سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري اديب ۽ سياستدان قاضي فيض محمد جي لکيل آتم ڪٿا تي مشتمل ڪتاب ”منھنجو سفر“ اوھان اڳيان حاضر آھي.
ھي ڪتاب قاضي فيض محمد جي آتم ڪھاڻي تي مشتمل آهي، جيڪا هن 1975ع ۾ لکي. پر بدقسمتيءَ سان سندس وفات کان سترهن سال پوءِ 1999ع ۾ شايع ٿي. حقيقت ۾ هي ڪتاب نہ رڳو هڪ شخص جي آتم ڪھاڻي آهي پر هڪ دور جو تاريخي دستاويز پڻ آهي، جيڪو مستقل جي سنڌ جي اڏڻ ۾، ماضي جي تجربن مان سکڻ جو اهم دستاويز آهي. ھن ڪتاب ۾ جيڪي ڏک، درد، عذاب ۽ ڀوڳنائون آيل آھن، اھي رڳو قاضي فيض محمد جون ناھن، پر اھي سڄي انسان ذات جون آھن.
ھي ڪتاب 1999ع ۾ سنڌي ساھت گهر، حيدراباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي ٿورن سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي