شاعري

اکين اُڃ اَپار

غلام حسين رنگريز جي شاعريءَ جا موضوع سنڌ جي ڳلين ڳوٺن وستين واهڻن ۾ وسندڙ ماروئڙن جهانگيئڙن کان وٺي سڄي دنيا جي انسانن جي دردن تائين ڦھليل آهن. سندس شاعريءَ ۾ فطرت جي سونھن ۽ ڌرتي جي آجپي جو چٽو تصور موجود آهي. سندس شاعريءَ ۾ ڪٿي طلاطم آھي تہ ڪٿي ماٺار، ڪٿي آس آھي تہ ڪٿي ڪٿ نراس، ڪٿ شعلا شعلا گيت آھن تہ ڪٿ اندر ئي اندر دکندڙ آويءَ جو عڪس. ھن مجموعي ۾ سندس غزل، گيت، نظم، ڪافيون، وايون ۽ ٻيون صنفون شامل آهن.

Title Cover of book Akhein Unjj Appar

سنڌسلامت پاران

سنڌسلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ نثرنگار غلام حسين رنگريز جي شاعريءَ جو مجموعو ”اکين اُڃ اَپار“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
غلام حسين رنگريز جي شاعريءَ جا موضوع سنڌ جي ڳلين ڳوٺن وستين واهڻن ۾ وسندڙ ماروئڙن جهانگيئڙن کان وٺي سڄي دنيا جي انسانن جي دردن تائين ڦھليل آهن. سندس شاعريءَ ۾ فطرت جي سونھن ۽ ڌرتي جي آجپي جو چٽو تصور موجود آهي. سندس شاعريءَ ۾ ڪٿي طلاطم آھي تہ ڪٿي ماٺار، ڪٿي آس آھي تہ ڪٿي ڪٿ نراس، ڪٿ شعلا شعلا گيت آھن تہ ڪٿ اندر ئي اندر دکندڙ آويءَ جو عڪس. ھن مجموعي ۾ سندس غزل، گيت، نظم، ڪافيون، وايون ۽ ٻيون صنفون شامل آهن.
ھي ڪتاب 2005ع ۾ ڳوٺ سڌار سنگت، احمد خان زئور پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.