آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جيون جهاڳ اجهاڳ (حصو پھريون)

حميدسومري ساروڻين جي شروعات پنھنجي ڳوٺ بخش علي رند لڳ جوھي کئون ڪئي آھي.اتان کان ھلندو ڳوٺ جي يارن، استادن جي مار کان دادو ڪاليج تائين سفر ڪري ٿو. رفتاري، سياسي جدوجھد، جيل ياترا، دادو ڪاليج کان چانڊڪا تائين جي سفر ۾ يارن، دوستن، فنڪارن سان گڏ سياسي سرگرمين بابت ساروڻيون بيان ڪيون اٿس. ڪجهہ دوستن جا سوانحي خاڪا پڻ شامل ڪيا اٿس.

  • 4.5/5.0
  • 93
  • 16
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Jewan Jhag Ujhag

ارپنا

پنھنجي بابا حاجي ﷲ بخش ڊکڻ
۽
امڙ راڄل جي نالي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊاڪٽر حميد سومري جي ساروڻين تي مشتمل ڪتاب ”جيون جهاڳ اجهاڳ (حصو پھريون)“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
حميدسومري ساروڻين جي شروعات پنھنجي ڳوٺ بخش علي رند لڳ جوھي کئون ڪئي آھي.اتان کان ھلندو ڳوٺ جي يارن، استادن جي مار کان دادو ڪاليج تائين سفر ڪري ٿو. رفتاري، سياسي جدوجھد، جيل ياترا، دادو ڪاليج کان چانڊڪا تائين جي سفر ۾ يارن، دوستن، فنڪارن سان گڏ سياسي سرگرمين بابت ساروڻيون بيان ڪيون اٿس. ڪجه دوستن جا سوانحي خاڪا پڻ شامل ڪيا اٿس.
ھن ڪتاب 2025ع ۾ آنلائين ايڊيشن پيش ڪري رھيا آھيون. ٿورائتا آھيون حميد سومري جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪلي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ٻہ اکر

آءُ جڏھن سياست جي ميدان عمل ۾ سرگرم ھيس تڏھن سوچيو ھيم تہ فرصت ملي تہ پنھنجون ساروڻيون ضرور لکندس. ليڪن عجب اتفاق ٿيو تہ جڏھن فرصت ملي تہ وقت جي مليل زخمن، بيمارين جي عارضن ۽ جهنجهٽن دوران ياداشت ڪم ڇڏي ويئي. 1997ع ۾ ”ھائيپر ٿائراڊزم “ جو عارضو ٿيو جنھن دماغ جي ڦرھي تي چٽيل سمورا اکر ميساري ڇڏيا. پراڻا خط، پراڻا ڦوٽو، پراڻا نوٽ بڪ۽ ڊائريون ڦلھوريم، ڀائرن، ڀينرن، دوستن، سياسي سنگت سان ماضي ونڊ ڪيم تہ ساروڻيون لکڻ جھڙو ٿيم ۽ پوءِ جيڪو ڪجه ياد اچي سگهيو اھو لکيم جيڪو توھان جي آڏو آھي. لکڻ کان اڳ سوچيو ھيم تہ ٻہ ٽِي سئو صفحن تي مشتمل ساروڻيون لکجي ويون تہ گنج ٿيو ليڪن پوءِ انھي جو ھي ڀاڱو، جيڪو ٻاروتڻ کان گريجوئيشن تائين آھي لکي بس ڪيم سوئي عام رواجي ڪتاب جيترو ٿي ويو آھي.جيڪو منھنجي زندگي جي ٿوري حصي جو احاطو ڪري ٿو انڪري انھي کي ڀاڱو پھريون ڪندي، آئيندہ باقي ٻہ حصہ لکڻ جو فيصلو ڪيو اٿم.ايندڙ ٻيون ڀاڱو،” نوڪري واري عرصي کان ريٽائر ٿيڻ تائين“ ۽ ٽيون حصو،ريٽائر ٿيڻ کانپوءِ جي جيون جو وچور ھوندو.ھن ڪتاب ۾ پنھنجي گهر، ڳوٺ، جوھي، پرائيمري ۽ ھاءِ اسڪول جوھي، گورنمينٽ ڪاليج دادو ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙھائي تائين جو ذڪر آھي جنھن ۾ سياست، جيل، ٿاڻن تي ٿيل عقوبتون، پڙھائي، پڙھندڙ کي، گڏ گڏ سفر ڪندي، ساڻي ٿيندي نظر ايندا.1977ع کان 1987ع واري عرصي ۾ مختلف سياسي ڌرين ۽ شخصيتن جو اتار چڙھاءُ ٿيو جيڪو انھي عھد جو خاصو آھي ان جو ذڪر آھي. ساروڻين جي پھرين ڀاڱي ۾ سنڌ جي ٻن وڏين سياسي ڌرين پيپلزپارٽي ۽ جيئي سنڌ جو الڳ موضوع طور ذڪر ناھي جيڪو ايندڙ ڀاڱن ۾ شامل ڪبو.ڪتاب ۾ دادو، لانڍي، سکر جيلن جون يادون آھن جيڪي سڪندر سرواڻ جي ڪتاب ”گهنگهر گهاريم ڏينھڙا “ جي مھاڳ طور لکيون ھيون سي پڻ ساروڻين طور ڪتاب ۾ شامل آھن.ھن ڪتاب ۾ ڄاڻايل عرصي ۾ جيڪي دوست، ساٿي، شاگرد مون سان گڏ رھيا ۽ ھاڻي ھن دنيا ۾ نہ رھيا آھن انھن جا پروفائيل لکيل آھن.ليڪن تمام گهڻا اھڙا سياسي، سماجي، ادبي، صحافتي ڪردار آھن، جيڪڏھن وقت وٿي ڏني تہ انھن جا پروفائيل ايندڙ ٻن ڀاڱن ۾ پڙھڻ لاءِ ملندا، جن جو سٽاءُ اڳ ۾ ئي تيار ڪري ڇڏيو آھي.
ھن ڪتاب کي ”برقي“ نموني آندو ويو آھي جنھن کي پنھنجي دوست عبدالرحمٰن پيرزادي جي تقليد چئي سگهجي ٿو جنھن برقي نموني ڪتاب ڇاپڻ ۾ پنج سالن جي مختصر عرصي ۾ ڊبل سينچري کي ڌڪ ھنيو آھي، جنھن جو منھنجي ھن ڪتاب جي برقي سھيڙ ۾ مک ڪردار آھي.عبدالرحمٰن پيرزادي جو وڙ اھو بہ آھي تہ ھن “جيون جهاڳ اجهاڳ “ ڀاڱو پھريون جو مھاڳ پڻ لکيو آھي. مھرباني، پنھنجي بچپن جي دوست ۽ سياست جي شروعاتي استاد ۽ ھمسفر شريف ٿھيم جي جنھن اڪبر جسڪاڻي سان گڏجي جوھي جي ان وقت جي نوجوان کيپ سميت منھنجي سياسي پرورش ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو ۽ ھن ڪتاب تي تبصرو پڻ لکيو. مھرباني پنھنجي صفا بچپن جي دوست اسماعيل کوسي جي، جنھن ھڪ ”مولودي“ کي انقلابي سيساست ڏانھن راغب ڪرڻ ۾ ڪردار اول ادا ڪيو ۽ ھن ڪتاب سميت منھنجي شخصيت تي لکيائين. مھرباني ”سنڌڙيگرافڪس“ جي دوست خالد سومري جي جنھن ھن ڪتاب جي مواد سھيڙڻ ۾ منھنجي مدد ڪئي.


حميد سومرو
حيدرآباد
20 جولائي 2025ع

لکان لکي نہ سگهان: عبدالرحمٰن پيرزادو

اڄ پھريون دفعو حميد سومري جي حڪم تي ڪنھن ڪتاب جو مھاڳ لکڻ لاءِ جڏھن حميد جو ساروڻين جي سلسلي جو پھريون ڪتاب جيون جهاڳ اَ جهاڳَ پڙھيم تہ حياتيءَ جا اھي اٺ سال اکين اڳيان ترورا ٿي ڦرڻ لڳا جيڪي چانڊڪا ۾ سن۱۹۷۹ع کئون سن۱۹۸۷ع تائين پڙھندي، شاگرد سياست جو متحرڪ ڪردار ٿي گهاريا.حميد انھن اٺن سالن مئون ڪي ڇھہ ساڍا ڇھہ سال گڏ ھيو، باقي تہ ھي سڱ حياتي تہ ٺھيو، زندگي بہ ھاڻ شايد ٽوڙي نہ سگهي.
حميد سومرو جنھن جو چوڻ آھي تہ ٿائرآئڊ جي روڳ سبب سندس يادگيريون ميسارجي ويون آھن ان ھي ۱۸۷ صفحن تي مشتمل جيڪو پنھنجي ساروڻين جو پھريون حصو لکيو آھي ان کي پڙھندي مونکي الاجي ڇو ايئن لڳو تہ کانئس مون سان لاڳاپيل ڳالھيون ڪجهہ وڌيڪ وسريون آھن، جن ۾ مونکي سمجهہ ۾ نہ آيو تہ ڪجهہ ڳالھيون اڌوريون ڇو ڪيون اٿس جيئن ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ڳوٺ حاجي لعل بخش شيخ المعروف ٻلھڙيجيءَ وارو ساليانو ڪنوينشن جنھن جو سڄو بندوبست ۽ ميزباني مون ڪئي ھئي پر حميد ان جو ذڪر ئي ڪونھي ڪيو، شايد وسري ويو اتس. سن۱۹۷۸ع ۾ جناح باغ لاڙڪاڻي جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سن۱۹۵۴ع کانپوءِ پھرين عام جلسي ۾ مان اسٽيج سيڪريٽري ھيس پر ان جو بہ ڪٿي ذڪر ئي ڪونھي. ھدايت منگيءَ جي اغوا ٿيڻ جو سربستو احوال لکيل آھي جنھن کي اسان جي ڪمري ۱/۱ جي ايم سيد ھاسٽل جو ڪمرو نمبر ھڪ تان جيئي سنڌ ڊگري ڪاليج وارن اغوا ڪيو. ھدايت منگي ان ڪمري تي انڪري آيو ھيو جو مان ان وقت سنڌي ادبي سنگت چانڊڪا شاخ جو سيڪريٽري ھيس ۽ ان ڏينھن ھدايت جو ليڪچر رکيل ھيو. لالي نديم جي فون جو واقعو ان وقت ٿيو ھو جڏھن اسان مخدوم بلاول ھاسٽل جي ٽئين نمر ڪمري ۾ رھندا ھئاسين ۽ لالو چوٿين نمبر ڪمري ۾ رھندو ھيو، انھن ڏينھن ۾ مون ۳/۳ ۾ ڪمري ۾ اندر فون رکي ھئي ۽ اتي لالي جي گرلس ھاسٽل مئون فون آئي ھئي.
خير حميد جون يادگيريون آھن، مونکي جيترو ياد ڪيو اٿئين اھا بہ سندس وڏائي آھي، نہ تہ مون جھڙي اتامري ڪردار کي ڪير ڀلا ڇو ياد رکي.
ڳالھہ حميد جي ڪتاب جي ڪرڻي ھئي پر مان وري پنھنجا ڏکڙا کڻي ويھي رھيس.
ڪجهہ پروفائيل جن ۾ زليخان گنب، بشير ٿھيم جو وڇوڙوـ جوهي جي هڪ عھد جي پڄاڻي، شينھن رند، سائين بخش رند، سليمان رند شامل آھن.
ڪتاب جي ترتيب ۾ حميد پنھنجي ڳوٺ بخش علي رند لڳ جوھي کئون شروعات ڪئي آھي جيڪو ستن صفحن تي مشتمل آھي، انھي ڳوٺ ۾ ڊکڻن جو ويڙهو چار صفحا، سندس گهر بعنوان حاجي ﷲ بخش ڊکڻ جو گهر ۹ صفحا، پنھنجي والد صاحب تي بعنوان بابو حاجي ﷲ بخش ڊکڻ چار صفحا،، جوهي جي شاھي بازار تي ٻاويھہ صفحا، استاد جي مار ۽ پيار جي تڪرار تي پنج صفحا، گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهي تي ۲۲ صفحا، جيل جون يادون۱۳ صفحا،هاءِ اسڪول جوهي کان دادو ڪاليج نئين سفر ۶ صفحا،چانڊڪا ميڊڪل ڪاليج لاڙڪاڻو چوٽيھن صفحن تي پکيڙيل آھي جنھن ۾ وري منھنجا ڪلاس فيلوز ڪلاس جا کلاڙي، پڙھاڪو، فنڪار، سياسي ڪارڪن، ذوالفقار علي ڀٽي جي پھرين ورسي، نظير عباسي جي شھادت، ڊِي ايس ايف جي تنظيم سازي، ھارون اورڪزئي، جوھي نوجوان تتنظيم، ايم ار ڊي جي تحريڪ، جلوس ۽ گرفتاري، ھدايت منگي جو اغوا ۽ ايڪشن ڪميٽي، سنڌ ھاري ڪميٽي، لاڙڪاڻي جو پارٽي سيل ۽ ادارا، چانڊڪا يونٽ جي الوداعي پارٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ ٽوڙ ڦوڙ، اقليتي گروپ ۽ قومي انقلابي پارٽيءَ بابت احوال شامل آھي.
عبدالوھاب نديم عرف لالي عمران جي اوچتي وڇوڙي تي ھڪ تاثر جنھن جو عنوان آھي، زندگي جي درد ڪٿا؛ ان ۾ وري چانڊڪا جي مختلف ھاسٽلن جون بہ ساروڻيون ورجائجن ٿيون جن ۾ شيخ زيد ڪالوني لاڙڪاڻو، جي ايم سيد هاسٽل جي ٽاپ فلور جو آخري ڪمرو، ھڪ نمبر ڪمرو، مخدوم بلاول هاسٽل نمبر ٿري جو ڪمرو نمبر ٿري، هائوس آفيسر ڪالوني بلاڪ سي جو ڪوارٽر، شامل آھن.
ڪجهہ خاڪا جن ۾ اڪبر جسڪاڻي، ارباب کھاوڙ ۽ وطن دوست انقلابي پارٽي، رسول بخش پليجو ۽ عوامي تحريڪ ۽ ڪميونسٽ پارٽي شامل آھن.
پنھنجي ڳوٺ جو ذڪر ڪندي حميد جڏھن سرائين جو ذڪر ڪيو آھي تہ ھن سنڌ ۾ مروج غلط العام جو سھارو ورتو آھي. ھاڻوڪي پاڪستان جي سنڌ وحدت وارن علائقن ۾ مغلن جي ڪارندن طور ڪلھوڙن جي تعيناتيءَ ۾ قائم حڪومتي بندوبست ۾ امن امان جو سربراھہ شاھ، تعليم جو آخوند، روينيو جو ديوان، ڳوٺن ۾ سياسي سربراھہ وڏيرو، ڪاروباري قافلن جي رھائش راءِ رياستي بندوبست سراءِ جو منتظم سرائي ۽ انصاف جي فراھميءَ لاءِ قاضي ھوندو ھيو. اھي سڀئي منصبدار جنھن بندوبست تحت ڪم ڪندا ھئا اھو نائين يا ڏھين عيسوي صديءَ کئون مختلف ھنڌين ھلندڙ منصبداري نظام ھيو جنھن ۾ منصبدارن کي سندن ذميواريءَ آڌار ذات مطلب اجوري جي شرح جيئن ھاڻوڪو پي اسڪيل ٿئي ٿو؛ عطا ٿيندي ھئي. انھن منصبدارن مئون سرائيءَ کي واپاري مرڪز يا لنگهہ تي سَراءِ جوڙائي ان جو بندوبست ڪرڻو ھوندو ھيو جيئن واپاري قافلن کي رھائش جي جوڳي سھولت ميسر ھجي، اھو رياست جو بندوبست ھيو جنھن کي ھلائڻ مطلب جاءِ، ماني ٽڪي، قافلن جي وھٽن لاءِ پاڻي، گاھہ پٺو ۽ خدمت ڪندڙ مقرر ڪرڻ لاءِ تعينات ٿيل شخص يـ جنھن کي سرائي چئبو ھو، کي ٻنيءَ جو ٽڪرو مليل ھوندو ھيو. مونکي تعجب لڳو تہ سنڌ ۾ شاھہ ھجن يا سرائي سڀ غيرمقامي آھن. جيڪڏھن ڪو اڙيو ٿڙيو مقامي آھي بہ تہ اھو پنھنجي اصلوڪي رھائش کئون پري مقرر ٿيل آھي. ساڳي ريت باقي منصبدارن کي بہ زرعي ايراضيون يا ٻنيون مليل ھونديون ھيون ۽ انھن کي اوتاڪ جنھن کي آفيس چئجي قائم ڪرڻي ھوندي ھئي.
ھي اھو موضوع آھي جنھن تي سنڌيولاجيءَ کي تحقيق ڪري تاريخ درست ڪرڻ گهرجي. جيڪڏھن اسان ايئن نہ ڪيو تہ سڀاڻي حميد جي ھن ڪتاب سميت الاجي ڪيترا ڪتاب ھوندا جن ۾ اھو غلط العام درج ھوندي ۽ اھي وري حوالو ٿي ڪم ايندا. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جيڪا سنڌي ٻولي اختياري، ثقافت کاتي ۽ سنڌ حڪومت جو ھڪ دستاويز آھي ان ۾ سرائيءَ متعلق ڪجهہ ھيئن داخلا آھي ''سرائي1 (ذات): ’نئين جامع سنڌي لغات‘ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لفظ سرائي جي معنيٰ ’سري جو رهاڪو، چڱو مڙس ۽ مانائتو‘ ڄاڻائي آهي. محمد شبير احمد پنھنجي ڪتاب ’سرائڪي زبان‘ ۾ لکي ٿو تہ، ”سرائي معنيٰ سنڌ جي اترئين خطي (سري) جا ماڻھو ۽ ٻي معنيٰ اٿس سنڌ جي ڪلھوڙن ۽ ٽالپرن جا غير بلوچ سردار ۽ معتبر ماڻھو.“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو تہ، ”سنڌ ۾ ڪلھوڙا حاڪمن پنھنجي ڪن خاص خادمن کي، جيڪي غير بلوچ هئا، نمڪ حلالي ۽ بھترين ڪارڪردگيءَ جي بدلي ۾ جاگيرون ڏئي ’سرائي‘ جو لقب پڻ ڏنو.“
تاريخ ۾ سڀ کان پھرين ميان يار محمد خان ڪلھوڙي جي دور ۾ سرائين جو ذڪر ملي ٿو. ميان يار محمد وٽ ڪافي اترئين حصي مان سرائي اچي گڏ ٿيا، جن مان سرائي راڄو ليکي قابل ذڪر آهي. سرائي لقب ميان يار محمد ڪلھوڙي طرفان سڀ کان پھرين راڄو ليکي ۽ ان جي مٽن مائٽن کي عطا ڪيو ويو . ان کانپوءِ اهو سلسلو هلندو رهيو ۽ ٽالپرن جي بہ دور ۾ معتبر ۽ قابل ماڻھن کي ’سرائي‘ جي لقب سان نوازيو ويندو هو، پر اڳتي هلي سرائي ذات طور پڻ استعمال ٿيڻ شروع ٿيو.
’ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا‘ ۾ خير محمد ٻرڙو ڄاڻائي ٿو تہ، ”سرائي معنيٰ سنڌ جي سري جا ماڻھو يا ٻي معنيٰ اٿس سنڌ جي ڪلھوڙا ۽ ٽالپر حڪمرانن جا غير بلوچ سردار ۽ معتبر ماڻھو.“
ڀيرو مل مھرچند، گريئرسن، مرزا قليچ بيگ، ايس. صادق علي ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي تحقيق موجب ’سرائي‘ سنڌ جي اترئين حصي مان لڏي آيل ماڻھن کي چون ٿا ۽ انھن جي ٻولي ’سرائڪي‘ آهي. پراڻي دور ۾ سنڌ جو خطو بھاولپور، ديري غازي خان، ميانوالي ۽ ملتان تائين پکڙيل هو. اهي ماڻھو اتان لڏي اچي سنڌ ۾ ٿر ۽ سامونڊي ڪناري تي آباد ٿيا، جتي پاڻ کي سرائي سڏائڻ لڳا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هنن جا ۲۴ پاڙا لکيا آهن.
ايس. ايم. چنا موجب سرائي اصل ۾ جتن جو پاڙو آهي، جيڪي گُرداسپور ۽ سيالڪوٽ ۾ رهن ٿا. ڪجهہ ماڻھو ستلج جي مٿئين ۽ هيٺين پاسي جا بہ رهندڙ آهن. سيالڪوٽ وارا سرائي ڀٽي آهن. هنن سرائين ۽ ڪلھوڙن طرفان لقب ڏنل سرائيءَ ۾ ڪو بہ ڳانڍاپو ڪونہ آهي. جيمس ٽاڊ جي لکڻ موجب سرائي پنوار جت آهن، جيڪي اروڙ سلطنت دوران سنڌ ۾ رهندا هئا. اهي پاڻ ’صحر‘ بہ سڏائيندا هئا، يعني صحرا جا رهاڪو. گرداسپور وارا سرائي شيخ بہ سڏبا آهن، جيڪي سخي سرور جا پوئلڳ آهن.
سرائي راڄڻپور، ضلعي ديري غازي خان وارن ڪلھوڙن جو بہ لقب آهي، جيڪي ’ميان صاحب سرائي‘ ڪري سڏيا ويندا آهن. سنڌ ۾ سرائي لقب عام آهي.
ڀٽي راجپوت نسل جي هڪ ماڻھوءَ جو نالو ’سرائہ‘ هو، جيڪو حافظ آباد جو رهاڪو هو ۽ اهو پاڻ کي جٽ سڏرائيندو هو. سندس اولاد ’سرائن‘ سڏجي ٿو. سنڌ جا ماڻھو هنن کي سرائي جت چون ٿا.''
سرائي1 : (Sindhianaسنڌيانا) https://share.google/Wwg5Dat3I89a0wnR7
ھاڻوڪي پاڪستان جي وحدت پنجاب ۾ تہ سراءِ جي نالي سان شروع ٿيندڙ شھر آھن جيڪي وڏين تاريخي شاھراھن تي قائم آھن ۽ سرائي وسيب جو ھڪ الڳ داستان آھي. جيڪڏھن ٿورو ٿڌي دماغ سان ڏسئون تہ ساڳي ڳوٺ، شھر يا پاڙي ۾ ساڳي ذات برادريءَ جا سڀ ماڻھو سرائي ناھن سڏبا ڀلي اھي سرائڪي ٻولي ڇو نہ ڳالھائيندا ھجن پر انھي مغلن واري منصبدار جو پڳدار سرائي سڏبو آھي. اھو انڪري جو بيٺڪيت ايندي ايندي اھي سڀ منصبداري عھدا موروثي ٿي ويا ھئا ۽ ورھاڱي پڄاڻان طبقو.
خير!! اھو غلط العام وري الاجي ڪيڏانھن گهلي ويو. ادي عبدالحميد جي ڪتاب ڏي موٽئون تہ جيڪڏھن مان ايئن چوان تہ يادن جا ڇٽل ڦٽ ٻيھر اڊيڙي ساروڻيون لکڻ منھنجي لاءِ تہ ڏاڍو ڏکيو ڪم آھي پر جنھن سفارتي ٻوليءَ ۾ حميد پنھنجو يادگيريون لکيون آھن اھو جس لھڻي. ڳوٺ، گهر، پاڙو، والد صاحب، اسڪول، جوھي شھر، دادو ڪاليج، جيل، چانڊڪا ۽ وري فردن کي جنھن طريقي سان بيان ڪيو اٿس اھو انداز نہ رڳو پڙھڻ پر سکڻ لاءِ بہ ھڪ بھترين دستاويزي شڪل ۾ موجود آھي. کوڙن ڪردارن تي ڪک بہ رکيا اٿئين جن جا مان تہ نالا کڻڻ بہ پسند ڪونہ ڪندس.
مان چوندو آھيان تہ سنگت ۾ کنڌو ناھي رکبو ۽ حميد منھنجو سنگتي آھي. حميد سان شناسائي سن۱۹۸۰ع ۾ ٿي جڏھن مان چانڊڪا جي ٻئين سال ۾ پڙھندو ھيس، حميد نئون نئون چانڊڪا ۾ داخل ٿيو ھيو ۽ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل ٿيڻ جو خواھشمند ھيو. اھا پھرين ملاقات مخدوم بلاول ھاسٽل جنھن کي ھاسٽل ٿري بہ چوندا ھئاسين جو پوئين ونگ ۾ شايد ۲۷ ڪمرو ھيو جنھن ۾ بخشل ۽ سليم رھندا ھيا. بعد ۾ جڏھن حميد شامل ٿيو تہ ان سان ڊيگهہ وڌي ۽ ان ۾ دوستيءَ جو دم سن۱۹۸۲ع ۾ پيو جڏھن مان سال وڃائي نہ رڳو حميد وارن جو ھم ڪلاسي ٿيم پر اسان کي جي ايم سيد ھاسٽل ۾ ڪمرو بہ ساڳو الاٽ ٿيو ۱/۱ جتي مان، حميد، لالو ۽ ارباب جوڻيجو رھندا ھياسين. ان کانپوءِ ۳/۳ ۽ ۶/۶ ۾ بہ ساڳي ڪمري ۾ رھياسين.ھائوس جاب ۾ جدا ٿياسين حميد سي ۵ ۽ مان اي ۳ ڪواٽر ۾ ھيم پر ھوندا سڄو ڏينھن گڏ ھياسين. حميد ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو سن۱۹۸۳ع کئون عھديدار رھيو ۽ مان آواز. جلسي، جلوس ۾ تقرير ڪرڻي ھجي يا اسٽيج سيڪريٽري جي ذميواري، ايڪشن ڪميٽي يا ڪٿي انتظاميا سان مکا ميل اھو منھنجو ڪم ھيو جيستائين وڃي جمن باھوٽو تيار ٿيو.
حميد سان سن۱۹۸۰ع کئون رابطو اڄ سوڌو قائم رھيو مون جڏھن ڪووڊ ـ ۱۹ واري بوا دوران برقي اشاعت جو سعيو ڪيو تہ منھنجي ڪتابن جا مھاڳ حميد لکڻ شروع ڪيا ۽ مان حميد کي چوندو ھيم تہ جيئن شيخ اياز جي ڪتابن جا ابراھيم جويو مھاڳ لکندو ھيو تيئن تون منھنجو ابراھيم جويو آھين پر پوءِ انھن بلاگن واري ڪرت ۾ جڏھن مون تي ابراھيم جوئي جو اصل چھرو ظاھر ٿيو جنھن ۾ ھو ھڪ آبتي ڪردار ٿي منھنجي سامھون آيو تہ مون نہ رڳو حميد کي روبرو ٻڌايو تہ مون کان سَھَوَ ٿي پر ھاڻي لکت ۾ بہ معذرت ٿو ڪيان. اميد ٿو ڪريان تہ حميد جو ھي ڪتاب سنڌي ادب ۾ آتم ڪٿا، يادگيرين، ساروڻين جي عنوان ۾ ھڪ سٺو واڌارو ڳڻبو.

حميد سومرو، منھنجو دوست: اسماعيل کوسو

حميد ۽ مان ھاءِ اسڪول جوھي ۾ ڇھين ڪلاس کان مئٽرڪ تائين گڏ پڙھياسين.نائين ڪلاس کان منھنجي حميد سان ويجهڙائپ ٿي.ڊاڪٽر حميد اصل ۾ ڪلاس جو ھوشيار شاگرد ھو ۽ مان پورو سارو Average شاگرد ھيس.ھن جو ڪلاس جو ڪم سدائين پورو ھوندوھو ۽ منھن جو وري ھميشہ اڻپورو.مان ھن کان فيئر ڪاپي وٺي پيو پنھنجو ڪم پورو ڪندو ھوس. اڪثر ڇوڪرا پنھنجي فيئر ڪاپي ڏيڻ کان انڪار ڪندا ھئا پر ھي خوشي سان ڏيندو ھو.حميد مونکي نہ فقط فيئر ڪاپي ڏيندو ھو پر ضرورت پوڻ تي سمجهائيندو بہ ھو.اھا مھربان ۽ شفيق طبيعت ھن جي ننڍپڻ کان آھي.ائين اسانجي دوستي مئٽرڪ تائين صفا پڪي ٿي وئي، جيڪا اڄ تائين بنا بريڪ ھلي پئي.چوندا آھن ”ڪارو ٻڌ ڪمري سان رنگ نہ مٽائي عادت ضرور مٽائي“ سو مون مولوي نما ھن پڙھاڪو شاگرد کي جوھي جي شاگردن جي سياسي استاد اڪبر جسڪاڻي سان ملايو تہ ھنجو قبلو ئي مٽجي ويو.منھن جو اول ئي جيئي سنڌ سان تعلق ھيو،حميد کي بہ اھو ئي در ڏيکاريم.ان کان پوءِ سائين، حميد ڄڻ پيدا ئي سياست ڪرڻ لاءِ ٿيو ھو.ڏسندي ڏسندي اسان سڀني جوھي وارن کان لياقت، توڙي سياست ۾ اڳتي نڪري ويو.جنھن ۾ کيس تڪليفون تمام گهڻيون سھڻيون پيون. حميد ۾ شروع کان ليڊر واريون صلاحيتون ھيون.انھن قائدانہ صلاحيتن جو پھريون استعمال ھن جوھي ۾ 1980ع ۾ ڪيو.جنھن ۾ مون سميت ڇھ ڄڻا فوجين ھٿان گرفتار ٿيبندي ٿيندي بچي نڪتاسين. ٿيو ھيئن جو ڀٽي صاحب جي پھرين ورسي ھئي ان کان ڪجهہ ڏينھن اول جوھي جي اريگيشن بنگلي وٽ فوج جي ڪئمپ قائم ٿي ھئي.ان جو تفصيل ڊاڪٽر ھن ڪتاب ۾ ڏنو آھي تہ فوجي آفيسر ھڪ سپاھي موڪلي اسان کي سڏيو ۽ ملڻ لاءِ چيو. ڊاڪٽر حميد پنھنجي قائدانہ اختيار جو استعمال ڪندي يڪدم فيصلو ڏنو تہ ناھي ھلڻو. پوءِ تہ سڀني چيو ناھي ھلڻو.حميد صاحب جي انھي تڪڙي فيصلي ذري گهٽ سڀني جو سر وڃايو ھو.پوءِ تہ جوھي جي معزز شھرين جي مداخلت تي اسانجي جان بخشي ٿي.مئٽرڪ کان پوءِ ھي دادو ۽ مان حيدرآباد ۾ پڙھيس، پر اسانجي وچ ۾ خط وڪتابت ۽ رابطو باقائدہ رھيو.انھي دوران حميد سومري پنھنجو سياسي سفر جاري ساري رکيو.جنھن جو ذڪر تفصيل سان ھن ڪتاب ۾ ڏنل آھي. جنھن کي لکڻ ورجاءَ ٿيندو. چاچي حاجي ﷲ بخش جو ڪھول جنھن ۾ سندس پٽ مولوي واليڏنو سومرو، حاجي غلام محمد سومرو، پروفيسر عزيز سومرو ۽ انجنيئر عنبدالغفور سومرو پنھنجو مٽ پاڻ آھن ۽ چاچي اللہ بخش وانگر ٿڌو گهڙو آھن. مون سان سندن تعلق ڀائرن وانگر ۽ تمام گهڻي احترام وارو آھي.ڊاڪٽر صاحب جو لائق اولاد جنھن ۾ اللہ بخش، منصور، نديم جھڙو باشعور اولاد رب پاڪ سڀ ڪنھن کي عطا ڪري.ڊاڪٽر جو ھڪ خوبصورت نوجوان پٽ مقصود 2015ع ۾ نوجواني ۾ مائٽن، اسان سڀني دوستن کان جدا ٿي ويو جنھن جو ڏک اڃا تائين ڄڻ تازو آھي، پرڊاڪٽر جنھن حوصلي ۽ بھادري سان برداشت ڪيو، اھو منھنجي لاءِ حوصلي کان گهٽ ناھي. ان کان سواءِ ڊاڪٽر جي نياڻي صبا ۽ ڊاڪٽر ڪنول سرجن جوھي وارن لاءِ فخر آھي.جھڙو ڊاڪٽر بھترين ماڻھو آھي اھڙي ئي سندس گهر واري اسان جي ڀاڄائي ادي آمنہ ملي اٿس جيڪا پڻ ڊاڪٽر جي دوستن سان عزيزن وانگر مھربان، شفقت سان ملندي آھي.وڏي دل ۽ وسيع دسترخوان رکڻ واري عورت آھي. حميد سومرو کي قدرت بي شمار خوبين سان نوازيو آھي. حميد سائين، پنھنجي خاندان، پاڙي وارن، دوستن جي خير خبر وٺڻ لاءِ برابر رابطي ۾ رھندو اچي. نہ فقط ايترو پر پنھنجي عزيزن کان علاوہ دوستن جي فيملين کي پنھنجي ڪلينڪ ۾ مفت علاج پڻ مھيا ڪندو رھيو.منھنجي فيملي، سڀ ڀائر، سدائين ڊاڪٽر حميد جي ڪلينڪ کي فري ڪلينڪ سمجهندا رھيا. جيترو عرصو ڊاڪٽرجوھي ۾ رھيو، منھن جون پوڙھيون مائٽياڻيون پاڻ کي منھن جي ماسي سڏائي کانئس مفت علاج ڪرائينديون ھيون.منھن جي امان جيسين حيات ھئي ڊاڪٽر حميد کان سواءِ ڪنھن کان علاج نہ ورتائين.مونکي ياد آھي امان جي آخري ڏينھن ۾ ڊاڪٽر اسان جي ڳوٺ اچي امان کي ڏسندو ھو. سياسي طور ڊاڪٽرجنھن بہ ڌر سان رھيو نھايت سچائي ۽ فل ٽائيم ڀرپور طريقي سان ڪم ڪيائين. جنھن ڪري پارٽي کيس ڪا نہ ڪا ذميواري ڏئي ڇڏيندي ھئي.جنھن کي ھن نھايت بھتر انداز ۾ نڀايو.اڪثر سياسي ماڻھو سرڪاري ڊيوٽي ۾ ڏنڊي ھڻندا آھن پر ڊاڪتر حميد جوھي ھجي، دادو يا ڪوٽڙي يا لاڙڪاڻو جتي بہ رھيو پنھنجي ڊيوٽي پابندي سان ڪيائين.ھي صبح جو جلدي اٿڻ وارو پنھنجي ڊيوٽي تي ٽائيم تي پھچي ٻين ڊاڪٽرن لاءِ مشڪل پيدا ڪندو رھيو.وقت جي پابندي ڪو ڊاڪٽر کان سکي. ”ھلڻ ھڪلڻ ٻيلي سارڻ، اي مانجهيان مرڪ“ شعر ڄڻ ڊاڪٽر لاءِ سرجيل آھي.ڪنھن انتظامي عھدي تي ھجي يا ڪا سياسي سماجي ذميواري ادا ڪري رھيو ھجي ماڻھن کان ڪم وٺڻ جو گُر ھن کي خوب اچي ٿو ان ڪري ئي اسان جي جوھي واري سنگت کيس ”گُرو“ سڏيندي آھي. ڊاڪٽر حميد پنھنجو ماتحت ھجي يا ساٿي ھن کي خبر آھي تہ ڪھڙو ماڻھو ڪھڙو ڪم بھتر نموني ڪري سگهي ٿو.انکي اھائي ذميواري ڏيندو.ڊاڪٽر حميد جتي ھوندو آھي ھميشہ ولر ٺاھي گهمندو آھي. جوھي ۾ سندس ڪوشش سان قائم ڪيل اڪبر جسڪاڻي ميوريل لائيبرري ۽ ھاڻي وري حيدرآباد ۾ ”حرف“ ذريعي ھو پنھجو،سياسي، سماجي، شعوري ڪم جاري رکيو پيو اچي. اھا الڳ ڳالھ آھي تہ جوھي ۾ ڊاڪٽر حميد جي غيرموجودگي ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آھي سو اڃا ناھي ڀرجي سگهيو.

ڪتاب ”جيون جهاڳ اجهاڳ“ تي تبصرو: شريف ٿھيم

ٻہ سئو کان وڌيڪ صفحن تي مشتمل ھي ڪتاب يادگيرين جو گلدستو آهي ھن ڪتاب جي شروعات ليکڪ پنھنجي ڳوٺ کان ڪئي آهي جيڪو بخش علي رند جي نالي سان جوهي شھر کان اوڀر ۾ لڳ ڀڳ ھڪ ڪلوميٽر دور آهي.
بخش علي رند ڳوٺ جا رهواسي اسان وٽ ارڏا تيز وتند مزاج ڪري مشھور آھن جتي ڊاڪٽر حميد پنھنجا ٻاروتڻ جا ڏينھن گهاريا.
جڏهن مون هي يادگيرين جو ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيو تہ پھريان کوڙ صفحا رڳو ڳوٺ جي سرڪرده ماڻھن جا نالا وري سومرن جي سڄي ڪٽنب، مردن، ماين سميت پوري لسٽ وري انھن جون هڪٻئي سان مٽيون، مائٽيون، ڪير ڪنھن جو ڇا ٿئي، مان تہ ڪتاب مان هٿ ڪڍي ويھي رهيس. هي رشتيدارن جي هيڏي ساري ڊگهي لسٽ پڙهي مونکي ڊاڪٽر جا اهي مائٽ بہ وسري ويا جن سان منھنجي ڄاڻ سڄاڻ هئي.
نيٺ ساهي پٽي وري پڙهڻ شروع ڪيم ۽ پوء لفظ لفظ،جملو جملو، مونکي ماضي ڏانھن ڇڪيندو ويو مان ڄڻ انھن ڪردارن سان روح رهاڻ ڪرڻ لڳس، پسيء جان پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ واري ڪيفيت ۾ هليو ويس.
ھن روح رهاڻ ۾ مان انھن سڀني ڪردارن کي محسوس ڪرڻ شروع ڪيو، انھن جا چھرا، انھن جا عزم، انھن جا ٽھڪ، مسڪراهٽون، بحث بحثن ۾ رسڻ پرچن سڀ ھڪ ھڪ ٿي منھنجي ذهن ۾ جڙڻ ۽ اڀرڻ شروع ٿيا.
جمن باهوٽو، اسماعيل کوسو، عزيز ڪنگراڻي، سائين بخش رند، سليمان رند، سائين ڪمال الدين کوسو، سائين احمد خان لاشاري، سائين محمد قاسم لغاري، ادي زليخان گنب، جمعو درزي، پپو، جوهي جي شاهي بازار، ان جا پٺاڻ، پنجابي، مھاجر، دڪاندار ۽ چاليھ سال اڳ جي کليل صاف سٿري جوهي مکڻ موهي.
انھن سڀني سان مون ھن ڪتاب ۾ ڄڻ ويھي رهاڻ ڪئي.
انھن ڪردارن جي کوڙ سارن گڻن جي مونکي تہ خبر ئي ڪانہ هئي پر حميد جي ساروڻين ۾ روح رهاڻ ڪندي خبر پئي.
ڊاڪٽر حميد جي ساروڻين جو ڳانڍاپو اسان جي ھن ڪٿا سان بہ نظر اچي ٿو، جڏهن اسان (75 -1974) سائين جي ايم سيد جا ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا، اهي ڪتاب ھٿ ۾ کڻي هلڻ ۽ ڄاڻي واڻي ماڻھن کي ڏيکارڻ اسان جو فخر هيو ۽ انھيء سرور ۾ اسان خيالن ئي خيالن ۾ جوهي ۾ سنڌو ديش ٺاھي چڪا هياسين. جوهي ڄڻ اسان جو مورچو ھيو. اڪبر جسڪاڻي، ڊاڪٽر حميد ۽ مان ڄڻ ڀيچي هوندا هياسين ۽ انھيء سياسي سفر ۾ اسين ٻي سنگت کي بہ پنھنجو ساٿي بنائڻ جي جستجو ۾ لڳا پيا ھوندا هياسين ائين کوڙ سنگت ڪٺي ٿيندي وئي ھن سڄي منڊل کي مچائڻ وارو اڪبر جسڪاڻي هيو.
ڊاڪٽر حميد ڳوٺ جي يادن کي صفا دل سان چٽيو آهي هي صاحب جڏهن ڳوٺ بخش علي رند کان نڪري جوهي پھتو تہ ھن سان اسان جي ڄاڻ سڄاڻ ٿي. ان وقت اڪبر جسڪاڻي ۽ مان قومپرست سياست سان لاڳاپيل هياسين ملاقاتن ڪچھرين ۾ اسان حميد کي قومپرست لٽريچر جئين پيغام، اڳتي قدم جا رسالا ۽ سائين جي ايم سيد جا ڪتاب بہ پڙهڻ لاء ڏنا.
مرحوم غلام قادر ٿھيم جوهي جو ھڪ بھادر سياسي ڪردار ھيو جيڪو پيپلزپارٽي سان تہ وابستہ ھيو پر ان سان گڏوگڏ قومپرست بہ ھيو پر هي اسان کان الڳ ھيو سو حميد کي جڏهن اسان جي قربت ۾ ايندي ڏٺائين سو حميد کي اسان جي باري ۾ غلط فھمين جو شڪار ڪري ڇڏيائين. حميد تازو تازو مولودن جي محفل مان نڪتل نوجوان، سو اچي اسان تي سوالن جي بوڇاڙ ڪيائين پر اسان حميد کي لاها چاڙها ڏئي راضي ڪري ورتو ۽ اهڙو راضي ٿي ويو جو ترقي پسند سياست کي اهڙو ٻک وڌو جو وڃي ٿيا خير.
ان کان پوء اسين جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن کي ڇڏي ارباب کهاوڙ جي ترقي پسند لڏي سان وڃي گڏياسين جنھن جو ھن ساروڻين ۾ بہ ذڪر ٿيل آهي.
ڊاڪٽر حميد اسڪولي شاگرد جي حيثيت ۾ جوهي هائي اسڪول ۾ هوشيار شاگرد طور سڃاتو ويندو ھيو ۽ جيڪو رندن جي ڳوٺ بخش علي رند مان سھي سنڀري جوهي پھتو ھن جو اھو سفر رڳو ڪلوميٽر مفاصلي وارو سفر ڪونہ ھيو پر هي غربت ۽ محروميت جا تجربا 1942 واري ڪاري ٻوڏ جي تباه ڪارين جي وارتا، 1976ع ۾ آيل ٻوڏ جون تباه ڪاريون جنھن ۾ ڪٽنب جا سڀ گهر ڊهي وڃڻ ۽ وري ماين مردن جو گڏجي ڪچي گاري جي مٽي سان گهرن کي ٺاهڻ جا جتن، ڳوٺاڻي ماحول جا منظر، ڳوٺاڻي سماجيات، ڳوٺاڻي ٻڌي، ڳوٺاڻو عزم ۽ جرئت اهي سڀ لقا جنھن مان حميد گذري جوهي پھتو. جڏهن حميد سان اسان جي ملاقات ٿي تہ هي ڳوٺ جو ”لڳڙو“ حميد نہ پر پڪو پختو، پر عزم سمجه ڀريو نوجوان ھيو تاهم اڪبر جسڪاڻي ھن کي ڪڏهن حجت مان ”ملو دوسو“ بہ چوندو ھيو.
هي نوجوان جوهي پھتو تہ يارن دوستن جا پاڻ سان جهڳٽ ڪٺا ڪندو ويو جنھن ۾ جمن باهوٽو، سائينء بخش رند، سليمان رند، عزيز ڪنگراڻي ٻيا کوڙ سارا دوست گڏبا وياسين ۽ سڄي جوهي شھر ۾ اسان جو وڏي مان وڏو ٽولو ھيو. ھنن نوجوانن وٽ صرف ترقي پسند نظريو ھيو عزم ھيو ۽ ٻيو ڪجهہ بہ نہ جڏهن بہ اسان گڏبا هياسين تہ چاهي جوهي جو چونڪ هجي، بشير پنجابي جي هوٽل هجي، جوهي جو ڊاڪ بنگلو هجي اسان وٽ موضوع ئي سوشلزم، نظام کي ڪئين بدلجي.
اسان سڀ هڪٻئي کي دانشور ڏيکارڻ جا بہ جتن ڪندا هياسين بحثن ۾ هروڀرو بہ بورجوازي، پيٽي بورجوازي، پرولتاريه، ٽٽ پونجه سرمايه دار جا لفظ وڏي طمطراق سان استعمال ڪندا رهندا هياسين. ٽٽ پونجيه سرمائيدارار کي ڪجهہ مذاق واري انداز سان بہ پيش ڪندا هياسين.
بس حميد ۽ اسان سڀني جي هڪ ئي خواهش، ھڪ ئي لگن ھوندي هئي تہ جوهي جو ھر نوجوان، شاگرد مزدور، پورهيت هاري،ٻيڙي ڪاريگر اسان جو نظرياتي ساٿي بنجي. ان چاهت ۾ اسين ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٻيڙي ڪاريگرن جي ڀانڊن تي وڃي ويھندا هياسين، ھنن سان ويھي اسان سوشلزم، سوشلسٽ انقلاب جون ويھي ڳالھيون ڪندا هياسين.اهي ٻيڙي ڪاريگر اسان کان عمر ۾ تمام گهڻو وڏو ھوندا هيا اسان جي انقلابي ڳالھين کي ڌيان سان تہ ٻڌندا پو الائي ڳالھيون ٻڌندا هيا يا اسان کي ڏسندا هيا ڇو جو اسان تہ ان وقت لسڙاٽ ڇوڪرا تہ هياسين.
ڊاڪٽر حميد جو يادگيرين تي مشتمل هي ڪتاب پڙهي جڏهن دنگ ڪيو تہ مان ڊاڪٽر جي سياست ڪرڻ جي ڏانو (گر ) کي ڳوٺ جي ئي پسمنظر ۾ پسيو جتي ھن زندگي گهارڻ،سماجڪاري ۽ ڏکين حالتن ۾ هڪٻئي کي کڻي هلڻ جا گڻ اهي سڀ خاصيتون حميد اتان ئي سکيون ۽ مونکي حميد جي سياسي، سماجي ۽ ذاتي ڪردار ۾ بہ اها ڇاپ اڃان تائين نظر ايندي آهي.
ھن جي سڄي سياسي ڪردار ۾ پختگي، determination, ۽ پنھنجي نظرياتي ۽ تنظيمي ڪم ڪار ۾ مست مگن، اها ڌن جوهي ۾ ترقي پسند سياست ڪرڻ دوران بہ نظر اچي ٿي تہ لاڙڪاڻي پھچڻ وقت به.
جڏهن ڊاڪٽر چانڊڪا پھچي ٿو اتي بہ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي لاڙڪاڻو يونٽ کي متحرڪ ٿو ڪري ۽ سڄي سنڌ جي ڪميونسٽن سان بہ پنھنجو تعلق جوڙي ٿو، تہ اتي پنھنجي ساٿين جو وسيع حلقو بہ ٺاهي ٿو، تہ تنظيمڪاري بہ ڪري ٿو. انھيء سياست جي ڪري جيلن ۾ ويو مارون بہ کاڌائين وري جڏهن چانڊڪا مان ڊاڪٽر بنجي جوهي پھچي ٿو تہ ساڳي ترقي پسند سياست کي مچائي ٿو، ھن جي ڪلينڪ ترقي پسند نوجوانن جو، اديبن، دانشورن، سياسي ورڪرن جو درسگاه بہ هئي تہ اتساه به.
هي بس ڪري نہ ويٺو جوهي ۾ پنھنجو حلقو ٺاهي کوڙ سارا سياسي پروگرام ليڪچر جا پروگرام، ادبي پروگرام ڪرايائين ۽ اڪبر جسڪاڻي ميموريل لئبرري جو بنياد رکي ان کي خوب مچايائين.
ڊاڪٽر حميد، جتي ھنن ساروڻين ۾ پنھنجي ڳوٺ، دوستن يارن، مٽن مائٽن جا احوال ۽ رشتيدارن جا سڄا پروفائيل، ويندي ڌنڌي ڌاڙي عادتن جو جيڪو دفتر کوليو اتي وري ڪميونسٽ پارٽي جي تاريخ ان جو ٽٽڻ ڪميونسٽ پارٽي جو پاڪستان ٺھڻ جي حمايت ڪرڻ جي پوري تاريخ بہ لکي ٿو تہ پارٽي جي ليڊرن جي پرڪارن کي بہ پنھنجي بحث هيٺ آندو آهي.
سوويت يونين ۽ ڪميونسٽ پارٽي جا اڳواڻ سنڌ جي نوجوانن لاء جدوجھد جي علامت ۽ اتساه هيا، ڪامريڊ ڄام ساقي نذير عباسي، امداد چانڊيو، گهنشام پرڪاش، مير ٿيٻو اهي سڀ اسان جا ڄڻ icons هيا ليڪن سڀ ٽٽي ويا، نوجوانن جا خواب اڌورا رهجي ويا ۽ اسين رهياسين اڌورا اڌورا...!
پاڻ تہ گهر اچي وهاڻو سيرانديء ڪري ماضي کي ياد ڪندا رهياسين، پر حميد ائين نہ ڪيو. ھن رٽائرڊ، ”گُرو“ کي اھو ساڳو ڦرڪو، چئي مان حيدر آباد ۾ ترقي پسندن جو فورم ٺاهيندس، حيدرآباد روشن خيال جي نالي سان فورم ٺاهيائين جتان هي ھر مھيني ۾ ٻہ ٽي پروگرام ڪرائي پنھنجي ڪرت کي لڳو پيو آهي ۽ هڪو نہ ٻئي ڏينھن ڪچھري جو بہ ميل ملاکڙو ٿيندو آهي.
ڊاڪٽر حميد ڪچھري يا پنھنجي لکڻين ۾ سنڌين کي خبردار ڪرڻ لاء اک الٽي ڌار جو لفظ استعمال ڪندو رھندو آھي، سو شاه لطيف جي گنج کي پڙهندي اهو بيت بہ نظر مان گذريو سو آخر ۾ اھو بيت ھن يار کي ارپيان پيو..“
اک الٽي ڌار، ون الٽو عام سين
جي لھوارو لوڪ وهي تون اوچو وھ اوڀار
منجهان نوچ نھار پر پٺيرو پرينء ڏي.

منھنجو ڳوٺ بخش علي رند

سنڌ جي ڪيترن علائقن ۾ سرائي اصطلاح ڪافي پراڻو آھي ائين جوھي جي تر ۾ ڪجهہ برادرين جي نيڪ مرد ۽ چڱي کي سرائي سڏڻ جي ريت پڻ موجود آھي. جوھي جي تر ۾ ٻٻر براداري جهجهي تعداد ۾ آباد آھي جنھن جو چڱو سرائي سڏجي جڏھن تہ جوھي جي آسپاس رھندڙ رندن جي چڱن کي سرائي سڏڻ جي رسم پڻ ڪافي پراڻي آھي. انھن برادرين ۾ سرائي ڪو وڏيرو، رئيس يا معاشي طور سگهارو ماڻھو نہ ھوندو آھي بلڪہ اھو برادري جو پاڙي ۾ ڪو نيڪ مرد ۽ چڱو ھجي ٿو. ائين سرائي سڏيو ويندر رند برادري جو جوھي جي تر ۾ مشھور ڳوٺ جوھي کان ھڪ ڪلوميٽر اوڀر ۾ ڳوٺ سرائي بخش علي رند آھي جتي ڪي 63 سال اڳ منھنجو جنم ٿيو. اھو ڳوٺ تنھن وقت ۾ ”ٺوڙھن“ جي نالي سان بہ سڏيو ويندو ھيو. منھجي شناختي ڪارڊ ۽ ڊاڪيومينٽس ۾ انھي ڳوٺ جو نالو ابراھيم رند لکيل آھي جڏھن تہ منھنجي ھڪ ڀاءُ جي شناختي ڪارڊ تي ڳوٺ جو نالو سرائي عبدالقادر رند لکيل آھي. ابراھيم خان ۽ عبدالقادر رند جو وڏو سرائي بخش علي رند ھيو جنھن جي نالي سان ڳوٺ سڏجي ٿو جنھن ڪي ٻہ سئو سال اڳ اھو ڳوٺ آباد ڪيو. ڳوٺ جي اھم سڃاڻ اڇي رنگ واري مسيت آھي جيڪا آڳاٽو تہ پري کان پئي ڏيکاربي ھئي. اڇي مسيت جي اتر اولھ ۾ اھي سرائي آباد آھن جيڪي بخش علي رند جو پونير آھن جن ۾ ابراھيم خان، سرائي بخش علي، سرائي سليمان خان، سرائي اسماعيل خان، سرائي عبدالقادر، سرائي محمد خان، سرائي اميد علي شامل آھن. منھجي ٻاروتڻ ۾ منھجي لنگوٽئي يار سليمان جو پيءَ سرائي اميد علي بلا جي ڪکجڻ سبب فوت ٿي ويو. منھنجي سانڀر ۾ اوڙي پاڙي زمانہ گيري ۾ اٿي ويٺي ۾ سڀني ڀائرن ۾ سرائي عبدالقادراڳيان اڳيان ھيو. کلمک ۽ غير معمولي سھپ وارو ماڻھو ھيو. صبح سان دونالي بندوق ھٿ ۾ کڻي جوھي نڪري ويندو ھيو ۽ ڪچڙي منجهند اوتاڪ ۾ اچي ويھندو ھيو ۽ اوتاڪ واپس پھچڻ سان پاڙي اوڙي مان سڀني کي سڏي تاس راند کيڏندو ھيو. چاپئين ڏاڙھي ۽ وجاھت واري ھن شخص جي چپن تي پن جي ٻيڙي پئي ھلندي ھئي. ان دور ۾ جوھي تر جي سگهاري سياسي شخصيت رئيس علڻ خان لغاري کي بہ ويجهو ھيو جيڪو تنھن وقت ذوالفقار علي ڀٽو سان سياست ۾ گڏ ھيو. سندس پٽ سڪندر مونسان گڏ پڙھيو ليڪن کيس پڙھڻ سان دلچسپي نہ ھئي۽ آخرڪار پنھنجي زمينداري سنڀاليائين. اڇي مسيت جي اوڀر ڏکڻ ۾ يوسف، يعقوب، ايوب رند جا گهر ھئا. ٽنھي ڀائرن جون ٻہ ٻہ شاديون ٿيل ھيون جن ۾ منھنجي ٻاروتڻ کان اڳ يوسف رند فوت ٿي چڪو ھيو. يوسف جي گهر واري ماسي سوني ڏاڍي سلڇڻي عورت ھئي. ٻارن کي قرآن پڙھائيندي ھئي. سندس ڏند کير جھڙا اڇا اجرا ھوندا ھئا. ماسي سوني جو پٽ محمد بخش سعودي عرب ۾ مزدوري ڪندو ھيو جيڪو ھڪ طرف مسجد جي سار سنڀال ۾ خرچ پکو پيو ڏيندو ھيو تہ ٻئي پاسي ڳوٺ ۾ غريب ماڻھن خاص طور ڊکڻن جي مدد ڪندو رھندو ھيو. سرائي ايوب کي ٻن زالن مان ڪل 21 ٻار ھيا جن ۾ منھنجو ويجهو دوست سائين بخش بہ شامل ھيو. اڇي مسيت جي اولھ ۾ ٻہ ڀائر الھہ جڙيو، فيض محمد ۽ سندن ڪھول رھندو ھيو. الھہ جڙئي کي حافظ عبدﷲ ۽ عبدالرحمٰن نالي پٽ ھوندا ھيا. حافظ عبدﷲ وٽ کنڊ جي پرمٽ جو دوڪان ھيو جڏھن تہ عبدالرحمٰن، سيلاني قسم جو ماڻھو ھيو اڪثر گهمڻ ڦرڻ ۾ مصروف ھوندو ھيو، ملڪ جا سياست جا حال احوال بہ جام ڪندو ھيو ۽ اڳڪٿيون بہ جام ڪندو ھيو. سندس نالو اڳڪٿيون ڪندڙ بزرگ عبدالرحيم گرھوڙي جي نسبت سان ”گرھوڙي“ پئجي ويو ھيو. سندس مٿو اڪثر ڪوڙيل ۽ عجيب ھوندو ھيو ۽ اوندہ ۾ خبر نہ پوندي ھئي تہ سندس منھن ڪھڙي پاسي آھي. چرچي ڀوڳ ۾ اصل ڪونہ چڙندو ھيو. ھو ڪمال جو شخص ھيو. ڳوٺ جي مسجد جي بلڪل پويان رندن جي ڏاميش مڙس حسن رند سميت سندس ڀائر، علي، صديق، عرض محمد ۽ عباس رند جو گهر ھيو. حسن رند جو جوھي ٿاڻي تي ھسٽري شيٽ طور نالو لکيل ھوندو ھيو. سندن گهر جي لڳو لڳ ڏکڻ ۾ حاجي حسين ۽ غلام قادر رند جو گهر ھيو. حسين رند ھارپي سان گڏ رازڪو ڪم ڪندو ھيو. ھو ھيانءَ جي سڄائي تي رازو ٿيو ۽ منھنجي گهر جي ٽن ڪمرن، ورانڊي رڌڻي، باٿ روم تي عمارت پڻ ان رازي 1992ع، 1993ع ۾ ٺاھي. غلام قادر رند ھارپو ڪندو ھيو. اسانجي ڳوٺ ۾ ھاري سياست ۾ پير رکندڙ اھو پھريون شخص ھيو جيڪوعزيز سلام بخاري سان واسطي کانپوءِ عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيو. جوھي جي مزاحمتي سياست جو غلام قادر شينھن رند ھڪ وڏو ڪردار ھيو جنھن اسٽيٽس ڪو آڏو ڪڏھن بہ آڻ نہ مڃي. جوھي برانچ ۾ پاڻي کوٽ خلاف جدوجھد جو شينھن رند سرموڙ ڪردار ھيو. سندس زال شھناز پڻ سياست ۾ ساڻس گڏ ھوندي ھئي. شھناز رند پنھنجي ڳوٺ جي عورتن سان 2010ع جي مھا ٻوڏ ۾ ڪوڏرن ذريعي تغاريون ڀري رنگ بند ٻڌي جوھي بچائڻ ۾ پڻ مک ڪردار ھيو. ڳوٺ ۾ ڄاڻايل گهرن کانسواءِ باقي ذات جا ماڻھو پوءِ اچي آباد ٿيا جن ۾ بروھين ۽ ڊکڻن جا گهر شامل آھن. مسجد جي اوڀر واري گهٽِي جي ڀر ۾ ٻہ ڀائر عبدالڪريم ۽ موسو بروھي اچي ويٺا. عبدالڪريم بروھي ڪوٽار ھيو ۽ خوش حال ھيو سندس پٽ عثمان بہ پوءِ ڪوٽار ٿيو جنھن جو پٽ منظور بروھي مون سان گڏ پڙھيو جيڪو شڪل صورت جو ڏاڍو سھڻو ھيو. موسو بروھي پاڻي ڀريندو ھيو ۽ سندس زبان تي اڪثر ”انگريز ڳئي ڇوڙ ڀاڙيئي گهن ڳئي زور“ جو ورد ھوندو ھيو. ھو تمام تيز ھلندو ھيو چند منٽن ۾ جوھي مان ڳوٺ پھچي ويندو ھيو. ھو اڪثر نانگ بلائن سان راند کيڏندو رھندو ھيو ۽ چوندو ھيو تہ بلا جو زھر مونکي ڪجهہ نہ ڪندو ليڪن آخر ۾ بلا جي ڏنگ کانپوءِ اھڙو بيمار ٿيو جو چڙھي نہ سگهيو. مسجد جي صفا اوڀر ۾ ڳوٺ جي اوڀر ڏکڻ واري ڪنڊ وٽ کڏ جي ڪناري ڊکڻ اچي ويٺا. ڳوٺ ۾ موجود اڇي مسجد لاءِ مشھور آھي تہ پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ 1953ع ۾ بلوچستان جا ھٿياربند بروھي دريا پار کان ڪا عورت کڻي جبل تي پئي ويا تہ پوليس پيرو کڻي اچي کين سوڙھو ڪيو تہ ھو ڳوٺ جي مسجد تي چڙھي ويا. ڪيترا ڏينھن پوليس سان مقابلو ڪيائون جنھن لاءِ ٻہ ڳالھيون آھن ھڪڙي اھا تہ پوليس کين پڪڙي ويئي ٻي اھا تہ ھو پوليس کي چڪمو ڏئي مغوي عورت سميت مٿي جبلن ڏي فرار ٿي ويا. منھنجي ٻاروتڻ کان ڳوٺ ڇڏڻ تائين مسجد تي گولين جا نشان موجود ھيا. ھي ڳوٺ مھمان نوازي لاءِ مشھور ھيو. جڏھن بہ ارڙي، دستن سميت ڪا وبا ظاھر ٿيندي ھئي تہ سموري ڳوٺ کي چوطرف قرآن شريف گهمايو ويندو ھيو. انھي رسم ۾ ڳوٺ جا سمورا مرد ماڻھو ٻار شريڪ ٿيندا ھيا ۽ رسم جي آخر ۾ مسجد آڏو قائم سرائين جي اوتاڪ تي خيرات جي ماني پڻ ٿيندي ھئي. ڳوٺ بخش علي رند پنھنجي دور جو انتھائي صاف سٿرو ڳوٺ ھيو جنھن جي اوتاڪ ھر وقت برسيل ھوندي ھئي. پري کان مھمان آيو تہ کيس ڳوٺ ۾ نہ صرف رھائش ملندي ھئي بلڪہ ماني بہ ملندي ھئي ڪي ماڻھو تہ ڏينھن جا ڏينھن اتي ٽڪيا پيا ھوندا ھيا. ملتان مان ”دلي وارا فقير“ ٽولا ڪري اوتاڪ تي رھيا پيا ھوندا ھيا ۽ھن علائقي ۾ ڪڻڪ جي لاباري تي اچي خاص مريدن کان ڪڻڪ جي دلي ڀري وٺندا ھيا تہ اھي پنھنجي گهوڙن سميت اوطاق ۾ ٽڪيا پيا ھوندا ھيا. اھا اوتاڪ سياري اونھاري ڪچھري لاءِ مشھور ھوندي ھئي. سج لٿي جي نماز پڙھڻ کانپوءِ سڀ ڪو مسجد جي ڏکڻ ۾ اوتاڪ جي اڱڻ تي کٽن تي اچي ويھندو ھيو ۽ آسپاس جون خبرون ٿينديو ھيون ۽ سياست تي بہ ڳالھ ٻولھ ٿيندي ھئي. سياري ۾ وري سومھڻي نماز کان پوءِ ٽاٻر ڇوڪرا اوتاڪ جي ڪچي ڪمري ۾ اندر باھ تي اچي ويھندا ھيا ۽ پوءِ آکاڻي شروع ٿي ويندي ھئي. قصہ گوئي لاءِ عبدالرحمٰن گرھوڙي مشھور ھوندو ھيو سندس قصہ گوئي ۾ ڀوڳ ٺڪاءُ جام ھوندا ھيا. گرھوڙي جڏھن ڳوٺ کان ٻاھر رھندو ھيو تہ انجي جاءِ تي حسن رند جو ڀاءُ صديق رند آکاڻي ٻڌائيندو ھيو. ممتاز دمساز، چار درويش، امير حمزو ۽ عمر عيار جا قصہ مون اتي ٻڌا. انھي قصہ گوئي واري مجلس ۾ باھ مچائڻ وارو ڪم ٽاٻر ڇوڪرن حوالي ھوندو ھيو جن ۾ سرائي ايوب جو پٽ عارب، اميد علي جو پٽ سليمان، حسن جو پٽ طيب شامل ھوندا ھيا. ڊکڻن ۾ صرف آءُ ھوندو ھيس جيڪو انھي قصہ گوئي واري ڪچھري ۾ شامل ٿيندو ھيو باقي سڀ ڇوڪرا رند ھوندا ھيا. محفل اڌ رات جو ختم ٿيندي ھئي، قصو اھڙي نموني ٻڌايو ويندو ھيو جو ٻي رات ٿيڻ جو انتظار ٿي پوندو ھيو. ھن اڇي مسيت جومتولي حاجي مڪي نالي ھڪ نابين شخص ھيو. ھن کي اڪثر گوڏ ٻڌل ھوندي ھئي. حاجي مڪي صرف بانگ ڏيندو ھيو نماز اڪثر ڪري حافظ عبدﷲ رند کي پڙھائڻي پوندي ھئي. حاجي مڪي ٻارن کي َقرآن بہ پاڙھيندو ھيو. غلطي ڪرڻ تي ڳٽي تي ڀري لپاٽ وھائي ڪڍندو ھيو. سندس ھٿ انتھائي ڳرو ھوندو ھيو ۽ لپاٽ تي ڪنن مان دونھان نڪري ويدندا ھيا. سومھڻي نماز کانپوءِ حاجي مڪي ۽ سرائي حاجي مير محمد رند ٺڪر جو ڪنئورو کڻي مسجد اوتاڪ ۽ ڳوٺ کان پري ڏکڻ طرف خالي ميدان تي وڃي حاجت پوري ڪندا ھئا. حاجي مڪي ڏينھن ۾ صرف ھڪ دفعو حاجت پوري ڪندو ھيو جيڪا پڻ حيرت جھڙي ڳالھ آھي. ھو انتھائي صحتمند ۽ مضبوط جسم جو مالڪ ھيو ۽ کيس وڏي طاقت ھوندي ھئي جنھن جو اندازو سندس لپاٽ کائڻ واري کي ھوندو. ڳوٺ جا سرائي ڊکڻن کي پنھنجو راڄ سمجهي خيال ڪندا ھيا. سرائي اميد علي جي گهر واري امان حوا ۽ سرائي محمد خان جي گهر واري ماسي آسيت تہ حاجي ﷲ بخش جي سڀني ٻارن جو خيال ڪنديون ھيون. انھن جون گهر واريون مونکي پنھنجي پٽ جيان ۽ انھن جون نياڻيون اسان کي پنھنجي ڀائرن جيان ڀائينديون ھيون. سليمان جي امان حوا تہ مونکي روز کير پيارڻ کانسواءِ گهر واپس ڪونہ ڇڏيندي ھئي ۽ چوندي ھئي تہ سليمان کي پاڻ سان گڏايان جيئن پڙھي پوي. سرائي محمد خان جي گهر واري ماسي آسيت جون نياڻيون زليخان ۽ زاديءَ بہ مون کي پنھنجي ڀينرن جيان ھيون. انھن جو پيءَ سرائي محمد خان سندن ايترو خيال ڪندو ھيو جو ڳوٺ جي اتر ۾ موجود نار تي ٻيريون پوکي وڏيون ڪيائين جن مان ھڪ ادي زليخان جي ۽ ٻي ادي زادي جي ٻير سڏبي ھئي. آمنا کي جڏھن منصور ڄائو تہ ھو ڪجهہ بيمار ۽ ڪمزور ھئي ۽ منجهس ٿڃ بہ گهٽ ھئي انڪري ڪافي ڏينھن تائين ادي زاديءَ منصور کي پنھنجو ٿڃ پياريو. انڪري منصور انکي پنھنجي ٻي ماءُ سمجهندو ھيو. رندن جي انھي محبت پيار ۽ خلوص جو اثرھيو جو ٻالڪپڻي ۾ رندن جي مليل پيار سبب پاڻکي ڊکڻ بجاءِ رند سڏرائينو ھيس. ڳوٺ جي سرائين وٽ نہ صرف چينجاڻي شاخ تي زمين ھئي پر ڪاڇي ۾ بہ سندن زمين ھئي جيڪا وس تي آباد ٿيندي ھئي. جنھن جي آبادي ڪري ھو سڀ سکيا ستابا ھيا. آئي وئي جي اوڙي پاڙي جي مدد ڪندا ھيا. جڏھن ڪڻڪ لھندي ھئي تہ ڳاھ شروع ٿي ويندا ھيا. مونکي ڏاڏي حاجي ميرمحمد جي پٽ سرائي علي شيرڳالھين ڳالھين ۾ چيو تہ تون اسان جو ڳاھ وھ تہ بٽائي تي توکي ڪڻڪ جو ٽويو ڏينداسين. آءُ اسڪول مان دوڪان تي وڃڻ بجاءِ سڌو ڳاھ ڪاھڻ واري ديري تي ھليو ويندو ھيس. ھڪ طرف ٽويئي جو آسرو ٻيو ڳاھ ڳاھڻ دوران پيٽ ڀري کائڻ لاءِ ماني ڀاڄي پڻ ملندي ھئي. ڪڻڪ جون ٻاريون ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ خالي زمين تي گڏ ڪبيون ھيون. مون اھي ڳاھ ڳاھيا ۽ ڍڳا ھڪليا، جڏھن بٽئي جو وقت آيو تہ مونکي واعدو ڪيل ڪڻڪ جو ٽويو ڏيڻ بجاءِ فقير جي خيرات ۽ ڪُڍي جيترو ان ڏنو ويو ان ڏينھن آءُ ڏاڍو ڏکارو ٿيس ۽ سڄي رات رنم. ڳوٺ ۾ آءُ سرديءَ جي راتين ۾ پاڙي اوڙي جي چلھ تي ويندو ھيس تہ مونکان مولودن جي فرمائش ٿيندي ھئي. اسانجي ڳوٺ جا رند شادي يا ڪنھن خوشي جي موقعي تي نہ دھل وڄرائين، نہ مڱڻھار گهرائين نہ وري سندن عورتون سھرا ئي چون. انھي موقعي تي واھي پانڌي مان صفر برھماڻي، قيصر لاشاري ۽ نوح لاشاري گهرايا ويندا ھيا جيڪي ٻنھي ڪنن تي ھٿ رکي وڏي آواز سان مولود چوندا ھيا. صفر برھماڻي ۽ نوح لاشاري جو آواز ايڏو ڀاري ھيو جو لائوڊ اسپيڪر جي ضرورت بہ نہ پوندي ھئي. انھن کي ڏسندي ڪن تي ھٿ رکي مولود ڳائڻ مون بہ سکي ورتو. ھڪ ڀيري ڳوٺ ۾ ماسي سونيءَ جي پٽ ادي احمدڙي جي پٽن جي طھر جو ڪاڄ رٿيل ھيو، وڏيون برساتون پيون نيون وھي آيون ائين واھي جوھي جو رستو بند ٿي ويو نتيجي ۾ حاجي صفر، نوح ۽ قيصر نہ اچي سگهيا. انھي ڪاڄ ۾ مونکان مولود چورايا ويا. مونکي پئسا جام مليا سو لالچ ۾ کوڙ مولود ڳاتم. محفل مچي ويئي حاضرين ڏاڍو خوش ٿيا. مولود کٽي ويا ھاڻي صرف مونکي امامن جا قصيدہ ياد ھيا سو ھڪ قصيدو ڳائڻ شروع ڪيم. جنھن ڳوٺ واري جي پٽن جا طھر ھيا ان مونکي سرائيڪي ۾ ”گڏھ دا ڦل“ چئي ثڦ وھائي سمورا ڏوڪڙ کسي ورتا. خوشي جي موقعي تي قصيدو ڳائڻ سٺو سنئوڻ نہ سمجهيو ويندو ھيو ٻيو تہ اسانجي ڳوٺ وارا رند شيعن کي پڻ سٺي نظر سان ڪونہ ڏسندا ھيا جڏھن تہ منھنجو چاچو خدابخش ۽ سندس پٽ حڪيم غلام قادر شيعا مسلڪ سان لاڳاپيل ھيا. ادو غلام قادر تہ ڏھين محرم جي مجلس بہ پڙھندو ھيو. ھڪ لڱا رندن جي عيد گاھ ۾ عيد نماز پڙھڻ ويو. خطيب جو سامھون ويٺل شيعو ڏٺو سو عيد نماز جو سمورو خطبو شيعن خلاف پڙھيائين. اھو ڏينھن ادو غلام قادر وري رندن جي انھي عيدگاھ تي عيد نماز نہ پڙھڻ ويو. ننڍڙِي ۽ خوشحال ڳوٺ سرائي بخش علي رند 2010ع جي ٻوڏ ۾ جوھي بچائڻ ۾ سرموڙ ڪردار ادا ڪيو ۽ انھي جدوجھد سرائي محمد رند، شھناز رند، امداد سومري جھڙا ڪيئي زوردار ڪردار دنيا جھان آڏو آندا ۽ جوھي سموري سنڌ ۾ مزاحمت جي علامت بڻجي سامھون آيو. ليڪن انھي مزاحمت کان پوءِ اھڙو واءَ وريو جو جوھي برانچ سميت سرائين جي ٻني کي آباد ڪندڙ چينجاڻي شاخ ۾ پاڻي اچڻ گهٽجي ويو نتيجي ۾ ڪڻڪ، چانورن، مال متاع جا مالڪ سرائي پوئتي رھجي ويا. سرائين جا اڪثر ٻار تعليم پرائڻ بجاءِ سعودي وڃي مزدوري ڪرڻ کي ترجيح ڏيڻ لڳا. اڳتي ھلي ڳوٺ ۾ ڪاروبار ۾ دلچسپي سبب حافظ عبد ﷲ جو خاندان خاص طور سندس پٽ حاجي دائود واپار ۾ اڳتي آيو ۽ سکيو ستابو بہ ٿيو. حافظ عبدﷲ جو ھڪ پٽ تعليم حاصل ڪري سٺي نوڪري تي پڻ پھتو. حاجي حسين رند جا پٽ بہ تعليم ۾ اڳتي آيا. ايوب رند جي پٽن مان سائين بخش رند پروفيسر ٿيو، سنڌي ادب سميت جوھي جي سماجي سياست ۾ سندس ڇاپ رھي. سليمان رند بہ پڙھي استاد ٿيو. جنھنجو تفصيلي احوال پڻ الڳ مضمون ۾ ڏيڻ جي ڪوشش ڪبي. ٻہ سئو سال اڳ آباد ٿيندڙ ڳوٺ بخش علي رند جوعروج اڳ جھڙو ناھي جنھنجو ڪارڻ زراعت ۾ زوال سان گڏ تعليم طرف ڌيان نہ ڏيڻ پڻ آھي.

ڊکڻن جو ويڙهو

ڳوٺ بخش علي رند ۾ ڊکڻ 1942ع واري ٻوڏ کانپوءِ آيا. منھنجو بابا پنھنجي مامي ڪريم بخش جنھن کي ڳوٺ وارو ماما ڪرمون سڏيندا ھيا سان گڏ ٻوڏ جو پاڻي لھڻ کانپوءِ ڪاڇي جي ڳوٺ بري مان لڏي پنھنجي اصلوڪي ڳوٺ پيرعلي شاھ بجاءِ ڳوٺ بخش علي رند ۾ اچي رھيو. انھي سان گڏ بابي جي ڀيڻ خيري پنھنجي مڙس رسولي ۽ ناٺي الھرکئي سميت آئي ۽ امان جو مامون الھڏنو بہ ڪٽنب سميت گهر ٺاھي اچي ويٺو. سال 1953ع ۾ بابا جو ڀاءُ خدابخش سندس اصرار تي ڳوٺ بيگو ديرو ڇڏي اچي ڳوٺ بخش علي رند ۾ اچي رھيو. بابي جي مامي ڪريم بخش کي عثمان، ڀائي خان، الھورايو ۽ امير بخش عرف پھلوان نالي پٽ ھيا کين ڪابہ ڀيڻ نہ ھئي انڪري سندن اڪثر دوست کين ڀيڻ تي گار پٽي ڏيندا ھيا ۽ پوءِ سڀ گڏجي کلندا ھيا. عثمان ۽ ڀائي خان تمام ذھين ھوندا ھيا سندن تعليم صرف پرائيمري ھئي ليڪن حسابن ڪتابن ۽ عام معلومات ۾ ڀڙ ھيا، اخبار رسالا پڙھڻ جا پڻ شوقين ھيا ۽ سياست تي ڳالھ ٻولھ جو بہ وٽن شعور ھيو. جڏھن تہ الھورايو پرائيمري ماستر ٿيو جيڪو پڻ تمام ذھين ۽ جهانديدہ شخص ھيو ليڪن ڪنن کان گهٻرو ھيو. عثمان واپار ڪيو ۽ بس بہ خريد ڪيائين ليڪن ڪٿي بہ ڄمي نہ سگهيو نہ سندس ٻار بہ پڙھي سگهيا. ڀائي خان پنھنجي اباڻي ڪرت ڊکاڻڪو ڪم جاري رکيو. روز صبح پنھنجا سنج کڻي ڪمال خان تائين نڪري ويندو ھيو جيڪو سندس ۽ پيءُ جو تر بہ ھيو. ڪڻڪ جي فصل تي کيس چڱو خاصو لاپو ملي ويندو ھيو جنھن ۾ ان ۽ سندس ڳئون جو چارو ٿي پوندو ھيو. چاچو ڀائي خان جڏھن بہ پنھنجي اڳوڻي اباڻي تر طرف لاپو وٺڻ ويندو ھيو تہ عيد جي ڏڻ جيان سنبري نڪرندو ھيو جنھن تي سندس ھم عمر مرد عورتون معني خيز نموني ٽھڪ ڏيندا ھيا ۽ ھي بہ کلي پوندو ھيو ليڪن سندس گهر واري جو منھن خراب ٿي ويندو ھيو. ھن جا پٽ بہ ٿورو گهڻُو پڙھيا جن ۾ وڏو پٽ عبدالحڪيم پوليس ۾ ملازم ٿيو ۽ سندس ٻيو پٽ غلام رسول ماستر ٿيو ۽ خادم حسين فوج ۾ ڀرتي ٿيو. بابي جي مامي جو آخري پٽ امير بخش عرف پھلوان پنھجي اباڻي ڪرت ڊکاڻڪي ڪم سان لڳو رھيو ۽ وسيعت آھر پنھنجي اڪلوتي ۽ سڪليلڌي پٽ الھورايو کي پاڙھيائين. جيئن تہ سندس ٻار ڪونہ بچندا ھيا انڪري پٽ کي ”ٽنڊُو“ ڪري سڏيندو ھيو. امير بخش جو بدن ڪسرتي ھيو ۽ پاڻ چنبِيءَ جو ماھربہ ھيو. ميلن، شادي مرادي سميت خوشي جي موقعي تي چنبي آزمائي ٿيندي ھئي ۽ کانئس ڪير چنبي نہ ڇڏائي سگهندو ھيو. چاچي خدا بخش کي چار پٽ ھيا جن۾ غلام قادر جيڪو منھنجو ڀيڻيوو بہ ٿئي سو ھر فن مولا ھيو. ڊرائيور، رازو، سٺو ڊکڻ بہ ھيو. جڏھن سندس والد شھر ۾ چير جي مشين ” آرو “ ھڻايو تہ انھي جو بنا تربيت جي مستري بہ ٿي ويو ليڪن کيس جنھن پيشي ۾ منزل ملي اھو حڪمت جو ڪم ھيو. اسانجو چاچا ۽ سوٽ جڏھن بيگي ديري ۾ ھيا تہ مٺي ڳوٺ ۾ چاچا ۽ بابا وارن جو ماسات ڏتل رھندو ھيو اتي ھڪ حڪيم شاڪر فريدي نالي اچي رھيو تنھن جي صحبت ۾ ادو غلام قادر حڪيم ٿيو . حڪمت ۾ کيس ڪمائي بہ ٿيڻ لڳي. 1976ع جي ٻوڏ ۾ جوھي جي آسپاس وڏي پيماني تي مليريا ڦھلجي ويو. ھو رات جو وزٽ دوران فرسٽ ايڊ باڪس کڻڻ لاءِ پاڻ سان گڏ مونکي بہ کڻندو ھيو ۽ پوءِ دير سان پئسن جا ٻڪ ڀريندي موٽندو ھيو ۽ مونکي بہ خرچي ڏيندو ھيو. بلا کاڌل مريض جي علاج ۾ کيس جهجها پئسا ملي پوندا ھيا. ھو بلا جي ڊاڪٽر طور مشھور بہ ٿيو ڳالھائڻ ٻولھائڻ جو ڏاڍو ھوشيار ھيو نتيجي ۾ عام ماڻھو کي قائل ڪري ويندو ھيو. ھڪ دفعي ڪورٽ ۾ پنھنجو ڪيس پاڻ وڙھيائين ۽ کٽي ويو. کيس قائل ڪرڻ دنيا جو سڀ کان ڏکيو ڪم ھيو. جوھي شھر ۾ سندس شفاخانو خوب ھلندو ھيو وٽس جنگ اخبار سميت سب رنگ ڊائجيسٽ پڻ ايندو ھيو جيڪو پڙھڻ لاءِ سندس شفا خاني تي آءُ بہ ويندو ھيس. چاچا خدابخش جو ھڪ ٻيو پٽ غلام عباس جنھن جي گهر منھنجي ڀيڻ زبيدہ عرف زبي پرڻجي ويئي ھئي چاچي سان گڏ جوھي شھر ۾ دوڪانداري ۾ گڏ ھيو اھو پڻ انھي آري مشين جو مستري ٿيو ۽ ھڪ ڏينھن ھٿ ڪٽائي ويٺو. چاچا جي ڪارخاني کي مچائڻ ۾ سندس وڏو ڪردار رھيو. چاچي جو ھڪ پٽ غلام حيدر ٻيڙيون ٻڌندو ھيو ۽ سندس سنگت جوھي ۽ آسپاس جي شاشو خانن سان ھوندي ھئي سو پنھنجي پيءُ ۽ ڀائرن سان گهٽ ٺھندو ھيو ۽ پنھنجي سھري چاچا عثمان سان گڏ رھندو ھيو. جڏھن تہ چاچي جو چوٿون پٽ غلام قاسم ڪم ڪار کان آزاد گهمڻ ۾ پورو ھوندو ھيو. چاچا جي گهر جو اھم ڪردار چاچي خدابخش جي گهر واري آسيت ھوندي ھئي جنھن وٽ مينھن ڌاريل ھئي، جنھن جو گاھ پٺو پاڻ ڪندي ھئي، گاھ جي اھڙي ڀري کڻي ايندي ھئي جيڪا مرد ھيٺ لاھڻ ۾ آذرت ٿي وڃي. جڏھن بيگي ديري ۾ رھندي ھئي تہ لاڻيءَ مان کار پڻ پاڻ ٺاھيندي ھئي. اھا عورت ئي چاچي خدا بخش جي پٽ غلام قاسم جو گهر ھلائيندي ھئي. چاچي خدابخش کي ٽي نياڻيون ھيون جن مان ھڪ صاحب خاتون منھجي ڀاءُ واليڏني سان پرڻائي وئي، الھبچائي جيڪا اڳتي ھلي منھنجي سس ٿي ڪاڇي جي ڳوٺ دولتاڻي ۾ ملان آندل جي گهر ڏنل ھئي جيڪو پڻ بابا وارن جو ويجهو عزيز ھيو، جڏھن تہ ٽين نياڻي سياڻي چاچا ڀائيخان جي گهر ونواھيل ھئي. اھي ٽئي رشتا بابا جي مرضي سان ٿيا ۽ انھي فيصلي تي اسانجي چاچا اف بہ نہ ڪئي. پاڙي ۾ ھڪ گهر پُڦي خيري جو بہ ھيو جيڪا ٻنھي ڀائرن جي دادلي ھئي ٻئي سندس احترام جيترو خيال رکندا ھيا. پُڦي خيري جو مڙس رسُولو ڊکاڻڪي ڪم جو شاھ ڪاريگر ھيو. عام ڊکاڻڪو ڪم ڪرڻ بجاءِ ھو خوبصورت کٽون ۽ ھندورا ٺاھيندو ھيو. بنا جنڊي کٽ ٺاھيندو ھيو تہ انتي جنڊي جي ڪم جو گمان ٿيندو ھيو. ھڪ انتھائي وزن دار ڪاري رنگ جي ساڳ ڪاٺ جي کٽ سندس گهر ۾ پيل ھئي ڪافي سال گذرڻ باوجود انھي جي چُوڙ بہ ڍري ڪانہ ٿي ھئي. جڏھن عمر پوئتي وري تہ سندس مھارت بہ جواب ڏيڻ لڳي ۽ پُڦي خيري جو خاندان غربت جي ڪسمپرسي ۾ گھلجي ويو. انھي گهر سان گڏ امان جي مامي الھڏني جو گهر بہ ھيو ليڪن اھو ٿوري عرصي ۾ جوھي لڏي ويو جتي سندس ويجها مائٽ رھندا ھيا. سڀ کان آخر ۾ ڳوٺ ۾ اچڻ وارو منھنجي سھري ملان آندل جو خاندان ھيو. ادي بچائي جيڪا چاچي خدابخش جي وڏي ڌي ھئي تنھن ڪاڇي جي ماحول ۾ پنھنجي ٻارن لاءِ مستقبل مخدوش ڏٺو. تنھن مڙس ۽ پنھجي پٽن جن جون شاديون اسان جي گهر مان ٿيل ھيون کي قائل ڪيو تہ جوھي لڏي ھلجي. اسان جي سوٽ منھنجي سس بچائي، پنھنجي پيءَ ڀائرن سميت اسانجي گهر ۾ معتبر سمجهي ويندي ھئي. اسان جي ويڙھي خاندان ۾ لڏ پلاڻ جو اھم ڪارڻ ٻوڏون ھيون. پھريان چاچو عثمان، بعد ۾ چاچو خدا بخش ۽ انھي جا ٽي پٽ، 1995ع جي ٻوڏ ۾ آءُ بہ لڏي ويس تہ منھنجا ننڍا ڀائر عزيز ۽ غفور بہ مونسان گڏ جوھي شفٽ ٿيا. منھنجي سس سھري جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس پٽ بہ ڳوٺ مان لڏي حيدرآباد اچي پھتا جتي اسان سڀ اڳ ئي لڏي آيا ھياسين. ھن وقت ڳوٺ ۾ صرف منھنجي وڏي ڀاءُ جو پٽ ۽ چاچي ڀائي خان جا ٽي پٽ انھن جو خاندان ۽ سندس وڏي ڌيءَ صغرا پنھنجي پٽن سميت ويٺل آھي. جڏھن تہ ڳوٺ جا رند اڄ بہ اتي ئي ويٺل آھن. 1942ع واري ٻوڏ ھجي يا 1976ع واري ٻوڏ، 1995 واري ٻوڏ ھجي يا 2010ع ۽ 2022ع واريون مھا ٻوڏون، رند اڄ بہ پنھنجي پدن تي جھڙي تھڙي حال باوجود ويٺل آھن.

حاجي ﷲ بخش ڊکڻ جو گهر

مونکي سڀ کان پراڻي ڳالھ اھا ياد آھي تہ مان ننڍڙو ھيس تہ منھنجي وڏي ڀيڻ ڪزبانو جنھن کي ڪزي سڏيندا ھئا جي شادي ٿي ۽ پوءِ مان پڇندو رھندو ھيس تہ ڪزي ڪاڏي وئي آھي ڪنھن چيو ھوندو تہ ڪزي قادر کڻي ويو آھي ۽ پوءِ اھا ڳالھ مان روئندي يا کلندي چوندو ھيس تہ، ” قادو ڪزي کڻي ويو. . . . قادو ڪزي کڻي ويو. . . . . “ ادوغلام قادر ٻڌائيندو آھي تہ سندس شادي 1963ع ۾ ٿي. مونکي اھو بہ ياد آھي تہ ننڍي لاءِ آءُ بيمار ٿيس تہ مونکي ماتا جي بيماري ۾ سڄي جسم تي ڦٽ ٿي پيا اھو مرض منھنجي وڏي ڀيڻ حضوران جنھن کي گهر ۾ حجو چوندا ھيا کي بہ ٿيو بيماري جي حالت ۾ اسان ھڪ کٽ تي ستا پيا ھوندا ھئاسين ۽ آءُ پنھنجي ڀيڻ جا ڦٽ چھنڊي سان پٽيندو رھندو ھيس. ٻي يادگيري اھا آھي تہ جڏھن بہ آءُ بيمار ٿيندو ھيس بابا مونکي ”ڪلورومائيسيٽن“ جو شربت پياريندو ھيو. جيڪو صفا کير جھڙو ھوندو ھيو. بابا لاءِ اھو شربت طاقت جو شربت ھيو. ٻِي ٻاروتڻ جي يادگيري اھا بہ آھي تہ انھي بيماري مان ٺيڪ ٿيڻ کانپوءِ منھنجي لاءِ بابا پلاسٽڪ جا نيرا سئنڊل وٺي آيو جنھن ۾ ڳاڙھا ڦڪا گل چنبڙيل ھئا، اھو جوتو ٽچ بثڻ تي کلندو بند ٿيندو ھيو. جوتن جو رنگ ۽ ڊزائين جو اڄ منھنجي دماغ ۾ منعڪس ٿيل آھي. اسان جنھن گهر ۾ رھندا ھئاسين اھا ڪکائين ڇن ھئي جنھن جو آڳر اوڀر طرف ھيو، جنھن جي اتر ڀاسي پاسي لوھ جي وڏي ٽجوڙي رکيل ھئي جيئن تہ بابو جوھي شھر ۾ ڪپڙي جو دڪان ھلائيندو ھيو انڪري پنھنجا پئسا ھو اتي رکندو ھيو. منھنجي امان اڪثر ڪري اسان جي پڦي جي حوالي ھوندي ھئي جنھن جو گهر اسان جي ڇن جي اتر طرف ھيو. بابا جي ڀيڻ پڦي خيري بابا جي ماءُ جي طرف کان ڀيڻ ھئي. کيس پاڙي اوڙي وارا حاجاڻي خيري سڏيندا ھئا اوڙي پاڙي وارن کي قرآن شريف پاڙھيندي ھئي ۽ عورتن جي ميتن کي غسل بہ ڏيندي ھئي. ڏاڍي ھوشيار ۽ سھڻي بہ ھئي ڳوٺ پاسي آسپاس کيس احترام سان ڏٺو ويندو ھيو. اسانجي گهر جا اڪثر معاملا اھا ھلائيندي ھئي ۽ رشتن جا فيصلا بہ اھا ڪندي ھئي جنکي وري بابا بہ نھڪر نہ ڪندو ھيو. امان بہ سمورا ڪم ڪار انھي جي چوڻ مطابق ڪندي ھئي. رندن جي ڳوٺ ۾ ڊکڻن جي پاڙي ۾ اسانجي ڇن سميت اتر ۾ پڦي خيري جو گهر، امان جي مامي الھڏني جو گهر، پڦي خيري جي نياڻي الھرکئي جو گهر ھوندا ھئا. ڏکڻ ۾ چاچي عثمان جو گهر جڏھن تہ اتر اوڀر جي ڪنڊ تي بابا جي ڀاءُ چاچي خدابخش جو گهر ھوندو ھيو جڏھن تہ پاڙي مان ٻاھر نڪرندڙ گهٽي جي اوڀر طرف وري بابا جي ماروٽ چاچا ڀائي خان جو گهر ھوندو ھيو. چاچي خدابخش جي وڏي پٽ غلام قادر جي گهر ۾ منھنجي وڏي ڀيڻ ڪزي بہ رھندي ھئي. ادو غلام قادر وڏو ھرفن مولا ھيو منھنجي سانڀر ۾ ھن حڪمت جو ڪم خوب ڪيو، ڪلينڪ بہ ھلايائين جتي يوناني سان گڏ ايلوپيڀڪ جون دوائون بہ ھلائيندو ھيو. انھي حڪمت ۽ ڊاڪٽري سبب سندس گهر جا حال بھتر بہ ٿيا. ڊکڻن جي گهرن ۾ بابا جو گهر جوھي شھر ۾ ڪپڙي جودوڪان ھجڻ ڪري خوشحال ھيو. ان وقت گوشت، مڇي کائڻ عام نہ ھيو ليڪن گهر ۾ کير مکڻ ھوندو ھيو. ان وقت چئبو ھيو تہ ”ڪڻڪ جي ماني آھي تہ پوءِ ڀاڄي جي ڪھڙي ضرورت آھي“. صبح جو لسي سان ماني کائبي ھئي منجهند جو سبزي، دال، آچار، ڪچي بصر سان جڏھن تہ رات جو وري ڀت ۾ مستي ٻرڪي کائبو ھيو. انبن جي مند ۾ بابو ننڍا ننڍا انب وٺي ايندو ھيو ۽ گهر جي ھر ڀاتي جي حصي ۾ ھڪ انب ايندو ھيو. بابو سج لٿي مھل گهر ايندو ھيو جيئن پھچندو ھيو تہ کيس پاڙي جا سمورا ننڍڙا ٻار ڦري ويندا ھيا. ائين سندس ڪلھي تي رکيل پوٽڙو يا انگوڇو کلندو تہ ان مان ڱٽمٺڙا يا نقل پتاشا نڪرندا ھيا جيڪي ھو سڀني کي ورھائي ڏيندو ھيو. بابا جي گهر ۾ نہ صرف ڪڻڪ چانور جوئر ذخيرو ٿيل ھوندا ھيا بلڪہ ھڪ وقت مون اھڙو بہ ڏٺو جو اسانجي گهر ۾ ننڍڙن گندڙن ۾ مٽر، چڻا، دال، ڳڙ اسٽور ٿيل ھوندا ھيا. جڏھن بہ ساريون ڇڙائي پاچڪو گهر پھچندو ھيو بابا چانورن جو ٿالھ ڀري انجي مٿان سچي گيھ جو ڀريل وٽو رکي پاڙي جي گهرن ۾ ڏيندو ھيو. باباجو ڪزيءَ ۾ ساھ ھوندو ھيو. جڏھن بہ چڱو چوکو چڙھندو ھو ڪزيءَ کي ضرور سڏ ڪندو ھيو. ڪزيءَ کي اسانجو سوٽ اڪثر ڪري ماريندو رھندو ھيو. بابا ڪڇي ڪونہ سگهندو ھيو اھڙي ڪيفيت ۾ ھو رات جو ڳوٺ کان ٻاھر ڏکڻ طرف خالي پيل ميدان تي پٽ تي وڃي سمھي پوندو ھيو ۽ فجر جي نماز پڙھي موٽي ايندو ھيو. بابا گهر ۾ ڪاوڙبو ھيو تہ بہ ائين ئي ردعمل ڏيکاريندو ھيو. بابا جي امان سان پڻ نہ لڳندي ھئي مون پنھنجي زندگي ۾ کين کلي خوش ٿيندي گڏ ويٺل ڪونہ ڏٺو. اسانجو نانو محراب امان وٽ ايندو رھندو ھيو جيڪو ھيروخان ڪاڇي ۾ رھندو ھيو. بابا نانا کي پڻ گهٽ لفٽ ڪرائيندو ھيو. ان وقت ۾ زال سميت عورتن کي مارڻ عيب نہ سمجهبو ھيو بلڪہ پاڙي جي ڪنھن عورت کي ڪو ٻيو ماريندو ھيو تہ بہ انکي عيب نہ سمجهيو ويندو ھيو. انڪري مون پنھنجي ٻاروتڻ ۾ عورتن کي مار کائيندي، سوٽين سان ڪٽبو سٽبو ڏٺو. اونھاري ۾ اسان سڀ گهر جي آڳر تي سمھندا ھياسين. آڳر جي سامھون مال جو ڀاڻو ھيوجنھن تي ڪاٺ جي ھڪ بنڊي عرصي تائين پيل ھوندي ھئي. ڪڏھن ڪڏھن اونداھي رات ۾ اچانڪ ننڊ مان جاڳ ٿيندي ھئي تہ سامھون مال جي ڀاڻي تي پيل عجيب وغريب شئي تي نظر پوندي ھئي ۽ پوءِ ڏاڍو ڊڄ ٿيندو ھيو. ڊڄي ڊڄي آخر ننڊ اچي ويندي ھئي تہ صبح ٿيڻ تي مال جي ڀاڻي جي ڇت تي پيل ڪاٺ جي بنڊي تي نظر پوندي ھئي ۽ ھيڪر ڊپ لھي ويندو ھيو ليڪن رات جو وري ساڳي ڪار ھوندي ھئي جيڪا ڪافي عرصي تائين جاري رھي. منھن جي پنھنجي ٽيون نمبر وڏي ڀيڻ حجوءَ سان دل ھوندي ھئي ان سان کيڏندو بہ ھيس ۽ انھي سان رندن جي پاڙي ۾ بہ رلڻ ويندو ھيس. حاجي ميرمحمد رند جي ڪوٽ ۾ پاليل سھڙ اسانجي راند جو مرڪز ھوندا ھيا ۽ انھن کي پڪڙڻ منھنجو مشغلو ھوندو ھيو. ڊکڻن جي پاڙي ۾ اولھ ۾ اوطاق ۽ مسجد، عبدالڪريم بروھي ۽ حاجي موسي بروھي جا گهر، اتر ۾ ايوب رند، يعقوب رند جو گهر جڏھن تہ اوڀر ۾ محمد خان رند جي ڇن ۽ مال جو واڙو ھوندا ھيا باقي اوڀر ۽ ڏکڻ خالي ھوندو ھيو. اسان ڊکڻن جي پاڙي کي ڪا چوديواري نہ ھوندي ھئي ۽ اسان ڊکڻن جي گهرن جو اڱڻ سامھون رستي تان ڏيکاربو ھيو. جيڪو مونکي ٻاروتڻ کان ئي برو لڳندو ھيو. ھڪ وقت اھڙو آيو جو مون پنھنجي وڏي ڀيڻ حجو، ننڍي ڀيڻ زليءَ ۽ ننڍا ڀائر گڏ ڪري کڏ مان مٽي کڻي اھا ڀت ڏني ۽ پوءِ صرف ڏيڍي کليل ھوندي ھئي. اسان وٽ ھڪ مينھن بہ ھوندي ھئي جنھن جو گاھ مان ۽ حجو گڏجي ڪرڻ ويندا ھئاسين. اسانجي ڳوٺ سامھون ڏکڻ ۾ ڪور وارن لنڊن جي ڳوٺ ۾ علي بخش لنڊ کان برسيم گاھ جا ڪجهہ ويسا ورتاسين. جيئن ڪڻڪ جا لابارا لٿا علي بخش لنڊ اسانجو گاھ ڀيلائي ڇڏيو جيڪو مونکي ڏاڍو خراب لڳو ۽ علي بخش سان توتو مين مين ڪرڻي پئجي ويئي. تڏھن بابي ٻڌايو تہ ڪڻڪ جو لابارو پوڻ سان گاھ تي اسانجو حق ختم ٿي ويندو آھي. سياري جي مند اچڻ کان اڳ ڀيڻيون ۽ ننڍڙا ڀائر گڏجي ڪٽيل وڻن جا ٿڙ ڪٽي ايندا ھئاسين جيڪي سمورو سيارو ٻاريندا ھياسين. اسانجي ڇن جي اتر ۾ ھڪ ننڍڙي ڪوٺي انھن ڪاٺين سان ڀريل ھوندي ھئي. شايد چوٿين درجي ۾ مونکي مذھب ڏانھن رغب ٿيو. پڦي خيري جي چوڻ تي آءُ نہ صرف روزا رکڻ شروع ڪيا بلڪہ قضا روزا بہ رکندو ھيس. روزو رکي مسجد ۾ ھليو ويندو ھيس. رمضان جي مھيني ۾ ٽي ختما ڪڍي ويندو ھيس. روزو رکڻ وقت ڌنئورو ڀت استعمال ٿيندو ھيو. انھن ڏينھن ۾ مونکي مولود چوڻ جو شوق بہ ٿيو جيڪي نہ صرف مسجد ۾ بلڪہ پاڙِي وارن گهرن جي چلھن تي ۽ خوشي جي موقعي تي ڳائيندو ھيس. منھجا اھي ڪم بابا پڦي سميت گهر وارن کي پسند ايندا ھيا. مان ان وقت عورتن جي پردي جو وڏو حامي ۽ بي پردگي جو سخت مخالف ھيس. جڏھن بہ اسانجي پاڙي جي ڪا عورت ڀت کان ٻاھر ڏسڻ جي ڪوشش ڪندي ھئي تہ آءُ سندن مڙسن کي ٻڌائيندو ھيس ۽ کين موچڙا کارائي مزو وٺندو ھيس. انھي دوران مونکي بلورن ۽ ڪوڏين کيڏڻ جو شوق بہ ٿيو. بلورن ۾ مان ڏاڍو چوٽڙو ھيس ۽ گهچي راند ۾ بہ اڪثر کٽي ويندو ھيس نتيجي ۾ مون وٽ سون جي تعداد ۾ رنگ برنگي بلور ھوندا ھئا. ھڪ وقت وري ڪوڏين جي راند جو شوق ٿيو. ڪوڏين ۾ ”ٻُس“ راند ۾ مان جهوليون ڀري ويندو ھيس. ٻُس راند جو داءَ ھڻڻ وقت سمورا ڀيچي ڪوڏيون ملائيندا ھيا ۽ انجو فيصلو ”اِڪي ٻڌي“ داءُ تي ٿيندو ھيو جنھن ۾ اڪثر آءُ کٽي ويندو ھيس. ادي عباس کي بہ ڪافي دفعا ٻس راند ۾ شڪست ڏئي کائنس ڪوڏيون کٽيم. ھڪ ڀيري ھن مونکان ڪوڏيون قرض گهريون مون کيس اڳيون اڌاريون ڪوڏيون واپس نہ ڪرڻ سبب وڌيڪ اوڌر ڏيڻ کان جواب ڏنو تہ ھن مونکي موٽ ۾ چڱا خاصا پادر ھنيا ۽ ڪوڏيون بہ ڦري ورتائين جيڪي روئي پوڻ تي ھن مونکي واپس ڪيون. ٻُس راند ۾ پڦي خيري جي ڏوھٽي زھران بہ چيڙھيءَ ۽ ھوشيار ھئي ۽ اڪثر ڪوڏيون کٽيندي ھئي. سڄي ڳوٺ ۾ اسان ٻئي ڪوڏين جا مشھور کيڏاري ۽ جوئاري ھئاسين. مان تمام گهڻو حرڪتي ھيس. پرائمري ۾ پڙھائي دوران بابا مو نکي پٽاٽا، بصر، ڳڙ، مستي، کنڊ انگوڇي ۾ ٻڌي ڏيندو ھيو تہ جيئن گهر کڻي وڃان. مان پنھنجي موج مستي ۾ انھي انگوڇي کي چوطرف ھوا ۾ ڦيرائيندو راڳ يا مولود ڳائيندو ويندو ھيس. ڦِير ڦيران ۾ انگوڇي جي ڳنڍ اڪثر کلي پوندي ھئي. بصر پٽاٽا ۽ ڳڙ تہ ميڙي وٺندو ھيس ليڪن کنڊ ۽ مستي تہ الائي ڪاڏي گم ٿي ويندا ھيا. اھڙي صورتحال ۾ بابا جي اچڻ جي ٽائيم تي گهران ڀڄي رندن جي گهرن ۾ ٻارن سان کيڏندو رھندو ھيس. جنھن سبب اڪثر بابا جا ڏاڍا پادر کائيندو ھيس. ڳوٺ ۾ مونکي رندن جا ٻار ”لڳڻو“ سڏيندا ھئا ڇوتہ منھنجو بدن غير ڪسرتي ھيو. مان اڪثر ٻارن سان جهيڙو ڪندو ھيس تہ موچڙا بہ کائيندو ھيس ۽ چوندو ھيس مونکي سور ڪونہ ٿو ٿئي. 1976ع واري مھا ٻوڏ ۾ اسانجو گهر ۽ سمورو ڳوٺ ٻڏي ويو. ٻوڏ کان اڳ سانوڻ ۾ تمام گهڻيون برساتون پيون. ايوب رند جيڪو جوھي شھرجي اتر ۾ بچاءُ بند وٽ پنھنجي نار تي رھندو ھيو. ھڪ ڏينھن صبح صبح اچي ٻڌايائين تہ بچاءُ بند ٽٽِي پيو آھي ۽ ٻوڏ جو پاڻي ٿوري دير ۾ پھچڻ وارو آھي. اڪثر رندن جون ان جون پڙيون مٿانھين تي ھيون سي تہ بچي ويون ليڪن ڳوٺ سڄو ٻڏي ويو. ڊکڻن جا گهر تہ مورڳو ھيٺاھين تي ھيا تن ۾ پڦي خيري جو ڪوٺو مٿانھين تي ھئڻ سبب بچي ويو ليڪن باقي سڀ گهر ڊھي پيا. رندن جا مٿانھين وارا گهر بچيا ليڪن انھن جا بہ اڪثر گهر لڙھي ويا يا سيڪ تي ڊھي پيا. ڳوٺ جا رند تہ ڪونہ لڏيا ليڪن اسانجي ڊکڻن ۾ چاچا عثمان وارا جوھي لڏي ويا. انھي مھا ٻوڏ ۾ بہ جوھي بچي ويئي. پاڻي جي ڇر ڳوٺ کي ڦريل ھئي. جيڪي ڀتيون ڪريون اھي ڀڃي ٿلھا مٿي ڪيا ويا ۽ انھن تي کٽون رکي رات جو سمھبو ھيو. اسانجي ڇن جي اندر جيڪا وڏي ٽجوڙي پيل ھئي اھا ڪيتري عرصي تائين انھي ڊٿل ڇن جي ھيٺان پيل ھئي. صبح جو اٿڻ وقت کٽن جي ھيٺان بلائون ويٺل ھونديون ھيون انڪري صبح اٿڻ ويل پير ھيٺ رکڻ وقت ھيڏي ھوڏي ڏسبو ھيو. جوھي شھر وڃڻ لاءِ باھوٽن جي پاڙي تائين جهاڳي وڃڻو پوندو ھو. انھي ٻوڏ دوران ملڪ جو وزيراعظم ڀٽو پڻ جوھي آيو کيس مائو ڪيپ پاتل ھئي. سندس ھيليڪاپٽر ھاءِ اسڪول جوھي جي اتر ۾ گرائونڊ تي لٿو جيڪو مونکي اڄ بہ ياد آھي.
جڏھن ٻوڏ جو پاڻي لٿو تہ گهر جي ڇن ڊاٿي وئي ۽ اسانجو نئون گهر ٺھڻ شروع ٿيو جنھن ۾ ٻہ ڪمرا ۽ ورانڊو شامل ھيا. انھي گهر جي اوساري ادي غلام قادر ڪئي ۽ گهر۾ موجود ڀينرن ڀائرن سڀني مزدوري ڪئي. اسان جو ڀاءُ غلام محمد ضدي ۽ اکڙ قسم جو نوجوان ھيو سو اڪثر ڪري ڪم کان گسائي ويندو ھيو نتيجي ۾ کيس بابا جا دڙڪا کائڻا پوندا ھيا. نئين گهر جي ڪمرن ۾ ادو مولوي ۽ غلام محمد رھندا ھيا جڏھن تہ باقي سڀ ورانڊي ۾ سمھندا ھئاسين. گهر جي ٻنھي ڪمرن ۾ فرق ھيو. ادو واليڏنو جيئن تہ بابا جو دادلو ھيو ۽ پئسا ڏوڪڙ بہ انھي وٽ ھيا انڪري پنھنجي ڪمري جو دروازو چٽن تي ٺھرايائين جڏھن تہ ٻئي ڪمري کي عام رواجي در لڳايو ويو. منھنجي ٻاروتڻ ۾ منھنجو وڏو ڀاءُ عالم فاضل ٿيو بابا سان گڏ ڪپڙي جو دوڪان سنڀاليائين، ننڍن ڀائرن کي، گهر کي سنڀاليائين منھنجو ٻيو ڀاءُ غلام محمد مئٽرڪ پاس ڪئي. ھو ھيرو ڪٽ وار رکرائيندو ھيو، ضدي ۽ بي چيو ھجڻ ڪري بابا جي سدائين مٿس ڪاوڙ ھوندي ھئي. غلام محمد سدائين چوندو ھيو تہ مونکي ڏوڪڙ ڏيو تہ سعودي وڃان. تنھن وقت ڳوٺ بچل رند جي سيٺ گل محمد رند جي دادو جوھي وچ ۾ بس ھلندي ھئي تنھن تي وڃي منشي ٿيو. ھفتي ڏھين ڏينھن کانپوءِ گهر ايندو ھيو تہ پاڻ سان لائيف بواءِ صابڻ آڻيندو ھيو جنھن کي ڏسي مان کيس چوندو ھيس تہ مان انھي سان وھنجان. ان وقت اسانجي گهر جي حالت ڪجهہ اھڙي ھئي. ذوالفقار علي ڀٽو جڏھن ڪارخانہ قومي تحويل ۾ ورتا تہ سارين جي قوميائل ڪارخاني ۾ نوڪري ڪيائين. ھڪ عرصي تائين ٻيڙيون بہ ٻڌائين. انتھائي محنتي ھيو منھنجي پڙھائي دوران ھو سعودي ويو. جتان امان سميت سڀني ننڍن ڀائرن لاءِ الڳ الڳ سوکڙيون موڪليندو ھيو. ھر مھيني امان جا پئسا الڳ موڪليندو ھيو. اسانجي ڀيڻ حجوءَ غريب گهر ۾ ھئي جيڪا سندس عيوضي ۾ پرڻائي ڏني ويئي ھئي ان ڏي الڳ پئسا موڪليندو ھيو. ھڪ وقت کيس اھا شڪايت بہ رھي تہ پاڻ سڀني جي مدد ڪيائين ليڪن سندس اولاد جي واھر ڪنھن نہ ڪئي. اسانجي وڏي ڀيڻ ڪزيءَ حڪيم غلام قادر وٽ پرڻجي ويئي، ٻي ڀيڻ زبيءَ پڻ حڪيم غلام قادر جي ڀاءُ غلام عباس جي گهر پرڻجي وئي. زبيءَ جي شادي مونکي ياد آھي. زبيءَ بلڪل ھڪ گڏي جھڙي ھئي ننڍڙي ننڍڙي سھڻي سھڻي، ننڍڙا سھڻا پدم پير ھيس جڏھن تہ سندس مڙس غلام عباس قدآور ھيو. مونکي انھي شادي ۾ ڪا خوشي نہ ٿي. ننڍڙي گڏڙي زبيءَ جو رشتو وري ڊگهي ماڻھو سان. شايد انجو ڪارڻ منھنجي من ۾ اھو ھيو تہ آءُ زبي کي گهران وڃڻ ڏيڻ نہ پئي چاھيو. حجوءَ اسان جي ٽيون نمبر وڏي ڀيڻ ھئي انھي سان منھنجي خاص لڳندي ھئي. شادي کان اڳ ھو بلا جي طاقت رکندڙ عورت ھئي. ڪڻڪ جي ٻوري ھجي يا چانورن جو ڪٽو ھو مرد ماڻھو کي ٻانھن ڏئي اڇل ڪري کڻائيندي ھئي. سندس شادي سوٽ عبدالحڪيم سان ٿي جيڪو پوليس ۾ نوڪري ڪندو ھيو. نوڪري ۾ غفلت ۽ لاپرواھي سبب سندس نوڪري ھلي وئي ۽ گذريل سال ڦڦڙن جي ڪينسر وگهي فوت ٿي ويو. اسان جي انھي ڀيڻ شايد ئي ڪڏھن سُکيو ڏينھن ڏٺو ھجي. منھجي ابتن پرڪارن کي سڌو ڪرڻ لاءِ 18 نومبر 1979ع ۾ زوري شادي ڪئي ويئي جنھن ۾ مک ڪردار منھنجي وڏي سوٽ غلام قادر ادا ڪيو. نڪاح واري وقت آءُ گهران ڀڄي ويس ليڪن مونکي موچڙا ھڻي نڪاح پڙھايو ويو. شادي نہ ڪرڻ جو مقصد ڪو پسند ناپسند جو معاملو نہ ھيو بلڪہ مون گذريل سال جي جيل ياترا کانپوءِ فيصلو ڪري ڇڏيو ھيو تہ ھاڻي انقلاب ئي منھنجي زندگي جو مقصد آھي. منھنجي شادي تہ ٿي وئي ليڪن گهوٽ ڪنوار لاءِ گهر ۾ الڳ ڪمرو نہ ھيو. بابا کي اھا ڳالھ دير سان سمجهہ ۾ آئي ۽ اسانجي گهر جي سامھون ميدان تي مال جي ڪوٺي ٺھيل ھئي انکي گاروگپ ڪري ڪمرو ڪيو ويو جنھن ۾ آءُ رھيس. شادي کانپوءِ آءُ ستواڙي لاءِ ساھرن ڏانھ دولتاڻي ويس. دولتاڻِي وڃڻ لاءِ خانپور کانپوءِ اسڪوٽر يا سائيڪل تي وڃڻُو پوندو ھيو. انڪري جوھي کان دادو ويندي ڪرائي جي سائيڪل بس تي رکيدادو کان خانپور کڻي ويس. خانپور کان وايا مٺو ڳوٺ سائيڪل ذريعي آءُ دولتاڻي پھتس. مونکي سائيڪل چڱي طرح ھلائڻ ڪونہ ايندي ھئي. آءُ ڊڪي ڊڪي سائيڪل تي چڙھندو ھيس. ائين آمنہ کي پويان ويھاري اھا مشق ڪندي سائيڪل ھلايم ڪافي دفعا سائيڪل تي ڌڪو بہ آيو ۽ مٺو ڳوٺ مائٽن وٽ پڙاءُ ڪرڻ کانپوءِ نيٺ دولتاڻي پھتس. منھنجي ساھرن وٽ بہ رھڻ لاءِ ھڪ وڏو ميگا سائيز ڪمرو ھيو انڪري اسان کي اڪيلائي ڏيڻ لاءِ ڳاين جو واڙي ۾ ھنڌ ڏنو ويو. ان رات ڀاڻي ۾ ٻڌل ڳئون جو گابو ساري رات منھنجو پيرپنھنجي ماءُ جو ٿڻ سمجهي چوسيندو رھيو. منھنجا ساھرا مالوند ماڻھو ھيا. جام خدمت چاڪري سان گڏ رات جو سمھڻ وقت منھجي سس جيڪا رشتي ۾ منھنجي سوٽ ٿئي روزانہ پنج ڪلو کير جي ساڙھي ڀري کٽ ھيٺان رکي ويندي ھئي ۽ کلندي چوندي ھئي تہ سڄو کير پي وڃان. انھي کير پيئڻ جي نتيجي ۾ جيترا ڏينھن آءُ ساھرن وٽ رھيس صبح جو مون وارو ٽورو مکڻ جي ڏک پيو ڏيندو ھيو. منھنجي شادي کان اڳ منھنجون ٽي ڀيڻيون پرڻيون ۽ جڏھن تہ منھنجي شادي سان گڏ منھنجي ننڍي ڀيڻ زليخان جي ادلي بدلي ۾ منھنجي سالي سرور سان شادي بہ ٿي. منھجو سھرو ۽ سالا ڊکاڻڪو ڪم ڪرڻ سان گڏ نڪاح ۽ جنازي نماز پڙھائڻ ڪري ڳوٺ ۾ ملان سڏيا ويندا ھيا. اسانجي شادي کان ٿورو عرصو پوءِ منھنجو سھرو ملان آندل بہ ڳوٺ ڇڏي اچي اسان جي ڳوٺ ۾ رھيو.

بابو حاجي ﷲ بخش ڊکڻ

جڏھن منھنجو ٻاروتڻ ھيو تہ بابو ڪرڙ وڍ ھيو ۽ کيس ڏاڙھي ۾ اڇا پئجي ويا ھيا. پاڙي سميت جوھي ۾ حاجي ﷲ بخش ھڪ ڪامياب واپاري ۽ معتبر ماڻھو طور سڃاتو ويندو ھيو. بابو چوندو ھيو تہ آءُ ڇٺي جو ڇورو آھيان. بابا جي والد واليڏني جي وفات کانپوءِ اسانجي ڏاڏي صابي جي شادي بيگي ديري ۾ صفر ڊکڻ سان ٿي ويئي جڏھن تہ بابو ڪمال خان لڳ ڳوٺ پيرل شاھ ۾ پنھنجي مامي ڪريم بخش عرف ڪرمون وٽ رھيو ۽ جوان ٿيو. بابا ڊکاڻڪي ڪم جو ماھر۽ محنتي ھيو. انھي محنت مان ھڪ اٺ بہ ورتائين جنھن جي ڳچي ۾ پيل چڙي ۾ ڪجهہ حصو سون جو جڙيل ھوندو ھيو. اھا ڳالھ اڪثر امان ڪندي ھئي. جڏھن 1942ع واري ڪاري ٻوڏ آئي تہ بابا پنھنجي مامي سميت پنھنجي مامي دينو جيڪو دراصل امان جو مامون ھو وٽ ڪاڇي جي ڳوٺ بري لڏي ويو جتان جڏھن واپس ٿيا تہ ڪمال خان وڃڻ بدران پنھنجي مامي، پنھنجي ڀيڻيوي رسوليءَ ڊکڻ، انجي ناٺي الھرکئي، امان جي مامي الھڏني سميت اچي ڳوٺ ابراھيم رند ۾ رھيو جتي 1953ع ۾ سندس ڀاءُ خدابخش بہ اچي رھيو جنھن کي پنج جوان پٽ ھيا. بابا امان راڄل کي مون کان اڳ ٽي ڌيئر ڪزي، زبي ۽ حجو ھيون ۽ مونکان وڏا ڀاءُ واليڏنو ۽ غلام محمد ھيا. مونکان پوءِ امان کي ھڪ ڌي زليخان ۽ ٻہ پٽ عزيز ۽ غفور پڻ ٿيا. بابي نہ صرف پنھنجي ڀاءُ کي پنھنجو ڪاروبار شھر ۾ ڪرڻ تي ھٿ ونڊايو بلڪہ ھن مامي جي پٽ عثمان کي پڻ جوھي ۾ سيٽ ٿيڻ ۾ مدد ڪئي جنھن سان تہ ھن جو خاص شغف ھيو. ان کي بس وٺي ڏنائين جيڪا پنھنجي ٻاروتڻ ۾ کريل حالت ۾ اسانجي گهرن جي اوڀر ۾ محمد خان سرائي جي پلاٽ تي ڪيترو عرصو بيٺل ھئي. انکانپوءِ عثمان شھر ۾ ريزڪي جو دوڪان کوليو. بابي وڏي عمر ۾ شادي ڪئي منھنجي امان بابا کان گهڻي ننڍي ھئي. کيس اولاد ڪونہ ٿيندو ھيو. نيٺ کيس پٽ ڄائو جنھنجو نالو غلام علي رکيائون ليڪن ڪجهہ عرصي بعد اھو بيمار ٿي پيو سندس ڳوٺاڻي حساب سان علاج ڪرايو ويو ليڪن بچي نہ سگهيو جنھن جي لاءِ بابا روئندي روئندي نور وڃائي ويٺو. ان دوران بابا حج بہ ڪري آيو. بابا بري مان واپس اچڻ کانپوءِ ڪپڙي جو واپار شروع ڪيو، ھو انڌو منڊو سنڌي پڙھيل ھيو ۽ کيس لکڻ پڙھڻ گهٽ ايندو ھيو سندس ڪپڙي جوسمورو ڪاروبار يادگيري ۽ سٺي ڪارپت تي ھلندو ھيو. کنڌي جي لکپڙھ واري بندي تي لکيل اکر ماڪوڙن جي ٽنگن جھڙا ھوندا ھيا. بابي جا گراھڪ اڪثر ھاري ناري ھوندا ھيا جن ۾ ڇنڊڻ جي اوڀر ۾ رھندڙ نونر جا لنڊ، الھداد فقير جا لغاري، ڪمال خان جا لنڊ ۽ ڇنڊڻ جا ملاح، حاجي ڀلاري جا چنا شامل ھوندا ھئا. حاجي ڀلاري جو اڪ چنو، ڪمال خان جو گل حسن لنڊ، کبڙ ميربحر، ڪرم خان لنڊ، جعفر خان جا نالا مونکي اڄ بہ ياد آھن جيڪي پنھنجن عورتن سميت دوڪان تي اچي ويھندا ھيا، خريداري بہ ھلندي ھئي تہ گهران آندل ماني بہ کائبي ھئي. ان وقت دوڪان جو ڪاروبار بہ فصل ۽ ڪاڇو آباد ٿيڻ تي ٿيندو ھيو. سندس گراھڪ فصل لھڻ تي ڪنھن شادي مرادي تي ڪپڙو خريد ڪرڻ ايندا ھيا. پراڻو کنڌو لھرائي نئون قرض کڻي ويندا ھيا. انھي وقت ۾ بابي جي دوڪان ۾ ھڪ لک جو سامان پيل ھيو. بقول بابا جي ايترو سامان جوھي جي ڪنھن دوڪاندار وٽ ڪونہ ھوندو ھيو. بابو جڏھن بہ ڪپڙو خريد ڪرڻ ويندو ھيو تہ سکر ويندو ھيو. ھو پنھنجا پئسا ڪپڙن جي اندران ھڪ ڳوٿري ۾ رکندو ھيو جنھن کي ھو بجڪي چوندو ھيو. اھا بجڪي چيلھ سان ٻڌل ھوندي ھئي. بابا پنھنجي وڏي پٽ واليڏني کي عالم بڻايو ۽ سندس دستاربندي تي ڳوٺ جي مسجد ۾ وڏي خيرات ڪئي. جنھن ۾ ڊگه بالا مان مولوي عبدالقادر سرھيو کي گهرايائين جنھن مسجد ۾ زوردار واعظ پڻ ڪيو. بابي جو وڏو پٽ دادلو بہ ھيو. دستاربندي کانپوءِ ڪپڙي جو دوڪان سندس حوالي ڪيائين. بابو چوندو ھيو تہ سندس ڪپڙي جو دوڪان اھڙو آھي جيڪو کپائڻ سان ڪونہ کٽندو. ليڪن بابي جي واپار گيري ۽ ادا جي مزاج ۾ ڏينھن رات جو فرق ھيو ٿوري ئي عرصي ۾ ادا جي ھٿن ۾ آيل دوڪان وڃي ترو ورتو. بابا ھڪ دفعو وري دوڪان کي سنڀاليو ۽ معاملا ٺيڪ ڪري پٽ جي حوالي ڪيا. ليڪن نتيجو ساڳيو ئي نڪتو. دوڪان ھڪ دفعو وري پوئتي پوندو ويو. بابو جڏھن بہ ڪاوڙبوھيو ڳوٺ جي ٻاھران اتر ۾ پٽ تي وڃي سمھندو ھيو سو سلسلو اڳي جي ڀيٽ ۾ گهڻو وڌندو پئي ويو. بابا ادا کي گهٽ وڌ ڳالھائڻ شروع ڪيو. ادا پڪن خيالن يعني وھابي مسلڪ جو ماڻھو ھيو جيڪو بہ اھل سنت جو روايتي مسلڪ رکندڙ بابا کي ڪونہ وڻيو ۽ کيس ”وھابي“ ۽” ڀيٽُو“ جھڙن لفظن سان سڏڻ شروع ڪيائين. ائين ھڪ ڏينھن ڪاوڙجي بابا گهر کان گم ٿي ويو، گهڻي ڳولا ٿي ليڪن بابا جو ڪو ڏس ئي نہ مليو ڪجهہ مھينن کانپوءِ ھڪ ڏينھن خبر پئي تہ بابا دبئي جي ڪنھن اسپتال ۾ داخل آھي، اھا خبر بہ پئي تہ جنھن لانچ ۾ بابا دبئي پئي ويو ان جو حادثو ٿيو ۽ کيس زخمي حالت ۾ دبئي ۾ نيو ويو جتي کيس ھڪ ڏينھن جوھي واسي بکر ٿھيم مليو جنھن سندس مالڪي ڪئي. ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ سردي جي سخت سيءُ ۾ بابا اچي ڳوٺ جي ٻاھران سھڙيو. سڀ کيس چنبڙي پياسين. بابا کي سڄي مٿي ۾ جابجا ٽاڪا لڳل ھيا. بابي جي پنھنجي ٻچڙن ۾ واپسي کيس ڦيھي وڌو ۽ سندس اکين مان ڳوڙھن جا نار وھي ھليا. ڪپڙي جي دوڪان جو حال پورو ٿي چڪو ھيو. بابا حاجي دائود رند کان مسواڙ تي دوڪان وٺي ڏاري چوني ڪٽي جو ڌنڌو شروع ڪيو تہ سندس محنت سان وري ڌنڌو ھلڻ شروع ٿي ويو ۽ اسان جي گهر ۾ ڪجهہ ساھ پيو. بابا لڪائي لڪائي مونکي ڏوڪڙ پيو ڏيندو ھيو. ستين درجي تائين تہ آءُ بابا جو سلڇڻو سٻاجهڙو۽ صدورو پٽ ھيس ليڪن اٺين درجي ۾ پھچڻ سان پھرين ڪمال الدين کوسو، ڪلاس ۾ اسماعيل کوسو ۽ اڪبر جسڪاڻي، شريف ٿھيم سان ملڻ کانپوءِ آءُ سياست جي ڪنڊن جي راھ تي ھلي پيس جيڪو بابا کي ڏاڍو برو لڳو. بابا مونکي ڊاڪٽر ڏسڻ پئي چاھيو ليڪن 1978ع ۾ شيرين سومرو واري واقعي ۾ احتجاج دوران آءُ پڪڙجي پيس مونکي ھڪ سال سزا لڳي. بابا مون سان دادو ڊسٽرڪٽ جيل ۾ ملڻ آيو. جيل جي سيخن کي پڪڙي بابا روئي ڏنو، سندس اڇي ڏاڙھي ڳوڙھن ۾ تر ٿي ويئي. ھن ڪجهہ نہ ڪڇيو ليڪن جيل جي سيخن جي ٻئي پاسي مون سندس چھرو پڙھي ورتو ھيو جنھن ۾ اھو نياپو ھيو تہ بابا تون ڪھڙي رستي تي ھليو ويو آھين. آءُ واقعي ھڪ ٻئي رستي تي ھلي پيس. شايد آءُ ڇھين ڪلاس ۾ پڙھندو ھيس تہ ھڪ لڱا آءُ بيمار ٿي پيس. بخار جو علاج ٿيو سو تہ ٺيڪ ٿي ويو ليڪن مونکي رت جا جلاب ٿيا جن ختم ٿيڻ جونالو ئي نہ پئي ورتو مان ڳري ڪنڊا ٿي ويس. مونکي منھنجو وڏو ڀاءُ ۽ سوٽ غلام نبي ڳوٺ کان جوھي سائيڪل تي وٺيون پئي ويا تہ جيئن دادو مان علاج ڪرائجي. ڳوٺ ۽ جوھي جي اڌ پنڌ تي جتي ھاڻي رمضان رند جي کري آھي وٽ بابا اسان کي مليو. مان سائيڪل تي اڳيان ويٺل ھيس. اھو ھمت وارو ماڻھو جنھن يتيمي ڏٺي، پيءُ ماءُ جو پيار ڪونہ ڏٺو، ڪنھن سندس ڳل نہ چميا، ڪنھن سان ھن انگل نہ ڪيو، سو بيوسي جي تصوير بڻجي منھجي سامھون بيٺل ھيو. اڳتي وڌي ڳراٽڙي پائي روئي ڏنائين. ان ڏينھن وارو احساس مونکي سدائين تنگ ڪندو رھيو تہ شايد مان صرف بابي جو ئي پيارو ھيس. مون مئٽرڪ جو امتحان ڏنو، رزلٽ ۾ منھنجو فرسٽ ڪلاس آيو تہ بابا ڏاڍو خوش ٿيو انھي موقعي تي منھنجي سوٽ غلام قادر بابا کي چيو تہ خرچ ڪري بہ ھن کي پڙھائجائين. بابا مونکي پڙھايو، گهر ۾ امان جي سون جي دُھري پيل ھئي ۽ بابا جي ملڪيت ۾ دوڪان بچيل ھيو. بابا چيو اھو ڪير نہ کپائي، حميد پڙھندو اھو انھي جي خرچ لاءِ آھي. منھنجي ميڊيڪل ۾ داخلا ٿي تہ ڏاڍو خوش ٿيو سندس خواھش ھئي تہ آءُ سوٽ پائي سندس سامھون اچان. آءُ وري سوٽ پائڻ کان لھرائيندو ھيس. بابا کي آخر ۾ مثاني جي غدود وڌڻ جو مرض ٿيو جنھنجو علاج بہ ٿيو ليڪن اسانجي گهر جا مالي حالات تنھن وقت تمام مخدوش ھيا. گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهہ ڪونہ ھيو. بيماري دوران سندس ٽھل ٽڪور ۾ سندس بي چيو، ضدي پٽ غلام محمد جنھن تي ھو سدائين ناراض ھوندو ھو، ساڻس گڏ ھوندو ھيو ليڪن انھي مرض جي پيچيدگين ۾ جون 1982ع ۾ ڏينھن فوت ٿي ويو. غسل کان پوءِ جڏھن جنازي پيل کٽ کڻڻ جو وارو آيو تہ مون چيو مان پھريون ڪلھو ڏيندم. سڀ پري ھٽي ويا. مون سوچيو تہ بابا بيمار ھيو فوت ٿي ويو سڀني کي ھلڻو آھي ائين بابا بہ پنھجو وقت پورو ڪري وڃي رھيو آھي. ليڪن پوءِ الائي ڇا ٿيو مون کٽ ۾ ھٿ وجهي مٿي ڪيو تہ کٽ نہ کڄي سگهي، مونکان اوڇنگاريون نڪري ويون ۽ کٽ کي کڻي پٽ تي رکيم. بابا جي موت منھجي زندگي جو گهاءُ بڻجي پوءِ چڪندو ئي رھيو ۽ مان انھي مرم ۾ زندگي گذاري تہ بابا جنھن مونکي ھڪ ڪامياب ۽ وڏو شخص ڏسڻ پئي چاھيو انکي آءُ سندس زنددگي ۾ ڪا بہ خوشي نہ ڏيئي سگهيس

جوهي جي شاهي بازار

مان جڏھن پرائمري ۾ پڙھندو ھيس تہ جوھي جي شاھي بازار ڏٺم جنھن ۾ منھنجي بابا جو ڪپڙي جو دوڪان ھيو. جوھي جي ان وقت جي شاھي بازار اسڪول جي اوڀر ۾ نڪرندڙ رستي وٽ پراڻي کوھ وٽ شروع ٿيندي ھئي. انھي رستي تي اتر پاسي بشارت پنجابي جو گهر ۽ ڏکڻ ۾ ورھاڱي کان اڳ واري کوھ جي ڏکڻ ۾ سومرن جا گهر ھيا. بازر جي مھڙ ۾ غلام رسول سمي جي پيءُ جو سيڌي جو دوڪان جڏھن تہ اتر واري گهٽِي جي مھڙ ۾ ميرمحمد رند ۽ بابا جا ڪپڙي جو دوڪان ھيا. 1967ع ۾ جوھي ۾ بجلي آئي تہ پراڻي بازار ڦٽڻ شروع ٿي ۽ گهڻا دوڪان شھر جي مُک چوڪ ڏانھن اوڀر طرف شفٽ ٿيندا پئي ويا جيڏاھن بابا جو نئون دڪان شفٽ پئي ٿيو. بخاري جي درگاھ واري موڙ وٽ بازر ڏکڻ طرف مڙندي ھئي جتي ھڪ طرف سلطان پنجابي ۽ سندس پٽ رشيد ريڊيا ٺاھيندا ھيا. بازر جي اولھ پاسي ڊاڪٽر سليم جو دواخانو ھوندو ھيو، سليم ھوميو پئٿي جون دوائون رکندو ھيو جيڪي مٺيون ھونديون ھيون. سندس چوڻ مطابق اھو علاج سائنسي آھي جنھن جو مرڪز جرمني ۾ آھي. سليم ۽ سندس ڀاءَ جوھي ۾ ڪافي عرصو ھوميو پئٿي علاج جو ڪم ڪيو جڏھن تہ سليم جو پٽ ڪليم ﷲ پوليس ۾ ڀرتي ٿيو. سليم جي دوڪان ڀرسان شھر لڳ اولھ ۾ رھندڙ سوڀي روستماڻي جو ڪپڙي جو دوڪان ھيو، کيس الاھي بخش، غلام حيدر ۽ شوڪت نالي پٽ ھيا جن مان غلام حيدر روستماڻي سياسي سوجه بوجه رکندڙ ھيو جيڪو ڀٽي حُڪومت جي وقت ۾ چاڪنگ ڪرڻ جي ڏوھ ۾ اڪبر جسڪاڻي، شريف ٿھيم ۽ لياقت جهتيال سان گرفتار ٿي جيل بہ ويو، بعد ۾ ڪراچي شفٽ ٿيو ۽ اڳتي ھلي اسٽيٽ بئنڪ ۾ آفيسر جي عھدي تان رٽائر ٿيو. بازر ۾ برڪت پنجابي جلد ساز جو دوڪان ھيو. برڪت جلد ساز زبردست جلد ٻڌندو ھيو جنھن جي جُلد ٻڌڻ جي طريقي کي غور سان ڏسي آءُ بہ ڪتابن جو جلد ٻڌڻ شروع ٿيس. اتان جوھي جي شاھي بازر اتر کان ڏکڻ طرف مندر ڏانھن نڪري ويندي ھئي. انھي مندر کي ھاڻي قُبي سڏجي ٿو. جڏھن تہ اوڀر طرف مک بازر ڏانھن مڙندي موڙ ۾ ڪنڊ تي رسول بخش ميمڻ عرف ”رسُولي چاڪي“ جو گهاڻو ھوندو ھيو جنھن تي سندس گهر واري بصران پڻ ڪم ڪندي ھئي. ٻنھي کي دم جو عارضو ھيو ۽ ڪنھن وقت تہ ٻنھي جودم جي عارضي سبب ھُلو پيولڳندو ھيو. رسولي کي ٻہ پٽ محرم ۽ اصغر بہ ھيا جن مان محرم محنت ڪري شھر جو وڏو واپاري ٿي سيٺ محرم سڏجڻ لڳو. محرم چاڪي اڪبر جسڪاڻي جو يار ھوندو ھيو ۽ بازر ۾ ٻنھي ۾ نوڪ جهونڪ پئي ھلندي ھئي. رسولي چاڪي جي ھڪ نياڻي ممتاز ميمڻ جوھي جي سياست ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو. بازر ۾ ميرمحمد رند، جعفر خان لنڊ، يعقوب پٺاڻ، طوطو خان پٺاڻ، جلال پٺاڻ ۽ نورمحمد پٺاڻ جا ڪپڙي جا دوڪان ھوندا ھيا. طوطو پٺاڻ روايتي پٺاڻ لباس ءُ پٽڪي ۾ بازر ۾ گهمندو رھندو ھيو ۽ منھنجي حرڪتن تي، ھٿ طوطي وانگي ڪندي کل ڀوڳ ڪندو ھيو. يعقوب پٺاڻ پنھنجي دڪان تي سائي جي مرض جو علاج پڻ ڪندو ھيو. انھي علاج دوران مريض کي ڳچي ۾ ڪچو بصر ضرور ٻڌندو ھيو. اھو بصر ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ ڦڪو ٿيڻ شروع ٿئي تہ اھا سائي جي مرض ۾ بھتري جي نشاني سمجهبي ھئي. ڪنھن وقت تہ يعقوب پٺاڻ جو ڪپڙي جو دڪان يوناني شفاخانو لڳندو ھيو. بازر جي وچ۾ ڏکڻ واري ٻانھين تي مٿي ھڪ جڳھ ھوندي ھئي جيڪا شريف ٿھيم ڪرائي تي ورتي ھئي جتي نہ صرف سياسي ڪچھريون ٿينديون ھيون بلڪہ ادبي سنگت جون گڏجاڻيون پڻ ٿينديون ھيون. سال 1982 ۾ جڏھن جوھي نوجوان تنظيم ٺھي تہ اھا بيٺڪ جوھي نوجوان تنظيم جي استعمال ھيٺ رھي. انھي بيٺڪ تي ٻاھران ايندڙ سياسي سنگت سميت حسن روستماڻي، ڦوٽو روستماڻي، خدابخش پنھور سان اڪبر جسڪاڻي ۽ شريف ٿھيم جا وڏا ڪچھرا، ڇتا بحث مباحثا ٿيندا ھيا. شريف ٿھيم جي گهران ايندڙ سوادي ماني جو پڻ مھمانن سميت اسان سڀ سنگتي مزو وٺندا ھئاسين. انھي بيٺڪ جي سامھون ھيٺ ٻيڙيون ٻڌڻ وارن مزدورن جو ڀانڊو ھوندو ھيو جنھن ۾ عوامي تحريڪ جو رمضان گوپانگ ويھندو ھيو، جتي ميرڻ کوسو، پنھل کوسو، نقاد ٿھيم، وفا برھماڻي سميت ڪافي مزدور ويھندا ھيا جتي سياست سميت شعر شاعري تي پڻ طبع آزمائي ٿيندي ھئي. شريف، اڪبر سميت ڪافي دوست اتي ويندا رھندا ھيا ۽ سياست تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحث پيا ٿيندا ھيا. شاھي بازر ۾ جاڙي خان رند ۽ ڪرم دين رند جا ڪپڙي جا دوڪان پڻ ھيا. ھي ٻيئي ڳوٺ بچل رند جا رھواسي ھيا. جاڙي کي جبار ۽ عرفان نالي پٽ ھيا جڏھن تہ ڪرم دين رند کي ھڪ پٽ سڪندر نالي پڻ ھيو جيڪو والي بال جو زبردست رانديگر ھيو ۽ کيس پنجاب جي والي بال رانديگر فلڪ شير جي نالي سان سڏيندا ھيا. جڏھن والي بال راند کي زوال آيو تہ سڪندر رند کي ڪڪڙ پالڻ ۽ ويڙھائڻ جو شوق ٿيو جنھنجي ڪري بعد ۾ کيس سڪندر ڪوڪڙي سڏيو ويندو ھيو. سڪندر رند شوق جي ھڪ شادي شيخن مان ڪئي جنھن مان ڄڻيل پنھنجي نياڻين کي بھتر تعليم ڏياريائين بلڪہ سندس ٻہ پٽ وڪيل بہ ٿيا جن ۾ اياز رند دادو جو ناليوارو وڪيل ٿيو. بابا جي دوڪان سامھون نوري پٺاڻ جي پٽ سان منھنجون جام کشٽون ٿينديون ھيون. مان ولي خان کي گهٽ وڌ ڳالھائيندو ھيس ۽ ھو ڀٽِي کي ڊز گارين جا چاڙھيندو ھيو. ھن سان گڏ ماني بہ کائيندو ھيس. پٺاڻ پنھنجي ڀاڄي کي ”سالن“ چوندا ھيا جنھن ۾ لوڻ ۽ مرچ گهٽ ۽ بصر جام ھوندا ھيا. گوشت ھجي يا سبزي سڀني ڀاڄين جو ذائقو ھڪجهہڙو ھوندو ھيو. بازر جي ڏاکڻي پاسي جمع ڪوري جو سلائي مشين جو سندل لڳل ھيو جتي ايندڙ ويندڙ ماڻھو لاءِ پاڻي جي سبيل لاءِ مٽ رکيل ھوندا ھئا. گرمي، ڪاڙھو، سيارو اونھارو آيو ويو جمع ڪوري جي سبيل وارا پاڻي جا مٽ ڀريل ھوندا ھيا جنکي ڪپڙي جو اڇو تھ ڏنل ھوندو ھيو. جمع ڪوري وٽ پپو نالي ڇوڪرو پڻ سلائي جو ڪم ڪندو ھيو جنھن کي سڏڻ لاءِ جمعو ڪوري عجيب آواز واري سيٽي وڄائيندو ھيو ۽ پپو اچي حاضر ٿيندو ھيو. جمع ڪوري جو سلائي مشين وارو سندل سدائين آباد ھوندو ھيو. پپو کي سڄي شھر جا ماڻھو پپو پپو چئي چيڙائيندا ھيا ۽ ھي موٽ ۾ چرچي ڪرڻ واري جي پيءَ جو نالو وٺي گار ڪڍندو ھيو. اسانجي ڳوٺائي حاجي ميرمحمد رند جي پٽ صديق رند جو ٽيلر ماسٽر جو دوڪان ھيو. ھو اسان سان گڏ منجهند جي ماني کائيندو ھيو. جڏھن ڏسندو ھيو تہ ڀاڄي گهٽ آھي تہ ان ۾ ٿڪ اڇلائيندو ھيو ۽ پوءِ ڀاڄي پاڻ ويھي کائيندو ھيو. بابا جي دوڪان تي سامھون پٽ تي شفيع پنجابي جو موچڪو دوڪان ھيو. جوھي جي وچ بازر ۾ شفيع موچي انوکو ڪردار ھيو. شفيع جوتن جي مرمت ڪندو ھيو ۽ آرڊر تي چمڙي جي جتي پڻ ٺاھي ڏيندو ھيو. ڏاڍو کلمک شريف ماڻھو ھيو. وٽس گراھڪ جوتو ٺھرائڻو ايندو ھيو تہ جواب ۾ چوندو ھيو”سر سلامت ھجي باقي جوتا کوڙ“. ھنجي دوڪان تي گهران ماني سندس نياڻيون کڻي اينديون ھيون جن ۾ ھڪ کي ”پنو“ نالي سان سڏيندو ھيو. سندس پٽ محمد علي ھيو جنھن کي ھو ۽ سندس مائٽ ”کُڙدو“ ڪري سڏيندا ھيا جيڪو اڳتي ھلي جوھي شھر جو سٺو ٽيلر ماسٽر ٿيو. شفيع پنجابي جو ھڪ ڀاءُ بشير پڻ ٽيلر ماسٽر ھيو جيڪو اڪثر ڪوٽ ۽ فيشن وارا ڪپڙا ٺاھيندو ھيو. گهڻو عرصو سعودي عرب ۾ رھيو. بشير پڪن خيالن جو ديوبندي ھيو. منھنجي ڀاءُ مولوي واليڏني جي ساڻس گهاٽي ياري ھئي. جنھن جي صحبت ۾ پڻ پڪن خيالن وارو ٿي ويو جيڪا ڳالھ بابا کي بلڪل پسند نہ ھئي. ان وقت جوھي ۾ ڪپڙي جي دوڪانن تي درزي پڻ ويھندا ھيا. منھنجي بابا جي دوڪان تي ٽي درزي ويٺا جن ۾ غلام قادر پنھور چرچائي ڀوڳائي ھيو ۽ مٺ تي سگريٽ پيئندو ھيو مٿي تي سعودي وارو رومال ٻڌندو ھيو. پنھنجي ننڍي ڀاءُ غلام مصطفي کي پڙھائي انجنيئر ڪيائين جيڪو اڳتي ھلي واپڊا ۾ وڏو آفيسر پڻ ٿيو. ٻيو درزي بشير غوري ھيو جيڪو ڏاڍو سوجه بوجه وارو ماڻھو ھيو چوندو ھيو تہ ھندو مذھب ناھي بلڪہ ھندوستان جي شھرين کي ھندو سڏبو آھي. پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ سندس وڏا جوھي لڏي آيا. بشير درزي وٽ ئي مون قميص کي ڪاج بٽڻ ڪرڻ سکيا. سندس ننڍو ڀاءُ نذير ڇولا وڪڻندو ھيو. ٻنھي ڀائرن جو اولاد پڙھي نوڪرين ۾ پڻ آيو. بشير سندس ڀاءُ ۽ سندن اولاد پڻ صاف سنڌي ڳالھائيندا ھيا. بابا جي دوڪان تي ھڪ درزي قائم سولنگي پڻ ويٺو. سندس پٽ پوليس ۾ ڀرتي ٿيو ليڪن سندس مائٽن سان ھميشہ ڦڏا رھندا ھيا. اسانجي دوڪان جي اوڀر ۾ طفيل حلوائي جو گهر ھيو جنھن جي سامھون سندس پٽ ۽ پوٽو گامي پنجابي دوڪان تي ويھندا ھئا. گامي مونسان گڏ پرائيمري ۽ ھاءِ اسڪول ۾ پڙھيو. جڏھن بہ دوڪان تي ويھندو ھيو مونکي سڏي مٺائي جي ٽڪي ۽ لڏون کارائيندو ھيو. طفيل پنجابي جي مٺائي جوھي شھر ۾ مشھور ھوندي ھئي. ڪچڙي منجهند جو جڏھن گامي مٺائي جو ٿالھ کڻي دوڪان تي وڃڻ لاءِ گذرندو ھيو تہ پوري بازر مٺائي سان واسجي ويندي ھئي. اتي ئي علي محمد رند جو ڪپڙي جو دوڪان ھيو. سندس ھڪ پٽ عثمان مون سان گڏ پڙھيو. سندس وڏي پٽ حاجي اڪبر رند محنت ڪري خوب ترقي ڪئي. ھن ڪپڙي جي واپار سميت زمينون مقاطعي تي کنيون ۽ ماڻھن کي عمري تي موڪلڻ واري ڪرت پڻ ڪيائين. پنھنجي پيءَ جي وفات کانپوءِ حاجي اڪبر رند بابا جي دوڪان جي سامھون وڏو دڪان ورتو جنھن کي خوب سينگاريائين. انھي دڪان تي اڪثر ٻہ جاڙا ڀائرقائم ۽ شام پنجابي ويٺل ھوندا ھيا جيڪي اڪبر کي ڪم ڪار ۾ ھٿ ونڊائيندا ھيا. دڪان تي ٻن ۾ ھڪ ھوندوئي ھوندو ھيو. ھي ٻيئي مھاجر ھيا ليڪن حيرت انگيز طور بھترين سنڌي ڳالھائيندا ھيا. انھي دڪان تي اڪبر جو دوست غلام علي ٻٻر فوجي بہ ويٺل ھوندو ھيو. جڏھن بہ موڪل تي ڳوٺ ايندو ھيو روز صبح جو اڪبر جي دڪان تي ويٺل نظر ايندو ھيو. حاجي اڪبر رند جي منھنجي ڀاءُ سميت اسان سڀني ڀائرن سان ويجهڙائي رھي. سندس ھڪ پٽ سھيل جواني ۾ خود ڪشي ڪئي جنھنجو سور کيس ساري عمر کائيندو رھيو. کيس ٽي ٻيا پٽ بہ ھيا جن ۾ جاويد سعودي عرب ۾ انجنيئر جي نوڪري ڪئي، حفيظ ڪپڙي جو دڪان سنڀاليو جڏھن تہ فرحان ٻني ٻارو سنڀاليو. حاجي علي محمد جي دوڪان سان گڏ محمد رند جو دوڪان بہ ھيو. محمد جو پٽ اڪبر مون سان گڏ مئٽرڪ تائين پڙھيو جڏھن تہ سندس ھڪ پٽ اصغر رند جيالو ٿيو. طفيل حلوائي جي دڪان آڏو ھر اونھاري ۾ چاچي ھاشم ڪاسائي جو ٿاڌل جو سندل لڳندو ھيو. ماڻھو سيڙھجي ھاشم جي ٿاڌل پيئڻ ايندا ھيا. شديد گرمي ۾ سمورا دوڪاندار اتان ٿاڌل گهرائي پيئندا ھيا. چاچي ھاشم کي ننڍو ڀاءُ ھوندو ھيو جنھن کي سڀ ”منڊو“ ڪري سڏيندا ھيا. سندل کان گراھڪ تائين ٿاڌل اھو منڊو پھچائيندو ھيو. چاچي ھاشم کي ٻہ پٽ غلام قادر ۽ غلام نبي ھوندا ھيا. غلام قادر جوھي جو برجستو سياسي ڪارڪن ھيو. ھو ڪافي دفعا جيل بہ ويو. 1978ع ۾ شيرين سومرو ڪيس ۾ گرفتار ٿي سزا کائڻ وارن ۾ غلام قادر ٿھيم بہ شامل ھيو. جڏھن 1988ع ۾ بينظير ڀٽو وزير اعظم ٿي تہ نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ لاءِ پليسمينٽ بيورو قائم ڪيائين تہ غلام قادر بہ بئنڪ آفيسر ٿيو. چاچي ھاشم جي سندل سامھون استاد صالح گوپانگ ريڊين جو مستري بہ اچي ويٺو جنھن وٽ منھنجو ڀاءُ غلام محمد بہ ڪجهہ ڏينھن ريڊيا ٺاھڻ جو ڪم سکيو. استاد صالح جي دوڪان تي الھرکيو ۽ شيرل گوپانگ پڻ ويھندا ھيا جن کي آکاڻين جا ڪتاب وٺڻ ۽ ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿيو. شاھي بازر جي اوڀر ۾ ولي محمد ٿھيم، حاڪم پنجابي ۽ سوڍي خاصيلي جا دوڪان ھيا جتي مک شاھي بازرختم ٿي ويندي ھئي جڏھن تہ ڏکڻ ڏانھن لڙڻ تي غلام محمد کوسو جو فروٽ جو دوڪان، يارو ۽ فيضو ٿھيم جي ٻيڙين جي مانڊڻي، دين محمد رند، رحيم داد رند، شفيع پنجابي، مادن خان رند جا منھيارڪا دوڪان ھوندا ھيا. اتي ئي غلام قادر رند، گل محمد رند وارن جو سيڌي جو وڏو دوڪان پڻ ھيو. جڏھن بازر اتان اوڀر طرف لڙندي ھئي تہ شادي پنجابي جو سيڌي جو دوڪان ھيو. شادي پنجابي جو پٽ فياض والي بال جو ڀلو راندگر ھيو، اتي پياري روستماڻي جو ھوٽل، ليلو پنجابي جو رانديڪن جو دوڪان ۽ عمر ٻٻر جو پسارڪو دوڪان ھوندا ھيا. ليلو پنجابي ڏھين محرم تي محرم جو جلوس ڪڍرائيندو ھيو جنھن ۾ ماتم سان گڏ ساز، توتڙيون، توتارا ۽ شعبدہ بازيون پڻ ٿينديون ھيون. سندس جلوس ۾ رونشي ڪوڏيا ٻار ھوندا ھيا جن ۾ ھو شيون ورھائيندو ھيو. انھن دوڪانن جي سامھون رفيق پنجابي جو پڪوڙن جو دوڪان ھيو تہ قربان غوري جي وڏن جا سيلون بہ ھيا. اتي ئي دين محمد ٿھيم جو وڏو ھوٽل بہ ھيو جيڪو جام ھلندو ھيو. دين محمد ٿھيم جڏھن پنھنجي مزدورن تي ڪاوڙبو ھيو تہ ھوٽل تي پيل سمورو کير ھاري بئنچ تي ويھي سگريٽ پيئندو ھيو. انھي سان لڳ حافظ عبدﷲ رند جو کنڊ جي راشن جو دوڪان ھيو جڏھن تہ بازر جي اوڀر واري ڇيڙي تي مامون پنجابي جو سيبتو ھوٽل ھوندو ھيو. روڊ جي اوڀرطرف لوڪل گورمينٽ جي دڪانن ۾ توقير پنجابي جو دوائن جو اسٽور ھوندو ھيو جتي وحيد پنجابي ۽ سندن موڳو ڀاءُ بابو پڻ ويٺل ھوندو ھيو. شادي پنجابي ۽ پيارو روستماڻي جي ھوٽل جي پوئين پاسي بشير پنجابي جو ھوٽل ھوندو ھيو. بشير پنجابي چانھ ٺاھڻ ۾ خاص مھارت رکندو ھيو جنھنجي ڪري ھر وقت آباد ھوندي ھئي. بشير پنجابي جي چانھ آچر مڱڻھار، منظور پنجابي ۽ ايوب پنجابي ذريعي شاھي بازر جي ھڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين پئي پھچندي ھئي. سياسي ڪارڪنن، نوجوانن جي بيٺڪ بشير پنجابي جوھوٽل ھيو ائين جوھي جي سياسي ھلچل ۾ بشير پنجابي جي ھوٽل جو مک ڪردار آھي. بشير جي ھوٽل نہ صرف سياسي ڪارڪن تيار ڪرڻ جو سبب بڻي جن سنڌ جي ترقي پسند، قوم پرست، جمھوري سياست کي وڏا نالا ڏنا بلڪہ انھي ھوٽل تي ڏينھن جا ڏينھن ويھندڙ، ڪچھريون، سوال جواب ڪندڙ اڳتي ھلي مشھور صحافي، ڊاڪٽر، انجنيئر، آفيسر پڻ ٿيا. 1977ع ڱان 1980ع تائين اسانجي ٽھي جو اھم ماڳ بشير پنجابي جو ھوٽل رھيو جڏھن تہ اسان جي پڙھڻ لاءِ ٻاھر وئي پڄاڻان انھي ھوٽل کي خادم ٿھيم، عاجز جمالي، حيدر سيال، منظور ٿھيم، غفار ٿھيم، علي رند، طارق عالم رند، بخت جمال سومرو، ذوالفقار لغاري، عزيز سومرو، مينھون باھوٽو، امان ﷲ باھوٽو، محمد خان ٻٻر، غفور سومرو، فاروق سومرو، نقاد ٿھيم، جاني ملاح، ھارون پنھور وسايو جتي زوردار سياسي بحث ٿيندا ھيا ۽ شعر وشاعري ادب تي ڪچھريون ٿينديون رھيون. بشير پنجابي پاڻ ماٺيڻي طبيعت جو مالڪ ھيو. سندس ھڪ پٽ ھارون ماستري ڪئي ۽ ھو بھترين آرٽسٽ ۽ پينٽر ھيو، ٻيو پٽ احمد ماستر، عمران واپڊا ۾ ملازم ۽ فاروق پڻ ڪنھن ڌنڌي سان لڳو. بازر جي ڏکڻ ۾ مسجد جي آڏو ڪاڇي ويندڙ روڊ تي سيٺ محمد بخش ٿھيم ۽ سيٺ اسحاق ٿھيم جو وڏو دوڪان نما اڏو ھيو جتي ٻڌو سامان وڪرو ٿيندو ھيو. ٿھيم ڀائرن جي ھول سيل دڪان آڏو ميدان تي ٽرڪن تان سامان لھندو ۽ چڙھندو ھيو جتي ”مدو چانڊيو“ سميت مزدورن جا ڳاھٽ ھوندا ھيا. انھن ۾ اڪثر مزدور چانڊيا ھيا ليڪن ڪجهہ گوپانگ پڻ ھيا. سامان لاھڻ ۽ چاڙھڻ دوران مدو چانڊئي جا ھوڪرا ٻڌڻ جھڙا ھيا. محمد بخش ٿھيم جي ڪاروبار ۽ مقامي سياست ڪري جوھي ۾ ھاڪ ھئي. جڏھن مير غوث بخش بزنجو پاڪستان نيشنل پارٽِي ٺاھي تہ جوھي پڻ آيو. محمد بخش ٿھيم جي دوڪان آڏو ھن سياسي ڪارڪنن کي خطاب ڪيو جن۾ آءُ پڻ شامل ھيس. محمد بخش ٿھيم جي پٽ شريف ٿھيم، خادم ٿھيم، منظور ٿھيم سياست ۾ جڏھن تہ لياقت ٿھيم وري سوشل سيڪٽر ۽ لکڻين ۾ پنھنجو نالو ڪمايو. ٿھيم ڀائرن جو جوھي جي بيداري جي تحريڪ ۾ سرموڙ ڪردار رھيو آھي. خادم ٿھيم جي پھل ۽ باقي ڀائرن جي ھمت سان جوھي شھر ۾ ساٿي ٻاڙا سنگت جي پليٽ فارم تان”ساٿي ٻارڙا سنگت لئبرري“ پڻ قائم ٿي جنھن کي ٽائون ڪميٽي پاران جڳھ مليل ھئي. انھي لئبرري تي صبح شام ٽاٻر نوجوانن جا ڳاھٽ ھوندا ھيا جن اڳتي ھلي جوھي سميت حيدرآباد، ڪراچي ۾ تعليم، سياست، صحافت جي ميدان ۾ نالو پيدا ڪيو. خادم ٿھيم ڪجهہ عرصو ڪميونسٽ پارٽي جي ھڪ ڌڙي جو اڳوڻ پڻ رھيو ليڪن ڪجهہ عرصي کان سرگرم سياست ڇڏي ھاڻي سپريم ڪورٽ بار جو وڪيل آھي. سيٺ اسحاق ٿھيم جا پٽ پڻ پڙھيا جن ۾ ھاشم ٿھيم ڊاڪٽر، مجيد ٿھيم صحافي ۽ سوشل ايڪٽوسٽ ۽ نصر ﷲ ٿھيم ملڪ کان ٻاھر نوڪري ڪئي. جوھي جي مک بازر اڪثر ٽيپھري جي وقت بند ٿي ويندي ھئي ۽ گهر وڃڻ کان پھرين اڪثر دوڪاندار والي بال گرائونڊ تي گڏ ٿيندا ھيا. والي وال بال راند ۾ ان وقت طفيل پنجابي، فياض پنجابي، ستار سومرو، سڪندر رند عرف فلڪ شير، بگو ڏاھري، سنھڙو قاضي، غلام حيدر سومرو عرف شيدي، غلام حسين سومرو کٽي، منھنجو ڪلاس فيلو اڪبر رند، مصري ڪوري، حڪيم غلام قادر سومرو کيڏندڙ ھيا. اڳتي ھلي جوھي والي بال ٽيم ۾ جمن باھوٽو بہ شامل ٿيو جيڪو ڊاڪٽر ٿيڻ کان اڳ والي بال جو وڏو رانديگر ٿي اڀريو.
جوھي بازر جي اوڀر ۾ مک چونڪ تي ھوٽل ھوندا ھيا اتي پڻ ٽپھري کان سومھڻي تائين رونق ھوندي ھئي. اتي بہ ڪڏھن ڦڏو ٿي پوندو ھيو تہ بچ بچاءُ ٿي پوندو ھيو ليڪن رندن ڪنھن سان ڦڏو ڪيو تہ پوءِ سمورا رند گڏ ٿي اھا جنگ وڙھندا ھيا ۽ مخالف کي ڪٽڪو ڪڍي کن پل ۾ ڪک پن بہ ٿي ويندا ھيا. انھي جنگ ۾ سرموڙ ڪردار بخش علي رند ڳوٺ جا رند ڪندا ھيا جن جو لٺ سردار حسن رند ھيو . انھي وقت جوھي شھر تي رندن جي ڌاڪ ويٺل ھئي.
جوھي بازر جو ھڪ مک ڪردار پيارو مڱڻھار بہ ھيو جيڪو سرڪاري، غير سرڪاري پڙھو ڏيندو ھيو. سندس آواز ۾ ڪمال جي گهن گرج ھئي. جڏھن بہ ڀير تي ڏئونڪو لڳندو ھيو سمجهي وڃبو ھيو تہ ڪو اھم اعلان آھي ۽ پوءِ ”ھڪ ضروري اعلان ٻڌندا“ جي آواز سان پياري مڱڻھار جو ڪڙڪيدار آواز شھر جي ھڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ ۾ پيو ٻڌبو ھيو.
جوھي شھر جو اھم ڪردار ٻاجهي خان ٿھيم بہ ھيو جيڪو جوھي جي بلدياتي سياست جو اھم ڪردار رھيو. پنھنجي سٺي ڪارپت سبب کيس شھر ۾ عزت جي نگاھ سان ڏٺو ويندو ھيو. ھو پنھنجي گذرسفر لاءِ پنھنجو اباڻو ڪاسائڪو ڪم ۽ جانورن جي کلن جو واپار ڪندو ھيو. جوھي شھر جو ذڪر ڪرڻ وقت وڏيري ميرل باھوِٽي جو ذڪر ڪرڻ ضروري آھي جيڪو ڪافي عرصو جوھي ٽائون ڪميٽي جو چيئرمين رھيو. جوھي جو ھڪ اھم ڪردار توقير عالم مھاجر بہ ھيو جيڪو مارشلا دور ۾ ٽائون ڪميٽي جوھي جو ڪجهہ عرصو انچارج ٿي رھيو. چاپئين ڏاِڙھي رعبدار شخصيت جو مالڪ توقير عالم جام سگريٽ پيئندو ھيو. جوھي ۾ آباد سمورن مھاجرن جيان ھي پڻ سٺي سنڌي ڳالھائيندو ھيو. ان وقت اسان سياست ۾ سرگرم ٿي رھيا ھياسين ۽ سندس سرگرمين کي مشڪوڪ نظرن سان ڏسندا ھئاسون ليڪن ھو سدائين اسان سان پاٻوھ سان ملندو ھيو ۽ ويجهڙائي رکڻ جي ڪوشش ڪندو ھيو.
ٽائون ڪميٽي جو ھڪ چيئرمين ڊاڪتر علي نواز سومرو پڻ ٿيو جيڪو حال حيات آھي. عمر جون اسي بھارون ڏسندڙ علي نواز سومرو سومرن سميت جوھي شھر جي شروعاتي پڙھيل لکيل ماڻھن مان آھي. سندس والد گل محمد سومري پنھنجون نياڻيون بہ پڙھايون. علينواز سومرو سرڪاري نوڪري ڪئي. جوھي ۾ ڊاڪٽري پڻ ڪيائين. جوھي ٽائون جو سٺو منتظم پڻ رھيو. سندس وقت ۾ جوھي ٽائون ڪميٽي صاف سٿري ۽ واٽر سپلاءِ جي معاملي ۾ پاڻ ڀري رھي. پاڻ ادب سياست کي پڙھندڙن ۾ جوھي جا بنيادي ماڻھو آھي. جوھي جي سماجي سرگرمين خاص طور سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ۾ پڻ وڏو حصو ھيس. جڏھن ميڊيڪل ۾ داخلا وقت مونکي ڊوميسائيل پي آر سي جي تڪڙي گهر ٿي تہ علينواز سومرو مون سان گڏجي ھليو ۽ ڊي سي مير محمدپرھياڙ سان ملي تڙي کڙي ڪم ڪرائي ڏنائين. جوھي ۾ گاج جي نالي سان دوستن لئبرري شروع ڪئي جنھن۾ علي نواز سومري جا صلاح مشورا ۽ ڪتاب ڏيڻ پڻ شامل ھيا. 3 جولائي 1999ع تي لئبرري شروع ٿي جڏھن تہ ڪجهہ ڏينھن بعد 13 آگسٽ تي اڪبر جسڪاڻي جو پراسرار موت ٿيو تہ سنگت اڪبر جسڪاڻي جي خدمتن جي صلي ۾ لئبرري جو نالو اڪبر جسڪاڻي جي نالي پٺيان رکڻ جي تجويز ڏني. ڪجهہ دوستن اعتراض ڪيو تہ جيڪڏھن اڪبر جسڪاڻي خود ڪشي ڪئي آھي تہ پوءِ اھو نالو رکڻ صحيح ناھي. علينواز سومري علامہ آءِ آءِ قاضي جو مثال ڏيندي چيو تہ ڪنھن جي موت جي طريقي سان ڪنھن جو پورھيو ختم نٿو ٿئي . ائين اھو اعتراض پڻ ختم ٿيو. علي نواز سومرو نياڻين سميت پنھنجي اولاد کي تعليم ڏياري. سندس ھڪ نياڻي انيلا ناز سومرو جاپان مان پڙھي آئي ۽ ھنوقت نوشھرو ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر جي عھدي تي ڪم ڪري ٿي.
دين محمد ٿھيم جوھي ۾ پيپلزپارٽي جي سياست جو بنيادي ماڻھو ھيو تہ مارشلا کانپوءِ ضياءَ حمايت تحريڪ ٺاھڻ ۾ بہ پيش پيش رھيو. جوھي ٽائون جو چيئرمين ٿيو. مان وٽس چاچي حاجي ميرل خان باھوٽي واري اسڪالر شپ ملڻ واريڳالھ کڻي ويس ۽ کيس پنھنجي والدين جي مالي حالت کي ڏسندي اسڪالر شپ واري سھائتا جاري رکڻ جو عرض ڪيو. چيئرمين صاحب مونکي ٺھ پھ جواب ڏنو تہ فنڊ ڪونھن جڏھن آيا تہ رابطو ڪبو. دين محمد ٿھيم جوھي ۾ قيصر ٽاڪيز نالي سينيما پڻ کولي. سندس اٿڻ ويھڻ زبردست ۽ شاھانہ رھيو. کيس بہ آخري وقت ۾ موتمار اڌ رنگ جو مرض لڳو ۽ فوت ٿي ويو. جوھي بازر جو ھڪ ڪردار نثار سرھيو بہ ھيو جيڪو جوھي جي بازر۾ اخبار پھچائيندو ھيو. انوقت سنڌي اخبارن جي ڀيٽ ۾ اردو اخبار جنگ گهڻي ھلندي ھئي جنھن سان گڏ سب رنگ ڊائجيسٽ پڻ وڪرو ٿيندو ھيو. نثار سرھئي جڏھن اخبار ڦٽو ڪئي تہ اھو ڪم حسن خاصخيلي اختيار ڪيو جنھن کي حسن ”گُپو“ ڪري سڏيو ويندو ھيو.
جوھي شھر جو ھڪ يگانو ڪردار مٿي ذڪر ڪيل وڏيرو ميرل باھوٽو ھيو. قد بت ۾ سگهو، جناح ٽوپي پائيندڙ، غريب غربي سميت ھر ماڻھو سان چرچو ڪري ملندڙ حاجي ميرل باھوٽي جي پنھنجي پاڙي ۾ وڏي اوطاق ھئي جتي ھر وقت ماڻھن جا ڳاھٽ ھوندا ھيا. آسپاس جي ماڻھن جا تڪرار پيو نبيريندو ھيو. مون پنھنجي سانڀر۾ ڪنھن کان بہ سندس زيادتي جو ذڪر ٻڌو نہ روايتي وڏيرن واريون ڏنڊ چٽيون ئي ٻڌيون. سندس اوطاق تي تاس بہ جام ٿيندي ھئي. ھن پنھنجي پاڙي ۾ سومرن، لغارين، ٻاليشاھين سميت، مختلف ذاتين جي ماڻھن کي رھڻ لاءِ جاءِ فراھم ڪئي، سندن پنھن جي برادري جي ماڻھن جيان خيال ڪندو ھيو. اسانجو سوٽ قربان وزن ۾ سگهو ھوندو ھيو جنھن کي وڏيرو ميرل ٿلھو ھجڻ سبب ”دوسرا “ سڏيندو ھيو جيڪو موٽ ۾ کيس بہ ٿلھو ھجڻ سبب ”تيسرا“ چوندو ھيو. اھڙي مذاق تي چڙڻ بجاءِ ھو انجواءِ ڪندو ھيو. جوھي جا وڏي عمر وارا ماڻھو کيس وڏيرو جڏھن تہ نوجوان کيس چاچو ڪري سڏيندا ھيا. جڏھن مان انٽر پڙھندو ھيس تہ ھڪ ڏينھن بشير پنجابي جي ھوٽل تي دوستن سان گڏ ويٺو ھيس تہ ٽائون ڪميٽي جو ملازم ملو عبدالرحمان پنجابي مونکي سڏڻ آيو تہ توکي حاجي صاحب سڏي ٿو. تڏھن حاجي ميرل ٽائون ڪميٽي جو چيئرمين ھيو. مان سمجهيو تہ سياست ۾ سرگرمي سبب حاجي ميرل جا دڙڪا ملندا. آءُ ڊڄي ڊڄي ٽائون ڪميٽي آفيس پھتس تہ حاجي ميرل ٻيڙي پئي پيتي. مونکي ڏسڻ سان چيائين اڙي ڇورا تون حاجي ﷲ بخش ڊکڻ جو پٽ آھين منھنجي ھائوڪار ڪرڻ تي پاسي ۾ رکيل ڪرسي تي ويھڻ جو اشارو ڪندي ٻوٿ ۾ بجو کولي گهروڙي ڏنائين. چيائين ڇورا ھوشيار آھين تہ شوق سان پڙھ، سياست ڪندين موچڙا ھڻندوسائين. ھن ڪلارڪ کي سڏي چيو تہ صحيح وٺي ھن کي پئسا ڏي. چاچي حاجي ميرل منھنجا سالانہ اسڪالر شپ منظور ڪئي ھئي جيڪا ٽائون ڪميٽي ڪجهہ سالن تائين مونکي ڏيندي رھي. چاچو حاجي ميرل ٻيڙي جو وڏو موالي ھيو نتيجي ۾ پيري ۾ کيس دم جو عارضو وڪوڙي ويو. مان جڏھن ڊاڪٽر ٿي آيس تہ مونکي گهرائي وٺندو ھيو آخري ڏينھن ۾ دم جو شديد عارضو ٿي پيس. چوندو ھيو ڊاڪٽر منھنجو ھيٺيون ساھ ھيٺ مٿيون مٿي آھي اھڙي ڪا سئي ھڻ جو ھيٺين مٿيون ساھ پاڻ ۾ گڏجي پون. جيڪڏھن ميرل باھوٽو سنڌ جي روايتي وڏيري جو ھڪ مثال سمجهجي جنھن کي پنھنجي پئنچايت راڄ جو ايترو خيال ھيو تہ پوءِ سمجهي سگهجي ٿو تہ سنڌ جي ماضي جي پئنچائت پنھنجي جوھر ۾ ڪيتري نہ جمھوري ۽ سگهاري ھوندي. سال 1973 کان 1976ع واري جوھي سميت جوھي جي بازر جو ڏيک ويک رنگ ڍنگ نرالو ھيو. جوھي شھر جي بازر ۾ سنڌي، پنجابي، مھاجر، ٻروچ ھڪ ويڙھي جيان رھندا ھيا. ڪنھن جي دڪان تي چانھ ھلندي ھئي تہ پاڙي واري کي رڙ ڪري سڏيو ويندو ھيو. جمعي ڪوري جا ٿڌا مٽ سموري بازر سميت مسافرن جي اڃ پيا اجهائيندا ھيا. ٽپھري کانپوءِ بازر بند ٿيندي ھئي تہ وڏي عمر وارا پنھن جن گهرن ڏي روانا ٿيندا ھيا ۽ سامھون گذرڻ وقت ٻئي کان پڇندا ھيا تہ ڇو ڀلا اڃا دڪان کليل آھي خير تہ آھي؟. ڪنھن جو دڪان بند ھوندو ھيو تہ انجي پڇا ٿيندي ھئي. دڪان بند ٿيڻ کانپوءِ نوجوان والي بال گرائونڊ تي پھچي ويندا ھيا ۽ سڄي ڏينھن جو آخري ميل، ھل ھنگامون والي بال گرائونڊ تي ٿيندو ھيو. بازر۾ موجود دڪاندارن جا ڏک سک سانجها ھوندا ھيا. تڏھن جوھي شھر ۾ آباد مھاجر پڪا پوڙھا نوجوان ٻار سنڌي ڳالھائيندا ھيا جن پاڻ کي جوھي سان ھم آھنگ ڪري ڇڏيو ھيو. ليڪن پوءِ ٻولي جي فسادن جي گونج اڀري ۽ جوھي مان اردو ڳالھائيندڙ اڻ ڄاتي خوف سبب شفٽ ٿيڻ شروع ٿيا. ڪجهہ سالن اندر بازر۾ نہ شفيع موچي رھيو نہ يعقوب پٺاڻ، نہ الھ بخش ڊکڻ ۽ طفيل پنجابي جو مٺائي جو دوڪان رھيو، ڊاڪٽر سليم جو شفاخانو، جمع ڪوري جي سبيل، ٿڌا مٽ ”پپو“ جون مستيون، ھاشم ڪاسائي جو ٿاڌل جو سندل وقت جي وير اڏائي کڻي ويئي. پوِءِ تہ وڏيرو ميرل باھوٽو ئي نہ رھيوجيڪوباھوٽن، سومرن، ٻالِيشاھين، سميت ست راڄي کي پنھنجو راڄ سمجهي سندن حال ڀائي رھندو ھيو ۽ پوءِ جوھي جي شاھي بازر سميت جوھي جھڙي ننڍڙي شھر کي جنھن سڀاءَ، سھپ جوڙي رکيو ھيو اھو ڪٿي الوپ ٿي ويو.

استاد جي مار ۽ پيار جو تڪرار. . . !!!

اڌ صدي اڳ جون ساروڻيون لکڻ مشڪل ڪم آھي ڇوتہ گهڻو ڪجهہ وسري چڪو ھوندو آھي ليڪن اڌ صدي اڳ وارا ڪي ڪي واقعا ذھن تي نقش ٿي وسرڻ کان نابري واري ڇڏيندا آھن. اھڙو ئي ھڪ واقعو شايد سال ستھٺ اٺھٺ جو بہ آھي جڏھن آءُ پنھنجي ڳوٺ جي اوڀر ۾ ھلندڙ پرائيمري اسڪول مينھون کوسي ۾ پنھنجي پاڙي وارن ٻارن بخش رند، سليمان رند، لطيف رند، آدم رند ۽ حبيب رند سان گڏ ڦرھي کڻي اسڪول پھتس. اھا ڦرھي مونکي پنھنجي وڏي ڀيڻ حجو ميساري ڏني ھئي ۽ ان رات مونکي ننڊ نہ آئي ھئي ۽ دير تائين اسڪول جي باري ۾ سوچيندو رھيو ھيس. گهر مان نڪري اسڪول ويندڙ رستي تي رندن جا ٻيا ٻار بہ گڏجي پيا ۽ ٺينگ ٽپا ڏيندي اسڪول پھتاسين جتي ھڪ ماستر جي رڙتہ ڇورا گوڙ نہ ڪريو اڌ ساھ سڪائي ڇڏيو. اسڪول ۾ ٻہ ماستر عبدﷲ لنڊ ۽ اميد علي لنڊ پاڙھيندا ھيا. ڪلاس شروع ٿيو پٽي ۽ ڪتاب جو سبق شروع ٿيو انھن ماسترن ڳالھ ڳالھ تي ٻارن کي مار ۽ دڙڪا پئي ڏنا. جنھن جي ڪري پھرين ڏينھن منھنجو ساھ ئي سڪي ويو ۽ اسڪول اچڻ وقت جيڪا خوشي ھئي اھا الائي ڪاڏي ھلي ويئي ھئي ليڪن بي دليو مان بہ اسڪول ويندو رھيس ۽ دڙڪا لپاٽون کائيندو رھيس ۽ ٻين ٻارن کي لپاٽون سوٽيون کائيندي ڏسندو رھيس. اھي اونھاري جا ڏينھن ھجن اسڪول جي آڳر تي وڻن جي ڇانو ھيٺان بئنچون رکي پڙھايو پئي ويو. ڪجهہ ٻارن جو سبق ڪچو ھيو، ماستر کين لپاٽون بہ ھنيون ليڪن سندس خيال مطابق ٻارن کي سيکت ڏيڻ لاءِ اھو ڪافي نہ ھيو. ڪلاس ۾ ويٺل مونکان ٻہ ٽي ڪلاس سنيئر ٻار غلام مطفي کوسو جو سبق بہ ڪچو ھيو. غلام مصطفي قد بت ۾ کڻائو، سنھڙو ليڪن شڪل صورت ۾ سھڻو ھيو، ماستر کيس ٻہ چنبا ھڻي چيو تہ ڇورا نم جي وڻ تي چڙھي تلھڙ پٽي اچ. غلام مصطفي روئيندي چيو تہ آءُ وڻ تي ڪونہ چڙھندس ليڪن ماستر جي زوردار دڙڪي تي ڊڄندي ڊڄندي وڻ تي چڙھيو. ھن وڻ تي ڊڄي ڊڄي ٽاري پئي پٽي. جنھن ٽار تي بيٺو ھيو ان تان ترڪيو، ترڪڻ سان ھن ٽار ۾ ھٿ وڌا ليڪن اھو ٽار سندس وزن جي سٽ نہ سھي پاڙئون پٽجي سندس مٿان اچي ڪريو تہ ھنجي واتان رڙ نڪتي، ٻارن ۾ ڪوڪرا پئجي ويا. غلام مصطفي پٽ تي بيھوش پيل ھيو ۽ سندس وات ۽ ڪنن مان رت وھي رھيو، سڀ ٻار کيس ڏسي رڙيون ڪندي روئي رھيا ھيا. رڙين تي ڳوٺ جا ڪجهہ مرد ۽ عورتون بہ اچي ويا. عورتن روڄ راڙو ڪيو جڏھن تہ ڪجهہ مرد ۽ ٽاٻر ڇوڪرا کيس جوھي اسپتال کڻي ويا. تيسين ماستر اسڪول ڇڏي ڀڄي ويو ھيو. خوف ڊپ جي ڪيفيت ۾ اسان ڳوٺ جا ٻار بہ اچي گهر ڀيڙا ٿياسين. ٿوري دير ۾ اھا خبر ڦھلجي ويئي تہ غلام مصطفي فوت ٿي ويو آھي. پوءِ تہ کوسا جنجو پنھنجو ڳوٺ ھيو لٺيون کڻي گم ٿي ويل ماستر جي پويان اچي پيا ليڪن اوڙي پاڙي جي چڱن مٺن معاملي کي معافي تلافي تي ختم ڪري ڇڏيو. غلام مصطفي حمزي کوسي جو پٽ ھيو جنھن کي سندس چاچي عبدﷲ پٽ ڪري پاليو ھيو. عبدﷲ کوسو غلام مطفي کي ياد ڪري روئي ڏيندو ھيو ۽ کانئس وڌيڪ صدمي ۾ تہ سندس زال رھي جنجي دنيا آباد ٿي ھميشہ لاءِ اجڙي ويئي ھئي. ڪافي عرصي تائين غلام مصطفي جو ڇڙھيون ھڻندڙ جسم جنھن جي ڪن ۽ وات مان رت پئي وھي ۽ ان مٿان وڻ جو وڏو ٽار پيل ھيو مونکي رات جو خواب ۾ ايندو ھيو، آءُ رات جو ڊڄي پنھنجي ڀيڻ کي چنبڙي پوندو ھيس ۽ صبح جو اسڪول وڃڻ کان گھہ ڪري ويھي رھندو ھيس جڏھن تہ زور ڀرڻ تي روئي ڏيندو ھيس. ڪجهہ وقت کان پوءِ بابو مونکي ريجهائي جوھي اسڪول وٺي آيو. بابا جو دڪان بہ جوھي اسڪول ڀرسان ھيو انڪري مونکي اھو ڏڍ ھيو تہ ماستر ماريندو تہ مان ڀڄي بابا وٽ دڪان تي ھليو ويندس. اسڪول ۾ رسيس وقت ۽ موڪل کانپوءِ دوڪان تي اچي ويندو ھيس جتي مونکي خرچي بہ ملندي ھئي . جوھي پرائمري اسڪول ۾ بہ مار ڏيندڙ استاد ھيا جن ۾ سائين عيدن جسڪاڻي بہ ھيو جيڪو لپاٽ يا رول ھڻن بجاءِ ٻارڙن جون ببڙيون چپٽي سان چيڀاٽي پٽيندو ھيو. اسڪول جو ھيڊ ماستر سائين سليمان جسڪاڻي بہ نرالو شخص ھيو، خاص پوشاڪ ۾ خاص ٽوپي سان وارد ٿيندو ھيو. ٻارڙن کي اڪثر ٻوٿ تي مڪو وھائي ڪڍندو ھيو. ليڪن انھن استادن جي مار مونکي اھڙي ڀوائتي نہ لڳي ۽ آءُ آھستي آھستي پنھنجي ڪلاس فيلوز ۽ اسڪول ۾ گهائل مائل ٿي ويس. ان دور ۾ مار ٻار لاءِ سنوار سمجهي ويندي ھئي ۽ استاد جي مار کي والدين پڻ برو ڪونہ سمجهندا ھيا. پرائيمري ۾ منھنجو ھڪ استاد گل محمد ٻٻر بہ ھيو. چاپئين ڏاڙھي تي بوسڪي جو پٽڪو کيس ڏاڍو ٺھندو ھيو. ھن استاد مونکي ڪڏھن ٻن آڱرين جو بجو ڪونہ ڏنو ھميشہ پيار محبت سان پاڙھائيندو ھيو. پرائيمري تعليم ۾ منھنجو آخري استاد شير محمد لغاري ھيو جيڪو ڪاڇي جي ڳوٺ حاجي خان جو رھواسي ھيو سائين شير محمد لغاري جا اکر ڏاڍا خوبصورت ھيا. جڏھن پرائيمري پاس ڪيم تہ سائين چيو تہ سومرا ! تنھجي پيءُ جو ڪپڙي جو دڪان آھي کيس چئو تہ تنھنجي پاس ٿيڻ جي خوشي ۾ مونکي پٽڪو انعام ڏئي. بابي خوشي خوشي ۾ سائين لاءِ ململ جو پٽڪو ڏنو. مينھون خان کوسو اسڪول جي ڀيٽ ۾ جوھي پرائيمري اسڪول جا اڪثر استاد پيار ڪندڙ ھيا جن ۾ محمد حسن پنھور جي ورتاءُ جومونتي وڏو اثر پيو. جناح ٽوپي پائيندڙ، محمد حسن پنھورپڙھيل لکيل جھانديد، ڀلو ماڻھو سميت بھترين استاد بہ ھيو. سائين محمد حسن گرامر ڏاڍو سٺو پاڙھيندو ھيو ۽ ھمٿائيندو رھندو ھيو. پرائيمري اسڪول جوھي ۾ ڪيترن ئي استادن کان تعليم حاصل ڪئي ليڪن محمد حسن پنھور مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو. سائين محمد حسن علم ادب خاص طور سنڌي ادب جو ڄاڻو ھو پڙھائڻ دوران دل لڳائي پڙھائيندو ھيو. توڙي جو پرائيمري ۾ مونکي ايتري سمجهہ ڪانہ ھئي ليڪن ھو استادن جي روايتي ڌڙي بندي ۽ سياست کان آزاد ھيو. ڪڏھن بہ ڪنھن شاگرد کان ڪو تحفو نہ گهريائين نہ وري پنھنجي شاگردن کان گهر جو ڪم ڪار ورتائين جيڪو ان دور ۾ عام رواجي ڳالھ ھئي. سندس ھڪ ڳالھ جنھن منھنجو ٻاروتڻ ۾ ڌيان ڇڪايو اھو سندس اھو چوڻ ھيو تہ سنڌي ٻولي سھڻي ۽ شاھوڪار ٻولي آھي ۽ سنڌ جي تھذيب ھزارين سال پراڻي آھي. ھو انھن شاگردن کي رھنمائي فراھم ڪندو ھيو جن کي پڙھائي ۾ دلچسپي ھوندي ھئي. آءُ پرائيمري کان اڳتي وڌيس تڏھن بہ سائين ملڻ وقت ھمٿائيندو رھندو ھيو. ڊاڪٽر ٿي اچڻ کانپوءِ سائين سان سياست علم ادب تي ڪچھريون ٿينديون ھيون. کيس ٻہ ڀائر ٻيا بہ ھيا جيڪي پڻ پڙھيل، علم ادب سان لڳاءُ رکندڙ ھيا. سندس ھڪ ڀاءُ الھورايو پنھور تعلقي ماستر جي عھدي تي ھيو. شاعري بہ ڪندو ھيو ۽ طنز مزاح جو استاد ھيو. سنڌ جي مشھور شاعر احمد خان مدھوش سان سندس شاعري تي چڪريون پيون ھلنديون ھيون. سائين احمد خان مدھوش ۽ سائين ﷲ ورايو پنھور ھڪٻئي جي شاعري تي پيروڊي پڻ ڪندا ھيا. الھورائي پنھور جي ڪچھري ۾ چرچو گهٻُو پيو ھلندو ھيو. ڪنھن وقت لفظن لفظن ۾ اھڙو چرچو ھڻي ڪڍندو ھيو جو سامھون واري جي ٽڪڻ وڃي لڳندي ھئي سائين محمد حسن جو ٻيو ڀاءُ محمد بخش پنھور ھٿ جي ھنر سيکارڻ جو استاد ھيو. گهڻُو عرصو دادو ۾ نوڪري ڪيائين. سگا جوھي ۾ سرگرم رھيو ۽ جڏھن جولائي 1999ع ۾ جوھي ۾ دوستن لئبرري ٺاھڻ جو ڪم ھٿ ۾ کنيو تہ سائين انھي لائبرري ٺاھڻ ۽ انکي ھلائڻ ۾ مھڙ وارو ڪردار ھيو. اھا لئبرري ھن وقت ميونسپل ڪميٽي جوھي جي نظرداري ھيٺ اڪبر جسڪاڻي ميموريل ميونسپل لائبرري جي نالي سان ڪم ڪري رھي آھي. سائين محمد حسن کي ڇھ پٽ ٻہ نياڻيون ھيون تن سڀني کي تعليم ڏياريائين. آءُ جڏھن 1987ع ۾ ڊاڪٽر ٿي آيس تہ سائين محمد حسن مونکي پنھنجي خالي پيل دوڪان ۾ ڪلينڪ کولڻ لاءِ چيو ۽ چيائين تہ جڏھن ڪمائڻ لائق ٿين تہ پوءِ ڪرايو ڏجائين. سائين محمد حسن ھڪ ڀيري کنگه بخار جي تڪليف سبب مون کي ڏيکارڻ آيو مون کيس احتياط طور ايڪسري ڪرائڻ لاءِ چيو. سائين جي ايڪسري فلم ۾ دل واري جاءِ سان گڏ ھڪ ٻيو وڏو اڇو نشان ڏسي آءُ دھلجي ويس. سائين کي مون ايڪسپرٽ اوپينين سميت ڪنھن ڦڦڙن جي ماھر کي ڏيکارڻ لاءِ چيو. منھنجو خدشو درست ثابت ٿيو سائين کي ڦڦڙن جو ڪينسر نڪري پيو ۽ پوءِ ڪجهہ عرصي ۾ سائين گذاري ويو. بلاشڪ سائين محمد حسن پنھور کي ھڪ مثالي استاد سميت جوھي شھر جو ھڪ مثالي ماڻھوءَ سڏڻ ۾ ڪو وڌاءُ ناھي جيڪو جوھي شھر جو اثاثو ھيو . سائين محمد حسن جھڙا ماڻھو ورلي پيدا ٿي تاريخ تي پنھنجا اڻمٽ نشان ڇڏي ويندا آھن. ھن جا اھي لفظ تہ ” سنڌي ٻولي سھڻي ۽ شاھوڪار ٻولي آھي ۽ سنڌ جي تھذيب ھزارين سال پراڻي آھي“ منھنجي من ۾ اندر موجود ملان تي پھرين ضرب ھئي. پرائيمري تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ پرائيمري اسڪول جي ماحول جي زير اثر ماسترن جي باري ۾ مون وٽ موجود مينھون خان کوسو ڳوٺ وارو تاثر ختم ٿي چڪو ھيون. غلام مصطفي کوسي جو رڙيون ۽ ڇڙھيون ھڻندڙ جسم جنھن جي مٿان نم جو وڏو ٽار پيل ھيو سو پڻ ھڪ تلخ ياد بڻجي دماغ جي ڪنھن ڪنڊ ۾ ھڪ ياد طور زندہ رھجي ويو ھيو.

گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهي

آءُ ڳوٺ سميت مٽن مائٽن ۾ مولود ڳائيندو ھيس، اھا شھرت ڇھين ڪلاس ۾ بہ منھنجو پيڇو ڪندي آئي. ھڪ ڏينھن اسانجي ھيڊ ماستر غلام حيدر سولنگي مونکي پنھنجي آفيس گهرايو. مون سميت منھنجو ڪلاس ٽيچر سائين غلام شبير سيال ۽ ڪلاس فيلو بہ ھيڊ ماستر پاران مونکي گهرائڻ تي حيران ٿيا. ھيڊ ماستر مونکي سڏي پاڻ وٽ ويھاريو ۽ پوءِ پڇا ڪيائين تہ تون مولود ڳائيندو آھين. مون ھائو ڪئي. ھن مونکي انھي وقت ئي مولود ڳائڻ لاءِ چيو جيڪو مون ڊڄي ڊڄي ڪنن تي ھٿ رکي ڳايو. سائين کي منھنجو مولود ڳائڻ ڪافي وڻيو. مونکي شاباس ڏيندي چيائين تہ آئيندہ صبح واري اسيمبلي ۾ تون مولود ٻڌائيندين. ائين ڪلاس سميت پوري اسڪول ۾ منھنجو تعارف مولودي وارو ٿي ويو جنھن ۾ مونکي پھرين ڏينھن کان خوشي بجاءِ شڪائي وڌيڪ ٿي.
آءُ جڏھن ڇھين ڪلاس ۾ پھتس تہ سائين بخش ۽ سليمان بہ اچي ھم ڪلاسي ٿيا جڏھن تہ منھنجي ڳوٺ مان لطيف، حبيب، آدم پٺتي رھجي ويا. حبيب، لطيف کي تہ پڙھڻ جو شوق ڪونہ ھيو ليڪن سائين بخش رند جو ڀاءَ آدم انتھائي ذھين ۽ ھوشيار ھيو انجو ڇھين درجي ۾ نہ پھچڻ منھنجي لاء اچرج جھڙي ڳالھ ھئي. ڇھين ڪلاس ۾ گل محمد پنھور بہ پھتو تہ جوھي جي آسپاس جي علائقن ۽ اسڪولن جا ٻار بہ اچي داخل ٿيا. انھن ٻارن ۾ قربان سولنگي کي نہ ڏسي پڻ حيرت ٿي جيڪو پرائيمري اسڪول جوھي ۾ انتھائي ھوشيار ھيو ۽ سندس اکر بہ ڏاڍا جوبصورت ھيا. ڇھين ڪلاس جي ڪمري جي اوڀر ۾ وڏو ڊرائنگ ھال ھيو جنھن جي ديوارن تي فتاح چترڪار جون تصويرون اڪريل ھيون. انھن تصويرن ۾ ھڪ تصوير ۾ ھڪ عورت پھاڙن، ٿوھرن، پٿريلي زمين ۾ پير رت ڪندي ڏيکاريل ھئي، ھڪ تصوير ۾عورت محل نما قيد ۾ آھي تہ ٻي تصوير ۾ درياءَ وچ سير ۾ گهڙو ھٿ ۾ کڻي لھرن سان مقابلو ڪندڙ عورت ڏيکاريل آھي، ھڪ عورت ڍنڍ ۾ ٻيڙي ۾ سير ڪندي ڏيکاريل آھي. اھي تصوير ڪھاڻيون انوقت مونکي سمجهہ ۾ ڪونہ آيون. ڇھين ڪلاس ۾ ڪجهہ ڏينھن اسانجو ڪلاس ٽيچر دادو شھر سان تعلق رکندڙ سائين شير محمد سومرو ٿيو. ليڪن پوءِ اسانجو ڪلاس ٽيچر غلام شبير سيال ٿيو. جنھن ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ مونکي ڪلاس مانيٽر مقرر ڪيو. غلام شبير سيال انتھائي شفيق استاد ھيو. ان وقت روزانہ جي پيريڊن ۾ ھڪ پيربڊ ڊرل جو بہ ھوندو ھيو ڊرل ماستر جو نالو الھورايو ھيو جيڪوجوھي شھر ۾ ڪرائي جي جڳھ ۾ پنھنجي ٻن پٽن سميت مسواڙ تي رھندو ھيو. ھو مخصوص فوجي ڊريس ۾ ھر وقت مستعد نظر ايندو ھيو. ھو نہ صرف اسڪول جي گرائونڊ تي ڊرل ڪرائيندو ھيو بلڪہ جوھي شھر جي روڊن تي بہ ڪوئيڪ مارچ جي دٻدٻي ۾ ڊرل جو گشت ڪرائيندو ھيو جتي ڄاڻ سڃاڻ وارا اسان تي کلندا ھيا تہ ڊرل ڪندڙ شاگردن کان کل نڪري ويندي ھئي. اھا غلطي اڪثر مونکان ٿيندي ھئي ۽ پوءِ سائين الھورايو اوڏي مھل ئي رڙ ڪري چوندو ھيو تہ ”اڙي ڏندُو ڏند نہ ڪڍ“ ساڳو جملو اردو ۾ ورجائيندي ھٿ ۾ پيل سوٽي ھٿن تي يا پٺي تي وھائي ڪڍندو ھيو. ائين ڪافي دفعا سندس پادر کائڻا پيا ليڪن مان بہ ڏند ڪڍڻ کان نہ مڙيس. ڊرل کانپوءِ وقفي دوران پنھنجي بھادري جا قصا ٻڌائيندو ھيو، سندس چواڻي سندس صحت جو راز نيراني چانھ پيئڻ ھيو جنھن مطابق گرم چانھ پيئڻ سان زھريلا مادا ۽ بيماري پيدا ڪندڙ جراثيم مري وڃن ٿا. ڊرل دوران کانئس سڀ شاگرد ڊڄندا ھيا ليڪن جيئن ڊرل جو پيريڊ ختم ٿيندو ھو تہ سڀ شاگرد مٿانئس کلندا ھيا. سندس ھڪ پٽ اسان سان ۽ ھڪ اسان کان ڪنھن مٿين ڪلاس ۾ پڙھندو ھيو. ھي انھن کي بہ جام دڙڪا ڏيندو ھيو ۽ مٿن ڪنٽرول قائم ھيو. جنھن مضمون جو استاد نہ ايندو ھيو سائين الھورايو موقعو ڏسي اھو پيريڊ پاڻ وٺندو ھيو ۽ ليفٽ رائيٽ، ليفٽ رائيٽ جي ورد ۾ اسانکي شھر جا چڪر ڏياريندو ھيو. ستين درجي ۾ اسانجو ڪلاس ٽيچر محمد بخش لغاري ٿيو جيڪو مئٿس پڻ پاڙھيندو ھيو. اسان سان گڏ ڪلاس ۾ ٻہ ڇوڪريون بہ پڙھنديون ھيون جن ۾ ھڪ جو نالو صغرا ۽ ٻي جو نالو زليخا ھيو. صغرا جوھي جي بازار جي دڪاندار عثمان پنجابي جي ڌي ھئي. ٻي ڇوڪري جو نالو زليخان گنب ھيوجيڪا وري ابراھيم گنب جي ڌيءَ ھئي. ابراھيم گنب پاڻ استاد ھيو جنھن کي نياڻيون پاڙھڻ جو شوق ھيو. گل محمد گنب جوھي جھڙي پٺتي پيل ماحول ۾ نياڻيون پڙھائڻ لاءِ ڳوٺ گل محمد گنب مان لڏي اچي جوھي شھر ۾ رھيو. اسانجو عربي جو ڪلاس مولوي علي نواز رند وٺندو ھيو. ”ضرب ضربا، ضربو“ جو گردان جنھن کي ياد نہ ھوندو ھيو انکي جام موچڙا ھڻندو ھيو ليڪن جنھن تي ٻي ڪا ڪاوڙ ھوندي ھئي تبہ انھي سان گهٽ نہ ڪندو ھيو. سندس ڳالھائڻ ٻولھائڻ ناشائستہ ھوندوھيو جنھنجي ڪري صغري تہ اڌ ۾ ئي پڙھائي ڇڏي وئي ليڪن زليخا پاڻ ۽ سندس پيءَ ڌن جا پڪا ھيا ۽ ھن پنھنجي پڙھائي نامساعد حالتن باوجود جاري رکي. شايد انھي ڪلاس ۾ سائنس جو مضمون بہ پڙھايو ويندو ھيو جنھن کي پڙھائڻ لاءِ استاد بشير آرائين سيتا روڊ مان ڪھي ايندو ھيو. انتھائي سھڻو ۽ محنتي جوان ھيو. ليڪن پنجابي ۽ اوپرو ھئڻ ۽ عدم تحفظ جي احساس سبب بدلي ڪرائي ھليو ويو. اٺين ڪلاس ۾ منھنجو ڪلاس ٽيچر ڪمال دين کوسو ٿيو. ڪمال دين انتھائي محنتي استاد ھيو. سائين ڪمال الدين پنھنجي ڪلاس۾ خاص طور مونتي وڏي محنت ڪئي. انوقت استاد جيڪو پڙھائيندا ھئا مونکي ياد ٿي ويندو ھيو ۽ مونکي وري ڪتاب پڙھڻ جي ھروڀرو ضرورت نہ پوندي ھئي. اسڪول ۾ ڪلاس ٽيچرن وچ۾ وڏي ريس لڳل ھئي ھر ڪلاس ٽيچر چوندو ھيو منھنجي ڪلاس جا شاگرد وڌيڪ ھوشيار آھن. نائين ڪلاس جي ڪلاس ٽيچر سائين احمد خان لاشاري ۽ سائين ڪمال الدين وچ ۾ اھا ريس منفي پروپئگنڊا ۾ بہ تبديل ٿي ويندي ھئي ۽ استاد ھڪٻئي خلاف گٿا لفظ بہ ڳالھائيندا ھيا. ھڪ ڀيري دادو مان ڪمال الدين سولنگي صاحب اسڪول جي دوري تي آيو ۽ اچي ڏھين ڪلاس ۾ بيٺو شاگردن کان سوال ڪيائين. ھڪ سوال جو جواب سموري ڪلاس ۾ ڪنھن کي نہ آيو اتي سائين ڪمال الدين کوسي ھام ھنئين تہ منھنجي ڪلاس اٺين جو شاگرد انھي سوال جو جواب ڏيندو. ھڪ جملي کي انگريزي ۾ گرامر مطابق ترجمون ڪرڻو ھيو. مونکي گهرايو ويو ۽ مون انجو صحيح جواب ڏنو. سولنگي صاحب مونکي شاباس ڏني. سائين ڪمال دين کوسي جو ڳاٽ فخر ۾ اوچو ٿي ويو ۽ سولنگي صاحب جي واپس وڃڻ تي پيار ۾ مونکي بجو گهروڙي ڏنائين. سائين جڏھن بجو کولي ۽ چوي تہ انھي ۾ پنھنجو ٻوٿ ھڻ تہ اھا سندس محبت جي نشاني ھئي.
نائين ڪلاس ۾ دادو واسي سائين نذير سومرو اسانجو ڪلاس ٽيچر ٿيو. ڪلين شيو نذير سومري جا مٿي جا وار ائين ھيا ڄڻ مٿي تي ڪاري ٽوڪري پئي ھجي. کيس صاف سٿرا ٻار پسند ھوندا ھيا. مان صاف سٿرو نہ رھندو ھيس. منھنجو بابا بہ سادي قسم جو ماڻھو ھوندو ھو چوندو ھيو وڏن وارن ۾ صفائي نہ رھندي آھي ۽ جُونءَ پئجي وينديون آھن سو اڪثر منھنجي ٽڪڻ ڪرائي ڇڏيندو ھيو. اسان جي ڳوٺ بخش علي رند ۾ وارن ۾ سينڌ ڪڍڻ کي بہ برو سمجهيو ويندو ھيو. سائين نذير سومرو راڳ رنگ جو شوقين ھيو تنھن کي منھنجي سادگي، ٽڪڻ ڪرائڻ واريون عادتون بلڪل پسند نہ آيون ۽ مونکي مانيٽر شپ تان ھٽائي ڇڏيائين. نئون مانيٽر اسماعيل کوسو ٿيو. انھي دوران سائين نذير ”مائي گلان “ نالي اسٽيج ڊرامون لکيو ۽ ڊائريڪٽ ڪيو جنھن ۾ مونکي مائي گلان جو ڪردار ڏنو ويو جنھن کي مون زناني آواز ۾ ادا ڪيو، نتيجي ۾ ڪافي ڏينھن تائين مائي گلان جو آواز ٻڌڻ جي مونکان فرمائش ٿيندي رھي. نائين ڪلاس جي مانيٽري کسجڻ، گهر جا مالي حالات ٺيڪ نہ ٿيڻ ڪري منھنجو ڌيان پڙھائي تان ھٽي ويو ۽ مون ڪجهہ پئسا ڪمائڻ لاءِ کٽون، ڪرسيون واڻڻ جو ڪم شروع ڪيو. جوھي شھر ۾ برڪت پنجابي ڪتابن جا جلد ٻڌندو ھيو جنھن جي جلد ٻڌل ڪتابن کي ڏسي پنھنجي وڏي ڀاءَ جي رھنمائي ۾ جلد ٻڌڻ جو ڪم بہ سکيم. کٽون، ڪرسيون واڻڻ ۽ جلد ٻڌڻ ۾ پئسا ملڻ شروع ٿيا تہ منھنجو پڙھائي تان ڌيان مورڳو گهٽجي ويو. نائين ڪلاس ۾ ئي ڪلاس مانيٽراسماعيل کوسي سان دوستي ٿي جنھن مونکي پڙھڻ لاءِ تحريڪ رسالو ڏنو. سوشلزم سميت ترقي پسند لٽريچر پڙھڻ جي شروعات سائين ڪمالدين جي اوطاق تي اڳ۾ ئي ٿي چڪي ھئي. اسماعيل ذريعي اڪبر جسڪاڻي ۽ شريف ٿھيم سان رابطو ٿيو جيڪي اڪثر منھنجي مامي سڪندر سرواڻ جي ڪئبن تي ويھندا ھيا. انھي ڪئبن تي ٻيڙين سگريٽن کٽمٺڙن کانسواءِ رسالا ۽ ڪتاب ٽنگيا پيا ھوندا ھيا. سڪندر سرواڻ جي ڪئبن ٻاھران بينچ تي اڪثر سياست تي ڳالھيون ٻولھيون ٿينديون ھيون جيڪي سڪندر جي والد ناني ڪوڙي کي نہ وڻنديون ھيون. انڪري ناني جي موجودگي ۾ سڪندر جي ڪئبن تي نہ وڃبو ھيو. ڪئبن تي، امر جليل، رسول بخش پليجي ۽ جمال ابڙي جا لکيل ڪتاب، تحريڪ ۽ سھڻي رسالا پڻ ٽنگيل ھوندا ھئا. . انھي ڪئبن تي ويھندي ڊرگهہ بالا جي رھواسي سپاھي رمضآن کچي سان بہ مکا ميل ٿيو. جڏھن بہ اسان ڪئبن تي ويھندا ھئاسين ھلڪي قد چاپئين ڏاڙھي سان رمضان کچي پوليس وارو ضرور اتان گذرندو ھيو. سندس آڪڙجي ھلڻ تي اسان وري کلندا ھئاسين جنھنجي ڪري ھڪ دفعو اسانکي جيل وجهڻ جي ڌمڪي بہ ڏنائين. ڪنھن وقت اڪبر، شريف، اسماعيل کوسو گڏجي بشير پنجابي جي ھوٽل تي ويھندا ھئاسين جنھن ۾ غلام قادر ٿھيم، سائين بخش رند، حبيب ڪنگراڻي، عزيز ڪنگراڻي بہ شامل ٿيندا ھئا. انھي عرصي دوران مونکي فلمون ڏسڻ جو شوق ٿيو. جوھي جي قيصر سينيما ۾ سج لٿي کان پوءِ وارو شو ڏسي گهر ويندو ھيس. واپسي تي رات جو ڳوٺ ويندي ڊپ ٿيندو ھيو انڪري ڊپ مٽائڻ لاءِ باھوٽن جو پاڙو گذري شھر کان ٻاھر نڪري ڳوٺ تائين وڏي آواز ۾ گانا ڳائيندو ويندو ھيس. نائين ڪلاس ۾ مان نہ صرف پڙھڻ کان پري ٿي ويس بلڪہ مائٽن جي چوڻ کان بہ نڪري ويس. انھي ڪري منھنجي وڏي ڀاءُ مولوي واليڏني ڪافي ڀيرا مونکي دوڪان تي مار بہ ڏني ۽ وارننگ ڏنائين تہ اڪبر جسڪاڻي سان بلڪل نہ گڏجان. نائين ڪلاس ۾ منھنجون مارڪون ڪلاس ۾ ٻئي نمبر تي آيون. ڇھين ڪلاس کان وٺي پھريون نمبر ايندڙ ٻار لاءِ اھا وڏي سزا ھئي. مون مئٽرڪ جي امتحان ۾ دل کولي ڪلاس اٽينڊ ڪيا. سائين قاسم لغاري جيڪو مئٽرڪ ۾ ڪلاس ٽيچر ھيو ان بہ مونکي وري مانيٽر ڪيو تہ منھنجي مجروح انا واپس موٽي آئي ۽ آءُ مئٽرڪ جي امتحان ۾ فرسٽ ڪلاس کڻي ڪلاس ۾ پھريون نمبر آيس جنھن ۾ انگريزي مضمون ۾ 75 مان 66 مارڪون کڻڻ مونکي ڏاڍو وڻيو. ادو غلام قادر ڏاڍو خوش ٿيو ۽ بابي کي چيائين تہ حميد کي پڙھائي ڊاڪٽر ڪنداسين. انوقت ادا غلام قادر جي حيثيت اسانجي خاندان ۾ اثرائتي ۽ فيصلہ ڪن ھئي، تنھن جي ڳالھ بابا کي بہ سمجهہ ۾ آئي.
توڙي جو جوھي ھاءِ اسڪول ۾ تعليم جو معيار ڏاڍو سٺو ھيو ليڪن اسڪول ۾ مضمون نويسي، تقريري مقابلا، راندين جا مقابلا بلڪل نہ ھجڻ برابر ھيا. اسڪول ۾ ڪو فضيلت ڀريو پلي گرائونڊ ڪونہ ھيو. ھڪ اڌ ڀيرو ملھ، ڪاڪ فائيٽنگ جھڙا راندين جا مقابلا ٿيا ليڪن غيرنصابي سرگرمين ڏانھن توجه بلڪل گهٽ ھئي. اھڙن مقابلن ۾ ڪاڪ فائٽنگ ۾ مونکي پاڻ کان جونيئرجمن باھوٽي شاطرانہ چال کيڏندي شڪست ڏني جڏھن تہ ملھ ۾ مون بشير ٿھيم کي دسي وڌو. ھر سال اسڪول جي انسپيڪشن ٿيندي ھئي ليڪن ان ۾ گهڻو زور نصابي تعليم تي ھوندو ھيو. انھي جو ھڪ سبب استادن جي پاڻ ۾ چٽاڀيٽي ھئي جنھنجو مقصد پاڻ کي سرخرو ڪرڻ ۽ ھڪٻئي جي گلا ڪرڻ ھيو. اھڙي گلا شاگردن آڏو ڪلاس ھلڻ دوران بہ ڪئي ويندي ھئي جنھن ۾ ڪڏھن ڪڏھن تہ ھڪ ٻئي لاءِ ڪريل لفظ استعمال ڪيا ويندا ھيا. توڙي جو دادو مان آيل استاد نذير سومرو مونکي سادگي ۽ ٽڪڻ ھجڻ سبب مانيٽري تائين ھٽائي ڇڏيو ليڪن اھو واحد استاد ھيو جنھن غيرنصابي سرگرمين کي ھمٿائڻ جي ڪوشش ڪئي جن ۾ راڳ ڳائڻ سميت ڊراما ڪرائڻ شامل ھيو.
جيستائين مونکي ياد پوي ٿو جڏھن مئٽرڪ جو امتحان پئي ٿيو تڏھن اسان جي ڪلاس مان ڪي 45 شاگرد امتحان ۾ ويٺا. ڇھين ڪلاس کان مئٽرڪ تائين جن سان گڏ تعليم حاصل ڪئي انھن جو ذڪر ڪرڻ انتھائي ضروري آھي جيئن سمجهي سگهجي تہ انوقت ھاءِ اسڪول سميت جوھي ۾ ڪھڙي سوچ ڪارفرما ھئي. انھن مان ڪجهہ دوست جن سان صرف اسڪول جي حد تائين واسطو رھيو تن جو ھتي ذڪر ڪجي ٿو باقي جن سان ڊگهي رفاقت رھي تن جو ذڪر تفصيل سان اڳتي ھلي ڪبو.
ھاءِ اسڪول جوھي لڳ بچل رند جو ڳوٺ آھي جنھن مان تنھن وقت اڪبر رند، رشيد رند ۽ عثمان رند ھاءِ اسڪول ۾ منھنجا ھم ڪلاسي ٿيا. رند ذات جوھي ۾ ڏنگو ھجڻ جي سڃاڻ رکي ٿي ۽ اھا ڏنگائي رند شاگردن ۾ بہ ھئي. ڪنھن سان وڙھندي دير نہ ڪندا ھئا. ڏنگي ۽ بھادر ھجڻ جو ھڪ ڪارڻ تہ انھي برادري جو ڏاميش ھجڻ وارو پس منظر ھيو ليڪن انجو ٻيو اھم ڪارڻ رندن جي ٻن ڳوٺن جو جوھي شھر ۽ ھاءِ اسڪول ڀرسان ھجڻ پڻ ھيو. اڪبررند ڏاڍو ھوشيار ھوندو ھيو سندس اکر بہ ڏاڍا سٺا ھوندا ھيا ھو والي بال جو بہ سٺو رانديگر ھيو. سندس پيءَ ڪپڙي جو واپاري ھيو سندس وڏو ڀاءُ حسن رند پڻ ڪپڙي جو واپار ڪندو ھيو. اڪبر جو ننڍو ڀاءُ اصغر سپاف جو ڪارڪن ھيو. جيڪو مارشلا لڳڻ کانپوءِ جوھي ۾ ٿيندڙ احتجاجن ۾ پيش پيش ھوندو ھيو ۽ تقرير دوران جنرل ضياءَ کي ڪچيون گاريون ڏيندو ھيو. اڪبررند اڳتي ھلي پڙھائي ڇڏي ٻيڙيون ٻڌڻ جو ڪم ڪيو. اڪبر جي ھڪ ڳالھ اڃا تائين ياد آھي تہ جڏھن امتحان دوران پيپر ڏيندي ڪجهہ وسري ويندو ھيس تہ چوندو ھيو تہ سوال جي جواب جو منڍ ٻڌاءِ، ائين منڍ ٻڌائڻ تي ھو باقي جواب پاڻ لکي ويندو ھيو. سندس زندگي غربت ۾ گذري آھي. عبدالرشيد رند سيٺ گل محمد رند جو پٽ ھيو. گل محمد رند زمينداري سميت جوھي دادو ۾ بس سروس ھلائيندو ھيو. دادو جي پراڻي اسٽاپ تي سندن گيريج بہ ھيو. منھنجو ڀاءُ غلامحمد پڻ سندن بسن تي منشگيري ڪئي. رشيد شڪل صورت جو ڏاڍو سھڻو ھيو. مئٽرڪ کان پوءِ پڙھڻ ڇڏي ڏنائين. ڪجهہ سال اڳ دماغ جي خلل سبب بيمار ٿيو ذھني توازن خراب ٿيس ۽ وفات ڪري ويو سندس گهر واري ھيلٿ ورڪر جي نوڪري ڪري پنھنجا ٻارڙا پاليا. سندس وڏو ڀاءُ حنيف رند پڻ ڪنھن بيماري سبب ڪوٽڙِي ۾ وقت کان اڳ فوت ٿي ويو. سندس ٻيا ڀائر خان رند، اسلم رند، خالد رند، نواب عالم رند ھن وقت بہ جوھي ۾ رھن ٿا.
عثمان رند بابا جي دوست چاچا علي محمد جو پٽ آھي. چاچا علي محمد کي ڪپڙي جو دوڪان ھيو سندس وڏي پٽ اڪبر رند واپار ۾ وڏي ترقي ڪئي. عثمان کي پڙھڻ جو شوق پورو سارو ھيو. ھو ڏاڍو حرڪتي ھيو. ڪنھن سان ٽڪرجي پيو تہ ويڙھ ۾ سندس وڏو ھٿيار سندس رانڀوٽا ھوندا ھيا جنھنجي ڪري ساڻس ڪو حرڪت نہ ڪندو ھيو. واپڊا ۾ ملازم ٿيو. دادو گرڊ اسٽيشن تان نوڪري ڪري ريٽائرڊ ٿيو. جيستائين جوھي ۾ بجلي جو ڪنٽرول دادو مان رھيو عثمان پنھنجي شھر جي بجلي ڪٽجڻ گهٽ ڏيندو ھيو ۽ ڪڏھن ڪڏھن فرمائش تي لوڊ شيڊنگ جو وقت بہ تبديل ڪندو ھيو. نوڪري دوران ھن گهر ۾ مينھون بہ پاليون جن مان بہ کيس سٺي اپت ٿيندي ھئي. رندن جي ھن ڏنگي ٻار پنھنجي زندگي انتھائي منظم نموني گذاري. ڳوٺ قادر بخش چنا جو خدادا چنو خبر ناھي مئٽرڪ تائين گڏ رھيو يا نہ ليڪن ھن سان پوءِ بہ ڪڏھن ڪڏھن ملاقات ٿيندي ھئي. ھن پنھنجي زمينداري سنڀالي. غلام شبير لنڊ ۽ علي گوھر لنڊ ٻنھي جو تعلق جوھي شھر کان سڏ پنڌ تي ڇني روڊ تي آباد ڳوٺ جعفر خان لنڊ سان ھيو. جعفر خان لنڊ ۽ شبير جي وڏي ڀاءُ حافظ فيض محمد لنڊ جو بابا ۽ منھنجي وڏي ڀاءُ جيان جوھي شھر ۾ ڪپڙي جو دوڪان ھيو. علي گوھر لنڊ تہ سعودي ھليو ويو ليڪن شبير لنڊ زمينداري سان گڏ ماستري بہ ڪئي ۽ ماسترن جي يونين پ ٽ الف جو ليڊر بہ ٿيو. ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ ڳوٺ ۾ ٻنيون سنڀالي ٿو. حافظ فيض محمد لنڊ ڳوٺ کان اڳتي ڇني روڊ تي قبي جو اسٽاپ اچي ٿو اتي روڊ جي اولھ طرف پنھل جمالي جو گهر آھي جنھنجو پٽ غلام محمد جمالي پڻ گڏ پڙھيو. پڙھڻ ۾ ڪو خاص شوق نہ ھيس، پڙھي ماستر ضرور ٿيو. پنھنجون زمينون اٿس ليڪن قبي تي زرعي پاڻي نہ پھچڻ سبب سندس زمينداري جا حال پورا آھن. غلام محمد جمالي جر ڳوٺ سامھون ڇني روڊ جي ٻئي پاسي ڳوٺ حاجي عمر جمالي ۾ شريف جمالي رھندو ھيو تنھن کي پڻ پڙھائي جو شوق گهٽ ھيو ھڪ ڏينھن سعودي عرب نڪري ويو تہ اتان جي ٿي رھيو. ڪاڇي جي وسندي ڇني مان محمد بخش رانجهاڻي بہ منھنجو ڪلاس فيلو ھيو. ان سان وري ڪڏھن رابطو نہ ٿيو آھي . غلام مصطفي ٻٻرجو تعلق ڪاڇي جي ڳوٺ چاڪر ڪوٽ سان ھيو. سائين محمد قاسم کيس ڀوڳن ۾ چوندو ھيو تہ ھنجو اصلي ڳوٺ ”تيڪ دڙہ“ آھي. پڙھي ماستر ٿيو سندس پيءَ طالب حسين بہ ماستر ھيو. ھاڻي جوھي شھر ۾ رھي ٿو سندس ھڪ پٽ ڪاليج ۾ نوڪري ۾ آھي جڏھن تہ ٻيو پٽ سياست ۾ سرگرم آھي. ڳوٺ بازمال کوسا جا ولي محمد کوسو، غلام رسول کو، Iآچر کوسو اٺين ڪلاس کانپوءِ ھاءِ اسڪول جوھي ۾ آيا آچر کوسو ۽ غلام رسول ڪراچي نڪري ويا نوڪريون ڪيائون جڏھن تہ ولي محمد کوسي جو ڪو پتو نہ ملي سگهيو آھي. ڪاڇي جي ڳوٺ حاجي خان پڙھيل لکيل ماڻھن ۽ ماسترن جو ڳوٺ سڏجي ٿوجنھن جو سھرو دادو ضلعي جي مشھور سياسي شخصيت علڻ خان لغاري ڏي وڃي ٿو جيڪو انھي ڳوٺ جو ھجڻ سبب لغاري ايترو اڳتي نڪري آيا. مشھور لوڪ شاعر طالب لغاري جو واسطو بہ انھي ڳوٺ سان آھي. انھي ڳوٺ مان سردار خان لغاري، پيار علي لغاري پڻ مون سان گڏ پڙھيا ٻئي ماستر ٿيا.
ڊرگهہ بالا مان ھڪڙو سانورو سھڻو قدآور جوان غلام نبي ڀٽو بہ ھاءِ اسڪول ۾ پڙھڻ آيو ليڪن پوءِ ھو محنت مزدوري لاءِ سعودي ھليو ويو. ڳوٺ ڊرگهہ بالا جو ئي نورمحمد سيال اچانڪ پڙھائي ڇڏي پنھنجي پيءَ جي ڪارخاني کي سنڀالڻ کي لڳي ويو ليڪن بعد ۾ سعودي ھليو ويو. انتھائي کلمک سھڻو سيپڪڙو نورمحمد سيال ڊرگهہ بالا کانپوءِ جوھي ڇڏي حيدرآباد ۾ رھائش پذير آھي. تنھن وقت جوھي ۾ لوڪل گورنمينٽ جي ڊسپينسري ھوندي ھئي جنھن ۾ بنگالي ڊاڪٽر مڪمل حسين بدلي ٿي آيو. سندس پٽ مڪرم حسين پڻ گڏ پڙھيو. وڏن وارن وارو مڪرم، اسماعيل کوسي جو ويجهو دوست ھيو. مڪمل حسين جو پٽ مڪرم سٺي سنڌي ڳالھائيندو ھيو ڇوتہ سندس ماءُ قاضين جي خاندان مان ھئي. جڏھن آءُ چانڊڪا ۾ پڙھندو ھيس تڏھن دل جي دوري سبب مڪرم جي موت جي خبر اسماعيل کوسي ٻڌائي. ڳوٺ لال بخش لنڊ جو جمع لنڊ۽ صادق لنڊ تعليم پوري ڪري ڪاليج ۾ ڪلارڪ ٿيا. ساڻن واسطو جوھي ۾ ھجڻ تائين باقاعدي رھيو. جوھي واسي، پوليس کاتي جو محمد صالح وڏو منشي جو وڏو پٽ غلام رسول کوسوپڙھي ماستر ٿيو. اسانجي نائين ۽ مئٽرڪ لاءِ امتحاني مرڪز دادو ھوندو ھيو جتي ھو اسان دوستن جي نہ صرف رھائش جو بندوبست ڪندو ھيو ماني ٽڪي جو بندوبست پڻ ڪندو ھيو. توڙي جو سندس گهر دادو ۾ نہ ھيو ليڪن محمد صالح جي دادو ۾ واسطيداري ھئي جنھن ڪري اسان جي خدمت خوب ٿي.
سائين شير محمد سومري جو پٽ شير زمان سومرو پڻ گڏ پڙھيو. اسانجو عزيز عاقل سومرو سندس نانو ھيو انڪري جوھي سان سندس گهرو رشتو ھيو مون سان گڏ انٽر پڻ ڪيائين. اڳتي ھلي تعليم کاتي ۾ ضلع ليول جو آفيسر ٿيو. جڏھن بہ جوھي ايندو ھيو پنھنجي ماسات محرم سومري سان گڏ ڪلينڪ تي ضرور ايندو ھيو ۽ سندس فرمائش چانھ پڪوڙا ضرور ھوندي ھئي. ڪجهہ سال اڳ دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو.
ڳوٺ گل محمد گنب جو اڪبر گنب پڙھي ماستر ٿيو، انگريزي لفظ did کي ڊِڊ بجاءِ سدائين ڊڊ ڪري پڙھندو رھيو، جڏھن کلندو ھيو تہ محسوس ٿيندو ھيو ڄڻ سندس سمورو بدن کلي رھيو آھي. ھڪ ڏينھن دل جي دوري سبب ڪافي سال اڳ گذاري ويو. ڳوٺ گل محمد گنب لڳ پنھنجي زمين تي ويٺل ماستر يار محمد جو پٽ الھڏتو کوسو پڻ گڏ پڙھيو، وڏو حرڪتي ھيو. ڪلاس ۾ سڀني سان چرچا بہ ڪندو ھيو. پڙھي ماستر ٿيو ليڪن پوءِ اچانڪ سندس اٿڻ ويھڻ مٽجي ويو ۽ وڃي لطيف جي درگاھ جو فقير ٿيو. لطيف جي شاعري ۽ انجي فڪر جي وٽس الڳ قسم جي تشريح آھي. ڪلاس ۾ ھڪ حرڪتي شاگرد محمد حسن سومرو بہ ھيو جيڪودين محمد سومري ڍڪ منشي جو پٽ ھيو. دين محمد سومرو ڳالھين جو ڳھير ۽ ڪچھري جو مور ھوندو ھيو سياست تي ڳالھائڻ سندس محبوب مشغلو ھوندو ھيو. سندس ھڪ نوجوان پٽ جي ڪنھن ڇوڪري سان محبت ٿي پئي، مائٽن کان اھو رشتو ڪرڻ جي گهر ڪيائين. جواب ملڻ تي خودڪشي ڪري ڇڏيائين. نوجوان پٽ جو اھڙو المناڪ وڇوڙو نہ سھي دين محمد ڀڄي ڀري پيو. محمد حسن ڪلاس ۾ اڪثر حرڪت ڪندو ھيو. چپ چپ ڪري سنھڙي چھنڊي وھائي ڪڍندو ھيو. ڪجهہ وقت کان پوءِ سعودي عرب ھليو ويو ۽ اتان جو ئي ٿي ويو. سندس ننڍو ڀاءُ اڪبر سومرو سب انسپيڪٽر ٿيو ليڪن دل جي دوري ۾ فوت ٿي ويو. سندس ھڪ ڀاءُ لطيف دادو ۾ رھي ٿو. وچ جوھي شھر ۾ گامي پنجابي رھندو ھيو جنھن جي پيءَ ۽ ڏاڏي جو حلوي جو دوڪان ھيو. انھي بازار ۾ منھنجي بابا جو دوڪان بہ ھيو. جنھن وقت بہ تازي مٺائي جو ٿالھ ڀرجي ايندو ھيو مونکي لڏون، ڄمون يا ٽُڪيءَ جي وٽ ضرور ڪرائيندو ھيو. ھڪ ڏينھن دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو سندس ڀاءَ صادق جوھي ۾ رھندو ھيو ليڪن اھو بہ اکين کان اوجهل ٿي ويو. قربان غوري، منھنجو دوست اسلم پنجابي پڙھائي ڇڏي ويو. اسلم جي سوٽ صغران تہ اڳ۾ ئي پڙھائي ڇڏي ويئي ھئي 1973ع ۾ ٻولي واران فسادن کان پوءِ اڪثر پنجابي ڳالھائيندڙ جوھي ڇڏي ويا تہ عثمان پنجابي، رفيق پڪوڙائي سندن ٻار ۽ قربان غوري جو خاندان بہ اکين کان اوجهل ٿي ويا. ڳوٺ الھياراڻي جو روحل لغاري مئٽرڪ پاس ڪري ماستر ٿيو. سندس گهر واري مونکي ڀاءُ ڪري سڏيندي ھئي. سندن نوجوان پٽ ھڪ ڏينھن ڇنڊڻ شاخ ۾ مئل حالت ۾ مليو. روحل ۽ سندس گهر واري پڻ فوت ٿي ويا.
ڇھين ڪلاس ۾ ھڪ ڏينھن اچانڪ ٻہ ڇوڪرا صفا ھم شڪل گوڏ سان اچي ڪلاس جي بينچن تي ويٺا جن متعلق اسانکي ڪلاس ٽيچر ٻڌايو تہ اھي ٻئي ڀائر آھن جن جا نالا اعظم ۽ عظيم آھن. پنجابي ڳالھائيدڙ آھن ۽ مخدوم بلاول ڀرسان بھاولپور ڳوٺ جا رھواسي آھن. ھڪ ڏينھن اچانڪ گم ٿيا تہ وري ڪونہ موٽيا.
سليمان رند منھنجي ڳوٺ جو ھيو. ھو منھنجو ننڍپڻ جو يار ھيو. مينھون خان اسڪول ۾ جڏھن آءُ پڙھڻ لاءِ داخل ٿيس تہ انھي ۾ سليمان سان دوستي جو عمل دخل ھيو. ھن جي امڙ ماسي حوا سدائين چوندي ھئي تہ کيس پاڻ سان گڏايان جيئين پڙھي پوي. اسان انٽر تائين گڏ پڙھياسين مان چانڊڪا ۾ پڙھيس پئي تہ ھو پرائيمري ماستر ٿيو . انتھائي محنتي ماڻھو ھيو ليڪن ڪنن کان گهٻرو ھيو. پنھنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ ٻار پاڙھيائين، ان سان گڏ ڳوٺ جي اولھ ۾ پاڻي جو تلاءُ ٺاھي نہ صرف مچي پاليائين بلڪہ ترڪاري پڻ ڪندو ھيو. اھا سبزي ترڪاري صبح صبح مارڪيٽ سان گڏ منھنجي گهر ۾ بہ ايندي ھئي. 1995ع جي ٻوڏ کانپوءِ آءُ جوھي لڏي آيس تہ بہ صبح صبح سليمان اسانجي گهر ترڪاري يا مڇي سان گڏ ضرور ايندو ھيو. کيس ڀوڳن ڀوڳن ۾ برک زميندار چوندا ھياسين. ڪمال جو شخص ۽ اسانجي گهر لاءِ محبت جو ڀنڊار ھيو. جولاءِ 2021ع ۾ڪينسر وگهي فوت ٿي ويو.
سائين بخش رند پڻ سليمان جيان منھنجو بچپن جو دوست ھيو. چاچي ايوب رند جي 21 ٻارن مان ھڪ ٻار سائين بخش رند ننڍي لاڪون ئي ڪجهہ تيز طبيعت جو مالڪ ھيو. وٽس دوست ۽ دشمن کان سواءِ ٽئين رشتي لاءِ جاءِ بلڪل نہ ھئي. سندس سموري زندگي انھي سان عبارت ھئي. جنھن جو دوست رھيو ان سان صحيح غلط ڳالھ ۾ گڏ رھندو وٽس ڊپلوميسي نالي ڪا بہ شئي نہ ھئي. پنھنجا پٽ ۽ نياڻي بہ پڙھايائين. جوھي جي سياسي سماجي ادبي تحريڪ تي سندس وڏي ڇاپ آھي. جڏھن مان 1988ع ۾ جوھي پھتس تہ جوھي جي ادبي سنگت تي جاني ملاح، نقاد ٿھيم، لياقت علي لياقت ۽ سائين بخش رند جي بادشاھي ھئي. سندن تعلق وري ادبي سنگت جي ھڪ اھم اڳواڻ مشتاق ڦل سان ھيو. مون جڏھن جوھي ۾ پاڻ کي سياسي سماجي ادبي جھان ۾ سرگم محسوس ڪيو تہ سائين بخش مون سان گڏ بيٺل ھيو. اھو سفر سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن، طبقاتي جدوجھد ۾ بہ ھيو تہ اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائيبرري ۾ بہ ھيو جنھن جي ڪميٽي ۾ ھنجو ڪردار تمام ڪليدي ھيو. ھونئن تہ لئبرري جي سموري انتطامي ڪميٽي سرگرم ھئي ليڪن، ميمبرن کان جيڪو ماھوار چندو ڪٺو ٿيندو ھيو اھو سائين بخش رند، عبدالجبار ڏاھري ۽ لئبررين حامد لاشاري ذريعي ٿيندو ھيو جنھن ۾ ڪجهہ حصو منھنجو بہ ھوندو ھيو. جوھي ۾ 1988ع کان 2015ع تائين جوھي ۾ جيڪا بہ سياسي ادبي سماجي سرگرمي ٿي ان ۾ سائين بخش رند جو شامل نہ ھجڻ ناممڪن ھيو. ھو نہ صرف بھترين پروگرام منتظم ھيو بلڪہ سٺو ڪھاڻيڪار۽ بھترين ڦوٽوگرافر پڻ ھيو. فيبروري 2019ع ۾ سندس ناگهاني موت نہ صرف سندس گهر بلڪہ جوھي جي سماجي، سياسي، ادبي محاذن جو نقصان ثابت ٿيو.
ڳوٺ ماڻڪ ڪنگراڻي جو عزيز ڪنگراڻي ڇھين ڪلاس کان انٽر تائين گڏ پڙھيو. سندس آواز ڏاڍو سريلو ھيو، ”ماھي يار دي گهڙولي ڀردي آن“ ڪلام ڳائيندو رھندو ھيو. جوھي ھائوس ڪلاس ۾ پڙھائي دوران ھي بہ سياست ۽ ادبي سماجي سفر جو ھمسفر رھيو. دادو ڪاليج ۾ سياسي سرگرمين سان گڏ لکڻ پڙھڻ ۾ مصروف رھيو. جڏھن دادو جي ڪاليج مان شاگرد يونين پاران ”منڇر“ مخزن نڪتو تہ انھي ۾ بہ سندس ھڪ ڪھاڻي ۽ ھڪ مضمون شامل ھيو. جوھي نوجوان تنظيم جو عھديدار ۽ سرگرم ڪارڪن پڻ رھيو، سنڌي ادبي سنگت جوھي شاخ جو سيڪريٽري پڻ رھيو ۽ انھي سنگت ۾ نئون روح ڦوڪڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيائين. سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ۾ ماسٽرس ڪيائين. جوھي ھاءِ اسڪول ۾ استاد ٿيو بعد ۾ جوھي ڪاليج ۾ ليڪچرار، پروفيسر ٿيو ۽ آخر ۾ واھي پانڌي ڊگري ڪاليج مان پرنسپال جي عھدي تان ريٽائر ڪيائين. سٺو شاعر، ڀلو ڪھاڻيڪار، مشھور ڊرامہ نگارآھي. سندس ٽي وي ڊرامن جون مشھور سيريلز، ڪافي عرصي تائين سنڌي ٽي وي چئنلن تي ڇانيل رھيون. سندس پورھئي ۾ منفرد ڪم آثار قديمہ ۽ اندس اسڪرپٽ تي آھي. مختلف موضوعن ۽ صنفن تي سندس ڪيترا ڪتاب ڇپجي چڪا آھن. عزيز ڪنگراڻي جو سوٽ حبيب ڪنگراڻي پڻ انٽر تائين گڏ پڙھيو ان کانپوءِ ھاءِ اسڪول ٽيچر ٿيو خوش پوش خوش لباس رھندو ھيو. ھنجي مون سان ڏاڍي دل ھوندي ھئي. کيس مھارن جو ڪينسر ٿي پيو ھيڪر ٺيڪ بہ ٿيو ليڪن پوءِ ڪريو تہ وري نہ اٿيو ۽ گذاري ويو. ڳوٺ چينجاڻي جو اسماعيل کوسو منھنجو تمام ويجهو دوست آھي. غريب گهراڻي ۽ ڌڱاڻي خان کوسي جو چشم و چراغ ھي نوجوان پھرين سپاف ۾ شامل ٿيو بعد ۾ جيئي سنڌ وارن سان ويجهو رھيو. مونکي سياست ۾ آڻڻ ۽ اڪبر جسڪاڻي، شريف ٿھيم سان ملائڻ ۾ ھن جو ڪردار ھيو. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ حيدرآباد ھليو ويو مختلف خانگي نوڪريون ڪيائين محنت ڪري اسٽيٽ بئنڪ ۾ آفيسر ٿيو۽ اتان ريٽائر ٿيو. اسماعيل سان ايتريون يادون وابستہ آھن جو ھن تي اڳتي ھلي تفصيلي مضمون لکبو.
بازمال کوسہ ڳوٺ جو رھواسي سڪندر کوسو ھاءِ اسڪول ۾ پڙھائي اڌ ۾ ڇڏي درزي ٿيو ۽ پوءِ وري پڙھيو، ڏاڍو ھوشيار ۽ محنتي ھيو سندس واپس پڙھائي ٽارزن واري واپسي ھئي. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڊي ايس ايف ۾ پڻ رھيو. سندس گهڻُو رجحان پنھنجي پڙھائي طرف رھيو. نوڪري ۾ ميڊيڪل آفيسر طور آيو ليڪن محنت ڪري پوسٽ گريجوئيشن ڪيائين ۽ سرجن ٿيو. جنھن پوسٽ تان ريٽائر ٿيو.
ڊرگهہ بالا ڀرسان ڳوٺ ڪنڊي ٻٻر مان ستار ٻٻر نائين ڪلاس ۾ جوھي ھاءِ اسڪول ۾ آيو. ڏاڍو ھوشيار ھيو نائين ڪلاس ۾ مونکان وڌيڪ مارڪون کنيائين. انٽر امتحان ۾ ميڊيڪل ۾ سليڪٽ نہ ٿيو امپروو ڪري ميڊيڪل ۾ داخل ٿيو ۽ ڊاڪٽر بڻيو. ڌن جو پڪو سياسي ادبي سوجه بوجه وارو شخص آھي. سندس ڊائري ۽ نثر ڏاڍو مضبوط ھيو. چانڊڪا ۾ ڪجهہ ڪھاڻيون بہ لکيائين جن ۾ ”سين جو پڙو“ شاندار ڪھاڻي ھئي جيڪا چانڊڪا جي ڪنھن مخزن ۾ ڇپي ھئي. ستار جو منھنجي زندگي ۾ وڏو حصو آھي انڪري اڳين صفحن ۾ سندس مڪمل پروفائيل شامل ڪبو. ڊاڪٽر جان محمد سولنگي ڳوٺ ميرڻ ماڇي جو رھواسي آھي. انٽر جي امتحان ۾ گهٽ مارڪون کڻڻ سبب ميڊيڪل ۾ سليڪٽ نہ ٿيو. امپروو ڪري ميڊيڪل ۾ داخل ٿيو ۽ ڊاڪٽر ٿيو جوھي اسپتال مان ئي ريٽائر ٿيو. ھڪ وقت ۾ جوھي اسپتال ۾ صرف ھڪ ڊاڪٽر کي سڃاتو ويندو ھيو جنھنجو نالو جان محمد ھيو. ھن وقت جوھي سميت پنھنجي ڳوٺ ۾ پنھنجي خانگي ڪلينڪ ھلائي ٿو. حساس جذبن ۽ خوبصورت خيال رکندڙ محمد ھاشم سولنگي حاجي خان ۾ ڄائو. سندس پيءَ ڌڻي بخش جي ڪوشش ھئي تہ سندس پٽ ٻھراڙي واري ماحول مان نڪري پڙھي پوي. ائين ئي ٿيو، ھو پڙھي انگريزي جو پروفيسر ٿيو ھن وقت ڄامشوري ۾ رھي ٿو. ھن جو ادب سان لڳاءِ بہ آھي. ڪيترن سنڌي ڪھاڻين سميت ڪجهہ شاعرن جي سنڌي شاعري کي انگريزي ۾ ترجمون ڪيائين ھاشم سولنگي جو ادبي علمي پورھيو آيترو گهڻو آھي جو ان تي تفصيل اڳتي ھلي بيان ڪبو. ڳوٺ پيارو خان روستماڻي جا امام علي روستماڻي ۽ جوڳي روستماڻي پاڻ ۾ ڀائر ھيا جڏھن تہ قربان روستماڻي سندن ماروٽ ھيو. قربان ريلوي ۾ ملازمت ڪئي ڪجهہ عرصو اڳ فوت ٿي ويو. قربان جي گهر واري امام علي ۽ جوڳي جي ڀيڻ مونکي پنھنجو ڀاءُ ۽ انجا ٻارڙا مونکي ماما چون. جوڳي روستماڻي ماستر ٿيو جڏھن تہ امام علي ٻني ٻاري کي سنڀاليو. امام علي عوامي تحريڪ ۾ بہ شامل رھيو ۽ جوھي ۾ پاڻي کوٽ خلاف جدوجھد جو سرموڙ اڳواڻ پڻ رھيو جنھن ڪم سان ھاڻي بہ لڳل آھي. منھنجو عزيز محرم سومرو انٽر تائين گڏ پڙھيو ماستر ٿيو. ننڍپڻ ۾ سندس پيءَ وفات ڪري ويو. گهڻو عرصو پنھنجي ڀيڻوئي سان گڏ رھيو. سياست سماجي پروگرامن ۾ سدائين مون سان گڏ رھيو اھا جوھي نوجوان تنظيم ھجي، ھاءِ اسڪول، ڪاليج ۽ ان کان پوءِ وارو سياسي سفر ھجي، سنڌ گريجوئيثس ائسوسيئيسن ھجي، اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائبرري ھجي يا جوھي جا سياسي سماجي ادبي پروگرام ھجن ھميشہ گڏ رھيو. پاڻ سٺو شاعر بہ رھيو سندس لکڻيون جابجا سنڌي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپبيون پئي رھيون. گذريل سال اچانڪ دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو. جوھي شھر جو رھواسي گل محمد پنھور پڙھي ماستر ٿيو. پرائيمري ۾ ھي تمام ھوشيار ھيو پوءِ خبر ناھي ڇو پٺتي رھجي ويو. پڙھي پھرين پرائيمري استاد بعد ۾ ايڇ ايس ٽي ٿيو، جوھي ھاءِ اسڪول جو ھيڊ ماستر ٿيو. ليڪن پوءِ کيس شگر جو مرض لاحق ٿيو بلڪہ سندس گهر واري ۽ نوجوان نياڻي انھي مرض جو کاڄ ٿي ويا. سندس گهر منھنجي ڪلينڪ جي بلڪل سامھون ھيو. منھنجي ڪلينڪ جي ڀرسان مصري ڪوري رھندو آھي جنھن جي نوڪري مختيار ڪار آفيس ۾ ھئي تنھن سان سندس ياراڻو ھيو. خاموش طبع ھي شخص پڻ شگر جي مرض جو کاڄ ٿي ويو. جوھي شھر جي ٿھيم پاڙي جو بشير احمد ٿھيم دلچسپي نہ ھجڻ سبب پڙھائي اڌ ۾ ڇڏي ويو ۽ جنوري 2017ع ۾ دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو. بشير سان منھنجو تمام گهڻوُ تعلق بہ رھيو. ڪافي سال جيلن ۾ رھيو ھو مونسان گڏ دادو ڊسٽرڪٽ جيل ۽ بورسٽل جيل لانڍي ۾ گڏ رھيو ۽ ھنجو جوھي جي سياسي تحرڪ ۽ پيپلزپارٽي ۾ تمام وڏو ڪردار بہ آھي. جيڪڏھن پيپلزپارٽي جي جيالا سياست جو ڇيد ڪرڻو ھجي تہ انجو زندہ مثال بشير ٿھيم ھيو. ھنجي اڪثر عمر جيل ۽ ٿاڻن ۾ گذري. 2008ع کان پوءءِ واري سياست ۽ مقامي جوڙ توڙ ۾ پارٽي ۾ ھو پٺتي رھجي ويو ۽ مايوس ٿي ويو ليڪن پارٽي سان رشتو نہ ٽوڙيائين.
اسانجي ڪلاس مان زليخان گنب ھمت ڪري پنھنجي تعليم پوري ڪئي ۽ ٽيچر ٿي. سندس ٻيون ٻہ ڀينر بہ سندس والد پڙھايون. زليخا گنب جي زندگي حادثن سان عبارت آھي. کيس تعليم حاصل ڪرڻ دوران مرداني معاشري ۾ جيڪي اذيتون مليون تن ۾ ھڪ ڏينھن بہ گهٽتائي ڪونہ آئي. جوھي جي زميندار خاندان سان تعلق رکندڙ نورل لغاري سان پيار جي شادي ڪيائين جيڪو کيس نياڻين ۽ پٽن جي ذميواري ڏيئي ھليو ويو. جوھي شھر جھڙي ماحول ۾ غيرمحفوظ سمجهندي ھڪ ٻئي مرد جو پلئو پڪڙيان ليڪن زندگي سندس ساٿ نہ ڏنو ھڪ ڏينھن سڀني کي اڪيلو ڇڏي ھلي ويئي.
جڏھن پنھنجي ڪلاس جو شاگردن جو ذڪر ڪيو آھي تہ ڪجهہ ذڪر استادن جو بہ ڪرڻ گهرجي جن اسانجي ڪلاس ۾ موجود ذري گهٽ پنجاھ شاگردن جي شخصيت جي تعمير ۾ ڪرادر ادا ڪيو آھي.
ھاءِ اسڪول جوھي جي استادن ۾ اڪثر استاد انتھائي ذھين ۽ پنھنجي پيشي سان سچا رھيا جن ۾ منھنجو عرصي تائين آئيڊيل رھندڙ ڪمال الدين کوسو سرفھرست آھي جيڪو اٺين ڪلاس ۾ اسانجو ڪلاس ٽيچر ٿيو. سائين کي جنون جي حد تائين پنھنجي ڪم سان لڳاءُ ھيو. سندس اصلي ڳوٺ الھداد فقير ڀرسان ھيو جڏھن اسڪول ۾ پڙھائيندو ھيو تہ اتي ئي شام تائين جوھي شھر ۾ ڪرائي جي بيٺڪ تي رھندو ھيو . سائين بيمار شاگردن جو علاج ڪرڻ لاءِ سائينس ھال ڀرسان ھڪ ڪمري ۾ ننڍڙو شفاخانہ بہ قائم ڪيو جنھن ۾ ھڪ لائبرري ۾ بہ ھئي جتي ادب، تاريخ۽ سائنس تي ڪافي ڪتاب پيل ھوندا ھيا. سائين ڪمال دين انگريزي گرامر ۾ ڏاڍو ھوشيار ھيو. انگريزي پڙھائڻ لاءِ سندس تيار ڪيل گرامر جو بُڪ ڪمال جو ھيو جنھن کي آءُ جلد ٻڌي عرصي تائين پاڻ وٽ سنڀالي رکيو. مان ڪلاس مانيٽر ھيس ۽ سندس دادلو شاگرد پڻ ھيس. ھو مونکي شام جو پنھنجي بيٺڪ تي پڻ گهرائيندو ھيو جتي وٽس طلوع سميت مختلف ملڪن جا انگريزي اردو رسالا ايندا ھيا. وٽس پاڪ سوويت فرينڊشپ جو لٽريچر پوسٽ ذريعي ايندو ھيو جن ۾ اردو رسالي ”طلوع “ انگريزي رسالي ” اسپوٽنڪ“ سميت سوويت يونين ۽ چين مان پبلش ٿيل لٽريچر جهجهي تعداد ۾ ھوندو ھيو. سائين سان گڏ انھي بيٺڪ تي سندس سئوٽ نياز حسين کوسو پڻ رھندو ھيو جيڪو ماستر مان اڳتي ھلي نيشنل بئنڪ جوھي جو مينيجر بہ ٿيو. زندگي ۾ ڪنھن استاد مونکي ايترو متاثر نہ ڪيو جيترو ڪمال دين ڪيو. ھو پنھنجا سمورا ڪم ڪار مونکي چوندو ھيو. مان جتي ڪٿي ڪمال دين جي تعريف ڪندو ھيس. ھڪ ڏينھن آءُ جوھي کان ڳوٺ پئي ويس تہ ڳوٺ مينھون کوسي جو رھواسي مولوي عبدالغفور کوسو مونکي مليو پڇيائين تنھنجو ڪلاس ٽيچر ڪير آھي کيس نالو ٻڌائيندي چيم تہ تمام گهڻُو ھوشيار آھي. مونکي ھڪ سوال ڏنائين تہ ايترو ھوشيار آھي تہ پوءِ جملي، ”چڏ ٿو مارائين ۽ چوکا ٿو کائين “ جو انگريزي پڇي مونکي ٻڌائجائين. ٻئي ڏينھن جيئن سائين ڪلاس روم ۾ داخل ٿيو تہ مون کيس ڊڄي ڊڄي چيو تہ سائين ھڪ جملي جو انگريزي ترجمون ٻڌايو سائين جو موڊ ڏاڍو سٺو ھيو سو چيائين تہ ھا پڇ. مون کيس چيو تہ سائين جملي ۾ ڪجهہ خراب لفظ بہ آھن سائين وري چيو ڊڄ نہ پڇ. مون کيس جملو ٻڌايو سائين جملو ٻڌي تپي باھ ٿي ويو ۽ ٻہ ٽي چماٽون ھڻي ڪلاس مان ٻاھر ڪڍي ڇڏيائين. مان ڪافي وقت تائين اسڪول جي ٻاھران ويٺو رھيس نيٺ ڪلاڪ ڏيڍ کانپوءِ مونکي ڪوئي سڏڻ آيو تہ سائين سڏئي ٿو. سائين پنھنجي ڊسپينسري ۾ ويٺو ھيو. سائين مونکي ڏسي کليو ۽ پوءِ بجو کولي مونکي چيائين ھن ۾ ٻوٿ ھڻ. مون ائين ئي ڪيو سائين مونکي دلداري ڏئي ڳلن تي ٿڦڪي ڏني ۽ چيائين تہ اھڙو خراب سوال تو ڇو پڇيو؟، مون کيس چيو تہ سائين مون توھان کي چيو ھيو تہ جملي ۾ خراب لفظ آھن ۽ اوھان جي اجازت کانپوءِ مون سوال پڇيو. سائين ڪلاس ۾ سبق تي ڏاڍي محنت ڪرائيندو۽ اھو پڻ جتن ڪرائيندو ھيو تہ انگريزي صرف مونکي ئي صحيح اچي ٿي. اسين ڪلاس جا تقريبن پنجيتاليھ شاگرد باقي ڪلاسن جي شاگردن سان پڻ اھا ئي ڳالھ ڪندا ھئاسين. گهڻُو عرصو پوءِ مونکي خبر پئي تہ سائين جي وڏي پٽ جو نالو مجيب الرحمان آھي جنھن مان سائين جي سياسي ۽ ذھني ميلان جو اندازو ٿئي ٿو. مئٽرڪ ۾ منھنجو ڪلاس ٽيچر الھياراڻي واسي محمد قاسم لغاري ٿيو. سائين ڪپڙي لٽي پائڻ جو شوقين ھيو ڪلاس ۾ پينٽ شرٽ پائي ايندو ھيو تہ صفا ڇوڪرو لڳندو ھيو. سائين جو پڙھائڻ جو انداز نرالو ھوندو ھيو. ڪلاس دوران سندس مزاح جاري ھوندو ھيو. جام قصا ٻڌائيندو ھيو جنھن ۾ الھياراڻي جي دادلي ڪُتي جو قصو ٻڌي سڀ کل ۾ ٻڏي ويندا ھياسين. جڏھن مئٽرڪ جا فارم ڀرجڻ جو وقت آيو تہ امتحان جي في کان ڪجهہ روپيا وڌيڪ ورتا ويا جنھن جو جواز سائين اھو ٻڌايو تہ فارم صحيح نموني ڀرڻ لاءِ ڪلاس جا ڪجهہ دوست روز شام جو ويھندا جيئن فارم صحيح نموني ڀرجي سگهن. اھا مشق ڪجهہ ڏينھن ھلي جنھن دوران چانھ پڪوڙن تي اھو خرچ ڪيو ويو. اٺين ڪلاس ۾ منھنجي ذھن ۾ اھو ھيو تہ انگريزي صرف سائين ڪمال دين کي اچي ٿي ليڪن سائين محمد قاسم لغاري جي ڪلاس ٽيچر ٿيڻ کانپوءِ منھنجي غلط فھمي دور ٿي ويئي. سائين محمد بخش لغاري ستين ڪلاس ۾ منھنجو ڪلاس ٽيچر ٿيو جيڪو روزانہ دادو مان ايندو ھيو. انتھائي سنجيدہ ۽ ڪم سان ڪم رکڻ وارو اعلي ظرف وارو ماڻھو ۽ استاد ھيو. سندس قد ڊگهو ۽ کيس منھن تي ماتا جا نشان ھيا. سندس انگريزي پڙھائڻ تہ سٺو ھيو ليڪن سائين مئٿس تمام سٺي پڙھائيندو ھيو ھڪ ڀيري مئٿس جي پيپر ۾ مونکي سئو جون سئو مارڪون ڏنائين. ھاءِ اسڪول جوھي ۾ ھڪ ھوشيار استاد سائين احمد خان لاشاري پڻ ھيو. توڙي جو سائين احمد خان منھنجو ڪلاس ٽيچر نہ ھيو ليڪن اسڪول ۾ سائين جي شھرت انگريزي ۾ ھوشيار استاد طور ھئي. ڪلين شيو شڪل صورت ۾ خوبصورت ھيو سندس شخصيت پرڪشش ھئي. سائين جا سنڌي توڙي انگريزي اکر ڏاڍا خوبصورت ھوندا ھيا. ھڪ ڀيري سائين احمد خان لاشاري ڪنھن استاد جي غير حاضري سبب اسانجي ڪلاس ۾ پيريڊ وٺڻ آيو. ٿوري ڳالھ ٻولھ کانپوءِ مون سان طنزيہ مخاطب ٿيو تہ تون ڪلاس جو مانيٽر آھين. مون ھائوڪار ڪئي. سائين اٿي بورڊ تي لکندي چيو تہ جيڪو ھي سوال حل ڪندو انکي ڪيڪ کارائيندس ۽ چانھ بہ پياريندس. سائين ڪوشش ڪري ھر سوال مونکان پئي پڇيو. سائين گرامر جا جيڪي سوال ڪيا مون کيس جواب ڏنا. ائين ھڪ بار نہ ڪئي بار سوال ٿيا ۽ ھر ڀيري آءُ ڪيڪ چانھ کٽيندو رھيس. سائين احمد خان لاشاري ھڪ ڀيري اسان کان سينيئر ڪلاس ۾ عرس پنھور نالي شاگرد کي ايتري مار ڪڍي جو کيس ڪٽيندي ڪٽيندي مضبوط رول ڀڄي پيو ۽ عرس پنھور جون دانھون ڪوڪون پوري اسڪول ۾ گونجنديون رھيون. احمد خان لاشاري منھنجي وڏي ڀاءُ مولوي واليڏني جو گهرو دوست ھيو. شام جو اڪثر دڪان تي ويٺل ھوندو ھيو. انھي سنگت ۾ سائين احمد خان جو عزيز مينھون لاشاري پڻ ھوندو ھيو تہ فضل سولنگي بہ ھوندو ھيو. فضل سولنگي 1978ع ۾ مون سان گڏ جيل ۾ بہ ويو ھيو. بابا کي ادا جي اھا سنگت ۽ دڪان تي ڪچھري پسند نہ ھئي. منھنجو ڀاءُ جڏھن بہ ڪپڙي جي خريداري لاءِ سکر ويندو ھيو سائين احمد خان کي ساڻ وٺي ويندو ھيو جتي ھو گهمندا ڦرندا، فلمون ڏسندا ۽ خريداري ڪندا ھيا. ھڪ ڀيري ڀاءُ سان ضد ڪري آءُ بہ ساڻن گڏ سکر ويس. جيڪي ھنن پاڻ ڪپڙا ورتا مون بہ وٺي ڏيڻ جي ضد ڪئي ليڪن منھنجي ھڪ نہ ٻڌي وئي ۽ آءُ روئيندو ڳوٺ واپس آيس. ھاءِ اسڪول ۾ سچل شاھ نالي استاد اسانکي سنڌي پڙھائي. سچل شاھ ڊگهي قد وڏن شھپرن ۽ وجاھت وارو شخص ھيو. ھو جيڪو عرصو جوھي ھاءِ اسڪول ۾ رھيو ماسترن جي روايتي ڇڇوري پڻي کان پاسي تي رھيو. کيس سنڌي گرامر تي عبور حاصل ھيو. سائين الھرکيو کوسو اسانکي اردو پڙھائيندو ھيو. سائين ھڪ حرڪت تي مونکي ڏاڍي مار ڏني. انڪري اسڪول جي دور ۾ تہ سائين مونکي ايترو متاثر نہ ڪيو ليڪن سائين الھرکيو جوھي جي سماجي زندگي ۽ تحريڪ ۾ جيڪو”آئيڪون“ ٿي اڀريو اھوغير معمولي آھي. ان وقت جوھي جي سنڌ گريجوئيٽس ائسپسئيشن جيڪڏھن نالي چڙھيل ھئي تہ ان۾ وڏو ڪردار الھرکئي کوسي جو آھي جنھنجي نتيجي ۾ ھو سگا جو مرڪزي اڳواڻ پڻ ٿيو. جڏھن مون ڪلينڪ شروع ڪئي تہ ھو منھجي ڪلينڪ تي مسلسل ايندو ھيو ۽ سماجي ڪم ڪار لاءِ اتساھيندو ھيو. جوھي جي سماجي تحريڪ ۾ ڪي پنجويھ سال آھن جنمان الھرکئي کوسي کي ڪڍي نٿو سگهجي انھي عرصي دوران لڳل اکين جون ڪئمپون، ڳوٺ صالح جمالي ۾ عرصي تائين ھلندڙ ھفتيوار ڪلينڪ، جوھي جو روشن تارا اسڪول اھڙا ڪم ھيا جن ۾ الھرکئي کوسي جو ڪليدي ڪردار ھيو. انھن سرگرمين ۾ حصي وٺڻ ۽ گهر کي وقت نہ ڏيڻ سبب سائين جي ٻارن جي پڙھائي متاثر ٿي جنھن کي سندس ناگهاني موت پاڻ سنڀالڻ جو موقعو بہ ڪونہ ڏنو. ھاءِ اسڪول ۾ عبدالواحد ٻٻر ۽ حاجي خان کوسو جھڙا سينيئر استاد بہ ھيا ليڪن انھن وٽ نہ پڙھڻ جي ڪري مٿن تبصري لاءِ مون وٽ ڪو مواد موجود ناھي. اسڪول ۾ ٻہ استاد اھڙا ھيا جن جو اسڪول ۾ ڪردار تڪراري رھيو. جن ۾ عربي جو استاد مولوي علينواز رند ھيو جنھنجو ڪم پنھنجي شاگردن کان گاھ ڪرائڻ سامان گهر پھچائڻ جي چوگرد گهمندو ھيو. ڏنگڙي جي جان محمد سولنگي تي سندس خاص رايو ھيو جيڪو کيس ڪڻڪ، بھ، سميت ساريون بہ پھچائيندو ھيو. ھڪ ڀيري سائين علي نواز ڪلاس ۾ پيريڊ ۾ دير آيو، جان محمد سولنگي ڪلاس ۾ حرڪت پئي ڪئي آءُ ڪلاس مانيٽر ھيس کيس روڪيم ۽ کيس چاڪ اڇلي ھنيم. جان محمد سائين علي نواز کي دانھن ڏني. ھن مونکان اچڻ سان اھڙو سوال پڇيو جنھن جو جواب مون کي نہ آيو. پوءِ تہ ھن ڀري مونکي اھڙي لپاٽ ھنئي جو منھنجي ڪنن مان دونھان نڪري ويا ۽ آءُ ھيٺ ويھي ويس ۽ منھنجو پيشاب وھي ويو. تڪراري طور ڳوٺ ٿرڙي جادو شھيد جو استاد نوازعلي ٻٻر بہ ھيو جيڪو وري گٿن لفظن ۽ اڍنگي ٻولي سبب مشھور ھيو. اسانجي اسڪول ۾ منھنجي تعليم دوران ٻہ ھيڊ ماستر ٿيا جن ۾ ھڪ سيوھڻ جو غلام حيدر سولنگي ھيو ۽ ٻيو ناصر پنجابي ھيو جن اسڪول ۾ گهربل غيرنصابي سرگرمين لاءِ ڪي قدم ڪونہ کنيا. ليڪن ان باوجود ھاءِ اسڪول جوھي جي ماحول منھنجي شخصيت جي تعمير۽ تربيت ۾ ڪئٽالسٽ جو ڪردار ادا ڪيو. زبردست استاد بہ مليا تہ بھترين دوست بہ مليا. پرائيمري اسڪول جوھي ۾ سائين محمد حسن پنھور جي ڳالھين مونکي ٻاروتڻ ۾ جيڪو ڇرڪ ڀرايو ھيو تنھن ڇرڪ کي فڪر جي اڏام چترڪار فتاح ھاليپوٽي پاران ھاءِ اسڪول جي ڊرائينگ ھال جي ديوارن تي چٽيل چترڪاري ڏني، اھي ڪردار جن جا نالا، سندن گُڻ بہ مونتي آشڪار ٿيا ۽ انھن تصويرن چٽڻ جو مقصد بہ منھنجي من اندر ۾ گهر ڪري ويو. سائين ڪمال الدين کوسي جي بيٺڪ تي طلوع، اسپوٽنڪ جو مطالعو ٿيو، اسماعيل کوسي، اڪبر جسڪاڻي، شريف ٿھيم سان مکاميل ٿيو تہ 1977 پڄاڻان آءُ بلڪل ھڪ الڳ ماڻھو، ھڪ سياسي ماڻھو بڻجي چڪو ھيس جيڪو ڳوٺ بخش علي رند واري مولودي تشخص کي پوئتي ڦٽو ڪري گهڻو اڳتي نڪري آيو ھيو.

جيل جون يادون

جيل ڊائريون لکڻ جو رواج اڄ جو نہ بلڪہ ڪافي پراڻو آھي. جيل جون ڊائريون نہ صرف لکيون ويون بلڪہ پڙھيون ويون ۽ اھي ڪافي مقبول بہ ٿيون. 19 صدي جي آمد استعماري قوتن خلاف بغاوت ۽ جبر جي نظام سان مھاڏو اٽڪائڻ سان عبارت آھي جنھن دوران ظلم سان جهيڙيندي ڪافي سياسي ماڻھن، حريت پسندن پنھنجون جيل ڊائريون لکيون. برضغير ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد جي جيل ڊائري ”غُبارخاطر“ جي نالي سان ڏاڍي مقبول بہ ٿي. سنڌي ۾ رسول بخش پليجي ڪوٽ لکپت جيل جو قيدي لکيو، شيخ اياز ساھيوال جيل جي ڊائري جڏھن تہ طارق اشرف بہ جيل جي ڊائري لکي انھي ريت کي اڳتي وڌائيندي نالي زير نظر ڪتاب ”گهنگهر گهاريم ڏينھڙا“ بہ لکيل آھي جيڪو مشھور شاعر، ليکڪ، سڪندر سرواڻ جي جيل ياترا جو احوال آھي. انھي جيل ياترا ۾ آءُ بہ ساڻس گڏ رھيس.
نوابشاھ ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي شيرين سومرو سان مبينہ لڄالٽ واقعي خلاف احتجاج ڪرڻ جي ڏوھ ۾ سنڌ جي باقي شاگردن جيان سڪندر سروآڻ سميت ڪجهہ نوجوانن بہ احتجاج ڪندي جوھي ھاءِ اسڪول ۾ جلوس ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي نتيجي ۾ گرفتار ٿيا ۽ کين ھڪ سال سزا بہ لڳي. دادوسب جيل، جووينائيل جيل لانڍي ڪراچي ۽ سينٽرل جيل سکر تي مشتمل اھا ياترا آڪٽوبر 1978ع جي پھرين ڏھي ۾ شُروع ٿي جنوري جي پڇاڙي ۾ پُڄاڻي تي پُھتي. توڙي جو سڪندر سرواڻ جو تفصيل ڪيل بيان ڪافي مُفصل آھي ليڪن سندساصرار تي ڪجهہ گُذارشون عرض رکجن ٿيون.
70 جي ڏھائي دنيا سميت پاڪستان ۾ بہ اُٿل پُٿل جي ڏھائي. قومي تحريڪن جو عروج ھيو ۽ 1975 ۾ ويٽنام جو انقلاب ۽ 1978ع ۾ افغان ثور انقلاب انقلابي لھر کي جنم پئي ڏنو. انھي دور ۾ جوھي جھڙي ننڍڙِي شھر ۾ سياسي ڪارڪنن، شاگردن جي ويھڻ لاءِ ٻہ بيٺڪون ھيون جيڪي تُند سياسي بحث مباحثي جو مرڪز ھيون. صبح جي وقت بشير پنجابي جي ھوٽل ۽ شام جو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل والي بال گرائونڊ سامھون جامع مسجد آڏوسڪندر سرواڻ جي ڪئيبن. انھي ڪئبن ۾ سگريٽ ماچيس سوپارين کٽمٺڙن سميت ڪتاب رسالا اخبارون بہ رکيل ھوندا ھئا. اھا ڪئيبن صبح جو سڪندر سرواڻ جي دادو ڪاليج وڃڻ ڪري سندس والد نانا ڪوڙو سومرو جي حوالي ھوندي ھُئي جڏھن تہ شام جو سڪندر سرواڻ جي واپسي تي انھي ڪئبن تي اڪبر جسڪاڻي، شريف ٿھيم، اسماعيل کوسو، غلام قادر ٿھيم، عزيز ڪنگراڻي، حبيب ڪنگراڻي، محرم سومرو، سائين بخش رند۽ مون سميت ڪافي دوستاچي ويھندا ھئا ۽ سياست، انقلاب، ادب سميت ڪافي مامرن تي ڳالھ ٻولھ ڪندا ھئاسين. سرواڻ، اڪبر، شريف، غلام قادر جي پراڻي چوياري ھئي. غلام قادرٿھيم ۽ سڪندر سرواڻ جا سياسي نظرياتي خيال اڪبرجسڪاڻي ۽ شريف ٿھيم کان مختلف ھيا. انھي ڪئبن ۽ سنگت ۾ مون سميت باقي دوستن جي انٽري 1976ع ۾ ٿي. سرواڻ جي ڪئبن ۾ ”چڻنگ“، “تحريڪ“”وطن دوست“، ”ھلال پاڪستان ميگزين“ سميت باقي ميگزين بہ ٽنگيل ھوندا ھيا جيڪي ٻين کي تہ خريد ڪرڻا پوندا ھيا ليڪن اسان جي پڙھڻ لاءِ مفت ۾ موجود ھوندا ھيا. مارشلا دور ۾ اھڙي ويھڪ ۽ ڪچھري کي ٿيڻ ڏيڻ جو گردو ھڪ بشير پنجابي کي ۽ ٻيو سڪندر سرواڻ کي ھيو. ائين ئي شيرين سومرو واري واقعي وقت بہ جيڪڏھن سڪندر سرواڻ جي ڪئبن نہ ھجي تہ غالب امڪان آھي تہ پاڻ سنگت جو ميل نہ ٿئي ھا نہ وري شيرين سومرو ڪيس ۾ پاڻ گرفتار ٿيون ھا نتيجي ۾ پاڻ جيڪي اڄ آھيون انجي ڀيٽ ۾ شايد گهڻو ڪجهہ مختلف ھجون ھا.
انھي واقعي کانپو۽ گرفتاريون بہ ٿيون تہ شاھديون ۽ سزا بہ ٿي جنھنجو تفصيل ھنڪتاب ۾ بيان ٿيل آھي. دادو جي سمري ملٽري ڪورٽ ۾ جيڪا ڳالھ ٻولھ ٿي انھي جو باقي تفصيلي اڪائونٽ تہ ھاڻ ياد نہ رھيو آھي ليڪن ڪلھوڪن ڇوڪرن فوجي عدالت، انجي جج، انجي ڪارندن جا جيڪي پگهر ڪڍي ڇڏيا اھي ياد ڪرڻ جھڙا آھن. انھي ڪورٽ ۾ سرڪاري شاھد گورنمينٽ ھاءِ اسڪول جوھي جي ھيڊ ماستر محبوب علي ھيسباڻي تي خوب جرح ڪئي جڏھن تہ جمعدار شاھ محمد لغاري جي شاھدي تي ڏاڍو کلياسين جڏھن جمعدار شاھ محمد لغاري کان پڇيو ويو تہ ھي جيڪي جوابدار تو ايف آ۽ آر ۾ ڄاڻايا آھن اھي ڪيئن احتجاج ڪري رھيا ھيا تہ ھنجو جواب ھيو تہ اھي ٻين ڇوڪرن کي سڏي رھيا ھيا . ڪورٽ جي جج جڏھن کانئس پڇيو تہ اھي کين ڪيئين سڏي رھيا ھيا تہ ھن ڪورٽ ۾ ھٿ جو اشارو ڪري اردو ۾ چيو تہ ”آئو آئو آئو. . آئو آئو. . . . “. فوجي عدالت جي بار بار چوڻ تي تہ ھي ٻين کي ڪيئن گهرائي رھيا ھيا تہ ھن جو ھٿ سان اشارو ڪري چوڻ اھو ساڳيو ئي ھيو تہ”يي بول رھي ٿي. . . آئو آئو. . “جنھن تي ڪورٽ ۾ ويٺل جج بہ مسڪرايو پئي تہ وڪيل، شاھدن جي کل بہ ڪانہ پئي بيٺي ۽ اسان ھٿ ڪڙيون ٻڌل جوابدارن ھنجوڪورٽ ۾ مذاق پئي اڏايو.
دادو سب جيل ۾ گنبل شاھ جي وڏي پُٽ قمر شاھ جي قرب، محبت کي پاڻ ھميشہ بياد رکنداسين. ھن نہ صرف قرب محبت ڏنو بلڪہ ھن اسان ڪالھوڪن ڇوڪرن، رنگروٽن جو ڏاڍو خيال رکيو. جنھن باريڪ ۾ اسانکي رکيو ويو ھيو انھي جو چڱو مڙس بہ قمر شاھ ھيو نتيجي ۾ اسان جو ھن جي خيال رکڻ جي ڪري بہ خيال رکيو ويو. جڏھن تہ عمومن نون قيدين کان داخل ٿيڻ وقت ڇت جون پٽيون ڳڻايون وينديون آھن. پھرين ڏينھن ماني ڏيڻ دوران چاپئين ڏاڙھي واري ھن مرشد جنھن شفقت سان ڳالھ ڪندي انھي ماني ڏيڻ وقت جيڪو جملو چيو تہ ”پٽ ماني سفيشنٽ آھي“ اھو مونکي اڃا وسريو ناھي. ھنجو ڀاءُ لطيف شاھ سُٺو شاعر ھيو، پنھنجو غزل ”سُھڻا ڏس تہ تنھنجي صلاح ڇا آھي“ھو ترنم ۾ ٻُڌائيندو ھيوجنھنکي سڀ غور سان ٻُڌندا ھيا ليڪن بشير ٿھيم ڏاڍو حرڪتي ھوندو ھيو انھي بند جي پيروڊي ٺاھيائين تہ”سُھڻا ڏس تہ تنھنجي ڦٽي ڇو آھي“، بشير ٿھيم جنھن وقت فارغ ھوندو ھيو اھا سٽ کلي ۽ ورجائيندو رھندو ھيو ۽ ليڪن انھي کي قمر شاھ ۽ لطيف شاھ ڪڏھن بہ دل تي نہ ورتو.
سڪندرسرواڻ لکيو آھي تہ مان ڳائيندو ھيس. اھو بلڪل ٺيڪ آھي تہ مان ڳائيندو ھيس ليڪن مون دوستن کي اھو بہ ٻُڌايو ھيو تہ مان ننڍي لاءِ مولود ڳائيندو ھيس ڇو تہ منھنجو تعلق مذھبي گهراڻِي سان ھيو. دادو سب جيل ۾ رات جو ماني کائڻ کانپو۽ سڀ قيدي پنھنجي باريڪن جي اولھ ڏانھن کلندڙ تالو لڳل گيٽ تي اچي بيھندا ھيا اھي باريڪون غالبن تعداد ۾ پنج ھيون ۽ائين پنھنجي باريڪ جي لوھي در تي اولھ ڏانھن منھن ڪري آءُ عزيز ميان جي قوالي ”مين شرابي شرابي“انھي جي اسٽائيل سان ڳائيندو ھيس. جيسين دادو جيل ۾ رھياسين مان ۽ عزيز ميان جي قوالي روز جو معمول ھيو ۽ ڪڏھن ڪو مولود يا اردو غزل بہ ٿي ويندو ھيو. اسانجي جيل ۾ ھجڻ دواران دادو جيل ۾ مشھور زمانہ ڌاڙيل عباس ڪٽوھڙ جيل ۾ آيو. وڏو ڏاميش مڙس ھيو. پاڻ تہ ڪونہ ڏٺو ليڪن جيل ۾ اھا ڳالھ عام ھئي تہ جيسين جيل جا ٻيئي در مڪمل نہ کليا تيستائين عباس ڪٽوھڙ جيل ۾ اندر داخل ئي نہ پئي ٿيو. انھي جي دليري ۽ ڏاميش ھجڻ جي ھاڪ جي تقليد ڪندي اسان بہ پنھنجي جيل جي ساٿي عباس سولنگي کي عباس ڪٽوھڙ سڏڻ شروع ڪيو جيڪو انھي انھي نالي تي سگريٽ جو ڪش ھڻندي ڪالر ڇنڊيندو ھيو. اسان سان جيل ۾ ھڪ قيدي اھڙو بہ ھيو جنھنجو نالو وسري ويو آھي جيڪو چوندو ھيو تہ مونکي ”سچُوءَ“ لڳڻ تي سور نہ ٿيندو آھي ڇو جو مون واري مائي سڳوري جي کل مارکائي کائي سخت ٿي ويئي آھي انڪري سور چھنڊڙي جيترو محسوس ٿيندو آھي، اھو ھمراھ ڪافي عرصو پوءِ ھڪ اڌ دفعو جيل کان ٻاھر منڊڪائيندي بہ مليو. ھنجو چوڻ ھيو تہ مار جي اثر ڪري ٽنگ متاثر ٿي آھي. ليڪن ڏوھ اڃان بہ ڪيان ٿو.
ڊسمبر ۾ اسان لانڍي بورسٽل جيل منتقل ڪيا وياسين توڙي جو لانڍي جيل جو روزانہ جو وچور سڪندرسرواڻ ڊائري ۾ نوٽ ڪيو آھي ليڪن ان۾ اڃا بہ گهڻيون ئي يادون رھجي ويون آھن. لانڍي جيل ۾ اسان سڀ کان وڌيڪ عرصو رھياسين جنھن ۾ سي ڪلاس جي قيدي ھوندي اسان بي ڪلاس جون سھوليتون ماڻيندا ھئاسين. مارشلا دور ۾ جيلن ۾ سياسي قيدين جي غيرمعمولي تعداد ۾ موجودگي جيل جا قائدا قانون ٽوڙي ڇڏيا ھيا. انھي جيل ۾ ئي مون ”گولڊن بو“ جو سنڌي ترجمو “جادو ۽ سائينس“ جا ٽيئي جلد، اھي ڏينھن اھي شينھن، جنب گُذاريم جن سين جھڙا ضخيم ڪتاب پڙھيا ۽ جيترو مطالعو مون لانڍي جيل ۾ ڪيو ايترو مان ڪڏھن بہ پڙھي ڪونہ سگهيس. انھن ڪتابن مان اڪثر ڪتاب مونکي اڪبر جسڪاڻي ڏياري موڪليا ھيا. انھن ڪتابن مان ئي ھڪ ڪتاب شايد جادو ۽ سائينس جي ھڪ واليوم تي اڪبر جا ھٿ اکر لکيل آھن تہ”گدڙ چڙھيو گهوڙي تي لوڪڙ لوڏي ٻانھن ڪنھن کي ڏيان دانھن سانڊو ڌڻي سنڌ جو. “. مونکي ھڪ ٻي عادت بہ ھُئي تہ جيڪو ڪتاب ھٿ چڙھيو انجي اندرين صفحي تي خالي جاءِ تي وڏن اکرن ۾ ”سنڌ“ نالي سان ڊرائينگ ڪندو ھيس ائين ئي دادو جي شاگرد ۽ ساڳي ڪيس ۾ سزا ڪاٽيندڙ منظور پنھور جي شايد ڪيمسٽري جي ڪتاب تي ”سنڌ “ڊرائينگ ڪيم ۽ پو۽ منظور پنھور جا ڏاڍا دڙڪا بہ جهليم. جيل ۾ اسان جا اسٽڊِي سرڪل ھلندا ھئا جن ۾ ڪافي ڪتاب بحث ھيٺ آيا. اھڙو ذڪر سڪندر سرواڻ بہ ڪيو آھي تہ ڪيئن پاڻ انتھائي محنت سان مرتب ڪيل ”وطن دوست “ ميگزين ۾ جنرل شير محمد مري عرف جنرل شيروف جو انٽرويو صرف بار بار پڙھندا ھئاسين بلڪ انتي اسٽڊي سرڪل بہ ڪندا ھئاسين. جيستائين ياد پوي ٿو” وطن دوست “ ميگزين جا ٽي ضخيم پرچا ان دوران مطالع ھيٺ رھيا. اسٽڊِي سرڪل ۾ اسان عام قيدين کي بہ ويھاريندا ھئاسين. قتل جي ڪيس ۾ ھڪ نوجوان کدڙو ۽ ھڪ پٺاڻ نوجوان گرفتار ٿي آيا انھن کي بہ اسان اسٽڊي سرڪل ۾ ويھاريو. انھي قاتل کدڙي اسٽڊِي سرڪل ۾ ويھڻ جي موٽ ۾ اسان کي ڏھين محرم جي جلوس ۾ دعوت ڏني ۽ يڪجهہتي طور ڏھين محرم جي عاشوري جي جلوس ۾ اسان ماتم ڪيو. مون خود سيني زني ڪئي.
لانڍي جيل ۾ ئي مونسان پروگريسو جيئي سنڌ جا دوست مشھور دانشور فقير محمد لاشاري، صادق بڙدي، سليمان چارڻ بہ ملڻ آيا. فقير محمد لاشاري ۽ صادق بڙدي جو انتقال ٿي ويو آھي جڏھن تہ سليمان چارڻ جيڪي دادو جو رھواسي ھيو ۽ شاھ لطيف ٽيچر ائيسوسيئيشن جو عھديدار ھيو تنھنجو ڏس پتو ھن مھل ڪو ڪونھي. اسان سان گڏ خيرپور ناٿن شاھ جو نوجوان سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو صالح لاکير بہ ھيو، ھو سياسي طور ايڏو پختو ڪونہ ھيو. جيل ۾ پھچڻ کان اڳ ئي اڪبر، شريف ۽ مون ڄام ساقي ۽ نظير عباسي جيايس اين ايس ايف ۾ شموليت جو فيصلو ڪري ورتو ھيو انڪري منھنجي ڪوشش ھئي تہ صالح لاکير سان ڪچھري ڪجي ۽ ائين باقي سنگت سان رابطو ڪجي ليڪن پو۽ خبر پئي تہ صالح لاکيرياري دوستي ۾ اچي ايس اينايس ايف جو ميمبر ٿيو ھيو. جڏھن بہ ڪنھن دوست جي ملاقات ايندي ھئي ماڙيِ تي اسان سڀ ويندا ھياسين. ائين ئي ھڪ ڏينھن گهنڊيدار وارنھڪ نوجون صالح لاکير جي ملاقات تي آيو. انجي ڪچھري مان ايترو متاثر ٿيس جو پنھنجي مھمان بجا۽ انھي سان ڪچھري ۾ لڳي ويم. جڏھن ملاقات ختم ٿي ۽ سڀ واپس موٽياسين تہ صالح ٻُڌايو تہ گهنڊيدار وارن اھو نوجوان نظير عباسي ھيو. منھنجي پنھنجي آئيڊيل نظير عباسي سان اھا پھرين ۽ آخري ملاقات ھُئي. خيرپورناٿن شاھ سان ئي اسلم شاھ جوواسطو بہ آھي جيڪو ننڍڙو نازڪ نوجوان ھيو جنھن دادو مان ھفتيوار” قلندر“ اخبار ۾ ضيا جي مارشل لا خلاف ھڪ ڊگهو مضمون لکيو توڙي جو ھنجي گرفتاري جلوس ڪڍڻ ڪري ٿي ليڪن سندس چواڻي کانئس ”قلندر “ اخبار ۾۾ آرٽيڪل بابت بہ پڇا ڳاڇا ڪلئي ويئي.
لانڍي جيل ۾ اسانجي سٿ ۾ ٺٽو، خيرپورناٿن شاھ، دادو، جوھي جا نوجوان شامل ھيا . جن ۾ سرور خشڪ، مالڪ خشڪ، عابد لاکير، روشن ٻرڙو، مقبول پنھور جو تعلق جيئي سنڌ سان ھيو، سڪندر سرواڻ سڌو سنئون جيئي سنڌ جو ڪارڪن نہ ھيو ليڪن ھنجو تعلق چڻنگ سنگت سان ھيو ۽ ھو فڪري طور سائين جي ايم سيد جو پيروڪار ھيو، غلام قادر ٿھيم جو واسطو پيپلزپارٽي سان ھيو ليڪن بحث ھلندي ھو قومپرست وڌيڪ ٿي ويندو ھيو. بشير ٿھيم پڪو جيالو ھيو ليڪن بحث ۾ کُٽي پوندو ھيو تہ چوندو ھيو توھان وري ڀُٽي کان وڌيڪ عقلمند آھيو ڇا. . ؟، جڏھن تہ آءُ ڪميونسٽ سياست جي طرف رجحان رکندڙ اڪيلو نوجوان ھيس. امداد شاھ بہ ڪجهہ قومپرست سوچ جو حامل ھيو جڏھن تہ باقي نوجوانن جي ڪا تنظيمي يا نظرياتي وابستگي ڪونہ ھُئي.
سکر سينٽرل جيل ۾ سپاف جي ڪارڪن اياز سومرو جيڪو اڳتي ھلي قومي اسيمبلي جو ميمبر ٿيو چي گويرا جي سرخ ستاري واري ٽوپي پائيندو ھيو مرحوم ھاڻي ھن دنيا ۾ نہ رھيو آھي ليڪن انھي کي بہ آڪڙ ڏاڍي ھوندي ھئي. جڏھن تہ اسد ابڙو جيڪو بہ ھاڻي دنيا ڇڏي چڪو آھي پڙھيل لکيل سياسي ڪارڪن ھيو ۽ چوندو ھيو تہ ايس اين ايس ايف وارا نہ صرف پڙھيا لکيا ۽ ڪميٽِڊ آھن بلڪہ انھن ۾ ڊسيپلين بہ آھي . ھو گهنشام پرڪاش جي ڏاڍي تعريف ڪندو ھيو. آءُ جيڪو اڳ۾ ئي انھي تنظِيم ڏانھن راغب ھيس کي اھو ڏاڍو سُٺو لڳندو ھيو. ھي اھو گهنشام پرڪاش آھي جيڪو روپوشي ۾ ڊي ايس ايف سنڌ جو چيئرمين ٿيو، اڳتي ھلي سنڌ ترقي پسند پارٽِي ۾ شامل ٿيو اڄڪلھ انڊيا ھجرت ڪري ويو آھي. سکر جيل ۾ اسانجي بي ڪلاس جي ڪري بادشاھي ھوندي ھئي ۽ اسان لاءِ جيل ۾ رھڻ اھنجو نہ رھيو ھيو، سردي ۾ اُس کائڻ، راند کيڏڻ، ڪچھريون ڪرڻ، ڪتاب ۽ اخبارون پڙھڻ ئي اسانجو ڪم رھجي ويو ھيو. دادو سب جيل واريون تڪليفون اسان گهڻو پوئتي ڇڏي آيا ھياسين.
قيدوبند جي انھي ياترا ۾ ڪافي ماڻھن اسانجي اخلاقي، سياسي مدد ڪئي ڪئي. اسانجي ڪيس جي عدالت موجود ڊپٽي ڪمشنر دادو آفيس جي ئي ھڪ ڪمري ۾ لڳي ھئي جتي ئي سزا ٻُڌائي ويئي ھئي. ھڪ ڏينھن پيشي جي انتظار ۾ اسان ٻاھر بيٺا ھئاسين تہ ھڪ نوجوان وڪيل اسان سان ملڻ آيو ۽ اسان سان يڪجهہتي جو اظھار ڪيائين انجو نالو پير مظھر ھيو جيڪو تنھن وقت ڄام ساقي جي نيشنل پروگريسو پارٽي سان جڙيل ھجڻ جون ڳالھيون ھيون. جڏھن اسانکي گرفتار ڪيو ويو ھيو تہ غلام قادر ٿھيم، بشير ٿھيم جي وڏي ۽ ٽائون ڪميٽي جوھي جي چيئرمين دين محمد ٿھيم اسان کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ڏاڍي ڀڄ ڊُڪ ڪئي ائين ئي جوھي جي نيڪ مرد، ڀلوڙ انسان، سماجي شخصيت ٻاجهي خان ٿھيم بہ ڏاڍي ڪوشش ڪئي. سنڌي رسالي ”بيداري“ ۾ ”اسين لوچون لوھ ۾“ جي سري ھيٺ اسان جون قيد ۾ ڏيکاريل تصويرون بہ ڇپيون. ياد پوي ٿو تہ اھو رسالو سھيل سانگي جي ادارت ۾ نڪري رھيو ھيو. سزا ملڻ کان پو۽ اسانجو ڪيس جنھن طريقي جڳ مشھور وڪيل نوردين سرڪي وڙھيو انجي نتيجي ۾ ئي اسان جي دوستن جو پھرين فرصت ۾ ڪوڙا ختم ٿيا ان بعد اسان کي بي ڪلاس مليو ۽ آخر ۾ اسانجي ھڪ سال سزا جيڪا جون 1979 ۾ ختم ٿيڻي ھئي اھا جنوري 1979ع پڄاڻان پوري ٿي ويئي ۽ اسان گهر واپس موٽي آياسين. مونکي ياد آھي سخت سردي ۾اوڀر ۾ سج ڪني ڪڍي رھيو ھيو ۽ آءُ ھڪ ٿلھي ڊگهي ڪاري شال ۾ ويڙھيل پنھجي ڳوٺ ڏانھن لڙيس تہ منھجووڏو ڀاءُ مولوي واليڏنو اسان ڊکڻن جي گهرن جي ڏيڍي مان نمودار ٿيو سامھون سندس جي مون تي نظر پيئي ۽ ھن خوشي ۾ مون ڏانھن ڊُوھ ڪئي ۽ تڪڙو اچي ڀاڪر پائي مليو. ننڍڙي پاڙي ۽ ڳوٺ ۾ منھنجي واپس اچڻ جي ھوڪرمچي ويئي. ڏيڍيءَ کان اندر گهريس تہ بابا تي نظر پيئي جيڪو اسانجي گهر جي وچ اڱڻ تي کٽ تي ڪانڀ ڪڍيون ويٺو ھيو، مون کيس ويجهو اچي ڏٺو تہ سندس اکين مان ڳوڙھا لار ڪري وھيا پئي. ھن مونکي ڀاڪر ۾ ڀريو تہ آءُ سندس ڳوڙھن ۾ پُسي ويس تيسين امان ۽ ڀينرون بہ اچي ويون . منھجي سئوٽ ادي غلام قادر جيڪو اسان جو وڏو بہ سڏبو ھيو انھي منھنجي چڱي تاريخ چڏائي ليڪن مون تي انجي نصيحت ۽ دڙڪي دھمان جو ڪو اثر نہ ٿيو ڇو تہ مان گهڻو اڳتي نڪري چڪو ھيس سياست منھنجو اوڍڻ ٿي چڪي ھئي. مون فيصلو ڪري ڇڏيو ھيو تہ سياست ئي منھجو سڀ ڪجهہ آھي. اسانجي ڳوٺ ۾ جيل قيد ڪا نئين ڳالھ نہ ھئي. چوري چڪاري ۽ جيل ٿاڻي جا چڪرابراھيم رند ڳوٺ جي رندن جو پائڻ ھنڊائڻ ھيو ليڪن سياست جي بنياد تي جيل قيد منھنجي ئي کاتي ۾ اچڻو ھيو.
ذري گهٽ چار مھينا انھي قيد وارتا ۾ ڪجهہ ڪردار اھڙا آھن جن جو ذڪر ڪرڻ ضروري آھي. جيل ۽ قيد ۾ ڪافي دوست ھيا جن ھمت سان جيل ڪاٽي انھن سڀني ۾ بشير ٿھيم جو نالو سڀ کان مٿي آھي. ھوسڀ کان گهٽ پڙھيل ھيو مونسان گڏ سيڪنڊري ۾ پڙھندو ھيو پڙھڻ سان سندس ڪڏھن ڪونہ پئي اھو الميو ٿھيم برادري سميت ڀرواري رندن جي ڳوٺ جو بہ آھي جيڪي آباديون جوھي شھر ۽ انسان جڙيل ھجڻ باوجود اتي تعليم ڏانھن رجحان مڙيوئي گهٽ رھيو آھي. ائين ئي اڻ ڄاڻايل سبب ڪارڻ بشير ٿھيم جي پڙھائي رڪجي ويئي، وٽس ايتري نظرياتي ڄاڻ بہ ڪونہ ھئي. جيل ۾ قيد دوران ھڪ ڏينھن لاءِ بہ مايوس نہ ٿيو. سزا ملڻ کان اڳ ھر شنوائي دوران جيل کان ڪورٽ ايندي ويندي نعرا ھڻندو ھلندو ھيو تہ ”ھڪ سال ڏھ ڪوڙا“ ۽ پو۽ ٿيو بہ ائين کيس ھڪ سال ڏھ ڪوڙن جي سزا ملي. جوھي ۾ بہ ڪنھن شخص کي جيالو سڏيو۽ مڃيو ويو تہ اھو بشير ٿھيم ھيو. دنيا جھان جا ڏک، باربار جيل قيد ڏٺائين ليڪن ڪڏھن غمگين ٿيو نہ وري ڪڏھن رنوئي سھي ليڪن بينظير ڀُٽو جي موت تي اُڇنگارون ڏيئي رنو، جوھي شھر جي مين چوڪ تي انھي ڏينھن تڏو ڪيائين، بينظير جي موت جي ٻيئي ڏينھن تي انھي تڏي تي مليو، ڀاڪرين پئجي ويو، ڪاري چادر اوڍيل ھيس منھنجي ڪنڌ تي ڳل رکي پار ڪڍي رنو تہ ڊاڪٽر پاڻ يتيم ٿي وياسين انکان پوءِ ڪڏھن بہ سنئين لڱي نہ آِيو. بينظير جي موت سان شايد جيالا سياست بہ دفن ٿي ويئي ۽ ھو بہ پوءِ مايوسين اڪيلائين ۾ گهيرجي ھڪ ڏينھن مري ويو . اڄ جوھي ۾ نہ بشير ٿھيم آھي نہ اھڙا جيالا ئي آھن.
اسانجي سٿ ۾ بشير ٿھيم جو ويجهو عزيز غلام قادر ٿھيم بہ ھيو. تمام پڙھيو لکيو دلير ماڻھو ھيو. بشير ٿھيم جيان ھڪ ڏينھن بہ مايوس نہ ٿيو. استاد يوسف جون ڪافيون، عابدھ پروين جا ڪلام ڳائيندو ھيوڪچھري، چرچي گهٻي جو ڪوڏيو ھيو. نظرياتي طور اسان گهٽ ٺھندا ھياسين ليڪن ھنجي مونسان ڏاڍي لڳندي ھُئي. ھنکي مالش ڪرائڻ جو شوق ھوندو ھيو ۽ سندس مالشي جو ڪم مونکي ئي ڪرڻو پوندو ھيو. پيپلزپارٽي ۾ شامل ھيو ليڪن قومپرست سياست ڏانھن جهُڪاءُ وڌيڪ ھيس. شيرين سومرو ڪيس کان پوءِ بہ باربار جيل ويو. ھيو جيالو ليڪن قومپرستي واري لاڙي ڪارڻ پيپلزپارٽي ۾ اھا جا۽ نہ ٺاھي سگهيو جيڪا بشير ٿھيم کي ملي ھُئي. بينظير جي حُڪومت جيڪا 1988ع جي عام چونڊن جي نتيجي ۾ ٺھي ۾ قائم ٿيل ”پليسمينٽ بيورو “ذريعي بينڪ ۾ نوڪري مليس ليڪن مالي مُشڪلاتن پيڇو ڪونہ ڇڏيس. دل جو آپريشن ٿيس، مشڪلاتون آيس ليڪن پٿر جو ٺھيل ھيو. اصل ڏک نہ ڏيندو تہ اندر ۾ ڪھڙو لاوو پچي رھيو اٿس. گهر ۾ تمام گهڻا مسئلا ٿيس ۽ ڇونہ ٿينس وڏو عيال جو ھيس. ڀڄي ڀري پيو، پيپلزپارٽي ڇڏي فنڪشنل ليگ ۾ شامل ٿيو ليڪن کيس مزو نہ آيو واپس پيپلزپارٽِي ۾ موٽي آِيو. ڪجهہ سال اڳ ڪسمپرسي جي حالت ۾ سندس موت ٿيو.
اسان سان گڏ سزا کائيندڙ ھڪ ٻيو نوجوان عبدالحق سولنگي جوھي شھر جو رھواسي ھيو. غيرسياسي نوجوان ليڪن ڪچھري جو ڪوڏيو ۽ گاريون ڏيڻ ۾ غيرمعمولي طور معتبر ھيو . بشير ٿھيم جيڪو ڪنھن جي ڳالھ تي ڪونہ چڙندو ھيو حق سولنگي جي گارين جي اسٽائيل تي چڙي پوندو ھيو. عبدالحق سولنگي اينٽي ڪرپشن پوليس ۾ ڀرتي ٿيو ۽ فرض جي ادائگي ڪندي ھڪ روڊ ۾ ناگهاني موت جو شڪار ٿيو.
ھڪ ٻيو اسانجي سٿ ۾ ھڪ نوجوان جوھي ڀرسان ڏنگڙي جو رھواسي فضل سولنگي منھنجي وڏي ڀاءُ جو دوست ھيو. زميندارڻو ٻار ھيو. ٺُپ غير سياسي نوجوان ھيو، ڊاڙون ٻٽاڪون ھڻڻ کان ڪونہ ڪيٻائيندو ھيو چوندو ھيو تہ ابو زميندار آھي. انھي جو بہ ھاڻي ڪو ڏس پتو ڪونھي.
جوھي واسي علي ٿھيم صفا غريب جو ٻار ھيو. سياسي ماڻھن جي سنگت ۾ اچي ڦاٿو۽ ڪوشش باوجود قيد ۽ سزا کان نہ بچي سگهيوو. دين محمد ٿھيم جي قيصر سينيماجوھي جو سڀ ڪجهہ ھيو جڏھن آزاد ٿيو تہ پنھنجي اباڻي ڪرت يعني ڪاسائڪي ڪار سان لڳو ۽ کيس ٺيڪ ٺاڪ روزي ملڻ لڳي. جنرل ضياءَ جي دھشت واري عھد ۾ جيڪي سختيون ماڻھو جيل ڪوڙا، سختيون ڪاٽي آيا انھن سڀني کي ڪنھن نہ ڪنھن طريقي سان پيپلزپارٽي جي حُڪومت ۾ بحال ڪيو ويو ليڪن علي ٿھيم انھي سمورن مامرن کان پاسي تي رھيو.
ھن بحث ۾ محمد شريف ٿھيم جو ذڪر نہ ڪرڻ زيادتي ٿيندي جيڪو شيرين سومرو واقعي خلاف انھي احتجاج، انجي منصوبہ بندي ۾ اسان سان گڏ ليڊر جي صورت ۾ شامل ھيو. گهٽ ۾ گهٽ مونکي ائين چوندي وڌاءُ ڪونہ ٿو لڳي تہ جوھي شھر ۾ جديد سنڌي وطن پرست، ترقي پسند سياست جو ذڪر شريف ٿھيم ۽ اڪبر جسڪاڻِي کان سواءِ اڻپورو آھي. مون سميت ڪافي دوست انھن ٻنھي جي دوستي جي طفيل ميدان سياست ۾ آيا. اسان سڀ دوست وسيلن ۾ بہ کُٽل ھئاسين جڏھن تہ محمد شريف ٿھيم اسان جي ڀيٽ ۾ مڇي ماني وارو ھيو نتيجي ۾ ٻاھران ايندڙ مھمنان جي ماني ٽڪي، رھائش جو بندوبست شريف کي ئي ڪرڻو پوندو ھيو ۽ سڀ کان گهڻا ڪتاب بہ پڙھڻ لاءَ شريف وٽان ملندا ھيا. پھرين فرصت ۾ شريف ٿھيم گرفتار ڪونہ ٿيو ليڪن بعد ۾ گرفتار ٿي دادو جيل ۾ ئي رھيو. جڏھن سڀني کي ننڍي عمر جو سمجهي رعايتون مليون تہ ھو بہ آزاد ٿيو.
جوھي ۾ ترقي پسند سياست جي جيڪا نئين انٽري ٿي ان ۾ اڪبر جسڪاڻي جو نالو سڀني کان ممتاز ۽ مھندار واروآھي. پوءِ جي ميدان سياسات ۾ جيڪي بہ سياسي ڪارڪن، صحافي اڳتي ھلي ميدان عمل ۾ آيا ۽ نالي چڙھيا ٿيا تہ انھن جي ڪنھن نہ ڪنھن حوالي سان اڪبر جسڪاڻي سان ضرور عليڪ سليڪ رھي.
سڪندر سرواڻ جيڪو ھن ڪتاب جو ليکڪ ۽ ”گهنگهر گهاريم ڏينھڙا “ جو راوي جوھي جي ڪاڇي جي تاريخي وسندي ھيروخان واسي آھي. رشتي ۾ ھو منھنجي امان جو سئوٽ ۽ منھنجو مامون آھي. جوھي ۾ ھن جيڪا ڪئبن کولي اھا ھن روزي روٽي لاءِ کولي ليڪن سچ اھو آھي تہ جوھي جي سياست ۽ صحافت جيڪا پو۽ ڏيھا ڏيھ مشھور ٿي آھي انجي آبياري ۾ سڪندر سرواڻ جي انھي ڪيبن جو وڏو ھٿ ھيو. انھي ڪيبن تي ويھندڙ نوجوان، انھي ڪيبن جي در تي ٽنگيل تحريڪ، چڻنگ، ٻيا رسالا ۽ اخبارون ئي جوھي ۽ ڪاڇي جي ڪنڊ ڪڙچ ۾ پھتا ۽ وقت جو سونھون بڻجي ويا. سڪندر سرواڻ روزگار سانگي ڪراچي منتقل ٿيو اخبارن ۾ ڪالم لکيائين، ڀرپور شاعري ڪيائين، پنھنجي ڳوٺ، ڪاڇي، جوھي کي ڳايائين، ريڊيو تي لاتعداد پروگرام ڪيائين جنھن کي سھيڙجي تہ اھو ڍڳ تورڻ ۽ ماپڻ کان بہ گهڻو آھي. بيرحم وقت کيس ڏاڍا گهرا گهاءُ بہ ڏنا ليڪن ھنجو لکڻ، پڙھڻ جو سفر اڃا سوڌو جاري آھي.
سڪندر سرواڻ جون جيل جون ھي يادگيريون روزمرہ جو ٽائيم نامون آھي ليڪن سرواڻ جيڪڏھن ڪوشش ڪري، ذھنتي زور ڏيئي جوھي سنڌ سميت ملڪ ۾ جاري انوقت جي سياسي نظرياتي بحث مباحثن، حالتن، مختلف ڪردارن جو احاطو ڪري ھا تہ اھو ھڪ تاريخي دستاويز ٿي وڃي ھا. ان باوجود ڄاڻايل واقعن کي ڊائري جي شڪل ڏيئي سانڍي رکڻ غيرمعمولي طور لاڀائتو آھي. مون لاءِ تہ اھا معلومات وڌيڪ ڪارگر ثابت ٿي آھي جنھن ڪري اڄ کان 40 سال اڳ وارو منھنجو پورو ماضي ۽ انسان جڙِل يادون مون لاءِ تازيون ٿي ويون آھن ۽ مان ھي ڪجهہ سٽون لکي ويو آھيان.
ھي جيل جي ڊائري سنڌ جي سياست جي انھي باب کي اجاگر ٿي ڪري جيڪو نظرين جو دور ھيو جڏھن سياست ھڪ آدرش ھُئي ۽ انھي آدرش تي جان جوکم ۾ وجهڻ عمرون ڏيڻ، جان ڏيڻ تي مان ڪبو ھيو. اھا سياست جيڪا اڄ جي جديد عھد ۾ ناپيد ٿي پنھنجو پاڻ مري رھي آھي ۽ اسانجا سماج گندگي جو ڍير ھوندي بہ خدا جي مخلوق انھي مان آجو ٿيڻ بجا۽ انھي سان گڏ جيون گهارڻ ۾ ئي پنھنجو ڀلو سمجهي ٿي. سڪندر سرواڻ جي جيل ڊائري جيڪا ھن وقت“ گهنگهر گهاريم ڏينھڙا“جي نالي سان ھن وقت توھان جي ھٿن ۾ آھي انجو ڪارج بہ مٿي ڄاڻايل ڪارڻن جي ڪري اھم بہ آھي تہ سبق آموز بہ آھي جنھنکي پڙھي گهڻو ڪجهہ حاصل ڪري سگهجي ٿو.

حميد سومرو
حيدرآباد
29 ڊسمبر 2020

هاءِ اسڪول جوهي کان دادو ڪاليج نئين سفر جو آغاز

اسانجي مئٽرڪ جي امتحانن کان اڳ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ختم ٿي ۽ جنرل ضياءَ مارشلا ھڻي ڇڏيو جنھن تي ڪو خاص ردعمل نہ ٿيو. ڀٽي جيڪي پنھنجي حُڪومت ۾ ارھ زورايون ڪيون سياسي ڪارڪنن کي مختلف طريقن سان جيلن ۾ واڙي رکيو جن۾ منھنجا پنھنجا دوست اڪبر جسڪاڻي ۽ شريف ٿھيم شامل ھيا انڪري قومپرست ڪارڪنن جن ۾ اسان بہ شامل ھياسين انھي حۡڪومت جي خاتمي کي چڱو سنئوڻ سمجهي خوش ٿياسين. مئٽرڪ جي رزلٽ اچڻ باوجود دادو ڪاليج ۾ فرسٽ ييئر ۾ داخلا ۽ ڪلاس شروع ٿيڻ وچ۾ ڊگهو وقفو ٿي ويو. انھي وقت پنھنجي سياسي توڙي غير سياسي دوستن جي حلقي ۾ آضافو ٿي ويو ھيو. جنھن ۾ اڪبر جسڪاڻي، شريف ٿھيم، اسماعيل کوسو، ستار ٻٻر، عزيز ڪنگراڻي، سائين بخش رند، حبيب ڪنگراڻي شامل ھوندا ھيا انھي سان گڏ ڪئبن تي سڪندرسرواڻ ۽ قادر ٿھيم بہ شامل ٿي ويندا ھيا. اسانجي فڪري ڌارا جي واڳ اڪبر جسڪاڻي ھٿ ھوندي ھئي. جاڏي اڪبر جسڪاڻي اسانجو سياسي قبلو بہ اوڏانھن ٿي پوندو ھيو. اڪبر جسڪاڻي ڳالھ ٻولھ ۽ ٽيبل ٽاڪ ۾ ڪو ايڏو سگهارو ڪونہ ھيو. بحث مباحثي وارو ڪم وري شريف ٿھيم کي ڪرڻو پوندو ھيو جيڪو انھن ڏينھن ۾ سنگت ۾ سڀني کان گهڻو پاڙھو بہ ھيو. انھن ئي ڏينھن ۾ جوھي شھر ۾ پڻ عوامي تحريڪ جي چرپر نظر اچي ٿي. ٻڌبو ھيو تہ مشھور ڪميونسٽ اڳواڻ عزيز سلام بخاري بہ جوھي ايندو ويندو رھي ٿو. عزيز سلام بخاري جو ھونئن تہ تعلق ڪميونسٽ پارٽي سان رھيو ليڪن پارٽي سان اختلافن سبب ھو پنھنجي نون واسطن کي عوامي تحريڪ ۾ شموليت لاءِ ترغيب ڏيندو ھيو. عزيز سلام بخاري جي زيراثر منھنجو ڳوٺائي غلام قادر رند جيڪو بعد ۾ شينھن جي نالي سان مشھور ٿيو پڻ عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيو. جنھن کانپوءِ واھي پانڌي جو محمد حسن روستماڻي، سوري جو ڦوٽو روستماڻي، خدابخش پنھور پڻ عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيا. حسن روستماڻي جي بيٺڪ شريف ٿھيم جي گهر ڀرسان ھئي جتي انھن جا پاڻ ۾ زوردار بحث ٿيندا ھيا. عوامي تحريڪ ۾ اڳتي ھلي ٻيڙين ٻاڌو رمضان گوپانگ بہ شامل ٿيو. انھي عرصي دوران جئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن اندر ڦڏو ٿي پيو تہ اسان بہ جيئي سنڌ جي باغي گروپ ارباب کھاوڙ جي ٺاھيل پروگريسو جيئي سنڌ سان جڙي پياسين جڏھن تہ غلام قادر ٿھيم ۽ سڪندر سرواڻ وري فڪري طور جيئي سنڌ سان ئي جڙيل رھيا. اسانجي ڪچھري جو ھڪ مرڪز سڪندر سرواڻ جي ڪئبن ھئي جنھن جي ٻاھران ھڪ بينچ ھڪ رکيل ھوندي ھئي. انھي کان دوست وڌي ويندا ھيا تہ بشير پنجابي جي ھوٽل جو رخ ڪبو ھيو. اڪبر جسڪاڻي ۽ شريف صبح جو اڪثر ڪري دادو نڪري ويندا ھيا ۽ شوڪت سنڌي وٽ دادو شھر جي آسپاس جي سياسي ڪارڪنن جو ڪٺ ٿيندو ھيو. شام جو بشير پنجابي جي ھوٽل تي چانھ کانپوءِ جوھي شھر کان دادو روڊ تي پنڌ لاءِ نڪري پئبو ھيو. دادو جوھي روڊ تي شھر کان ٻاھر نائين شاخ تي پھچي واپسي ڪبي ھئي ۽ پوءِ سڀ ڪو پنھنجي گهر رڙھي پوندو ھيو. جوھي شھر کان نائين شاخ تائين واري پنڌ ۾ اڪثر ڪري سڀ گڏ نڪرندا ھياسين. اڪبر ۽ شريف جي حيدرآباد ھجڻ ڪري اڪثر اسماعيل کوسو، ستارٻٻر، سائين بخش رند، عزيز ڪنگراڻي، حبيب ڪنگراڻي ۽ آءُ گڏجي نڪرندا ھياسين.
مئٽرڪ ۾ جنھن سياست سان پاڻ کي جوڙيو ھيو انوقت اسان جو رھبر جي ايم سيد ھيو ۽ سنڌ جي حقن جي ڳالھ، سنڌو ديش جو ذڪر تہ ڪندا ھياسين ليڪن اھو بہ چوندا ھياسين تہ جي ايم سيد اسانجي سنڌ جو پيغمبر آھي جنھن جي معني پيغام ڏيندڙ آھي اھا ڳالھ ڪافي ماڻھن کي نہ وڻندي ھئي ۽ ان معاملي تي اڻبڻت بہ ٿيندي ھئي. ھڪ رات جو گهر ۾ بابي، چاچن ۽ سوٽن آڏوسياست، سنڌ، جي ايم سيد تي بحث ڇڙي پيو تہ مون اتي بہ ڳالھ ڪئي تہ جي ايم سيد پيغامبر آھي انھي ڳالھ تي مون واري سوٽ غلام قادر نہ صرف منھنجي ڇنڇري لاٿي بلڪہ جي ايم سيد کي بہ گهٽ وڌ ڳالھايائين. اسان منجهان اڪبر جسڪاڻي، شريف ٿھيم ۽ اسماعيل کانسواءِ باقي دوستن جو جيئي سنڌ سان تنظيمي بجاءِ صرف فڪري لاڳاپو ھيو. اڪبر جسڪاڻي ۽ شريف ٿھيم حيدرآباد ويندا ھيا تہ جوھي ۾ ھجڻ دوران اڪثر دادو بہ ويندا ھيا جتي سندن بيٺڪ قوم پرست وطن دوست ترقي پسند ڪارڪنن جي گرو شوڪت سنڌي جي دوڪان تي ھوندي ھئي. اسانجي ڪچھرين ۾ ھاڻي اڪبر جسڪاڻي ۽ شريف ٿھيم واتان پروگريسو جيئي سنڌ، سوشلزم، ارباب کھاوڙ، ھمت پتافي ۽ ضمير لاڙڪ جو ذڪر ٿيڻ لڳو. اسان سان ملاقاتن لاءِ جوھي ۾ ٽريڊ يونين اڳواڻ حق نوازجسڪاڻي بہ آيو تہ شمس صديقي ۽ مظفر ڪلھوڙو بہ آيا. حق نواز جسڪاڻي پن جي ٻيڙي جو موالي ھيو ۽ شھدادڪوٽ ٽيڪستائيل مل ۾ مزدور ۽ ٽريڊ يوينين اڳواڻ ھيو جڏھن تہ شمس صديقي چانڊڪا ۾ پڙھندو ھيو، ائين مظفر ڪلھوڙو بہ شاگرد سڏائيندو ھيو. پروگريسو جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ٺھڻ کانپوءِ مونکي مرڪز پاران پروگريسو جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ڊگري ڪاليج دادو جو يونٽ جو آرگنائزر مقرر ڪيو ويو. جنھن ۾ مون سميت عزيز ڪنگراڻي ۽ سائين بخش رند شامل ھيا جڏھن تہ ھمدردن جي حلقي ۾ حبيب ڪنگراڻي، ستار ٻٻر، سليمان رند، شيرزمان سومرو، محرم سومرو، محمد ھاشم سولنگي، مقبول پنھور شامل ھيا ۽ ذاتي دوستن جي حلقي ۾ غلام سرور لغاري، غلام سرور عباسي، ﷲ بخش لغاري، عبدالحميد ميراڻي، خالد صديقي پڻ شامل ھيا. ڪلاس فيلوز ۾ ارشد پنھور، حبيب ﷲ پنھور، مولابخش ڪھلوڙو، مرتضي کوسي سان پڻ دوستي رھي. ڪافي ڪلاس فيلوز کي خبر ھئي تہ اسانجو سياسي ڌر پروگريسو جيئي سنڌ سان تعلق آھي. پھرين سال اسانجو انگريزي ڪلاس سيد قمرالحسن نقوي وٺندو ھيو ليڪن ان وقت منھنجي دماغ ۾ ٻيو ڪجهہ پيو ھلندو ھيو انڪري مون ڪلاس ئي گهٽ اٽينڊ ڪيا. سال 1978ع ملڪ ۽ سنڌ سميت منھنجي سياسي تحرڪ جو سال ھيو. ذوالفقار علي ڀٽو جيل ۾ ھيو مٿس قتل جو ڪيس ھلي رھيو ھيو. سال 1978ع جي آڪٽوبر مھيني جي شروع ۾ اھا خبر ڦھلجي ويئي تہ نوابشاھ ميڊيڪل ڪاليج ۾ شيرين سومرو جو ميجر ڪفايت نالي ھڪ شخص ريپ ڪيو آھي پوءِ تہ سنڌ ۾ باھ ٻري پئي، 2 آڪتوبر تي ڄامشوري ۾ شاگردن جلوس ڪڍيو سندن فوجي گاڏي سان ٽڪراءُ ٿيو جنھن ۾ ڪجهہ فوجي مارڻ ۽ گرفتارين جا اطلاع بہ مليا. انھي کان پوءِ سموري سنڌ جا شھر ۽ تعليمي ادارا ٻري پيا. ان وقت دادو ڪاليج بند ھيو سو اسان اھو احتجاج ڪرڻ لاءِ جوھي ھاءِاسڪول ۾ بائيڪاٽ ڪرائي جلوس ڪڍيو. اسان کي فوري طور گرفتار ڪري پھرين جوھي ٿاڻي بعد ۾ ڊسٽرڪٽ جيل دادو منتقل ڪيو ويو. اسان کي حاضري لاءِ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ قائم ڪيل سمري ملٽري ڪورٽ آڏو پيش ڪيو ويندو ھيو جنھن اسانکي ھڪ سال قيد ۽ ڏھ ڪوڙن جي سزا ٻڌائي. مونکي سڀ کان ننڍي عمر جي پيش نظر ڪوڙن جي سزا نہ ملي. مون سان گڏ بشير ٿھيم، غلام قادر ٿھيم، علي ٿھيم، سڪندر سرواڻ، عبدالحق سولنگي، فضل سولنگي شامل ھيا. انھن احتجاجن دوران دادو مان مقبول پنھور، امداد علي شاھ، منظور پنھور، عباس سولنگي، خيرپورناٿن شاھ مان عابد لاکير، اسلم شاھ، صالح لاکير، اختيار لغاري سيتا روڊ وارو، علي بخش شيخ، سيھوڻ ۽ ڀان سيد آباد مان ابوالحسن سولنگي، بشير اوٺو، روشن ٻرڙو پڻ گرفتار ڪري دادو جيل آندا ويا جن کي پڻ سمري ملٽري ڪورٽ پاران سزائون مليون. اسان سڀني کي پھرين ڊسٽرڪٽ جيل دادو پوءِ لانڍي بورسٽل جيل ڪراچي ۽ آخر ۾ ڪن کي حيدرآباد سينٽرل جيل جڏھن تہ اسانکي سکر سينٽرل جيل منتقل ڪيو. اسانجي سزا خلاف مشھور وڪيل نورالدين سرڪي پٽيشن داخل ڪئي. سڀ کان پھرين ھن ننڍي عمر وارن قيدين جا ڪوڙا ختم ڪرايا بعد ۾ سڀني شاگردن کي بي ڪلاس جون سھوليتون ڏياريون ۽ آخر ۾ سزائون ختم ڪرايون. ھن سموري عمل دوران اسانکي ڪا خبر نہ ھئي تہ اسانجي پرپٺ ھي چڱايون ڪير پيو ڪري. جيل جو ڪجهہ تفصيل سڪندر سرواڻ جي جيل ڊائري تي منھنجي لکيل يادگيرن ۾ موجود آھي جيڪو پڻ ھنن ساروڻين جو حصو آھي. جيئن تہ اڳ۾ ٻڌائي آيو آھيان تہ 1977ع جي آخر ۾ اڪبر جسڪاڻي، شريف ٿھيم پروگريسو جيئي سنڌ مان سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو جنھن سان مان بہ اصولي طور متفق ھيس. قيد دوران لانڍي جيل ۾ پروگريسو جيئي سنڌ جي سياست سان وابستہ فقير محمد لاشاري، صادق بڙدي، سليمان چارڻ ملڻ آيا. ٿيو ڪجهہ ائين تہ جنھن ڏينھن اھي دوست مون سان ملڻ آيا انھي وقت خيرپورناٿن شاھ جي دوست صالح لاکير سان گهنڊيدار وارن وارو ھڪ نوجوان بہ ملڻ آيو جنھن سان مون بہ ڪچھري شروع ڪري ڏني. جڏھن ملاقات ختم ٿي تہ صالح لاکيرمونکي ٻڌايو تہ اھو نظير عباسي ھيو. ان ڏينھن مون فيصلو ڪري ورتو ھيو تہ مونکي ھاڻي ايس اين ايس ايف ۾ ئي وڃي سياست ڪرڻي آھي. لانڍي جيل ۾ ئي منھنجو فرسٽ ييئر جو رزلٽ پڻ آيو جنھن ۾ مان 56 سيڪڙو مارڪون کڻي پاس ٿيس تن ڏينھن خيرپور ناٿن شاھ جي دوست اسلم شاھ جو انٽر جو رزلٽ آيو جنھن ۾ ھو فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿيو ھيو سندس ميڊيڪل ۾ سليڪشن يقيني ھئي. ان ڏينھن مونکي شدت سان احساس ٿيو تہ سياست ڪرڻي آھي ليڪن محنت ڪري انٽرميڊيئٽ ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿيڻو آھي. سکر جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ آءُ انٽر جو ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ دادو ڪاليج ۾ پنھنجي ڪلاس ۾ وڃي ويٺس. ان ڏينھن اسانجو ھڪ ڪلاس استاد بخاري پئي ورتو جنھن نئين ڇوڪري کي ڪلاس ۾ ڏٺو تہ پڇا ڪيائين. مون کيس سمورو تفصيل ٻڌايو. سائين مونکي چيو تہ پيرڊ ختم ٿيڻ کان پوءِ منھنجي آفيس اچجائين. سائين مونکي چيو تہ حاضري گهٽ ھجڻ سبب فارم رد ٿيڻ جو امڪان آھي سو تنھنجو فارم رجيڪٽ ٿئي تہ مونکي ٻڌائجائين. انتر ۾ جنھن استاد مونتي وڌيڪ اثر وڌو اھو انگريزي جو پروفيسر ڪنعيا لال ھيو جنھن جو تعلق راڌڻ سان ھيو. سائين جو پڙھائڻ جو انداز ڪمال جو ھيو. اھو نہ صرف انگريزي مضمون پڙھائيندو ھيو بلڪہ سياست ۽ فلسفي تي پڻ گفتگو ڪندو ھيو. جنھن ۾ دادو جو سريلو نوجوان، اسانجي ڪلاس جو ھوشيار شاگرد اختر ميمڻ وڌي چڙھي حصو وٺندو ھيو. ليڪچر وٺڻ جو ھڪ نرالو انداز زولاجي جي ليڪچرار عتيق الرحمان جو ھيو جيڪو جڏھن ” پيلوڪ گرڊلPelvic Girdle“ جا لفظ اچاريندو ھيو تہ اھي لفظ دير تائين ڪلاس ۾ پيا گونجندا ھيا ۽ ڪلاس ختم ٿيڻ کان پوءِ انھي ٻٽي لفظ کي بار بار اچاري شاگرد مزو پيا وٺندا ھيا. انھن ٻن سالن ۾ اسانجي ڪاليج ۾ يونين جون اليڪشن بہ ٿيون جنھن ۾ صدر غلام مصطفي لغاري چونڊيو . انھي يونين ٻہ ڪم ڪيا ھڪ تہ ڪاليج جي ”منڇر“ نالي مخزن ڇپرايائون، ٻيو ڪاليج جي شاگردن کي ملڪگير ٽوئر پڻ ڪرايائون. انوقت ڪاليج جو پرنسپال، پروفيسر الطاف شيخ ھيو جيڪو باٽني جو ڪلاس پڻ وٺندو ھيو. سندس شخصيت جو ڪاليج ۾ وڏو رعب ھيو جنھن سبب استاد، شاگرد سڀ کانئس لھرائيندا ھيا. جڏھن انٽر جا فارم ڀرائڻ جو وقت آيو تہ استاد بخاري جي مدد سان منھنجو فارم ڀريو مون امتحان ڏنو ۽ انٽرميڊيئٽ ۾ منھنجو فرسٽ ڪلاس آيو، آءُ سٺيون مارڪون کڻي دادو ضلع ۾ ميرٽ تي سليڪٽ ٿي ميڊيڪل ۾ داخلا ورتي. سال 1978ع ۽ 1979ع منھنجو دادو ڪاليج ۾ گذريو. منھنجو فرسٽ ييئر سياست جي نظر ٿي ويو. انٽر ۾ مان تنظيمي طور پروگريسو جيئي سنڌ سان تنظيمي طور جڙيل رھيس ليڪن نظرياتي طور ھڪ ٻي پوزيشن تي پھچي چڪو ھيس. ان دوران مون پڙھائي تي وڌيڪ ڌيان ڏنو تہ جيئن گذريل سال واري کوٽ پوري ڪري سگهجي. انھي عرصي ۾ مون ڏي ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ، ھمت پتافي، مظفر ڪلھوڙو، ذوالفقار قاضي، حق نواز جسڪاڻي، مرتضي کھڙي جا خط ايندا رھندا ھيا جيڪي ھن وقت بہ منھنجي خطن واري فائيل ۾ موجود آھن. انھي دوران ئي حق نوازجسڪاڻي، شمس صديقي، مظفر ڪلھوڙو جوھي سميت منھنجي ڳوٺ بخش علي رند بہ آيا. اھو دور منھنجي خاندان جي ڪسمپرسي ۽ غربت جو دور ھيو. شمس صديقي ۽ مظفر ڪلھوڙو ڳوٺ آيا تہ پنھنجي گهر جي حالتن جي مدنظر کين ماني جي اڌو گابري صلاح ڪئي جنھن جو جواب ھنن ڏنو تہ ماني جو پروگرام اڳتي رکيل آھي. ڳالھيون ڪندي جوھي شھر لاءِ نڪري پياسين. جڏھن ڳوٺ کان جوھي واپس پئي آياسين تہ مون ھنن کي ميار لاھڻ لاءِ چيو توھان ماني بہ نہ کاڌي تہ ان دوران اسانجي پويان ايندڙ کير موري وارو واقفڪار پنھور لانگهائو ٿيو جيڪو سڀ ڳالھيون ٻڌندو پئي آيو تنھن چيو تہ ”اڙي ڊکڻ مھمانن کي ماني بہ ڪونہ کارايئي حيف اٿئي“. پروگريسو جيئي سنڌ تمام ٿوري عرصي ۾ نظرياتي ڪارڪنن جي چڱي خاصي کيپ تيار ڪئي جيڪو پڻ مثالي آھي انھي دور ۾ وطن دوست رسالي پڻ سندس ڪارڪنن جي سٺي تربيت ڪئي. اھو رسالو جيلن ۾ ھلندڙ اسٽڊي سرڪل ۾ پڙھايو ويندو ھيو. 4 اپريل 1979ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي اچي وئي. اھي ماڻھو بہ رنا جن کي ڀٽو اصل نہ وڻندو ھيو. اسان جيڪي ڀٽي جا سياسي مخالف ھياسين تن لاءِ بہ ضياءَ الحق جو اھو قدم قابل مذمت ھيو. اسانجي ڳوٺ ۾ ادي احمدڙي رند پنھنجي ڪرياني جي دوڪان تي ڀٽي جي ڦاسي جي خبر ٻڌي تہ ان خبر ٻڌائيندڙ ريڊئي کي ٻاھر روڊ تي اڇلائي ڀڃي ڇڏيو. سنڌ ھڪ مختلف ڀونچال ۾ داخل ٿي ويئي. اھو وقت ھيو جڏھن صحيح خبر ٻڌڻ لاءِ سنڌ جي ماڻھو ڳوٺ ڳوٺ ۾ بي بي سي ٻڌڻ شروع ڪئي. ان دوران سنڌ جي ھر ننڍي شھر جي اسٽال تي تحريڪ، وطن دوست سميت ٻيا رسالا اچڻ شروع ٿيا. پروگريسو جيئي سنڌ جي سياسي ترجمان وطن دوست کي پڻ ان دور ۾ سياسي ڪارڪن ھر ھنڌ پڙھندا ھيا. انھن ڏينھن ۾ تاج مري جو بہ جوھي اچڻ شروع ٿيو ڇوتہ اڪبر جسڪاڻي ۽ شريف ٿھيم ھاڻي ڄام ساقي جي سياست کي ويجهو ٿيڻ لڳا ھيا جڏھن تہ لانڍي بورسٽل جيل ڪراچي ۾ نظير عباسي سان ملاقات کانپوءِ مان بہ ايس اين ايس ايف ڏانھن سرڪجي ويو ھيس.

چانڊڪا ميڊڪل ڪاليج لاڙڪاڻو (1980ع کان 1987ع تائين)

شايد مارچ 1980ع ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا لاءِ اسانجا انٽرويو ٿيا. جنھن ڏينھن انٽرويو پئي ٿيا ان ڏينھن ڪوڙن ڊوميسائيلن جي ھُل ۾ اردو ڳالھائيندڙن جي ڊاڪيومينٽس کي ڪاليج ۾ موجود تنظيمن جي ڪارڪنن پڙتال پئي ڪيو. انھن ڪارڪنن ۾ پروگريسو جيئي سنڌ جو مرڪزي اڳواڻ شمس صديقي بہ نظر آيو اتي پروگريسو جيئي سنڌ جو ھڪ ٻيو ڪاليج اڳواڻ حفيظ سنڌي، جيئي سنڌ جو ٽيڪ چند پڻ موجود ھيا جن جي ھٿن ۾ پسٽل ھيا. چانڊڪا ۾ منھنجي داخلا تہ ٿي ويئي ليڪن ھاسٽل ۽ رھڻ جو مسئلو رھجي ويو. مرتضي کھڙو ان وقت چانڊڪا ۾ ٻئين سال ۾ پڙھندو ھيو اھو مونکي ڪونہ مليو، مجبوري ۾ ٿيلھو کڻي شريف ٿھيم جي سوٽ محمد ھاشم ٿھيم جي ڪمري تي حيدربخش جتوئي ھاسٽل جي فرسٽ فلور تي رھيس. مان ٻھراڙي جو غريب ڇوڪرو ھيس ۽ مون وٽ نہ ڪپڙا ڍنگ جا ھيا نہ وري منھنجو ٿيلھو فضيلت وارو ھيو ۽ نہ مون ۾ ھاسٽل ۾ رھڻ اٿڻ ويھڻ جا ڪي لڇڻ ئي ھيا. اچانڪ جو اچي پروفيشنل ڪاليج ۾ داخل ٿيس تہ في الحال صفا منجهي پييس. محمد ھاشم ٿھيم مونکي ڪمري ۾ رھايو. پھرين رات آءَ سندس بستري تي چادر وجهيو ڇپ ھنيو ستو پيو ھيس تہ رات جو دير سان ھاشم ٿھيم پنھنجي دوستن سان ٽھڪ ڏيندي ھل ھنگامي ۾ ڪمري اندر آيو. سندس سنگتين مان ھڪ برڪت شاھ رڙ ڪري چيو تہ ” اڙي سومرا اٿي پرائي بستري تي ستو پيو آھين“، پوءِ سڀ ٽھڪن ۾ ٻڏي ويا. مان ڇپ ھنيو ستو رھيس. منھنجي لاءِ ٻئي ڪنھن وٽ رھڻ ڪنھن اذيت کان گهٽ نہ ھيو ليڪن مون وٽ ڪا واھ بہ نہ ھئي. ان دوران ڪجهہ ڏينھن مان ماني بہ ھاشم ٿھيم جي ميس تي کاڌي. انھي دوران دادو جي واقفڪار ڪلاس فيلوز سان ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ، ملڻ کانپوءِ ڳالھ سمجهہ ۾ آئي تہ ساڻن گڏجي ماني پڻ ڪئنٽين تي کائڻ شروع ڪيم. توڙي جو محمد ھاشم ٿھيم منھنجو خيال ڪيو ليڪن سينيئر جونيئر سان ائين ڪندا آھن سا خبر مونکي انھي ڏينھن پئي. ليڪن ان رات واري بيعزتي مونکي ڏاڍي بري لڳي. ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ اسانجي بئچ کي شيخ زيد ڪالوني ۾ ڪوارٽر الاٽ ٿيا ۽ اسان وڃي پنھنجي الاٽ ٿيل ڪوارٽر سي 20 ۾ رھياسين. اتفاق اھڙو ٿيو جو اھو ئي برڪت شاھ رسٽيڪيٽ ٿيو ۽ اڳتي ھلي منھنجو ڪلاس فيلو ٿيو. جڏھن آءُ ٻئي سال ۾ پھتس تہ جمن باھوٽو ۽ ستار ٻٻر بہ پھرين سال ۾ داخل ٿي مونسان گڏ ڪوارٽر تي رھيا تہ ڪجهہ عرصو ھاشم ٿھيم بہ اسان سان گڏ ڪوارٽر تي ئي ھوندو ھيو. اتي ڪوارٽر تي ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ پروگريسو جيئي سنڌ جو دوست عرض رتڙ مونکي ڳوليندو اچي شيخ زيد ڪالوني پھتو ۽ حال احوال معلوم ڪيائين. مون کيس ٻڌايو تہ ھاسٽل نہ ھجڻ ڪري ڪجهہ ڏينھن خواري ٿي ليڪن ھاڻي ڪوارٽر مليو آھي.

منھنجا ڪلاس فيلوز

پھرين سال منھنجا روم ميٽ ضلع دادو جي بوبڪ جو رمضان جهيجو ۽ دادو شھر جو اصغر پنھور ھيا جيڪي شريف ۽ پڙھاڪو ڇوڪرا ھيا. ھنن کي شدت سان انھي ڳالھ جو احساس ھيو تہ مائٽن کين تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو آھي. رمضان جهيجو پھرين ڏينھن کان ”گريز ائناٽامي Grey,s Text Book of Anatomy “ جو ڪتاب َقرآن شريف جيان پلٿي کوڙي پڙھندو ھيو. ڪالوني جي ڪوارٽر 20 جي ٻئي ڪمري ۾ خيرپور ميرس ضلع جا عبدالوھاب نديم، قاسم ملاح ۽ شبير راڄپر رھندا ھيا. جيڪي پڻ پڙھاڪو ھيا جن ۾ وري عبدالوھاب نديم پٺاڻ پڙھائي سان گڏ ڪرڪيٽ ۾ بہ دلچسپي رکندڙ ھيو. آسپاس ڪوارٽرن ۾ پڻ خيرپور ضلع جا شاگرد وڌيڪ ھيا. مونکي نائين ڪلاس کان سياست جا جراثيم چنبڙيل ھيا انڪري پنھنجي ٻيون نمبر وڏي ڀاءُ غلام محمد وٽ موجود نيشنل ڪمپني جي ٻہ بئينڊ ريڊيو تي بي بي سي ٻڌڻ جي عادت ھئي. جڏھن چانڊڪا پڙھڻ لاءِ آيس تہ اھو ريڊيو بہ ساڻ کڻي آيس. خبرن ۾ صبح ۽ شام جو بي بي سي سيربين وارو وقت تہ ريڊيو منھنجي ڪن تي ھوندو ھيو. تن ڏينھن ۾ پاڪستان ۾ ڪا ٻاھرين ڪرڪيٽ ٽيم آيل ھئي، نديم کي ڪرڪيٽ ڪمينٽري ٻڌڻ جو شوق ھوندو ھيو انڪري وھاب نديم مونکان ڪرڪيٽ ڪمينٽري ٻڌڻ لاءِ ريڊيو گهري وٺندو ھيو. جڏھن ڪرڪيٽ نہ ھوندي ھئي تہ ھو سيلون ريڊيو تي بناڪا گيت مالا پروگرام ۾ انڊيا جا گانا ٻڌندو رھندو ھيو. نديم سان منھنجي ويجهڙائي انھي ٻہ بئنڊ نيشنل ڪرائي. جيئن تہ ڪوارٽرن تي مشتمل شيخ زيد ڪالوني ۾ ميس نہ ھئي انڪري سامھون انڊس ھاءِ وي تي ھڪ ھوٽل تي ماني کائيندا ھياسين. اتي ماني ملڻ جو وقت 12 وڳي کانپوءِ ھوندو ھيو. صبح جو اسان ڪاليج لاءِ نيرانا نڪري ويندا ھياسين. ماني کائڻ لاءِ اڪثر مان ۽ قاسم ملاح گڏجي نڪرندا ھياسين. پھرين ۽ ٻئين سال ۾ مون پنھنجي پڙھائي تي بہ ڌيان ڏنو. فرسٽ پروفيشنل ۾ ائناٽامي، فزيالاجي ۽ بايو ڪيمسٽري جي مضمون ھيا جن ۾ منھنجي پسند جو مضمون ائناٽامي ھيو. ائناٽامي ۾ وري ”نيورلاجيNeurology “، “اينجيولاجي Angiology“ ۽ “وينس سرڪيوليشن Venus circulation “ منھنجي دلچسپي بڻجي ويئي ۽ انھي دلچسپي سبب فائينل ييئر تائين مونکي انھي مان گهڻو ڪجهہ ياد ھوندو ھيو. پڙھائي جي ٻئي سال دوران اسانجي الاٽمينٽ ھاسٽل ھڪ جي ڪمري نمبر 72 ۾ ٿي جنھن جي ڀرسان ٻين ڪمرن ۾ منھنجا پاڙيسري قاسم ملاح، شبير راڄپر ۽ نديم وھاب بہ رھندا ھيا. انھي دوران بہ اسانجي ويجهڙائي جو ڪارڻ نيشنل جو ٻہ بئنڊ ريڊيو ھيو جيڪو وھاب نديم اڪثر مونکان کڻي ويندو ھيو. منھجي دوستي ۾ اڪثر شاگرد خيرپور ميرس جا ھيا جيڪي يا تہ پڙھاڪو ھيا يا وري گهمڻ ڦرڻ راند روند جا شوقين ھيا. انجي ڪري منھنجي دوستن جي حلقي ۾ اڪثريت خيرپور وارن جي ھوندي ھئي جن ۾ نديم، قاسم ملاح، شبير راڄپر سان گڏ ربنواز وساڻ، محمد نواز وساڻ، نظير منگي، ماجد منگي، ﷲ بخش خواجہ، ھادي بخش سھتو، امداد لاشاري، مير اشتياق ٽالپر، فيض سومرو، غوث بخش قاضي، علي گوھر بوزدار، ولايت گوپانگ، خدا بخش شيخ شامل ھيا. اسان جڏھن فائينل پروفيشنل جو امتحان ڏئي نڪتاسين تڏھن بئچ مان ٽي ڄڻا اسان ۾ نہ ھيا جنھن ۾ خيرپور جو مير اشتياق ٽالپر ھڪ تنظيمي جهيڙي ۾ جڏھن تہ اسلم راڄپر ۽ رضا شاھ ٻين سبب ڪري فوت ٿي چڪا ھيا. اڄ جڏھن ھي سٽون لکي رھيو آھيان تہ ٽيھ کان وڌيڪ دوست اسان وچ ۾ نہ رھيا آھن جن ۾عبدالقادربلوچ، لالا نديم پٺاڻ، عبدالسميع ڀٽو، احمد خان سومرو، ﷲ داد شيخ، ﷲ ڏنو بروھي، فيض سومرو، غلام سرور شيخ، شبير قادري، اقبال ميمڻ، خادم علي کوسو، ربنواز وساڻ، صادق لاکير، مظفر سمون، نعمت ﷲ وڳڻ، نعمت ﷲ سومرو، نظير شيخ، نرمل چمناڻي، نثار باغي، نور محمد اڄڻ، رشيد احمد چانڊيو، سيد محمد علي شاھ، ولايت گوپانگ، غلام نبي، عمر دراز، افتخار چيمہ، افتخار آرائين، خادم چانڊيو، اسد مڱريو، اڪبر بزدار، جاويد مھيسر، اسرار راجپوت، منھنجو نالي ڀائي حميد شيخ، ذوالفقار جانوري، ھن دنيا ۾ نہ رھيا آھن. ڪاليج ۾ اسانجي اٺين بئچ ھئي جنھن ۾ ساڳي نالي سان عبدالحميد ٻہ، عبدﷲ ٽي، عبدالغني ٻہ، عبدالقادر ٻہ، عبدالرحيم سومرو ٻہ، آفتاب ٽي، اجيت ٻہ، علي گوھر ٻہ، اصغر چار، اشوڪ ٻہ، اياز ٽي، اڪبر ٻہ، غلام مصطفي ٻہ، شبير ٽي، اقبال ڇھ، ڪوثر ٻہ، جگديش ٻہ، جاويد ٻہ، خادم حسين ٻہ، محمد علي ٽي، ممتاز ٻہ، منير ٽي، مظفر ٻہ، نعمت ﷲ ٻہ، نواب ٻہ، نظير ٽي، نثار ٽي، نور محمد ٻہ، نصرت ٻہ، رشيد ٻہ، شفقت ٻہ، سڪندر ٻہ، ظفر ٻہ، شمس ٻہ جڏھن تہ ذوالفقار نالي سان ٽي شاگرد پڙھندا ھيا. مٿي ڄاڻايل ٻئي اجيت لاڙڪاڻي شھر جا غيرسياسي نوجوان ھيا جيڪي مون، عبدالمجيد ٻليدائي سميت 28 ڇوڪرن ۾ شامل ھيا جيڪي ايم آر ڊي 83 جي تحريڪ ۾ جلوس ڪڍڻ جي ڏوھ ۾ پڪڙيا ۽ سچ پترا کاڌائون. جن دوستن سان ڪاليج ڇڏڻ کانپوءِ مکا ميل ٿيندو رھيو انھن ۾ عبدالغني شيخ، عبدالحفيظ ابڙو، عبدالمجيد ٻليدائي، عبدالقادر سومرو، عبدالرحمٰن پيرزادو، لالا نديم پٺاڻ، عبدالرحيم سومرو، عبدالوحيد ميمڻ، عبدالسميع ڀٽو، عبدالواحد ٽڳڙ، آفتاب شيخ، آفتاب سولنگي، علم دين بلو، علي گوھر بوزدار، علي گوھر چانڊيو، اصغر پنھور، ارباب جوڻيجو، اصغر سومرو، اشوڪ ڪمار گهوٽڪي وارو، اياز جوکيو، اڪبر خاصخيلي، غلام حيدرابڙو، غلام مصطفي کھڙو، غلام مصطفي عرف گل شيخ، شبير راڄپر، حمز علي پنھور، کيئلداس، کيمچند، ماجد منگي، مڱڻ خان لغاري، اسلم ملاڻو، ايوب شيخ، محمد حسين سومرو، قاسم ملاح، رمضان جهيجو، صادق لاکير، ممتاز ڀٽي، منير ٿلھو، منير ٻگهيو، مسرت کھاوڙ، نعمت ﷲ وڳڻ، نعمت ﷲ سومرو، نظير منگي، نظير شيخ، نرمل چمناڻي، رشيد چانڊيو، سيف ﷲ ڄامڙو، طفيل سيلرو، ولايت گوپانگ، يونس شيخ، آغا زبير شامل آھن. ضلع دادو ۾ نوڪري دوران غني شيخ، عبدالقادر سومرو، مجيد ٻليدائي، اصغر پنھور، رمضان جهيجو، صادق لاکير، رشيد چانديو، اياز جوکيو، اصغر سومرو سان ملاقات رھي. تعلقي اسپتال جوھي ۾ نوڪري دوران علم دين بلو جڏھن ڊپٽي ڪمشنردادو بڻجي اچانڪ دوري تي آيو تہ مون کي پري کان سڃاڻي لڙي اچي مليو. اھا ڳالھ ضلع ۾ ڦھلجي ويئي تہ ڊي سي دادو منھنجو دوست آھي سو ڪم ڪار لاءِ مونکي چوندا ھيا. جڏھن بہ ساڻس ملڻ ٿيو عزت ڏنائين. لاڙڪاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال لاڙڪاڻي جو ميڊيڪل سپرينٽينڊنٽ جي نوڪري دوران غلام مصطفي کھڙو، گل شيخ، طفيل سيلرو، سيف ﷲ ڄامڙو، ارباب جوڻيجو، عبدالواحد ٽڳڙ، آفتاب سولنگي، نعمت وڳڻ، نعمت سومرو، امداد شيخ سان ملاقاتون رھيون. گهوٽڪي جي اشوڪ ڪمار، لاڙڪاڻي مان واحد ٽڳر پنھنجي ضلع ۾ ٽي بي ڪنٽرول پروگرام جا ڪوآرڊينيٽر رھيا ان دوران آءُ پڻ دادو ضلع جو ٽِي بي ڪوآرڊينيٽر ھيس ان ڪري ھر ڪوارٽرلي گڏجاڻي تي ساڻن ملڻ ٿيندوھيو ائين نرمل جيڪو ضلع ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ جو پبلڪ ھيلٿ ڪمينيڪيشن ڪوآرڊينيٽر PHCCھيو سان 2010ع جي ٻوڏ کان پوءِ ملاقات رھي جو آءُ دادو ضلع جو PHCC ھيس. ھي ڪم صحت کاتي ۽ يونيسيف 2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ گڏجي پئي ڪيو. ائين اوٻاوڙو جي حسين سومرو سان پڻ ملاقاتون رھيون. اسلم ملاڻو سان ڪوٽڙي اسپتال ۾ ڊي ايم ايس مقرر ٿيڻ کانپوءِ سال کان وڌيڪ نوڪري گڏ ڪرڻ جو موقعو مليو. اسلم ملاڻو چانڊڪا ۾ پڙھائي دوران عبدﷲ ميمڻ سان گڏ ھوندو ھيو ۽ صفا پپُو لڳندو ھيو ليڪن 2018ع ۾ سندس منھن تي ڏاڙھي رکيل ھئي. ڪوٽڙي اسپتال ۾ ٿيليسيميا جي ڪم کي سنڀاليندو ھيو. ڪوٽڙي اسپتال ۾ سمورا ملازم کانئس ڪن ڪندا ھيا. پھرين ملاقات ۾ مون کيس سوکڙي طور ڇني جو اگم حلوو ڏنو. ٻئي ڏينھن زور سان ڀاڪر پائي ٽھڪ ڏنائين ۽ زورڏيڻ سان گڏ دعائون پڻ ڏنائين. 2020ع ۾ جڏھن منھنجو 20 گريڊ ۾ پروموشن ٿيو تہ انھي دوران صوبي ليول جي گڏجاڻين ۾ حفيظ ابڙو ۽ آغا زبير سان ملڻ جو موقعو ملندو رھيو. جڏھن تہ سرجن قاسم ملاح سان حيدرآباد ۾ ھجڻ ۽ شبير راڄپر جي رابطي ۾ ھجڻ ڪري وقفي وقفي سان ملاقاتون ٿينديون رھيون. جڏھن مارچ 2017ع ۾ لالا نديم جو انتقال ٿيو تہ عذر خواھي لاءِ خيرپور ويندي شبير راڄپر سان رابطو ڪيو، پاڻ گڏجي لالا جي گهر وارن سان عذر خواھي ڪئي ۽ ساروڻيون ساريون. لالا نديم ۽ عبدالرحمٰن سان پڻ ڪڏھن لاڳيتو ڪڏھن ڇڊو رابطو رھيو. جڏھن آءُ ڪيريئر جي آخر ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل جي عھدي تي مقررٿيس تہ مون کي ٿرپارڪر ضلع ۾ ڪورونا وئڪسينيشن مھم ڏسڻ لاءِ موڪليو ويو. مان ڄاڻي واڻي چيلھار ويس تہ جيئين ڪلاس فيلو واشديو سان ملجي ليڪن اتي پھچڻ تي ٻڌايو ويو تہ گهڻا سال اڳ ھو ڀارت لڏي ويو آھي. ائين خيرپور ضلع وڃڻ جو موقعو مليو تہ شبير راڄپر، نظير منگي ۽ ماجد منگي کي ڳولي ملندو ھيس. ڪوشش ڪيم تہ ٻين سميت وساڻ ڀائرن سان ملان جن سان منھنجي ڏاڍي لڳندي ھئي. ربنواز ۽ محمد نواز ٻئي جاڙا ڀائر ۽ شادي شدہ ھيا. مان کين چرچو ھڻي چوندو ھيس تہ ٻيلي ڳوٺ وڃو تہ ٻئي گڏجي وڃو ائين نہ ٿئي تہ اچانڪ ھڪڙي ويچاري مڙس بجاءِ ڏير جو اچڻ جو ٻڌي ڏکاري ٿئي. نظير شيخ سان حيدرآباد ۾ اڪثر ملاقاتون ٿينديون رھيون. آءُ جڏھن 2015ع ۾ فيملي سميت حيدرآباد شفٽ ٿيس تہ نظير شيخ سان اڪثر ملاقاتون ٿينديون ھيون. ھو حيدرآباد جي ھر ثقافتي پروگرام ۾ شريڪ ٿي محفل جو مور لڳو پيو ھوندو ھيو. انھن پروگرامن ۾ ھنجو نچڻ من کي لڀائيندڙ ھوندو ھيو. ايوب شيخ سان بہ حيدرآباد جي سياسي ثقافتي ادبي پروگرامن ۾ ملاقاتون رھيون. ڪاليج ۾ پڙھائي دوران آخري ڪجهہ سالن ۾ شاگرد يونين تي بندش ھئي. اسانجي ڪلاس ۾ چونڊ ڪري پنھنجي ڪلاس جا نمائندہ مقرر ڪيا ويا جن ۾ منير سومرو چيئرمين جڏھن تہ آغا زبير ۽ ملان عبدالغني ميمبر ھيا. اسانجي ڪلاس ۾ ٻارھن ڇوڪريون بہ پڙھنديون ھيون جنجو سياست، ادب يا راندين ۾ ڪو نمايان ڪردار نہ رھيو. جڏھن آءُ ڊي ايس ايف جو صوبائي عھديدار ٿيس تہ ھڪ اڌ ڀيرو صوبائي ڪابينہ جواجلاس جي ايم سيد ھاسٽل جي ڪمري نمبر ھڪ ۾ ٿيو. انھي گڏجاڻي ۾ ادي حميدہ گل بہ آئي جنھن کي رات جو گرلس ھاسٽل ۾ رھايو ويندو ھيو. اھو ڪم عبد الرحمان پيرزادي جي حوالي ھوندو ھيو. عبد الرحمان جي مسرت کھاوڙ ۽ عابدہ ابڙو سان عليڪ سليڪ ھئي انڪري حميدہ گل انھن وٽ رھندي ھئي. ڇوڪرين جي اھا جوڙي ئي ھئي جيڪا پوسٽنگ کان واپسي تي پوائنٽ بس ۾ گرلس ھاسٽل جي گيٽ وٽ ڇوڪرن جي فقرہ بازي تي ”ٻاڪرہ پڙي “ واري جوابي ڪاروائي ڪندي ھئي ۽ بس ۾ ھڪ ئي وقت سينڊلن جو ٺڙاڪ ٺڙاڪ ۽ ٽھڪن جي گونجار ٿيندي ھئي. اڳتي ھلي مسرت کھاوڙ جي شادي عبدالرحمان پيرزادي سان ٿي ۽ ھوءَ منھنجي ڀاڄائي بڻي، اھو ڏير ڀاڄائي وارو احترام جو رشتو جڙيو جيڪو اڄ سوڌو قائم آھي. عبدالرحمان جي اکڙپڻي، رُخائپ جو نہ صرف ڀاڄائي مسرت سان ذڪر ٿيندو آھي بلڪہ اھو تڪرار سندس نياڻين تائين بہ پھتل آھي. نوڪري دوران حيدرآباد ريجن جو ڊائريڪٽر ھجڻ دوارن پڻ ھڪ ڀيرو سي ڊي ايف اسپتال ۾ ڊاڪٽر مسرت سان ملاقات رھي. عابدہ ابڙو گدو اسپتال ۾ سائيڪياٽرست ٿي ڪم ڪيو . سندس سوشل ورڪ ۽ ميڊيڪل ڪئمپون لڳائڻ جون خبرون سوشل ميڊيا ۾ گردش ۾ رھنديون آھن. جڏھن آءُ دادو ۾ نوڪري ڪندو ھيس تہ ڊاڪٽر عابدہ ابڙو منڇر ڍنڍ ۾ پڻ ميڊيڪل ڪئمپ ڪئي ھئي. 2017غ ۾ جڏھن لالا نديم تي لکيل تاثر( جيڪو ھن ڪتاب ۾ پڻ شامل آھي) پنھنجي بئچ جي فيس بوڪ پيج تي ونڊ ڪيم تہ عابدہ ابڙو لکيو“ ادا توھان تہ روئاري ڇڏيو“ .
جڏھن ڳالھ ڪلاس فيلوز جي ڪئي تہ پوءِ استادن جو ذڪر ڪرڻ ضروري آھي. آءُ تمام گهڻو پڙھاڪو ڪونہ ھيس ليڪن اڪيڊيمڪ ڪيريئر ۾ ائناٽامي ۽ پيٿالاجي جا مضمون مون شوق سان پڙھيا ۽ اھي مونکي ياد بہ رھيا. انھي حوالي سان امين چوڌري ۽ ڊاڪٽر اڪرام منھنجي پسند جا استاد ۽ ائناٽامي جو ڪتاب ”گريز “ ۽ پئٿالاجي جو ”رابنس“ ڪتاب منھنجا پسنديدہ ٽيڪسٽ بڪ رھيا. پئٿالاجي جي پروفيسر اڪرام وٽ منھجي ”وائيوا“ زبردست ٿي ۽ ھن مونکي دل کولي مارڪون ڏنيون نتيجي ۾ ٿرڊ پروفيشنل ۾ منھنجون مارڪون ڪلاس ۾ اٺين نمبر تي ھيون. جڏھن نوٽيس بورڊ تي ٽاپ ٽين شاگردن جي لسٽ لڳي تہ ان ۾ منھنجو نالو پڙھي ڪافي چرچا ڀوڳ بہ ٿيا. سفاري سوٽ پائيندڙ پروفيسر نذير سولنگي پڻ نرالي انداز ۾ لوڏ ڏئي ھلندو ھو ۽ دلچسپ نموني پڙھائيندو ھيو. جڏھن“بيلاڊونا “، دوا سمجهائيندو ھيو تہ انجي معني” بيوٽيفل ليڊي“ ائين ڪري ٻڌائيندو ھيو جونذير سولنگي سميت ڪلاس ۾ موجود ٽي سئو واڇون ٽڙِي وينديون ھيون. ميڊيسن جي پروفيسر وزير شيخ جي ”ميل ايبزاربشن سنڊروم Malabsorption Syndrome “ ۽ ﷲ بچائي ميمڻ جو پڙھائڻ جو انداز مونکي ڪڏھن بہ ڇِڪ نہ ڪري سگهيو توڙي جو بحيثيت فزيشن الھبچائي ميمڻ جي ھاڪ ھئي ۽ ھن منھنجي بيماري دوران صرف ھسٽري ٻڌي چيو ھيو تہ توکي ”ھائيپر ٿائيراڊزم Hyper Thyroidism“آھي. سرجري ۾ نيڪ محمد شيخ، ڊاڪتر نور احمد بلوچ، ڊاڪٽر سڪندر شيخ، ڊاڪٽر رحيم ووھرا، اي اين ٽي جي پروفيسر حسن شيخ جي ڪلاسن ۾ پڻ مزو ايندو ھيو. فارماڪالاجي جي پروفيسرچيلا رام جو کھرو انداز ۽ کھري شخصيت ڪڏھن بہ پڙھڻ تي مجبور نہ ڪري سگهي. ھائوس جاب دوران نوراحمد چنا پنھنجي ڏيک ويک اٿڻ ويھڻ ۾ رُخو لڳندو ھيو جڏھن تہ ٻارڙن جي بيمارين جو ٻيو پروفيسر رشيد احمد بلوچ وري چنا صاحب جي طريقہ علاج تي انگشت نمائي ۾ مصروف ھوندو ھيو. ليڪن ”پيڊس“ جو ھائوس جاب ئي مونکي اڳتي ھلي ڪلينڪ ھلائڻ ۾ ڪم آيو. ٻارن ۾ دل جا ”مرمرMurmur “۽ ”ريگرجيٽيشن Regurgitation“ ڏسڻ ۽ سمجهڻ مونکي اتان آيو ۽ پوءِ آءُ ”اسٽينوسس Stenosis “ ۽ ”ريگرجيٽيشن Regurgitation“ جا ڪيس سمجهي ويندو ھيس. . استادن ۾ ٿرپارڪر جي ڊاڪٽرن ڊاڪٽر شنڪر راٺي ۽ ڊاڪٽر راڻو سميت ڪجهہ استادن سان رابطو رھيو جن کان تنظيم جو ھمدرد ھجڻ سبب فنڊ پڻ وٺندو ھيس اھي رابطا مونکي گهنشام پرڪاش ڏنا ھيا. ھائوس جاب، مون ميڊيسن ۽ پيڊياٽرڪس ۾ ڪيو.

ڪلاس جا کلاڙي، پڙھاڪو، فنڪار، سياسي ڪارڪن

اسانجي ڪلاس ۾ تمام گهڻا نوجوان ڪرڪيٽ جا شوقين ھيا جن ۾ لالا نديم، رياض نارو، جاويد شيخ، حفيظ ھوشو، آغا زبير، عبدالرحمان شاھ سندن شڪارپوري سنگت، جبار مڱريو، ڪمال اصغر زيدي، حڪمت، علم دين بلو، اقبال سومرو، نصرت گلگتي، رشيد ناپر شامل ھيا جيڪي روز شام جو ھاسٽل ون جي آڏو روڊ تي ڪرڪيٽ کيڏندي تمام وڏو ھُل ڪندا ھيا. ايڏو گوڙ ڪندا ھيا جو ڪڏھن ڪڏھن ڪمرن مان شاگرد ٻاھر نڪري ايندا ھيا تہ ڪجهہ ٿيو تہ ناھي. سٺن رانديگرن ۾ حڪمت ۽ جاويد شيخ جو شمار ٿيندو ھيو. لالو نديم پاڻ کي آل رائونڊر سڏائڻ پسند ڪندو ھيو ۽ ٻڌائيندو رھندو ھيو تہ اڄ ھيتريون رنسون ٺاھيون اڄ ھيتريون وڪيٽون ورتيون اٿم ۽ منھنجي ڪري اڄ ٽيم مئچ کٽيو آھي. ڪرڪيٽ کيڏڻ جو بخار انھن ڏينھن ۾ سوايو ٿيندو ھيو جڏھن ڪٿي ڪرڪيٽ مئچ يا ڪا سيريز جاري ھوندي ھئي. ان دوران ھاسٽل جا اڪثر ڇوڪرا ٽي وي ھال ۾ ويٺل ھوند ھيا . اھو مئچ ڏسڻ کانپوءِ ھاسٽل ون جي سامھون ٽينس بال تي ڪرڪيٽ کيڏڻ شروع ٿي ويندا ھيا. لالا نديم پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي خراب پرفارمنس تي ڪرڪيٽ مئچ اڌ ۾ ڇڏي ٽي وي ھال مان نڪري ايندو ھيو ۽ پوءِ پنھنجي ملڪ جي ٽيم کي گاريون پڻ ڏيندو ھيو. لالو نديم ھڪ لڱا ڀارت مائٽن سان ملڻ ويو. واپسي تي ھو سنيل گواسڪر جو وڏو مداح ٿي پيو. اڳ۾ ھو ناصر ڪاظمي جي غزلن جي تعريف ڪندو ليڪن ھاڻي ھو ساحر لڌيانوي جي شاعري پڻ خطن ۾ لکي موڪليندو ھيو. جنھن ۾ ساحر لڌيانوي جو غزل ”ثنا خوان تقديس مشرق ڪھان ھين“، جو ذڪر پڻ ڪندو ھيو. ھاسٽل ۾ رھندڙ شاگردن جو پاڻ ۾ ميل جول وڌيڪ ھوندو ھيو. جن شاگردن کي باڊي بلڊنگ، ”مشڪونMuscles “ ٺاھڻ جو شوق ھيو انھن ۾ حفيظ ابڙو، جاويد شيخ ۽ سيد حڪمت شامل آھن جيڪي ”ھاف سليو“، شرٽ پائيندا ھيا تہ سندن ڪسرتي ڏورا پيا ڏيکاربا ھيا. حفيظ ابڙو تہ ڪراٽي ۾ بہ بليڪ بيلٽ جو اعزاز رکندڙ ھيو. کيس سدائين ڪاوڙ نڪ تي ھوندي ھئي . ڪاليج بجاءِ حفيظ سان ويجهڙائي نوڪري دوران 20 گريڊ ۾ پروموشن کان پوءِ ٿي جنھن دوران منھنجي سندس جي باري ۾ راءِ يڪسر بدلجي ويئي ۽ ھو مکڻ ماڻھو ۽ ڪچھري جو ڪوڏيو نڪري پيو. اسان جڏھن ٽئين سال ۾ ھئاسين تہ ڪاليج ۾ راندين جو ھفتو ملھايو ويو جنھن ۾ ياد ڪرڻ جھڙي ڳالھ مير اشتياق ٽالپر جو کانئس سينيئر حافظ گلاب سان ملھ وڙھڻ جو مقابلو ھيو. جڏھن ملھ لاءِ سندرا ٻڌجي رھيا ھيا تہ حافظ گلاب جي حامين”مير لاءِ جُلاب، حافظ گلاب “ جا نعرا پئي ھنيا. سنھڙو سيپڪڙو مير اشتياق ٽالپر اسانجي ڪلاس جي غير سرڪاري طور چونڊيل ڪلاس ريپريزنتيٽو ھيو ليڪن ڪجهہ ڏينھن بعد بي ايس او، جيئي سنڌ جي جهيڙي جو کاڄ بڻجي ويو. جڏھن جيئي سنڌ جي نوجوانن ڪاليج تي قبضو ڪيو تہ انتظاميہ گم ٿي ويئي تڏھن مير لاءِ جلاب جو لقب ماڻيندڙ حافظ گلاب کي پرنسپال جي ڪرسي تي ويھاريو ويو. اسانجو ڪلاس فيلو ۽ ڊي ايس ايف جو ساٿي نظير منگي پڻ بيڊ منٽن جو بھترين کلاڙي ھيو. ڪلاس فيلوز ۾ پروين عباسي، سيف ﷲ ڄامڙو، اشفاق چانڊيو، اقبال اعواڻ، خدا بخش شيخ، زوار کچي، منير ٿلھو، شمس ڪلوڙ، ﷲ بخش خواجا، باڊھ جو ڪلتار، اعجاز قريشي، سکر جو عبدﷲ عباسي ۽ طفيل سيلرو انتھائي پڙھاڪو ۽ ڪتابي ڪيڙا لڳندا ھيا جنکي ھر وقت ڪتاب ھٿ ۾ ھوندو ھيو ۽ کين ٻي ڪنھن سرگرمي ۾ مون گهٽ ڏٺو. جنھن سبب اڳتي ھلي اھي اھم مقام تي بہ پھتا. توڙي جو ڪلاس ۾ پڙھندڙ ٻنھي جگديش، ستار وڌو، ارباب جوڻيجو کي انھي لسٽ ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو ليڪن انھن کي مون باقي سرگرمين ۾ اٿندي ويھندي ڏٺو. ڪلاس ۾ شاگرد تنظيمن سان بہ ڪافي شاگرد سرگرم طور جڙيل رھيا جن ۾ منير سومرو، نثار باغي، برڪت شاھ، عبدﷲ ميمڻ، ھادي بخش سھتو، اسلم ملاڻو جو تعلق جيئي سنڌ سان، آغا زبير، حفيظ ابڙو جو سپاف سان ساڻن گڏ ڪليم شيخ، يونس شيخ بہ گڏ ھوندا ھيا. مولانا اي جي انصاري، عبدﷲ عباسي جو جي يو آءِ سان، نظير شيخ، ايوب شيخ، اياز شيخ جو سنڌي شاگرد تحريڪ ۽ مون سميت عبدالرحمٰٖن پيرزادو لالو نديم، ۽ ھري لال ڊي ايس ايف ۾ سرگرم ھياسين. نظير منگي ۽ اعجاز شاھ جو تعلق پروگريسو جيئي سنڌ سان ھيو. ليڪن بعد ۾ نظير منگي بہ ڊي ايس ايف ۾ شامل ٿي سرگرم رھيو. . اسانجي ڪلاس جو ھڪ دوست نصر ﷲ بلوچ سياست ۾ تمام اڳتي آيو ۽ سکر مان پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو. ھاسٽل ھڪ ۾ عبدﷲ ميمڻ اسانجو ميس مينيجر رھيو. منھنجو خيرپورناٿن شاھي دوست اصغر سومرو خوبصورت آواز جو مالڪ ھيو جيڪو جگجيت سنگه جا غزل ٻڌائيندو ھيو . ائين نظير شيخ جي ڳلي مان بہ ڀڳوان ڳائيندو ھيو. اياز جوکيو، ماجد منگي، علي گوھر بوزدار، محمد علي شاھ پڻ ڳائيندا ھيا. ھونئن ڳلي مان ٿڪل سر عبدالرحمٰن پيرزادو ۽ مان بہ ڪڍندا ھئاسين اسان ٻنھي پنھنجي تنظيمي پروگرامن ۾ جام انقلابي گيت چيا. اسانجي بئچ ۾ ھاسٽل ۾ شاگردن جو اھڙو گروپ بہ ھيو جنجي الڳ سڃاڻ بہ ھئي. کين پڙھن جو ڪيترو شوق ھيو سا تہ خبر گهٽ پئي ليڪن سندن اٿڻ ويھڻ گهمڻ ڦرڻ باقي جڳ کان نرالو ھوندو ھيو. شھر مان ھاسٽل دير پھچڻ سندن روز جومعمول ھيو. انھن ۾ شفقت سومرو، شفقت مھيسر، جاويد مھيسر، نظير شيخ، لالو مظفر، مظھر جتوئي، ڪرتار شامل ھيا. ڪلاس ۾ ھڪ دلچسپ ڪردار ڦلجي واسي حمزو پنھور جو بہ آھي. حمزو پنھور يارن جو يار ھيو، ھلڻ وقت سينو تاڻي ھلندو ھيو. ڪنن کان گهٻرو ھيو انڪري ھلڪو ڦلڪو سلام ڪونہ ٻڌندو ھيو کيس سدائين شڪوہ رھيو تہ يار سلام ئي ڪونہ ٿا ڪن، توڙي جو اسان کيس سلام ڪنداا ھياسين. عبدالرحمان پيرزادو کيس ڀوڳن ۾ حمزو ھاري سڏيندو ھيو جنھن ڳالھ تي ھن سدائين وڏو ٽھڪ ڏيندي موٽ ڏني. ڪاليج ڇڏڻ کانپوءِ بہ ڪافي دفعا مليو ۽ فون پڻ ڪندو رھندو آھي. جڏھن بہ مليو ٽھڪ ڏئي ڀاڪر پائي مليو ۽ سندس ٽھڪن ۾ 1980 کان 1987ع واري چانڊڪا اکين اڳيان ڦري ويندي ھئي. خوبصورتي قدرت جي دين آھي انڪري پنھنجي ڪلاس جي خوبصورت ڇوڪرن جو ذڪر ڪرڻ ضروري آھي جن ۾ آغا زبير، اسلم ملاڻو، اجيت ڇاٻڙيا، اشفاق چانڊيو، لالا نديم، رميش لال، ھري لال، اقبال ميمڻ، کيمچند، مظھر جتوئي جو نالا نہ کڻڻ زيادتي ھوندي. يادگيريون سھيڙڻ ۾ منھنجي پنھنجي يادگيري جو عمل دخل تہ آھي ليڪن ھي ساروڻيون لکڻ دوران مون پنھنجي بئچ جي ايگليٽ مان مدد پڻ ورتي جيڪا عبدالواحد ٽڳڙ پاران گروپ تي شيئر ٿيل آھي. اتفاق سان پنھنجي ايگليٽ جي ڪاپي جنھن م سڀني ڪلاس فيلوز کان آٽو گراف ورتو ھيو اھا جوھي ۾ 1995ع واري مھا ٻوڏ ۾ ھيٺ مٿي ٿي ويئي. انھي ايگليٽ ۾ ڪافي دوستن جو ذڪر ڪونھي جن ۾ شھدادڪوٽ جو رياض بروھي بہ شامل آھي جيڪو ڪاليج ۾ عمومن اڇا ڪاٽن جا ڪپڙا پائي گهمندو ھيو ۽ لالا نديم کي ڏاڍو ڀلو لڳندو ھيو. ھي ساروڻيون لکڻ دوران پنھنجي واٽس اپ گروپ ۾ شھاب اوستي جو نالو ڏسي خوشگوار حيرت ٿي تہ نالي وارو ليکڪ، سوشل ايڪٽوسٽ بہ پنھنجو ڪلاس فيلو رھيو آھي.

ذوالفقار علي ڀٽي جي پھرين ورسي

ڪاليج ۾ منھنجي داخلا ٿيڻ جي ٿوري وقت ۾ ئي ڀٽي جي ورسي 4 اپريل اچڻ جو ڏينھن ھيو. ملڪ سميت لاڙڪاڻي ۾ ھيجان برپا ھيو. انھي صورتحال ۾ ڪاليج انتظاميہ ڪلاس ختم ڪري ڇڏيا. ڪافي ميسون بند ھيون ليڪن ڪينٽينون کليل ھيون. انھي ڪري ڪافي شاگرد ڳوٺ ھليا ويا تہ آءُ بہ جوھي وڃي پھتس. جوھي ۾ منھنجو يار اسماعيل کوسو بہ حيدرآباد کان آيل ھيو. ان وقت جوھي شھر ۾ بہ فوج جي چرپر وڌيل ھئي ۽ سياسي ڪارڪنن جي وٺ پڪڙ جاري ھئي. حسب عادت اسان شام جو بشير پنجابي جي ھوٽل تان چانھ پي نڪتاسين جن ۾ مون سان گڏ ستار ٻٻر، اسماعيل کوسو، عزيز ڪنگراڻي، حبيب ڪنگراڻي ۽ سائين بخش رند شامل ھيا. اسان پنھنجي مستي ۾ دادو روڊ وٺي پئي وياسين تہ رستي تي اريگيشن بنگلي تي فوج بيٺل نظر آئي سامھون پارڪ ۾ ھڪ فوجي آفيسر پنھنجي فيملي سان ويٺل نظر آيو. اسان ڇھئي دوست موج مستي ۾ کلندا ٽھڪ ڏيندا پئي وياسين عزيز ڪنگرڻي ۽ اسماعيل کوسو ڪنھن ڳالھ تي ٽڪريا تن ھڪٻئي خلاف نعرا پئي ھنيا. نائين شيخ کان واپسي تي جيئن انھي فوجي ڪيمپ وٽان لنگهياسين تہ ھڪ فوجي سپاھي اسان کي روڪي اشارو ڪري چيو ته، ھو صاحب توھان کي سڏي ٿو. اسان جو من مستي ۾ بہ ھيو فوج خلاف ڪاوڙ بہ ھئي نوان نوان سياست ۾ آياسين تہ بغاوت ڪجهہ سرس ھئي سو اسان چيو تہ اسان ڇو ھلون ۽ اسان ڪونہ ھلنداسين. فوجي سپاھي اسان کي قائل ڪرڻ چاھيو تہ صاحب توھان سان ڪجهہ ڳالھائڻ چاھي ٿو ان دوران مون کيس چيو تہ اسان ڪونہ ھلنداسين ۽ اسان ڪچھري ڪندا ٽھڪ ڏيندا کيس پوئتي ڇڏي آياسين. جڏھن اسان مختيارڪار آفيس وٽ پھتاسين تہ پويان اچانڪ فوجين جي ٽرڪ اچي ڪڙڪي ۽ پوءِ اسان مان ڪو ڪيڏانھن ڀڳو ڪو ڪيڏانھن ڀڳو. آءُ سائين سليمان لاشاري جي اسٽيشنري جي دوڪان ۾ وڃي بيھي رھيس ڄڻ تہ انھي واقعي جو مون سان ڪو تعلق ڪونہ ھيو. اسماعيل کوسي ۽ ستار ٻٻر کي مون کنڀجندي ڏٺو. ھئو مئو ٽري تہ مان بہ کڙين تي اچي زور ڏنو ۽ اچي گهر پھتس. ٿوري دير ۾ اسانجو عزيز ڊاڪٽر علي نوازسومرو اچي گهر پھتو جنھن ٻڌايو تہ توھان فوجين آڏو نعرا ھنيا آھن ۽ اريگيشن پارڪ ۾ ويٺل سندن عورتن تي ھُوٽنگ ڪئي آھي. توھانجي نالن جي خبر پئجي ويئي آھي سو ھل، توکي گهرايو اٿن باقي معاملي کي اسان سنڀالي وٺنداسين. مونکي اسڪوٽر تي چاڙھي اچي ڊاڪ بنگلي تي فوجين آڏو بيھاريائون. جتي جوھي جي بزرگن چاچو حاجي ميرل باھوٽو، دين محمد ٿھيم سميت ستار ٻٻر، سائين بخش رند، اسماعيل کوسو، عزيز ڪنگراڻي ۽ حبيب ڪنگراڻي ويٺل ھيا. فوجي آفيسر جيڪو شايد ميجر پئي لڳو تنھن اسان سڀني کي ڏٺو ۽ چيائين ڇوڪرا تہ ڇھ ئي پورا آھن ليڪن وڏن وارن وارو ڇوڪرو جنھن نعرا پئي ھنيا ۽ جنھن فوجي سان تعاون ڪرڻ کان انڪار ڪيو ھيو اھو ڪٿي آھي. ھن اسانکي دٻڙاھٽ ڏني، آئيندہ احتياط ڪرڻ لاءِ چيو ۽ چيائين تہ ھنن معزز شھرين جي ضمانت تي توھان کي ڇڏجي ٿو آئيندہ اھڙي شڪايت آئي تہ جيل موڪلي ڇڏيندوسانو. ان دوران مون سوچيو پئي تہ وڏا وار تہ منھنجا آھن ۽ فوجي جي اصرار تي سندس آفيسر نہ ملڻ جو ضد بہ منھنجو ئي ھيو خبر ناھي ڇو ان وقت منھنجا وار کيس وڏا نظر نہ پئي آيا.
جڏھن فوج جي حوالات مان نڪري گهر واپس آيس تہ ڀٽي جي پھرين ورسي جو چوٻول ھيو ۽ انھي ورسي جي جلسي جي تيارين جي بي بي سي بہ رپورٽنگ ڪئي سو آءُ پڻ ٻئي ڏينھن ئي لاڙڪاڻي لاءِ نڪري پيس ۽ وڃي ڳڙھي خدابخش پھتس. جلسي لاءِ ماڻھن جي وڏي پيھ ھئي. ڳڙھي خدابخش ۾ جا بجا بئنر پوسٽر لڳل ھيا ۽ ميلي جو سمان ھيو، ھر طرف ضياءَ جي خلاف نعرا پئي لڳا. وڏو جلسو ٿيو جنھن ۾ پوري ملڪ خاص ڪري پنجاب مان جيالن جي ذات لٿل ھئي. پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ شيخ رفيق ۽ احترام الحق ٿانوي پڻ تقرير ڪئي. احترام الحق ٿانوي تقرير ڪندي، جيئن جنرل َضياءَ جو نالو ورتو تہ رڪجي چيائين تہ ھن معتبر ميڙ ۾ جنرل ضياءَ جھڙي منحوس جو نالو وٺڻ نہ گهرجي ھا ليڪن ڇا ڪجي ڪھڙي بہ پاڪ جاءِ ھجي ان ۾ بيت الخلا ضرور ھوندو آھي ائين ھن متبرڪ ميڙ ۾ ضياءَ الحق بہ آھي.

9 آگسٽ 1980ع نظير عباسي جي شھادت

جڏھن آءُ چانڊڪا ۾ پھتس تہ پنھنجي ڪوشش سان ايس اين ايف جي دوستن کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪيم ليڪن ان دوران ايس اين ايس ايف جي دوستن تي لٺ پئي لڳي ۽ منجهائن اڪثريت گم ھئي. 9 آگسٽ 1980ع تي نظير عباسي جي قتل جي خبر ڦاٽ ڦاڙي ٻاھر نڪتي جنھن خلاف احتجاج ڪندي جنرل باڊي جو اجلاس ٿيو جنھن ۾ پھريون ڀيرو ايس اين ايس ايف پاران اشوڪ چنچلاڻي کي خطاب ڪندي ٻڌو. جيئن جنرل باڊي ختم ٿي اشوڪ چنچلاڻي ڪيڏانھن کسڪي ويو۽ ان سان خواھش باوجود ملاقات نہ ٿي سگهي. ان دوران گهنشام پرڪاش روپوش ھيو. آخرڪار 7 فيبروري 1981ع ۾ منھنجو سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ( ايس اين ايس ايف“ جو ميمبر شپ فارم ڀريو ويو. انوقت ايس اين ايس ايف جي ڪم ڪار کي مظھر جوڻيجو ۽ سليم سومرو پئي ڏٺو. راڻيپور جو مظھر جوڻيجو اڳتي ھلي سکر ميڊيڪل ڪاليج جو وائيس پرنسپال ٿيو ۽ سليم سومرو فوج ۾ ھليو ويو. تنھن وقت ۾ ايس اين ايس ايف ۾ بخشعلي، آشوڪ چنچلاڻي، ميرمحمد شاھاڻي، شوڪت ڀيلار، حاجي خان منگي، گل محمد ناريجو، اشوڪ کيٽپال، پرسرام، ديپڪ، چوني لال سان مکا ميل ٿيو. انھن مان ڪافي ساٿي آخري سال ۾ ھيا کين آخري سال ۾ پڙھائي جو وزن بہ ھيو، انھي دوران ڊي ايس ايف ٺھڻ جو چوٻول بہ ھليو پئي ۽ سليم سومرو سميت ڪجهہ دوست ايس اين ايس ايف کي برقرار رھڻ جي حق ۾ ھيا.

ڊِي ايس ايف جي تنظيم سازي

انھي دوران آھستي آھستي مون وٽ ايس اين ايس ايف ۽ ان کانپوءِ ڊي ايس ايف جا دوست ايندا رھيا. 1981ع جي وچ ڌاران لاھور ۾ ڊي ايس ايف ٺھڻ جو اعلان ٿيو ۽ ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ مونکي ڊي ايس ايف چانڊڪا يونٽ جو آرگنائزر مقرر ڪيو ويو. مونکان پوءِ ٻئي سال ۾ ڪاليج ۾ جوھي جي دوست جمن باھوٽي ۽ ستار ٻٻر جي داخلا بہ ٿي ۽ اھي اچي ڪوارٽر ۾ مون سان گڏ رھيا. جڏھن اسان ھاسٽل ھڪ ۾ پھتاسين تڏھن نديم بہ ڊي ايس ايف جو ميمبر ٿيوجڏھن تہ عبدالرحمان پيرزادو تہ ايس اين ايس ايف سان اڳ ۾ ئي جڙيل ھيو جيڪو تنھن وقت پنھنجي دوست سنڌي جي ڀلوڙ ڪھاڻيڪار پرويز ميمڻ سان گڏ ھوندو ھيو. عبدالرحمان، لالا نديم ۽ آءُ ڪلاس ميٽ جو روم ميٽ ٿياسين تہ ڊي ايس ايف جي ننڍڙي ٽيم ۽ نيوڪليس بہ جڙي پيو. اسان ٽيئي گڏجي مختلف سينيئر ۽ نون آيل دوستن سان رابطا ڪندا ھئاسين. ڪاليج جي ديوارن تي مان ۽ نديم اڪثر ڪري چاڪنگ ڪندا ھئاسين. نديم جا اکر سٺا ھيا ليڪن سندس مادري ٻولي اردو ھئي. شيٽ لکڻ، چاڪنگ ڪرڻ جنھن ۾ ڊي ايس ايف جو لوگو شامل ھيو اھو نديم بھتر ٺاھيندو ھيو. آھستي آھستي نديم جي سنڌي لکائي بہ بھتر ٿي ويئي. عبدالرحمٰن پيرزادي توڙي جو ھر ڪم ۾ گڏ ھوندو ھيو ليڪن ڪڏھن ڪنھن ڳالھ تي اعتراض ڪيائين تہ پوءِ في الحال پاسي تي ويھي رھندو ھيو ليڪن جڏھن اسان اٿندا ھئاسين تہ ھي بہ اسان ٻنھي کي ٽھڪ ڏئي چوندو ھو تہ ”اڙي لُوسي ڪيڏانھن ٿا وڃو“ ۽ پوءِ گڏجي پوندو ھيو. عبدالرحمٰن پيرزادو پاڻ شاعر ھيو ۽ پنھنجي شاعري پڻ ٻڌائيندو ھيو تنھنکي سنڌي ادبي سنگت کي متحرڪ ڪرڻ جو خيال ٿيو ۽ 1984ع م ڪاليج ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪري انجو پھريون سيڪريٽري پڻ ٿيو. انھن گڏجاڻين ۾ ساڻس پرويز ميمڻ ۽ ستار ٻٻر پڻ گڏ ھوندا ھيا. انھي عرصي ۾ تنظيم ۾ واڌ ٿي، ڊي ايس ايف جو پرچو”مشعل “ ۽ ”چنگاري“ بہ سٺو ھلندو ھيو ۽ فنڊ بہ سٺو ٿيندو ھيو. سينيئر ساٿين ۾ بخشعلي، چوني لال، مرلي ڌر، اشوڪ چنچلاڻي، اشوڪ کيٽپال، ديپڪ، پرسرام، عبيد عثماني جو سٺو سھڪار رھيو. چانڊڪا جي نائين بئچ مان جمن باھوٽو، ستار ٻٻر ۽ جئپال ڇاٻڙيا جي آمد جو پڻ تنظيم جي ڪم ڪار تي سٺو اثر پيو نتيجي ۾ ڊي ايس ايف ھاڻي ڪاليج ۾ نظر اچڻ پئي لڳي. نديم، عبدالرحمان ۽ آءُ شام جو گڏجي چانھ پيئڻ لاءِ نڪرندا ھئاسين. چانھ پيئڻ کانپوءِ سگريٽ پيئندي ڪاليج جي گيٽ کان ٻاھر نڪري ويندا ھئاسين. اسان ٽيئي تيسين گهرا دوست بہ ٿي ويا ھياسين. اٿڻ ويھڻ سميت شوق بہ ساڳيا ھوندا ھيا ڪرڪيٽ ڏسڻ جي حد تائين اسان ٽيئي ھڪ ھوندا ھئاسين. انھي وقت ھاسٽل ھڪ روم نمبر ھڪ ۾ اسانجو ڪمرو نہ صرف چانڊڪا يونٽ جو ھيڊ ڪوارٽر بڻيل ھيو بلڪہ سموري ضلعي جو رابطہ مرڪز پڻ ھيو. ان دوران گهنشام پرڪاش جيڪو ڊي ايس ايف سميت پارٽي جي ڪم کي سنڀاليو پيو ھيو اھو پمفليٽ ڪيس ۾ گرفتار ٿي ويو . جنھن کانپوءِ پارٽي جا دوست رحيم بخش جعفري، مير ٿيٻو اچڻ شروع ٿيا جيڪي اڪثر ڪري شام جو سوڀي گيانچنداڻي سان ضرور ملندا ھيا. انھي عرصي ۾ پھريون دفعو ڊي ايس ايف جو ڪم لاڙڪاڻي شھر ۾ ڏسڻ ۾ آيو جتي بدر عباسي، صفدر عباسي، جاويد شيخ، افتخار شاھ، انتخاب شاھ، اشوڪ پرٿياڻي، گل بليدي، جئہ پرڪاش متحرڪ ھيا. جنجو پنھنجي دوستن جو وسيع حلقو ھيو. لاڙڪاڻو شھر، ٻلجهڙيجي، باڊھ، ڏوڪري، شھداد ڪوٽ، اوستہ محمد تائين دوست اسان وٽ ايندا ھيا. نديم، رحمان ۽ منھنجي ساڳي ميس ۾ ميمبر شپ ھئي جڏھن بہ وڌيڪ مھممان ايندا ھيا اسان مھمان پاڻ ۾ ورھائي کڻندا ھياسين نتيجي ۾ ڪنھن اڪيلي تي وزن نہ پوندو ھيو. اسانجو ھڪ روم ميٽ ارباب جوڻيجو گهڻو پڙھاڪو ھيو انڪري اھو انھن سرگرمين مان ڪڏھن ڪڏھن تنگ بہ نظر ايندو ھيو ليڪن ھن ڪڏھن شڪايت نہ ڪئي بلڪہ اسانجي غيرموجودگي ۾ اسانجي مھمانن جو خيال ڪندو ھيو ۽ کين اٽينڊ بہ ڪندو ھيو.
سال 1984ع ڊي ايس ايف جو تنظيمي لحاظ کان بھترين سال ثابت ٿيو. چاندڪا يونٽ پنھنجو تنظيمي پرچو جاڳرتا جي نالي سان ڪڍڻ شروع ڪيو ھيو جنھن ۾ تنظيمي خبرن سميت ملڪ جون سياسي خبرون بہ ھونديون ھيون. انھي دوران چانڊڪا جي تنظيمي باڊي پڻ ٺھي جنھنجو صدر جمن باھوٽو مقرر ٿيو. 1985ع واري ڊي ايس ايف جي صوبائي ڪائونسل سيشن ۾ آءُ صوبائي جوائنٽ سيڪريٽري چونڊجي آيس. اسانجي تنظيم جي انوقت چانڊڪا ۾ ميمبر شپ پنجاھ کان وڌيڪ ھئي جنھن ۾ جيڪب آباد مان مرلي ڌر، اشوڪ کيٽپال، جئيپال، اندر لنڊ، ساجن داس، دليپ ڪمار، پيتامبر، چوني لال، گرمکداس ڪارڙا، پرسرام، ديپڪ، بابو لعل، پرڪاش ڇاٻڙيا، غفار رند ۽ علي حسن رند شامل ھيا. شڪارپور مان زاھد ڀٽو، اعجاز انڙ، ھدايت ﷲ سومرو، ستياپال، سکر مان عبيدعثماني، ھري لال، رميش لال، موھن لال، حميد جماڻي، کيمچند سچڏيو، خيرپور ضلع مان لالا نديم، نظير منگي، جعفر شاھ، غلام مصطفي کوکر، غلام رسول گهمرو، اياز گهمرو، نصرﷲ سومرو، مختيار ڀيو، آزاد لاشاري، ﷲ جوايو لاشاري، شوڪت ڀيلار، مظھر جوڻيجو، سليم سومرو، ميرمحمد شاھاڻي، لاڙڪاڻي مان عنايت مگسي، اشوڪ پرٿياڻي، گل بليدي، بدر عباسي، صفدر عباسي، جئہ پرڪاش جڏھن تہ ضلع دادو مان گل محمد ناريجو، حاجي خان منگي، جمن باھوٽو، ستار ٻٻر، سڪندر کوسو، رحيم ساريو، قربان سيال، محمد خان ٻٻر ۽ ٺٽِي ضلع جي دڙو جو عابد علي پڻ شامل ھيا. انکانپوءِ پروگريسو جيئي سنڌ مان مرتضِي کھڙو، مظفر کونھارو سميت ڪافي دوست پڻ ڊي ايس ايف ۾ شامل ٿيا. مرتضي کھڙو اڳتي ھلي ڊي ايس ايف سنڌ جو چيئرمين پڻ ٿيو. اسانجو ھمدردن جو بہ چڱو خاصو حلقو ھيو جيڪي تنظيم جو پرچو وٺڻ سان گڏ فائيٽنگ فنڊ ڏيندا ھيا. انھي تنظيم ڪاري ۾ پس پردہ وڏو ھٿ گهنشام پرڪاش جو ھيو جيڪو جيل ۾ رھندي نہ صرف مونسان رابطي ۾ ھيو بلڪہ مٿي ڄاڻايل اڪثر دوستن سان سندس خط وڪتابت ھلندي ھئي جنھن ۾ خط وڪتابت ذريعي ھن جو ھمٿائڻ ڪمال جو ھيو.

ھارون اورڪزئي

شايد چانڊڪا ڪاليج جي يارھين بئچ جا انٽرويو ھيا. انٽرويو دوران شاگرد تنظيمن جا اسٽال لڳل ھيا. اسان بہ ڊِ ايس ايف جو بيج پائي پئي گهمياسين تہ اچانڪ سامھون ھڪ اوپرو نوجوان نظر آيو جنھن کي ڊي ايس ايف جو بيج لڳل ھيو. کيس ملي سلام ڪيوسين تہ ھن اردو ۾ ڳالھائيندي پنھنجو تعارف ھارون اورڪزئي طور ڪرايو ۽ چيائين تہ سندس تعلق سرحد صوبي جي ڪوھاٽ ضلع جي تعلقي ھنگو سان آھي ۽ ڊي ايس ايف جو ميمبر آھي. چيائين تہ کين پنھنجي ڳوٺ ۾ خلقي چوندا آھن. اسان کيس تنظيم جو ميمبر ڪيو ليڪن آھستہ آھستہ ھو اسان کان پري ٿيندو ويو. پڇڻ تي ٻڌايائين تہ مون سان گڏ رھندڙ سرحد، گلگت ۽ ڪشميري دوست يا تہ جماعتي آھن يا وري پڙھاڪو ۽ نمازي آھن انڪري منھنجو ڊي ايس ايف ۾ ھجڻ کين پسند ڪونھي انڪري مونکي پنھنجي حال تي ڇڏي ڏيو. آءُ ڊي ايس ايف ۾ ئي رھندس ليڪن سرگرم ٿي منظر عام تي نہ ايندس. ھارون اورڪزئي لاءِ ھڪ خط ڊي ايس ايف جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري انور زيب پڻ لکيو ليڪن ھارون کي اسان پنھنجي لڙھي ۾ پروئي نہ سگهياسين.

جوھي نوجوان تنظيم

جڏھن مان ڊي ايس ايف ۾ سرگرم ٿيس تہ پارٽي جي ”صوبائي شاگرد فريڪشن“ ۾ ويھڻ شروع ڪيم. فريڪشن جو اجلاس شڪارپور، خيرپور، ھالا، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ٿيا. ڪراچي ۾ انوقت پارٽي پنھنجي سماجي بنيادن کي وسيع ڪرڻ لاءِ ڪراچي جي علاقي لياري ۾ لياري نوجوان تحريڪ ٺاھي ھئي جنھنجو صدر خالق زدران ھيو. انھي تنظيم جي ڪاميابي جي پيش نظر مونکي خيال آيو تہ ملڪ ۾ سياسي سرگرمين تي سختي جي پيش نظر انھي طرز تي جوھي ۾ پڻ نوجوانن جو سيٽ اپ ٺاھي تنظيمي ۽ فڪري ڪم کي اڳتي وڌائجي. جڏھن دوستن سان صلاح مشورا ٿيا تہ اڪثر دوستن جن ۾ جمن باھوٽو ستار ٻٻر، عزيز ڪنگراڻي، حبيب ڪنگراڻي، سائين بخش رند شامل ھيا تن انجي حمايت ڪئي جڏھن تہ اڪبر جسڪاڻي ۽ اسماعيل کوسي کي اھو آئيڊيا غيرانقلابي لڳو ۽ چيائين تہ انجي ڀيٽ ۾ سنڌي ادبي سنگت تي زور لڳائجي تہ بھتر آھي. انھي سلسلي ۾ ڪجهہ استادن جن ۾ ڪمال دين کوسو، احمد خان لاشاري شامل ھيا سان بہ صلاح مشورو ڪيم جن چيو تہ انھي تنظيم جو نالو جوھي نوجوان تحريڪ بجاءِ جوھي نوجوان تنظيم ”جنت“ رکيو وڃي تہ سماجي ڪم ڪار لاءِ بھتر پليٽ فارم مھيا ٿيندو. نيٺ سال 1982ع ۾ جوھي نوجوان تنظيم جو بنياد رکي ميمبر شپ ڪئي ويئي ۽ ھڪ ڏينھن موجود ميمبرن جي موجودگي ۾ عھديدار چونڊيا ويا. صدرلاءِ چانڊڪا ڪاليج ۾ ھڪ سال سينئر دوست عزيز احمد چانديو کي منٿ ڪيم جڏھن تہ مون پاڻ کي جنرل سيڪريٽري لاءِ پيش ڪيو. انھي عرصي ۾ ملڪ ۾ سياسي انتشار سبب چاندڪا ميڊيڪل ڪاليج اڪثر بند رھندو ھيو انڪري مون پاڻ جوھي نوجوان تنظيم کي ڪافي وقت ڏنو. جوھي نوجوان تنظيم نہ صرف مختلف تعليمي سرگرميون ڪيون، ڊبيٽون ڪرايون، امتحان ۾ سٺي پوزيشن کڻندڙ شاگردن کي ڪتاب ڪاپيون ڏنيون بلڪہ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي ڪم ڪار ۾ ھٿ پڻ ونڊايو جن ۾ ميڊيڪل ۽ اکين جي ڪئمپن ۾ سھڪار شامل ھيو. انوقت جوھي سميت سنڌ ۾ ھر ھنڌ سگا جون سرگرميون عروج تي ھيون. جوھي نوجوان تنظيم جي ھر سال نئين باڊي چونڊبي ھئي جيڪو سلسلو ٽي چار سالن تائين باقاعدہ ھليو جنھن ۾ وقفي وقفي سان شريف ٿھيم، ستار ٻٻر، عزيز ڪنگراڻي، جمن باھوٽو، محرم سومرو، سڪندر کوسو، محمد خان ٻٻر، عزيز سومرو، امان ﷲ باھوٽو، مينھون خان باھوٽو عھديدار ٿيندا رھيا . ”جنت“ ذريعي اسانجي ساٿين جي ڪافي نوجوانن تائين فڪري سياسي رسائي پڻ ٿي ۽ پنھنجي سياست جا سماجي بنياد وڌڻ ۾ اھم پيش رفت ٿي جنھن جوھي جي بيداري جي تحريڪ ۾ ڪردار ادا ڪيو.

ايم ار ڊي 1983 جي تحريڪ جلوس ۽ گرفتاري

1983ع جي ايم آر ڊي تحريڪ دوران لاڙڪاڻي شھر ۾ چانڊڪا جي شاگرد تنظيمن اھم ڪردار ادا ڪيو. ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن، وطن دوست اسٽوڊنٽس فيڊريشن، سنڌي شاگرد تحريڪ، سپاف، جميعت طلباءِ اسلام ۽ جيئي سنڌ جا اڳواڻ چانڊڪا ۾ رھندا ھيا. جڏھن ايم آر ڊي تحريڪ دوران گرفتاريون ڏيڻ جو مرحلو شروع ٿيو تہ چانڊڪا جا شاگرد روزانہ انھي احتجاج ۾ شريڪ ٿيڻ واري رسم ۾ شريڪ ٿيندا ھيا جتي پاڻمرادو گرفتاري ڏني ويندي ھئي انھي موقعي تي نعري بازي ٿيندي ھئي جنھن بعد سڀ ڪو ٽڙِي پکڙي ويندو ھيو.
انھي دوران ھڪ ڏينھن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ موجود شاگرد تنظيمن تي مشتمل ايڪشن ڪاميٽي فيصلو ڪيو تہ جمھوري حقن جي جدوجھد ۾ پاڻ کي بہ احتجاج ڪرڻ گهرجي. ھڪ صبح ايم آر ڊي تحريڪ جي حمايت ۾ ڪاليج جون ٽي بسون زوري ڪاھي احتجاج ڪرڻ لاءِ ڪاليج کان ڪڍيون ويون. جڏھن بسون ڪاليج مان ٻاھر پئي نڪتيون ۽ شاگردن نعرا پئي ھنيا تہ ڪاليج جي بلڊنگ جي اوڀر پاسي قائم نيشنل بئنڪ وٽ پروفيسر نيڪ محمد شيخ مليو جنھن جلوس ڪڍڻ کان روڪيو ليڪن اسان چيو تہ اسانجو احتجاج پر امن آھي. ان موقع تي ھن اسان کي بجو ڏئي چيو تہ ڇورا ڏکيا ٿنيدئو اھا حرڪت نہ ڪيو ۽ موٽي اچو. اسان نيڪ محمد شيخ جو چيو نہ مڃيو ۽ ٽيئي بسون ڪاھي جڏھن المرتضي سامھون گذري بس اسٽاپ تي پھچڻ لا ڪاليج آڏو لنگهياسين تہ اسان کي پوليس گهيرو ڪري وئي. اڳين بس اڳتي ھلي ويئي پوئين بس پوئتي نڪري ويئي جڏھن تہ وچين بس تي ايس پي واجد دراني پنھنجي اٽالي سميت چڙھي آيو. شاگردن بس مان لھڻ جي ڪوشش ڪئي گٿم گٿا ۾ واجد دراني جو بيج پٽجي پيو. پوءِ تہ پوليس شاگردن تي ڪڙڪي پئي ڪجهہ ڪٽڪو ڏئي بس کي تعلقي ٿاڻي تي ڪاھي آيا. اسان ڪل اٺاويھ شاگرد ھياسين جيڪي گرفتار ٿيا جن ۾ سپاف جو ديدار جمالي، ڊي ايس ايف جو آئون ۽ سڪندر کوسو، ميھڙ جو مجيد ٻليدائي، لاڙڪاڻِي شھر جا ٻہ اجيت نالي نوجوان پڻ شامل ھيا. سڀني کي واري واري سان اگهاڙو ڪري سچو جو ڪٽڪو ڪڍيائون. ديدار جمالي ڪجهہ دليري ڏيکاري جيئي ڀٽو جا نعرا ھنيا تنھن کي برگيڊيئر پاڻ بيھي ڪٽرايو. باقي سڀني کي پوليس چيو پئي تہ ڇورا رڙيون ڪيو نتہ مري ويندئو. ائين مان بہ رڙيون ڪرڻ وارن ۾ شامل ھيس. سچو لڳڻ وقت سور بہ اھڙو پئي ٿيو جو وڃي ٿيا خير. جڏھن مار ڏئي بس ڪيائون تڏھن مون ڏٺو اسان سڀ الف اگهاڙا ويٺا ھياسين. ھڪ اڌ ڏينھن کانپوءِ ڇوڪرن جي آزادي جو مرحلو شروع ٿيو. ھڪ خبر اھا بہ پئي تہ جنھن جا والدين پھچن ٿا تن کي ٿوري دٻڙاھٽ ڏئي شخصي ضمانت تي ڇڏي ڏين ٿا. ٻئي ھفتي ۾ اسان ڪي ٽي چار ڄڻا بچياسين. ھڪ ڏينھن مونکي بہ گهرايو ويو ۽ پوليس وين ۾ ويھاريو ويو. مونکي 1978ع جو تجربو ھيو تہ پوليس وين وٺي وڃي معني ڪيس ملٽري ڪورٽ ۾ ھلندو. ائين مونکي اھڙي جاءِ تي وٺي آيا جتي چوطرف فوج نظر پئي آئي منھنجو شڪ پڪ ۾ بدلجي ويو. مونکي ھڪ فوجي سڏ ڪري اندر ھلڻ لاءِ چيو جتي منھنجو وڏو ڀاءَ مولوي واليڏنو پڻ ويٺل ھيو. جنھن برگيڊيئر اسان کي تعلقي ٿاڻي تي بيھي سچو ھڻايا ھيا اھوسامھون ڪرسي تي ويٺو ھيو. ھن ھڪ پنو ھٿ ۾ کڻي منھنجو مئٽرڪ کانپوءِ وارو پروفائيل مونکي پڙھي ٻڌايو جنھن ۾ 1978ع واري ھڪ سال سزا جو ذڪر بہ ھيو. ھن اڳتي پنو پڙھيو تہ آءُ ڪميونسٽ پارٽي لاءِ ڪم پيو ڪيان جيڪا پاڪستان ۽ اسلام خلاف ڪم پئي ڪري ۽ ھاڻي ڊي ايس ايف چانڊڪا يونٽ جو صدر آھيان. ھن مونکان پڇيو ڇا ھي سچ آھي. مان خاموش بيٺل رھيس. ھن منھنجي ڀاءُ ڏانھن اشارو ڪري چيو تہ مولوي صاحب عزتدار ماڻھو آھي جنھن جي ڪري توکي ڇڏيو پيو وڃي آئيندہ خيال ڪجائين. ائين مون کي منھنجو ڀاءُ سڌو گهر وٺي آيو. منھنجي ڀاءُ سمجهيو پئي تہ مونتي نصيحت جو ڪو اثر ٿيڻو ناھي انڪري ڪجهہ ڪونہ چيائين.

ھدايت منگي جو اغوا ۽ ائڪشن ڪميٽي

جيئين تہ ھاسٽل ھڪ جنھنجو نالو جي ايم سيد ھاسٽل رکيل ھيو انجو ڪمرو نمبر ھڪ ڊي ايس ايف جي رابطہ مرڪز طور ڪم ڪندو ھيو انڪري تنظيمي دوستن کانسواءِ ھمدرد دوست پڻ ايندا رھندا. ھڪ ڏينھن مشھور اديب ھدايت منگي اسان وٽ لڙي آيو جنھن جي ڳوٺائي ھجڻ ڪري عبدالرحمٰن سان ويجهڙائي ھئي. انجي آمد کان ڪجهہ دير پوءِ اسانجي ڪمري ٻاھران ٺڙاڪ ٺڙاڪ ٿي ۽ ڪجهہ ماڻھو ڪلاشنڪوف تاڻيندي ڪمري ۾ گهري آيا ۽ ھدايت منگي جي ٻانھن ۾ ھٿ وجهي کيس وٺي وڃڻ لڳا. اسانجي پڇڻ تي ڪلاشنڪوف تاڻي چيائون تہ ھن سائين جي ايم سيد جي خلاف ڳالھايو آھي انڪري کيس وٺي ٿا وڃون. ھنن پنھنجو تعارف جيئي سنڌ ڊگري ڪاليج يونٽ جي ڪارڪنن طور ڪرايو. جيستائين ڳالھ سمجهہ ۾ اچي تيسين اسانجي ڪمري ٻاھران ڪنڍو ڏئي ھليا ويا. ڪجهہ گهڙِين کانپوءِ جڏھن ڪمري جو در کليو تہ جيئي سنڌ جي دوستن سان رابطو ڪري وٽن احتجاج ڪندي اھا ڳالھ رکي ويئي نتيجي ۾ ٿوري دير کانپوءِ ھدايت منگي کي ڇڏيو ويو. ڪاليج ۾ مختلف مسئلن جي لاءِ ۽ مختلف معاملن تي احتجاج لاءِ مختلف شاگرد تنظيمن تي مشتمل ائڪشن ڪميٽي ٺھيل ھئي جنھن وٽ مختلف تنظيمن جا تڪرار پڻ بحٿ ھيٺ ايندا ھيا ليڪن سچ اھو آھي تہ سپاف ۽ جيئي سنڌ کي جڏھن پاڻ کي ضرورت پوندي ھئي تہ ائڪشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو ھو ورنہ ائڪشن ڪميٽي کي ڪير گاھ بہ ڪونہ وجهندو ھيو ۽ بدقسمتي اھا ھوندي ھئي تہ انھن ٻنھي تنظيمن کانسواءِ ڪاليج انتظاميہ وري ڪنھن ٻي تنظيم کي ليکي ۾ نہ آڻيندي ھئي.
سال 1985ع ۾ ڊي ايس ايف سنڌ جي ڪنوينشن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ رکيو ويو. ڪنوينشن چانڊڪا ۾ رکڻ جو ڪارڻ چانڊڪا ۾ ڊي ايس ايف ۾ معياري ۽ مقداري واڌ ھيو جنھن ڪري ڪجهہ تنظيمن کي اھا ڳالھ نہ پئي وڻي. انھي عرصي دوران جيئي سنڌ کڙتالي گروپ سميت ڪجهہ شاگرد اڳواڻ پڻ ڊي ايس ايف ۾ شامل بہ ٿيا جيڪا ڳالھ بہ جيئي سنڌ جي ڪجهہ ماڻھن کي پسند ڪونہ آئي. جيئي سنڌ چانڊڪا يونٽ جي صدر محمد خان شر مون سميت ڪافي ساٿين کي ڌمڪي بہ ڏني تہ پاڪستان جي حامي تنظيم ڊي ايس ايف کي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڪنوينشن نہ ڪرڻ ڏينداسين. اھڙي ماحول ۾ سينيئر ساٿين جي صلاح مصلحت سان اھوڪنوينشن ڳوٺ ٻلھڙيجي منتقل ڪيو ويو. انھي سيشن ۾ چيئرمين گهڻشام پرڪاش ٿيو جڏھن تہ آءُ جوائنٽ سيڪريٽري ٿيس. ڊي ايس ايف جي سنڌ ڪابينہ ۾ جوائنٽ سيڪريٽري ٿيڻ کان پوءِ چانڊڪا ڪاليج جون ذميواريون يونٽ ڪابينہ حوالي ٿيون. چانڊڪا يونٽ جو صدر جمن باھوٽو ٿيو. نون دوستن جي محنت سان ڪاليج ۾ ڊي ايس ايف جي سٺي ٽيم ٺھندي پئي ويئي جنھن ۾ جمن باھوٽو، نذير منگي، جئيپال ڇاٻڙيا، جعفر شاھ، عنايت مگسي، گل بليدي، غلام رسول گهمرو، دليپ ڪمار، غفار رند، صفدر عباسي، جئہ پرڪاش، اشوڪ پرٿياڻي تنظيم ۾ ڪافي متحرڪ ھيا. انھن دوستن جو پنھنجو الڳ الڳ حلقو ھيو جنھن مان بہ تنظيم کي سگه ملي پئي. صوبائي جوائنٽ سيڪريٽري ھجڻ دوران منھنجو ڪراچي يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو، لطيف ڪئمپس خيرپور پڻ وڃڻ ٿيو. انھن دورن ۾ تنطيم جو وائيس چيئرمين منير ميمڻ پڻ ساڻ ھوندو ھيو.
انھي عرصي دوران تنظيم جو صوبائي ترجمان مشعل پڻ نڪرندو رھيو. ھڪ ڀيرو انھي پرچي جو مواد گڏ ڪري ڪراچي يونيورسٽي پھتس جتي محسن زيدي جي ڪمري ۾ رھيس. ان وقت تنظيم وٽ پرنٽنگ جي سگه ڪونہ ھئي. پرچي جا اسٽينسل ڪٽي سائيڪلو اسٽائيل تي ڪاپيون ڪڍيون ويون. انھي پرچي جو ڪجهہ مواد مون پاڻ تيار ڪيو ھيو جن ۾ ڪجهہ يونٽن جي تنظيم سازي جون خبرون ھيون جن ۾ ايل ايم سي يونٽ جي نون عھديدارن جي چونڊ جو ذڪر بہ ھيو. انھن خبرن ۾ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي آخر ۾ پاڪستان لکيل ھيو. اھڙي خبر ايل ايم سي يونٽ جي بہ ھئي جتان جي ڪابينہ ۾ جيئي سنڌ مان تازو ڊي ايس ايف ۾ شامل ٿيل ساٿي ستار رند جو نالو بہ ھيو. مشعل جا اھي پرچا سڀني يونٽن ڏانھن موڪليا ويا. ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ ستار رند سان ملاقات ٿي جنھن ڊي ايس ايف پاڪستان لکڻ تي اعتراض ڪيو ۽ ٻڌايائين تہ انھي سبب ڪري مشعل جو اھو پرچو ايل ايم سي ۾ ڪونہ ورھايو ويو آھي. انھي وقت ايل ايم سي ۾ پڻ تنظيم جو سٺو يونٽ ھيو جنھن ۾ طالب لاشاري، نياز سومرو ۽ حميد سومرو جھڙا ساٿي ايڪٽو ھيا. ڊِي ايس ايف ٺھڻ کانپوءِ طالب لاشاري، علي حسن چانڊيو، لالا رحمان سمون، حميدہ گ، معين قريشي، اظھر عباس، ظفر بلوچ، پرويز پٺاڻ، عباس جلباڻي، منظور سولنگي، اسد عابدي، قدوس مھر، اشو ٿاما، ضيا ڀٽي، اعجاز سومرو ۽ وزير لاکو پڻ مرڪز ۽ صوبائي ليول جي تنظيم ۾ متحرڪ رھيا.
سال 1981ع ۾ ايس اين ايس ايف، پختون اسٽوڊنٽس فيڊريشن افراسياب خٽڪ گروپ ۽ بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جي ھڪ گروپ کي جوڙي تشڪيل پائيندڙ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا سال 81، 82، 84 ۾ مرڪزي ڪائونسل سيشن ٿيا جن ۾ مرڪزي چيئرمين امداد چانڊيو ٿيندو رھيو جنھن دوران امداد چانڊيو جيل ۾ ھيو. پھريون ڪنوينشن لاھور ٻيون ڪنوينشن پشاور يونيورسٽي ۾ رکيل ھيو ليڪن اسلامي جميعت طلبا جي غنڊن اھو ڪنوينشن ٿيڻ نہ ڏنو نتيجي ۾ اھو ڪنوينشن جمرود ۾ ٿيو جتي عبدالرحمان پيرزادي ۽ مون سنڌي ۾ گيت بہ ڳايا تہ زندگي ۾ پھريون ڀيرو ڪلاشنڪوف کي ھٿ بہ لائي ڏٺو. ڊي ايس ايف جو ٽيون مرڪزي ڪنوينشن بلوچستان يونيورسٽي ڪوئيٽا ۾ ٿيو. 1983ع ۾ ايم آرڊي تحريڪ ۽ ٻين ڪجهہ سبب ڪري اھو ڪنونشن نہ ٿي سگهيو. جيل ۾ ست سال ڪاٽي امداد چانڊيو جڏھن آزاد ٿيو تہ سال 1985ع ۾ ھو مرڪزي چيئرمين جي حيثيت ۾ بولان ميل ۾ ڪوئيٽا اجلاس ۾ شرڪت لاءِ لاڙڪاڻي مان لانگهائو ٿيو تڏھن لاڙڪاڻوريلوي اسٽيشن”ويلڪم ويلڪم امداد ويلڪم “ جي نعرن سان گونجي پيئي. ڊي ايس ايف سميت ھاري ڪميٽي ۽ پارٽي جا ساٿي جهجهي تعداد ۾ گڏ ٿي سندس آڌر ڀاءَ ڪرڻ آيا.

سنڌ ھاري ڪميٽي

ڊي ايس ايف جي ساٿي تنظيم، سنڌ ھاري ڪميٽي پاران 1984، 1985، 1986، 1987 ۾ ڪامريڊ حيدربخش جون ورسين ملھائڻ جا پروگرام ٿيا. 1984ع واري ورسي سڪرنڊ ۾ ٿي اھا ورسي ايم آر ڊي تحريڪ جي زوال دوران ٿي جنھن ۾ ھاري ڪميٽي سميت مختلف محاذن جا ڪارڪن ھمدرد وڏي پئماني تي شريڪ ٿيا. انھي ورسي پروگرام ۾ مختلف سياسي پارٽين سميت ولي خان پڻ شريڪ ٿيڻو ھيو ليڪن ڪنھن مجبوري سبب نہ اچي سگهيو. 1985ع وارو ورسي پروگرام سڳيون ۾ ڪامريڊ اسماعيل قريشي جي ڳوٺ ۾ ٿيو جنھن ۾ پڻ وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن ۽ ھمدردن شرڪت ڪئي. ڪنڊياو ۾ 1986ع ۾ ٿيندڙ ورسي پروگرام انھي حوالي سان اھم ھيو تہ انھي ۾ سنڌ ھاري ڪميٽي جو صدر غلام رسول سھتو روپوشي ختم ڪري ميدان تي آيو ھيو انڪري سندس آمد تي ”ڪنڊيارو ۾ پھتو پھتو غلام رسول سھتو سھتو“ جا نعرا ھنيا ويا. سنڌ ھاري ڪميٽي پاران ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي ورسي جي نالي تي ھڪ وڏي ڪانفرنس 1987ع ۾ چمبڙ ۾ ٿي جنھن ۾ ڄام ساقي، رسول بخش پليجو، معراج محمد خان، آصف بالادي پڻ شريڪ ٿيا ھيا. ڄاڻايل انھن پروگرامن ۾ سموري پارٽي جا سڀ محاذ سرگرمي سان شرڪت ڪندا ھيا. چار سال جي عرصي ۾ ايڏيون وڏيون ڪانفرنسون ڪرائڻ پڻ غيرمعمولي ۽ پارٽي جي وڌندڙ سگه جو اظھار ھيو. 1987ع واري ڪانفرنس جيتري وڏي ۽ زوردار ھئي اوتري ڳڻتي جوڳي بہ ھئي ڇو تہ انھي عرصي دوران پارٽي اقليت ۽ اڪثريت ۾ ورھائجي چڪي ھئي ۽ ان وقت ڪوششون پئي ھليون تہ انھي ٽوڙ ڦوڙ کي ڪيئن روڪجي.

لاڙڪاڻي جو پارٽي سيل ۽ ادارا

توڙي جو پارٽي جو ڪم ڳجهو ھوندو ھيو، صرف اندازو ھوندو ھيو تہ ھي ساٿي پارٽي جي ڪنھن گروپ يا سيل ۾ ويھي ٿو. سڀ کان پھرين پارٽي ليول تي مون سان گهنشام پرڪاش سان رابطو رھيوليڪن انجي گرفتاري کانپو۽ لاڙڪاڻي ۾ پارٽي جي ڪم کي مير ٿيٻو ۽ رحيم بخش ڏسندا ھيا. آءُ جنھن سيل ۾ ويھندو ھيس انھي ۾ قادر ڪرد مزدور اڳواڻ، ساجن ميراڻي لاڙڪاڻي شھر جو سماجي اڳواڻ ۽ مجيب پيرزادو شاگرد اڳواڻ ھيا. ان وقت ۾ پارٽي جو ڪم ٻلھڙيجي، شھدادڪوٽ، اوستا محمد، باڊھ، ڏوڪري تائين ھيو. پارٽي جي انھي ڪم جو مرڪز لاڙڪاڻو ھيو انڪري گلاب پيرزادو، عرس سيلرو، وھاب پندراڻي، اسحاق مغيري، قادر ڪرد، مومن جمالي، علي محمد بروھي، حسن جوڻيجو پڻ منھنجي ڪمري تي ايندا رھندا ھيا ۽ مير ٿيٻو، رحيم بخش جعفري سان سندن رابطو رھندو ھيو. جن متعلق انوقت قياس اھو ھيو تہ اھي ساٿي بہ پارٽي جي مختلف ادارن ۾ ويھندا ھوندا. ائين چانڊڪا ۾ پڻ پارٽي جا گروپ سرگرم ھيا. آءُ پارٽي جي شاگرد جي سنڌ فريڪشن ۾ پڻ ويھندو ھيس جتي نہ صرف شاگرد محاذ جي ڪارڪردگي ۽ مستقبل جي پلاننگ ٺھندي ھئي بلڪہ پارٽي جي مجموعي ڪم ڪار تي پڻ ڳالھ ٻولھ ٿيندي ھئي. ڊگهي عرصي کانپوءِ جڏھن ڄام ساقي آزاد ٿي عوامي رابطہ مھم تي 1987ع ۾ لاڙڪاڻي پھتو تہ جناح باغ ۾ شاندار جلسو ٿيو جنھن ۾ ڪميونسٽ پارٽي پاڻ کي اوپن ڪرڻ جو اعلان ڪيو . اھو جلسو عوام جي سماج جي مختلف پرتن اندر پارٽي جي رسائي جو اھم اظھار ھيو ليڪن بدقسمتي سان پارٽي اندران اندران ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي چڪي ھئي جنھن جو اثر 1986ع جي پارٽي سينٽرل ڪميٽي ۾ اقليت اڪثريت ۾ ڦوٽ جي صورت ۾ پارٽي ڪيڊر تائين پھچي چڪو ھيو.

چانڊڪا يونٽ جي الوداعي پارٽي

جڏھن 1986ع ۾ اسانجا آخري سال جا امتحان پئي ٿيا تہ ڊي ايس ايف چانڊڪا يونٽ پاران ڪاليج جي سينٽرل ڪئنٽين ۾ يونٽ پاران آخري سال جي ساٿين يعني عبدالرحمٰن پيرزادو، لالا نديم پٺاڻ، نظير منگي ۽ منھنجي مان ۾ الوداعي پارٽي ڏني وئي. ھي تقريب نہ صرف شرڪت بلڪہ بندوبست ۽ ڳالھ ٻولھ جي حساب سان زبردست رھي جيڪو پڻ تنظيم جي وڌندڙ اثر رسوخ جو ثبوت ھيو. مون لاءِ اھا ڳالھ باعث مسرت انھي ڪري بہ ھئي تہ جنھن تنظيم جو مان پھريون آرگنائيزر ھيس اھا ھاڻي شڪتي شالي ٿي اڳتي وڌي رھي ھئي ۽ منجهس چانڊڪا ۾ داخلا وٺندڙ ڇھن ئي ضلعن لاڙڪاڻو، دادو، خيرپور ميرس، شڪارپور، سکر ۽ جيڪب آباد مان دوست شامل ھيا.

1986 ٽوڙ ڦوڙ ۽ ڪميونسٽ پارٽي

ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي مرڪزي ڪميٽي 1986ع ۾ مختلف نظرياتي، سياسي، تنظيمي مامرن سميت شخصي پسند ناپسند جي ور چڙھي اقليت اڪثريت ۾ ورھائجي وئي.
سال 1951ع جي ڪريڪ ڊائون کانپوءِ 1954ع ۾ بندش کانپوءِ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان خفيہ طريقي سان پنھنجي کليل متحدہ سياسي محاذن يعني عوامي نيشنل پارٽي، نيشنل پروگريسو پارٽي، نيشنل پارٽي ۽ نيشنل عوامي پارٽي ذريعي ڪم ڪندي پئي رھي انجو شاگردن ۾ ڪم سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن، پاڪستان فيڊرل يونين آف اسٽوڊنٽس، پختون اسٽوڊنٽس فيڊريشن افراسياب خٽڪ گروپ ۽ بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيش سميت، سنڌ ھاري ڪميٽي ۽ بلوچستان بزگر ڪميٽي ۾ پئي ٿيو جڏھن تہ ٽريڊ يونين ۾ پارٽي جو ڪم پاڪستان ورڪرز فيڊريشن ذريعي پئي ٿيو.
منھنجي سانڀر ۾ ڪميونسٽ پارٽي 1978ع ۾ ڄام ساقي جي گرفتاري، 1980ع ۾ نذير عباسي جي گرفتاري ۽ شھادت جهڙين قربانين سبب ماڻھن تائين پھتي. ڄام ساقي پارٽي جي اڳ۾ سڃاڻ بڻيل ھيو جڏھن تہ نظير عباسي جي شھادت تي پارٽي پاڻ دعوي ڪئي تہ ھو پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جو ميمبر ھيو. جولاءِ 1980ع ۾ ڪراچي ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي مبينہ آفيس تي ڇاپو لڳو ۽ حُڪومت پاران مشھور ڪيو ويو تہ اھا ڪميونسٽ پارٽي جي آفيس ھئي ۽ چيو ويو تہ انھي جڳھ مان ھٿ ڪيل مواد تخريبي آھي جيڪو ملڪ ۽ نظريہ پاڪستان سان غداري آھي. توڙي جو انھي ڇاپي ۾ ڄام ساقي گرفتار نہ ٿيو ھيو ۽ ھو اڳ۾ ئي قيد ۾ ھيو ليڪن اھو ڪيس ڄام ساقي سازش ڪيس جي نالي سان مشھور ٿيو جنھکي ڪميونسٽ سازش ڪيس سڏيندي انھي واقعي کي 1951ع واري راولپنڊي سازش ڪيس سان جوڙيو ويو. ڄام ساقي جي گرفتاري، نظير عباسي جي شھادت ۽ ڄام ساقي سازش ڪيس ۾ گرفتارين پردن ۾ ويڙھيل پارٽي کي عالم آشڪار ڪري ڇڏيو، ويتر جو ڄام ساقي پاڻ کي کلئي عام ڪميونسٽ چوائڻ شروع ڪيو تہ انھي ڳالھ جوپڻ اثر ٿيو. ڄام ساقي ڪيس کان اڳ ڪميونسٽ پارٽي کي غدارن جي پارٽي سڏيو پئي ويو ليڪن ڄام ساقي ڪيس ۾ ملڪ جي اھم سياسي اڳواڻن جو ڪميونسٽ ڄام ساقي کي محب وطن قرار ڏيڻ سودمند ثابت ٿيو. جنرل ضيا الحق جي دور ۾ پارٽي پنھنجي کليل محاذن ذريعي مارشلا جي مزاحمت ڪندي پئي رھي. پٽ فيڊر ھاري تحريڪ ھجي يا صحافين جي جدوجھد يا وري جمھوري آزادين جي جدوجھد پارٽي جا کليل محاذ پنھنجي وس آھر ھر موڙ تي عوام سان گڏ رھيا. انھي دوران پوري ملڪ ۾ سوشلزم جي آواز ۾ پڻ اضافو نظر اچي ٿو جنھنجو ھڪ مظھر پوري ملڪ خاص طور سنڌ ۾ انھي نالي سان سياست ڪندڙ ڪارڪنن ۾ واڌ نظر اچي ٿي. اھڙي ڳالھ عوامي تحريڪ تہ ڪئي پئي ليڪن ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ جي سياست جي بنياد تي جيئي سنڌ کان علحدگي ۽ وطن دوست انقلابي پارٽي ٺاھڻ، سنڌ دوست انقلابي پارٽي جو ٺھڻ ۽ جيئي سنڌ مان اڳتي ھلي جيئي سنڌ کڙتالي گروپ جو الڳ ٿي پارٽي سان پاڻ کي جوڙڻ اھم ڪڙيون آھن. پنجاب ۾ امتياز عالم جي لوڪ پارٽي جو ڪميونسٽ پارٽي ۾ ضم ٿيڻ ۽ پختون قومپرستن سميت بي ايس او جي چڱي خاصي لاٽ جي پارٽي ۾ شموليت پڻ ڳڻائي سگهجي ٿي. انھي دوران انفرادي طور لاتعداد ماڻھو پارٽي ڏانھن ڇڪجي آيا. 1985ع ۾ جڏھن امداد چانڊيو ڪوئيٽا دوري تي ويو تہ اتي قومي حقن جي جدوجھد ڪندڙ بلوچ ۽ پختون سياسي ڪارڪنن ۾ کيس زوردار موٽ ملي. ھڪ بلوچ ڪامريڊ تہ اھا ڳالھ ڪندو ھيو تہ جيڪڏھن امداد چانڊيو ڪجهہ مھينہ ڪوئيٽا يونيورسٽي ۾ رھي پوي تہ بلوچستان ۾ صرف ڊي ايس ايف نظر ايندي. ھي امداد چانڊيو جي جدوجھد کي مڃتا تہ ھئي ليڪن انھي ماحول ۾ اھا پارٽي سياست کي پڻ پذيرائي ھئي. ڄام ساقي جي آزادي کانپوءِ لاھور ۾ سندس سگهارو استقبال پڻ انھي جو مثال آھي. جنرل ضياءَ الحق جي مارشلا دوران پارٽي جي رينڪ ۽ فائيل ۾ ڪافي اضافو ٿيو. ڊِيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو سنڌ جي مختلف تعليمي ادارن جھڙوڪ ايل ايم سي ڄامشورو، لطيف ڪئمپس خيرپور سميت وڏن ادارن ۾ واڌ ڏسڻ جھڙي ھئي. اھڙي ڪيڊر جي واڌ جو آءُ پاڻ چانڊڪا ۾ حصو رھيس . ائين سنڌ ھاري ڪميٽي پاران 1984ع، 1985، 1986ع ۽ 1987 ۾ وڏيون ڪانفرنسون پارٽي جا سماجي بنياد وسيع ٿيڻ جو مظھر آھن. مٿين ٽن واقعن سميت پمفليٽ سازش ڪيس ۾ امداد چانڊيو، شِير محمد مڱريو، محمد خان سولنگي کان پوءِ گهنشام پرڪاش جو گرفتار ٿيڻ پڻ سنڌ جي نوجوان سياسي سوجه بوجه رکندڙ ماڻھن کي الڳ انداز سان متاثرڪيو. سال 1978، 1979ع ۾ نظير عباسي، ڄام ساقي، امداد چانڊيو ۽ گهنشام پرڪاش متعلق دادو، ڪراچي ۽ سکر جيل ۾ ھجڻ دوران مخالف سياسي ڪارڪنن کان مون سندن تعريفون ٻڌيون. پارٽي ۾ اھا واڌ ڪنھن طبقاتي صفبندي جو نتيجو ھجڻ بجاءِ سماج جي ھيٺين وچين پرت، شاگردن، دانشورن تائين موجود ھئي. جيڪي ماڻھو ڊي ايس ايف جي پروگرامن ۾ ھوندا ھيا اھي سنڌ ھاري ڪميٽي ۾ شامل ھجڻ ضروري سمجهيا ويندا ھيا. ”ھاري مزدور شاگرد رابطہ ڪميٽي“ پڻ انھي جو ئي مظھر آھي جيڪا نيشنل عوامي پارٽي تي پابندي کانپوءِ پارٽي جو کليل چھرو ٿي ڪم ڪندي ھئي. ڪميونسٽ پارٽي جي 1974ع کانپوءِ ڪانگريس نہ ٿي ۽ ڪنھن اڳين ڪانگريس کان اڳ سينٽرل ڪميٽي ۾ ڦوٽ پئجي ويئي. امام علي نازش ملڪ کان ٻاھر ھيو، جمال نقوي، ڄام ساقي جيل ۾ ھيا ان دوران پارٽي کي مختيار باچا، حسن رفيق ۽ اعزاز نظير پئي ھلايو. افغان ثور انقلاب کان پارٽي جو مرڪز خيبرپختونخواھ ۽ ڪابل شفٽ ٿي ويو. قومي سوال، ملڪ ۾ انقلاب جي نوعيت سميت متحدہ محاذ ۾ ھجڻ يا پارٽي جو کليل ھجڻ سميت مختلف مامرن تي اختلاف موجود ھيا. ھم خيال ۽ نواڻ جا داعي ھجڻ ڪري مختيار باچا، امتياز عالم، مير ٿيٻو ھڪ طرف ھوندا ھيا باقي سينٽرل ڪميٽي ٻئي طرف ھوندي ھئي. ڊگهي عرصي تائين ڪانگريس نہ ٿيڻ ڪري پارٽي ۾ ضلعي، صوبائي توڙي سينٽرل ڪميٽي ۾ ماڻھو ”ڪو آپٽ“ ڪرڻ جو سلسلو پئي ھليو. شاگرد تنظيم، يعني ڊي ايس ايف کي ھلائڻ ۾ جمھوري روش جو حال اھو ھيو جو سنڌ ليول جو ڪو اجلاس، سرگرمي، ڪنوينشن منعقد ڪرڻ کان اڳ ڊِي ايس ايف ۾ ڪم ڪندڙ سرگرم ڪارڪنن تي مشتمل فريڪشن سڏايو ويندو ھيو جتي بحث تہ ٿيندو ھيو ليڪن حقيقت ۾ فيصلا ھيٺ لاٿا ويندا ھيا جيڪي مٿي ڪنھن اداري ۾ اڳ ۾ ٿي چڪا ھوندا ھيا. ڊي ايس ايف جي 1985ع وارو صوبائي ڪنوينشن ڪاليج بدران ٻلھڙيجي ۾ منعقد ڪرڻ سميت منھنجي ڊي ايس ايف جي صوبائي جوائنٽ سيڪريٽري ٿيڻ جو فيصلو ائين ٿيو، ڪراچي کان ڪشمور تائين انھن سمورن ڊيليگيٽس مونکي ووٽ ڪيو جيڪي مونکي سڃاڻندا بہ نہ ھيا. منھنجي ڄاڻ مطابق اھڙي قسم جا فريڪشن ھاري ڪميٽي، دانشورن، مزدورن ۽ متحدہ محاذ ۾ پڻ ٺھيل ھيا. مير ٿيٻو ۽ رحيم بخش جعفري لاڙڪاڻي جا سيل ڏسندا ھيا. اھي جڏھن بہ لاڙڪاڻي ايندا ھيا ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي سان ضرور ملندا ھيا، وٽس پارٽي جو فيصلا پھچائيندا ھيا ۽ کانئس مشورو بہ وٺندا ھيا. انھي مان مون اھو اندازو لڳايو تہ ڪامريڊ سوڀو ان وقت بہ پارٽي سان باقائدي رابطہ ۾ ھيو ۽ سندس راءِ کي وزن ڏنو ويندو ھيو. 1978ع کان 1986ع تائين پارٽي ۾ مقداري واڌ آئي تہ پارٽي جي ڪم کي سنڀالڻ لاءِ ڪل وقتي ڪارڪنن جي ضرورت بہ پئي. انھي موقعي تي مختلف محاذن سميت پارٽي جي مختلف ليول تي ڪم ڏسڻ لاءِ ماڻھو اڳتي آندا ويا. ائين بہ ٿيو تہ جيڪي نالي وارا سياسي ڪارڪن ٽولن جي صورت ۾ پارٽي ۾ شامل ٿيا انھن کي پارٽي جي مٿين ادارن تائين پھچايو ويو ۽ جتان اھي ڪارڪن مٿين ليول تي پھچايا ويا اتان جي مقامي ڪميٽين، انجي سيل ۽ تنظيم کي صرف اطلاع ڏيڻ ڪافي سمجهيو ويو. پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ ڪارڪن جيڪي مقامي گروپ يا سيل ۽ ضلعي ڪميٽي ۾ ڪڏھن ڪونہ ويٺا انھن کي ضلع ڪميٽين ۽ سيلن جو انچارج مقررڪيو ويو. جنھن تي اعتراض بہ آيو ليڪن پارٽي جو فيصلو سمجهي مان پاڻ بہ انھي کي قبول ڪيو ۽ منھنجي ھٿ ھيٺ ڪم ڪندڙ پارٽي ادارن کي بہ اھو فيصلو قبول ڪرڻ لاءِ چيم جنھن سان پارٽي ڪيڊر ۾ اھا جائز سوچ اڀري تہ فيصلا مٿان ٿاڦيا پيا وڃن نتيجي ۾ ڪجهہ دوست مايوس ٿي ويھي رھيا. جمال نقوي پنھنجي ڪتاب ”ليونگ دي ليفٽ بھائينڊ “ ۾ پڻ اھڙو ذڪر ڪيو آھي تہ ڪنھن عمل مان گذارڻ کان سواءِ مرڪزي ڪميٽي تائين ماڻھوکڻڻ سان پنھنجا نوازي ۽ گروھ بندي جنم ورتو. پارٽي ۾ قومي سوال، پارٽِي ۽ متحدہ محاذ، قومي جمھوري انقلاب ۽ سوشلسٽ انقلاب جي سياست تي اختلاف ھيا ليڪن پارٽي کي غيرجمھوري طريقي سان ھلائڻ ڪارڪنن کي مريد ڪري ھلائڻ پارٽي لاءِ گهاتڪ ثابت ٿيو ويتر جو سوويت يونين ٽٽو تہ ٿوري عرصي ۾ پنھنجي وت کان وڏي پارٽي پنھنجي وزن جو بار نہ سھي ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي ويئي.

اقليتي گروپ ۽ قومي انقلابي پارٽي

پارٽي ۾ ٽوڙ ڦوڙ دوران منھنجي فائينل ييئر امتحان جي تياري پئي ھلي. پارٽي ۾ ڏڦيڙ اڳ ۾ ھيو ۽ اھي اختلاف صرف پارٽي ڪارڪن تائين بحث ھيٺ ھيا. ان دوران ڄام ساقي جيل مان آزاد ٿي آيو ۽ اميد پيدا ٿي تہ پارٽي ۾ ڏڦيڙ ختم ڪرڻ ۾ ڄام ساقي مک ڪردار ادا ڪندو. ڄام ساقي جا سنڌ ۾ استقباليہ پروگرام ڪرڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪندڙ غلام رسول سھتي ۽ امداد چانڊئي ڪوشش ڪئي تہ اختلاف ختم ڪرائجن جنھن سلسلي ۾ غلام رسول سھتي ڄام ساقي کي منٿ ميڙ بہ ڪئي. ڄام ساقي ڪامريڊ جمال نقوي سان گڏ ھيو جنھن جيل مان ٻاھر اچڻ سان چيو ھيو تہ امتياز عالم ۽ ميرٿيٻو پارٽي ٽوڙڻ لاءِ موڪليا ويا آھن. ان معاملي ۾ ڄام ساقي جو جهڪاءُ جمال نقوي طرف وڌيڪ ھيو. مٿان جو ڄام ساقي جو ھر شھر ۾ وڏو استقبال ٿيو تہ ھن ڪنھن کي گاھ ئي نہ وڌو ۽ پارٽي ٽٽي پئي. 1986ع ۾ فائينل ييئر ايم بي بي ايس پاس ڪرڻ کانپوءِ منھنجو ھائوس جاب شروع ٿيو. ان دوران پارٽي ۾ ٽوڙ کان پوءِ اقليتي گروپ پنھنجي ڪانگريس گهرائڻ جو اعلان ڪيو. رحيم بخش جعفري ۽ ميرٿيٻي جا لاڙڪاڻي جا دورا وڌي ويا ھيا. ڪامريڊ سوڀي سان بہ ملاقاتون ٿينديون رھيون ۽ ساڻس پارٽي جي ڦڏي متعلق ڳالھيون ٿينديون ھيون. ليڪن ڪامريڊ انھي موقعي تي ڪنھن طرف بيھڻ جي ڳالھ ڪئي ھجي سا مونکي ياد نہ آھي. لاڙڪاڻي شھر ۽ چانڊڪا ۾ پارٽي معاملا ڏسڻ وارا رحيم بخش جعفري ۽ مير ٿيٻو ھيا جيڪي اقليتي گورپ سان ھيا. انھي دوران اڪثريتي گروپ ”چار ڪا ٽولا“ جو اصطلاح گهڙيو جنھن مان مراد چار جو سازشي ٽولو ھيو، جنھن ۾ مير ٿيٻو، رحيم بخش جعفري، غلام رسول سھتو ۽ امداد چانڊيو شامل ڪيا ويندا ھيا. گهنشام پرڪاش پڻ انھي گروپ سان گڏ ھيو. گهنشام پرڪاش اڪثريتي گروپ کي بزرگان دين نالي سان سڏيندو ھيو. لاڙڪاڻي شھر ۽ چانڊڪا ۾ پارٽي جي حوالي سان مير ٿيٻو رحيم بخش جعفري جو اثر ھيو جڏھن تہ ڊي ايس ايف جي حوالي سان گهنشام پرڪاش جو اثر ھيو. چانڊڪا ۾ امداد چانڊيو ۽ غلام رسول سھتو لاءِ بہ سٺي راءِ ھئي انڪري نظرياتي فرق جي ڀيٽ ۾ بھتر تعلقات ۽ رابطي جي بنياد تي چانڊڪا جي پارٽي ۽ تنظيم اقليتي ڌڙي سان بيٺي ۽ اسان اقليتي ڪانگريس ۾ شرڪت لاءِ سوات روانا ٿياسين. مرغزار پئليس سوات ۾ ٿيندڙ ڪانگريس ۾ بحث مباحثي کان پوءِ قومي انقلابي پارٽي ٺاھڻ جو اعلان ٿيو. ڪميونسٽ پارٽي جي پروگرام” قومي جمھوريت“ بجاءِ قومي انقلابي پارٽي، “انقلابي جمھوريت” جو پروگرام ڏنو ۽ ڪنگريس پنھنجو سيڪريٽري افراسياب خٽڪ کي چونڊيو. انوقت بہ مون وٽ مونجهارو ھيو تہ رحيم بخش جعفري ۽ مير ٿيٻو تہ ” قومي جمھوريت “ کي ئي ريڊيڪل لائين سمجهندا ھئا اھي ڪيئن وڌيڪ ريڊيڪل لائين ” انقلابي جمھوريت “ سان گڏ بيٺا ۽ ڪانگريس ۾ قومي جمھوريت جو حامي افراسيب خٽڪ جيڪو انقلابي جمھوريت ٿيسز جوجومخالف ھيو اھو پارٽي جو سيڪريٽري ٿيو. پارٽي پنھنجي تنظيمي پرچو ”راستہ“ جي نالي سان جاري ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو جنھنجا ڪجهہ پرچا پڻ جاري ٿيا. ڪانگريس ۾ پختون دوستن جو انھي تي زور ھيو تہ قومي انقلابي پارٽي جي صوبائي تنظيم خودمختيار ۽ آزاد ھئڻ گهرجي. قومي انقلابي پارٽي ٺھڻ کانپوءِ ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ ڳالھ ٻڌڻ ۾ آئي تہ وطن دوست انقلابي پارٽي ۽ قومي انقلابي پارٽي جو انضمام ٿي رھيو آھي. قومي انقلابي پارٽي سنڌ جو پھريون سنڌ ڪائونسل سيشن ھاشو آڊِيٽوريم ڪراچي ۾ ٿيو جنھن ۾ پھرين ڏينھن ئي ڦڏو ٿي پيو. صوبائي قائد لاءِ اسانجو اميدوار امداد چانڊيو ھيو ان جو سبب سندس قربانيون، سوجه بوجه ۽ سياسي حلقن ۾ سندس قد ڪاٺ ھجڻ ھيو ليڪن وطن دوست جي دوستن سيشن ۾ موجود مندوبين جي ووٽ ذريعي چونڊ جي گهر ڪئي جنھنجي اڳواٽ تياري ٿيل نظر آئي. گڏيل مشاورت بجاءِ اجلاس ۾ موجود فردن جي ڳڻپ جي بنياد تي چونڊ ٿيڻ نقصانڪار ثابت ٿيو. وطن دوست جو مزدور اڳواڻ مخدوم رشيد چونڊ تہ کٽي ويو ليڪن قومي انقلابي پارٽي سنڌ جي سياست ۾ اٿڻ کان اڳ ئي ويھي رھي. پنجاب ۾ قومي انقلابي پارٽي جي تنظيم امتياز عالم جي پراڻي لوڪ پارٽي ھئي جنھنجو دائرہ اثر محدود ھيو. پختونخواھ ۾ مختيار باچا، لطيف آفريدي ۽ افراسياب خٽڪ قومي انقلابي پارٽي ۾ صوبن جي تنظيمي خودمختياري جا قائل ھيا سو انھن قومي انقلابي پارٽي کي پنھنجي طريقي سان ئي ھلايو. مير ٿيٻو ۽ رحيم بخش جعفري مشترڪہ پارٽي ھجڻ دوران ئي سوشلزم سميت انقلابي سياست تي ٽوڪ بازي ڪندا رھندا ھيا. امتياز عالم جي لاءِ بہ ٻڌڻ ۾ آيو تہ ھن بہ سول سوسائٽي ۽ جمھوري عمل ۾ شرڪت ئي مسئلن جو حل ڏسيو آھي سو پڻ قومي انقلابي پارٽي کان پري ٿي ويو. غلام رسول سھتي، افراسياب خٽڪ سميت پختون دوستن تي پارٽي فنڊ خرد برد ڪرڻ جا الزام ھنيا. ائين ھڪ ڏينھن قومي انقلابي پارٽي بہ آھستہ آھستہ عھد رفتہ ٿي ويئي. آءُ ذري گهٽ ڏھ سال جي سرگرم سياست کانپوءِ گهرو مامرن جي حوالي ٿيس. سياست ۾ منھنجو تنظيم ۾ چس نہ رھيو تہ مان بہ سياست کي صرف پڙھڻ جي حد تائين رکيو ۽ لاڙڪاڻو ڇڏي پنھنجي ڳوٺ جوھي ھليو آيس جتي ڪجهہ عرصو ڪلينڪ ھلائڻ کانپوءِ مونکي نوڪري ملي ويئي. 1990ع ۾ ڪميشن پاس ڪري، پڪو سرڪاري ملازم ٿي نوڪري پنھنجي گرھستي ۾ گم ٿي ويس. پرائيمري استاد محمد حسن پنھور ڏسيو ھيو تہ سنڌو ماٿر جي سڀيتا جي پنھنجي تھذيب آھي سنڌي ٻولي عاليشان ۽ شاھوڪار ٻولي آھي. ھاءِ اسڪول جوھي ۾ ڇھين ڪلاس ڪمري جي اوڀر ۾ موجود ڊرائينگ ھال جي ديوار تي فتاح ھاليپوٽو جون سھڻي، سسئي، ماروي، نوريءَ جون تصويرون منھن جي من ۾ اڃا بہ لياڪا پائينديون ھيون. نظير عباسي سان لانڍي جووينائيل جيل ڪراچي جي ملاقات اڃا بہ ڪشش رکيو پئي. ليڪن آئون ھڪ جُوڻ مان نڪري ٻي جُوڻ ۾ پھچي ويو ھيس . منھنجي آڏو جوھي جو شھر، ڪيلنڪ ھئا، نوڪري ڪندي جتي مون پنھنجي زندگي جا ذري گهٽ 20 سال گذاريا. زندگي جو ھڪ نئون تجربو ھڪ نئون مشاھدو، جيون جو جهاڳ بڻجي منھنجي راھ گذر بڻجي آيو ھيو.

زليخان گنب

1973 ۾ جڏھن آءُ پنج درجا پاس ڪري ڇھين ڪلاس ۾ داخلا لاءِ جوھي ھائي اسڪول ۾ ويٺس تہ اسڪول کان اولھ ۾ ڪافي پنڌ تي پراڻي جوھي شھر جي ڏکڻ ۾ مندر، ڌرم شالو ۽ مسافر خاني جي نالي تي ڇاپرو، اوڀر ۾ شاھي بازر، ھندن جون ڇڏي ويل ڊٺل جڳھيون، اتر اولھ ۾ پرائيمري اسڪول، اتر ۾ کوھ موجود ھيو. ان وقت انھي علائقي جي مرڪز ۾ جوھي شھر جي سياست جي وھائو تاري اڪبر جسڪاڻي جي بيٺڪ ھئي. ڪاڇي ڪنڌي جي سياست جي مزاحمتي ڪردار محمد حسن روستماڻي جي ڪچھري ۽ سنگت سان ميل جول جو ماڳ اتي ھيو، اتي ئي جوھي شھر جي چند پڙھيل ڪڙھيل ماڻھن منجهان ھڪ گل محمد سومري جو گهر ھيو جنھن پنھجي وڏوھر نياڻي پڙھائڻ شروع ڪئي. جوھي ٽائون ڪميٽي جو اڳوڻو چيئرمين علي نواز سومرو انھي گهر جو چشم وچراغ آھي جنھن سنڌي ادب، سياست جي نئين سوچ جا ڪتاب نہ صرف پاڻ پڙھيا پر ھن ٻين تائين بہ پھچايا، انھي وٽان ئي مونکي ايڇ ٽي سورلي جو ڪتاب ”سنڌ گزيٽيئر“ ھٿ لڳو جيڪو ھن پوءِ اڪبر جسڪاڻي ميموريل ليبرري کي دان ڪيو، انھي پاڙيءَ ۾ ئي جوھي جي ڪاروباري شخصيت سيٺ محمد بخش ٿھيم جو گهر بہ ھيو جنھنجي موڀي پٽ محمد شريف اڪبر جسڪاڻي سان ٻيلھ ٿي جوھي شھر کي مختلف سياسي ۽ ادبي سڃاڻ ڏني جن جي وسيع حلقہ اثر جوھي جي وطن دوست، ترقي پسند سياست ۽ ادب جي آبياري ڪئي. انھي پاڙي جي اتر واري ڪنڊ تي جوھي ھندن جي ڇڏيل بلڊنگ جنھن جي ديوارن تي موجود الماڙين تي خوبصورت ٻوٽا، گل، جانور ڪشيد ٿيل ھئا ۾ جناح ڪيپ پائيندڙ استاد محمد حسن پنھور سنڌي ٻولي جو گرامر“ پريوگ ڪرتري “، ”پريوگ ڀاوي “ بہ پڙھائيندو ھيو تہ ننڍڙن ٻارڙن کي ابو امان بڻجي چيچ پڪڙي کين ماڻھو بڻجڻ سيکاريندو ھيو، انھي پاڙي جي پراڻي بازر ڏانھن موڙ کائيندڙ ڪنڊ ۾ جوھي جي نرالي ڪردار استاد محمد ابراھيم گنب جو گهر بہ ھيو جنھن پنھجي اباڻي ڳوٺ گل محمد گنب کي تياڳي سماج جي انتھائي پٺتي پيل ڪميونٽي مان شادي ڪئي ۽ جڏھن کيس پھرين نياڻي ٿي تہ ھن انکي تعليم سان روشناس ڪرائڻ لاءِ جوھي ھائي اسڪول موڪليو تہ ننڍڙي شھر ۾ ”ھُو ھوا“ ٿي ويئي . جوھِي جي اھا جُوءِ ۽ پاڙو ھيو جنھن ۾ مٿيان ڪردار جڏھن ھڪ ئي عھد ۾ حرڪت ۾ آيا تہ جوھي ھڪ مختلف ڊگر تي ھلي پئي ۽ پوءِ انجي ھڪ سڃاڻ بہ بڻجندي ويئي جيڪا پوءِ جي جوھي جي نرالي ۽ جڳ مشھور شناخت سان عبارت آھي. سائين استاد محمد ابراھيم گنب کي جيڪا پھرين نياڻي ڄائي ان جو نالو زليخان ھيو جيڪا نہ صرف اسڪول ۾ ڇوڪرن سان گڏ پڙھي، اعلي تعليم بہ حاصل ڪيائين. تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ پھرين فرصت ۾ مسجد اسڪول ميھڙ ۽ پوءِ گرلس ھاءِ اسڪول جوھي ۾ استاد ٿي رھي جنھن سان سندس رشتو 15 نومبر 2022 تائين موت تائين قائم رھيو. زليخان جڏھن ڇوڪرن جي اسڪول جوھي ھاءِ اسڪول ۾ داخل ٿي تہ ساڻس گڏ ھڪ پنجابي ڇوڪريءَ صغري بہ ساڻس ڪلاس ۾ داخل ٿي جيڪا جوھي شھر جي مشھور پڪوڙائي رفيق پنجابي جي نياڻي ھئي جنھن جا ڪاتر وارا پڪوڙا جوھي شھر ۾ مشھور ھئا اھا پنھجي ڀاءُ اسلم سميت بہ ڇھين ڪلاس ۾ ويٺي. تنھن وقت آءُ پنج وقت نمازي ۽ مسجدن، مجلسن، اوطاقن ۾ ۽ شادي برادي تي مولود ڳائيندو ھيس. اھا سڃاڻ کڻي آءُ جوھي ھائي اسڪول ۾ پھتس تہ انھي جي خبر اسڪول جي ھيڊ ماستر غلام حيدر سولنگي جنھجو تعلق سيھوڻ شھر سان ھيو تائين جڏھن پھتي تہ ھن مونکي پنھجي آفيس ۾ گهرائي ڪرسي تي ويھاري حال احوال وٺڻ کان پوءِ چيو تہ آئيندہ اسڪول جي صبح واري اسيمبلي ۾ قومي تراني بجاءِ مولود يا نعت ٿيندي جيڪا عبدالحميد يعني تون پڙھندين. مونکي عجيب بہ لڳو ۽ اھا مولودي ۽ ملان واري سڃاڻ منھنجي شھرت جو ڪارڻ بہ بڻي تہ کل جو ڪارڻ بہ. مونتي شاگرد کلندا ھئا ملان ملان چئي ٽوڪيندا ھئا ۽ انھن کلڻ وارن ۾ زليخان ۽ صغري بہ شامل ھونديون ھيون. اڳتي ھلي مان ڪلاس مانيٽر ٿيس ليڪن سچ اھو آھي تہ انتھائي مذھبي گهراڻي سان تعلق ھجڻ ڪري شروع ۾ آءُ بہ نياڻين جي تعليم کي اجايو سمجهندو ھيس ۽ ائين ئي منھنجي ڪلاس ۾ شامل سڀني شاگردن جون ڀينرون ۽ اسانکي تعليم ڏيندڙ اڪثر استان جون نياڻيون بہ اسڪول ۾ ڪونہ پڙھنديون ھيون نتيجي ۾ اسڪول ۾ ماحول نياڻين جي تعليم جي حق ۾ بلڪل بہ نہ ھيو . ڪجهہ استاد اھڙا بہ ھوندا ھئا جيڪي ڪنھن وقت ڪلاس وٺندي اھڙي ڳالھ بہ ڪندا رھندا ھئا جيڪا پنھجي گهر ۾ نياڻين سان ڪرڻ جھڙي نہ ھوندي ھئي ليڪن ان روش باوجود زليخان ۽ صغري ھمت نہ ھاري ۽ ھو مسلسل بنا ڪنھن چون چران جي ڪلاس ۾ پنھنجي پڙھائي ۾ مصروف رھيون. ڪجهہ عرصي کانپوءِ ٻولي وارا فساد ٿيا جوھي مان بہ مھاجرن جي لڏ پلاڻ ٿي ان دوران اسلم پنجابي تہ ڪلاس ۾ ايندو رھيو ليڪن سندس ڀيڻ صغري اسڪول اچڻ ڇڏي ڏنو ۽ ائين اسانجي ڪلاس جي در وٽ لائين جي کاٻي پاسي واري پھرين بينچ تي پوءِ صرف زليخان ئي اڪيلي رھجي ويئي جيڪا ٻار مان جواني ڏانھن سفر ڪندڙ ڪلاس فيلوز جي تيز نظرن، طنز، تُنڪن جو شڪار بہ رھي تہ نياڻين جي تعليم دشمن استادن جي طعني زني جو شڪار بہ رھي. زليخان ڪنھن سان ھروڀرو نہ ڳالھائيندي ھئي صرف ڪڏھن ڪڏھن مسڪرائيندي ھُئي ۽ ٿورو وڌيڪ مسڪرائڻ سان سندس ڳلن ۾ چُگه پئجي ويندا ھيا جيڪي ڏاڍا ڀلا لڳندا ھيا. ميٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ اسانجون راھون الڳ ٿي ويون گهڻا سال پوءِ ھڪ ڏينھن خبر پئي تہ ھن پنھجي پسند سان جوھي جي ھڪ ننڍڙي زميندار نورل لغاري سان شادي ڪئي آھي کيس پنج ٻار ٿيا جنمان ٻہ پٽ ۽ ٽي نياڻيون آھن ليڪن پوءِ سندس مڙس بہ اچانڪ ڪنھن بيماري سبب فوت ٿي ويو ان دوران آءُ ڊاڪٽر بڻجي جوھي آيس نوڪري ۾ لڳس ان دوران سندس ھائي اسڪول ۾ ڪافي دفعا وڃڻ ٿيو، 2010 کان پوءِ ڊينگيءَ جو ملڪ ۾ شور ٿيو آءُ صحت کاتي پاران سندس اسڪول ۾ ڊينگيءَ جو آگاھي سيشن وٺڻ ويس تہ ڏاڍي پنھنجائپ سان ملي، ائين پوليوجا قطرا پيارڻ جي آگاھي مھم ۽ واڪ جي سلسلي ۾ سندس اسڪول وڃڻ ٿيندو ھيو تہ ڏاڍو آدرڀاءُ ڪندي ھئي ان دوران بہ سندس مسڪراھٽ جڏھن ٽھڪ جي صورت وٺندي ھئي تہ کيس اھي ئي ڳلن ۾ چُگه پوندا ھيا. سندس زندگي جي داستان جو قصو بہ سندس ٻاروتڻ ۽ انجي تعليم جيان عجيب وغريب ڏکيائن مشڪلاتن ۽ آزمائشن سان ٽمٽار آھي کيس پھرين نوڪري ملي سا بہ جوھي کان اسي ڪلوميٽر پري مسجد اسڪول ميھڙ ۾ جتي سندس ڪا ڄاڻ سڃاڻ ڪانہ ھئي ليڪن ھن نہ صرف اھا نوڪري ڪئي بلڪہ پنھجي مدد سان اسڪول ڀرسان پاڙي اوڙي جي عورتن سان ملي اھو بند ٿيل اسڪول ھلائي ڏيکاريو بلڪہ ھن جڏھن اھو اسڪول ڇڏيو تہ انھي اسڪول ۾ ذري گهٽ 80 ٻار داخل ھيا. انکان پوءِ ھو جوھي بدلي ٿي آئي ۽ سندس نالو آپا زليخا پئجي ويو. ھو جوھي گرلس ھائي اسڪول ۾ نياڻين جي تعليم جي واڌ ويجه لاءِ سرگرم رھي، جيڪڏھن ڪا ڇوڪري اسڪول اچڻ بند ڪندي ھئي تہ ھو کيس نياپا ڪري گهرائي وٺندي ھئي، انجي مائٽن کي قائل ڪندي ھئي. زليخان اسڪول ۾ سماجي سرگرمين، شاگردن ۾ تقريري مقابلن ۾ خاص دلچسپي ورتي ۽ جوھي جھڙي پراڻ پرست ماحول کي روشن خيال بنائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. سندس شادي اھڙي گهر ۾ ٿي جتي اڳ۾ ڇوڪرن جي تعليم ئي گهٽ ھئي ليڪن ھن پنھنجي ٻن پٽن سميت ٽن نياڻين کي يونيورسٽي ليول جي تعليم ڏياري.
جوھي ۾ قائم اڪبر جسڪاڻي ميموريل لائيبرري پاران جوھي ۾ مختلف ميدانن ۾ مشڪل حالتن ۾ ڪارناما سرانجام ڏيڻ وارن فردن سان ”پنھنجن جي پچار “ سلسلي ۾ پروگرام ڪرايا ويا تہ ھڪ پروگرام جوھي جي نالي وارين چئن عورتن سان بہ ڊسمبر 2017 ۾ ملھايو ويو جنھن ۾ آپا زليخان بہ شرڪت ڪئي . انھي پروگرام ۾ زليخان گنب چيو تہ ڇوڪرين جي تعليم تي جوھي جا پڙھيل لکيل ماڻھو بابا ۽ اسان تي ٽوڪون ڪندا ھئا ليڪن بابا ۽ مون ڪڏھن بہ ھمت نہ ھاري ۽ بابا پرائيمري استاد ھوندي مون سميت چئني ڀينرن کي اعلي تعليم ڏياري. آپا زليخان جي ھڪ ڀيڻ ھنوقت نذرٿ ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرر جڏھن تہ ٻہ ٻيون ڀينر تعليم جي پيشي سان لاڳاپيل آھن. زليخان گنب جوھي جي اھا عورت ھئي جيڪا سوشل ميڊيا فيس بوڪ تي پنھنجي اصلي اڪائونٽ تان متحرڪ رھي، سماج ۾ اڀرندڙ روزمرہ جي مامرن تي پنھجي راءِ ڏيڻ کان اصل نہ مڙندي ھئي، سماج کي اڳتي وٺڻ ۽ خاص طور تي عورتن کي سماجي ۽ سياسي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اتساھيندي رھي. پنھنجي بابا ۽ امڙ جي موت کانپوءِ اتفاق اھڙو ٿيو تہ سندس جيون ساٿي نورل لغاري جنھن سان ھن شادي ڪري ريتن رسمن کي ھُت ڪري بيھاريو ھيو کيس اڪيلو ڇڏي پنج ٻارڙا جهولي ۾ وجهي ھليو ويو تہ بہ ھن ھمت نہ ھاري . اڪيلي عورت جوھي جھڙي شھر ۾ پنھنجن ٻارن جي تعليم ۽ نيپاڄ بہ ڪري ۽ سندن تحفظ بہ ڪري سو ھن لاءِ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو ۽ ھن پوءِ ٻي شادي بہ ڪئي ليڪن مقدر جو کيل اھڙو جو ھوءَ بہ ٻہ مھينا اڳ اچانڪ دل جو دورو پوڻ فوت ٿي ويو. وقت گهڻو اڳتي نڪري ويو ھيو، جهد مسلسل ۾ زليخان جا اعصاب شل ٿي ويا ھيا، وقت سان وڙھندي ھوءِ بہ ٿڪي پيئي ھئي ۽ پوءِ ھوءَ بہ 15 نومبر تي ھي دنيا ڇڏي ھلي ويئي ليڪن اھو ضرور ٻڌائي ويئي تہ عورت پنھنجي تي اچي تہ نہ صرف سماج جي گندين ۽ تعليم دشمن روين سان وڙھي سگهجي ٿو، پنھجي پيرن تي بيھي سگهجي ٿو پر پنھنجو اولاد بہ پڙھائي پاڻ ڀرو ڪري سگهجي ٿو. زليخان سان ھم ڪلاسي واري ناتي اھا بدنصيبي چئبي تہ کيس جهل، جھالت، پراڻ پرستي سان جهيڙي ۾ ڪڏھن وانگِيءَ نہ ٿي سگهيس. ورثي ۾ مليل مولودن جي محفل کانپوءِ جڏھن اڪبر جسڪاڻي، شريف ٿھيم ۽ اسماعيل کوسو ذريعي مارڪس، لينن، مائوزيتنگ ۽ جي ايم سيد جي مجلس ۾ ويھڻ، انکي پڙھڻ ۽ پرکڻ ويٺس تيسين تمام گهڻي دير ٿي چڪي ھئي ۽ زليخان عورت جي پاڻ ڀري ٿيڻ جي جنگ ۾ اڪيلي سر سندرو ٻڌي تمام گهڻو اڳتي ۽ پري نڪري پيئي ھُئي. انھي جنگ ۾ کيس ڏاڍا گهاءُ لڳا جيڪي سھندي ھوءَ روح تائين رھڙجي ويئي ۽ کيس“ شگر“، ” گائوٽ (سنڌن جي سور جو مرض )“۽ ڦڦڙن ۽ ساھ کڻڻ جھڙيون جان ليوا بيماريون وڪوڙِي ويون ۽ پوءِ نورالعين ۽ قرت العين کي يونيورسٽي مان ماسٽر ڪرائڻ کان پوءِ ٻن پٽن فاروق، آفاق ۽ ھڪ ڌي ءَ حرا کي يونيورسٽي ليول جي تعليم ڏيڻ جو ارمان کڻي ھي دنيا ڇڏي ھلي ويئي ليڪن جوھي تي پنھجي ڇاپ ضرور ڇڏي ويئي اھا ڇاپ جيڪا زندگي جي مشڪل ترين گهڙين ۾ جاکوڙ جي ڇاپ آھي، اھا ڇاپ جيڪا عورت جي پنھجي پيرن تي بيھڻ جي ڇاپ آھي، اھا ڇاپ جيڪا جوھي ۾ صرف زليخان گنب جي ڇاپ آھي، جنھجي ڀيٽ صرف زليخان سان ڪري سگهجي ٿي اھا جيڪا ڇوڪري ھئي تبہ اڪيلي ھئي ۽ عورت بڻي تبہ اڪيلي ئي رھجي ويئي، پنھجي بابا ابراھيم گنب جيان جيڪو بہ جوھي جي عورت دشمن، تعليم دشمن، ريتن رسمن سان اڪيلو اڪيلو وڙھندي سرخرو ٿي ويو ھو.

بشير ٿھيم جو وڇوڙو، جوهي جي هڪ عھد جي پڄاڻي

جڳ مشھور جرمن فلسفي شوپنھار لکيو آهي تہ ”جيڪو ماڻھو جيترو ”جينيس“ هجي ٿو زندگي ۾ اهو اوترو ئي وڌيڪ ڀوڳي ٿو“ جيڪڏهن اهو سچ آهي تہ اهو جملو جوهي جي لازوال جيالي بشير ٿھيم تي بلڪل فٽ اچي ٿو. هو جيڪو ” جان جان هئي جيئري ويٺي نہ ويساند“ جو زندہ مثال هيو، جنھن ضياالحق جي ظالمانہ عھد ۾ ايترا ڀيرا جيل ياترا ڪئي جنھن جي ياد کيس بہ ڪانہ هئي. هو جيڪو هڪ پل لاءِ بہ خاموش نہ ويھي سگهيو جيسين هنجي ساه جي تند جناح اسپتال ۾ نوجوانن جي عالمي ڏينھن 8 جنوري جي موقعي تي مڪمل طور نہ ٽُٽي پيئي.
بشير ٿھيم ۽ آءُ پرائيمري کان گڏ پڙهياسين . هاءِ اسڪول ۾ بہ اسان گڏ پڙهياسين. هن کي پڙهائي ۾ ڪاب دلچسپي نہ رهي، سدائين کيچل ڪندو رهندو هيو، سبق بہ هميشہ ڪچو هوندو هيس ۽ پوءِ استاد جي مار هميشہ سندس مٿان وسندي رھندي هئي. صبح جو جيڪڏهن هو مار کان بچي بہ ويندو هيو تہ سزا ۾ بينچ تي ضرور بيٺل نظر ايندو هيو. جنرل ضيا جي دور ۾ 1978غ ۾ شيرين سومرو وارو واقعو ٿيو سموري سنڌ ٻري پئي. جوهي ۾ بہ هاءِ اسڪول جي شاگردن احتجاجي جلوس ڪڍيو. جوهي مان بشير ٿھيم ۽ مون سميت 11 شاگرد احتجاج جي ڏوھ ۾ گرفتار ٿيا . نظربندي دوران سڀني جا منھن لٿل هوندا هئا مائٽ ملاقات تي ايندا هئا تہ دلاسا ڌيئي ويندا هيا تہ ڪا ڳالھ ڪونھي فوجي آفيسرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرسان سان ڳالھيون هلن پيون توهان ننڍڙا ٻارڙا آهيو آزاد ٿي ويندئو. ليڪن هر وقت کيچل ۽ مسخري جي مُوڊ ۾ رهندڙ، بشير ٿھيم جي وات ۾ اهوئي هوندو هيو تہ تيار ٿيو، ”هڪ سال قيد بامشقت ۽ ڏه ڪوڙا“.
سمري ملٽري ڪورٽ جي ڪاروائي ھلندي اسڪولي ٻارڙن کي ملٽري ڪورٽ ۾ هڪ فوجي آفيسر ڪچيون گاريون ڏنيون بلڪہ انھي جو من ڪو بشير ٿھيم پڙهيو ويٺو هيو ۽ هن سڀني کي هڪ قيد ۽ ڏه ڪوڙن جي سزا ٻُڌائي ڇڏي. سزا ملڻ کانپوءِ ڪجهہ ڏينھن دادو ڊسٽرڪٽ جيل ۾ رھائي اسانکي ڪراچي لانڍي جيل منتقل ڪيو ويو. سڀني جا منھن لٿل ھيا ليڪن هنجي وات ۾ اهوئي هيو ته”هڪ سال قيد ۽ ڏه ڪوڙا. . . “جنھنجي موٽ ۾ کيس سڀ گهٽ وڌ ڳللھائيندا هيا. ننڍي عمر جي نابالغ ٻارڙن جي سزا تي جڳ مشھور وڪيل نورالدين سرڪي پٽيشن داخل ڪئي. اپيل ۾ ڏه ڪوڙن جي سزا معاف ٿي ليڪن اڳتي هلي هڪ سال قيد جي سزا برقرار رکي ويئي ۽ اسان کي جيل ۾ بي ڪلاس جون سھوليتون مليون. لانڍي جيل ڪراچي مان منتقل ڪرڻ وقت اسانکي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو. بشير ٿھيم ۽ ڪجهہ جوهي جا نوجون حيدرآباد نارا جيل منتقل ڪيا ويا جڏھن تہ سڪندر سرواڻ ۽ مون سميت ڪجهہ قيدين کي سکر سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو. انھي عرصي ۾ جنھن طريقي سان جيل، ننڍڙي ٻارڙي بشير احمد ٿھيم ڀوڳيو انجو مثال گهٽ ملندو. انساني حقن لاءِ ويڙه ڪندڙ وڪيلن جي ڪوششن سان اسان جي ڪجهہ عرصي کانپوءِ باقي سزا بہ معاف ٿي ويئي ليڪن انکانپوءِ جنرل ضيا جي دور ۾ جوهي جي شھر ۾ جڏھن بہ ڪو احتجاج ٿيو بشير ٿھيم جوهي ٿاڻي ۾ ويھاريو ويندوھيو. جيڪڏهن ڪنھن واقعي کان پوءِ احتجاج ٿيو ۽ شھر ۾ ڪا گرفتاري ٿيڻ جو غوغاءُ ٿيو پڪ سمجهبو هو تہ بشير ٿھيم ضرور ٿاڻي حاضر هوندو. پوليس لاءِ هڪ سھوليت ٻي بہ هوندي هئي تہ بشير ٿھيم جي ٿھيمن جو پاڙو جوهي ٿاڻي سان لڳ هوندو هيو انڪري انوقت جي مشھور پوليس جمعدار موريل لاءِ سستو ٽارگيٽ بشير ٿھيم جو گهر ئي هوندو هيو جتان کيس آڌي مانجهي کنڀيو ويندو هيو. جنرل ضيا جي وقت جيڪڏهن جوهي م ڪنھن لازوال ۽ اڏول ڪردار کي جنم ڏنو تہ بلاشڪ اهو بشير ٿھيم ئي هيو. جيڪو پيپلزپارٽي، ڀُٽو ۽ بينظير تي نہ صرف جان ڏيندو هيو بلڪہ انھن خلاف ڪجهہ ٻُڌڻ لاءِ تيار ئي نہ هوندو هيو. اهو بشير جڏهن جنرل ِضياءِ الحق جي دور ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن ۾ بيٺو تہ هن شھر جي روايتي سياست جي ڪردارن کي وڏي مارجن تي هارايو.
1986ع ۾ جڏهن وقت پلٽو کاڌو بينظير واپس موٽي آئي ۽ عام چونڊن جو چوٻول ٿيو تہ جوهي جي سنڌ اسيمبلي جي تڪ تي جنھن ماڻھو جي اليڪش ۾ بيھڻ جا امڪان ۽ اميدون هيون اهو بشير ٿھيم ئي هيو جنھنجي قربانين ڪري اميدون هن ڏانھن ئي ڏسي رهيون هيون. ليڪن اقتدار جي سياست جي بيرحمي بشير ٿھيم بدران جوهي جو مقدر روايتي وڏيرن جي حوالي ڪري ڇڏيو ليڪن بشير ٿھيم ڪا دانھن ڪا ڪوڪ نہ ڪئي بلڪہ چيائين ته” بينظير دا هر فيصلا اسانڪون قبول اي“. وقت بينظير جو هڪ دور ڏٺو ٻيو دور پرکيو، بشير ٿھيم اها ساڳي ڪرت جيڪا هڪ جيالي جي هوندي آهي ان سان لڳو رهيو ۽ پوءِ مرتضي ڀُٽو جو 70 ڪلفٽن آڏو قتل ٿيو تہ هن پنھنجي سرڪار کي بہ ست سريون ٻُڌايون ۽ هن کي پھريون دفعو محسوس ٿيڻ شروع ٿيو تہ پيپلز پارٽي پنھنجي شھيد قائد ذوالفقار علي ڀُتو جو راه تان هٽي رهي آهي. هن پنهجي پُٽ جو نالو بہ مرتضي رکيو.
جنرل مُشرف جي دور ۾ جڏهن بينظير ڀٽو جلاوطني ختم ڪري واپس آئي تہ هن جي من اندر جي جيالي جي جوالا هڪ دفعو ٻيھر ڀڙڪو کاڌو ۽ هو سڀ ناراضگيون ختم ڪري، عھدن تي جاري جهيڙا پاسيرا ڪري پنهجي ڪارڪن واري ڪرت ۾ لڳي ويو. جڏهن بينظير کي 27 ڊسمبر 2007 ۾ خودڪش حملي ۾ خون ڪيو ويو تہ جوهي شھر ۾ نيشنل بئڪ آڏو جنھن شخص تڏو وڇايو اهو بشير ٿھيم هيو. بينظير جي موت سان هن جي من اندر جون سموريون اميدون ۽ پيپلز پارٽي ۾ ويساه ۽ ملڪ ۾ ڪنھن بھتر نظام جون اميدون هميشہ لاءِ دم ٽوڙي چڪيون هيون. هن جي واتان پھريون دفعو اهي لفظ ٻُڌا ويا تہ هن ملڪ ۾ هاڻي ڪجهہ بہ تبديل نہ ٿيڻو آهي. هو جيڪو هر احتجاج ۾ اڳرو هوندو هو جيڪو مچ ۾ سڀ کان اڳ ٽپو ڏيئي پوندو هيو. ان بينظير جي قتل خلاف ڪجهہ بہ ڳالھائڻ نہ چاهيو ءِ صرف روئيندو ئي رهيو ۽ پوءِ هو جيڪو مسلسل ڳالھائيندو ۽ ٽھڪ ڏيندو هيو خاموش ٿي ويو سندس پارٽي سان جهيڙا ٿيا ۽ پوءِ نااميدي کيس ايترو اڳتي وٺي آئي جو هو پارٽي ۽ سياست کان پاسيرو ٿي ويو ۽ آخر ۾ هو پنهجي پارٽي خلاف احتجاجن ۾ بہ شريڪ ٿيڻ شروع ٿي ويو. شھر ۾ بد امني هجي، پوليس گردي هجي، جوهي ۾ پاڻي جي کوٽ هجي، هو احتجاج ۾ اڳرو هوندو هيو ۽ پوءِ کانئس پارٽي قيادت بہ ناراض ۽ آخر ۾ ڪڪ بہ ٿي پئي ليڪن هن ڪنھن جي بہ پرواه نہ ڪئي.
بشير ٿھيم انھي ڪيفيت ۾ ڪافي دفعا بيمار بہ ٿيو کيس دل جو مرض لاحق ٿيو، مائٽن سندس علاج بہ ڪرايو، سندس پارٽي ۽ قيادت سندس علاج ڪرائڻ جون ڳالھيون بہ ڪيون ليڪن هن سدائين انڪار ئي ڪيو تہ سندس ڍنگ سان ڪنھن علاج بہ ڪرايو آهي. مغموم رهندڙ بشير ٿھيم آخر ۾ جڏهن هڪ دفعو وري بيمار ٿيو تہ کيس دادو کان پوءِ ڪراچي علاج لاءِ منتقل ڪيو ويو. پارٽي جي ڪجهہ قيادت سنس سھائتا جون ڳالھيون بہ ڪيون ۽ ڦوٽو سيشن بہ ٿيا ليڪن سندس مناسب علاج جي حالت اها رهي تہ ڪراچي ۾ جناح اسپتال ۾ رهڻ کانپوءِ جيڪڏهن هنجو انھي اسپتال ۾ ئي موت ٿي وڃي جنھن مرض جو علاج بہ ممڪن هجي تہ پوءِ انھي خيال ۽ رويئي تي صرف ماتم ئي ڪري سگهجي ٿو. اهو ماتم جيڪو پارٽي جي پروگرام ۽ آدرشن سان سندس اڄ جي قيادت ڪيو آهي. جيڪا وارتا اڄ جي پارٽي قيادت پنهجني انھن انمول ڪارڪنن سان ڪري رهي جنجي ڪري ئي ماضي ۾ پيپلز پارٽي تبديلي ۽ سرفروشي جو هڪ حوالو هُئي. اهو حوالو ۽ سڃاڻ جو گم ٿيڻ انھي پارٽي کي ڪاڏي وٺي ويندو سو تہ وقت ٻُڌائيدندو ۽ ٻُڌائي رهيو آهي. ليڪن بشير ٿھيم جوهي ۾ هڪ عھد جي پُڄاڻي ثابت ٿيو آهي جيڪو وقت قرباني، سرفروشي ۽ سياست سان اٿاه ڪمٽمينٽ جو نالو آھي جيڪا جيڪڏهن سياست مان ڪڍي ڇڏجي تہ پو۽ اهو ڪجهہ بچندو آهي جنھن تي ڳجهون ۽ مردار خور جانور ئي پلبا آهن.
بشير ٿھيم، 8 جنوري 2017ع تي هي دنيا ۽ جوهي ڇا ڇڏي ويو، ھو اهي خواب بہ ڇورا ڇنا ڪري ويو آهي جيڪي جڏهن بيدار ٿيندا هئا تہ زندگي ۾ مستقبل جي اميدن جا، آدرشن جا رنگ ڀرجي ويندا هئا ۽ لطيف جي شاعري جو حوالو بڻجي پوندا هيا. . . .
” مرج وٽ ميھار متان موٽي سھڻي
ساهڙ جا سينگار متان ڏم ڏيکارين. “

”شِينھن رند” ڪيرسڏائي

جنھن ڳوٺ بخش علي رند ۾ منھنجو جنم ٿيو اھو ڳوٺ جوھي سميت آس پاس جي علائقي ۾ ڪجهہ مختلف حوالن جي ڪري مشھور ھيو. ڳوٺ جي اڇي مسيت جي ڏکڻ ۾ انھي ڳوٺ جي اوطاق ھر وقت کليل آباد ھوندي ھُئي. ھر آئي وئي کي ماني سميت عزت بہ ملندي ھُئي. انھي ڳوٺ جي اڇي مسيت پري پري تائين نظرايندي ھُئي جنھن تي چڙھي ڪيئي سال اڳ ڪجهہ مفرور بروھي ڏاميشن پوليس سان مقابلو ڪيو ھيو. اسانجي ڳوٺ جا پڪا پوڙھا ٻُڌائيندا ھُئا تہ بلوچستان جي انھن بروھين دريا پار جي ڪنھن ڳوٺ مان ڪي ننگ کنيا ھيا ۽ پوءِ انھن جو پيڇو پوليس ڪيو ۽ اھي انھي ڳوٺ ۾ ڪنھن گهر ۾ عورتون سام رکي پوليس مقابلي لاءِ انھي مسجد تي چڙھي ويا ھيا. ڪي ڏينھن پوليس مقابلو ھليو، مسيت تي گولين جا نشان ڪجهہ سال اڳ تائين بہ موجود ھيا، انھي دوران انھن جي گولي ھلائڻ، نشانو چُٽڻ جي مھارت سميت ڪافي ڏند ڪٿائون بہ جڙي ويون تہ ڪيئن ھڪ ويڙھاڪ بروھي پوليس واري کي مينھن جي وڳ وچ ۾ گولي چُٽي ماري وڌو ھيو، اھڙيون ڪيئي ڪٿائون عرصي تائين بخش علي رند سميت جوھي جي آسپاس ۾ ھر اوطاق تي ٻُڌي ۽ ٻُڌايون وينديون ھيون. انھي واقعي کانپوءِ سادن سودن رند سرائين جي ڳوٺ ۾ ھڪ ٻي ڳالھ بہ پيڙھ پڪڙي ان ڳوٺ جي سُڃاڻ بڻجي ويئي جيڪا ڏاڍ مڙسي ۽ ڏاميش پڻي سان عبارت آھي. ڳوٺ جا اھي ڏاڍا مڙس جڏھن بوسڪي جو پٽڪو يا ٽوپي پائي ڪلھي تي سعودي جو ڳاڙھو رومال سجائي جوھي شھر ۾ شام جو داخل ٿيندا ھئا تہ ننڍڙي شھر ۾ ھوٽلن تي ويٺل ماڻھن ۾ ھراس ڦھلجي ويندو ھيو. اھڙي سُڃاڻ غلام قادر رند جي بہ ھُئي. جواني ۾ غلام قادر رند پنھنجي ڳوٺ جي اوڀر ۾ چنجاڻي شاخ جي اولھندي ڪنڌي وٽ عرصي کان آباد باگڙين جي جهُڳي ۾ اک اڙائي ويٺو ۽ پوءِ ھڪ عرصي تائين غلام قادر رند کي انھي تعلق سان سڏيو ۽ ياد ڪيو ويندو ھيو، اھا ڳالھ ھڪ پروگرام ۾ مون جڏھن اسٽيج تي بيھي ڪئي تہ غلام قادر جي منھن تي مسڪراھٽ جون خوشگوار ۽ معني خيز ريکائون ڦھلجي ويون. ون يونٽ جي دور ۾ جوھي ۽ ڪاڇي ۾ ڪامريڊ عزيز سلام بخاري جي انٽري ڪافي ماڻھن جي مستقبل ۽ زندگي کي بدلائي ڇڏيو. ھاري تحريڪ جي اھم ڪردار ڦوٽو روستماڻي چواڻي سلام بخاري جڏھن جوھي ۾ ھاري تحريڪ جوڙڻ لاءِ رابطا ڪاري ڪئي تہ انجي رابطي ۾ اچڻ وارا پھريان ماڻھو ھو پاڻ، محمد حسن روستماڻي، خدابخش پنھور، غلام قادر رند ھيا. عزيز سلام بخاري وٽ جڏھن غلام قادر جي ڳالھ نڪتي تہ اھو ڏاميش مڙس چوري چڪاري ۾ ڦاٿل آھي ليڪن ظلم جي خلاف برجستو، سر ڏيڻ وارو ماڻھو آھي تہ بقول ڦوٽو روستماڻي جي عزيز سلام بخاري چيو تہ انھي کي پاڻ سان جوڙجي تہ تنظيم ۾ سڀ ڪجهہ سکي وٺندو. اھي سمورا ماڻھو اڳتي ھلي ھاري تحريڪ جا مھندار ثابت ٿيا. عزيز سلام بخاري جي چوڻ تي ئي اھي سڀ پوءِ عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيا . غلام قادر سميت اھي ماڻھو جڏھن تنظيم ۾ جڙي جوھي ڪاڇي جي انقلابي ڪردار محمد حسن روستماڻي جھڙي آدرشي جي اڳواڻي ۾ آيا تہ جوھي آسپاس جي سياست جا رنگ ئي بدلجي ويا ۽ ائين غلام قادر رند ساھ جي آخري تند ٽٽڻ تائين انھي فڪر سان سلھاڙيل رھيو جنھن جي تشريح صرف ڀٽائي جو بيت ئي ڪري سگهي ٿو تہ
”الست بربڪم جڏھن ڪن پيوم،
قالو بلي قلب سين تڏھن تت چيوم،
تنھنين ويل ڪيوم وچن ويڙھيچن سان“
ھلڪي قد ۽ ڀريل جسم واري شھپريل جوان غلام قادر جي پنھنجي ڳوٺ ۾ سُڃاڻ ھڪ نھٺي ضدي شخص واري ھُئي جيڪو ڪنھن جي ڳالھ نہ مڃيندو ھو نہ ان کي خاطر ۾ آڻيندو ھيو، ڳوٺ جي ڪچھرين ۾ اوطاق تي گهٽ ويھندو ھيو ليڪن جڏھن بہ سندس ڪو مھمان ايندو ھيو تہ انجي خاطر تواضع روايتي سرائين جي اوطاق نہ بلڪہ ھنجي غريباڻي گهر مان ٿيندي ھُئي. چار پٽن ۽ ٻن نياڻين جو پيءُ غلام قادر پاڻ بہ جاکوڙي ۽ خوددار ھيو ائين ئي ”ماسي شھناز“جي نالي سان مشھور سندس گهر واري بہ ھئي جيڪا نہ صرف ساڻس ھارپي ۾ ھٿ ونڊائيندي ھئي بلڪہ ڳوٺ ۾ اوڏن جي کوٽ کي بہ ھن پورو ڪندي اڻ ڳڻيا گهر ۽ ڀتيون بہ اڏيائين. جڏھن سنڌ ۾ انقلابي سياست جي ٻيگهي متي ۽ عزيز سلام بخاري کان پوءِ اھا سياست اڪبر جسڪاڻي ۽ محمد حسن روستماڻي ذريعي جوھي جي وسعتن ۾ ڦھلجي ويئي تہ انھي ۾ غلام قادر رند جي سياست کي بہ چار چنڊ لڳي ويا. غلام قادر پنھنجي عيال سميت نہ صرف ٻني ٻارو ڪيو بلڪہ سياست جي ميدان ڪارساز ۾ راھوڪي، جنگشاھي، ٺٽو، بدين، حيدرآباد، ڪراچي، جا پنڌ بہ ڪيائين. جوھي، واھي پانڌي ۽ انجي سياست جنھن طريقي سان مارشلا دور ۾ ٻري اُٿي انھي آڳ لڳائڻ ۾ غلام قادر رند جو پورھيو نہ وسارڻ جھڙو آھي. ھو وقت جو پابند ۽ قول جو پڪو ھوندو ھيو. ميٽنگ ۾ ڪنھن دير ڪئي تہ اوڏي مھل چئي ڏيندو ھيو ۽ ائين پنھنجي قائد رسول بخش پليجو کي بہ پروگرام ۾ دير اچڻ تي ڪونہ بخشيائين جنھنجو جواب کيس پنھنجي قاائد ”شينھن“جي نالي سان مخاطب ٿيندي ڏنو جيڪو لقب ساڻس گڌ باقي زندگي اوڍڻ بڻجي رھيو. ڪو پروگرام ھوندو، احتجاج ھوندو غلام قادر شينھن وقت تي پنھنجي عيال سميت پھچندو. اھي رند جيڪي تعليم ۽ خاص طور عورتن جي تعليم جي باري ۾ ڪجهہ ھٻڪ جو شڪار رھيا انھي ڳوٺ جو آڱوٺي ڇاپ غلام قادر رند احتجاجن ۾ گڏجاڻين ۾ پنھنجي زال، ننھن ٻارن سميت شريڪ ٿيندو ھيو.
انقلابي سياست جي زوال پُڄاڻان ماڻھو انقلابي ۽ سماجي تبديلي جي سياست کان توبھ تائب ٿي ويھي رھيا ليڪن غلام قادر رند ھمت نہ ھاري. منھنجي ڪلينڪ جي ڀرسان پياري خان روستماڻي جي اوطاق تي ھر آچرتي مال پڙي جي ڪارگزاري کان پوءِ ڪجهہ ٽوپي پٽڪي وارن سان سندس ڪچھري گهڻي عرصي تائين معمول رھي. ھي انھي عوامي تحريڪ جا آخري اجلاس ھيا جيڪي شينھن رند نہ ڪري ھا تہ جوھي ۾ عوامي تحريڪ گهڻو اڳ ختم ٿي وڃي ھا. تنظيم جي رابطي جي فقدان، انقلابي سياست ۾ ماٺار ڪارڻ اھي اجلاس اڳتي ھلي صرف جوھي برانچ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جي اجلاس جي نانءُ ٿي ويا ۽ غلام قادر سياست جي زوال کي ھڪ نئين جهت ڏيندي پنھنجي مقامي آبادگارن سان جوڙي زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف تحريڪ جو محور ۽ سڃاڻ بڻجي ويو. جوھي ۾ پاڻي کوٽ معمول پئي رھي آھي . انھي تحريڪ جو اھم ليڊر ميرمحمد لغاري چوندو ھيو تہ اسانجي اھا ريت ۽ تاريخ رھي آھي تہ جهيڙي کان پوءِ سرڪار، آبپاشي کاتي کان نيٺ چيٽ جو پاڻي وٺي ويندا آھيون ليڪن سن ٻہ ھزار کانپوءِ اھڙي رسم ھلي جنھن ڪري چيٽ ۾ بہ پاڻي ملڻ مشڪل ٿي ويو ۽ آبادگار ھاري رڙيون ڪندا رھجي پئي ويا. انھي تي شينھن رند چوندو ھيو تہ اھا غلط فھمي دور ٿيڻ گهرجي تہ جدوجھد کانسواءِ اقتدار تي قابض، ڳن تي ويٺل وڏيرا اسانکي پاڻ ڏيندا انڪري ھن جدوجھد ۽ ٻڌي ۾ آبادگارن جي تحريڪ جي ڪاميابي کي ڏٺو پئي. جوھي برانچ پاڻي چوري ۾ ملوث ماڻھن جا نالا ھو ڀير جي ڏونڪي تي کڻندو ھيو. ٻہ سال اڳ جوھي ۾ غلام قادر رند ۽ سندس سٿ جي اڳواڻي ۾ جوھي برانچ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف زوردار لاڀائتي تحريڪ ھلي جنھن جي سھڪار ۾ حيدرآباد ۾ آباد جوھي واسين بہ ھٿ ونڊايو. پريس ڪلب حيدرآباد آڏو انھي احتجاج ۾ شينھن رند مک تقرير ڪئي ليڪن سندس جسم ۾ ھاڻي اھا طاقت نہ ھئي ۽ نہ سندس ڳالھ ٻولھ ۾ ڪو ربط ھيو ليڪن ھنجا حوصلا کيرٿر جي پھاڙن کان بہ اوچا ھيا. تازو جولاءِ مھيني جي شُروعات ۾ بيمار ٿي سيوھڻ پھتو تہ اتي موجود ڊاڪٽرن چيو تہ ھن ۾ پاڻي ۽ خوراڪ جي شديد کوٽ آھي جنھن ڪارڻ سندس جسم جو اندروني نظام شديد متاثر ٿيو آھي. ڪامريڊ غلام رسول سھتو جي جسم ۾ بہ انھي کوٽ کيس زندگي کان ھٿ کڻڻ تي مجبور ڪيو ھيو. مسلسل احتجاجن، بک ھڙتالن غلام قادر رند جي جيون سان بہ شايد ساڳيو کيڏ کيڏيو ھيو ۽ سندس جيون جي ٻيڙي تار تار ٿي ويئي ھئي. بيماري جي بستري تي شينھن رند جي خواھش رھي تہ مون سان اھي ملڻ اچن جن سان منھنجي روح، فڪر ۽ سفر جو رشتو آھي۽ انھن کي ساريندي دم بہ ڏنائين. ليڪن اھو سچ آھي تہ ھاڻي اھو ڪامريڊ غلام قادر رند جيڪو شينھن رند جي نالي سان گجندو ھيو اھو ھاڻي جوھي جي احتجاجن روڊن رستن تي نظر نہ ايندو. ايندڙ چيٽ ۾ بہ جوھي برانچ ۾ حسب روايت پاڻي جي کوٽ ٿيندي، “رڙ، ڪوڪ، ٿيندي“، ”اچي اچي، ٿيندو“، “وارو ڪيو ” ٿيندي، امام علي روستماڻي، ميرمحمد لغاري، جهنڊو لغاري، قادو لنڊ ھاڻي بہ جوھي برانچ ۾ پاڻي کوٽ خلاف جهنڊا، بينر شيٽون کڻي فاضل راھو چوڪ تي ٻارين ٻچين اچي ڌرڻو ھڻندا، احتجاج ڪندا ليڪن انھن ۾ ھاڻي ڪوئي شينھن رند نہ ھوندو جنھن کي مھڻا ملندا ھئا تہ جڏھن وٽس ٻني جو ھڪ جريب ڪونھي تہ اھو احتجاج ڇو ٿو ڪري جنھنجي جواب ۾ ھو سيني تي ھٿ ھڻي چوندو ھيو تہ ڪير ٿو چوي تہ مھنجي ٻني ڪونھي. انھن سڀني آبادگارن، ھارين جي ٻني منھنجي ٻني تہ آھي جيڪي پاڻي کوٽ ڪارڻ سُڪي رھيون آھن جنھنجي لاءِ آواز اٿارڻ مون سميت سڀني سنڌ واسين تي فرض آھي. ھو چوندو ھيو تہ ٻني آباد ٿيندي تہ ھر گهر ۾ ان داڻو ايندو جوھي ۾ وڻج واپار جهجهو ٿيندو ۽ ماڻھن جي منھن تي مرڪ ايندي، خوشحالي ايندي اھا منھجي خوشحالي بہ تہ آھي.
ڪامريڊ غلام قادر رند ٺُپ اڻ پڙھيل ھيو ليڪن پڙھيلن کان وڌيڪ پڙھيل ۽ ڪڙھيل نڪتو، پنھنجي منھن ھن ڪو ڪتاب ورلي پڙھيوھوندو، اسٽڊي سرڪل ۾ ٻيا ڪتاب پڙھندا ھُئا ھي ٻُڌندو ھو، ڳالھ ھينئين سان ھنڊائيندو ھيو. ڪتاب پڙھائيندڙ ماستر۽ وقت جا ڏاھا راھ مٽائي ويا ليڪن وطن ۽ انجي ويڙھيچن سان وچن جو اھو سبق ھن سلڇڻي شاگرد ھڪ پل بہ نہ وساريو. غلام قادر رند بحث ۾ کُٽي پوندو ھيوتہ چئي ڏيندو ھيو تہ رسول بخش پليجي ۽ فاضل راھو کان وڌيڪ عقل توھان ۾ آھي ڇا. انھي ارڏي، اڏول، بيباڪ ڪردار واري شخص جي سماجي تبديلي جي جنگ ۾ جوھي برانچ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف جهيڙي ۽ انھي فرض جي ادائگي ۾ جواني ويئي، عمر ويئي، عيال ويو جان ويئي ليڪن انياءُ خلاف جوھي جي لازوال جدوجھد تي ڇاپ ھڻي ھو ظالم وقت کي واھ جو ڀُونڊو ڏئي ويوآھي، ھو جيڪو پنھنجي عمر جا پنجاھ سال کان بہ وڌيڪ پل جدوجھد کي ارپي نالو ڪمائي ويو اھو سنھري اکرن ۾ لکڻ جھڙو آھي. جوھي شھر جي اڀرندي ڪڇ ۽ چنجاڻي شاخ جي الھندي ڪنڌي تي آباد رند سرائين جي ڳوٺ بخشعلي رند جو اڻپڙھيل غلام قادر رند ھڪ مثال قائم ڪري ويو تہ جيڪڏھن سنڌ جي ھر ڳوٺ ھر شھر ۾ اھڙا چار شينھن پيدا ٿي پون تہ سنڌ کي جيڪي گدڙ کائي رھيا آھن انھن کي لڪڻ لاءِ جاءِ بہ نہ ملندي. وقت ماڻھن کي جيئندي بہ ڏٺو ۽ مرندي بہ ڏٺو ليڪن جنھن نموني شينھن رند جيءُ ۽ مري ڏيکاريو اھا ميراث ۽ مڃتا ماڻڻ ڪجهہ خلق خدا سان گڏ صرف شينھن رند جي کاتي ۾ آئي جنھن سسئي بنجي پنھون پاڻ ٿي پنھنجي جز کي ڪائنات جي ڪُل ۾ جذب ڪري امر ٿي ڏيکاريو،
”ساجن ڪارڻ سُڃ مر قبولي سسئي،
اندر جنين اڃ پاڻي اڃيو تن کي. ”

سائين بخش رند: اسان جيئين جيئي ڪو

سائين بخش رند جي بابا چاچا ايوب ۽ منھنجي بابا ﷲ بخش جي گهر وچ ۾ وِيري صرف اها ڪچي ڏيڍي هُئي جيڪا جوهي شھر لڳ ڳوٺ ابراهيم رند ۾ اسان ڊکڻن جي پاڙي کي رندن جي پاڙي کان جُدا ڪندي هئي. اها ڏيڍي ٽپي آءَ اڪثر پنھنجا ڏينھن ۽ سياري جون راتيون رندن جي گهرن ۾ گُذاريندو هيس، انھن ۽ اهڙين سياري جي ڊگهين سرد راتين ۾ سائين بخش رند سميت ڳوٺ جي ننڍن وڏن سان گڏجي رات جي ماني کائي سومھڻي جي نماز کانپوءِ سرائين جي اوطاق تي عبدارحمان عرف ”گرهوڙي“۽ ملان صديق رند کان باه جي مچ تي ڪھاڻيون ٻُڌندا هُئاسين . حرڪتي هجڻ ڪري آءُ رندن جي عورتن ۽ ڇوڪرن جا جام پادر کائيندو هيس ۽ انھن پادرن تي روئڻ بدران کلندو هيس ۽ چوندو هيس تہ مونکي ڪجهہ ٿيو ئي ناهي. نرم ۽ لڳڻي، غيرڪسرتي بدني بناوت سبب ڳوٺ ۾ منھنجو نالو” لڳڻو “رکجي ويو هيو. ليڪن سائين بخش رند ۽ سليمان رند جي گهر م جيڪا مُحبت ملي ان مونکي رندن جي پاڙي ۾ وڃڻ کان اصل ڪين روڪيو ۽ نتيجي ۾ سليمان ۽ سائين بخش منھنجا ننڍپڻ جا سنگتي بنجي ويا ۽ پوءِ منھنجو ڪلاس فيلو بنجي انٽر تائين مونسان گڏ پڙهيا. امان چوندي هُئي تہ سائين بخش کان هڪ سال ننڍو سندس ڀاءُ آدم ۽ سليمان کان هڪ سال ننڍو ان جو ڀاءُ لطيف مونسان گڏ ساڳئي مھيني ۾ ڄايا هئا.
سائين بخش پرائيمري کان پوءِ جوهي هاءِ اسڪول ۾ بہ منھنجو ڪلاس فيلو رهيو مونکي سندس ڳچي ۾ پيل اهو نيرو ايراني مفلر اڃا بہ ياد آهي . هنجي کاڏي تي زخم جو گهرو نشان ۽ سندس کاٻي وچين آڱرجي ننھن ۾ گهپ جو نشان سندس زندگي جا آخر تائين ساٿي رهيا. انٽر پاس ڪري آءُ ميڊيڪل ۾ هليو ويس ۽ هوءُ ٿوري ئي عرصي ۾ پرائيمري استاد پوءِ سيڪنڊري استاد ۽ آخر ۾ ليڪچرر ٿيو. اسانجي ڳوٺ ۾ نہ صرف چوڪريون بلڪہ ڇوڪرا پڙهائڻ بہ عيب سمجهيو ويندو هيو، جنھن ڇوڪري کي تيل ڦُليل ٿيل ۽ وارن ۾ ڦڻي ڏنل هوندي هُئي انکي بہ بُرو سمجهيو ويندو هيو ليڪن سائين بخش نہ صرف پاڻ پڙهيو بلڪہ پنھنجو اولاد بہ پڙهايائين پنھنجي اڪيلي نياڻي نسرين کي اعلي تعليم بہ ڏياريائين جيڪا ڳوٺ جي رندن جي ٻن ٽن پڙهيل ڇوڪرين مان هڪ آهي.
جوهي 80 جي ڏهاڪي ۾ ترقي پسند سياست جو اهم مرڪز ٿي اُڀري تہ انھي هلچل ۾ سائين بخش بہ شامل ٿيو ۽ هو ڪامريڊن جي ساڳي لڏي جي انقلابي سياست سان سلھاڙيل رهيو جنھن سان منھنجو بہ پيچ پيل هيو ليڪن سائين بخش جي دلچسپي جو اهم ميدان ادب ۽ ادبي سنگت هيا جنھن ۾ هن مقامي سرگرمين کان سواءِ مرڪزي سطح تائي وڌي چڙهي حصو ورتو ۽ انھي زوردار سرگرمي ۾ جاني ملاح، نقاد ٿھيم ۽ لياقت علي لياقت سندس ساٿي رهيا . جاني ملاح جي وڇوڙِي کانپوءِ بيماري جي حالت ۾ بہ هو ادبي سنگت جي سرگرمين ۾ جوش جذبي سان سلھاڙيل رهيو.
توڙي جو سائين بخش ۽ آءُ سٺا دوست رهياسين ليڪن اسانجي دوستي ۾ جان منهجي ڊاڪٽر ٿي جوهي پھچڻ سان ٿي تڏهن هو جوهي ڪاليج ۾ ليڪچررهيو. ڪجهہ عرصي ۾ منھنجي ڪلينڪ سنگت جي بيٺڪ بنجي ويئي جتي اڪبر جسڪاڻي جو اچڻ وڃڻ ۽ ويھڻ عام هوندو هيو انھي وقت جوهي ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جون سرگرميون چوٽ چڙهيل هيون جن ۾ ۾ سائين بخش سميت اسان سڀ شامل هُئاسون. ڪجهہ دوستن صلاح ڪري سگا جي پليٽ فارم تان گاج لائيبرري جو بنياد رکيو جنھن ۾ سائين بخش ۽ مونسان گڏ سائين محمد بخش پنھور، شريف ٿھيم، ظفرﷲ ڏاهري، طارق عالم رند ۽ عبدالجبار ڏاهري شامل هئا انھي لائيبرري کي ٺاهڻ، سنوارڻ ۽ مچائڻ ۾ سائين بخش رند جو وڏو ڪردار هيو.
سائين بخش کي لکڻ پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هيو ۽ هو سنڌ جي انھن ماڻھن منجهان هيو جن تمام گهڻو پڙهيو آهي جنھن جي ڪارڻ هنجي لکڻي ۾ جان بہ هوندي هئي تہ انھي ۾ بلا جي طنز ۽ ڇُري جھڙي ڪاٽ بہ هوندي هئي. پاتال جا موتي، ڪارو پاڻي، دردوندي جو ديس، ٻُسي ٻانھن سندس شاهڪار ڪھاڻيون آهن. سندس لکڻين ۾ غيرمعمولي طنز جي ڪارڻ مان کيس مذاق ۾ سنڌي ٻولي جو منٽو بہ ڪوٺيندو هيس.
سائين بخش رند زبردست مقرر بہ هيو ۽ جوهي جي سياسي ادبي پروگرامن جي جان بہ هيو. هنجون تقريرون ۽ مختلف ويھڪن ۾ ڏنل ليڪچر املھ ذخيرو هيو جن ۾ غيرمعمولي معلومات هوندي هُئي. هو ننڍي ۾ ننڍي پروگرام ۾ ڳالھائڻ، ويچار ونڊڻ لاءِ تياري ڪري ايندو هُيو. سنڌي ادبي سنگت هجي يا لئيبرري جو پروگرام، انقلابي تنظيم جي سرگرمي هجي يا ٽريڊ يونين جي ويھڪ انجو دعوتنامو يا پينافليڪس جو مواد ٺاهڻ جو ڪم سائين بخش جي حوالي هوندو هيو ۽ جيسين ڳالھ ٻولھ هلندي هئي تيسين هنجي هٿ ۾ پين پنو يا ڪو پاٺو هٿ اچي ويندو هيو ۽ اهو مواد تيار ٿي ويندو هيو.
سائين بخش رند جي والد چاچا محمد ايوب جي منڇر جي مھاڻن سان ياري هوندي هُئي اهي راتين جون راتيون وٽس مھمان ٿي اسانجي گهر جي اولھ پاسي سرائين جي اوطاق ۾ رهيا پيا هوندا هُئا ۽ انھن جي خدمت ۾ ننڍڙو سائين بخش رند هر وقت حاضر هوندو هيو نتيجي ۾ انھن ملاحن جي ايندڙ نسل سان سائين بخش جي پڪي ياري ٿي ويئي جيڪي نہ صرف وٽس اچي رهندا هُئا بلڪہ انھن جي دوا درمل جو وزن بہ سندس کاتي ۾ هوندو هيو. منڇر جي عيسي ملاح سان سندس پڪي ياري هئي. ملاحن سان ويجهڙائي ۽ منڇر جي ڊگهي مشاهدي ڪارڻ ئي کيس منڇر انجي پاڻي، پکين ۽ مڇين جي گهري معلومات هوندي هُئي. منڇر جي مڇي ۽ پکي هنجي گهر پھچندا هئا تہ مون سميت ڪافي سنگت بہ انھي مان لطف اندوز ٿيندي هُئي.
سائين بخش کي ڪرڪيٽ سان تمام گهڻي دلچسپي هوندي هئي جيڪا کيس آخر تائين قائم رهي. هو ڪرڪيٽ کيڏندو ڪونہ هو ليڪن ڪرڪيٽ تي ماهرن جيان تبصرا ڪندو هيو. مقامي ڪرڪيٽ ۾ وڌي چڙهي حصووٺندو هيو. نوجوان رانديگرن کي همٿائيندو رهندو هيو سندن رهنمائي ڪري ٽورنامينٽ هڻائيندو هيو ۽ خبرون ٺاهي مقامي صحافين کي اخبار ۾ ڇپجڻ لاءِ ڏيندو هيو ۽ اها بہ پوئيواري ڪندو هيو تہ جيئن اها خبر اخبار ۾ لڳي ۽ ان سلسلي ۾ هو وفا برهماڻي، اشرف امر، فاروق سومرو ۽ عزير سومرو کي سُک جو ساه ڪونہ کڻڻ ڏيندو هيو. جوهي جي ادبي، سياسي پروگرامن ۾ سندس اهي نوجوان رانديگر ڪم ڪار ۾ اڳرا ۽ سندس حُڪم جا منتظر هوندا هُئا.
سائين بخش کي فطرت ۽ انجي حُسن سان عشق هيو جنھن کي هو فوٽوگرافي ذريعي اُجاگر ڪندو رهندو هيو. هنجي فوٽوگرافي ڪنھن پروفيشنل فوٽوگرافر کي مات ڏئي ڇڏيندي هُئي. نئين گاج، ڪاڇي جي وس ۽ انجي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ فصل، منڇر انجا پکي ۽ مڇيون سندس ڪيمرا جي اک کان محفوظ نہ رهي سگهون ۽ وٽس اهڙو ذخيروهزارن ڦوٽن جي صورت ۾ اڄ بہ سندس گهرجي ذاتي الماڙي ۾ مختلف يو ايس بي ۽ ميمري ڪارڊ ۾ موجود هوندو. هو ڪاڇي جي برپٽن ۾ سُڃ ۽ رُڃ کي اُجاگر ڪرڻ بدران ڪنھن ٻُوٽي ۽ گُل کي ويجهڙائي کان عڪسبند ڪندو هيو جنھن ۾ زندگي ۽ جوڀن جهلڪا پئي ڏيندي ھئي.
سائين بخش اسان سڀني سان گڏ هوندي سڀني کان مختلف هوندو هيو ۽ جيسائين قائل نہ ٿيندو هيو پنھنجي ڳالھ تي جبل جيان ڄمي بيھندو هيو ان ضد ڪارڻ کيس رند ۽ سرائي سڏيندا هئاسون. هي جيترو کرو شخص هيو انکان وڌيڪ وفاشعار بہ هو. دوستي نڀائڻ ڪير هن کان سِکي ۽ ائين ئي هنجي ڪاوڙِ بہ هوندي هُئي. شايد هنجو اهو مزاج هيو تہ لائجي تہ نڀائجي نتہ اصلي نہ لائجي. جڏهن هو حد ٽپي نڀائيندو هيو تہ هن کي موٽ بہ اهڙي درڪار هوندي هُئي انڪري هو درگُذر ڪري ڪونہ سگهندو هيو جنھنجو ڪڏهن ڪڏهن اظھار بہ ڪري ويھندو هيو جنھنڪري مون سميت ڪافي دوست سندس مياري بہ رهيا.
2014 ۾ هو مثاني جي ڪينسر وگهي بيمار ٿي پيو. انھي بيماري جي علاج کيس اڌورو بنائڻ ۾ ڪا ڪسر نہ ڇڏي. انھي بيماري جي ماهر پنھنجي دوست ڊاڪٽر مُرليڌر کان مون جڏهن پڇيو تہ انھي بيماري جي علاج کانپوءِ انھي ۾ ڪيتري عرصو زندہ رهي سگهجي ٿو تہ هن جو جواب هيو تہ ڪي ماڻھو ڪجهہ سال ڪڍي ويندا آهن تہ منهجي جسم مان سيسڙاٽ نڪري ويا تہ ڇا سائين هاڻي چند سالن جو مھمان آهي. انھي عرصي ۾ ئي سندس شريڪ حيات کي بہ هڪ موذي مرض اچي ورايو ۽ انکي سرجري ۽ ڪيموٿيراپي جھڙن مرحلن مان گُذرڻو پيو. اهڙن مامرن کي منھن ڏيڻ سميت سميت، پنھنجي ٻارڙن، پوٽن، پوٽين ۽ ڏوهٽن جي پرورش بہ ڪري ويو ۽ مثاني جي عارضي، مصنوعي بندوبست ۾ سائين بخش رند بيماري ۽ موت کي مُڙس ٿي منھن ڏيندي اهو ٻُڌائي ويو تہ ”هائو هيئن بہ جي ڏيکاربو آهي“.
22 فيبروري تي، سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي ۽ ٽرانسپلانٽ ڪراچي جي آءِ سي يو وارڊ ۾ سائين بخش کي مون آّخري ڀيرو ڏٺو کيس آڪسيجن ماسڪ لڳل هيو ۽ ڊيوٽي تي مامور ٻن نرسن پاڻ ۾ مسلسل ڀُڻ ڀُڻ پئي ڪئي . منهجي آمد جو نہ نرسن نوٽيس ورتو ۽ نہ سائين بخش ئي نوٽيس ورتو. شايد منھنجي آخري ملاقات جو وقت ختم ٿي ويو هيو. مان سائين بخش جي سلڇڻي پُٽ فيروزکي هٿ مان وٺي ٻاهر نڪري آيس. هن مونکان سرائيڪي م پُڇيو ”چاچا ڪيا پئي سمجهدي او“. مون کيس هٿ کي زور ڏيئي چيو ”همت ڪرو، صبر ڪرو. . علاج هلدا پيائي. سڀ ٺيڪ ٿي ويسين. . . “، ٻاهر بالڪني ۾ سندس ٻيو پُٽ آفاق پٽ تي ويٺو هيو. آءُ ۽ فيروز بہ پٽ تي ويھي رهياسين. . ڪجهہ وقت ويٺا رهياسين ڪنھن ڪجهہہ بہ نہ ڳالھايو. سندس ٻنھي پُٽن مون سان ڳالھائڻ ۽ ڪجهہ پُڇڻ پئي چاهيو ۽ آءُ ڪجهہ ٻُڌائڻ جي پوزيشن ۾ ڪونہ هيس. آءُ ٻنھي کان تڪڙو موڪلائي ٻاهر نڪري آيس.
ٻاهر سامھون حنيفه ديوان سلمان ڪينسر وارڊ جي گيٽ تي ايمبولينس مسلسل سائرن وڄائي رهي هئي جيڪا شايد مثاني جي موذي مرض جي ڪنھن نئين مريض کي داخلا لاءِ اسپتال کڻي آئي هُئي.

برک زميندار سليمان رند 21 جولاءِ 2022ع

امان چوندي ھئي تہ سائين سليمان رند جو ننڍو ڀاءُ لطيف، سائين بخش رند جو ننڍو ڀاءُ آدم، سليمان جو سئوٽ حبيب ۽ مان ٿورن ڏينھن جي فرق سان ساڳئي مھيني ۾ ڄاوا ھئاسين. ليڪن عجيب اتفاق اھو ٿيو تہ سائين سليمان، سائين بخش رند ۽ آءُ پنھنجي ڳوٺ بخش علي رند جي اوڀر جي ڳوٺ پرائيمري اسڪول مينھون کوسو ۾ گڏ پڙھڻ ويٺاسين. ليڪن انھي اسڪول ۾ ھڪ ڇوڪر کي استاد اسڪول آڏو بيٺل وڻ تي چڙھي تلھڙ پٽي آڻڻ لاء چيو. اھو ٻار وڻ تان ڪري زخمي ٿيو ۽ انھن زخمن ڪارڻ مري پيو. مونکي خوف ٿيو ۽ بابا کي چيم مان انھي اسڪول ۾ نہ، جوھي ۾ پڙھندم. سليمان، سائين بخش ۽ منھجو ٻيھر جوڙ ھائي اسڪول جوھي ۾ ٿيو جيڪو انٽر تائين ھليو. انھي دوران عمومن شام جو اسان جوھي کان ڳوٺ گڏ واپس موٽندا ھئاسين. ۱۹۷۷ ۾ سياست جو گهيرو ٿيو تبہ اسان رسالا ڪتاب پڙھي ھڪٻئي سان ونڊ ڪندا ھئاسين، انھن تي بحث ڪندا ھئاسين. جوھي نوجوان تحريڪ ٺھي تبہ اسان گڏ ھئاسين. سليمان ڪنن جو ڪجهہ گهٻرو ھيو. جڏھن بہ سائين بخش ۽ آءُ گڏجي کلندا ھئاسين تہ ھي سمجهندو ھيو تہ مونتي ٿا کلن جنھن تي ھو ھلڪي گار ڏئي چوندو ھيو "ڪيائي با "اسان ٽئي پاڻ ۾ سرائيڪي ڳالھائيندا ھئاسون. ڇھين درجي ۾ جڏھن اسان گڏ پڙھڻ شروع ڪيو تہ مونکي سليمان پنھنجو ڀاءُ سڏڻ شروع ڪيو ۽ ائين ھنجي امان حوا بہ مونکي پنھنجو پٽ سڏڻ ۽ سمجهڻ شروع ڪيو. امان حوا چوندي ھئي "ابا ميڏي پُٽڙي دِي پارت ھووئٓي، اسان سرائين دي ٻالان ڪُون پڙھڻ دا شوق ڪونھٓين، تئين نال ھوسٓين تہ پڙھ پوسٓين". ائين سليمان جا ڀائر، ڀينرون، سئوٽ مونکي پنھنجو ڀاءُ ۽ سئوٽ سمجهندا ھئا. اڪثر ڪري رات جو آءُ انھن سرائين جي ڪنھن چلھ تي ويٺو کيچل ڪندو ھوس، مولود ڳائيندو ھوس يا وري اوطاق ۾ عبد رحمان گرھوڙي يا ملان صديق کان آکاڻيون ٻڌندو ھوس ۽ رات جو دير گهر موٽندو ھوس. . امان حوا مونکي رات جو زوري ماني کارائي کير جو گلاس ڀري پياريندي ھئي. ڪڻڪ جا لابارا پوندا ھئا تہ ڳوٺ جي سامھون ڏکڻ ۾ خالي ميدان تي سرائين جي ڪڻڪ جون دنُون ڳاھ لاء گڏ ڪبيون ھيون. اسڪول کان موٽي آءُ سڌو انھن دنن تي ھليو ويندو ھوس ۽ لٺ ھٿ ۾ جهلي ڏاند ھڪليندو ھوس ۽ ٻار جي بٽائي تائين انھن ڏاندن ۽ ڳاھ سان گڏ ھوندو ھوس. انھي سموري عمل ۾ سليمان ان جو خاندان سرائين جا ڇوڪرا، ڇوڪريون گڏ ھوندا ھئاسين. ڏينھن جو اڪثر وقت رندن جي گهرن ۽ ٻارن سان گڏ ھئڻ ڪري بابا ۽ گهر وارن جا دڙڪا بہ ملندا ھئا. ڪجهہ رندن جا پڪا پوڙھا ۽ ٻار مونکي ڀوڳن ۾ چوندا ھئا تہ تون رند آھين ۽ ڊکڻ ناھين. جنھن تي خبر ناھي ڇو مونکي خوشي ٿيندي ھئي. انٽر کانپوء آءُ لاڙڪاڻي ھليو ويس ۽ سليمان استاد بڻجي سائين ٿي ويو. سليمان کي ڀاءُ ڄايو انجو امان حوا، حميد نالو رکيو جڏھن تہ سليمان کي نياڻي ڄائي تہ انجو نالو منھجي گهر واري جنھن کي ھن پنھنجي ڀيڻ بڻايو ھيو جي نالي پٺيان آمنا رکيائين. آءُ ڊاڪٽر ٿي آيس. جوھي ۾ جيڪي سياسي سماجي ڪم ڪيم سڀني ۾ سائين سليمان سائين بخش مونسان گڏ رھيا. جوھي جا سياسي سماجي ڪارڪن کيس ڀوڳن ۾ برک زميندار چوندا ھيا تہ ھو کلي ڏيندو ھيو. اسانجي ڳوٺ جا سرائي عجيب مٽي جا ٺھليل آھن. جنھن جو ھڪ ثبوت ۲۰۱۰ واري ٻوڏ دوران جوھي کي بچائڻ ۾ سندن لازوال ڪردار منجه پسي سگهجي ٿو. وٽن جيڪو اوطاق تي لڙي آيو انجي خدمت پيا ڪندا. اسان سڀني ڳوٺ جي ڊکڻن کي مون سميت بہ ائين پنھنجو ڪيائون جڏھن بہ ملندا پنھنجو پٽ، ڀاء، چاچو، مامو ڪري ملندا . ڪافي دفعا منھنجي خانگي ڪلينڪ تي بہ انھن جون نياڻيون، سياڻيون ائين اُڪير ۽ پنھنجائپ مان ملنديون ھيون تہ ڪلينڪ تي ويٺل عورتون پڇا ڪنديون ھيون تہ سائين اھا توھان جي ماءُ آھي ڇا، اھا بہ توھان جي ڀيڻ آئي آھي وغيرہ وغيرہ ۽ آءُ کين کلي جواب ڏيندو ھوس ھائو. انھي خاندان جو سادو سودو چشم و چراغ ھيو سليمان رند . وقت ھن سان ڏاڍيون چوٽون کاڌيون. سندس والد ڪک سنگهڻ ڪري جواني ۾ فوت ٿيو. سندس ننڍو نوجوان ڀاءُ حميد ڏاچي تان ڪريو سندس ڪنڌ ضربجي پيو ۽ پوء زندگي جي جنگ ھارائي ويو. سندس لاڏلي آمنا جو مڙس فوج ۾ ڀرتي ٿيو ۽ سياچن وڃي پھتو اتي برفاني ڇپ ۾ دٻجي فوت ٿي ويو. ٻنھي جي ايڏي المناڪ موت تي منھنجا ڳوڙھا نہ رڪجي سگهيا ليڪن منھجي ڳوٺ جي سرائين جيان ھنجي اک آلي بہ نہ ٿي. ھو انتھائي محنتي آبادگار ھيو سبزيون پوکيندو ھيو کپائيندو بہ ھيو سنگت کي بہ موڪلي ڏيندو ھيو. مڇي جي افزائش لاء ڳوٺ جي ڀرسان کڏو ھنيائين جنھن ۾ پاليل مڇي سڄي سنگت ڏي ويندي ھئي جنھن ۾ سڀ کان اڳ۾ منھنجو حصو ڪڍندو ھيو. ليڪن ۲۰۰۱ کانپوء جوھي برانچ مان نڪرندڙ انھي چنجاڻي شاخ ۾ پاڻي اچڻ بند ٿي ويو . چنجاڻي شاخ ۾ پاڻي جي اڻاٺ ڪري ھنجي سبزي ترڪاري بہ بند ٿي تہ ھنجي مڇي جي افزائش جي کڏ بہ بند ٿي ويئي. گهمڻ ڦرڻ جو شوقين ھيو. ھڪ رات گاج تہ ٻي رات گورک تي تہ ڪڏھن جبل ٽپي بلوچستان ھليو ويندو ھيو. ليڪن اچانڪ ھو بيمار ٿي پيو. کيس اھڙو مرض لڳو جو کانئس ٻوڙٽ وارو مامرو ئي وسري ويو. ڪجهہ ڏينھن اڳ ساڻس ملڻ ويس تہ اٿي ملڻ جي ڪوشش ڪيائين ليڪن کيس سور جي اھڙي سٽ آئي جو اکين مان ڳوڙھا نڪري آيس ۽ اٿي ڪونہ سگهيو . جيڪو شخص ننڊڙي ڀاء حميد ۽ نياڻي آمنا جي سور تي نہ رنو انھي جون اکيون آليون ڏسي مون اندازو لڳايو تہ ان وقت جي سور جي سٽ ڪيتري نہ زوردار ھوندي. ڪالھ يارھين وڳي ڌاري مونکي پنھنجي ڀاءُ عزيز ٻڌايو تہ سائين سليمان گذاري ويو آھي. منھجي زال جي واتان رڙ نڪري ويئي جيستائين مان سنڀاليان تيسين منھنجي موبائيل جي رنگ وڄڻ شروع ٿي ويئي. سليمان جي نالي تي ڪال پئي وڳي. ڪال کڻڻ تي سائين جي پٽ اميد علي ڳالھايو. "چاچا ! بابا گُذار ڳِيا. "
سليمان جي جنازي نماز ۾ سوڳ ھيو ليڪن جنازي تدفين ۽ تڏي تي موجود سرائين جي اکين ۾ حسب معمول ڳوڙھا ڪونہ ھيا. سندس ڀائرن لطيف، ستار ۽ پُٽن اميد علي، جاويد ۽ امداد ڀاڪر زور سان پائي عذر خواھي وصول ڪئي .
اوطاق تي وڇايل تڏو ڇڏي ڏکڻ ۾ جوھي شھر ڏانھن ويندڙ رستي تي اچي بيٺس تہ سج لھي اوندہ ٿي رھي ھئي. انھي جاء تان سليمان، سائين بخش ۽ آءُ جوھي شھر ڏي گڏجي ويندا ھئاسين ۽ واپسي تي جھڙالي مند ۾ ڪڏھن ڪڏھن اتان اولھ اتر ڏي جوھي شھر جي مٿان گاج جي ڪنڊ تي کنوڻ جو کنوجڻ ڏسڻ لاء بيھي رھندا ھئاسين. بيساختہ منھنجي نظر بخش علي رند ڳوٺ جي اتر اولھ ۾ جوھي شھر جي مٿان ڏُور گاج جي ڪنڊ ڏانھن کڄي ويئي جتي کنوڻ جي کجڪار بنا وقفي جي جاري ھئي. شايد گاج جي پيٽ ۾ پلر جي پالوٽ پئي ٿي. کنوڻ جي ھڪ کجڪار منھجي من اندر ۾ بہ محسوس ٿي ۽ پلر جي پالوٽ من اندر جا بند ڀڃي منھنجي اکين جي پنبڻين تائين پھچي ويئي . مون ھڪ نگاھ سرائي بخش علي رند ڳوٺ جي اوطاق تي وڌي جتي ماڻھن جي ھشام ۾ سرائي سرائي جي ذات لٿل ھئي ليڪن انھن ۾ ڪنن کان گهٻرو، اندر جو کير جھڙو اُجرو، ڳالھ ڳالھ تي" ڪيائي با، ڪيائي با" چوڻ وارو سرائين جو برک زميندار سائين سليمان ڪونہ ھيو.

زندگي جي درد ڪٿا (18 مارچ 2017)

لالا نديم جي وفات کان ٻہ ڏينھن اڳ لکيل

گهڙيال جي ٽڪ ٽڪ ئي ڪمري ۾ ڪنھن زندگي جو احساس ڏئي ٿي.
راولپنڊي جي ڪمبائينڊ ملٽري اسپتال جي سينيئر آفيسرز وارڊ جي ڪمري نمبر اٺ ۾ موجود ٽن ماڻھن جون اکيون بستري تي ستل ماڻھو ۾ کُتل آهن جيڪو ڪنھن وقت اکيون کولي ڪا ڳالھ پُڇي وٺي ٿو ۽ سوال جو جواب اچڻ ۽ ٻُڌڻ کان اڳ۾ ئي وري ننڊ پئجي وڃي ٿو جيڪا ڪيفيت 13 فيبروري کان بہ اڳ جي آهي جڏهن انھي ڪمري ۾ منھنجي ۽ ناصر جي اچڻ کان اڳ صرف ڀاڀي ئي موجود هوندي هُئي.
گهاٽي بليو سول ڪپڙن ۾ ملبوس اهو شخص سول ڊريس بہ هاڻي اهڙي سبرائي پائي ٿو جنھن منجهان بہ سندس فوجي هجڻ جو احساس ئي بکي ٿو. ڪجهہ مھينا اڳ بلا جھڙي مضبوط جسامت رکندڙ ۽ رعبدار لھجي وارو ڪرنل فوجي آفيسر هاڻي هڏڙن مٺ ٿي ويو آهي، سندس بدن تي چست ڊريس بہ ڍيلي ڍالي ۽ سندس قد بہ غير معمولي طور ڊگهو محسوس ٿئي ٿو. نڙي ۾ ڪنھن شئي جو اٽڪار کيس کنگهڪار تي مسلسل مجبور ڪندو رهي ٿو ۽ هو بيزاري ۾ پاسا ورائيندو، هوش سامت ۾ اچي بيھوش ٿي پنھنجا خشڪ چپ چوريندو۽ چٽيندو رهي ٿو.
بستري جي کاٻي پاسي مٿي ديوار تي ﷲ جل جلاله جي هڪ پينٽنگ لڳل آهي. پنھنجي اداري جي مٿان اعتماد کان بہ وڌيڪ انھي تي سندس اعتماد ڪمزور ٿيڻ بجاءِ ڪجهہ عرصي ۾ اڃا وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي. گُذريل سال خوفناڪ بيماري مثاني جي ڪينسر جي پھرين لھر ۾ هن کان رمضان شريف جا روزا رهجي ويا جنھنجو ذڪر ارمان بڻجي سندس چپن ۾ لرزش پيدا ڪري اکين مان ڳوڙها بنجي سندس زرد پئجي ويل منھن تي وکرجي ويو هيو جڏهن آءُ ساڻس تنھن ڏينھن ملڻ آيو هوس.
مريض جي ڀرسان رکيل ميز تي پلاسٽڪ جي گلدستي ۾ تازه گل پيل آهن ليڪن ڪمري ۾ موجود ڪيفيت سرخ گلابن ۽ سفيد موتئي کي بي رنگ ۽ بي خوشبو بڻائي ڇڏيو آهي. گلابن جي ڀر ۾ پيل ٻہ موبائيل سيٽ مسلسل وڄندا رهن ٿا . ڪمري ۾ موجود سندس همسفر ڪال ڪندڙ جو کيس نالو ٻُڌائي ٿي ۽ هو بيزاري مان ڪنڌ ڌوڻي يا هٿ جو اشارو ڪري کيس فون اٽينڊ ڪرڻ کان روڪي ٿو يا وري کيس ڪجهہ نہ ڪجهہ جواب ڏيڻ جو چئي ڇڏي ٿو.
ڪمري جي وچ ۾ پيل ٽيبل تي فروٽ، منرل واٽر جون بوتلون، ڪولڊ ڊرنڪ، بسڪٽ ۽ مريض لاءِ خاص طور تي گهران تيارٿيل کچڻي پيل آهي. در واري پاسي ديوار ڀرسان اوون رکيل آهي جنھن جي مٿان چانھ ٺاهڻ جو سامان پيل آهي. اوون ۾ کچڻي ٽي دفعا گرم ۽ گُذريل ٻن ڪلاڪن ۾ چانھ ٽي دفعا ٺھي چڪي آهي. چانھ استعمال ٿي چڪي آهي جڏهن تہ کچڻي جو مقدر شايد صرف گرم ٿيڻ ئي آهي. .
ڪمري ۾ سندس گهر واري ويٺل آهي جنھن جي منھن ۾ اميدن جا پاڇا رقص ڪن ٿا کيس اهو گمان آهي تہ جڏهن اهڙي ئي هڪ ڳري مصيبت مان گُذريل سال هو پار پئجي ويو هيو تہ هاڻي بہ ائين ئي ٿيندو. ٽيبل جي آخري ڇيڙي واري ڪرسي تي سندس ننڍو ڀاءُ ناصر ويٺل آهي جنھن جي منھن تي ٺھندڙ ۽ ڊهندڙ نااميدي جا پاڇا ٻُڌائين ٿا تہ کيس معاملو ڪجهہ سنگين ۽ ڀاڄائي جي اميدن کان مختلف لڳي رهيو آهي. هو پنھنجي بيمار ڀاءِ ۾ نھاري ۽ سوچ ۾ گم منھنجي اکين ۾ ڪجهہ پڙهڻ جي ڪوشش ڪري منھنجي اکين جي چوري مان ڪجهہ سمجهي وٺي ٿو ۽ وقت 1980 ڏانھن فليش بيڪ ٿئي ٿو.

شيخ زيد ڪالوني لاڙڪاڻو

سال 1980 آهي . ڪمرو نمبر ۽ بلاڪ ياد ناهي ليڪن اهو ياد آهي تہ هڪ ڪوارٽر ۾ ٻہ ڪمرا هوندا هئا هڪ ڪمري ۾ مون سميت دادو جا ٽي شاگرد رهندا هئا ليڪن ٻئي ڪمري ۾ خيرپور ضلع جا ٽي شاگرد رهندا هئا جن ۾ هڪ سنھڙو سيپڪڙو شرميلو شاگرد بہ رهندو هيو جنھنکي سندس دوست ذات پٺاڻ هجڻ ڪري لالو ۽ ڪرڪيٽ جو شوقين هجڻ ڪري عمران سڏيندا هئا. هو پاڻ کي نديم سڏرائيندو هيو جڏهن تہ سندس اسڪول ۾ سندس نالو عبدالوهاب هيو. ڪوارٽر ۾ رهندڙ دادو جا شاگرد ٻھراڙي جا هئا ۽ خيرپور جا نسبتن شھري پس منظر رکندڙ شاگرد هيا جنھن هڪ ڪوارٽر ۾ هجڻ باوجود منجهن وچ ۾ ويجهڙائي جي امڪان کي روڪي رکيو هيو. پوءِ خبر ئي ڪونہ پئي دادو جي ٽنھي شاگردن منجهان انھي خيرپوري گروپ ۾ مان شامل ٿي ويس جنھن ۾ منھن جي ويجهڙائي ڪنھن اڻ ڄاڻ سبب عبدالوهاب عرف لالو عرف عمران عرف نديم سان ٿي ويئي. هنجو تعلق سخت گير مذهبي وهابي مسلڪ جي خاندان سان هو جڏهن تہ منھنجا ڏهئي ڏوڪڙ لسا هئا.

جي ايم سيد هاسٽل جي ٽاپ فلور جو آخري ڪمرو.
شايد اسان ٻئين سال ۾ پھتاسين تہ اسانجي شيخ زيد ڪالوني مان جان ڇٽي تہ ڪمرو مليو جي ايم سيد هاسٽل جي ٽاپ فلور تي جيڪو سردي ۾ شديد سرد ۽ گرم ۾ وري شديد گرم رهندو هيو. لالو نديم ۽ اسان توڙي جو ساڳئي هاسٽل جي ساڳئي فلور ۾ پاڙيسري بڻياسين ليڪن اسانجي وچم ڪا خاص دوستي ويجهڙائي ۽ گرمجوشي نہ بڻجي سگهي ليڪن انھي عرصي ۾ مان سياست ۾ غير معمولي طورسرگرم ٿي ويس .

هاسٽل جي ايم سيد ڪمرو نمبر هڪ

قانون سخت ٿيا تہ هاسٽل الاٽمينٽ ۾ بہ اهو قانون ئي لاڳو ٿيو ۽ پوءِ انتظاميہ جي ٿيل الاٽمينٽ مطابق عبدالوهاب ۽ عبالحميد روم ميٽ ٿيا ۽ اسان سان هڪ ٻيو عبدل ٻلھڙيجي واسي شاگرد عبدالرحمٰن پيرزادو جُڙي ويوجيڪو مون واري فڪري سوچ جو اڳ ۾ ئي همسفر هيو ۽ جنھن مان جنم ورتو انھي ٽيڙو جيڪو هر جڳھ، هر گهٽي هر گام، هر هنڌ، ڪينٽين تي، شام جي واڪ تي پوءِ گڏ ئي نظر ايندو هيو جتان شروع ٿيو اهو سلسلو جنھن اسان وچ ۾ فڪري سياسي ذاتي وڇوٽيون ختم ڪري ڇڏيون ۽ لالو هڪ سياسي ڪارڪن سميت منھنجو فڪري دوست بنجي ويو. اسانجي سنگت ۾ هجڻ ڪري هن ۾ موجود مذهبي ڪٽر پڻو بہ گهڻُو گهٽجي ويو هيو. جي ايم سيد هاسٽل جي ڪمري نمبر هڪ جي بجلي ۽ سياست جي بتي پوءِ ڪڏهن بہ بند نہ رهي. هنجي خاندان سان منھنجا رشتا بڻيا. ڪنھن بہ ڪم سانگي سکر يا خيرپور وڃڻ ٿيو مانجهاندو يا رات لالي جي گهر ۾ ئي رهڻو پوندو هيو ڄڻ تہ اهو منهجو پنھنجو گهر هجي. مونکي سيبتو سمجهي هنجي سفيد ريش ڏاڏي غلام رسول، جيڪو صوم صلوات جو پابند هيو هڪ ڀيرو مونکي سرائيڪي ۾ چيو” بابُو خراب ٿي ڳيائي انھن ڪون هدايت ڪر تہ نماز پڙهي ۽ روزي رکي“. . . انھي ڳالھ تي هڪ عرصي تائين اسان ڏاڍو کلندا هئاسين.
شايد انھي عرصي ۾ هن جي من اندر جي پيار اُڇل کاڌي. هو هندوستان پنھنجي ماسي سان ملڻ ۽ گهمڻ ويو. هندوستان جي ريل سسٽم جي ڏاڍي تعريف ڪيائين. سنيل گواسڪر هن جو پسنديدہ کلاڙي بڻيو ۽ هن جي وات مان ملتان انجي گلگشت ڪالوني اتان جو عبالرحمان خاڪواني ٻُڌڻ ۾ آيا ۽ ان گلگشت ڪالوني ۾ ڪا ”ڇن ڇنن ڇن“، بہ ڪٿي سندس دل ۾ اٽڪي پئي. ملتان هو شوق سان وڃڻ لڳو ليڪن هڪ دفعي ملتان واپسي تي هن جي مُک جون ريکائون ئي مختلف مليون. زور ڀرڻ تي چيائين ڪجهہ بہ ڪونہ ٿيو آهي ليڪن پوءِ روئڻھارڪو ٿي باسيائين تہ يار ملتان ۾ گهڻو ڪجهہ بدلجي ويساه گهاتي ۾ تبديل ٿي ويو آهي.

مخدوم بلاول هاسٽل نمبر ٿري ڪمرو نمبر ٿري

انھي هاسٽل ۾ اسان پنهجي اڪيڊيمڪ ڪيريئر جا آخري ڏينھن گهاريا هئا. انھن ڏينھن ۾ تمام گهڻا عشق گرلز هاسٽل ۽ بوائز هاسٽل وچ ۾ موجود وڇوٽيون پار ڪري پنھنجي منزل ماڻڻ جي مرحلي ۾ هيا. شھر واري اسپتال ۾ پوسٽنگ تي وڃڻ لاءِ شھر تہ شايد سڀ گڏجي ڪونہ ويندا هيا ليڪن واپسي ۾ پوائنٽ بس ضرور کچا کچ ڀريل هوندي هئي. شھر کان واپسي تي ڪاليج جي مين گيٽ پھچڻ کان اڳ تہ ماحول نسبتن سنجيدہ هوندو هيو ليڪن گرلس هاسٽل ويجهو ايندي شرارت ۾ اضافو ٿي ويندو هيو، سس پس فقري بازي جو بازار گرم ٿي ويندو هيو. گرلس هاسٽل پھچڻ کان اڳ پوين سيٽن تان ڪنھن وقت آواز ايندوهيو ”ڀينس ڪالوني“”ڀينس ڪالوني. . . “، تہ آڏو ڇوڪرين وارين سيٽن تان بہ سنھڙن سنھڙن دٻيل ٽھڪن ۾ آواز ٻُڌبو هيو تہ ”ٻاڪڙا پڙي“، جو اسٽاپ اڃا اڳتي آهي ۽ پوءِ سينڊلن جي ٽاٻڙ ٽاٻڙ، ٽھڪڙن جي فاتحانہ آواز ۽ انداز ۾ اڳيون سيٽون خالي رهجي وينديون هيون ۽ ڪافي دليون بہ پوءِ ڪجهہ وقت لاءِ اٻاڻڪيون رهجي وينديون هيون. انھن ڏينھن ۾ ئي هاسٽل ٿري جي ڪامن فون تي مخلف ملاقاتين جو ڄڻ تہ وقت مقرر ٿيل هيو. ائين ئي خبر پئي تہ لالي نديم ڏي بہ فون اچڻ شروع ٿي ويا آهن. انھي جھان کان اڻڄاڻ رهندڙ مون مورک کي ڪنھن دوست ٻُڌايو تہ تو واري يار کي فون تي ڪوئي تنگ ٿو ڪري. مونکي الائي ڇو اها ڳالھ نہ وڻي. جيئن ئي نياپو آڻيندڙ ڪمري جو در کڙڪائي ٻُڌايو تہ نديم جو گرلز هاسٽل مان فون آهي مان اٿي کڙو ٿيس ۽ فون اٽينڊ ڪرڻ سان ئي اهو چوڻ شروع ڪيو تہ نديم کي تنگ نہ ڪيو اهو ٺيڪ ناهي. ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ مونکي جڏهن اها خبر پئي تہ نديم انھي فون ملاقات ۾ پاڻ دلچسپي پئي رکي تہ مان ڏاڍو ڦڪو ٿيس ليڪن تير ڪمان مان نڪري اهو رشتو جڙڻ کان اڳ ئي ٽوڙي وڌو هيو.

هائوس آفيسر ڪالوني بلاڪ سي جو ڪوارٽر

فائينل ييئر ڪري اسان انھي ڪوارٽر ۾ رهياسين ۽ پوءِ آخري ڀيرو اسان ست سالن جي ڊگهي ۽ بي لوث دوستي جي ميراث ساڻ ڪري رحمان کان لاڙڪاڻي واسي ۽ لوڪل هجڻ ڪري ڪوارٽر تي ئي موڪلايو جڏهن تہ مان ۽ نديم رڪشا پڪڙي لاڙڪاڻي جي بس ٽرمينل تي پھتاسين. مون جڏهن کيس ڳل پائي ڳٽي تي چمي ڏيئي موڪلايو تہ مون کان لُڙڪ لڙي پيا ۽ موٽ ۾ سندس هميشہ خشڪ چپن جو ان ويل بي ساختہ ٿي ڦرڪڻ اڄ بہ مونکي وسريو ناهي.
بقول نديم جي هن شادي ڪراچي ۾ رهندڙ پنهجي ماسات سان والدين جي مرضي سان ٿي جنھن تي مونکي ويساه انڪري بہ نہ ايندو هيو ڇو تہ آءُ سندس طبيعت کي مختلف نموني ڏسندو هيس.
1990 ۾ ڪميشن پاس ڪري آءُ صحت کاتي جو مھمان بڻيس ليڪن نديم وڃي آرمي جا وڻ وسايا. محنتي ۽ ذهين تہ هو هيو هن پنھنجي اداري ۾ نالو ڪمايو ۽ پوري دنيا ۾ فوجي ڊيوٽي بہ ڪيائين ۽ دنيا جو فيملي سميت سير ڪيائين.
جنھن اداري ۾ هو شامل ٿيو ان سندس ذهن تي چڙهيل انھي قلئي کي بہ لاهي ورتو جيڪا 80 جي ڏهاڪي ۾ سندس تبديل ٿيل سنگت جي ڪري سندس وجود تي چڙهي پئي هئي. ملان مان ڪامريڊ بڻيل لاله نديم پوءِ هڪ پڪو پاڪستاني قوم پرست ٿي ويو هيو. ”هٽ ۽ هيٽ انديا“، مون ڏانھن لکيل سندس هر خط جو اهم ترين جملو هوندو هيو. وقت سندس منھن تان شيو تہ لاهي ڇڏي ليڪن هنجي سرشت ۾ شامل ديوبند، سخت گير سوچ ڏانھن واپس موٽ کائي چڪو هيو. جڏهن تہ آءُ اڃا اتي ئي بيٺل هيس جتي هو مونکي ڇڏي ويو هيو. مونسان بحث ۾ هو بدليل مزاج ۽ سوچ جو اظھار مضبوط نموني ڪري ۽ ڳالھ رکي تہ ويندو هيو ليڪن منھنجي راءِ کي ائين چئي روڪي وجهندو هيو تہ ڏس توکي خبر آهي تہ مون کي اها ڳالھ پسند ناهي ۽ ائين اسانجو بحث منهجي ڦڪي کل ۽ هنجي سنجيدگي ۾ اڪثر بند ٿي ويندو هيو.
گُذريل سال هو مثاني جي ڪينسر وگهي بيمار ٿي پيو. مان ۽ ڊاڪٽر خان جڏهن ساڻس ملڻ لاءِ پنڊي اسٽيشن تي پھتاسين تہ هو اسانکي پاڻ وٺڻ آيو. سندس گهر ۾ تقريبن اٺيتاليھ ڪلاڪن ۾ سندس گهر واري، اسامه، بسمہ، زين محسوس ئي نہ ٿيڻ ڏنو تہ هن گهر ۾ ڪو ايڏي خوفناڪ بيماري جو مريض بہ رهي ٿو. ٻہ راتيون ڪچھري ڪئيسين، هڪ عرصي کان مان سگريٽ ڇڏي ڏنا هيا ليڪن ان رات گڏجي شايد گولڊ ليف جو سڄو پاڪيٽ ختم ڪيوسين. ڪيمو ٿيراپي جي ڊگهي جهنجهٽ کان پوءِ هو چڱو ڀلو ٿي ڊيوٽي تي بہ چڙهيو ليڪن ڪجهہ عرصي کانپوءِ جيري جي ڪينسر وگهي هو وري انھي اسپتال ۾ داخل آهي جتان هن کي ”ڊزيز فري“ قرار ڏئي ڊيوٽي تي لاهور موڪليو ويو هيو. گذريل مھيني 13 فيبروري جي شام جڏهن مان هن سان ملڻ آيس تہ سندس صحت ڏسي منھنجا تاڪ لڳي ويا. ڳالھين ڳالھين ۾ مون کيس چيو تہ توکي ”ڊزيز فري“ قرار ڏيڻ وارن کي تو وارواهو جگر نظر نہ آيو ڇا جنھن ۾ هڪ ٻيو ڪينسر ڪر کڻي رهيوهيو. هن کي منھنجو اهو جملو بہ ايترو برو لڳو ۽ هو ڳالھ ٽارڻ لاءِ هڪ دفعو ٻيھر الوٽ ٿي ويو. . . . . .
در جي ٻاهران ڪنھن کڙڪي تي منھنجون اکيون کليون ڀاڀي، ناصر مون ۾ ڪجهہ ڏسي رهيا هيا. لالا جو ساه اولو کڄي، سولو ۽ وري اولو ٿي پئي ويو. لالي جي کاٻي پاسي م ﷲ جل جلاله جي پينٽنگ تي مون نظر وڌي مونکي محسوس ٿيو تہ اها جل جلاله واري پينٽنگ نديم جي مٿي واري پاسي ڪجهہ هيٺ ٿي ويئي آهي. مونکي لالي جي ڀرسان واري ننڍڙي ٽيبل تي گلدستي ۾ پويل سمورا سرخ گلاب ڪاراٽجي ويل ۽ تازه خوشبودار موتئي جا گل ميرانجھڙا ۽ مرجهايل لڳا. دروازي جي مٿان ٽڪ ٽڪ ڪندڙ گهڙيال مان مونکي وحشت ٿيڻ لڳي ڄڻ اها ٽڪ ٽڪ ڪو ٽائيم بم هجي جيڪو منهجي من اندر حرڪت ڪندو هجي. مونکي لڳو تہ جڏهن گهڙيال جو سيڪنڊ ڪانٽو 12 تي پھچندو تہ منھنجي اندر گهرائي ۾ ڪو ڌماڪو ٿيندو ۽ مان ان بلاسٽ انجري ۾ پرزا پرزا ٿي ويندس. مان نديم تي نھار وڌي، هنجي غير معمولي پيلي ٿيل منھن ۾ گهور وڌي مونکي لڳو تہ منهجي وحشت منھن جي صبر کان زور ٿي منهجي اکين جا بند ڀڃي وجهندي. اهو ڀانئي تہ منهجي وحشت رڙ بڻجي ڪمري جي خاموشي جو ڪٿي سينو نہ چيري وجهي ڪنھن پاڳل جيان لوه پائي مان ڪمري مان ٻاهر نڪري وڃان ٿو. منهجي اکين جا نار منھنجا ڳل پسائيندي منھنجي قميص جو سارو اڳ آلو ڪري ويا هيا. سينيئر آفيسرس وارڊ جي سامھون ايمرجنسي بلاڪ جي آڏو ميرانجهڙي شام ۾ ماڻھن جون ٽوليون عجيب و غريب سڙٻاٽن ۾ ڪجهہ ڳالھيون ڪري رهيون هيون. جيسين مان ڪنھن کان ڪجهہ پڇان ۽ سمجهان ڪنھن زورسان پنجابي ۾ رڙ ڪئي تہ ” قلندر دي درگاه تي خودڪش حمله هويا سي تي ٻھون لوگ مر گئي ني. . . . “. مان پاڻ سنڀالي ڪمري ۾ واپس اچان ٿو . . . نديم ايڪسپريس چينل تي سيوهڻ واري قيامت جا اپ ڊيٽس ڏسي رهيو هيو ۽ بنا ڪجهہ ڳالھائڻ جي منھنجي منھن تي وکريل بوکلاهٽ ۾ ڪجهہ پڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هيو. . .

اڪبر جسڪاڻي

مرحوم شوڪت سنڌي دادو شھر جي محب وطن سياست جو وھائو تارو ھيو. انجو مٺائي جو دڪان، دادو ۽ انجي ڀر پاسي جي سياسي ڪارڪنن جي ويھڪ جو مرڪز ھيو. مامون شوڪت سنڌي ئي ھيو جنھن جي تعلق سان اڪبر جسڪاڻي جو سياست جھڙي ڇُوت جي بيماري سان ڳانڍاپو پيدا ٿيو. مامي شوڪت سنڌي سان اڪبر جسڪاڻي جو رشتو ڪيئن ٿيو انجو اڄ تائين ڪنھنکي سماءَ نہ پيو آھي. اڪبر جسڪاڻي جي آخري سڃاڻپ تہ اديب واري ھئي ليڪن ممنھنجي سمجهہ ۽ ساڻس گهاريل ڪجهہ گهڙين آڌار آءُ اھو سمجان ٿو تہ اڪبر جسڪاڻي سياسي ڪارڪن اڳ۾ اديب پوءِ آھي.
جڏھن آءُ اڃا مولود چوندو ھيس تڏھن اڪبر جسڪاڻي 1975-76 ڌاري بدنام زمانہ ڊي پي آر جي قانون ھيٺ چاڪنگ ڪرڻ جي الزام ھيٺ جيل جو منھن ڏسي آيو ھيو. انوقت اڪبر جسڪاڻي جيئي سنڌ جو ڪارڪن ۽ جي ايم سيد جو شيدائي ھيو. ھن لياقت جهتيال، غلام حيدر روستماڻي، ڊاڪٽر ھاشم ٿھيم، محمد شريف ٿھيم ۽ موليڏني چني جھڙن دوستن جو حلقو قائم ڪري ورتو ھيو۽ مٿي بيان ڪيل پھرين ٽن ڄڻن کي پاڻ سان گڏ ھو جيل جي ھوا بہ کارائي چڪو ھيو. ڀان سعيد آباد جي مولا بخش لغاري، روشن ٻرڙو ۽ خيرپور ناٿن شاھ جي عابد لاکير سان ھنجا واسطا انھي وقت مامي شوڪت سنڌي ذريعي ئي ٿيا. جوھي ۾ اڪبر جسڪاڻي جي ويھڻ جو مرڪز صبح جو بشير پنجابي جو ھوٽل ۽ شام جو سڪندر سرواڻ سومري جي ڪئبن ھوندي ھئي. وچ وارو باقي وقت ھنجو دادو ۾ شوڪت سنڌي وٽ بُڪ ھيو. اسماعيل کوسي ذريعي سڪندر سرواڻ جي ڪئبن تي منھنجو واسطو اڪبر جسڪاڻي سان پيو. پھرين ڪچھري ۾ بنا رک رکاءُ جي ھن مونکي ياد ڏيارياو تہ آءُ اھو آھيان جيڪو ھاءِ اسڪول جي اسيمبلي ۾ مولود چئي پاڪستان جي قومي تراني کي آئوٽ ڪرڻ جو ڪارڻ بڻيو آھيان. منھنجي انداز گفتگو مان ھن منھنجو نالو ”مُلان دُوسو“ بہ ڪڍي ورتو. منھنجي واسطي پوڻ جي ٿوري عرصي ۾ اڪبر جسڪاڻي جي سياسي گفتگو ۾ قومپرستي، سنڌ پرستي سان گڏوگڏ ھاڻ سوشلزم جو نالو بہ اچڻ شروع ٿيو ھيو. اڪبر جسڪاڻي جي سياسي سوچ ۾ تبديلي جو مرڪز ھاڻي بہ شوڪت سنڌي جي مـائي وارو دڪان ھيو جتي ھاڻي ڄام ساقي جو اچڻ وڃڻ شروع ٿي ويو ھيو. اڪبر جسڪاڻي جي انھي عبوري سياسي دور ۾ حيدرآباد جي حلقہ احباب ۾ وڏي اٿل پٿل نظر اچي ٿي ۽ ھو ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ ۽ ضمير لاڙڪ جي اڳواڻي ۾ قائم پروگريسو جيئي سنڌ سان رابطي ۾ اچي ٿو. اڪبر جسڪاڻي جي سياسي قبلي تبديل ٿيڻ سان اسان وٽ حق نواز جسڪاڻي، ڊاڪٽر شمس صديقي ۽ مظفر ڪلھوڙي جو اچڻ وڌي وڃي ٿو ۽ اسانجي سموري سنگت اڪبر جسڪاڻي جي ڪڍ انھن دوستن سان ڳنڍجي ٿي وڃي۽ حيدرآباد واري شوڪت برادرز واري جاءِ ۾ سياسي وابستگين ۾ ھڪ دفعو وري تبديلي اچي ٿي. 1978ع ۾ شيرين سومرو ڪيس ۾ سزا ڪاٽڻ لاءِ جڏھن آءُ لانڍي پھچان ٿو تہ اڪبر جسڪاڻي مونکي ”جادو ۽ سائنس“ جا ٽيئي جلد پوسٽ ذريعي موڪلي ٿو. شايد اھوئي سال اڪبر جسڪاڻي کي ڪميونسٽ پارٽي سان واڳي ٿوڇڏي جنھن سان مرڻ گهڙي تائين ھنجو رشتو برقرار رھي ٿو. اڪبر جسڪاڻي جو سياسي گُرو تہ مامون شوڪت سنڌي ھيو ليڪن ھن جو ادبي گرو نثار حسيني آھي. اڪبر جسڪاڻي جي چاليھي جي تقريب ۾ ڪجهہ مقررن جڏھن اڪبر جسڪاڻي جي سياسي سوچ، فڪر ۽ وابستگي تي ڳالھايو تہ نثار حسيني ان ڳالھ کي مڃڻ کان ئي انڪار ڪيو تہ ڪو اڪبر جسڪاڻي ڪميونسٽ سوچ ۽ ڪميونسٽ پارٽي سان لاڳاپيل ھيو. اڪبر جسڪاڻي پنھنجي سياسي يا تنظيمي وابستگي تہ ماڻھن کان ممڪن آھي لڪائي ھجي ڇو تہ ھو جنھن پارٽي سان لاڳپيل ھيو ان جو ڪم ڪرڻ جو طريقہ ڪار خفيہ ھيو ليڪن انھي فڪر سان ڳانڍاپي کي لوڪ کان ڪڏھن نہ لڪايو. آءُ جڏھن 1980ع ۾ چانڊڪا ميڊيل ڪاليج پھتس تہ آءُ تنظيمي طور تي پروگريسو جيئي سنڌ جو ڪارڪن ھيس ليڪن اتي ڪوبہ سياسي رابطو پھرين مون سان گهنشام پرڪاش ڪيو جيڪو انھي پارٽي جي شاگرد محاذ جو سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو سرگرم ڪارڪن ھيو. گهنشام پرڪاش کي منھنجو رابطو اڪبر جسڪاڻي ڏنو ھيو. انھي گهنشام پرڪاش ذريعي پھرين آءُ پارٽي جو اميدوار ميمبر ۽ بعد ۾ باقاعدہ ميمبر بڻيس. اڪبر سموريون ڳالھيون ڀوڳن چرچن ۽ ھلڪي ڦلڪي انداز ۾ ڪرڻ جو عادي ھيو. جڏھن ڪنھن ھفتي جي آخر ۾ ڳوٺ ۾ ملاقات ٿيندي ھئي تڏھن اڳواٽ معلوم ٿيل ڳالھ جي پڪ پڪاڻي ڪندو ھيو تہ ڏي خبر ”پالٽي“ (پارٽِي) ۾ شامل ٿيو آھين يا نہ. ڪنھن اھم فيصلي ڪرڻ لاءِ يا شاگرد محاذ جي چونڊ کان اڳ پارٽي شاگرد محاذ جي ڪجهہ اھم ڪارڪنن جو اجلاس جنھن کي فريڪشن سڏبو ھيو، گهرائيندي ھئي انھن اجلاسن جون تاريخون ۽ جڳھ اڪبر کي معلوم ھوندا ھيا. ڪنھن حد تائين اڳواٽ طئي ٿيل فيصلا بہ ٻڌائيندو ھيو، جيڪي پارٽي طئي ڪري پوءِ ھيٺ شاگرد محاذ ۾ لاھيندي ھئي. اڪبر جسڪاڻي پارٽي جي ڪھڙي ليول جو ڪارڪن ھيو سا تہ مير ٿيٻي ۽ تاج مري يا ان وقت جي صوبائي قيادت کي خبر ھوندي ليڪن اڪبر گهٽ ۾ گهٽ صوبائي سطح تائين پارٽي معاملن کان باخبر ھوندو ھيو. مشھور زمانہ ڄام ساقي ڪيس سميت پارٽي جي ڪجهہ محاذن تي محنت ۽ جدوجھد جي نتيجي ۾ پارٽي ڪيڊر کان دانشور لڏي تائين چڱو خاصو اضافو ٿيو. ڄام ساقي جي آزاد ٿيڻ کانپوءِ اميد پيدا ٿي تہ پارٽي ھڪ ڇال لاءِ تياري جي مرحلي ۾ آھي ليڪن اھا پارٽي روايتي تنگ نظر، گروھي ۽ شڪي سوچ مان جان نہ ڇڏائي سگهي ۽ 1986ع ۾ انھي جي مرڪزي ڪميٽي اڪثريت ۽ اقليت ۾ ورھائجي ويئي. لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد جو فاصلو اسانجي سياسي وابستگين ۾ نڪري نروار ٿي بيٺو. اڪبر جمال نقوي سان جڏھن تہ آءُ مير ٿيٻي ۽ رحيم بخش جعفري وارن سان گڏ ھيس. اڪبر لاءِ الميو اھو بہ ھيو تہ ھن ورھاست ۾ امداد چانديو جنھن کي ھو پيار سان ”شيدُو“ سڏيندو ھيو اھو بہ ھنکي پنھنجي خلاف بيٺل نظر ھيو ۽ اھو بہ ھنجي خيال مطابق سوشلزم جي علمبردارن بجاءِ سرمائيدارن ۽ سامراجي ايجنٽن سان گڏ بيٺو ھيو. اڪبر جسڪاڻي ان ڏينھن ڏاڍو مايوس ٿيو جنھن ڏينھن جمال نقوي ۽ ڄام ساقي جون راھون بہ جدا ٿي ويون ۽ اھي ھڪٻئي کي سامراج ۽ سرمائيدارن جو ايجنٽ چئي ھڪٻئي کان الڳ ٿي ويا. اڪبر جسڪاڻي اسٽالن جو مداح ھيو ۽ انھي اسٽاليني سوچجي ڪڍ ھو آخر تائين جمال نقوي سان گڏ بيٺو رھيو. انھي سموري سياسي فڪري تنظيمي ڊاھ باوجود اڪبر جسڪاڻي کي اھا ڌنڌلي آس ضرور ھئي تہ ھڪ ڏينھن وري سڀ ڪجهہ تبديل ٿي نئين شڪل ۾ بھتري ڏانھن ورڻو آھي ۽ سوشلزم جي فتح ٿيڻي آھي. اڪبر جسڪاڻي جو واسطا، رشتا ناتا، رويا، مٽجي ويا، ھنجي زندگي گذارڻ جو رنگ ڍنگ مٽجي ويو ليڪن 13 آگسٽ 1999ع تائين ھنجي سياسي فڪر ۾ ڪابہ تبديلي ڪونہ آئي. جڏھن اڪبر جسڪاڻي حيدرآباد ۾ شوڪت برادرز واري جڳھ ۾ رھندو ھيو تہ ھنجي رھائشگاھ تي ڏاکڻي ڀت تي مئڪسم گورڪي جي تصوير لڳل ھوندي ھئي، اھا شيشي جي البم ۾ لڳل تصوير سحرش نگر جي ويراني ۾ بہ وڃي پھتي. ساڻس آخري ملاقات 9 آگسٽ جي لھندڙ شام اھا تصوير مون سحرش نگر جي ويران گهر ۾ ڏٺي ھئي جنھن تي دز چڙھيل ھئي. مئڪسم گورڪي جي محنت ڪش ”ماءُ“ ۽ بتين واري ناني جي “ماسي“ ۾ ھڪ قدر مشترڪ آھي تہ اھي ٻيئي ھيٺين طبقي جون پورھيت عورتون ھيون ۽ اھو پيڙھيل، زماني جو ستايل، ڌڪاريل، نفرتن ۽ ذلتن جو شڪار اھو طبقو ئي اڪبر جسڪاڻي جي ڪھاڻين جو مرڪزي ڪردار ۽ ھيرو آھي جنھن کي ھن جي خيال ۾ ھڪ ڏينھن ھي ظلم، نانصافي ۽ متڀيد تي ٻڌل سماج ڊاھڻ جو فرض ادا ڪرڻو آھي جن جي سپنن جي ساڀيان لاءِ واصل فقير جي قبرستان ۾ ٻہ اکيون ھاڻي ھميشہ لاءِ منتظر رھجي ويون آھن .

اڪبر جسڪاڻي جي پھرين ورسي تي پڙھيل

ارباب کھاوڙ ۽ وطن دوست انقلابي پارٽي

”پيارا ڀاءُ
اوھانجو خط Redirect ٿي مونکي مليو آھي. اوھان کي جيئن اڳئين خط جو جواب ڏنو ويو ھيو تيئن اوھان ڏانھن رسالن موڪلڻ جو پڪو سعيو ھوليڪن پوءِ شڪارپور اتان سيٺارجا اچڻ ڪري ائين نہ ٿي سگهيو ۽ اھڙي طرح اوھان جي ايڊريس بہ گم ٿي ويئي، ھاڻي جو اوھانجو وري خط مليو آھي تہ ڪوشش ڪري اوھان ڏانھن رسالا موڪليا ويندا. ستين ڪتاب جا في الحال امڪان ڪونہ آھن ڇاڪاڻ تہ پريس تيار ڪونہ ٿي ٿئي، اھا اسانجي مجبوري آھي. اوھانجي دلچسپي جو اسان کي احساس آھي. اميد تہ اوھان وطن دوست ٻار پڙھيو ھوندو. اوھين ڪراچي کانپوءِ نواز وارن سان رھيا ھئا تنھن جي بہ اسانکي خبر پئي ھئي. جڏھن قربان جسڪاڻي ڪجهہ سامان سان اوھان سان ملڻ آيو ھو تڏھن اوھان وري دادو پھچي ويا ھئا. اسانجي دلي تمنا آھي تہ اوھين ھميشہ خوش ھجو.

توھانجو
ارباب.

مٿيون سٽون ھڪ خط جو متن آھي جيڪو ھن وقت بہ منھنجي آڏو پيل آھي.
رسالي مان مراد ”وطن دوست “ پبليڪيشنز، جڏھن تہ نواز جو مطلب حق نواز جسڪاڻي آھي جيڪو تنھن وقت سکر سينٽرل جيل ۾ قيد ھيو.

ھن خط تي ائڊريس، ” حميد سومرو معرفت حڪيم غلام قادر سومرو پوسٽ آفيس جوھي دادو ۽ تاريخ 21 مارچ 1979 “ لکيل آھي.
خط موڪليندڙ جو نالو، ”ارباب کھاوڙ پوسٽ آفيس سيٺارجا ضلع خيرپور ميرس “ لکيل آھي.
ھن خط کي ساروڻين ۾ شامل ڪرڻ جو مقصد اھو آھي تہ منھنجي سرگرم تنظيمي سياست جي شروعات پروگريسو جيئي سنڌ/ وطن دوست سان ٿي، تنھن وقت وطن دوست وارا ائين رابطو رکندا ھيا توڙي جو وطن دوست ۾ منھنجو پڙاءُ ھڪ سال رھيو ليڪن مون جڏھن ھي ساروڻيون لکيل لاءِ پراڻا ڪاغذ ڦلھوريا تہ انھن ۾ نہ صرف ارباب کھاوڙ بلڪہ مظفر ڪلھوڙو، مرتضي کھڙو، ذوالفقار قاضي جا خط، خطن واري فائيل۾ پيل ھيا بلڪہ سکر سينٽرل جيل ۾ ڪجهہ عرصو ھم جيل ھجڻ واري ساٿي حق نواز جسڪاڻي جا اڌ ڊزن خط موجود ھيا. انھن خطن ۾ تمام وڏو ذخيرو ھمت پتافي جي خطن جو آھي جنھن ڪوٽڙي ڪاليج ۾ نوڪري دوران طويل خط لکي منھنجي سياسي، نظرياتي تربيت ڪئي. جڏھن مان 1981ع ۾ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل ٿيس تہ باقي سنگت تہ خط و ڪتابت ختم ڪئي ليڪن اسماعيل کوسو جيڪو منھنجو بچپن جو دوست ھيو اھو وطن دوست ختم ٿيڻ تائين انھي سان سلھاڙيل رھيو تنھن سان خط وڪتابت کانپوءِ رابطہ ڪاري دوستي اڄ تائين جاري آھي. اسماعيل کوسي، ھمت پتافي، حق نواز جسڪاڻي، ذوالفقار قاضي جا تنظيمي، سياسي، نظرياتي موضوعن تي لکيل خط جيڪڏھن ترتيب ڏجن تہ ھڪ ڪتاب جيترو مواد ٿي ويندو.
وطن دوست انقلابي پارٽي جي سياسي اڀار جو عھد منھنجي سياسي سرگرمي جي عروج جو عھد بہ آھي جيڪو جنرل ضِاءَ جي مارشلا کان شروع ٿي ملڪ اندر سول دور جي واپسي سان ختم ٿئي ٿو. سنڌ جي مزاحمتي سياست ۾ وطن دوست جو اھم ڪردار آھي ۽ وطن دوست جي سياست وري ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ جي سياست جو حوالو آھي انڪري منھن جون ساروڻيون انھي موضوع جي تذڪري کانسواءِ اڌوريون ھونديون.
سال 1977ع ۾ جنرل ضياءُ الحق جي مارشلا اچڻ سان جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ تنظيمي ڏڦيڙ پيو ۽ ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ جي فڪري قيادت، جيئي سنڌ جي مک اڳواڻ ۽ رسالي ”اڳتي قدم “ جي سھيڙيندڙ ضمير لاڙڪ جي اڳواڻي ۾ پروگريسو جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جنم ورتو. تنھن وقت ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ڊماسنٽريٽر طور پڙھائيندو ھيو. جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ اھو ڏڦيڙ تہ تنظيم ۾ طبقاتي سوال کي اھميت نہ ڏيڻ سان شروع ٿيو ليڪن جي ايم سيد پاران ضياءَ جي حمايت، جمھوري سوال کي اھميت نہ ڏيڻ جي صورت ۾ تڪرار بڻجي ظاھر ٿيو ۽ِ پوري جيئي سنڌ ۾ ڦھلجي ويو. تنھن وقت جوھي ۾ اڪبر جسڪاڻي، شريف ٿھيم، اسماعيل کوسو ۽ مان فڪري طور تي جيئي سنڌ سان لاڳپيل ھياسون. انھي دوران اڪبر جسڪاڻي اسان جي گروپ جو مينٽور ھيو ۽ سندس واسطا ھمت پتافي، حق نواز جسڪاڻي، شمس صديقي سان پڻ ھيا جيڪي جيئي سنڌ جي باغي ڌڙي جي اڳواڻن ارباب کھاوڙ ۽ ضمير لاڙڪ سان گڏ ھيا. ضمير لاڙڪ انوقت جيئي سنڌ جو اھم رھنما ليکيو ويندو ھيو، سندس ادارت ھيٺ نڪرندڙرسالو ” اڳتي قدم “ قومي فڪر جي ترويج ڪندو ھيو. تن ڏينھن ۾ ضمير لاڙڪ سنڌ يونيورسٽي ۽ شمس صديقي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو جا شاگرد ھيا جڏھن تہ انھي گروپ جو ھڪ اھم نظريہ دان ھمت پتافي ڪوٽڙي ڪاليج ۾ ليڪچرار ھيو. 1978ع کان 1979 دوران شمس صديقي، مظفر ڪلھوڙو ۽ حق نواز جسڪاڻي جوھي پڻ ايندا رھيا. جيئي سنڌ مان بغاوت کانپوءِ ضمير لاڙڪ ۽ نواز جسڪاڻي جي ادارت ۾ ”وطن دوست“ نالي سلسليوار فڪري مخزن پڻ جاري ٿيو جنھن ۾ ملڪي ۽ غيرملڪي موضوعن ۽ شخصيتن تي انتھائي فڪرانگيز مواد شامل ھوندو ھيو. انھي رسالي ۾ ارباب کھاوڙ، ” ا. س. ناصر “، جي نالي سان مضمون لکندو ھيو. 1979ع ۾ پروگريسو جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ڪنوينشن ٿيو جنھن ۾ شمس صديقي چيئرمين جڏھن تہ مظفر ڪلھوڙو ۽ مرتضي کھڙو وائيس چيئرمين چونڊيا. شريف ٿھيم کي پروگريسو جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ضلع دادوجڏھن تہ مونکي گورنمينٽ ڪاليج دادو جو يونٽ آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو. آڪٽوبر 1978ع ۾ شيرين سومرو جو ڪيس ٿيو جنھن ۾ احتجاج جي نتيجي ۾ آءُ گرفتار ٿي ھڪ سال سزا ڪاٽڻ لاءِ جيل ھليو ويس. لانڍي بورسٽل جيل ۾ قيد دوران سال 1978ع ۾ پروگريسو جيئي سنڌ جا ساٿي فقير محمد لاشاري، صادق بڙدي ۽ سليمان چارڻ پڻ مون سان جيل ۾ ملڻ آيا.
پروگريسو جيئي سنڌ جيڪا شروع ۾ ڪجهہ پڙھيل لکيل نوجوانن تائين محدود ھئي اھا سنڌ ۾ 1880 تائين سنڌ اندر قابل ذڪر فڪري گروپ ”وطن دوست “ گروپ جي صورت ۾ سامھون اچي ويئي. 1980ع ۾ جڏھن عوامي تحريڪ ۾ ڦوٽ پئي تہ شيرخان لنڊ، عزيز ڪينجهرائي، محمد خان احمداڻي، ابراھيم سوھو، عبدالرحمان نقاش سميت ڪافي ڪارڪن پڻ انھي ڌر سان جڙي پيا. ائين لاڙڪاڻي ۾ سرگرم ٽريڊ يونين تنظيم لاڙڪاڻو ليبر فيڊريشن جنھن عزيز عباسي، منظور اھير ۽ عبدالقادر ملگاڻي جي اڳواڻي ۾ ڪم پئي ڪيو سا پڻ وطن دوست سان سلھاڙجي ويئي. تيسين وطن دوست پبليڪيشن جا ست پرچا نڪري چڪا ھيا جنھن ۾ شامل مواد سنڌ جي فڪري ڪچھرين، اسٽڊي سرڪلن ۾ بحث ھيٺ ايندو ھيو. انھي ۾ موجود مواد ذريعي، ” وطن دوست “ سنڌ، پاڪستان جي محنت ڪش طبقي جي سياست کي نئين زاويئي سان ڏسڻ جي دعوا ڪئي بلڪہ انھن پرچن ذريعي سنڌ جي سياسي پرت تي وڌيڪ عالم آشڪار ٿيو تہ گهانا جي انڪروما، گني بسائو جي ايملڪار ڪئبرال، ڪانگو جي پيٽرس لوممبا، جي جدوجھد جو فڪري محرڪ ڇا آھي ۽ موزمبيق، زمبابوي، انگولا سميت ڪينيا جي مائو مائو تحريڪ سميت آفريڪا جي جنگ آزادي ڪھڙي مرحلي تي آھي پڻ زبان تي عام ٿيو تہ ھند چيني ۾ ويٽنامي انقلاب، گوريلا تحريڪ جي قائد ھوچي منہ ۽ سندس نائب جنرل جياپ جي قيادت جو ڪردار ڪيئين غيرمعمولي آھي ۽ ڪمپوچيا ۾ سوشلزم جي نالي ۾ ”کيمرروج“ ۽ ”پول پاٽ“ جي آمرانہ، وحشيانہ طرز حڪمراني جي خاتمي لاءِ ويٽنام جي مداخلت کي ڪيئن مختلف نظر سان ڏسڻ جي ضرورت آھي. انھي دوارن وطن دوست پبليڪيشنز جي پرچن سميت انھن جي ڪارڪنن ۽ قيادت پاران اپريل 1978ع جي ثور انقلاب ۾ خلق پرچم جهيڙي، ايران ۾ 1979ع کان پوءِ تودہ پارٽي، فدائين خلق ۽ مجاھدين خلق جي سياست ۽ حڪمت عملي تي زوردار بحث مباحثا ٿيندا ھيا. وطن دوست پاڪستان کي ھڪ جبري الحاق ظاھر ڪندي اھو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي تہ جيسين جبري الحاق نٿو ٽٽي تيسين باقي حقن جو ملڻ مشڪل آھي، ان باوجود ملڪ اندر جاري حقن جي تحريڪن ۾ شرڪت کي ضروري قرار ڏنو. انھن بحثن جي نتيجي ۾ جنرل ضياءَ الحق جي آمريت خلاف سنڌ ۾ نوجوانن جي ڀرپورمزاحمتي کيپ سياسي ميدان ۾ نڪري آئي. سال 1983ع ۾ ايم آرڊي ۾ شامل پارٽين فيصلو ڪيو تہ جنرل ضياءَ جي مارشلا جي خاتمي ۽ جمھوريت جي بحالي لاءِ پوري ملڪ جي مُک ۽ مقرر ڪيل شھرن ۽ جاين تي نعرا ھڻي صرف گرفتاريون ڏيڻيون آھن. انھي تحريڪ ۾ عوامي تحريڪ۽ انجي عورتن جو محاذ سنڌياڻي تحريڪ سرگرم ھئي ۽ ڪميونسٽ پارٽي پڻ پنھنجي کليل محاذن ذريعي شريڪ ھئي تہ وطن دوست انقلابي پارٽي جا ڪارڪن پڻ شريڪ ٿيا. انھي جدوجھد کي ڪميونسٽ پارٽي، عوامي تحريڪ مزاحمتي رنگ ڏيندي جلسا جلوس ريليون ڪڍيون ۽ گرفتاريون ٿيون جنھن ۾ وطن دوست جي دوستن جي قربانين جو ذڪر پڻ اچي ٿو. انھي عرصي ۾ پروگريسو جيئي سنڌ، يونيورسٽين ڪاليجن ۾ جيئي سنڌ کي ھٿيار جي استعمال جي جواب ۾ ھٿيار استعمال ڪندي چيلينج ڪيو. اھڙو خوفناڪ جهيڙو سپيريئر سائنس ڪاليج ۾ بہ ٿيو جنھن جي تسلسل ۾ شاھ لطيف ڪئمپس خيرپور ۾ جيئي سنڌ جي شاشو خانن کي زوردار ڪٽڪو ڪڍيو ويو جنھن ڪٽڪا ڪاري جي قيادت وطن دوست جي مزاحمتڪار ابراھيم سوھو پئي ڪئي. جيئي سنڌ لاءِ ھڪ عبرتناڪ واقعو مھراڻ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ بہ ٿيو جتي جيئي سنڌ جي قبضي ھيٺ رھندڙ ھاسٽل تي پروگريسو جيئي سنڌ جي ھٿيار بند ڪارڪنن قبضو ڪيو . جڏھن تہ انھي کان اڳ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ھٿيار جي زور تي ڏاڍ ڪرڻ، ھاسٽلن تي قبضا ڪرڻ، ٻين تنظيمن جا جلسا ڦٽائڻ، ٻين تنظيمن جي ڪارڪنن سان غنڊا گردي ۽ جهيڙيڪار روايت جا امين صرف جيئي سنڌ وارا ئي ھوندا ھيا. ان وقت ھٿيار جو نماءُ سپاف بہ ڪندي ھئي. ليڪن ٽين ڌر جنھن ھٿيار کڻي جيئي سنڌ سان تعليمي ادارن ۾ مھاڏو اٽڪايو اھا پروگريسو جيئي سنڌ ھئي. 1983ع ۾ پروگريسو جيئي سنڌ، وطن دوست جو نوجوانن، سندن مزدور محاذ رومڙ ڪري ايم آر ڊي تحريڪ ۾ انکي مزاحمتي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن سبب سندس سياسي ڪارڪنن جو مورال بلند ٿيو ۽ سياست ۾ کين مڃتا ملي ائين ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ھٿيار جي سياست خلاف ھٿيار بند مزاحمت پڻ ڪاليجن يونيورسٽين ۾ شاگردن نوجوانن ۾ اتساھ پيدا ڪيو ۽ سياسي ڪيڊر جي پروگريسو جيئي سنڌ سان جڙت ۾ اضافو ٿيو. ڪاليجن يونيورسٽين ۾ پروگريسو جئي سنڌ جي اھڙي مزاحمتي عمل ۾ مزدور محاذ جا نوجوان پڻ شانہ بشانہ پنھنجي ساٿين سان ٻٽ رھيا. سنڌوطن دوست انقلابي پارٽي جي فيصلہ ساز اداري 1982ع ۾ ڊفينس ڪميٽي جوڙي انقلابي سياست کي سگه وٺرائن لاءِ پئسو گڏ ڪرڻ لاءِ وارداتون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جنھن جو ھڪ نتيجو وطن دوست اندر ڏوھاري عنصر جا پير کوڙڻ جي صورت ۾ ظاھر ٿيو. انھي عنصر جي شموليت، ھٿيار کڻڻ انھي جي نماءَ سان وطن دوست جي سڃاڻ ھڪ عرصي لاءِ ھڪ مزاحمتي عنصر طور تہ ٿي ليڪن آھستي آھسٽي ڏوھاري عنصر پنھنجي من ماني ھلائڻ لڳو ۽ پوءِ ” ھمراھ تہ ڪنبل مان ھٿ ڪڍڻ لاءِ تيار ھيو ليڪن ڪنبل جان ڇڏڻ لاءِ تيار نہ ٿيو “، نتيجي ۾ پارٽي جي ساک کي شديد نقصان پھتو.
وطن دست انقلابي پارٽي جي ڏھ سالا اڀار کانپوءِ زوال جو مختصر ليکو ڪجي تہ انجا مثبت ۽ ڪمزور پاسا ڪجهہ ھيئن ٿي سگهن ٿا.
وطن دوست انقلابي پارٽي سنڌ ۾ طبقاتي سياست جي ھڪ دعويدار ڌر طور ظاھر ٿي۽ ٿوري عرصي ۾ پاڻ مڃايائين.
سنڌ جي انقلابي سياست ۾ ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ جو نروار ٿيڻ جيڪو جنرل ضياءَ جي دور ۾ رسول بخش پليجي ۽ ڄام ساقي سان گڏجي مزاحمتي ٽيڙو جي صورت ۾ سامھون آيو.
ڊاڪتر ارباب کھاوڙ جو ھڪ نظريہ دان دانشور طور سامھون اچڻ جيڪوھر گڏجاڻي ۾ ڪنھن نہ ڪنھن معاملي تي لکي ايندو ھيو جنھن کي ھو ”ٿيسز“ سڏيندو ھيو جنھن تي ھر ڪنھن کي تياري ڪري ڳالھ ٻولھ رکڻ تي اتساھيو ويندو ھيو ۽ اھو بحث ڪارڪنن تائين لاٿو ويندو ھيو.
وطن دوست جي جتي بہ تنظيم ھوندي ھئي اتي ڪارڪن مختلف موضوعن تي اسٽڊي سرڪل ھلائيندا ھيا جن۾ ھلڪي سلڪي سياسي سوجه بوجه رکندڙ ماڻھو پڻ ويھاريا ويندا ھيا. نتيجي ۾ جتي ڪٿي پڙھيل نوجوانن سياسي ڪارڪنن جو چڱو خاصو ڪيڊر تيار ٿيو.
”وطن دوست “، ”آڳڙيو“ ”سرواڻ “ پرچا انتھائي معياري ھوندا ھيا جن کي پڻ اسٽڊِي سرڪل ۾ پڙھيو ويندو ھيو ۽ اھي پرچا ڪميونسٽ پارٽي ۽ عوامي تحريڪ جا ڪارڪن ۽ ساڃاھ وند پڻ شوق سان پڙھندا ھيا.
وطن دوست، ڪراچي ۾ سنڌي ٻولي پڙھائيندڙ استادن جي تنظيم شاھ لطيف ٽيچرز ائسوسيئيشن ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو جتان صادق بڙدي سليمان، چارڻ جھڙا محنتي ڪارڪن اڀري نڪتا ۽ وطن دوست جي سياست ڦھلائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو.
وطن دوست سنڌ جي ھر ننڍي شھر ۾ موجود ٻيڙي ٻاڌن ۾ پڻ تنظيم ڪاري ڪئي. سنڌ ۾ وطن دوست اھا تنظيم ھئي جنھن انھي محنت ڪش گروپ کي ٽارگيٽ ڪيو جتان قربان جسڪاڻي، شبير سولنگي جھڙا مزاحمت ڪار اڀري نڪتا. ل اڙڪاڻي، ڏوڪري، باڊھ سميت سموري سنڌ جي ٻيڙي ٻاڌن وطن دوست جي پيغام کي ڦھلائڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو. شبير سولنگي اڳتي ھلي ڄام ساقي، جمال نقوي جي قيادت ۾ ڪم ڪندڙ ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جو ميمبر ٿيو ۽ ھڪ ڏينھن انقلابي سياست کي تياڳي مايوس ٿي لاڙڪاڻي شھر ۾ پنھنجي ڳچي ۾ تئو ٽنگي سياست کان توبہ تائب ٿيو ۽ انقلابي سياست لاءِ خواري جو باعث بڻيو.
وطن دوست 1983ع ايم آر ڊي تحريڪ جدوجھد دوران، ڪميونسٽ پارٽي، عوامي تحريڪ مزاحمتي ڪردار ادا ڪيو جنھن ڪري ايم آر ڊي پاران سيٽ ٿيل طريقي ڪار ٽٽي پيو ۽ سنڌ جي جمھوري جدوجھد کي عوامي رنگ ڏيڻ ۾ جوڳو ڪردار ادا ڪيو.
مزاحمت جو ھڪ رنگ تعليمي ادارن ۾ جيئي سنڌ جي ڏاڍ کي چيلينج ڪرڻ بہ اھم آھي جنھن ۾ خيرپور، ڄامشوري ۽ لاڙڪاڻي ۾ اھو ثابت ڪري ڏيکاريو تہ تعليمي ادارن ۾ ڪنھن جي ڏاڍ مڙسي نہ ھلڻ ڏبي. جيئي سنڌ جي زيادتين باوجود مزاحمت جي اھڙي طريقہ ڪار کي ڪميونسٽ پارٽي ۽ عوامي تحريڪ رد پئي ڪيو ليڪن وطن دوست جو اھڙو عمل شاگرد سياست ۾ ھڪ نئون عنصر ٿي سامھون آيو.
مزاحمت جي حوالي سان لاڙڪاڻو ليبر فيشريشن، وطن دوست مزدور فيڊريشن پڻ پاڻ ملھايو، الائيڊ ٽيڪسٽائيل مل ۽ شھدادڪوٽ ٽيڪسٽائيل مل ۾ مزدورن جي شاندار جدوجھد جي نتيجي ۾ مزدورن جا مطالبا مڃرائڻ غيرمعمولي ھيو. وطن دوست کي عزيز عباسي، منظور اھير، محمد خان احمداڻي، عبدالقادر ملگاڻي جھڙا مزدور ليڊر مليا جن ٽريڊ يونين سياست ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو.
وطن دوست انقلابي پارٽي ”وطن دوست“، ” آڳڙيو“، ”سرواڻ “ سان گڏ ٻارن لاءِ وطن دوست ٻار ۽ ھيمون رسالي جو اجراءِ پڻ ڪيو ان سان گڏ وقفي وقفي سان پمفليٽن ذريعي ڪارڪنن سان مسلسل رابطو رکيو ويو.
شايد ئي ڪنھن ترقي پسند تنظيم ٿوري عرصي ۾ ايترا پڙھيا لکيا ماڻھو پيدا ڪيا جيترا وطن دوست جي ورثي ترقي پسند تحريڪ کي ڏنا جن ۾ ھمت پتافي، اظھر خواجہ، نواز جسڪاڻي، فقير محمد لاشاري، شمس صديقي، مظفر ڪھلوڙو، امداد قاضي، ذوالفقار قاضي، مرتَضي کھڙو، عرض رتڙ، قربان جسڪاڻي، عبدﷲ سمون، غفار مزاري، عزيز ڪينجهرائي، ديدار سولنگي، سميت لاتعداد پڙھيا لکيا ماڻھو شامل ھيا.
وطن دوست انقلابي پارٽي جي ڪمزورپاسن ۾ ھڪ ڳالھ اھا تہ سياست ۾ جنھن نموني جو ان ڏيک ڏنو ان ۾ محسوس ڪرايو تہ ھن ملڪ ۽ خطي ۾ کانئن اڳ۾ ڪا انقلابي ڪميونسٽ سياست نہ ھئي جڏھن تہ ھن خطي ۾ 1920ع کان ڪميونسٽ پارٽي ڪم ڪيو پئي جنھن جي سياست ۾ اتار چڙھاءُ بہ آيا. ڪميونسٽ پارٽي گنگاڌر اڌيڪاري ٿيسز ھيٺ 1942ع ۾ پاڪستان ٺھڻ جي حمايت ڪئي، 1948ع ۾ پنھنجي غلطي تسليم ڪندي بورجوازي سان اتحاد ڪرڻ بجاءِ انقلابي لائين ڏني. پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي ٺاھي ويئي ۽ 1951ع جي بغاوت کان پوءِ 1954ع ۾ پابندي ھيٺ رھي ۽ سختين سبب نيشنل عوامي پارٽي جھڙي متحدہ محاذ ۾ سياست ڪئي. انھي سلسلي کي پاڻ سان جوڙڻ بجاءِ اھا لائين ورتي ويئي جيڪا رسول بخش پليجي ورتي تہ ساڻن کان اڳ ملڪ سميت سنڌ اندر ڪا انقلابي ڪميونسٽ سياست نہ ھئي.
ملڪ جي اندر ڪم ڪندڙ ڪميونسٽ پارٽي جيڪا 1951ع کان مسلسل عتاب ھيٺ رھي رياستي جبر ۽ ڏاڍ جو شڪار رھي وطن دوست ان کي سياسي مخالف بجاءِ ھڪ دشمن طور ڏٺو، ڪڏھن بہ انجي ڪنھن ڪم کي چڱو سمجهي انقلابي تحريڪ کي وسيع ڪرڻ جي ڪوشش نہ ڪئي وئي. جنھن پروگرام کي اڳتي ھلي وطن دوست انقلابي پارٽي پڻ اپنايو ان پروگرام تحت ڪميونسٽ پارٽي اڳ ۾ ئي ڪم ڪيو پئي. وطن دوست انقلابي پارٽي پنھنجون تمام گهڻيون توانائيون ڪميونسٽ پارٽي کي غيرانقلابي ثابت ڪرڻ ۾ لڳايون جنھنجو نقصان صرف انقلابي سياست کي پيو. گهڻ ڌرين بحث مباحثن ۾ وطن دوست اڪثر ڪري ڪميونسٽ پارٽي مخالف رجحانن سان گڏ بيٺل ھوندي ھئي. انھي عرصي دوران ڪميونسٽ پارٽي جو وطن دوست ڏانھن رويو دوستانہ ۽ جوڙڻ وارو رھيو.
ملڪ ۾ موجود ڪميونسٽ پارٽي سميت ڪنھن بہ ڌر تي تي تنقيد ڪرڻ غلط نہ آھي ليڪن وطن دوست جھڙي ڌر جيڪا مارڪسزم ليننزم سميت ملڪ ۾ سوشلسٽ انقلاب جي داعي ھئي ان ڪميونسٽ پارٽي کي پڻ ان معيار تي پئي پرکيو ۽ تنقيد ڪئي جيڪو عوامي تحريڪ ۽ جيئي سنڌ جي وطيرو رھيو جيڪو انقلابي تحريڪ جي جڙت ۾ رڪاوٽ ثابت ٿيو مثال طور ڪميونسٽ پارٽي جي زير زمين رھڻ کي مذاق بنائڻ، انجي قيادت کي ڌرتي جو نہ سمجهي تنقيد ڪرڻ، ملڪگير، متحدہ محاذ جي سياست تي جلھ ڪرڻ شامل آھي.
ھڪ عرصي تائين وطن دوست جا ساٿي پنھنجي ڪچھرين ۾ لساني متڀيد جو شڪار ٿي پنجابي مھاجر مخالف رھيا ۽ جبري الحاق جي راڳ ھيٺ پاڪستان جي صورتحال کي برطانيہ ۾ آئرلينڊ سان جوڙي انگريز مزدور جي پنجابي مھاجر مزدور سان ڀيٽ ڪندي انجي ڪنھن بہ انقلابي ڪردار کان انڪار ڪندا رھيا ۽ نتيجي ۾ محنت ڪش طبقي جي سياست ۾ تنگ نظري جو شڪار رھيا.
ڪميونسٽ پارٽي جي متحدہ محاذ يعني نيشنل عوامي پارٽي، پاڪستان نيشنل پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي ۾ ڪم کي ڪميونسٽ تحريڪ ۾ پڇ لٽڪائو سڏيندا رھيا جڏھن تہ اھڙي ئي بندوبست ھيٺ ”قومي انقلابي پارٽي “ جو حصو ٿي رھيا ۽ آخر ۾ تہ ڊاڪتر ارباب کھاوڙ مورڳو بشير قريشي جي اڳواڻي ۾ قائم جسقم جو حصو بڻجي ويو.
انقلابي تحريڪ ۾ فنڊ ڪٺو ڪرڻ لاءِ ڌاڙا ھڻڻ، بئنڪون ڦرڻ کي پارٽي لائين بنائيندي ڊفينس ڪميٽي ٺاھي ويئي، ان سان اھو ٿيو تہ ڪجهہ پئسو آيو، سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شاشو خان وارو تاثر تہ مضبوط ٿيو، ڪجهہ عرصي لاءِ پارٽي پبليڪيشنز جھڙوڪ ہ سرواڻ بھتر نموني ڪڍيو ويو ليڪن انھي عمل ڏوھاري عنصر لاءِ پارٽي ۾ گنجائش پيدا ڪئي جيڪو اڳتي ھلي وڏي نقصان جو ڪارڻ پڻ بڻيو.
وطن دوست پنھنجي پبليڪيشنز ۾ تہ سنڌ جي انقلابي جدوجھد کي ملڪ سميت عالمي جدوجھد سان جوڙيو پئي ليڪن سنڌ سميت ملڪ اندر انقلابي تحريڪ کي جوڙڻ جي ڪوشش نہ ڪئي ويئي بلڪہ ڪميونسٽ پارٽي تي اجائي ۽ غيرضروري تنقيد ۽ ھلان ڪري انقلابي تحريڪ جي ملڪ گير تحريڪ بڻجڻ واري عمل کي شديد نقصان پھچايو.
وطن دوست انقلابي پارٽي سنڌ جي صورتحال کي آفريڪا، ھند چيني سان ڀيٽي جدوجھد جو مقصد آزادي جي صورت ۾ پئي ڏٺو جنھنجي ڪري جبري الحاق جو اصطلاح ڏنو ويو جڏھن تہ 1947ع کانپوءِ ھندوستان ۽ پاڪستان جي تناظر ۾ جدوجھد جو مک مقصد حقن جي حاصلات ھيو جيڪي پاڪستان جي آئين ھيٺ مليل آھن جيڪي اسٽيبلشمينٽ ڏيڻ لاءِ تيار ناھي ۽ ملڪ۾ ھائبرڊ نظام قائم آھي ۽ ٻيو تہ سنڌ 1943ع ۾ پاڪستان ۾ پاڻ شامل ٿي ھئي ۽ کيس ھن وقت بہ اسيمبلين ۾ پنھنجا نمائندا چونڊڻ جو آئيني اختيار آھي.
جنرل ضياءُ الحق جي مارشلا دور ۾ وطن دوست انقلابي پارٽي جي مظھر جو منظر عام تي اچڻ ۾ ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ جي ذات جو غيرمعمولي عمل دخل ھيو جيڪو سندس غيرمعمولي صلاحيتن جو اظھار آھي. اھو سندس ڪمال آھي تہ سندس اٿڻ ويھڻ ڳالھائڻ ٻولھائڻ جي سندس ڪارڪنن ۾ تقليد ٿيندي ھئي، ھو ھر ڪنھن سان نالي کانپوءِ ”سائين“ ڪري ڳالھائيندو ھيو ۽ ھر مامري تي بحث تي اتساھيندو ھيو. سندس ٽھڪ بہ وکري قسم جا ھوندا ھيا جنھن ۾ غيرمعمولي اعتماد ھوندو ھيو. مخالف نڪتہ نظر رکندڙ سان پڻ سائين ٿي مخاطب ٿيندو ھيو ليڪن مخالف راءِ کي نہ مڃيندي طنزيہ ٽھڪ بہ سندس سڃاڻ بڻجي پيا. ارباب کھاوڙ پارٽي ٺاھڻ ۾ بہ تن تنھا ھيو ۽ انا پرستي ۽ پاڻ کي ئي عقل ڪل سمجهڻ سبب وطن دوست جھڙي شاندار ورثي کي ڊاھڻ جو ڪارڻ بہ پاڻ بڻيو. حيرت انگيز طور جنھن جيئي سنڌ مان بغاوت ڪري نڪتو ھيو آخر ۾ اتي ئي واپس موٽي آيو. جيئي سنڌ جي ڪجهہ حلقن مان ائين بہ ٻڌو ويو آھي تہ جڏھن جيئي سنڌ ۾ ضمير لاڙڪ جي اڳواڻي ۾ بغاوت ٿي تہ تنظيم اندر معاملا ٺاھڻ لاءِ ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ کي چيئرمين ڪرڻ لاءِ جي ايم سيد ٽي ڀيرا جيئي سنڌ محاذ جو اجلاس ملتوي ڪيو ھيو ۽ سندس نہ اچڻ تي عبدالواحد آريسر کي چيئرمين مقرر ڪيو ويو ھيو. ھڪ ڏينھن اھڙو آيو، ڊاڪترارباب کھاوڙ جي ايم سيد جي ھڪ سپاھي بشير قريشي جي جسقم گروپ ۾ شامل ٿيو جڏھن تہ سندس ڪجهہ ساٿي وطن دوست جمھوري پارٽي جي نالي سياست ڪن پيا ليڪن ڏھن سالن جي زوردار انقلابي، مزاحمتي سياست جي علامت ۽ ميراث ”وطن دوست انقلابي پارٽي“ کي وقت جو واءُ خبر ناھي ڏانھن ڪيڏانھن اڏاري کڻي ويو آھي.

رسول بخش پليجو ۽ عوامي تحريڪ

سال 1987ع جو 27 اپريل جو نسبتن گرم ڏينھن آھي ۽ ڪراچي ۾ پريس ڪلب آڏو جهنڊن جي بھار آھي ۽ نعرہ لڳي رھيا آھن، “ھي سنڌ ڪنھنجي. . . سنڌين جي، ڪراچي ڪنھن جي. . . سنڌين جي، ھي شھر ڪنھنجا. . . سنڌين جا “ ڪراچي جي رستن تي ايندڙ ويندڙ، اکيون ڦوٽاري ڏسي رھيو آھي تہ نعرا ھڻندڙ اوپرا ماڻھو ڪير آھن. اوپرا ماڻھو ڪراچي پريس ڪلب آڏو پڙاءُ ڪن ٿا ھر طرف ڳاڙھا، اجرڪن، ڏاٽي وارا جهنڊا ۽ ماڻھن جون سِريون ئي سِريون ۽ ھر نعري جي جواب ۾ اڀا ٿيندڙ ھٿ آھن. تقريون ھلندي ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي چيئرمين امداد چانڊئي کي سڏ ٿئي ٿو، تاڙين جي گهن گرج ۾ ”اڄ بہ مون لاءِ اوپري ناھين ڪراچي، سنڌ جي آھين ڪراچي، سنڌ جي آھين ڪراچي “ نظم جي گونج ۾ امداد جو سڏ پڙاڏو ٿئي ٿو ۽ ماحول ۾ ڪرنٽ ڊوڙي وڃي ٿو. سندس تقرير جي خاتمي تي اچانڪ حفيظ پيرزادو اسٽيج تي اچي ٿو ۽ جذباتي تقرير ڪري ٿو جلسي جو آخري مقرر ِ سنڌي عوام جو قومي اتحاد ”سپنا “ جو اڳواڻ رسول بخش پليجو ھيو. رسول بخش پليجي پنھنجي سياسي ڪيريئر جي يادگار تقرير ڪئي ۽ کيس زوردار موٽ ملي. رسول بخش پليجي سنڌ جي اختيار اعلي، سنڌ جي پاڻي، سنڌو درياھ جو ڪيس رکندي ڪالا باغ ڊيم خلاف چارج شيٽ رکي تہ ھزارن جو مجموعو نعرن ۾ ٻري پيو. انھي جلسي کي ڊان، جنگ سميت ملڪي قومي ميڊيا ۾ وڏي جاءِ ملي جنھن ۾ جنگ اخبار ۾ جلسي خبر ۾ سرخي طور جي ايم سيد جو بيان ڏنل ھيو جنھن ۾ پليجي کي سنڌ جي مسئلن تي گڏجي جدوجھد ڪرڻ جو سڏ بہ ھيو. توڙي جو” سپنا “ جو ڪراچي اجتماع پر اثر ھيو ليڪن ان وقت بہ جلسي ۾ لڳندڙ نعرن تي ڪراچي جي روڊن رستن تي جيڪو اوپرائپ جو احساس ھيو تنھنڪري سپنا جو بيانيو مونکي ڳالھ بلڪل نہ آئڙيو تہ جيڪڏھن سنڌ صرف سنڌين جي آھي جي ڳالھ ڪبي تہ پوءِ سنڌ اندر ٻيون ٻوليون ڳالھائيندڙن کي جدوجھد ۾ ڪيئن جوڙبو ۽ اھي نہ جڙيا تہ پوءِ سنڌ جو ڇوٽڪارو ڪيئن ۽ ڇو ٿيندو. ٻيو تہ اھڙي سياست ڪميونسٽ پارٽي جي ڊگهي سياست جو انحراف پڻ ھيو جنھن جلسي جي ھڪ مک مقرر امداد چانڊئي جي سياسي ميراث سان بہ ميل نہ پئي کاڌو. انھي جلسي کان اڳ خيرپور ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي اقليتي گروپ جو اجلاس پڻ ٿيو ھيو جنھن ۾ مير ٿيٻو، رحيم بخش جعفري، امداد چانڊيو، غلام رسول سھتو پڻ شريڪ ٿيا ھيا جنھن ۾ ”سپنا “ حصو بڻجڻ تي ڳالھ ٿي تہ مون سوال رکيو ھيو تہ ” جدوجھد جيڪڏھن صرف سنڌين لاءِ ڪرڻي آھي سپنا جي پروگرام مطابق ان۾ صرف سنڌي شامل ٿيڻا آھن تہ پوءِ ھي اردو ڳالھائيندڙ ڪامريڊ اسان ۾ ڇو ويٺو آھي( انھي اردو ڳاھائيندڙ ساٿي جو نالو مونکان وسري ويو آھي). “ ان وقت گڏجاڻي ۾ اعجاز منگي پڻ ويٺل ھيو جنھن سان منھنجي تيسين ڪا روبرو ملاقات ڪانہ ھئي تنھن مونکان پڇيو ھيو ڪامريڊ توھانجو نالو ڇا آھي؟
”سپنا“ جي اڳواڻ ۽ عوامي تحريڪ جي سربراھ رسول بخش پليجي سان کوڙ ڀيرا اڳ جلسن ۾ مکاميل ٿيو، سندس تقريرون ٻڌيون تحريرون پڙھيون. رسول بخش پليجي جي عوامي تحريڪ جو اڀار جو عھد بہ جنرل ضِاءَ جي مارشلا جو دور آھي جنھن ۾ سندس مزاحمتي سياست خاص طور سنڌياڻي تحريڪ جي مزاحمت پري پري تائين مشھور ٿي ويئي. اھو عھد وطن دوست انقلابي پارٽي جي اڀار جو عھد بہ آھي ۽ جمال نقوي جي ھٿ ھيٺ پروان چڙھندڙ ڪميونسٽ پارٽي جي اڀار جو عھد بہ آھي تہ منھنجي سرگرم سياست جو وقت بہ آھي. انڪري عوامي تحريڪ تي ڳالھ ٻولھ منھنجي ساروڻين جو موضوع بہ آھي. عوامي تحريڪ 1967ع ۾ ٺھي. انھي جا پھريان اڳواڻ مير علي بخش ٽالپر ۽ رسول بخش پليجو ھئا. جڏھن تہ شروعاتي اڳواڻن ۾ قاسم پٿر، شير خان لنڊ، فاضل راھو پڻ شامل ھيا. 1970ع ۾ عوامي تحريڪ جو پاپولر اڳواڻ فاضل راھو انھي جو صدر ۽ حفيظ قريشي جنرل سيڪريٽري ٿيو. انھي پارٽي ٺاھڻ ۾ ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامرِيڊ عزيز سلام بخاري جو ڪيترو ھٿ ھيو سو تہ خبر ناھي ليڪن ان دور جي ڪجهہ حلقن ۾ اھا ڳالھ عام ھئي تہ عزيز سلام بخاري جيڪو ڪميونسٽ پارٽي جو چوٽي جو اڳواڻ ھيو اھو سڀني کي عوامي تحريڪ ۾ شموليت لاءِ چوندو ھيو. عزيز سلام بخاري جڏھن جوھي آيو تہ غلام قادر رند جيڪو پوءِ شينھن رند جي نالي سان جوھي جي مزاحمتي سياست جو اھڃاڻ ٿي پيو کي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چيائين. عوامي تحريڪ ٺاھڻ کان اڳ رسول بخش پليجو بزم صوفياءِ سنڌ، سنڌمتحدہ محاذ ۽ نيشنل عوامي پارٽي نعپ ۾ پڻ شامل رھيو. نيشنل عوامي پارٽي ۾ ھجڻ دوران پليجي متعلق ھڪ واقعو مشھور ٿيو تہ حيدرآباد ۾ نعپ جي ھڪ اجلاس ۾ رسول بخش پليجي، شيخ عبدالمجيد سنڌي لاءِ ڪي گٿا لفظ چيا تہ اجلاس ۾ موجود اعزاز نذير ساڻس ھٿين پئجي ويو ليڪن ويٺلن وچ ۾ پئي اھو جهيڙو ٽاريو. اعزاز نذير ڪميونسٽ پارٽي سان لاڳاپيل ھيو، ان وقت ڪميونسٽ پارٽي تي بندش پيل ھئي ۽ انھي پنھنجي سياست سامراج دشمن متحدہ محاذ نعپ جي پليٽ فارم تان ڪئي پئي. انوقت ڪميونسٽ پارٽي جو اثر رسوخ نيشنل عوامي پارٽي ۾ زيادہ ھيو جنھن جو ھڪ ڪارڻ انھي عھد جو پنھنجو سامراج دشمن اثر ھيو ۽ نيشنل عوامي پارٽي جي ٺھڻ کان وٺي ان ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو ڪيڊر جو مسقل مزاجي وارو ڪردار ھيو تہ ٻيو سبب ڪميونسٽ پارٽي جي بنگال شاخ جو سگهارو افرادي سياسي طاقت وارو ڪردار ھيو. رسول بخش پليجي تنھن کانپوءِ عوامي تحريڪ ٺاھي ليڪن ھو ڪميونسٽ پارٽي کي ڪڏھن بہ معاف نہ ڪري سگهيو ۽ کين نقوي نازشي ٽولو سڏيندي ھر ھنڌ سندن رستا روڪ ڪئي. وقت بدليو نيشنل عوامي پارٽي تي بندش پئي ولي خان سميت نيشنل عوامي پارٽي قيادت جيل ھلي وئي ۽ مٿن حيدرآباد سازش ڪيس نالي ڪيس ھليو. انجي متبادل طور روجهاڻ جي بلوچ سردار شيرباز مزاري جي اڳواڻي ۾ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي ٺھي ليڪن اھا پنھنجي سياست ۾ رجعت پسند ڪردار ادا ڪندي پاڪستان قومي اتحاد جو حصو بڻي تہ ڪميونسٽ پارٽي جي عنصر پروگريسو اين ڊي پي ۽ بعد ۾ نيشنل پروگيسو پارٽي جي نالي سان سياست ڪئي جيڪا اڳتي ھلي غوث بخش بزنجو جي اڳواڻي ۾ قائم ٿيل پاڪستان نيشنل پارٽي جو حصو بڻجي ويئي. جڏھن ايم آر ڊي، جمھوريت جي بحالي جدوجھد شروع ڪئي تہ ولي خان عوامي نيشنل پارٽي ٺاھي . عوامي نيشنل پارٽي ۾ عوامي تحريڪ شامل ٿي ۽ رسول بخش پليجو انجو جنرل سيڪريٽري بڻيو. ان وقت ولي خان جي قيادت ۾ قائم عوامي نيشنل پارٽي ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي ڪيڊر پڻ اي اين پي کي وسيع سامراج دشمن جهموري محاذ سمجهي ان۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشس ڪئي ليڪن رسول بخش پليجو جيڪو ڏھائين کان ڪميونسٽ پارٽي سياست ۽ انجي قيادت سان چوٽون کائيندو پئي آيو سو اي اين پي ۾ شموليت ۾ رڪاوٽ بڻيل ھيو. ڪميونسٽ پارٽي جي شاگرد محاذ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو چيئرمين امداد چانديو ٻڌائيندو آھي تہ اي اين پي ۾ شموليت جي سوال تي ڪميونسٽ پارٽي جو اڳواڻ جمال نقوي چوندو ھيو تہ، ” پليجو ڦاٽڪ کوليندو تہ اسان اي اين پي ۾ شامل ٿينداسين“.
ھڪ عھد ۾ سنڌ جي سياست ذوالفقار علي ڀٽي ۽ جي ايم سيد جي چوگرد پئي گهمندي ھئي. ڀٽي جي دور حڪومت سميت ضياءَ جي دور۾ رسول بخش پليجو ڪڏھن ڀٽو تہ ڪڏھن سيد خلاف ڳالھائيندو ۽ لکندو رھيو. جڏھن جنرل ضياءَ جو مارشلا لڳو تہ اھي تضاد مختلف نوعيت جا ٿي ويا. ضياءَ جي مارشلا خلاف مزاحمت ڪندي عوامي تحريڪ 1979ع ۾ راھوڪي ۾ وڏي ھاري ڪانفرنس گهرائي جيڪا جنرل ضِياءَ جي دور ۾ عوامي مزاحمت جو پھريون زوردار احتجاج ھيو. 1983ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران بدين ۾ پڻ وڏو احتجاجي اجتماع ڪيو ويو جنھن سبب عوامي تحريڪ پھريون ڀيرو نہ صرف سنڌ بلڪہ ملڪ جي مزاحمتي تحريڪ طور پاڻ مڃايو. نتيجي ۾ رسول بخش پليجو، فاضل راھو سميت عوامي تحريڪ جي مرڪزي قيادت جيل اماڻي وئي. پليجي سميت عوامي تحريڪ جي مک قيادت خلاف ڪيس گهڙيا ويا ۽ سندن ڪارڪنن جون گرفتاريون ٿيون. عوامي تحريڪ جو ملڪ جي سياست ۾ وڌيڪ نالو تڏھن نروار ٿيو جڏھن اھا 1983ع واري موڙ تي پھتي. عوامي تحريڪ ايم آرڊي تحريڪ جو حصو بڻي سندس ڪارڪنن گرفتاريون ڏنيون انھي دوران سنڌياڻي تحريڪ جي مزاحمتي ڪردار سياسي قوتن کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون. سنڌياڻي تحريڪ جي عورتن شاندار احتجاج ڪندي جيل ڪاٽيا. مارشلا خلاف مزاحمت ۾ فاضل راھو پڻ وڏي شخصيت ٿي اڀريو جيڪو عوامي تحريڪ جو حقيقي عوامي رھنما ھيو جنھن جو اٿڻ ويھڻ عوامي ھيو. فاضل راھو 1970ع جي عام چونڊن سميت بيراجي زمينون مقامي ھارين کي ڏيو تحريڪ جو وڏو نالو ھيو جيڪو 17 جنوري 1987ع ۾ ڪھاڙين جا وار ڪري ماريو ويو. 1983ع جي ايم آر ڊي جدوجھد دوران جڏھن عوامي تحريڪ جي مک قيادت جيلن ۾ ھئي تڏھن نئين ديري جي حسين بخش ناريجو پارٽي جي ڪمان سنڀالي ۽ ايم آر ڊي جو ڪنوينر ٿيو. شروع ۾ خواھش باجود ڪميونسٽ پارٽي عوامي نيشنل پارٽي حصو نہ بڻجي سگهي ليڪن اڳتي ھلي ان جا ماڻھو عوامي نيشنل پارٽي ۾ شامل ٿيا ليڪن 1986ع ۾ پارٽي اقليت اڪثريت ۾ ورھائجي ويئي. اڳتي ھلي اقليت عوامي نيشنل پارٽي ۾ رھندي رسول بخش پليجي پاران 1987ع ۾ سنڌي عوام جو قومي اتحاد ٺاھڻ دوران ساڻس گڏ رھي جڏھن تہ ڪميونسٽ پارٽي جو اڪثريتي ڌڙو ڪميونسٽ پارٽي جي نالي ۽ پنھنجي محاذن ذريعي جي ايم سيد پاران قائم ٿيل سنڌ نيشنل الائينس ۾ شامل ٿيو. سنڌي عوام جو قومي اتحاد ۽ سنڌ قومي اتحاد اصل ۾ آئيندہ ٿيندڙ چونڊ عمل لاءِ صفبندي جي ڪوشش ھئي. انھي صفبندي ۾ اقليت واري سنگت سان صلاح مشوري کانسواءِ ھڪ ڏينھن رسول بخش پليجو سنڌ نيشنل الائينس ۾ شامل ٿي ويو. 1988ع جون چونڊون ٿيون تہ ايم آر ڊي ۾ سامل ڌرين پارن پيپلزپارٽي تي دٻاءُ پيو تہ اھا ايم آر ڊي تحريڪ جي اتحادين خلاف اميدوار نہ بيھاري. ليڪن پيپلزپارٽي فيصلو ڪيو تہ صرف ايم آر ڊي ۾ شامل پارٽين جي سربراھ خلاف ماڻھو نہ بيھاربو ائين عوامي نيشنل پارٽي جي صدر ولي خان جي سامھون تہ اميدوار نہ بيھاريو ويو ليڪن ٺٽي ۾ رسول بخش پليجي خلاف اميدوار بيھاريو ويو. پليجي کي چونڊ ۾ شڪست آئي ۽ چونڊ سياست ۾ پليجو بلڪل اڳتي نہ وڌي سگهيو جڏھن تہ سندس ڀاءُ غلام قادر پليجو، ڀائٽي سسئي پليجو پيپلز پارٽي ۾ شامل رھيا ۽ سينيٽ ۽ اسيمبلين جا ميمبر ٿيندا رھيا. جڏھن سنڌو درياءَ تي ڪالا باغ ٺاھڻ جي رٿا آئي تہ رسول بخش پليجو پيپلزپارٽي سان گڏ احتجاج ۽ اتحاد ۾ شامل رھيو ساڳئي طريقي سان گريٽر ٿل ڪئنال خلاف جدوجھد ۾ پڻ پيپلزپارٽي ۽ عوامي تحريڪ گڏ رھيا.
عوامي تحريڪ اصل ۾ رسول بخش پليجي جو حوالو آھي جنھنجا مثبت منفي پاسا ليکبا تہ انھي ۾ رسول بخش پليجي جو ذڪر چوٽي تي ھوندو.
رسول بخش پليجو سنڌ جي اختيار اعلي، سنڌو درياھ تي سنڌ جي مالڪي جو نہ صرف وڪيل ھيو بلڪہ انتي تمام گهڻو لکيائين ۽ عملي جدوجھد ۾ سرموڙ ڪردار ادا ڪيائين. ھن وقت بہ سنڌو درياھ جي مالڪي تي رسول بخش پليجي جون لکڻيون ۽ جدوجھد ھڪ زوردار حوالو بڻيل آھي. ھو نہ صرف وڏو عالم ھيو بلڪہ سندس انداز بيان ۾ وڏو سحر ھيو. تقرير لاءِ اٿي بيھندو ھيو تہ سناٽو ڇانئجي ويندو ھيو اھڙي سحر انگيز اثرائتي تقرير ڪراچي ۾ سنڌي عوام جو قومي اتحاد جي پليٽ فارم تان ڪيائين جيڪا ھڪ يداگار تقرير آھي. پنھنجي علم کي سنڌي سماج سان جوڙڻ ۾ کيس ملڪو حاصل ھيو. لطيف کي پڙھڻ ۽ انکي سمجهائڻ جوسندس انداز ڪمال جو ھيو. ڳالھ ٻولھ دوران ھو لطيف کي سنڌ ۽ انجي مزاحمت سان جوڙي وجهندو ھيو تہ واھ واھ ٿي ويندي ھئي.
جنرل ضياءَ جي وقت ۾ تعليمي ادارن ۾ ھٿيار جو استعمال عام ٿيو جنھن جي مھنداري جيئي سنڌ پئي ڪئي، عوامي تحريڪ جي شاگرد ونگ سنڌي شاگرد تحريڪ جي ڪارڪنن تي جيئي سنڌ جي شاشو خانن ڪافي دفعا تشدد ڪندي سندن سياست ڪرڻ تي روڪ لڳائي ليڪن ايتري وڏي سگهاري تنظيم ھجڻ باجود نہ صرف تعليمي ادارن اندر بلڪہ ٻاھر بہ سياست ۾ ھٿيار جي استعمال جي رسول بخش پليجي ڪڏھن بہ ھمت افزائي نہ ڪئي. توڙي جو ننڍي کنڊ ۾ مائوست سياست ھٿيار بند جدوجھد سان عبارت رھي ۽ رسول بخش پليجي جي نظرياتي گرو مائوزيتنگ جي اھا چوڻي مشھور آھي تہ انقلاب بندوق جي نالي مان نڪرندو آھي. ليڪن سياست ۾ ھن سنڌو سڀيتا جا پر امن اسلوب اڳيان رکي سياست ڪئي ۽ تنظيم کي سموري سنڌ ۾ ڦھلائي ڇڏيائين.
رسول بخش پليجو غيرمعمولي بھادري جي ڏک ڏيندو ھيو ۽ ڊنگ بلائن کي ايرو غيرو نٿوخيرو سمجهي سڏي مخاطب ٿيندو ھيو. پنھنجي ھر سياسي ڪارڪن کي ٻڌڻ ۽ کيس عزت ڏيڻ ضروري سمجهندو ھيو ۽ کن پل لاءِ بہ محسوس ٿيڻ نہ ڏيندو ھيو تہ سندس توجہ ڪنھن ٻئي پاسي آھي. تنظيم جي ڪارڪن کي سٺي انقلابي شاعري ڪرڻ ۽ ڳائڻ تي اتساھيدندو ھيو ائين ھر فنڪار کي قومي گيت ڳائڻ تي قائل ڪندو ھيو نتيجي ۾ اھڙا فنڪار ۽ گيت سرجيا جن سنڌ جي قومي جدوجھد ۾ روح ڦوڪيو. ان سلسلي ۾ زرينہ بلوچ جا ڳايل ڪلام، زاھد شيخ جا رچيل ۽ ڳايل ڪلام، ابراھيم منشي جا رچيل ڳايل ڪلام پڻ ڪمال جا آھن جنکي اڳتي وڌائڻ، اتساھڻ ۾ ۾ رسول بخش پليجي جو ھٿ ھيو.
ھر شخص جيان رسول بخش پليجو ڪمزورين کان بالا تر نہ ھيو.
ملڪ ۽ سنڌ ۾ انقلابي سياست ڪندڙ ڪميونسٽ پارٽي ۽ وطن دوست انقلابي پارٽي سندس اتحادي ڌريون ٿي سگهيون پئي ليڪن رسول بخش پليجو ڪڏھن بہ سنجيدہ ٿي انھن سان ڪونہ ويٺو. ڪميونسٽ پارٽي سان تہ وير جي حد تائين رشتو نڀايائين ۽ ڪوشش رھيس تہ ڪنھن اتحاد ۾ انھن کي مڃتا نہ ملي. عوامي نيشنل پارٽي جو جنرل سيڪريٽري ھجڻ دوران ڪميونسٽ پارٽي جي ڪيڊر جي شموليت جي راھ ۾ رڪاوٽ بڻيل رھيو جيڪا ڳالھ ڪنھن انقلابي مقصد بجاءِ سندس ذات جي پسند ناپسند طور ياد ڪئي ويندي. 1983ع ۾ عوامي تحريڪ ھڪ عرصي لاءِ ايم آر ڊي جي ڪنوينر رھي. جيئن تہ عوامي تحريڪ صرف سنڌ ۾ ھئي انڪري مرڪزي ۽ سنڌ جي ڪنوينر شپ پاڻ وٽ ھيس باقي صوبن ۾ ڪنوينر رکڻ جو اختيار وٽس رھيو ليڪن ٻين صوبن ۾ ڪنھن بہ ترقي پسند ڌر کي ڪنوينر شپ ۾ ڀائيوار ڪرڻ بجاءِ غير انقلابي قوتن کي آڏو ڀائيوار ڪندي انقلابي جمھوري مفادن بجاءِ گروھي مفاد کي ترجيح ڏني ويئي. مارڪسزم، ليننزم، مائوازم، قومي عوامي جمھوري انقلاب جي داعي، محنت ڪش سياست جي ڳالھ ڪندڙ رسول بخش پليجي ۽ سندس عوامي تحريڪ انھي اھم موڙ تي کاٻي ڌر کي جوڙڻ جي ڪا ڪوشش نہ ڪئي.
رسول بخش پليجي جي لکڻين ۾ پنجابي مھاجر مستقل مفاد جو ورد غالب رھيو جنھنجي نتيجي ۾ سنڌ اندر وسيع سنڌ دوست صفبندي جي راھ ۾ رڪاوٽ بڻيو جڏھن تہ سنڌ جي اختيار اعلي جي بحالي، سنڌو درياھ کي سنڌ جي ملڪيت مڃائڻ ۾ سنڌي ڳالھائيندڙن کانسواءِ ٻيون ٻوليون ڳالھائيندڙ بہ شامل ڪرڻ سان صورتحال مختلف ھجي ھا جنھنجو ھڪ نمونو اپريل 2025ع ۾ ٻٻرلوءِ ڌرڻو جي ڪاميابي ھئي جڏھن لساني تفريق کان سواءِ سنڌ گڏ ٿي تہ سنڌ پنھنجي ويجهي تاريخ جي وڏي فتح حاصل ڪئي.
گنگا ڌر اڌيڪاري ٿيسز ھيٺ ڪميونسٽ پارٽي، پاڪستان ٺھڻ جي حمايت ڪئي ليڪن 1948ع جي ڪانگريس ۾ پارٽي پنھنجي پاليسي کي غلط سڏيو. ليڪن رسول بخش پليجو مذھب ۽ ڪميونل سياست جي بنياد تي پاڪستان جي گهر جو حامي ۽ گانڌي نھرو جي سياست جو وڏو نقاد رھيو ۽ ورھاڱي کان پوءِ جي صورتحال جو ذميوار پڻ ڪانگريس کي قرار ڏنائين. جناح جي سياست ڪميونل سياست جو شاخسانو ھئي جنھن جي سياست انگريز بھادر جي اشاري تي پئي ھلي تنھن کي سنڌ جو تمام ذھين ۽ وڏو شخص قرار ڏنائين.
رسول بخش پليجو جنھن بہ اتحاد ۾ رھيو ان ۾ پنھنجي ڳالھ مڃائڻ جي ڪوشس ڪيائين ۽ سندس ڳالھ نہ مڃڻ جي نتيجي ۾ ان مان نڪرندو پئي رھيو. نتيجي ۾ رسول بخش پليجي لاءِ اھو تاثر عام ٿيو تہ جنھن اتحاد ۾ رھندو اھو اتحاد نہ ھلي سگهندو نتيجي ۾ رسول بخش پليجو سنڌ جي سياست جو انتھائي تڪراري سياستدان بڻجي سامھون آيو.
بظاھر تہ” آءُ آءُ “ جي خلاف رھيو ليڪن عمل ۾ صرف پاڻ کي صحيح سمجهندو ۽ ڄاڻائيندو ھيو جنھجو ثبوت سندس پروگرامن ۾ ڪيل تقريرون آھن.
رسول بخش پليجو ڳالھ قومي عوامي جمھوري انقلاب جي ڪندو ھيو ليڪن ملڪگير انقلابي پارٽي تنظيم جوڙڻ لاءِ ڪو ڪم نہ ڪيائين مورڳو اھڙي تنظيم جوڙڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل رھيو. مھاجرن سان ڪڏھن بہ ٺري ڪونہ ڳالھايائين ليڪن پنجابين لاءِ نسبتن نرم گوشو رھيس.
ڪنھن وڏي مقصد بجاءِ ويجهي ۽ فوري مقصد ھيٺ اتحاد ڪيائين جيئن سنڌي عوام جو قومي اتحاد، سنڌ نِيشنل الائينس ۾ شامل ٿيو ليڪن سندس منشا مطابق ڳالھ نہ ٿي تہ انکي ڇڏي اڪيلي سر 1988 جو چونڊ وڙھيائين.
سندس پارٽي جا پراڻا ڪارڪن ٻڌائيندا آھن جنھنجو ھڪ اظھار عوامي تحريڪ ۾ اھم حيثيت ۾ ڪم ڪندڙ حفيظ ڪنڀر جي آتم ڪٿا ۾ بہ آھي تہ رسول بخش پليجو ڳالھ سڀني جي ٻڌندو ھيو ليڪن فيصلو پنھنجي مرضي سان ڪندو ھيو ليڪن جيڪو فيصلي سان متفق نہ ھوندو ھيو انجي ڪارڪنن ھٿان بيعزتي ڪرائيندو ھيو جيئن اھو وري ڪنڌ نہ کڻي سگهي. ويجهي ماضي ۾ جابجا اھڙا ڪارڪن روئيندي ڏٺا ويا جن عوامي تحريڪ کي پنھنجي جواني ۽ عمرون ڏنيون ليڪن رسول بخش جي بيرحم روئي سبب پاسيرا ٿي ويا. رسول بخش پليجوپارٽي جي سنجيدہ اجلاس مان ھلندي اٿي ويندو ھيو جڏھن تہ گڏجاڻي ۾ پويان جهڳ جهڳ پئي ھلندي ھئي ۽ گڏجاڻي جي اختتام تي اچي فيصلا لکبا ھيا جيڪي ھو پاڻ ڪندو ھيو. انقلابي تحريڪ جو ھي انوکو اڳواڻ ھيو جنھن ان نموني پنھنجي انقلابي پارٽي کي ھلايو. رسول بخش پليجي پنھنجي پارٽي ۾ تيلي مان ٿنڀ بنايا ۽ ٿنڀ کي تيلي ڪري ڇڏڻ بہ جاري رکيو.
شيخ اياز سندس پسند جو شاعر ھيو سندس نالو پنھنجي پٽ تي رکيائين ليڪن ساڻس ناراضگي ڪيائين تہ لطيف کان پوءِ استاد بخاري کي وڏو شاعر قرار ڏيندي استاد بخاري جھڙي ڀلوڙ شاعر کي بہ تڪراري بڻائي ڇڏيائين.
عوامي تحريڪ اصل ۾ رسول بخش پليجي جو حوالو ٿي رھي جيڪو رسول بخش پليجي لاءِ اعزاز آھي تہ ڪنھن انقلابي پارٽي اندر جمھوريت نہ ھجڻ جو اھڃاڻ بہ آھي. عوامي تحريڪ ۽ رسول بخش پليجو جو قد ڪاٺ ماشلا دوران انتھائي زوردار رھيو جنھنجو سبب مزاحمتي سياست ھئي. 1988ع کانپوءِ جڏھن چونڊون ٿيڻ ۽ سول حڪومتن دوران گهڻا مامرا اسيمبلين ڏانھن منتقل ٿيا تہ مزاحمتي سياست ۾ بہ ماٺار آئي ۽ رسول بخش پليجي جي سياست بہ منظر عام تان اوجهل رھي. اڳتي ھلي فاضل راھو جو پٽ اسماعيل راھو کيس ڇڏي ويو، سندس ڀاءُ غلام قادر پليجو اڳ۾ ئي پيلزپارٽي ۾ ويٺل ھيو. دنيا سميت خطي ۾ نظرياتي سياست ۾ زوال آيو تہ اھو رسول بخش پليجو ۽ عوامي تحريڪ جي سياست ۾ پڻ نظر آيو. سندس حياتي ۾ سندس پٽ اياز لطيف پليجو کانئس الڳ ٿي قومي عوامي تحريڪ ٺاھي، جڏھن تہ ابرار قاضي، وشنو مل سميت ھڪ وڏي لڏي عوامي تحريڪ کي خيرباد چئي عوامي جمھوري پارٽي ٺاھي. اڄ عوامي تحريڪ افرادي قوت طور تہ سنڌ جي ڪڙڇ ۾ موجود آھي ۽ غلام قادر پليجي کي پيپلزپارٽي مان ڪنڊائتو ڪرڻ کانپوءِ رسول بخش پليجي جا جنگشاھي ۾ وڏا ورسي اجتماع بہ ٿين ٿا ليڪن جنرل ضياءَ الحق واري مارشلا عھد وارو مزاحمتي رنگ عوامي تحريڪ تان لھي چڪو آھي. عوامي تحريڪ سميت نہ اھا سنڌي ھاري تحريڪ، سنڌي مزدور تحريڪ آھي نہ وري اھا سنڌياڻي تحريڪ ئي آھي جنھن کي رسول بخش پليجو ڊگهن وارن واري فوج ڪوٺيندو ھيو. ڪشمور کان ڪيٽي بندر، ڪراچي کان ڪارونجهر تائين ماضي جي ھڪ کيپ ھاڻي بہ کيس استاد جي نانءُ سان ياد ڪري، منگر پليجو ۾ گڏجي ھاءِ ڪري ٿي، ليڪن جنرل ضياءَ جي مارشلا دور جي ڏھاڪو سالن واري مزاحمتي سياست جو استعارو عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جا مِيڙ ھاڻي اھا حرارت پيدا ڪرڻ جي قابل ئي ناھن رھيا جن کي 1979ع ۽ 1983ع ۾ راھوڪي ۽ بدين ۾ جڏھن رسول بخش پليجو “ کاري کيڙائو مٺي موٽي آئيا“ چئي مخاطب ٿيندو ھيو ۽ وراڻي ۾ تاڙين جي گونج ۾ سنڌياڻيون ھڪ آواز ٿي ”جاڳيا جاڳيا سنڌي جاڳيا “ جا فلڪ شگاف نعرا ھڻنديون ھيون تہ جر ٿر تک تنوار ٿي ويندي ھئي ۽ اقتدار جي ايوانن جا برج لڏي ويندا ھيا

ڪميونسٽ پارٽي

ڪميونسٽ پارٽي ”تيس برس ڪي فردعمل“ سري سان 1984ع ۾ ھڪ دستاويز جاري ڪيو جنھن ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي تاريخ ۽ جدوجھد جو ذڪر آھي. انھي دستاويز جي صفحي 51 تي ڪجهہ ھيئن ڄاڻايل آھي،
”پارٽي، قومي اتحاد جي قيام کي سامراجي رجعتي سازش قرار ڏنو ۽ انجي کلي مذمت ڪئي، عوام جي وسيع حصن کي انھي سازش جي مقصدن کان باخبر رکڻ جي ڪوشش ڪئي، پارٽي اخباري بيانن، پمفليٽن ۽ چونڊ مھم کي انھي جو ذريعو بڻايو. . . . . . . . . . مارچ 1977ع جي چونڊ ۾ قومي اتحاد کي شڪست ٿي جنھن تي چونڊ ۾ ڌانڌلي جو الزام ھڻي ايجيٽيشن شروع ڪيو ويو . . . . انڪري پارٽي انجي مخالفت ڪئي، قومي اتحاد صوبائي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو ليڪن پروگريسو اين ڊي پي سازش کي بي نقاب ڪندي بائيڪاٽ جي مذمت ڪئي ۽ عوام کي چونڊن ۾ شرڪت جي اپيل ڪئي. “
72 صفحن تي مشتمل سرخ پرچم جي انھي خاص شماري ۾ ڀٽي جي آمرانہ طرز حُڪومت کي وائکو ڪندي جنرل ضِاءَ جي شھ تي جيڪا سازش پئي ٿي ان تان پردو کنيل آھي. ڄاڻايل دستاويز ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جي سول حُڪومت ھٽائڻ جي سازش، پاڪستان قومي اتحاد جي ايجيٽيشن، جنرل ضياءَ جي آمد آمد تي پارٽي پوزيشن بيان ڪيل آھي.
زير نظر مضمون جو موضوع ڪميونسٽ پارٽي آھي جيڪا سنڌ سميت پاڪستان جي ھڪ پراڻي پارٽي آھي جنھنجو بنياد گڏيل ھندوستان ۾ 1924 ۾ پيو. انڊيا جي ڪميونسٽ پارٽي مارڪسسٽ تاشقند جي 1920ع واري پارٽي اجلاس کي تاسيسي اجلاس سمجهي ٿي جنھن ۾ ايم اين راءِ پارٽي جي نظريہ دان جي صورت ۾ سامھون آيو. تنھن وقت جي گڏيل ھندوستان ۾ صرف ٻہ پارٽيون پاپولر ھيون جن ۾ ڪميونسٽ پارٽي کانسواءِ ٻي پارٽي ڪانگريس ھئي. جڏھن تہ آل انڊيا مسلم ليگ عوام بجاءِ صرف پنن تي موجود ھئي. ڪانگريس پارٽي کي ڪم ڪرڻ جي آزادي ھئي ليڪن ڪميونسٽ پارٽي جي رنڊ روڪ ڪرڻ لاءِ ڪانپور سازش ڪيس، ميرٺ سازش ڪيس ۽ پشاور سازش ڪيس جي نالي تي سختيون آيون ۽ ھڪ وقت اھڙو بہ آيو جو پي سي جوشي، گنگاڌر اڌيڪاري، رنڊيوي، ڊانگي، شوڪت عثماني، مظفر احمد سميت سموري ڪميونسٽ پارٽي قيادت جيل ۾ واڙيل ھئي. 1942ع ۾ جڏھن پوري ھندوستان ۾ ڪميونل سوال ڇانيل ھيو تہ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا جي پلينري سيشن ۾ پارٽي نظريہ دان ڊاڪٽر گنگاڌر اڌيڪاري ھڪ ٿيسز پيش ڪئي. گنگاڌر اڌيڪاري پنھنجي ٿيسز ۾ ڪانگريس پاران ھندوستان کي ھڪ قوم قرار ڏيڻ جي نفي ڪندي ھندوستان کي گهڻ قومي، گهڻ ثقافتي خطو قرار ڏيندي سمورين قوميتن جي خوداختياري حق جي حمايت ڪئي ۽ ٿيسز ۾ ڪميونل سوال تي بحث ڪندي بنگال، پنجاب کي الڳ الڳ قوميت قرار ڏيندي سندن خوداختياري حق جي حمايت ڪئي. ذري گهٽ پنجاھ صفحن تي مشتمل ٿيسز ۾ ”ٺوس حل “ واري حصي ۾ صفحي 45 تي گنگاڌر اڌيڪاري ٿيسز ۾ سنڌ تي بحث ڪندي ڄاڻايل آھي تہ” ڇا صرف سنڌي مسلمان قوميت آھن يا مجموعي طور سنڌي ھڪ قوميت آھن. ؟ انھي سوال کي دليل بازي بجاءِ سنڌ جي ماڻھن جي شناخت ۽ روز مرہ زندگي ۾ ڏسڻ جي ضرورت آھي انھي معيار ھيٺ سمورا سنڌي ھڪ قوميت جي تشڪيل ڪن ٿا جنکي حق خوداختياري ڏيڻ سان سنڌي مسلمانن جي تشفي ٿيندي جيڪي سنڌي قوميت جو حصو آھن. “ . گنگاڌر اڌيڪاري ٿيسز مطابق ڪميونسٽ پارٽي ڪميونل سياست جي ٽوڙ لاءِ جنھن حل جي حمايت ڪئي انجو مقصد مسلم اڪثريتي علائقن تي مشتمل پاڪستان جي گهر جي حمايت تہ ھيو ليڪن پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ مسلم اڪثريتي رياستن کي خوداختياري حق ڏيڻ جي ڳالھ بہ ھئي جنھن کي بالشويڪ انقلاب کان پوءِ سوويت يونين ۾ شامل ٿيندڙ قومن ۽ رياستن کي مليل خوداختياري حق سان جوڙيو ويو ھيو. جڏھن پاڪستان ٺھيو تہ ڪميونل سوال حل ٿيڻ بجاءِ وڌيڪ پيچيدہ ٿي ويو ۽ 1948 ع واري ڪلڪتہ ڪانگريس ۾ گنگاڌر اڌيڪاري ٿيسز کي رد ڪندي پي سي جوشي کي پارٽي سيڪريٽري جي عھدي تان ھتايو ويو ۽ بي ٽي رنڊيوي کي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو. انھي ڪانگريس ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان لاءِ سينٽرل ڪميٽي ۽ انجو سيڪريٽري پڻ مقرر ڪيو ويو جنھن تي شروع ۾ ئي اعتراض ٿيا. اعتراض ڪندڙن ۾ امين کوسو ۽ قادر بخش نظاماڻي شامل ھيا تہ 1948ع ڪانگريس جي فيصلي سان سنڌ پارٽي جي اڳوڻي سيڪريٽري جمال دين بخاري پڻ اختلاف رکيو. 1948ع جي ڪلڪتہ ڪانگريس 1947ع جي آزادي کي فريب قرار ڏنو ۽ عوامي جهوري انقلاب جي نعري ھيٺ مزاحمت جي لائين ڏني، تلنگانہ ۾ ھاري جدوجھد، مزاحمت ۽ اولھ، اوڀر پاڪستان ۾ لاھور، ڪراچي، چٽگناگ ۽ ڍاڪا ۾ ٽريڊ يونين تحريڪ ۾ شدت ۽ ھڙتالون 1948ع ۾ رنڊيوي مزاحمتي ٿيسز جو شاخسانو ھيون. ڪميونسٽ پارٽي تي 1951ع ۾ ڪريڪ ڊائون ٿيو، نہ صرف پارٽي اڳواڻ، ڪارڪن گرفتار ٿيا بلڪہ راولپنڊي سازش جي آڙ ۾ مزدور تحريڪ ۽ ٽريڊ يونين تي حملو ڪيو ويو ۽ 1954ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي تي بندش وڌي ويئي. جنھنجي نتيجي ۾ پارٽي جو نيوڪليس ختم ٿي ويو. انوقت صرف بنگال واري پارٽي مستحڪم رھي. 1954ع ۾ جڏھن ون يونٽ مڙھيو ويو تہ مزاحمت جي صورت ۾ ڪميونسٽ پارٽي پھرين عوامي ليگ، بعد ۾ 1956 نيشنل پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي جڏھن نيشنل پارٽي ۾ مولانا عبدالحميد ڀاشاني شامل ٿيو تہ 1957ع ۾ اھا نيشنل عوامي پارٽي، ” نعپ “بڻجي سامھون آئي جيڪو ملڪ ۾ سامراج دشمن جهوري قوتن جو وسيع تر متحدہ محاذ ھيو جنھن ۾ بنگال، سرحد، بلوچستان، سنڌ ۽ پنجاب جا سامراج دشمن پرت شامل ھيا. انھي پارٽي ۾ سماج جا اھي پرت بہ شامل ھيا جيڪي سويت يونين جي بالشويڪ انقلاب کان متاثر ھيا. ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ بلوچستان ۾ فوجي آپريشن ٿيو۽ بلوچستان ۾ نعپ جي حڪومت ختم ڪئي ويئي تہ احتجاج ۾ نعپ جي اتحاد سان سرحد ۾ قائم مولانا مفتي محمود حُڪومت استعيفا ڏئي ڇڏي. نعپ تي بندش کانپوءِ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي ٺھي جنھنجو سربراھ راجنپور جو بلوچ سردار شيرباز مزاري ٿيو. جڏھن ڀٽي جي خلاف قومي اتحاد تحريڪ شروع ڪئي تہ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي ان سان گڏ بيٺي جڏھن تہ انھي ۾ شامل ڪميونسٽ عنصر اين ڊي پي مان نڪري پروگريسو اين ڊي پي ٺاھي جيڪا بعد ۾ نيشنل پروگريسو پارٽي بڻي ۽ جڏھن اين ڊي پي ۾ شامل بلوچن مير غوث بخشِ بزنجي جي اڳواڻي ۾ پاڪستان نيشنل پارٽي ٺاھي تہ اين پي پي ان۾ شريڪ ٿي. 1977ع ۾ جنرل ضياءَ الحق جو مارشلا، اپريل 1978ع ۾ افغان ثور انقلاب، 1979ع جو ايران انقلاب پاڪستان ۾ کاٻي ڌر جي سياست لاءِ تازي ھڪ موقعوبڻجي آيو. پوري ملڪ خاص طور سنڌ ۾ سماجي تبديلي جي تڙپ ظاھر ٿي تہ کاٻي ڌر جي سياست کي توانائي ملي . 1978ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو واحد کليل چھرو ڄام ساقي گرفتار ٿيو، ڄام ساقي ڪيس ۾ جمال نقوي، سھيل سانگي، شبير شر، احمد ڪمال وارثي، جبار خٽڪ، امر لعل، بدرابڙو سميت ڪافي ڪارڪنن جا نالا لوڪ زبان تي آيا، امداد چانڊيو، گهنشام پرڪاش، شير محمد مڱريو، محمد خان سولنگي کي طويل عرصي جون سزائون آيون جن جي ھمت ۽ حوصلي جون ڪھاڻيون عام ٿيون. جنرل ضيا جو عھد نہ صرف رسول بخش پليجي جي عوامي تحريڪ جي اڀار جو عھد ھيو. انھي دور ۾ وطن دوست انقلابي پارٽي ٺھي ۽ سنڌ جي سياسي ميدان ۾ مڃتا ماڻيائين بلڪہ ڪميونسٽ پارٽي سندس چھرو ڄام ساقي عام ۾ مشھور ٿيو بلڪہ ڪميونسٽ پارٽي جي کليل محاذن شاگرد ھاري مزدور رابطہ ڪميٽي، ڊي ايس ايف ۽ سنڌ ھاري ڪميٽي ۾ مقداري ۽ معياري واڌ آئي جنھن ۾ 1984ع، 1985ع، 1986، 1987ع جون ھاري ڪانفرنسون، ڊي ايس ايف سنڌ جا صوبائي ڪائونسل سيشن، ايم آر ڊي تحريڪ ۾ پارٽي جي محاذن تي ڪم ڪندڙ ڪارڪنن جي شرڪت، ڄام ساقي جي آزادي کانپوءِ کيس مليل مانائتي موٽ پارٽي جي وڌندڙ سگه جو مظھر ھئي. پارٽي پنھنجي نمائندہ پرچن ذريعي پنھنجي ڪارڪنن ۽ عوام سان رابطي ۾ رھي ليڪن پارٽي کي توجه ملڻ جو ھڪ اھم ڪارڻ افغان ثور انقلاب ھيو جنھن جي نتيجي ۾ سنڌ سميت ملڪ جي وچين طبقي خاص طور سرحد بلوچستان ۾ پارٽي محاذن کي موٽ ملڻ آھي. انھي عرصي ۾ پارٽي ڪيڊر جي مارشلا خلاف مزاحمت ڪارڻ پارٽي جي ساک ۾ اضافو ٿيو. ليڪن مارشلا ختم ٿيڻ کان اڳ جمھوريت جي بحالي جي نويد اچڻ سان پارٽي ٽٽي پرزا پرزا ٿي ويئي. 1988ع ۾ جمھوريت ۽ پارليامينٽ اسيمبلين جي بحالي سان جمھوري جدوجھد جو مورچو بظاھر ختم ٿيو تہ پارٽي ڪيڊر بہ بي اثر ٿي ويو. مزدور ۽ ھاري مورچي تي ماڻھو موجود ھيا ليڪن بنيادي انگ اکر، جامع تجزيو ۽ تياري نہ ھجڻ سبب بدليل حالتن ۾ پارٽي سياست وڃي ترو ورتو. شاگرد جدوجھد جا سرواڻ پڙھي وڃي نوڪري سان لڳا تہ قيادت جو خلا پيدا ٿيو جيڪو حسرت بڻجي ماضي جي ڪيڊر جي درد جو نوحو بڻجي ويو. ڪميونسٽ پارٽي پاڻ اندر جمھوريت نہ ھجڻ، نظرياتي مونجهاري، نين حالتن کي نہ سمجهڻ جي نتيجي ۾ ٽٽي ۽ منجهي پئي جڏھن 1991ع ۾ سوويت يونين ٽٽو تہ ڪميونسٽ پارٽي جي منزل جو آخري چراغ بہ اجهامي ويو. پارٽي ٽٽڻ جو عمل ايترو شديد ھيو جو ان مان ٽٽي نڪرندڙ گروپن کي ڳڻڻ مشڪل ٿي پيو. ھن وقت ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي نالي تي ڪم ڪندڙ پارٽي جو سربراھ امداد قاضي آھي جنھن جو تعلق ماضي ۾ وطن دوست انقلابي پارٽي سان ھيو. اھا پارٽي، ڪميونسٽ پارٽي مان ڪميونسٽ مزدور ڪسان پارٽي ٿي ۽ ھاڻي وري ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي نالي تي ڪم ڪري ٿي جڏھن تہ ڪميونسٽ پارٽي جي اڳوڻي اڪثر قيادت ياد ماضي ٿي وئي آھي جڏھن تہ جيڪي زندہ آھن انھن لاِءِ اھا سياست ڪرڻ اجائي آھي. ڪي دوست تہ انھي عھد تي ڳالھائڻ کي بہ اجايو ۽ بيوقوفي سمجهن ٿا.
ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جيڪا 1986ع ۾ اڪثريت اقليت ۾ ورھائجي وئي اھا در حقيقت جمال نقوي جي محنت، فڪري سوچ جي دين ھئي جنھنجو عام ۾ چھرو ڄام ساقي ھيو. ڪامريڊ جمال نقوي انھي پارٽي کي سنڀاليو، وڌايو، ويجهايو. جمال نقوي پنھنجي نياڻين، عزيزن، قريبن، دوستن سميت انھي پارٽي کي پنھنجو رت ست ڏنو. سندس فڪري قيادت ۾ پارٽي انتھائي ڏکين حالتن باوجود ڪميونسٽ پارٽي جي انقلابي روايت سان پاڻ کي جوڙي رکيو جنھن انقلابي روايت جو بنياد 1920 ۾ تاشقند ۽ 1924ع ۾ ڪانپور جي تاسيسي اجلاس ۾ پيو. توڙي جو 1948ع پارٽي ڪانگريس ۾ سنڌ اندر ڪم ڪندڙ پارٽي انجي سيڪريٽري، سنڌ ڪميٽي سان مشورو نہ ڪيو ويو ليڪن فيصلي کي قبول ڪندي تنظيمي ڪم جاري رکيو ويو ۽ رنڊيوي پارٽي لائين ھيٺ عوامي جمھوري انقلاب جي سياست ڪئي وئي جنھن جي نتيجي ۾ 1951ع جو ڪريڪ ڊائون ٿيو ۽ مزدور تحريڪ تي زوردار وار ٿيو. 1951ع جي ڪريڪ ڊائون ۽ 1954ع ۾ پابندي باوجود پارٽي وت آھر سرگرم رھي ۽ پارٽي جو مرڪزي ڍانچو بنگال ۽ سنڌ ۾ ڪم ڪندو رھيو. پارٽي جو شاگرد محاذ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن 1953ع ۾ ڪراچي ۾ انتھائي سرگرم رھيو جنھن نہ صرف شاگرد حقن لاءِ زوردار جدوجھد ڪئي بلڪہ ڪراچي ۾ مزدور تحريڪ جي مزاحمت ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.
پاڪستان ۾ سموريون اڪائيون پاڪستان ۾ ھڪ وفاق جي لاءِ وڙھيون ھيون ليڪن جڏھن ون يونٽ نافذ ٿيو تہ انجي پارٽي پاران ڀرپور مخالفت ڪئي وئي. 1954ع ۾ پابندي کانپوءِ پارٽي متحدہ محاذ جي سياست ڪئي ۽ سندس ڪارڪن عوامي ليگ، گنتنتاري دل، نيشنل عوامي پارٽي، استمان گل، سنڌ متحدہ محاذ ۾ شامل رھيا ۽ اڳتي ھلي پي اين پي ۽ نعپ ۾ شموليت ڪئي . 1958ع ۾ جڏھن جنرل ايوب مارشلا لڳائي تہ نيشنل عوامي پارٽي جي پليٽ فارم تان انجي سخت مخالفت ڪئي ويئي.
4 مارچ 1967ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد وائيس چانسلر کي ھٽائڻ خلاف ۽ پنھنجي حقن لاءِ ٻاھر نڪري آيا تہ انھي تحريڪ کي قومي حقن جي جدوجھد جو رنگ ڏيڻ ۾ پارٽي اھم ڪردار ادا ڪيو جنھن ۾ پارٽي جي شاگرد محاذ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ انجي سربراھ ڄام ساقي جو ڪردار وسارڻ جھڙو ناھي. 1970ع ۾ ملڪ ۾ پھريون ڀيرو بالغ راءِ دھي جي بنياد تي چونڊون ٿيون عوامي مينڊيٽ کي نہ مڃيندي جڏھن بنگال ۾ آپريشن ٿيو تہ ڪميونسٽ پارٽي ۽ ڄام ساقي انجي کلي عام مذمت ڪئي.
حسن ناصر نيشنل عوامي پارٽي سميت ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر ھيو جنھنکي نومبر 1960 حسن ناصر ۾ شھيد ڪيو ويو سندس جرم محنت ڪش طبقي کي منظم ڪرڻ ھيو. پارٽي مزدور طبقي کي جوڙڻ لاءِ نومبر 1970ع ۾ ڪراچي ۾ ھڪ اھم نمائندہ مزدور ڪانفرنس ڪوٺايوجنھن ۾ چارٽر آف ڊماند پڻ پيش ٿيو.
جڏھن 1973ع جو آئين ٺھيو پئي تہ ڪميونسٽ پارٽي ولي خان جي نعپ اندر اتحادي ھئي تنھن نعپ قيادت تي زور رکيو تہ صوبن کي وڌ ۾ وڌ خود مختياري ملڻ گهرجي جنھن تي ولي خان سان جهيڙو پڻ ٿيو.
ڪميونسٽ پارٽي بلوچستان ۾ فوج ڪشي جي سخت مخالفت ڪئي ۽ پارٽي ڪارڪن خيرجان بلوچ ۽ ٻياھٿيار بند مزاحمت ۾ بلوچ مزاحمت سان گڏ رھيا.
1974ع ۾ ٻين پارٽي ڪانگريس ٿي تہ پارٽي پنھنجو پروگرام عوامي جمھوريت بجاءِ قومي جمھوريت ڏنو.
جڏھن ڀٽي جي چونڊيل حُڪومت خلاف پاڪستان قومي اتحاد تحريڪ ھلائي تہ پارٽي”ايڪسپوز ڀٽو ۽ آپوز پي اين اي“ جو نعرو ڏنو ۽ اڳتي ھلي شيرباز مزاري جي اين ڊي پي کان الڳ ٿي ويئي.
1978 ۾ ڄام ساقي گرفتار ٿيو جڏھن تہ 1979 ۾ نذير عباسي جي شھادت ٿي ان دوران افغانستان ۾ ثور انقلاب اچي چڪو ھيو. بدليل ملڪي علاقائي تناظر پارٽي ڪيڊر ۾ واڌ جو سبب بڻيو.
1983ع ۾ نيشنل پروگريسو پارٽي جيڪا ڪميونسٽ پارٽي جو کليل چھرو ھئي غوث بخش بزنجو جي اڳواڻي ۾ ٺھندڙ پاڪستان نيشنل پارٽي ۾ شامل ٿي جيڪا ايم آر ڊي جدوجھد دوران انجي ميمبر نہ ھئي ليڪن انجي جدوجھد ۾ شانہ بشانہ شريڪ رھي جنھنجي ڪري ڪميونسٽ پارٽي جو ڪيڊر پڻ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ شريڪ رھيو.
سنڌ ھاري ڪميٽي پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ۾ ٺھي ليڪن ان کي سرگرم ڪرڻ ۾ پارٽي ڀرپور ڪردار ادا ڪيو جنھن ۾ نہ صرف پارٽي ھمدرد حيدربخش جتوئي شريڪ رھيو بلڪہ پارٽي ڪارڪن جمال دين بخاري، امين کوسو، قادر بخش نظاماڻي، رئيس بروھي، مولوي نذير جتوئي، سوڀو گيانچنداڻي سرگرم رھيا. ڪميونسٽ پارٽي جي پھل تي مئي 1970 ۾ سڪرنڊ ۾ نمائندہ ھاري ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي جنھن مان ھاري سوال ۾ پارٽي جي سنجيدگي جو ڏس ملي ٿو .
حيدر بخش جتوئي کانپوءِ جڏھن ھاري ڪميٽي نئين سر سرگرم ٿي تہ ان دور ۾ لالا شاھ محمد دراني، غلام رسول سھتو، صالح بلو، تاج مري، اسماعيل قريشي، مانڌل شر، غلام حسين شر، واحد بخش بنگلاڻي، احمد خان لغاري، حسين سومرو، پير شھاب الدين، شبير بيدار ڀٽو، گلاب پيرزادو، خادم چانڊيو، مسرور چانڊيو، نور محمد سومرو، عرس سيلرو پڻ شريڪ رھيا.
پارٽي جي شاگرد محاذ، سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊڊريشن (ايس اين ايس ايف) شاگرد جدوجھد جوڙڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان پروگريسو اسٽوڊنٽس الائينس، پاڪستان فيڊرل يونين آف اسٽوڊنٽس ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ يونائيٽيڊ سٽوڊنٽس موومينٽ (يو ايس ايم ) جي پليٽ فارم تان مسلسل جدوجھد ۾ رھي. جڏھن 1981ع ۾ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ٺھي تبہ انتھائي ڏکين حالتن ۾ ان ذريعي پارٽي شاگردن تائين پنھنجي رسائي جاري رکي.
جنرل ضياءَ جي مارشلا دوران غلام رسول سھتو ۽ امر لعل جي پھل سان پارٽي ساٿي ٻارڙا سنگت جي ڪم کي اڳتي وڌايو جنھن نہ صرف ايس اين ايس ايف، ڊي ايس ايف بلڪہ پارٽي کي متحرڪ ڪيڊر پيدا ڪري ڏنو. انھي ڪيڊر ۾ فيض سومرو، نعيم شيخ، مھيش ڪمار، شاھد لطيف دايو، حميد جماڻي، خادم ٿھيم، خورشيد مستوئي، عبداش پنھور، حيدر سيال، فاروق سومرو، امداد سومرو، زاھد مھر، قاضي جاويد، آدم ملڪ، ﷲ بخش راٺوڙ، عبداش پنھور، شامل ھيا. جن سماج جي ٻين ميدانن ۾ پڻ پنھنجي حيثيت مڃائي.
پاڪستان ٺھڻ وقت پارٽي جو مضبوط مورچو مزدور محاذ ۽ ٽريڊ يونين ھيو جنھن کي 1951ع جي بغاوت جي آڙ ۾ ڪچليو ويو ليڪن پاڪستان ورڪرز فيڊريشن ۽ متحدہ ليبر فيڊريشن ذريعي مزدور محاذ ۾ اڌو گابرو ڪم جاري رھيو جنھن ۾ چاچا مولا بخش، محبوب قريشي، شميم واسطي، زبير رحمان، نذير چوڌري، گل رحمان ۽ يعقوب جو ڪم ڳڻائڻ جھڙو رھيو.
ڪميونسٽ پارٽي ادبي محاذ تي پڻ پاڻ مڃايو. انجمن ترقي پسند مصنفين تي تہ ڪميونسٽ پارٽي جو حوالو بڻيل ھئي، ليڪن سنڌي ادبي سنگت تي ھڪ عرصي تائين ڪميونسٽ پارٽي جي ڇاپ لڳل ھئي. جنھن ۾ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جو زوردار ڪردار ھيو. پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ۽ پوءِ گوبند مالھي، گوبند پنجابي، ڪيرت ٻاٻاڻي، سوڀو گيانچنداڻي، سبط حسن، فتح ﷲ عثماني، انور پيرزادو، مظھر جميل، مسلم شميم، شاھ محمد پيرزادو، ادريس جتوئي، چندر ڪيسواڻي جھڙن اديبن ادبي سنگت ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين ذريعي پارٽي جي سماجي بنيادن وڌائڻ ۾ سٺو ڪردار ادا ڪيو.
توڙي جو ڪميونسٽ پارٽي ملڪ جي قومي جمھوري ترقي پسند جدوجھد ۾ پنھنجي وت آھر شامل رھي ليڪن انجا ڪمزور پاسا بہ آھن جنجو ذڪر ڪرڻ ضروري آھي. ورھاڱي کان اڳ 1937 کان 1941 تائين سنڌ جو پارٽي سيڪريٽري قادر بخش نظاماڻي ھيو تنھن ٻين عالمي جنگ ۾ ھٽلر پاران سوويت يونين تي حملي جي نتيجي ۾ جنگ ۾ غيرجانبدار رھڻ جي مخالفت ڪئي ۽ اھڙا بيان پڻ جاري ڪيا. جنھنجي ڪري کيس سيڪريٽري شپ تان ھٽايو ويو. توڙي جو اڳتي ھلي پارٽي پاڻ سنڌ پارٽي واري لائين ورتي ليڪن سنڌ پارٽي تي اھڙي ائڪشن جو منفي تاثر پيو ۽ ڪافي ڪامريڊ مايوس ٿي ويھي رھيا.
ورھاڱي کان اڳ قومي سوال ڪميونسٽن جو سوال ھوندو ھيو جنھن تي ھو پاڻ جدوجھد ڪندا ھيا جيئن سوڀي گيانچنداڻي، گوبند مالھي، ڪيرت ٻاٻاڻي لاءِ قومي سوال ڪميونسٽن جو سوال ھيو يا گنگاڌر اڌيڪاري ٿيسز جو ڳر سنڌي قوم سميت سڀني قومن جي حق خوداختياري سان عبارت آھي. 1948ع کانپوءِ پارٽي حڪمت عملي ۾ شفٽ نظر نظر اچي ٿي. سنڌ جي پارٽي قيادت جو فيصلو ڪلڪتہ ڪانگريس ڪري ٿي، رنڊيوي جي ٿيسز کانپوءِ عوامي جمھوريت جو نعرو اڳتي اچي ٿو نتيجي ۾ قومي سوال پڻ ائين نہ کنيو ويو جيئن ورھاڱي کان اڳ ڪميونسٽ پارٽي کڻندي ھئي جنھن جي نتيجي ۾ غوث بخش بزنجو، يوسف عزيز مگسي، گل خان نصير، حيدربخش جتوئي پارٽي کان وٿيرڪا رھيا.
ڪميونسٽ پارٽي آھي ڊسيپلين ھيٺ سنڌ اندر قادربخش نظاماڻي، امين کوسو، جمال دين بخاري تي ائڪشن کنيو جنھن جي نتيجي ۾ پارٽي جي مقامي قيادت ۽ ڪارڪنن سان دوري پيدا ٿي ۽ اھا وٿي پوءِ ڪڏھن ڀرجي نہ سگهي.
1974ع ۾ قومي جمھوري انقلاب جي لائين ڏيڻ کانپوءِ سمورو زور متحدہ محاذ تي ڏنو ويو، شاگرد محاذ کي منظم ڪيو ويو، سنڌ ھاري ڪميٽي تي محنت ڪئي وئي ليڪن مزدور طبقو ۽ ٽريڊ يونين تحريڪ حڪمت عملي ۾ پوئين سيٽ جي حوالي ٿيا نتيجي ۾ ڪميونسٽ پارٽِي سوشلزم جي تعمير ڪندڙ مک طبقي مزدور کان بلڪل ڪٽجي ويئي. انھن سببن ڪارڻ ڪميونسٽ پارٽي سياست ۾ بامعني ڪردار کان وانجهجي ويئي آھي.
جنرل ضياءَ الحق جي مارشلا دوران زوردار مزاحمت جي نتيجي ۾ جمھوريت بحال ٿي، اڳتي ھلي صوبن کي وڌيڪ خودمختياري ڏيڻ لاءِ ارڙھين آئيني ترميم آئي ليڪن ڏھ سالہ عوامي مزاحمت ۽ 1988ع کان 1999ع ۽ 2008ع کان 2025ع تائين سول حڪمراني باوجود اڄ بہ ملڪ ۾ حڪمراني مڪمل طور ھائبرڊ نظام ھيٺ ھتان جي اسٽيبلشمينٽ ھلائي رھي آھي. ملڪ ۾ موجود آئين جي مسلسل لتاڙ ٿي رھي آھي، موجود آئين جي مٿان ايس آءِ ايف سي جھڙو ماوراءِ آئين قانون لاڳو ڪندي ون يونٽ مڙھيل آھي، پارليامينٽ ۽ اسيمبلين ۾ ويٺل پارٽيون اسٽيبلشمينٽ آڏو سرنگون آھن. جنھن جو ھڪ ڪارڻ ماضي جي مزاحمتي سياست جي ڪمزوري آھي جنھن جو ڳر ڪميونسٽ پارٽي، عوامي تحريڪ، وطن دوست انقلابي پارٽي سميت ملڪ جي کاٻي ڌر ھئي جنھنجي کوٽ اڄ جي سياست جي بيوسي جو نوحو بڻيل آھي.