيل بہ پوريو ويو هو، جڏهن ڪابيل پنھنجو ڀاءُ هابيل کي قتل ڪيو ۽ سندس لاش لڪائڻ لاءِ اچي ڦاٿو، تڏهن ٻن ملائڪن ڪانون جي صورت ۾ ٿي جهڳڙو ڪيو ۽ هڪ ڪانو ٻي ڪانوَ کي ماري پوءِ کڏ کڻي ان ۾ پوري ڇڏيو، ڪابيل ويٺي اهو ڏٺو ۽ هن بہ ائين ڪيو.
قديم زماني ۾ جڏهن ماڻھو اڃا باھہ ٻارڻ جو هنر نہ سکيا هئا، تڏهن مردن جي ٿانئڪي لاءِ بہ طريقا اختيار ڪيا ڀلي تہ جهنگلي جانور، مرون کائي وڃينس يا ڳجهن جو ڳاھہ ٿئي، پارسي اڄ تائين ائين ڪن ٿا.
پارسي پنھنجن مردن کي نہ ساڙيندا آهن ۽ نہ وري پورين پر سڄي لاش کي ڏهي هڻي ٽاور آف پيس تي رکن پوءِ اتي ڌاريل ڳجهون لاش جو گوشت پٽي صرف ڍانچو بچائين پوءِ سمورا هڏا هڪ هڪ ڪري اونھي کوھہ ۾ ڪريو پون.
قديم پٿر واري وچئين دور (Middle stone age) ۾ مُردن کي دفنايو ويو هو. تمدن هند ۾ پيج 133 تي ذڪر ڪيو ويو آهي تہ سنٿال دراوڙي ڪل مان آهن جيڪي پنھنجن مردن کي پوريندا آهن.
سبط حسن پنھنجي ڪتاب “ماضي ڪي مزار” ۾ پيج صفحي ۾ بيان ٿو ڪري تہ آواگون عقيدي مطابق انسان جو جسم هڪ عارضي شيءِ آهي، ليڪن ان جي آتما امر هوندي آهي. هوءَ ڪڏهن بہ نہ ٿي مري، بلڪہ پنھنجن ڪرمن مطابق “جوڻ” بدلائي ٿي ۽ نون نون جسمن ۾ وڃي داخل ٿئي ٿي. ان عقيدي مڃڻ وارا پنھنجن مردن کي جلائيندا آهن، خاڪ درياءَ داخل ڪندا آهن.
محمد ادريس صديقي پنھنجي ڪتاب “وادي سنڌ ڪي تھذيب” صفحه 97 _ 99 ۾ بيان ڪيو آهي تہ موهن جي دڙي جي کوٽائي دوران اسان کي معلوم ٿيو تہ وادي سنڌ ۾ دفنائڻ جا ٽي طريقا رائج هئا.

1. مڪمل دفنائڻ
2. جزوي دفنائڻ
3. ساڙي دفنائڻ

1. مڪمل دفنائڻ مان مراد آهي تہ پوري لاش کي دفن ڪيو ويندو هو.
2. جزوي دفنائڻ مان مراد آهي دفن ڪرڻ جو اهو طريقو جنھن ۾ لاش کي کليءَ فضا۾ رکيو ويندو هو ۽ ان جو گوشت پو ست سڙڻ (ڳري وڃڻ بعد) ڪيڙن ۽ ماڪوڙن جي عذا بڻجي ويندو هو ۽ پوءِ ان جون هڏيون بچي وينديون هيون تہ انھن هڏين کي ميڙي پوريو ويندو هو.
3. خاڪستري دفنائڻ يا ساڙي دفن ڪرڻ يعني لاش کي جَلائي، ان جي خاڪ موڪري منھن واري ٿانوَ ۾ رکي دفن ڪرڻ کي خاڪستري دفن چيو وڃي ٿو. آسام ۾ گارو قبيلي وارا لاش کي جلائيندا آهن ليڪن بارش جي زماني ۾ اهو ناممڪن آهي تہ لاش کي جلائي سگهن ان ڪري لاش کي ماکيءَ ۾ رکي ڇڏيندا آهن ۽ بارش ختم ٿيڻ کانپوءِ ان کي جلائي ڇڏين.
مسٽر بئنرجي کوٽائي دوران بہ اهو معلوم ڪيو تہ پراڻي زماني ۾ مردن کي دفن ڪيو ويندو هو. جنھن مان ظاهر آهي تہ جهوني زماني جا بت پرست لاش کي دفن ڪندا هئا ۽ ساڙڻ جو زمانو پوءِ شروع ٿيو. سر جان مارشل بہ مُردن کي دفنائڻ جا ٽي نمونا بيان ڪيا آهن:
I. پوري لاش کي دفن ڪرڻ
II. لاش جي ڪنھن حصي کي پورڻ
III. ساڙڻ کانپوءِ دفن ڪرڻ

لاش کي قبر ۾ پورڻ جو طريقو

Early Indus Civilization
آمري دور وارا لوڪ پنھنجي مُردن کي ڪرونڊڙو ڪري پوريندا هئا. برفاني دور جي غارن مان دفن ٿيل هڏاوان پڃرا مليا، جن مان پتو پوي ٿو تہ اڄ کان چاليھه پنجاھہ هزار سال اڳ انسان پنھنجي مُردن کي باقاعدي زمين ۾ دفن ڪندا هئا، هو مردي جي گوڏن کي پيٽ سان ملائي ڇڏيندا هئا.
اهڙي طريقي سان مُردي جي پوزيشن اهائي ٿي ويندي هئي جيڪا ٻار جي پيٽ ۾ هوندي آهي. اهو بيان ڪيو آهي سبط حسن پنھنجي مشھور ڪتاب ماضي کي مزار صفحي 259 تي.
مھر ڳڙھہ جي تھذيب موهن جي دڙي کان اٽڪل 3 هزار ست سئو سال قديم آهي اتي کوٽائيءَ دوران معلوم ٿيو آهي تہ مُڙدن کي اوڪڙو ۽ ستل ٻنھي نمونن سان دفن ڪيو ويندو هئو. آمري دور وارا لوڪ مڙدن سان گڏ ضرورت جو سامان بہ رکي ڇڏيندا هئا. برفاني دور ۾ لاش جي مٿي هيٺيان پٿر جو وهاڻو رکيو ويندو هيو ۽ ڀرسان گوشت جا ٽڪرا هڏيون، شڪاري اوزار، سليقي سان رکيا ويندا هئا تہ جيئن مردو جڏهن ننڊ مان جاڳي تہ ان جي ضرورت جون سڀ شيون قبر ۾ موجود هجن.
سيد عباسي علي پنھنجي ڪتاب روح عصر صفحي 16 ۾ بيان ڪري ٿو تہ قديم زماني جا مصر ۽ مغول پنھنجي بادشاهن ۽ قبرن ۾ ان جي لاش سان گڏ کائڻ پيئڻ جون شيون برتن، هٿيار، گهوڙا، غلام ۽ ڪنيزون وغيرہ دفن ڪندا هئا. جيئن آخر ۾ انھن جي ڪم اچي سگهن.
ماضي ڪي مزار ۾ سبط حسن صفحي 271 ۾ بيان ٿو ڪري تہ مصري پنھنجي مردن جي قبر ۾ هڪ عدد ڪشي (ٻيڙي) ضرور رکندا هئا، اهڙيون ٻيڙيون پراڻن مقبرن ۽ اهرامن مان تمام گهڻي انداز ۾ مليون آهن.
مصر ممي سازي ۾ تمام مشھور رهي ۽ هنن پنھنجن بادشاهن (فرعونن) ۽ شھزادين کي ممي بنائي اهرامن ۾ باحفاظت رکرائي ڇڏيون جيڪي هن وقت بہ موجود آهن. يونان جي مشھور مورخ هيروڊٽس پنجين صدي قبل مسيح جي مصر جو سفر ڪيو ۽ هن ممي سازي جو تفصيل هن ريت ڪيو آهي تہ ممي سازي ٽن قسمن جون شيون آهن:
1. تمام قميتي
2. وچولي قيمت واري تي معمولي درجي واري
ممين جي تياري جو طريقو هي هيو
ممي سازي سڀ کان پھريان هڪ اوزار سان مردي جو مغز نڪ جي رستي ڪڍندا آهن، مغز جو جيڪو حصو اندر رهجي ويندو هيو ان کي دوائن زريعي نڪ اندر دوائون وجهي خالي ڪيو ويندو هيو، پوءِ هڪ تيز پٿر سان پيٽ کي هڪ طرف اونھو سوراخ ڪڍندا آهن ۽ آنڊا ٻاهر ڪڍندا آهن. ان بعد لاش کي اندر ٻاهر کجيءَ جي شراب سان خوب ڌوتو ويندو آهي ۽ ان کي لوبان جو واس ڏيندا آهن ان بعد لوبان تيز پاٽ ۽ ٻين خوشبودار مسالن جو پائوڊر لاش جي اندر ڀريو ويندو آهي ۽ ان بعد لاش جا سمورا سوراخ سبيا ويندا آهن ان بعد لاش کي 70 ڏينھن نطرون (شوري) پاڻي جي اندر ٻوڙيو ويندو آهي. 70 ڏينھن کانپوءِ لاش کي غسل ڏنو ويندو آهي ۽ عمدہ ڪپڙي جون پٽيون لئي لڳائي لاش جي چوگرد ويڙهيون وينديون آهن. تڏهن لاش جا وارث لاش جي هڪ پيٽي ۾ جيڪا انساني شڪل جي هوندي آهي ۾ان ۾ رکندا آهن ۽ پيتيءَ جو ڍڪڻو بند ڪري مقبري ۾ دفن ڪري ڇڏيندا آهن.
ڪافرستان جي ماڻھن جو ماڻھو مري ويندو تہ ان جي چوڌاري زالون توڙي مرد ٻار توڙي ٻڍا بيھي ساز سرندا وڄائيندا آهن.
ڳائين ۽ ناچ ڪن ان کانپوءِ جبل جي دامن ۾ لاش کي ڪنھن ڪاٺ جي صندوق ۾ بند ڪري، ٻين جي ڀر وڃي پوري اچن. انھيءَ ڪم کان فارغ ٿيڻ کانپوءِ ڇا ڪندا جو ڪاٺ مان هڪڙو پتلو گهڙيندا ۽ پوءِ ڏاڍن دهلن دمامن سان سڀ گڏجي ڳائيندا وڄائيندا جلوس جي شڪل ۾ اهو پتلو وڃي قبر جي ڀر ۾ ٻين پتلن سان گڏ رکي ايندا.
چٽگانگن جو قبيلو “چڪما” پنھنجا مردا دفن ڪندو آهي 6 ڏينھن ماتم ڪن مرد مٽ مائٽ مٿا ڪوڙائين، ماتم جي آخري ڏينھن دعوت بہ ٿئي. مورنگ قبيلي وارن جو ڪو ماڻھو مري تہ ماتم ڪونہ ڪن، بلڪ نچن ڪڏن ۽ راڳ ڳائن، سندن عقيدو آهي تہ مرڻ کانپوءِ بہ ماڻھو وري جنم وٺي دنيا ۾ ايندو آهي، جيئن هندن جو عقيدو آهي، ضلعي چاغي جي اوڀر وارن حصن ۾ خانہ بدوش ننڍن ٻارن جي لاش کي دفن ڪرڻ کان پھريان ئي انھن تي چرٻي مليندا آهن ۽ اگر ملان دستياب نہ هوندو تہ هڪ بالغ ماڻھو لاش کي ڪفن کان سواءِ ڪپڙن سميت دفنائيندو هو.
بلوچستان جي ضلعي زوب جي باشندن ۾ رواج آهي تہ انھن جو ماڻھو غير مذهب جي هٿان ماريو وڃي ٿو يا پنھنجي هم مذهب کان ظلم جو نشانو بڻجي ماريو وڃي تہ ان کي “شھيد” چوندا آهن. ان جو لاش ڪپڙن سميت زمين تي رکي پٿرن سان ڍڪي ويندي آهي ان مٿان پٿرن جي هڪ جهوپڙي ٺاهي وڃي ٿي جنھن ۾ هڪ سوراخ ڪيو ويندو آهي تہ جيئن راهگير اندر ڏسي سگهن.
ضلعي زوب جا باشندہ پنھنجي پارسا ماڻھن جي قبرن تي احترام کان ڊگها ڊگها بانس جا لڪڙا کوڙيندا آهن. ڪاسي ۽ ڪوئٽه جا سيد پنهجي ماڻھن جي قبرن تي احترام کان وڏا وڏا بانس جا لڪڙا کوڙي ڇڏيندا آهن.
جين فئيرلي پنھنجي ڪتاب (The lion river the indus) ۾ لکيو آهي تہ تبت ۾ انھن جاين کي جتي مردن جون آخري رسمون ادا ڪيون وڃن ٿيون تہ ان کي “آسماني دفن” جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. هي علائقو سياحن لاءِ ممنوع آهي، آخري رسمن طور تبت ۾ لاشن کي ٽڪر ڪري فضا ۾ اڇلائي ڳجهن کان کارايو وڃي ٿو هي رواج تبت ۾ صدين کان هلندو اچي ٿو ۽ اتان جي عوام جو عقيدو آهي تہ ڳجهون مئل انسان جي روح کي جنت ۾ کڻي وڃي پھچائين ٿيون.
پارسي قوم جي مکيہ شاستر اوستا ۾ “وينديداد” جو حڪم ڏنل آهي تہ مئل جو لاش پھاڙي يا ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي نيو وڃي جتي مٿس سج جا ڪرڻا بنا ڪنھن رڪاوٽ جي پئجي سگهن ۽ ماس کائيندڙ پکي پکڻ جي بہ اتي اچ وڃ هجي پکي گوشت کائي وڃن پر هڏا جئن سلامت رهجي وڃن ۽ ان لاءِ لاش کي رسين سان مضبوط ڪيو وڃي، جنھن ڪجهه مدت کانپوءِ شايد ٻارنھن مھينن بعد هڏا جي هن وقت خشڪ ۽ گوشت کان صاف ٿي ويا هوندا. جمع ڪري اهڙي ڪنھن چيز ۾ سنڀالي رکيا وڃن، جيئن پٿر يا ڳچ ۾ پر جي ميت جا مائٽ سخت غريب آهن تہ پوءِ جوڙيءَ جي ڪپڙن جي ڳنڍ ٻڌي ڪٿي ڪٿي دفن ڪيا وڃن. هن قسم جي هڏن سانڍڻ واري هنڌ کي “استو دان” چيو ٿي ويو.
پروفيسر گيگر ڄاڻائي ٿو تہ پارٿوا Parthava قوم جا آڳاٽا ماڻھو پنھنجي مئن کي پکين اڳيان اڇلائيندا هئا ۽ پوءِ باقي هڏا بچندا هئا تن کي ميڙي جمع ڪري دفن ڪري ڇڏيندا هئا. مسٽر هيڊن (Hedin) پنھنجو ڪتاب لزئنسن هماليه ۾ ٿٻيٽ جو شھر ۽ لھاسا جي مندرن اندر مئن جي ڪريا ڪرم جي طريقي بابت ٻڌائي ٿو تہ لاش مٿان ٻاڻيون پڙهي پوءِ خاص قسم جي ڪاسائي قوم جي فرد حوالي ڪيو ويندو آهي جيڪو لاش کي پھاڙيءَ تي کڻي وڃي وڍي ڪپي ٽڪر ٽڪر ڪري ڳجهن کي کارائيندا آهن. باقي هڏا صاف ۽ خشڪ ڪري جنڊ يا جانڊھہ ۾ پيھي ٻورو ڪري پوءِ اٽي ۾ ڳوهي ملائي ۽ ڳوڙهيون ٺاهي پکين کي کارائي ڇڏيندا آهن.
پروفيسر محبوب علي چنہ مڪلي ٽڪري جو سير ۾ ڄاڻايو آهي تہ مڪلي قبرستان ۾ 10 لکن کان بہ مٿي قبرون آهن جتي حاڪم، عالم، درويش، امير، وزير دفن ٿيل آهن، تحقيق مطابق مڪلي ٽڪريءَ جي ڊيگهہ ساڍا 13 ميل آهي.

مشھور ۽ اصل نالا

 

مشھور نالو اصل نالو
  1.  

نور جھانﷲ رکي 
  1.  

ابن بطوطہ ابو عبدﷲ محمّد 
  1.  

ڀولو پھلوان منظور حسين 
  1.  

گاما پھلوان غلام حسين
  1.  

مھاتما گوتم ٻڌسدارٿ
  1.  

چنگيز خان تموجن
  1.  

ملڪہ نور جھان مھر النساءِ
  1.  

انارڪلينادرہ بيگم 
  1.  

ساحر لڌيانوي عبدالحئي
  1.  

مجروح سلطان پوري مير مھدي 
  1.  

بو علي سينا ابو علي الحسين 
  1.  

اسٽالن جوگاش ويلي
  1.  

شورش ڪاشميريعبدالڪريم
  1.  

جگر مرآد آباديعلي سڪندر
  1.  

علامہ مشرقيعنايت ﷲ خان 
  1.  

امام غزالي ابو حامد محمد بن الطوسي
  1.  

ماڌوريبيرل ڪليسنس 
  1.  

نشوبلقيس
  1.  

نسيم پري چھرا شمشاد ٻائي
  1.  

نرگس ڪنيز فاطمہ 
  1.  

نمي نواب بيگم 
  1.  

نيلو (عيسائي)اسلامي نالو عابدہ 
  1.  

نديم مرزا نذير بيگ 
  1.  

لھري سفير ﷲ 
  1.  

گوپ هر شودا ساني 
  1.  

سنيل دت بل راج 
  1.  

سڌيرشاھہ زمان 
  1.  

سنتوش ڪمار سيد موسيٰ رضا
  1.  

رتن ڪمار ناظر علي 
  1.  

درپن سيد عشرت عباس 
  1.  

جاني واڪر بدرالدين 
  1.  

سنگيتا پروين
  1.  

آشا ڀوسليخورشيد بيگم 
  1.  

بھار ڪشور سلطانہ 
  1.  

ببو عشرت سلطانہ 
  1.  

بيناراءِ ڪرشنا سرين 
  1.  

بيگم پاراہزبيدہ حق 
  1.  

ثريا ثريا جمال 
  1.  

حسنہ فردوس
  1.  

دليپ ڪمار يوسف خان 
  1.  

خورشيد ارشاد بيگم 
  1.  

ديبا راحيلا بيگم 
  1.  

راني ناصرہ 
  1.  

راگني شمشاد 
  1.  

روزينہ آئي وي وائي آئيوي 
  1.  

رينوڪا ديويخورشيد جھان 
  1.  

زيبا شاهين بانو 
  1.  

سورن لتا سعيدہ بانو 
  1.  

سادهنا سادهنا شوداساني 
  1.  

شميم آرا پتلي ٻائي 
  1.  

شبنم جهرنا 
  1.  

شياماخورشيد بيگم 
  1.  

صبيحہ خانم مختيار بيگم 
  1.  

فردوس پروين 
  1.  

ڪامني ڪوشل اوما ڪيشپ / اوماديوي 
  1.  

گيتا بالي هرڪيرتن ڪور 
  1.  

مڌو بالا ممتاز 
  1.  

مينا ڪماري مھہ جبين آرا بيگم 
  1.  

مينا شوري خورشيد بيگم 
  1.  

مالا سنھا مالا سنھا مسيحي 

هندستان جي ڪجهہ يادگار جوهرن بابت ڄاڻ

مڙس جي لاش سان گڏ سندس زال جو جيئري چکيا تي چڙهڻ يا سڙڻ مرڻ کي “ستي لڪڙي” يا “سَتي ٿيڻ” چيو وڃي ٿو. ڪنھن راجپوت سردار، شھزادي يا راجا کي لڙائي ۾ هي خطرو درپيش ٿي آيو تہ هاڻي سندس شڪست يقيني هئي تہ مرڻ مارائڻ کان اڳ ۾ پنھنجي زالن کي ترار سان قتل ڪري پوءِ پاڻ وڃي وڙهي ٿي مئو.
اڪثر حالتن ۾ سموري گهرو عورتن کي باھہ جي مچ ۾ ساڙي ڀسم ڪيو ٿي ويو تہ جيئن هو فاتح جي قبضي ۾ اچڻ کان اڳي ئي وڃي پرلوڪ پڌارجن. هن رواج کي “جوهر” سڏيو ٿي ويو. جلال الدين اڪبر هڪ ڀيري هڪ هندوعورت کي مڙس سان گڏ چکيا تي چڙهڻ کان روڪڻ لاءِ ڪوشش ڪئي پر تڏهن بہ عورت ٻرندڙ مچ ۾ پاڻ اڇلائي پنھنجو انت آندو. هڪ ٻي عورت جنھن کي جنھن ستي ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ صلاح مشورا ڏنا ٿي ويا تہ هن پنھنجي آڱر کي باھہ جي ڄڀيءَ ۾ ساڙي کين ثابت ڪري ڏيکاريو تہ آگ انھن تي ڪو اثر ڪونہ ٿي ڪيو. جن جو مڙسن گڏ سڙي مرڻ لاءِ ارادو اٽل هيو. وجئه ننگر ۾ تہ راجائن جي مرڻ تي سندس پَٽَ راڻيءَ بجاءِ مڙني زالن درجنن جي حساب سان گڏجي پاڻ ٿي جلايو. ستي ٿيڻ يا ڏاگهہ چڙهڻ لاءِ شھر يا ڳوٺ ٻاهران خاص قسم جا مڪان ٺھيل هئا، جن کي ستين جو آستان يا ستين جو ٿاڪ سڏيو ٿي ويو، هي آستان اڪثر ڪري تلاءَ واھہ يا دريا جي ڪناري اڏيا ويندا هئا. ستين جي يادگار طور ستين جي آستان لڳ پٿر کڙا ڪيا ويندا هئا، جن کي “ستين جا پٿر” يا “سردان” سڏيو ويندو هو. هنن پٿرن تي عورتن جي ميندي رتل هٿن جا نشان اڪريل هوندا آهن ۽ ٻئي هٿ ٻانھن سميت اُڀا کڙا ڪيل ڏٺا ويندا آهن. پٿرن تي سندن پتيءَ جو ۽ پنھنجو نالو نقش ٿي ڪيو ويو.

پھريون جوهر چتور ڳڙھہ
تاريخ ٻڌائي ٿي تہ چتور ڳڙھہ ۾ 3 وڏا جوهر ٿيا. راڻي پدمڻي جي وقت م جيڪو پھريون جوهر ٿيو، اهو تمام مشھور ٿيو ۽ هن بابت “فلم پدماوتي نالي بہ ٺاهي ويئي آهي جنھن فلمي دنيا ۾ وڏو نالو ڪمايو آهي. راڻي پدمني راجا رتن سنگهہ والي چتور جي ٻي گهر واريءَ جو نالو آهي جيڪا تمام حسين ۽ جميل هئي. علاءُ الدين خلجي “دهليءَ جو والي” هيو جنھن جي دل چاهيو تہ بدمني کي هٿ ڪيو وڃي. راجا رتن سنگهہ جي پھرين راڻي جو نالو ناگ متي هو. 1303 _ 28 جنوري تي علاءُ الدين خلجي وڏي لشڪر سان چتور تي چڙهائي ڪري آيو ۽ راجپوتن کي چيو تہ شڪست تسليم ڪيو ۽ راڻي پدمڻي منھنجي حوالي ڪيو.
راجا رتن سنگهہ شڪست قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنھن تي علاءُ الدين خلجي چتور جي قلعي تي چوڌاري گهيرو ڪيو ۽ پنھنجي فوج کي حڪم ڏنو تہ منجنيقن ذريعي قلعي کي ٽوڙيو وڃي.
راجپوتن اندران قلعي جا دروازا بند ڪري ويھي رهيا. 8 مھينا قلعي تي خلجيءَ جو محاصرو رهيو ان بعد قلعي جي اندر کاڌي پيتي جي ڪمي ٿي تہ راج رتن سنگهہ قلعي جا دروازا کولرائي ڇڏيا، علاءُ الدين خلجيءَ جي فوج قلعي ۾ ڪاهي پئي دهلي جي سلطان جي فوج تمام وڏي هئي ان ڪري راجپوتن جي هار ٿئي. پر هي ڀڳا ڪونہ ۽ وڙهندي سر ڏنائون. هوڏانھن عورتن باھہ جو وڏو مچ ٻارايو ۽ ان ۾ جلي خاڪ ٿيون. علاءُ الدين خلجيءَ لڙائي بعد قلعي ۾ آيو پر هن کي سڙيل خاڪ کان سواءِ ڪابہ ساھہ واري شيءِ ڪانہ ملي.

ٻيو جوهر راڻي ڪرناوتي چتور ڳڙھہ 1534ع
راڻي ڪرناوتي جنھن راڻي سنگرام سنگهہ سان شادي ڪئي، جيڪو راڻا سانگا جي نالي سان مشھور هيو جنھن جو واسطو راجپوت سسوڊيا گهراڻي سان هيو. هن کي ٻہ پٽ وڪرماجيت ۽ اُڌي سنگهہ نالي هيا. هن پنھنجي حڪومت وڌائڻ شروع ڪئي ۽ لوڌي خاندان سان مھاڏو اٽڪايو ۽ 1518ع ۾ لوڌي فوج کي تباهي ڏني.
راڻا سانگا لڙائيءَ ۾ زخمي ٿي پيو ۽ هن جو هڪ هٿ تلوار جي وار سان ڪٽجي پيو ۽ هڪ تيرهن جي گوڏي ۾ لڳو ۽ هڪ ڄنگهہ کان منڊو ٿيو. هي هڪ اک کان اڳ ۾ ئي ڪاڻو هيو پر پوءِ بہ لڙاين ۾ وڙهڻ کان بس ڪين ڪئي. تاريخ ٻڌائي ٿي تہ هن جي جسم تي ترارن جا 80 گهاءَ هئا.
گجرات جي حاڪم قطب الدين بھادر شاھہ ميواڙ تي ڪاهيو ان وقت راڻي ڪرناوتي ميواڙ تي حڪومت ڪندي هئي، هن سڀني راجپوت راجائن کي مدد ڪرڻ لاءِ چيو. راجپوتن جواب ۾ چيو تہ اسان مرڻ گهڙي تائين توهان جو ساٿ ڏينداسين. راڻي کي خبر هئي تہ اسان جي فوج طاقت گجرات جي حاڪم کان بلڪل گهٽ آهي ۽ هو وڏي لشڪر سان اچي رهيو آهي ۽ اسان مقابلو نہ ڪري سگهنداسي، پر پوءِ بہ دشمن سان وڙهيا ۽ ڀڳا ڪونہ ۽ پنھنجا سر قربان ڪري ڇڏيا. اهڙي طرح راجپوتن کي شڪست ٿي، چتور جي عورتن راڻي ڪرنا وتي سان گڏجي پاڻ کي مچ جي آڙاھہ ۾ ٽپو ڏيئي جوهر ڪيو.

چتور ڳڙھہ جو ٽيون جوهر
مغل حاڪم اڪبر 1568ع ۾ بھار جي مند ۾ ميواڙ کي فتح ڪرڻ جو خيال ڪيو، ان وقت ميواڙ جي 53هين حاڪم ۽ ميواڙ جي خاندان راڻا سانگا ۽ راڻي ڪرناوتي جي چوٿين پٽ راڻا اُڌي سنگهہ جي حڪومت هئي.
راڻا اُڌي سنگهہ پنھنجي ڪائونسل گهرائي صلاح ورتي جنھن ۾ ڪائونسل فيصلو ڪيو تہ اُڌي سنگهہ پنھنجي خاندان، عورتن ۽ شھزادين سميت پناھہ لاءِ پھاڙن ڏانھن نڪري وڃي. ڪائونسل جي فيصلي تحت اُڌي سنگهہ قلعي مان نڪري ويو پويان ٻہ بھادر جنگ جو جئيمل ۽ پتا Patta 8000 بھادر راجپوتن سان گڏجي مقابلو ڪندا. هوڏانھن فتح حاصل ڪرڻ لاءِ اڪبر اجمير ويو ۽ خواجہ کان ڪاميابي لاءِ دعاگو ٿيو. جئي مل ۽ پتا سسرڊيا حساب ڪيو تہ پنھنجو لشڪر ڪيترو آهي ۽ دشمن ڪيترو سگهارو آهي ۽ جيت ناممڪن آهي انڪري جوهر جو فيصلو ڪيو ويو ۽ جوهر جو سامان اڳ واٽ مھيا ڪري پاڻ وٽ محفوظ ڪري رکي ڇڏيائون.
22 فيبروري تي اٽڪل 8000 عورتن پنھنجي پاڻ کي باھہ جي آڙاھہ ۾ اڇلي، جوهر ڪيو. ٻي ڏينھن زعفراني پٽڪن ٻڌل راجپوت سپاهين قلعي جا دروازا کولي دشمن آڏو بھادري سان وڙهيا ۽ پنھنجي جان جو نذرانو ڏنو.
اڪبر غصي ۾ اچي 40000 هزار هٿين خالين پوڙهن، مردن، عورتن ۽ ٻارن جو چتور ڳڙھہ ۾ ڪوس ڪرايو.
هن جوهر ۾ Patta جي امڙ ۽ 9 راڻين، 5 نياڻين (ڌيئرن) ٻن پٽن جوهر ڪيو جن جا نالا ڏجن ٿا: سجن ٻائي سوناگري (پتا جي ماءُ) جيوا ٻائي سولنڪي، مديحا ٻائي، سردار ٻائي راٺوڙ، جهاليا پدمڻي، رتن ٻائي، بگادي چوهاڻ، ڀڳوتي چوهاڻ، آشا ٻائي پرمار، ۽ ٻين سوين عورتن گڏجي جوهر ڪيو جنھن ۾ 8000 عورتن جو ذڪر اچي ٿو.
جوهر جي تاريخن تي چتور ڳڙھہ ۾ هر سال شاندار ميلو ملھايو ويندو آهي.

رنٿمبور (Ranthambore) جو جوهر 1301ع
1301ع ۾ دهليءَ جي سلطان علاءُ الدين خلجي رنٿمبور قلعي تي ڪاھہ ڪري آيو، ان قلعي جي حاڪم حڪمران همير چوهاڻ فيصلو ڪيو تہ مئي مارائي کانسواءِ قلعو خلجين جي حوالي ڪونہ ڪبو ۽ آخري دم تائين وڙهنداسي. علاءُ الدين تمام وڏي لشڪر سان چڙهي آيو هيو، جن ۾ هاٿي، قلعي ٽوڙڻ لاءِ منجنيقون بہ آنديون ويون. هوڏانھن همير جي وزير جاجا Jaja جوهر جون تياريون بہ مڪمل ڪرايون هيون ۽ پوءِ راڻين ڌيئرن ۽ ٻين همير جي مٽن ۽ مائٽ عورتن گڏجي جوهر ڪيو. همير ديو جي زال راني رنگ ديوي ۽ سندس ڌيءُ پدمالا بہ جوهر ڪري جان ڏني. قلعي جي مخصوص حصي ۾ وڃي جوهر ڪيو، ان جي ياد ۾ جتي جوهر ڪيو ويو هو، ان جو نالو “پدما تلاءُ” رکيو ويو آهي.

گواليار جو جوهر
شمس الدين التمس دهليءَ جو سلطان 1232ع ۾ گواليار تي ڪاھہ ڪئي. راجپوت عورتن التمش جي فوج جي هٿ اچڻ کان اڳ ۾ ئي جوهر ڪيو. جنھن جاءِ تي عورتن جوهر ڪيو اها گواليار علائقي جي اترين آخري پڇاڙي ۾ اهو جوهر تلاءُ يا (جوهر ڪنڊ، جوهر ٽينڪ) نالي مشھور آهي.

بنديل کنڊ جو جوهر
1634ع ڊسمبر اورنگ زيب وڏي لشڪر سان مڌيه پرديش جي شھر بنديلا (Bundela) تي ڪاھہ ڪري، ان کي فتح ڪيو. رهواسي عورتن جوهر ڪيو، جن عورتن جوهر ڪونہ ڪيو هو انھن کي زبردستي حرم ۾ داخل ڪيو ويو مردن کي زبردستي اسلام جي مذهب ۾ آندو ويو جن انڪار ڪيو سي قتل ٿي ويا.

ڪامپلي (Kampili) جو جوهر 1327ع
1327ع ۾ دهلي جي سلطان محمد بن تغلق اتر ڪرناتڪ جي ڪامپلي (Kampili) حڪومت کي شڪست ڏني ۽ هندو عورتن جوهر ڪيو.

گجراتي لوڪ ادب، ستي جسما اوڏڻ

ستي جسما اوڏڻ (روڏا) Rooda هڪ منڊي ۽ بدشڪل کاٽر اوڏ جي زال هئي (معلوم هجي تہ اوڏ هڪڙا مٽيءَ جو آلو ڪم ڪندا آهن جنھن ۾ ڀتيون ڪوٽ ۽ قلعا جوڙڻ آهي، جن جي مضبوطي ۽ پائيداري لاءِ ڀٽائي سرڪار بہ هيئن چيو آهي ته:
“اڏيو جو اوڏن، سو ڍينگهر ڍلو مَ ٿئي”
ٻيا اوڏ کاٽر Pond Diggers جيڪي کاٽي کڻي، کوھہ واھہ ۽ تلاءَ تيار ڪندا آهن، انھن کي کاٽر اوڏ چيو وڃي ٿو. آلي مٽيءَ لاءِ گڏهن تي پاکڙا رکي انھن تي مٽي رکي پورهيو ڪيو ويندو آهي، انھن کي اوڏڪي ٻولي ۾ (جيترين) چيو ويندو آهي. ۽ ڪوڏر بہ ٻي نموني جي ٿئي منھن وٽ سنھي ۽ مٿي ٿوري ويڪري ٿئي ان کي پاوڙا چيو ٿو وڃي. کاٽيءَ واري ڪم واري ناگوري ڪوڏر هوندي آهي جيڪا وڏي ۽ ويڪري هوندي آهي، ڪوڏر جي ٻن لپن سان گڏھہ وارو ٻورو ڀرجيو وڃي. شرط آهي تہ ڪوڏر هلائڻ وارو بہ طاقت ور مڙس هجي ڇو تہ ڪوڏر زمين تان ڀري ڇاتي تائين کڻي مٿي گڏھہ جي ٻوري ۾ وجهڻي آهي.
جئي سمھا سڌراج گجرات جي بادشاھہ ڪرنا (Karna) جو پت 1094ع ۾ ڄائو، هن جي والد جڏهن وفات ڪئي تہ هي تمام ننڍڙو هو ان ڪري سندس والدہ راڻي مينلا ديوي پنھنجي نگهبانيءَ ۾ حڪومت هلائي، راجا سڌراج 49 سال حڪومت ڪئي. هي سولنڪي گهراڻي جو ستون بادشاھہ هو هن کي ڪا بہ پٽاڻي اولاد ڪانہ ٿي. نظر جڏهن جسما تي پئي تہ هن جي حسن کيس گهائي وڌو ۽ ٿورو وڌي وڃي چيائين تہ مون سان شادي ڪر مان توکي پٽ راڻي بڻائيندس، تون هن اوڏڪي ڪم لائق ناهين. جسما چيس تہ مان شادي شدہ آهيان ۽ اهو ڪم مان نہ ٿي ڪري سگهان. سڌراج ڪاوڙ ۾ اچي جسما جي منڊي مڙس کي قتل ڪرائي ڇڏيو. مڙس جي مرڻ کانپوءِ جسما خنجر کڻي پنھنجو پيٽ ڦاڙي وڌو ۽ مري ويئي هڪ ٻئي هنڌ لکيل آهي تہ مڙس جي مرڻ کانپوءِ جسما ڪاٺيون هٿ ڪري وڏو مچ ٻاري ان آڙاھہ ۾ پنھنجو پاڻ کي اڇلائي ستي ٿي. دراصل جسما اوڏڻ هڪ اپسرا (حور) هئي جيڪا ڪام ڪنڊالا نالي شيءِ جي بددعا ڏيڻ سان ڌرتي تي ٻيو جنم ورتو ۽ هڪ منڊي ۽ بد شڪل ڪم ڪرڻ واري پورهيت سان شادي ڪئي.
اصل ۾ رشي پاڻ ان تي موهت ٿيو هيو ۽ کيس شادي لاءِ چيو، هن جي انڪار تي رشي هن کي شراپ ڏنو، جسما ڪروڌ ۾ ڀرجي بد دعا ڏني تہ تنھنجو بہ ٻيو جنم ڌرتيءَ تي ٿيندو ۽ منڊو اوڏ بہ تون هوندين مان توسان شادي تي ڪنديس. ٻنھي جو ڌرتي تي ٻيو جنم ٿيو ۽ جسما ان منڊي اوڏ سان شادي ڪئي ۽ آخر تائين ان سان وفادار رهي. جسما اوڏڻ مرڻ وقت راجا سڌراج سولنڪي کي بد دعا ڏني تہ تون پنھنجي پٽ جي اولاد لاءِ سڪندين ۽ لاوارث مرندين، ٻيو تہ Sahasra linge تلاءُ جيڪو تو کوٽرايو آهي ان ۾ پاڻي نہ ڀربو، جيستائين مايو ڍيڍ تلاءُ ۾ ٻڏي پنھنجي قرباني نہ ڏيندو.
12 ٻارهين صدي ڌاري اوڏ راجپوت قبيلي هڪ مندر تعمير ڪيو ۽ جسما اوڏڻ جي ياد ۾ ان جو نالو جسما ديوي مندر رکيو ويو. 1982ع ۾ شانتا گانڌي جسما اوڏڻ جي نالي سان اسٽيج ڊرامو پرفارم ڪيو. 1926ع ۾ هندوستان خاموش فلم “ستي جسما” هومي ماسٽر تيار ڪئي، جنھن ۾ گوهر ماما جي والا ۽ خليل ليڊنگ رول ڪيا. 1976ع ۾ گجراتي فلم “ستي جسما اوڏڻ” ٺاهي ويئي، جنھن کي ڊائريڪٽر ڪيو چوندرا ڪانت سنگهاني، ڳانا ڪانتي اشوڪ ۽ ميوزڪ مھيش نريش ڏني.

سنڌ ۾ مھاڻين جي نالي سان شھر ۽ ڳوٺ

سنڌ سونھاري، پنھنجي سرسبزي ۽ شاهوڪاريءَ جي اعتبار کان دنيا جي قديم تھذيبن مان هڪ آهي، جنھن جو زندہ مثال، “موهن جو دڙو” آهي ۽ جنھن جي ڀر ۾ سنڌو نديءَ جو وهڻ زرخيزيءَ ۽ شادمانيءَ جو مکيہ ڪارڻ بڻيل آهي. جيتري سنڌ قديم آهي تہ ان ۾ رهندڙ هن وقت بہ ڪي تہ قديم قومون ضرور موجود هونديون تھذيبون رهيون پر اتي رهندڙن جو نسل تہ پشت با پشت هلندو آيو، ان سلسلي ۾ سنڌ جو محقق ۽ ڏاهي ڪاڪو ڀيرومل مھر چند آڏواڻي ڄاڻايو آهي تہ سنڌ ۾ هن وقت جيڪي “اوڏ” ۽ ماڃر ذات جا مھاڻا آهن سي سنڌ جا قديم رهواسي آهن.
“مھاڻو” اسان جي معاشري جو ماڻھو آهي، عام طور “مھاڻو” لفظ مڇي ماريندڙ لاءِ استعمال ٿئي ٿو، ٻيڙي هلائيندڙ بہ مھاڻو سڏجي ٿو، کاريءَ ۾ مڇي وجهي هوڪو ڏيئي مڇي کپائيندڙ بہ مھاڻو ڪوٺبو آهي، انھن کي ميربحر بہ چيو وڃي ٿو. سنڌي لغات ۾ “مھاڻي” جي معنيٰ مڇي جو هڪ قسم بہ ٻڌايو ويو آهي. سنڌ جا اهي پراڻا رهواسي پاڻي جھڙي پياري نعمت مان ڀرپور فائدو وٺڻ خاطر دريائن ڍنڍن، ڍورن ۽ واهن سان جهجي واسطيداري قائم رکندا اچن ٿا، اهي پنھنجي گذران لاءِ “مڇي مارڻ” سان سنٻڌ رکن ٿا.
مھاڻن جي آبادي واهن جي ڪنڌين ۽ ڪنارن تي آباد آهي ۽ وري ڪيترن جا تہ ٻيڙن ۾ ئي گهر جڙيل آهن.
ٻگهيا، ساٽي، کھڙا گندرا، گهاتو، ماڃر، رميءَ، ماڇي، ملاح، جهٻير، مھيسر ۽ ناکئان مھاڻن جون ذاتيون آهن. پر ڌنڌي جي لحاظ کان مھاڻن جون ذاتيون هيٺ ڏجن ٿيون:
1. مھيسر: مينھن جي ڌنڌن وارا مھاڻا
2. کھڙا: ڪوسلا ٻيڙيون ٺاهيندڙ
3. دودہ يا دوندڙ: ڊوڊين وارا
4. دونگهہ: پاتڻي
5. گندرا: مڇي فروش
ڪينجهر ڪناري سپر ڪندي نوري مھاڻيءَ تي جڏهن ڄام تماچيءَ جي نظر پئي تہ ڄام جي من ۾ محنت جي ميخ لڳي ويئي ۽ آخر ڄام نوريءَ کي “نوازي” محلات ۾ راڻين سان راڻي ڪري رهايو ۽ هي قصو تہ هر سنڌ واسي کي معلوم آهي.
تحقيق مان معلوم ٿئي ٿو تہ نوريءَ کان علاوہ بہ سنڌ ۾ ڪيتريون ئي، بھادر، سخي ڏاهيون ۽ حسين مھاڻيون ٿي گذريون آهن. ان جو ثبوت سنڌ جا ڪيترا شھر ۽ڳوٺ موجود آهن جن تي مھاڻين جا نالا رکيل آهن. جيئن ڪراچي تي “ڪلاچي” نالي مھاڻيءَ جو نالو پيل آهي.
بدين، مٺي، سانگهڙ، ماتلي، تلھار، مھاڻين جا نالا آهن. ٻانڌي، دوڙ ۽ بچيري نالي ڳوٺ ۽ ريلوي اسٽيشنون بہ مھاڻين جا نالا آهن. سڪرنڊ بہ اصل ۾ هڪ مھاڻيءَ جو نالو هو. موري تعلقي ۾ سن ساوڙي ۽ جاڙي نالي ڳوٺ آهن اهي بہ مھاڻين جا نالا آهن.
ڪنڊياري تعلقي ۾ “هالاڻي” بہ مھاڻي هئي، هالاڻي جي ڀرسان “ڀيلاڻي” جو ڳوٺ آهي، ان جو صحيح نالو آهي بہ هالاڻي يعني هالاڻي ساڻ، اهو ڳوٺ هالاڻي جي نزديڪ هئڻ ائين سڏبو آهي. پوءِ بہ هالاڻي بدران ڀيلاڻي سڏجڻ لڳو.
گهڻا چون ٿا تہ اهي مھاڻيون پنھنجي حسن ۾ پنھنجو مٽ پاڻ هيون، جنھن ڪري اهو شرف مليو اٿن جو سندن نالا ڳوٺن تي پيا آهن ائين هوندو تہ عجب ڪونھي. شھدادپور تعلقي ۾ جما ۽ ملھہ دسي آهي، ٻئي ڳوٺ هڪ ٻئي جي ويجهو آهن، اها جما مھاڻي هئي ۽ ملھہ وڙهڻ ۾ استاد هئي هوءَ اتر کان آئي ۽ گهڻن کي ملھہ دسيائين نيٺ شھدادپور تعلقي ۾ ڪو اهڙو مڙس گڏيس جنھن ملھہ دسيائينس سو ڳوٺ هاڻي ملھہ دَسي سڏجي ٿو.

پتر (PITRS)

عمرانيات جو مفڪر اگست ڪونٽ ۽ ايس بي لبڪ ان خيال جا حامي هئا تہ پراڻي دور جا انسان پنھنجي ابن ڏاڏن کي بي پناھہ طاقتن جا مالڪ سمجهندا هئا تنھن ڪري انھن جي روحن جي پرستش عام طور تي ڪئي ويندي هئي ۽ اهڙي رسم اوڏن ۾ اڃا تائين موجود آهي سندن گهرن ۾ پتر ٺھيل آهن، جن ۾ هر روز پترن کي پاڻي ڏنو ويندو آهي ۽ هر تھوار تي بسرين جا چڙا هوا ڏنا وڃن ٿا.

I. The pitrs: The blessed that dwell in the third heaven are called pitrs or fathers.
II. They are besought to give riches off spring and long life of to their sons (10-15) A.V 18, 3.
III. Two hymns of R.V are devoted to their praise (10-15 54). (Vedic methology A.A Maedonell)

پتر سنسڪرت ٻولي جو اکر آهي، جنھن جي معنيٰ آهي Fore fathers ابا ۽ ڏاڏا. ابا ڏاڏا وفات ڪري ويا، انھن کي ساٺ ۽ سنوڻ مطابق دفنايو يا ساڙيو ويو، ان بعد انھن جي روحن کي پتر لوڪا ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ملي ويئي، پر ڪٿي ابا ڏاڏا اهڙا بہ هوندا جن جي پوئرن پورا ساٺ سنوڻ نہ ڪيا هوندا ڪافي سبب ٿي سگهن ٿا، اهي بد روحن وانگر آسمان ۾ پنھنجي مڪتي لاءِ ڀٽڪندا وتن ٿا.
پتر پير يا ديوتا جو درجو رکن ٿا ۽ ڏکئي وقت ۾ مدد ڪن ٿا. روزگار ڏيڻ ۾ مددگار ٿين ٿا.
شادي ڪرڻ ٻار پئدا ڪرڻ ناهي پر شادي ڪري پٽ جو سنتان پئدا ڪرڻو آهي، جيڪو پنھنجي ابن ڏاڏن جي ڪرمن جو ڇوٽڪارو ۽ سھارو بڻجي ٿو. پٽ جي ڄمڻ سان ايڏي خوشي ۽ شادمانا ڇو ٿا ڪيا وڃن..!؟ اهو قدرتي راز آهي پٽن جي ڄمڻ سان خاندان وڌي ٿو ۽ انھن ذريعي وڏڙن جا گناھہ ڌوپن ٿا. پراڻن شاسترن جھڙوڪ منو سمرتي ۾ چيو ويو آهي تہ جيڪو ٻار برهمڻ شادي تحت پئدا ٿئي ٿو اهو پنھنجي 10 پترن جا گناھہ معاف ڪرائي ٿو سگهي. وواھہ جا اٺ قسم آهن پر سڀ کان اتم وواھہ برهم وواھہ آهي. ڪنوار ۽ گهوٽ نيڪ هجن، مٽن ۽ مائٽن جي راضي سان شادي ٿئي ان شاديءَ کي اتم شادي مڃيو وڃي ٿو.
راڪشس وواھہ کي مذموم (مذمت جوڳو) وواھہ چيو وڃي ٿو، لڙائي ڪري زوري ڪنوار کسي شادي ڪرڻ يا فريب سان شادي ڪرڻ راڪشس قسم آهي.
خفيہ شراب پي هڪ پاڳل عورت سان زبردستي همبستر ٿيڻ پيشاچ وواھہ آهي، هي نھايت مڪروھہ قسم جو وواھہ آهي. پراڻي دور جي ماڻھن کي سناتن ڌرم وارا ماڻھو چيو ويندو آهي. ان وقت ۾ وفات ڪيل ماڻھوءَ کي ساٺ سنوڻ ڪرڻ بعد دفنايو يا ساڙيو ويندو هو ۽ آخري رسمون بہ وڏي ڌوم ڌام سان سرانجام ڏنيون وينديون هيون تہ جيئن ان مئل جو روح پتر لوڪا ۾ پھچي وڃي، پر جيڪڏهن انھن رسمن ۾ ڪا ڪوتاهي رهجي وڃڻ جي صورت ۾ روح سرڳ ۾ وڃي ڪونہ سگهندو ۽ اهو روح ڇوٽڪاري لاءِ ڀٽڪندو رهي ٿو. ان جي پيڙهي ۾ پئدا ٿيندڙ مرد اولاد ئي پنھنجي وڏڙن جا گناھہ معاف ڪرائي سگهن ٿا ۽ انھن جي ذريعي ڇوٽڪارو ملي وڃي ٿو. عام عقيدو آهي تہ باھہ جي ديوي (اگني ماتا) وفات ٿيل جي جسم کي تہ جلائي خاڪ ڪري ٿي ۽ سندس روح دونھي ۽ خاڪ سان ملي پتر لوڪ پھچي وڃي ٿو ۽ سندس گناھہ ختم ٿيو وڃن.
شاسترن ۾ لکيل آهي تہ جيڪو مرد ٻار برهمڻ شادي تحت پئدا ٿي ٿو، سو 10 پترن جا گناھہ معاف ڪرائيندو آهي ۽ 10 ابن ڏاڏن ۽ هڪ پنھنجي پتر سندس ابا ڏاڏا ۽ ڏھہ ان جي ايندڙ جي اولاد ۽ هڪ پنھنجو يعني 21 ايڪويھہ ماڻھن جا گناھہ معاف ڪرائي سگهي ٿو.
Amavasya اماوس نئين چنڊ جي ڏهاڙي کي چيو وڃي ٿو، پترو پڪشا جي موقعي تي هندو مھيني اشوِن ۾ پترن جي پوڄا لاءِ چيو ويو آهي. پترن لاءِ چانور انھن ۾ تر ۽ گهه وجهي چڙهاوا ڏيڻ کپن ۽ اهي چانور پکين جي چوڳي لاءِ رکيا وڃن.
پتر پکين جو روپ وٺي يعني (ڪانوَ ۽ ڪبوتر جو روپ ڌاري) ڌرتي تي اچن ٿا ۽ کاڌي پيتي جي تمنا رکن ٿا. خاص ڪري اهي پتر جيڪي آسمان ۾ ڀٽڪندا رهن ٿا ۽ انھن کي موڪش لاءِ تڙپنا رهندي ٿي اچي ڇاڪاڻ تہ انھن جا فنرل ريچوئلس صحيح نموني ڪونہ ٿيل هئا ۽ اهي سرڳ ۾ وڃي نہ سگهيا ۽ اڃان تائين ڀٽڪندا ٿا وتن. مھاراج ڀاڳبرت جي ڪٿا مشھور آهي تہ هن پنھنجي وڏڙن جي ڇوٽڪاري لاءِ شوا (Shiva) مھاراج جي پوڄا ڪري کيس پرسن ڪري گنگا کي ڌرتي تي آندو، جيڪي رشي ڪپيلا جي غضب ڪري ناس ٿيا هئا ۽ گنگا جي ڌرتي تي اچڻ سان کين نجات ملي.
ڌرمي ڪتاب ستيارٿ پرڪاش صفحي 103 ۾ لکيل آهي تہ گوتر معنيٰ نسب (بڻ بڻياد) اباڻو خانداني سلسلو، شجرو، ڪُلُ جنھن نسب مان پيءُ هجي ان ۾ شادي ڪرڻ منع آهي، جيڪا ڇوڪري ماءُ جي خاندان جي ڇھن پيڙهين ۾ نہ هجي ۽ پيءُ جي گوتر جي نہ هجي ان ڇوڪري سان شادي ڪرڻ جائز آهي. اوڏن ۾ بہ پنھنجي ٻارڙن جي شادي وقت گوتر جو وڏو خيال رکيو ويندو آهي. پر اڄ ڪلھہ عجيب دور اچي ويو آهي ۽ پاکنڊي سائين بابا جي چوڻ تي ننڊيون وڏيون رشتي داريون ختم ڪري، پاڻ ۾ شاديون ٿي رهيون آهن انھي انڌي روش جو ذمي وار ڪير آهي؟ پاکنڊي سائين بابا يا نئون نسل جيڪو انڌ جي گهوڙي تي چڙهيل آهي ۽ مذمت جوڳو ڪم ڪري رهيا آهن.
وواھہ: گهوٽ کي هڪ ڏينھن اڳ ۾ هٿن ۽ پيرن تي ميندي لڳائي ويندي آهي ۽ ان موقعي تي ڳيچ ڳاتا ويندا آهن گهوٽ کي مينديءَ جا ست سنوڻ ڪيا ويندا هئا ۽ اها ستن سنوڻ واري رسم ختم ٿيندي ٿي وڃي. اڳ شاديءَ جو ڪاڄ ٽي ٽي چار چار ڏينھن هلندو هئو ليڪن اڄ ڪلھہ هڪ ڏينھن ۾ ئي گهوٽ کي کيتي واري هر تي چاڙهي وهنجاريو ويندو آهي ۽ شادي وارا ڪپڙا پارائي موڙ ٻڌا ويندا آهن، ڪنوار کي تيار ڪري موڙ ٻڌا وڃن ٿا، پوءِ برهمڻ ٻنھي جا پلئہ ٻڌي هٿ هٿ ۾ ڏيئي باھہ جي چونڪ چوڌاري ست ڦيرا ڏياريندو آهي ۽ ويڏي پڙهندو ويندو آهي، ۽ باھہ ٻرندي رهندي آهي جنھن ۾ هڪ ڄڻو گهہ وجهندو رهي ٿو، برهمڻ ويڏي پڙهڻ دوران چانورن جا ڪڻا باھہ ۾ اڇلائيندو رهندو آهي. ان دوران گهوٽ ۽ ڪنوار جا سڀ مٽ مائٽ موجود هوندا آهن پيءُ، چاچو، مامو، ڀاءُ، سڀ واري واري سان ساٺ ۽ سنوڻ ۾ شريڪ هوندا آهن.
برهمڻ (ٻانڀڻ) واري واري سان هر هڪ کي سڏ ڪري گهرائيندو رهندو آهي تہ فلاڻو اچي فلاڻو اچي وغيرہ وغيرہ. ڦيرن دوران پوڙهيون عورتون ڦيري، جا مخصوص ڳيچ ڀر ۾ ويھي ڳائينديون آهن ۽ وڏڙا هدايت ڪندا رهندا آهن تہ ڦيري جا ڳيچ ڳايو اهو ڌرم آهي.
آخر ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار جا پلئہ پترن تي وڃي ڇوڙبا آهن ۽ اها ثابتي آهي تہ پتر پير ۽ ديوتائن جو درجو رکن ٿا.
1500 BC پندرنھن سئو سال حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان الڳ واري دور کي (Vedic period) ويدڪ دور سڏيو ٿو وڃي. ان دور ۾ بہ رواج هيو تہ مئلن (ابن ڏاڏن) جي ياد ۾ سالياني ورسي ملھائي ويندي هئي ۽ هينئر بہ اڳ وانگر مئلن جون سالياني ورسيون جوش ۽ خروش سان ملھايون ٿا. پرانن ۾ ذڪر ملي ٿو ۽ چيو وڃي ٿو تہ مئلن جي ياد ۾ روحن جي ثواب لاءِ خير ۽ خيراتون ڪيون وڃن ۽ اهي وفات ڪيل (ابا ڏاڏا) انھن خير خيراتن لاءِ منتظر رهن ٿا.
Pitrs must be performed on daily basis.
سناتن ڌرم ۾ سختيءَ سان هدايت ڪئي ويئي آهي تہ هر هڪ مرد (گهر جي ڀاتي) تي لازم آهي تہ هو پنھنجي پترن جي شيوا ڪن. اوڏن وٽ بہ گهرن ۾ پتر ٺھيل آهن ۽ روزانو سج لٿي مھل انھن کي مرد پاڻي ڏيندا آهن. پاڻي ڏيڻ لاءِ گلاس / لوٽو پترن لاءِ الڳ هوندو آهي. عيد برات تي انھن کي چانورن، بُسرين جا چڙهاوا ڏبا آهن. پتر پير جي حيثيت رکن ٿا.

سنڌ جا شھر، ڳوٺ ۽ واهڻ (سندن نالن جي جوڙجڪ)

توهان ڪشمور کان ڪراچي تائين ڪوچ يا ٽرين ذريعي سفر ڪريو واٽ تي تمام گهڻا شھر ۽ ڳوٺ اوهان کي ملندا ڪٿي شھر جي نالي سان “ڪوٽ، ڪٿي “پور”، ڪٿي “آباد”، ڪٿي “ديرو”، ڪٿي “ڳڙهي”، ڪٿي “ٿاڻو” تہ ڪٿي “ٽنڊو” جھڙا نالا پڙهڻ ۽ ٻڌڻ ۾ ايندا.
وري ٻھراڙين جا نالا عجيب طرح سان جڙيل آهن، جھڙوڪ واهڻ، ٿرڙي، وانڍ، ڀاڻ ۽ پڙ. هي نالا صدين کان هلندا پيا اچن.
سميرين 3500 قبل مسيح تائين ڪيترائي شاندار شھر آباد ڪيا جن ۾ اداب (ADAB)، ڪلاب (KULLAB)، لگاش (LAGASH)، لارسا (LARSA)، نيپور (NIPPUR) ۽ اُر (UR) شھر شامل هئا.
سنڌ ۾ ڪيترن شھرن ۽ ڳوٺن جا نالا ذاتين تي ۽ مھاڻين جي نالن تي بہ ٻڌل آهن اتر سنڌ ۾ ڳوٺن جا نالا تقريبن هڪڙي ئي سٽاءَ ۾ رکيل آهن. پر لاڙ واري حصي خاص ڪري ٿر ۾ ڳوٺن جا نالا رکڻ جو سلسلو بلڪل نرالو آهي. ٿر ۾ هڪڙا نالي پٺيان هار، يار ۽ آر گڏڻ سان هوندا آهن. جيئن سينھار، ڪاريھر، صوڀيار، مالھيار، ڪوڙهيار، واوڙيار ڏيوهار، ويڙهار، ککڻھار، کلڻھار، ڇيڻھار، جکنار، ۽ چيلھار وغيرہ. ٻين نالن جي پٺيان “ري” پيل هوندو آهي مثلن ٻلھاري، الياري، جڳھاري، ڪھياري، وينجهہ ياري، سنگاري، پتگاري، ميھاري، سونھاري ۽ پڙهياري وغيرہ.
ٽيان نالا وري پٺيان “ٻھہ” گڏجڻ سان آواز ڏيندا آهن، جيئن تہ: گجڻ ٻھہ، هميرا ٻھہ، ويسرٻھہ، ۽ سونل ٻھہ وغيرہ.
چوٿان وري ڪن ڳوٺن جي نالن ۾ پٺيان “لس” پيل هوندو آهي مثال گنگالس ٻنڌڻالس، چوڻالس، ۽ واريالس وغيرہ.
پنجون ڪن ڳوٺن ۾ پٺيان “ئي” هوندي آهي، مثال طور دونھائي، هٿڙائي، ڀونگرائي، ڀونريائي. ڪن ۾ “ئو” پڇاڙي هوندي آهي جيئن تہ: ڳالھائو، ويھائو، اوڍائو، ڪٿي وري “يو” جو آواز هوندو آهي مثال طور سينگاريو، بگهاڙيو، ٽانڪاريو، ڊينگاريو وغيرہ.
گهڻن ڳوٺن ۾ “سر” پوئتان هوندو آهي جھڙوڪ ؛ ڪڙڪاسر، لڪڙا سر، رام سر، سومرا سر، راڻا سر، وغيرہ. ٿر ۾ اڪثر ڳوٺ تڙن، پارن ۽ ويرين جي پٺيان سڏبا آهن مثلاََ تڙ احمد، مينگهي جو تڙ، آدم جو تڙ، دلن جو تڙ، صالح جو تڙ، متاري جو تڙ، وغيرہ. ان کان سواءِ ڪيترن نالن ۾ “مٺڙيو” نالو ڳنڍيل هوندو آهي. جيئن: مٺڙيو ڀٽي، مٺڙيو سوٽھڙ، مٺڙيو هاليپوٽا، مٺڙيو چارڻ وغيرہ.
ڪٿي وري “لو” اکر پوندو آهي مثلاََ ڀوريلو، رنگيلو، ٻاورلو، شولو، ڄاريلو وغيرہ.
اهي شھر جن جي آخر يا پٺيان پور شامل آهي: شڪارپور، خيرپور ميرس، خيرپور جوسو، شھدادپور، ميرپور، غوث پور، ڪرم پور، خان پور، دولت پور، انڙ پور، ٻڍاپور، راڻي پور، محراب پور، نور پور، احمد پور، فتح پور، نصر پور، چوهڙ پور، بقاپور.
تعلقي گمبٽ ۾ هڪ ڳوٺ گهل پور نالي بہ آهي جيڪو ڳوٺ جو عجيب نالو آهي جنھن جي تاريخ هيٺين ريت آهي.
گهل پور جي بابت لکيل آهي تہ ساهتي ۾ سھتا قوم قديم زماني کان وٺي آباد هئي اهي اسلامي دور کان اڳ هندو ڌرم جا پوئلڳ هئا، مسلمانن جي دور ۾ هڪ مسلمان حاڪم ان تي راضي ٿي جاگير انعام ڏنس، ساڳي وقت ان مسلمان حاڪم چيس تہ اٿي گهوڙو ڊوڙاءِ ۽ جنھن هنڌ تنھنجو گهوڙو ٿڪجي بيھي، اهو تنھنجي جاگير جو دنگ ٿيندو. مڙس هو حريص ۽ لالچي سو وٺي گهوڙو هليو تہ ڦان ٿي ڪري پيو پر تڏهن بہ ان کي گهليندو رهيو جنھن هنڌ اها گهل گهلان ٿي ان تي ئي “گهل پور” نالو پئجي ويو. اهو شھر اڄ تائين تعلق گمبٽ ضلعي خيرپور ميرس ۾ واقع آهي.
محمد بن قاسم ثقفي شيراز کان سڌو تيز، مڪران آيو، اُتي قيام ڪري پنھنجن پنجن ڏينھن جي مسافري طئہ ڪري ڪنير پھتو اتان ٻن ڏينھن جي مسافري ڪري مڪران جي مرڪزي شھر “فيز پور” کي فتح ڪيو جنھن جو جو سن آهي 92 هجري. (خلافت امويه ۽ هندوستان، قاضي اطھر مبارڪ پوري صفحو 105)
تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو تہ جڏهن نبي سائين جن جڏهن مديني ڏانھن هجرت ڪئي ان وقت سنڌ ۾ راءِ سھيرس بن ساهسي جي حڪومت هئي، هن پنھنجي حڪومت کي چئن صوبن ۾ ورهايو هيو:
1. برهمڻ آباد
2. سيوستان
3. انسڪلندہ
4. ملتان
صوبي اسڪلندہ ۾ “چچ پور” ۽ “ديوہ پور” وغيرہ جا علائقا شامل هئا. صوبي ملتان ۾ بہ “برهم پور” جو علائقو شامل هيو. (تاريخ سنڌ، حصو پھريون: عجاز الحق قدوسي صفحو 6)
رگ ويد ۾ بہ “پور” (شھر) جو ذڪر ملي ٿو تہ: اندرا املھہ کي قتل ڪري ان جا ست شھر برباد ڪيا ۽ اگني (باھہ) جي مدد سان هڪ ئي حملي ۾ دشمن جا 90 نوي “پور” شھر تباھہ ڪيا.
مھاڀارت جنگ جيڪا پانڊن ۽ ڪورن وچ ۾ لڳي، ان وقت دهليءَ جو نالو هستناپور هيو. مھاڀارت هندن جي مقدس ڪتاب ۾ ڄاڻايل آهي تہ “راج ڪمارين سميت هستنا پور ۾ پھچي ڀيشم سندن وواه وچتر ويريہ سان ڪرڻ جون تياريون ڪرڻ لڳو جيڪو هستناپور تي راڄ ڪندو هو.”
1. مھا ڀارت، ليکڪ چڪرورتي گوپال آچاريہ صفحو 14
2. پاڪستان مين تھذيب ڪا ارتقا _ سبطِ حسن
رگ ويد مان آڳاٽن سنڌي رهاڪن جي جيڪا خبر پئي سگهي ٿي تنھن کان ڪوبہ انڪار ڪري نہ سگهيو تہ آڳاٽن سنڌين وٽ آرين جي ڪاھہ 1500 سئو ق.م وقت چوپائي مال جا ڌڻ هئا ۽ بچاءَ لاءِ وٽن قلعا “پورا” هئا. لفظ پورا اڳتي هلي شھرن لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو. حقيقت ۾ “پورا” مٽيءَ يا پٿرن جا بند هئا، جيڪي هنن مھراڻ ۾ آبڪلاڻي کي روڪجڻ لاءِ پنھنجن شھرن لاءِ ڏنا هئا.” تاريخ تمدن سنڌ _ رحيم داد مولائي شيدائي
شڪارپور: هن شھر جو بنياد 1026ع هجري مطابق 1217ع ۾ اتر سنڌ جي ڪوري حڪمرانن دائود پوٽن وڌو.
مرک پور: تاريخ سنڌ ڪلھوڙا دور حصو پھريون ۾ ذڪر ٿيل آهي تہ جڏهن بہ لڙائيءَ کي روڪڻ جو بندوبست ٿي ويو ٿي تہ پنھورن وري انھيءَ باھہ کي ڀڙڪائي ٿي ڇڏيو.
هنن جڏهن ٻيو دفعو لڙائيءَ جي تياري ڪئي تڏهن سرائين جي “مرک پور” واري فوج کين بريءَ طرح سان شڪست ڏئي، سندن ڪيترن ئي زمينن تي قبضو ڪري ورتو. مرک پور دادو شھر جو هڪ محلو آهي ۽ شھر جي اولھہ ۾ آهي.
هينري پاٽنجر پنھنجي ڪتاب “سنڌ بلوچستان جو سير سفر” 23 جنوري 1810ع شڪارپور ۾ رهڻ دوران لکي ٿو تہ: جڏهن اسان پنھنجي جاءِ تي موٽي آياسي تہ اتي ڪيترا ملتان ۽ شڪارپور جا واپاري اسان سان ملڻ آيا. ان مضمون پڙهڻ سان معلوم ٿيو تہ پراڻي دور ۾ بہ شڪارپور ڪيتري نہ شاهوڪار هئي ۽ ان جو وڻج واپار تمام ڏيساور ملڪن سان هلندڙ هو.
فتح پور: سن 925 ھہ سن 1519ع ۾ جڏهن مرزا شاھہ بيگ ارغون قنڌهار مان شال ۾ آيو ۽ آس پاس جا ماڻھو پاڻ سان ڪري سيويءَ تي ڪاهيائين تڏهن سيويءَ جي قلعي جا ماڻھو سڀ ڀڄي فتح پور ويا جو شھر اتان 50 ڪوهن تي هو، شاھہ بيگ فتح پور تي ڪاھہ ڪئي. ڪئپٽن ايسٽوڪ پنھنجو ڪتاب نئين مصر جا پراڻا ورق ترجمو ڪيل ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ ۾ بيان ٿيل آهي تہ 11 آگسٽ 1839ع انسان ڏھہ ميل مٿي خيرپور ۽ فتح پور ڏانھن سفر ڪري ويا سي جيڪي تمام سھڻا ڳوٺ هئا.
ڊاڪٽر ايس.پي ڇٻلاڻي پنھنجي ڪتاب “سنڌ جي اقتصادي تاريخ” ۾ لکي ٿو تہ: سلطان فيروز شاھہ تغلق دهليءَ جي شھنشاھہ جڏهن سنڌ کي 62_1361ع ۾ پوري رح سان فتح ڪري ورتو، تڏهن سنڌ جي حڪومت جون واڳون پنھنجي هڪ نائب نصير خان کي سونپي پاڻ دهلي موٽي ويو.
ڊي ائنول جي چوڻ موجب نصرپور جي شھر انھي نصير خان سنڌو درياءُ جي هڪ شاخ سانگڙا جي ڪپ تي ٻڌايو. رپورٽن مطابق منجهس ان وقت 3000 هزار ڪورين جا خاندان آباد ٿيل هئا.
مرزا شاھہ بيگ ارغون جي وفات کان پوءِ سندس پٽ مرزا شاھہ حسن نصرپور ۾ اچي تاج پوشي جي رسم ادا ڪئي ۽ هن سنڌ تي 1512ع کان 1554ع تائين حڪومت ڪئي.
سن 720ھہ 1320ع کان پوءِ جڏهن سومرن جو راڄ هو ۽ دودي گاديءَ تي هو، تڏهن هن ٿرڙي ۽ محمد طور مان نڪري نصرپور تائين پنھنجو ملڪ وڌايو (قديم سنڌ _ مرزا قليچ بيگ) تاريخ سنڌ ۾ ايڇ.ٽي لئمبرڪ لکيو آهي تہ: نصرپور اهو شھر ارڙهين صديءَ جي پھرين اڌ ۾ وچئين سنڌ جي مکيہ پڙي هو پر 1758ع ۾ سنڌو درياھہ جي رستي مٽ کانپوءِ وري سنئين لڱئين نہ ٿي سگهيو.
مصنف ادارڪي بيگ لاري پنھنجي ڪتاب بيگ لارنامي ۾ لکي ٿو تہ جڏهن مرزا محمد باقي کي خبر پئي تہ مرزا جان بابا ونگ کان وٺي نصرپور تائين ملڪ ۾ ڦرلٽ ڪري نصرپور جي آس پاس جوڻيجن ماڻھن سان اچي شامل ٿيو آهي، تڏهن نئين مان وڏو لشڪر ساڻ ڪري نصرپور ۾ آيو ۽ دريا جي ڪناري سان لاڳو کاهي کوٽائي، ان کاهي جي اندر ڇانوڻي ڪري ويٺو ان وقت مرزا محمد باقي جي طرفان حبش خان نصرپور جو حاڪم هو. صفحو 27
نصيرپور جي علائقي ملڻ بعد خان زمان پنھنجو هيڊ ڪوارٽر نصرپور ۾ اچي ڪيو، شھر جي آس پاس جا ماڻھو اڳي ئي خان زمان جي نالي جي واقف هئا، تنھنڪري جيڪي لچا لانبڙ ۽ بدمعاش هئا، سي ساڌو ۽ چڱا مڙس ٿي پيا.
ڪوٽ: ڪوٽ جي لغوي معنيٰ قلعو ۽ ڳڙھہ آهي، هن لفظ کي سنڌي کان علاوہ اردو ۽ پشتو، پنجابي ۽ ڪشميري ٻولي ۾ بہ “ڪوٽ” چيو وڃي ٿو. اهي شھر ۽ ڳوٺ جن جي پٺيان ڪوٽ اچي ٿو.
1. ڪنڌ ڪوٽ
2. حبيب ڪوٽ
3. سلطان ڪوٽ
4. رتو ڪوٽ
5. اسلام ڪوٽ
ڪوٽ لفظ اڄ تائين استعمال ٿيندو اچي ٿو ۽ سنڌ جي وڏن زميندارن، جاگيردارن ۽ پيرن جي رهائش گاهن جي چوڌاري آيل مضبوط ۽ ڊگهن چار ديوارن کي انھي نالي سڏيو وڃي ٿو.
ديرو: ديري جي لغوي معنيٰ مڪان يا جاءِ آهي، اهي شھر ۽ ڳوٺ جن جي پڇاڙي ۾ ديرو اچي ٿو:
1. نئون ديرو
2. بنگل ديرو
3. غئبي ديرو
4. پنجوديرو
5. ٺارو ديرو
6. رتوديرو
7. خيروديرو
8. مٺوديرو
9. صوڀو ديرو
ٿاڻو: ٿاڻي جي لغوي معنيٰ آهي ٿاڪ يا جاءِ. اهي ڳوٺ يا شھر جن جي نالي اڳيان ٿاڻو اچي ٿو، هي شھر ۽ ڳوٺ تقريبن ڪوهستاني علائقي سان واسطو رکن ٿا، جيئن ٿاڻو بولا خان، ٿاڻو احمد خان ۽ ٿاڻو عارب وغيرہ.
آباد: جي لغوي معنيٰ آهي پاڻي سان رکڻ وارو وسايل ۽ سرسبز زمين جو ٽڪرو، سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ هن لفظ کي بنگالي ۾ آباد پشتو ۾ اباد، پنجابي ۾ آباد، ڪشميري ۾ بہ آباد چيو وڃي ٿو. اهي شھر ۽ ڳوٺ جن جي نالي پٺيان آباد اچي ٿو،
1. حيدرآباد
2. جيڪب آباد (پھريون نالو خان ڳڙھہ، پوءِ جيڪب آباد ٿيو)
3. نصيرآباد
4. خدا آباد
5. فريد آباد
6. وزير آباد
7. سعيد آباد
8. جيمس آباد
حيدرآباد: جڏهن سڪندر اعظم سنڌ مان لنگهندي وطن ڏي ٿي وريو، تڏهن چيو وڃي ٿو تہ هيو هڪ ننڍي قديي قلعي نيرون ڪوٽ ۾ ٿورو وقت ترسيو هيو. انھي قلعي واري هنڌ تي ڪلھوڙي گهراڻي جي حڪمران غلام شاھہ ڪلھوڙي سن 1768ع ۾ حيدرآباد جو شھر ٻڌايو.
ڳڙهي: ڳڙھہ جي لغوي معنيٰ ڪوٽ ۽ قلعو آهي. جن شھرن جي نالن ۾ ڳڙهي اڳ ۾ اچي ٿي سي هي آهن:
1. ڳڙهي ياسين، (تعلقو ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور جو مشھور شھر آهي.)
2. ڳڙهي خيرو (تعلقو ڳڙهي خيرو ضلعي جيڪب آباد ۾ آهي).
3. ڳڙهي چاڪر (ميرپور ماٿيلو جي ڀرسان آهي).
4. ڳڙهي خدا بخش ڀٽو، نئين ديري جي ڀرسان آهي ڀٽن جو ڳوٺ.
5. ڳڙهي چنڊ
جي: اهي شھر يا ڳوٺ جن جي نالي جي پٺيان “جي” اچي ٿي سي هي آهن: گوسڙجي، باگڙجي، مديجي، ڦلجي هي ريلوي اسٽيشنون بہ آهن. گوسڙجي ۽ باگڙجي سکر ۾ مديجي شڪارپور ۽ ڦلجي دادو ضلعي ۾ آهي.
ٽنڊو: ڪنھن مکيہ ماڻھو جو ٻڌايل ننڍو ڳوٺ ننڍو شھر انھيءَ ماڻھو جي نالي سڏيو ويندو آهي.
خان واهڻ نالي ساهتيءَ جو پر رونق شھر سھتا قوم جي هڪ با اثر زميدار خان سھتي جو ٻڌايل آهي. اوائل ۾ هي شھر “خان جو واهڻ” يا خان جاڀاڻ ڪري سڏبو هو، پر پوءِ وقت گذرندي ان جي نالي ۾ ڦيرو اچي ويو ۽ “خان جو واهڻ” مان بدلجي “خان واهڻ” سڏجڻ لڳو ۽ اڄ سوڌو انھيءَ نالي سان مشھور آهي.
ٽنڊو باگو مير باگي خان جو اڏايل ۽ ٽنڊو غلام علي مير غالم علي خان جو ٻڌايل آهي. سنڌ ۾ تمام گهڻا ٽنڊا آهن ڪجهہ ٽنڊن جا نالا ڏجن ٿا:
ٽنڊوڄام، ٽنڊو آدم، ٽنڊو الھيار، ٽنڊو باگو، ٽنڊو ولي محمد، ٽنڊو ٺوڙهو، ٽنڊو شھبازي، ٽنڊو مستي، ٽنڊو نذر علي، ٽنڊو سومرو، ٽنڊو حيدر، ٽنڊو سومرو. ٽنڊو آدم ضلع سانگهڙ ۾ آهي 18 صدي ۾ مير آدم خان بنياد وڌو.
واهڻ: اهي ڳوٺ جن جي نالي جي پٺيان واهڻ پيل آهي سي هيٺ ڏجن ٿا. واهڻ جي لغوي معنيٰ “ٻھراڙيءَ جو ڳوٺ آهي”.
1. مراد واهڻ لاڙڪاڻي ۾ آهي هينئرلاڙڪاڻي جو هڪ محلو آهي.
2. وسريو واهڻ ٺيڙهي ڀرسان آهي.
3. وڏو واهڻ
4. ڇتو واهڻ
5. احسان واهڻ
6. حسن واهڻ
7. خان واهڻ
8. حبيب واهڻ
9. دريشن واهڻ
10. علي خان واهڻ
11. جادو واهڻ
12. علي واهڻ روهڙي ڀرسان
وانڍ: ٻن ٽن گهرن جي بستي، پوٺن ۽ ويران پاسن تي ڇنا اڏي رهندڙ ماڻھن کي وانڍ چيو وڃي ٿو. مال جي سانگي ڪکانوان گهر، جهوپڙيون، منھہ، ڀونگيون ۽ لانڍيون اڏي رهندڙ ماڻھن جي بستي کي وانڍ چئبو آهي.
1. دولت جي وانڍ
2. ڪوڙي جي وانڍ
3. احسان جي وانڍ
4. ڊولي جي وانڍ
5. نارائڻ جي وانڍ
6. آچر جي وانڍ
7. خانوءَ جي وانڍ
8. ابراهيم جي وانڍ
9. شير جي وانڍ
10. گلڻ جي وانڍ
11. لعل چند جي وانڍ
12. بال ڪرشن جي وانڍ
13. چاڪر جي وانڍ
هي وانڍون ميرو خان تعلق ۾ آهن. عزت جي وانڍ نئين ۾ ۽ فيروز جي وانڍ رتيديري ۾ آهي.
ٿرڙي: آڳاٽو ڦٽل ننڍو (جو دڙي جي صورت ۾ هجي، جهونو دڙو (ڦٽل ڳوٺ) ٿرڙي جادو شھيد، تعلقي جوهي ۾ ديھہ جو نالو آهي. تعلقي ميروخان ۾ ٿرڙي ڌُپ، تعلقي ميھڙ ۾ ٿرڙي محبت ۽ تعلقي شڪارپور ۾ ٿرڙي نظام آهي. تعلقي وارھہ ۾ ٿرڙي حاجران ۽ ٿرڙي هاشم آهن.
ٿرڙي فيض محمد ناريجو ڏوڪري ۽ ٿرڙي جُٽو لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺ آهن.
پڙ: پڙ جي لغوي معنيٰ جاءِ اسٿان آهي. هي اهي سنڌو درياھہ جي ڪناري ٻيلي ۾ ننڍڙا ڳوٺڙا آهن جتي مال وند ماڻھو رهن ٿا ۽ سندن مال سکيو ستابو آهي. جيئن عثمان جا پڙ، ملان جا پِڙَ، اسماعيل جا پِڙ.
پاڻيءَ جي چاڙھہ ڪري اهي ڳوٺ ٻڏي ويندا آهن ۽ مال وهند مال ڪاهي مٿاهين هنڌ اچي ويھندا آهن ۽ جڏهن پاڻي لھي ويندو آهي تہ واپس پنھنجي ماڳن ڏانھن موٽي ايندا آهن.
ڀاڻ: ڀاڻ جي لغوي معنيٰ ماڳ ۽ مڪان آهي هت بہ گهڻو ڪري مالوند ماڻھو رهن ٿا ۽ کيتي باڙي ڪن ٿا. منگي جا ڀاڻ ۽ ڀوري جا ڀاڻ جيڪي ڳوٺ سيھڙ اسٽيشن جي اولھہ ۾ آهن.

ڪچنار (Bauhinia Variegata)

ڪچنار هڪ ننڍي کان وچولي سائيز جو وڻ آهي جيڪو 10 کان 12 ميٽر ڊگهو يا ائين چئجي تہ ان جي اوچائي 33 کان 39 فوٽ ٿئي ٿي. هن جو پن 10 کان 20 سينٽي ميٽر جو ٿئي ٿو هن جا گل چمڪدار گلابي يا اڇي رنگ جا ٿين.
8 کان 12 سينٽي ميٽر 4.7 _ 3.1 ڊايا ميٽر پنجن شيٽن تي مشتمل آهي ۽ گهاٽا “گل ۽ ٻور جهلي ميوي بدران ڦريون ڏيئي. ڦرين ۾ 30 سينٽي ميٽر 11.8 _ 5.9 ڊيگهہ ۾ ڦريون ٿين جيڪي ٻج سان ڀرپور ٿين. Bauhinia Variegata جنھن کي ڪچنار جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو سندس Buds ۽ ٻور تمام نرم ۽ نفيس ٿئي.
هن جو اصل وطن چائنا کان ٿرو سائوٿ ايسٽ ايشيا کان انڊين سب ڪانٽيننٽ آهي عام ماڻھو هن کي Orchard tree بہ ڪري پڪاريندا آهن پر دراصل ائين صحيح ڪونھي ڇو تہ هن وڻ جو آرچرڊ ٽري سان ايترو ويجهو واسطو ڪونھي. هن جي گلن ۾ محسور ڪن خوش بوءِ ٿئي ٿي گلن مان جدا جدا مٺائي جون ڊشون ٺاهيون وينديون آهن ۽ خوشيءَ جي موقعن تي پاڻ ۾ ورهايون وينديون آهن.
گلن جي مند ۾ Humming birds، ۽ Throuled humming birds، هنن گلن تي عاشق آهن ۽ هنن جا ولرن جا ولر گلن مٿان لامارا ڏيندا رهن ٿا. ڪچنار جي Buds ۽ گونچن مان آچار ۽ ڪري ٺاهي ويندي آهي. نيپال ۾ هن ٻوٽي کي Koirala ۽ ان جي گل کي Kairala ka Phool نيپالي زبان ۾ چيو وڃي ٿو. ڪچنار جا Buds ۽ ٻور ۽ گونچ پٽي نيپالي طرز جو آچار ٺاهيو وڃي ٿو.
گل ۽ ان جي گونچن کي بوائل ڪري ميشڊ پٽاٽا بوائل ٿيل ساوا مرچ، ٿوم، تازا بصر، لوڻ، پيپسر. عورتن لاءِ حيض وقت ڪچنار سان علاج جي صورت ۾ مدد ورتي وڃي ٿي.
Termuric Power roasted sesame, power, cumin power, coriander leamy, and spices like, heated mustard oil and femung rekek seeds is then added to the mixture and then lemon juice on lime juice (chuck armilo in Nepal) as per taste. This achar is then saved instantly the ahcar is important part of the meal served during the ghode Jatra festival.
Bauhinia variegata (Kachnar): A Medicinal Tree with Multifaceted Benefits
Bauhinia variegata, commonly known as Kachnar, is a deciduous tree native to the Indian subcontinent (India, Bhutan, Nepal, and Pakistan) and parts of Southeast Asia (Laos, Myanmar, Vietnam, Thailand) and China. Known for its cultural and medicinal significance, it reaches a height of up to 15 meters and features smooth, dark brown bark, suborbicular leaves, and pink or white flowers. In Ayurveda, Kachnar is widely recognized for its therapeutic properties, particularly its stem bark and flowers, which are used to treat various disorders such as:

• Gandamala (Lymphadenopathy)
• Galaganda (Goitre)
• Arbuda (Tumor)
• Ashthila (Benign Prostatic Hyperplasia - BPH)
• Kapha-Pitta Dosha disorders
The flowers are noted for their:
• Pittaghna (Pacify Pitta dosha)
• Rakta Pradaraghna (Treating Dysfunctional Uterine Bleeding)
• Kaasghna (Curing cough)
• Kshyaghna (Anti-tubercular properties)
In Himachal Pradesh and Northeastern India, the buds and flowers are consumed as vegetables, chutneys, and pickles, demonstrating both cultural and dietary importance.

1. Anti-Diabetic Activity
o Aqueous extracts of B. variegata leaves significantly reduced plasma glucose, cholesterol, triglycerides, serum creatinine, and blood urea levels in animal models of Type I and II diabetes.
o Histopathological studies revealed decreased necrotic changes in pancreatic tissues.
o Ethanolic extracts and roseoside, a metabolite, demonstrated insulin secretion enhancement in a dose-dependent manner.

2. Anti-Microbial Activity
o Extracts from B. variegata leaves exhibited antibacterial properties against pathogens such as Klebsiella pneumoniae, Proteus spp., E. coli, and Pseudomonas spp..
o In goats with Staphylococcus aureus-induced mastitis, the bark powder showed antibacterial, bio-enhancing, and anti-inflammatory effects.

3. Chelation Properties
o Polar extracts demonstrated significant metal ion chelation, particularly for ferrous ions, suggesting potential use in conditions like hemochromatosis.

4. Cytotoxic Activity
o Leaf extracts exhibited cytotoxic effects against multiple cancer cell lines (e.g., prostate, lung, ovary, breast, and leukemia) and showed anticarcinogenic and antimutagenic activity in animal studies.
o Methanolic extracts significantly reduced tumor size and volume in mice models.

5. Antioxidant Activity
o Aqueous and ethanolic extracts of the bark and roots displayed potent free radical scavenging and antioxidant activity through various methods.

6. Neural Activity
o Flowers exhibited acetylcholinesterase (AChE) inhibition, indicating potential applications for Alzheimer’s disease treatment.

7. Nephroprotective Activity
o Whole stem ethanol extract attenuated cisplatin-induced nephrotoxicity in rats, reducing serum creatinine and urea levels while improving urine output and body weight.

8. Anti-Inflammatory & Analgesic Activity
o Triterpene saponins from leaves reduced edema, prostaglandin E2 levels, and granuloma size. Analgesic effects were observed in both visceral and central nociceptive models.

9. Hypolipidemic Activity
o Bark and root extracts decreased plasma cholesterol, triglycerides, LDL, and VLDL levels while increasing HDL levels in hyperlipidemic rats.

10. Other Potential Uses
o B. variegata demonstrated potential for nanoparticle synthesis and mosquito control.

Discussion
In Ayurveda, B. variegata has long been used to treat conditions such as goiter (Galaganda), BPH (Ashthila), and Kapha-Meda dominant disorders. Recent studies explore its efficacy in combating emerging health challenges, including drug-resistant pathogens, diabetes-related complications, cancer, and neurodegenerative diseases like Alzheimer’s.
Key findings highlight its antidiabetic, antimicrobial, nephroprotective, anticarcinogenic, and chelating properties, paving the way for further research into its medicinal potential. Its role in antioxidant and acetylcholinesterase inhibition activities also opens doors for exploring treatment avenues in oxidative stress-related and neurodegenerative diseases.

Conclusion
Bauhinia variegata is a promising herbal resource with diverse medicinal properties. With ongoing research and validation, it has the potential to address modern health challenges, offering an alternative to conventional synthetic medicines. It underscores the importance of revisiting traditional knowledge systems like Ayurveda to develop holistic healthcare solutions.

املتاس _ ڇمڪڻي (Cassia Fistula)

هي مشھور ڪاٺيون نہ پر وڻ جون ڦريون جيڪي پچڻ بعد ڪارو رنگ اختيار ڪري وڃن ٿيون جيڪي ڊيگهہ ۾ هڪ فوٽ يا ان کان ٿوري وڏي ٿيندي ۽ ڦري آڱر کان قدري ٿلھي ٿئي ٿي. املتاس هڪ قسم جو وڻ آهي جيڪو سھڻائي جي ڪري گهرن ۾ اڳيان ۽ رستن تي پوکيو ويندو آهي. ڦري اول سائ ي ۽ پوءِ ڪارسري رنگ تي ٿيندي آهي ڦريءَ کي سڪڻ کانپوءِ ڇمڪڻي چيو ويندو آهي سڪڻ بعد ڦرين کي لوڏي ڏسندو تہ ڇمڪڻي جو آواز ايندو ان ڪري بہ سندس نالو ڇمڪڻي رکيو ويو هجي. ڇمڪڻي کي پچڻ کان پوءِ ان مان ٻج ۽ گول ٽڪليون نڪرنديون آهن، ٻج پسارڪي وکر طور ڪم نہ ايندو آهي باقي ٽڪليون ۽ انھن تي لڳل ڳر دوا طور ڪم ايندي آهي. طبي لحاظ کان اها ڳر پاڻي ۾ مھٽي پيئڻ سان هلڪي جلاب جو اثر ڏيکاريندي آهي. طبيبن جي چوڻ موجب ڪيترين بيمارين ۾ فائدو ڏيندو آهي چوندا آهن تہ اها ڳر گلاب جي پاڻي ۾ مھٽي گرڙبيون ڪبيون تہ وات جا ڦٽ ڇٽي ويندا. املتاس شاعرن جو پسنديدہ وڻ آهي، شيخ اياز جي غزل جو سٽون آهن تہ:
ٿي املتاس تان ڪوڪ ڪويل ڪري،
هو پري آ، پري آ، پر ي آ پري.

هن کي عام ماڻھو املداس چوندا آهن هي مشھور وڻ آهي، هن جا بہ گهڻا ئي قسم آهن وڻ آهن ڪي ٻوڙا آهن. هن کي عربي ۾ خيار شنبر فارسي ۾ مغز فلوس، هندي ۾ ڪرواله، بيڪر چون، هن جي زات جو نالو “انگريزيءَ ۾ ڪاشيا ۽ سندس نالو ڪاشيا فسٽيولا آهي” رواجي نالو “پڊنگ پائيپ ٽري اٿس، پن گهاٽا ۽ ڳوڙهي سائي رنگ جا ٿا ٿينس، مئي ۾ گل ڪندو آهي، جو کيل پيلي رنگ جا ٿيندا آهن، ڏاڍا سھڻا لڳندا آهن. گلن ۾ هڪڙي قسم جي بوءِ ٿيندي آهي، جرمن ماڻھو هنن گلن کي سونھري مينھن جو نالو ڏيندا آهن، هي وڻ ڊگهيون ڪاريون ۽ گول ڦريون بہ ڪندو آهي جن ۾ ٻج رهي ٿو. املتاس دوا جي ڪم ۾ ايندو آهي. ٻجن ۾ جلاب جو اثر رهيس ٿو. هن جي هڪڙي قسم کي هندوستاني ماڻھو داد مردان چوندا آهن ڪاري ڪاٺين جي اندران ڳر ٿيندي آهي. خلط مفراء ۽ بلغم لاءِ جلاب آهي.
جگر جي سُرن، ٻرهل کي تحليل ڪن ٿيون. آنڊن جي بيماري، پيچش، جريان تپ گرم ۾ مفيد آهي.
نڙيءَ ۾ ڦرڙين خناق ۽ سوڄ لاءِ ڏاڍو فائدي مند آهي.
املتاس کي شاهي درخت سڏيو ويندو آهي. گهڻن علائقن ۾ راجه تارو جي نالي سان سڏيو ويندو آهي، پاڪسان سميت جنوبي ايشيائي ملڪن ۾ املتاس جا وڻ عام جام پايا وڃن ٿا.
املتاس جو وڻ عام طور تي ڪافي بُلند هوندو آهي ۽ ان جون ٽاريون تمام ڊگهيون ڪونہ ٿين ان جا پن ڄمون جي پنن سان ميل جول کائن ٿا. املتاس جا “گل” ڳڇن جي صورت ۾ زرد رنگ جا ٿين ٿا. ان کي زرد گلن جي وجهه کان گولڊن رين ٽري جي نالي سان بہ ياد ڪيو وڃي ٿو.
ان جو ڦل (ميوو) هڪ هٿ تائين ڊگهو ٿئي ٿو.
هي ڦل جڏهن ڪچو هوندو آ تہ سائو رنگ هوندو اٿس ۽ پچڻ کانپوءِ ڪاٺي وانگر سخت ۽ ڪاراڻ تي مائل ٿيو پوي.
ان ڦل جي اندر ٻج ۽ ڪاري رنگ جو گودو هوندو آهي جيڪو زيادہ تر مختلف بيمارين ۾ علاج طور استعمال ڪيو وڃي ٿو.
املتاس جي ڦل جو ذائقو قدري مٺو ٿئي ٿو مگر ان جي خوشبوءِ دلڪش ڪانھي.
املتاس جو مزاج گرم ٿئي ٿو جڏهن تہ ڪجهہ طبي ماهرن جو چوڻ آهي تہ سندس مزاج متعدل ٿيندو آهي. هي هر قسم جي بيماري جو علاج ڪري ٿو ۽ جسم کي مختلف مائيڪرو بيل انفيڪشنز کان بچائي ٿو.
ان کان علاوہ املتاس ۾ جراثيم ڪش خصوصيات بہ حاصل ڪئي وڃي ٿي جڏهن تہ سوزش کي گهٽ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. املتاس کي اگر طبي ماهرن جي هدايت مطابق متوازن مقدار ۾ استعمال ڪئي وڃي تہ هيٺيان فائدا ملي سگهن ٿا.
ذبابيطس جي مرض ۾ مفيد آهي. ذيابيطس جو شمار انھن مرضن ۾ ڪيو ويندو آهي جنھن جي هن وقت دنيا جي آبادي جو وڏو حصو متاثر آهي، هن مرض کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ املتاس جو استعمال ڏاڍو مفيد ثابت ٿيو آهي ڇو تہ اروي وانگر املتاس جي استعمال سان هن مرض کي ڪنٽرول ۾ مدد ملي ٿي.
ياد رهي تہ ذيابيطس کان ڇوٽڪارو نہ ٿو ملي سگهي هي هڪ دائمي مرض آهي، هن جي علامات کي صرف ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو.

دل جي ڪارڪردگيءَ ۾ اضافو:
املتاس هڪ اهڙي دوا آهي جنھن جي استعمال سان دل جي بيمارين جي خطرات گهٽجي وڃن ٿا ۽ املتاس دل جي ڪارڪردگي کي بھتر بڻائي ٿي. املتاس کي باقاعدگي سان استعمال ڪرڻ سان بلڊ پريشر بہ نارمل ٿيو وڃي ۽ بلڊ پريشر جي شوگر جي ليول بہ متوازن رهي ٿي.

قبض جي علامات ۾ مفيد:
سٺي صحت لاءِ وڏي آنڊي جو صحت مند هجڻ تمام ضروري آهي، جڏهن اوهان جو هاضمو صحيح هوندو تہ اوهان جي صحت بہ صحيح هوندي. جيڪڏهن اوهان جو هاضمو صحيح نہ آهي ۽ اوهان کي قبض جي شڪايت آهي تہ ان تڪليف کان نجات املتاس مفيد ثابت ٿي سگهي ٿي. املتاس کي کي پنھنجي اينٽي بيڪٽيريل خصوصيت جي بنياد ۽ ان ۾ موجود فائبرز جي وجهہ سان قبض جي خلاف مفيد سمجهي وڃي ٿو.

پيٽ جي چرٻي گهٽ ڪرڻ لاءِ مفيد:
اڪثر ماڻھو موٽاپي ۽ وڌندڙ پيٽ جي شڪايت ڪن ٿا، پيٽ جي چرٻي کان ڇوٽڪاري لاءِ املتاس جي پڪ ڦيري ٻن انچن جو ٽڪڙو وٺي اچو ان ٽڪڙي مان گورو صاف ڪري هڪ ڪپ پاڻي ۾ پسائي رکو ۽ ان۾ هڪ چمچو وڏف جو شامل ڪريو. رات ڀر وڏف ۽ امتلاس جي گوري کي پسائي رهڻ بعد صبح جو ڇاڻي نيراني پاڻي پي وڃو. هن عمل ڪرڻ سان ٿورن ڏينھن ۾ پيٽ جي چرٻي ختم ٿيڻ شروع ٿيندي.

معدي جي تيزابيت جو خاتمو:
کاڌي کي هضم ڪرڻ لاءِ تيزابيت بڻجڻ وارو عمل ضروري آهي، اگر تيزابيت نہ ٺھي تہ کاڌو هضم نہ ٿيندو تاهم زيادہ مقدار ۾ ايسڊ بڻجڻ جي وجهہ سان معدي جي جهلي متاثر ٿئي ٿي. جيڪڏهن اوهان کي معدي جي تيزابيت جو شڪار آهيو تہ املتاس اوهان لاءِ مفيد آهي. املتاس معدي تي پنھنجو اثر ظاهر ڪري ان جي گرمي ۽ تيزابيت کي گهٽ ڪري ٿي.
ماهواري جي بي قاعدگي ختم ڪرڻ ۾ مفيد آهي. اڪثر عورتن کي ماهواري ۾ بي قاعدگي جي شڪايت رهي ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻن کان چئن مھينن تائين عورتن کي ماهواري نہ ايندي آهي. اهڙي عورتن کي املتاس جون ڦريون اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون.
ماهواري جي بي قائدگي کان ڇٽڪاري پائڻ لاءِ املتاس جي ڦري جي ننڍڙي ٽڪري کي اڌ ڪپ پاڻي ۾ رات جو پسائي رکو. صبح جو نيراني ان پسايل ڦري کي نپوڙي اهو پاڻي پي وڃو. ڪجهہ ڏينھن ۾ ماهواري جاري ٿي ويندي.

آرٿرائيٽس جي ڪمي:
آرٿرائيٽس جي بيماري جي وجهہ سان اسان جي گوڏن جي سوزش ۽ سور کي برداشت ڪرڻو پوندو آهي. ان سور ۽ سوزش کان ڇٽڪاري لاءِ اوهان کي املتاس ذريعي ڇوٽڪاري ملي سگهي ٿو.

زخم جلدي ۾ ڀرجي وڃڻ ۾ مددگار:
املتاس ۾ اهڙي خاصيت موجود آهي جو ٽشوز کي ٻيھر ٺاهڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿي. املتاس کي اگر ڌڪ لڳڻ جي صورت ۾ استعمال ڪيو وڃي تہ آساني سان ۽ ٿوري وقت ۾ زخم ڀرجي وڃن ٿا.
املتاس ۾ اينٽي فنگل ۽ اينٽي بيڪٽيريل خصوصيات پائي وڃي ٿي، جيڪا مدافعتي نظام کي مضبوط بڻائي ٿي جنھن سان بيمارين کان بچائي ممڪن ٿئي ٿو.

بخار جي شدت ۾ ڪمي:
بخار جي شدت ۾ ڪمي آڻڻ لاءِ املتاس کي استعمال ۾ آڻڻ گهرجي. املتاس جو پاڻي استعمال ۾ آڻيو.

Cassia fistula, also known as golden shower, purging cassia, Indian laburnum, kani konna, or pudding-pipe tree, is a flowering plant in the family Fabaceae. The species is native to the Indian subcontinent and adjacent regions of Southeast Asia. It is the official state flower of Kerala state and Delhi UT in India. It is also a opular ornamental plant and is also used in herbal medicine.

DESCRIPTION
The golden shower tree is a medium-sized tree, growing to 10–20 m (33–66 ft) tall with fast growth. The leaves are deciduous, 15–60 cm (6–24 in) long, and pinnate with three to eight pairs of leaflets, each leaflet 7–21 cm (3–8 in) long and 4–9 cm (1+1⁄2–3+1⁄2 in) broad. The flowers are produced in pendulous racemes 20–40 cm (8–16 in) long, each flower 4–7 cm (1+5⁄8–2+3⁄4 in) diameter with five yellow petals of equal size and shape. The fruit is a legume, 30–60 cm (12–24 in) long and 1.5–2.5 cm (9 ⁄16–1 in) broad, with a pungent odor and containing several seeds.
The tree has strong and very durable wood, and has been used to construct "Ehela Kanuwa", a site at Adam's Peak, Sri Lanka, which is made of C. fistula (ahala, ehela, or aehaela, ඇහැල in Sinhala [8]) heartwood. The golden shower tree is not a nitrogen fixer.

CULTIVATION
Cassia fistula is widely grown as an ornamental plant in tropical and subtropical areas. It blooms in late spring/early summer in hot, dry weather. Flowering is profuse, with trees being covered with yellow flowers, many times with almost no visible leaves. It grows well in dry climates. Growth for this tree is best in full sun on well-drained soil; it is relatively drought-tolerant and slightly salt-tolerant. It will tolerate light brief frost, but can get damaged if the cold persists. It can be subject to mildew or leaf spot, especially during the second half of the growing season. The tree blooms better with pronounced differences between summer and winter temperatures

POLLINATORS AND SEED DISPERSAL
Various species of bees and butterflies are known to be pollinators of C. fistula flowers, especially carpenter bees (Xylocopa sp.) In 1911, Robert Scott Troup conducted an experiment to determine how the seeds of C. fistula are dispersed. He found that golden jackals feed on the fruits and help in seed dispersal.

USES
It is used in Vishu festivals as a traditional trademark in Kerala.

FOOD
In India, flowers of the golden shower tree are sometimes eaten by people. The leaves have also been used to supplement the diets of cattle, sheep, and goats fed with low-quality forages
.
MEDICAL
In Ayurvedic medicine, the golden shower tree is known as aragvadha, meaning "disease killer". The fruit pulp is considered a purgative, and self-medication or any use without medical supervision is strongly advised against in Ayurvedic texts. Though it has been used in herbalism for millennia, little research has been conducted in modern times, although it is an ingredient in some mass-produced herbal laxatives. When used as such, it is known as "cassia pods".
Within developing countries, approximately 80% of populations prefer the usage of traditional medicine to resolve primary medical symptoms. The medicines and drugs derived from plants along with other herbal formulations are considered low risk and have less side effects in comparison to modern medicine by many locals especially within the Asian communities.
In India, a cathartic made from the pulp is sometimes added to tobacco
.
COSMETIC
Cassia fistula flower extract displayed anti-aging properties when introduced to the human skin fibroblast and has a variety of cosmetic and nutritional applications. It displays an ability to cause hypopigmentation and can be applied as a whitening agent.

CULTURE
Cassia fistula is both the national tree and national flower of Thailand in Thai ratchaphruek (Thai: ราชพฤกษ์) and the blossoms are commonly referred to as dok khun (Thai: ดอกคูน). Its yellow flowers symbolize Thai royalty. A 2006–2007 flower festival, the Royal Flora Ratchaphruek, was named after the tree. Cassia fistula is also featured on a 2003 joint Canadian-Thai design for a 48-cent stamp, part of a series featuring national emblems.
The Indian laburnum is the state flower of Kerala. The flowers are of ritual importance in preparation of Kani during the Vishu festival of Kerala which falls in the month of April. The tree has been depicted on a 20-rupee stamp.
The tree is frequently cultivated in Buddhist temples in Sri Lanka where the Sinhala name is Ehela, ඇහැල. The tree is also the provincial tree of the North Central Province of Sri Lanka.
In Laos, its blooming flowers known locally as dok khoun are associated with the Lao New Year. People use the flowers as offerings at the temple, and also hang them in their homes for the New Year in belief that the flowers will bring happiness and good luck to the households.
The laburnum is the school tree of National Taiwan Normal University, thought to be because of the seed pods' similarity to the whips used by teachers in times past.

سوانجڙو / سھانجڙو Moringa Oleifera _

سنڌي ۾ سوانجڙو، عربي ۾ سھجن فارسي ۾ سوانجند، هندي ۾ ساجنہ، پاريھہ عام نالا (Drumstick tree) Horse radish tree مورنگا اوليفرا، هي سريھہ وڻ جيڏو وڏو وڻ، گل اڇو، ڦريون ڊگهيون تندن وانگر، بھار جي موسم ۾ پئدا ٿينديون آهن. سيح الھضم، وائي بادي کي تحليل ڪري معدي ۽ جگر لاءِ مقوي بلغم گهاتي کي وڃائي ٿو.
قوت باھہ ۽ مني کي زيادہ ڪري ٿو، کنگهہ ۽ دمشڪي پيشاب کي جاري ڪرڻ رت گهاٽي صاف ڪرڻ، مثانہ جي پٿري، سنڌن جي سور، سوڄ لاءِ پسري ڪري ڪم آڻڻ گهرجي.

سھانجڙو Horseradish Tree) ٻوٽو):
سھانجڙو، سنڌ جو هڪ مشھور وڻ آهي، جيڪو 15 کان 20 فوٽ قداور ٿيندو آهي. سھانجڙي جو ٿڙ ٿلھو ٿيندو آهي، جيڪو 5 کان ڇھہ فوٽ ويڪرو ۽ مضبوط ٿيندو آهي. سھانجڙي جو وڻ سال ۾ ٻن کان ٽي دفعا گل ۽ ڦر جهليندو آهي، جيڪي اڇا ڳاڙها ٿين ٿا. هن جون ڦريون هڪ کان ٻہ فوٽ ڊگهيون ٿينديون آهن، جن ۾ ٽڪنڊي شڪل جو ٻج ٿيندو آهي. سھانجڙي کي سنڌيءَ ۾ “سئانجڙو/ سوانجڙو” بہ چوندا آهن.
هي وڻ سنڌ کانسواءِ هماليہ جي هيٺين علائقن، بلوچستان، خيبر پختونخوا، هندستان جي اڪثر علائقن، سريلنڪا، برما ۽ ٻين گرم ملڪن ۾ پوکيو ويندو آهي.
هن وڻ کي اردوءَ ۾ سينجنا/ سونجنا، انگريزيءَ ۾ Horse Radish Tree ۽ نباتاتي ٻوليءَ ۾ Moringa Oleifera Iam سڏيو ويندو آهي.
هن وڻ جي سطحي کل يعني ٿُڙ مان کنئور ملندو آهي، جيڪو مختلف دوائن ۾ ڪم ايندو آهي. هن جون ڦريون، ڇوڏا ۽ ٻيا حصا، سنڌ ۽ بنگال جا حڪيم دوائن لاءِ ڪم آڻيندا آهن. اُهي دوائون هاضمي، قبضيءَ جي خاتمي، سوزش، پيٽ جي ڪيڙن، ڦرڙين، چٽيءَ، ڪن ۽ مٿي جي سور، نانگ جي چڪ، سنڌن جي سور، گلي جي سوزش ۽ مرگهيءَ جي بيمارين ۾ ڪم اينديون آهن. سھانجڙي جي پاڙ جو رس مثاني جي پٿريءَ کي ختم ڪندو آهي.
سھانجڙي جو ڇوڏو ڀوري رنگ جو ٿيندو آهي. سھانجڙي ۾ ٿڙ کان مٿي ٽاريون نڪرنديون آهن، جن ۾ ڊگها پن، ٽاريءَ جي ٻنھي پاسن کان آمھون سامھون ٿين ٿا. وڻ جا تازا ڦُٽل حصا ٻُر/ بُجن ۽ پنن وارا، ڇانو ڏيندڙ ٿين ٿا. ننڍڙا پن (ٻُونگر) ٽن کان 9 گڏيل جوڙن جي صورت ۾ هوندا آهن. ٻونگر جي مٿين سطح هلڪي بوجري ۽ هيٺين سطح سڻڀي ۽ چمڪدار ٿئي ٿي. پاسي واري ٻونگر (ننڍڙا پن) شڪل ۾ بيضوي (Oval) ٿئي ٿي، جڏهن تہ چوٽيءَ وارا پن ان جي ابتڙ ڏسڻ ۾ ايندا آهن. هن وڻ جي گل تي بيضي نما گونچ هوندا آهن. هي وڻ جنوريءَ کان اپريل تائين واڌ ڪندو آهي.
ماهر چون ٿا تہ هي وڻ جادوئي وڻ آهي جنھن ۾ خدا جي طرفان اهڙيون تہ نعمتون عطا ڪيون ويون آهن جو انھن کي بيان ڪندي انسان اچرج ۾ پئجي ويندو. بنيادي طور تي هي وڻ آفريڪا ۽ ايشيا جي ميداني علائقن ۾ ٿئي ٿو جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ هن وڻ کي ڀلي ڪيتري بہ گرم علائقي ۾ پوکيو وڃي تہ هي ان ماحول ۾ بہ آساني سان تمام ٿورڙي پاڻي تي بہ وڌي وڻ ٿي وڃي ٿو. جتي دنيا ۾ هن وڻ جي ايڏي تہ هاڪ آهي جو دنيا جون تمام وڏيون ملٽي نيشنل ڪمپنيون هن وڻ تي ايترو تہ پيسو انويسٽ پيون ڪن جنھن سان هو سمجهن ٿا تہ کين ٿوري پيسي عيوض تمام وڏو منافعو ملي سگهي ٿو
جيڪو اڳتي هلي انساني ڀلائي ۾ پڻ موثر ڪردار ادا ڪندو ٻيو تہ ڪيترا ئي ملڪ هن وڻ مان سائنسي بنيادن تي وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ هڪ ٻئي کي مات ڏيڻ جي چڪر ۾ آهن. اسان جي علائقن ۾ جتي عورتون 53 سيڪڙُو رت جي کوٽ کي منھن ڏئي رهيون هجن ٻار ڄمڻ جي پھرين سال مري ويندو هجي اتي هن وڻ جي سخت ضرورت هوندي . حڪومتي سطح تي ڳورهاري عورتن لاءِ جيڪي ڪروڙن جي مڇي جي تلائن جي نالي ۾ سيڙپ ٿي رهي آهي اها ڀلي ڪيتري لاڀائتي هجي پر هن تمام ٿورڙي مقدار ۾ پنهجن گهرن ۾ وڻ پوکرائي جيڪڏهن ان جي سار سنڀال لاءِ حڪمت عملي جوڙي ڪتب آڻجي تہ سنڌ مان مرندڙ ٻارن جو انگ هڪ دم ڪري سگهي ٿو ۽ ڳورهاري عورتن جي ڪرندڙ رت جي شرح کي تمام بھتر بہ بڻائي سگهجي ٿو .

فائدا:
هن وڻ جي پتن کي جيڪڏهن استعمال هيٺ آڻجي تہ هن ۾ بيدن/انڊن ۾ موجود پروٽين کان چار دفعا وڌيڪ پروٽينز موجود آهن، جيڪڏهن نارنگي سان ڀيٽجي تہ هن ۾ هڪ نارنگيءَ جي ڀيٽ ۾ موجود وٽامن سي جي مقدار کان ست ڀيرا وڌيڪ وٽامن سي موجود آهي، هڪ گجر ۾ موجود وٽامن ان کان چار ڀيرا وڌيڪ، جڏهن تہ جانورن جي کير ۾ موجود ڪيلشم جي تعداد کان چار ڀيرا وڌيڪ ڪيلشم هن وڻ جي پتن ۾ موجود آهي . ڪيلن ۾ موجود پوٽاشم جي مقدار کان ٽي ڀيرا وڌيڪ پوٽاشم هن وڻ جي پتن ۾ آهي هاڻي توهان پاڻ سوچو تہ هي جادوئي وڻ ناهي تہ ٻيو ڇاهي؟ هڪ تہ هن وڻ جي پوکائي تمام آسان سستي ۽ لاڀائتي آهي.
جتي ايڪڙن ۾ مرچ، سبزيون، ٽماٽو پٽاٽا بصر پوکي سگهجن ٿا تہ تجرباتي طور تي هڪ ايڪڙ ۾ هي وڻ بہ لڳائي سگهجن ٿا هن وڻ جي اها اهميت آهي تہ هي وڻ آساني سان سخت موسم ۾ بہ وڏو ٿي سگهي ٿو جنھن لاءِ هڪ ايڪڙ ۾ اندازن 3 هزار کن ٻوٽا پوکي سگهجن ٿا جنھن سان سنڌ ۾ ٿيندڙ موسمي تبديلي کي بہ منھن ڏئي سگهجي ٿو . سنڌ جو ڪلائيميٽ هونئن بہ ڏينھون ڏينھن خراب تر ٿيندو پيو وڃي جنھن لاءِ حڪومتي سطح تي پروجيڪٽ بہ آندا پيا وڃن پر جيڪڏهن حڪومت سنجيدہ ٿئي تہ هن وڻ جي ذريعي سنڌ جي ماڻھن جي تمام گهڻي مقدار ۾ خدمت ٿي سگهي ٿي. ڪجهہ ڏينھن پھرين هڪ دوست ٻڌايو تہ هن وڻ جي غير سرڪاري سطح تي تحقيق شروع ٿي چڪي آهي
جنھن لاءِ پھرئين مرحلي ۾ سنڌ جي ضلعي مٽياري جي چونڊ ڪئي وئي آهي جيڪا ٽنڊو ڄام ايگريڪلچر يونيورسٽي ۽ آغا خان يونيورسٽي جي تعاون سان مٽياري ضلعي جي بھراڙين ۾ 40 هزار وڻ پوکي نتيجا حاصل ڪيا ويندا . يقينن اهو سڀ ٻڌي اعتبار تہ نہ پئي آيو تہ سنڌ ۾ اڃان اهڙا ادارا آهن جيڪي سائنسي بنيادن تي ڪم کي اڳتي کڻي هلي رهيا آهن. هونئن تہ سائنسي بنيادن تي سنڌ ۾ حڪومتي سرپرستي ۾ ڪم گهٽ ٿيندو آهي جي ٿيندو بہ آهي تہ لاڀائتو نظر ناهي ايندو پر جھڙي طريقي سان هي مٽياري ضلعي جي ٻھراڙين۾ وڻ پوکڻ کانپوءِ جھڙي نموني ماحول جي پسمنظر جو جڏهن جائزو وٺندا تہ يقينن هي سنڌ ۾ تمام وڏو انقلاب هوندو .
ان سلسلي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ جڏهن مون آغا خان جي ٽيم سان رابطو ڪيو تہ هنن ٻڌايو تہ اهي ٻوٽا تقريبن 40 هزار جي لڳ ڀڳ پوکيا ويا آهن جنھن مان 5 هزارن جي لڳ ڀڳ سڙي ويا جن کي بر وقت وري تبديل ڪري نوان ٻوٽا لڳايا ويا. هڪ پاسي بک بيروزگاري جتي غذائي کوٽ جي ڪري هر هزار ڄمندڙ ٻارن مان 72 ٻار مري وڃن اتي اهڙي صورتحال ۾ هن قسم جي سائنسي بنيادن تي ڪيل جدوجھد يقينن سنڌ ۾ هڪ انقلاب کان گهٽ نہ هوندي. جتي حڪومتي سطح تي ڪروڙن جا فش پانڊ لڳائي ڳورهاري عورتن جي غذائي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ جيڪي منصوبا جوڙيا وڃن.
جيڪڏهن حڪومت هڪ قدم اڳتي اچي گهر گهر ۾ سھانجڙي جي پوکائي لاءِ ڪا قانون سازي ڪري ٿي تہ اها هڪ مثبت سائنسي سوچ هوندي. هن منصوبي سان نہ صرف غذائي کوٽ پر شگر جي مريضن، بلڊ پريشر جي مريضن، دل جي مريضن جن ۾ جيڪڏهن ڪوليسٽرول وڌيل آهي تہ هن وڻ جا پتا سڪائي گهوٽي پائوڊر ٺاهڻ سميت چانھن، ڪافي، ايسيتائين جو سڪل پتن کي گرم پاڻي ۾ ملائي اسڪن تي هڻڻ سان ڪافي چمڙي بھتر ٿئي ٿي.
هن جو نہ صرف پائوڊر پر گهاڻي ۾ پيڙائي تيل ڪڍي کائڻ سميت مٿاڇري استعمال لاءِ پڻ ڪتب آڻي سگهجي ٿو . وڏي عرصي کان حڪومت سرپرستي ۾ هلندڙ پنز پراجيڪٽ جنھن جي وسيلي ڪيترن ئي ضلعن ۾ مفت غزائي کوٽ جو شڪار ٻارن کي پلمپينٽ ذريعي جيڪو علاج ڪيو ٿو وڃي پر زميني حقيقتن جي مد نظر رکندي اهو بہ هڪ تاثر جڙي ٿو تہ سھانجڙي کي جيڪڏهن هٿي وٺرائجي ۽ ان کي لوڪل ستح تي پوکائي ڪرائي وڻ پوکرائي انھن پتن جو جيڪڏهن پائوڊر ٺاهجي تہ هڪ تہ اهو اساني سان دستياب ٿي سگهي ٿو ٻيو تہ اهو اسان کي پلمپينٽ ٻاهران امپورٽ ڪرڻ کان هن ۾ وڌيڪ آساني پيدا (اها هڪ ٻي ڳالھہ آهي تہ سندن ٻنھي ۾ سائنسي بنيادن تي ڀيٽ نٿي ڪري سگهجي نہ ئي هن وقت ڪو اهڙو پليٽفارم جڙيل آهي جيڪا ٻنھي جي ڀيٽ ڪري) ٿي سگهي ٿي جنھن جي وسيلي گهر ويٺي اسانيء سان پيسي سان گڏ ناڻو بہ ڪمائي سگهجي ٿو. ان وڻ جي پوکڻ سان جيڪا ان وڻ جي گلن ۾ جيڪو NECTOR ٺھندو جڏهن ان جي مٿان ماکيءَ جي مک ويھندي تہ انسان سنڌ جي بھراڙين ۾ ماکي جي ڪاروبار کي پڻ تمام ٿوري يا گهڻي مقدار ۾ پر هٿي ضرور ڏئي سگهجي ٿي.
اهي تہ صرف ان جي فائدن جون ڳالھيون بيان ڪيونسين پر کوڙ انيڪ اهڙيون جادوئي شيون هن وڻ ۾ لڪل آهن جنھن سان يقينن اوهان کي ايئن محسوس ٿيندو تہ هي وڻ نہ پر خدا جي طرفان انسان ذات جي لاء نعمت آهي.

سھانجڙو: قدرت جو انمول تحفو
سھانجڙو، جنھن کي انگريزي ۾ “مورنگا” (Moringa) سڏيو وڃي ٿو، هڪ اهڙو وڻ آهي جيڪو نہ رڳو غذائي ۽ طبي لحاظ کان اهميت رکي ٿو پر ماحولياتي بھتري ۽ سماجي ترقي ۾ پڻ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿو. هي وڻ خاص طور تي خشڪ علائقن ۽ سخت موسمن ۾ پوکڻ لاءِ موزون آهي. ان جا سڀئي حصا، جھڙوڪ پنَ، ٽاريون، گل، ۽ ٻج انسان ذات لاءِ بيحد فائديمند آهن.

سھانجڙي جا غذائي ۽ طبي فائدا

غذائي کوٽ جو علاج:
سھانجڙي جي پنن ۾ غير معمولي غذائي جزا شامل آهن:
• وٽامن اي، سي، ۽ اي (Vitamin A, C, E) جا وڏا مقدار موجود آهن.
• ڪيلشم، پوٽاشيم، ۽ ميگنيشيم جھڙا اهم معدنيات موجود آهن.
• پروٽين جي بھتري ذريعن مان هڪ آهن، خاص طور تي انھن لاءِ جيڪي گوشت کان پاسو ڪن ٿا.
هي غذائي مواد خاص طور تي انھن علائقن ۾ فائديمند آهي جتي غذائي کوٽ هڪ وڏو مسئلو آهي. ٻارن ۾ واڌ ويجهہ لاءِ سھانجڙي جي پائوڊر جو استعمال تمام ڪارائتو ثابت ٿيو آهي.

بيماريون ۽ انھن جو علاج:
سھانجڙي کي “قدرتي دواخانو” سڏيو وڃي ٿو ڇو تہ ان جا مختلف حصا مختلف بيمارين لاءِ استعمال ٿين ٿا:

دل ۽ رت جي نالن لاءِ:
• سھانجڙي جا پنَ ڪوليسٽرول کي گهٽائڻ ۽ رت جي دٻاءُ کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا.

شگر جي علاج ۾:
• هن جا ٻج ۽ پن بلڊ شوگر کي گهٽائڻ ۽ ان کي مستحڪم رکڻ ۾ مددگار آهن.

هاضمي جي مسئلن لاءِ:
• سھانجڙي جا پنَ ۽ ٻج پيٽ جي خرابين، جھڙوڪ قبض ۽ پيٽ جي ڪينسر کان بچاءُ لاءِ مفيد آهن.

سوزش ۽ سورن لاءِ:
• سھانجڙي ۾ ضدِ سوزش خاصيتون موجود آهن، جيڪي گڏيل سور ۽ اعصاب جي بيمارين لاءِ فائدي مند آهن.

3. چمڙي ۽ وار جي خوبصورتي لاءِ:
سھانجڙي جو تيل چمڙي جي نمي کي برقرار رکڻ ۽ جهرين کان بچاءُ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. اهو چمڙي جي چمڪ بحال ڪرڻ ۽ وار جي مضبوطي لاءِ پڻ فائديمند آهي.

ماحولياتي اهميت
1. موسمي تبديليءَ سان مقابلو:
سھانجڙي جو وڻ سخت گرمي ۽ گهٽ پاڻيءَ واري حالتن ۾ بہ زندہ رهي سگهي ٿو. ان جا ٻوٽا ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪري ماحول کي صاف رکڻ ۾ مدد ڏين ٿا.

2. زمين جي بھتري:
سھانجڙي جي پاڙون مٽيءَ کي مضبوط ڪن ٿيون ۽ ان جي زرخيزي کي وڌائين ٿيون. ان جي پوکائي سان زرعي زمين جي بحاليءَ ۾ مدد ملي ٿي.

3. پاڻيءَ جي صفائي:
سھانجڙي جي ٻجن مان حاصل ٿيندڙ مواد پاڻي ۾ موجود گدلاڻ کي ختم ڪري ٿو ۽ ان کي انساني استعمال لاءِ صاف بڻائي ٿو.

سماجي ۽ معاشي فائدا
آمدني جو وسيلو:
سھانجڙي جي پتن، ٻجن، ۽ تيل جي واپار سان مقامي ماڻھن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿي سگهن ٿا. خاص طور تي عالمي مارڪيٽ ۾ سھانجڙي مان ٺھيل پراڊڪٽس جي وڏي گهرج آهي.

غذائي ۽ طبي پراڊڪٽس جي تياري:
سھانجڙي مان پائوڊر، ڪئپسول، ۽ ٻيون غذائي شيون تيار ڪري مقامي توڙي عالمي مارڪيٽن ۾ وڏي پيماني تي وڪرو ڪري سگهجن ٿيون.

پوکائي ۽ واڌ ويجهہ

آسان پوکائي:
سھانجڙي جي وڻ کي ٿورڙي پاڻي ۽ گهٽ سار سنڀال سان پوکيو وڃي ٿو.
هڪ ايڪڙ ۾ لڳ ڀڳ 3000 ٻوٽا پوکي سگهجن ٿا.

وڌندڙ دلچسپي:
سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن کي سھانجڙي جي پوکائي ۽ واڌ ويجهہ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن وڻ جي پوکائي سان نہ رڳو غذائي کوٽ ختم ٿي سگهي ٿي پر ماحولياتي بھتري ۾ پڻ مدد ملي سگهي ٿي.

سفارشون:
حڪومتي پاليسيون:
سھانجڙي جي پوکائي کي قومي سطح تي منصوبن جو حصو بڻائڻ گهرجي.
علائقائي زرعي ادارن کي سھانجڙي جي پوکائي بابت تربيت ڏيڻ گهرجي.

سماجي آگاهي:
ماڻھن کي سھانجڙي جي فائدن بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ آگاهي مھم هلائڻ گهرجن.
خاص طور تي ڳورهاري عورتن ۽ ٻارن جي غذا ۾ ان جي اهميت کي اجاگر ڪيو وڃي.

تحقيق ۽ ترقي:
سھانجڙي جي طبي ۽ غذائي فائدن بابت وڌيڪ تحقيق ڪئي وڃي.
ان جي پيداوار مان تيار ٿيندڙ پراڊڪٽس کي عالمي مارڪيٽ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ جدت آندي وڃي.
مجموعي طور تي سھانجڙو هڪ قدرتي تحفو آهي، جيڪو انسان ذات جي بنيادي ضرورتن، جھڙوڪ غذا، صحت، ۽ ماحولياتي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ان جي پوکائي ۽ استعمال سان نہ رڳو غذائي کوٽ ختم ٿي سگهي ٿي، پر اقتصادي ترقي ۽ ماحولياتي بھتريءَ جا بہ وڏا فائدا حاصل ٿي سگهن ٿا. ان کي وڌائڻ لاءِ انفرادي، سماجي، ۽ قومي سطح تي گڏيل ڪوششون لازمي آهن.

1. غذائي قدر
سھانجڙي جي پنن، گلن ۽ ڦٽن ۾ شاندار غذائي خصوصيتون آهن:
• پوٽاشيم: هڪ ڪيلي کان وڌيڪ.
• ويٽامن سي: نارنگين کان وڌيڪ.
• پروٽين: کير کان وڌيڪ.
• آئرن: پالڪ کان وڌيڪ.

2. طبي فائدن سان ڀرپور
• سھانجڙي جو تيل، پنن ۽ ڦٽن کي دوائن ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي.
• رت صاف ڪرڻ، هاضمي جي سڌاري ۽ جسم کي توانائي ڏيڻ لاءِ مشھور آهي.
• شگر، بلڊ پريشر، ۽ ڪوليسٽرول کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مددگار آهي.

3. سڀني حصن جو استعمال
سھانجڙي جي وڻ جا هر حصا (پاڻيون، پاڙ، ڦل، پنن، ۽ گل) ڪنھن نہ ڪنھن طريقي سان فائديمند آهن:

• پاڻيون: دوائن ۾ استعمال ٿينديون آهن.
• پن: چانھہ ۽ پائوڊر ۾ استعمال ٿينديون آهن.
• ڦل: کاڌي ۾ سبزي طور استعمال ٿيندا آهن.

4. تڪڙو وڌندڙ وڻ
• سھانجڙي جو وڻ تمام جلدي وڌي ٿو ۽ گهٽ پاڻي ۾ بہ رهي سگهي ٿو، جنھن سبب اهو خشڪ علائقن لاءِ بھترين فصل آهي.

5. ماحولياتي فائدا
• مٽي جي سڌاري ۽ زمين جي خشڪي ختم ڪرڻ لاءِ مفيد آهي.
• پاڻي کي صاف ڪرڻ لاءِ ان جي پاڙ ۽ ٻج استعمال ڪري سگهجن ٿا.

6. سڄي دنيا ۾ مقبوليت
• سھانجڙي کي آفريڪا، ايشيا، ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ غذائي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو.

7. قدرتي توانائي ڏيندڙ
• ان جا پتا قدرتي توانائي ڏيندڙ طور مشھور آهن ۽ جسم ۾ ٿڪاوٽ ختم ڪرڻ لاءِ بھتر آهن.

8. ٻج مان تيل ڪڍڻ
• سھانجڙي جي ٻج مان ڪڍيل تيل کي "بين آئل" چيو ويندو آهي، جيڪو کائڻ، دوا ۽ خوبصورتي جي شين ۾ استعمال ٿيندو آهي.

9. انساني جسم لاءِ طاقتور
• سھانجڙي جا پتا اينٽي آڪسائيڊنٽس سان ڀرپور آهن، جيڪي جسم ۾ آزاد ريڊيڪلز کي ختم ڪن ٿا ۽ مدافعتي نظام کي مضبوط ڪن ٿا.

10. سھولت ۽ ڪفائتي شجر
• سھانجڙي کي ننڍين زمينن تي بہ آساني سان پوکي سگهجي ٿو، ۽ اهو گهٽ خرچ سان وڏي فائديمند آهي.

نم (Neem, Margosa or Indian Lilac)

هن وڻ کي سنڌي ۾ نم، عربي ۾ نيم فارسي ۾ ٽيب، هندي ۾ نيم رُڪ چيو ويندو آهي، هي تمام مشھور وڻ آهي سندس پن ۽ گل گهوٽي پيارجن تہ گهٽاتي رت کي صاف ڪري، آتشڪ بادفرنگ جي ڦٽن، کل جي خارش ڦٽ ڦرڙين، جذام، ڪوڙھہ، چٽيءَ جي داغن کي صاف ڪري ٿو. صفرا ۽ بلغم کي پچائي ٻاهر ڪڍي ٿو. دماغ ۾ رحم جي رطوبت وائي بادي کي تحليل ڪري ٿو، سندس ڇوڏا ڪٽي سفوف ڪري کائڻ، سنڌن جي پراڻي سور فقرس عرق النساءِ ٻرهل يرقان لاءِ مفيد آهن. نمورين جو تيل کل ۽ پيٽ جا ڪيئان ماري ڇڏي ٿو. بھار جي موسم ۾ نمن ۾ اڇي رنگ جو ٻور ٿيندو آهي جنھن کي ٿر واسي “نيٻوجهر” چون اهو ٻور ڪيترين بيمارين ۾ ڪم اچي ٿو. روزاني گهوٽي پيئڻ سان جهونو تپ، ڦٽ ڦرڙيون ختم ٿيو وڃن. ٻور مان نموريون ٿين نموريون جڏهن پچن تہ ٻار ان جي ڳر شوق سان چوسين ان بعد پڪل نموريون پکي بہ کائن خاص ڪري، ڪان، بلبل، طوطو ۽ هڙيا وغيرہ. نم جو ڏندڻ تمام سٺي شيءِ آهي، سنڌي ڪامورو ۽ ويشنو ماڻھو هر روز نم جو ڏندڻ ڏيندو آهي، پر هاڻي تہ دنيا ئي اور ٿي ويئي آهي، هر هڪ جي هٿ ۾ ٽوٿ پيسٽ ۽ برش نظر ٿو اچي ۽ ڏندڻ ڏيڻ کي عيب ٿا سمجهن، سڪل ڏندڻ کي رات جو پاڻي ۾ پسائي صبح جو استعمال ڪبو آهي. هونءَ بہ وڻ جي ڪٽائي سنڌ ۾ زورن تي آهي وڻ پوکيون تہ ڪونہ پر واڍيءَ تي زور گهڻو آهي، ڪيترا قيمتي وڻ جيڪي شھرن جي سونھن هئي انھن کي بہ ڪونہ بخشيو ويو آهي. وڻ ڇانوَ ڏين ٿا، خاص ڪري سخت گرمي جي موسم ۾ مال متاع وڻن جو پاسو وٺي ڇانوَ ۾ ويھن ٿا توهان اهو نظارو ڏسو تہ ڪيترو تہ مزي دار آهي، هر قسم جو جانور گڏ ويٺ و هوندو آهي، ٻڪريون، رڍون، مينھون، ڳئون گڏ ويٺل نظر ايندا ۽ پاڻ ۾ وڙهن ڪونہ وڳن جي صورت ۾ ويٺل هوندا هئا هي صروت حال اڳ ۾ هئي جڏهن پاڻ ۾ پيار ۽ محبت هئي هاڻي اُهي وٿاڻ بہ ڪونہ رهيا آهن، امن ڪونھي هر مال گهر جي اندر ٿو رهي، مال ٻاهر ڪڍڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. نم جي ڇانوَ گهاٽي ٿئي، ان ڪري نم شوق سان پوکي ويندي هئي. نم جا پن سڪائي ڪڻڪ جي ٻج ۾ ملائي ڇڏيندا هئا جيئن سُري ۽ ٻين جيتن کان بچاءُ ٿئي. ڪتابن جي بچاءَ لاءِ ڪتابن جي المارين مٿان نم جا سڪل پن رکيا ويندا هئا تہ جيئن جيت ۽ سري کي ڪتاب محفوظ رهن ۽ ڪاٺ بہ محفوظ رهي. نم جو وڻ تيز وڌندڙ آهي ۽ ڊيگهہ ۾ تمام وڏو وڌي ٿو 20 کان 15 ميٽرن تائين 66 کان 49 ڊگهو وڻ نظر ايندو. 35 کان 40 ميٽرن تائين ڊگهو نم جو وڻ بہ نظر ايندو. پرشن ۾ هن کي آزاد درخت هند بہ چيو وڃي ٿو. ان ڪري تہ هن کي ڪوبہ جيت جڻيو تنگ نہ ٿو ڪري هن جي ڪوڙاڻ جي ڪري بيمارين کان بچيل آهي. ڪن ڪن وڻن مان خاص رس بہ ٽمندي ڏٺي ويئي آهي ۽ ان رس کي حڪيم هٿ ڪري دوائن ۾ استعمال ڪندا آهن. سڪل نمورين کي عورتون ڪٺي ڪري ڏنڊي ڪونڊي ۾ پيھي پائوڊر ٺاهي مٿي جي جوئن کي مارڻ ۾ ڪم آڻين ٿيون. نم جي وڻ جو هر هڪ انگ ڪم جو آهي ۽ ڪمائتو آهي ڪاٺين مان شهتير، پٽيون ۽ در دروازا ٺھن ۽ ڪٻٽ ٺھن، ميز ڪرسيون ٺھن نم جو قيمتي ڪاٺ آهي ڊريسنگ ٽيبليون بہ هن مان ٺھنديون آهن.

نم جي وڻ جا مجموعي فائدا:

1. صحت لاءِ فائدا:
• پيٽ جي بيمارين لاءِ: نم جا پن چٻاڻڻ سان هاضمي جو نظام بھتر ٿئي ٿو ۽ پيٽ جا ڪيڙا ختم ٿين ٿا.
• شگر جي ڪنٽرول لاءِ: نم جي پنن جو قهوو خون ۾ شگر ليول کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مددگار آهي.
• ڏندن جي سنڀال: نم جون ٽاريون استعمال ڪرڻ سان ڏند مضبوط ٿين ٿا ۽ مھارن جي بيمارين کان بچاءُ ٿئي ٿو.

2. ماحولياتي فائدا:
• هوا کي صاف ڪري ٿو: نم جو وڻ آلودگي جذب ڪري ماحول کي بھتر بڻائي ٿو.
• ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي گهٽائي ٿو: هي وڻ آڪسيجن جي فراهمي کي وڌائي ٿو.
• ڌرتي کي ٿڌو رکي ٿو: نم جي ڇانو گرميءَ کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪري ٿي.

3. زراعت لاءِ فائدا:
• قدرتي جراثيم ڪُش: نم جي پنن جو رس پوکن لاءِ نامياتي ڀاڻ طور استعمال ڪري سگهجي ٿو.
• نقصان ڏيندڙ جيتن کان بچاءُ: نم جو تيل زراعت ۾ جيتن کي مارڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.

4. روزاني استعمال:
• وارن لاءِ فائديمند: نم جي تيل سان مٿي تي مالش ڪرڻ سان وار مضبوط ٿين ٿا ۽ خشڪي ختم ٿئي ٿو.
• خوبصورتي لاءِ: نم جو پائوڊر چمڙي لاءِ ماسڪ طور استعمال ڪري سگهجي ٿو.
• طبي دوائن ۾ استعمال: ڪيترن ئي هربل دوائن ۾ نم جا جزا شامل ڪيا ويندا آهن.

ڪِرڙ (Capparis Decidua)

هن وڻ کي سنڌي ۾ ڪرڙ، انگريزيءَ ۾ (Capparis Decidua)، عربي ۾ شجرت الدبيل فارسي ۾ درخت ڪريڙ ۽ هندي ۾ ڪرڙ چون. ڊيگهہ ۾ 5 ميٽر 16 فوٽ ٿئي. هي وڻ پاڻي گهڻو چاهيندو آهي، جتي ترائي ۽ پاڻي آهي اُتي هي تمام گهڻو واڌ ڪري ٿو سندس قد ۽ ڊيگهہ وڌي وڃي ٿي باقي جيڪڏهن هي سوڪھڙي واري جاءِ تي آهي تہ سندس واڌ ۽ ويجهہ گهٽ ڏسڻ ۾ آئي آهي. وڻ ۾ پن گهٽ نظر ايندو آهي هڪ تہ پن سنھون ۽ ننڍڙو ٻيو جلدي ۾ ڇڻي وڃي انڪري ٽارين ۾ رڳو ڪنڊا نظر ايندا آهن. نوان پن نومبر کان جنوري تائين نڪرن، گل جهلي مارچ کان اپريل آگسٽ، سيپٽمبر، گلابي ڦر (Pinky) سنڌي ٻيرن جھڙا، جنھن کي ڏنورا چوندا آهن. ڪرڙ ريگستاني علائقن لاءِ انتھائي فائديمند آهي. اهو نہ رڳو سخت موسمي حالتن ۾ زندھہ رهي سگهي ٿو، پر ريگستاني مٽيءَ جي زرخيزت وڌائڻ ۾ بہ مدد ڪندو آهي.
پُسي (ڪرڙ جا گل ۽ ٻور) رَڌي کائبي آهي. ٿر وارا شوق سان کائين. اونھاري جو هن ۾ پھريائين پُسي ٿئي جنھن کي ٿر ۾ “ٻاٽو” چون مارو ماڻھو ان جي ڀاڄي ڪن. پُسي مان پوءِ ان مان ڪي ڪچا ساوا ڦل ٿين جن کي ٿر وارا “ڪيريا” چون، جي چونڊي ڀاڄي ۽ اچار ڪري ڪم آڻي. پچڻ بعد اهي ساوا ڏيلھا ڳاڙها ٿيو پون انھن کي “پڪا” چون جي چونڊي ماڻھو کائيندا آهن. پکي خاص ڪري بلبل، هڙيا، ليلون،پڪا جام کائيندا آهن. غريب ماڻھو پُسي، ڪچا ڪيريا ۽ ڏونرا چونڊي آڻي شھرن ۾ وڪرو ڪندا آهن. پسي رڌي کائجي تہ رت بلغمي ۽ صفرا جي دستن کي بند ڪري ٿو، معده کي تقويت ڏي ٿو، آنڊن ۽ معده جي ڪيئين کي ماري ٿو، ڪاٺي جو ٻورو ڪاڙهي پياريو تہ کنگهہ جلندر، يرقان، آنڊن جو ڦٽ، رحم جي رطوبت ۽ معده جي رطوبت لاءِ مفيد آهي. ڪرڙ جو ٻونگر گهوٽي ناسور ۽ بواسير تي مرهم ڪجي، مفيد آهي! هن وڻ جي ڪاٺي مضبوط ۽ کاري ٿيندي آهي ان ڪري اڏوهي ۽ سُرو نہ لڳندو، جاين لاءِ پٽيون، ڪرڙ کان پوءِ دنگ آهن. چونرن، لانڍين ۽ ڇنن لاءِ ڪاٺي تمام سٺي آهي. ٿاڌل جا موالي ڪرڙ جي ڪاٺيءَ مان ڏنڊا ٺھرائيندا آهن. هي وڻ اتر آفريڪا، مڊل ايسٽ، ڏکڻ ايشيا ۽ ٿر ضلعي ۾ جام ڏسڻ ۾ ايندو. ٿر پارڪر سنڌ ۾ ڏونرن جي ڀاڄي رڌبي آهي جيڪا تمام مشھور ڊش آهي. ڪرڙ (Capparis Decidua) نہ رڳو قدرت جو انمول تحفو آهي، پر انسان، ماحول، ۽ زراعت لاءِ بہ انتھائي اهم آهي. ان جا غذائي ۽ طبي فائدا، ماحول سان هم آهنگ هجڻ ۽ زراعت لاءِ مددگار هجڻ ان کي هڪ اهم وڻ بڻائين ٿا. جيڪڏهن ان جي پوک وڌائي وڃي تہ اهو نہ رڳو غذائي ۽ طبي لحاظ کان فائدو ڏيندو، پر ريگستاني علائقن جي بھتريءَ لاءِ بہ مددگار ثابت ٿيندو.

ارجن (Terminalia Arjun)

ارجن وڻ، جنھن جو سائنسي نالو Terminalia Arjuna آهي، هڪ اهم طبي وڻ آهي، جيڪو ايورويدڪ، يوناني ۽ روايتي طب ۾ استعمال ٿيندو آهي. هي وڻ خاص طور تي ڀارت، پاڪستان، بنگلاديش ۽ سري لنڪا ۾ ملي ٿو ۽ دل جي بيمارين، رت جي گردش جي بھتري ۽ ٻين ڪيترين ئي صحت جي مسئلن لاءِ مفيد سمجهيو ويندو آهي. سنڌي طب ۾ بہ ان کي هڪ اهم جڙي ٻوٽي طور استعمال ڪيو ويندو آهي. ارجن هڪ وڏو، مضبوط ۽ سڌو سنئون وڌندڙ وڻ آهي، جيڪو عام طور تي 20 کان 25 ميٽرن جي اوچائي تائين پھچي سگهي ٿو. ان جا پن سائي ۽ ڊگها ٿين ٿا، جڏهن تہ ان جو ڇلڪو هلڪو ناسي ۽ سخت هوندو آهي. هي وڻ عام طور تي ندي، درياھہ ۽ تلائن جي ڪپ تي وڌڻ پسند ڪندو آهي ۽ پنھنجي خاص بناوت سبب ڪيترن ئي موسمي حالتن کي برداشت ڪرڻ جي صلاحيت رکندو آهي.
هن وڻ کي گجراتي ۾ ڪڊانو ساداڙو مھا شرط ساداهڙا (هندي ۾ انگريزي ڪوھہ) ارجنا 80 کان 85 فوٽ ڊگهو وڻ آهي. لاڙڪاڻو ميونسپل هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر جي آفيس در وٽ هي وڻ موجود آهي جيڪو اوچائي ۾ تمام وڏو آهي ڪجهہ وقت اڳ چوٽيءَ کان ڀڄي پيو آهي. (مون هن اسڪول مان تعليم پرائي آهي، ميٽرڪ 1962ع ۾ پاس ڪيم ان وقت بہ اهو وڻ تمام وڏو هيو ۽ هن کي اسان هريڙ جو وڻ ڪري چوندا هئاسي ڇو تہ هن جو ڦل سڪل وڏي هريڙ وانگر ٿيندو آهي).
طبعي خاصيتن جي لحاظ کان، ارجن وڻ جي ڇلڪي ۾ ڪيترائي اهم جزا موجود آهن، جيڪي انساني صحت لاءِ انتھائي فائديمند آهن. ان ۾ فليوونوئڊس، ٽيننز، ساپونينس ۽ معدني جزا جھڙوڪ ڪيلشيم، ميگنيشيم ۽ زنڪ شامل آهن، جيڪي دل، جگر، ڦڦڙن ۽ هاضمي جي نظام لاءِ انتھائي مفيد آهن. ارجن وڻ جي ڇلڪي کي خاص طور تي دل جي صحت لاءِ هڪ بھترين دوا سمجهيو ويندو آهي، ڇو تہ اهو دل کي مضبوط ڪرڻ، رت جي وهڪري کي بھتر بڻائڻ ۽ هاءِ بلڊ پريشر کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪندو آهي. طبي تحقيقن موجب، ارجن جو استعمال دل جي بيمارين جھڙوڪ انجائنا، هاءِ بلڊ پريشر ۽ ڪوليسٽرول جي سطح کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. کل جيتري قدر سفيد هوندي اوتري بھتر آهي، هن جا پن ڊگها ڊگها گولائي مائل زيتون جي پنن وانگر ٿين ٿا. موسم بھار ۾ هن ۾ زرد رنگ جا گل ٿين ٿا ان جي ڇڻڻ بعد هريڙ جي شڪل پھلودار ميوو ٿئي ٿو جيڪو ڪاٺيءَ وانگر سخت ٿئي ٿو. ان ميوي مان ئي ان وڻ جي شناخت ٿئي ٿي. وڻ جي کل سفيد رنگ جي ٿئي ۽ ان کل کي رهڙ ڏيڻ سان ان مان کير نڪري ايندو آهي جنھن جو ذائقو تيز ۽ کٽو ٿئي، کل جو ٻاهريون رنگ اڇو ۽ اندر ۾ ڳاڙهي، گل پيلا زرد. مزاج گرم ۽ خشڪ مقدار خوراڪ هڪ ماشه کان 2 ماشه تائين. وڻ جي پئدائش جي جاءِ پنجاب خصوصن ڪانڳڙھہ صوبہ متحدہ وچ هندوستان راجپوتانا چهوٽا نالگ پور لنڪا ۽ برما.
هن جو جوشاندو کير ۾ تيار ڪري پيئڻ سان دل جي بيماري ۾ مفيد آهي. ارجن جي کل هڪ تولو کير ۽ هڪ پاءُ پاڻي ۾ ڪاڙهي پياريندا آهن، هن کي هوميوپيٿڪ مشھور دوا ڊيجي ٽيلس جي مقابلي ۾ پيش ڪندا آهن. پيشاب جي گهڻائي کي روڪي ٿو. ڪن جي سور ۾ هن جو پنن جو رس قطور ڪندا آهن. ڌڪ واري جاءِ تي هن کي مھٽڻ سان سور کان آرام ملي ٿو. هن جي جوشاندي سان ڦرڙيون ڦٽ ڌوئيندا آهن هن جي کل جو سفوف کير، ڳڙ يا پاڻي سان گڏ زخم لڳڻ ۽ هڏي ڀڄڻ / ڀڄي پوڻ جي صورت ۾ سفوف کارائيندا آهن. خون ڄمڻ ڪري جان تي ڳاڙها ۽ نيرا داغ پئجي ويندا آهن. آيو وريد م عام طور جوشاندو ٿي استعمال ۾ آندو وڃي ٿو معمولي ڌڪ ۾ وڻ جي کل کي پيھي ليپ ڪرڻ ئي ڪافي آهي. مدناپور بنگال ۾ هن جي کل خاڪي ڪپڙا رڱڻ جي ڪم آندي ويندي آهي. ارجن ۾ هيٺيان نمڪيات موجود آهن. ميگنيشم زنڪ، ٽامو ۽ ڪيلشم موجود آهي. ارجن دل جي سڪڙائو ۽ طاقت ۽ ريت ۾ بھتري پيدا ڪري ٿي. ذيابيطس ۾ مفيد آهي. موٽاپي کي گهٽ ڪري ٿو. انجائنا پيڪوٽورس ۾ مفيد آهي، جگر سي روس ۾ مفيد آهي پيشاب آور بہ آهي. وڌيڪ لاءِ اهو ٻڌايو ٿو وڃي تہ ارجنا وڻ جي ٿڙ جي کل دل جي مرض لاءِ تمام ڪارائتي شي آهي ۽ هن جو استعمال هندوستان ۾ بلڪل ڪرايو وڃي ٿو. هندستان جي نامياري ويد ويگاڀٽا پھريائين پھريائن ماڻھن کي ٻڌايو نہ وڻ جي ٿڙ جو پائوڊر دل جي مريضن لاءِ لاڀائتو آهي. تامل ناڊو ۾ ٿڙمان تيار ڪيل پائوڊر بوائل ڪري پاڻي سان استعمال ڪرڻ سان هنن جو مٿي جو سور ختم ٿيو وڃي ۽ ڏندن جا جراثيم مريو وڃن.
رواجي مقدار ۾ ارجن جو استعمال محفوظ آهي، پر گهڻي مقدار ۾ ان کي استعمال ڪرڻ سان ڪجهہ منفي اثرات ٿي سگهن ٿا. تمام گهڻو استعمال ڪرڻ سان بلڊ پريشر تمام گهٽ ٿي سگهي ٿو، جڏهن تہ ڪجهہ ماڻھن ۾ هاضمي جا مسئلا بہ پيدا ٿي سگهن ٿا. حامله عورتن ۽ ٿڃ پيارڻ واري مائرن کي بنا طبي ماهر جي صلاح مشوري جي ارجن جو استعمال نہ ڪرڻ گهرجي.
ارجن وڻ قدرت جو هڪ بھترين تحفو آهي، جيڪو صدين کان صحت جي بھتري لاءِ استعمال ٿيندو پيو اچي. جديد سائنسي تحقيق بہ ان جي فائدن کي تسليم ڪري ٿي ۽ ڪيترن ئي دوائن ۾ ان کي شامل ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن ان کي صحيح مقدار ۾ ۽ طبي ماهر جي صلاح سان استعمال ڪيو وڃي، تہ اهو انساني صحت لاءِ انتھائي فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو.

ڇوئي موئي (Senstim Plant, Minosa pudica)

ڇوئي موئي (Mimosa pudica) جنھن کي "Senstim Plant"، "Touch-me-not"، يا "Shy Plant" بہ چيو ويندو آهي، هڪ دلچسپ ٻوٽو آهي جيڪو هلڪي ڇھاءُ تي پنھنجا پن بند ڪري وٺندو آهي. هي ٻوٽو گهڻو ڪري اوڀر ايشيا، ڏکڻ آمريڪا، ۽ هند-پاڪ علائقي ۾ عام آهي.
هن ٻوٽي کي انگريزي ۾ هيٺين ريت بيان ڪيو ويو آهي:
Minosa Pudica also called sensitive plant sleepy plant, action plant, and humble plant, touch me not, touch and die or shame plant.
سنسڪرت ۾ هن کي لجالو، هندي ڇوئي موئي لاج ونتي، سنڌي ۾ شرم ٻوٽي، بنگالي ۾ لاج بٽي چيو ويندو آهي. هن جا ٽي قسم آهن. هن جي خاصيت هي آهي تہ هن کي هٿ سان ڇھڻ سان هن جا پن سڪڙجي ويندا آهن، هٿ لائڻ کان علاوہ ڪنھن مرد جو پاڇو بہ هن تي پوندو تہ ٻوٽو سڪڙجي ويندا آهن، هٿ لائڻ کان علاوہ ڪنھن مرد جو پاڇو بہ هن تي پوندو تہ ٻوٽو سڪڙجي ويندو آهي، ان ڪري هن کي ڇوئي موئي يالجالو چوندا آهن. شرم ٻوٽي فساد خون، بواسير، اسھال خوني، نفث الرم ۽ ڪثرت ظمت کي روڪڻ لاءِ استعمال ۾ آندو ويندو آهي. ناسور لاءِ مفيد آهي. گهوٽي پيئڻ سان هيض کي جاري ڪري مئل ٻار کي ٻاهر ڪڍي ٿو، خلط بلغم ۽ سودا کي پچائي دستن رستي ٻاهر ڪڍي ٿو، جگر جي سور، جزام آتشڪ ۽ ناسور لاءِ مفيد آهي. منيءَ کي خشڪ ڪري، مٿي جي سور ۾ بہ ڪم اچي ٿو. هن مان ريحان وانگر خوشبوءِ ايندي آهي. هن جا پن ڄٻاڙڻ سان وات جي بدبوءِ ختم ٿيو وڃي. ڇوئي موئي مٽيءَ ۾ نائٽروجن وڌائڻ ۾ مدد ڪندي آهي، جيڪو ٻين ٻوٽن لاءِ مفيد هوندو آهي.

ملڪ نالو ثقافتي يا روايتي اهميت
انڊيا لڄوانتي آيورويدڪ دوائن ۾ استعمال، پاڪيزگي ۽ شرميلي طبيعت جي علامت.
چين "Han Xiu Cao" (含羞草) روايتي چيني دوائن ۾ استعمال، دل ۽ رت جي بھتري لاءِ مفيد.
فلپائن "Makahiya" "شرمائتو ٻوٽو"، عام طور تي چمڙي جي بيمارين لاءِ استعمال.
ٿائيلينڊ "Mai Yap" جڙي ٻوٽين واري دوائن ۽ زمين جي بھتري لاءِ.
برازيل "Dormideira" سڪون ڏيڻ ۽ ضدِ التھاب خاصيتن سبب استعمال.
آفريڪا "Sensitive Plant" زميني زرخيز ڪرڻ ۽ ماحولياتي سسٽم لاءِ مفيد.

دلچسپ حقيقتون
1. ڇوئي موئي تي ناسا بہ تحقيق ڪئي آهي، ڇاڪاڻ تہ ان جي "حرڪت واري خاصيت" سائنسدانن لاءِ دلچسپ رهي آهي.
2. هي ٻوٽو پلانٽ نيوروبائيولوجيءَ لاءِ اهم آهي، ڇو تہ ان جو نيورونز (نروس سسٽم) جيان رفتار سان ريسپانس ڪرڻ وارو نظام آهي.
3. سائنسدان مستقبل ۾ ڇوئي موئي جھڙا ٻوٽا مريخ جھڙين حالتن ۾ وڌائڻ جو تجربو ڪري رهيا آهن.
لوڪ ڪھاڻيون ۽ داستان
• هندستاني روايتن موجب هن کي لڄوانتي نالي ڇوڪري جي شرميلي طبيعت سان جوڙيو ويندو آهي.
• فلپائين ۾ رومانوي داستان موجب ڇوئي موئي کي محبت ۽ دل ٽٽڻ جي علامت سمجهيو ويندو آهي.
• چيني روايتن جي ڪن عقيدن موجب، هن ٻوٽي کي گهر ۾ رکڻ سان “ناڪاري توانائي” ختم ٿي وڃي ٿي.

بڙ (Banyan Tree)

هي مشھور عظيم الشان وڻ آهي، لاطيني زبان ۾ هن کي (Ficus Bangalensis) اردو ۾ بڙ فارسي ۾ برگد، بنگالي ۾ بٽ، هندي ۾ بڙھہ، عربي ۾ ذات الذوانب چيو وڃي ٿو. هن وڻ جي ٽارين مان سنھا باريڪ قسم جون تندون نڪري هيٺ زمين ۾ داخل ٿي وينديون آهن ۽ اهي سنھيون تارون اڳتي هلي وڏا بنڊ بڻجيو پون، انھن ريشن کي ريش برگد، بڙ جي ڏاڙهي چون. زيادہ تر هن جو کير ۽ ان جا نرم گونچ دوا طور استعمال ۾ آندا وڃن ٿا. پتاشي کي ٿورو ٽنگ ڪري ان ۾بڙ جو کير وجهي پتاشو وات ۾ وجهي ڇڏيو ۽ اهو ماڻھو صبح جو سوير باغ ۾ اچي بڙ جا پن پٽي پتاشي کي کير سان ڀري کائي ويندو هو. برگد جو کير بواسير، احتلام، جريان ۽ سرعت انزال ۾ مناسب ترڪيب سان کارايو ويندو آهي. نرم نازڪ گونچن ۽ ڏاڙهي جو سفوف ٺاهي جريان ۽ احتلام ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي.
پستانن جي سخت ڪرڻ ۾ ريش برگد کي مٿان ضماد ڪرايو ويندو آهي. دستن کي بند ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ڪنن ۾ ڪينئان هجن تہ بڙ جو کير ڪنن ۾ وجهڻ سان ڪينئان مري ويندا آهن. بڙ (Ficus benghalensis) هندوستان جو قومي وڻ آهي ۽ هن کي پاڪ وڻ ڪري ليکيو وڃي ٿو هن وڻ جي ڀرسان اوهان کي مندر بہ نظر ايندا. وڻ جي جسامت ۽ پکيڙ ڪري گرميءَ جي مند ۾ ڇانورو نصيب ٿئي ٿو ۽ ان وڻ ۾ ڪيترن پکين جا بسيرا بہ ٿيندا آهن.

مختلف ملڪن ۾ نالا ۽ اهميت

ملڪ نالو ثقافتي ۽ طبّي اهميت
ڀارت برگهت (बरगद) روحانيت، هندو ڌرم ۾ پوڄا، آيورويدڪ دوائون
پاڪستان بڙ ڇانوَ لاءِ مشھور، رواجي جڙي ٻوٽين ۾ استعمال
بنگلاديش Bot Gaach (বট গাছ) روايتي دوائن ۾ استعمال
ٿائيلينڊ Sai Rong مذهبي ۽ روحاني لحاظ کان اهم
انڊونيشيا Pohon Beringin بدروحن جي رهائش جو علامتي وڻ
نيپال Bar بدھہ مت ۽ هندو ڌرم ۾ مقدس
سڌارت گوتم ٻڌ هن وڻ جي هيٺيان ويھي نرواڻ (Enlightenment) حاصل ڪئي، تنھنڪري ان کي “ٻوڌي وڻ” بہ چيو وڃي ٿو. ٻڌ ڌرم جا پوئلڳ هن وڻ کي عزت ڏين ٿا ۽ ان جي هيٺيان ڌيان (Meditation) ڪندا آهن.
ٿيگور بڙ وڻ (The Great Banyan Tree) – انڊيا جڳتيشور بنگال، انڊيا ۾ موجود، دنيا جو سڀ کان وڏو بڙ وڻ، جيڪو 250+ سال پراڻو آهي. جنھن جي ايراضي 4 ايڪڙن تي ڦھليل آهي.
ٻيو ڪبير وڊ بہ ڀارت شھر جي گجرات ۾ واقع آهي، جنھن جي ايراضي 3 ايڪڙن تي پکڙيل آهي، تاريخ مطابق سنت ڪبير هتي رهندو هو. ٽيون وڏو بڙ جو وڻ پڻ بنگلور انڊيا ۾ دودا الادا مارا جي نالي هيٺ مشھور آهي جيڪو 400 سال پراڻو آهي ۽ جنھن جي ايراضي پڻ 3 ايڪڙن تي مشتمل آهي. سنڌ ۾ پڻ اهڙو قديم 150 سال قديم وڻ آهي جيڪو پڻ جريب کان وڏو ڦھليل آهي جيڪو زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ داخل ٿيڻ سان ئي نظرجي ٿو. جيڪو ڪراپ پراڊڪشن فيڪلٽي جي سامھون آهي. ان کان علاوہ لاڙڪاڻي شھر جي بلڪل ويجهو ئي ڳوٺ دودائي ۾ پڻ بڙ آهي جيڪو پڻ هڪ ايڪڙ تي مشتمل ٿيندو.

پيلو عرف مسواڪ (کبڙ) (Soleoide Salvadora persica)

هن کي لاطيني زبان ۾ Soleoide Salvadora عربي اراڪ، فارسي ۾ درخت مسواڪ بنگالي ۾ چهوٽا پيلو سنڌي ۾ کبڙ، هن جي ڦل کير پيرون چوندا آهن، هن کي ڄار بہ چيو ويندو آهي. هي ڪلراٺي زمين جو وڻ آهي، هي وڻ سدائين سائو رهندو آهي، ڪتي ۽ چيٽ جي مھينن ۾ هن وڻ ۾ مٽڪ ۽ پيرون ٿيندا آهن. اٺ لاءِ هن جا پن طاقتور غذا آهي، ڄار جا پن ۽ پارون ڪمائتيون آهن. هي وڻ سنڌ پنجاب، صوبہ سرحد ۽ ايران جي خشڪ علائقن ۾ ٿئي ٿو. هن وڻ جي پاڙ ڏندڻ ڏيڻ لاءِ استعمال ۾ ايندي آهي. هن وڻ جي کل کي جوشانده طور ڪم ۾ آندو وڃي ٿو ٿو. هن جو ڦل ڪاسر رياح مدر بول ۽ ملين طبع آهي. ڄاريون ٿڙ ۾ جام آهن اُهي ننڍين ننڍين ڀٽن دڙن ۽ وارياسي نرم زمين ۾ جام اڀرن پر ٿڙ ڪري مٿي ڪونہ بيھن ۽ زمين سان لاڳو چوڌاري ڪجهہ دائري ۾ سوڙهيون پکڙيل هونديون آهن. انھن جو ٿڙ چٽو ظاهر نہ هوندوآهي ٽاريون بہ زمين سان لڳيون پيون هونديون آهن ۽ مٿان بہ پاڻ ۾ ڳتيون پيون هونديون آهن جن کي “ٻٿون” چون. هنن جا پن ڊگهيرا مائيدار پٿن جي ورائڻ سان ٻرڪي ڀڄي پوندا آهن. اهي پن اُٺ ٻڪري جام کائينديون آهن. ڏهرن ۽ سخت زمين ۾ ڄاريون ٿين جن کي ست اٺ ڦوٽ هيٺيان ٿڙ ٿئي ۽ مٿان ٽاريون ڪڍي وڻ وانگر ٿين جن کي “هيڪل گوديون” چون. اهي ڪنٺي ۾ جام ٿي. خاص ڪري ڳوڙهيار، اوٺا، لوڻيو، مٺاتڙ، ڪانھيو کڏي حيات هاليپوٽو ۾ جام ٿين.
ٿري عام طور کبڙيون بہ چون پر حقيقت ۾ انھن ۾ ٿورو تفاوت آهي، ڄاريون اُهي آهن جن جا پيرون مٺا ٿين ۽ کبڙيون اُهي آهن جن جا پيرون کارا ٿين. ڪي پيرون ڳاڙها ۽ ڪي پيلا بہ ٿين جي ماڻھو آڻي پاڻ بہ کائين ۽ شھرن ۾ وڪڻندا بہ آهن ۽ ڪجهہ سڪائي بہ رکندا آهن جن کي “ڪوڪڙ” چون ڪوڪڙ پاڻ بہ کائين ۽ مال کي کارائين. کبڙ جي ڪاٺي مضبوط ۽ چيڙهي ٿئي ان کي اڏوهي ۽ سرو ڪونہ کائي جنھن ڪري عمارتن جي ڏانوَ جي آهي. غريب ماڻھو کٻڙ جي ڪاٺي مان کٽولن جا پاوا، ايسون، اُپرا، پينگها ٺاهن در دريون کوهن جون ڪوهڙون ۽ ڀوڻ وغيرہ ٺھن. اٺن ۾ هڪ بيماري ٿيندي آهي جنھن کي “پانءِ” کاڄي چون، ان لاءِ کٻڙ جون سڪل ڪاٺيون ساڙي ان جي رک گڏ ڪري دلي ۾ پاڻي سان گڏي باھہ تي ڪوسو ڪن ان کي “پاھہ” چون پوءِ کٻڙ جي آلي ڪاٺي ڏيڍ فوٽ هٿ ڪري ان جي هڪ پاسي کي ڏندڻ وانگر ييا برش وانگر ڪُٽي ٺاهين، ان برش سان اُها پاھہ اٺ جي سموري بدن تي لڳائيندا ويندا آهن، انکي چون “اُٺ نوريو” آهي، سڪڻ بعد تيل مکي ڇڏين تہ اها بيماري ختم ٿي ويندي آهي.

ڊڀُ (Magical Dharbai Grass)

هي جلدي وڌندڙ گاھہ آهي. عربي ۾ هن کي علف الفرش، فارسي ۾ قرع، هندي ۾ بيل، ڪانسل، ڊوڀ ۽ سنسڪرت ۾ ڊاڀا يا ڪاشا چيو ويندو آهي. هي گاھہ سخت زمين ۾ ٿيندو آهي پوءِ چوڌاري پکڙبو آهي هي هيٺيان ٿٻ وانگر ٿيندو آهي، هن جي پاڙ هيٺ اونھي ٿيندي ويندي آهي جيڪا ڪمند وانگر ڳري دار ٿئي.
هن جون پاڙون زمين ۾ اٽڪل 50 کان 60 فٽ تائين وڃن ٿيون، ڊڀ ايترو تہ سخت جان آهي جو پھاڙن کي چيري بہ اڀري اچي ٿو. پاڻيءَ جي ڏينھن ۾ اڀرندو آهي، هي گاھہ جڏهن ڦٽي ٿو تہ زمين تي وڇايل ٿئي ٿو ۽ گاھہ جا سلا اڀا ٿين ٿا جيڪي تمام تيز هوندا آهن اگهاڙي پيري هلندڙ ماڻھن جي پيرن ۾ اهي گهري ويندا آهن ۽ زخمي ڪري سور ڪرائيندا آهن.
نياڻي جو ٻار پٽ جي ڀيت ۾ اڳي وڏو ٿي ويندو آهي ان ڪري ان کي بہ ڊاڀوڙي سان مشابھت ڏيندا آهن يعني جلد وڌڻ واري. ڊڀ گاھہ کان علاوہ دوا طور بہ ڪم آندو وڃي ٿو هن کي گهوٽي پاڻيءَ ڪڍي ان ۾ ٿورو آفيم گهي (ملائي) مصري وجهي پوءِ مريض کي پيئارجي تہ وبائتي دستن ۽ قئي کي روڪي ٿو هن کي فقط گهوٽي پئجي تہ گهاتو رت صاف ڪري ٿو، صفراءُ جو جوش گهٽائي ٿو. هن کي هيڊ ۽ چانورن سان ملائي لپري ٺاهي سخت سوڄن تي ٻڌڻ مفيد آهي.

مالھہ:
نار جو هڪ عضوو هرلي جي ڍينگي تي ويڙهيل لوڙ جا ٻہ لڙھہ (جي ارڙين ذريعي ڳنڍيل ٿين) جنھن ۾ پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪنگيريون ٻڌجن. ارٽ ۾ ٽڪ کي ڦيرائڻ واري ڏوري . ڏوري (وڏو رسو ٿيندو آهي) جنھن ۾ ڪنگريون ٻڏل هونديون آهن جيڪي ڀرجي ٻاهر پاڻي آڻينديون آهن. اها مالھہ ڊڀ جي پتن مان ٺھندي آهي.
هن جا پن چپٿرا ڊگها 3 يا 4 فوٽ کن ٿيندا آهن وچ ۾ سنھيون سنھيون ڏانڊيون ٿينديون آهن جن جي ڇيرن ۾ ننڍا ننڍا سنگ ٿين. هن جي پن جي ڌار ڏاڍي تيز ٿئي ۽ هٿ کي زخمي ڪري وجهي. هن جا ٿٻ سدائين بيٺا هوندا آهن جڏهن هي وڏو ٿيندو آهي تہ ڏاٽي سان ڪپي ٿر ڏانھن پاکڙن جو ٿڙهن جي اندر وجهي ڀرتي ڪندا آهن. مون ڊڀ جي پراڻن ۽ ڳريل ڳار ۾ انبن کي پال ڪندي ڏٺو، هندو وڏن مٽڪن۾ انبن کي پال ڪندا هئا ڪارپيٽ جو زمانو ڪونہ هو، انبن کي صاف ڪري (ڪچين انبڙين کي صاف ڪري) مٽن ۾ وجندا هئا، ڊڀن ۾ ويرهي اندر هڪ اڌ ننڍو صوف ۽ هڪ ڦار مٺي گدري جي مٽ ۾ وجهندا هئا (خوشبوءِ لاءِ) ان بعد جڏهن مٽ کي کوليندا هئا تہ ڇا تہ انب جو رنگ ۽ خوشبو ۽ مٺاس، اڄوڪا انب انھن سان ڀيت نہ ٿا ڪري سگهجن.
ڊڀ مان نوڙيون وٽي غريب ماڻھو کٽولا واڻيندا آهن ۽ ڊڀ جي ڪتر ڪري مٽيءَ جي گاري سان گڏي ڪچين جاين کي ليپو ڏيندا آهن جيڪو نڪي ڦٽڻدو ۽ نڪو برسات جي ڪري ترت لھندو آهي. سائو هوندو آهي تہ کين مينھون ۽ ڳئون، ڍڳا ۽ گڏھہ کائيندا آهن.

مالھہ: ڊڀ مان نار جون مالھون ۽ رسا ٺاهيندا لاڙڪاڻي ۾ مالھائي شيخن جي ذات ملي ٿي جن جا مراد واهڻ ڀرسان پنھنجا ڳوٺ آهن. جن جو پراڻي وقت ۾ اهوئي ڪم هو تہ ڊڀ ڪٽي انھن مان کوهن جو مالھائون تيار ڪندا هئا ۽ انھن تي ذات ئي مالھائي شيخ پئجي ويئي. ڪانن مان شيخ پترون ٺاهيندا آهن، پترن ٺاهڻ ڪري انھن جي ذات بہ پترائي شيخ اٿن.
ڊڀ جو ڊگهو پتو سنھن ڪنڊن سان ٿئي ٿو، ٿورڙي بہ تڪڙ ڪبي تہ هٿ کي زخمي ڪرڻ جي طاقت رکي ۽ بليڊ وانگر تيز آهي، پن سڪڻ کانپوءِ وڌيڪ خطرناڪ ٿيو پوي.
ڊڀ نقصان ڏيندڙ ريڊيئيشن (Radiation) کان بچائي ٿو ۽ اوس پاس ۾ رهندڙ ناڪاري روحاني طاقتن سان مقابلي ڪرڻ جي سگهہ رکي ٿو. هي دوائن طور بہ ڪم اچي جنھن جو ذڪر اڳ واٽ ٿي چڪو آهي. عبادت لاءِ هن گاھہ مان چادرون، مصلا، ۽ آسن ديسي آڏاڻن سان ٺاهيا وڃن ٿا، گاھہ جا تندن مان ڊڀ جو منڊيون ٺاهڻ جو ڪم بہ ٿئي، هنن کي آڱر مان پائڻ جو رواج تاملن ۾ عام جام ٿئي. ۽ انھن ۾ اهو خيال آهي تہ آڱر ۾ منڊي پائڻ سان هر مشڪل ڪم آسان ٿيو وڃي. ويدن جي پڙهڻ وقت يا ويدن جا گيت ڳائڻ وقت منڊي سڄي هٿ جي چوٿين آڱر ۾ پائڻ گهرجي.
عبادت ڪرڻ وارا شينھن ۽ هرڻ جي کلن تي ويھي تپسيا ڪن ٿا پر هتي ٻڌايو ٿو وڃي تہ ڊڀ جي ٺھيل آسڻ تي ويھي تپسيا ڪرڻ تمام بھتر آهي ۽ منتر جلدي ۾ پنھنجو جادوئي اثر ڏيکارن ٿا ۽ منتر سڌ ٿيو وڃن ٿا. روايتون بيان ٿيون ڪن تہ ڊڀ گاھہ پاڪائي ۽ صفائي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ هو بچائي ٿو انھن جاين کي جتي مذهبي پوڄا ۽ پاٺ ڪيا وڃن ٿا. يقين سان ڊاڀا گراس ڍال جو ڪم ڏئي ٿو. ۽ ناڪاري روحاني اثرن کان ڍال جھڙو بچاءُ ملي ٿو. تامل ناد ۾ اهڙا آڏاڻا تمام گهڻا آهن جيڪي ڊڀ مان آسن، فراسيون ۽ چادرون ٺاهن ٿا.
اٿر ويد جي صفحي 19/32 تي جادوئي بنچ آف ڊاڀا گراس جو ذڪر ٿيل آهي تہ هن گاھہ ۾ ڪيتري شڪتي آهي. اوڏن ۾ رسم آهي تہ جڏهن وفات ڪيل کي قبر ۾ لاهي پورڻ بعد ان کي پاڻي ڏيڻ جي رسم ڪئي ويندي آهي. پوريل جي قبر طرف منھن ڪري ٻڪن سان پاڻي ڏنو ويندو آهي ۽ ٻڪ ۾ ڊڀ جو گاھہ ڦاسايل جو هڪ بنچ تريءَ ۾ هوندو آهي.
ان کان علاوہ جڏهن فوتيءَ جو سکو ڍاڙ (Ritual Ceremony) ڪرايو ويندو آهي تہ برهمڻ هڪ ڪانن جو 8/10 ڏاڪڻ واري ڏاڪڻ ماڊل طور ٺاهيندو آهي ۽ سموري ٺھيل ڏاڪڻ کي ڊڀ جي پتن سان ويڙهيو ويندو آهي اهڙي طريقي سان جيئن سائيڪل جي فريم تي شوقين پلاسٽڪ جي پني شوق خاطر چڙهائيندا آهن. ۽ انھن جو عقيدو آهي تہ مئل ماڻھو جو روح ان ڏاڪڻ تي چڙهي وينڪٽ پھچي وڃي ٿو.
ڊڀرو، ڪنڊياري ۾ هڪ شھر جو نالو آهي، ڊڀرو، ڊڀن واري زمين، ڊڀن وارو هنڌ _ جتي گهڻا ڊڀ هجن.

ٻٻر جي اهميت (تحقيقي ۽ طبي آئيني ۾)

هن وڻ کي سنڌي ۾ ٻٻر، انگريزي ۾ (Acacia _ arabica) عربي ۾ “ام غيلان” فارسيءَ ۾ “مغل” (Madareghulam, Kharemughlan) اردو ۾ ببلو، ڪڪر، هنديءَ ۾ ڪڪر، ببول، ببولا، بابورا، ڪناڊا، ۾ جالي، گوبلي، تامل ۾ ڪاروويلم، تيلگو ۾ نلاتوما (Nallatuma)، ٿوما thumma، سنھاليءَ ۾ بوبالائي Babbulae، ليٽن ۾ Acacia Arabica، آسام ۾، Babala گجراتيءَ ۾ Baral, Kaloabval ڪشمريءَ ۾ ساڪ Sak پنجابيءَ ۾ ڪڪر اوريا ۾ Babula، Babala، مراٺيءَ ۾ Babhula, Babhul, بنگاليءَ ۾ Babla، ملايم ۾ Velutha Karu ويلوٿاڪارو ويلان Velan، ۽ اوڏڪي ۾ چئون ٻاوڻ.
هي وڻ قدرتي طور خشڪ علائقن ۽ سخت زمين ۾ ٿئي جھڙوڪ آفريڪا کان سينگال کان مصر هيٺ کان ڏکڻ آفريڪا، ايشيا کان عربيا کان انڊيا، برما ۽ سريلنڪا، وڏي انداز ۾ سنڌ ۾ ٿئي.
سنڌو دريا جي ٻنھي ڪنارن تي هن جا ٻيلا آهن، ان کان علاوہ ٻھراڙيءَ جي ڳوٺڻ ۾ ٻنين ٻارن ۽ واهن جي ڪپرن تي هي وڻ جام نظر ايندو. هت ٻٻر ٻن قسمن جو ٿئي هڪ ڪارو ۽ ٻيو ڀورو، ڪاري قسم کي سڌا ڪنڊا ۽ گهڻيون شاخون ٿين ۽ وڏو ٿڙ ٿئي. ڀوري وڻ ۾ تمام گهڻا ڪنڊا ٿين ۽ جيئن عمر وڌندي تہ ان جي ڪاٺ جو رنگ (Reddish Black) ٿيندو ويندو. ٻنھي قسمن جي وڻن جي اوچائي 50 فوٽ تائين ٿئي ۽ ٿڙ 10 کان 50 فوٽن جو ٿئي. ٽارين جي جيڪي ڪنڊا ٿين سي اڌ انچ کان ٻن انچن جا ڊيگهہ ۾ ٿين ٿا. عام طور ٻھراڙين ۾ ٻٻرن جون ٽاريون ڪٽي گهرن جي ٻاهران بچاءَ لاءِ ۽ مال جي واڙن لاءِ وڏا وڏا لوڙها ڏنا ويندا آهن. سڪل ٽاريءَ ننڍڙي کي ڍنگهري ۽ وڏيءَ کي ڍنگهر چيو ويندو آهي، مگر معلوم هجي تہ هتي اصطلاح هر ڪنڊي دار وڻ جي ٽاريءَ لاءِ استعمال ٿيندي آهي، جنھن ۾ ٻير، ڪنڊي ۽ ڪرڙ جو وڻ اچي وڃن ٿا. بھار جي مند ۾ هي وڻ گل جهلي جيڪي سونھري ۽ پيلا گل ٿين، جنھن کي “ٻونگر” بہ چيو وڃي جنھن کي ٻڪريون ۽ رڍون وڏي شوق سان کائن. بھار جي مند ۾ هي وڻ گل جهلي جيڪي سونھري ۽ پيلا گل ٿين جن ۾ وڻندڙ خوشبو ءِ بہ ٿئي، مارچ ۽ اپريل ۾ انھن گلن مان پلڙا Pads بہ نڪريو اچن، فرين کي پلڙا بہ چيو ويندو آهي). انھن ڦرين جي ڊيگهہ 6 انچ ٿئي هر هڪ فڙي يا پلڙي ۾ 9 کان 11 ٻج ٿين. ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن ڦريءَ مان 31 ٻج بہ نڪتا آهن. ان مند ۾ اڇي ۽ ڳاڙهي رنگ جو لڳ لڳدار رس وڻ کان نڪرندي آهي جيڪا اسان کي کونئر جي شڪل ۾ ملي ٿي جيڪا دوا طور ڪم اچي ٿي. پلڙن جي رس ڪپڙن رڱڻ جي ڪم آڻبي آهي.
سيرڪو ڪوهستان ۾ محترم ﷲ بچايو سمون ڪوهستاني ماڻھن جي ڪپڙن رڱڻ جو طريقو پلڙا ڪُٽي، ٿانوَ ۾ وجهي باھہ تي رکن، جڏهن پاڻي جوش ۾ اچي، تڏهن وجهن منجهس لٽا، ٿوري دير ۾ لٽا رڱجي ڪارا ٿي پوندا، اڃان بہ جي ڦٽڪيءَ چٽ ڏنائونس تہ رنگ هيڪاري پڪو پلڙڻ ۾ سخت داڻا يا ٻج ٿئي ان کي “چيچڪا” چئبو آهي، ٻٻر جي پن ۽ ٻلڙا ٻڪريون ۽ اٺ مزي سان کائيندا آهن. هن جي ڇانوَ سٺي ٿيندي آهي، گرمين جي مند ۾ ماڻھو ۽ مال سندس هيٺان آرام ڪندا آهن. هن مان لاک ۽ کونئر نڪري ٿي. سندس ڇوڏا چمڙي رڱڻ ۽ ديسي شراب ٺاهڻ ۾ ڪم ايندا آهن ٻٻر جي ڪاٺي سخت، مضبوط ۽ جٽادار ٿئي ٿي، هن جي ٿلھن ٿڙن (بنڊن) کي چيري نڪتل ڪاٺ مان تختا، دريون، ڪرسيون، ميزون، جاين جون ڪامون، پٽيون، پينگها، کٽن جا پاوا، ايسيون (ٻانھيون) اُپرا (سپرون) ڪٻٽ، صندل، ۽ ٻيون شيون ٺاهيون وڃن ٿيون. هاري ان مان هر پانڃاريون، ڏورڻا، گاڏا گاڏيون ۽ سرايون ٺھرائن. ان کان علاوہ ٻٻر جي وڻ مان جلائو ڪاٺ بہ ملي ٿو. پروفيسر ماڻڪ پٿاوالا پنھنجي ڪتاب اي فزيڪل اينڊ اڪنامڪ جاگرافي آف سنڌ ۾ ٻٻر لاءِ بيان ڪيو اٿس تہ:
“Good for fuel, timber and ship building very tough and heavy wood, staple tree for lower Sindh”
سنڌ گزيٽيئر ۾ ڊاڪٽر ايڇ.ٽي سارلي ٻٻر جي تعريف هن ريت ڪئي آهي:
“It yields an excellent timber used extensively for wheels, agricultural implements, building purposes and fuel, a gum which is only slightly inferior to true gum Arabic an astringent bark which is used for dyeing and tanning and poods affording and excellent food for cattle of all kinds”.
مٿي ذڪر ڪيل قيمتي فائدن کان علاوہ بہ ٻٻر جو وڻ ڪيترن موذي مرضن لاءِ دوا طور ڪم اچي ٿو جنھن جي عام ماڻھو کي بلڪل ڄاڻ ڪانھي ۽ اسين اکيون ٻوٽي پيڪ ٿيل انگريزي دوائون استعمال ڪريون ٿا، حالانڪہ ڪيترن مرضن جو علاج ديسي جڙين ٻوٽين جي صورت ۾ اسان جي گهرن ۾ پوکيل وڻن ۾ موجود آهي ليڪن اسان انھن جي طبي گڻن کان ناواقف هوندي انھن مان پورو فائدو نہ ٿا وٺون.
ان کان علاوہ اسان وڻن جا دشمن آهيون ۽ ڪارائتا وڻ ڪٽي ميدان ڪري ڇڏيا آهن، گرمي جي مند ۾ وڻ جي ڇانوري لاءِ پريشان هوندا آهيون، انڪري وڻ پوکيون اسڪولن ۾ اوطاقن ۾ مئيخانن ۾ تہ جيئن انھن وڻن ۾ پکي پکڻ پنھنجا آکيرا ٺاهي پنھنجو نسل وڌائين.

طبي طور ٻٻر مان هيٺيان فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا:
1. ڏندن جون بيماريون: ڏندن جي ڌُڏڻ لاءِ ٻٻر جو ڇوڏو ڪُٽي، ڪپڙي ۾ ڇاڻ ڪري، لوڻ ملائي ڏندن کي مھٽجي ۽ ٻٻرجو ڏندڻ کل سوڌو ڪجي تہ ڏند مضبوط ٿيندا.
2. مھارن مان رت وهڻ: ٻٻر جو ڇوڏو پاڻي ۾ ڪاڙهي فٽڪي ملائي گرڙيون ڪجن.
3. وات پچي پوڻ: ٻٻر جو ڇوڏو پاڻي ۾ ڪاڙهي ليمي جي رس يا ڦٽڪي ملائي گرڙيون ڪجن.
4. جهوني کنگهہ: مٺي ڪاٺي، ڪارا مرچ ۽ ٻٻر جو کونئر هم وزن ڪُٽي، ماکي ملائي، گوريون ٺاهي رکجن، ڏينھن ۾ 3 ڀيرا پاڻي سان هڪ هڪ گوري ڦڪجي.
5. رت جا دست: ٻٻر جا پن هڪ تولو، ٿاڌل وانگر گهوٽي، مصري، ملائي پيئجي تہ هصر قسم جي رت جا دست اچڻ بند ٿي ويندا.
6. پيچش: ٻٻر جو کونئر اڌ تولو ڪڻڪ جي اٽي ۾ ڳوهي، ڦلڪو پچائي کائجي.
7. پيشاب بند ٿي وڃڻ: ٻٻر جا پن ۽ قلمي شورو 3 _ 3 ماسه گهوٽي پيئڻ سان پيشاب خلاصو ايندو.
8. مٺا پيشاب: ٻٻر جو کونئر سچي گيھہ ۾ ڀُڃي صبح ۽ شام هڪ هڪ رتي پاڻي سان ڦڪجي.
9. ناسور: ٻٻر جو کونئر سُرڪي ۾ گهوٽي پھو ٺاهي زخم تي ٻڌي ڇڏجي.
10. بواسير: ٻٻر جون ڦريون سُڪائي ڪُٽي ڇاڻي پاڻيءَ سان 3 ماسه هڪ دفعو ڏينھن ۾ ڦڪجي.
11. ڪامڻ (سائي): ٻٻر جون ڦريون ڇانوَ ۾ سڪائي ڪٽي ڇاڻي هم وزن مصري ملائي، پاڻي سان 3 ماسه روزانہ ڦڪجي.
12. ڏڍ: ٻٻر جا گل سُرڪي ۾ گهوٽي ليپ ڪجي.
13. باھہ جو سڙڻ: ڪو بہ عضوو باھہ ۾ سڙي پوي تہ ٻٻر جو کونئر پاڻي ۾ ڳاري ليپ ڪجي.
14. وڇونءَ جو ڏنگ: ٻٻر جا پن وات ۾ چٻاڙي ڪنن ۾ زور سان ڦوڪون ڏجن ۽ چٻاڙيل پن ڏنگ واري هنڌ تي ليپ ڪجن تہ زهر لھي ويندو.
15. مردانہ مرض (جريان): ٻٻر جا پن ڇانوَ ۾ سڪائي ڪُٽي ڪپڙڇاڻ ڪري هم وزن مصري ملائي هڪ تولو کير سان يا پاڻي سان ڦڪجي تہ فائدو ٿيندو.
16. سوزاڪ: ٻٻر جا پن ۽ ڪارا مرچ پنج داڻه ٿاڌل وانگر گهوٽي کنڊ يا مصري ملائي پيئجي تہ فائدو ٿيندو.
17. زنانہ مرض (سفيد پاڻي): ٻٻر جو کونئر هڪ ٽولو ڏهن تولن پاڻي ۾ رات جو پسائي رکجي، صبح جو ماکي ملائي پي ڇڏجي تہ زنانہ مرض لاءِ اڪسير آهي. ٻٻر جو کونئر سچي گهہ ۾ تري ڪٽي مصري ملائي رکجي. جيڪو هر قسم جي مردانہ مرض لاءِ اڪسيرآهي.
Cloth is socked in decoction of Babool pods and then dried, this procedure is repeatd of times and when necessary use piece of this cloth and put inside vagina, it helps in reducing vaginal secretion.
Also douching wihc decoction of covering a babool pods with alam reduced while discharge in vagina. Babol gum fried with ghee and made halwa, this beneficial in vaginal secretion and leucorrhoea.

چاندني (Nandhiyavatti)

ننڌياوتي جنھن کي هندي ۾ چاندني ۽ انگريزي ۾ (Crape Jasmine) چيو وڃي ٿو. هي قد ۾ چار فوٽن کان 10 ڏهن فوٽن تائين ٿئي. جون مھيني کان گل ڏيڻ شروع ڪندو آهي. گهاٽو ۽ جهڳٽي دار ٿئي، سندس پن رات جي راڻيءَ جي پن وانگر ٿئي، چمپا جا گل وڏا ٿين ۽ چاندني جا گل ننڍا ۽ الڳ بيھڪ جا ٿين. چاندني جي ڪاٺي چيڙهي ٿئي ۽ جلدي ڪانہ ڀڄي سندس گل جو رنگ کير وانگر اڇو ٿئي. گل ۾ پنج پتيون ٿين، پتي جي ڊيگهہ اڍائي سينٽي ميٽر ٿئي ۽ سندس ڏانڊي ٻہ سينٽي ميٽر جي آهي. پتيون ڇت پکي جي پرن جھڙيون ٿين ۽ وچ وچ ۾ وٿي ٿئي. ٽاريءَ ۾ گل ڇڳن جي صورت ۾ ٿين هڪ ڇڳي ۾ 16 گل ۽ هڪ ٽاريءَ ۾ 6 ڇڳا ٿين، ٽارين ۾ گهاٽا گل ٿين ٻور ۽ گل ۾ فرق نظر ڪونہ ايندو ۽ سمورو وڻ گلن سان ٽمي پوندو آهي.
ڌرمي ڪتابن ۾ Nandi گل بابت چيوويو آهي تہ هي گل لارڊ شيواجو پسنديدہ آهي.
Flower is believed to be favourate of Nandi, the sacred bull and mount of lord Shiva Nandi giving Joy, giving delight devotees after these blossoms in worship to seek blessings symbolizing purity and devotion. The frangrant blooms are an intergral part of religions rituals and ceremonies spirituals with devine. Blooms used in temples during celebrations.
Blooms مٺائي ۽ مشروبات ۾ ڪتب اچن ٿا هن مان هاضمي جون دوائون ۽ هر قسم جي سور لاءِ دوائون ٺاهيون وڃن ٿيون Skin conditions ۾ استعمال ٿين ٿا.
جناح باغ ۽ گيان باغ لاڙڪاڻه ۾ چاندني جا تمام گهڻا وڻ پوکيا ويا آهن، جناح باغ جو مين دروازو ٽپي اندر داخل ٿيندا تہ اوهان جي کاٻِي پاسي واري هٿ تي روڊ جي ڀر ۾ لان اندر چاندني جا وڻ اوهان کي ملي ويندا. گيان باغ ۾ سيتا ديوي پارڪ (عورتن واري حصي ۾ چاندي جا ڪافي وڻ لڳايا ويا آهن هن وقت هن باغ کي ذوالفقار علي ڀٽو پارڪ سڏيو ٿو وڃي). ڪافي ڏينھن ٿيا حيدرآباد کان موٽياسي ۽ محرابپور وڃڻو هو، پير وسن واري موڙ کان محراب پور ڏانھن آياسي (ڪاٽن فيڪٽري واري روڊ سان) محرابپور جيڪا ڳڙ ۽ مٺائي جي مشھور منڊي طور ڄاتي ۽ سڃاتي وڃي ٿي هتي هندوستاني Settlers تمام گهڻا رهن ٿا جن ۾ آرائين ڪمبوه ۽ منھاس ذاتين وارا رهن ٿا. گرمي جي موسم هئي جون يا جولاءِ جا گرم ترين مھينا هئا، ساريال فصل رونبي جي مند هئي ۽ زمين ۾ پاڻي ڇڏيل هئو، واٽ تي مھاجر محنت ڪشن جي بستي آئي، ان بستي جي آمھون سامھون باغ هيو جتي انبن، ليمن ۽ نارنگين جا وڻ هئا، وڻ ننڍا هئا ۽ ان باغ ۾ بہ پاڻي ڇڏيل هو.
وڻن کان پرڀرو وٿيرڪو چاندي گلن سان ٽمٽار وڻ نظر آيو اسان کي سج لٿي اڌ ڪلاڪ کن ٿيو هيو اوندھہ هئي پر آسمان تي چنڊ جي روشني هيٺ چاندي جي وڻ مٿي هيٺ تائين گلن سان ڀريل ان ٻنيءَ ۾ پاڻي بہ ڇڏيل هو ۽ گلن جو عڪس پاڻيءَ کي چانديءَ جي چادر بڻائي چمڪائي رهيو هو، ڇا تہ خوب صورت منظر هيو جيڪو بيان نہ ٿو ڪري سگهان. ها ذهن تي زور ڏيڻ سان ياد پيم تہ 1962ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪري لاڙڪاڻه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج ۾ داخلا ورتي هئي اهو ڪاليج جناح باغ جي ڏکڻ طرف ۾ هيو هن وقت ننڍڙن ٻارن جو اسڪول آهي، ان اسڪول جي اتر ۾ وڏو ٻارو آهي جتي هينئر واڪنگ ٽريڪ ٺاهيو ويو آهي ان ٻاري جي وچ واري حصي ۾ گل مھر جو تمام وڏو ڇٽي نما وڻ هو.
گل مھر کي انگريز ي ۾ چون Delexoregia سڄي دنيا جي ملڪن ۾ جام ٿئي اوچائي ۾ 30 کان 50 فٽ ٿئي، گلن جي مند اپريل کان جون تائين گلن جو رنگ انڊلٺ وانگر ست رنگن ۾ نظر ايندو پر حقيقت ۾ مکيہ ٽي رنگ آهن Fiery red، Pink ۽ Orange۔
جڏهن موسم ۾ هي وڻ گل ڪندو هو تہ سمورو وڻ گلن سان ڇانئجي ويندو هو ۽ هيٺ تائين وڻ جون ٽاريون گلن سان ٽمٽار ٿي ويدنيون هيو، ڪاٺيون ۽ پن نظر ڪونہ ايندا هئا صرف گل ئي گل هئا. ان کان علاوہ جهرڪيون ۽ بلبليون بہ هنن گلن سان ڄڻ پيار ڪنديون هيون پکين جا وڏا وڏا ولر اچي هن وڻ جو طواف ڪندا هئا ان کان پوپٽ ۽ ڪارا ڀئونرا بہ گلن تي اچي ويھندا هئا. نيچر سان پيار ڪرڻ وارا شوقين بہ تمام گهڻا اچي هن وڻ جو ديدار ڪندا هئا.گل مھر جو هڪ وڏو وڻ ٿئي ۽ لان لاءِ ننڍڙي قد وارو بہ گل مھر ملي وڃي ٿو، پر گل ڪرڻ ۾ وڏو فرق ٿئي، ننڍڙو ٻوٽو اهڙا وڏا گل ڪونہ ڪري ۽ نہ وري گلن سان اهڙو ڇانئجي ٿو وڃي، مون ان گل مھر جھڙو وڻ پنھنجي حياتي ۾ ٻيو ڪونہ ڏٺو. جيڪڏهن هڪ وڻ پنھنجي حياتي عمر پوري ڪري سڪي سڙي وڃي ٿو تہ سنڀال ڪرڻ وارن کي گهرجي تہ ان جاءِ تي وري ٻيو اهڙو ئي وڻ پوکڻ گهرجي. هونءَ بہ اسان وڻن ڪٽڻ جا ڏاڍا شوقين آهيون ۽ وڻ پوکڻ م اسان کي موت ٿو اچي.
روڊن ۽ رستن جي ڀر ۾ وڻ ۽ ٻوٽا پوکڻ کپن شھر جي سونھن وڌي ٿي، جتي جتي وڏيون وٿيون آهن اتي سايه دار وڻ هڻون، جن ۾ پکي پکڻ بہ اچي پنھنجا آکيرا ٺاهن ۽ جنگلي جيوت بہ وڌي سگهي.
لاڙڪاڻو باغن جو شھر هيو، ڪاڏي ويا باغ، باغن کي اجاڙي رهڻ لاءِ ڪالونيون ٺاهيون ويون آهن گهمڻ لاءِ ڪابہ جاءِ ڪانھي، ٿورو آرام ۽ سڪون وٺڻ لاءِ ڪابہ لاڙڪاڻي ۾ جاءِ ڪانھي پوڙها ۽ عمر رسيده ماڻھو ڪاڏي وڃن. دانھن ڪنھن کي ڏجي؟
ويا مور مري، هنج نہ رهيو هيڪڙو!

تلسي (Holy Basil)

سنڌي تلسي، عربي فرينچ مشڪ، فارسي پلنگ مشڪل، هندي رام تلسفي، انبلہ، اقبليتہ، جائع الغيان، جت القريفل، هي ننڍو وڻ نازبوءِ جي وڻ جيڏو ٿيندو آهي. دل ۽ دماغ کي خوش ڪندڙ آهي. وات جي بدبوءِ وڃائي ٿو، مٿي جو سور، ڏندن ۽ مھارن جي مضبوطي ڪري ٿو، تقويت معدہ ۽ جگر جي ڪري ٿو. بواسير جي رت ۽ ٻرهل، يرقان گهڻي پيشابن، مثاني جي ڦٽ، پرميل ۽ وائي بادي جي تحليل ڪرڻ لاءِ سوداوي ۽ صفراوي خلط کي پچائي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ فائدي مند آهي.
تلسي (Tulsi)، جنھن کي مقدس تلسي (Holy Basil) بہ چيو ويندو آهي، هڪ اهڙو جڙي ٻوٽو آهي جيڪو هزارين سالن کان وٺي انساني زندگيءَ سان گهرائيءَ سان ڳنڍيل آهي. ان جو سائنسي نالو Ocimum tenuiflorum يا Ocimum sanctum آهي ۽ هي ٻوٽو خاص طور تي هندستاني برصغير جي موسمي حالتن ۾ وافر مقدار ۾ ملي ٿو. تلسي نہ رڳو ايڪ جڙي ٻوٽو آهي، پر هي هڪ روحاني علامت، دوا، ۽ ماحولياتي محافظ بہ آهي.
تلسي جو ذڪر قديم هندستاني مذهبي متنن، خاص طور تي ويدن، پُراڻن ۽ آيورويد جي ڪتابن ۾ ملي ٿو. ان کي "ديوي تلسي" چيو ويندو آهي ۽ هندو ڌرم ۾ ان جي پوڄا ڪئي ويندي آهي. ڪيترن گهرن ۾ اڄ بہ تلسي جو ٻوٽو خاص جاءِ تي پوکيو ويندو آهي، جتي روزانو دُعا ۽ آرتي ڪئي ويندي آهي. ان کي پاڪائي، شفا ۽ برڪت جي علامت سمجهيو ويندو آهي.
تلسي جي پنن، پاڙن، ۽ ٻجن ۾ شاندار طبي خوبيون شامل آهن. آيورويد ۾ ان کي “زندگي جي سرپرست” سڏيو ويندو آهي.
اهم طبي فائدا:
• مدافعتي نظام مضبوط ڪري ٿي: تلسي جو قهوو يا پنن جو رس رت جي صفائي ڪري ٿو ۽ بيمارين جي خلاف حفاظتي طاقت ڏيندو آهي.
• تنفس جي بيمارين لاءِ بھترين علاج: ڪن ٿڌ، زڪام، استما، ۽ برانڪائٽس ۾ تلسي کي ادرڪ سان گڏ استعمال ڪيو ويندو آهي.
• ذهني دٻاءُ گهٽائي ٿي: تلسي جو قهوو ذهني سڪون ڏئي ٿو، ان ۾ قدرتيadaptogen جز هوندو آهي.
• شوگر ۽ دل جي بيمارين لاءِ فائدي مند: تلسي رت ۾ شوگر ۽ ڪوليسٽرول کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي.

ماحولي تحفظ ۾ ڪردار
تلسي جو ٻوٽو قدرتي طور تي هوا کي صاف ڪري ٿو. اهو ماحول مان زهريلي گيسون، خاص طور تي ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ کي جذب ڪري، آڪسيجن خارج ڪري ٿو. ان ڪري ڪيترن ئي ماحولي تنظيمن تلسي کي "Green Purifier" سڏيو آهي.
سماجي ۽ ثقافتي اهميت
تلسي کي سنڌي، هندي، ۽ ٻين ثقافتن ۾ “ماڻھوءَ جي صحت جي سنڀال” جو قدرتي طريقو سمجهيو ويندو آهي. سنڌي لوڪ ادب ۾ بہ تلسي جا ذڪر مليا آهن، جتي ان کي قدرت جي برڪت جو حصو قرار ڏنو ويو آهي. ڪن علائقن ۾ تلسي سان قسم کڻڻ بہ سچائيءَ جي علامت سمجهي ويندي آهي.
تلسي جا مختلف قسم آهن، جن مان مشھور آهن:
1. رام تلسي (Rama Tulsi): سائي پن، مٺو ذائقو.
2. ڪرشنا تلسي (Krishna Tulsi): گهاٽو نيرو يا جامني رنگ، تيز خوشبو.
3. ون تلسي (Vana Tulsi): جهنگلي تلسي، وڌيڪ سختي واري حالتن ۾ وڌندڙ.
تلسي هڪ اهڙو ٻوٽو آهي جيڪو طب، روحانيت، ۽ ماحوليات کي هڪ ئي وڻ ۾ سموئي ٿو. ان جي پوک نہ رڳو اسان جي صحت لاءِ فائديمند آهي، پر اهو هڪ ذهني سڪون، روحاني لڳاءُ، ۽ ڌرتيءَ سان محبت جو اظھار بہ آهي. موجودہ دور ۾، جڏهن انساني صحت ۽ ماحول ٻنھي لاءِ خطرا وڌي رهيا آهن، تلسي جھڙا قدرتي خزانا اسان لاءِ اميد جا ڪرڻا آهن.

ڄمون

سنڌي ۾ ڄمون، عربي جامن، فارسي جامون، هندي، جام پھليڊا، ارونيا. بنگالي ڪالاجام، مراٺي ۾ جاميل، تامل (نول) انگريزي جمبل لاطيني پوجينا، هن وڻ جي ڦل کي جمون سڏيو وڃي ٿو. هي مشھور ميوو صوفي ٻير جيڏا داڻا سوسني رنگ تي ٿيندا آهن. گرمي ۾ صفرا جي جوش لاءِ گهڻي اڃ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ۽ اشتھا کي وڌائڻ لاءِ آهن. معدہ ۽ جگر کي طاقت ڏين ٿا. ان جو ٻج صفراوي ٽپن کي بند ڪرڻ لاءِ چڱو آهي. قوت باھہ زيادہ ڪري ٿو ۽ مني وڌائي ٿو، گهاٽي رت کي صفا لاءِ مفيد آهي. ڇوڏاهو راڻيپور جي ڀرسان هڪ ڳوٺ آهي جتي موڪن جو علاج ٿيندو آهي ۽ پري پري کان ماڻھو علاج لاءِ ايندا آهن ۽ علاج دونھين ذريعي ڪيو ويندو آهي ۽ مريض کي ويھاريو ويندو آهي هيٺان دونھون دکايل هوندو آهي جيڪو موڪن کي سڪائي ڇڏي ٿو. پر اهو عارضي علاج آهي، موڪا ختم ڪونہ ٿين. مون ڪافي وقت کان پوءِ هڪ هندستاني حڪمت جو ڪتاب پڙهيو ان ۾ لکيل هيو تہ ڄمون جي ٻج کي سڪائي پوءِ ڪٽي ان کي باھہ ڏيندا آهن ۽ ان مٿان مريض کي اگهاڙو ويھاريو ويندو آهي تہ جيئن دونھون مريض وٽ پھچي. ڄمون جي ککڙي جو مغز دوا طور ڪم ايندي آهي. مزاج سرد وَ خشڪ، قابض سڪن حرارت جامن کارب ۽ سرڪو ٺاهي معدي ۽ جگر کي طاقت ڏيڻ ۽ بک لڳائڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. ڄمون جو مغز (ٻج) قبض هئڻ ڪري دستن زيابيطس ۾ استعمال ۾ ايندو آهي. ڄمون جو مغز خستہ آم ۽ هليل سام بريان سان گڏ سفوف ٺاهي کارائڻ دستن لاءِ مخرب دوا آهي. ڄمون وڻ جي ڪاٺي جو ڪوئلو استعمال ڪرڻ سان ڏندن جي لڏڻ ۽ ڏندن مان رت وهڻ لاءِ نھايت مفيد آهي. مغز ڄمون ۾ ڪيميائي تجزيه مان جن پوي ٿي تہ هن ۾ جاميولين نالي هڪ گلوڪوسائيڊ ۽ ڪيلڪ ايسڊ پايا وڃن ٿا ۽ پوست درخت جامن ۾ ٽي نين پائي وڃي ٿي. نوٽ ذيابيطس ۾ هن جو استعمال ڪيو ويندو آهي. جنھن سان پيشاب ۾ شگر جو اچڻ بند ٿيو وڃي، اگر ڪيميائي تجزئي سان ڏٺو وڃي تہ هن دوائن ۾ بہ هي جزا ملن ٿا، پر اهي ذيابيطس ۾ ڪو وڏو فائدو ڪونہ ٿا ڏين.