جيل ڊائري

ڪَتيون ڪيئن قيد ۾ گذريون

ڏاڏو متارو ڏاھري 1979ع ۾ گرفتار ٿيو. هن کي اذيتناڪ جسماني ٽارچر ڪيو ويو ۽ پوءِ لاڳيتو 5 سالن تائين جيل ۾ رهيو. متاري ڏاھري جي ھن ڊائريءَ جو وچور رڳو سندس جيل ياترا جو ذاتي احوال نہ پر ضياء جي فوجي آمريت جي ھڪ ڪاري دور خلاف خاص طور سنڌ جي قومي جمھوري ۽ ترقي پسند تنظيمن، اڳواڻن ۽ شخصيتن جي جدوجھد جي ھڪ تاريخ پڻ آھي. ھن ھڪ وڏي اڳواڻ کان وٺي ننڍي ڪارڪن جي موجودگي جو ذڪر ڪيو آھي،

  • 4.5/5.0
  • 273
  • 48
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Katyun Keay Qaid Mein Guzryun

ڪتاب جا حق ۽ واسطا محفوظ

ڪتاب جو نالو : ڪَتيون ڪيئن قيد ۾ گذريون
ليکڪ: متارو ڏاهري
سھيڙيندڙ: ولي ڏاهري
ڇپائيءَ جو سال: 2023ع
ڪمپوزنگ: خادم حسين ڏاهري
ٽائيٽل: اي. آر آزاد
تعداد: 500
ڇپائيندڙ: سوچ پبليڪيشن، ڄام شورو
قيمت: 600 روپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.comsindhsalamat.com
2025ع

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران قومپرست ڪارڪن متاري ڏاھريءَ جي لکيل جيل ڊائريءَ تي مشتمل ڪتاب ”ڪَتيون ڪيئن قيد ۾ گذريون“ اوھان اڳيان پيش آهي، جنھن جو سھيڙيندڙ ولي ڏاھري آھي.
ڏاڏو متارو ڏاھري 1979ع ۾ گرفتار ٿيو. هن کي اذيتناڪ جسماني ٽارچر ڪيو ويو ۽ پوءِ لاڳيتو 5 سالن تائين جيل ۾ رهيو. متاري ڏاھري جي ھن ڊائريءَ جو وچور رڳو سندس جيل ياترا جو ذاتي احوال نہ پر ضياء جي فوجي آمريت جي ھڪ ڪاري دور خلاف خاص طور سنڌ جي قومي جمھوري ۽ ترقي پسند تنظيمن، اڳواڻن ۽ شخصيتن جي جدوجھد جي ھڪ تاريخ پڻ آھي. ھن ھڪ وڏي اڳواڻ کان وٺي ننڍي ڪارڪن جي موجودگي جو ذڪر ڪيو آھي،
ھي ڪتاب 2023ع ۾ سوچ پبليڪيشن، ڄام شورو پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون علي حسن ملاح جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ارپنا

ڏاڏا محمد هاشم ۽ ڏاڏي لطيفان کي، جن جوڌي کي جنمايو.
سندس وني صوفيا ۽ ڀاءُ محمد يوسف کي، جيڪي ڪامريڊ جي قومي انقلابي مشڪل سفر ۾ ساٿي رهيا


ولي ڏاهري

مھاڳ

ڏاڏو متارو ڏاهري: آمريت سان مھاڏو اٽڪائيندڙ ھڪ شاندار ڪردار

ٻہ اکر

آءٌ ۽ منھنجو وڏو ڀاءُ نورمحمد ڏاهري، سنڌ يونيورسٽي سينٽرل ڪينٽين تي ويٺا هئاسون. ويڪري سلوار قميص ۾ سنھي پر پوري پُني جسامت وارو هڪ نوجوان مائٽ مائٽ ڪري اچي مليو. منھنجي ڀاءُ ۽ هن جي پاڻ ۾ گهڻي حُجت ۽ گهرائي هئي. ٿوري دير گفتگوءَ کان پوءِ هُو اٿيو ۽ موڪلائي هليو ويو. منھنجي ڀاءُ ٻڌايو تہ اهو اٿئي ڏاڏو متارو ڏاهري، هينئر ليڊر آھي. اسان هونئن تہ هڪڙي علائقي جا آھيون، اسانجا ڳوٺ ڪجهہ ڪلوميٽرن جي وٿيءَ تي آھن، پر ننڍي هوندي کان اسان جو منھن شاهپورچاڪر ۽ ڏاڏي متاري وارا شھدادپور رهيا ۽ پڙھيا. هي ڪُونڊائي ڏاهري سڏبا آھن. سندس ڀائر همٿ ڀريا ۽ اوڙي پاڙي ۾ ھرڪنھن سان ٻانھن ٻيلي. محمد ڪامل مجاهد پڻ رهيو، محمد رحيم جو اسانجي ٻنھي ڳوٺن ۾ اچڻ وڃڻ گهڻو هو، سندس ڪچھريءَ جو انداز نرالو ۽ ڪلام ڳائيندو هو. حاجي محمد قاسم تپيدار، پر انتھائي سمجهدار ۽ تعليم جو چاهُہ رکندڙ. سندن والد محمد هاشم ڪونڊائي تر ۾ بااثر ۽ ھوند وارو. چڳ وڍيا مريد هئڻ جي ناتي هنن جي ڳوٺ ۾ پير صاحب پاڳاري جي زيارت لاءِ لانڍي جڙيل هئي. بھادري ڏيا ۽ ظلم سان مھاڏو اٽڪائڻ سندن سُتيءَ ۾ پيل هو. ڀلا ڏاڏو متارو ان خانداني پس منظر ۾ ڪيئن ٿو ماٺ رهي سگهي. شھدادپور ڪاليج جي زماني کان ئي قومپرست سياست جي ور چڙھي ويو. کيس 12 مھينا ڪچيءَ عمر ۾ ئي جيل ڏسڻو پيو. اهوئي سبب هو جو سندس نالو جيئي سنڌ جي اڳواڻن ۾ ليکيو ويو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٻين شاهوڪار شاگرد ليڊرن جي باوجود سائين جي ايم سيد پاران کيس شاگرد يونين جي جنرل سيڪريٽري لاءِ ٽڪيٽ ڏني وئي، جنھن تي سوڀارو ٿيو. جڏهن تہ صدارت تي منھنجي ڀر واري انٽرنيشنل هاسٽل ۾ رھندڙ پينٽ شرٽس پائي سمارٽ ٿي هلندڙ شبير لاکو کٽي آيو. ڏاڏو متارو، هيسباڻي فقير برادرس سان ساڳي هاسٽل ۾ اسانجي هيٺ گرائونڊ فلور واري ڪمري ۾ رهندو هو. جيئن تہ هو پاڻ بہ سنڌي روايتي ٻھراڙيءَ جي لباس ۽ ارڏائيءَ کي پسند ڪندو هو، ان ڪري يونيورسٽيءَ جي پينٽ شرٽ يا ماڊرن ھجڻ جي رواج کان پري هو. يونين صدر ۽ جنرل سيڪريٽريءَ کي آرٽس فئڪلٽيءَ ۾ الڳ الڳ آفيس ڪمرا ۽ گاڏيون مليل هيون. سندن دوُر ۾ ٻين راندين سان گڏ ملھہ ۽ ڪٻڊي رانديون پڻ ٿيون. ڪٻڊيءَ جي رانديگرن کي منھنجي سئوٽ مرحوم نورﷲ ڏاهري گهرائي يونيورسٽيءَ پاران کيڏايو. سندن حلف برداري رسم وائيس چانسلر شيخ اياز جي صدارت ۾ ٿي. ان موقعي تي آرٽس فئڪلٽيءَ ۾ شاندار فنڪشن ٿيو، جنھن ۾ سڀئي نامور فنڪار، استاد منظور علي خان، عابدہ پروين، علڻ فقير، جيجي زرينہ بلوچ، استاد محمد يوسف، وحيد علي، الغوزي، بين نواز، گهڙي نواز ۽ ٻين ڪيترن ان دور جي اعليٰ فنڪارن فن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو. انتھائي جوش خروش ۽ سرگرميءَ جو زمانو هو. سندن دور ۾ يادگار آل پاڪستان ٽوئر ٿيو. لاهور، پنڊي، اسلام آباد، ڪوه مري، پشاور، ايوبيہ، باڙه وغيرہ. واپسيءَ تي 2-آڪٽوبر 1978ع جو واقعو پيش آيو. اهو جنرل ضياءَ جي ڇتي مارشل لا جو زمانو هو. نوابشاھہ پيپلز ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي شيرين سومرو سان هڪ فوجي ميجر پاران زيادتيءَ جي خبر باھہ وانگر پکڙجي وئي، صبح تي سنڌ، مھراڻ يونيورسٽين ۽ ايل ايم سيءَ مان هزارين شاگرد جلوس جي شڪل ۾ ڄامشورو ڦاٽڪ تي گڏ ٿي ويا. آمريت خلاف اڳ ئي باھہ ٻريل هئي ۽ درندگيءَ جي هن واقعي سبب ان ڏينھن تي ڄامشورو جي ڌرتي احتجاج سان تپي ٽامون ٿي وئي. هزارين شاگرد ڇولين وانگي سراپا احتجاج ٿيا. ان وقت جي سموري شاگرد قيادت کي روپوش ٿيڻو پيو، ڪيترائي، شاگرد اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتار ٿيا. مارشل لا مشينري حرڪت ۾ آئي، يونيورسٽيون وڏي عرصي لاءِ بند ٿي ويون. ٽارچر سيلن ۽ جيلن جي وارو وار هئي. ڪک پن چورڻ تي پابندي هئي. اخبارن تي سينسرشپ، ڦاسيون، ڪوڙا، ڦٽڪا وغيرہ وغيرہ. شھيد نظير عباسي ٽارچر وگهي شھادت ماڻي. ٻين وانگر ڏاڏي متاري ڏاهريءَ جي ڳوٺ تي ڪافي دفعا ڇاپا هنيا ويا، سندس ڀاءُ يوسف ڏاهريءَ کي گرفتار ڪري تشدد ڪيو ويو. ۽ نيٺ وڏو عرصو روپوشي گذارڻ کان پوءِ ڏاڏو متارو 1979ع ۾ گرفتار ٿيو. هن کي اذيتناڪ جسماني ٽارچر ڪيو ويو ۽ پوءِ لاڳيتو 5 سالن تائين جيل ۾ رهيو. ان دوران ترقي پسند قومي سياست جا اڳواڻ ۽ سوين ڪارڪن جيلن ۾ ھئا.
ڏاڏو متارو گرفتاريءَ واري رات دير سان هاسٽل تي منھنجي ڪمري جي دريءَ کان اچي بيٺو. آءٌ کيس ڏسي حيران ٿي ويس. هي تہ روپوش آھي پوءِ ڪيئن آيو. چيائين وائيس چانسلر ۽ انتظاميہ سان ڳالھيون ٿي ويون آھن. معاملا settle ٿي ويا آھن. مون کيس پاڻ وٽ رهڻ لاءِ صلاحيو. ٻئي هنڌ نڪري وڃڻ جو چئي هليو ويو. صبح جو خبر پئي تہ وڏي اٽالي سان پوليس ڇاپي ۾ کيس سندس ڪمري تان گرفتار ڪيو ويو، جڏهن اسان مختلف تنظيمن جا تقريباّّ 11 شاگرد جن ۾ قاضي اياز، عارف ڀٽو، سردار شاھہ، محمد حسين باغي، نظير کھاوڙ، مرتضيٰ مھيسر، عبدﷲ شاھہ ۽ منگي گرفتار ٿي ڪجهہ ڏينھن ڪوٽڙي لاڪپ ۽ پوءِ سينٽرل جيل بند وارڊ ڪارو چڪر ۽ اڇي چڪر کان پوءِ ڪارا ٽئين وارڊ پھتاسون تہ ان وقت اعليٰ سياسي اڳواڻ ساڳئي وارڊ ۾ ھئا. محترم رسول بخش پليجو، شھيد محمد فاضل راهو، شاھہ محمد شاھہ، ابوبڪر زرداري، قمر راڄپر، ڊاڪٽر اسلم پرويز، فقير رحمت ﷲ هيسباڻي، فقير عنايت هيسباڻي، پيارو اقبال نظاماڻي، ڪامريڊ ڪريم چنا، ساغر سميجو، سميع مڱريو، سليم جھانگير، عزيز ميمڻ. جڏهن تہ ڄام ساقي الڳ اڪيلو ڪنھن ٻئي وارڊ ۾، عبدالواحد آريسر الڳ وارڊ ۾، علي حيدر شاھ ۽ قادربخش جتوئي الڳ وارڊن ۾ هئا. جلد ئي ڪجهہ آزاد ٿي ويا ۽ ٻيا وري هاءِ جيڪنگ جي ڪري مختلف جيلن تي بدلي ڪيا ويا. سندن جهلڪ ڪچھريون بحث ۽ انقلابي رومانس جي ماحول سکڻ جو موقعو فراهم ڪيو. ڏاڏو متارو شھيد فاضل راهوءَ جي تمام گهڻي واکاڻ ڪندو ۽ کانئس متاثر هو. ۽ پوءِ اسان باقي بچيل وقت ڏاڏي متاري سان گڏ رهياسون، جنھن وارڊ ۾ ڇڏيو ويندو هو تہ اهو متارو ڏاهري وارڊ سڏائيندو هو. جلد ئي لمس مان ڊاڪٽرن جي وڏي کيپ گرفتار ٿي پھچندي وئي. خان محمد لغاري، غلام نبي خشڪ، دودو مھيري، شمس گوپانگ، اقبال ناريجو، نواز پنھور، شفقت ڏاهري، زرعي مان اسد گاڏھي. مٿان وري کاٻي ڌر جا شاگرد اڳواڻ امداد چانڊيو، شير محمد مڱريو، محمد خان سولنگي، اسرار لانگاھہ ۽ ڪامريڊ وزير لاکو تہ ٻيا وري حسن راڄڙ، مرتضيٰ مرڻاڻي، قربان ارباب. هوڏانھن ٻئي وارڊ ۾ تاج جويو، الطاف تنيو، حفيظ قريشي، ناز سنائي، ذڪريا ميمڻ، قمر ڀٽي، ستار موريو ۽ ٻيا. ڏاڏو متارو راڳ جي محفل ۾ گهڙو ڀلو وڄائيندو هو. پتن جي طاس راند ۾ اسان ٻئي جوڙيوال هئاسون، کيس ڪير بہ راند نہ ماريندو هو. شطرنج راند جو سٺو کلاڙي هو. عام ناليوارن قيدين سان سندس ڏيٺ ويٺ ھئي. عيد براد جي موقعن تي گڏيل دعوتون يادگار رهيون. ان وقت ڦاسيون ڏيڻ واري رات جيل ۾ سناٽو ۽ اسان جي وارڊ مان گيتن جي گونجار. ڦٽڪن ڪوڙن وقت بہ ساڳئي جوش جذبي سان گيت ڳائڻ ۽ حوصلو ڏيڻ. منھنجا ڪتاب ٻاهران ايندا هئا، پوءِ ڏاڏو متارو هر ڪتاب جي پھرئين پني تي ڏُو اسڪوائر لکي ڇڏيندو هو. جيل جي اوچين ديوارن سان ٽڪرائيندڙ سندس هڪلون ۽ آواز اڄ بہ تازگيءَ سان ڪنن ۾ ٻُرن پيا. ”مُرڪون ۽ ٽھڪ هن جا نہ مرندا.“ جيتوڻيڪ آءٌ ھڪ الڳ تنظيم سنڌي شاگرد تحريڪ سان لاڳاپيل هوس ۽ مون کي بہ ٻين وانگر ساڻس جيل ۾ لڳاتار ٻہ سال گڏ رهڻ جو موقعو مليو. جيل جي بند حالتن ۾ پاڻ تي نظم ۽ ضبط لاڳو ڪرڻ، مشتعل نہ ٿيڻ، خواهشن کي پاڻ مٿان حاوي نہ ڪرڻ. جيل ۾ راند روند، والي بال، مطالعو، پسار، راڳ رنگ، محفلون دعوتون، سڀ رنگ رهيا. ڪيترائي ڏسڻا وائسڻا جيل جي چوديواريءَ ۾ آپي کان ٻاهر نڪريو وڃن. سندس جيل جي ڊائري ان زماني ۽ حالتن ۾ جيل جي صورتحال ۽ سياسي توڙي عام قيدين جي رهڻ ۽ جيل گهارڻ جي عڪاسي آھي، پاڻ جيئن بہ محسوس ڪيو اٿس اهو ڪنھن جي بہ رک رکاءَ ۽ پرواھہ ڪرڻ کان سواءِ نج پج پنھنجي قلم جي زينت بڻايو اٿس. هونئن بہ جيل جي حالتن ۾ ماڻھو وڌيڪ حساس ٿئي ٿو. سندس جيل ڊائريءَ ۾ بي وسيون ۽ ڀوڳنائون ڀريل آھن. سندس تحرير هڪ ذميوار شاگرد سياسي اڳواڻ جو جيل قربانيء جو رڪارڊ آھي. هن ڊائريءَ ۾ جتي ذاتي ڪردارن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي وئي آھي، اتي سندن مجموعي قربانين جي عمل جي مڃتا ڏياري وئي آھي. ڏاڏي متاري جيل ۾ فلسفي , سياست ۽ عالمي انقلابي ادب جا ڪتاب پڙھيا، انتھائي سنجيدہ مطالعو ڪيو ۽ اتان کان ترقي پسند قومي جمھوري سياست جو آغاز ڪيو. اهڙيءَ طرح پنھنجي هم خيال ساٿين سان گڏجي جساف آرگنائيزنگ ڪميٽي ٺاهي. جنھن جو الحاق پي اين پي غوث بخش بزنجو جي پارٽيءَ سان ٿيو. جيل دوران ڏاڏي متاري ڏاهري انتھائي بھادري ۽ دليريءَ سان وقت گذاريو. سڀني سياسي ڪارڪنن ۽ عام قيدين لاءِ ڀرجهلو ۽ سھارو رهيو. ڪھڙين بہ مشڪل حالتن ۾ مايوسي هن جي پاڇولي کان بہ نہ گذري. انتھائي مطمئن ۽ حوصلي سان هڪ بي مثال ڪردار رهيو. جنھن کي ڏسي همٿون، جرئتون ۽ حوصلا وڌي ويندا هئا. جيتوڻيڪ پاڻ ھڪ مالوند ۽ مڇي مانيءَ واري گهراڻي سان تعلق رکندڙ ھو، پر پاڻيءَ جي بحران، تعليمي ڊگرين جو وقت تي نہ ملڻ ۽ حالتن سان سمجهوتو نہ ڪرڻ ۽ گڏوگڏ کاٻي ڌُر جي سياسي بحران سبب کيس مالي مشڪلاتن سان منھن ڏيڻو پيو. هن پنھنجي پاڻ تي ئي ڀاڙيو، پنھنجي اولاد جي انتھائي ذميواريءَ سان تعليم ۽ تربيت ڪئي. سندس پويان چار پٽ، چار نياڻيون ۽ گهرواري آھن. جيتوڻيڪ شھيد محترمہ بينظير ڀٽو جي اڳوڻي دوُر ۾ کيس سئي گئس ۾ نوڪري ملي، پر بعد ۾ ٻين وانگر ڪافي سالن تائين لٿل هو. وري بحال ٿيڻ کان پوءِ اسسٽنٽ مئنيجر سئي گئس آفيس شاهپورچاڪر ۾ مقرر هو. ڏاڏي متاري ڏاهريءَ وٽ ھرهڪ ماڻھوءَ َکي پرکڻ جو جادو هو. سندس پراثر ڳالھائڻ ۾ مواد ۽ ميٺاج ھو. هن جي گفتگوءَ تي ٻڌندڙ لطف اندوز ٿيندا هئا. وڏيرڪي ۽ عقيدي پرستيءَ جي سماجي ماحول باوجود، هن هڙان وڙان ڏئي سنڌي سماج ۾ ھلچل ۽ تبديليءَ لاءِ وسان نہ گهٽايو. لائبريريون، تعليمي تربيت ۽ سماجي خدمتن جي ميدان تي پاڻ ملھايو. ڪيترن ئي نوجوانن کي تيار ڪيو، انسانيت جي آزادي ۽ وقار لاءِ ھرطرح جي جدوجھد ڪئي. هر چڱي ڳالھہ جي حمايت ۽ مدد ڪئي. برادرين ۽ ماڻھن جي ذاتي اختلافن ۽ تضادن کي حل ڪرڻ لاءِ انتھائي اهم ڪردار ادا ڪيو. ڏاڏاو متارو ڏاهري، شاھ سائينءَ جي هن شعر جي ڀرپور عڪاسي ڪندڙ ڪردار رهيو.
سورهيہ مرين سوڀ کي تہ دل جا وهم وسار،
هڻ ڀالا وڙھ ڀاڪرين آڏي ڍال َم ڍار،
مٿان تيغ ترار، مار تہ متارو ٿئين.
ڏاڏو متارو ڏاهري انھن خوشنصيب ماڻھن مان هڪ رهيو جيڪي هن ڪائنات ۽ فطرت جي متعلق باخبر ۽ واقف رهيا آھن.
محروم ئي مري ويا، ماهر ٿي نہ مئا،
حباب ئي هئا، انھي واديءَ وچ ۾.
ٻھراڙيءَ جي ڳوٺ ۽ پسماندہ علائقي جو، هي يگانو، البيلو ۽ ارڏو جوڌو جبري حالتن جي آڏو توبھہ تائب نہ ٿيو. کيس نابرابري ۽ ظلم خلاف انتھائي نفرت رهي. سماجي ناانصافيءَ خلاف ويڙھہ ھن جي زندگيءَ جو اولين مقصد رهيو. هن جي منزل جمھوريت، انصاف ۽ سماجي قومي برابري رهي. ڏاڏي متاري ڏاهري پنھنجي علائقي ۾ ھڪ نواڻ پيدا ڪئي. هرهڪ کي وقار سان ۽ ذميداريءَ سان جيئڻ جو سبق ڏنو. هو شاھ سائينء جي ڪلام جو پارکو هو. سر سھڻي تہ ڪير کانئس ويھي ٻڌي. سٺو مقرر ۽ ڊبيٽر رهيو. ڪنھن کي بہ قائل ڪرڻ سندس ڏائي هٿ جو کيل هو. ڏاڏي متاري ڏاهريءَ جو وقت کان اڳي هليو وڃڻ سان، نہ رڳو سندس خاندان، عزيزن دوستن پر ترقي پسند قومي جمھوري تحريڪ کي ناقابل تلافي ڌڪ رسيو آھي. سنڌ جي هن حلالي ۽ ارڏي قربانين سان ٽٻٽار ڪردار تي سنڌ جي تاريخ جا ورق سرها آھن.
جان جان هئي جيئري ورچي نہ ويٺي،
وڃي ڀونءِ پيٺي، سڪندي کي سڄڻين.


ڏاڏا سليمان ڏاهري
ايڊووڪيٽ هاءِ ڪورٽ

پرين جي پاڇي ۾ هڪ آخري شام

وڃين رس وڃڻ کي،وڃڻ پڻ وڃانء
لوڪان پاڻ لڪاءُ، لڪان پڻ لڪيج تونءُ

سانوري سانوري شام جي سج ڌرتي جي گود ۾ سھسين سور سميٽي ٽٻي هڻڻ جي تياري پئي ڪئي، گهر جي سھن ۾ مان ۽ بابا همدم هم ڪلام هئاسين، ٽن مھينن جي وڇوٽي کان پوءِ ڄڻ تہ پرتوا پاڻ ۾ ملي رهيا هئا. عڪسن جي عڪس جي ۽ سفر جي سفر جي ڳالھہ هلي رهئي هئي، ائين لڳي رهيو هو ڄڻ اسان فڪر ۽ ذڪر جي جهولن ۾ لڏي رهيا هئا سين، ٻھڪندي ۽ مھڪندي بابا سگريٽ جا ڪش ائين لڳائي رهيو هو، ڄڻ تہ دنيا جا سڀ ذوق ۽ سڀ روڳ ان ۾ سمايل هجن، سندس هوش، جوش ۽ نوش همگير ٿي الڳ احساس ڏياري رهيا هئا، جڏهن زندگي ۽ موت جو موضوع شروع ٿيو تہ هو چنڊ جھڙي خاموشي ۾ کوئجي ويو، ڪجهہ کن پل کان پوءِ هن ڳالھائڻ شروع ڪيو، پر ڳالھائڻ کان پھرين هن جي ڳنڀيرتا مان ائين لڳي رهيو ڄڻ هو پرک جي سرخواب تي چڙهي ست سمنڊ ۽ آسمان گهمي اچي لٿو هجي، سندس انيڪ اظھار جا چشما ڦٽڻ لڳا، ۽ مون پنھنجي احساس جي ڌرتي کي سيراب ٿيڻ لاءِ حاضر ڪري ڇڏيو.
بابا پنھنجي سوچ جي آبشارن کي وهائيندي چيو، دنيا جا سڀ مذهب ۽ سائنسون لاجواب ٿي اهوتسليم ڪن ٿيون، تہ موت هڪ اڻ ٽر حقيقت آهي، پر فلسفو اهڙو علم آهي جيڪو زندگي ۽ موت جي ڀانت ڀانت سوالن کي سلجهائي ۽ سمجهائي ٿو، زمان ۽ مڪان جي جهولي ۾ پلجندي انسان اڄ تائين قدرت تي قدرت حاصل ڪندو پي رهيو آهي، جديد کي هميشہ قديم تي فوقيت حاصل رهي آهي، هڪ ائٽم کان ويندي ڪل ڪائنات تائين تعميري ۽ تخريبي عمل يعني لازوال قانون کان ڪير بہ آزاد نہ آهي، انساني شعور توڙي لاشعور يعني ظاهري توڙي باطني طور جيڪو ڪجهہ بہ ٿي رهيو هوندو آهي، اهو پنھنجي جوهر مطابق ۽ متضاد حالتن پٽاندر ٿي رهيو هوندو آهي، بي سبب ڪڏهن نہ ڪجهہ ٿيو آهي ۽ نہ وري ٿيندو. هي وجودي دنيا آهي، جنھن جو اسان پڻ اٽوٽ حقيقي حصو آهيون. هر شيءَ ۾ هڪ ئي وقت تعمير ۽ تخريب جو عمل روان دوان هوندو آهي، هتي تعمير کي زندگي ۽ تخريب کي موت چئجي تہ جٽادار ٿيندو، يعني هر شيءِ هر وقت مري بہ رهي آهي ۽ جي بہ رهي آهي، زندگي ۽ موت هڪ مسلسل عمل آهي جنھن ۾ هار ۽ جيت اٽل آهي،
انيڪ رشتن لاڳاپن ۽ عڪسن جي هن دنيا ۾ ڪابہ شيءِ آخري نہ آهي يڪسر تبديلي جي اهڙي تاڃي پيٽي کي ڪير بہ روڪي نہ ٿو سگهي، اڄ انسان ڪروڙن سالن جي طويل ارتقا جي ڪلھي تي چڙهيو بيٺو آهي، اها اسان جي خوش بختي آهي تہ ڪائنات جيئن آهي ائين ئي ان کي سمجهون ٿا، تہ جيڪي ڪجهہ اڄ آهي سو ڪالھہ جي ڪارڻ آهي، ۽ جيڪي ڪجهہ سڀاڻي هوندو سو اڄ جي ڪارڻ هوندو، هي دنيا مسلسل هڪ جنم جي دنيا آهي، جنھن ۾ پنھنجو موروثي اثرپڻو لازمي طور رهي ٿو. هي هڪ اهڙو تسلسل آهي جيڪو ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيندو، اها هڪ حقيقت آهي تہ ڪابہ شيءَ مڪمل طور نيست ۽ نابود نہ ٿي ٿئي، پر انتھا ۽ ابتدا جي انداز تي هلندي رهي ٿي، جيئن منھنجي پيءُ جو پڻ پيءُ هو ۽ اهو ئي سبب آهي تہ اڄ آئون آهيان ۽ اوهان پڻ آهيو، اهڙي طرح جيستائين ڪائنات ۾ انسان جي ڊي.اين.اي جي لاءِ داخلي ۽ خارجي حالتون موزون ۽ موافق رهنديون تيستائين انسان جو توڙي پوري جيوت ۽ تخليق جو چرچو قائم دائم رهندو، منھنجي ذاتي ادراڪ مطابق موت کان خوف کائڻ جھالت آهي جڏهن تہ ان کان هر گهڙي خبردار هجڻ ڏاهپ آهي، اڄ مون لاءِ اها خوشي ۽ فخر جي ڳالھہ آهي تہ اهڙي سوچ ۽ سمجهہ توهان ۾ پڻ پوکجي چڪي آهي ۽ مون کي اميد آهي تہ تھائين پوءِ وڌندي رهندي ....... ايتري ۾ امڙ چانھه کڻي آئي ۽ ڄڻ ڌرتيءَ تي موجود هجڻ جو احساس ٿيو، ۽ بابا غير محسوس طريقي سان منھنجي چھري جا تاثرات سمجهندي وري ڳالھائڻ شروع ڪيو.
ڊاڪٽر صاحب، اسان جي هن تذليل پسند معاشري ۾ پنج سيڪڙو ماڻھو اهڙا آهن جيڪي اهڙي ذهني بالغ پڻي سان سرشار آهن، باقي سڀ جا سڀ عجيب نفسياتي الجهنن جو شڪار آهن، جھالت جي هن ڌٻڻ ۽ ڪاري ٻاٽ اونداهي ۾ هي پنج سيڪڙو علم سان آشڪار روشن جهرڻا ضرور پنھنجو اثر ڇڏيندا جن ۾ بابا پنھنجي نظرياتي ڪجهہ دوستن جا نالا ورتا ۽ علمي حوالا پڻ ڏنا.
ٿوري دير چانھہ ۽ سگريٽ جي ڀرپور چس کان پوءِ بابا ٽھنڪندي ۽ مرڪندي چئي رهيو هو تہ مون کي هاڻ موت کان خوف نہ رهيو آهي، بچپن کان يتيم ۽ صغير هجڻ ڪري ۽ زندگي جي درد جا سڀ دنگ اورانگهي جڏهن آئون ڦاسي گهاٽ ۾ هوندو هئس تڏهن بہ اگهور گهري ننڊ مان صبح جو سپاهي اچي ٿاريندا هئا، ۽ عبرت کائيندا هئا مھنجي اهڙي پر اعتماد رهڻي ڪھڻي تي، سونھن، سچ ۽ حق جي سڃاڻپ کان پوءِ نہ رڳي پاڻ کي پر ڪائناتي گردشن کي پرکڻ، سمجهڻ ڄڻ منھنجي شعوري ڪوشش رهي آهي، وجود جي ويڙھہ ۾ ڪڏهن بہ نہ ٿڪجڻ ۽ مسلسل جدوجھد ڪندو رهڻ ۾ منھنجو يقين رهيو آهي، پنھنجي وقت ۽ حالتن جي فضا ۾ هر قسم جي ظلم، ڏاڍ، ڪٽرپڻي ۽ جھالت جي خلاف جنگ مقصد پي رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو مان مستقل مزاجي سان نظريہ ضرورت مطابق پنھنجو وقت ڀرپور نموني گذاري رهيو آهيان، منھنجي زندگيءَ تي حضرت محمد صلي ﷲ عليہ والہ وسلم عربي جي ذاتي زندگي ۽ لينن جي انقلابي ڪردار جو اثر قدم بہ قدم رهيو آهي.
جدلياتي بنيادن تي حالتن جو اڀياس ڪرڻ، صحيح وقت تي صحيح فيصلو ڪرڻ پوءِ ڀلي تہ طويل انتظار برداشت ڪرڻ جو مرحلو درپيش هجي، پر ڪنھن بہ قسم جي اٻھرائپ، شوبازي ۽ خسيس پڻي کان بچڻ ڄڻ عادت ۾ شامل آهي، درحقيقت ڏٺو وڃي تہ موت اهڙو محافظ آهي جيڪو هر گهڙيءَ زندگي جي نہ صرف پر گهور لھي ٿو پر کيس جيئڻ جا نوان ڍنگ سيکاري ٿو، نت نيون منزلون ۽ انھن لاءِ راهون هموار ڪري ٿو،
اڄ جي هن جديد ٽيڪنالاجيڪل دور ۾ انسان اهڙا تہ جوکم جا ڪم سر انجام ڏئي رهيو آهي جو پوئتي پيل ماڻھون حيران ۽ پريشان رهجي وڃي ٿو، بھرحال ڪائنات ۾ هر ڪا شيءُ اچڻي وڃڻي آهي، هتي هر وجود جي وجود جو هڪ مخصوص دائرو آهي، جنھن ۾ ان جو ظھور عروج ۽ زوال جي شڪل ۾ لازمي ٿيڻو آهي، پر پوءِ بہ ڄڻ سلسلو هلندو رهي ٿو، جڏهن اهيا ڳالھہ اٽل ۽ آخري آهي تہ موت برحق آهي تہ پوءِ وسوسو ڇالاءِ...؟ گهٻراهٽ جا ڳھر ڇو...؟ پوءِ ڇو نہ هر گهڙي کي ڀرپور نموني سان گذارجي گذريل وقت جون غلطيون سڌاري اڄ ۾ جيئڻ جي ڪوشش ڪجي، فضول من اندر جي مالي خوليا مان ڇا ورندو، چوڻ جو مقصد اهوآهي تہ هي هڪ سفر آهي ماءُ جي ڪک کان قبر جي ٻک تائين يعني هڪ جهپي کان ٻي جهپي تائين پر جيڪر وقت ۽ وٿيءَ وچ ۾ جيڪا زندگي گذري وڃي ٿي سا انمول ترين هجي ٿي، مان سمجهان ٿو تہ ڪائنات ۾ سڀ کان عظيم تخليق انسان جي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ائين پيو ڀانئبو آهي تہ ڄڻ هيءَ ڪائنات انسان جي لاءِ ۽ انسان ڪائنات جي لاءِ آهي، جڏهن تہ ٻنھي جي تڪميل ڄڻ خدا جي ذات هجي ٿي، جيئن اهو چيو ويندو آهي تہ پنھنجي جاءِ تي هر شخص هڪ ڪائنات آهي، جڏهن بہ اها جڙي ٿي وري ڊهي ٿي تہ ڏک ضرور ٿئي ٿو، بحرحال زندگي هر قيمت تي ڏاڍي پياري هجي ٿي. جيڪا نيٺ هڪ ڏينھن ملڪ الموت جي ڀاڪر ۾ ڀرجي وڃي ٿي، آخر ۾ بابا گهري سوچ ۽ ڪجهہ خاموشي کان پوءِ چيو تہ قل نفسن ذائقت الموت، مون کي ائين لڳو ڄڻ آڪسيجن ختم ٿي وئي آهي، سڪتو طاري ٿي ويو آهي، عجب جي اهڙي ڪيفيت هئي جنھن جي حيثيت سمجهہ کان پري هئي، زندگي ۽ موت جو اهڙو ڳنڀير مشاهدو مو ن ڪڏهن بہ نہ ڪيو هو، مون محسوس ڪيو، اڄ پرين جو پاڇو پري پيو ٿيندو وڃي، ان لھندڙ سج وانگر جيڪو انسانيت جا سڀ سور پنھنجي وجود ۾ سميٽي ڌرتي جي هنج ۾ سمھي پوندو آهي، پر پوري جيوت کي پنھنجي روشن روپ سان جوڀن بخشي ويندو آهي، ........۽ ........ پوءِ جڏهن مون کي فون ذريعي ٻڌايو ويو تہ بابا سنڌ ڌرتي تي پنھنجا رنگ ڍنگ ڇڏي هميشہ لاءِ امر ٿي ويو آهي تہ منھنجي پيرن هيٺيان زمين نڪري وئي، اڀ ڏري پيو، جيءُ جهري پيو، جڏهن اهو پتو پيو تہ اهو مون لاءِ صرف سبق نہ هو پر هڪ معجزاتي الميو هوجيڪو حقيقت بڻجي پيو.
اڄ بابا جڏهن زمان ۽ مڪان جي هنج مان پرديسي پکيئڙي جيان اڏري ويو آهي، ثوابن ۽ گناهن جا گهيرا لتاڙي هوند ۽ اڻھوند جي تضاد کان آزاد ٿي ويو آهي، ائين ٿو لڳي ڄڻ منھنجو شعور مون کان ناراض ٿي ويو آهي، منھنجو اتساھ مون کا رسي ويو آهي، دل نٿي مڃي يقين ئي نٿو اچي مان پاڻ کي محروم ڪيئن سمجهان ۽ مان هن کي مرحوم ڪيئن چوان....! ڇا ڪڏهن پيار ۽ پريت جي ريت ۾ ائين ٿيو آهي...؟ ڇا ڪڏهن پرتوا پاڻ کان جدا ٿي سگهن ٿا ...؟ نہ بلڪل نہ...! بابا موجود آهي منھنجي وجود جي هر عڪس ۾ هن جو عڪس موجود آهي هميشہ موجود رهندو.
نہ سين اڱڻ آڳڙيا، نہ سا سٽ سري
ڪٽورا قاتل جا، جن پيتا پاڻ ڀري،
وئي اجهامي ان جي، بٺي بس ڪري،
ساريو سور چري، موکي متارن جا.


ڊاڪٽر اماس تاج ڏاهري
شھدادپور، سنڌ

توکي ڪير وساري اوساٿي

جيئن ڏاندن جي جوڙي کي پاڃاري ۾ جوٽبو آھي ائين اندريون متارو ڏاھري تہ ٻاھريون طالب جکرو، اسڪول کان ڪاليج ڪاليج کان يونيورسٽي تائين دوستي ۾ مشھور رھيا آھن، ڪامريڊ متارو ڏاھري سان بچپن کان ساٿ رھڻ جي ڪري اسان جي طبيعت ۽ مزاج ھڪ جهڙو ھجڻ سان گڏ ھر مشڪل ۾ چاھي ريل ھجي جيل ھجي گڏئي گڏ رھيا آھيون.
اسان جو سياسي ڪردار بہ ھمسفر ساٿين وانگر رھيو آھي، سياست جي شروعات 1972ع ۽ 1973ع کان ڪئي سون، قومپرست سياست کان شروعات ڪئيسين، سندس وڏي ڀاءُ حاجي قاسم واري ڊپٽي گلي واري جاءِ قومپرست سياست جو مرڪز رھي، متارو ڏاھري، عالم ڏاھري ۽ سردار صالح ڏاھري، ابوبڪر زرداري، طالب جکرو، امداد شاھ ۽ ٻيا ڪيترائي شاگرد سندن جاءِ تي ايندا ھئا، سيلف سرورس ھوندا ھئاسين، متارو ڏاھري آمليٽ، ڀينڊيون ۽ وائيٽ چانور ڀلا ۽ ٽيسٽي ٺاھيندو ھو، آئون ۽ عالم ڏاھري اٽو ڳوھي ماني پچائيندا ھئاسين، سموري سنگت ايندي ھئي گڏجي وڏو انجواءِ ڪندا ھئاسين، ان کان علاوہ ٻيو مرڪز امداد شاھ جي اوطاق ھوندي ھئي جتي بہ سموري سنگت ايندي ھئي ڪچھريون کائڻ پيئڻ ۽ سياسي پروگرام وغيرہ پر امداد شاھ، متارو ڏاھري جي محبت ۾ سموري سٿ کي کڻي ھلڻ واري بھادر دوست ھو ۽ آھي، ڀر پاسي جي ڳوٺن جا سياسي دوست جن ۾ پاڻ سائين امداد شاھ، اصغر شاھ، سومار ساند، ابوبڪر زرداري، خادم حسين زرداري، نثار بالادي، غوث بخش ٽالپر، ماستر بشير ميمڻ، نثار شيخ (جج) عالم ڏاھري، صالح ڏاھري ۽ ٻيا بہ ڪيترا ھمدرد دوست ساٿي ھوندا ھئا اسان سڀني جو سياسي استاد صديق دائودپوٽو، روشن پٺاڻ ۽ حسين شاھ ھونداھئا.
اسان باقائدي قومپرست سياست جو حصو ٿي وياسين، ميمبر شپ کان پوءِ عھدا مليا ڪم شروع ڪيوسين ڪامريڊ متارو ڏاھري سياست ۾ متحرڪ ڪردار ھو، پاڻ ڏاڍو تيزي سان شاگرد سياست ۾ اڳتي وڌيو، اسان سڀني دوستن جو ليڊر ٿي پيو، ھر ڪم ڏاڍو ھوشياري سان ڪندوھو، شاگرد اليڪشن جو اعلان ٿيو اڳيان جماعت اسلامي ھئي، پر جماعت اسلامي جو غلبو وڏو ھو، اسان کي شڪ ٿيو تہ ڪٿي اليڪشن ھارائي نہ وڃون، سنگت فيصلو ڪيو تہ اليڪشن جي ٽائيم ووٽن جون پيتيون کڻجن، اليڪشن وقت ابوبڪر زرداري اليڪشن بوٿ مٿان فائرنگ ڪئي، آئون ۽ متارو ڏاھري ڏنڊا کڻي بيٺاسين، جيئن ئي جيپ آئي متارو ڏاھري ووٽن جون پيتيون کڻندو جيپ ۾ وجهندو ويو، وڏو گوڙ ٿي ويو اسان ھنگامي حالتن کي منھن ڏئي نڪري وياسين پويان جماعت انھن جي اتحادي شاگردن وڏو احتجاج ڪيو، پر ڪجهہ بہ ھڙ حاصل ڪونہ ٿين.
متارو ڏاھري جيئي سنڌ جي پليٽ فارم تان ضلعي جي مختلف عھدن تي ڪم ڪندو رھيو، ڪيترائي دفعا کيس ضلعي پوليس گرفتار ڪري ھيسائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھي نوجوان اڃا ارڏو ٿيندو ويو، ان کان پو اعلي تعليم لاءِ سنڌ يونيورسٽي ويو، متارو ڏاھري کي 1976ع ۾ گرفتار ڪيو ويو، پاڻ بي اي جا پيپر سينٽرل جيل حيدرآباد مان ڏنا.
آئون اڃان ڊگري ڪاليج شھدادپور جو شاگرد ھئس، تہ متارو سنڌ يونيورسٽي ۾ ھو ۽ ايم اي پوليٽيڪل سائنس ۾ پڙھي رھيو ھو، 1977ع 1978ع ۾ يونين اليڪشن ٿي، يونين عھدن تي وڏو جهيڙو ھليو، شاگرد گروپن ۾ ورھائجي ويا پر سائين جي ايم سيد سڀن کي پرچائي متارو ڏھري کي جنرل سيڪريٽري ۽ شبير لاکو کي صدر جي لاءِ نامزد ڪيو، جڏھن سڀ جيئي سنڌ جا ڌڙا ملي ويا، تہ جيئي سنڌ اليڪش کٽي وئي، اليڪشن کٽڻ کان پوءِ حلف برادري دوران آئون ۽ ڪجهہ ٻيا شاگرد متارو ڏاھري جي دعوت تي سنڌ يونيورسٽي آياسين، سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر شيخ اياز پنھنجي سموري يونيورسٽي بيوروڪريسي ۽ مشينري سان گڏ اسٽيج تي ويٺو ھو، ۽ يونين صدر شبير لاکو ۽ جنرل سيڪريٽري متارو ڏاھري بہ حلف کڻڻ لاءِ اسٽيج تي ويٺو ھو، ۽ ھزارين ويٺا آهن، شاگرد پنڊال ۾ ويٺا ھئا، جڏھن شيخ اياز حلف کڻائڻ لاءِ اسٽيج تي آيو تہ سمورو پنڊال جيئي سنڌ جي نعرن سان گونجي ويو، ۽ اليڪٽيڊ شاگردن سرڪاري طرح وارو حلف کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ۽ چيائون اسان جيڪو پارٽي طرفان حلف نامون منظور ڪيو ويو آھي اھو ۽ متارو ڏاھري ۽ شبير لاکو بلند آواز ۾ حلف کڻڻ شروع ڪيو. تہ مونکي قسم آھي راجا ڏاھر جي تلوار جو، مونکي قسم آھي راجا ڏاھر جي ھاٿي جو تہ اسان سنڌ سان وفادار رھنداسين، وائيس چانسلر شيخ اياز شاگردن جي اھڙي اوچتي رويي تي پريشان ٿي ويو، ۽ ڪاوڙجي اسٽيج تان لھي ھليو ويو،
ان کان پو جلد ئي 1978ع ۾ شيرين سومرو واقعو ٿيو، فوجي قتل ٿيا شاگردن جي پويان باھ ٻري وئي، ڪيترن ئي شاگردن سان ڪامريڊ متارو ڏاھري کي بہ مک جوابدارن ۾ شامل ڪيو ويو ۽ متارو ڏاھري روپوش ٿي ويو، عيوض ۾ سندس ڀاءُ محمد يوسف ڏاھري کي گرفتار ڪري سٽي ٿاڻي حيدرآباد ۾ قيد ڪري تشدد جو نشانو بنايو ويو، سندس سموري فيملي کي ھراسان ڪيو ويو سندس سھري محمد صالح ڏاھري کي بہ گرفتار ڪيو ويو، ان سموري روپوشي جي پيرڊ ۾ متارو ڏاھري مون سان رابطي ۾ رھيو، ان وقت مون 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي آءِ آر ڊپارٽمينٽ ۾ ايم اي ۾ داخلا ورتي، دوستن کي خبر ھئي تہ متارو ڏاھري طالب سان رابطي ۾ آھي ۽ دوستن مون کي چيو تہ وائيس چانسلر الياس ابڙو پڪ ڏني آھي تہ متارو ڏاھري کي وٺي اچو خاطري سان سندس مٿان ڪيس ختم ڪرايان ٿو ۽ اچي پنھنجي پڙھائي مڪمل ڪري، انھن دوستن جي چوڻ ۽ نئين وائيس چانسلر الياس ابڙو جي پڪ تي متارو ڏاھري کي آئون ۽ سندس سوٽ محمد صالح يقين ڏياري دولت پور ڀرسان ﷲ ورايو ڏاھري دنگائي جي ڳوٺ مان جتي پنھنجي سھري جي مرضي سان رھيل ھو، واپس سنڌ يونيورسٽي ۾ وٺي آيا سين، کيس سندس ڪمري روم نمبر 42 انٽرنيشنل ھاسٽل تان منظم سازش تحت ۽ ڪجهہ دوستن جي مھرباني سان گرفتار ڪيو ويو، ابتو ايف آءِ يو، جاچ ۾ سندس مٿان ڪيترائي ڪيس داخل ڪري مختلف ٽارچر سيلن ۾ سخت تشدد جو نشانو بنائي مرڻ جهڙو ڪري پوءِ کيس سنٽرل جيل حيدرآباد ۾ سياسي قيدين سان گڏ رکيو ويو، شبير لاکو آمريڪا فرار ٿي ويو، ۽ سندس باقي قيادت مان علي حيدر شاھ، قادر جتوئي پھرين گرفتار ٿي چڪا ھئا، باقي ٻيا دوست بہ مختلف جڳھن تان گرفتار ٿي سينٽرل جيل ۾ آيا.
1983 ۾ ڪامريڊ متارو ڏاھري آزاد ٿي آيو، سندس حوصلا اڃا وڌيڪ مضبوط پئي لڳا، آئون سندس ڳوٺ ملڻ ڳوٺ ويس، ڪامريڊ مونسان شھدادپور لاء پنڌ نڪري پيو، تقريبن پنج ڪلوميٽر واڪ ڪندا اچي مقصودو رند پھتاسين، ان وچ ۾ متارو ڏاھري مونکي قائل ڪرڻ لڳو تہ ھاڻ پاڻ گڏجي ليفٽ وارن سان ڪم ڪريون ٿا ڪامريڊ تاج مري وارا عوامي نيشنل پارٽي ۾ ڪم ڪن پيا ۽ الاھي پريشرائيز بہ ڪيو اٿن ۽ ترقي پسند سوچ جا مالڪ بہ آھن ھاڻ انھن سان گڏ عوامي جمھوري سياست ڪريون ٿا، مون چيو ڏاڏا مون مارڪسسي فلسفو ناھي پڙھيو ۽ آئون ان ۾ فٽ نہ ٿيندس باقي توھان ڀلي دوستن سان گڏ ڪم ڪريو، متارو ڏاھري جيل ۾ ايترو پڙھيو ھو جو ھو مڪمل مارڪسسٽ ٿي لڳو سندس مطالعو ايترو تہ گھرو ھو جو جيڪي ڪميونسٽ دوست مارڪسسٽ ھئا اھي کيس کي دليلن ۾ بحث مباحثي ۾ ھارائي نہ سگهندا ھئا ۽ پوءِ واقعي متارو ڏاھري مارڪسٽ ٿي چڪو ھو، پاڻ پارليامينٽري سياست جو حامي ٿي ڪري پاڪستان جي اندر مظلوم عوام جي حقن لاءِ عوامي پارٽي جو ڊيويزنل صدر ٿيو، جنھن پارٽي جا اڳواڻ مير غوث بخش بزنجو ۽ ولي خان ھئا.
1985 1986 دوران جنرل ضياءُالحق غيرجانبدار اليڪشن جو ڊرامو ڪرايو، محمد خان جوڻيجو کي وزيراعظم چونڊيو ويو ھو، ان وقت ايم آر ڊي تحريڪ اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪرايو جنھن جا عوامي نيشنل پارٽي جا سرواڻ مير غوث بخش بزنجو ۽ ولي خان ميمبر ھئا، انھن جي نگراني ۾ متارو ڏاھري ٽن مھينن لاءِ ايم آر ڊي تحريڪ جو ڪنوينئر بہ رھيو ھو. ڪامريڊ متارو ڏاھري
2011- 09- 12 تي ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو مرحوم آخري وقت تائين ترقي پسند پارليامينٽ سياست جو ڀرپور حامي ٿي رھيو چاھي آزاد گروپ ھجن، مسلم ليگ ھجي پيپلز پارٽي ھجي يا کڻي ترقي پسند ڪميونسٽ اتحاد ھجن جيڪي بہ عوامي مفاد لاءِ جدوجھد ڪندا ھئا ڪامريڊ متارو ڏاھري غيرسياسي طور تي سڀني جو حمايتي رھيو ۽ عوامي مفاد لاءِ ڪم ڪندو رھيو ھو.

طالب جکرو
(شھدادپور سنڌ)

پنھنجي پاران

آئون چئن سالن جو ننڍڙو ٻار هئس ڪنھن بہ شيءَ جو تعين ڪرڻ، ان کي پرکي ڪا راءِ عمل جوڙڻ جو شعور نہ نسريو هو، پيا کيڏندا هئاسين، موج مستون ڪندا هئاسين، پنھنجي اصلي ڳوٺ ڀائي خان ڏاهري ۾ پڙهڻ ويندا هئا سين، ان وقت منھنجي ننڍڙي ذهن تي، نقش ٿيل اها پتڪڙي ياد اڄ بہ ذهن جي گوشي ۾ محفوظ آهي، تہ پڙهيل لکيل ماڻھو يا اسڪول جا استاد جن ۾ سائين عاجز منگي صاحب، سائين دائود ڏاهري صاحب ۽ سائين نور ﷲ ڏاهري صاحب ٻين شاگردن جي ڀيٽ ۾ مون سان وڌيڪ پيار ڪندا هئا، ٻين شاگردن جي ڀيٽ ۾ مون سان الڳ نموني بلڪہ همدردانہ طريقي سان پيش ايندا هئا، اڪثر چوندا هئا تہ پٽ تون بہ پنھنجي والد صاحب وانگر بھادر انسان ٿيندي يا نہ...؟ وغيرہ وغيرہ، آئون ننڍي هوندي پيار مان بابا کي( پيءُ وڏو) چوندو هئس نتيجي ۾ منھنجا سوٽ ٻيا ڳوٺ جا ٻار بہ بابا کي پيءُ وڏو چوندا هئا، اسان جي ننڍڙين ذهنن ۾ پيءُ وڏو جو تصور هڪ هيرو نما بھادر انسان وانگر هوندو هو، اڪثر جڏهن ٻين ڳوٺن جي ڇوڪرن سان راند روند دوران جهيڙو ٿيندو هو تہ انھن کي پيءُ وڏو جون ڌمڪيون ڏيندا هئاسين تہ پيءُ وڏو ايندو تہ توهان کي ماريندو، توهان جي ڳوٺ کي هڪ آڱر سان اڏائي ڇڏيندو وغيرہ، مطلب بابا جو تصور اسان جي ننڍڙن ذهنن ۾ توڙي وڏڙن جي ذهنن ۾ ڳوٺ جي ٻين مردن کان بلڪل منفرد هڪ بھادر انسان يا هيرو جيان هو، جڏهن ٻين ٻارن جا والد پنھنجي اولاد سان پيار جو اظھار ڪندا هئا، يا ڪا کين شيءِ وغيرہ وٺي ڏيندا هئا تہ اهڙين حالتن ۾ بابا جي ڪمي محسوس ٿيندي هئي، پوءِ چاچا محمد يوسف ڏانھن ڀڄي ويندو هئس، وڃي کيس فرمائشون ڪندو هئس، بحرحال منھنجو پيءُ وڏو تہ ڪيترن ئي سالن کان گم هو، سچ پچ تہ رڳو تصوراتي هيرو ئي هو، جڏهن بابا جي نہ هجڻ جو احساس شدت سان ٿيندو هو پوءِ روئيندو هئس ۽ امڙ کان ڏاڏي کان يا چاچا محمد يوسف کان سوال ڪندو هئس تہ پيءُ وڏو ڪيڏانھن ويو آهي، ڪڏهن ايندو...؟ منھنجا اهڙا دل کي رانبڀوٽا هڻندڙ سوال چاچا، امڙ ۽ ڏاڏي جي لاءِ عذاب بنجي ويندا هئا، مون کي تہ آٿت ڏيندا هئا پر پاڻ سوچن ۾ گم ٿي ويندا هئا، امڙ ۽ ڏاڏي جي ڳلن تان لارون ڪري ڪرندڙ ڳوڙها بابا جي جدائي جو چٽو ثبوت هوندا هئا.
1978ع ۾ جڏهن بابا روپوش ٿي ويو هو، ان وقت پوليس ۽ فوج بابا کي گرفتار ڪرڻ لاءِ اسان جي ڳوٺ تي ڇاپو هنيو، بابا نہ ملڻ ڪري چاچا محمد يوسف کي گرفتار ڪري وٺي ويا، پوري گهر ۾ ڄڻ راڪاس ڦري ويو هجي، سڀن جي چپن تان مرڪ گم هئي، ڇو تہ بابا کان پوءِ چاچا يوسف ئي گهر جو اڪيلو سنڀاليندڙ هو، ان کي بہ هي وحشي کنڀي کڻي ويا، امڙ ۽ ڏاڏي پنھنجي پنھنجي منھن روئينديون هيون، گهر ۾ صلات ۽ تسبيح جو ورد ٿيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن تہ ڏکن ۽ ڏوجهرن جي ور چڙهيل اسان جي گهر ۾ چلھہ بہ نہ ٻرندي هئي، امڙ ۽ ڏاڏي پنھنجي نمازن ۾ روئي دعائون گهرنديو هيون، امڙ روز شام جو مونکي چوندي هئي پٽ وڃ گهٽي تي بيھي ڏس پيءُ وڏو ۽ چاچا اچن پيا يا نہ....؟ مطلب تہ اسان جو گهر پوري ڪرب ۽ تڪليف مان گذري رهيو هو.
ڪجهہ مھينن کان پوءِ چاچا يوسف واپس آيو تہ اسان جي گهر ۾ ڄڻ ڪجهہ رونق آئي، بحرحال وقت جو چرخو ڦرندو رهيو منھنجو ڪچڙو ذهن بہ ميچيوئرٽي ڏانھن وڌندو ويو، نيٺ ڳالھہ سمجهہ ۾ آئي تہ منھنجو والد صاحب ڪو ڪرمنل نہ پر هڪ بھادر انسان، انقلابي ليڊر آهي ڌرتي جو جوڌو جوان آهي جيڪو جيل ۾ ان ڪري آهي جو هو چاهي ٿو تہ سنڌي ماڻھن کي آزادي ۽ خودمختياري کپي، پنھنجيءَ ئي ڌرتي تي غلامي جي زندگي گذاريندڙ سنڌي ماڻھو دنيا جي ٻين آزاد قومن وانگر آزاد زندگي گذارين، اهڙي سچي ۽ بھادرانہ موقف جي ڪري منھنجو والد صاحب جيل تنھا ۽ ٽارچر سيلن ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي.
1983ع جي آخر ۾ جڏهن بابا آزاد ٿي آيو ان وقت آئون 8 سالن جو هئس، سچ پچ منھنجي اندر مان احساس ئي گم ٿي ويو هو تہ پيءُ جو پيار ڇا هوندو آهي جڏهن آئون ڀاڪر پائي بابا سان مليو هئس، تہ مون بي انتھا خوشي محسوس ڪئي ڇو تہ منھنجو هيرو منھنجي سامھون هو، سڄي دنيا جو توڙي مٽن مائٽن جو تمام گهڻو پيار مليو هو، پر پيءُ جي پيار جي لذت ئي الڳ آهي، پھريون دفعو پنھنجي وجود هجڻ جو احساس ٿيو.
بابا جي آزاد ٿي اچڻ کان پوءِ ڪجهہ ئي وقت ۾ سندس انقلابي بھادرانہ سوچ ۽ طبيعت جا اثر علائقي ۾ ڦھلجڻ لڳا، ارد گرد جي 10. 15 ڳوٺن جا ماڻھو گڏ ٿيڻ لڳا، ڳوٺن ۾ نوجوان سرگرم ٿيڻ لڳا، هر ڳوٺ ۾ ڪاميٽيون ٺاهيون ويون، عقل ۽ شعور، حق ۽ سچ جون ڳالھيون ٿيڻ لڳيون، جن ڳوٺن ۾ اسڪول نہ هئا اتي خانگي اسڪول کلي ويا، راندين جا ميدان ٺھي ويا، جتي والي بال، ملاکڙو، ڪوڏي ڪوڏي، ونجهہ وٽي توڙي فٽبال جھڙيون رانديون ٿيڻ لڳيون، سماجي توڙي ثقافتي پروگرام ٿيڻ لڳا، جن ۾ مچ ڪچھريون، ڏور بيت، تقريرن جا مقابلا، ڪيل سماجي ڪمن جو تقابلي جائزو وغيرہ جھڙا مشغلا ڳوٺاڻن جي زندگي جو حصو بنجي ويا، ان کان علاوہ هر رمضان جي عيد کان پوءِ ٽئي ڏينھن تي بابا ڍڳن جو ثقافتي ميل ڪرائيندو هو، جنھن ۾ پوري سنڌ جا ڀلوڙ ڍڳا شرڪت ڪندا هئا، پھرين ٻئي ۽ ٽئي جوڙ جي کٽيندڙ جوڙن کي انعام ڏنا ويندا هئا، هزارين ماڻھو گڏ ٿيندا هئا ميل جي آخر ۾ تقريري پروگرام ٿيندو هو جنھن ۾ بابا جا سماجوادي دوست ماڻھن کي پنھنجي اصلاحي ۽ بھترين سماجي زندگي گذارڻ جا ليڪچر ڪندا هئا، مطلب تہ ترقي پسند سوچ جون راهون هموار ٿيڻ لڳيون.
بابا سان شاگرد سياست ۾ ٿيل غدارين کيس اهڙو مضبوط ارڏو انسان بنائي ڇڏيو هو، جو هو بنا ڪنھن سياسي تنظيم جي اڪيلي سر هڪ اداري وانگر ڪم ڪرڻ لڳو، انھن سرگرمين دوران علائقي جي سماج دشمن وڏيرن، ٺڙڪو اڻپڙهيل ملن، توڙي انسان دشمن قوتن کي مرچ لڳي ويا، انھن کان اهڙي سماجي ترقي، توڙي عمل برداشت ڪونہ ٿيو، نتيجن بابا کي تمام گهڻو تنگ ڪرڻ لڳا، سندس مٿان ڪئين بھتان لڳايا ويا تہ هي ڪارو آهي، ڪميونسٽ آهي، بي پيرو آهي، ماڻھن جو عقيدو ٿو مٽائي، هن خطرناڪ انسان تي پابندي لڳائي وڃي، وغيرہ وغيرہ، بلڪہ کيس کي هڪ ٻہ دفعا علائقي جي جيلن ۾ بہ بند ڪيو ويو، پر هي بھادر انسان ڪنھن کان بہ نہ ڊنو، سڀ بھتان سر تي کڻي وڏي سچائي سان دليري سان پنھنجو قومي انقلابي فرض نڀائيندو رهيو، ڪو بہ وڏيرو، پير، ملو، توڙي انسان دشمن کيس خريد نہ ڪري سگهيو ۽ نہ ئي کيس پنھنجي ترقي پسند انسان دوست عملن ۽ موقفن تان هٽائي سگهيو، آخر تائين ثابت قدم رهيو.
مون کي ياد آهي، جڏهن آئون ۽ ڀاءُ ڊاڪٽر تاج محمد نائين ڪلاس جا امتحان ڏئي واپس ڳوٺ آيا هئاسين تہ بابا پنھنجا ڪتاب، ڦوٽا ۽ جيل ڊائري منھنجي حوالي ڪيون، چيائين، پٽ هي منھنجي قومي انقلابي زندگي جون يادون آهن، هن کي پنھنجي لائبريري ۾ سانڍي رک، اڳتي هلي توهان کي خبر پوندي تہ ڪيئن مون پنھنجو جوڀن ڌرتي ۽ ان جي ماڻھن جي آزادي لاءِ وقف ڪيو آهي، اهي ڦوٽا ۽ جيل ڊائري مون پنھنجي ننڍڙي لائبريري ۾ محفوظ ڪري رکيا هئا، جيڪا اسان ملي ڪري گهر ۾ ٺاهي آهي، جنھن ۾ سنڌي ادب کان وٺي، علم سياسيات جا ڪتاب رکيل آهن، جيڪي بابا اڪثر اسان کي پڙهائيندو هو، ڪڏهن ڪڏهن بابا اهي جيل ڊائريو ڪڍي پيو پڙهندو هو ۽ پنھنجي منھن پيو کلندو ۽ سوچيندو هو. فارغ وقت ۾ ڪڏهن ڪڏهن آئون بہ سندس جيل ڊائريون کڻي پڙهندو هئس تہ سچ پچ مونکي پنھنجي بابا تي فخرمحسوس ٿيندو آهي تہ بابا ڪيئن نہ بھادري سان جيل ڪاٽيو هو، نہ صرف جيل ڪاٽيو هو، پر ٻين شاگرد دوستن کي بہ جيل ڪاٽڻ سيکاريو هو.
2011-09-12 جي اڀاڳي صبح جو منھنجو بابا سائين (پيءُ وڏو) ڪامريڊ ڏاڏو متارو ڏاهري اسان سڀني کي ڇڏي ڌرتي جي پولارن مان اڏامي آڪاش جي ڏوراهين ۾ گم ٿي ويو، سندس يادون ڌرتي ۽ ڌرتي وارن لاءِ ڪيل سندس خدمتو اڄ بہ صبح جي سج وانگر اسان جي ذهنن ۾ توڙي ڌرتي جي گولي تي چمڪي ۽ ٻري رهيون آهن.
بابا جي نہ هجڻ جي احساس منھنجي اندر کي چڪنا چور ڪري ڇڏيو، وري پيءُ وڏو هڪ تصوراتي هيرو بنجي هليو ويو آهي، پر سندس ڏنل تربيت ۽ تعليم اسان جو سھارو بنجي وئي آهي، سندس چوڻي تہ، پٽ هتي ڪابہ شيءِ جامد ۽ هميشہ لاءِ نہ آهي هر شي فنا آهي، هڪڙي وجود جو ختم ٿيڻ ٻئي وجود جي بقا آهي، اهو فطرت جو قانون آهي، ان ڪري هميشہ تحرڪ ۾ رهو ڇو تہ اوهين جيڪو ڪجهہ اڄ آهيو سڀاڻ ان کان بھتر هوندا، توهان جي وقت جو صحيح استعمال ايندڙ مستقبل جي ضمانت آهي، مطلب سندس ڪيل لڪچر اڄ بہ اسان جو حوصلو هالار رکيو ويٺا آهن.
بابا جي نہ هجڻ جي احساس مونکي سندس جيل ڊائري کڻي پڙهڻ تي مجبور ڪيو، جڏهن پڙهندو آهيان تہ بابا جي هجڻ جو احساس محسوس ٿيندو آهي. سندس جيل ڊائري منھنجي لاءِ مقدس بنجي وئي آهي، مون کي محسوس ٿيو تہ هي جيل ڊائري بابا جي قومي انقلابي سياسي زندگي هڪ وڏو قيمتي سرمايو آهي، جيڪڏهن هاڻ بہ هن کي ويڙهي لائبريري ۾ رکي ڇڏيان تہ سندس سان ناانصافي ٿيندي، ان ڪري مون سندس جيل ڊائري ڇپرائڻ جو ارادو ڪيو، ان لاءِ ڀائرن ۽ بابا جي ويجهن دوستن سان صلاح مشورا ڪيا ان کان پوءِ ان فيصلي تي پھتا سين تہ هي مرحوم جو اثاثو آهي هن کي ضرور ڇپرائڻ گهرجي.
هن جيل ڊائري ۾ ڪئين تلخ حقيقتون آهن، جيڪي ان وقت جون سچايون آهن، خاص ڪري 1970ع ۽ 1980ع جي ڏهاڪن ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن سان جيڪو ظلم ٿي رهيو هو، خاص ڪري شاگرد سياست سان جيڪا ويڌن ٿي رهي هئي، هي ڊائري ان دور جو آئينو آهي. ملڪ جا وحشي فوجي ڊڪٽيٽر، انسان دشمن قوتن، وڏيرن توڙي ملن سان ملي ڪوڙا ڪارا قانون جوڙي ترقي پسند شاگردن سان وحشياڻو ظلم ڪري رهيا هئا، تہ ٻئي پاسي وري موقعي پرست شاگردن توڙي سياسي ليڊرن کي خريد ڪري هڪ قوم جي جوڌن کي گروپن ۽ ٽولن ۾ ورهائي قومي انقلابي سوچ ۽ جذبي کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري رهيا هئا، هڪڙا فوجين جا دلال ٿي ويا تہ ٻيا وري وڏيرن جا يار ٿي ويا، مطلب تہ شاگرد سياست ۾ غداريون، چالاڪيون موقعي پرستن جا فني مشغلا ٿي پيا هئا، اهڙي گهٽ ۽ ٻوسٽ جھڙي ماحول ۾ پنھنجي پاڻ کي سنڀالڻ مستقل مزاجي سان قومي انقلابي جذبي کي برقرار رکي سياست ڪرڻ حق ۽ سچ تي قائم رهڻ پنھنجيون ذاتي خواهشون دفن ڪري پنھنجا ٻار ٻچا واهڻ وستيون، ٻنيون ٻارا سڀ وساري ٽارچر سيلن ۾ رهي جيل تنھا گذارڻ هڪ وڏي بھادري هئي، مون کي فخر آهي تہ منھنجو والد صاحب بہ انھن ارڏن ۽ دلير قومي انقلابي شاگردن مان هڪ مٿانھون ڪردار هو، هي ڊائري ان دور جو هڪ مقدمو آهي، جنھن کي منظر عام تي نہ آڻڻ سندس سان وڏي ناانصافي ٿيندي.
انڪري آئون عرض ٿو ڪريان انھن دوستن ۽ ڪردارن کي جيڪي هن ڊائري ۾ آهن، تہ مھرباني ڪري حقيقت پسند ٿي هن سچائي کي تسليم ڪن ۽ ڪابہ ڳالھہ دل تي نہ وٺن، ڇو تہ منھنجو ڪو بہ شعوري ارادو يا مقصد نہ آهي ڪنھن جي دل آزاري ڪرڻ يا ڪنھن جي ڪردارڪشي ڪرڻ، پر مون پنھنجي والد جو پاڻ مٿان قرض ۽ فرَض سمجهي هي جيل ڊائري ڇپرائي آهي، جيڪا توهان جي هٿن ۾ آهي.
جيئي سنڌ

ولي ڏاهري
لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي
ڄامشورو سنڌ

شاگرد سياست جي شروعات

1968ع ۾ جڏهن ڪاليج جا شاگرد اسان جي هاءِ اسڪول ۾ اچي بائيڪاٽ ڪرائيندا هئا، اسين رونشي وچان انھن جي پروگرامن ۾ وڃي شرڪت ڪندا هئا سين ۽ نعرا هڻي ٽپ ڏيندا هئاسين.
1969ع ۾ اٺين ڪلاس جي امتحانن جا ڏينھن هئا، ڪجهہ جماعت اسلامي جا ڇوڪرا اسان دوست جيڪي گروپ جي شڪل ۾ ويٺا هئا سين، اچي مليا گروپ ۾ اسين جيڪي دوست موجود هئا سين انھن ۾ سائين امداد شاھ، سائين نوازعلي شاھ، محمد عالم ڏاهري، پير بخش بروهي، طالب جکرو، مينھل وساڻ، الھڏنو کوسو، اميد علي رند، امير بخش انڙ ۽ الھڏنو خاصخيلي وغيرہ هئاسين.
جماعت اسلامي جي شاگردن اسان کي امتحان جا حل ٿيل هٿرادو پيپر ڏنا ان کان پوءِ لفافي ۾ پنھنجي آفيس ۾ اچڻ لاءِ دعوت نامون ڏنو، اسان خوش ٿياسين پاڻ ۾ پروگرام ٺاهيو سين تہ هنن جي آفيس ضرور هلبو، تقريبن شام جو پنج بجي لطيف پارڪ ۾ گڏ ٿي اسان گروپ جي شڪل ۾ هنن جي آفيس آياسين، هنن جي تنظيمي آفيس فيض سيئنيما جي ڀرسان محمدي مارڪيٽ ۾ هئي، هنن دوستن اسان جو وڏو آڌر ڀاءُ ڪيو، وڏا وڏا ڀاڪر وجهي ڪرسين تي ويھاريندا ويا، اسين سڀ دوست الڙ جوان ۽ ويڙهاڪ طبيعت جا هئا سين، ان ڪري هي اسان کان متاثر بہ گهڻو هئا، هنن پھريائين مٺائي کارائي پوءِ چانھہ جو دور هليو، ان کان پوءِ جماعت اسلامي تنظيم جو اڳواڻ شبير راڄپوت اٿي بيٺو ۽ اسان جي اچڻ تي خوشي جو اظھار ڪيو ۽ آڌر ڀاءُ ڪيو، ان کان پوءِ هڪ مولوي شاگرد کي قرآن شريف جي تلاوت لاءِ گهرايو ويو، هن تلاوت پڙهي پوءِ پني تان قائداعظم جا قول پڙهي ٻڌايا، ان کان پوءِ احمد مھاجر جماعت اسلامي جي شاگرد اسان کي پنھنجي جماعت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ باضابطہ طور تي دعوت ڏني، ان کان پوءِ پير صاحب پاڳاري کي ساراهيو ويو ۽ ان جي حق ۾ نعرو هنيو ويو، ڀيڄ پاڳارا ، ڇو تہ تقريبن اسين دوست پيرصاحب پاڳاري جا مريد هئاسين جيڪا کين اڳ ئي خبر هئي، اسان سندن اهڙي عمل کان متاثر ٿي کين چيو اسان توهان جي تنظيم جا ميمبر ٿيون ٿا پر شرط آهي تہ اسين هر جڳھہ تي پيرصاحب پاڳاري جا نعرا هڻنداسين هنن چيو پيرصاحب بہ اسان جي پارٽي جو آهي توهان ڀلي نعرا هڻجو، ان کان پوءِ اسين باقاعدي جماعت اسلامي جا ڪارڪن ٿي وياسين اسڪول ۾ ٻين دوستن کي بہ زور ڀريندا رهياسين تہ شموليت ڪريو، ڪيترائي دوست اسان جي ڪري شامل ٿيا اسان تنظيمي ڪم شروع ڪري ڏنو.
1972ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڪاليج ۾ جماعت اسلامي جي همدردين سان داخلا ورتي سون ڪاليج ۾ بہ نون ڇوڪرن کي جماعت اسلامي جي تنظيم ۾ شموليت جي دعوت ڏني سون ڪيترائي شاگرد اسان جي ڪري پارٽي ۾ شامل ٿيا.
بچل لغاري جيڪو پيرصاحب پاڳاري جو مريد هو هن مير محمد وساڻ ۽ ڪجهہ ٻين دوستن سان ملي پنھنجي الڳ تنظيم جو اعلان ڪيو جيڪا خالص پير صاحب پاڳاري جي مريدن جي تنظيم هئي، جنھن تنظيم جو نالو رکيو ويو جمھوريت التحريڪ اسان جو پورو جو پورو گروپ سواءِ نواز علي شاھہ جي نئين تنظيم جمھوريت التحريڪ ۾ شامل ٿي ويو، هن تنظيم جو صدر بچل لغاري ۽ جنرل سيڪريٽري مونکي چونڊيو ويو، پھريون جلسو اسان فرينڊس ڪلب ۾ ترتيب ڏنو، زندگي ۾ پھريون دفعو مون شاگردن اڳيان اسٽيج تي تقرير ڪئي، پ پ جي حڪومت هئي ۽ پيرصاحب پاڳارو اپوزيشن ۾ هو ان ڪري اسان جي تقرير جو عنوان ڀٽي جي حڪومت جي خلاف هو ان تقرير ۾ مريد شاگردن کي توڙي عام ماڻھن کي ميسيج ڏنو سين تہ ڀٽي کي نہ مڃو ڀٽو ڪافر آهي، جيڪو پيرن کي ڪونہ ٿو مڃي وغيرہ.
1973ع ۾ ڪاليج ۾ اليڪشنس ٿيون، بچل لغاري گرفتار ٿي ويو، جنھن جيل مان مونکي خط لکيو تہ پاڻ جيئي سنڌ ۽ پي پي پي جي خلاف آهيون ان ڪري جماعت اسلامي سان ملي ڪاليج ۾ اليڪشن ۾ حصو وٺون تہ بھتر ٿيندو اسان ليٽر ڪڍيا تہ سنڌ جي پيپلز فيڊريشن ڪافر تنظيم آهي. (اڻپورو)

سنٽرل جيل حيدرآباد

سنڌي قيدي

هن وقت مونکي مسلسل سنٽرل جيل حيدرآباد ۾ 28 مھينا ٿي ويا آهن، آئون مسلسل سي ڪلاس ۾ رهيوپيوآهيان، هن وقت تائين ٻہ سزائون هڪ هڪ سال ڪاٽي چڪوآهيان ۽ ڏھہ هزار رپيا ڏنڊ بہ ڏئي چڪوآهيان،۽ ڪيس 1979-1978 وارا آهن، هن وقت جنھن ڪيس ۾ بنا فيصلي هلي رهيوآهيان ان ۾ 1980-06-26 کان ڪچو آهيان، پندرنھن ڏينھن کان پوءِ سمري مليٽري ڪورٽ 18 ۾ شنوائي تي ويندو آهيان، ڪيترا دفعا ڪورٽ جي ميجر کي ڪاوڙجي چيواٿم تہ اسان کي انساني زندگي بسر ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي، جيڪڏهن ڪيس آهن تہ ان جو فيصلو ڪيو وڃي تہ جيئن آئون سزا ڪاٽي آزاد ٿي وچان، مگر ميجر سدائين اهو جواب ڏيندوآهي تہ منھنجي هٿ ۾ ڪجهہ بہ نہ آهي تون ڊي ايم ايل اي کي سفارش ڪراءِ تہ پوءِ يڪدم آزاد ٿي ويندي، يا آئون توکي ان ڏانھن موڪليان ٿو گوَرنمينٽ سان تعاون ڪر پوءِ توکي آزاد ڪيو ويندو، سندس اهڙي جواب تي مونکي ڏاڍو افسوس ۽ چڙ ايندي آهي تہ ڪورٽ جو صدر انصاف جي گهر تي اهو ڏس ٿو ڏئي تہ مارشلا جي غير قانوني حيثيت کي تسليم ڪيان ۽ سندن غير انساني ظلم جھڙين پاليسين تي راضي ٿيان، تہ پوءِ ٺيڪ آهي، آئون سدائين کيس جواب ڏيندو آهيان تہ آئون هڪ مسڪين هاري جو پٽ آهيان مون وٽ پيسو يا سفارش وغيرہ نہ آهي.
هن وقت تائين ڪيترا ئي شاگرد وڏين سفارشن ۽ پيسن تي آزاد ٿي چڪا آهن، پر منھنجو شعوري طور فيصلو آهي تہ هن سامراج دوست حڪومت سان تعاون ڪرڻ سنئون سڌو هتي جي پورهيت عوام سان غداري آهي. جيڪا منھنجي نظرياتي اصولن جي خلاف آهي، آئون ڪنھن بہ صورت ۾ اهڙي ڊيل نہ ڪري رهيو آهيان ۽ مستقبل ۾ بہ ائين هر گز نہ ڪندس، ان جو اهوئي سبب آهي تہ آئون اڃاتائين جيل ۾ آهيان. جڏهن تہ مونسان خطرناڪ ڪيسن ۾ جيڪي بہ دوست هئا اهي سفارش ۽ پيسي جي زور تي آزاد ٿي ويا آهن.

مائٽ ۽ دوست

منھنجا مائٽ تمام سادا ۽سٻاجهڙا آهن. جيڪي ٻھراڙي ۾ رهڻ جي ڪري اڃاتائين قبيلائلي عقيدن، ريتن ۽ رسمن ۾ ويڙهيل آهن، جيڪي قومي انقلابي سياست کي فضول سمجهن ٿا. سندن هميشہ اهو ضد رهيو آهي تہ آئون سياست ڇڏي ڏيان ۽ خاموش ٿي گهر ويھي رهان تہ پوءِ منھنجي آزاديءَ لاءِ ڪوشش ڪندا، اهڙي ضد هئڻ ڪري هن وقت تائين مون وٽ ملاقات تي صرف ڀاءُ محمد يوسف، محمد صالح، محمد عالم، لعل محمد ۽ نورمحمد کان سواءِ ٻيو ڪير بہ وڏن همراهن ما ن نہ آيو آهي، هنن جي اهڙي ضد هجڻ ڪري منھنجو بہ شعوري طورتي فيصلو آهي تہ آئون سندن غلط نظرين ۽ غلط عقيدن کان بغاوت ڪندي اشتراڪيت جي دائري ۾ انسانيت جي خدمت ۽ عبادت ڪرڻ ۽ جدوجھد ڪرڻ تان ڪڏهن بہ نہ هٽندس، مونکي اها ڪيترا سال اڳ ۾ پڪ هئي تہ هڪ ڏينھن اهڙو بہ ايندو جو منھنجا مٽ مائٽ مون مان هٿ ڪڍي ويندا، اهڙو وقت جنھن جو انديشو هئم اهو اچي ويو آهي.هاڻي تہ ذاتي دوست جن سان راتيون ۽ ڏينھن خوشيءَ سان ۽ مزي سان گذرندا هئا، اهي بہ خوف کائي هٽي پري ٿي ويا آهن ۽ سڀ عزيز بہ پري ٿي ويا آهن، بھرحال هي تاريخ جو ڦيٿو فرندو رهندو آهي، ڪنھن جي بہ سوچ، عمل ۽ خيال سان نہ رڪجندو آهي، مون کي يقين آهي تہ آئون پنھنجي زندگي هڪ عظيم حقيقت ۽ مقصد لاءِ گذاري رهيوآهيان، مون غير ضروري خواهشون ختم ڪري ڇڏيون آهن، پنھنجي زندگي جو هڪ هڪ منٽ بہ انسان ذات لاءِ وقف ڪري ڇڏڻ جو اٽل فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، منھنجا موقعي پرست دوست يا عزيز ڪھڙو بہ رويو اختيار ڪن پر مون کي پڪ آھي تہ آئون درست رستي تي آھيان ۽ ھڪ ڏينھن ھنن کي بہ معلوم ٿي ويندو تہ مان غلط ڪون هئس، ان کان پوء ھنن جو مون کي نظر انداز ڪرڻ يا بي رخو ٿي وڃڻ سان منھنجي طبيعت يا مزاج تي ڪو بہ اثر نہ پوڻ وارو آهي منھنجي لاءِ تہ ستارن ۾ بہ جاءِ آهي.

منھنجي امڙ، جيون ساٿي ۽ ٻچڙا

منھنجي شادي بہ ٿيل آهي، جيڪا مون 1973ع ۾ ڪئي هئي مونکي خوشقسمتي سان ٽي پٽ آهن، جن ۾ ولي محمد، تاج محمد ۽ خادم حسين آهن، هن وقت تائين مون پنھنجي معصوم ٻچڙن، گهر واري ۽ ماءُ جي شڪل بہ نہ ڏٺي آهي، امڙ اڪثر مونکي ياد ڪري روئندي رهندي آهي، سدائين نمازن ۾ منھنجي آزادي جي لاءِ دعائون گهرندي رهندي آهي، مون ادا محمد يوسف کي ڪيترا دفعا چيو آهي تہ ماءُ جو اولاد لاءِ جيڪو پيار هوندو آهي،ان کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي...! ان ڪري امان کي وٺي اچ مونکي ڏسي وڃي تہ ڪو سڪون حاصل ٿئيس، پر يوسف چوندو آهي تہ ادا عورتن کي جيل تي وٺي وڃڻ پنھنجي فيملي روايت جي خلاف آهي.
مون پنھنجي پياري ۽ زندگي جي ساٿياڻي صوفيا کي بہ جڏهن کان جيل ۾ آهيان اکين سان نہ ڏٺو آهي، جنھن جون مونسان تاريخي وفاداريون آهن ان جو ذڪر آئون ٻئي هنڌ ڪندس، منھنجي دل ڏاڍو چاهيندي آهي تہ کيس اکين سان ڏسان جيڪا صبر ۽ بھادري سان فرسودہ رسمن ۾ مون وانگر جيل ڪاٽي رهي آهي، سچ پچ تہ هوءَ ڪيئن هوندي ۽ منھنجو ڪيڏو سختي سان انتظار ڪندي وقت گذاريندي هوندي، ٻين جا ور ڏسي روئندي هوندي ۽ پوءِ پنھنجي پٽڙن کي کڻي اميدن ۽ آسرن تي پنھنجو ڏکيو وقت گذاريندي هوندي، مون ڪافي ڪوشش ڪئي آهي تہ کيس ملاقات تي آندو وڃي مگر غير بنيادِي ۽ غير انساني فرسودہ رسمن جي ڪري منھنجا عزيز اهو مناسب نٿا سمجهن تہ منھنجو جيون ساٿي مون سان جيل ۾ ملاقات ڪري، هن صرف هڪ دفعو مون ڏانھن وڏي سچائي ۽ محبت سان سلام موڪليا آهن، جنھن ۾ هڪ سير مينديءَ جو ان جي اندر هڪ پرچي جنھن ۾ ولي محمد، تاج محمد ۽ خادم حسين جا سلام ۽ چار ڦوٽا پيل هئا. سندس انھن سلامن مونکي جيل ۾ ڏاڍو تنگ ڪيو، مون اهو سڄو ڏينھن ۽ رات گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ڪيفيت ۾ گذاريا، آئون کيس روز بي انتھا ياد ڪندو آهيان منھنجي ساڻس محبت آهي، سندس عزيز منھنجي ڳوٺ کان اٽڪل 100 ڪلوميٽر پري دولتپور شھر جي ڀرسان النور شگر مل شاهپور جھانيا ۾ آهن،هيءَ صرف منھنجي خاطر پنھنجي عزيزن کي ڇڏي رهيل آهي، سندس، وفادارين ۽ قربانين سان گڏ همٿ ۽ بھادري کي آئون پنھنجو تاريخي ورثو سمجهان ٿو، اها منھنجي خوشقسمتي آهي جو مونکي زندگي جوساٿي منھنجي نظرياتي زندگي کان اڻ ڄاڻ هوندي بہ منھنجي سخت اصولن واري قومي انقلابي زندگي گذارڻ تي راضي آهي مونکي ڪڏهن بہ پنھنجي اصولن تان هٽي وڃڻ لاءِ نہ چيو اٿس، شال آئون صوفيا سان نڀائي سگهان.

ولي محمد:
هي منھنجو وڏو پٽ آهي، هن وقت سندس عمر اٽڪل ست سال آهي سندس يادون مونکي ڏاڍو ستائينديون آهن، هڪ دفعو ڪافي منٿن کان پوءِ ڀاءُ محمد يوسف مون سان ملاقات لاءِ وٺي آيو اٿس، مونکي هٿڪڙيون ڏسي سندس شڪل تي مايوسي ڇائنجي وئي...! جيئن مونکي ڏٺائين ڊوڙ ڪري ڀاڪر پاتائين ۽ ڪن ۾ چيائين تہ امان توکي سلام چيا آهن، مون پنھنجي هٿڪڙي جي زنجير سندس هٿ ۾ ڏئي کيس چيو پٽ تون بہ انسان ذات لاءِ پنھنجي زندگي قربان ڪندين ۽ جيل ۾ هلندين...؟ تہ ڏاڍي سھڻي انداز ۾ جهولي ۾ ويھندي چيائين تہ ها آئون توسان جيل ۾ هينئر بہ هلان ٿو...!! مون سندس ڳل تي مٺي ڏئي پنھنجي اميدن جو آسمان سوچيو تہ شال هي بہ انسان ذات لاءِ قربان ٿئي تہ سندس زندگي امر آهي.

تاج محمد ؛
هي منھنجو ٻيو نمبر پٽ آهي کيس اٽڪل ٻن، ٽن سالن کان مون اکين سان نہ ڏٺو آهي، سندس چيڳلايون ۽ آرا مونکي سوچڻ تي مجبور ڪندا آهن. هن ظالم سماج تي عجب لڳندو آهي تہ هڪ معصوم جيڪو بابا، بابا چوڻ لاءِ ڪيڏو آتو هوندو سندس پيءُ کي رياست جا غنڊا بي گناھہ ڪارن قانونن ۾ وڪوڙي، ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي هي وحشي فوجي ڪال ڪوٺڙين ۾ قيد تنھا بند ڪيو ويٺا آهن، ڇا هن معصوم جون آهون هڪ طوفان جي صورت اختيار نہ ڪنديون..؟ اميد آهي تہ هڪ ڏينھن هي ملڪ مظلوم عوام جي هٿن ۾ هوندو ۽ اسين نہ هونداسين تڏهن بہ جھڙا هونداسين، تاج محمد جي عمر هن وقت اٽڪل ساڍا پنج سال ٿي وئي هوندي اميد تہ پاڻ جواني ۾ ڪو نئون سماج ڏسندو.

خادم حسين:
هي منھنجو ٽيون نمبر پٽ آهي، هي تڏهن ڄائو هو جڏهن آئون 1978ع ۾ مشھور ڪيس 2 آڪٽوبر ۾ روپوش هئس ۽ منھنجو هڪ فوجيءِ جي قتل ۾ نالو هو، جڏهن رات جي ڪاري اونداهي ۾ لڪندو ڪار وسيلي ڪراچي کان مورو پنھنجي سھري سوٽ محمد صالح ڏاهري جي گهر پھتس تہ هي جوڌو پنھنجي ماءُ جي هنج ۾ هو، جيڪو پنھنجي پيءُ جي خاطر روئندي هن دنيا ۾ داخل ٿيو، سندس معصوم ڳلڙن تان اهي لارون ٿي ڪري وهندڙ ڳوڙها هن جي گلاب جھڙي ڳلڙن تي تاريخ جو الميو بنجي شاهد رهندا تہ اسانجي پيءُ پنھنجي زندگي مصيبتن ۽ تڪليفين ۾ گذارڻ کي ترجيح صرف انھي ڪري ڏني آهي تہ جيئن دنيا جو مظلوم عوام بہ انساني زندگي بسر ڪرڻ جو حقدار ٿئي. هي چار نومبر 1978ع ۾ ڄائو هن ويچاري جي تہ اهڙي قسمت آهي جو اڃان تائين پيءُ جي پيار کان پري آهي ڇو تہ منھنجي شاگرد زندگي مسلسل جدوجھد سان گذري آهي، آئون جڏهن ڳوٺ کان عيد جي نماز پڙهي 1978-08-26 تي نڪتو هئس ۽ پويان منھنجي گرفتاري لاءِ پوليس ڇاپو هنيو هو، ان وقت هي معصوم اڃان ماءُ جي پيٽ ۾ هو، هينئر ڪڏهن ڪڏهن ڀاءُ يوسف ٻڌائيندو آهي تہ خادم حسين پنڌ پيو ڪري تہ آئون تصور ۾ کيس ڏسندي ڏاڍو خوش ٿيندو آهيان، سچ پچ تہ گهڻو وقت پري هجڻ ڪري سندس معصوم مکڙي جا پنھنجي ذهن ۾ عڪس ويٺو ٺاهيندو آهيان تہ ھھڙو هوندو يا ھھڙو هوندو وغيرہ اميد آهي تہ هي معصوم جوڌو بہ جواني ۾ پنھنجي سماج جي تبديلي لاءِ پاڻ پتوڙيندو.

ڀاءُ حاجي محمد قاسم:
ھي منھنجو وڏو ڀاءَ آھي ھن اسان کي تعليم جھڙي زيور سان سينگاريو، ھن جا مون سان سياست تي توڙي خانداني معاملن تي سخت اختلاف رھيا آھن جن جو ذڪر مان ڪنھن ٻئي ھنڌ ڪندس، ھي اڄ تانئين مون سان جيل تي ملڻ ڪونہ آيو آھي ان جو سبب نظرياتي اختلاف آھن ھو پنھنجي نظريي تي اٽل آھي ۽ آئون پنھنجي نظريي تي.

ڀاءُ محمد ڪامل:
هي ٻيو نمبر وڏو ڀاءَ آهي پاڻ بلڪل اڻ پڙهيل آهي سندس زندگي بلڪل قبائلي دور جون يادون ڏياري ٿي، سندس زندگي تي آئون ٻئي هنڌ لکندس، جيئن تہ اسان جو سڄو خاندان پير صاحب پاڳاري جو مريد آهي، انگريزن جي دور ۾ 1942ع ۾ حر موومينٽ ۾ اسانجي خاندان جون عظيم قربانيون ۽ بھادري سان جدوجھد جا ڪيترائي مثال آهن. انھن کي قائم رکندي هن اسان جو ڀاءُ پنھنجي سوچ ۽ عقيدي مطابق مرشد مٿان جان قربان ڪندي پير صاحب پاڳاري جي حڪم سان 1965ع ۾ هندستان ۽ پاڪستان جي جنگ ۾ شريڪ ٿيو ۽ تمام بھادري سان وڙهيو ان وقت اسان جي والد صاحب زندہ هجڻ ڪري هي کي سر جي قرباني ڏئي شھيد ٿي يا غازي ٿي اچڻ لاءِ پاڻ موڪليائين، هي جوڌي جوان پنھنجو سِر تريءَ تي رکي حرمجاهد طور ڀرتي ٿيو، سندس بھادري جا قصا ڪيترائي ماڻھو بيان ڪندا آهن، جيڪي جنگ ۾ ويل هئا. هي ڪيترن ئي گهيرن مان بچي نڪتو ۽ ڪيترن ئي محاذن تي ٻين ساٿين سان گڏجي فتحون حاصل ڪيائين، جڏهن جنگ بند ٿي تہ هي ويچارا مجاهد بنا ڪنھن اجوري ۽ انعام جي واپس موٽي آيا. جڏهن بہ حڪومت کي ضرورت پوندي آهي تہ انھن حر مجاهدن کي بيگر طور ونگار ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي، هنن ويچارن ۾ ڪابہ ذهني سجاڳي نہ آهي، سندن عقيدو آهي تہ جيئن مرشد سوني ڪلنگيءِ وارو چوندو اهو درست آهي، سر تري تي رکي ان لاءِ قربان ٿي ويندا سين،هي ڀاءُ 1971ع جي جنگ ۾ بہ وڙهي چڪو آهي.

ڀاءُ محمد رحيم:
هي ٽيون نمبر وڏو ڀاءُ آهي، هي بہ ويچارو اڻ پڙهيل آهي مذهبي عقيدي جي لحاظ کان هي بہ ٻين وانگرڪٽر قبائلي سوچ جو مالڪ آهي، سندس زندگي تمام ڀورڙي ۽ درويشن وانگر آهي کيس ذهني سجاڳي گهٽ هئڻ ڪري ماڻھو کيس شينھن شينھن چوندا آهن، جنھن تي هي ڏاڍو خوش ٿيندو آهي ۽ سدائين تيار ٿيو پيو گهمندو آهي،دل جو صاف ۽ سچو پر ڪاوڙ ۾ ڪنھن کي بہ نہ سڃاڻي سگهندو آهي،دل جو تمام ڀورڙو آهي، هي هڪ دفعو لڪ ڇپ ۾ مونسان ملي ويو آهي، مگر هن جي زندگي سال ۾ اڌ صحيح ۽ اڌ لاشعوري هئڻ ڪري هن تي ڪابہ معيار نہ آهي، سندس زندگي جا ڪيترائي واقعا لکڻ جھڙا آهن وقت مليو تہ آئون ضرور قلم بند ڪندس.

رسول بخش پليجو:

4 نومبر 1980ع تي شام جو 8 بجي آئون بي ڪلاس وارڊ ۾ ماني کائڻ بعد دروازي سامھون واڪ ڪري رهيوهئس، اچانڪ دروازو کليو ڊپٽي نواز ۽ هڪ سپاهي جنھن جي هٿ ۾ هڪ بيگ ۽ بسترو هو، ان جي اڳيان هڪ همراھہ بلڪل سنھڙو ڪاٺيءَ جھڙوڪلھن ۾ گرم ڪوٽ پيل مٿي ۾ مائوڪيپ پيل وڏي آواز ۾ سلام ڪيائين ۽ مون سلام جوجواب ڏئي اڳتي وڌي چاهت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي تہ ڊپٽي نواز چيو، تہ هن کي سڃاڻو ٿا ؟ اڃا مون جواب نہ ڏنو تہ يڪدم سنھڙي آواز ۾ پاڻ ئي چيائين رسول بخش پليجو ۽ مون چيو متارو ڏاهري پوءِ يڪدم وڏي حب ۽ محبت سان ڀاڪر پائي چيائين تہ توهان سان ملڻ، ڏسڻ ۽ ڪچھري ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق هو، ڇا توهان تان سختي ختم ڪري ملاقات کولي هتي رکڻ جي اجازت ڏني اٿن ؟ مون آهستي سادگي سان وراڻيو تہ مارشل لا جون ٻيون سڀ سختيون آهن باقي جيل انتظاميہ هتي رکڻ جو حڪم ڏنو آهي، پوءِ مونکي ڀاڪر پائي اڳتي وڌيو ايتري ۾ سڄي وارڊ کي خبر پئجي وئي تہ پليجو صاحب اچي ويو آهي، يڪدم سڀ گڏ ٿي ويا، کولين جي سامھون واري باريڪ ۾ سڀ پليجي صاحب سان هٿ ملائيندا ويا، هي بہ سڀن سان دل جي گهراين سان ملندو ويو، پوءِ ڪچھري شروع ڪيائين، اسين وارڊ ۾ اٽڪل 16 ڄڻا رهندا هئاسين، شاھہ محمد شاھہ جيڪو تازو نارا جيل تان بدلي ٿي آيو آهي، قمر راڄپر ۽ ابوبڪر زرداري جيڪي تازو سکر جيل تان بدلي ٿي آيا آهن، فاضل راهو، صديق راهو، عبدالسميع مڱريو، رحمت ﷲ هسباڻي، عنايت ﷲ هسباڻي، اقبال نظاماڻي، ظفر راڄپر، نظام راڄپر، اسلم پرويز، عالم شاھہ بخاري، سليم جھانگير، بشير احمد شاھہ، ساغر سميجو ۽ عزيز ميمڻ وغيرہ. جيئن تہ اسان جي بند ٿيڻ جوٽائيم 10 بجي رات جو آهي ان ڪري ڪچھريءَ لاءِ اڃان ٽائيم هئڻ ڪري پليجو صاحب جيڪو خيرپور جيل تان بدلي ٿي آيو هو جنھن ٻڌايو تہ اتي مونکي جيل تنھا ۾ رکيو ويو لکڻ پڙهڻ لاءِ ڪجهہ بہ نہ ڏنائون ڇوتہ مارش لا جا سخت آرڊر هئا، اڄ هاءِ ڪورٽ جي آرڊر سان هتي پھتو آهيان.
مونکي پليجي صاحب سان ملڻ جي ڏاڍي سڪ هئي ڇو تہ هن همراھہ آڪٽوبر 1978ع جي مشھور ڪيس ۾ منھنجي، علي حيدر شاھہ، قادربخش جتوئي ۽ سرفراز ميمڻ جي وڪالت ڪئي هئي، آڪٽوبر واقعي ۾ هڪ فوجي سپاهي مرڊر ٿي ويو هو، ان جو ڪيس اسان چئن ڄڻن جي مٿان داخل ڪيو ويو هو، مارشل لا طرفان هڪ اسپيشل ٽربيونل يعني اسپيشل مليٽري ڪورٽ ٺاهي ڪيس هلايو ويو، واقعي جي عدالتي جاچ لاءِ فخرالدين جي ابراهيم هاءِ ڪورٽ جو جسٽس مقرر ڪيو ويوهو، آئون ۽ سرفراز ميمڻ روپوش ٿي ويا هئاسين، باقي علي حيدر شاھہ ۽ قادربخش جتوئي ڊسمبر 1978ع ۾ ڪراچي مان قلندربخش مستوئي جي جڳھہ تان لالااعظم ڊي ايس پي جي اڳواڻي ۾ گرفتار ٿي پيا هئا. جڏهن ڪيس هليو تہ يوسف لغاري سان گڏ رسول بخش پليجو بہ شاگردن طرفان ڪيس وڙهيو، هن منھنجي غير موجودگي ۾ دليل ڏئي مون کي بيڏوهي ثابت ڪيو، ٻيو تہ اسين ننڍي هوندي کان شاگرد سياست ۾ پليجي صاحب جو نالو ٻڌندا هئاسين، جڏهن جي ايم سيد سان هوندا هئاسين تہ هن جو نالو ٻڌڻ بہ پسند نہ ڪنداهئاسين.
مگر جڏهن 20 آگسٽ 1979ع تي جي ايم سيد کي ڇڏي الڳ جيئي سنڌ آرگنائيزنگ ڪاميٽي ٺاهي هئي، تڏهن کان اسان جا خيال ڪجهہ قومپرستي جنون کان هٽي ٿڌا ٿيا هئا ۽ پوءِ عوام جون ڳالھيون ڪندڙ ليڊرن سان ملڻ ۽ ڪچھري ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو، مونکي وڏي اميد هئي ۽ وڏو يقين هو تہ پليجو صاحب سنڌ جي وڏي ڪا شخصيت هوندو، ٻہ ٽن ڏينھن بعد هن مونسان باريڪ ۾ اڪيلي ڪچھري ڪئي ۽ هن کي خبر هئي تہ منھنجا مائٽ پيرصاحب پاڳاري جا مريد آهن،ان ڪري هن معلوم ٿي ڪيو تہ هن ۾ پيرپرستي جو ڪيترو اثر آهي، ان لاءِ هن مونکان سوال ڪيو تہ پير پاگارو سنڌ دشمن آهي سندس 40 هزار ٽرينڊ ٿيل حرمجاهد سنڌ لاءِ وڏو نقصان آهن جيڪي اڳتي هلي جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي هٿن ۾ استعمال ٿيندا؟ مون جواب ڏنو تہ سنڌ جي گهڻائي اڄ بہ پيرن، وڏيرن ۽ مذهبي جنون پرستن جي هٿ ۾ آهي، پاڻ انھن کي سرگرم ٿيڻ لاءِ ڪابہ ڪوتاهي نہ ڪريون اهي ماڻھو سفيد ڪاغذ وانگر آهن جيڪي بہ انگ اکر ٺاهينداسين اهي بيھندا توهان مايوس نہ ٿيو عوام ۾ شعوري اڀار پڻ سائنسي بنيادن تي اچي رهيو آهي، اڳتي هلي هڪ وڏو انقلاب برپا ٿيندو، اڪثر ائين ڪچھريون ٿينديو رهنديون هيون ۽ مونکي اڪثر چوندو هو تہ روز هڪ يا ٻہ ڪلاڪ مون سان ڪچھري ڪرڻ لاءِ ڪمري تي ايندو ڪر ۽ آئون ويندو هئس، سوچيندو هئس ايتري ذهين ۽ هوشيار ماڻھوءَ مان ڪجهہ سکڻ گهرجي، ان ڪري پليجي صاحب جون سڀ ڳالھيون ڌيان سان ۽ سچائي سان ٻڌندو رهندو هئس، ڪڏهن ڪڏهن آئون ڪچھري تي ڪونہ ويندو هئس ان لاءِ تہ متان پليجو صاحب سمجهي تہ ڇوڪرو منھنجي اثر هيٺ اچي ويو آهي، جڏهن بہ وٽس ڪچھري تي ويندو هئس تہ پھريائين ڪلاڪ ڪميونسٽن جي خلاف تقرير ڪندوهو ۽ پاڪستان جي نقلي ترقي پسندن جي خلاف تمام سختيءَ سان ڳالھائيندو هو ۽ پوءِ چوندو هو تہ ڄام ساقي جھڙو جاهل تہ ڪو آهي ئي ڪونہ، پاڪستان ڪميونسٽ پارٽي تي پنجابين ۽ بھارين جو قبضو آهي، جيڪي ڪجهہ ماڻھو ڪوڙڪي ۾ ڦاسائي طوطي وانگر پڙهايو ٿا ڇڏين ۽ ٻاهران ملندڙ رقم کي هضم ڪرڻ لاءِ پنھنجي سماجي حالتن کان ڪٽجي روس جي صحيح توڙي غلط حالتن تي شور مچائيندا، جي ماسڪو ۾ ڪارو ويس تہ هي بہ ڪارو ويس ڪندا، جي ماسڪو ۾ ڳاڙهو يا ٻيو ڪو ويس تہ هي بہ اهو ويس ڪندا ۽ هي سڀ لڪير جا فقير آهن، ان ڪري هتي انقلاب لاءِ خاص رڪاوٽ ۽ مصيبت اهي ئي آهن، پاڻ سڀ انھن جي خلاف جدوجھد ڪيون ۽ انھن ڪوڙن نقلي ترقي پسندن کي عوام جي اڳيان اگهاڙو ڪيون وغيرہ وغيرہ، آئون سندس ڳالھيون ٻڌي ڪمري تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ سوچيندو رهندو آهيان تہ هن جي ڳالھين ۾ ڪيتري صداقت ۽ سچائي آهي.
پليجو صاحب چوندو هو تہ تون مونتي تنقيد ڪندو ڪر ۽ آئون توتي تنقيد ڪندس مون چيو سائين آئون ناچيز توهان جھڙي مدبر شخصيت تي ڪيئن تنقيد ڪريان، مگر پاڻ دليل ڏيندو هو تہ ڪوبه وڏو ۽ ننڍو نہ آهي،غلطيون هر ماڻھوءَ کان ٿينديون آهن، هن جي اها بہ سوچ هوندي هئي تہ هن وقت تائين متاري جي ذهن تي منھنجو ڪيترو اثر ٿيو آهي، مون هن کي ايف.آءِ يو جي ٽارچر جو سڄو احوال ٻڌايو، پوءِ اڪثر چوندو هو تہ توکي ڏسي مونکي خوشي ٿيندي آهي تہ سنڌ ۾ تو جھڙا بھادر نوجوان بہ آهن. هن جي ٻين ٽاپڪن ۾ اهو هوندو هو تہ منھنجو ڪم منھنجي شخصيت انھن ٻن ڳالھين تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالھائيندو هو، سندس ٻيون ڳالھيون تہ آئون برداشت ڪندو هئس مگر اها ڳالھہ مونکي پسند نہ ايندي هئي تہ مون جھڙو هوشيار ۽ مون جھڙو باڪردار ايشيا کنڊ ۾ صرف مائوزي تنگ ٿي گذريو، ٻيو ڪير بہ نہ هو، هڪ ڏينھن مون چيومانس سائين مونکي ڪجهہ سنڌي پھاڪا اچن ٿا چئو تہ ٻڌايان ؟ چيائين بلڪل ٻڌاءِ، مون چيو،
(1) اهو سون گهوريو جيڪو ڪن ڇني..! منھنجي مراد هئي تہ اهڙي رنگين سياست نہ کپي جيڪا انسانيت لاءِ خراب هجي،
(2) مڙس جي ساراه ڪو ٻيو ڪري. ان مان مراد هئي تہ پنھنجي پاڻ ساراھہ ڪرڻ غلط آهي، (3) ڪني ۾ لڀي ڪجهہ ڪونہ لاھہ پاٽ ۾..! ان مان مراد هئي تہ قوت کان سواءِ ڪجهہ بہ نہ ٿيندو، هي منھنجا پھاڪا ٻڌي ڪجهہ منٽن لاءِ خاموش ٿي ويو ٻہ ٽي منٽن کان پوءِ چيائين تہ سنڌ جي پھاڪن ۾ وڏي معنيٰ سمايل آهي.
شام جو اڪثر چھل قدمي لاءِ نڪرندو هو ڪڏهن ڪڏهن مونکي سڏ ڪري گڏ هلڻ لاءِ چوندو هو، گڏ هلندا هئاسين تہ چوندو هو لطيف جا بيت پڙهندو هل، آئون بيت پڙهندوهئس مونکي ان وقت اٽڪل لطيف جا 50 بيت ياد هوندا هئا، هي بہ بيت پڙهندو هو ءِ معنا ٻڌائيندو هو، مونکي اڪثر چوندو هو تہ مائوزيتنگ جا ڪتاب پڙھہ ڇو تہ هن کي خبر هئي تہ مونکي ڪتاب پڙهڻ جو جنوني شوق هوندو هو، مسلسل جيل تنھائي ايف آءِ يو ۾ غيرانساني موچڙا ۽ ايذاءِ ، سي ڪلاس ۾ ملاقات بندکان پوءِ سٺو ماحول مليو هو۽ مون چاهيوٿي تہ انقلابي دنيا ۾ انقلابي مطالعو تمام ضروري آهي، هيل تائين مون مطالعو گهٽ ڪيو هو صرف سنڌ جي تاريخ ۽ ڪجهہ جي ايم سيد جا ڪتاب پڙهيا هئم ۽ ٻيو مختلف لٽريچر ڪڏهن ڪو ڪتاب هٿ اچي ويو تہ پڙهندو هئس. هتي مونکي سٺا ڪتاب ملي ويا آهن، پھريائين مون ويٽنام پڙهيو پوءِ ڪيوبا، انگولا، چين ۽ بعد ۾ روس جو انقلاب جنھن ۾ مارڪس ازم ۽ لينين ازم جنھن ۾ پھريون ڪتاب مون آڪٽوبر جو انقلاب پڙهيو ۽ پوءِ سويت معاشري جي تاريخ ۽ پوءِ نمبروار ڪتابن جو ڪيڙو ٿي پيس، پڙهندو رهندو هئس ۽ شام جو وارڊ ۾ رهندڙ سڀني دوستن سان بحث مباحثو ڪندو رهندو هئس، بحث ۾ پليجو، فاضل راهو، شاھہ محمد شاھہ، ابوبڪر، قمر راڄپر ۽ رحمت ﷲ هسباڻي حصو وٺندا هئا. سڄي بحث ۾ ساغر سميجو نمايا رهندو هو ۽ سڀن کي منھن ڏيو ويٺو هوندو هو.
جڏهن تہ قمر راڄپر پليجي صاحب جي مڪمل اثر هيٺ هو، جنھن جي صلاح سان هن همراھہ اسان جي تنظيم جو منشور ۽ آئين تيار ڪيو، جنھن جي مدد لاءِ پليجي صاحب تحريڪ رسالي جي ايڊيٽر عالم شاھہ کي مقرر ڪيو هو، قمر راڄپر سڄو ڏينھن پليجي جي ڪمري ۾ سندس حاضري ۾ رهندو هو، بلڪہ اسان کي بہ چوندو هو تہ توهان بہ پليجي صاحب سان ڪچھريون ڪندا ڪريو، اسان وٽ هر جمعي تي ڪاري چڪر مان بند وارڊ ٻہ ساٿي جن مان هڪ کي 25 سال ۽ ٻئي کي 14 سال قتل جي ڪيسن ۾ سزا مليل آهي، انھن ٻڌايو تہ علي حيدر شاھہ ۽ قادربخش جتوئي هر تاريخ تي جمعي جي ڏينھن ڪچھري تي ايندا آهن، ڇو تہ اهي ٻئي همراھہ خيرپور جيل ۾ پليجي صاحب سان گڏ رهيا آهن، ان ڪري انھن مان علي حيدر شاھہ کي پليجو صاحب پنھنجو ڪري ويو آهي ان جومثال آهي تہ علي حيدرشاھہ جڏهن بہ ايندو آهي تہ پليجي صاحب سان ڪچھري ۾ رڌل رهندو آهي. ميٽنگس ۾ اسان جڏهن بہ بحث مباحثو ڪندا آهيون تہ علي حيدر شاھہ مائوزيتنگ کي مڪمل انقلابي ۽ پنھنجو اڳواڻ ثابت ڪندو آهي، باقي قادربخش جتوئي مارڪس ازم ۽ شوشل ازم جو گهرائي سان مطالعو ڪيو آهي، جيڪو وري ڄام ساقي وارن سان هم خيال محسوس ٿيندو آهي.هاڻي تہ مزو وڌي ويو آهي، اسان مان عنايت هيسباڻي ڇوڪرو هوندي تمام سٺو مطالعو ڪيو آهي، آئون، عبدالسميع ۽ عنايت وري قادربخش جتوئي سان ڪچھريون ڪندا هئاسين، عنايت هيسباڻي اڪثر پليجي کي چيڙائيندو هو، سندس ڪمري جي ٻاهران ڪلام چوندو هوتہ (بس ڪر ڀونڪڻ اڙي ڪتا....... اڙي چمڙو اڙي چمڙو تہ ڏسو........)اها ڳالھہ پليجي کي ڏاڍي ڏکي لڳندي هئي ۽ قمرراڄپر کي چوندو هو تہ توهان جو ڇوڪرو خراب ٿي پيو آهي، ڊينڊڙن جي چڪر ۾ اچي ويو آهي ۽ مونکي گهٽ وڌ ٿو ڳالھائي، قمرراڄپر وري شاھہ محمد شاھہ کي چوندو هو، شاھہ محمد شاھہ کي وري جي قمر راڄپر چئي تہ رات ڏينھن آهي ۽ ڏينھن رات آهي تہ شاھہ محمد شاھہ انڪار نہ ڪندو آهي، پوءِ شاھہ محمد شاھہ وري رحمت ﷲ کي دانھن ڏيندوآهي، پوءِ رحمت ﷲ وري اچي عنايت ﷲ کي دٻ پٽيندو آهي، پوءِ آئون ۽ سميع کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون تہ هي ننڍڙو ڪارڪن آهي غلطيون سڀ ڪو ڪري ٿو، ان ڪري کيس ايترو پريشر نہ وجهو جو ذهني طور باغي ۽ منتشر ٿي وڃي هڪ ڏينھن شاھہ محمد شاھہ اچي بگڙيو، ڇا ٿيو جو علي حيدر شاھہ جو ريڊيو عنايت هسباڻي ساغر سميجو کي ڏنو، ان تي قمر راڄپر ڪاوڙجي چيو، تہ عنايت هسباڻي، ريڊيو ڄام ساقي ڏانھن موڪليو آهي، ۽ هتان ليٽر بہ لکي موڪلي ٿو، پوءِ تہ شاھہ محمد شاھہ صفا ڳاڙهو ٿي ويو، وڃي قمر راڄپر جا ڪن ڀريائين، قمر راڄپر وري رحمت ﷲ کي دانھہ ڏني ۽ ڀڙڪايو، رحمت ﷲ وري مفادپرست هجڻ سان گڏ قمر جو خاص ايجنٽ هو جنھن اچي عنايت سان ڪمري نمبر پنج ۾ ناراضگي سان بحث ڪيو، مون ۽ سميع کيس سمجهايو، پر اسان ٻنھي کي ان ڳالھہ تي اڃا وڌيڪ ڏک ٿيوجو رحمت ﷲ کي ٿڌو ڪري موڪليو سين تہ گهڙي گذري تہ شاھہ محمد شاھہ دروازي تي اچي عنايت کي گهٽ وڌ ڳالھايو ۽ غير اخلاقي ٻولي استعمال ڪئي، ۽ رڙ ڪري چيو اڄ کان پوءِ جيئي سنڌ آرگنائيزنگ ڪاميٽي مان نڪري وڃ تو جھڙا غدار اسان کي نہ کپن ..!! هليو وڃ پنھنجي ڏاڏن ڊينڊڙن ڏي..!!.؟ بھرحال کيس انتھائي غير اخلاقي ٻولي ۾ ڳالھايائين، مون کان برداشت نہ ٿيو، مون وڌي شاھہ محمد شاھہ کي چيو توهان وڏا آهيو، ڪجهہ خيال ڪريو ٻار سان ايڏي ڏاڍ مڙسي چڱي نہ آهي..!؟منھنجي مداخلت سان رهندو شاھہ محمد شاھہ جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون، ڪاوڙ وچان ڏڪڻ لڳو ۽ چيائين هن جو دماغ تو ۽ سميع خراب ڪيو آهي، ائين چوندو هليو ويو، شاھہ محمد شاھہ جي اهڙي اڍنگي رويي تي عنايت ڏکارو ٿي پيو،ٻئي ڏينھن ميٽنگ گهرائي جنھن ۾ شاھہ چيو عنايت ميٽنگ ۾ نہ اچي، رات جو واڪ ڪندي سميع مونکي چيو عنايت پنھنجي تنظيم جي ڪري جيل ۾ آيو آهي، ان ڪري جي هن کي ميٽنگ ۾ نہ ٿو گهرايو وڃي تہ پاڻ بہ نہ هلنداسين، پوءِ اسان بہ صبح واري ميٽنگ ۾ نہ وڃڻ جو فيصلو ڪيو، مون شاھہ محمد شاھہ کي سڏ ڪري پنھنجي ڪمري ۾ آندو ۽ سميع کي بہ وٺي آيس، ٻنھي گڏ جي شاھہ کي چيو تہ توهان اسان ٻہ ٽن ڏينھن بعد غازي خاصخيلي جيڪو جنبي قيدي آهي، اسان جي وارڊ ۾ ٻاهر جي ڪم لاءِ مقرر ٿيل آهي، جنھن ڪلمو پڙهي ٻڌايو تہ مون پليجي صاحب کي زور پي ڏنا تہ ان مھل قمر راڄپر آيو تہ پليجي صاحب ان کي چيو تہ عنايت کي دٻ پٽراءِ ان ڪري اهيو ڊرامو ٿيو آهي، جيتوڻيڪ ريڊيو تہ سميع مڱريو علي حيدر شاھہ ڏي موڪليو هو، پليجي جون اهڙيون حرڪتون، جنھن سان دوستن جي وچ ۾ فوٽ وجهڻ ۽ هڪ ٻئي سان ويڙهائڻ جي عادتن جي ڪري نفرت جو ٻج ذهن ۾ ڦٽي پيو.
هڪ ڏينھن ثقافتي پروگرام ۾ لطيف جا بيت پڙهيا ويا، جنھن ۾ ٽي انعام رکيل هوندا هئا جيڪي تقريبن پروگرامن ۾ آئون کٽيندو هئس، ان ڏينھن انعامن ورهائڻ لاءِ جج پليجي صاحب کي مقرر ڪيو ويو، مون بہ لطيف جا ٽي وڏا ۽ سٺا بيت ياد ڪيا، پنھنجي مخصوص انداز ۾ پڙهيا ۽ ٻين بہ پڙهيا، اسلم پرويز جيڪو پليجي صاحب جو اڳ ڄائو پٽ آهي، ان هڪ بيت غلط پڙهيو ۽ ٻيا ٻہ بہ جھڙاتھڙا پڙهيا جيڏي مھل انعام ورهايا ويا تہ پليجي صاحب پھريون انعام اسلم پرويز کي ٻيو مونکي ۽ ٽيو سميع مڱريو کي ڏنو، جيڏي مھل گڏجاڻي ختم ٿي تہ مون پليجي صاحب کي چيو تہ توهان جانبداري نہ ڪئي آهي، اسلم کي پنھنجو پٽ ۽ سياسي مالڪ سمجهي انعام ڏنو آهي، پليجو اهو ٻڌي ڪاوڙجي هليو ويو. هڪ ڏينھن ابوبڪر ۽ اسلم برداشتن جي گڏجاڻي ڪري کين ڪم ڪار سمجهائي رهيا هئا، آئون بہ ان ڪاميٽي جو ميمبر هجڻ ڪري وڃي پاسي ۾ ويٺس، ڇاهو تہ، برداشتي ميوو ڀنڊ ٻاهر جي ڪم ڪار لاءِ مقرر ڪيو ويو هو، پر جيڪو صرف قمر راڄپر جو ڪم دلچسپيءَ سان ڪندو هو ۽ مونکي عنايت کي ۽ سميع کي ڪونہ ڪو سبب ٻڌائي ڪم نہ ڪندو هو، انڪري مون هڪل ڪري چيو تہ اهو همراھہ ٻاهر جي ڪم لاءِ نہ رکو اسان جو ڪم ڪونہ ٿو ڪري، ان تي اسلم پرويز مونکي چيو تہ تون چپ ڪري اٿي وڃ تنھنجو ڪجهہ بہ نہ وڃي، ان تي مونکي ڏاڍي مٺيان لڳي ماٺ ڪري اٿي وڃي ٻاهر بينچ تي ويٺس، پھريائين سوچيم اسلم کي گلي مان وٺي ٻہ ٽي ٺونشا وهائي ڪڍان.! پر بھتر سمجهيم تہ دوستن کي شڪايت ڪجي سڀني کي چيم تہ ادا اهيو سڀ ڪجهہ پاڻ سان پنھنجي ساٿين جي ڪري ٿئي پيو، شاھہ محمد شاھہ پري ويٺو هو ۽ اسلم ٻاهر نڪري وري ڊيگهہ ڪرڻ لڳو قمر کي داستان ٻڌائي مونکي ڏوهي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، مون چيومانس هاڻي تون وڌي ٿو وڃي، اسانکي مجبور نہ ڪر ور نہ ٻنھي لاءِ سٺو ڪونہ ٿيندو.! ائين چئي آئون پنھنجي ڪمري ۾ هليو ويس، سميع اچي مونکي چيو تہ اهو سڀ ڪجهہ پنھنجي دوستن جو پليجي صاحب جي اثر ۾ اچي وڃڻ ڪري ٿي رهيو آهي، ان ڪري اسلم جو مٿو خراب ٿي پيو آهي، جڏهن پليجي صاحب کي اسان جي ڊسڪس جي خبر پئي تہ ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ يڪدم سندس تنظيم جي گڏجاڻي گهرائي فيصلو ڪيائين تہ پاڻ کي وارڊ جي سڀني ڪاميٽين تان استعيفا ڏيڻ گهرجي، اهو فيصلو شاھہ محمد شاھہ کي ٻڌايائين ان اچي مونکي ٻڌايو، مون شاھہ کي سموري ڳالھہ ڪري ٻڌائي شاھہ چيو تہ پوءِ هو سڀ استعيفائون ڏين ٿا اوهين ڪم سنڀاليو، مون چيو هڪ تہ بي واجبيون بہ هو ڪن، وري يڪدم استعيفائن جون ڌمڪيون پيا ڏين، ڪجهہ توهان بہ اسان جي عزت جو خيال ڪريو، شاھہ چيو تون ماٺ ڪري ويھہ مان انھن کي تنھنجي طرف کان پرچايان ٿو، مون چيو ڪھڙو لاچار آهي، شاھہ چيو اها توکي خبر نہ آهي بھرحال اندروني ڳالھہ تہ الائي ڇا هئي، پليجي صاحب ۽ شاھہ محمد شاھہ جي وچ ۾ ڪھڙي ڳالھہ ٿي مون کي خبر نہ آهي، هاڻ اٽڪل ڏيڍ مھينو گذري ويو آهي تہ پليجو صاحب مون سان نہ ڳالھائيندو آهي.
هڪ ڏينھن آئون سندس ڪمري ۾ ويس چيو مانس افسوس تہ تو جھڙو ڏاهو ۽ مدبر ماڻھو اسان کان ناراض ٿي ويو آهي، توهان منھنجي ۽ اسلم جي ضد کي هڪ طرفو نہ ڏسو ها ۽ جنھن جي غلطي هجي ها تہ ان کي سزا ڏيو ها.؟ پليجي چيو، رڳو اها ڳالھہ نہ آهي ٻين الاهي جڳھن تي تون اسان جي راءِ جي مخالفت ڪندو رهندو آهين، مون چيو غلط ڳالھيون هجن تڏهن بہ حمايت ڪجي ..؟ هن چيو اتي ميٽنگ ۾ حمايت ڪبي آهي پوءِ پنھنجي منھن سمجهائبو آهي، جيئن قمر راڄپر، شاھہ محمد شاھہ ۽ رحمت ﷲ هيسباڻي ڪن ٿا.مون کلي ٽوڪ جي انداز ۾ چيو، سائين ٺيڪ آهي جيئن ٻيا ڪن ٿا تئين مان بہ ڪندس، ٻہ ٽن ڏينھن کان پوءِ مون وري هن وٽ وڃڻ شروع ڪيو، هن وري مون ۾ ڏاڍي دلچسپي ورتي، پوءِ خبر پئي تہ هاڻي وري قمر، ابوبڪر ۽ شاھہ سان ڪونہ ٿو ٺھي، همراھہ اچي مرليون وڄائي، روز منھنجي غير ضروري ساراھہ ۽ ٻيون مختلف تقريرون ، جيئن تہ انھيءَ وقت قمر ۽ شاھہ مونکي فاضل راهو سان گڏ رهڻ تي مجبور ڪيو، اهو ان ڪري تہ جيئن فاضل ۽ پليجو مونتي ڪم ڪن، اهو بہ پليجي جي چوڻ تي ڪيو ويو هو، هڪ ڏينھن صبح سوير جيئين کوليون کليون تہ پليجو منھنجي ۽ فاضل جي کولي نمبر 7 ۾ آيو ۽ فاضل کي چيائين تون وڃي چانھہ ٺاھہ ۽ آئون ۽ ڏاڏو ڪچھري ٿاڪريون، پوءِ مونکي ويھي سمجهايائين ۽ پنھنجي تنظيم ۾ شموليت لاءِ قانوني طور دعوت ڏنائين، چيائين اڳي توکي ائين چوندا هئاسين مگر اڄ آئون توکي هلي دعوت ڏيڻ آيو آهيان، تو جھڙن ماڻھن جي اسان جي تنظيم ۾ سخت ضرورت آهي، اڄ کان تون اسان جو ميمبر ٿي توکي ڪير بہ ڪجهہ نہ چوندو، آئون هن جا دليل ۽ ڳالھيون خاموشي سان ٻڌندو رهيس، هن دليل ڏئي بس ڪئي تہ مون چيو سائين ڪوبه فيصلو ڪجي تہ سوچي سمجهي ڪجي مونکي ڪجهہ وقت ڏيو هن چيو، ٺيڪ تو کي ٻہ ٽي ڏينھن سوچڻ لاءِ ڏيان ٿو، پوءِ هي مسلسل ٽي ڪلاڪ ليڪچر ڪندو رهيو، ٻئي ڏينھن مون ۽ سميع مڱريو ان تي بحث ڪيو، ان نتيجي تي پھتاسين تہ هي سڀني کي بيوقوف بنائي پنھنجي تنظيم ۾ آڻڻ چاهي ٿو، ان لاءِ فيصلو ڪيو سين تہ پاڻ بہ بچبو ۽ ٻين دوستن کي بہ بچائبو.
ان وقت اسان جي وارڊ کان ڏکڻ ڪورٽ جي ڀرسان اي ڪلاس ۾ جيئي سنڌ صالحين جا دوست رسول بخش ٿيٻو، قمرڀٽي، عبدالواحد آريسر، صمد ڪانڌڙو، علي محمد شاھہ لڪياري، شيخ مجيب الرحمان ۽ غلام نبي سومرو رهندا هئا، هنن همراهن جي پليجو صاحب سخت مخالفت ڪندو هو، سپرنيٽينڊنٽ کان راند جي بھاني اجازت وٺي شام جو روز ڪلاڪ اتي وڃي سياسي ڪچھريون ڪندو هو، انھن سان وري اسان جي خلاف ڳالھائيندو هو، جيڪي خبرون وري اسان کي صمد ڪانڌڙو ٻڌائيندو هو.
بھرحال پليجي صاحب جي طبيعت جنوني چيڙاڪ ۽ ضدي هوندي هئي نظرياتي طرح مائو پرست ۽ قوپرستي جا اثر هئڻ ڪري هڪ هٽي ۽ شخصيت پرستي واري طبيت جو مالڪ هجڻ سان گڏ ٻن کي ويڙهائي برغلائي انھن جي تضاد مان ڀرپور فائدو وٺڻ وارو شخص سدائين بيمار روز ٻن برداشتين کان زور ڏياريندو آهي، وهنجي ڇھن مھينن ۾ هڪ دفعو، پر تمام اٽڪلي سياڻو مگر ڪو شل نہ سندس ساراھہ ڪري پوءِ تہ ان همراھہ کي چوندو واھہ واھہ بس آهين ڪو تون..! جيترو وقت گڏ رهياسين تہ روز ڪونہ ڪو مسئلو هوندو ئي هوندو هو ۽ پوءِ جڏهن آئون هن کان هٽڻ لڳس ۽ مون هن کي تنظيم ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪو بہ جواب نہ ڏنو، مون روس جي انقلاب جا ڪافي ڪتاب پڙهڻ بعد روس جي انقلاب تي ڪچھريون ڪرڻ شروع ڪيون تہ پوءِ هي همراھہ منھنجي سخت خلاف ٿي پيو، اسان جي همراهن قمر راڄپر، ابوبڪر زرداري، رحمت ﷲ هسباڻي ۽ شاھہ محمد شاھہ کي منھنجي ۽ سميع مڱريو جي خلاف تيار ڪري ڇڏيائين، مٿيان دوست جيترو بہ گڏ رهيا اسان سان اهڙيون تہ تعديون ڪندا رهيا جو ڇا لکجي وڌيڪ ذڪر آئون ٻئي هنڌ ڪندس.

شاھہ محمد شاھہ

شاھہ محمد شاھہ سنڌ جي قومي سياست ۾ اٽڪل 12 سالن کان سرگرم آهي ان ڪري سنڌ ۾ ڪافي مشھور هئڻ سان پھريائين قومپرست جي حيثيت سان جي ايم سيد جي ڪري سڃاتو ويندو هو ۽ پوءِ 1975ع ۾ جيئي سنڌ تان استيعفيٰ ڏٰنائين. حقيقت ۾ جيئي سنڌ کي وجود ۾ آڻڻ ۾ هي بہ پھرين لسٽ ۾ شامل ڪجي تہ ٺيڪ رهندو، هي ڪيتروئي وقت جيئي سنڌ ۾ مرڪزي حيثيت سان بہ رهيو ۽ انھي ميدان تي پ پ پ جي دور حڪومت ۾ هڪ قومپرست جي حيثيت سان اٽڪل اڍائي سال جيل ۾ رهيو 1975ع ۾ هن جيئي سنڌ جي بنيادي ميمبر شپ تان استيعفا ڏني پوءِ بہ جيئي سنڌ ۾ ڪم ڪندو رهيو، سندس گروپ جنھن ۾ اسماعيل وساڻ، عزيز ڀنگوار، سڪندر ڀنگوار، صديق دائود پوٽو، جمن ڪارو، ابوبڪر زرداري، امان ﷲ شيخ، آغا ظفرﷲ، غوث بخش خاصخيلي، عبدالسميع منڱريو، رحمت ﷲ هسباڻي، عنايت ﷲ هسباڻي، هيرانند، غلام رسول زرداري، نظر محمد جوڻيجو، خان محمد لغاري، سردار شاھ، غلام نبي خشڪ، علي حيدر شاھ، قادربخش جتوئي، علي ڏنو شاھ، شعبان ڀٽي، محبت چانڊيو، اشفاق صديقي ۽ آئون متارو ڏاهري شاھہ محمد شاھہ جي گروپ ۾ هئاسين. 1974ع ۾ دادو ڪنوينشن ۾ جيئي سنڌ ۾ گروپنگ وجود ۾ آئي، هڪ طرف مولابخش لغاري، عبدالواحد آريسر، اختر ڪاڪيپوٽو، حبيب ﷲ ناريجو، خادم حسين لاکير،اشرف کھاوڙ،ظمير لاڙڪ، شبير لاکو، اديب انقلابي، قادر جوڻيجو ۽ ٻيا ساٿي ۽ ٻئي طرف شاھہ محمد شاھہ ۽ سندس ساٿي هئا. ضد ۽ جهيڙو صرف مرڪزي قيادت تي شروع ٿيو، سائين جي ايم سيد ويچارو جيڪو ويندو هئس انھي سان راضي اڪثر چوندو هو تہ اوهين پاڻ ۾ فيصلا ڪيو مونکي پيريءَ ۾ تنگ نہ ڪيو، تڏهن بہ ٻئي گروپ هڪٻئي جي خلاف سائين جي ايم سيد سان گلا غيبت ۾ مشغول رهڻ لڳا، آخرڪار شاھہ محمد شاھہ 1975ع ۾ بنيادي ميمبرشپ ڇڏي ويو، 1977ع ۾ جيل مان آزاد ٿيڻ کان بعد هن ڪجهہ ٻيا ساٿي جيڪي تعليمي ادارن مان شاگرد زندگي ختم ڪري چڪا هئا، انھن کي جيئي سنڌ مان ڪڍرائي وڃي اين ڊي پي ۾ شامل ٿيو، جنھن ۾ پٺاڻ ۽ بلوچ مير غوث بخش بزنجو، عطاءُﷲ مينگل، يوسف مستي خان، شيرباز مزاري، ولي خان ۽ بيگم ولي وغيرہ هئا. جڏهن 1977ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي خلاف پي اين اي ٺھي ۽ نون (9) پارٽين جي اتحاد سان موومينٽ شروع ٿي، ان ۾ حاڪم علي زرداري سنڌ جو صدر هو، تڏهن اين ڊي پي بہ انھن سان شامل ٿي، بعد ۾ جڏهن سندن پروگرا مطابق ڀٽو لٿو ۽ گرفتار ٿيو هڪ فوجي حڪمران ڊڪٽيٽر ضياءُالحق اقتدار تي قبضو ڪيو، ٽن مھينن جي اندر اليڪشن جي بھاني پاڻ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ قومي اتحاد جي نون (9) پارٽين کي پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ دعوت ڏنائين تہ هنن دوستن يعني شاھہ محمدشاھ، قمر راڄپر ۽ ابوبڪر اين ڊي پي کي قومي اتحاد کان الڳ ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو جنھن ۾ هنن سان بلوچ ۽ پٺاڻ اڳواڻ بہ متفق هئا پوءِ 1978ع ۾ اين ڊي پي ۾ ٻہ ڌڙا ٿي پيا، هي همراھہ بلوچن سان گڏجي الڳ ٿي پيا، ڪراچي ۾ ڪنوينشن ڪيو ويو جنھن ۾ اسين سڀ ميمبر جي حيثيت سان شامل ٿيا هئا سين، هڪ نئين پارٽي پي اين پي ٺاهي وئي جنھن جو چيف آرگنائيزر مير غوث بخش بزنجو ٿيو، انھي بلوچ ليڊر وڃي لاهور ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي جنھن ۾ چيائين تہ پاڪستاني قوم جو قرآن ۾ ڪٿي بہ ذڪر نہ آهي بلڪہ پاڪستان ۾ چار قومون رهن ٿيون، اسين سڀ پاڪستان ۾ رهندي صوبائي خودمختياري جي ڳالھہ ڪريون ٿا، جيڪا اسان کي ملڻ کپي، هن جي اهڙي بولڊ بيان تي سنڌ مان پھريائين مون سنڌ يونيورسٽي شاگرد سنگت جي جنرل سيڪٽري جي حيثيت سان حمايت ڪندي، چيو تہ اها ڳالھہ اسان اڄ کان ڏھہ سال اڳ ڪئي آهي، تہ مرڪز کي صرف ٽي کاتا ڏنا وڃن، باقي صوبن کي خود مختياري جا حق ڏنا وڃن، پوءِ اسان سڄي سنڌ مان پنھنجي گروپ طرفان حمايتي بيان شروع ٿي ويا، جڏهن تہ آئون جيئي سنڌ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن کٽي 1978ع ۾ شاگرد يونين جو جنرل سيڪٽري چونڊجي آيو هئس، جڏهن ٽڪيٽون ورهايون ويون تہ جيئي سنڌ آريسر گروپ طرفان سندن ٻن همراهن شبير لاکي ۽ علي محمد شاھہ لڪياري کي ٽڪيٽون ڏنيون ويون هيون، جنھن تي اسان جي گروپ اعتراض ڪيو، ۽ اسان جي گروپ ٻہ الڳ عھديدار بيھاريا جن ۾ صدر مير محمد کوکر ۽ جنرل سيڪيٽري لاءِ مونکي چونڊيو ويو، جڏهن صبح جو ٻہ الڳ جيئي سنڌ جا جلوس نڪتا تہ ٻيون سڀئي پارٽيون خوشيون ملھائڻ ۾ مشغول ٿي ويون تہ هاڻي پڪ جيئي سنڌ هارائيندي، اهڙي مخالفت کي محسوس ڪندي اسان جي گروپ ٺاھہ جو ارادو ڪيو، جنھن لاءِ ثريا مخدوم ۽ جاويد کھڙي جي اڳواڻي ۾ هڪ غير جانبدار ڪاميٽي ٺاهي وئي، فيصلو ڪيو ويو تہ ٻنھي گروپن مان پنج پنج ميمبر کنيا وڃن، اهڙي فيصلي کان پوءِ سڀئي ساٿي سائين جي ايم سيد وٽ وياسين، جتي شاھہ محمد شاھہ اسان جي طرفان ڀرپور ڪردار ادا ڪيو جنھن جي ڪوشش سان ٺاھہ ٿيو ۽ اسان جي گروپ مان جنرل سيڪيٽري لاءِ آئون چونڊيو ويس ۽ هنن مان صدر لاءِ شبير لاکو چونڊيو ويو، پوءِ اليڪشن ٿي جنھن ۾ آئون ڪامياب ٿيس، ان اليڪشن ۾ اسان سان وڏيون غداريون ٿيون جيڪو ذڪر آئون ٻئي هنڌ ڪندس.
گروپنگ جو عمل ۽ سازشون ڏينھون ڏينھن زور وٺنديو ويون، آڪٽوبر واقعي ۾ آريسر گروپ مارشل لا جي بي ٽيم وارو ڪردار ادا ڪيو بعد ۾ 20 آگسٽ 1979ع ۾ اسان الڳ جيئي سنڌ آرگنائيزنگ ڪاميٽي ٺاهي جنھن لاءِ ڪراچي ۾ مير محمد کوکر جي بنگلي تي پريس ڪانفرنس ڪئي سون، جتي شاھہ محمد شاھ، قمر راڄپر، ابوبڪر زرداري بہ گڏ هئا، جئين تہ الڳ ٿيڻ ۾ مٿيان همراھہ پيش پيش هئا، اسان واضع طور تي اعلان ڪيو تہ اسان جيئي سنڌ کاٻي ڌر آهيون، اسان جلدي اليڪشن ڪرائيندا سين اسان جو منشور ساڳيو آهي،باقي تنظيمي طور تي جمھوريت جي بحالي لاءِ الڳ ٿيا آهيون،اليڪشن ٿيڻ تائين چيئرمين نظر محمد جوڻيجو، وائيس چيئرمين لاءِ مونکي ۽ جنرل سيڪٽري بشير احمد شاھ، جوائنٽ سيڪٽري اشفاق صديقي، پريس سيڪٽري محبت چانڊيو مقرر ڪيا ويا، جڏهن تہ آئون يونين ۾ هئس ان ڪري مون نئين تنظيم ۾ حصو وٺڻ کان انڪار ڪيو، مگر شاھہ محمد شاھہ جي زور ڀرڻ تي مون عھدو ورتو، ان کان اڳ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست جو مرڪز سنڌ يونيورسٽي پئي رهي آهي، ان ڪري اسان جي گروپ ۾ اسان وٽ تنظيم ۾ ڪا بہ پوسٽ نہ هئي صرف هڪ ئي پوسٽ هئي جتان آئون ئي سيڪريٽري هئس، مون پنھنجو عھدو سڄي گروپ جي اڳيان رکي ڇڏيو هو، مون ڪڏهن بہ ذاتي مفاد کي ترجيح نہ ڏني هئي، ڪڏهن بہ پيسن يا ٻي ڪنھن لالچ ۾ نہ رهيس، انھي کان اڳ ۾ جڏهن سنڌ جي دوري تي پي اين پي جو چيف آرگنائيزر مير غوث بخش بزنجو آيو تڏهن اسان ڏھہ سوزڪيون شاگردن جون ڀري ٽول پلازا تي سندس استقبال ڪيو، ۽ پوءِ حيدرآباد انڊس هوٽل ۾ کيس چانھہ پارٽي ڏني جتي مون سپاس نامو پڙهيو ۽ ٻين دوستن تقريرون ڪيون ۽ سڄي سنڌ جي دوري ۾ گڏ رهياسين، مون سنڌ ۾ اٽڪل پنج اسٽيجون سنڀاليون جنھن ۾ کڏڙو، شھدادپور، دادو، حيدرآباد وغيرہ هيون، حڪومت مون تي ڪيس داخل ڪيا هئا، الڳ ٿيڻ بعد 26 آگسٽ 1980ع تي سڄي سنڌ ۾ خاص ڪري اسان جي گروپ تي ڇاپا لڳا، آئون انھن ڇاپن مان بچي نڪري ويو هئس، باقي عبدالسميع مڱريو، عنايت هسباڻي، رحمت ﷲ هسباڻي، نظر محمد جوڻيجو ۽ اقبال نظاماڻي گرفتار ٿي پيا هئا، بعد ۾ نظر محمد جوڻيجو وڏين سفارشن سان آزاد ٿي ويو، باقي دوستن کي سزائون ڏنيون ويون، آئون يونيورسٽي ۾ آيس، نظر محمد جوڻيجو ۽ ٻين دوستن سان رابطو ڪيم تہ هاڻي گرفتار دوستن جي لاءِ ڪجهہ ڪرڻ گهرجي، پر نظر محمد مونکي ڌمڪائي واپس روپوش ٿي وڃڻ لاءِ چيو، پر آئون ڀڄڻ جي بدران ٻئي صبح جو وائيس چانسلر شيخ اياز سان مليس، هن سان تفصيلي بحث مباحثو ٿيو پر شيخ اياز بيوروڪريٽ ٻولي استعمال ڪندي چيو جي نوڪري ڪرين تہ آئون تنھنجي جان ڇڏايان ۽ توکي پيش ٿو ڪريان، جي نہ تہ واپس روپوش ٿي وڃ جيڪا ڳالھہ پسند ڪرين..!؟ مون چيو، سائين مون کان پنھنجي ماروئڙن، ڌرتي ۽ دوستن سان غداري ڪانہ ٿيندي، ۽ نہ وري روپوش ٿيندس، ۽ نڪا ڪا نوڪري ڪندس، جيڪو بہ ٿيو مڙس ٿي منھن ڏبو، ائين چئي آئون سندس آفيس مان نڪري آيس.
منھنجي روپوشي دوران ذميوار دوست گرفتار ٿي ويا تہ شاھہ محمد شاھہ وارن مون کان معلوم ڪرڻ ۽ اعتماد ۾ وٺڻ کان بغير مون کي قائم مقام چئيرمين مقرر ڪري سڄي سنڌ ۾ بيان منھنجي نالي تي جاري ڪرايا جيڪي مارشل لا کي ڌمڪيون ۽ ملڪ خلاف بغاوت سان ڀرپور هوندا هئا،مٿين دوستن جي مھرباني سان شعوري طور تي آرمي ۽ ملڪ خلاف منھنجي نالي تي هلايل بيانن کي مدي نظر رکي حڪومت مون تي ڪافي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا هئا.
1980-02-20 تي انٽرنيشنل هاسٽل مان منھنجي روم نمبر 41 تان منھنجي گرفتاري عمل ۾ آئي، مونکي پنج ڏينھن لاڪ اپ ۾ رکيو ويو، پوءِ ايف آءِ يو جي ٽارچر سيل ۾ سخت ٽارچر هيٺ رکيو ويو، انھي وچ ۾ فوجي ٽولي منھن جي مٿان غير انساني تشدد ڪيو، پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي تہ نہ منھنجي پنھنجي تنظيم طرفان ۽ نہ ڪنھن شاگرد ليڊر طرفان ڪو مزاحمتي بيان سامھون آيو ۽ نہ وري ڪو آواز ا ٿاريو ويو، ۽ نہ ئي وري ڪير پڇڻ آيو تہ ڏاڏو متارو ڪٿي آهي، جيئرو بہ آهي يا فوجي ڊڪٽيٽرن کيس ماري ڇڏيو، بحرحال وڏي جرئت، همٿ ۽ بھادري سان ٽارچر ۽ سختيون برداشت ڪندو رهيس، آخرڪار 9 مھينا جيل تنھا ۾ رکڻ کان پوءِ مونکي سينٽرل جيل ۾ ٻين دوستن سان گڏ رهڻ جو موقعو مليو.
شاھہ محمد شاھہ پھريائين هن جيل ۾ رهندو هو، مگر پوءِ بدلي ٿي سکر نارا جيل ويو ۽ وري فيبروري 1981ع ۾ واپس هن جيل تي آيو، مون هن جي عزت هميشہ هڪ وڏي ڀاءَ جي حيثيت ۾ ڪئي آهي، جڏهن بہ منھنجي روم ۾ ايندو آهي تہ اٿي بيھي سندس آجيان ڪندو آهيان، يا ڪٿي بہ دوستن وٽ ويٺو هوندو آهيان، اتي ايندو آهي تہ اتي بہ سڀن جي اڳيان سندس آجيان اٿي احترام سان ڪندو آهيان، ان کان اڳ ۾ قمر راڄپر، شاھہ محمد شاھہ کي نارا جيل ۾ خط لکي چيو هو تہ هي ڇوڪرا منھن جي عزت نہ ٿا ڪن،۽ ميٽنگن ۾ مونکي تنگ ٿا ڪن، شاھہ کي اها ڳالھہ ڏاڍي ڏکي لڳندي هئي، هتي اچڻ کان بعد هي قمر سان رهيو ٽن ڏينھن بعد ميٽنگ گهرايائين، ڳالھہ ٻولھہ دوران مون ڳالھائيندي، چيو تہ جڏهن کان پاڻ واري جيئي سنڌ وجود ۾ آئي آهي نہ ان جو ڪو منشور آهي نہ ئي ڪومتن، جنھن ڳالھہ تي اسان کي اعتراض آهي، پر قمر اڳ ئي اسان کي ڪڍي ٻاهر ڦٽي ڪيو آهي، وري ٻئي ڏينھن ميٽنگ ٿي وري اختلاف ٿيا تہ شاھہ ڪاوڙجي ڌمڪي ڏني تہ جي مخالفت ڪرڻي آهي تہ پوءِ سنوا سڌا الڳ ٿيو، ڇو تہ قمر راڄپر شاھہ محمد شاھہ جا اڳيئي ڪن ڀري ڇڏيا هئا، تہ ڏاڏي متاري وارن جي هڪ بہ ناهي ٻڌڻي، ڳالھين دوران مون چيو تہ ٻاهر ڏاڍي پروپگنڊا ٿي رهي آهي تہ جيئي سنڌ پي اين پي جي ذيلي تنظيم آهي، ان لاءِ ڪو واضع پمفليٽ ڪڍڻ گهرجي، ان تي شاھہ ڪاوڙجي چيو، تہ ايس اين ايس ايف اين پي پي جي ذيلي تنظيم آهي، ايس ايس ٽي عوامي تحريڪ جي ذيلي تنظيم آهي جيئي سنڌ وري ڪھڙي ڪميونسٽ پارٽي آهي جو پي.اين.پي جي ذيلي تنظيم نہ ٿي ٿي سگهي، مون چيو پي اين پي ۾ عبدالحميد جتوئي، حاڪم علي زرداري ۽ قربان علي شاھہ جھڙا ظالم وڏيرا ويٺا آهن، ان ڪري اسين پي اين پي جي ذيلي تنظيم نہ ٿيندا سين، ان ڏينھن کان شاھہ محمد شاھہ ناراض ٿي پيو، همراھہ مونسان ڳالھائڻ بند ڪري ڇڏيو صبح جو ناشتو گڏ ڪندا هئاسين، اهو بہ الڳ ڪيائين اٽڪل ٽي مھينا جيل ۾ مونسان نہ ڳالھايائين، منھنجو اسٽينڊ هو تہ توهان اسان جا ذاتي توڙي نظرياتي ساٿي آهيو توهان ڀلي مشين ٿي ڪم ڪيو، پر شاگرد ونگ ۾ ڪا بہ ڳالھہ ظاهر نہ ڪريو پنھنجو ڪو پاور فل موقف رکو سفا هلڪڙا نہ ٿيو، ڇو تہ مونکي اعتراض هو تہ قمر راڄپر، نظر محمد جوڻيجي سان صلاح ڪري ٻنھي دوستن گڏجي نئين باڊي چونڊي آهي، جيڪا اسان کي خبر ئي نہ آهي، شاھہ چيو تہ توهان کي اسان تي اعتماد ڪرڻ گهرجي، مون چيو سياست ۾ ائين نہ ٿيندو آهي سياست ڪنھن جي ذاتي جاگير نہ آهي، اها وڏيرڪي بالادستي هتي نہ هلندي جو ٻہ ماڻھو جئين چاهين تئين ڪن، توهان باخبر آهيو تہ اسين سڀ جيئي سنڌ جي ايم سيد کان صرف ان ڪري ٿياسين جو اتي بہ خاص ماڻھن جي بالادستي هئي ۽ جمھوريت جو نالو نشان بہ نہ هو هاڻ وري ساڳيو طريقو پوءِ ڪم ڪئين هلندو، قمر تہ اڳئي مخالفت ۾ هو رحمت ﷲ قمر جو ايجنٽ ۽ ابوبڪر بہ انھن سان گڏ ڇو تہ ڊڄندو هو تہ ڪٿي قمر مون خلاف شاھہ کي نہ ڀڙڪائي.
هڪ ڏينھن شاھہ محمد شاھ، قمر راڄپر ۽ ابوبڪر زرداري تاريخ تي ويا، پويان اقبال نظاماڻي ۽ سميع مڱريو اي ڪلاس ۾ صمد ڪانڌڙو سان ڪچھري ڪرڻ لاءِ ويا، ڇو تہ اهو اڪيلو هو ۽ ٻيا سڀ تاريخن تي ويا هئا، جڏهن شاھہ محمد شاھہ وارا واپس آيا انھن کي خبر پئي تہ همراھہ ڏاڍا ناراض ٿيا شاھہ تہ صفا تپي ڳاڙهو ٿي پيو، سميع مڱريو کي باريڪ ۾ گهرائي ڌمڪي ڏنائين تہ توهان اسان کي زهر جا وٽا ٿا پياريو، اها سٺي ڳالھہ نہ آهي جو اجازت کان سواءِ پنھنجيون من مستيون ڪندا ٿا وتو.! ٻيو بہ گهڻو ڪجهہ شاھہ ڳالھايو، سميع روئي مونکي دانھن ڏني، هن جي اهڙي بالادستي واري رويي تي اسان سڀني کي ڏک ٿيو ۽ ڪاوڙ بہ آئي، پوءِ مون، سميع، اقبال، عنايت ۽ قادربخش پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ پاڻ الڳ ميٽنگ ڪريون آئيندہ هنن کي ميٽنگ ۾ نہ ويھڻ ڏيون ۽ علي حيدر شاھہ سان بہ صلاح ڪريون ڇو تہ هي همراھہ هاڻي حد کان وڌيڪ بد اخلاقي تي لھي آيا آهن. جڏهن اهو پروگرام ٿيڻ وارو هو تہ شاھہ محمد شاھ، علي حيدر شاھہ کي سمجهائي ڇڏيو تہ تون هنن جي ميٽنگ ۾ نہ ويھجان پوءِ علي حيدر شاھہ انڪار ڪري ڇڏيو تہ اها ميٽنگ نہ ٿي، اڪثر جيڪي ميٽنگون ٿينديون هيون انھن ۾ قادربخش جتوئي چوندو هو تہ انقلابي سياست جا ڪجهہ معيار هوندا آهن، جيڪو انھن تي پورو نٿو لھي اهو بورجوازي آهي، اها ڳالھہ هي همراھہ پاڻ ڏي سمجهندا هئا، هڪ ڏينھن شاھہ محمد شاھہ مونکي ٻاهر ڪڍي چيو، قادربخش جتوئي اسان جي صرف انھي ڪري ٿو مخالفت ڪري، جو اليڪشن ۾ اسان ٽڪيٽ توکي ڏني هئي، مون چيوتہ ائين نہ آهي، هن مطالعو ڪيو آهي ۽ هي سڀني کان باشعور آهي، هن کي تنقيد ڪرڻ ڏانءُ اچي ٿي، علي حيدر شاھہ چوندو آهي تہ قادربخش جتوئي مونکي گرفتار ڪرايو آهي ان ڪري هن کي خوف آهي سو پاڻ کان الڳ ڄام ساقي وارن سان ڳنڍجڻ ٿو چاهي، مگر هنن سڀني جي ڀل هئي هي تمام گهڻو مطالعو ڪري ذهني طرح مارڪسٽ ٿي چڪو آهي، سو بورجوازين ۽ شائونسٽن سان گڏ ڪٿي ٿو هلي سگهي.
هڪ ڏينھن شاھہ محمد شاھہ وارا ٻاهر تاريخ تي ويا پويان سندن برداشتي ڇاڙتو ميوو ڀنڊ جيڪو اڪثر ساغر سميجي جا ليٽير لڪائيندو هو، جيڪي ڄام ساقي ڏانھن موڪليندو ۽ ان کي رپوٽ ڪندو هو، ان ڏينھن ساغر سميجو هن کي پڪڙي ورتو ۽ هن کي هڪ ٻہ ٿڦڙون هنيائين هي همراھہ ڪاوڙجي ويھي رهيو اٽڪل 2 بجي شاھہ محمد شاھ، ابوبڪر ۽ قمر بہ اچي ويا، جئين ئي شاھہ کي خبر پئي همراھہ ڳاڙهو لال ٿي ويو ۽ ابوبڪر کي حڪم ڪيائين تہ ساغر سان وڙهو، هي ڊينڊڙو ڪير ٿيندو آهي اسان جي برداشتي کي موچڙا هڻڻ وارو پوءِ ميٽنگ گهرايائين، اسان کي بہ شرڪت لاءِ چيائين فيصلو ڪيو ويو تہ هائوس جي گڏجاڻي ڪجي ۽ ساغر سميجو ميوي ڀنڊ کان معافي وٺي، نہ تہ مار ڪڍي وارڊ مان ٻاهر ڪڍنداسينس، هائوس جي ميٽنگ ٿي جنھن ۾ رسول بخش پليجو ۽ فاضل راهو وغيرہ بہ شامل ٿيا سڀني ڳالھايو خاص طرح مون، سميع ۽ عنايت غير جانبداريءَ سان ٻنھي کي ڏوهي ڪيو مگر جيڏي مھل شاھہ جو وارو آيو تہ همراھہ ڪاوڙ مان رڙيون ڪري چوڻ لڳو تہ هي انقلابي نہ آهن، جو پورهيت عوام سان ٿا وڙهن پوءِ ڪجهہ گهٽ وڌ ڳالھايائين ساغر اڪيلو هو پر سڀني کي وڏي بھادري سان ٻڌندو رهيو ۽ آخر ۾ هڪ پورهيت هئڻ ناتي ساغر اٿي ميوي کان معافي ورتي ۽ کيس چميون ڏنيون.
شاھہ محمد شاھہ هڪ ڏينھن مون کي ٻاهر ڪڍي چيو تہ آئون عنقريب آزاد ٿيڻ وارو آهيان ٻاهر وڃي پھريائين قمر کي پوءِ ابوبڪر کي ۽ پوءِ توکي آزاد ڪرائيندس، مون چيو مانس تہ توهان جي مرضي باقي آئون تو کي آزادي لاءِ ڪڏهن بہ نہ چوندس، هڪ ڏينھن مونکي چيائين تہ عنايت ڊينڊڙن جو ماڻھو آهي ۽ هتي پاڻ وٽ ايجنٽ آهي ان کي تنظيم مان ڪڍون ٿا، مون چيو شاھہ اها جمھوريت نہ آهي توهان الزام لکت ۾ ڏيو پوءِ الٽيميٽم ڏيوس هو جواب ڏي پوءِ تنظيم جي مرڪزي قيادت فيصلو ڪري ائين هڪ فرد جي مرضي سان ڪنھن کي نٿو ڪڍي سگهجي، شاھہ محمد شاھہ جيل جو سست نہ هو جيل جو بھادر هو پر ڪنن جو ڪچو قمر راڄپر جيڪڏهن رڍ کي ٻڪري ۽ ٻڪري کي رڍ چئي تہ شاھہ بہ ائين ئي چوندو، قمر صحيح آهي، سندس ذهن قمر وٽ قيد هوندو هو جيڪڏهن قمر خوش تہ شاھہ بہ خوش جيڪڏهن قمر غمگين تہ شاھہ بہ غمگين اسان سڀ دو ست تعين نہ ڪري سگهياسين تہ شاھہ جھڙو ماڻھو بنا سوچ سمجهہ جي قمر جي پويان ڇو لڳو پيو هلي، جيڪو کيس سياسي طرح ختم ڪرڻ لاءِ هرممڪن ڪوشش ۾ رڌو پيو آهي.
شاھہ هٿ جو سخي، دل جو بھادر، سٺو مقرر، سٺو ڊپلوميٽ، سٺي ڄاڻ، بلڊپريشر جو مريض، چڙ تمام گهڻي، جذباتي ضرورت کان وڌيڪ، ضد ۾ نقصان ۽ فائدو نہ سوچيندڙ، انتقامي ڪارروائي ۾ انتھائي ظالم، طبقاتي طرح سڄو ڏينھن ننڍڙي ذهن جو مالڪ، ٻاهران انقلابي غلاف اندران بلڪل اقتدار جي حوس، ڏکئي وقت ۾ صرف پنھنجو بچاءِ ڪرڻ ڄاڻي، لالچ ڏئي ڪنھن کي استعمال ڪرڻ جو فنڪار، هاڻي مونکي سدائين خوف رهندو آهي تہ سنڌ جي نوجوانن کي استعمال ڪري ڪنھن باھہ ۾ اڇلي پاڻ ڀڄي ويندو ۽ پوءِ اهي مائرن جا لال انقلابي جذبي ۽ وطن جي محبت جي جذبي ۾ اهڙي چالاڪ سازشي ذهن کي ڪٿي ٿا سمجهي سگهن.
اسان اٽڪل 5 سال اکيون ٻوٽي هن جي پويان هليان سين مگر پڇاڙي جو مارشلا جي بي ٽيم ٿي اسان کي جيل ۾ رکايو ويٺو هو ڇو تہ هن کي خوف هو تہ متان ٻاهر نڪري هي منھنجي مخالفت ڪن جيستائين اسين پير پڪا ڪريون تيستائين ڀلي متارو، عنايت ۽ ٻيا اندر هجن، اهڙي مقصد ۾ ابوبڪر بہ ساڻس گڏ هو ۽ قمر تہ ٻنھي جو چڱو مڙس هو.
شاھہ محمد شاھہ اپريل 1981ع ۾ سينٽرل جيل حيدرآباد مان يعني اسان وٽان آزاد ٿي ويو کيس مارش لا وارن وڏين شفارشن ۽ ڪوششن بعد آزاد ڪيو، آزادي مھل اسان سان يعني مونسان عنايت سان ۽ سميع سان رخو ۽ اڻوندڙ نموني سان موڪلايو، مون کي تہ اڳ ۾ پڪ هئي تہ شاھہ پنھنجي ذات جي خول مان ڪڏهن بہ نہ نڪرندو، ٻاهر وڃي اسان جي خلاف غير سياسي طريقا ۽ بي بنياد پروپگنڊه ڪندو، ۽ هن ائين ئي ڪيو، ڇو تہ آئون سنوائي تي ويس اتي مھراڻ يونيورسٽي وارن دوستن سومر ساند ۽ اقبال ميمڻ ٻڌايو تہ شاھہ محمد شاھہ آزادي کان پوءِ ترت ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي ۾ جيئي سنڌ ليفٽ جي شاگردن جي ميٽنگ ڪرائي جنھن ۾ هن همراه منھنجي خلاف سخت پروپگنڊه ڪئي هن ميٽنگ ۾ چيو تہ متارو ڏاهري ڪرمنل ۽ خراب ڪردار وارو آهي، هي اسان لاءِ وڏو نقصانڪار ثابت ٿيندو، هن جون همدرديون پروگريسو جيئي سنڌ سان آهن، بحرحال هن اڃان اهيو مشن شروع مس ڪيو تہ مٿان الذوالفقار تنظيم جي ٽيپو مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ٽن ساٿين ڪراچيءَ مان مسافربردار جھاز 1980-04-11 تي اغواھہ ڪيو جيڪو ڪراچي کان پشاور وڃي رهيو هو جھاز تي ڪنٽرول ڪرڻ بعد کيس ڪابل ڏانھن نيو ويو، اتي قابل هوائي اڏي تي جھاز کي لاٿو ويو مطالبن جي لسٽ ڏئي 24 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏنو ويو اگر مطالبا نہ مڃيا ويا تہ جھاز تباھہ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون مطالبن ۾ شاھہ محمد شاھ، ابوبڪر زرداري، عنايت هسباڻي، رحمت ﷲ هسباڻي، رسول بخش پليجو، علي حيدر شاھ، قادر بخش جتوئي، ڄام ساقي، هن جيل تان آزاد ڪري قابل پھچائڻ لاءِ چيل هو، وڌيڪ 74 ماڻھن جي لسٽ هئي جيڪي مختلف جيلن ۾ بند هئا، حڪومت جي ليٽ جي ڪري هڪ فوجي آفيسر جيڪو جھاز ۾ سوار هو ان کي قتل ڪري قابل هوائي اڏي تي اڇلي ڌمڪين سان دمشق ڏانھن جھاز کي روانو ڪيو ويو، اتان وري ٻي لسٽ ڏني وئي جنھن مان الاهي نالا ڪٽجي ويا باقي 54 ماڻھن جا نالا هئا، انھن 54 ماڻھن ۾ شاھہ محمد شاھ، قادربخش جتوئي ۽ علي حيدرشاھہ جا نالا هئا، انھن مان الاهي شاگردن لکي ڏنو تہ اسان هتي پنھنجي ملڪ ۾ رهڻ ٿا چاهيون، جڏهن تہ شاھہ محمد شاھہ آزاد هو، ان ڪري کيس ٻاهران گرفتار ڪري ڪراچي هوائي اڏي تي پھچايو ويو، جتي هن ڪوشش ڪري هوم سيڪريٽري سان ڳالھايو اها خبر بعد ۾ معلوم ٿي هئي ۽ علي حيدر شاھہ ۽ قادربخش جتوئي کي بہ ڪراچي هوائي اڏي تي پھچايو ويو جتان هنن کي سخت مليٽري جي پھري ۾ دمشق پھچايو ويو ۽ جھاز آزاد ڪرايو ويو، بعد ۾ هي ٽئي دوست ڪابل ۾ پھچي ويا، اها خبر اخبارن ۾ اچي وئي، اٽڪل 3 مھينن کان پوءِ اسان کي اوچتو معلوم ٿيو تہ شاھہ محمد شاھہ ڪراچي پھچي ويو آهي ۽ ڪنھن انقلابي مشن لاءِ آيل آهي جيڪو ڪم ۾ سرگرم آهي مگر اها هن جي چال هئي هن پھريائين مير غوث بخش بزنجو سان رابطو ڪيو هو، پو آمريڪي مشھور دلال محمود هارون جي ذريعي حڪومت سان ٺاھہ ڪيو جيڪو حڪومت جي مفاد ۾ هو پوءِ شاھہ مليٽري جي معرفت جرنل ضياءَ جي خاص ايجنٽ محمود هارون سان مليو ۽ ڪا خاص ڊيل ڪري جان ڇڏائي، حيدرآباد پھچي ويو، هتي اها پروپگنڊه عام ٿي وئي تہ هن دور ۾ پمفليٽ، تقرير ۽ بائيڪاٽ تي بہ ٻہ ٽي سال جيل جي سزا ملي ٿي هي تہ جھاز اغواھہ جو معاملو هو جيڪو بين القوامي معاملو آهي پوءِ شاھہ جلدي ۾ ڪئين جان ڇڏائي آيو آهي..؟ اهيو سوال سنڌ جي هرهڪ باشعور نوجوان جي ذهن ۾ گردش ڪري رهيو آهي، شاھہ پنھنجي ساک بحال ڪرڻ لاءِ پنھنجا سڀئي ڊپلوميٽڪ طريقا استعماال ڪري رهيو آهي پر سنڌ جو باشعور شاگرد نوجوان ۽ عوام سڄي ڳالھہ سمجهي ٿو، ۽ شاھہ جي چھري تان ڪوڙو انقلابي نقاب لھي چڪو آهي.

ابوبڪر زرداري

هي منھنجي انھن ساٿين مان آهي جنھن سان الھڙ ۽ ڦوھہ جواني جوتمام گهڻو وقت گڏ گذريو آهي، ابوبڪر ۽ آئون فرسٽ ايئر ۾ شھدادپور ڪاليج کان گڏ رهيا آهيون، هن سان ذاتي طرح ۽ سياسي طرح تمام ويجهو ۽ گهرو رهيو آهيان، هونءَ تہ ساڻس گڏ گذاريل زندگي ۾ ڪئين واقعا ۽ حادثا آهن جن جو ذڪر آئون بعد ۾ ڪندس هتي رڳو سندس ۽ منھنجي جيل جي زندگي تي روشني وجهان ٿو.
ابوبڪر زرداري پي اين پي ضلع سانگهڙ جو سيڪريٽري هو 20 آڪٽوبر 1979ع ۾ هي دوست گرفتار ٿيو کيس مليٽري ڪورٽ هڪ سال جي سزا ٻڌائي، ڪجهہ وقت هي هن جيل ۾ هو پوءِ سکر جيل ڏانھن بدلي ٿي ويو، جڏهن آئون 1980-02-20 ع ۾ گرفتار ٿي مارشل لا جي حڪم سان جيل تنھا ڦاسي گهاٽ وارڊ ۾ رکيو ويس، تڏهن هي دوست ٻين سان گڏ بي ڪلاس وارڊ ۾ رهندو هو، هي خفيا طور مخصوص نموني مون سان رابطي ۾ رهيو پر مونکي 1980-02-28ع تي ايف آءِ يو جي مليٽري ڇانوڻي ۾ فوجي جيل تان بند گاڏي ۾ اکيون ٻڌي تحقيقات لاءِ کڻي ويا، پنجن ڏينھن کان پوءِ سخت ٽارچر ڪرڻ کان پوءِ مونکي واپس آندو ويو ۽ مسلسل تنھا رکڻ جو حڪم ڪيو ويو، هن دوست سپريڊنٽ کي ڏاڍو چيو تہ ڏاڏي متاري تان پابندي هٽائي جيل تنھا ختم ڪريو مگر سپرنيٽينڊنٽ مليٽري جا آرڊر لکت ۾ ڏيکاري مجبوري ظاهر ڪئي پوءِ هي دوست حالتن مطابق دوائون ۽ ٻيو حال احوال وقت بہ وقت پيو موڪليندو هو، پر جلدي هي دوست سکر جيل بدلي ٿي ويو، مونکي مسلسل 9 مھينا جيل تنھا رکڻ کان پوءِ سي ڪلاس ان کان پوءِ بي ڪلاس ۾ منتقل ڪيو ويو اتي پھچڻ کان پوِءِ دوستن ڏاڍو خوشي جو اظھار ڪيو، پھرين رات رحمت ﷲ هسباڻي سان گڏ رهيس جنھن سان گڏ اين ايس ايف جو نعيم الحسن رهيل هو، جنھن ڪري منھنجو هن سان گڏ رهڻ مشڪل ٿي لڳو، ٻئي ڏينھن سميع مڱريو مونکي چيو ڏاڏا تون هن سان گڏ نہ رهي سگهندي پاڻ گڏجي ٿا رهون ۽ عنايت کي بہ گڏ ٿارهايون پوءِ اسان ٽئي روم نمبر 8 ۾ گڏ رهڻ لڳاسين، ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ ابوبڪر سکر جيل کان بدلي ٿي واپس سينٽرل جيل حيدرآباد آيو، اسان جي وارڊ ۾ اچي رهيو، هن ساٿي سان گڏ وقت گهڻو گذاريو هو، ان ڪري هن چاهيو پي تہ گڏجي رهون، ان ڪري مون عبدالسميع کي چيو تہ عنايت کي خارش آهي ان ڪري ان کي کولي نمبر 5 ۾ اڪيلو رهايون ٿا ۽ ابوبڪر کي پاڻ سان گڏ رهايون ٿا، سميع چيو جيڪا تنھنجي مرِضي، آئون عنايت وٽ ويس ۽ کيس چيم، پر هن دوست کي ڏاڍو ڏک ٿيو، وڏي ارمان وچان چيائين ڏاڏا جيڪا توهان جي مرضي پوءِ هن جا ٽپڙ کڻي کولي نمبر 5 ۾ رکياسين، ۽ ابوبڪر جا ٽپڙ کڻي پنھنجي روم ۾ رکياسين، ڪجهہ وقت قرب سان گذريو ، جئين تہ قمر راڄپر ۽ رحمت ﷲ هسباڻي مونسان ۽ سميع مڱريو سان سياسي بحث مباحثي جي ڪري ناراض هئا، قمر راڄپر ۽ رحمت ﷲ جو نظريو هو تہ جيڪي بہ اسين چئون سو لوھہ تي ليڪ آهي، توهان اختلاف راءِ نہ رکو مگر هڪ ڪارڪن جي حثيت سان اهو اسين فرض سمجهندا هئاسين تہ جيڪڏهن ڪابہ غلط ڳالھہ آهي يا ڪا سياسي چالاڪي آهي تہ ان جي اسان مخالفت ڪندا رهندا سين، جيڪا ڳالھہ همراهن کي پسند نہ هئي، ان ڪري اندر ئي اندر ۾ همراھہ اسان جا مخالف ٿي پيا هئا، ۽ اسان جي خلاف پروبگنڊه ڪرڻ لڳا، سميع لاءِ چون تہ هن تي ڊينڊڙن جو اثر ٿي ويو آهي ۽ مون لاءِ چون تہ هن تي پروگريسو جيئي سنڌ جو اثر ٿي ويو آهي، بھرحال هڪ ڏينھن ميٽنگ ۾ لکيل انٽروڊڪشن تي بحث ٿي رهيو هو، هنن همراهن ابوبڪر کي بہ برغلائي ڇڏيو هو، جيئن ئي اسان ڪجهہ پوانئٽن تي اختلاف رکيو تہ ابوبڪر يڪدم ڪاپي اڇلائي ڌمڪي ڏني تہ توهان اجائي پر پر ڪندا آهيو ۽ اسان کان سواءِ ڪجهہ بہ نٿا ڪري سگهو، اجايو ضد ٿا ڪريو همراھہ ڌمڪيون ڏيندي اڀو ٿي ويو، مون کيس چيو ايترو روعب نہ هلاءِ اهو چڱو نہ آهي، اسين بہ ميمبر آهيون جيڪا بہ ڳالھہ آهي ٿڌي دل سان ۽ دليلن سان سمجهايو، باقي پريشر اسان قبول نہ ڪندا سين، اڪثر جمعي تي اسان جون تنظيمي ميٽنگون ٿينديون رهنديون هيون، ڪافي ڏي وٺ ٿيندي هئي، شاھہ محمد شاھہ ابوبڪر زرداري ۽ رحمت ﷲ هسباڻي اڪثر اسان تان کلندا هئا، چوندا هئا هي جاهل آهن ۽ نظرياتي طرح ڪچا آهن تڏهن ٿا بڙ بڙ ڪن، اسان خاموشي سان ٻڌندا هئاسين ۽ هنن جون چالون حرام پايون محسوس ڪندا هئاسين حقيقت ۾ ڪير جاهل هو ڪير غدار هو، هو خوب سمجهندا هئا ۽ اسين بہ چڱي طرح سمجهندا هئاسين، ٻيو تہ ابوبڪر جو سميع سان گڏ رھي رويو خراب ٿي ويو، کيس دٻائڻ لڳو ۽ هر عمل رعب سان ڪرڻ لڳو صفا داداگيرن وانگر پيش اچڻ لڳو، هڪ ڏينھن صبح جو سميع بسترا پي ويڙهيا تہ ابوبڪر چيس منھنجي بستري کي هٿ نہ لاءِ، سميع چيو تہ ادا آئون ڀنگي تہ نہ آهيان جو تنھنجي بستري کي هٿ نہ لايان، اگر توکي منھنجو رهڻ پسند نہ آهي تہ آئون ٽپڙ ويڙهيان ٿو، سميع غمگين ٿي مونکي چيو ڏاڏا مھرباني ڪري مونکي اجازت ڏي تہ آئون وڃي عنايت سان گڏ رهان هي داداگير انسان مونکي برداشت نہ ڪندو، منھنجي دل نٿي چاهيو تہ سميع مونکان الڳ ٿي پر سندس حالت ڏسي مون چيو سميع تنھنجي مرِضي ڀلي وڃي عنايت سان گڏ رھہ سميع پنھنجا ٽپڙ ويڙهيا آئون غمگين ٿي وڃي باريڪ ۾ ويٺس، عنايت آيو جلديءِ ۾ خوشيءِ وچان سميع جا ٽپڙ کڻڻ لڳو، پوءِ ابوبڪر ويو وڃي سميع کي چيائين سميع نہ وڃ، ٽپڙ واپس کڻي اچ پر سميع انڪار ڪيو، مگر ابوبڪر زوريءَ سميع جا ڪجهہ ٽپڙ واپس کڻي آيو، ان مھل آئون باريڪ مان ڪمري ۾ اچي ويٺو هئس، پر عنايت تڪڙو آيو تہ سميع چئي ٿو آئون توهان سان گڏ ڪون رهندس ۽ مھرباني ڪري مونکي پنھنجا ٽپڙ واپس ڏيو، مون نہ چاهيندي بہ سميع کي گهٽ وڌ ڳالھائي عنايت کي ٽپڙ واپس ڏنا، جيتوڻيڪ اها منھنجي من جي ڳالھہ نہ هئي، پر سميع جي بھتري جي خاطر مون ائين ڪيو ۽ شعوري طور تي مون سميع کي چيو تہ تو اسان جي بي عزتي ڪئي آهي، هاڻ تو سان گڏ ڪڏهن بہ نہ رهبو، سندس هينگر ۾ ٽنگيل ڪپڙا لاهي کيس مون اڇلائي ڏنا پر منھنجو هانءُ ڦاٽو پئي دل ڏڪي رهي هئي ڇو تہ اهڙي پياري دوست سان نقلي طورتي آئون ائين پيش اچي رهيو هئس، جيڪا منھنجي دل جي ڳالھہ نہ هئي، مون کي ڏاڍو افسوس ٿي رهيو هو ڪيترو ئي وقت ائين سوچيندو رهيس، اوچتو سميع آيو ۽ مونکي پيرن تي هٿ رکي روئي ڏنو، چوڻ لڳو تہ ادا تون منھنجو وڏو ڀاءِ آهين، اگر مون کان غلطي ٿي آهي تہ مونکي معاف ڪر منھنجون اکيون بہ ڀرجي آيون پاڻ تي ڪنٽرول ڪري سميع کي چيم نہ سميع تون فڪر نہ ڪر مان بہ تنھنجو ڀاءِ آهيان، جيل جي زندگي ۾ اهڙا واقعا ٿيندا رهندا آهن، تون الڳ ٿي رهيو هئين ان لاءِ ٿورو ماحول گرم ۽ غمگين ٿي ويو آهي پر تون دل جاءِ ڪر آئون ويٺو آهيان، چيائين ادا ان ڏينھن بہ شاھہ محمد شاھہ ناراض ٿي آيو هو، ان ڪري بھتر هو تہ آئون ٽپڙ کڻي وڃان، ان ڪري هليو ويس مون چيو ڪا ڳالھہ نہ آهي پر هتي دليري ۽ حوصلي سان رهڻو آهي، وڃ بي فڪر ٿي وڃي رھ، سميع تہ هليو ويو پر منھنجي ننڊ حرام ٿي وئي ڇو تہ منھنجو سڄو ٽائيم ٽيبل ڪيتري وقت کان سميع سان فٽ هو، ايڪسرسائيز هجي اسٽڊي سرڪل هجي يا کائڻ پيڻ هجي سڀ سميع سان گڏ هو، اگر جي ڪو ساٿي ولر مان نڪري وڃي سو بہ جيل ۾ تہ ماڻھو مايوس ٿي وڃي ٿو، ان رات مونکي ننڊ ڪانہ آئي جيل ۾ پھريون دفعو مونکي ٻوسٽ محسوس ٿي ۽ بيزاري جو احساس ٿيو بھرحال حالتن مطابق هلڻو هو، مون پوري ڪوشش ڪئي تہ آئيندي ڪنھن جي بہ ضرورت نہ محسوس ڪريان. جڏهن اهڙي صورتحال پيدا ٿي تہ قمر راڄپر ۽ رحمت ﷲ هسباڻي ڏاڍا خوش ٿيا اصل همراھہ خوشي مان ڦاٽن پيا، ڇو تہ هنن کي شڪ هو تہ سميع اڪثر ڏاڏي جا ڪن ڀريندو آهي، اسان جي خلاف ڀڙڪائيندو آهي تڏهن ڏاڏو اسان جي هر ميٽنگ ۾ مخالفت ڪندو آهي، پوِءِ خبر پئي تہ اها سازش تيار ڪري ابوبڪر کي استعمال ڪيو ويو تہ ڪيئن بہ ڪري ڏاڏي ۽ سميع کي ويڙهائي ڌار ڪجي ان لاءِ ابوبڪر ڇاتي تي هٿ هڻي چيو تہ اهو منھنجي کاٻي هٿ جو ڪم آهي، ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ ابوبڪر مونکي چيو تہ سميع چوي ٿو تہ جي ڏاڏو چئي تہ آئون واپس اچي رهان ۽ وري سميع کي چيائين تہ ڏاڏو ٿو چئي جي سميع کي پرچائي آڻجي پوءِ ڪنٽرول ڪري هلايونس، مون بيوقوفي ڪندي سميع کي چيو ادا واپس اچي اسان وٽ رھہ مگر هنن سميع کي مون خلاف برغلائي ڇڏيو هو، سميع ڪاوڙ مان چيو مونکي ڇڏي ڏيو توهان ڀلي پنھنجي منھن گهمو ڦرو مونکي ڪنھن جي بہ ضرورت نہ آهي ۽ منھنجو ڪنھن سان بہ واسطو نہ آهي، همراھہ صفا ڪاوڙ مان چيو، تہ مونکي ڏاڍو ارمان ٿيو پر سمجهي ويس تہ وڏن همراهن جو ڪمال آهي، سميع ائين چئي وڃي ڪمبل وجهي سمھي رهيو مون وڃي کيس پرچايو کيس سمجهايم تہ اها سڀ حرامپائي ابوبڪر جي آهي تون ڀلي گڏ نہ رھہ پر ناراض نہ ٿي، بھرحال ابوبڪر جي اھڙي سازشي طريقي تي مونکي ڏاڍو ارمان ٿيو، ٻئي ڏينھن آئون قمر جي ڪمري جي ٻاهران بيٺو هئس تہ مون آواز ٻڌو ابوبڪر قمر کي چئي پيو تہ مون هنن کي اهڙو ويڙهايو آهي جو ڪڏهن بہ پاڻ ۾ نہ پرچندا، باقي ڏاڏو حبيب ﷲ ناريجي جھڙو ڪردار ادا ڪرڻ ٿو چاهي سو هن کي ڪڏهن بہ ڪامياب ٿيڻ نہ ڏينداسين، هي شھدادپور ۾ سينٽري انسپيڪٽر هو چور ۽ ڌاڙيلن سان کڏ گهمندو هو، اسان هن کي ان گندگي مان ڪڍيو آهي،هاڻ ٻين جي چوڻ تي پيو هلي، سندس اهڙن جملن منھنجي جسم کي ڪانڊاري ڇڏيو، ڇو تہ اهڙي ڪوڙي بڪواز ابوبڪر صرف قمر کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪري رهيو هو، مون ڦورن شاھہ محمد شاھہ ۽ قمر کي سڏ ڪيو ۽ کين چيو مھرباني ڪري ابوبڪر کي هن ڪمري مان ڪڍو نہ تہ آئون کيس ٻانھن مان جهلي گهلي ٻاهر ڪڍندومانس، شاھہ ۽ قمر دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيا ڇو تہ هو ٻئي منافق ابوبڪر سان بہ سچا نہ هئا ان کي حالتن مطابق استعمال ڪري رهيا هئا، هنن کي اهو بہ معلوم هو تہ ڏاڏو ۽ ابوبڪر بچپن کان دوست آهن، ۽ ابوبڪر بہ هاڻ ڏاڏي جي خلاف آهي پاڻ ۾ وڙهندا تہ مزو ايندو، ابوبڪر کي ڪڍڻ بدران جي هو ماحول خراب ڪري اسان کي ويڙهائڻ جي سازش ۾ رڌل هئا ۽ ابوبڪر باقاعدي انھن جي چوڻ ۾ هو، جيڪو پنھنجي بي عزتي کي دانائي سمجهي رهيو هو، قمر ۽ شاھہ جي مرضي هئي تہ ابوبڪر ڏاڏي جي بي عزتي ڪري ڪمري مان ڪڍي ۽ هن اهڙي ڪوشش بہ ڪئي پر آئون حالتن کي سمجهندي برداشت ڪري رهيو هئس، نيٺ هنن سڀني مونکي ڪمري مان نڪري وڃڻ لاءِ چيو پھريائين آئون ڪونہ پي نڪتس پر ابوبڪر جي غيرمناسب رويي مونکي اندر کان زخمي ڪري وڌو هو، نيٺ مجبور ٿي مون وڃڻ لاِءِ ها ڪئي هنن مونکي فاضل راهو سان گڏ رهڻ تي مجبور ڪيو جيڪا سازش رسول بخش پليجو ۽ هنن گڏ ٺاهي هئي، تہ جئين اتي پليجو هن تي ڪم ڪري ۽ پاڻ سان گڏ هلائيس، بھرحال آئون حالتن کي ٺيڪ نموني سان سمجهي رهيو هئس ۽ مون فاضل سان گڏ رهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو ۽ ان سان گڏ رهڻ لڳس، ٻن ڏينھن کان پوءِ مون سوچيو ابوبڪر پراڻو يار آهي ٻين جي چوڻ ۾ اچي ويو آهي ان ڪري اسان جي وچ ۾ ڪاوڙ آهي، جنھن ۾ سندس وڌيڪ بيواجبيون آهن پوءِ بہ سندس سڀ غلطيون نظراندازڪري آئون کيس پرچائڻ ويس ۽ کيس چيم اگر جي مونکان غلطي ٿي وئي آهي تہ مونکي معاف ڪر ۽ مون بہ توکي معاف ڪيو، هن همراھہ چيو ڏاڏا ڪا ڳالھہ نہ آهي پنھنجا تہ وڏن جا رشتا آهن اهو ممڪن نہ آهي تہ پاڻ هڪ ٻئي کان ڌارٿيون، آئون جڏهن موٽي ويس تہ هن قمر کي چيو تہ ڏاڏو آيو ۽ ٽوپي لاهي پيرن تي رکيائين ۽ معافي ورتائين پر مون کيس ڪمري مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي، هڪ دفعي مون برداشتي کي چيو تہ وڃ ابوبڪر جي ڪمري مان بالٽي کڻي اچ هي جيئن ئي ڪمري ۾ داخل ٿيو تہ ابوبڪر هن کي گاريون ڏنيون، تہ تو منھنجي ننڊ ڇو خراب ڪئي آهي، هن ويچاري اچي دانھن ڏني تہ ابوبڪر مونکي گاريون ڏنيون آهن، ٻئي ڏينھن جنرل هائوس جي تنقيدي جائزي لاءِ ميٽنگ ٿي جنھن ۾ برداشتيءِ اها ڳالھہ شڪايت طور ر کي ان تي ابوبڪر چيو تہ منھنجي ننڊ ڇو خراب ڪيائين ان تي مون چيو هتي ڪو رئيس يا وڏيرو رهندو هجي تہ مھرباني ڪري ڪمري جي ٻاهران تختي هڻي ڇڏي تہ 10 بجي تائين ڪير بہ ڪمري ۾ داخل نہ ٿئي،انھي تي ابوبڪر صفا مشتعل ٿي ويو ۽ ميٽنگ جو بائيڪاٽ ڪري هليو ويو،
هڪ ڏينھن وارڊ جي پويان آئون قاضي اياز، عارف ڀٽو، قمر چانڊيو، ۽ نظام راڄپر وڻ تي چڙهي پويان قيدين کي ڏسي رهيا هئاسين وڻ جي پاسي ۾ ڪاڪوس ۾ هڪ برداشتي جيڪو موالي هو سو چرس پي رهيو هو، قمر جي ايجنٽ برداشتي ميوي ڀنڊ وڃي قمر کي چيو تہ پويان ڇوڪرا چرس پي رهيا آهن، اسان جي من ۾ تہ ڪا بہ ڳالھہ نہ هئي اسين موٽي آياسين تہ قمر گوڙ ڪندي غازي جوابدار کي دٻائيندي چيو تہ اڙي وارڊ ۾ چرس تون ٿو کڻي اچين جو ڇوڪرا پي رهيا آهن...؟ غازي اچي مونکي چيو تہ قمر ٿو چئي تہ توهان سڀ چرس ٿا پيو ۽ منھنجو سوٽ نظام اڳ ئي چريو آهي ۽ انکي بہ چرس ٿا پياريو، مونکي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ڇو تہ آئون سمجهي ويس تہ ڪا سازش جنم وٺي رهي آهي، مون ميوي ڀنڊ کي دٻ پٽي تہ تو پنھنجي پيءَ کي ڪوڙي ڳالھہ ڇو ٻڌائي آهي، هن چيو تہ آئون قسم ٿو کڻان تہ مون ڳالھہ نہ ڪئي آهي، خير راند جو ٽائيم ٿيو تہ آئون ونجهوٽي راند رهڻ لاءِ وڃي بيٺس تہ پويان قمر جي ڪمري مان ابوبڪر ۽ رحمت ﷲ نڪتا جيڪي پلاننگ ٺاهي اچي وارڊ جي اڳيان بينچون رکي ويٺا ۽ گوڙ ڪرڻ لڳا ابوبڪر وڏي آواز ۾ چيو اڙي ميوا تو کي ڪنھن دٻايو آهي ۽ گاريون ڏنيون آهن، اهو ڪير آهي جوان جو پٽ جنھن توکي دٻايو آهي، تون ٻڌ،ا تہ ان جي بي عزتي ٿا ڪريون، مون اهو سڀ ڪجهہ ٻڌي ورتو ۽ اچي انھن جي ڀرسان بيٺس، ميوي چيو تہ مونکي ڏاڏي متاري گاريون ڏنيو آهن، ۽ چوي ٿو تہ تو قمر کي ٻڌايو آهي تہ اسان چرس ٿا پيون، اتي هن چرس جي نالي کي وڏي آواز ۾ زورڏئي چيو ۽ سڀ بدمعاشي ڪري وڏي واقعي شور ڪرڻ لڳا تہ جيئن ٻيا بہ ٻڌن هن جي اهڙي حرڪت تي پليجو صاحب، فاضل راهو ۽ اسلم پرويز ۽ ٻيا ڪجهہ دوست ٻاهر نڪري آيا، مون کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ گار ڏئي چيم تہ اڙي اهو ڪير ٿو چئي تہ اسان چرس ٿا پيون، اها وڏي بدمعاشي آهي جيڪا برداشت ڪرڻ جھڙي نہ آهي، آئون ايترو مشتعل ٿي ويو هئس جو ڌڪ هڻڻ ۽ وڙهڻ لاءِ بہ تيار ٿي ويس، پھريائين هنن شو ڪيو پر مونکي ڪاوڙيل ڏسي ۽ وڌيڪ چيڙائي خاموش ٿي ويا، ڇوتہ هي پنھنجي پلاننگ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا، مونکي سڀن اڳيان هٿرادو الزام هڻي بدنام ڪرڻ پيا چاهين جيڪا هنن جي ڪوشش ڪامياب ٿي وئي، خير شام جو ميٽنگ ٿي مون سڀني کي چيو بابا سڀ ڪو گناھگار آهي ۽ پاڻ سڀن کي هڪٻئي جي خبر آهي مگر هروڀرو ڪنھن جي ڪردار ڪشي ڪرڻ سٺي ڳالھہ نہ آهي، ٻئي ڏينھن رسول بخش پليجو صاحب مونکان پڇو تہ ڏاڏا واقعي تون چرس پيئندو آهين، مون چيو سائين مان توهان سان ڪوڙ نٿو ڳالھائي سگهان ابوبڪر، قمر ۽ رحمت ﷲ جي سڄي هٿرادو حرامپائي آهي، جيڪي مون کي بدنام ڪرڻ ٿا چاهين ۽ ٻين ڪيترن دوستن اها ساڳي ڳالھہ پڇي، هنن جي اهڙي حرڪت تي مون کي ڏاڍو ارمان ٿيو، بھرحال اهڙيون بي عزتيون ۽ تعديون هي اڪثر ڪندا رهندا هئا، عبدالسميع چوندو آهي ادا برداشت ڪرڻ وڏي بھادري آهي، اگر پاڻ بہ هنن جھڙا ٿيندا سين تہ پوءِ هنن ۾ ۽ اسان ۾ ڪوبه فرق نہ رهندو.

نوٽ: ابوبڪر بھادر قوت ارادي جو مضبوط، جيڪو سوچيندو سو ڪري ويندو، تمام گهڻو رسڪي زندگي ۾ نقصان يا فائدي جو نہ ڏسندو آهي، مگر سندس طبيعت ضدي چيڙاڪ ۽ غير ضروري بالادستي واري سوچ، ذهن غير ضروري خواھشن جو غلام، وچولي طبقي مان مٿي چڙهڻ جي خواهش ۽ خواب ۽ اهڙيون سرگرم حرڪتون اصل سھولتن جو پوڄاري، سياسي طرح تنگ نظر، دقيانوس بورجوازي شائونيسٽ، ڳالھين ۾ انقلابي ۽ عملي طرح اقتدار ۽ دولت جو پوڄاري، ڪنھن کي استعمال ڪرڻ جو وسيع تجربو، پلاننگ ۽ سازش جو قابل، آئون کيس بنيادي طرح سڃاڻان سندس گهراڻو ماني مڇي وارو ضرور آهي پر پاڻ وڏيرڪي طبيعت جو مالڪ، روز ڪپڙا بدلائيندو، ڏاڙهي لاهڻ ۽ وهنجڻ تي ٻہ ڪلاڪ لڳائيندو، هٿ جو پورهيو ڪرڻ کي بي عزتي سمجهندو آهي، مطالعو ڪرڻ جو شوق اٿس پر انفرادي مفاد لاءِ، رويو رخو ۽ بالادستيءَ وارو، افسوس تہ ابوبڪر زرداري جيل بہ ڪاٽي پيو، ترقي پسند بہ سڏائي پيو، پر سڄو ڏينھن بوگس طبيعت جو مالڪ آهي.

قمر راڄپر

هي دوست تقريبن هڪ سال مون سان جيل ۾ گڏ رهيو آهي، هڪ ڏينھن هن پرچي لکي سميع مڱريو ۽ رحمت ﷲ هيسباڻي کي چيو تہ ڏاڏو متارو صالحين جو ماڻھو آهي، ڇو تہ اهي اهڙي پروپگنڊہ ڪن ٿا، ان تي سميع ڏاڍو ناراض ٿيو ۽ هن کي دٻ پٽيائين تہ اهڙي سچي دوست ۽ ڪارڪن تي شڪ ڪرڻ وڏي بي وقوفي آهي، ان وقت آئون اڇي چڪر جي ڊويزن نمبر 2 ۾ رهندو هئس، هن همراھہ بنيادي طرح مونکان نفرت ان ڪري ڪئي جو آئون کيس شاگرد سياست ۾ شاگردن جي مسئلن ۾ يا ڪا حڪمت عملي جوڙڻ ۾ يا بحث مباحثي ۾ سنئوسڌو مداخلت ڪرڻ ۽ پنھنجي شخصيت کي نمائشي طور پيش ڪرڻ کان منع ڪندو هئس، هڪ ڏينھن شنوائي تي مون سان گڏ هليو، اتي آيل تنظيمي شاگردن کي هن لائين ڏيڻ ۽ ان جي طريقي ڪار تي بحث ڪيو، جنھن تي شاگردن اعتراض ڪيو ۽ مونکي چيائون ڇا هي توهان واري تنظيم پي اين پي جي ذيلي تنظيم آهي، ڇو تہ قمر جي بحث مان اهو محسوس ٿي رهيو آهي، تہ توهان جي تنظيم پي اين پي جي ذيلي تنظيم ٿي لڳي، انھن شاگردن ۾ سومار ساند، طالب جکرو، عطا محمد نظاماڻي ۽ قاضي علي نواز نظاماڻي وغيرہ هئا، واپس ايندي گاڏي ۾ مون کيس چيو تہ توهان اسان جا نظرياتي ساٿي تہ آهيو مگر توهان هن وقت پي اين پي جا مرڪزي عھديدار آهيو، ان ڪري سنئون سڌو جيئي سنڌ آرگنائيزنگ جي نمائندگي نہ ڪريو، اسان سان صلاح مشورا۽ مشن تي بحث وغيرہ ڀلي ڪريو، جيڪا ڳالھہ سياسي طرح توهان جي مفاد ۾ آهي، ان ڪري هي همراھہ صفا ناراض ٿي پيو، چيائين هي تنظيم اسان جي محنت عمل ۽ ڪردار جو نتيجو آهي، جڏهن آئون بي ڪلاس وارڊ ۾ بدلي ٿي آيس، تہ ابوبڪر ۽ شاھہ محمد شاھہ ان وقت اتي نہ هئا، هي همراھہ اسان جي گروپ ۾ نہ هجڻ ڪري بہ روز نمائندگي ڪندو هو، ٻئي ڏينھن جيئن ئي آئون هنن وٽ بدلي ٿي آيس، مون هن کي چيو جيڪو توهان آئين، منشور ۽ انٽروڊڪشن لکيو آهي جيئي سنڌ جو اهو اسان کي پڙهائڻ کان سواءِ ٻاهر نہ ڪڍو، ڇو تہ آئون بہ جيئي سنڌ آرگنائيزنگ جو مرڪزي وائيس چيئرمين آهيان، ان تي همراھہ صفا ڳاڙهو ٿي ويو، چيائين آئون وس وارو آهيان، اهيو سڀ ڪجهہ مون ٺاهيو آهي منھنجي محنت آهي، سميع کي ان مواد کي پڙهڻ لاءِ چيم هن ٻڌايو تہ اهو منشور هن تحريڪ رسالي جي ايڊيٽر عالم شاھہ سان گڏجي رسول بخش پليجو جي صلاح سان تيار ڪيو آهي، انٽروڊڪشن ۾ صرف پنھنجي ساراھہ ڪئي اٿس، ۽ لکيو اٿس تہ هن تنظيم جي تخليق صرف منھنجي محنت ۽ ڪم آهي، سميع هن کان لڪائي هن جي ڪمري مان مون کي رف ڪاپي آڻي ڏني، جيڪا مون پڙهي جن ۾ ڪيترين ئي ڳالھين تي مون کي اختلاف هو، صبح جو رحمت ﷲ کي ٻڌايو پر هي بہ قمر جو ڇاڙتو هو، قمر جي هر غلط ڳالھہ جي حمايت ان ڪري ڪندو هو ڇو تہ قمر، شاھہ محمد شاھہ جو دادلو ۽ پيارو هو، ان ۾ بہ هن جو مفاد هو تہ شاھہ محمد شاھہ هلندي پڄندي وارو آهي مستقبل ۾ ڪم ايندو، سو رحمت ﷲ يڪدم وڃي قمر کي ٻڌايو تہ وڏو بحران اچڻ وارو آهي ڇو تہ سميع ڏاڏي جا ڪن ڀريا آهن، قمر يڪدم ميٽنگ گهرائڻ لاءِ شبيرشاھہ کي چيو جنھن ميٽنگ گهرائي جيڪا ڳالھہ رحمت ﷲ، قمر کي چئي ان تحت گهرائي وئي، اهي ئي لفظ قمر ميٽنگ ۾ چيا جيڪي رحمت ﷲ هن کي چيا، مون چيو ادا اهڙي ڪابہ ڳالھہ نہ آهي جو توهان کي پنھنجي حيثيت مٽجي وڃڻ جو خوف ٿيو آهي، باقي هڪ تنظيم جو ڪارڪن هجڻ ناتي اهو منھنجو جمھوري حق آهي تہ جا غلط ڳالھہ هجي تہ ان جي وضاحت طلب ڪريان، بھرحال ان ڏينھن کان رحمت ﷲ سازشون ڪري اها ڪوشش ڪندو رهيو تہ ڏاڏي ۽ قمر کي ايترو ويڙهائي ڇڏيان جو ڏاڏي کي جيئي سنڌ آرگنائيزنگ ڪميٽي جي مرڪزي قيادت تان هٽائي قمر جي مدد سان آئون قبضو ڪريان.
هڪ ڏينھن بحث ڪندي مون پي اين پي جي مخالفت ڪندي چيو تہ انھي پارٽي ۾ عبدالحميد جتوئي بہ آهي، جيڪو بنيادي طور وڏيرو آهي ۽ ان لاءِ مشھور آهي تہ هارين کي پويان بصر وجهندو آهي، ان تي قمر صفا ناراض ٿي ويو تہ جتوئي منھنجو ليڊر آهي توکي ڪو بہ حق نہ آهي تہ ان تي تنقيد ڪرين يا ان جي مخالفت ڪرين، ان تي مون چيو ادا انقلابي سياست ۾ اسان وٽ جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ بورجوازن جي ڪابہ گنجائش نہ آهي، هڪ ڏينھن رحمت ﷲ جي صلاح سان قمر نارا جيل ۾ شاھہ محمد شاھہ کي خط لکيو تہ سميع، عنايت ۽ ڏاڏو اسان جي ڪابہ ڳالھہ ڪونہ ٿا مڃين اهڙيءَ طرح ڪيترائي دفعا هنن شاھہ محمد شاھہ کي اسان خلاف غلط فھميون پيدا ڪرڻ جون ڪافي حرامپايون ڪيون.
هڪ ڏينھن وارڊ ۾ ملاکڙو ڪيو ويو، مونسان نمبر وار ٻہ برداشتي وڙهيا، مير بخش ۽ ڌڻي بخش جن کي مون ملھہ ماري پوءِ وري قمر مونسا ملھہ وڙهيو پاڻ کي ٿلھو سمجهي وڙهيو پر هن کي ڌڪ اچي ويو، چيائين تو سياسي انتقام ورتو آهي مون چيو واھہ ادا تنھنجي سوچ کي سلام.
نوٽ: قمر پڙهائي جو شوقين، ڪم ڪار جو ذميوار ضرور هو مگر سندس غير انقلابي عادتون ڳڻڻ کان گهڻيون، تاريخ تي هلندو تہ رحمت ﷲ وانگر سڀ ڪنھن جي کيسي ۾ هٿ هڻندو، ڪنھن کان پئسہ تہ ڪنھن کي سامان جي لسٽ لکي ڏيندو، تاريخ تان موٽندو تہ برداشتي کي جوتو ڏيندو تہ برش هڻي ڪمري ۾ رک، صبح جو جي چانھہ نہ مليس تہ صفا موڊ خراب، برداشتي کي دڙڪا ڏيندو، جي بخار اچيس يا مٿي ۾ سور پئيس تہ سڄو وارڊ پريشان، ڄڻ همراھہ اجهو ٿو مري، شاھہ محمد شاھہ کي استعمال ڪرڻ جو پورو فن رکي، کيس عورتن وارن نخرن سان ڳالھہ چوندو، گهڻو وقت پليجي سان ڪچھري ڪندو، جنھن ڪري سندس ذهن تي پليجو صاحب جو گهڻو اثر آهي، يڪدم چڙندو سندس غلطي جو ڪڏهن بہ کيس احساس نہ ٿيندو آهي، باقي جيڪو سندس ساراھہ ڪندو پوءِ ان جا ٺٺ، کيس ڪمري ۾ وٺي وڃي چانھہ پياريندو يا شربت پياريندو. ھي ھمراھہ ساراھہ جو گهڻو قائل آھي.

فاضل راهو

هي دوست اٽڪل 15 مھينا مونسان گڏ رهيو آهي، فاضل راهو عوامي تحريڪ جو سنڌ جو صدر آهي، منھنجي ساڻس جيل ۾ گھرائپ ٿي آهي، اخلاق جو تمام سٺو وڻندڙ ۽ مزاج جو ٿڌو، هر ڳالھہ کي ٺاهڻ وارو هونءَ تہ 17 سو ايڪڙ زمين جو مالڪ مگر سادو ڪڏهن بہ محسوس نہ ڪرايائين تہ زميندار آهي، سدائين ميس ۾ وڌيڪ خرچ ڪندو، 45 سال عمر هوندي بہ ونجهہ وٽي راند جو شوقين، صبح جو سويل اٿڻ جي عادت جمعي جي ڏينھن وارڊ ۾ آيل دوستن جي خدمت ۾ لڳو پيو هوندو، اڪثر غريب قيدين جا ڏنڊ پياريندو رهندو، پر سياسي توڙي ذاتي طرح پليجي صاحب جو ٻانھن ٻيلي هر ڳالھہ ان کان پڇندو، جڏهن بہ ٻاهر اسپتال يا ملاقات تي ويندو، تہ اسلم پرويز وڏي لسٽ سامان جي لکي ڏيندس جيڪا بنا ڪنھن اعتراض جي وٺي ايندو، اسلم پرويز ۽ پليجي صاحب جو سڄو خرچ فاضل برداشت ڪندو آهي، مونسان ٽي مھينا هڪ کولي ۾ رهيو آهي، رات جو ڪافي ڪچھري ڪندا هئاسين، سندس مزاج سٺو ۽ وڻندڙ آهي، رات جو اڪثر زمينن جا حساب ڪتاب ۽ سيٺين سان ڏيتي ليتي ڪيل رقم جو حساب پيو لڳائيندو آهي ۽ ٻاهر سندس پٽ صديق کي سمجهائيندو آهي، مونسان برابري جي بنياد تي رهيو جيل ۾ رهڻ جي لائق بھادر انسان آهي پنھنجي پروگرام جي حساب سان پليجي صاحب سان سچو آهي، جيل ۾ مون کيس ڪڏهن بہ مايوس نہ ڏٺو آهي.

رحمت ﷲ هيسباڻي

هي منھنجو تمام پراڻو دوست آهي، هن سان واقفيت 1974ع کان آهي، ساڻس ٻاهر جي زندگي جون ساروڻيون ٻئي هنڌ ڪندس هتي صرف جيل جي زندگي تي مختصر روشني وجهان ٿو.
هي دوست بحث مباحثي جو شوقين، ڪتاب پڙهڻ تي ٻرو پنھنجي ڪھڙي بہ اڍنگي ڳالھہ کي مڃرائڻ لاءِ ڪيتري بہ دليل بازي ڪرڻي پيس تہ ڪندو، ان ۾ ڪو بہ عيب ٺپ نہ سمجهندو، صرف پنھنجي انفرادي مفادن لاءِ پاڻ پتوڙيندو، ضرورت کان وڌيڪ چيڙاڪ، بيماري جي حالت ۾ رڙيون ڪندو، ماني ٿورڙي دير سان مليس يا گهٽ مليس تہ وڏو گوڙ ڪندو،سٺي شيءِ لڪائيندو، مطالعو بلڪل زيرو، انگريزي سکڻ جو شوقين جئين کيس قمر چوندو تئين ڪندو، هروڀرو ننڍڙي وڏي ڳالھہ تي يا ڪنھن جي برغلائڻ تي ننڍي ڀاءَ عنايت کي دٻائيندو رهندو هوا،سدائين کوکلو رعب ڄمائيندو، ٻاهرين دوستن کي هر وقت لکندو رهندو تہ اسان کي آزاد ڪرايو، غريب پورهيت عوام سان وڏيرن کان بہ ڪريل طريقي سان پيش ايندو، چوندو آهي تہ هي ڪھڙي بہ عزت جي لائق نہ آهن.

ساغر سميجو

هي دوست ايس اين ايس ايف جو ڪارڪن آهي، اسين نظرياتي طرح الڳ آهيون، کيس پنھنجو سياسي ۽ نظرياتي ڪم ڪرڻ جو وڏو ڏانءُ آهي، مطالعي جو تمام گهڻو شوقين، اڪثر ٽائيم لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ گذاريندو آهي، مونسان اٽڪل ست مھينا گڏ رهيو آهي، کل مک چڙ بلڪل نہ، بحث دوران سدائين ڪتابن مان حوالا ڏيندو، سٺي سياسي ناليج اٿس، اڪثر ٻيا سياسي ليڊر چڙندي دير نہ ڪندا آهن، پر هي سياسي بحث دوران دليلن سان ڳالھائيندو، کيس چڙندي مون ڪڏهن بہ نہ ڏٺو، ورزش جو ڪو بہ شوق نہ، اڪثر ويھڪ جي ڪري پيٽ وڏو اٿس، جيڪڏهن ڪو بخار وغيرہ ٿئيس تہ جلدي ۾ لھي اڀرو ٿيو وڃي، ميس ۾ بلڪل سامان ڪونہ ڏئي ۽ چوندو تہ آئون غريب آهيان جيڪڏهن ماني کارايو تہ ٺيڪ آهي نہ تہ آئون جيل جي ماني کائيندس، جيل ۾ سندس پنج رپيا مھينو بہ خرچ نہ آهي، چانھہ بہ جي ملندس تہ پيئندو نہ تہ ضرورت محسوس نہ ڪندو، اخلاق جو بلند انسان ڪا بہ بيڪار عادت نہ اٿس.

جيل ۾ سٺو رهائشي نظام هلائڻ لاءِ ٺاهيل شاگرد ڪاميٽيون

اڄ 1982-05-09 تي صبح جو پنھنجي هائوس جي گڏجاڻي ٿي هائوس جي نظام کي هلائڻ لاءِ مختلف ڪاميٽيون ٺھيل آهن جيڪي مھيني جي هر نائين تاريخ تي جمھوري طريقي سان نئين چونڊ ڪري چونڊيل دوستن کي مختلف ڪم سونپيا ويندا آهن.

انتظاميہ ڪاميٽي؛
هن ڪاميٽي جو ڪم آهي تہ ڪنھن اڻ وڻندڙ واقعي جي ڪري ايمرجنسي ۾ ميٽنگ ڪرائڻ لاءِ مھيني جي اڌ ۾ تنقيدي جائزي لاءِ ميٽنگ گهرائڻ، ٻين سڀني ڪاميٽين تي نظر رکڻ ۽ ڊسيپلين برقرار رکڻ، ڪاميٽي ۾ ٽي ميمبر هوندا آهن انھن مان هڪ سيڪريٽري هوندو آهي.

ميس ڪاميٽي؛
هن ڪاميٽي جو ڪم هوندو آهي تہ هرهڪ ميمبر کان 100 رپيا يا ايترو سامان وصول ڪري سڀني ميمبرن کي ٽي ٽائيم ماني کارائڻ سامان جي حفاضت ڪرڻ سھڻي نموني سان سڀني کي ماني کارائڻ هن ۾ بہ ٽي ميمبر هوندا آهن جن مان هڪ سيڪريٽري هوندو آهي.

ثقافتي ڪاميٽي؛
هن ڪاميٽي جو ڪم آهي سڄو مھينو پڙهائي ڪرائڻ ۽ سڀني دوستن کي گڏ ڪرڻ، اٽڪل ڏھہ بجي کان پنھنجي ڪارروائي هلائڻ، هڪ ڄڻو ڪتاب پڙهندو ٻيا سڀ ٻڌندا، پوءِ انھيءَ تي سڀ ڪو پنھنجي سمجهہ مطابق ڳالھائيندو آهي، ان ۾ شرط آهي تہ هرهڪ کي ڳالھائڻو ضروري آهي، هن وقت اسين تقريبن 8 مھينن کان مسلسل مارڪسي فلسفو پڙهي رهيا آهيون جيڪو امداد چانڊيو پڙهائيندو آهي ۽ سنڌيءَ ۾ ان جي تشريح ڪندو آهي، هر هفتي جي سومر تي شعر و شاعري جو پروگرام ٿيندو آهي جنھن ۾ هر هڪ دوست ٽي بيت ضرور پڙهندو آهي ۽ پوءِ ثقافتي ڪاميٽي انعام ورهائيندي آهي جنھن بہ سٺا بيت پڙهيا انھن مان ٽن کي نمبر وار انعام ملندا آهن خميس جي ڏينھن جنرل ناليج يا مزاحيہ پروگرام ٿيندو آهي هن ۾ بہ ٽي ميمبر ۽ هڪ سيڪريٽري هوندو آهي.

خارجہ ڪاميٽي؛
هن ڪاميٽي جو ڪم آهي تہ وارڊ کان ٻاهر جيڪي بہ مسئلا درپيش اچن انھن کي ذميداري سان حل ڪرائي، مثال طور جيل انتظاميہ، ڊاڪٽر گهرائڻ، ڌوٻي، فيڪٽري، ملاقات، اسپتال ۽ اخبار وغيرہ جو بندوبست ڪرڻ هن ۾ بہ ٽي ميمبر هڪ سيڪريٽري آهن.

چانھہ ڪاميٽي؛
هن ڪاميٽي جو ڪم آهي تہ چانھہ تيار ڪري سڀني ميمبرن کي پياري ۽ هر هڪ کان 30 رپيا مھيني جي حساب سان وصول ڪري خرچ، هلائڻ جو ڪم سونپيل آهي ان کان علاوہ هڪ ٻي ڪاميٽي آهي جنھن جو ڪم آهي تہ اسان جي ونگ وارن کان سواءِ جيڪي ٻين مختلف تنظيمن يا غير تنظيمن جي دوستن کي ڪوبه مسئلو پيدا ٿئي ان کي حل ڪرڻ جو ڪم سونپيل آهي، ان ڪاميٽي ۾ پنج ميمبر آهن جنھن ۾ جيئي سنڌ صالحين مان ڊاڪٽر دودو مھيري ۽ نورالدين ۽ غوث علي شاھہ ٻئي ونگ مان ۽ اسان وٽان آئون، امداد چانڊيو مسلسل آهيون، جيئن تہ اسين ٽوٽل چار تنظيمن جا دوست گڏ رهون ٿا، جنھن ۾ ڊي ايس ايف، ايس ايس ٽي، ايس پي ايس ايف، جيئي سنڌ ليفٽ، تقريبن دوست ٺاھيل اصولن جي ھيٺ برابري جي بنياد تي گڏجي سڏجي ڪم ڪريون ٿا.

آئون پاڻ کي جيل ۾ ڪيئن محسوس ڪريان ٿو

ايمانداري سان چوان ٿو تہ مون کي جيل ۾ 28 مھينا ٿي ويا آهن پر مونکي پنھنجو انت ڪونہ آهي تہ مون ۾ برداشت جو ڪيترو مادو آهي، مسلسل انھي تجربي ۾ گذاريو اٿم هينئر جيل مونکي گهر وانگر ٿو لڳي اصل جھڙو ڄائو هتي هجان.

نوٽ: ڊسمبر 1981ع کان نظرياتي طرح آئون مڪمل اشتراڪيت جي فلسفي جو قائل ٿي چڪو آهيان، آئون ڪارل مارڪس ۽ ولاديمرچ کي پنھنجو اڳواڻ ٿو سمجهان آئون انھن جي فلسفي مطابق باقي زندگي انسانيت لاءِ وقف ڪري ڇڏڻ ٿو چاهيان.

4 مارچ
اڄ چار مارچ يوم جدوجھد ملھايو ويو، پھريائين سڀني تنظيمن جو گڏيل پروگرام هو، مگر قوپرست تنظيم جيئي سنڌ جي ايم سيد تحريڪ انھن پوائنٽس، (points) تي اختلاف ڪيو جيڪي چئين تنظيمن طرفان رکيل هيون، 1. فوجي ڊڪٽيٽرشپ جي خلاف، 2. ون يونٽ جي خلاف، 3. قومي ظلم ۽ جبر جي خلاف، 4. جمھوريت قائم ڪري چار مارچ جي جدوجھد.
1. جيئي سنڌ کاٻي ڌر 2. سنڌي شاگرد تحريڪ 3. ڊي ايس ايف ۽ سپاف انھن موضوعن تي متفق طور فيصلو ڪيو، مگر نسل پرستن چيو تہ پاڪستان جي خلاف ۽ پاڪستان جي وجود تي ڳا لھايو وڃي، بعد ۾ چئين تنظيمن طرفان جلسو ڪيو ويو ۽ قومپرستن الڳ جلسو ڪيو، جلسي جي ڪارروائي شاھہ جي بيت سان شروع ڪئي وئي،
1. خان محمد لغاري (جساف ليفٽ) 2. اسد گاڏهي (ايس ايس ٽي) 3. شير محمد مڱريو (ڊي ايس ايف) 4. غوث علي شاھہ (جساف ليفٽ) 5. نازسنائي (آزاد) 6. نظر احمد کھاوڙ (جساف ليفٽ) 7. سليمان ڏاهري (ايس ايس ٽي) 8. امداد چانڊيو (ڊي ايس ايف) ۽ 9. پورهيت عيسو عمراڻي (آزاد). سڀني جو گڏيل مرڪزي خيال اھيو رھيو تہ ترقي پسند قوتن کي ھڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ گهرجي ۽ کوڙ سارن معاملن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ڇو تہ چار مارچ سنڌي شاگردن ۾ سجاڳي آندي چار ڪلاڪن کان پوءِ جلسو ختم ٿيو اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض مون سرانجام ڏنا.

چار اپريل
اڄ چار اپريل شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جو ڏينھن آهي، صبح کان وٺي ڀٽي صاحب کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن، سڀني تنظيمن سان ڳالھائڻ کان پوءِ ان ڳالھہ تي متفق ٿياسين تہ سڀ ڪو پنھنجو تنظيمي ۽ نظرياتي موقف اختيار ڪري سگهي ٿو، جلسو شام جو 3 بجي کان شروع ڪيو ويو، مون اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض انجام ڏيندي لطيف جي بيت سان شروعات ڪئي، اڄ جي جلسي ۾ سڀني تنظيمن شرڪت ڪئي. 1. جيئي سنڌ جي ايم سيد، 2. جيئي سنڌ کا ٻي ڌر، 3. ڊي ايس ايف، 4. ايس ايس ٽي، 5. سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽ فيڊريشن.
1. حفيظ قريشي؛ (جي ايم سيد تحريڪ): هن صاحب شھيد ڀٽو کي سنڌ دشمن ۽ غدار ثابت ڪرڻ جا سڀئي طريقا استعمال ڪيا ۽ کيس شھيد مڃڻ کان انڪار ڪيو.
2. اسد گاڏهي (سنڌي شاگرد تحريڪ) ؛ هن دوست ڳالھائيندي چيو تہ ڀٽو شھيد هو، ڀٽو پاڪستان جي عوام جو آواز آهي، عوام سان گڏجي هلڻ لاءِ عوام جي دلچسپي کي نظرانداز نہ ڪبو.
3. نورالدين عباسي (جي ايم سيد): هن ڀٽي کي غدار ثابت ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي.
4. مرتضيٰ ميراڻي (سپاف): هن دوست ڀٽي صاحب کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو تہ اسان کي ڀٽي صاحب جي قدم تي هلڻ گهرجي.
5. شير محمد مڱريو (ڊي ايس ايف): هن دوست چيو تہ اها پاڪستان جي سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جي سازش ۽ سندن آقا آمريڪا جي پلاننگ هئي جو ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏني وئي آهي.
6. ڪامريڊ غلام رسول زرداري (جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ ليفٽ): هن دوست ڳالھائيندي چيو تہ ان وقت اسين جيلن ۾ هئاسين ۽ هن وقت بہ مگر وقت جي تقاضا آهي تہ ڀٽو صاحب حقيقت آهي ۽ اسان کي سڀ ڳالھيون نظرانداز ڪرڻيون پونديون ياد رهي تہ هي دوست ڀٽو دور ۾ ٽي سال جيل ۾ رهيو آهي
7. غوث علي شاھہ (جساف ليفٽ): هن دوست فوجي وحشيت تي ڳالھائيندي چيو، شھيد ڀٽو کان وٺي اڄ تائين ظلم قائم آهي، ڇو تہ اڄ بہ علي حيدر شاھہ لاهور قلعي ۾ عذاب برداشت ڪري رهيو آهي.
8. ناز سنائي (آزاد) ؛ هن صاحب ڀٽي صاحب کي مرحوم چوندي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ ڀٽي صاحب جو دور سنڌي ماڻھن لاءِ قيامت جو دور هو.
9. الطاف تنيو؛ (جي ايم سيد): هن صاحب بہ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ ڀٽو ظالم هو ۽ ظالم جو اهڙوئي حشر ٿيندو آهي.
10. سليمان ڏاهري: (ايس ايس ٽي): هن دوست شھيد ڀٽي کي بھادر ۽ عوام دوست ثابت ڪيو ۽ چيو ڀٽي صاحب جي دور ۾ پورهيت عوام ۾ سجاڳي پيدا ٿي.
11. خان محمد لغاري (جيئي سنڌ ليفٽ) : هن دوست شھيد ڀٽي کي خراج تحسين پيش ڪئي، ۽ واضع ڪيو تہ اها سامراجي سازش هئي.
12. امداد چانڊيو (ڊي ايس ايف): هن دوست ثابت ڪيو تہ شھيد ڀٽو هن سماج کي اڳتي آڻي سرمائيدار، جاگيردارن جي خلاف عوام کي سجاڳ ڪيو، ان جو نتيجو ڦاسي آهي۽ اها آمريڪا سامراج ۽ سندس ڇاڙتن جي مفاد جي ڳالھہ هئي.
آخر ۾ ڪارروائي ختم ڪرڻ کان اڳ ۾ مون شھيد ڀٽي کي عوامي قوت ۽ بين القوامي سامراج دشمن چئي شاھہ جي بيت سان جلسو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

بنگلاديش
1980-04-27 اڄ بنگلاديش جي چونڊيل عوامي حڪومت صدر جسٽس عبدالستار جي حڪومت جو تختو انڌو ڪري جرنل ارشاد اقتدار سنڀالي ورتو آهي، جرنل ارشاد آمريڪا جو ايجنٽ آهي ان حيثيت سان بنگلاديش جي مظلوم عوام تي ڏاڍ ۽ ظلم قائم ڪري پاڪستان کي هٿي ڏيندو، آمريڪا سامراج هاڻ گهڻوڪري پاڻ کي ڪمزور سمجهڻ لڳو آهي ان ڪري فوجي ڊڪٽيٽرن جا آخري حربا استعمال ڪري رهيو آهي، پاڪستان جي فوجي ڊڪٽيٽر آمر ضياءُالحق کيس مبارڪن جو پيغام موڪلي خوش آمديد ڪيو آهي.

ارجنٽائن
اڄ 1980-04-11 تي ڏکڻ آفريڪا جي ملڪ ارجنٽائن جي فوجي حڪومت برطانيہ جي پراڻي نوآباديات جزيره آڪلينڊ جو قبضو ڇڏائي ورتو آهي، آڪلينڊ برطانيہ کان اٺ هزار ميل پري آهي، ارڙهين صدي ۾ برطانيہ اهو علائقو قبضو ڪري اتي جي مقامي ماڻھن کي ظلم جو شڪار ۽ غلام بنائي پنھنجي ملڪ جا واپاري ۽ صنعتڪار موڪلي اتي جو ڪچو مال پنھنجي ملڪ ڏانھن پئي منتقل ڪيو، برطانيہ هينئر ڪاوڙ ۾ اچي هڪ سامونڊي ٻيڙو روانو ڪيو آهي، جيئن اهو علائقو واپس قبضو ڪري سگهي، جنھن جي حمايت آمريڪا سامراج ڪري رهيو آهي، جڏهن تہ سويت يونين ۽ ٻيا جمھوريت پسند ملڪ ان ڪارروائي کي ڏاڍ ۽ ظلم قرار ڏئي رهيا آهن.

سڄي سگنت مٿو ڪوڙائڻ جو فيصلو ڪيو

اڄ 1980-04-20 تي صبح جو سويل سڄي سنگت سان گڏ پنير ۽ چانھہ پي ويٺاسين تہ تمام دلچسپ بحث نڪتو ڇو تہ جيل جو حجم حسين ملاح پنھنجي اوزارن سميت اچي ويو هو، سڀني دوستن جو خيال ٿيو، تہ گرميون آهن، سڀ مٿا ٿا ڪوڙايون، مون مٿو ڪوڙائڻ کان انڪار ڪيو، پر عنايت هيسباڻي، شمس گوپانگ ۽ ڪجهہ ٻين دوستن موقف اختيار ڪيو تہ جي ڏاڏو مٿو ڪوڙائي تہ پوءِ اسين سڀ مٿو ڪوڙائينداسين، اٽڪل 10 دوست اهو چئلينج ڪري ويٺا، جڏهن ڳالھہ ضد ۾ اچي وئي تہ مون بہ چيو ٺيڪ آهي آئون بہ مٿو ڪوڙايان ٿو، پوءِ تہ وارڊ ۾ شور مچي ويو افراتفري شروع ٿي وئي، عنايت ڊوڙ ڪري ڪينچي کڻي آيو پھريائين مون سندس مٿي ۾ وهائي سندس ڪجهہ وار ڪٽيا پوءِ مون ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي تہ يڪدم 10 دوست مونکي وڪوڙي ويا ۽ قابو ڪري منھنجي مٿي تي ڪينچي گهمائي ڇڏي، پوءِ تہ مٿو ڪوڙائڻو پئجي ويو، پھريائين مون پوءِ نظام الدين شيخ مٿو ڪوڙايو پوءِ سڀني کي قطار ۾ ويھڻ لاءِ چيم پوءِ تہ سائين شور مچي ويو سڄو هائوس اچي گڏ ٿيو، هڪ ڪينچي ۽ پاڪي حجم کنئي ۽ هڪ مون، هر هڪ کي ويھاريندا وياسين انھن مان اٽڪل 9 ڄڻن جا مٿا مون ڪوڙيا انھن ۾ 1. اڪبر جکراڻي، 2. عيسو عمراڻي، 3. سليمان ڏاهري، 4. عبدﷲ بروهي، 5. عبدالحفيظ قريشي، 6. ناز سنائي، 7. امداد چانڊيو، 8. عبدﷲ شاھ، 9. سانوڻ ماڇي، هيٺين دوستن جا مٿا حجم ڪوڙيا، 10. اسدگاڏهي، 11. شير محمد مڱريو، 12. مرتضيٰ مرڙاڻي، 13. غلام نبي خشڪ، 14. محرم راڄپر، 15. محمد خان سولنگي، 16 قربان ارباب، 17. دودو مھيري، 18. غلام رسول زرداري، 19. نوراحمد چانڊيو، 20. عبدالرزاق سيکڙو، باقي عنايت ڀڄي لڪي ويو ۽ شمس گوپانگ مشتعل ٿي جان ڇڏائي ويو.

ناز سنائي کي حفيظ قريشي جو ڪٽڪو

اڄ 1982-04-22 تي هڪ تمام منجهائيندڙ مسئلو هائوس ۾ پيدا ٿيو، ڇا ٿيو جو آئون پنھنجي ڪمري ۾ پڙهي رهيو هئس تہ امداد چانڊيو ۽ ناز سنائي گڏجي آيا، ناز سنائي جي حالت ڏکائيندڙ ڏسي مون يڪدم چيو، ناز ڏي خبر خير تہ آهي، ناز چيو، ڏاڏا آئون پنھنجو ڪتاب حفيظ قريشي کان وٺڻ ويس تہ هو مون سان وڙهيو آهي، ۽ مونکي ڏاڍا ڌڪ هنيان اٿس، ناز روئڻھارڪي لھجي ۾ چيو مون کي ڏاڍو ڏک ۽ افسوس ٿيو، مون ناز کي آٿت ڏني تہ پريشان نہ ٿي مسئلو حل ڪريون ٿا، امداد چانڊيو ۽ مون پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ جيل انتظاميہ کي خبر نہ پوڻ کپي ڇو تہ جيل انتظاميہ شاگردن جي اهڙين حرڪتن مان ناجائز فائدو وٺندي ۽ اسان جي قوت کي ڪمزور ڪندي، ان لاءِ بھتر آهي تہ هتي هائوس جي ضابطن مطابق فيصلو ڪريون، امداد بہ منھنجي ڳالھہ سان متفق ٿيو، پوِءِ اسان هائوس جي مکيہ ڪاميٽي جنھن ۾ هرهڪ تنظيم جو نمائندو شامل آهي، ان ڪاميٽي جي گڏجاڻي گهرائي، ان عمل ڪري سڄي وارڊ ۾ افراتفري مچي وئي، حفيظ قريشي جي اهڙي حرڪت کي سڀني ننديو ۽ سڀني ان جي تنظيم جي اڳيان احتجاج ڪيو، جنھن مان دودو مھيري ۽ لطيف لغاري آيا هئا، ڇاڪاڻ تہ حفيظ قريشي جيئي سنڌ (جي ايم سيد) جو ساٿي آهي، وڏي بحث مباحثي کان پوِءِ فيصلو ڪيو ويو تہ سڄي هائوس جي جنرل باڊي گهرائي ويندي ان سامھون حفيظ قريشي کي ناز سنائي کان لکت ۾ معافي وٺڻ گهرجي، ان تي وڏي گرما گرمي ٿي وئي سڄو هائوس بحث مباحثي ۾ شروع ٿي ويو، هيڏانھن آئون امداد ۽ اڪبر جسڪاڻي ناز سنائي کي راضي ڪرڻ ۾ لڳي وياسين ۽ هوڏانھن دودو مھيري، لطيف لغاري، حفيظ قريشي کي راِضي ڪرڻ ۾ لڳي ويا، نيٺ اهو ئي فيصلو ٿيو تہ حفيظ قريشي ناز کان سڄي هائوس اڳيان معافي وٺي ۽ پنھنجي غلطي کي تسليم ڪندي چئي تہ اهڙي حرڪت تي مان شرمسار آهيان ۽ آئندہ هائوس جي ضابطن مطابق رهندس، جڏهن معافي جو عمل ٿي ويو تہ پوءِ سڀني دوستن مونکي ڪجهہ ڳالھائڻ لاءِ چيو، مون ڳالھائيندي چيو، تہ سڀني شاگردن تنظيمن کي هڪ ٻئي سان سٺي سلوڪ سان پيش اچڻ گهرجي ننڍين ننڍين ڳالھين کي وڏن مفادن تي ترجيح ڏيڻ گهرجي پاڻ ۾ برابري جي بنياد تي رهو هڪجهہڙائي پيدا ڪريو ۽ اخلاق سان رهو هڪٻئي جي جذبن احساسن جو خيال رکو تہ يقينن تڪليفون تفريح ۾ تبديل ٿي وينديو. مون کان پوِءِ دودي مھيري ڳالھايو، اهڙي طرح ڪافي جدوجھد کان پوءِ معاملو حل ٿيو هنن ٻنھي کي پاڻ ۾ پرچائي وري پنھنجي ضابطن تي پابند رهڻ لڳاسين. اهڙي طرح اڄو ڪو ڏينھن پرچائڻ ۾ گذريو.

دوست ماني تان مشتعل ٿي ويا

اڄ تاريخ 1982-04-23 تي جمعي جو ڏينھن هجڻ ڪري جنرل صفائي ڪئي وئي، پر اڄ بہ دلچسپ واقعو ٿيو، اهو هي تہ اسان جي وارڊ جي ضابطن مطابق جيڪي بہ مختلف ڪاميٽيون ٽن ٽن ماڻھن تي مشتمل آهن، انھن ۾ ميس ڪاميٽي جا سيڪريٽري غلام نبي خشڪ ۽ سليمان ڏاهري آهن، صبح ناشتي مھل غلام نبي ماني ورهائي تہ غلام رسول زرداري ۽ خان محمد لغاري سان گڏ عنايت ھيسباڻي خيال ظاهر ڪيو تہ اسين دير سان ناشتو ڪنداسين ٿانو ٿورڙا هئا، غلام نبي حجت ۾ هنن کي ڪڙي لھجي ۾ چيو، تہ ماني هتي کائو تنھن تي هنن چيو تہ اسين ماني کڻي وڃي ڪمري ۾ رکون ٿا پوءِ کائينداسين ان تي غلام نبي چيو تہ نہ ائين ڪونہ ٿيندو، ٿانو ٿورڙا آهن ۽ اهو هائوس جي ضابطن جي خلاف آهي، ان تي خان محمد لغاري جيڪو مسلسل جيل ۾ رهڻ جي ڪري جيل جي حالتن کان ذهني طرح متاثر ٿيل آهي. مشتعل ٿي ويو ۽ غلام رسول زرداري کي برغلائي ٻئي ڪاوڙجي هليا ويا، ڪجهہ دير کان پوءِ مونکي مليا تہ مون کين ڪافي سمجهايو پر همراھہ احساس ڪمتري ۾ داخل ٿيندي سوچڻ لڳا تہ اسان جي عزت جو خيال نہ آهي.

قمر ڀٽي مھمان ٿي آيو

اڄ 1982-04-24 تي خاص طرح ڪالھو ڪا ڪاوڙيل همراھہ غير مشروط ٺاھہ لاءِ راضي ٿي ويا آهن، ان لاءِ ميٽنگ گهرائي وئي پر آئون ڪونہ ويس ۽ غلام نبي بہ وڃڻ کان انڪار ڪيو ڇو تہ خان محمد لغاري پنھنجي بالادست حيثيت تان دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار نہ آهي ۽ ٻين مٿان بالادستي سان حاوي رهڻ جو غير آئيني ۽ نااهلي وارو طريقو اپنائڻ چاهي ٿو، غلام رسول پنھنجي غلطي کي محسوس ڪندي پڇتائڻ لڳو آهي، عنايت جي بہ ساڳي حالت آهي، اڄ قربان ارباب کي ڊي ايم ايل اي آفيس ۾ گهرايو ويو مگر سڄو ڏينھن انتظار ڪرڻ کان پوءِ واپس موٽي آيو، ملاقات نہ ٿي، اڄ قمر ڀٽي جيڪو خير پور جيل تي آهي ان کي بہ ڊي ايم ايل اي گهرايو آهي، هن سان 14 ڪلاڪ بحث ڪيو اٿس ۽ صرف اڄوڪي رات لاءِ هن کي هتي گهرايو اٿس، سڀاڻي واپس ويندو افسوس آهي تہ سختيون بہ کاڌيون اٿس جيل بہ ڪاٽي پيو پوءِ بہ هن ظالم فوجي ٽولي سان رهاڻيون ڪري ڊيل ڪري جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ۽ پاڻ کي انقلابي ليڊر بہ سڏائي ٿو، مگر هن جو ڏوھہ نہ آهي، هي اڀرندڙ اپر ڪلاس طبقي جو ماڻھو آهي، وڏيرڪي نفسيات جو شڪار آهي ۽ قومپرست بہ آهي ۽ موقعي پرست بہ آهي، سڀاڻي وري ڊي ايم ايل اي سان رهاڻ ڪندو، لڳي ٿو تہ هن کي فوجي پنھنجي مفاد ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ ڊيل ڪري آزاد ڪرڻ وارا آهن، هي همراھہ ٻڌائي پيو تہ ڊي ايم ايل اي رسول بخش ٿيٻوکي سکر سينٽرل جيل تان، علي محمد شاھہ نارا جيل تان ۽ عنايت ھيسباڻي کي هن جيل تان گهرائيندو ۽ ڳالھيون ڪندو، اهڙي ڳالھہ ممڪن تہ نہ آهي پر ٿي سگهي ٿو اسان جي باري ۾ ڪا غلط فھمي پيدا ٿي هجين ڇو تہ اسان کي غير قانوني طرح ٽي سال جيل ۾ ٿي ويا آهن، ڪيترائي پيسا، سزائون، موچڙا، ڏنڊ ڏيو مطئمن ٿيو ويٺا آهيون کين نہ منٿ ٿا ڪريون ۽ نہ ئي جهڪائي سگهيا آهن، بحرحال ڏسجي تہ ڪھڙو ڊامون ٿو شروع ٿئي، اڄ شام جيئي سنڌ جي ايم سيد جا ڪارڪن سڀ جا سڀ باريڪ ۾ بند ٿيا آهن ڇو جو قمر ڀٽي مھمان ٿي آيو آهي.

تاريخون، رشوتون ۽ آزاديون

1982-04-27 جو ڏينھن مزي سان گذريو، اڄ غلام رسول زرداري ۽ ارشاد نظاماڻي انھن سان گڏ ڊي ايس ايف جي اڳواڻن امداد چانڊيو، شير محمد مڱريو ۽ محمد خان سولنگي جن جي بہ تاريخ هئي، هنن همراهن کي تہ اٽڪل تيرهن مھينا ٿي ويا آهن، اڃان تائين ڪچا آهن بنا ڪنھن فيصلي جي اڃان تائين غير قانوني سزا ڪاٽي رهيا آهن، هنن جو ڪيس اسپيشل ملٽري ڪورٽ ۾ آهي، هي سنڌ جو پھريون انوکو واقعو آهي جو شاگردن کي اسپيشل ڪورٽ ۾ چالان ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ صرف پمفليٽن ۽ هڪ ٻہ ڪتابن کي جواز بنائي هنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ان ئي ڪيس ۾ هنن کي ڪراچي ٽارچر سيل ايف آءِ يو ۾ تقريبن هڪ مھيني تائين تحقيات جي بھاني تشدد جو نشانو بنايو ويو، پر هي ارڏا جوان نظرياتي طرح پڪا ۽ پختا آهن، غلام رسول ۽ ارشاد نظاماڻي ملٽري ڪورٽ ۾ چالان آهن، غلام رسول تي بائيڪاٽ ڪرائڻ جو ڪيس آهي ۽ ارشاد تي سنڌوديش موومينٽ هلائڻ جو ڪيس آهي، اڄ هنن ٻاهر جو احوال ڏيندي پوليس جي بد اخلاق رويي تي افسوس جو اظھار ڪيو، هنن ٻڌايو تہ اسان کي زوريءَ لاڪ اپ ۾ بند ڪيو ويو، پوءِ کين پيسن جي لالچ ڏني سون پوءِ ٻاهر ڪڍيائون، جيئن تہ شنوائي تي سڀ شاگرد ويندا آهن سڀني تي ڪوڙا ڪيس داخل آهن ڪنھن تي هڪ ڪيس تہ ڪنھن تي ٻہ ڪيس تہ وري ڪنھن تي ٽي چار ڪيس آهن، انھن ۾ سزا ئون بہ آهن تہ ڪوڙا (فٽڪا) ۽ ڏنڊ بہ آهن، وڌيڪ ڪيسن وارا ٻاهر ويندا آهن پوءِ انھن سان پوليس اهڙو حشر ڪندي آهي، جڏهن تہ آئون بہ ٻہ سزائون پوريون ڪري ڏھہ هزار ڏنڊ ڀريو، ٽن سالن کان ويٺو آهيان اڃان تائين هڪ ڪيس ۾ بنا فيصلي هلان پيو، جيڪو 1980-08-26 تي ڪوڙو داخل ٿيو هو، اهو بہ تقرير ڪرڻ جي سزا ۾ آهي، اهو آهي انصاف اسلامي جمھوريہ ملڪ پاڪستان ۾، شرم اچڻ کپي انھن وحشي ڊڪٽيٽرن ۽ جرنلن کي جيڪي مسلمان سڏائين ٿا، جڏهن بہ تاريخ تي ويندا آهيون تہ پوليس ڪڏهن 20 رپيا تہ ڪڏهن 30 رپيا رشوت طور وٺندي آهي، اهي بہ دوستن ۽ عزيزن سان ملاقات ڪرڻ جا، پوليس جي اهڙي رويي تي ڪيترائي دفعا مون سميت سڀني شاگردن ميجر کي جيڪو ڪورٽ جو صدر آهي شڪايت ڪئي آهي پر ڪورٽ جو صدر فرمائيندو آهي تہ پوليس کي خرچي ڪرائيندا ڪريو، تہ توهان کي ملاقات ۾ آساني ٿيندي، پر اسين ڪجهہ بہ نٿا ڪري سگهون ڇو تہ اسين قيدي آهيون ۽ قيد بي وسي جو ٻيو نالو آهي، ٻيو تہ اسان جا مائٽ ويچارا پري کان ڪھي ايندا آهن، اگر ٻہ ٽن رپين جي خاطر هو واپس هليا وڃن ان ڪري خاموشي، سان اهڙو ويڌن برداشت ڪري رهيا آهيون.
اڄ محرم راڄپر 25000 رشوت ڏئي آزاد ٿي ويوآهي، جيڪو هڪ مھينو جيل ۾ هو ۽ هي جيئي سنڌ ليفٽ جو ڪارڪن هو، ان کان ٻيا بہ ڪيترائي شاگرد آزاد ٿي چڪا آهن پر وڏين سفارشن کان پوءِ يا وڏيون رقمون رشوت طور ڏئي پوءِ آزاد ٿيا آهن. مثال طور ڊاڪٽر نواز پنھور ۽ ڊاڪٽر شفقت ڏاهري جن کي ٻن سالن جي سزا سان گڏ 20 ڪوڙا منظور هئا، مگر نواز پنھور 30 هزار ۽ شفقت ڏاهري 35 هزار رشوت ڏئي چئن مھينن ۾ آزاد ٿي ويا،تازو ڊاڪٽر اسحاق کٽي 5 هزار ڊاڪٽر آغا مزمل تہ حيرت ۾ وجهي ڇڏيو جيڪو 50 هزار يعني اڌ لک ڏئي آزاد ٿيو آهي، پر ان جي مجبوري هئي تہ ان وٽان ريوالور نڪتو جيڪو هن قبول ڪيو هو، ان کان علاوہ بچل ٻرڙو 5 هزار، اقبال سيھڙ، ممتاز کوکر 10 هزار، سڪندر بوداڻي جيڪو پوليس انسپيڪٽر جو پٽ بہ آهي ان بہ 20 هزار رشوت ڏني آهي، هي مٿيان ذڪر ڪيل دوست 1982-03-04 تي گرفتار ٿيا ۽ 1982-04-26 تي آزاد ٿي ويا، هاڻي تہ غريب شاگردن لاءِ ويل ٿي ويو آهي، نڪو پيسو، نڪو سفارش بري طرح ۽ ناجائز طريقي سان ڪيسن ۾ ڦاٿا پيا آهن، بارگيننگ ڪري آزاد ڪرائڻ لاءِ سنڌ جا وڏيرا وات ڦاڙيو ويٺا آهن، جن ۾ مشھور آهن قاضي عابد، مصطفيٰ ڀرڳڙي، لالا محي الدين ۽ ٻيا ڪيترائي نالا آهن ميجر ڪاريا رشوت جا پيسا وٺي ٻين کي حصا ڪري ڏيندو آهي، ان کان علاوہ قاضي سعيد ميجر جنرل جيڪو ڊي ايم ايل اي آهي جنھن کي چار سال حيدرآباد ۾ ٿي ويا آهن جنھن سنڌي ماڻھن کي ڀينگيو ڪري ڇڏيو آهي.
دلبر ڀاء محمد يوسف ڏاھري، پيارو ساٿي استاد سردار محمد صالح ڏاھري
اڄ 1982-04-28 تي 1980-06-26 کان هلندڙ ڪيس سمري ملٽري ڪورٽ 18 ۾ مارشل لا ريگيوليشن 1.13.33 تحت جي شنوائي هئي مون سان گڏ خان محمد لغاري، ارشاد نظاماڻي ۽ الھبچايو مرڻاس بہ هئا، جن جي بہ ساڳي ڪورٽ ۾ شنوائي آهي جئين ئي جيل جي دروازي تي پھتاسين تہ گيٽ جي سپاهي جانو حاجاڻي جسم جي مڪمل جهڙتي ورتي جيڪا هميشہ وٺندا آهن، متان ڪو ٻاهر مواد وڃي ان ۾ غلطي سان مون هڪ پريس رليز ۽ هڪ ليٽر جنھن ۾ امداد چانڊيو، شير محمد مڱريو ۽ محمد خان لاءِ لکيل هو تہ انھن جو 1982-05-02 تي اسپيشل ملٽري ڪورٽ ۾ ڪيس هلايو وڃي، ان لاءِ ٻاهر اطلاع ڏيڻو هو، اهو هن جهڙتي ۾ ڪڍي وڃي سپرنيٽينڊنٽ جيل نورالاهي شيخ کي ڏني، جتي حيدرالزمان جيلر بہ موجود هو اهي ليٽر انھن روڪي ڇڏيا، ۽ پوءِ مون کي ۽ الھبچائي مرڻاس کي گڏ هٿ ڪڙيون هڻي ٻاهر ٻين قيدين سان بند گاڏي ۾ روانا ٿياسين، گاڏي هلي ڪورٽ جي سامھون هڪ گندگي واري جاءِ تي بيٺي جتي 50 کان مٿي سپاهي بيٺا هئا، انھن مان ٻہ اي ايس آءِ ۽ هڪ ايس ايڇ او هئا جن کي اسان چيو بابا اسين شاگرد سياسي قيدي آهيون، اسان جا مائٽ تمام پري کان آيا آهن اسين بند ڪونہ ٿيندا سين ڇو تہ 15 ڏينھن کان پوءِ مائٽن ۽ دوستن سان ملاقات ڪري سگهون ٿا، پوليس اسان کي چيو تہ اي ايس پي جو آرڊر آهي ان ڪري توهان بند رهو، اسان قيد جي صورت ۾ مجبور هئاسين ان ڪري ٻين قيدين سان گڏ اندر بند ٿي وياسين ۽ پاڻ ۾ ڪچھري ڪرڻ لڳي وياسين، جن ۾ هڪ ميان کوسو جنھن تي 42 ڪيس آهن ۽ ٻيو ڪراڙو چانڊيو جنھن تي 26 ڪيس آهن هن تازو جيل ۾ بہ قتل ڪيو آهي، انھن سان ڪچھري ڪئي سون جيڪي پنھنجي ڪيسن جي باري ۾ مختصر احوال ڏئي رهيا هئا، ڪجهہ دير بعد جمعدار آيو جنھن اچي چيو تہ ڪجهہ چانھہ پاڻي ڪرايو تہ توهان کي ٻاهر ڪڍون، اسان مجبور هئاسين کين چانھہ پاڻي جي خاطري ڪرائي سون، پوءِ اسان کي دوستن ۽ عزيزن سان ملڻ ڏنو ويو، اسانکي ٻاهر ڪڍيائون اسان ڪورٽ سامھون تڙڪي تي بينچ رکي اتي ويھي رهياسين جتي ڪجهہ دوست جن ۾ حسين بخش ٿيٻو، قاضي نظاماڻي، غني پنجابي ۽ ٻيا شاگرد هئا اڃان ڳالھين ۾ هئاسين تہ دلبر ڀاءُ محمد يوسف پگهر ۾ شل ٽوال ڪلھي تي سامھون مرڪندو مرڪندو اچي رهيو هو، تمام محبت وچان ڀاڪر پائي ملياسين جيڪو پاسي ۾ ويھي پھريائين طبيعت معلوم ڪندو آهي ۽ پوءِ وارن ٿي هٿ جي ڦڻي گهمائي سيني تي قرب جو ڌڪ هڻندو آهي، صرف اهو چوندو آهي تہ مڙس ٿي منھن ڏينداسين، پاڻ ڀائر هجڻ سان گڏ دوست بہ آهيون، زمين کپائڻي پئي تہ بہ خير آهي باقي جهڪڻ ۽ بزدل ٿيڻ پنھنجي فطرت نہ آهي، مڙس ٿي جيل ڪاٽ ۽ ڪجهہ خاموشي کان پوءِ پڇندو آهي ڀلا ڇٽڻ جو ڪو آسرو آهي يا نہ ۽ آئون سدائين کيس ڪوڙا دليل ڏئي مطمئن ڪري ڇڏيندو آهيان تہ باقي مھينو پوءِ انشاﷲ ٻاهر هونداسين تہ هو کلي چوندو آهي ادا ان ڳالھہ کي ٽي سال ٿي ويا آهن، پوءِ ڳوٺ جا حال حوال ڏيندو آهي تہ ولي محمد، تاج محمد، خادم حسين، لال محمد ۽ گل محمد جوان ٿي ويا آهن، پوءِ ڪجهہ ننڍي هوندي جون ڳالھيون هڪ ٻئي کي ٻڌائي دل جي گهراين سان کلندا آهيون پوءِ آهستي ڪن ۾ چوندو آهي ادا اڄ هيترا پيسا آهن، ڪڏهن 200 ڪڏهن 100 تہ ڪڏهن 300 آڻيندو آهي پوءِ سامان جي پرچي کڻي ٽوال ڪلھي تي رکي بازار ڏانھن هليو ويندو آهي، اٽڪل ڪلاڪ ڏيڊ ۾ سامان جو ڇٻو ڀري اچي لھندو آهي، جنھن ۾ سگريٽ، بصر، پٽاٽا، گيھہ، کنڊ، چانھہ ۽ ٻيو سامان هوندو آهي، جيڪو جيل ۾ ضروري هوندو آهي، پوءِ هميشہ وانگر پاسي ۾ ويھي منھنجي آيل سياسي شاگرد دوستن سان ڪيل منھنجون نظرياتي ڪچھريون پيو ٻڌندو آهي ۽ خاموشي سان پنھنجي ذهن ۾ فڪرمندي سان پيو سوچيندو آهي، جڏهن ملاقات جو وقت ختم ٿيندو آهي ۽ وڃڻ جو ٽائيم ٿيندو آهي تہ پوءِ ڪجهہ پيسا مونکي ڏيندو آهي ۽ ڪجهہ پيسا پوليس کي ملاقات جا ڏيندو آهي ڪڏهن 20 ڪڏهن 30 تہ ڪڏهن 40 رپيا کين ڏئي پوءِ هڪ گار بہ پوليس وارن کي پٽي ڏيندو آهي، پوءِ سامان پوليس جي گاڏي ۾ رکي پري کان سادگي سان ٻانھون ٻڌي ڪنڌ جي اشاري سان موڪلائي روانو ٿي ويندو آهي، ڀاء يوسف سان گڏ استاد سردار محمد صالح بہ هر شنوائي تي ايندو آهي، جيڪو منھنجي وڏي ڀيڻ جو پٽ آهي، محمد صالح هڪ غريب هاري جو پٽ آهي پاڻ بي اي پاس آهي کيس مون سان گڏ نوڪري بہ هئي پر ڪجهہ شرپسند وڏيرن کيس برداشت نہ ڪيو ۽ کيس نوڪري مان ڪڍرائي ڇڏيو آهي سندس اقتصادي حالت تمام نازڪ آهي تڏهن بہ هر شنوائي تي ملڻ ضرور ايندو آهي، ان ڪري جو محمد صالح ئي مون کي سياست ۾ داخل ڪيو ۽ سياسي تربيت ڏني، 1972ع ۾ آئون سندس صلاح سان جيئي سنڌ ۾ شامل ٿيس، شھدادپور جي ڪاليج جي شاگردن جو صلاح ڪار ھوندو ھو، ان ڪري ڪاليج ۾ توڙي شھداردپور شھر ۾ رھندڙ ھڪ جيڏا دوست کيس سردار محمد صالح سڏيندا آھن، ھن جا بہ تاريخي ڪردار آھن ڪيترائي سندس بھادري جا قصا آھن ھن تي مان الڳ لکندس، ان کان پوءِ هي ويچارو مون سان نڀائيندو اچي پيو، عزيزن ۾ صرف محمد صالح ۽ محمد يوسف منھنجي سياسي جدوجھد ۾ مون سان گڏ آهن، باقي ٻيا سڀ عزيز منھنجي قومپرست ۽ ترقي پسند سياست کان سخت نفرت ڪن ٿا، ايتري تائين جو جن جو آئون اولاد وانگر دادلو هئس اهي بہ منھنجي شڪل ڏسڻ گوارا نٿا ڪن، مگر هنن ٻنھي نوجوانن پيري مريدي واري ڪٽر پڻي کان ڪٽجي پنھنجي عزيزن کان ڪٽجي بہ مونسان عظيم وفاداريون ڪيون آهن.

افغان انقلاب جي سالگرھہ

1982-04-28 ساڳئي ڏينھن اٽڪل هڪ بجي شنوائي ختم ٿي سڀني کان موڪلايو سين، پوليس لاڪ اپ ۾ بند ڪيو ٻيا قيدي مختلف ڪورٽن مان اچي گڏ ٿيا پوءِ پوليس اچي جيل پھچايو ۽ اسين پنھنجي وارڊ ڪاريٽن ۾ پھتاسين، جتي دوست انتظار ۾ ويٺا هئا. انھن سان ٻاهر جا حال حوال ڪري اڃان ويٺاسين تہ دوستن چيو، اڄ افغانستان انقلاب جي چوٿين سالگرھہ آهي، توهان دوستن جي انتظار ۾ ويٺا آهيون اچو تہ هينئر ئي ملھائيون ٿا ۽ ٻين تنظيمن کي بہ دعوت ڏيون ٿا. مون چيو توهان ٻين تنظيمن کي دعوت ڏئي وٺو، آئون ماني کائي وٺان مون جلدي ۾ ماني کاڌي سڀ دوست باريڪ ۾ گڏ ٿيا، ڪارروائي خان محمد لغاري هلائي، پھريائين محمد خان سولنگي انقلاب افغستان تي ڳالھائيندي ان جي ماضي جي پسمنظر ۽ بين الاقوامي انقلاب دشمن سازشن کي ننگو ڪيو، پوءِ ايس ايس ٽي جي اسدگاڏهي ڳالھائيندي چيو تہ افغستان انقلاب دنيا جي مظلوم قومن ۽ طبقن جو ترجمان آهي ان کان پوءِ (جي ايم سيد) جي حفيظ قريشي چيو، تہ افغانستان انقلاب روس جي طرفان مڙهيل آهي ۽ اتان جي ماڻھن ۾ اڃان انقلاب نہ آيو آهي، ڇوتہ اتي جو عوام اڃان ذهني طرح پوئتي آهي، هن اهو محسوس ڪندي چيو تہ اهو انقلاب اسان جي فائدي ۾ نہ آهي، هن ايران جي انقلاب تي روشني وجهندي چيو تہ ايران هڪ ملي خميني جي هٿ ۾ اچي ويو آهي ان ڪري ايران جي عوام سان بہ ويڌن آهي، شھنشاهيت بہ ترقي پسند قدمن ۾ پنجوڙ آهي. ان کان پوءِ ناز سنائي ڳالھايو جيڪو نيوٽرل آهي هن چيو تہ جي ايم سيد روس متعلق ڪيسٽ وڄائيندي چيو تہ افغانستان انقلاب روس جي مظلوم قومن جي سڄي دنيا ۾ حمايت آهي، ان کان پوءِ مولانا عبدالواحد آريسر ڪيسٽ وڄائيندي چيو هو تہ روس ۾ بہ ظلم آهي ۽ اتي وري ڪھڙو نظام آهي، هن اهي حوالا 1979ع ۾ جي ايم سيد جي ڪيل تقرير ۽ آريسر جي ڪيل تقرير جا ڏنا، هن افغانستان انقلاب کي مظلوم قومن ۽ طبقن جي فتح وارو انقلاب چيو ۽ جيڪو افغانستان انقلاب جو مخالف آهي اهو سامراج دشمن آهي، هن جي تقرير تي جي ايم سيد گروپ وارا ڪاوڙجي پيا ٿورڙي افراتفري پيدا ٿي، اسان وارا دوست خاموشي سان ڏسندا رهيا، ان بعد غلام رسول زرداري ڳالھائيندي چيو تہ اها اسان جي فتح آهي اسان کي انھن سان ڳنڍجڻ گهرجي ان کان پوءِ مون کي ڳالھائڻ لاءِ موقعو ڏنو ويو مون چيو تہ آڪٽوبر انقلاب کان پوءِ پوري دنيا ۾ مظلوم قومون ۽ طبقا پاڻ ۾ ڪانٽيڪٽ ڪري سامراج دشمن قوتن سان وڙهي رهيا آهن ۽ آزادي حاصل ڪري رهيا آهن ۽ روس انھن جي هر لحاظ سان مدد ڪري رهيو آهي،روس جو انقلاب سرمائيداري سماجي حالتن ۾ آيو آهي، ان بعد ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا ۾ ڪجهہ انقلاب سماجي طرح نيم جاگيردار ۽ نيم سرمائيدار حالتن ۾ مارڪسزم ۽ لينين ازم جي تخليق آهن ۽ قومي جمھوري اسٽيٽ اتي جي ترقي پسند قوتن حاصل ڪري شوشل ازم ڏانھن قدم کنيا آهن، اهڙي طرح افغانستان انقلاب وري نيم جاگيردار ۽ غلامانا سماجي حالتن ۾ برپا ٿيو آهي اها تہ وري جديد ۽ نئين مارڪسزم ۽ لينين ازم جي تخليق آهي ان مان پاڻ مظلوم قومن ۽ طبقن کي سکڻ گهرجي، اهو انقلاب پنھنجو انقلاب آهي، ان کان پوءِ ڪجهہ ايران جي انقلاب تي مون ڳالھائيندي چيو تہ ايران ۾ سامراجي دلال شاھہ پھلوي ۽ شھنشاھہ ايران سان فوج جي روپ ۾ اتي جي عوام تي هيليڪاپٽرن ۽ ٽينڪن سان حملا ڪري رت وهائي رهيو آهي، جڏهن تہ ايران جو عوام ترقي پسند قدم کڻڻ چاهي ٿو اتي جي تودا پارٽي انھيءَ انقلاب جي حمايت ڪري ٿي ۽ انقلاب آڻڻ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، آيت ﷲ خميني هن دور جو عظيم انقلابي ۽ سامراج دشمن آهي، هن آمريڪي سرڪار جي سفارت خانن تي قبضا ڪري آمريڪي ايجنٽن کي گرفتار ڪرائي اتي جي شاگردن جي حمايت ڪئي آهي، آمريڪا ۽ ان جي سامراجي دوست ملڪن کي سڄي دنيا اڳيان اگهاڙو ڪري سندن سازشن کي واضع ڪيو آهي، صدر جيڪو ايران جي انقلاب بعد چونڊيل صدر هو جيڪو سامراجي سازشن ۾ اچي انقلاب کي نقصان رسائي رهيو هو هتي سنڌ جي ڪجهہ تنظيمن جنھن ۾ جيئي سنڌ جي ايم سيد ان جي حمايت ڪئي هئي، تازو انڪشاف ٿيو آهي تہ آمريڪي سفارتخاني مان ڪجهہ اهڙا دستاويز مليا آهن تہ هي سامراجي غنڊن جو ايجنٽ هو، جنھن هينئر ڀڄي وڃي پئرس ۾ پناھہ ورتي آهي فرانس اهڙي ديش دروهي کي پناھہ ڏئي ان کي اتان کان ملڪ دشمن سرگرميون ڪرڻ ۾ مدد ڪري رهيو آهي. مونکان پوءِ ڊاڪٽر دودو مھيري ڳالھائيندي ايران انقلاب جي حمايت ڪئي پر همراھہ صفا جذباتي ٿي ويو ۽ ناز سنائي تي حملا ڪرڻ لڳو تہ هي سي آءِ ڊي ۽ ايجنسين جو ماڻھو آهي هن کي ڏسي رهنداسين. ان تي سڀني ترقي پسند دوستن کي افسوس ٿيو تہ اڄ جو موضوع آهي افغانستان جو انقلاب ۽ هي دوست بجاءِ ان تي روشني وجهڻ جي ناز سنائي تي حملا ڪري رهيو آهي سو بہ غير سياسي ۽ داداگير طريقي سان، سڀني اهڙي عمل جي مذمت ڪئي. ان کان پوءِ ايس ايس ٽي جي سليمان ڏاهري ڳالھائيندي چيو افغان انقلاب اسان جي فتح آهي ڇاڪاڻ تہ سامراج کي هاڻ هتان ٽپڙ گول ڪرڻا پوندا، هن دوست افغان انقلاب کي سرخ سلام پيش ڪيو، آخر ۾ امداد چانڊيو ڳالھائيندي چيو تہ سامراجي قوتون ۽ انھن جا اتحادي افغان انقلاب ۽ پولينڊ جي واقعن کي ۽ اتي جي عوامي هلچل ۽ انھن جي حقن کي پروپگنڊہ ۽ حرامپائي واري طريقي سان ماٺو ڪرڻ چاهين ٿا، پر اهي انھن جون سازشون هاڻي ڪنھن بہ ڪم جون نہ آهن، انقلاب افغان مظلوم عوام جو انقلاب آهي، اسين بہ مظلوم عوام آهيون ان ڪري اسين بہ سڄي دنيا جي مظلوم عوا م جي آزادي ۽ حقن جي ڳالھہ ڪريون ٿا، ان ڪري اسان کي افغان انقلاب مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي تہ جئين اسين بہ هتي مارڪسي ۽ لينين نظريي مطابق انقلاب برپا ڪريون ، ان کان پوءِ ٽائيم ختم ٿي رهيو هو جلدي ۾ ماني کائي بند ٿي وياسين.

آئون سينٽر جيل ۾ ڇا محسوس ڪريان ٿو

ايمانداري سان چوان ٿو تہ آئون مسلسل سينٽرل جيل ۾ 28 مھينن کان رهان پيو. طرحين طرحين ذهني، نفسياتي ۽ جسماني ٽارچر ڪيا ويا آهن، پر آئون ڪڏهن بہ نااميد يا مايوس نہ ٿيو آهيان ۽ نہ وري ڪڏهن خوف کاڌو آهي، اڃان تائين مونکي پنھنجي انت جي خبر نہ پئي سگهي آهي تہ مون ۾ برداشت جو ڪيترو مادو آهي. جڏهن تہ مسلسل انھي تجربي مان گذران پيو، بلڪہ جيل مون کي گهر وانگر لڳي ٿو سمجهان ٿو ڄڻ ڄائو ئي هتي آهيان.

مرتضيٰ مھيسر جي آزادي

اڄ 1982-04-29 تي مرتضيٰ مھيسر هڪ سال جيل ۾ رهڻ بعد 5 ڪوڙا (فٽڪا) ۽ سزا ڪاٽي آزاد ٿي ويو، اسان جي وارڊ جي رسمن مطابق هن سان صبح ملھايو ويو، مختلف دوستن هن جي هتي رهڻي ڪھڻي مطعلق رمارڪس ۽ تاثر پيش ڪيا، مگر مزي جي ڳالھہ اها ٿي تہ اڄ وري ناز سنائي مھيسر تي ڳالھائڻ بدران جيئي سنڌ جي ايم سيد جي دوستن تي حملا ڪيا هن چيو تہ هي انقلاب ۾ رڪاوٽ آهن، هي افغان انقلاب کي ڪونہ ٿا مڃين، آريسر شوشل ازم جي خلاف آهي ۽ روس جي اندرين حالتن تي ڪيسٽ ڀري تنقيد ڪئي آهي، جيڪا سڄي ڪوڙي آهي، هن وڌيڪ چيو تہ ڪن ملڪن ۾ جڏهن انقلاب يا ڪا تبديلي ايندي آهي تہ اها فطري هوندي آهي يا تضادن جي ٽڪر ڪري اڀري ايندي آهي تہ انھن ملڪن ۾ ڪي فرد تہ ڪي تنظيمون سي آءِ ڊي جو رول ادا ڪنديون آهن، حالانڪ انھن تي انقلابي هجڻ جو نقاب چڙهيل هوندو آهي، هن همرا ھہ جي تنقيد سڌو جيئي سنڌ (جي ايم سيد) جي مٿان هئي، بعد ۾ دودي مھيري جوابن مقابلو ڪندي سياسي جوابن بدران ذاتي حملا ڪندي چيو تہ ناز سنائي پاڻ سي آءِ ڊي جو ماڻھو آهي هتي بہ ان مقصد سان ويٺو آهي، اسين هن کي ڏسي رهنداسين. ان کان پوءِ مون ڳالھائيندي چيو تہ مرتضيٰ مھيسر اسان جو سياسي ۽ ذاتي دوست آهي، هي درياھہ جي سير ۾ اهو ترهو آهي جيڪو ٻين کي تاري ڪناري وٺي هلندو. مون کان پوءِ غلام رسول زرداري، خان محمد لغاري، غوث علي شاھ، الطاف تنيو، قربان ارباب، ارشاد نظاماڻي، ۽ سليمان ڏاهري مرتضيٰ مھيسر تي پنھنجا پنھنجا تاثرات پيش ڪيا ان کان پوءِ ڪارروائي ختم ٿي.
اڄ جيڪي دوست شنوائي تي ويا انھن مان دوست ارشاد نظاماڻي کي سمري مليٽري ڪورٽ هڪ سال قيد ۽ 15 ڪوڙن جي سزا ٻڌائي، حالانڪ هن تي جيڪو ڪيس هو اهو ڪوڙو ٿي چڪو هو ڪنھن بہ شاهد شاهدي ڪانہ ڏني مگر ميجر پنھنجي فوجي روايت کي قائم رکندي ڊي ايل ايم اي سان فون تي ڳالھائي ان جي حڪم تحت هن کي سزا ٻڌائي ظلم جي داستان ۾ اضافو ڪيو.

ڊاڪٽر دودو مھيري ۽ ناز سنائي جا اختلاف

اڄ 1982-04-30 تي جمعي جو ڏينھن هئڻ ڪري صفائي ڪئي وئي، سڀڪو پنھنجي ڪمرن ۾ ڪم ڪري رهيو هو ڪو صفائي ڪري رهيو تہ ڪو ڪپڙا ڌوئي رهيوهو تقريبن 10 بجي اوچتو دودو مھيري ۽ نورالدين عباسي مون وٽ آيا ۽ چيائون تہ ڪالھہ واري جلسي ۾ ناز سنائي اسان جي دل آزاري ڪئي آهي، ان ڪري هائوس جي انتظاميا جي گڏجاڻي ڪري ڳالھيون ڪيون وڃن، هن جي چوڻ تي 11 بجي دودو مھيري جي ڪمري ۾ گڏجاڻي جو ٽائيم رکيو سين، ڇو تہ هائوس جي گڏيل انتظاميہ ۾ امداد چانڊيو، نورالدين، غوث علي شاھہ ۽ آئون اڳواڻ آهيون، پھريائين دوستن شڪايتون ڪيون پوءِ اسان کي ڳالھائڻ جو موقعو مليو، اسان متفق طور اها راءِ پيش ڪئي تہ اگر توهان ائين اسان سان رڳو ڳالھيون ڪندا تہ اهي الزام ٿيندا، ان ڪري ناز کي بہ گهرائي ان کان بہ وضاحت طلب ڪجي ان تي نورالدين عباسي چيو تہ هن اڳرائي ڪئي آهي، اسين وڃي چڪر ۾ رهنداسين باقي بيعزتي ڪونہ برداشت ڪنداسين، ان ڪري ناز سنائي کي هن وارڊ مان ڪڍڻ گهرجي، اسان هن جي اهڙي موقف کي هائوس جي ضابطن ۽ اخلاقي قدرن جي ڀنڃ ڪڙي قرار ڏنو، ان ڪري هن سان اتفاق نہ ڪندي ناز سنائي کي گهرائڻ لاءِ چيو، پوءِ ناز سنائي آيو، هن همراھہ وضاحت ڪندي چيو تہ مون سياسي ڳالھہ ڪئي آهي ۽ ڪوبہ ذاتي حملو نہ ڪيو آهي، جڏهن تہ هي همرا هر هنڌ مون تي ذاتي حملا ڪري رهيا آهن، ان جا مون وٽ ثبوت آهن سياست جو اصول آهي تہ سياسي ڳالھہ جو سياسي طرح جواب ڏجي هي همراھہ الاءِ ڪھڙي سياست ڪن ٿا، ڪنھن فرد تي ذاتي حملو ڪجي اها ڪھڙي سياست آهي، دوست جواب ڏين تہ ڇا جيڪو مون ڳالھايو اهو سچ نہ آهي، پوءِ ناز کي واپس موڪلي اهو فيصلو ڪيو ويو تہ سڀني دوستن کي گهرائي ميٽنگ ڪري آگاھہ ڪجي تہ آئيندہ ڪير بہ ڪنھن تنظيم يا ان جي ڪارڪن تي هائوس جي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪري وڌيڪ ڳالھائيندو تہ ان تي هائوس جي مقرر ڪيل ضابطن مطابق قدم کنيو ويندو ۽ ان جي تقرير تي بندش وڌي ويندي، ان کان پوءِ دودي مھيريءَ پنھنجو اهو فيصلو واپس ورتو تہ ناز کي هائوس مان ڪڍيو وڃِي سڀاڻي جلسو ڪري ناز کي اهو فيصلو ٻڌائي وارننگ ڏينداسين.

يوم مئي

اڄ 1982-05-01 تي عظيم ڏينھن ان ڪري آهي جو اڄ سڄي دنيا جا مزدور يوم مئي ڪري ملھائي رهيا آهن، ان بين الاقوامي روايت ۽ يڪجھتي کي قائم رکندي اسان بہ هن جيل جي ننڍڙي دنيا ۾ سڄي دنيا جي مظلومن سان پنھنجي ساٿ جو يقين ڏيارڻ ۽ گڏ رهڻ لاءِ آزادي ڏينھن ملھايو آهي، صبح جو سويل سڄي وارڊ جا دوست 10 بجي باريڪ ۾ گڏ ٿياسين اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض خان محمد لغاري سرانجام ڏنا پھريائين مون ڪجهہ وارڊن جي ضابطن بابت ڳالھايو تہ دوستو اڳ ۾ جلسن ۾ ڪجهہ اهڙا واقعا رونما ٿيا آهن انھي ڪري ناز سنائي کي آخري وارننگ ڏني وئي آهي ۽ سڀني تنظيمن کي آگاھہ ڪيو ويو آهي تہ مھرباني ڪري ڪير بہ ايجنڊا کان هٽي ڳالھائڻ جي ڪوشش نہ ڪري باقي پنھنجي نظريي تي يا سماجي حالتن تي ڳالھائي سگهجي ٿو، مگر ڪنھن بہ فرد يا نظريي کي ٽارگيٽ نہ بنايو وڃي. ان کان پوءِ شاھہ جي بيت ۽ انقلابي گيت سان ڪارروائي شروع ٿي، پھريائين امداد چانڊيو ۽ محمد خان سولنگي شيخ اياز جو انقلابي گيت ڳايو ۽ پوءِ ايس ايس ٽي جي اسد گاڏهي کي يوم مئي تي ڳالھائڻ لاءِ چيو ويو، هن دوست کان پوءِ عبدﷲ شاھہ بخاري، اڪبر جکراڻي، غوث علي شاھ، غلام رسول زرداري مختصر يوم مئي تي روشني وڌي ان کان پوءِ ڊاڪٽر دودو مھيري ڳالھائيندي يوم مئي تي مختصر روشني وجهڻ کان پوءِ پاڪستان جي خلاف ڳالھائيندي چيو تہ اسين الڳ وطن يعني سنڌو ديش ٺاهڻ ٿا چاهيون ڇاڪاڻ تہ پاڪستان ۾ رهندي پنجاب ٻين ننڍن قومن تي ظلم ڪري انھن جو استحصال ڪري رهيو آهي، هن بين القوامي حالتن تي ڳالھائيندي چيو تہ ڪارل مارڪس جيڪو ڪميونسٽ مينيفيسٽو لکيو هو اهو 19 هين صدي جي آخر ۾ پنھنجي حيثيت ۽ اثر وڃائي چڪو هو ان ڪري ڪميون بغاوت پيرس جي بغاوت ۽ شڪاگو جي مزدورن جي بغاوت فيل ٿي وئي آهي. ان کان پوءِ ڊي ايس ايف جي شيرمحمد مڱريو ڳالھائيندي چيو تہ بنا ڪنھن نسل، مذهب رنگ ۽ ذات جي اسان کي سڄي دنيا جي مزدورن جو ساٿ ڏيڻ گهرجي ۽ انھن سان گڏجي جدوجھد ڪرڻ گهرجي ڇو تہ طبقاتي جدوجھد هوندي ائين آهي ۽ قومي آزادي جيڪا شوشل ازم ۾ آهي اسين ان جا حامي آهيون هن مثال ڏيندي چيو تہ پاڪستان ۾ قومن جو مسئلو آهي مگر اهو جيئن لينن لکيو آهي تہ قومي حق خود اختياري لاءِ جي زال مڙس کان طلاق وٺڻ چاهي تہ اها اساني سان وٺي سگهي ان کي حق آهي ۽ اها وري واپس اچي مڙس سان رهڻ چاهي تہ رهي سگهي ٿي پر اهو بہ ضروري نہ آهي تہ ننڍين ننڍين ڳالھين تي عورت طلاق وٺي، ان کان پوءِ ايس ايس ٽي جي سليمان ڏاهري ڳالھائيندي چيو تہ 19 هين صدي جي آخر ۾ سرمائيدار نظام يورپ ۾ اچي چڪو هو ۽ مزدور طبقو پيدا ٿي چڪو هو ان ڪري غيرمنظم مزدورن کي مارڪسي اقتصادي فلسفو پيش ڪري پرولتاريه ڊڪٽيٽرشپ قائم رکڻ لاءِ نعرو ڏنو ويو تہ دنيا جا مزدور هڪ ٿي وڃو ۽ هن دوست بہ يوم مئي تي مختصر روشني وڌي، ان کان پوءِ ڊي ايس ايف جي نظام الدين شيخ بہ مختصر ڳالھايو ۽ ان کان پوءِ ناز سنائي ڳالھائيندي چيو تہ مارڪس لکيو آهي تہ (مزدور جو وطن ٿيندو ئي ڪونھي جھڙو ديس اهڙو ويس) مزدور جو مسئلو پيٽ هوندو آهي ان ڪري هڪ هنڌان ٻئي هنڌ پيو هلندو آهي، ان کان پوءِ مون کي ڳالھائڻ لاءِ موقعو ڏنو ويو مون يوم مئي تي مختصر روشني وڌي ۽ ان کان پوءِ پيرس ڪميون تي ڳالھائيندي چيو تہ 1818ع ۾ ڪميونسٽ مينيفيسٽو لکجي چڪو هو 1909ع ۾ اهو بين القوامي نعرو لڳي چڪو هو تہ مزدورن جو اجورو وڌايو ڇو تہ ارڙهن کان پنڌرهن ڪلاڪ مزدورن کان جانورن وانگر ڪم ورتو پيو وڃي اهو گهٽائي اٺ ڪلاڪ ڪيو وڃي بعد ۾ آڪٽوبر 1917ع انقلاب تي مون ڳالھائيندي چيو تہ قومپرستي کي سامراج انھن حالتن ۾ استعمال ڪيو جو روس جي شمالي حصي ۾ اڃان جاگيرداري نظام آهي، اتي جي ننڍين قومن کي اتي جي جاگيردار ۽ اڀرندڙ سرمائيدار وطن جي حب ۾ انقلاب جي خلاف استعمال ڪيو مثال طور گروتسڪي، يوڪرين قومپرست ليڊر جرمن سان معادو ڪري اناج جي بدلي اسلحو خريد ڪري انقلاب لاءِ وڏيون رڪاوٽون پيدا ڪيون بعد ۾ بنگال جو مثال ڏيندي مون چيو تہ بنگالي قوم پنھنجي وطن جي آزاديءَ لاءِ 30 لک جانيون قربان ڪري آزادي حاصل ڪئي، پر اهو ساڳيو بنگال اڄ وري سامراج جي ٽولي جي قبضي ۾ آهي، ان ڪري اسين اهڙو طريقو استعمال نہ ڪندا سين اسان کي پنھنجي قومي آزادي لاءِ عمل ۽ محنت جي ضرورت آهي پاڪستان ۾ رهندي چئن قومن جي مظلوم طبقن جي ڳالھہ ڪريون ٿا، مگر مظلوم طبقا هلائڻ لاءِ ڪجهہ معيار آَهن جن کي پوروڪرڻون پوندو، جيئن هر هڪ قوم پنھنجو قومي ورثو قائم رکي سگهي، ان ڪري اسان کي جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جو پاڪستان نہ پر مظلوم قومن يا طبقن جو پاڪستان کپي لينن چيو تہ جيڪو ماڻھو قومي ظلم ۽ جبر جي خلاف نٿو وڙهي اهو ترقي پسند تہ پري پر خالص جمھوريت پسند بہ نہ آهي، مون کان پوءِ امداد چانڊيو ڳالھائيندي يوم مئي تي مختصر روشني وڌي ۽ بين القوامي صورتحال تي ڳالھائيندي چيو تہ سامراج پنھنجي سازشن سان مظلوم قومن ۽ طبقن کي وڙهائي پروپيگنڊه ڪري رهيو آهي هن چيو تہ سامراج جي سازشن جي نشاندهي ڪندي ارجنٽائين جي آڪلينڊ واري ٻيٽ تي هلندڙ برطانيہ جي جارحيت اتي قبضو ڪرڻ لاءِ اتي موڪليل سامونڊي ٻيڙين جو ذڪر ڪيو تہ سامراجي ملڪ آمريڪا ۽ سندس ساٿي ملڪ ارجنٽائن وارن کي اقتصادي پابندين جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ پوءِ هن پولينڊ تي مختصر ڳالھايو ان کان پوءِ جلسو ختم ڪيو ويو.

يوم مئي عالمي ڏينھن طور ڇو ٿو ملھايو وڃي
اڄ 1982-05-01 آهي سڄي دنيا جا مزدور عالمي طور تي مزدور ڏينھن ملھائي رهيا آهن اهو ان ڪري ملھايو وڃي ٿو جو 1886 ۾ آمريڪا جي شھر شڪاگو ۾ مزدورن جي مٿان گوليون وسايون ويون هيون ۽ مزدورن کي بي انتھا تشدد جو نشانون بنا يو ويو هوڇو تہ انھن پنھنجي حقن جي گهر ڪئي هئي، مزدورن آواز اٿاريو هو تہ اسان دنيا جو هر ڪم ڪار ڪريون ٿا اهو دنيا جو ڪھڙو ڪم آهي، جيڪو مزدور ڪونہ ٿو ڪري پوءِ اسان کان 18 ڪلاڪ سخت پورهيو ڪرايو ٿو وڃي ۽ اجورو بہ مناسب نٿو ڏنو وڃي اسان جا ٻار بيمارين ۽ بک وگهي تڙپي تڙپي مري رهيا آهن، ان ڪري اها بغاوت اڀري تہ مزدورن کان 18 ڪلاڪن بجاءِ 8 ڪلاڪ پورهيو ورتو وڃي ۽ اجورو بہ مناسب ڪيو وڃي، اها ظلم خلاف بغاوت 1886 ۾ شڪاگو ۾ وڏي پيماني تي اڀري لکن جي تعداد ۾ مزدور ٻاهر روڊن تي نڪري آيا انھن جي اڳواڻي (پاپر ستر، فيلڊن ۽ سپنز) وغيرہ اڳواڻي ڪري رهيا هئا، سرمائيدار ۽ پادري مزدورن کان خوف ۾ اچي پوليس جو گهيراءِ ڪرايو پھرين مئي تي پر امن جلسو ٿيو ٻہ مئي ۽ ٽي مئي تي مارڪيٽ اسڪوائر ۾ مزدورن مٿان گوليون هلايون ويون، نتيجي ۾ ڪيترائي مزدور شھيد ٿيا روڊ تي رت وهندو رهيو پر مزدورن همت نہ هاري پنھنجون قميصون لاهي ان رت ۾ ٻوڙي ڳاڙهي جهنڊي طور آسمان ۾ بلند ڪري اڳتي وڌندا رهيا ۽ جدوجھد جاري رکي ان ڏينھن کان دنيا ۾ ڳاڙهو جهنڊو انقلاب جي نشاني طور سڃاتو وڃي ٿو ۽ تسليم ڪيو وڃي ٿو، پوليس ۽ مزدورن جي وچ ۾ ڪئين جهڙپون ٿينديون رهيون ۽ ڪيترائي مزدور ۽ پوليس وارا مئا ان ري ايڪشن ۾ مزدور اڳوان جي مٿان مقدمو هلائي انھن کي ڦاسي تي لٽڪايو ويو ايجلفيبرن ۽ ٻين اڳواڻن ڦاسي جي تختي تي سرمائيدارن تي لعنتون وجهندي عظيم قرباني ڏني، پنھنجيون جانيون قربان ڪري سڄي دنيا ۾ امر ٿي شھيد ٿي ويا .

مير رسول بخش ٽالپر
اڄ 1982-05-02 تي صبح جو پنير پي رهيو هئس تہ امداد چانڊيو سڏ ڪري ڊان اخبار جي نيوز جي حوالي سان ٻڌايو تہ سنڌ جو سينئر وزير مير رسول بخش ٽالپر صاحب گذاري ويو آهي کيس ڪراچي ۾ رات دل جو دورو پيو آهي، ياد رهي تہ مير رسول بخش ٽالپر فوجي ڊڪٽيٽر حڪومت ۾ غير آئيني ۽ غير قانوني وزير ٿيو هو.

برطانيہ ۽ آمريڪا جون ارجنٽائن سان ارھہ زورايون

اڄ لاطيني آمريڪا جي ملڪ ارجٽائن جي فاڪلينڊ ٻيٽ تي برطانيہ حملو ڪيو ياد رهي تہ اهو جزيرو ارجنٽائن جو تاريخي طرح اٽوٽ حصو آهي مگر ڪيترن ئي سالن کان برطانيہ ان کي پنھنجي ڪالوني يعني نوآباديات وانگر رکيو آهي، جنھن کي تازو ارجنٽائن جي فوجي حڪومت پنھنجي قبضي ۾ ڪري ورتو آهي، ان ڪري برطانيہ ضد ۾ اچي اگهاڙي جارحيت ڪندي پنھنجو بحري ٻيڙو اوڏانھن روانو ڪيو آهي جيڪو اٺ هزار ميل سفر ڪري اتي پھچي چڪو آهي هوڏانھن برطانيہ سامراج جو وڏو ڀاءُ آمريڪا ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪندي پنھنجي اتحادي ملڪن کي چيو آهي ۽ ارجنٽائن تي اقتصادي پابنديون لڳايون ويون آهن، اڄ ارجنٽائن جي خابرو ايجنسي ٻڌايو آهي تہ برطانيہ جا ٻہ جنگي بمبار جھاز ڪيرايا ويا آهن، ڇو تہ برطانيہ جي فوج ارجنٽائن جي هڪ هوائي اڏي تي ٽي دفعا قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هوڏانھن برطانيہ جي وحشي غنڊا گردي تي روس، ڪيوبا ۽ ٻين آزاد شوشلسٽ ملڪن گهري ڏک جو اظھار ڪندي اهڙي جارحيت جي مذمت ڪئي آهي ۽ ارجنٽائن سان ساٿ ڏيڻ جو ذڪر ڪيو آهي.

شمس گوپانگ ۽ مرتضيٰ مرڙاڻي جو جهيڙو

اڄ 1982-05-03 تي تمام اڻ وڻندڙ واقعو رونما ٿيو، آئون پنھنجي ڪمري ۾ ڪتاب پڙهي رهيو هئس تہ اوچتو اسان جو برداشتي عبدالرزاق سيکڙو ۽ غلام نبي خشڪ رڙيون ڪندي مون ڏانھن ڪمري ۾ ڀڄندا آيا ڏاڏا او ڏاڏا وارو ڪر، اهڙي خوفناڪ سڏن تي آئون بنا چمپل جي ڪمري کان ٻاهر نڪتس تہ هنن سھڪندي وڏي آواز ۾ چيو ٻاهر باريڪ ۾ سڀئي شاگرد پاڻ ۾ وڙهي پيا آهن ۽ هڪ ٻئي کي ڌڪ هڻي رتورت ڪري ڇڏيو اٿن، آئون تمام تيزي سان ڀڄندو اتي پھتس ڏسان تہ چاچا شمس گوپانگ کي اک ۽ نڪ واري پاسي مان رت گهارا ڪري وهي رهيو آهي، عنايت هيسباڻي، غلام رسول زرداري، سڪندر ابڙيجو، دودومھيري، غلام نبي پنھور ۽ ٻي سنگت اتي بيٺي آهي، ڪي پيا چون تہ هن جو ڏوھہ آهي ڪي پيا چون تہ هن جو ڏوھہ آهي، مون کي پھريائين اهو انديشو هو تہ تنظيمي جهيڙو آهي پر پوءِ خبر پئي تہ ٻئي همراھہ ڀوڳ ڪندي وڙهي پيا آهن، هڪ ٻئي کي ڌڪ هنيا اٿن، چاچا شمس جي حالت تمام ڏکائيندڙ هئي هن جي اهڙي حالت ڏسي پھريائين منھنجي طبيعت بہ جذبات جو رخ اختيار ڪيو، پر پڇا ڪندو کولين جي طرف آيس، جتي مرتضيٰ مرڙاڻي کي سليمان ڏاهري جهليو بيٺو هو، آئون جي ويس تہ منھنجي پٺيان چاچا شمس ڀڄندو آيو ۽ هن سر کنئي ۽ مرتضيٰ تي ڪاھہ ڪئي مون هن کي منع ڪئي ۽ کيس پڪڙيو وري هن بوتل کنئي ۽ هڻڻ لاءِ زور ڀرڻ لڳو، مون هن جي هٿ مان بوتل کسي هن کي ڳچيءَ مان پڪڙي سندس ڪمري ڏانھن ڇڪڻ جي ڪوشش ڪئي، هن منھنجي زور ڀرڻ تي خاموشي اختيار ڪئي، هن کي وٺي اچي کولي ۾ بند ڪيم پوءِ وڃي شمس کي بند ڪيم، سليمان ڏاهري وڃي يڪدم ٽوال ۽ ڪپھہ کڻي آيو ان سان چاچا شمس جو رت اگهيائين ۽ پوءِ ڦٽ کي پٽي ٻڌائينس، مون جلدي ۾ هن جا ڪپڙا بدلي ڪرايا اهي رت وارا ڪپڙا پاڻي جي هوديءَ ۾ اڇلائي ڇڏيا ۽ هن کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ هن کي سمجهائڻ لڳاسين وارڊ جي جوابدار عيسي عمراڻي کي پرچي لکي ڏني تہ وڃي جيل جي ڊاڪٽر کي وٺي اچي، ان پرچي ۾ لکيوسين تہ اسان جو هڪ قيدي پاڻي جي هوديءَ تان ڪري پيو آهي ۽ سندس مٿو ڦاٽي پيو آهي، ان لاءِ مھرباني ڪري جلدي ايندا، ان دوران وارڊ جا سڀ قيدي تقريبن 40 ڄڻا اچي گڏ ٿيا ڪن کي انھيءَ واقعي مان مزو اچي رهيو هو ۽ ڪن کي افسوس ٿيو بھرحال مون سڀني دوستن کي وڏي آواز ۾ آگاھہ ڪيو تہ ٻئي همراھہ اسان جي ضابطي ۽ ڊسيپلين جا آهن، ڪنھن جو بہ ڪجهہ نہ وڃي، اسان پاڻھي فيصلو ڪنداسين، ان ڪري سڀ هليا وڃو، وڃي گهمو ڦرو . شمس ۽ مرتضيٰ پاڻ ۾ گهاٽا دوست ۽ حجتي آهن، اڪثر پيا گڏ گهمندا هئا، شمس اسان جي گروپ جو آهي ۽ مرتضيٰ سپاف جو آهي، اسين تنظيمي طرح سڄي وارڊ ۾ ٻين تنظيمن جي ڀيٽ ۾ گهڻا آهيون، هنن همراهن هڪ خسيس ڳالھہ پين تان جهيڙو ڪيو ۽ هڪ ٻئي کي ڌڪ هنيائون مرتضيٰ کي تہ سڪندر ابڙيجو بہ ڌڪ هنيا، هن کي بہ ڪافي سڪا ڌڪ لڳا، پر شمس جي ڇڪ ڇڪان ڪرڻ جي ڪري کيس پين جو نب اک ۽ نڪ ۾ لڳڻ جي ڪري رت وهي پيو، هنن کي سڀني سمجهائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي تہ سياسي قيدي آهيو، ٻاراڻي حرڪت نہ ڪيو پاڻ ۾ ٺھي وڃو، ان تي مرتضيٰ تہ مڃي ورتو، پر شمس ڪنھن جي بہ نہ پيو ٻڌي، چوي تہ آئون پلاند نہ ڇڏيندس جتي بہ ڏسندوسانس تہ وڙهندومانس، مٿان ماني جو ٽائيم ٿيو سڀني ماني کائڻ شروع ڪئي، تہ شمس اوچتو سروٽو کڻي هن تي حملي جي ڪوشش ڪئي ڪجهہ دوستن وچ ۾ پئي هنن کي ڇڏايو، ٻنھي کي وري کولين ۾ بند ڪيو ويو، هنن همراهن جي اهڙي حرڪت تي مون کي دلي طور ڏاڍو ڏک ٿيو ڇو تہ سڄي ڳالھہ مان مزو نڪرندو پئي ويو، مون خان محمد لغاري کي سڏ ڪري چيو تہ اسان جي وارڊ يعني ونگ جي ميٽنگ ٿيڻ گهرجي ڇو تہ خان محمد اسان جي ونگ جو انتظاميہ سيڪريٽري آهي، اسين پاڻ ۾ جيڪي دوست گڏ رهون ٿان ان ۾ مختلف تنظيمن جا ڪارڪن آهن، جن ۾ ڊي ايس ايف جا ٻہ دوست، ايس ايس ٽي جا ٻہ دوست، باقي سڀ دوست جيئي سنڌ ليفٽ ۽ جساف جا آهيون، اسين سڀ ماني گڏ ڪندا آهيون، پڙهائي ۽ ٻيو ڪم ڪار بہ تقريبن گڏ آهي، روم نمبر ٻارنھن تي ميٽنگ گهرائي وئي، جنھن ۾ سليمان ڏاهري، اسد گاڏهي، اڪبر جسڪاڻي، عبدﷲ شاھ، غلام رسول زرداري، عنايت هيسباڻي، امداد چانڊيو، شير محمد مڱريو، محمد خان سولنگي، نظام شيخ، نياز سومرو ۽ مون سڀني گڏجي هن مسئلي تي بحث ڪيو، پھريائين مون تجويز پيش ڪئي تہ هتي هائوس جا ضابطا آهن انھن ۾ واضع لکيل آهي تہ ڪير بہ تنظيمي حوالي سان پنھنجي ماڻھوءَ جي غلط طرف داري نہ ڪندو، انھي روايت کي برقرار رکندي فيصلو ڪيو ويو تہ پنجن ماڻھن جي ڪاميٽي ٺاهي وڃي جيڪا ٻنھي سان الڳ الڳ ملاقات ڪري کين مطمئن ڪري ٻنھي جو پاڻ ۾ پرچاءُ ڪرائي تہ جيئن ٻيھر نہ وڙهن، ان کان پوءِ جيڪو بہ اڳرائي ڪندو تہ هي چونڊيل ڪاميٽي انھي لاءِ سخت سزا مقرر ڪندي ۽ هنن ٻنھي کي گهٽ ۾ گهٽ ٻہ ڏينھن الڳ رکيو وڃي تہ جئين همراھہ ٿڌا ٿين پوءِ ٻنھين دوستن جون ڳالھيون ٻڌي حتمي فيصلو ڪنداسين ان تي سڀ دوست متفق ٿيا، ڪاميٽي ۾ امداد چانڊيو، عنايت هيسباڻي، سليمان ڏاهري، اڪبر جسڪاڻي ۽ مون کي چونڊيو ويو، اسان پھريائين مرتضا مرڙاڻي سان ڳالھہ ٻولھہ ڪئي هن همراھہ چيو تہ جيڪا بہ اوهان جي مرضي هوندي آئون ٻڌل آهيان، پوءِ شمس گوپانگ ڏانھن وياسين هن همراھہ سان مسلسل ٻہ ڪلاڪ بحث ڪيوسين دليل بازي ڪئي پر هن همراھہ ڪنھن جي بہ ڪونہ ٻڌي چيائين تہ ٺيڪ آهي اگر ضد ٿا ڪريو تہ مان هن وارڊ ۾ نہ رهندس هينئر ئي وڃان ٿو. هن جي اهڙي رويي تي سڀ دوست مايوس ٿي موٽي آياسين مگر هاڻ مسئلو اهو هو تہ اگر واقعي هي هتي رهي ٿو تہ وري وڙهندو اگر جي ڪنھن ٻئي وارڊ ۾ ٿا موڪليونس تہ اسين بہ ٽن سالن کان هتي جيل ۾ رهون پيا، سڄي جيل جا قيدي چڱي طرح سڃاڻين اهي سڀ کلندا ۽ ٻيون تنظيمون اهڙي عمل جو ناجائز فائدو وٺنديون ۽ پروپگنڊہ ڪندا تہ همراھہ رت ڳاڙيندو هليو ويو، پر هنن ڪجهہ بہ نہ ڪيو، ان ڪري سڀئي طريقا استعمال ڪياسين الڳ الڳ کيس سمجهايوسين همراھہ صفا پڙ ڪڍي بيھي رهيو، وڃي سپاهي کي سڏ ڪرڻ لڳو تہ مون کي هتان ڪڍو پوءِ مون عنايت کي چيو تہ هن کي ڌتاري ويھاريس تو واري ڪمري ۾ تہ ڪمرو بند ٿا ڪريون، پوءِ عنايت هن کي ڀاڪر ۾ زوريءَ گهلي پنھنجي ڪمري ۾ وٺي ويو هن گوڙ ڪيو مگر مون ڪاوڙ مان چيو مانس هاڻ شرافت ختم توکي زوريءَ هتي رهائينداسين، همراھہ چيو آئون ڪونہ رهندس، جيڏي مھل سپاهي ايندو آئون ان کي چوندس تہ مون کي هتان ڪڍو. همراھہ صفا ٻارڙن وانگر ضد ڪرڻ لڳو مون خان محمد لغاري ۽ غلام رسول زرداري کي سڏ ڪري چيو تہ اچو هن ڪمري ۾ رهون ٿا، ماني هتي کائون ٿا همراھہ کي رات جو سمجهائينداسين پوءِ اسين ان ڪمري ۾ ويٺاسين تہ مٿان سپاهي ۽ جمعدار پھچي ويا اسان همراھہ کي زوري بند ڪيو ۽ جمعدار بند ڪري هليو ويو پوءِ تہ اٽڪل 11 بجي تائين همراھہ تي مٿو هڻندا رهياسين پر همراھہ هڪ بہ نہ ٻڌي آخر ۾ مون دوستن کي ٻہ فيصلا ٻڌايا تہ صبح جو همراھہ کي اسپتال ۾ داخل ڪرائينداسين هفتو اتي رهي تہ جئين ڦٽ بہ ڇٽيس ۽ ٿڌائي بہ اچيس ٻي تجويز آهي تہ اگر هي ڪٿي ٻئي هند وڃي ٿو تہ آئون بہ گڏ وڃانس ٿو جتي جيل وارن رهايو اتي رهنداسين تہ جيئن اسين اها قرباني ڏئي ثابت ڪريون تہ اسين ڊسيپلين سان گڏ حقيقت پسند بہ آهيون دوستن چيو هاڻي سمھڻ جو ٽائيم آهي ان ڳالھہ کي صبح ڏسنداسين.

شمس گوپانگ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو
اڄ 1982-05-04 تي امداد چانڊيو، شير محمد مڱريو ۽ خان محمد جي اسپيشل ملٽري ڪورٽ ۾ شنوائي هئي، جيڪي صبح جو روانا ٿي ويا، بعد ۾ مون ڊاڪٽر کي پرچي لکي تہ ضرور اسان جي وارڊ ۾ اچو، اٽڪل 10 بجي ڊاڪٽر وارڊ ۾ آيو جنھن همراھہ کي داخل ڪرڻ جو آرڊر ڪيو، شمس صفا پڙ ڪڍي بيٺو تہ آئون ڪونہ داخل ٿيندس وڏين منٿن کان پوءِ همراھہ ان ڳالھہ تي راضي ٿيو، کيس اسپتال ۾ داخل ڪرايوسين، پوءِ هن کي ڪپڙا وغيرہ ٿيلھي ۾ وجهي جوابدار ڪليري سان گڏي موڪليو جيڪو شمس کي اسپتال ڏانھن وٺي ويو، منجهند جي ماني کائي ڪمري ۾ ويٺو هئس تہ سپاهي وٺڻ آيو تہ توکي سپرنيٽينڊنٽ گهرايو آهي، مان سپاهي سان گڏ ويس سپاهي مونکي آفيس ۾ وٺي ويو، جتي شيرازي جيلر ۽ حيدرالزمان جيلر ويٺا هئا، جن کي معاملي جي رپورٽ اڳ ۾ ملي چڪي هئي، هنن چيو تہ شمس گوپانگ ويندي چئي ويو آهي تہ آئون واپس اچي شاگردن سان گڏ نہ رهندس منھنجو ڪٿي ٻئي هنڌ بندوبست ڪيو وڃي، هي پاڻي جي هود تان نہ ڪريو آهي هن سان ڪير وڙهيو آهي ؟ ان ڪري اسين ايڊمنسٽريشن پوائنٽ آف ويو کان ايڪشن کڻندا سين، اگر جي ڪو شاگرد مري پوي تہ پوءِ ڪير ذميوار آهي.؟ هنن اڳ ئي سبب پي ڳولھيا تہ ڪا شاگردن جي غلطي سامھون اچي، هاڻ هنن کي سبب ملي ويو هو، هنن اڳ ئي راڳ پي ڳايو تہ شاگردن جا پاڻ ۾ اختلاف آهن، مون پنھنجا دليل شروع ڪندي چيو تہ ڪو بہ شعوري يا پلاننگ سان جهيڙو نہ ٿيو آهي، پاڻ ۾ ڇوڪرن ڀوڳ پئي ڪيا شمس جو پير ترڪي ويو ان ڪري ڌڪ لڳو اٿس ان ڪري پاڻ ۾ اٽڪي پيا هئا، باقي ڪا بہ سياسي ويڙھہ نہ آهي، اسين پاڻ هنن جو ٺاھہ ڪرائيندا سين توهان کي ڪا بہ لکت ۾ شڪايت نہ ملي آهي ان ڪري اهو نج شاگردن جو اندريون معاملو آهي اگر توهان مداخلت ڪندءُ تہ ڇو...؟ ۽ ڪھڙن سببن جي ڪري، آئون پاڻ سڀاڻي اسپتال ۾ شمس سان ملندس ۽ هنن جو پاڻ ۾ ٺاھہ ڪرائينداسين، پوءِ جيلر ڪجهہ سوچيو ۽ چيو ٺيڪ آهي پوءِ تون پاڻ ذميواري کڻ تہ اهڙو ڪو بہ اڻوڻندڙ واقعو نہ ٿيندو، مون چيو اها منھنجي ذميواري آهي هنن جو ٺاھہ ڪرائي توهان کي اطلاع ڏيندس اگر ٺاھہ نہ ٿيو ۽ جهيڙي جو امڪان ٿيو تہ تڏهن بہ توهان کي اطلاع ڏينداسين ائين هن کي دليل ڏئي قائل ڪري واپس وارڊ ۾ موٽي آيس.

ساڳئي جهيڙي جي باري ۾ ميٽنگ؛
اڄ 1982-05-05 تي بہ ساڳيو مسئلو درپيش هو ڪيترن ئي ڪوششن جي باوجود ڪنھن بھتر پوزيشن تي نہ پھچي رهيو هو، ان ڪري سوچيو سين تہ وري تنظيمي ميٽنگ ڪرائجي ۽ ڪجهہ تنظيمي فيصلا ڪجن، پوءِ گڏيل طور ڪو حل ڪڍجي ان ڪري صبح اٽڪل 9 بجي سڀني دوستن کي آگاھہ ڪيم هرهڪ غلام رسول زرداري،غلام نبي خشڪ، عنايت هيسباڻي، خان محمد لغاري، غوث علي شاھ، سڪندر ابڙيجو ۽ رضا شاھہ باقي عبدﷲ شاھہ شرڪت نہ ڪئي ڇو تہ سڪندر ابڙيجو سان هن جا ذاتي اختلاف هئا، سڀني دوستن گڏجي معاملي تي مختصر روشني وجهي اهو فيصلو ڪيو تہ هاڻ تنظيمي گڏجاڻي هر هفتي ٿيندي رهندي جنھن ۾ پنھنجي ڪارگردگي جو جائزو وٺبو ان لاءِ ميٽنگ وغيرہ ارينج ڪرائڻ لاءِ غلام رسول زرداري کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، پوءِ غلام رسول کي ڪارروائي هلائڻ لاءِ چيو ويو تہ سڀني دوستن کان شمس لاءِ راءِ وٺي، تہ هاڻ ڇا ڪرڻ گهرجي، سڀني دوستن اها راءِ ڏني تہ شمس گوپانگ جو ۽ مرتضيٰ مرڙاڻي جو جهيڙو ذاتي حجت جو ۽ انفرادي آهي، هتي مختلف تنظيمن سان تعلق رکندڙ دوست ڪجهہ ضابطن جي بنياد تي گڏ رهون ٿا، اهي بہ پنھنجا ئي جوڙيل آهن اگر پاڻ جانبدار ٿي تنظيمي دوستن جي پاسي کان مرتضيٰ تي ڪو ايڪشن کڻنداسين تہ سڀ ڪجهہ ڪري سگهون ٿا.مگر ان جو نتيجو اهو نڪرندو تہ ضابطن جي ڀڃڪڙي ٿيندي ۽ ٻيو تہ سڀ دوست چوندا اڪيلي تي ايڪشن کنيو اٿن ان ڪري چاچي شمس گوپانگ کي سمجهائڻ گهرجي تہ ٺاھہ ڪيو وڃي، ان لاءِ مونکي شمس سان ڳالھائڻ لاءِ اسپتال وڃڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو.

جيل ۾ بک هڙتال

08 مئي 1982 اڄ وراڊ مان ڪجهہ دوست پيشي تي ويا آهن، جن ۾ امداد چانڊيو، شير محمد مڱريو ۽ خان محمد لغاري هنن دوستن جو اسپيشل مليٽري ڪورٽ ۾ پھريون دفعو ڪيس هليو آهي، ڪورٽ ۾ هڪ مئجسٽريٽ ۽ هڪ ميجر ۽ هڪ ڪرنل فوجي آهن، ڪيس پمفليٽ ڪڍڻ جي ڪري هلايو پيو وڃي، اڄ سرڪاري وڪيل جرح ڪئي هڪ شاهد پوليس جي بيان قلم بند ٿيو.
اڄ اٽڪل يارنھن بجي چاچي شمس گوپانگ جي چٺي اسپتال مان آئي چٺي ۾ لکيو اٿس تہ اک جي حالت نازڪ آهي، ان ڪري نظر گهٽ ٿي پئي آهي ۽ پاڻي مسلسل وهندو رهي ٿو، ڊاڪٽر ايمرجنسي ڏيکاريندي جيل جي 32 نمبر لاءِ لکيو آهي، مگر پوليس ٻاهر کان نٿي اچي جيل انتظاميہ جو چوڻ آهي تہ اسان اي ايس پي پوليس واحدي کي لکيو آهي ۽ ٽيليفون بہ ڪئي آهي پر اي ايس پي جو چوڻ آهي تہ هي شاگرد ڀلي تڙپي مرن ڇو تہ انھن بہ ظلم ڪيو هوندو اهڙي صورتحال ڪري مون فورن سڄي وارڊ جي دوستن سان رابطو ڪيو کين سمجهايو تہ پاڻ سان غير انساني ۽ غير اخلاقي طريقو استمعال ٿي رهيو آهي، جڏهن تہ هڪ ميڊيڪل سائنس جي شاگرد جي اک جو نازڪ مسئلو آهي، مگر جيل انتظاميا هٿ وٺي ان کي وڌيڪ تڪليف ۾ رکڻ جو ناٽڪ ڪري رهي آهي، جيل ۾ پاڻ مجبور آهيون پر پاڻ وٽ صرف هڪ طريقو آهي تہ بک هڙتال ڪريون، ان تي متفق ٿي جيل جي سپرنيٽينڊنٽ نورالاهي کي آگاھہ ڪيو ويو تہ هي ظلم آهي هي غير انساني طريقا ڇو اختيار ڪيا پيا وڃن، خاص طرح سياسي شاگردن سان اها ويڌن ڪئي پئي وڃي، اسين سمجهون ٿا تہ مارشل لا اسان کان انتقام وٺڻ جو هاڻي اهو گهٽيا طريقو اختيار ڪري رهي آهي، ڇو تہ اسين جهموريت جي ڳالھہ ڪريون ٿا، اگر جي اسان جي دوست کي سھولت نہ ڏني وئي تہ اسين احتجاجن جيل ۾ بک هرتال تي ويھون ٿا، اهڙي پيغام تي جيل سپرنيٽينڊنٽ يڪدم جيل جي پوليس مان ٻن سپاهين کي حڪم ڏنو تہ توهان شمس کي اسپتال وٺي وڃو، پر اسان هن جي ان حڪم کان اڳ بک هرتال ڪري ڇڏي هئي، ڇو تہ جيل جي مليل ماني ۽ ٻيو راشن اسان واپس ڪري ڇڏيو هو، منجهند جي ماني کان پوءِ ڪجهہ دوست مشتعل ٿي ويا، جيئن تہ بک هڙتال جا ڪجهہ اصول هوندا آهن پر ڪجهہ دوست رڳو رسمي طور تي بک هڙتال ڪري رهيا هئا، باقي دوست لڪ ڇپ ۾ ماني کائي رهيا هئا، جيڪا برداشتن تيار ڪئي هئي ۽ فروٽ بہ کائي رهيا هئا، خاص طور تي غلام نبي خشڪ جيڪو مايوسي جي ڪري هميشہ بک هڙتال ۾ شريڪ نہ ٿيندو آهي، ان کان پوءِ خان محمد لغاري، غلام رسول زرداري، اڪبر جسڪاڻي ۽ عبدﷲ شاھہ سان گڏ ڪجهہ ٻين دوستن بہ لڪ ڇپ ۾ ماني کاڌي، اصل ۾ ڪجهہ دوست پيٽ پرست هجڻ ڪري پاڻ تي گهٽ اعتماد رکن ٿا، بحرحال ٽين بجي معلوم ٿيو تہ همراھہ اسپتال مان موٽي آيو آهي ۽ نياپو موڪليائين تہ هاڻي ڀلي بک هڙتال ختم ڪريو، حالانڪ اسان سان اڃان جيل جي انتظاميہ ڪونہ ڳالھايو هو ڪجهہ دوستن چيو تہ غيرمشروط بک هڙتال ختم ڪرڻ گهرجي پر اسان چيو ائين صحيح نہ آهي نہ تہ بک هڙتال جي اهميت ختم ٿي ويندي مگر روم نمبر يارنھن، جيڪو اڪبر جسڪاڻي جو آهي اتي دودو مھيري، حفيظ قريشي ۽ نورالدين عباسي ويٺا هئا انھن چيو تہ سپرنيٽينڊنٽ کي صرف لکي ٿا ڇڏيون تہ اسان جو مطالبو پورو ٿي ويو آهي اسين بک هڙتال ختم ٿا ڪريون، مون همراهن جو حال ڏسي امداد چانڊيو کي گهرايو کيس همراهن جو حال ڏنم امداد چيو اها تہ نڪ جي ڏاڍائي آهي، پر همراهن جي زور تي امداد انگلش ۾ هڪ درخواست سپرنيٽينڊنٽ کي لکي تہ اسان جو مطالبو پورو ٿيو آهي هاڻ ڪو بہ جواز نہ آهي تہ اسين بک هڙتال تي ويھون ان ڪري اسين هڙتال ختم ڪري رهيا آهيون، اهڙي طرح اسان هڙتال ختم ڪئي، جيڪا بنا جيل انتظاميہ سان ڳالھائڻ جي ختم ڪئي جيڪا مناسب ڳالھہ نہ هئي.

جيل سپرنيٽينڊنٽ جو دورو ۽ شمس گوپانگ جي ٻاراڻي حرڪت

1982-05-09 تي سڀني تنظيمن جي دوستن جي ميس ڪاميٽي متعلق گڏ جاڻي ھلي پئي مٿان جيل سپرنيٽينڊنٽ رائونڊ تي آيو ۽ جيل جي جمعدار زور سان سيٽي وڄائي اسان کي آگاھہ ڪيو اسين سڀ دروازي وٽ بيٺاسين، پوءِ سپرنيٽينڊنٽ پنھنجي پوري اسٽاف سان گڏ آيو جنھن ۾ پنج جيلر هڪ ميڊيڪل ڊاڪٽر، چار صوبيدار ۽ ڪجهہ جمعدار ۽ سپاهي جيڪي اڪثر رائونڊ مھل ان سان گڏ هوندا آهن، سپرنيٽينڊنٽ اچڻ سان چيو ڪو مسئلو هجي تہ ٻڌايو جيئن تہ دوست اڪثر ڳالھائڻ لاءِ مونکي چونداآهن، مون کيس چيو تہ گرمي آهي ان ڪري اڌ ڪلاڪ پوءِ بند ڪندا ڪريو هن چيو اهو منھنجي وس ۾ نہ آهي وري پاڻ چيائين تہ توهان جون تاريخون ٿينديون ڪي ماڻھو توهان تي ڪتاب لکندا ان ڪري جيل ۾ پاڻ ۾ قرب ۽ محبت سان رهو، اگر اسان کي موقعو ڏيندا تہ ڪم خراب ٿيندو، اهو ان ڪري چيائين تہ ڪجهہ ڏينھن اڳ ٻن دوستن جو جهيڙو ٿي پيو هو هي هليو ويو تہ اسان ميٽنگ ختم ڪري ماني کاڌي، ماني کائي آئون ڪمري ۾ آيس تہ پويا ن هڪ سپاهي آيو جنھن چيو تہ شمس گوپانگ جا ٽپڙ ڏيو جيڪو هتي رهڻ پسند نہ ٿو ڪري، مون چيو اسين ٽپڙ ڪونہ ڏينداسين، اچي پاڻ کڻي وڃي پوءِ سپاهي شمس کي بہ وٺي آيو جيڪو در کان ٻاهر بيھي رهيو آئون وڃي ٻاهر مليو مانس پوءِ سڀ دوست اچي ويا، سڀني دوستن هن کي سمجهايو ۽ منٿو ڪيون تہ هو توکان معافي وٺي ٿو، هي جيل آهي، صبر کان ڪم وٺ اگر جي تون هتان ويندي تہ خواري ٿيندي مگر هي همراھہ ضد تي رهيو ۽ چيائين تہ منھنجو ڪنھن سان بہ واسطو نہ آهي آئون هتان ويندس منھنجي رهڻ سان متان توهان جو ڊسيپلين خراب ٿئي توهان ڀلي هائوس فيڊريشن قائم ڪري ويٺا هجو هن تمام ڪاوڙ مان ڳالھايو ۽ ٽپڙ کڻي ٻاهر نڪتو مون کي اها ڳالھہ پسند نہ آئي مون کيس وري سمجهايو تہ اهو سٺو نہ ٿو ڪرين ان ۾ اسان جي بيعزتي آهي ۽ تنظيم کي بدنام ٿو ڪرين مگر هي همراھہ صفا انتھا تي وڃي پھتو چيائين منھنجو ڪنھن بہ تنظيم سان ڪو واسطو نہ آهي ۽ منھنجو ڪير بہ دوست ڪونہ آهي هن جي اهڙي رويي تي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو، آئون هن کان بنا موڪلائڻ جي ڪمري ۾ اچي ويھي رهيس، هي همراھہ ٽپڙ کڻي هليو ويو، هن کي بي ڪلاس ۾ رکيو اٿن جتي، شميم واسطي، نثار چنا ۽ ڪجهہ ٻيا سياسي دوست رهن ٿا، هن جي ڪري اسين ڏاڍا پريشان ٿياسين ڇو تہ جيل ۾ اهڙو ڪوبہ مسئلو اڳ ڪڏهن نہ ٿيو هو، هن سان جيڪو وڙهيو هو اهو دوست سپاف جو آهي ۽ چاچو شمس اسان جي تنظيم جو آهي اسين طاقت ۾ ۽ تعداد ۾ سپاف کان گهڻا آهيون، جيل ۾ جهيڙو بيڪار آهي تڏهن بہ مجبوري ۾ انسان ڪري ٿو سگهي، چاچي شمس جي وڃڻ کان پوءِ مون سوچيو آهي تہ دوستن سان صلاح مشورو ڪرڻ کان پوءِ مرتضيٰ کي بہ هن وارڊ مان ڪڍرائبو تہ جيئنءَ ڪو ٻيو ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش نہ اچي.

ايس ايس ٽي جي دوستن رهڻ الڳ ڪيو

11 مئي 1982ع اڄ صبح امداد چانڊيو ڊاڪٽر سان ملڻ اسپتال ويو آهي، تہ جيئن مرتضيٰ کي اتي داخل ڪرائي، چاچي شمس کي مطمئن ڪري سگهجي. اڄو ڪو ڏينھن بہ ڏاڍو دلچسپ گذريو ۽ جيل جي زندگي ۾ اهميت وارو ٿي گذريو، ڇا ٿيو جو سليمان ڏاهري ۽ اسد گاڏهي جيڪي ايس ايس ٽي جا دوست آهن، هي ٻئي اٽڪل ٽن يا چئن مھينن کان هتي مونسان گڏ رهندا آهن سليمان کي تہ مونسان گڏ رهندي اٽڪل 14 مھينا ٿيا آهن سليمان نظرياتي طرح مائوسٽ آهي پر هتي مون سان گڏ رهڻ ڪري لينين کي سٺو پڙهيو اٿس ان ڪري هن جي بحث مباحثي ۾ ڪافي فرق اچي ويو آهي، جيل ۾ ڪٿي بہ رهون هن جو بسترو مون سان گڏ هوندو آهي، ڇو جو هي منھنجي ڳوٺ کان اتر طرف ڳوٺ تاج محمد ڏاهري جو رهاڪو آهي، هن جي مائٽن ۽ ڀائرن جي مون سان تمام سٺي دعا سلام آهي، پر اسان جا پاڻ ۾ برادري وارا رشتا آهن، ان ڪري جيل ۾ هن کي آئون ننڍي ڀاءُ وانگر سمجهندو آهيان ۽ اسد گاڏهي زرعي يونيورسٽي جو شاگرد آهي هن کي بہ اٽڪل 6 مھينا ٿيا آهن تہ هي نظرياتي طرح مائوسٽ خيالن جو آهي هنن سان اڪثر بحث ٿيندو رهندو آهي آئون ڪڏهن ڪڏهن دليل ڏيندي تاريخي طور تي مائوزيتنگ کي قومپرست ۽ جنگجو ثابت ڪندو هئس ڇو تہ چين ۾ مائوءَ جي ڪوشش سان قومي بورجوازي انقلاب وڏي جدوجھد کان پوءِ برپا ٿيو، چين 1949ع ۾ جاپان کان آزادي حاصل ڪئي، مائو کان پوءِ چين جي ڪميونسٽ پارٽي ۾ موقعي پرست لاڙو رکندڙ بورجوازين ڪميونسٽ پارٽي نالي ۾ بين القوامي طرح رجعت پرست پاليسيون اختيار ڪندي آمريڪا جي سامراج جا هٿ پئي مضبوط ڪيا آهن، چين جو اهو ٽولو هر وقت دنيا جي مظلوم قومن ۽ طبقن جي آزادي ۽ جدوجھد ۾ رڪاوٽ وجهندو رهيو آهي، چين جا مائو پرست دانشور مائو ازم کي لينين ازم مٿان فوڪيت ڏيندا آهن ۽ ٻن انقلابي نظرين ۾ پيش ڪندا آهن جڏهن تہ مائوازم خود لينن ازم جي پيداوار آهي، سنڌ ۾ بہ مائو پرست ان جا پوءِ لڳ آهن جيڪي سڀ رسول بخش پليجو جي اڳواڻي هيٺ آهن، پر اسدگاڏهي اهڙن بحثن کان بيزار رهندو آهي ۽ دليلن سان جواب نہ ڏئي سگهندو آهي پوءِ همراھہ اصل ڦوڪيو وتندو آهي، نيٺ تنگ ٿي همراھہ سليمان کي راضي ڪيو تہ پاڻ هي ڪمرو ڇڏي هلون، اڄ نيٺ 11 بجي سليمان ڏاهري مون کي چيو تہ اسين هي ڪمرو ڇڏي پاسي وراري ڪمري ۾ رهون ٿا، مون کيس چيو بلڪل توهان رهي سگهو ٿا مون کي ڪو بہ اعتراض نہ آهي سليمان وڃي ڪمرو صاف ڪيو ۽ اسدگاڏهي ڏاڍو خوشي سان پنھنجا ٽپڙ ڍوئڻ لڳو، آئون خاموشي ۽ اچرج مان کين ڏسندو رهيس ۽ اڪيلو ڪمري ۾ ويٺو رهيس.
اڄ غلام رسول زرداري شنوائي تي ويو هو پوليس ڏاڍو تنگ ڪيو هئس شام جو سڄو احوال ٻڌايائين پوءِ چيائين تہ ڏاڏا اگر توکي اعتراض نہ هجي تہ آئون توسان گڏ رهان مون کيس اجازت ڏني هاڻي آئون ۽ غلام رسول گڏ رهون ٿا.

محمد صالح، لال محمد، نور محمد عبدالسميع منڱريو ۽ ابوبڪر زرداري ملاقات تي آيا
12 مئي 1982ع اڄ منھنجي سمري ملٽري ڪورٽ ۾ ساڳئي ڪيس ۾ شنوائي آهي جنھن ۾ 1980 -06-26کان 1982-05-12 تائين 1-13-33 مارشل لا ريگيوليشن ۾ بنا فيصلي جي هلي رهيو آهيان، ڪيس تقرير جو آهي جيڪا مون 1979ع ۾ پي اين پي جي چيف آرگنائيزر مير غوث بخش بزنجو کي دعوت ڏئي ڪئي هئي، ان وقت آئون شاگرد يونين جو جنرل سيڪريٽري هئس، هن جي اها دعوت مون حيدرآباد جي انڊس هوٽل ۾ ڪئي هئي. جيئن تہ اسان سان گڏ ڊي ايس ايف جا اڳواڻ امداد چانڊيو، محمد خان سولنگي، شير محمد مڱريو جي تاريخ هئي، ان ڪري سڀ دوست تيار ٿي صبح 9 بجي نڪتاسين، جيل جي ماڙي ۾ دستور مطابق اسان جي جسم جي جهڙتي ورتي وئي، پوءِ مون کي ۽ امداد چانڊيو کي گڏ هٿ ڪڙي لڳائي وئي ۽ خان محمد کي اڪيلي لڳائي وئي ۽ محمد خان ۽ شير محمد کي گڏ لڳائي وئي، ٻاهر نڪتاسين تہ گيٽ تي تاج جويو مليو ٻہ منٽ ان سان حال احوال ڪري پوليس جي بند گاڏي ۾ روانا ٿياسين، گاڏي ۾ ٻين قيدين سان ڪچھري ڪري رهيا هئا سين تہ پوليس گاڏي ڪورٽ لاڪپ وٽ پھچي وئي، سپاهين چيو تہ لھو اسان هيٺ لٿا سين، اڄ ڳوٺ کان ننڍڙو ڀاءُ لال محمد آيو هو جيڪو ٻارڙو هو تہ آئون ڳوٺ ڇڏي آيو هئس، هن وقت ڏاڙهي سان آهي، شير جوان ٿي ويو آهي، شھدادپور ڪاليج جو شاگرد بہ آهي منھنجي قيد جي دوران ٽن سالن ۾ هي ٻيو دفعو آيو آهي، هن سان گڏ وڏي ڀاءٌ حاجي محمد قاسم جو فرزند نور محمد بہ آيو آهي، هي بہ ڏاڙهي سان جوان آهي جيڪو شھدادپور سائنس ڪاليج جو شاگرد آهي ان کان علاوہ پيارو ڀاءُ ۽ دوست عبدالسميع مڱريو بہ پھچي چڪو آهي، هي منھنجو تاريخي دوست آهي هن بہ مونسان جيل ۾ ٻہ سال گڏ گذاريا آهن، ان کان علاوہ يونيورسٽي جي سڄي زندگي گڏ گذاري اٿئون، مون کي يونيورسٽي جي زندگي ۾ واحد سچو دوست ۽ وفادار دوست عبدالسميع مليو آهي، جنھن ڪڏهن بہ مونکي غلط صلاح نہ ڏني سدائين منھنجي غلط ۽ جذباتي عملن يا ڪمن دوران مون کي سمجهائيندو رهندو آهي، هن دوست جو سنڌ جي قومي سياست ۾ هڪ سچي انسان ۽ بھادريءَ وارو ڪردار رهيو آهي، هن کي مشھور ڪيس آڪٽوبر 1978ع ۾ 9 مھينا جيل ۾ رکيو ويو ۽ فوجي ڊڪٽيٽرن کيس وحشي طريقي سان ٽارچر ڪيو، ٽارچر ۾ ڪيل ڏنڀن ۽ ڌڪن جا نشان سندس جسم تي اڃان بہ ظاهر آهن، هن دوست اسان سان گڏ 20 آگسٽ 1980ع ۾ جيئي سنڌ جي ايم سيد کان الڳ ٿيڻ مھل اليڪشن ۾ مون کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو، هن مون سان ڪڏهن بي ايماني نہ ڪئي جھڙي سندس صورت پياري آهي اهڙي سندس سيرت پياري آهي، هن ڏکن ۽ سکن جي دوست کي جڏهن بہ آئون ڏسندو آهيان تہ منھنجا سڀ سور،غم ۽ پريشانيون ذهن مان واچوڙو بنجي اڏامي ويندا آهن، اهڙا سچا دوست تمام گهٽ ملندا آهن. جيڏي مھل لاڪپ تي پھتا سين تہ هڪ پنجابي ايس ايڇ او اسان کي پنھنجي دوستن ۽ عزيزن سان ملڻ کان منع ڪري رهيو هو ۽ تمام بي حيائي سان چئي رهيو هو تہ هلو هلي لاڪپ ۾ بند ٿيو توهان جي ملاقات بند آهي، اسان چيو تہ اسين سياسي شاگرد آهيون اسان سان اهڙو رويو نہ اختيار ڪيو اهو درست نہ آهي مگر هن هڪ بہ نہ ٻڌي ۽ چيو ڪير بہ هجو قانون سڀني لاءِ برابر آهي هڪ دوست کين چيو تہ افسوس آهي تہ هن ملڪ ۾ قانون جي ڪا شيءِ بہ نہ آهي ۽ توهان قانون قانون پيا ڪريو، اسان کي خبر آهي توهان جو ڪھڙو قانون آهي، توهان جي منشا پوري ٿيندي هروڀرو ڊيگهہ نہ ڪريو، بھرحال اسين قيدي جي صورت ۾ مجبور هئاسين پاڻ ۾ غمگين نظرن سان نھاريندي هنن جي چوڻ تي بند ٿي وياسين ٻاهر کان آيل دوست ۽ عزيز اشارن ۾ شيخن مان سلام دعا ڪري رهيا هئا، ڪجهہ دير بعد نارا جيل مان بہ ڪجهہ دوست آيا ڇو جو هي لاڪپ مرڪز آهي ان ڪري تقريبن قيدين کي هتي آندو ويندو آهي، نارا جيل کان آيل مزدور اڳواڻ قلندر بخش مھر بہ هو ان سان ڪچھري ڪرڻ ۾ لڳي وياسين ان سان گڏ پوليس سان بہ بحث هلي رهيو هو تہ اسان جا عزيز ۽ دوست پري کان آيا آهن انھن سان ملاقات ڪرڻ ڏيو، هنن خان محمد لغاري کي هڪ هٿ ۾ لڳل هٿ ڪڙي وري ٻنھي هٿ ۾ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي اسان چيو هي ڪو خطرناڪ قيدي نہ آهي، هي ڊاڪٽر آهي آخري سال ۾ پڙهي پيو هروڀرو توهان سپاهي ۽ جمعدار قانون کي پيا خوار ڪريو اوهان جي وڏن آفيسرن لاءِ تہ قانون آهي ئي ڪونہ، سري عام پيا رشوت وٺن ۽ عياشيون ڪن ۽ توهان کي بيوقوف ڪيو پيا استعمال ڪن ڪجهہ عقل کان ڪم وٺو هنن جي اندر ۾ ضمير تہ ملامت ڪئي هوندي پر عادت کان مجبور هئا، مون خان محمد کي چيو ادا تون کڻي ٻنھي هٿن ۾ هٿ ڪڙيون هڻاءِ، اهي پاڻ نوجوانن لاءِ زيور جي مثل آهن، پوءِ هن چڙ ۾ ٻانھن سپاهي کي وڌائي ڏني پوءِ هن کي ٻنھي هٿن ۾ هٿ ڪڙيون هڻي وري بند ڪيو ويو، انھي دوران عبدالسميع ٻاهران بوتلون ۽ بسڪوٽ موڪليا اهي کاڌاسين اٽڪل هڪ ڪلاڪ کان پوءِ پوليس پنھنجي عادت مطابق چيو تہ اسان کي گهڻا پيسا ڏيندا جو اسين توهان کي ٻاهر ڪڍون اسان بليڪ ميل ٿيندي چيو جيترا بہ چوندا ڏينداسين پر اسان کي ٻاهر ڪڍو پوءِ ايس ايڇ او اسان کي ٻاهر ڪڍڻ جو حڪم ڏنو پوءِ پوليس رائيفلين جي سائي ۾ اسان کي سڌو مٿي ڪورٽ ۾ وٺي وئي پوءِ وڃي دوستن ۽ عزيزن سان ڪچھري جو موقعو مليو، اڄ ابوبڪر زرداري ۽ مير محمد کوکر بہ آيا هئا، ابوبڪر منھنجو ننڍي هوندي جو دوست آهي شھدادپور ڪاليج ۾ گڏ پڙهيا آهيون مگر هي دوست سياسي طرح لفظن ۾ انقلابي پر عملي طرح وڏيرن جي پويان هلڻ جو عادي آهي، کيس غريب هجڻ جي احساس ڪمتري ايتري تہ گهري رهي آهي جو سدائين وڏيرن جي ڪارن گاڏين جي پويان پيو ڌڪا کائيندو آهي، هي دوست هن مارشل لاءِ جي دور ۾ مونسان گڏ جيل ۾ ڏيڍ سال رهيو آهي جيڪو تازو جنوري 1982ع ۾ آزاد ٿي ويو آهي، جيل جي زندگي ۾ هي مونسان سياسي طرح ۽ ذاتي طرح ناراض رهيو ڇو تہ آئون هميشہ قمر راڄپر جي غلط فيصلن ۽ پاليسن جي خلاف رهيو آهيان ۽ سري عام مخالفت ڪندو رهيو آهيان جنھن جي ڪري هن دوست جا بہ مفاد متاثر ٿيندا هئا، بحرحال تفصيلي ذڪر ڪٿي ٻئي هند ڪندس، هي دوست آزاد ٿيڻ کان پوءِ پھريون دفعو مونسان ملڻ آيو هو ملڻ وقت ڏاڍو شرمسار ٿي رهيو هو، ڀاڪر پائي مليو ۽ ڳل تي چمي ڏنائين پر اها مون کي مصنوعي لڳي، ڪجهہ منٽ ڪچھري ڪيائين پوءِ وڃڻ لاءِ اٿيو ۽ ويندي چيائين تہ ڊي ايم ايل، اي جي پي اي ميجر محبوب ٽيليفون ڪيو آهي ان سان ٽائيم آهي، ان ڪري ضروري وڃڻو آهي، هي هليو ويو ڪجهہ دير کان پوءِ محمد صالح بہ پھچي ويو جيڪو گرفتاري کان وٺي ويچارو مسلسل ايندو رهي ٿو، ان کان ڳوٺ جا حال احوال ورتم ۽ لال محمد ۽ نور محمد شھر مان جيل جي لاءِ گهربل سامان خريد ڪري آيا انھن کي بہ پاسي ۾ ويھاري ڪچھري ڪيم ۽ ڀاءٌ سميع بہ ڪچھري ڪندو رهيو سپاهي ذري ذري چئي رهيا هئا تہ اسان کي خرچي ڏيو نيٺ 20 رپيا في سپاهي کي خرچي ڏني پوءِ تقريبن هڪ بجي مٿان لھي گهڙي کن هيٺ نم هيٺيان ويٺاسون بعد ۾ سڏ ٿيو سڀني کان موڪلائي پوليس گاڏي ۾ ويھي سنٽرل جيل پھتا سين جيل جي ماڙي تي هميشہ وانگر پوليس جهڙتي ورتي پوءِ سامان کڻي پنھنجي وارڊ ۾ پھتا سين ماني کائي ڪجهہ آرام ڪيو سين، بعد ۾ شام جو والي بال راند ڪندي تقريبن ستين بجي بند ٿي وياسين.

جيل ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ورسي ملھائي وئي

21 مئي 1982ع اڄ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ورسي جيل ۾ ملھائي وئي صبح کان تيارين ۾ هئا سين، اسان جي وارڊ جي انتظاميہ سيڪريٽري غلام رسول زرداري کي چيوسين تہ تون جيئي سنڌ جي ايم سيد وارن دوستن کي دعوت ڏئي اچ، غلام رسول انھن کي دعوت ڏيڻ ويو پر ڊاڪٽر دودو مھيري ۽ سندن ساٿين کيس جواب ڏنو تہ اسين ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ورسي ۾ شامل نہ ٿينداسين، سبب اهو ٻڌايو ويو تہ اسان جو دوست لطيف لغاري جيل جي اسپتال ۾ داخل آهي ان ڪري اسين سڀ ٽينشن ۾ آهيون، حالانڪ اهو ڪو معقول جواب يا سبب نہ هو، مگر دوستن شريڪ ٿيڻ کان انڪار ڪيو، باقي ٽن پارٽين شرڪت ڪئي جنھن ۾ ڊي ايس ايف، ايس ايس ٽي ۽ جساف ليفٽ شريڪ ٿيون، جلسو باريڪ ۾ ڪيو ويو، اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض مون سرانجام ڏنا جلسي جي ڪارروائي شاھہ جي بيت سان شروع ڪئي وئي جن دوستن ڳالھايو انھن ۾ 1. محمد خان سولنگي ڊي ايس ايف 2. اسد گاڏهي ايس ايس ٽي، 3. غلام رسول زرداري جساف ليفٽ، 4. ارشاد نظاماڻي آزاد، 5. غوث علي شاھہ جساف ليفٽ، 6. نياز سومرو ڊي ايس ايف، 7. شير محمد مڱريو ڊي ايس ايف، 8. خان محمد لغاري جساف ليفٽ، 9. امداد چانڊيو ڊي ايس ايف، هنن دوستن مختصر ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي تي روشني وڌي ۽ کيس خراج تحسين پيش ڪئي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي 1901ع ۾ بکو ديري تعلقي ڏوڪري ۾ پيدا ٿيو، سندس والد الھداد هڪ غريب هاري هو ڪاريڊ حيدر بخش جتوئي ارڙهن سالن جي عمر ۾ سنڌي فائنل پاس ڪيائين ۽ روينيو کاتي ۾ ڪلارڪ هو، پوءِ هيڊ منشي ٿيو ان کان پوءِ مختيارڪار ٿيو بعد ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر حيدر آباد ٿيو، 1944ع ۾ هاري ڪاميٽي سنڌ ۾ شامل ٿيو هي اٽڪل مختلف موومينٽس ۾ ست دفعا جيلن ۾ ويو پاڻ 1969ع ۾ وفات ڪري ويو، سنڌ ۾ سندس ڪردار قومي طبقاتي حوالي سان تاريخي آهي، سندس نعرو هو، تہ (جيڪو کيڙي سو کائي)، هن هارين لاءِ آخري دم تائين پنھنجو عمل جاري رکيو.
اڄ مزي جھڙي ڳالھہ اها ٿي تہ پروگرام دوران عبدﷲ شاھہ لوھہ جي سيخ کڻي سڪندر ابڙيجو تي حملي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سبب اهو ٻڌايو تہ مون ڏانھن اکيون ڦاڙي ڇوٿو ڏسين، غلام نبي خشڪ ڊوڙ ڪري وڃي هن کان سيخ کسي هنن جي اهڙي حرڪت تي ڪجهہ وقت لاءِ پروگرا ۾ انتشار ڦھلجي ويو، بحرحال جلسو ختم ٿيڻ کان پوءِ منھنجي روم تي ميٽنگ ٿي ان ۾ عبدﷲ شاھہ جي بي واجبي ۽ اڳرائي جي ڪري هن تي تنقيد ٿي تہ اها هائوس جي ڊسيپلين ۽ ضابطن جي ڀنڃڪڙي آهي ان ڪري سڪندر کان معافي وٺڻ لاءِ کيس چيو ويو، هن پنھنجي غلطي تسليم ڪئي ۽ معافي ورتي پوءِ مون، امداد چانڊيو ۽ خان محمد لغاري، سڪندر، شاھہ جھان شاھہ ۽ رضا شاھہ سان ڳالھيون ڪيون کين مطمئن ڪري ٺاھہ ڪرايو سين تہ جيئن وڌيڪ ڪو مسئلو پيدا نہ ٿئي.

ناز سنائي جي بک هڙتال

22 مئي 1982ع اڄ امداد چانڊيو، شير محمد مڱريو ۽ محمد خان سولنگي جو اسپيشل ملٽري ڪورٽ ۾ ڪيس هلڻو هو، پر ڪيس نہ هليو واپس موٽي آيا.
اڄ ناز سنائي اسپتال ۾ هڪ قيديءَ سان ٿيل ناانصافي جي ڪري بک هڙتال ڪئي آهي، مطالبو ڪيو اٿس تہ ڪالھہ سانوڻ ماڇي نالي قيدي جيڪو هالا جي ڀرسان سک پور ٻيلي جو آهي، ان کان صوبيدار تبارڪ علي پيسا گهريا آهن، چيو آهي تہ پيسا ڏي تہ پوءِ سولي ڪم تي ڇڏيائين، جيئن تہ سانوڻ ماڇي 1982-05-17 تي اسان جي وارڊ مان جيئي سنڌ صالحين وارن وٽ برداشتي طور ڪم ڪندو هو، هن کي هنن وارڊ مان شڪايتون ڪري ڪڍايو هو، قيدي تي ڪاوڙ ان ڪري ڪيائون تہ تون ڏاڏي متاري وارن جو ڪم ڇوٿو ڪرين...؟ ۽ انھن سان ڳالھائين بہ ڇوٿو...؟ جيڪا بہ ڳالھہ اسان وٽ ٿئي ٿي تہ تون انھن کي ڇوٿو ٻڌائين، ڇا هو تہ ڪجهہ ڏينھن اڳ باريڪ ۾ جوابدار حڪيم ڪليري ۽ هن جو پاڻ ۾ ٽڪر ٿي پيو، هي ٻئي فيصلو مون وٽ کڻي آيا مون هنن جو ساک تي فيصلو ڪيو ۽ ٻنھي ڌرين کي ٺاهي ڇڏيو هو ان ڪري همراھہ هن تي ڪاوڙجي پيا تہ برداشتي اسان جو ۽ فيصلا وري ڏاڏي وارن کان ڪرائيندو وتي ٿو، مون کي هنن جي اهڙي سوچ تي ڏاڍو ارمان ٿيو ڇا ٻن ماڻھن کي ٺاهي ڇڏڻ ڏوھہ آهي جو هنن همراهن کان برداشت نہ ٿيو، بحرحال ناز سنائي سانوڻ ماڇيءَ کي 50 رپيا ڏنا تہ تون صوبيدار کي ڏي، صوبيدار 50 رپين تي راضي نہ ٿيو، چيائين ٻہ سو رپيا ڏيو جنھن تي هنن چيو ڪجهہ ڏينھن ترس تہ ڪا ملاقات اچي پوءِ توکي ڏينداسين، ڪالھہ صوبيدار کيس چيو تہ تون جهاڙو پارٽي سان ڪم تي وڃ هن چيو ٻي ڪنھن بہ پارٽي سان موڪل باقي انھي پارٽي جو سپاهي مونسان ڪونہ ٿو ٺھي ڇو تہ اهو بہ مونکان پيسا ٿو گهري جيڪي هن وقت مون وٽ نہ آهن ۽ هي هروڀرو مونکي تنگ ڪندو آهي، ان تي صوبيدار مڇرجي پيو ۽ پنھنجي سپاهين جي لوڌ کي حڪم ڪيائين تہ هن کي اگهاڙو ڪري مار ڏيوس، تقريبن پنج سپاهين دير ئي نہ ڪئي هن تي لٺين ۽ ٺونشن جي برسات وسائي ڏني همراھہ بيھوش ٿي پيو بعد ۾ کيس ٽنگن ۾ رسو وجهي اگهاڙوئي ئي اگهاڙو گهلي بند وارڊ ۾ کڻي ويا، بند وارڊ ۾ جيڪو بہ قيدي پھچندو آهي تہ ان کي اڪيلو بند ڪري ان جي سلوار مان اڳٺ ڪڍي ڇڏيندا آهن ۽ صبح شام ڏھہ ڏنڊا پيرن ۾ ۽ ڏھہ ڏنڊا هٿ جي ترين ۾ هڻندا آهن، اهڙا مثال کوڙ آهن، اهڙين وحشي سزائن جي ڪري هتي ڪيترن ئي قيدين جا پير ٻانھون ۽ پاسيريون ڀڳل آهن.
شاباس اٿئي سانوڻ ماڇي..! اڄ سڄي جيل ۾ واھہ واھہ آهي تہ اهڙي خطرناڪ مار ڪنھن بہ نہ کنئي آهي حالانڪ هي عمر جو ننڍڙو قيدي آهي اڃان ڏاڙهي بہ مس آئي اٿس پر عمر کان وڌيڪ مار پچائي اٿس اهڙيون واکاڻيون جيل ۾ عام ٿي رهيون آهن، ان ڪري اهڙي واقعي کي بنياد بنائي ناز سنائي جيڪو اسپتال ۾ ڪجهہ ڏينھن کان داخل آهي پر اهڙي ظلم جي خلاف بک هڙتال ڪئي اٿس سندس اهڙو اعلان سندس انفرادي فيصلو آهي، هن ٻين شاگردن کي ٻڌائڻ کان بغير بک هڙتال جو اعلان ڪيو آهي، جيڪو هن پنھنجي شھريت جي دڪان کي چمڪائڻ لاءِ ئي ڪيو آهي، بھرحال ڪالھہ ڊاڪٽر خواجو هتي وارڊ ۾ آيو هن مونکي ۽ امداد کي چيو تہ توهان جو شاگرد ناز سنائي ڪالھہ اسان اسپتال ۾ داخل ڪيو آهي، هڪ تہ اسان کي ڌمڪيون ڏي ٿو ۽ ٻيو وري ڊائري پيو لکي تہ اسپتال ۾ ڪھڙونہ ظلم ٿي رهيو آهي، اسپتال ۾ دوائون بلڪل نہ آهن، بيمار قيدين ۽ غريب قيدين کي داخل نہ ٿو ڪيو وڃِي هتي رڳو سفارشي قيدي داخل ڪيا وڃن ٿا، هيءَ اسپتال تاريخ جو سياح باب آهي وغيرہ وغيرہ بھرحال ڊاڪٽر کي ڦڦڙي لڳي پئي هجي تہ ڪٿي هي اهو مواد ٻاهر ڇپائي لاءِ نہ موڪلي وجهي، ڪجهہ دوستن چيو تہ ناز اهو غلط ٿو ڪري مگر ان معاملي تي آئون چپ رهيس. اڄ زبردستي ناز کي اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو آهي، پر هن اسپتال مان نڪرڻ کان انڪار ڪيو چيائين تہ پاڻ سپرنيٽينڊنٽ اچي ۽ مونسان ڳالھيون ڪري تہ پوءِ نڪرندس پوءِ سپرنيٽينڊنٽ پاڻ تہ ڪونہ آيو پر هن کي گهرايائين هن مطالبو ڪيو تہ سانوڻ ماڇي کي بند وارڊ مان ٻاهر ڪڍيو وڃي سپرنيٽينڊنٽ هن جو مطالبو مڃيو ۽ سانوڻ ماڇي کي ٻاهر ڪڍيو ويو، پر هن کي سپرنيٽينڊنٽ چيو تہ تون بک هڙتال ختم ڪر ۽ ڪجهہ وقت لاءِ هن وارڊ مان نڪري وڃ پوءِ وري واپس اچجان هن سان ڊپٽي پاڻ گڏ آيو ۽ هن جا ٽپڙ کڻائي ويو، هي مون وٽ ڪمري ۾ موڪلائڻ آيو مون هن سان شڪايت ڪئي تہ جيل ۾ ڪو بہ فيصلو ڪبو آهي تہ سنگت سان صلاح مشورو ڪري پوءِ ڪبو آهي بک هڙتال وارو تنھنجو انفرادي فيصلو غلط هو، اسان کي ان تي افسوس آهي ۽ هينئر جي پنھنجي مرضي سان وڃين ٿو تہ ٺيڪ آهي اگر جي ڪنھن جي پريشر ۾ وڃين پيو تہ غلط آهي جي تون چئين تہ مزاحمت ڪريون، حالانڪ سڄو وارڊ تنھن جي هن عمل تي ناراض آهي مگر آئون چوان ٿو جيڪو بہ ظلم جي خلاف آواز اٿاري ٿو اهو بھادر، جرئتمند ۽ سچو انقلابي انسان آهي، مگر اها ڳالھہ ياد رکجانءِ تہ هتي جيل ۾ گڏيل ٻڌي ۽ بنا قوت جي ڪو بہ جذباتي فيصلو ماڻھو کي نقصان ۾ وجهي سگهي ٿو. پوءِ هي موڪلائي هليو ويو.

ڊڪلريشن تي بحث مباحثو

اڄ 25 مئي 1982ع تي منجهند جو ماني کائي ستو پيو هئس تہ ڪيڏي مھل نياز سومرو اوچتو اچي ننڊ مان جاڳايو ۽ چيو ڏاڏا توهان سان ۽ امداد چانڊيو، غلام نبي خشڪ، خان محمد لغاري ، عنايت هيسباڻي ۽ غلام رسول زرداري سان ڪو ملڻ آيو آهي، آئون ننڊ مان اٿي هٿ منھن ڌوئي تيار ٿيس تہ تيستائين ٻيا دوست بہ تيار ٿي ڪمري تي اچي ويا، مونکي تہ پڪ ٿي وئي تہ ملاقات تي قمر راڄپر ۽ شاھہ محمد شاھہ هوندا اسين سڀ ٽولي جي شڪل ۾ جيل جي ماڙي تي پھتاسين، مون وارو شڪ صحيح نڪتو اتي قمر راڄپر، شاھہ محمد شاھ، عرفان شاھ، علي نواز نظاماڻي ۽ مسعود وساڻ اڳي ويٺل هئا، هنن سان رسمي پر رخو ملياسين پوءِ تہ هنن همراهن ڏاڍي خوشي سان ڪچھري ڪرڻ شروع ڪئي ڪچھري ڪندي هنن هڪ ڊارفٽ ڪڍيو جيڪو اٽڪل ٽن پنن تي لکيل هو، پڇڻ تي معلوم ٿيو تہ اها ڊڪلريشن آهي، ٻن گڏيل پارٽين طرفان جنھن ۾ پاڪستان نيشنل پارٽي (پي اين پي) ۽ نيشنل پروگريسوِ پارٽي (اين پي پي) جنھن ۾ لکيل آهي تہ تازو ملڪ جي صورت حال کي نظر ۾ رکندي اين پي پي جنھن جو صدر ڊاڪٽر اعزاز نظير آهي کي ضم ڪري پي اين پي ۾ شامل ڪري هڪ پارٽي ڪئي وئي آهي، پي اين پي جو چيف آرگنائيزر مير غوث بخش بزنجو آهي جيڪا پارٽي 1979ع ۾ ڪراچي ۾ ڪنوينشن گهرائي ٺاهي وئي هئي، جنھن ۾ آئون بہ دعوت ملڻ ڪري مبصر طور شريڪ ٿيو هئس، پروگرام هن طرح آهي تہ تازو مارشل لا کي هٽائي جمھوريت بحال ڪرڻ لاءِ جدوجھد پاڙيسري ملڪ افغانستان جي انقلاب کي تسليم ڪرائڻ ۽ افغان ڀڳوڙن جيڪي اٽڪل 25 لک پاڪستان جي سرحد صوبي ۾ پاڪستان ۽ بين الاقوامي سامراجي قوتن جن ۾ آمريڪا ۽ چين جي خرچ تي ويھاريو ويٺو آهي انھن کي پنھنجي ملڪ ۾ واپس ڪرائڻ، پاڪستان ۾ قومي مسئلو جمھوريت جو حصو آهي ان کي حل ڪرائڻ، هر ماڻھو هڪ ووٽ جي حيثيت سان اليڪشن ڪرائڻ، سرمائيدارن ۽ جاگيردارن کان اقتدار عوامي نمائندن جي حوالي ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪرڻ، ۽ جڏهن کان پاڪستان ٺھيو آهي اٽڪل 35 سالن کان هتي جي پورهيت عوام جو استحصال ڪندڙ طبقن طرفان جيڪا بربريت ۽ ظلم ڪيو ويو آهي ان کان عوام کي نجات ڏيارڻ وغيرہ جھڙا سلوگنس لکيل هئا، وڌيڪ ڪچھري ڪندي دوستن مختصر انھيءَ فيصلي تي ڳالھائيندي چيو تہ پاڪستان ۾ جيڪي کاٻي ڌر جون ترقي پسند قوتو آهن، انھن کي بہ دعوت ڏني وئي آهي، مثال طور رسول بخش پليجو جي ’عوامي تحريڪ‘ کي بہ دعوت ڏني وئي آهي جنھن مان صدر عوامي تحريڪ فاضل راهو ۽ لکانو بھراڻي ۽ ڪجهہ ٻيا ميمبر بہ شرڪت ڪندا، هنن چيو تہ مير غوث بخش ۽ ڊاڪٽر اعزار سان ڳالھيون ڪيون آهن هنن جو چوڻ آهي تہ اهڙي اتحاد ۾ اوهان جو پنجابين ۽ پناھہ گيرن جي باري ۾ ڪھڙو موقف ۽ رويو هوندو ۽ سنڌ جي نمائندگي ڪير ڪندو، ۽ همراھہ مائوسٽ هئڻڻ ڪري قومپرستي جو شڪار رهندي ايمانداري سان ملڪي صورت حال کي نظر ۾ رکندي پنھنجو ٺوس نظرياتي موقف اختيار ڪيو جنھن ڪري اهي شامل نہ ٿيا، باقي وڌيڪ پنجاب ۾ پنجاب لوڪ سڀا پارٽي جي امتياز عالم ۽ مزدور ڪسان پارٽي جي سي آر اسلم سان ڳالھيون هلن ٿيون، جڏهن تہ امتياز عالم وارن متفق ٿيندي پندرهن ڏينھن جي مھلت گهري آهي. سرحد مان ولي خان وارا بہ تيارين ۾ آهن ۽ اين پي پي جي مرڪزي ورڪنگ ڪاميٽي جي ميٽنگ گهرائي اٿن.

نوٽ: (ڊڪليئريشن تي اين پي پي جي صدر ڊاڪٽر اعزار نظير ۽ پي اين پي جي صدر مير غوث بخش بزنجو جون صحيحون ٿيل آهن.

هن اتحاد جي خاص ضرورت هن وقت اها آهي جو فوجي ڊڪٽيٽرشپ ملڪ اندر وحشيت ۽ بربريت ۽ غير جمھوري نظام جوڙي ظلم جي انتھا ڪيو ويٺي آهي، بعد ۾ ڪجهہ ڪچھري ڪندي شاھہ محمد شاھہ سڀني دوستن مان پھريائين مونکي چيو تہ تون ان تي پنھنجو رايو يا موقف بيان ڪر.
مون چيو پنج جولاءِ 1977ع کان ڊڪٽيٽر جرنل ضياءُالحق ۽ سندس فوجي ٽولو ۽ جهموريت دشمن سندس اتحادي پوليٽيشنس غير آئيني طريقي سان ملڪ جي چونڊيل وزير اعظم جناب ذوالفقار علي ڀٽو جو تختو اوندو ڪري ملڪ جون واڳون سنڀالي ورتيون آهن، هنن کي اٽڪل پنج سال ٿيڻ وارا آهن بلڪہ پاڪستان جا سرمائيدار ۽ جاگيردار بہ هن فوجي ٽولي سان گڏجي ملڪ جي مظلوم عوام جا حق غذب ڪري انھن مٿان ظلم ڪري رهيا آهن، هنن جي دور اقتدار ۾ مسلسل ترقي پسند ۽ کاٻي ڌر جي سياسي ليڊرن کي ظلم ۽ ڏهڪاءُ جو نشانو بنايو پيو وڃي، مثال طور عوام جي حقن جي ڳالھہ ڪندڙ ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ نوجوان طبقي ۽ شاگردن کي اسلام جي آڙ وٺي اسپيشل ڪورٽن ۾ ڪيس هلائي ڳريون سزائون، ڪوڙا ۽ ڏنڊ لڳائي هي ملڪ دشمن ٽولو پنھنجي آقا آمريڪا کي خوش ڪرڻ ۽ پنھنجي اقتدار کي اينگهائڻ لاِءِ انسانيت جا سڀئي ليڪا لتاڙي بيٺو آهي، بلڪہ هن فوجي ٽولي جي دور اقتدار ۾ ملڪ جي چونڊيل وزير اعظم جو تختو ڪلٽي ڪري کيس ڦاهي تي چاڙهيو ويو آهي، ان کان علاوہ نوجوان ترقي پسند شاگرد اڳواڻ شھيد نظير عباسي کي ايف آءِ يو جي وحشي ٽارچر ۾ شھيد ڪيو آهي، حميد بلوچ کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي کيس ڦاهي تي لٽڪايو ويو آهي، شوڪت چيما ڪراچي يونيورسٽي جي ترقي پسند نوجوان کي جماعت اسلامي جي غنڊن طرفان قتل ڪيو ويو آهي، اهڙو ظلم ۽ مصيبت آهي پوءِ بہ جيڪي ترقي پسند قوتون ۽ گروپ آهن اهي موچڙا پيا کائين ۽ ظلم جي خلاف آواز اٿارين پيا ان ڪري ضرورت ان ڳالھہ جي آهي تہ سڀني ترقي پسند گروپن ۽ پارٽين کي ملي ڪري هڪ پليٽ فارم تي منظم طريقي سان هنن ظالم قوتن خلاف ڪو جامع ۽ مضبوط محاذ کڙو ڪرڻ گهرجي تہ جيئن هنن وحشي جابرن کي ثابت ڪري ڏيکارجي تہ ملڪ جو مظلوم عوام اوهان جي ظلم مان ڪيترو بيزار آهي، توهان کان نفرت ڪري ٿو ۽ ملڪ ۾ تبديلي چاهي ٿو.
هڪ پليٽ فارم تي گڏجي هڪ قوت ٿي اڀرڻ سان اسين بين الاقوامي ترقي پسند قوتن جي ڪا مدد بہ حاصل ڪري سگهون ٿا مگر اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن اسين سڀ اختلاف وساري منظم ٿي وڏي هوشياري ۽ همٿ سان مھم هلائي سگهون ۽ بين الاقوامي حمايت حاصل ڪري سگهون پر ان ڳالھہ جو تما م گهڻو خيال ڪيو وڃي تہ اسان سان گڏجي ڪو بہ بورجوازي موقعي پرست ظالم قوتن جي لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪري وڃي ۽ اسان جي هلچل کي نقصان پھچائي وڃي ان لاءِ پاڻ سڀني کي اهڙن معيارن سان ۽ ايمانداري سان سوچي سمجهي ترقي پسند قوتن کي گڏ کڻڻو پوندو جيڪي گروپ يا سياسي جماعتون ايمانداري واري ترقي پسند سوچ ۽ عمل جون مالڪ هجن ۽ جابرن جي هر ظلم ۽ ڏاڍ جو منھن ٽوڙ جواب ڏئي سگهن ڪيڏي بہ تڪليف اچي وڃي تہ پوءِ بہ ثابت قدم ۽ منظم رهن.
مون کان پوءِ ٻين دوستن کان بہ راءِ ورتي وئي سڀني دوستن منھنجي موقف جي حمايت ڪئي، پوءِ ڊپٽي سپرنيٽينڊنٽ اچي ويو جنھن چيو تہ ملاقات جو ٽائيم ختم ٿي ويو آهي دوستن چانھہ پيتي پوءِ موڪلائي هليا ويا، اسين پنھنجي وارڊ ۾ موٽي آياسين منھنجي ڪمري تي ڊڪليريشن تي بحث ڪرڻ لڳاسين.

جيل ۾ رهڻ لاءِ منھنجو پنھنجو رايو؛
اڄ 28 مئي 1982ع تي هن ڏھہ فٽ ڊگهي ۽ پنج فٽ ويڪري سخين واري دروازي واري کولي ۾ مونکي لاڳيتو 28 مھينا ٿي ويا آهن، ڪن ماڻھن جو چوڻ آهي تہ جيل ڪابہ ڳالھہ نہ آهي ڪي چون تہ جيل وڏو عذاب آهي، پر آئون اهڙن ٻنھي رايو رکندڙ ماڻھن سان اختلاف رکان ٿو.
منھنجو خيال آهي تہ بھادر ۽ علم دوست ماڻھن لاءِ جيل ڪاٽڻ ڏکيو نہ آهي، ڇوتہ اهڙن پريڪٽيڪل ماڻھن تي گهڻو ڪري فطري طرح اهو احساس حاوي رهي ٿو تہ مون حق ۽ انصاف جي ڳالھہ ڪئي آهي ۽ هي وحشي آدم خور ظالم مونکي ان جو بدلو اهو ٿا ڏين تہ مان جيل ۾ تنھا رهان ۽ پنھنجي موقف تان هٽي وڃان، اهڙين سوچن جي تضاد ۾ اچي ماڻھو ضدي ٿي جيل ۾ لوچيندو آهي ۽ لوچي سوچي پڪو ۽ پختو ٿيندو آهي، تخليق ۽ کوجنا ڪندو آهي بلڪہ پنھنجي مستقبل جي حڪمت عملي کي پختو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مطالعو ڪندو آهي، هن ظالم وحشي انسان دشمن سماجي ڪيڙن کان بغاوت لاءِ ذهني طرح تياري ڪندو آهي، پاڻ کي انقلابي سوچ ۽ عمل سان ليس ڪندو آهي، لوچي پوچي پاڻ ۾ مستقل مزاجي پيدا ڪندو آهي، ڪم ۽ سماجي سڌاري لاء ھر وقت سرگرم پل بہ نہ ويھجي آرام سک ڦٽل ھوندو پر شخصيت ۾ بي خوف آرام ۽ سڪون سان هوندو آهي پر تمام سنجيدہ هوندو آهي ڪڏهن بہ لاپرواهي نہ ڪندو آهي.
ڪي ماڻھو چوندا آهن تہ جيل ڪاٽڻ ڏکيو آهي اهو صرف انھن ماڻھن جوخيال آهي، جيڪي جيل ۾ بنا ڪنھن مقصد ۽ پروگرام جي جذباتي ۽ لاشعوري فيصلن جي ڪري ايندا آهن، جن کي پنھنجي ذميدارين جو ڪو بہ احساس نہ هوندو آهي، جيل ۾ سھولتون حاصل ڪرڻ جي لاءِ تمام ڪريل حرڪتون ۽ بزدلانا طريقا استعمال ڪندا آهن سڄو ڏينھن ننڊ جي چڪر ۾ جيڪا مشڪل سان ايندي اٿن وري ٻين کي تاثر ڏيڻ لاِءِ تہ اسين ڏاڍا خوش آهيون، عجيب عمل پيا ڪندا مثال طور، ناشتو وڏي ٺٺ سان ڪرڻ، هروڀرو روز ڪپڙا تبديل ڪرڻ، تيل پائونڊر ۽ سرمن جي وٺ وٺان سڄو ڏينھن آرسي جي اڳيا بيٺا هوندا، ٻين جي اڳيان ڦوڪيا ڪانڊاريا پيا گهمندا، اجايو فالتو ڇڙواڳ ۽ فضول، وتندا ٻانھون لوڏيندا پنھنجن مائٽن کي پيا گهٽ وڌ ڳالھائيندا، سڪون جون کوکليون دعوائون ڪندا ۽ رات جو اڪيلائي ۾ بستري ۾ پيا روئندا، اهڙي قسم جا جيڪي غير نظرياتي ماڻھو جيل ۾ اچن ٿا انھن لاءِ جيل واقعي وڏو عذاب آهي، جيل جي آدابن ۾ صرف اهي شاگرد سڪون سان رهن ٿا جيڪي ذهني طرح ميچوئر ۽ هيٺئين طبقي سان تعلق رکن ٿا، گهڻو ڪري انھن ۾ مستقبل مزاجي اعتماد ۽ بھادري هوندي آهي، باقي شاگرد اڪثر ڪري موقعي پرستي جھڙي عادت هجڻ ڪري ڦاسي جيل ۾ اچن ٿا ۽ پوءِ پيا پڇتائيندا آهن، جيل هڪ اهڙي چوديواري آهي جتي ماڻھو پنھنجي مرضي سان نہ هوندو آهي، اڪثر پنھنجي جذبن ۽ خواهشن تي جبر ڪري بيوس ٿي رهڻو پوندو آهي، اهڙي جاءِ تي جذباتي، غير نظرياتي ۽ وچئين طبقي جا نوجوان خاص طرح خواھشن جا غلام گهٽ پاڙھو، نفسياتي طرح ڍنڍ جي پکيءَ وانگر هوندا آهن ڪڏهن هن ڪپ تي تہ ڪڏهن هن ڪپ تي ڪڏهن انتھا جا بھادر تہ ڪڏهن ٽاپ جا بزدل هوندا آهن.

جيل ۾ پاڻ کي خوش رکڻ ۽ مستقل مزاجي سان رهڻ جو طريقو

جيل ۾ صرف اهي ماڻھو ڪاميابي سان ۽ خوشي سان رهي سگهن ٿا جيڪي پاڻ کي نظم ضبط ۽ ڊسيپلين جي طابع رکندا آهن، مثال طور ٽائيم ٽيبل مينٽين ڪرڻ ۽ ان ۾ ايمرجنسي کان سواءِ قطعي ڦير ڦار نہ ڪرڻ، ٽائيم سان اٿڻ، ٽائيم سان وهنجڻ، ٽائيم سان ماني کائڻ، گهڻو وقت مطالعو ڪرڻ ۽ لکڻ، ورزش ڪرڻ، ٽائيم سان پورو آرام ڪرڻ، ڪتاب پڙهي ان تي بحث مباحثو ڪرڻ، ڀوڳ مذاق ڪرڻ، ۽ دلچسپي سان راند کيڏڻ مطلب تہ پورن 24 ڪلاڪن جو شيڊول تيار ڪري پاڻ کي مصروف ڪري رکڻ لازمي آهي، جيڪو دوست جيل ۾ مٿئين ٽائيم ٽيبل مطابق وقت نٿو گذاري اهو ذهني خلفشار ۽ انتشار جو شڪار ٿي ويندو آهي، پوءِ هر عمل، هر ڪم کان بيزار ۽ بد ذھن ٿي ويندو جيڪا خاص طرح شاگردن جي گهڻائي ۾ اها بيماري آهي،پوءِ هر هنڌ ماحول خراب ڪيو ويٺا هوندا نہ پنھنجو نہ ڪنھن ٻئي دوست جو خيال ڪندا رڳو چڙچڙائپ، بد اخلاق ٻولي، اجائي لٻاڙ، صبح شام پنھنجي حيثيت ۽ اهميت جا پيا گيت ڳائيندا اهڙي قسم جون عادتون صرف غير نظرياتي ۽ علم دشمن دوستن ۾ گهڻيون آهن، ڇو تہ هڪ تہ اهي علم دشمن آهن علم دشمن ھجڻ ڪري سائنسي فلسفو تہ وٽن ھوندو ئي ڪون آھي جو نظرياتي طرح کين ڊسيپلين ۾ رکي سگهجي. نتيجن پاڻ بہ ويل ۾ ٻين جي لاء بہ آزار پيدا ڪيو ويٺا ھوندا آھن.

ڊي ايم ايل اي قاضي سعيدالدين جا شاگردن تي بد اخلاق الزام

اڄ 1982-05-29 تي هڪ عجيب واقعو رونما ٿيو، ڇا ٿيو جو هن وقت ڊويزن حيدرآباد جي ڊي ايم ايل اي قاضي سعيدالدين جيڪو اٽڪل ٽن سالن کان مسلسل هن جيل تي مقرر آهي، هن تازو پريس ڪانفرنس ڪندي هڪ صحافي جي سوال تي (ڇا جيڪي شاگرد ٽن سالن کان مسلسل جيل ۾ آهن جن کي سزائون، ڪوڙا، ٽارچر ۽ ڏنڊ جھڙا سڀ عمل ڪري چڪا آهيو مگر وري ٻڌڻ ۾ آيو آهي تہ جيڪي شاگرد جيلن ۾ آهن انھن جا امتحان نہ ورتا ويندا) ..؟ هن صاحب جواب ڏيندي چيو تہ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ فحش لٽريچر ۽ غير قانوني اسلحو موجود آهي اڃا بہ وڌيڪ ڇاپا هنيا ويندا جيڪي شاگرد جيلن ۾ آهن اهي شاگرد آزاد ڪرڻ جي مستحق نہ آهن، ڇو تہ اهي سڀ غنڊا آهن ڊي ايم ايل اي جو اهڙو بداخلاقي تي ٻڌل بيان سندس ذهن جي من گهڙت ڪھاڻي ۽ شاگردن تي بيھودو الزام آهي، افسوس ان ڳالھہ جو آهي تہ وري ڪنھن بہ ترقي پسند ۽ انقلابي پارٽي سندس اهڙي ڪوڙي ۽ بد اخلاق بيان جي ڪا بہ مذمت نہ ڪئي آهي، ڪالھہ وري تازو ڊي ايم ايل اي جو جيل انتظاميا کي ليٽر مليو آهي تہ ڪنھن بہ شاگرد کي امتحان ۾ ويھڻ لاءِ اسان جي اجازت کان سواءِ نہ موڪليو وڃي، ان جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي شاگردن جو مستقبل تباھہ ۽ برباد ڪرڻ جي بزدلاڻي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ويچارا هي غريب شاگرد جيڪي مسلسل فوجي ٽولي جي وحشيت ۽ بربريت جو شڪار آهن، هنن جو ڏوھہ اهو آهي تہ هنن صرف هنن جي خلاف آواز اٿاريو آهي تہ هنن ملڪ تي فوجي ٽولي ۽ سندس دلالن غير جمھوري طريقي سان قبضو ڪيو آهي، پاڪستان ۾ ڪير بہ ان ظلم خلاف آواز اٿارڻ وارو نہ آهي، جڏهن کان ڊي ايم ايل اي جو اهڙو آرڊر آيو آهي ان ڏينھن کان ڪيترن ئي شاگردن جا امتحان هلن پيا پر انھن کي امتحانن ۾ اپيئر نٿو ڪيو وڃي، جنھن ۾ ميڊيڪل جا شاگرد، انجنيئرنگ جا شاگرد ۽ ٻين مختلف شعبن ۾ پڙهندڙ شاگرد آهن، فوجين جي اهڙي اڍنگي رويي تي شاگرد پنھنجي مستقبل خاطر ڪجهہ بہ نٿا ڪري سگهن، مگر حڪومت بيوس بڻجي، بجاءِ انھن جي مرهمن تي پٽيون رکڻ جي مارشل لا حڪامن جي ذريعي شاگردن کي هيسائي ۽ ڊيڄاري ڇڏيو آهي، ان ڪري شاگرد سوچين ٿا تہ اڳي جيل ۾ بند آهيون وري وڌيڪ ظلم جو شڪار نہ ڪيو وڃي، ان ڪري ڪيترائي شاگرد امتحانن تان هٿ کڻي ويا آهن، مگر هڪ شاگرد جيڪو تازو اسان کان ڪاوڙجي ڪاري چڪر ۾ ويو آهي چاچا شمس الدين گوپانگ جيڪو ميڊيڪل جي ٻئي سال جو شاگرد آهي، جيڪو غريب هاري جو پٽ آهي سندس والد صاحب اوڌر تي پيسا وٺي سندس فارم ڀرايو آهي، هي دوست اٽڪل هڪ هفتي کان مارشل لا جي غير قانوني آرڊر جي خلاف بک هڙتال تي ويٺو آهي، سندس حالت ڏاڍي خراب آهي جيل انتظاميہ مارشل لا وارن سان رابطو ڪيو آهي، مگر هنن جواب ڏئي ڇڏيو آهي، هي نوجوان اڃان تائين بک هڙتال جاري رکيو ويٺو آهي سندس فيصلو آهي تہ مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جاري رهندي، هن نوجوان جو اهڙو فيصلو حقيقت تي مبني آهي، پر هڪ ظالم هجي تہ کڻي جدوجھد ۽ بک هڙتال ڪجي مگر هتي تہ ظالمن جو هڪ وڏو ٽولو رياست جي ارھہ تي چڙهي غريب شاگردن ۽ عوام تي ظلم ڪرڻ جا ڪيترائي نمونا استعمال ڪيا پيا وڃن، ان ڪري ضرورت ان ڳالھہ جي آهي تہ اهڙي ظلم خلاف گڏجي منظم نموني سان جدوجھد ڪجي، پر شاگرد بنا ڪنھن صلاح مشوري جي انفرادي نموني بک هڙتال تي ويھو رهن، جيڪو فيصلو جذباتي تڪڙو ۽ ڪابہ رزلٽ نہ ڏيڻ وارو آهي.
اڄ سکر بورڊ مان غوث علي شاھہ جي امتحاني سلپ اچي وئي آهي هن دوست جيلر حيدرالزمان سان ڳالھايو جيڪو مارشل لا وارو ڪردار ادا ڪندي فخر محسوس ڪندو آهي چيو تہ اها سلپ بوگز آهي، اسان توکي امتحان لاءِ سکر جيل نہ موڪليندا سين، سندس اهڙي رويي تي شاگردن ۾ تاءٌ پکڙجي ويو آهي ان ڪري فيصلو ڪيو ويو تہ اڄ احتجاجن کولين ۾ بند نہ ٿجي پر الاهي دوست اهڙي فيصلي کان لھرائين پيا ۽ ڪجهہ چون پيا تہ غوث علي شاھہ جذباتي آهي، اهڙن موقعن تي ذهن کان ڪم گهٽ وٺندو آهي، ان ڪري فورن تنظيمي ميٽنگ ڪرائي سون ۽ هن کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي سون، مٿان وري جيلر قريشي ۽ شيرازي اچي ويا جن سان مسئلي تي بحث ڪيو سين هنن چيو توهان تڪڙ نہ ڪيو اسان صبح مارشل لا وارن سان ڳالھائينداسين توهان هينئر بند ٿيو، سڀن کي اهو فيصلو بھتر لڳو ۽ بند ٿي وياسين.

غوث علي شاھہ ۽ نورالدين عباسي جو جهيڙو

11 آگسٽ 1982ع تي جئين ئي شنوائي تان موٽياسين تہ خبر پئي ڪجهہ شاگرد پاڻ ۾ وڙهيا آهن ۽ ڪجهہ گڙٻڙ ٿي آهي، جيئن ڪمري تي سامان رکي ويٺس تہ سڀ دوست ڦري ويا، چون پيا ڏاڏا تنھنجو انتظار هو،مون چيو ماني کائون پوءِ ميٽنگ ٿا ڪيون، اسان ماني کائي بس ڪئي تہ سڀ دوست اچي گڏ ٿيا، ميٽنگ هائوس جي ڊسيپلين تحت شروع ڪئي وئي، شير محمد مڱريو هائوس انتظاميا جو سيڪريٽري آهي، جنھن ڪارروائي هلائي پھريائين غوث علي شاھہ کي چيو ويو تہ ايمانداري سان جمھوري حق کي قائم رکندي ڳالھہ ٻڌائي.
غوث علي شاھہ چيو، آئون صبح جو پرچي کڻي وارڊ جي دروازي وٽ پھتس ۽ بيٺل جوابدار بھادر جمالي کي چيم تہ هي پرچي وڃي ڊپٽي کي ڏي تہ مونکي سکر جيل بدلي ڪيو وڃي، آءِ جي جيل جو آرڊر آهي، جوابدار چيو تہ اهو منھنجو ڪم نہ آهي، تنھن تي مونکي ڪاوڙ آئي سو واقعي مون غلطي سان کيس گاريون ڏنيون جنھن تي صالحين جو يوسف ڳاهو اچي وچ ۾ پيو ۽ تڪڙو ڳالھائڻ لڳو پوءِ ان کي بہ جذبات ۾ اچي گهٽ وڌ ڳالھايم محمد خان بہ مونسان گڏ هو عبدﷲ شاھہ بہ اچي وچ ۾ پيو جنھن جذبات ۾ ڳالھائيندي چيو تہ مري وياسين ھاڻ ھي يوسف بہ ٿو لئي ڪري پوءِ قمر ڀٽي، قربان ارباب ۽ غلام نبي پنھور مون کي گهلي کولي نمبر 14 ۾ دروازو بند ڪري سمجهائي رهيا هئا تہ نورالدين عباسي ڏاڍي ٽرڙائي ڪئي ۽ هنن کي وٺي هليو ويو، ان کان پوءِ امداد چانڊيو، محمد خان سولنگي، غلام نبي خشڪ ۽ عبدﷲ شاھہ مختصر ڳالھايو سڀني جون ڳالھيون غور سان ٻڌي هنن کان پڇيم تہ پوءِ هنن ڇا ڪيو؟ تہ امداد چانڊيو ٻڌايو تہ صالحين يڪدم خوف ۾ اچي سپرنٽينڊنٽ کي پرچي لکي تہ هتي وڏي خونريزي ٿيڻ واري آهي، فورن اچي ڪنٽرول ڪريو تہ سپرنٽينڊنٽ نورالاهي پنھنجي پوري اسٽاف سان اچي نڪتو اوچتو سيٽي وڳي اسين بہ وياسين، صالحين سڀ سپرنٽينڊنٽ کي چنبڙيو بيٺا هئا، جن ۾ قمر ڀٽي، ڊاڪٽر دودو مھيري، نورالدين، غلام نبي پنھور، قربان ارباب، الطاف تنيو ۽ يوسف ڳاهو وغيرہ قربان چيو تہ هنن کي هتي اسان جي وارڊ ۾ ڇو رکيو اٿو، دودي مھيري چيو تہ هي اسان سان ظلم ڪيو ويٺا آهن، سدائين اسان مٿان بالادستي ڪيو ويٺا آهن، اسان سان ناحق آهي، غلام نبي پنھور چيو تہ هي سڀ ورن ۾ ڇريون کنيو پيا هلن ان کان علاوہ هنن وٽ لوھہ جون سيخون ۽ ڏنڊا پيل آهن جن مان هر وقت اسان جي جان کي خطرو آهي، نورالدين ۽ الطاف چيو تہ غوث علي شاھہ کي وارڊ مان ڪڍيو وڃي سدائين سپاهين ۽ جوابدارن کي گاريون ٿو ڏي مطلب تہ هنن جيل انتظاميا وٽ وڏي بيحيائي جو مظاهرو ڪيو، ان کان علاوہ پاڻ سڀني ترقي پسند تنظيمن کي نيم حڪومتي ايجنٽ هجڻ جي الزام تراشي ڪئي، هنن سڀني چيو تہ اسين جيئي سنڌجا ڪارڪن آهيون، اسان سان ويل ختم ڪيو وڃي، عبدﷲ شاھہ يڪدم چيو تہ سائين جيئي سنڌ ۾ ٻہ گروپ آهن، اسين ليفٽ جا ۽ هي رائيٽ جا آهن تہ دودي مھيري چيو تہ نہ سائين اسين سڀ ليفٽ جا آهيون اسان جي مذهبي جماعت نہ آهي، پوءِ مون سپرنٽينڊنٽ کي چيو تہ سائين اسين پاڻ ۾ ٺھي ويندا سين سپرنٽينڊنٽ چيو اسين ٻاهر ٿا بيھون توهان ٺھي وڃو، هروڀرو اسان کي موقعو نہ ڏيو افسوس آهي توهان قومي ڪارڪن آهيو يا مشڪرا آهيو، پوءِ اسان چيو سائين اسان جو دوست سينئر ساٿي ڏاڏو متارو تاريخ تي ويو آهي اهو ايندو پاڻھي اسان جو فيصلو ڪندو، ان تي سپرنٽينڊنٽ چيو ٺيڪ آهي ڀلي ڏاڏو اچي اهو اچي فيصلو ڪري پوءِ سپرنٽينڊنٽ عملي سان گڏ هليو ويو، هاڻ جيڪا ڏاڏا تنھنجي مرضي.
مون چيو سڀني ساٿين کان راءِ ورتي وڃي واري واري سان سڀني دوستن راءِ ڏني تہ پھرين غلطي غوث علي شاھہ جي آهي ان لاءِ هن کي معافي وٺڻي پوندي ۽ ٻيو ڏوھہ صالحين جو آهي جو سپرنٽينڊنٽ کي لکيائون ۽ سڀئي ليڪا لتاڙي وڃي حڪومت وٽ شاگرد دوستن تي الزام هنيو آهي جيڪا اها هنن جي پراڻي عادت ۽ پاليسي آهي، بعد ۾ مونکي ۽ سليمان کي ڳالھين لاءِ مقرر ڪيو ويو، تقريبن چار بجي هنن سان ڳالھيون ڪيون سين هنن مان دودو مھيري ۽ عباسي آيا، اٽڪل ٻہ ڪلاڪ بحث مباحثي کان پوءِ نتيجو اهو نڪتو تہ پھرين غلطي غوث علي شاھہ جي آهي ان ڪري اهو معافي وٺي ۽ ٻي غلطي صالحين جي آهي پوءِ اهي معافي وٺندا ان لاءِ غوث علي شاھہ کي راضي ڪري باريڪ ۾ جنرل باڊي جي ميٽنگ ڪئي سون مون پھريائين دوستن کي ليڪچر ڏيندي ڳالھايو تہ اسان کي جيل ۾ ڪيئن رهڻ گهرجي ۽ انقلابي ڪارڪنن کي ڪھڙي معيار مطابق رهڻ گهرجي جي ٽاپڪس تي ليڪچر ڪرڻ کان پوءِ غوث علي شاھہ کي معافي وٺڻ لاءِ گهرايو ويو، هن سڀني جي سامھون معافي ورتي ۽ بعد ۾ نورالدين عباسي بہ سڀني جي سامھون معافي ورتي، اهڙي طرح سڀني کي ڀاڪر پارائي فيصلو ڪري پاڻ ۾ کير کنڊ ڪري ڇڏيوسين.

ڪجهہ دوستن هنڍي الڳ ڪري ڇڏي

اڄ 12 آگسٽ 1982ع تي سليمان ڏاهري، اسد گاڏهي، غلام نبي خشڪ ۽ خان محمد لغاري اسان کان هنڍي الڳ ڪري ڇڏي آهي صرف ان ڪري جو اسان وٽ ڪافي دوست غريب آهن، جيڪي سامان ٿورو ٿا آڻين يا پنھنجي کائڻ پيئڻ جو خرچ نہ ٿا ڏئي سگهن، ان ڪري مٿيان دوست هنڍي الڳ ڪرڻ لاءِ پڪو ارادو ڪري ويٺا آهن، هونئن بہ هنن تي ميار نہ آهي ڇو تہ جيتري برداشت جي قوت هئي اوستائين هليا اڃان بہ جي ڪوشش ڪن تہ گڏ هلي پي سگهيا پر هن سازش ۾ سڄي حرامپائي ايس ايس ٽي جي اسد گاڏهي ۽ خان محمد لغاري جساف ليفٽ جي آهي جنھن ورغلائي دوستن جو ذهن خراب ڪيو.
باقي غلام رسول زرداري، امداد چانڊيو، شير محمد مڱريو، نياز سومرو، غوث علي شاھ، عبدﷲ شاھ، ۽ محمد خان سولنگي مطلب غريب لڏو زندہ آباد مڙئي خير آهي دال ماني کائي ڪم هلائيندا سون.

دوستن جي مونسان ناراضگي

اڄ 21 سيپٽمبر 1982ع جو ڏينھن ڏاڍو دلچسپ گذريو صبح جو تيار ٿي مارڪسي فلسفو پڙهي رهيو هئس تہ اچانڪ امداد چانڊيو آيو چيائين تہ شمس، سانوڻ ۽ يوسف لغاري هن وارڊ مان وڃي رهيا آهن، حيرانگي مان پڇيم ڇو ؟ چيائين تو کان ناراض آهن، مون چيو ٺيڪ آهي جي مونکان ڪا ناراضگي اٿن تہ ڳالھيون ڪن، اگر جي آئون ڏوهي ٿي پيس تہ معافي وٺندس، امداد چيو تہ هو ڳالھين ڪرڻ لاءِ تيار نہ آهن، ايتري ۾ محمد خان لغاري آيو چيائين تہ شمس ڊپٽي ڏانھن ويو آهي تہ جيئن اسان کي بدلي ڪري ڪنھن ٻئي وارڊ ۾ رکيو وڃي، مون چيو اهو ٺيڪ نہ آهي اگر جي هنن هروڀرو ٻاراڻو ضد ڪيو آهي تہ آئون ئي انھن سان ملان ٿو، پوءِ امداد، غلام رسول ۽ آئون سندن ڪمري تي گڏجي وياسين، مون ڳالھہ شروع ڪئي تہ ادا ڏوھہ ڪنھن جو بہ آهي پر توهان کي وارڊ مان نہ وڃڻ گهرجي پوءِ کين مطمئن ڪرڻ لاءِ دليل ڏئي راضي ڪيم ايتري ۾ سپاهي ڀڄندو آيو چيائين ڏاڏا توکي ڊپٽي سڏي رهيو آهي، آئون يڪدم تيار ٿي ويس دوستن کي بہ راِضي ڪيو ويو، آئون ڊپٽي جي آفيس ۾ ويس اتي ڊاڪٽر بہ ويٺو هو ڊپٽي مون لاءِ ڪرسي گهرائي ڊپٽي چيو تہ شمس اڳئين چڪر مان هتي ڪنھن جي اجازت سان آيو هو..؟ چيم مون سپرنٽينڊنٽ کي چيو هو آئون ۽ عنايت وٺي آيا هئاسين، مون پڇيو تہ هينئر ڇا ٿيو آهي..؟ ڊپٽي چيو تہ شمس چوي ٿو مونکي ۽ ٻہ ٻيا دوست آهن انھن کي واپس چڪر ۾ موڪليو مون چيو اهڙي ڪا بہ ڳالھہ نہ آهي مان هن کي واپس وٺي وڃان ٿو آئندہ ائين نہ ٿيندو توهان مطمئن رهو ۽ آئون شمس کي واپس وٺي آيس ۽ سانوڻ کي بہ سمجهايم ٻئي همراھہ مطمئن ٿيا، پوءِ اچي ماني کاڌم اڃا مس کٽ تي ليٽيس تہ مٿان نثار بالادي جي پرچي آئي لکيائين تہ مون کي سپرنٽينڊنٽ گهرايو آهي، مونکي شڪ آهي تہ ڪٿي ناز سنائي اسان تي ڪو ڪوڙو الزام لڳايو آهي، مون جواب لکي موڪليو مانس تہ ٺيڪ آهي پريشان ٿيڻ جي ڳالھہ نہ آهي، تون سپرنٽينڊنٽ سان مل جيڪو بہ چئي اسان کي ٻڌاءِ ٿوري دير کان پوءِ شير محمد مڱريو آيو جنھن ٻڌايو تہ سپرنٽينڊنٽ ناز سنائي وارن کي چيو تہ توهان ڏاڏي متاري واري وارڊ ۾ رهو، هنن چيو تہ سائين اسين اتي ڪونہ رهندا سين اسان کي ڪاري چڪر ۾ رکو، مون کي ناز سنائي جي اهڙي رويي تي ڏاڍو افسوس ٿيو، پر هن تي ميار نہ آهي ڇو تہ ناز سنائي هن وقت سپرنٽينڊنٽ جو ويجهو آهي شاگردن جون سڀ رپوٽون سپرنٽينڊنٽ کي ڏيندو رهندو آهي، ان ڪري سندس اهڙي ڪردار تي هتي رهندڙ 30 شاگرد کيس نفرت جي نگاھہ سان ڏسندا آهن ۽ کيس پسند بہ ڪونہ ڪندا آهن، ڪيڏي نہ افسوس جي ڳالھہ آهي هي دوست اديب آهي پر سپرنٽينڊنٽ کي رپورٽ ڪندو آهي ۽ شاگردن مٿان ظلم ڪرائيندو آهي، سليم ديوار تي چڙهيو بيٺو هو کيس چيم توهان پرواھہ نہ ڪريو، اسين بک هڙتال ٿا ڪريون، هينئر ڀلي وڃو پوءِ مون امداد سان صلاح ڪري سپرنٽينڊنٽ ڏانھن هڪ درخواست لکي موڪلي بعد ۾ صالحين سان ڳالھايو سين دودي مھيري کي چيو سين تہ اسان جي دوستن گڏ جي فيصلو ڪيو آهي تہ اسان بک هڙتال ٿا ڪريون توهان جي ڇا مرضي آهي، هن چيو آئون دوستن سان ڳالھائي توکي ٻڌايان ٿو جيستائين ماني ايندي ان کان اڳ ڪو نہ ڪو فيصلو ڪري ٻڌائيندا سين، بعد ۾ اسان ايس ايس ٽي جي دوست سليمان ڏاهري سان ڳالھايو سين هن چيو ٺيڪ آهي جيڪا توهان جي مرضي پوءِ سليمان ۽ امداد غلام نبي خشڪ، خان محمد لغاري سان ڳالھائڻ ويا امداد چيو تہ هنن جو اهو موقف آهي تہ وارڊ جي چار رڪني ڪاميٽي فيصلو ڪري مطلب اڻ سڌي طرح انڪار پيا ڪن، ياد رهي تہ اسدگاڏهي، خان محمد لغاري، غلام نبي خشڪ ۽ سليمان ڏاهري اسان جي هنڍي مان صرف ان ڪري نڪري ويا هئا، جو هتي ڪافي غريب آهن جن جي ملاقات نہ ٿي اچي ۽ کين پيسا بہ ڪونہ ٿا ملن ان ڪري هنن جو کائڻ پيئڻ جو ڪو بہ سامان ڪونہ ٿي آيو، ٻيو تہ هي سياسي طرح شوشلسٽ گروپ جي خلاف آهن، بحرحال اسان فيصلو ڪيو تہ جيڪو بہ هڙتال ۾ شريڪ ٿي تہ ٺيڪ آهي نہ تہ اسين پاڻ هڙتال تي ويھون ٿا، آخرڪار چار بجي ماني آئي اسان ٽوٽل يارنھن ڄڻا جن ۾ امداد چانڊيو، شير محمد منڱريو، محمد خان، نياز، غوث علي شاھ، عبدﷲ شاھ، غلام رسول زرداري، سانوڻ، شمس، يوسف ۽ مون گڏجي ماني واپس ڪئي باقي ٻين سڀني ماني ورتي صالحين جساف ۽ موقعي پرست غلام نبي خشڪ، خان محمد لغاري، اسد گاڏهي ۽ سليمان ڏاهري وغيرہ، ماني وٺي کاڌي تقريبن شام جا پنج ٿيا تہ سپرنٽينڊنٽ مونکي آفيس ۾ گهرايو آئون سندس آفيس ۾ ويس ڊپٽي ۽ ٻہ جيلر ويٺا هئا، سپرنٽينڊنٽ چيو هينئر نہ باقي صبح جو توهان کي ٻئي همراھہ ملندا توهان بک هڙتال ختم ڪريو، مون چيو سائين پڪ ڏيو ائين نہ ٿئي تہ صبح جو وري ٻي ڳالھہ هجي سپرنٽينڊنٽ چيو نہ بلڪل پڪ آهي پوءِ آئون واپس آيس دوستن کي ٻڌايم تہ سپرنٽينڊنٽ پڪ ڏني آهي صبح همراھہ ايندا بھتر آهي تہ پا ڻ بک هڙتال ختم ڪريون سڀني دوستن چيو ٺيڪ آهي اگر سپرنٽينڊنٽ چوي ٿو تہ پوءِ بک هڙتال ختم ٿا ڪريون پوءِ سڀئي هڙتالي دوست ڪاميابي ۽ خوشي ۾ ٽپا ڏيڻ لڳا، ڪجهہ دوست پيشمان بہ ٿيا.
نوٽ 1982-09-22 تي نثار بالادي ۽ سليم حاجاڻو اسان جي وارڊ ۾ بدلي ٿي آيا آهن).

غلام نبي خشڪ ۽ غوث علي شاھہ جو جهيڙو

اڄ 25 سيپٽمبر 1982ع تي شام جو غلام نبي خشڪ ۽ غوث علي شاھہ پاڻ ۾ منھن ماري ڪندي هڪ ٻئي سان وڙهڻ جي ڪوشش ڪئي شام جو ٽائيم هو ماني کايو پنھنجي کولي جي اڳيان بيٺو هئس تہ ڪيڏي مھل گوڙ جو آواز ٿيو، آئون وڌي اڳيا ويس ڏسان تہ ڪجهہ شاگرد غلام نبي خشڪ کي تہ ڪجهہ غوث علي شاھہ کي جهليو بيٺا هئا ۽ غلام نبي ڏاڍو شور ڪري رهيو هو، وڃي پڇا ڪيم تہ ڇو وڙهيا آهن ڪجهہ دوستن ٻڌايو تہ غوث علي شاھہ پنھنجي ڪمري جي اڳيا بيٺو هو تہ غلام نبي ٻين جي غلط ڳالھين ٻڌڻ ڪري هن تي جارحاڻي طريقي سان حملو ڪيو ۽ کيس گاريون ڏيڻ لڳو چيائين اڙي تو منھنجي نالي منجهند جو گهٽ وڌ چيو آهي اها ڪٿان جي شرافت آهي ۽ شاھہ چئي رهيو هو مون ائين نہ چيو آهي باقي آئون ۽ غلام رسول پاڻ ۾ مذاق ڪري رهيا هئا سين، توکي ڪير غلط ٻڌائي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، بھرحال ٻنھين کي وچ ۾ پئي ڇڏايوسين، پر اڄ غلام نبي ڏاڍي غيرذميداري جو مظاهرو ڪيو، بعد ۾ خبر پئي تہ سانوڻ هنڱوري، غوث علي شاھہ جي نالي سان غلام نبي کي ڪوڙ هڻي چيو آهي جنھن تي خشڪ اعتبار ڪري اهڙو عمل ڪيو.

هڪ انقلابي شاگرد کي جيل ۾ ڪيئن رهڻ گهرجي

اڄ 26 سيپٽمبر 1982ع تي صبح جو ڪمرو صاف ڪري روم نمبر 3 تي نثار بالادي ڏي ويس ان سان ڪچھري ڪري رهيو هئس تہ غلام نبي خشڪ آيو سڏ ڪري چيائين تہ ڏاڏا توسان ٻہ منٽ ڳالھائڻو آهي ٻئي سندس ڪمري نمبر 9 تي آياسين، هن ڪالھوڪي واقعي تي پنھنجي غلطي جو اعتراف ڪندي ڳالھايو تہ اڳ ۾ مون ڪڏهن بہ جيل جي زندگي ۾ اهڙي غلطي نہ ڪئي آهي، ڏاڏا تون اسان جو وڏو آهين فيصلو ڪر، جيڪو بہ ڏوهي هوندو اهو معافي وٺندو پوءِ مون هن تي ڪافي تنقيد ڪئي جن ۾ هنن هنڍي الڳ ڪئي ۽ پنھنجن تنظيمي ساٿين سان نہ ڳالھائڻ ۽ ٻين بہ ڪيترن ئي ننڍڙن ننڍڙن مسئلن تي کيس سمجهاڻي ڏنم تہ جيل ۾ ڪيئن رهڻ گهرجي وغيرہ مٿان غلام رسول زرداري ۽ خان محمد بہ اچي ويا، ٿوري دير ۾ وري سڪندر ابڙو ڀڄندو آيو سڏڪندي چيائين ڏاڏا اڄ صبح غوث علي شاھہ مون کي پنھنجي کولي جي اڳيان هروڀرو گاريون ڏئي ويو آهي، ٻڌايو هاڻ اسين ڇا ڪريون..؟ اسين توکي دانھن ڏيون ٿا، اسان جو فيصلو ڪر...؟ مون کيس مطمئن ڪيو کيس چيم غوث علي شاھہ سان ڳالھايون ٿا اگر جي هن جو قصور هوندو تہ هن کان حساب ڪتاب وٺندا سين بعد ۾ طئہ ڪيوسين تہ منجهند جي مانيءَ کان پوءِ تنظيمي ميٽنگ ڪري سڀني مسئلن تي غور ڪندا سين ۽ کين حل بہ ڪندا سين، منجهند جو ٻہ بجي خان محمد جي ڪمري نمبر 4 تي تنظيمي گڏجاڻي ڪوٺائي سون، جنھن ۾ غلام رسول زرداري، شمس گوپانگ، سڪندر، غلام نبي، خان محمد، عبدﷲ شاھ، يوسف لغاري ۽ مون شرڪت ڪئي، ڪارروائي غلام رسول زرداري هلائي ۽ پھريائين مونکي چيائون تہ تون مسئلن تي روشني وجهہ مون ڳالھائيندي خاص طرح ان ڳالھہ تي زور ڏنو تہ هڪ انقلابي ڪارڪن کي جيل ۾ ڪيئن رهڻ گهرجي، جيڪي ماڻھو تنظيم ۾ رهندي انقلابي مقصد ۽ حاصلات لاءِ جيل اچن ٿا انھن مٿان کوڙ ساريون ذميداريون عائد ٿين ٿيون مگر افسوس سان چوڻو ٿو پوي تہ پاڻ سڀ ذميدارين کي قبول ئي ڪونہ ٿا ڪريون، ڪوبہ ڊسيپلين مينٽين ڪونہ ٿا ڪريون، اهو ئي سبب آهي جو اسين پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهيون، اگر ٽائيم ٽيبل سان جرئت سان، شوق سان، همٿ سان انقلابي مقصدن کي سمجهي جيل ڪاٽيون تہ ڪڏهن بہ هڙا خسيس عمل جنم نہ وٺندا آهن، پاڻ کي جيل ۾ رهي پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻو آهي، ڊسيپلين مينٽين ڪري پوري دنيا جي علمن کي اسٽڊي ڪرڻ جو موقعو آهي اسٽڊي ڪري پاڻ کي ذهني طور تي هٿيار بند ٿي ظالمن، جابرن، لٽيرن پيٽي بورجوازي وڏيرن ڊڪٽيٽرن جرنلن سان مقابلو ڪرڻو آهي، کين تسليم ڪرائڻو آهي تہ توهان جي هڪ ننڍڙي اڪثريت پوري قوم کي يرغمال ڪيو، انھن جو استحصال ڪري رهي آهي اهڙن حرامخورن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ پاڻ کي فزيڪلي ۽ مينٽلي هٿيار بند ٿيڻ لاءِ جيل تمام مناسب جڳھہ آهي، جتي پاڻ بھترين سياسي ڪارڪن ٿي سگهون ٿا، پر هتي پاڻ ڇا ڪري رهيا آهيون هڪ ٻئي سان اهي ئي رويا جيڪي تمام خسيس پڻي تي مبني آهن، اهڙيون حرڪتون انقلابي ليڊر نہ پر ڪرمنل مائينڊ قيدي ڪندا آهن، ان ڪري اچو تہ پاڻ ۾ جيل ۾ رهڻ جي خود اعتمادي پيدا ڪريون، پنھنجي پاڻ کي پنھنجي ضمير جي عدالت ۾ کڙو ڪريون تہ آيا جنھن مقصد خاطر اسين جيل ۾ آهيون ان تي پورا آهيون يا ٿڙي رهيا آهيون، ائين پنھنجو پاڻ احتساب ڪري گوريلا ۽ ذهين ڪارڪن ٿيون، جيئن پنھنجي قوم جي تقدير بدلائي سگهون، ائين پورو اڌ ڪلاڪ مسلسل دوستن کي ليڪچر ڏنو کين بريف ڪيو پوءِ آخر ۾ ڪجهہ ضابطا ٺاهي انھن تي سڀني کان سگنيچرس ورتيون ۽ سڀني کان حلف نامون کڻايو ويو تہ مستقبل ۾ جيڪو بہ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندو ان کي سزا ڏني ويندي ۽ تنظيمي ڊسيپلين ۾ ان کي اها سزا قبول ڪرڻي پوندي، ان کان پوءِ ڪاوڙيل دوستن کي پاڻ ۾ ڀاڪر پارايا ويا ۽ آخر ۾ ميٽنگ ختم ڪندي اهو فيصلو ڪيو ويو تہ هر پندرهن ڏينھن کان پوءِ ميٽنگ ڪري پنھنجي جيل جي زندگي تي ڳالھائي تنقيدي جائزو ورتو ويندو اها ميٽنگ گهرائڻ لاءِ غلام رسول ۽ غلام نبي کي مقرر ڪيو ويو ۽ ميٽنگ ختم ڪئي وئي.

نورالدين عباسي ۽ نثار بالادي آزاد

اڄ 1982-09-27 تي جيئي سنڌ جو نورالدين عباسي مھراڻ يونيورسٽي جو شاگرد آزاد ٿي ويو آهي، کيس سندس عزيزن سفارش سان آزاد ڪرايو آهي، کيس هڪ سال قيد ۽ ڏھہ ڪوڙا هئا کيس ڪوڙا لڳايا ويا هئا، اڄ رات عيدالاضيٰ آهي شام جو گورنر سنڌ ايس ايم عباسي سنڌ صوبي جي قيدين لاءِ هڪ مھينو معافي جو اعلان ڪيو، نتيجي ۾ هن جيل تان ڪجهہ قيدي آزاد ٿيا آهن، انھن ۾ اسان وٽان نثار احمد بالادي آزاد ٿي ويو آهي، هن کي اسان جي وارڊ ۾ آئي ٻہ ٽي ڏينھن ٿيا هئا، هن کي اغوا جي ڪيس ۾ هڪ سال قيد ۽ ڏھہ ڪوڙا هئا جيڪي کيس لڳايا ويا هئا، هي دوست ترقي پسند خيالن جو بااخلاق ۽ عوامي حقن لاءِ سچائي سان پاڻ پتوڙي جدوجھد ڪري رهيو هو، هي دوست جيل ۾ تمام گهڻو بردباريءَ ۽ همٿ سان رهيو.

عيدالاضيٰ/ٰقرباني واري عيد

اڄ 28 سيپٽمبر 1982ع تي عيدالاضيٰ يعني قرباني جي عيد آهي هي ڏينھن دنيا جي سڀني مسلمان ملڪن ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان خوشين ۾ ملھايو ويندو آهي، جڏهن تہ پاڪستان مسلمان ملڪ هجڻ ڪري هن عيد تي ٽي ڏينھن عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي، ياد رهي تہ هيءَ عيد مون کي پنھنجي گهر ۽ ٻچن کان ڏور ستين ۽ جيل ۾ ڇھين آهي، جيل ۾ مون کي مسلسل 33 مھينا ٿي ويا آهن.
اڄ صبح جو سويل اٿي معمول مطابق ورزش ڪري عيد جي نماز پڙهڻ لاءِ تياري ڪيم، شيو ڪرڻ بعد بوٽ پالش ڪري باٿ ڪيم ۽ ڌوتل ڪپڙا پائي تيار ٿيس، جعمدار آيو چيائين جلدي ڪيو نماز جو وقت 8 وڳي آهي، دوستن کي وڏي آواز سان سڏيم، هونئن تہ سڀ عيدون مون پراڻي ڪورٽ ۾ پڙهيون آهن، مگر هن عيد تي جيل وارن نماز جو بندوبست اسان جي وارڊ ۾ ڪيو آهي، پوءِ آئون ۽ امداد چانڊيو عيد جي نماز ادا ڪرڻ لاءِ کولين جي سامھون وياسين سامھون ڪجهہ قيدي ۽ شاگرد نماز ادا ڪرڻ لاءِ ويٺل هئا ۽ مولوي جمالي تقرير ڪري رهيو هو، هونئن تہ جيل وارا بند وارڊ قيدين کي نماز پڙهڻ جي اجازت ڪونہ ڏيندا آهن، مگر نماز جو هتي بندو بست هجڻ ڪري اسان جي ڀر واري وارڊ ۾ رهندڙ ڪراڙو چانڊيو ۽ سندس چار ساٿين کي بہ نماز جي اجازت ڏني وئي هئي ياد رهي تہ ڪراڙو چانڊيو ۽ سندس ساٿين تازو جيل ۾ ڪاري چڪر ۾ بہ هڪ قتل ڪيو آهي، هنن کي ڏنڊا ٻيڙيون لڳائي پوءِ نماز لاءِ آندو ويو آهي، وڏي عرصي کان پوءِ نماز جي بھاني نڪتل هي بند قيدي ويچارا اهڙا تہ خوش ٿي رهيا آهن ڄڻ ڪنھن شادي ۾ شريڪ ٿي رهيا آهن، ان کان علاوہ محبت مري بہ بند قيدي آهي جيڪو اٽڪل ٻہ ٽي سالن کان قيد تنھا ۾ آهي، جنھن تي ڪيترن ئي خونن ۽ ڌاڙن جا ڪيس آهن ان کي بہ نماز پڙهڻ لاءِ آندو ويو هو، جماعت ڀرسان پھچڻ شرط ڏٺم تہ شيرازي جيلر ۽ اٽڪل پندرهن سپاهي ۽ ٻہ ٽي جمعدار سڄي جماعت کي گول گهيرو ڪيو بيٺا آهن، اهو منظر مونکي اهڙو تہ ڏکيو لڳو جو پھريائين سوچيم تہ جيلر جي بي عزتي ڪريان تہ پوليس جي تحويل ۾ لٺين ۽ بندوقن سان نماز پڙهائڻ ڪٿان جو اسلام آهي، ان ڪري ڪاوڙ ۾ اچي جيلر سان ڳالھايم تہ هي ڪھڙي شرافت آهي توهان جيل وارا بہ ڊڪٽيٽر ضياءُلحق واري فوجي پاليسي سان يڪجھتي جو مظاهرو ڪري رهيا آهيو، جو مظلوم قيدين کي لٺين ۽ پوليس جي پاور کي استعمال ڪندي دٻائي هيسائي نماز پڙهائي رهيا آهيو، ان ڪري مھرباني ڪري پوليس کي فورن هتان هٽايو ٻي صورت ۾ اسين نماز نٿا پڙهون پھريائين جيلر ڊيگهہ ڪئي تہ هي جيل ڪسٽيڊي آهي، هتي اهو ئي قانون هوندو آهي ڀلي توهان نماز نہ پڙهو، هن جي اهڙي رويي ۽ ابتي ڳالھہ تي مونکي وڌيڪ چڙ لڳي پھريائين سچي پچي آئون تيار ٿي ويس تہ سڀني شاگردن کي اٿاريان ٿو تہ اچو تہ عيد نماز جو بہ بائيڪاٽ ٿا ڪريون پر ايتري ۾ جيلر سپاهين کي ٻاهر نڪري وڃڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ پاڻ ڪاوڙ ۾ اهو چئي هليو ويو تہ آئون وڃي سپرنٽينڊنٽ کي رپوٽ ٿو ڪريان تہ خطرناڪ قيدين لاءِ پوليس بيھاريم پر شاگرد اعتراض ٿا ڪن، مٿان امداد چانڊيو چيس تہ ها ڀلي تون وڃي رپوٽ ڪر اسان پاڻھي فيس ڪنداسين.
بھرحال نماز شروع ٿي احترام سان نماز ادا ڪئي وئي، مگر ڪجهہ شاگردن رڳو رسمي طور تي نماز ادا ڪئي، مڙئي سوسائٽي جي عقيد مطابق نماز ۾ بيٺا هئا، ڪنھن مان بہ اهو تاثر نہ ملي رهيو هو تہ هي عقيدي ۽ روحاني جذبي سان نماز پڙهي رهيو آهي، بعد ۾ مولوي صاحب خطاب ڪيو ۽ دعا گهري وئي جماعت ۾ شاگردن چيو تہ مظلوم فلسطين جي حق ۾ ۽ ضياءُالحق جي خلاف دعا گهري وڃي پر مولوي دعا نہ گهري، ايتري ۾ اتي بيٺل جمعدار چيو تہ سپرنٽينڊنٽ ٻاهر بيٺو آهي بند ڪرڻ وارن قيدين کي ڇڏيو تہ کين بند ڪيون اسان ڪوشش ڪئي تہ کين چانھہ پياريون مگر انھن کي رڳو ملڻ مس ڏنو ويو، پوءِ کين زوري وٺي وڃي بند ڪيو ويو، ان کان پوءِ اسين واپس اچي کولي ۾ ويٺاسين، ٿوري دير کان پوءِ آئون امداد، شير محمد، سليم ۽ هڪ ٻہ ٻيا دوست ٻاهر وارڊ مان نڪتا سين، سڌا بي ڪلاس ۾ وياسين اتي صحافي نثار چنا ۽ صديق پنجابي راولپنڊي واري سان ملياسين انھن وٽ چانھہ پي واپس ٿياسين جيل جي ماڙي تي ڊيوٽي تي جيلر آغا نور ﷲ کي دعوت ڏئي قيدين کي گهرائڻ لاءِ لسٽ ڏني سون، جنھن ۾ اٽڪل 80 قيدين جا نالا هئا انھن جي منجهند جي ماني عيد جي دعوت جي خيال کان اسان پنھنجي وارڊ ۾ ڪئي جيلر سپرنٽينڊنٽ ڏانھن ويو ٿوري دير ۾ سپرنٽينڊنٽ نورالاهي شيخ آيو ۽ هٿ ڏئي چيائين هلو تہ اڄ آئون بہ توهان سان ڪچھري ڪريان ٿو، پوءِ هي اڳيان ٿيو سڀ گڏجي پنھنجي وارڊ ۾ داخل ٿياسين جتي باريڪ اڳ ۾ سينگاريل هئي اتي ريڊيو فل آواز ۾ وڄي رهيو هو، جمعدار ڊوڙ ڪري وڃي ريڊيو بند ڪيو، سپرنٽينڊنٽ هلي باريڪ ۾ ويٺو، ويھڻ شرط هن اسان سان نظرياتي بحث ڪرڻ شروع ڪيو ۽ تسلسل سان دليل بازي ڪرڻ لڳو تہ اسلام هڪ ضابطہ حيات وارو نظريو آهي بنيادي طرح قرآن ۽ حضرت محمد صلي ﷲ واليه وسلم جو ڪردار انسان ذات لاءِ وڏي رهنمائي آهي مگر ان کان پوءِ قابض گروپن اسلام جي هي شڪل تشڪيل ڏني آهي، هن جو مطلب هو تہ اسلام سٺي عمل جو نالو آهي پر هتي جا قابض گروپ پنھنجي طبقاتي مفادن لاءِ اسلام جھڙي بھترين نظام کي استعمال ڪري رهيا آهن وڌيڪ هن انقلاب تي تنقيد ڪندي ڳالھايو تہ شوشل ازم بہ اسلام جو حصو ۽ اقتصادي پروگرام آهي، هن سان ا مداد چانڊيو ڏاڍي ڏي وٺ ڪئي امداد چيو تہ شوشل ازم جي فتح ۽ دنيا جي ضروري ۽ بنيادي مسئلن جو صحيح حل سائنسي شوشل ازم مان ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو، اسلام جنھن وقت اڀريو ان وقت انھن حالتن مطابق اسلام ترقي پسند قدم هو، هاڻي انسان هن جديد دور ۾ وڃي آسمان تي پھتو آهي، بحث ۾ دودو مھيري بہ مختصر حصو ورتو، اسين سڀ خاموشيءَ سان ٻڌي رهيا هئا سين تہ قمر ڀٽي اختلاف ڪندي چيو...! تہ اسلام کي آئون ضابطہ حيات نٿو سمجهان ۽ خاموشي سان وائڙو ٿي ويھي رهيو، مطلب هن سپرنٽينڊنٽ سان اختلاف ڪيو، بھرحال مني ڪلاڪ تائين بحث هليو، ان کان پوءِ سپرنٽينڊنٽ موڪلائي هليو ويو ۽ ويندي چيائين توهان ڀلي قيدين کي گهرايو پوءِ آئون نياز سومرو کي پاڻ سان گڏ وٺي ويس ماڙي جي سامھون قيدين جي لسٽ پيش ڪري آيس جيڪي قيدي دوست هئا انھن کي گهرائڻ لاءِ منشي کي موڪليو سين ٿوري دير ۾ ٽولا قيدين جا اچڻ شروع ٿي ويا، سڀني سان اخلاق ۽ نوڙت سان ڀاڪر پائي ملياسين، کين پنھنجي وارڊ ڏانھن موڪليندو ويس اتي غلام رسول زرداري، خان محمد لغاري ۽ قربان ارباب جيڪي وارڊ جي گيٽ تي دوستن جو آڌر ڀاءٌ ڪري رهيا هئا، اهي وري کين باريڪ ۾ موڪليندا ويا اتي وري سليمان ڏاهري، غلام نبي خشڪ، محمد خان سولنگي ۽ سليم حاجاڻو سندن آڌر ڀاءُ ڪري رهيا هئا ۽ جيڪو بہ مھمان ايندو ويو تنھن کي چانھہ پيش ڪندا ويا، پريو مري جنھن کي 60 سال سزا آهي جيڪو 18 سال ڪاٽي چڪو آهي جنھن تازو اڍائي مھينا بک هڙتال بہ ڪئي هئي سندس مطالبو هو تہ کيس بند وارڊ مان ٻاهر ڪڍيو وڃي سندس مطالبو مڃيو ويو، اهو بہ اسان جي دعوت تي آيو مڙس صفا هلڪڙو آهي پر سندس انفرادي بھادري سڄي سنڌ جي جيلن ۾ مشھور آهي، ان کان علاوہ دائود ماڇي جنھن کي 139 سال سزا آهي ۽ 22 سال ڪاٽي چڪو آهي، پاڪستان جي اسٽيٽ جي ڪيڏي نہ ظالماڻي روش آهي، انسان جي عمر وڌ ۾ وڌ 60، 70 يا کڻي 80 سال تائين ٿئي ٿي، پر سزا وري 139 سال حيف هجي پاڪستان جي حڪومت ۽ قانوني ٺيڪيدارن کي جن انسان جي توهين ڪرڻ جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، بھرحال ٻيا بہ ڪئين بھادر نوجوان آيل هئا، جڏهن سڀ دوست اچي ويا تہ پوءِ دوستن مونکي ۽ امداد چانڊيو کي چيو تہ هاڻي ڪم شروع ڪجي، پوءِ پنھنجي وارڊ ۾ آياسين اچڻ شرط مون ڪارروائي شروع ڪئي، سڀني دوستن کي خاموش رهڻ جو چئي شاھہ جي بيت سان پروگرام جي شرعات ڪيم، تقريبن 100 مھمانن کي اعلان ڪري ٻڌايم تہ پھريائين اسين سڀ محفل موسقي جو پروگرام ڪندا سين بعد ۾ ماني کائيندا سين ۽ آخر ۾ والي بال راند رهندا سين، ان کان پوءِ فنڪار دوست جيڪي جيل ۾ مشھور آهن، انھن ۾ محفل جا مور نور محمد سومرو، رسول بخش پنھور، محبوب ٻرڙو ۽ نصرﷲ چنڊ هئا جن کي نمبر وار اسٽيج تي گهرايم ۽ وڄت تي حضوربخش گائنچو، ۽ قربان ارباب کي چيم، اهي بہ اچن ايتري ۾ سڄي حال مان دوستن چيو تہ مٽ تي ڏاڏو متارو بہ سنگت ڪري پوءِ آئون بہ بنا ڪنھن حجاب جي مٽ کڻي فنڪارن سان شامل ٿي ويس ۽ انائونس منٽ لاءِ محمد خان سولنگي کي چيم پھريائين نور محمد سومرو ٻہ ڪلام چيا جن دوستن کي جهومائي وڌو پوءِ وري رسول بخش پنھور ٻہ ڪلام ڳايا ان کان پوءِ محبت ٻرڙي ۽ نصرﷲ چني ٻہ ٻہ ڪلام ڳايا محفل سڀني کي ڏاڍو لطف اندوز ڪيو گهڙي کن لاءِ دوستن کان جيل وسري ويو، ڄڻ ڪنھن شادي جي محفل ۾ ويٺا هجن، آيل مھمان قيدين فرمائش ڪئي تہ شاگرد بہ ڪلام ٻڌائين انھن جي فرمائش تي مون، امداد چانڊيو، محمد خان سولنگي ۽ قربان ارباب گڏجي ٻہ ڪلام چيا قيدين ڏاڍو داد ڏنو ايتري ۾ غلام نبي خشڪ چيو تہ ماني تيار آهي اچو ماني کائو، آئون جلديءَ ۾ اٿي غلام نبي سان گڏ ماني واري جڳھہ تي آيس سراسري جائزو ورتم تہ ڪا ڪمي پيشي نہ هجي، مطمئن ٿيڻ کان پوءِ دوستن کي چيم ماني کارائڻ لاءِ صرف پنج ماڻھو بيھن باقي رش نہ ٿئي پھريائين اڌ دوستن کي ٿا کارايون ۽ باقي دوستن کي ٻي شفٽ ۾ ٿا کارايون مون اچي سنگت کي گذارش ڪئي تہ صرف اڌ دوست اچن ۽ ماني کائين محفل ڀلي پئي هلي باقي اڌ دوستن کي ٻي شفٽ ۾ ٿا کارايون، پوءِ آئون اڳيا ٿيس دوستن کي ماني جي جڳھہ تي وٺي آيس اهڙي طرح سڀني دوستن کي شان ۽ شوڪت سان ماني کارائي سون، انھن جي سڄي سروس ۾ سليمان ڏاهري، غلام نبي خشڪ، اسد گاڏهي، محمد خان سولنگي ۽ سليم حاجاڻو خاص قسم جو ڪردار ادا ڪيو، جيڪي دوست ماني کائي اٿي رهيا هئا انھن جي هٿ ڌورائڻ لاءِ ٻہ شاگرد مقرر ڪيا هئم جڏهن سڀني دوستن ماني کائي بس ڪئي تہ اعلان ڪيم تہ ماني کائي مھمان ڀلي هلي کولين ۾ ويھن، وري ٿانوَ ڌورائي ٻي شفٽ لڳائي سون اهڙي طرح سڀني قيدين کي سٺي نموني ماني کارائي سون پر سڪندر ابڙو ۽ شاھہ جھان شاھہ جيڪي وڏيرا آهن زوريءَ زنا جي ڪيس ۾ ٽي سال سزا اٿن، جيڪي شاگردن جي روپ ۾ ڇپ هنيو ويٺا آهن، انھن ٿوري وڏيرڪي نفسيات جو مظاهرو ڪيو يعني پئسن جو استعمال ڪري ڪجهہ قيدين کي الڳ نموني سان ماني کارائي مونکي تمام گهڻو برو لڳو، پر عيد جو موقعو هو ان ڪري ماحول خراب نٿي ڪرڻ چاهيم، سو چپ رهيس، سڀني دوستن کي ماني کارائي پوءِ اسان شاگردن ماني کاڌي هوڏانھن والي بال راند جي بہ شروعات ٿي وئي ميدان تي ڇٽڪار ڪرائي سون رانديگر بہ ميدان ۾ اچي ويا، مقابلو شاگرد قيدين ۽ ٻين قيدين جي وچ ۾ هو، ڇو تہ اڳين رمضان جي عيد تي اسان اڇي چڪر ۾ قيدين کي راند ماري آيا هئاسين، امداد چانڊيو سينٽر تي ۽ آئون بيڪ سائيڊ سينٽر تي بيٺاسين، ڏاڍو راند مزو ڪيو مگر سامھون سج هجڻ ڪري پھرين راند اسان هارائي وياسين ۽ ٻي راند اسان کٽي پر ٽين راند اسان هارائي ان ڪري هڪڙي پوائنٽ تي هو اسان کان کٽي ويا، باقي قيدي دوست ٻاهران هجوم جي صورت ۾ راند ڏسي ۽ داد ڏئي رهيا هئا نيٺ راند شام جو ساڍي پنجين بجي ختم ڪئي سون پوءِ سڀني قيدين کان دروازي تي موڪلائي کين وڃڻ جي اجازت ڏني سون، اسان سڀ واپس پنھنجي کولين ۾ اچي وياسين پوءِ دوستن کان معلوم ڪيم اڄ عيد جو ڏينھن ڪيئن گذريو سڀني چيو واھہ سائين واھہ اهڙي عيد ٻاهر بہ نہ ٿئي ها، منھنجي هميشہ اها ڪوشش رهي آهي تہ جيل ۾ ڪچن قيدين ۽ اجايو سوچن ۾ پريشان ٿيندڙ دوستن جي همٿ افزائي ڪجي تہ جئين هو مصيبت ۾ اڪيلائپ جو شڪار ٿي ڊپريشن جو شڪار نہ ٿي وڃن، ان ڪري هر عيد تي ڪوشش ڪندو آهيان تہ عيد خوشي جوش سان ملھائي وڃي، جيئن سڀ دوست احساس ڪمتري ءَ جھڙي موذي بيماري مان نجات پائي سگهن، مون هن جيل ۾ تقريبن ست ٻڪرا عيدون گذاريون آهن، مون پوري ڪوشش پئي ڪئي آهي تہ شاگرد قيدين ۽ عام قيدين کي پاڻ ۾ ويجهو آڻي انھن ۾ رلي ملي قيد جي زندگي گذارڻ جو ڍنگ پيدا ڪجي تہ جيئن ڪير بہ قيدي پاڻ کي اڪيلو نہ سمجهي ۽ بااعتماد نموني سان جيل جي زندگي کي منھن ڏئي، ٻيو تہ تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ شاگرد عام قيدي کان نفرت ڪندا آهن، کين ڪرمنل، دهشتگرد وغيرہ سمجهي ساڻن ويھڻ بہ پسند نہ ڪندا آهن مگر ڪير بہ اهڙو ڏکيو ۽ بيڪار ڪم پنھنجي مرضي سان نہ ڪندو آهي، ان پويان ڪئين ڪھاڻيون ۽ سماجي رويا هوندا آهن جن جي ڪري ماڻھو مجبور ٿي اهڙي قسم جا عمل ڪري ٿو، ان ڪري منھنجي اها ڪوشش رهي آهي تہ شاگرد دوست انھن قيدين کان نفرت نہ ڪن کين بہ انساني حيثيت سان ڏسن مون کي فخر آهي تہ جيل ۾ آئون ڪجهہ شاگرد ساٿين جي مدد سان اهڙو بھترين ماحول ڪنھن حد تائين پيدا ڪري چڪو آهيان، تقريبن هڪ هزار جيل جا قيدي هڪ ٻئي کي سمجهن ٿا ۽ پاڻ ۾ رلي ملي رهڻ کي پسند ڪن ٿا، ڇو تہ اسان شاگردن ڪوشش ڪري ڪتابن وسيلي، تقرير ۽ تحرير وسيلي قيدين ۾ اهڙا باهمي تعلقات پيدا ڪري چڪا آهيون، جيڪي هر ڏکئي وقت ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪن ٿا.

غيرت جو ڏينھن

اڄ 02.10.1982 غيرت جو ڏينھن آهي، 02.10.1978 ۾ سنڌ جي هڪ نياڻي شيرين سومرو سان هڪ فوجي ميجر ڪفايت ﷲ ريپ ڪيو هو، ان جي ري ايڪشن ۾ سنڌ يونيورسٽي، مھراڻ يونيورسٽي ۽ ايل ايم سي جي شاگردن احتجاجي جلوس ڪڍيو، جنھن مٿان فوجي وحشي دردن فائرنگ ۽ شيلنگ ڪرڻ شروع ڪئي، جواب طور شاگردن بہ مزاحمت ڪئي، نتيجي هڪ فوجي سپاهي مري ويو، بھرحال جيل جي خاص حالتن ۾ اسين هر سال اهو ڏينھن قومي طرح ملھائيندا آهيون، مگر افسوس جو اڄ اهو ڏينھن صرف ان ڪري نہ ملھائي سگهياسين جو هتي رهندڙ تنظيمن مان جيئي سنڌ (جي ايم سيد) گروپ جا رهندڙ شاگرد جيل ۾ ايترا تہ اچي بيزار ۽ بزدل ٿيا آهن جو سڄو ڏينھن نہ پڙهن ٿا نہ لکن ٿا ۽ نہ ئي وري ڪا سياسي ڄاڻ حاصل ڪن ٿا الٽو سازشون،غلائون ۽ شوقيه ڳالھين تي فضول بحثن ۾ وقت گذاريو ڇڏين ان ڪري هن ڏينھن کي ملھائڻ لاءِ ڪنھن بہ دلچسپي نہ ڏيکاري نتيجي ۾ ٽائيم ويو گذري.

هڪ شرمناڪ واقعو ۽ جهيڙو

اڄ 2 آڪٽوبر 1982ع ساڳئي ڏينھن تي جيل جي زندگي ۾ اهڙو شرمناڪ واقعو منھنجي اڳيان ڪڏهن بہ پيش نہ آيو، هونئن تہ شاگرد ٿورڙي گهڻي ڳالھہ تان پيا وڙهندا ۽ جهڳڙندا آهن، مگر اڄ جو منظرئي ڪجهہ ٻيو هو، ٿيو هيئن تہ صالحين جي هڪ ميمبر غلام نبي پنھور جو سندن تنظيم جي الطاف تنيو، قمر ڀٽي ۽ قربان ارباب سان ضد ۽ جهيڙو ڪيترن ئي ڏينھن کان هلندڙ آهي، اسان جو نمبر بند ٿيڻ جو هئڻ ڪري قمر ڀٽي، قربان ارباب، الطاف تنيو ۽ ارشاد نظاماڻي گڏيل منصوبي تحت غلام نبي پنھور سان جهيڙي جو پروگرام ٺاهيو تہ جيئن ٻيا سڀ بند ٿي وڃن تہ هن کي سيخون هڻي ڪيرائي وجهون ٿا، غلام رسول زرداري پھرين بند ٿيو، هن جي کولي کان پوءِ ٻئي نمر تي سانوڻ هنڱورو، يوسف لغاري ۽ شمس گوپانگ بند ٿيندا آهن ۽ ٽئين نمبر تي منھنجي کولي 14 آهي ۽ آئون اڪيلو بند ٿيس، آئون اڃا ن بند ٿي ڪپڙا مٽائي ڪتاب کڻي کٽ تي ويٺس تہ اوچتو سامھون هڪ همراھہ ڊوڙندو آيو ۽ رڙ ڪري چيائين تہ ڏاڏا منھنجي تنظيم جا ڪجهہ دوست مونسان وڙهن ٿا ۽ سيخون کينو بيٺا آهن، ان ڪري مھرباني ڪري منھنجي مدد ڪريو آئون سدائين توهان کي عرض ڪندو رهيو آهيان تہ آئون هڪڙو آهيان ان ڪري مونسان وڙهن تہ منھنجي مدد ڪيو، مھرباني ڪري تون ٻاهر نڪر ۽ مونسان گڏ هل مون چيو بابا اهو توهان جي تنظيم جو مسئلو آهي، سڀاڻي توهان ٺھي ويندا هروڀرو اسين بدنام ٿيندا سين تنھن ڪري اسان جو ڪجهہ بہ نہ وڃي، ايتري ۾ ٻاهر بيٺل دوست بہ مڙي ويا، هي همراھہ صفا چنبڙي پيو تہ ڏاڏا مھرباني ڪري منھنجي مدد ڪريو، جي تون ٻاهر نٿو نڪرين تہ مونسان ٻيا همراھہ مونکي ڏي آئون عبدﷲ شاھہ وارن کي وٺي ٿو وڃان ۽ سانوڻ وارن کي بہ کولرايان ٿو، جمعدار کي سڏ ڪري سانوڻ وارن کي کولرائڻ لاءِ چيائين مون منع ڪئي تہ توهان نہ نڪرو ۽ جمعدار کي بہ منع ڪيم امداد چانڊيو ۽ غلام نبي خشڪ کي سڏ ڪري چيم تہ توهان وڃو وڃي دودي مھيري سان ڳالھايو تہ اها ڪھڙي شرافت آهي جو هڪڙي تنظيم جا چار ڄڻا گڏجي هڪ ڄڻي سان ٿا وڙهو، پر سڀني دوستن جو خيال هو تہ مونکي نڪرڻ گهرجي ۽ آئون ان ڪري نہ پيو نڪران تہ جهيڙو نہ ٿيندو، ڇوڪرا جيڪي ماڻھو ڏسي اڪثر شوبازي ڪندا آهن ۽ خير ٿي ويندو مگر غلام نبي پنھور بلڪل وائڙو ۽ مايوسي سان منٿون ڪرڻ لڳو تہ منھنجي مدد ڪيو، باقي تنظيم وري ڇاجي آئون اهڙي تنظيم کي پيشاب ڪريان ڪافي زور ڀرڻ کان پوءِ سانوڻ، يوسف ۽ شمس کي ٻاهر نڪرڻ لاءِ چيم کين هدايت ڪيم تہ توهان جهيڙو نہ ڪجو رڳو هن سان گڏجي وڃو کيس سندس ڪمري ۾ بند ڪرائي واپس اچو اگر هن سان وڙهن تہ رڳو ڇڏائجوس باقي جهيڙي سان پنھنجو ڪجهہ بہ نہ وڃي، هنن همراهن ائين ئي ڪيو پنھور کي وڃي سندس کولي ۾ بند ڪرائي آيا پئي، تہ وچ ۾ الطاف تنيو، قربان، قمر ۽ ارشاد سيخون هٿ ۾ کڻي اچي هنن همراهن کي ڌمڪايائون تہ اسان جي تنظيم ۾ اوهان جو ڪجهہ بہ نہ وڃي، اگر ڪو وچ ۾ آيو تہ ان کي ڏسي رهنداسين. الطاف تمام غلط ڳالھائي رهيو هو تہ ڪرائي جا ٽٽون اسان جي وچ ۾ ڇوٿا اچن. ان تي غوث علي شاھہ ۽ عبدﷲ شاھہ بہ جذبات ۾ اچي انھن کي گاريون ڏيڻ لڳا تہ هنگامون مچي ويو عبدﷲ شاھہ بہ وڃي لوھہ جي سيخ کنئي، وارڊ جا ڪافي شاگرد گڏ ٿي ويا، آئون بند هئس گوڙ ٻڌي جمعدار کي سڏ ڪيم تہ ڇوڪرن جو جهيڙو ٿي پيو آهي جلدي ۾ مونکي کوليو، ڪافي سڏن کان پوءِ جمعدار بشيري اچي مونکي کوليو تکو ڊوڙندو ويس وچ ۾ پئي جهيڙو ٽاري غوث شاھہ کي بند ڪرايم پوءِ قمر ۽ الطاف کي بہ بند ڪرايم تڏهن بہ هڪ ٻئي کي گاريون گند ڪري رهيا هئا، مون آرٽيفشل ڪاوڙ جو اظھار ڪندي اکيون ڳاڙهيون ڪري وڏي شور سان سڀني کي ڌمڪيون ڏئي ماحول تي حاوي ٿيڻ لاءِ پھريائين قربان کي ڌڪا ڏنم پوءِ غوث شاھہ کي دٻ ڪڍيم، پوءِ الطاف کي ٻانھہ کان وٺي مروٽو ڏنم سڀني کي پنھنجي پنھنجي کولين ۾ بند ٿيڻ لاءِ چيم منھنجي اهڙي جارحاڻي رويي جي ڪري سڀ خاموش ٿي ويا ٻيا ڪيترائي شاگرد جيڪي بيٺا هئا منھنجو تمام گهڻو احترام ڪندا آهن انھن بہ کين دٻائيندي چيو تہ ڏاڏي جو چوڻ ڪريو پنھنجو وڏو ۽ سينئر آهي مون سڀني کي ڌڪي کولين ۾ بند ڪيو پوءِ جهيڙو ٿڌو ٿي ويو، مون ٻين سڀني بيٺل شاگردن کي وڃڻ لاءِ چيو ۽ آئون امداد وارن سان گڏ بند ٿيس، پريان غلام رسول وڏي واڪي گاريون ڏئي جمعدار کي چئي رهيو هو تہ مون کي کوليو تہ سڀني کي ٺيڪ ڪري ڇڏيان مگر مون جمعدار کي منع ڪئي تہ اهو جذباتي آهي وڌيڪ مسئلو پيدا ڪندو ان ڪري ان کي بند ئي رهڻ ڏيو آخر ماٺار ٿي سڀڪو پنھنجن ڪمرن ۾ تبصرا ڪرڻ لڳو خير سان رات گذري وئي.

قومي ڪارڪنن جا ڪم ڏسو

اڄ 3 آڪٽوبر 1982ع تي صبح جو سويل اٿيس معمول مطابق ورزش ڪري واپس آيس تہ اڃان چانھہ جو ٽائيم بہ نہ ٿيو هو، امداد سان گڏ آهستي آهستي واڪ ڪري رهيو هئس تہ عبدﷲ شاھہ رات واري مسئلي تي انتقام وٺڻ خاطر صبح جو سويل ئي لوھہ جي سيخ کڻي لڪي ويٺو هو تہ الطاف کي هڻا جيڪو سامھون گهمي رهيو هو ۽ غلام نبي پنھور بہ وڃي ڊوڙي سيخ کڻي آيو ايتري ۾ مون هنن کي ڏسي ورتو ڊوڙي وڃي عبدﷲ شاھہ کان سيخ کسي ورتي ايتري ۾ وري گوڙ مچي ويو سڀئي شاگرد کولين مان هتان هتان ڀڄي آيا ڇڪ ڇڪان ڇڏ ڇڏان شروع ٿي وئي، مون عبدﷲ شاھہ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪو تمام گهڻو ضد ڪري رهيو هو آخر تنگ ٿي مون هن کي ٻہ ٽي ڌڪ بہ هڻي ڪڍيا، غوث علي شاھہ بہ خاموش ٿي بيھي رهيو ايتري ۾ هنن کان سيخون ڦري ورتم ۽ غلام نبي خشڪ سيخون مٿي ڇت تي اڇلايون ايتري ۾ جمعدار خطري جي سيٽي وڄائي ۽ جيل جو صوبيدار تبارڪ علي عملي سوڌو پھچي ويو تقريبن 15 سپاهين سان ڏنڊن سميت ڪنٽرو ل ڪرڻ لاءِ پھچي ويو، مون الطاف کان بہ ٻانھہ مروٽي سيخ کسي ورتي، قمر ڀٽي جي ڪمري مان سندس بستري مان بہ سيخ ڪڍي اڇلائي ڇڏي، قمر بہ چاقون هٿ ۾ کڻي گهمي رهيو هو پوليس جي اچڻ سان سڀ ماٺ ٿي ويا ۽ ائين خاموشي سان بيھي رهيا ڄڻ ڪجهہ ٿيو ئي ڪونہ هو، ايتري ۾ جيلر آغا نور ﷲ بہ پھچي ويو، جيڪو اچي مونسان مليو کيس وٺي بينچ تي ويھاريم کيس چيم خير ٿي ويو ۽ پوليس کي واپس موڪليو پوءِ هي صوبيدار سميت عملي سان گڏ واپس هليو ويو ۽ جهيڙو ٽري ويو، اسان ناشتي کان پوءِ تنظيمي ميٽنگ گهرائي جنھن ۾ غلام رسول، شمس، يوسف، خشڪ، خان محمد لغاري، سڪندر ابڙيجو، غوث شاھہ ۽ عبدﷲ شاھہ شرڪت ڪئي ۽ عبدﷲ شاھہ کي لکت ۾ نوٽيس ڏنو سين تہ پنھنجي چال چلت درست ڪري نہ تہ آئندہ کيس سخت سزا ملندي، منجهند جو ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ آغا غلام نبي ۽ جيلر حيدرالزمان صورت حال معلوم ڪرڻ لاءِ وارڊ ۾ آيا ۽ منھنجي ڪمري تي اچي ويٺا هنن چيو تہ صبح جو سپرنٽينڊنٽ ايندو تنھن وقت تائين ڪوبہ جهيڙو وغيرہ نہ ڪريو پوءِ صبح جو فيصلو ڪندا سين مون کيس يقين ڏياريو تہ هنن جو پنھنجي تنظيم جي وچ ۾ جهيڙو هو جيڪو حل ٿي ويو اسان جو ڪو بہ ڇوڪرو ڪجهہ ڪونہ ڪندو اگر اهڙي صورتحال ٿي تہ اسان ويٺا آهيون توهان فڪر نہ ڪريو پوءِ اهي هليا ويا. واھہ واھہ سندوديش جا قومي ڪارڪنن سڄي جيل جي قيدين کي خوار ڪري انتظاميا کي موقعو ڏنو تہ شاگرد سياست تان ٽوڪون ۽ چٿرون ڪن.

قمر ڀٽي جي بک هڙتال

12آڪٽوبر 1982ع تي اڄ قمر ڀٽي بک هڙتال تي ويٺو آهي سندس مطالعو آهي تہ کيس لاڙڪاڻو جيل تي بدلي ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ سندس ماءُ بيمار آهي جيڪا هتي جيل تي اچي ڪانہ ٿي سگهي، ان لاءِ اتي لاڙڪاڻي جيل تي ساڻس سان ملاقات ڪرڻ ۾ سھولت ٿيندي، ڇو جو اتان هن جو ڳوٺ ويجهو آهي، قمر کي اٽڪل 30 مھينا جيل ۾ ٿي ويا آهن کيس 10 ڪوڙا بہ لڳي چڪا آهن، هن جو تعلق جيئي سنڌ حميدہ کھڙو سان آهي، قمر کي ايترو ڪمزور نہ ٿيڻ گهرجي جو ماڻھو صفا وائڙو لڳي، ھتي ڪيترائي قومي ڪارڪن ڪيترن ئي سالن کان جيل جي مختلف وارڊن ۾ پيا آهن، ڪيترن سان ئي ذاتي مسئلا ۽ پريشانيون آهن پر برداشت ڪري رهيا آهن، فوجي ڊڪٽيٽرشپ کي اونت ئي ڪونہ ٿا ڏين تہ اسان سان بہ ڪي مسئلا آهن، برابر ماءُ هڪ اهڙو رشتو آهي جنھن جي ڪري ماڻھو پريشان ٿئي ٿو، مگر انقلابي جدوجھد ۾ ڪا بہ اهڙي ڪمزوري نہ ذهن ۾ رکجي ۽ نہ ئي وري فوجي ڊڪٽيٽر شپ کي محسوس ڪرائجي تہ اسان جي هي ڪمزوري آهي، هاءِ گهوڙا، ياحسين وارو ڪريو منھنجي ڪمزوري حل ڪريو ان سان تہ وڌيڪ ڊڪٽيٽرن کي مزو ايندو آهي، بليڪ ميل ڪرڻ جو رستو ملندو پوءِ اهڙا ڪمزور ڪارڪن بجاءِ انقلابي ڪارڪن جي فوجين جا دلال ۽ پٺو ٿي پنھنجي قومي تحريڪن کي نقصان پھچائيندا آهن، مون کي افسوس آهي تہ هن جي ذهن ۾ رت جا رشتا اڃا بورجوازي تصورن وانگر آهن، ڇا هي ساري هيڏي ڌرتي جيڪا ظلم جو شڪار آهي اسان جا ماروئڙا، پگهر پورهيو ڪندڙ، ظلم جو شڪار آهن اسان جي ڌرتي ماءُ بورجوازي وڏيرن، ميرن، پيرن ۽ انھن جي آقائن فوجين جو مسلسل ظلم۽ جبر برداشت ڪري رهيا آهن، ان سان اسان جو رشتو نہ آهي..؟ پوري سنڌ ڌرتي مٿان ظلم ٿي رهيو آهي، اها اسان جي ماءٌ نہ آهي ڇا ؟ جيڪو اسين ظلم برداشت ڪيون پيا سالن کان جيل ۾ ٽارچرن جو شڪار آهيون اها قرباني ڇو پيا ڏيون؟ پنھنجو جوڀن ۽ جواني جيل ۾ ڳاري رهيا آهيون پوءِ ان جو مقصد ڇا آهي ؟ ڇا اسين ڪرمنل، چور يا ڌاڙيل آهيون، بلڪل نہ، اسين قومي ڪارڪن آهيون سنڌ ۽ سنڌ جي مظلوم ۽ غلام عوام جي فڪري ذهني ۽ سماجي آزادي لاءِ پيا جيلن ۾ لوڙيون، پنھنجا ٻچا ٻار اسان کان دور آهن، پنھنجون ونيون، گهر گهاٽ، دوست، مٽ مائٽ، ياريون باشيون سڀ دور آهن، فڪر جي آزادي دنيا جي وڏي آزادي هوندي آهي سابه اسان کي نصيب نہ آهي، اهڙيون وڏيون قربانيون اسين ڇو پيا ڏيون ان لاءِ تہ جيئن پنھنجي ڌرتي ۽ ان ۾ رهندڙ ماروئڙن جي مستقبل کي هڪ شاندار مستقبل بنائي سگهون، هڪ آزاد قوم ٿي سگهون ۽ پنھنجي مرضي مطابق آزادانہ زندگي گذاري سگهون پنھنجي ايندڙ نسلن کي ترقي جي راهن تي گامزن ڪرڻ لاءِ ڪا راھہ هموار ڪري سگهون، اهو ئي اسان جو مقصد آهي جو جيل ۾ آهيون پوءِ هنن ڊڪٽيٽرن سان هڪ ننڍڙي ڳالھہ ڪري پنھنجي ڪمزوري ڏئي پاڻ کي مجبور ڪري قومي آزادي ۽ طبقاتي جدوجھد جا دشمن ٿي ظالمن جو ساٿ ڏيڻ تي مجبور ٿيون گهٽ ۾ گهٽ هڪ اهم قومي ڪارڪن کي اهڙي فرمائش ڪانہ ٿي جڳائي جو ماڳھين بليڪ ميل ٿي پاڻ کي وڪڻائي ڇڏجي، پورو جيل قومي ڪارڪنن سان ڀريو پيو آهي سڀني دوستن سان اهڙيون ڪئين وارتائون ۽ مسئلا آهن پر صبر ۽ دليريءَ سان انھن کي فيس ڪري رهيا آهن ان ڪري قمر ڀٽي کي بجاء مايوس يا وائڙو ٿيڻ جي بھادري جو مظاھرو ڪرڻ گهرجي.

اڇي چڪر ۾ قيدين جي بغاوت

اڄ 13 آڪٽوبر 1982 تي شام جو تقريبن ٻہ بجي ڌاري اڇي چڪر ۾ اوچتو قيدين نعرا هڻڻ شروع ڪيا ان ڪري تڪڙو ٻاهر اچي باريڪ جي ڀرسان ٽالھي جي وڻ تي چڙهي جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪيم تہ ڇا ماجرا آهي،،،؟ ڏٺم تہ اڇي چڪر ۾ پوليس وڏي تعداد ۾ بيٺل آهي، سپرنٽينڊنٽ ۽ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ ٻئي ٻاهر گهمي رهيا آهن، اوچتو قريشي جيلر ڊوڙندو آيو ۽ اسان کي چيائين تہ سپرنٽينڊنٽ چئي ٿو مھرباني ڪري وڻ تان لھي وڃو ڇو تہ قيدين گوڙ ڪيو آهي اسان هن جي چوڻ تي لھي وياسين پر بعد ۾ معلوم ٿيو تہ تقريبن 31 قيدي بئريڪن تي مٿي چڙهي نعرا هڻي رهيا آهن، سندن مطالبو آهي تہ تازو 9 آڪٽوبر تي جيل ۾ قيدين جي عام جهيڙي دوران قيدي هاشم بروهي، عنايت کوسو، صالح ڪيريو، صالح موالي، ۽ راجه جاويد کي بند وارڊ ڪيو ويو آهي انھن کي کوليو وڃي ۽ ماني سان گڏ دال جي ڀاڄي صفا بيڪار بلڪل کائڻ کان بدتر ڏني وڃي ٿي اها بہ سٺي معياري کائڻ جھڙي ڏني وڃي ان کان علاوہ چڪر بہ بند نہ ڪيو وڃي ۽ قيدين سان جانورن وارو سلوڪ نہ ڪيو وڃي وغيرہ بھرحال بغاوت ۾ پريو مري جنھن کي 65 سال جي سزا آيل آهي 17 سال ڪاٽي چڪو آهي، هي قيدي اسپتال ۾ داخل هو ۽ اتان شمس گوپانگ اسان جو شاگرد جيڪو اک جي خرابي جي ڪري اسپتال ۾ داخل هو، ٻئي ڄڻا ديوار پٽي چڪر ۾ داخل ٿي مٿي بئريڪن تي چڙهي ٻين قيدين کي بہ بغاوت تي راضي ڪري سر تان سانگو لاهي مٿي بيھي رهيا آهن، نتيجي ۾ ٻيا بہ 29 قيدي مٿي چڙهي هر مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا، جن ۾ لٺيو سرون سيخون ۽ پاڻي جا مٽ مٿي رکي مسلسل نعرا هڻڻ لڳا آهن، تمام عجيب ۽ غريب صورتحال ٿي پئي آهي، انتظاميا چوطرف رائفلن سان پوليس کي ليس ڪري بيھاري ڇڏيو آهي ۽ سپرنٽينڊنٽ قيدين سان ڳالھہ ٻولھہ ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، مگر شام جي ٽائيم تي آءِ جي پنھور آيو جنھن ساک تي فيصلو ڪندي قيدين جا مطالبا منظور ڪري کين هيٺ لاٿو آهي، نيٺ شام جو بغاوت ماٺي ٿي وئي، انتظاميا جلدي ۾ مطالبا ان ڪري مڃيا جو بغاوت تمام تيز ٿي وئي جيئن هتي شاگردن کي خبر پئي تہ اسان بہ سندن ساٿ ڏيڻ لاءِ هتان هنن جي حق ۾ مسلسل نعرا هڻڻ شروع ڪيا، حالانڪ ڪجهہ شاگردن اهڙي عمل جي مخالفت ڪئي جن ۾ خان محمد لغاري ۽ غلام نبي خشڪ بہ هئا، پر اسان فيصلو ڪيو تہ قيدين جو ساٿ ڏيڻ گهرجي ۽ سندن حق ۾ نعرا هڻڻ شروع ڪياسين، نتيجي ۾ انتظاميا بوکلائجي ڦورن سندن مطالبا مڃي ورتا، مون سوچيو تہ اگر سڀ قيدي پاڻ ۾ ٻڌي ۽ ايڪي سان رهن تہ انتظاميا کي طاقت ئي نہ آهي جو قيدين تي ظلم ڪري پر هروقت ائين ڪون ٿو ٿئي ڪاش قيدين کي پاڻ ۾ ٻڌي ۽ ايڪي سان رهڻ جو عقل، سوچ ۽ همٿ پيدا ٿئي.

شاگردن جا ڪيس هلائڻ لاءِ حڪمت عملي

اڄ 14 آڪٽوبر 1982 تي تقريبن سورنھن شاگردن چار تنظيمن لکت ۾ مارشل لا اٿارٽي کي الٽيميٽم ڏنو تہ اسان جي ڪيسن جا فيصلا ڪري ڪو ٽارگيٽ ڏنو وڃي ڇو تہ ڪيترن ئي شاگردن کي ٻہ ٽي سال ٿي ويا آهن بنا ڪنھن فيصلي کان هلي رهيا آهن، ٻي صورت ۾ ڏهن ڏينھن بعد 1982-10-19 تي اسين غير انساني سلوڪ جي خلاف بک هڙتال تي ويھندا سين ڇو تہ مارشل لا پنھنجن بنايل ضابطن تي بہ نٿي هلي. هن احتجاج ۾ ڊي ايس ايف جا امداد چانڊيو، شير محمد مڱريو، محمد خان سولنگي ۽ سانوڻ، ايس ايس ٽي جا سليمان ڏاهري، اسدگاڏهي، جساف (جي ايم سيد) جا قربان ارباب، دودو مھيري، الطاف تنيو، قمر ڀٽي، غلام نبي پنھور، ۽ جساف (ليفٽ) جا غلام رسول زرداري، خان محمد لغاري، شمس گوپانگ، عبدﷲ شاھہ ۽ آئون شامل آهيون، درخواستون لکي نور رند هوم سيڪريٽري، ڊي ايم ايل اي ڪمشنر سنڌ، آءِ جي جيل ۽ سپرنٽينڊنٽ جيل سان گڏ پريزيڊنٽ سيڪريٽري مليٽري آڊر کي ڏياري موڪليون آهن.

خان محمد لغاري

هي دوست ايم بي بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج جو فائينل جو شاگرد آهي، هن کي 12 مارچ 1981 تي ڄامشورو پوليس گرفتار ڪري سينٽرل جيل تي پھچايو، هن جو تعلق جساف ليفٽ سان آهي، مگر ايل يم سي ۾ آخري سال جي شاگردن جي فيل ٿيڻ ڪري اتي جي پرنسيپل عالماڻي خلاف سينئر شاگردن ٻين شاگردن کي وٺي جدوجھد هلائي تہ هن کي ڪڍيو وڃي آخر ٻنھي پاسي زور وڌي ويو مختلف تنظيمن ايڪشن ڪاميٽي ٺاهي، پر هوڏانھن پرنسيپل کي مارشل لا سپورٽ ڪيو، نتيجي ۾ پوليس مداخلت ڪئي ۽ شاگردن جي جدوجھد ناڪام ٿي وئي، ڪجهہ شاگرد گرفتار ٿيا انھن ۾ خان محمد لغاري بہ هو، هن تي ٻہ ڪيس داخل ٿيا جنھن ۾ هڪ هڪ سال قيد ۽ پندرهن ڪوڙا هئا جيڪي کيس لڳي چڪا آهن، هن پھريائين شروع ۾ جيل سٺي نموني سان ڪاٽيو ۽ پوءِ آهستي آهستي جيل جي حالتن کان متاثر ٿيو ۽ نتيجي ۾ غير مستقل مزاجي سندس نفسيات جو حصو ٿي وئي، نتيجي ۾ رهندڙ شاگردن جي روز مره جي مسئلن ۾ غير ضروري ٽنگ اڙائڻ هن جو جيل ۾ خاص مقصد ٿي پيو هو، تقريبن سڀني تنظيمن جي ڪيترن ئي ساٿين سان وڙهيو آهي، جن دوستن سان وڙهيو آهي انھن ۾ عنايت هيسباڻي، اقبال نظاماڻي، عابد گهلو، غلام نبي خشڪ، نظير کھاوڙ، مرتضيٰ مھيسر، عبدﷲ شاھ، غوث علي شاھ، شمس گوپانگ، ۽ عارف ڀٽو وغيرہ آهن، ان کان علاوہ هن بيوقوف ٻين تنظيمن جي کوڙ سارن دوستن سان منھن ماري ڪئي آهي، هن وقت هن جي نفسيات ٿي وئي آهي تہ جنھن کي بہ وڌيڪ طاقت ور محسوس ڪندو آهي تہ ان جو ساٿي ٿي پوندو آهي، صبح کان شام تائين رڳو عجيب حرڪتون پيو ڪندو آهي، هڪڙي کولي مان ويندو ٻئي کولي ۾ اتي وڃي پھرين کولي وارن جي گلا ڪندو وري واپس ايندو تہ جن سان بہ ڪچھري ڪري ايندو انھن جي گلا ڪندو مطلب تہ گلا غيبت هن جي عادت ۾ شمار ٿي وئي آهي، هتي اسين ٽن تنظيمن جا دوست گڏ رهون ٿا جن ۾ ايس ايس ٽي، ڊي ايس ايف جساف ليفٽ آهن، جڏهن تہ جساف صالحين هنڍي ۾ الڳ رهن ٿا، مگر اسان جو پاڻ ۾ ڪيترن ئي پوائينٽس تي سياسي اتحاد آهي، هتي ڪيترن ئي ميٽنگس ۾ ڪجهہ اهڙيون ڳالھيون هونديون آهن جيڪي ظاهر نہ ڪرڻيون هونديون آهن، پر هي وڃي صالحين کي ٻڌائي ايندو آهي جن جون ملاقاتون سٺيون ۽ سڻڀيون اينديون آھن مطلب تہ فروٽ، مٺايون، سگريٽ ۽ ڀاڄيون وغيرہ هي دوست سڄو ڏينھن انھن جي پويان پيو هلندو آهي، پوءِ کين سڀ خبرون پيو ٻڌائيندو آهي، اصل ۾ هي جيل ۾ احساس محرومي ۽ احساس ڪمتري جو شڪار ٿي ويو آهي، هن دوست ڊسمبر 1981 ۾ اسپيشل وارڊ نمبر ٻہ ۾ غوث علي شاھہ ۽ شمس گوپانگ جو جهيڙو ڪرايو، هن کي الڳ ڳالھيون تہ هن کي الڳ ڳالھيون ٻڌائي ٻنھي کي اهڙو تہ پاڻ ۾ کٽو ڪري ڇڏيائين پاڻ ۾ وڙهيا تہ هڪ ٻئي کي ڌڪ هڻي ڪڍيائون، بعد ۾ ٻنھي کان معلوم ڪيو ويو تہ هنن اخلاق کان ڪريل ڳالھيون ٻڌايون، غوث علي شاھہ لاءِ شمس جي حوالي سان تہ ٻاهر غنڊو ۽ داداگير آهي، هتي سياسي ماڻھو آهي، بعد ۾ هن جو شوق هو تہ هتان اسين بدلي ٿي اسپيشل نمبر هڪ ۾ جتي رهندا هئا سين اتي رهون آخر ڪار هي ان سازش ۾ ڪامياب ٿي ويو، ساڳئي مھيني ۾ هن غوث علي شاھہ ۽ ستار مورئي کي پاڻ ۾ ويڙهايو ستار موريو صالحين سان هو ۽ بي ڪلاس ڪاراٽين ۾ رهندو هو، جتي غوث علي شاھہ رهندو هو، اڪثر هي ٻئي وارڊ ۾ ٽپي پاڻ ۾ ويھي غوث علي شاھہ جي گلا ڪندا هئا، پوءِ وري اچي غوث علي شاھہ جا ڪن ڀريندو هو، ائين هنن ۾ غلط فھميون پيدا ڪري ٻنھي کي ويڙهائيندو هو، پوءِ ڪڏهن منھن ماري تہ ڪڏهن هڪ ٻئي کي گاريون ڏيندا هئا جڏهن پاڻ ۾ ويھي ڳالھائيندا هئا تہ هڪ ٻئي کي چوندا هئا تہ تو خان محمد کي هيئن ڇو چيو هونءَ ڇو چيو، تڏهن وڃي همراهن کي خبر پوندي هئي تہ اصل ۾ خان محمد اجايو وڌاءُ ڪري اسان کي ويڙهائي پيو.
جنوري 1982 ۾ هي پاڻ عابد گهلو سان وڙهيو هن کي جهلي لٺ هنيائين پوءِ هو بہ چڙهي ويس، جولاءِ 1982 ۾ هن پنھنجي دوست غلام نبي سان جهيڙو ڪيو پوءِ غلام رسول زرداري کي هن خلاف ڀڙڪائڻ لڳو تہ هي تو لاءِ هينئن ٿو چئي وغيرہ هن پاڻي جي مشين تي ضد ڪيو جيڪا غلام نبي هلائيندو هو هن اها غلام رسول کي وٺي هلائي ان تان وڏو ضد ٿيو نيٺ هن غلام نبي سان پورا چار مھينا ڳالھائڻ بند ڪري ڇڏيو، بعد ۾ غلام رسول کي وچ ۾ آڻي ان کان معافي ورتائين، پوءِ غلام نبي بہ هن جي نيچر سمجهي ويو، هاڻ هن جي هر ڳالھہ تي ويٺو ها ڪندو آهي.
سيپٽمبر 1982 ۾ هن شاھہ جھان شاھہ ۽ سڪندر کي ويڙهايو بعد ۾ سڪندر ۽ شاھہ جھان شاھہ جو غلام نبي ٺاھہ ڪرايو تہ يڪدم غوث علي شاھہ کي هنن ٻنھي سان ويڙهايائين نتيجي ۾ غوث علي شاھہ کي غلام نبي خشڪ اسان جي هنڍي ۾ بنا ڪنھن صلاح مشوري جي وٺي آيو، ان جي ضد ۾ غوث علي شاھہ وري برداشتي محمد بخش بروهي کي پاڻ سان گڏ وٺي آيو، ان برداشتي شڪايتون ڪيو تہ سڪندر ابڙو ۽ شاھہ جھان شاھہ مونکان سڄو ڏينھن ڪم ڪرائين ٿا پر هاڻ تہ چون ٿا تہ اسان جو ڪاڪوس بہ صاف ڪر جيڪا ڳالھہ مونکي پسند نہ آهي، توهان جمھوريت ۽ عوامي انقلاب جون ڳالھيون تہ ڪيو ٿا پر مون سان انصاف نٿو ڪيو وڃي، ان لاءِ توهان مون سان انصاف ڪريو آئون هنن وٽ نہ رهندس، پوءِ سڀني دوستن کان راءِ ورتي سين تہ برداشتي کي هتي رهڻ ڏجي يا نہ، پھريائين خان محمد راءِ ڏني تہ واقعي هن سان ظلم آهي هو ٻئي آفيمي ۽ چرسي آهن، انھن کي برداشتي نہ ڏيڻ گهرجي، هن جي چوڻ تي برداشتي اسان وٽ رهي پيو تہ هن ئي فورن وڃي هنن کي ٻڌايو تہ غوث علي شاھہ توهان جو برداشتي روڪيو آهي هلو آئون توهان کي برداشتي وٺرائي ٿو ڏيان پوءِ تہ اسان بہ ضد ڪيو مطلب تہ هن وري اسان کي يعني جساف ليفٽ ۽ ڊي ايس ايف کي ويڙهائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي وڏو تضاد پيدا ٿي ويو پوءِ مس مس وڃي مسئلو حل ڪيو سين. سيپٽمبر 1982 ۾ شاھہ جھان شاھہ ۽ نياز سومرو باريڪ ۾ وڙهي پيا شاھہ جھان شاھہ هن کي گاريون ڏنيون فيصلي کان اڳ ۾ هن وڌيڪ جهيڙو ڪرائڻ پئي چاهيو، هن شاھہ جھان شاھہ کي چيو تہ ڏاڏو متارو، امداد چانڊيو ۽ شمس گوپانگ چون ٿا تہ اسين توسان وڙهندا سين همراھہ صفا ٺري ويو پوءِ مس مس وڃي ڳالھہ کي سلجهايوسين.

غلام نبي خشڪ

هي دوست بہ ايل ايم سي جو شاگرد آهي هلايل موومينٽ ۾ گرفتار ٿي آيو آهي، هي دوست سياسي طرح ڪافي مثبت آهي مگر هي بہ جيل ۾ مسلسل رهڻ جي ڪري ٿڪاوٽ جو شڪار ٿي ويو آهي، انتھا درجي جو ضدي آهي، جيڪو بہ پاڻ سوچيندو آهي يا سمجهندو آهي ان کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ غلط دليل بازي ڪندو آهي هروڀرو پنھنجي ڳالھہ کي صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي تصوراتي پاڻ کي وڏو ليڊر سمجهندو آهي، پر پاڻ ۾ وقت حالتن مطابق تبديلي آڻڻ لاءِ قطعي تيار نہ آهي الٽو ٻين تان ٽوڪون ۽ کلون ڪرڻ سندس خاص عادت آهي پڙهائي بلڪل ڪونہ ڪري، فيصلي جي قوت ۽ مستقل مزاجي کان بلڪل ڪٽيل موڊي طبيعت جو مالڪ ڪڏهن خوش تہ ڪڏهن سبب ۽ موقعا پيو ڳولھيندو تہ ڪنھن سان ضد ڪجي، هميشہ احساس ڪمتري جو شڪار ۽ شڪي مزاج اگر ڪير پنھنجي منھن پيو کلندو يا ٿڪ اڇلائيندو تہ هي همراھہ پاڻ ڏي پيو سمجهندو ان جي خلاف پيو ڳالھائيندو يا ان جي گلا غيبت پيو ڪندو، جيل ۾ رهڻ ڪري جيل جي عملي يا آفيسرن سان صفا هيٺيائين ڪري پيو پيش ايندو، اگر جي اسان جو ڪو بہ انتظاميا سان مسئلو ٿيندو تہ بنا ڪنھن سوچ ۽ فڪر جي يا صلاح مشوري جي هي دليل ڏيندو تہ انتظاميا سان ٺاھہ ڪرڻ گهرجي ڳالھين سان مسئلو حل ڪجي تہ ٺيڪ آهي نہ تہ ماٺ ڪري برداشت ڪريو ضد نہ ڪريو وغيرہ، اگر سڀئي شاگرد ڪنھن مشترڪ مسئلي تہ ڪو اسٽينڊ وٺندا بک هڙتال ٿي يا نعري بازي ٿي تہ هي همراه بلڪل حصو نہ وٺندو، بلڪہ کاڌي پيتي يا شاگردن جي ذاتي مسئلن ۾ رڙيون پيو ڪندو آهي، هن وقت جيل ۾ 14 مھينا ٿيا اٿس پر همراھہ ايڏو تہ اچي تنگ ٿيو آهي جو کولي نمبر 9 ۾ اڪيلو رهي رهيو آهي ۽ ننڊ بہ گورين تي ڪري ٿو، اجايو ٽينشن ۽ پريشاني ۾ ڪمزور ٿي ويو آهي. اصل ڄاڙي نڪري آئي اٿس، آزاد ٿيڻ لاءِ سڀ وسيلا ۽ طريقا استعمال ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر اهڙا وسيلا ۽ چانسز گهٽ اٿس، سندس فيملي يا ڀائر ترقي پسند نظريي جا مالڪ ۽ سوشلسٽ خيالن جاآهن ٻين ميڊيڪل جي شاگردن کان هي ايڊوانس آ هي ڪنھن حد تائين سٺي معيار جي سوچ بہ رکي ٿو، خاص ڪري سيلف سروس جو شوقين آهي جيڪو سوچيندو ان تي اٽل آهي، پسند جي هر شيءَ جو استعمال صفائي ۽ پلاننگ سان ڪندو بھرحال ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ ٿي سگهي ٿو هي سٺا عمل ڪري ڇو تہ هي روشن خيالي ۽ جمھوري بنيادن تي ڪافي شاگردن کان بھتر آهي.

جيل ۾ شھيد عبدالرزاق سومرو جي ورسي

13 آگسٽ 1982ع تي اڄ جيئي سنڌ (جي ايم سيد) وارن شھيد عبدالرزاق سومري جي ڏهين ورسي ملھائڻ جو پروگرام ٺاهي اسان کي شرڪت جي دعوت ڏني، حالانڪ هو 7 آگسٽ تي شھيد ڪيو ويو هو پر هنن ڀٽارن کي يادگيري اڄ آئي آهي، صبح جو وهنجي تيار ٿي ناشتو ڪري پڙهائي ڪري رهيو هئس تہ خان محمد لغاري جيڪو هن وقت قومپرست جي حيثت سان صالحين سان ٻٽ آهي تنھن وڏي جذبي ۽ شوق سان چيو ڏاڏا توهان سڀ باريڪ ۾ اچو، چئي هليو ويو تہ مٿان امداد چانڊيو ڪمري ۾ داخل ٿيو، هن ساٿي چيو تہ 9 آگسٽ تي پاڻ جڏهن شھيد نظير عباسي جي ورسي ملھائي هئي تہ هي صرف مبصر جي حيثيت سان شريڪ ٿيا هئا، هنن مان ڪنھن بہ نہ تقرير ڪئي هئي ۽ نہ ڪجهہ ڳالھايو هو هاڻ پاڻ کي ڇا ڪرڻ گهرجي، مون کيس چيو تہ سياسي ۽ انقلابي ڪارڪن جو اهو فرض آهي تہ ڪڏهن بہ تنگ نظري سان پيش نہ اچي هنن اهڙي عمل جو مظاهرو ڪيو هو، پر پاڻ هنن جھڙا ڇو ٿيون، هي هونءَ بہ سٺي عمل يا ڪم جا دشمن آهن سندن سياست هميشہ تعصب واري رهي آهي، جڏهن تہ پاڻ مارڪس ازم ۽ لينن ازم جي ڳالھہ ڪيون ٿا ان ڪري پاڻ کي نہ صرف شريڪ ٿيڻ گهرجي پر جي تقريري موقعو ڏين تہ بہ ڀرپور حصو وٺنداسين ڇو تہ شھيد عبدالرزاق سومرو هڪ سنڌي جي حيثيت سان پنجابي تعصب پرست ٽولي جي هٿان ظلم جو شڪار ٿيندي شھيد ٿيو هو، پوءِ اسان متفق راءِ سان فيصلو ڪيو تہ شھيد جي پروگرام ۾ شريڪ ٿينداسين، اسان وڃي پروگرام ۾ ويٺا سين تہ اسٽيج سيڪريٽري لطيف لغاري پڇيو تہ توهان مان ڪير ڪير تقرير ڪندو، مون چيو تہ منھنجا ٻيا تنظيمي دوست ڳالھائيندا باقي آئون ڪونہ ڳالھائيندس، مان دوستن کي موقعو ڏيان ٿو پوءِ امداد چانڊيو چيو تہ منھنجو نالو لکو، پروگرام جي شروعات لطيف جي بيت سان ڪئي وئي، ان کان پوءِ شھيد جي ياد لاءِ سڀني کي اٿي بيھي ٻن منٽن لاءِ خاموشي اختيار ڪرڻ لاءِ چيو ويو، ان کان پوءِ تقريري پروگرام شروع ڪيو ويو.
1. ذڪريا ميمڻ(جيئي سنڌ صالحين): هن دوست اهو ئي ساڳيو انداز ديشين واري تقرير بنا فيڪٽ فگر جي ڪئي،
2. اسد گاڏهي(ايس ايس ٽي): هن دوست اڄ تعجب ۾ وجهي ڇڏيو ڇو تہ هي سدائين مارڪس ازم لينن ازم کان گهڻي ڳالھہ مائوازم جي ڪندا آهن اصل چين جا پوئلڳ آهن مگر سندن نظرياتي موقف قومي عوامي جمھوري انقلاب رهيو آهي، پاڪستان ۾ رهندڙ سڀني مظلوم ماڻھن ۽ مظلوم قومن جي اتحاد سان گڏيل جدوجھد جي دعوا ڪندا آهن، جڏهن تہ اڄ هن واضع لفظن ۾ چيو تہ پنجابي ۽ مھاجر سنڌ کي ڪالوني بنايو ويٺا آهن، ان ڪري اسان کي الڳ آزاد سنڌ کپي پھريائين بنيادي مسئلو قومي آهي، سندس پارٽي جو نظرياتي پروگرام مھاجرن ۽ پنجابين جي استحصالي طبقن جي خلاف آهي مگر هن مھاجرن ۽ پنجابين جي سڀني طبقن کي استحصالي ٺھرايو ۽ انھن تي ڇوھہ ڇنڊيا.
3. ارشاد نظاماڻي (جيئي سنڌ صالحين): هن دوست کي موقعو ملندي ئي همراھہ قومپرست جي حيثيت سان ٻين ترقي پسند تنظيمن جو مذاق اڏائڻ لڳو ۽ انھن جي ڪردار ڪشي ڪندي چيو تہ اهي ترقي پسند تنظيمون اسان جي قومپرست جدوجھد کي تسليم نٿيون ڪن، اهي پاڪستان جون حامي آهن، پاڪستان هڪ غير فطري رياست آهي اسان ان کي تسليم نٿا ڪريون بحرحال هن دوست شوشلسٽ تنظيمن ۽ ان جي پروگرام تي وڏو گند اڇلايو ۽ انھن جي هجڻ کي پنھنجي قومي غلامي تصور ڪيو.
4. غلام رسول زرداري (جيئي سنڌ ليفٽ): هي دوست آهي ليفٽ جو پر سندس سوچ ۽ لاڙا اڃان قومپرستن وارا آهن، جنھن مڙئي اڌ هيڏانھن اڌ هوڏانھن تقرير ڪري پنھنجي جاءِ ورتي.
5. نثار بالادي (آزاد ترقي پسندصحافي): هن چيو تہ قومپرست ۽ ترقي پسند تنظيمن کي گڏجي قومي جمھوري حقن لاءِ اتحاد ڪري ظلم خلاف جدوجھد ڪرڻ گهرجي، هن سانگهڙ جي الفقرا اخبار جي ايڊيٽر فقير محمد رحيم مھر تي ڳالھائيندي چيو تہ ھڪ پيراڻي جماعت جي ڪجهہ غنڊن وڏيرن جي اشاري تي هن صحافي کي ڏينھن ڏٺي گوليون هڻي ماري ڇڏيو، پر سندس ڪوبہ تدراڪ اڃا تائين نہ ٿي سگهيو آهي، هن جو ڏوھہ صرف اهو هو جو هو پنھنجي اخبار ذريعي سچ لکندو هو، ڀلي کڻي پير هجي يا مير هجي، وڏيرو هجي يا ڪامورو هجي انھن جي بيڪار ڪرتوتن تان پردو فاش ڪندو هو ۽ سچائي سان قلم وهائيندو هو.
6. غوث علي شاھ(جيئي سنڌ ليفٽ): هن دوست جذبات ۾ اچي ڳالھائيندي چيو تہ سامراج وڏو چالاڪ ۽ مڪار آهي سندس سازشن جي نتيجي ۾ اڄ سنڌ جا ڪيترائي نوجوان شاگرد جيلن ۾ آهن ۽ ڪيترائي وڏن عذاب گهرن ۾ ٽارچر برداشت ڪري رهيا آهن، جيئن علي حيدر شاھہ لاهور جي شاهي قلعي ۾ ٽارچر برداشت ڪري رهيو آهي، ان ڪري ضرورت ان ڳالھہ جي آهي تہ پاڻ سڀ متحد ٿيون ۽ ظالمن خلاف گڏجي جدوجھد ڪريون، ڇو تہ اڄ علي حيدر شاھہ ۽ سڀاڻي پاڻ مان ڪو ظلم جو شڪار ٿيندو ان ڪري اڄ وقت اچي ويو آهي تہ سڀ تنظيمون ڪجهہ پوائنٽن تي اتحاد ڪري ڪا گڏيل جدوجھد ۽ حڪمت عملي جوڙيون جيئن سامراجي غنڊن کي منھن ڏئي پنھنجي حاصلات ۾ ڪامياب ٿيون.
7. امداد چانڊيو (ڊي ايس ايف): هن ساٿي شھيد عبدالرزاق سومرو جي قرباني ۽ سندس جدوجھد تي روشني وجهندي چيو تہ شھيد پنھنجي قرباني مان اسان کي سبق ٿو ڏئي تہ سنڌ جي قومي جمھوري حقن لاءِ عملي جدوجھد ڪريون البتہ شھيد تعصب، رنگ، مذهب ۽ نسل کان هٽي ڪري قومي آزادي جو خواهشمند هو، سندس شھادت سنڌ جي عملي ۽ ترقي پسند سياست ڪندڙ پارٽين لاءِ مثال آهي، بعد ۾ هن دوست سنڌ ۽ پاڪستان اندر ٻين قومن جي قومي جمھوري حقن جي حمايت سائنسي ۽ جدلي انداز سان ڪئي هن واضع چيو تہ اسين سنڌ جي عوام کي قومي حق خود اختياري سنڌ جي مظلوم عوام جي اڳواڻي ۽ جدوجھد سان وٺي ڏيندا سين جيڪي قومو ظلم ۽ جبر خلاف نٿيون وڙهن يا انھن تحريڪن کي نٿيون مڃين اهي ترقي پسند ۽ عوام دوست نہ آهن جيتوڻيڪ اسين پاڪستان ۾ رهندي سڀني مظلوم ماڻھن جي قومي جمھوري حقن لاءِ وڙهي رهيا آهيون، اڄ هن مارشل لا جھڙي وحشي دور ۾ پنجاب جا ترقي پسند ۽ مظلوم ماڻھو جيلن ۽ ٽارچر سيلن ۾ قومي جمھوري حقن جي حاصلات لاءِ ڀوڳي نہ رهيا آهن ڇا؟، ها ڪيترائي مثال آهن، نہ رڳو پنجاب جا ترقي پسند دوست بلڪہ بلوچ، پٺاڻ ۽ ٻين بہ ڪيترن ئي ترقي پسند دوستن جون قربانيون ثابت ڪن ٿيون تہ اسين رجعت پرست ۽ سامراجي دلال پاڪستان نٿا چاهيون بلڪہ اسان کي هڪ ترقي پسند قومي جمھوري سامراج دشمن پاڪستان کپي، باقي جيڪي بہ سامراج دشمن قوتون آهن انھن ۾ ڪير بہ هجي ڀلي قومپرست ڇو نہ هجن اسين سندن حمايت ڪنداسين ۽ ساڻن گڏجي سامراج خلاف حڪمت عملي جوڙيندا سين.
8. سليمان ڏاهري (ايس ايس ٽي) : هن دوست شھيد تي مختصر ڳالھائيندي چيو تہ شھيد حيدرآباد ۾ استاد جي حيثيت سان پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ ڪم ڪندو هو مگر تعصب پرست پنجابي ٽولي انڪري کيس شھيد ڪرايو جو هو قومي حقن جي ڳالھہ ڪندو هو ۽ وڌيڪ هن دوست انسان جي ارتقائي تاريخ تي ڳالھائيندي ظاهر ڪيو تہ هر ڳالھہ جي ماهيت ۽ مظھر ڏسي فيصلو ڪجي، انساني تاريخ جو مطالعو ڪبو تہ نظر ايندو تہ پھريائين طبقن پوءِ قومن ۽ رياستن وجود ورتو آهي، ان ڪري قومي مسئلو بہ طبقاتي مسئلي جو حصو آهي، مگر هتي جي سماجي حالتن ۾ ان کي اوليت ان ڪري آهي جو قومي جمھوري جدوجھدن ۽ عملن سان شوشل ازم لاءِ حالتون هموار ٿينديون، آخر ۾ هن دوست کليل لفظن ۾ چيو تہ دنيا ڪميون ازم ڏي وڌي رهي آهي، اسان کي دنيا ۾ اهڙا تضاد نظر اچن ٿا تہ شوشل ازم سرمائيداري تي حاوي ٿي رهي آهي ۽ اڳتي يقينن ان کي فتح حاصل ٿيندي ، ان ڪري اسان کي سامراج دشمن خلاف قومي جمھوري حقن جي حاصلات لاءِ پاڻ ۾ اتحاد ڪري جدوجھد ڪرڻ گهرجي.
9. نورالدين عباسي ( جيئي سنڌ جي ايم سيد): هي دوست رڳو شھيد تي ٻہ لفظ ڳالھائي صفا جذباتي ٿي ٽيبل کي مڪون هڻندو ويو بنا ڪنھن ڄاڻ ۽ علم جي اجايا ٿاڦوڙا هڻڻ لڳو ائين لڳو تہ هن کي پڙهائي ۽ ذهن ٺاهي جلسي ۾ آندو ويو هو، اکيون ڦوٽاري وات ڦاڙي چيائين تہ ڪميونسٽ اسان جا دشمن آهن ۽ سامراجي سازشن جو حصو آهن، هتي اسان کي اتحاد لاءِ چيو پيو وڃي پر اسين واضح اعلان ٿا ڪريون تہ جيڪي بہ پنجابين جي هڪڙي ماڻھو جي حمايت ڪن ٿا انھن سان اسين ڪڏهن بہ اتحاد نہ ڪنداسين، اسان کي خبر آهي تہ ڪجهہ پنجاب جا پڙهايل ڪميونسٽ طوطا سنڌ ۾ پنجاب جا هٿ مضبوط ڪري رهيا آهن، ان ڪري اهي ترقي پسند نہ آهن، جيڪي بہ ماڻھو سنڌ ۾ رهندي پاڪستان جي سياست ڪن ٿا. اهي اسان جا دشمن آهن ۽ پھريائين اسان جو گوليون انھن جي سيني ۾ هونديون ڇو تہ اهي بہ اسان جي دشمنن جي ٻيڙي ۾ سوار آهن، اهي سڀ بيغيرت آهن، جيڪي پاڪستان جي اندر ڪابہ سياست وغيرہ ڪرڻ گهرن ٿا، همراھہ تقرير ڪري پنھنجي جاءِ ورتي، پر مونکي ڏاڍي ڪاوڙ اچي رهي هئي تہ هي دوست جهالت جي مظاھرو ڪري ترقي پسندن کي گاريون ڏئي رهيو آهي ۽ جڏهن تہ ترقي پسند پارٽين جي لائين آهي تہ پاڪستان اندر مظلوم قومن ۽ طبقن اندر اتحاد پيدا ڪري سامراجي دلالن ۽ استحصالي قوتن خلاف جدوجھد ڪريون، پر هي دوست خاص طرح پنھنجي ٺاهيل پلاننگ مطابق سڌيون ھتي ويٺل دوستن کي گاريون ڏئي ويوآهي، منھنجي ۽ امداد چانڊيو جي وچ ۾ نثار بالادي ويٺل هو سو آئون اڃا ڪجهہ چوڻ وارو هئس پر امداد بہ اڳي ئي تپيو ڳاڙهو ٿيو ويٺو هو، جنھن کيس چيو تہ واپس اسٽيج تي اچي وضاحت ڪريو تہ بي غيرت ڪير آهن، جڏهن تہ اسين پاڪستان اندر رهندي ڏتڙيل ۽ مظلوم عوام جي حقن جي ڳالھہ ۽ سياست ڪريون ٿا اها ڳالھہ امداد غصي ۾ تپي هن کي چئي تہ هنن جي پڳدار ۽ چڱي مڙس دودي مھيري اٿي چيو بلڪل اسان جي ساٿي صحيح چيو آهي ڇو تہ اسان کي بہ جيل ۾ گاريون ڏنيون وينديون آهن اگر جي توهان کي اڄ مليون آهن تہ اسان پلاند ڪيو آهي، هنن جي اهڙي تنگ نظر روش ۽ وضاحت تي آئون ۽ امداد احتجاجن اٿياسين ۽ مون پنھنجي تنظيمي ساٿين خان محمد لغاري، غوث علي شاھہ ۽ غلام رسول زرداري کي چيو اٿو پاڻ احتجاجن بائيڪاٽ ٿا ڪريون پر بد قسمتي سان هي ٽئي دوست منھنجي تنظيم ۾ هوندي بہ نيرو نيشلسٽ خيالن جا آهن، منھنجي چوڻ تي بہ نہ اٿيا، هنن اهڙو بزدلاڻو ڪردار ادا ڪيو جو آئون زندگي ڀر ياد رکندس وري بہ کين مون زور سان چيو تہ اٿو پر هنن ڪو بہ جواب نہ ڏنو، بلڪہ سياسي طور تي هنن منھنجي بي عزتي ڪئي، ڦڪائي ۽ شرمساري مان مون کي ڏسي رهيا هئا، پر هنن کان ايترا تہ ڊپريس هئا جو خوف ۾ احتجاجن مون سان گڏ شريڪ نہ ٿيا،اڄ مونکي جيل جي زندگي ۾ سياسي طرح سخت افسوس ٿيو آهي، جو اسان جي تنظيم ۾ ڪھڙا نہ نظرياتي ڪچا،موقعي پرست شاگرد شامل آهن، خان محمد لغاري تہ هونءَ بہ ڊاڪٽري جي آخري سال ۾ آهي جيل ۾ سندس زندگي مسلسل اڻ وڻندڙ ۽ غير سنجيدہ انقلابي ۽ چيڙاڪ گذري آهي، ان کان علاوہ سڄو ڏينھن چانھہ، سگريٽن، فروٽ وغيرہ جي چڪر ۾ سڀني تنظيمن جي دوستن جي ڪمرن ۾ پيو ڌڪا کائيندو آهي ۽ هتان جي دوستن جون هُتي ۽ هتي جي دوستن جي هتي پيو گلائون ڪندو آهي ۽ دوستن کي پيو پاڻ ۾ ويڙهائيندو آهي ۽ غوث علي شاھہ بہ سياسي طرح اڻڄاڻ آهي ان تي ميار نہ آهي پر غلام رسول زرداري تي افسوس آهي ڇو تہ ڪنھن وقت ۾ هي غيرتمند انقلابي هوندو هو، پر هاڻ سندس اڳوڻي وقت جھڙي انقلابي مستقبل مزاجي نہ رهي آهي. اصل شوشل ازم جو سخت مخالف آهي، نيٺ امداد چانڊيو جي تنظيم جا ميمبر جن ۾ نياز سومرو، شير محمد مڱريو، مونسان گڏ غلام نبي خشڪ ۽ شمس الدين گوپانگ ۽ ذاتي دوست سانوڻ هنڱورو ۽ نثار بالادي اٿيا اچي مونسان گڏ احتجاجن دروازي وٽ بيٺا، اڃان دروازي وٽ مس پھتاسين تہ دودو مھيري اٿي اسٽيج تي وڏي جوش ۽ آواز ۾ ڳالھائيندي پنھنجي تعصب پرست سياست کي چمڪائيندي اسان تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا تہ هتي ويھي ڳالھايو، هتي ويھي جواب ڏيا ڀڄي نہ وڃو ان مھل ٻيا دوست بہ چئي رهيا هئا تہ وڃو نہ ويھو خاص طرح قمر ڀٽي اسان کي چنبڙي ويو ۽ منٿون ڪرڻ لڳو تہ ويھو وڃو نہ، ان کان علاوہ قربان ارباب ۽ لطيف لغاري بہ ويھڻ لاءِ منٿون ڪرڻ لڳا مگر هنن کي امداد چانڊيو تي ڏاڍي ڪاوڙ هئي هن سان وڙهڻ لاءِ ذڪريا ميمڻ ۽ يوسف ڳاهو وڌيا اگر ڪير بہ امداد سان وڙهي ها تہ هڪ ترقي پسند جي حيثيت سان پھريائين آئون کيس ڌڪ هڻا هان، پوءِ جذبات ۾ اسان بہ کين گهٽ وڌ ڳالھايو، جڏهن اسان کي ڪجهہ ساٿين ويھڻ لاءِ زور ڀريو تہ اسين واپس ويھڻ لاءِ ۽ سياسي طرح جواب ڏيڻ لاءِ ۽ گارين واري سياست جي مذمت ڪرڻ لاءِ ويٺاسين مزي جھڙي ڳالھہ تہ ايس ايس ٽي جا اسدگاڏهي ۽ سليمان ڏاهري گاريون برداشت ڪري ويھي رهيا ڪو بہ احتجاج وغيرہ نہ ڪيو، سندن اهڙي لائين تي مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو جڏهن تہ سندن رهنما رسول بخش پليجو لکي چڪو آهي تہ سنڌين لاءِ پاڪستان ملڪ جي سياست حرام ڇو؟ ان کان علاوہ سندن پاڪستان ليول تي پاڪستان جي ڪجهہ سياسي پارٽين سان اتحاد بہ آهن مگر سندس ڪارڪن جيل ۾ ڪن معاملن تي الاء ڇو خاموشي اختيار ڪن ٿا. قمر ڀٽي ڳالھايو مونکي اميد هئي تہ هي ترقي پسند خيالن جو آهي ڪا مثبت ڳالھہ ڪندو مگر افسوس آهي تہ هن نوجوان بہ جيل ۾ رڳو تعصب سکيو آهي، هن چيو تہ اسان قومپرستن کي هتي ڊپلوميسي سان خوار ڪيو ويندو آهي، جڏهن تہ اسان جي ڪارڪنن کي ڊپلوميسي ڪانہ ٿي اچي، ان ڪري سڌو ڳالھايو اٿن ان ۾ ڪا خاص ڳالھہ نہ آهي دوست هروڀرو ناراض ٿين ٿا ۽ اسان سان بہ ماضي ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي ان ڪري سڀني تنظيمن جي دوستن کي اپيل آهي تہ دل ۾ ڪير بہ نہ ڪري، هن جي اهڙي وضاحت تي ڏک بہ ٿيو تہ ڪاوڙ بہ آئي ڇو تہ هي بہ غير جانبدار نہ ٿيو سندس ڳالھائڻ مان نجي طرفداري نظر آئي.
ڊاڪٽر دودو مھيري جساف جي تقرير شروع ڪندي ئي پنھنجي همراهن جي وڪالت ڪرڻ شروع ڪئي تہ ڪا وڏي ڳالھہ نہ آهي اسان جي دوست صحيح چيو آهي ڇو تہ قومي جدوجھد کي نقصان پھچائڻ سامراجي سياست آهي، ڏسو بيوقوفن جا ڪم قومپرست جدوجھد کي قومي ۽ جمھوري جدوجھد جو نالو ڏئي رهيا آهن جڏهن تہ قومي جمھوري جدوجھدون شوشل ازم لاءِ رستو هموار ڪندي آهي. بلڪ ھن ڪجهہ اھڙيون من گهڙت ڳالھيون ڪيون ۽ ڪري رھي ھو تہ آئون ڪاوڙ ۾ اٿي اڪيلو ڪمري تي هليو آيس، جتي شمس، نياز، غلام نبي، شير محمد ۽ سانوڻ ويٺا هئا، هي بہ ڏاڍا گرم ٿيو ويٺا هئا، هنن چيو تہ هنن پنھنجي سياسي بي عزتي ڪئي آهي، پاڻ کي بہ ڪجهہ ڪرڻ گهرجي، آئون بہ سوچ ۾ پئجي ويس، نيٺ هڪ خيال آيو سڀني کي چيم هلو واپس ٿا هلون هلي نعرا ٿا هڻون تہ گارين واري سياست تي لعنت جيڪڏهن هنن گوڙ ڪيو تہ پوءِ جيئن ٿيندو منھن ڏيندا، سين پوءِ اسين بہ واپس اچي ويٺاسين، سڀ سمجهي ويا تہ هي ڪا گڙٻڙ ڪرڻ وارا آهن ۽ الائي ڇا ڪندا ايتري ۾ نياز اشارو ڪيو تہ نعرا شروع ڪيون مون کيس اشاري سان روڪيو تہ ٻہ منٽ ترس دودو تقرير ڪري وٺي، دودو تقرير ۾ اڃان بہ صفائي پيش ڪري رهيو هو، ايتري ۾ مونکي ٻيو خيال آيو تہ ڇو نہ هنن کي تقرير ڪري بڇڙو ڪجي ڇو تہ سياسي مخالفت ۽ ضد ۾ سياسي پارٽيون هڪ ٻئي سان ڪيڏيون بہ حرامپايون ڪن پر جمھوري طريقو آهي تہ هڪ ٻئي کي جمھوري انداز ۾ جواب ڏيڻ گهرجي، هنن تہ حد پار ڪري ڇڏي پر وري مون سوچيو تہ اسين هنن جھڙا نہ ٿيون نعرن بدران تقرير ذريعي پنھنجو موقف رکجي ۽ سياسي طريقو اختيار ڪجي تہ بھتر آهي، جيئن ئي دودي مھيري جي تقرير ختم ٿي تہ مون رڙ ڪري چيو تہ آئون بہ تقرير ڪندس ۽ سڌو اسٽيج تي آيس ويٺلن مان ڪن منھن بڇڙو ڪري چيو ڀلي ڏاڏو تقرير ڪري، مون کي وارو مليو پھريائين سوچيم تہ هنن کي بہ ائين خوار ڪريان پر وري سوچيم تہ نہ سياسي انداز ۾ تقرير ڪجي اسين هنن جھڙا ڇو ٿيون، مون تقرير ڪندي چيو تہ جيئي سنڌ ۾ صرف ٻہ ماڻھو آهن جيڪي پراڻا آهن باقي سڀني کي جمعو جمعو اٺ ڏينھن ٿيا آهن جڏهن تہ آئون خود 1972 کان 1979 تائين جيئي سنڌ جو ڪارڪن رهيو آهيان ۽ جيئي سنڌ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن کٽي سنڌ يونيورسٽي جي اسٽوڊنٽس يونين جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو آهيان يعني مون کي جيئي سنڌ ۾ مرڪزي حثيت رهي آهي، اڄ مون کي جيل ۾ ٽي سال ٿي چڪا آهن ۽ جيئي سنڌ ڇڏي چڪو آهيان مون کي چڱي طرح تجربو آهي تہ جيئي سنڌ جو عمل ۽ ڪردار ڪھڙو رهيو آهي، اها اوهان نون ۽ ٻين دوستن کي گهٽ خبر آهي تہ جيئي سنڌ جي ڪجهہ اڳواڻن منصوبا بندي ۽ پلاننگ سان اسان ڪارڪنن سان ڪھڙيون ويڌنو ڪيون اسان ڪارڪنن کي شعوري طور تي باھہ جي اوڙاھہ ۾ يا درياھہ جي وچ ۾ اڇلايو ويو ۽ هي اڳواڻ اسان کي اڳيان ڪري پاڻ ڪيڏانھن هليا ويا هئا اها سڀني کي خبر آهي اسان جا جيرا بڪيون ۽ جگر جليا پيا آهن، پوءِ بہ مون هيترو وقت گڏ رهندي ڪڏهن بہ اهڙو اظھار نہ ڪيو ۽ نہ وري تقرير ۾ ڪنھن کي گار گند ڪئي آهي، توهان چئو ٿا تہ اسان کي اڳ ۾ جلسن ۾ گار گند ڪئي وئي آهي اگر جي ڪنھن ائين ڪيو آهي تہ توهان ان وقت ان کي گلي مان جهلي نشاندهي ڇو نہ ڪئي اگر جي توهان سياسي جلسن مان سياسي ۽ ذاتي گاريون ٻڌي هليا ٿي ويا تہ پوءِ اها توهان جي سياسي ۽ انقلابي نااهلي آهي يا توهان وٽ علم جي کوٽ آهي ڪنھن کي بہ سياسي طرح فيس نٿا ڪري سگهو دليل بازي نٿا ڪري سگهو ۽ ڦورن گار گند تي لھي اچو ٿا، اها جھالت آهي سياست نہ آهي توهان پنھنجي جھالت جي اڳيان مجبور آهيو ان ۾ اسان جو ڏوھہ نہ آهي، اها توهان جي پنھنجي گهٽتائي آهي علم ۽ ڄاڻ جي کوٽ آهي يا سائين جي ايم سيد جي اها سياسي لائين آهي تہ جنھن کي فيس نہ ڪري سگهو تہ ان کي گاريون ۽ گند ڪريو توهان نہ صرف پنھنجي سياسي ڪردار جي مٽي پليت پيا ڪريو پر پنھنجي ليڊرن جي بہ توهين پيا ڪريو، آئون اهڙي گارين واري سياست تي لعنت ٿو وجهان ، جيڪي ترقي پسند قوتن تي بنا ڪنھن دليل ۽ موقف جي گند اڇلائين ٿا ۽ ڌمڪيون ڏين ٿا تہ ترقي پسندن کي اسين گولين جو نشانو بنائيندا سين اهڙيون فضول ٻٽاڪون هڻڻ کان بھتر آهي تہ پنھنجي سياسي سوچ ۽ ذهني سطح مضبوط ڪجي، مون کي پڪ آهي تہ جڏهن توهان پنھنجي سياسي زندگي ۾ عروج حاصل ڪندا ۽ سياسي مطالعو ۽ تجربا ڪندا تہ اڄ جي ڏينھن کي ضرور ياد ڪندا، آخر ۾ سندن ليڊر دودو مھيري کي چيم، سياسي حڪمت عملي مطابق اهو ضروري آهي تہ پاڻ اسٽيج تي اچي ڏنل گارين وارا لفظ واپس وٺي، ائين چئي آئون وڃي پنھنجي جڳھہ تي ويٺس، ايتري ۾ نورالدين عباسي اٿي اسٽيج تي آيو ۽ تقرير ڪري چيائين تہ مون ائين ڪونہ چيو آهي ۽ نہ ئي گاريون ڏنيون آهن، اگر جي ڪنھن دوست کي غلط فھمي ٿي آهي تہ اها دور ڪري ۽ آئون پنھنجا لفظ واپس ٿو وٺان، پوءِ ائين هڻي ڳالھہ بئلنس ۾ رکي سون، ۽ پروگرام ختم ٿيو، پر هي ڏسو خان محمد لغاري جنھن پنھنجي تقرير ۾ پنھنجي تنظيمي نظرياتي لائين کان هٽي ڪري قومپرستن جي لائين تي ڳالھايو، هينئر ڪھڙي منھن سان مون سان پيو ڳالھائي ۽ زري جو ڦڪو ڪونہ ٿو ٿئي، ۽ غلام رسول زرداري بہ ڦڪو ڦڪو ٿي مون ڏانھن ڏسي رهيو آهي، اڄ پڪ ٿي وئي تہ هي دوست ترقي پسند انقلاب دشمن جي صفن ۾ داخل ٿي ويا آهن، اسان واپس پنھنجي ڪمرن ۾ آياسين ۽ هر هنڌ تبصرا ٿيڻ لڳا.

شمس گوپانگ ۽ دودو مھيري کي ڪوڙا لڳايا ويا

اڄ 1982-08-22تي صبح سان وارڊ ۾ هڪ سپاهي لڪي اچي اطلاع ڏنو تہ ڪورٽ ۾ صفائي ٿي رهي آهي اتي ڪوڙن هڻڻ لاءِ ٽڪٽڪي بہ رکي اٿن، شايد اڄ شاگردن کي ملٽري ڪورٽ مان آيل سزا ۾ ڪوڙا هڻڻ لاءِ بندو بست ٿي رهيو آهي، اڃا ٻاهر نڪري چانھہ پي رهيا هئا سين تہ بيٽ انچارج جمعدار نيازي پرچي کڻي آيو تہ دودو مھيري ۽ شمس الدين گوپانگ کي آفيس ۾ گهرايو ويو آهي اهي فورن پھچن، جمعدار کان هڻي هڻي معلوم ڪيو سين تہ اڃان آفيسر ئي ڪونہ پھتا آهن صبح سان هنن ۾ ڪھڙو ڪم آهي، پھريائين تہ ڪوڙا قسم کڻڻ لڳو تہ مونکي ڪا بہ خبر نہ آهي، پوءِ ٻڌايائين تہ اڄ ڇھن ڄڻن کي ڪوڙا (فٽڪا) هڻڻ لاءِ فوجي ٽيم اچڻ واري آهي، انھن ۾ ٻہ هتان جا شاگرد آهن ۽ چار ٻيا آهن، شمس گوپانگ اها ڳالھہ ٻڌي تہ تڪڙو تڪڙو باٿ روم ۾ ويو ۽ فورن ڪپڙا مٽائي تيار ٿي آيو ۽ دودو مھيري بہ ڪپڙا مٽائي تيار ٿيو ٻنھي دوستن تياري ائين ڪئي ڄڻ ڪنھن شادي تي وڃي رهيا آهن سندن بلند حوصلا ڏسي مونکي ڏاڍي خوشي ٿي پاڻ ۾ ٻئي ڪچھري ڪري هڪ ٻئي جو اعتماد پڪو ڪري رهيا هئا تہ ڪا ڳالھہ ئي نہ آهي فوجي وحشين جي اها سزا ڇا ڪندي، انشاﷲ بردباري سان منھن ڏيندا سين پوءِ صلاح ڪئي سون تہ سڀ ملي فوجي ڊڪٽيٽرشپ جي ظلم خلاف نعرا هڻنداسين، اڳ ۾ بہ ڪيترن ئي شاگردن کي فٽڪا لڳا آهن پر انھن ظلم برداشت ڪري اتي جو اتي ٽپا ۽ ٺينگون ڏئي ڌرتي ماءُ کي چميون ڏنيون آهن ۽ وحشي ظلم خلاف نعرا هنيا آهن، ڪجهہ دوستن تہ آيل ميجر جيڪو ڪوڙا (فٽڪا) هڻائيندو آهي ان جي بيعزتي ڪئي آهي، ان ڪري اها هتي روايت ٿي وئي آهي سڀني شاگردن جي خواهش آهي تہ آئون سڀني کان وڌيڪ بھادري ڏيکاريان ۽ ڪو نئون ڪارنامون سرانجام ڏيان.
سڀئي دوست اچي مون واري ڪمري تي گڏ ٿيا آهن، مون سليمان ۽ امداد کي چيو تہ همراهن کي روانو ڪجي پوءِ انقلابي گيت سان تہ ”هٿ ۾ ريٽو جهنڊو اڀ تائين جهوليندو، او ساٿي اهڙو ڏينھن ايندو او ساٿي“ آهستي آهستي وک وک ۾ زور سان انقلابي گيت وڏي سوز ۾ ڳائيندا همراهن کي ڇڏڻ پي وياسين ائين لڳو ڄڻ ڪنھن محاذ تي وڃي رهيا هجون ۽ دشمن سامھون حملي لاءِ تيار آهي، دروازي تي پھچي سڀ قطار ۾ بيٺاسين، انقلابي گيت ختم ٿيو تہ ٻنھي دوستن جبل جھڙي مضبوط عزم سان اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيان ۽ روانا ٿي ويا، اسان سڀني اتي دروازي تي بيھي سندن اچڻ جو انتظار ڪيو، جمعدار يڪدم دروازي کي تالو هڻي چاٻيون سوٽ جي کيسي ۾ وڌيون، ڪجهہ دوست سيون ۽ سڳا کڻي آيا سامھون بيٺل ٻوٽن مان گل پٽي هار ٺاهيا ويا ڪوبہ خوف نہ هو اصل کل ۽ ڀوڳ لڳا پيا آهن، دوستن چيو تہ شمس گوپانگ ميجر کي گاريون بہ ڏيندو ۽ ڪٿي کيس ڌڪ بہ نہ هڻي ڪڍي، ڪنھن وري دودي لاءِ چيو آخر هڪ ڪلاڪ کان پوءِ معلوم ٿيو تہ همراھہ ٻئي اچن پيا ٻنھي دوستن اچڻ شرط نعرو لڳايو دودي چيو جيئي سنڌ ۽ شمس نعرو هنيو جيئي شوشل ازم جئين ئي جمعدار در کوليو تہ سڀني دوستن کين ڀاڪر پائي خراج تحسين پيش ڪيو، ٻنھي کي ڪاميابي تي گل پھرايا ويا پوءِ وڏي چاھہ ۽ انقلابي گيت سان باريڪ ڏانھن روانا ٿياسين، ائين پي لڳو تہ ڄڻ ٻئي دوست دشمن کي دفن ڪري آيا آهن، شمس ڪمال ڪيو جو ٽڪٽڪي تان لھي نعرا هنيا جيئي سنڌ جئي پورهيت عوام مارشل لا مردہ آباد، آخر ۾ ميجر کي ڀيڻ تي گار ڏنائين ۽ دودي مھيري بہ جيئي سنڌ جا نعرا هنيان، ڪجهہ دوستن پاڻي گرم ڪري شيشي ۾ وجهي کين مالش ڪئي ڪي وري چانھہ ٺاهڻ ۾ لڳي ويا، ان کان پوءِ محفل موسيقي جو پروگرام ٿيو مون امداد، سليمان، قربان ۽ لطيف لغاري انقلابي گيت گڏجي ڳايو اهڙو تہ جذبي سان گيت ڳايوسون جو مٽ ئي ٽوڙي ڇڏيو سين سڀني دوستن تاڙيون وڄائي داد ڏنو ائين محفل پنھنجي پڄاڻي تي پھتي.

خان محمد لغاري ۽ نورالدين عباسي ۽ نياز سومرو کي ڪوڙا لڳايا ويا

1982-08-23 تي خان محمد لغاري ۽ نورالدين عباسي کي پراڻي ڪورٽ ۾ ڏھہ ڏھہ ڪوڙا لڳا، اتي هڪ ڪيپٽن آيو هو، جنھن بيھي ڪوڙا هڻايا هنن وڏي بھادري سان اهو ظلم برداشت ڪيو ۽ ڪوڙن لڳڻ کان پوءِ جيئي سنڌ جا نعرا هنيا بعد ۾ جڏهن وارڊ ۾ آيا تہ هنن جي آجيان انقلابي آدابن سان ڪئي وئي.

نياز سومرو کي ٻيھر ڏھہ ڪوڙا لڳايا ويا
1982-08-24 اڄ نياز سومرو کي ٻيو دفعو ڏھہ ڪوڙا لڳا هن نوجوان ڪمزور جسم جي باوجود وڏي بھادري سان ڪوڙن کي برداشت ڪيو سچ پڇو تہ سندس جسماني بناوٽ اهڙي آهي جي رڳو هلڪي چھبڪ لڳيس تہ رت نڪري اچيس پر هي وحشي فوجي ميڊيڪل جي چوٿين سال جي شاگرد کي ڪوڙا هڻي رهيا آهن، پر هن نوجوان بھادري سان اهو ظلم برداشت ڪيو ۽ وڏي واڪي نعرا هنيا تہ بي شرم بي حيا جرنل ضياءُالحق تي لعنت، آمريڪا جي دلالن تي لعنت، فوجين جي بي عزتي ڪري ظلم برداشت ڪري وارڊ ۾ آيو تہ هن جو بہ استقبال انقلابي آدابن سان ڪيو ويو.

مارشل لا جون شاگردن سان ڳالھيون

1982-09-07 اڄ مارشل لا جي حڪام ڪجهہ شاگردن کي ڳالھين لاءِ گهرايو جنھن ۾ سليمان ڏاهري (ايس ايس ٽي) عبدﷲ شاھ، غلام رسول زرداري، سڪندر ابڙيجو ۽ يوسف لغاري (جيئي سنڌ ليفٽ)، غلام نبي پنھور (جساف) هنن ۾ يوسف ۽ سڪندر سزا يافتہ آهن، باقي سڀ انڊر ٽرائيل ملٽري ڪورٽ ۾ هلي رهيا آهن، جن مان سليمان ڏاهري ۽ عبدلله شاھہ کي 19 مھينا جيل ۾ ٿي ويا آهن، سڀني کي ميجر اسلم ۽ ڪرنل نوشاد وٽ پيش ڪيو ويو، جن پڇيو تہ توهان جو ڪھڙين تنظيمن سان واسطو آهي جنھن ۾ غلام نبي جساف جو آهي پر هن چيو تہ منھنجو ڪنھن بہ تنظيم سان واسطو نہ آهي، زيب چانڊيو جيڪو زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو شاگرد آهي جيڪواتان جو جساف جو وائيس پريزيڊنٽ آهي هن بہ چيو تہ منھنجو ڪنھن بہ تنظيم سان واسطو نہ آهي باقي ٻين سڀني دوستن ظاهر ڪيو تہ اسين تنظيمن ۾ آهيون، غلام رسول زرداري هنن کي چيو تہ آئون ڀٽي جي دور اقتدار ۾ بہ چار سال جيل ۾ رهيو آهيان هينئر بہ آهيان ڀٽي جي دور ۾ وڏيرن ظلم جو نشانو بنايو ۽ هينئر وري مارشل لاءِ ظلم پئي ڪري اسان جو ڏوھہ صرف اهو آهي تہ اسين جمھوريت پسند آهيون جمھوريت ٿا چاهيون جيڪا هن ملڪ جي عوام جو بنيادي حق آهي.

سردار محمد صالح جون تاريخي وفاداريون

09 آگسٽ 1982ع تي اڄ مسلسل هلندڙ هڪ ئي ڪيس جي ملٽري ڪورٽ 18 ۾ شنوائي آهي ياد رهي تہ هن وقت مون کي جيل ۾ 33 مھينا ٿي چڪا آهن جڏهن تہ ٻن ڪيس ۾ هڪ هڪ سال سزا بہ ڪاٽي چڪو آهيان، هلندڙ ڪيس مير غوث بخش بزنجو پي اين پي جي آرگنائيزر کي 1979ع ۾ حيدرآباد جي مشھور انڊس هوٽل ۾ ريفريشمينٽ ڏني هئي، يونيورسٽي مان ٽي بسون ڀرائي کيس بھترين استقباليه ڏني هئم، اتي سپاس نامو ۽ تقرير ڪرڻ جي الزام ۾ ناجائز ڪيس داخل ڪيو ويو، جنھن ۾ اڃان پيو لوڙيان هي ڪيس 1980-06-26 کان بنا ڪنھن فيصلي جي پيو هلي مھيني ۾ ٻہ دفعا ملٽري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو آهي، اڄ صبح بہ ان ئي ڪيس جي شنوائي آهي، مون سان گڏ سانوڻ هنڱورو، شمس گوپانگ ۽ خان محمد لغاري جي بہ تاريخ آهي، اسين نڪتا سين تہ پھريائين ماڙي تي جهڙتي ورتي وئي مونکي ۽ سانوڻ کي گڏ هٿ ڪڙي هنئي وئي ٻاهر نڪتا سين اسان کي هڪ وڏي پوليس جي بند گاڏي جيڪا ٽرڪ نموني هئي ان ۾ ويھاريو ويو، جيڪا هميشہ هوندي آهي، ٻيا بہ ڪيترائي شاگرد ۽ قيدي شنوائي تي وڃي رهيا هئا، ٿورڙي ئي دير ۾ گاڏي هلڻ شروع ڪيو شھر جي مختلف روڊن تان ڦرندي اچي ڪورٽ جي لاڪ اپ وٽ بيٺي، معمول وانگر لاڪ اپ انچارج پيسن لاءِ چيو پيسا ڏيو نہ تہ لاڪ اپ ۾ بند رکندو سانو..!؟ اسان بہ پئساگهٽائڻ لاءِ ضد ڪيو تہ روز روز ايترا پئسا ڪٿان ڏيندا سين، بحث هلي رهيو هو تہ هڪ اي ايس آءِ آيو جنھن کي چيو سين تہ اسان شاگرد آهيون هي اجايو اسان جو وقت پيا وڃائين، اسان بند ڪونہ ٿيندا سين اسان کي پنھنجي دوستن ۽ عزيزن سان ملڻ ڏنو وڃي جنھن اسان کي اجازت ڏني جيڪو جمعدار اسان سان بحث ڪري رهيو هو، ڏاڍو لڄي ٿيو پر اسان سپاهين کي پئسن جي لالچ ڏئي چڪا هئا سين هنن اسان کي جلدي ۾ ٻاهر ڪورٽ جي سامھون ڇپري ۾ ويھاريو، اتي ڀاءُ محمد يوسف اڳي ويٺو هو هميشہ وانگر وڏي چاهت سان ڀاڪر پائي مليو، پوءِ ٻين دوستن تي نظر ڦيرائي جائزو وٺي پوءِ مون ڏانھن نھاري کلي چيائين يار جيل ۾ تون کائي کائي ڏنڊو ٿي ويو آهين ۽ پيار مان ڇاتي تي ڌڪ هنيائين، پوءِ ٻين دوستن سان مليو انھن کان ملڻ کان پوءِ مونسان نويڪلائي ۾ بينچ تي ويھي ڪچھري ڪيائين ڳوٺ جا حال احوال ڪيائين چيائين يار جلدي آزاد ٿي اچ تہ لڏي هلي ڪوٽ تي ويھون وڏن همراهن جو رويو صحيح نہ آهي هاڻ تنگ ٿي پيا آهيون، بس رڳو تون آزاد ٿي تہ پاڻ الڳ هلي رهندا سين، مون کيس تسلي ڏني تہ ها بلڪل پاڻ الڳ رهندا سين ڇو تہ پاڻ وڏن همراهن سان ايڊجسٽ ڪونہ ٿي سگهندا سين، هنن جي طبيعت ۽ پنھنجي طبيعت ۾ ڏينھن رات جو فرق آهي، ايتري ۾ چانھہ اچي وئي چانھہ پيتي سون پوءِ چيائين تہ سامان جي پرچي ڏيو تہ سامان وٺي اچان، مون چيو تہ پيسن جي پوزيشن ڪيئن آهي چيائين حڪم ڪر پيسا جام آهن پوءِ مون کيس سامان جي لکيل پرچي ڏني جنھن ۾ جيل جو ضروري سامان لکيل هو هي پرچي کڻي شھر ڏانھن روانو ٿي ويو، ايتري ۾ ٻيا دوست بہ ملاقات لاءِ اچي ويا هئا، محمد صالح ۽ سدورو حجام بہ اچي ويا، سردار محمد صالح جون، مون سان تاريخي وفاداريون آهن، ھن ئي مون کي سياست ۾ انٽروڊيوس ڪرايو ھو، هن وحشي دور ۾ جتي ڀاءُ ڀاءُ جو نہ آهي پر هن مون سان يڪو نڀايو آهي، پورن ٽن سالن ۾ هي تقريبن هر شنوائي تي ايندو آهي، سندس وفاداريون وسارڻ جھڙيون ناھن، ان کان علاوہ نظير کھاوڙ، اسحاق کٽي، عبدالسميع مڱريو، قمر چانڊيو، سومار ساند، شاھہ محمد شاھہ ۽ ڪيترائي مختلف تعليمي ادارن جا شاگرد آيا هئا، سڀني سان خوب ڪچھري ڪئي سون اچانڪ سامھون هڪ همراھہ نظر آيو جيڪو پنھنجي منھن ويٺو هو مون کي شڪ پيو تہ همراھہ ڏٺل آهي، مون صالح کي چيو تہ هن همراھہ کان پڇ تہ عبدالغفور پنھور تہ نہ آهي، صالح وڃي پڇيس تہ واقعي اهو ئي هو، هي منھنجو پرائمري جو استاد رهيو آهي، 1960ع ۾ مونکي پڙهايو اٿس پورن 16 سالن کان پوءِ بہ آئون کيس سڃاڻي ويس، مون سان مليو مون کيس ٻڌايو تہ آئون توهان جو پرائمري شاگرد آهيان پوءِ تہ سڃاتائين وري ڏاڍو پيار سان مليو ڏاڍو خوش ٿيو، هن سان بہ ڪچھري ڪيم، اڄ ابراهيم منشي بہ آيو هو جنھن شاھہ محمد شاھہ کي ڏاڍيون ٽوڪرون هنيون، نيٺ ٻارنھن بجي ميجر ڪورٽ ۾ گهرايو وڃڻ شرط مون چيو ميجر صاحب توهان ڪورٽ جا پريزيڊنٽ آهيو مون کي ٻڌايو تہ مون تي ڪيس نہ سمري ڪورٽ ۾ نہ جيل ۾ نہ ڊي ايم ايل اي وٽ، نہ هيڊڪوارٽر تي ۽ نہ ئي وري ڄامشورو ۾ پوليس وٽ آهي نہ ئي ڪٿي هلي ٿو، عوام جي هڪ باشعور ماڻھو تي ايڏو ظلم ٿي رهيو آهي جو ٽن سالن کان ڪيس هلي ئي ڪونہ ٿو نہ وري ڪٿي داخل آهي...؟ ڇو تہ ٽن سالن ۾ پوليس ڪيس چالان ئي نہ ڪيو آهي ان جو مطلب تہ مون تي ڪو ڪيس ئي داخل نہ آهي، مان توهان کي آزادي لاءِ نہ چوندس مگر انصاف لاءِ ضرور چوندس جيڪو منھنجو بنيادي حق آهي، ميجر جو منھن ڪارو ٿي ويو ڳالھہ ڏاڍي ڏکي لڳس چيائين( بھائي ميري هاٿ ۾ ڪجهہ بھي نھين هي يہ سڀ ڊي.ايم ايل اي کہ هاتھہ مين هي وو جب آرڊر دي گا تو پوليس ڪيس چالان ڪريگي اور مين ڪيس چلائونگا) هن جي اهڙي بيوقوفي واري بيان تي مون کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي پھريائين سوچيم تہ بحث ٿو ڪريانس پر وري سوچيم تہ هن سان بحث ڪرڻ معنيٰ رڍن اڳيان رباب وڄائڻ آهي، پوءِ ٻاهر نڪتس تہ هڪ ٿي ويو هو، گاڏي تيار بيٺي هئي جيل لاءِ يوسف سامان کڻي آيو جيڪو گاڏي ۾ رکايو سين پوليس کي خرچي ڏنائين پوءِ ادا يوسف ۽ ٻين دوستن کان موڪلائي گاڏي ۾ چڙهياسين گاڏي شھر جي مختلف روٽن تان گهمندي اچي جيل پھتي.

شھيد حسن ناصر جي ورسي

اڄ 14.11.82 تي شھيد حسن ناصر جي ورسي ڊي ايس ايف طرفان ملھائڻ جي دعوت جي ڪري صبح جوپنھنجي اسٽڊي سرڪل ۾ پڙهائي مختصر ڪري تقريبن صبح جو 10 بجي باريڪ ۾ وياسون جتي (جساف ليفٽ)، ايس ايس ٽي ۽ ڊي ايس ايف) جا ڪارڪن اچي گڏ ٿيا هئا. شروعات ۾ اسٽيج سيڪريٽري شيرمحمد مڱريي شھيد حسن ناصر کي خراج تحسين ۽ سرخ سلام پيش ڪرڻ لاءِ ٻن منٽن جي بيھي خاموشي اختيار ڪرڻ لاءِ چيو ۽ بعد ۾ لطيف جي بيت سان ڪارروائي شروع ڪري سليمان ڏاهري کي چيو ويو تہ انقلابي گيت اچي اسٽيج تي پڙهي.
1. اسد گاڏهي(ايس ايس ٽي): هن دوست تقرير ڪندي حسن ناصر تي مختصر روشني وجهڻ سان گڏ دنيا جي وڏي انقلابي ملڪ روس جي تاريخ تي پڻ ڳالھائيندي چيو تہ مارڪس ازم کان پوءِ لينن ازم وجود ورتو جنھن سان دنيا جو پھريون دفعو شوشلسٽ انقلاب روس ۾ برپا ٿيو، ان ڪري پورهيت راڄ قائم ڪرڻ لاءِ هڪ مارڪسي ۽ لينيني نظريي سان گڏ ڪميونسٽ پارٽي جو هجڻ ضرروي آهي، لينن ثابت ڪيو تہ سرمائيداريءَ کان سواءِ نيم جاگيرداريءَ وارين سماجي حالتن ۾ بہ شوشلزم ڏانھن گامزن ٿي سگهجي ٿو. جتي قومون غلام آهن ۽ سامراج دشمني تحت قومي آزادي چاهين ٿيون، تہ اها جدوجھد بہ جي شوشلسٽ واٽ تحت آهي تہ ڪامياب ٿي سگهي ٿي، مگر ايشيا ۾ مائوزيتنگ ۽ هوچي منھہ بہ مثال آهن.
2. محمد خان سولنگي (ڊي ايس ايف): هن دوست بہ شھيد تي روشني وجهڻ سان گڏ وطن پرست سياست ۽ علائقائي جدوجھدن جي خلاف اشتراڪيت ۽ بين الاقواميت تي زور ڏيندي ڳالھايو هن پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي تي پڻ ڳالھايو ۽ چيو تہ پاڪستان جي تاريخ ۾ 1954ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي تي بندش پئجي وئي ۽ پوءِ سختي سان ترقي پسندن کي ڪچليو ويو، اٽڪل ٻہ هراز ماڻھو ڪميونسٽ هئڻ جي ڏوھہ ۾ يا شڪ ۾ گرفتار ڪيا ويا، حسن ناصر بہ 1960ع ۾ ايوب جي مارشل لا جي وحشي تشدد سان لال قلعي لاهور ۾ شھيد ڪيو ويو.جنھن جي قبر قلعي ۾ صفائي ڪندڙ ڀنگيءَ ٻاهر آَئوٽ ڪئي ۽ بعد ۾ پنجاپ جي هڪ ترقي پسند وڪيل ميجر اسحاق لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي تہ حسن ناصر کي ٽارچر ڪندي ماريو ويو آهي، جڏهن تہ گورنمينٽ اعلان ڪيو تہ هن خودڪشي ڪئي آهي، ڪيس انڪوائري ڪرڻ کان پوءِ ثابت ٿيو هو تہ کيس ٽارچر ڪري ماريو ويو هو.
3. قمر ڀٽي (جساف): هن دوست سنڌوديش جي نعري سان تقرير جو آغاز ڪندي مختصر حسن ناصر تي ڳالھائيندي فوجي وحشيت تي روشني وڌي ۽ چيو تہ دنيا مان فوجي ادارا ختم ڪيا وڃن ڇو تہ انھن ادارن انسانيت جو رت وهايو آهي،ڇو تہ امن بہ جنگ کان سواءِ نٿو ملي ۽ بعد ۾ ڄام ساقيءَ جي ڪورٽ ۾ ڏنل بيان جو حوالو ڏيندي چيو تہ هن صاحب پاڪستاني فوج جي آفيسرن کي خطرناڪ ٺھرايو آهي ۽ انھن خلاف نفرت آميز ٻولي استعمال ڪئي اٿس ۽ ٻئي پاسي پاڪستاني فوج جي سپاهي تي ڪوبہ ڏوھہ نہ ۽ محبت جي جذبن سان اظھار ڪيو اٿس، ڇا پاڪستان جو فوجي سپاهي ظلم ۾ شريڪ نہ آهي..؟ جڏهن تہ ظالمن جي هر ڳالھہ سان ٻٽ آهي، هن برطانيا، جرمني، فرانس ۽ جاپان جي فوجن جا نالا وٺندي چيو تہ جيڪڏهن انھن فوجن ڪنھن قوم يا عوام تي ظلم ڪيو تہ ان ۾ سپاهي بہ برابر جو شريڪ آهي. آخر ۾ هن پنھنجي تقرير کي ذاتي خيال قرار ڏيندي چيو تہ اسان کي پاڪستان عرف ظلمستان نہ کپي.
4. خان محمد لغاري (جساف ليفٽ): هن دوست ڳالھائيندي شھيد تي مختصر روشني وجهي بس ڪئي تہ اسٽيج سيڪريٽري، محمد خان سولنگي کي چيو تہ هڪ انقلابي گيت اچي پڙهي ۽ هن فيض احمد فيض جو انقلابي گيت ٻڌايو.
5. شير محمد مڱريو (ڊي ايس ايف): هن دوست خيالن جو اظھار ڪندي شھيد تي ڳالھائيندي چيو تہ شوشل ازم هن وقت جي حقيقت آهي دنيا ۾ اڄ ڪميونسٽ نظام برپا ڪرڻ لاءِ قربانيون مضبوط آهن، اڄ جو دور خاصيت جي لحاظ کان پورهيت عوام جي تاريخي برتريءَ جو دور آهي، مارڪس ازم ۽ لينن ازم اڄ جي حيقيقت بنجي چڪا آهن، هن اڳ ۾ هڪ شاگرد جا اهي لفظ ورجائيندي چيو تہ ڪامريڊ ڄام ساقي جنھن ڪيس ۾ 10 سال سزا فوجي اسپيشل ڪورٽ مان ورتي انھي پنھنجي اسٽيٽمينٽ ۾ اهو بلڪل چيو آهي تہ پاڪستاني فوج ۾ جرنلن ۽ سپاهن ۾ فرق آهي، فوجي سپاهي جي مجبوري جرنل جي عياشي آَهي.، جيڪڏهن اڄ سنڌ ۾ فوج ٽارچر وسيلي ڪنھن کي شھيد ڪري ٿي تہ اهڙي حالت سڄي پاڪستان جي عوام سان آهي، اڄ پاڪستان جو عوام قومي جمھوري حقن لاءِ ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي هلي پيو پر اڃان وڌيڪ ملائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، سڀ ڪنھن جا پنھنجا نظريا آهن، اسين ظاهر ظھور چئون ٿا تہ سچي پچي نجات مارڪس ازم ۽ لينن ازم ۾ آهي، تڏهن بہ سڀ ڪنھن کي اجازت آهي تاريخ ثابت ڪندي تہ ڪوڙو ڪير آهي سچو ڪير آهي.
6. امداد چانڊيو(ڊي ايس ايف): هن دوست ڳالھائيندي شھيد تي مختصر روشني وجهندي اڄ جي حالتن لاءِ زور ڀريو تہ ترقي پسند ۽ سياسي دشمن قوتون هڪ پليٽ فارم تي ڪن بہ بنيادن تي قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

الھبچايو مرڻاس کي ڪوڙا لڳايا ويا

اڄ 15.11.82 تي صبح گڏيل پڙهائي ڪري رهيا هئا سين تہ اوچتو دودي مھري اچي وڏي آواز ۾ چيو تہ ڏاڏا اڄ الھہ بچائي مرڻاس کي ڪوڙا هڻن ٿا، کيس وٺي ويا آهن.اهو ٻڌي ڏاڍو افسوس ٿيو کيس چيو سين تہ اسين پڙهائي مختصر ڪري دروازي تي پھچون ٿا ۽ سندس استقبال انقلابي آدابن سان ڪنداسين.بعد ۾ پڙهائي ڪري سڀئي گڏجي وارڊ جي وڏي دروازي وٽ ڪي پٽ تي ڪي بينچن تي ويھي رهياسين، ٻہ ٽي ڄڻا ڊوڙ ڪري سئي ڌاڳو کڻي پارڪ ۾ بيٺل گلن مان هار ٺاهڻ لڳا، سڀئي انتظار ۾ بيھي چئي رهيا هئا تہ هاڻي فوجي جنتا جو اهو ڪوڙن وارو هٿيار مڪمل مڏو ۽ ڪوڙو ٿي چڪو آهي.الھہ بچايو مرڻاس هڪ سامراج دشمن قومپرست اديب آهي کيس سال کن ٿيندو جو پريس اينڊ پبليڪيشن جي ڏوھہ ۾ گرفتار ڪري ٻہ سزائون 30 ڪوڙا ملٽري ڪورٽ 18 مان ڏنا ويا آهن، جڏهن تہ 15 ڪوڙا کيس اڳ ۾ بہ لڳي چڪا آهن، هن ڪورٽ ۾ اسٽيٽمينٽ ڏيندي فوجي وحشين کي رڍ ۽ مينھن سڏي پھاڪو ڏنو هو تہ رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورھہ گذري ويا. جنھن تان بہ ڪورٽ جي ميجر غلام محمد پنجاپي کيس جيل تنھا رهڻ جو لکت ۾ حڪم ڪيو، پوءِ کيس ايف آءِ يو تحقيقات جي جيل مان سزا هوندي بہ ڪراچي موڪليو ويو، کيس اتي بہ تشدد جو نشانو بنايو ويو، هڪ مھيني کان پوءِ کيس واپس آندو ويو، ياد رهي تہ هن فوجي حڪومت ۾ کيس اڳ ۾ 1979ع ۾ هڪ سال سزا ۽ 10 ڪوڙا لڳي چڪا آهن.
اوچتو گيٽ جي جوابدار چيو تہ همراھہ اچي پيو سڀئي اٿي همٿ افزائي لاءِ الھبچائي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ دروازي وٽ بيٺا سون، همراھہ کي اصل ڪا بہ پرواھہ نہ آهي، ڏاڍو کلي رهيو آهي چئي پيو تہ هرون ڀرون اچي بڇڙا ٿيا آهن، هي ڪوڙا اسان کي انقلابي مقصد کان نہ هٽائي سگهيا آهن ۽ نہ هٽائي سگهندا. پوءِ امداد، سليمان، قربان ۽ ٻين دوستن گڏجي پراڻي روايت مطابق انقلابي گيت شروع ڪيو تہ پنھنجي هٿ ۾ ريٽو جهنڊو اڀ تائين جهوليندو، او ساٿي اهڙو ڏينھن بہ ايندو باريڪ ۾ محفل موسيقي ڪئي وئي ۽ روايت مطابق قومي گيت ڳائي مرڻاس کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو.

قمر ڀٽي ۽ غلام نبي پنھور جو جهيڙو

اڄ 16.11.82 تي صبح جو سوير معمول مطابق ورزش ڪري اچي ويٺس تہ برداشتي محمد بخش بروهي چانھہ ٺاهي کڻي آيو، بينچ تي چانھہ جو ڪوپ پي سگريٽ دکايم تہ مٿا اوچتو رڙيون ٿيون بچايو، بچايو، خون، خون، رڙيون سڄي وارڊ ۾ گونجڻ لڳيون ايتري ۾ سڀني وارڊن جا شاگرد جيڪي ٽولن جي صورت ۾ چانھہ پي رهيا هئا، رڙين جي آواز تي ٻاهر نڪري آيا، مون کي شير محمد مڱريو رڙ ڪندي چيو ڏاڏا وارو ڪر الائي ڇا ٿي پيو آهي، آئون بہ رڙين تي وٺي ڀڳس سامھون ڏسان تہ غلام نبي پنھور جي هٿ ۾ لوهي سيخ آهي ۽ ڊوڙندو پئي آيو، ڀڄندي وڃي جاءِ واردات تي پھتس ڇا هو جو قمر ڀٽي ۽ غلام نبي پنھور وڙهي پيا هئا، غلام نبي قمر جي ڪمري وڃي کيس چيو تہ تون منھنجي خلاف خط لکي چيو آهي تہ آئون غلط ڪم ڪندو آھيان، اها ڪھڙي شرافت آهي، مون وٽ ثبوٽ آهي ايتري ۾ هن دير نہ ڪندي ويٺل کي ٻہ ٽي ٿڦڙون ۽ ٺئو نشا هنيان، قمر کي هڪ هٿ ڳڄيءَ ۾ هڪ هٿ سندس وڏي رکيل ڏاڙيءَ ۾ وجهي کڻي دسيو، ايتري ۾ علي محمد پنھور بہ اچي هن کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي بھرحال قمر کي تمام گهڻو ڪٽڻ کان پوءِ هن وٺي رڙيون ڪيون تہ مون کي مارين ٿا، بچايو بچايو...بچايو، مون ڀڄندي وڃي غلام نبي کان سيخ کسي ۽ غلام نبي کي علي محمد ڪمري ۾ بند ڪيو دودي مھيري ۽ قربان ارباب سان گڏ الھہ بچائي مرڻاس کي چيم هي ٻئي ڌريون توهان جي تنظيم جون آهن، توهان ڪوشش ڪري هنن ٻنھي کي ٺاهيو، اسين ڪجهہ ڪندا سين تہ توهان چوندا تہ اسان جي تنظيم ۾ مداخلت ڇو ٿا ڪيو، باقي وارڊ ۾ اهي حرڪتون سڀني شاگردن جي بيعزتي آهي، اسين واپس هليا آيا سون. وهنجڻ کان پوءِ ناشتو ڪري اسان معمول مطابق پنھنجي تنظيم جي اسٽيڊي سرڪل ۾ وڃي گڏيل پڙهائي ڪئي اڄ 17 نومبر بين القوامي ڏينھن ملھائڻ جو پروگرام هو، جيڪو ڏينھن ڊي ايس ايف وارا ملھائي رهيا هئا، پڙهائي ڪري باريڪ ۾ ويا سون جتي اڳئي جلسي لاءِ بندوبست ٿيل هو. 17 نومبر چيڪو سلوا ڪيا ۾ 1939ع ۾ پراگ گادي جي هنڌ ۾ هڪ گهٽيءَ ۾ اتي جي شاگردن جرمن فاشسٽن جي خلاف عوام دشمن ظالم حرڪتن جي خلااف آواز بلند ڪيو هو ۽ جرمن جي نازين انھن نوجوانن شاگردن تي گوليون هلايون هيون، نتيجي ۾ ڪافي شاگرد شھيد ٿيا هئا پراگ ۾ جنھن گلي ۾ شاگردن تي گوليون وسايون ويون هيون اتي 1945ع جي انٽر نيشنل اسٽوڊنٽ يونين جي آفيس آهي، جنھن ۾ دنيا جي ملڪن مان ترقي پسند ۽ انقلابي شاگرد جماعتون ميمبر آهن، (آءِ يو ايس) بين القوامي مزدور تحريڪ جو حصو آهي ۽ سندس جدوجھد سان دنياجي باشعور شاگرد نوجوانن هڪ وڏو ڪردار ادا ڪيو. اڄ جي جلسي ۾ (جساف ليفٽ) جي شمس گوپانگ (ايس ايس ٽي) جي اسد گاڏهي، سليمان ڏاهري،(ڊي ايس ايف) جي محمد خان سولنگي، امداد چانڊيي ۽ شير محمد مڱريي روشني وجهندي 17 نومبر جي جوڌن کي سرخ سلام پيش ڪيو ۽ عھد ڪيو تہ اسين بہ انھن جي ڏنل راھہ ۽ قرباني تي پورو لھڻ لاءِ پنھنجي تنظيمي جدوجھد کي عوام جي آواز سان ڳنڍي هلائينداسين.اوچتو منشي ملاقات جي پرچي کڻي آيو ۽ منھنجي، اقبال، خان محمد، شمس جي ملاقات هئي اسين ملاقات لاءِ تيار ٿي ٻاهر وياسون جتي عبدالسميع مڱريو، عنايت هيسباڻي،اصغر وڳڻ ۽ رياض سھتو ملاقات لاءِ آيل هئا، هنن دوستن سان ڏاڍي ڪچھري ڪئي سون، سميع سان ملئي ڪافي ڏينھن گذري چڪا هئا کيس اڄ ڏسي ۽ ملي روح رهاڻ ڪئي سون.اڃا ٻاهر ملاقات روم مان نڪتا سون تہ اسان جي بيٽ جو جمعدار بشيرو پرچي هٿ ۾ جهليو بيٺو هو ۽ مون کي ٻاهر ڪڍي پرچي پڙهايائين، جنھن ۾ لکيل هو تہ سپرنيٽينڊنٽ صاحب اسين جيئي سنڌ جا ست ڄڻا دوست هن وارڊ مان نڪرڻ چاهيون ٿا ڪيڏي مھل بہ جهڳڙي جو امڪان آهي اسان کي ضرور ڳالھيون ڪرڻ لاءِ گهراءِ، آئون ۽ اقبال سڌو ڊپٽي جي آفيس ۾ وياسون ڊپٽي کي چيوسين تہ اسين شاگرد پاڻ ۾ آهيون اسان ڪوشش ڪري مسئلي کي ٺاهيون ٿا، تيستائين توهان ڪجهہ نہ ڪندا، پوءِ تڪڙا وارڊ ۾ آيا سون اچڻ شرط پھريائين (ايس ايس ٽي ۽ ڊي ايس ايف) وارن سان ڳالھايو سين ۽ کين چيو سين تہ پاڻ سڀني جون ڪجهہ اخلاقي ذميواريو آهن، جيڪڏهن هي شاگرد هن وارڊ مان ٻاهر هليا ويندا تہ سٺو نہ لڳندو ان ڪري کين انھي فيصلي تان هٽايو وڃي، جيڪو ڪنھن جي مفاد ۾ نہ آهي ۽ سڀني لاءِ خواري جو باعث بڻجندو، بعد ۾ اسين غير رسمي طرح جيئي سنڌ صالحين وارن وٽ وياسين، دودي ۽ قربان سان گڏ الھبچائي سان ڳالھايوسين امداد چانڊيو، سليمان، اقبال، ۽ آئون گڏجي چوڻ لڳاسين تہ اسين هلي توهان وٽ آيا آهيون اسان کي شان ۽ عزت ڏيڻ سان توهان جو اخلاقي معيار بلند رهندو هن وارڊ مان نہ وڃو جيڪو فيصلو مناسب نہ آهي. دودي، قربان ۽ ارباب چيو تہ اسان جو تنظيمي فيصلو آهي اسين مجبور آهيون، ڇاڪاڻ تہ فيصلو ٿي چڪو آهي هينئر اسين ڪابہ ڳالھہ ٻڌڻ لاءِ تيار نہ آهيون، اسان جو تنظيمي جهيڙو آهي ان ڪري هي ٻہ رهن باقي اسين پنج ڄڻان قمر،الطاف،ارشاد،دودو ۽ قربان هن وارڊ مان وڃون ٿا.ايتري ۾ جمعدار ڊوڙندو آيو تہ متارو، امداد، سليمان ۽ دودو کي سپرنيٽينڊنٽ صاحب گهرايو آهي، اسان سان گڏ قمر ڀٽي بہ هليو، سپرنيٽينڊنٽ جيل جي دروازي جي ڀرسان ڪرسي رکيو ويٺو هو، ڪيڏي نہ شرم جھڙي گهڙي هئي ھنن دوستن سپرنيٽينڊنٽ کي چيو تہ اسان کي ڪنھن جي بہ ڳالھہ منظور نہ آهي اسين هتي نٿا رهڻ چاهيون، سپرنيٽينڊنٽ ٽوڪ ڪندي چيو تہ اوهين قومي ڪارڪن آهيو ۽ قومن جون تقديرون بدلائڻ لاءِ جيل ۾ آهيو ۽ پاڻ ۾ نٿا رهي سگهو هڪ ٻئي کي برداشت نٿا ڪري سگهو باقي مستقبل ۾ ڇا ڪندو، هن وقت اسين مجبور ٿي چڪا آهيون، اسان کي ڏاڍو تنگ ڪيو اٿو هاڻي جيڪي بہ غير سياسي خطرناڪ سرگرمين ۾ آيل ڪرمنل توهان وٽ شاگرد جي روپ ۾ رهيل آهن، اهي وارڊ مان ڪڍو، بحرحال هنن دوستن اسان شاگردن جي ڪنھن ڳالھہ ۽ گذارش کي نہ مڃيو وري بہ سپرنيٽينڊنٽ جي چوڻ تي راضي ٿيا تہ اسين پاڻ ۾ ٺھڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، جيڪڏهن اسان جي تنظيم اهو فيصلو ڪيو تہ هي ٻئي يعني غلام نبي ۽ علي محمد پنھور اسان جي وارڊ مان نڪري وڃن يا ٻيو ڪو حل ڪڍي توهان کي هڪ ڪلاڪ ۾ فيصلو ٻڌايون ٿا. وارڊ ۾ واپس آياسين، اسان ٽن تنظيمن کي ڏک ٿيو جڏهن قمر ڀٽي چيو تہ توهان رڳو رسم پوري ڪري اسان وٽ آيا آهيو، ان جو اسان جي طبيعت تي ڪو بہ اثر نہ پيو آهي، مگر سپرنيٽينڊنٽ جي چوڻ تي هنن ها ڪئي، هنن اهو پھريون دفعو نہ ڪيو آهي مگر اڳ ۾ بہ ڪافي اهڙا مسئلا ٿيندا رهيا آهن هي شاگرد تنظيمن کان نفرت ڪن ٿا ۽ سپرنيٽينڊنٽ جي چوڻ تي سڀ ڪجهہ ڪندا رهيا آهن، بھرحال سندن قومي ڪارڪن سڏائڻ سڄي سنڌي قوم لاءِ ھڪ سوال جو نشان آھي، آخر هنن تنظيمي فيصلو ڪيو تہ هو ٻئي هن وارڊ مان ڪڍيا وڃن پوءِ هنن سپرنيٽينڊنٽ کي لکيو تہ اسان جو فيصلو آهي تہ هنن کي هن وارڊ ۾ نہ رکيو وڃي مطلب تہ دودي بہ قمر جي دٻاءَ ۾ اچي پنھنجي ڪارڪنن کي جيل انتظاميا جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو، بعد ۾ مون کي سپرنيٽينڊنٽ گهرايو مون کيس چيو تہ آخر هي بہ شاگرد آهن ۽ هنن کي هتي رهڻ ڏنو وڃي، واپس آيس تہ جتي ڪٿي تبصرا لڳا پيا ھئا.

سپرنيٽينڊنٽ جيل جي چالاڪي ۽ مڪاري

.18.11.82 تي اڄ معمول مطابق پڙهائي ڪرڻ بعد اخبارون پڙهيون سين.اڄ غوث شاھہ، عبدﷲ شاھہ، غلانبي پنھور ۽ علي محمد سان ملڻ جي لاءِ ڊپٽي کي درخواست ڏني سون، تہ ٿوري دير اسان کي انھن سان ملاقات ڪرائي وڃي، ڊپٽيءَ سپرنيٽينڊنٽ کي ملاقات ڪرائڻ لاءِ چيو سپرنيٽينڊنٽ ڏاڍو چالاڪ ۽ مڪار آهي اهو يڪدم سڄي اسٽاف سان وارڊ جي رائونڊ جو پروگرام ٺاهي اچي نڪتو اوچتو در تي جمعدار سيٽي وڄائي اسين تاش کيڏي رهيا هئا سين، تڪڙا ٻاهر نڪتاسين سپاهي ڊوڙندو منھنجي ڪمري ڏي اچي رهيو هو ۽ ڊڄندي چوڻ لڳو تہ توهان کي صاحب سڏي ٿو ايتري ۾ تقريبن شاگرد کولين مان نڪري آيا. سامھون والي بال جي ميدان تي سپرنيٽينڊنٽ چوڻ لڳو تہ توهان سڀني تنظيمن فيصلو ڪري هنن ٻن کي هن وارڊ مان ڪڍي ڇڏيو آهي، هاڻي هنن سان ملاقات ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي، وري وڌيڪ غلط فھميون پيدا ٿينديون ۽ زور سان چوڻ لڳو تہ الھہ بچايا مرڻاس صاحب توهان کي مون سڏ ڪرايو ان لاءِ تہ ڪيئن آئون صحيح ٿو چوان يا نہ...؟ هو سپرنيٽينڊنٽ جي اشاري تي وڏيري جي ڪمدار وانگر وچ ۾ بيھي چوڻ لڳو صاحب سچ ٿو چوي پنھجو وڏو آهي، توهان اسان جي تنظيم ۾ مداخلت ٿا ڪريو ۽ همراھہ سپرنيٽينڊنٽ کي پاڻ وڻائڻ لاءِ ڪجهہ گرم ٿي ويو، غوث شاھہ ۽ عبدﷲ شاھہ سپرنيٽينڊنٽ کي چيو تہ اسين هنن جي فيصلي جي ڪري ٻنھي کي واپس وارڊ نٿا گهرايون، اها اسان غلطي نہ ڪئي آهي باقي رهيو سوال تہ اهو سڀني تنظيمن جو فيصلو نہ آهي صرف جيئي سنڌ (جي ايم سيد) وارن جو فيصلو آهي ايتري ۾ مرڻاس تمام گهڻو ڳالھائي اجائي بحث بازي شروع ڪئي ۽ الطاف بہ مداخلت ڪئي، انھي تي مون کي ڏاڍو ارمان ٿيو ۽ ڪاوڙ بہ لڳي سو ڪجهہ چڙ ۾ اچي هنن سڀني شاگردن جي اڳيان ۽ آفيسرن اڳيان چيم تہ اهون منازرو بھتر نہ آهي جيڪڏهن ملاقات نٿي ڪرائي وڃي تہ ٺھيو، بس ڪريو، سپرنيٽينڊنٽ وڃڻ لڳو سڀئي واپس ٿياسين اوچتو غلانبي خشڪ صفا اکيون ڦوٽاري وڏي آواز ۾ چوڻ لڳو اها غوث شاھہ ۽ عبدﷲ شاھہ جي ڪھڙي شرافت آهي، ڇو پرچي لکي سپرنيٽينڊنٽ کي گهرايو اٿس...؟ مطلب تہ همراھہ هنن تي چڙهي ويو ۽ داداگيريءَ سان دٻائڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو تہ ٺيڪ آهي توهان ٻئي هن وارڊ مان نڪري وڃو مون کي اهو ڏاڍو ڏکيو لڳي رهيو مگر خاموشي اختيار ڪندي اچي ڪمري ۾ ويٺس، شاھہ وارن بہ خشڪ کي چيو تہ تون اسان جي تنظيم جو ٿي ڪري اجائي ڊيگهہ پيو ڪرين ٻيو ڪو هجي تہ خبر پئجي وڃيس، مون بہ خشڪ کي چيو تہ صالحين جون حرامپايون توکي ڏسڻ ۾ نٿيون اچن باقي پنھنجن تي ايترو گرم نہ ٿي، بحرحال اقبال بہ چيو تہ شاھہ وارن اهو سٺو نہ ڪيو ڀلي هن وارڊ مان نڪري وڃن ۽ شمس گوپانگ بہ ائين چيو.
شام جو غلام نبي ۽ اقبال ناريجو آيا تہ هنن چيو تہ شاھہ وارن وارڊ مان نڪري وڃڻ جي پرچي لکي آهي تہ کيس روڪيون ڇو تہ تنظيمي بيعزتي ٿيندي ٻاهر 12 جنوري 1983ع تي ڪنويشن ٿيڻو آهي، هي ٻاهر خط لکندا ڏاڍو ڪم خراب ٿيندو، مون چيو تہ هي ڀلي وڃن ڇو تہ سڀئي هنن مان بيزار آهن، هي تمام غريب آهن جن جي ٻہ ٽن مھينن ۾ بہ ملاقات نٿي اچي اهڙي حالت ۾ هتي جا وچولي طبقي جا شاگرد سدائين هنن کي ڪنھن نہ ڪنھن صورت ۾ بيعز تي جو نشانو بڻائيندا رهيا آهن اڳم ۾ بہ خشڪ، غوث شاھہ کي گهٽ وڌ ڳالھايو ۽ ٻين لاءِ موقعا ڳوليا پيا وڃن، بعد ۾ هنن مون کي چيو تہ اسان سان گڏجي هل اقبال ٻانھن مان ڇڪيو گڏجي غوث شاھہ کي چيو تہ اڄ توهان وارڊ نہ ڇڏي وڃو صبح جو تنظيمي ميٽنگ ڪري فيصلو ڪندا سين، آخر گهڻي زوربار کان پوءِ غوث شاهراضي ٿيو تہ سڀاڻي تائين اسين ترسون ٿا، اقبال ۽ شمس رات جو مون وٽ بند ٿيا آهن.

اقبال ناريجي جي نگراني ۾ جيل ۾ ٻي ميٽنگ بہ بدنظمي جو شڪار

اڄ 19.11.8ع تي جمعي جو ڏينھن هئڻ ڪري اسٽيڊي سرڪل جي موڪل هئي اڄ ميٽنگ جو پروگرام هو، ميٽنگ گهرائي سون، شمس، خان محمد، سڪندر،غلام نبي خشڪ، غوٽ شاھہ، عبدﷲ شاھہ، اقبال ناريجو ۽ آئون ويٺاسين اقبال ڪارروائي هلائي ۽ ٻہ ايجنڊائون رکيون هڪ تہ پنھنجي تنظيمي ساٿين ٻين جي مسئلن ۾ مداخلت ڇو ڪئي ۽ ٻي تہ پنھنجي تنظيم وارن پاڻ ۾ منھن ماري ڇو ڪئي؟ غوث شاھہ يڪدم چيو تہ هتي ميٽنگ ۾ گهڻائي منھنجي خلاف آهي اِها هڪه هٽي هميشہ رهي آهي ان ڪري ڪالھہ واري ايجنڊا نہ رکو، باقي ٻي ڪا ايجنڊا هجي تہ رکو آخر گهڻن جي راءِ سان اهي ٻئي ايجنڊائون پاس ٿيون، ايتري ۾ غوث شاھہ چوڻ لڳو تہ هميشہ اسان سان ناانصافي ڪري پوءِ ان کي تنظيمي رنگ ڏئي ڳالھہ ٽاري ويندي آهي اسين تنظيم جا سچا ڪارڪن آهيون جنھن لاءِ اسان کي عزت آهي، باقي هتي اسين نہ رهي سگهنداسين، ڇو تہ هنن خان محمد ۽ غلام نبي وارن کي اسان کان دلي نفرت آهي، روز روز پيا دٻائين ڪيڏي مھل ڪاوڙ ۾ ڪو ڪنھن کي ڌڪ هڻي ڪڍي، اسين غريب آهيون ۽ بھتر آهي تہ اسان هليا ٿا وڃون، اهو چئي هنن ميٽنگ جو بائيڪاٽ ڪيو، ساڻس عبدﷲ شاھہ گڏجي نڪري ويو بعد ۾ غلام نبي چيو تہ اقبال ۽ ڏاڏو وري هنن کي سمجهائين، آئون معافي وٺڻ لاءِ تيار آهيان، اسان ٻنھين انڪار ڪيو ڇو تہ اهڙي ڪوشش اڳ ۾ ڪئي وئي هئي وري کين منٿون ڪرڻ مان ڪو فائدو نہ هو، اهڙي طرح ميٽنگ جنھن جي ڪارروائي اقبال ناريجو هلائي رهيو هو ۽ جيل ۾ سندس اها ٻي ميٽنگ هئي بدمزگي جو شڪار ٿي وئي سڀڪو پنھجي منھن روانو ٿي ويو.
شام جو غوث شاھہ ۽ عبدﷲ شاھہ جيل انتظاميہ کي چيو تہ جيڪڏهن اسان کي هن وارڊ مان اڄ نہ ڪڍيو ويو تہ اسين بند نہ ٿيندا سون، دير هئڻ ڪري کين مون چيو تہ اڄ جمعو آهي موڪل هئي سڀاڻي ڏسنداسين، اڄ اوهين بند ٿي وڃو مون کي ٻئي چوڻ لڳا تہ ڏاڏا اسين تنھنجا شڪر گذار آهيون تو کي رت کپي تہ حاضر آهي ٺيڪ اڄ بند ٿيون ٿا سڀاڻي کٽي قسمت.

غربت جي گهوٽالي وچان ٻہ دوست وارڊ مان بي دخل

20.11.82ع تي سپرنيٽينڊنٽ وارڊ جو رائونڊ صرف انھي ڪري ڪيو تہ غوث شاھہ ۽ عبدﷲ شاھہ وارڊ بدلي ڪرائڻ لاءِ کيس لکيو هو ان ڪري سپرنيٽينڊنٽ آيو، جنھن اچڻ شرط سڀني شاگردن کي گهرائي چيو تہ هنن کي ڪھڙي شڪايت آهي، آخر هي وارڊ مان ڇو ٿا وڃن..؟ انھي تي هنن ٻنھين چيو تہ اسان کي ڪنھن کان ڪابہ شڪايت نہ آهي اسين شاگرد آهيون، وري بہ پاڻ ۾ ٺھي وينداسين، باقي هينئر ڪجهہ ڳالھہ آهي، سپرنيٽينڊنٽ چيو تہ مون توهان جي اسرار تي سڀني شاگردن کي گڏ رکيو هو ۽ سامھون متارو بيٺو آهي انھي جي چوڻ تي مون ائين ڪيو هو متارا اڄ تون ڇو نٿو ڳالھائين..؟ مون چيو تہ اسان دوستن کي ڪافي سمجهايو آهي مگر نہ ٿا مڃن ان ڪري جيڪا سندن مرضي آخر سپرنيٽينڊنٽ چيو تہ ٺيڪ آهي مون وٽ ٻي ڪا بہ جڳھہ نہ آهي باقي ڪاري چڪر ۾ بندوبست ڪيون ٿا انھي تي هنن چيو تہ ٺيڪ آهي اسان کي ڪٿي بہ رکو آخر ۾ سپريڊنٽ هليو ويو، اٽڪل ٻہ بجي ڌاري جعمدار وارڊ ۾ آيو ۽ غوث شاھہ،عبدﷲ شاھہ کي چيائين تہ ٽپڙ ٻڌو هلو صاحب توهان کي A ڪلاس ۾ رکڻ جو حڪم ڪيو آهي، پوءِ تہ آئون بہ خوش ٿيس، آخر همراهن کي ٽپڙ ٻڌرايم امداد، شير محمد، محمد خان ۽ مون گڏجي کين رخصت ڪيو چاچي شمس،الھہ بچائي مرڻاس ۽ دودي مري بہ دروازي تي اچي هنن کان موڪلايو ۽ آخر همراھہ A ڪلاس ڏي روانہ ٿي ويا اصل اکين ۾ پاڻي اچي وين ۽ چوڻ لڳا تہ ڪو وقت هوندو هو جو اهي جيڪي اڄ اسان جي بيعزتي ڪن ٿا پويان سائين سائين ڪندا هئا ۽ اڄ اسين غريب مسڪين ٿي ويا آهيون، صرف غريب هجڻ ڪري دوست جيل ۾ هٿ ڪڍي ويا آهن، مڙئي خير آهي، اسين قومي ڪارڪن آهيون دال ماني تي بہ گذارو ڪري وينداسين ڪا ڳالھہ نہ آهي مون کي ڏاڍو ارمان ٿيو ۽ سوچيم تہ واقعي غربت ئي مصيبتون برداشت ڪري سگهي ٿي ۽ غربت مان انقلابي فڪر سوچون ۽ نفسيات ٺھي ٿي، مجبوري انسان کي سڀ ڪجهہ ايستائين جو زندگي جي قرباني ڏيڻ تي راضي ڪري ڇڏي ٿي، بحرحال هنن همراهن کي آئون پنھنجي غربت حال سارو سنڀاليندو آيو آهيان ۽ سنڀاليندو رهندس، اهو منھنجو اخلاقي فرض آهي هينئر بہ سندن ماني وغيرہ جو بندوبست مون تي آهي، جيستائين آئون هن جيل ۾ آهيان تيستائين نڀائيندس ۽ ٻاهران بہ مدد ڪرائيندس ٻيا تنظيمي ساٿي ڀلي بي وفا ٿي وڃن ٻين جي چوڻ تي ڇا بہ ڪن پر آئون نڀائيندو رهندس جيڪو منھنجو حال آهي.

دوستن جي مرڪزي چيئرمين لاءِ اليڪشن ۾ بيھڻ جي صلاح

اڄ 25.11.82 تي سمري ملٽري ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس ۾ پيشي هئڻ ڪري صبح جو سوير اٿيس معمول مطابق ورزش ڪري پوءِ وهنجي ناشتو ڪري تيار ٿيس، ايتري ۾ ٻيا دوست بہ تيار ٿي ويا، اڄ جن جي تاريخ هئي انھن مان شمس، خان محمد، عبدﷲ شاھہ، سانوڻ، قمر ڀٽي، قربان، ارباب، دودو مھيري، غلام نبي پنھور، ٿورڙي دير ٿيڻ ڪري جيلر حيدرالزمان وارڊ ۾ اسان کي وٺڻ لاءِ پھچي ويو سڀئي گڏجي نڪتا سين سڀڪو اهڙو تيار ٿيل آهي جو ڄڻ تہ جيل ۾ شادي اٽينڊ ڪرڻ آيا آھن، دروازي تي پھتا سين تہ ماڙي ۾ داخل ٿيڻ شرط ٻن ٻن کي گڏ هٿ ڪڙيون هڻندا ويا، مونکي ۽ سانوڻ هنڱوري کي هٿ ڪڙي لڳائي وئي، ٻاهر نڪاسين تہ پوليس پھريائين ڪجهہ رعب ڄمائڻ لاءِ ڏکيائي پئي ڪئي مگر سڀئي سھڻا کلندڙ ڳاڙهن ڳلن وارا جوان جيڪي پوليس جي بداخلاقي تي يڪدم مڇرجي ويندڙ هئڻ ڪري پوليس پنھنجي رويي ۾ تبديلي آندي آخر گاڏي ۾ ويٺاسون گاڏي وڏي ۽ بند هئڻ ڪري ٻاهر بلڪل نظر نہ پئي آيو، پاڻ ۾ کل ڀوڳ ڪندا رهياسين گاڏي هلندي رهي آخر ڪجهہ دير بعد پوليس لاڪ اپ تي پھچي وياسين جتي وڏي تعداد ۾ پوليس بيٺل هئي لھڻ شرط سڌا لاڪ اپ کان ٻاهر وڃي ويٺاسين، پوليس پھريائين زور ڀريو تہ اندر بند ٿيو مگر اسان ضد ڪيو تہ هو ماٺ ڪري بيھي رهيا، ٿوڙي دير ۾ تمام گهڻو گوڙ ٿي ويو ۽ پوليس لاڪپ تان رواني ٿي وڃڻ ڪري ڪورٽ ڏانھن ٽولي جي صورت ڏانھن روانا ٿياسين، سامھون ڪورٽ جي بينچن تي ويٺاسين ٿوري دير ۾ دوستن بہ اچڻ شروع ڪيو، اڃا ڳالھين ۾ هئا سين تہ سامھون ڀاءُ محمد يوسف سفيد ميرڙن ڪپڙن ۾ اجرڪ ڪلھن ۾ وجهيو بنا تڙ جي ڏاڙهي ٿورڙي ٿورڙي وڌيل ۽ جوتي تي گپ ۽ مٽي لڳل اُرھہ ڪڍيو وڏي ارڏائي سان مون وٽ آيو، اچڻ شرط پھريائين ٻين قيدي شاگردن کي عزت سان ڀاڪر پائي مليو، شاگردن بہ سندس عزت سان آڌر ڀاءُ ڪيو، سڀني سان ملندو اچي مون کي ڀاڪر پاتائين ماٺ ماٺ ۾ هڪ ٻئـي کي ڇا تي ڇاتيءَ ۾ ڏئي سنھڙو زور ڏنو سين، سندس جسم سنہون مگر رڪ وانگر مضبوط ۽ طاقتور آهي، يڪدم ڀرسان ڏاڍي سادگيءَ سان ڀت تي مٽيءَ جي پرواھہ نہ ڪندي ويھي رهيو، اچڻ شرط کل ڀوڳ ۽ ٽوڪون پاڻ ۾ شروع ڪيوسين، چوڻ لڳو تہ جيل ۾ هاڻي ڀاڙيا تہ نہ ٿيا آهيو..؟ چيم ڇا اهو ممڪن آهي، تون پاڻ سوچ جهڪڻ ۽ شڪست قبول ڪرڻ پنھنجي رت ۾ آهي، اصل ماٺ ٿي ويو ۽ چھري تي خوشيءَ جا تاثرات چپن ۾ مرڪ سان غور ڪري ڏسڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو پرواھہ نہ آهي، دنيا ۾ پئسي جي اهميت ڪا بہ نہ آهي، اسان کي گهرجي تہ بزدلي ۽ غلاميءَ کي نہ قبوليون مڙس ٿي منھہ ڏيون، سندس اهي لفظ مون ۾ وڌيڪ مضبوطي ۽ پختگي پيدا ڪري ڇڏيندا آهن، ڪجهہ ڪچھري ۾ ڳوٺ جا حال احوال ڪياسين چوڻ لڳو تہ رات پاڻي جو وارو هو سو پنجين وڳي پاڻي بند ڪرائي ڳوٺ کان نڪتو آهيان، سيءُ بہ ڏاڍو هو مگر اچڻو هو، بھرحال ڳوٺ سڀ خير هو، همراھہ ننڍا وڏا ڏاڍا خوش هئا، اصل تو کي ياد ٿا ڪن، پوءِ چوڻ لڳو تہ پئسا جام آهن، حڪم ڪر سامان جي لسٽ لکيل ڏني مانس هٿ ۾ کڻي بنا پڙهڻ جي بازار ڏانھن روانو ٿي ويو، ٻين ملاقاتين ۾ سردار محمد صالح ڏاهري، عبدالسميع مڱريو، ظفر ڀٽي، غلام رسول زرداري، رحمت ﷲ هيسباڻي، خدابخش ڏيرو، حسن لغاري سنڌ يونورسٽي ۽ حسن لغاري مھراڻ يونيورسٽي، احمد چانڊيو، مير واحد ڪاڪيپوٽو، سليم حاجاڻو، سومار ساند ۽ ٻيا ڪيترائي سنڌ جي مختلف تعليمي ادارن مان شاگرد ملڻ لاءِ آيا هئا، ڏاڍيون ڪچھريون ٿيون سڀني شاگردن جو خيال هو تہ تون پنھنجي تنظيم ۾ مرڪزي چيئرمين لاءِ بيھ.
ڇو تہ ڪنويشن 12 جنوري 1983ع ۾ تي رهيو آهي، تنھنجي مقابلي ۾ ڪير بہ نہ کٽي سگهندو ۽ اهڙين حالتن ۾ مضبوط ۽ انسان دوست قيادت جي سخت ضرورت آهي، مون کين چيو تہ دوستو، آئون هر ذميواري کڻڻ لاءِ تيار آهيان. شاگرد سياست ۾ مٿو گنجو ڪري چڪو آهيان ۽ چار سال روپوشي ۽ ايف آءِ يو جي ٽارچرن کان پوءِ بہ منھنجو مقصد اهو آهي تہ آئون تنظيمي پڙهائي، اسٽڊي سرڪل ۽ ليڪچرس وغيرہ جي ذميواري پاڻ تي کڻان ٿو. ان کان پوءِ ٻيو شوق اٿم تہ هارين ۾ ڪم ڪندس، هينئر مرڪز ۾ ڪا باصلاحيت قيادت آڻيو جيڪا شاگردن ۽ سنڌ جي لاءِ اصلاحي ۽ ترقي پسند ڪم ڪري سگهي.
12 بجي ڪورٽ ۾ سڏ ٿيو ميجر اکيون ڳاڙهيون ڪيو ويٺو هو، کيس چيم تہ هي ڪھڙو انصاف آهي نا معلوم ڪيسن ۾ 29 مھينا بنا فيصلي جي هلي رهيو آهيان، حيرت جھڙي ڳالھہ آهي تہ صرف شاگرد سرگرمين ۾ ٽي سال جيل ۾ رکيو ويو آهي، ميجر صاحب پاڪستان ۾ ڪا انصاف جي بہ گنجائش آهي يا نہ....؟ منھنجي اهڙي اسٽيٽمينٽ تي ميجر جو منھن ڪارو ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو تہ منھنجي هٿ ۾ ڪجهہ بہ نہ آهي، باقي سڀ ڪجهہ ڊي ايم ايل اي صاحب جي هٿ ۾ آهي آئون ڪجهہ بہ نہ ٿو ڪري سگهان، ميجر جي اهڙي جواب تي بحث ڪرڻ اجايو هو ان ڪري ماٺ ڪري ٻاهر نڪتاسين، سڀني دوستن پڇيوتہ ڇا ٿيو چوڻ لڳاسين تہ هن ڪورٽ ۽ ميجر جي هٿ ۾ ڪجهہ بہ نہ آهي، رڳو ٽيليفون تي سزائون، ڏنڊ، ڪوڙا ڏيڻ جو آرڊر ٿيندو آهي، سو فلحال انصاف جي ڪا بہ گنجائش نہ آهي.
اڄ حاجي فتح محمد ڪاڪيپوٽوجيڪو منھنجي مرحوم بابا سائين فقير محمد هاشم ڏاهري جو ڀائرن وانگر دوست هو، ويچارو ملاقات لاءِ آيو هو، ساڻس عزت سان پيرن تي هٿ رکي مليس ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چوڻ لڳو تہ پٽ آئون توسان ملڻ لاءِ ٻہ ٽي دفعا آيو آهيان، پر تون ڪونہ مليو آهين، ﷲ کي ياد ڪر ۽ ٻيو اسان لاءِ ڪوبہ حڪم هجي تہ اسين حاضر آهيون، وڃي ڪنھن جي در تي ويھون، مون سندس شڪريو مڃيو ۽ چيم تہ چاچا سائين مونکي ٽي سال جيل ۾ ٿي ويا آهن، هينئر حڪومت مونکي ڇڏي ٿورو ڪونہ ڪندي، ان ڪري ڪنھن کي منٿ ڪرڻ مناسب نہ آهي، جي ضرورت پئي تي توهان کي چونداسين، بعد ۾ موڪلائي گاڏي ۾ ويٺاسين، گاڏي حيدرآباد جي گهٽين مان گهمندي جيل پھتي، بيٺل پوليس کي 20 رپيه خرچي طور ڏئي جيل جي دروازي ۾ داخل ٿياسين سامان جي جهڙتي ۽ جسم جي جهڙتي ورتائون پوءِ پنھنجي وارڊ ۾ پھتاسين.
جيل ۾ پھچڻ سان معلوم ٿيو تہ اڄ ناز سنائي کي 15 ڪوڙا هنيا اٿن ڏاڍي بھادري سان برداشت ڪيائين.

جيل انتظاميا جون سازشون

جيل انتظاميا جون سازشون، شاگردن کي آزادي جي آسرو ڏئي ڳريون رقمون ۽ سياست ڇڏڻ جون آفرون

اڄ 82-12-6 تي صبح جو سويل معمول مطابق ورزش ڪري روم ۾ آيس تہ ڪيڏي مھل گيٽ جي جوابداردروازي مان داخل ٿيندي وڏي آواز ۾ چيو تہ ڪجهہ شاگردن کي D.M.L.A گهرايو آهي، انھن ۾ 1. سليمان ڏاهري 2. قربان ارباب 3. غلام نبي پنھور 4. اقبال ناريجو جلدي تيار ٿين پوليس وارا دروازي تي پھچي ويا. اصل سڄي وارڊ ۾ هلچل مچي وئي ڪجهہ شاگرد کولين مان نڪري آيا. جڏهن تہ اهو اطلاع ڪلھہ شام والي بال راند رهي بس ڪئي سون تہ سپاهي ٻڌايو هو، گهرايل شاگرد صبح سويل تياري ۾ لڳي ويا. اڄ سمري ملٽري ڪورٽ ۾ ٻين شاگردن مان قمر ڀٽي ۽ الطاف تنيو جي تاريخ هئي.
سڀئي شاگرد روانہ ٿيا پويان رهيل شاگرد اهو انتظار ڪري رهيا هئا تہ ڇا ٿو ٿئي. اٽڪل 2 بجي سڀئي واپس وارڊ ۾ پھچي ويا، سڀڪو حال احوال وٺڻ لاءِ سندن ڪمرن ڏانھن هليو ويو، مون کي سليمان ڏاهري پنھنجي دروازي جي اڳيان اچي مليو ۽ احوال ٻڌايائين تہ سڌو D.M.L.A هيڊ ڪواٽر ۾ وياسين،جتي هڪ ميجر مسعود نالي جيڪو D.M.L.A جو پي اي هو، جنھن سڀ ڪنھن کي نمبر سان اڪيلو اڪيلو ڪري گهرايو، سڀ کان پھريائين آئون ويس. مونکي چوڻ لڳو تہ توهان شاگردن کي اسان انھي لاءِ گهرايو آهي تہ اسين توهان کي آزاد ڪريون ۽ انھي سلسلي ۾ اسان ڪلھہ آزادي جا آرڊر ڪڍي بہ ڇڏيا آهن، باقي مسئلو هي آهي تہ ڪجهہ شرط آهن انھن کانسواءِ ڪنھن کي بہ نہ ڇڏينداسين، اسان جيل ۾ رهيل شاگردن جون ڪئٽيگريز ٺاهيون آهن جيڪي A-B-C تي مشتمل آهن، توهان C ڪئٽيگري جا آهيو، اسان توهان جي تعليمي ادارن جي سربراهن کان، ڪمشنر کان ۽ ٻين مختلف سول ۽ مارشل لا انٽيليجنس برانچن کان بہ رپورٽون وٺي مطفقہ طور فيصلو ڪيو آهي تہ صرف اوهان گهرايل شاگردن کي آزاد ڪنداسين ۽ باقي جيڪي شاگرد رهندا انھن کي سزائون ڏينداسين، شرط هي آهن تہ سڀڪو شاگرد هڪ لک رپيه جي Bank guaranty ڏيندو ۽ ان سان گڏ پنھنجي علائقي جي ڪائونسلر، ۽ ڪنھن صاحب حيثيت مائٽ کان ۽ توهان پاڻ لکت ۾ ڏيندا تہ اسين آئيندہ لاءِ ڪنھن بہ سياسي سرگرمي ۾ حصو نہ وٺنداسين، توهان لاءِ اهو سٺو آهي وڃي پنھنجي تعليم حاصل ڪريو نہ تہ اجايو پيا جيلن ۾ سڙندا، ڏاڏا هن ڳالھائي بس ڪيو تہ آئون شروع ٿيس، مون کيس شروع ۾ چيو تہ مونکي ڪنھن نامعلوم ڪيس ۾ اٽڪل 22 مھينا بنا ڪنھن فيصلي جي جيل ۾ گذري چڪا آهن، جيڪڏهن سزا ڏني وڃي ها تہ هن مھل تائين اسين آزاد ٿي چڪا هجون ها، ان ڪري مونکي توهان جا اهي شرط بلڪل قبول نہ آهن، توهان مھرباني ڪري مون تي ڪيس هلايو، جيئن آئون سزا ڪاٽي نڪري وڃان، پوءِ ميجر ڏاڍيون مرليون وڄائيون، چوڻ لڳو تہ ضد ٺيڪ نہ آهي، جيڪڏهن تون غريب آهين تہ ڪجهہ پئسا گهٽ ڪنداسين ۽ آئون تنھنجي لاءِ جرنل کي چوندس بھرحال مون بلڪل جواب ڏنومانس ۽ پوءِ هليو آيس ۽ بعد ۾ ٻيا ويا، جن مان اقبال ناريجي چيس تہ پئسن واري شوئرٽي نٿا ڏئي سگهون، باقي ٻي ڪابہ چوندا تہ ٺيڪ آهي، قربان ارباب ۽ غلام نبي پنھور تيار ٿيا تہ اسان کي شرط قبول آهن، باقي پئسن جي شوئرٽي 30 هزار ڪئي وڃي، جڏهن سڀئي ٻاهر نڪتاسين تہ قمر ڀٽي جيڪو ڪورٽ ۾ شنوائي لاءِ ويو هو، اهو اوچتو اچي ڪڙڪيو، پوليس ۽ ڪورٽ جي ميجر کي منٿون ڪرڻ لڳو تہ D.M.L.A سان ملاقات ڪرڻ ڏيو تہ کيس آزادي لاءِ ڪجهہ عرض ڪيان، اچڻ شرط ميجر سان ملڻ جي پرچي لکيائين، ميجر جواب موڪليس تہ تنھنجو وڏو ڀاءُ اسان سان ملي ويو آهي، تنھنجي ڳالھائڻ جي ضرورت نہ آهي. پوءِ هن وري پرچي لکيس تہ سڀاڻي مونکي سائين جن ضرور گهرائيندا، آئون ڪجهہ روبرو عرض ڪندس....! ميجر جواب موڪليو تہ ٺيڪ آهي. سڀاڻي توکي گهرائينداسون، بعد ۾ پوليس جي ڳاڏي ۾ ويھي واپس پھتا آهيون، هاڻي ڏسجي تہ ڇا ٿو ٿئي همراھہ حال احوال ڏئي بس ڪيو، دلي طرح کيس بھادر سمجهي شاباش چيم ڇو تہ آزمائشن ۾ ارادي جي پختگي جيل کي مات ڏيڻ لاءِ ضروري آهي، باقي قمر ڀٽي کي ائين نہ ڪرڻ کپندو ھو.

يونيورسٽي ۾ منھنجي سياسي ڪيريئر خلاف دوستن جون سازشون

اڄ 82-12-7 تي صبح جو سويل ورزش کانپوءِ وهنجي ناشتو ڪري اسٽيڊي سرڪل ۾ پڙهياسين اسٽيڊي ۾ ويٽنامي ورڪرز پارٽي وارو ڪتاب پڙهي پورو ڪيوسين، اخبارون پڙهي منجهند جي ماني کائي اچي ڪمري ۾ ننڊ ڪرڻ لاءِ کٽ تي ستس، اوچتو ملاقات لاءِ منشي اچي رڙ ڪئي تہ ڏاڏا تنھنجي ۽ غلام نبي خشڪ جي ملاقات آهي، اٿي ڪپڙا تبديل ڪري غلام نبي خشڪ کي سڏ ڪري ٻاهر نڪتس، ڇا هو جو سڀاڻي صبح جو اسانجي وارڊ جي ڀرسان ڦاسي گهاٽ وارڊ ۾ ٻہ قيدي ماڇي آهن جن کي صبح 5 بجي ڦاسي تي لٽڪايو ويندو، جن کي خون جي الزام ۾ سزا آئي آهي، آمر جنرل ضياءُالحق سندن رحم جي اپيل بہ رد ڪري ڇڏي آهي، ان ڪري ڦاسي تي چڙهندڙن جي سڄو ڏينھن ملاقات پئي هلي. سند عزيز ۽ دوست مائرون ۽ ڀينرون روئندي اچي ۽ وڃي رهيون آهن، اسانجي آيل دوستن ڇا ڪيو جو انھن ڦاسي کائيندڙ دوست قيدين جي لاءِ ملاقات لکرائي اچي انھن سان مليا، پوءِ اسان جي وارڊ جي اڳيان اچي بيٺا ۽ اسان کي سڏ ڪرايائون اسين ٻاهرنڪتاسين تہ همراهن اشارو ڪيو تہ ماٺ ڪجو اسين چوريءَ آيا آهيون، جن ۾ گل جوڻيجو، اصغر وڳڻ، حسن لغاري، غلام رسول مغيري ۽ هڪ ٻيو شاگرد هو، هنن سان ڀاڪر پائي ملياسين کين اندر وارڊ ۾ وٺي اچڻ جي ڪوشش ڪئيسون، مگر ڊيوٽي جيلر پھچي ويو، تنھن کي شڪ پئجي ويو ۽ پوءِ اڳتي ماڙي ڏانھن روانہ ٿياسين همراھہ دروازي مان لنگهي ٻاهران اچي بيٺا جتي شفقت ڏاهري بہ آيل هو، همراهن ڪچھري ۾ خاص طرح چيو تہ پنھنجي تنظيم جو ڪنوينشن 12 جنوري 1983 تي آهي جنھن لاءِ ٻاهر هلچل متل آهي، شاھہ محمد شاھہ، قمر راڄپر ۽ ابوبڪر زرداري ظاهر طرح گروپنگ ڪري ڏني آهي ۽ چون ٿا تہ جيل مان ڪير بہ نٿو بيھي سگهي، مگر شاگردن جي ميجارٽي اهو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي تہ جيل وارا بہ بيھي سگهن ٿا. ان ڪري هنن وري ٻي پلاننگ ٺاهي آهي، ڪھڙي بہ حالت ۾ پنھنجي ڊسيپلين ۾ هلڻ وارا ڇوڪرا آڻجن جن کي جيئن چئجي تئين ڪن، انھي مقصد لاءِ انھن کي صرف توهان مان خوف آهي تہ جيڪڏهن چيئرمين لاءِ بيٺو تہ پوءِ هن جي مقابلي ۾ ڪير بہ نہ کٽي سگهندو، ان ڪري پروگرام ٺاهيو اٿن تہ جيڪڏهن ڏاڏو متارو بيھي ٿو تہ پوءِ سندس مقابلي ۾ علي حيدر شاھہ کي بيھارينداسين، جئين تہ ان کي 25 سال سزا آيل آهي ۽ پنجاب ۾ ساهيوال جيل ۾ آهي، ڪم وري بہ وائيس چيئرمين ڪندو ان ڪري علي حيدر شاھہ کي ڏاڏو متارو اليڪشن ۾ شڪست ڏئي ويو تڏهن بہ ڳالھہ ٿيندي تہ شاگردن صحيح فيصلو ناهي ڪيو ۽ علي حيدر شاھہ گروپ ٺھي ويندو ۽ هن کي تنگ ڪندو، جيڪڏهن ڏاڏو متارو نٿو بيھي تہ پوءِ رحمت ﷲ هيسباڻي کي بيھارينداسين جنھن کي ذاتي طور تي ووٽ وٺرائي کٽائينداسين. اسان سان گڏ ڪيترن ئي باشعور ۽ با ضمير شاگردن جو خيال آهي تہ ڏاڏو متارو اليڪشن ۾ بيھي، ان ڪري تنھنجو ڇا خيال آهي...؟ مون کين چڱي طرح ٻڌي چيو تہ يار مونکي ٽي سال جيل ۾ ٿي ويا آهن 19 آگسٽ 1979 ۾ جڏهن اسين جيئي سنڌ (جي ايم سيد) کان الڳ ٿيا هئا سين تہ اهو بنيادي نقطو هو تہ فيڊريشن ۾ صالحين يعني آرسير گروپ جي غير جمھوري بالا دستي آهي ان کي ختم ڪرڻ جو ٻيو ڪو چارو ڪونھي ان ڪري تنظيم ۾ جمھوريت بحال ڪرڻ لاءِ الڳ آرگنائيزنگ ڪميٽي ٺاهي ڪنويشن لاءِ پروگرام ڪجي، جنھن ۾ 50 شاگردن ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي هئي، پاڻ کي خاص طرح ۽ عملي طرح ثابت ڪرڻو آهي تہ واقعي اسين جمھوريت پسند آهيون ان ڪري ڪارڪن صرف اهي هجن جن جو ڪردار هجي ۽ گڏ انقلابي عمل هجي، ٻي صورت ۾ جيڪڏهن مخصوص ماڻھو آڻيندا تہ پوءِ پاڻ ۾ ۽ هنن ڪو بہ فرق نہ رهندو، اهوخيال اوليت جي بنياد تي ڪيو وڃي، باقي مون کي ٽي سال جيل ۾ ٿي ويا آهن نتيجي ۾ آئون هن وقت نوان شاگرد تہ سڃاڻان بہ ڪونہ ٿو، وڌيڪ جيڪا سچن دوستن ۽ ڪارڪنن جي مرضي يونيورسٽي ۾ پراڻن ۽ نون شاگرد دوستن سان ميٽنگون ڪريو انھن سان بحث مباحثو ڪريو، اگر اڪثريت جو خيال آهي تہ مون کي اليڪشن ۾ بيھڻ گهرجي تہ آئون بيھڻ لاءِ تيار آهيان، ڇو تہ منھنجي سياست ڪرڻ جو مقصد سنڌي عوام ۽ شاگردن جي خدمت ڪرڻ آهي ان جي ڪري ئي جيل ۾ آهيون، توهان وڃو دوستن سان صلاح مشورا ڪريو پوءِ 19.12.82 تي منھنجي ملٽري ڪورٽ ۾ شنوائي آهي اتي ڪچھري ڪنداسين، تيستائين ڀلي آئون بہ سوچيان ۽ توهان بہ سوچيو، پوءِ دوستن کان موڪلائي واپس وارڊ ۾ آياسين.
نوٽ؛ ( اڄ قمر ڀٽي D.L.M.A هيڊ ڪواٽر ويو هو جنھن کي مارشل لا وارن چيو هو تہ توکي آزاد ڪريون ٿا شرط قبول ڪر، هي دوست شرط قبول ڪري آيو آهي، سڀاڻي آزاد ٿي ويندو).

نيٺ ڪيستائين صليب تي لٽڪيل هي سرد بدن

اڄ 1982-12-08 تي صبح جو سويل 5 بجي اٿي ويٺس تہ اوچتو اسان جي وارڊ جي ڀرسان ڦاسي گهاٽ ۾ زوردارياعلي مدد جا نعرا لڳا، ڇا هو جو ٻن نوجوانن کي ڦاسي تي لٽڪائڻ جي لاءِ جيل عملو سندن کولي مان ڪڍي رهيو هو، ٻئي نوجوان ذات جا ماڇي ڏاڍا بھادر هئا، کين جڏهن ڦاسي لاءِ چيو ويوتہ تيار ٿيو، پر هي جوڌا اڳئي وهنجيو تيل سرما ڪري تيار ٿيو ويٺا هئا، کين سامھون ڦاسي جي تختي ڏانھن هلڻ لاءِ چيو ويو، تہ بنا ڪنھن دير جي تيزي سان مقتل تي چڙهيا مون ڦاسي جي دروازي جو کڙڪو ۽ نوجوانن جو ناز سان ياعلي مدد جا نعرا ٻڌا ۽ پوءِ ڪجهہ پل لاءِ سناٽو ڇائنجي ويو، ائين لڳو پوري انسانيت مري وئي آهي، بعد ۾ پوليس ذريعن کان معلوم ٿيو تہ هڪ نوجوان جي ڳچيءَ ۾ رسو وجهي لٽاڪائڻ وقت ڦاسي جو رسو جڏو هئڻ جي ڪري جهٽڪي سان ٽٽي پيو ۽ پوءِ ان کي گهٽا ڏئي ماريو ويو ۽ لاش ٻاهر سندن عزيزن کي ڏنا ويا .
7جولائي 1982 تي ملڪ جو ظالم حڪمران ڊڪٽيٽر آمر فوجي ضياءُ الحق امريڪي دوري تي ان لاءِ ويو آهي تہ پنھنجي اقتدار کي وڌيڪ قائم رکڻ لاءِ آمريڪي سامراج سان فوجي معاهدا ڪجن ۽ پويان عوام جي سخت مخالفت کي نفسياتي حربن سان ماٺو ڪرڻ لاءِ ٻہ طريقا اختيار ڪري ويو آهي، هڪ تہ مزاحمتي پارٽين جاليڊر جيلن ۾ يا گهرن ۾ نظر بند ڪرائي ويو آهي تہ جيئن پويان گوڙ ڪرائي آمريڪا اڳيان خوار نہ ڪن تہ هن کي ڪا بہ حمايت حاصل نہ آهي ٻيو تہ ملڪ جي تقريبن جيلن ۾ جيڪي بہ خونن جي صحيح يا غلط ڪيس ۾ ڦاسي جي سزا ملڻ لاءِ رحم جي اپيلن جو صدر کان انتظار ڪري رهيا هئا، انھن جون اپيلون رد ڪري سڄي ملڪ ۾ ڦاسي جي سزائن تي عمل ڪرائڻ لاءِ حڪم ڪري ويو آهي، سڀاڻي بہ ٻن ڄڻن کي ڦاسي تي لٽڪايو ويندو.
اڄ قمر ڀٽي، دودو مھيري، غلام نبي پنھور، عبدﷲ شاھہ ۽ قربان ارباب جي سمري ڪورٽ ۾ شنوائي هـئي.قمر ڀٽي اڄ آزاد ٿي ويو سو بہ وڏن شرطن تي مثال طور 50 هزار رپين جي پراپرٽي ضمانت کان سواءِ مائٽن ۽ هن جي لکت ۾ ضمانت تہ آئون سياست ۾ حصو نہ وٺندس، ان کان سواءِ هڪ ڪائونسلر کي بہ ضمانت لاءِ گهرايو ويو. همراھہ کي بلڪل خيال نہ هو ۽ اهڙي طرح آزاد ٿي ويو جو سوچي بہ نٿو سگهجي، مگر وڃڻ مھل وڏي آواز ۾ چوڻ لڳو تہ جيڪي سٺو هليا يا خراب هليا انھن جي خبر آهي ۽ چوڻ لڳو جيئي سنڌو ديش.

ڪجهہ شاگرد دوستن کي آزادي جي ڊيل لاءِ گهرايو ويو

اڄ 09.12.82 تي صبح سوير اسان جي وارڊ جي ڀرسان ڦاسي وارڊ ۾ رهندڙ ٻن قيدين ميھر شيخ ۽ پنھور ذات جي نوجوانن کي قتل جي ڏوھہ ۾ ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويو، جوان ڏاڍا نعرا هڻي ڦاسي جي تختي ڏانھن روانا ٿيا، مگرهڪ ڄڻو ميھر شيخ تختي تي ڪري پيو. اڄ سمري ملٽري ڪورٽ ۾ پيشي هجڻ ڪري صبح جو تياري ڪري روانا ٿيا سون شمس گوپانگ، سانوڻ هنڱورو، خان محمد لغاري، اسد گاڏهي، ان کان سواءِ ڪجهہ ٻيا شاگرد جيڪي آزاديءَ لاءِ ڊي ايل ايم اي پنھنجي آفيس ۾ گهرايا هئا، جن ۾ اقبال ناريجو جنھن کي صرف ڏيڊ هفتو ٿيو آهي. سليمان ڏاهري جنھن کي بنا ڪنھن سزا جي هڪ ڪيس ۾ 22مھينا ٿيا آهن، قربان ارباب 20 مھينا غلام نبي پنھور کي 9 مھينا، هنن دوستن کي الڳ گاڏي ۾ ويھاريو ويو ۽ اسان کي الڳ پوليس جي گاڏي ۾ سوار ڪيو ويو. گاڏي حيدرآباد جي شھر جي گهٽين مان گهمندي هلي رهي هئي، موسم بہ جھڙالي هئي، تيز ٿڌي هوا گهلي رهي هئي. اسان گاڏي جي پاسن مان مٿان سنھڙين ڄارين مان شھر جي بازار تي نظر ڊوڙائيندا پي ويا سون، جنھن مان ماڻھوءَ جي شڪل ڏسڻ ۾ مس ٿي آئي آخر گاڏي لاڪ اپ تي بيٺي، سڀئي هيٺ لٿاسون.مون سان هٿ ڪڙيءَ ۾ شمس گوپانگ هو.سامھون بينچن تي پوليس جي چوڻ کان سواءِ ويھي رهياسين، پوليس گهاٽ واقف ۽ سٺو هو، ٿوري دير ۾ لاڪ اپ تان انٽري ڪرائي سامھون ڪورٽ وٽ نم جي وڻ هيٺان وڃي ويٺاسون.
ننڍو ڀاءُ لعل محمد ۽ حاجي صاحب جو فرزند نورمحمد بہ ملاقات لاءِ آيل هئا جيڪي اڳئي انتطار ڪري رهيا هئا، ان کان علاوہ ٻي سنگت بہ آيل هئي، جن ۾ الھڏنو خاصخيلي، اصغر وڳڻ، غلام رسول زرداري، يوسف لغاري، يوسف زرداري، غلام رسول مغيري، عطامحمد نظاماڻي، عظيم نظاماڻي، حسن لغاري، رحمت ﷲ هيسباڻي، نثار احمد بالادي، مجاهد دائود پوٽو ۽ ستار ڏيپر وغيرہ ان کان ٻيا بہ ڪجهہ نوان شاگرد دوست ملڻ ۽ ڪچھري ڪرڻ آيا هئا.
اڄ دوستن ڪچھري ڪندي خاص طورتي ڪنوينشن تي بحث ڪيو جيڪو 12 جنوري 1983 تي ٿي رهيو آهي، نظاماڻي چيو تہ علي حيدر شاھہ کي جيل مان بيھاريو پيو وڃي ۽ جنرل آئون ٿو بيھان، ورڪ پوري سنڌ ۾ جاري آهي، اصغر وڳڻ چيو تہ شاھہ محمد شاھ، قمر راڄپر ۽ ابوبڪر زرداري پي اين پي جا ماڻھو ٿي ويا آهن، جيڪي ايڪسپلائيٽيشن پيا ڪن تہ ڏاڏو متارو هن وقت اسان جو سياسي مخالف آهي، جيڪڏهن اهو بيھندو تہ پوءِ اسين سندس مقابلي ۾ علي حيدر شاھہ کي بيھارينداسين، جيڪڏهن نہ بيٺو تہ پوءِ اسان ستار راڄپر يا رحمت ﷲ هيسباڻي کي بيھاريندا سين، ان کان علاوہ تنھنجي وڏي پيماني تي پروپگنڊہ ڪري رهيا آهن تہ ڏاڏو متارو هينئر ڊينڊڙن جو ماڻھو آهي، مون دوستن کي چيو تہ، هي پنھنجو پھريون ڪنوينشن آهي ان ڪري ضرورت ان ڳالھہ جي آهي تہ ڪوشش ڪري اهليت واري قيادت آڻڻ لاءِ سڀئي دوست سرگرم ٿي وڃو پوري جذبي سان ڪم ڪريو باقي جن جي فطرت ئي گروپنگ ڪرڻ ۽ تنظيمي نظام کي نقصان پھچائڻ آهي، اهي ايجنسين جا ماڻھو آهن ان ڪري هر ڪارڪن کي هوشيار رهڻ گهرجي، جيڪڏهن هي سازش تحت بہ جي علي حيدر شاھہ کي بيھاريندا تہ آئون قرباني طور ۽ احترامن ان جي سامھون بيھڻ تان هٿ کڻي ويندس، باقي ڪو ٻيو ڪينڊيڊيٽ آڻين ٿا تہ پوءِ آئون ان سان مقابلو ڪندس، ڇو تہ هميشہ بنيادي ڳالھہ کي ترجيح ڏيو تہ اڳلي جو ڪردار ۽ قرباني ڪيتري آهي، عمل ۽ سچائي ڪيتري آهي جيڪو بہ ڪارڪن اهڙن معيارن تي آهي تہ پوءِ ان تي ڪوبہ اعتراض نہ هجڻ کپي.
ان کان علاوہ ٻين دوستن سان بہ ڪچھريون ٿيون ڪيترن ئي شاگردن سوال پڇيا جن کي سائنسي نقطہ نظر مطابق جواب ڏنم تقريبن ٻہ بجي پوليس گاڏي ۾ چڙهي واپس جيل پھتاسين.

ڪجهہ شاگردوست حڪومت سان ڊيل تي ڳريون رقمون ڀري ضمانت تي آزاد

اڄ 1982-12-13 تي سڄو ڏينھن معمول مطابق گذريو البتہ شام جو والي بال راند جي وقت نيٽ لڳائي ڪجهہ شاگردن راند شروع ڪئي تہ آئون بہ گرائونڊ ۾ اچي پھتس، منشي مشتاق اچي ٻڌايو تہ ڪجهہ شاگرد هينئر آزاد ٿي رهيا آهن، جلدي تيار ٿي وٺن اهو اطلاع سمري ملٽري ڪورٽ مان ڪلارڪ عباسي ڏنو آهي، تہ سندن مائٽن 20 هزارن جي ضمانت پيش ڪئي آهي،قربان ارباب (جساف جي ايم سيد)، غلام نبي پنھور (جساف جي ايم سيد)، قربان کي 20 مھينا هڪ ڪيس ۾ تہ ٻئي کي 9 مھينا هڪ ڪيس ۾ ٽيون اقبال ناريجو (جساف ليفٽ)، جو جدوجھدئرمين جنھن کي تازو ڏيڍ مھينو جيل ۾ ٿيو آهي جيڪو گورنمينٽ سان خفيہ معاهدو ڪري ايل ايم سي جي پرنسپال عالماڻيءَ جي صلاح سان ڪمشنر جي ٿرو پيش ۽ پيو يقين ڏياريو تہ آئندہ آئون لاءِ ڪنھن بہ سياسي سرگرمي ۾ حصو نہ وٺندس، ٽئي همراھہ ضمانت تي آزاد ٿي پيا وڃن هنن سان گڏ چوٿون ايس ايس ٽي جو سليمان ڏاهري جنھن لاءِ بہ مارشل لا وارن هن جي ضمانت منظور ڪئي آهي مگر هن نوجوانن ضمانت تي نڪرڻ انھي ڪري رد ڪري ڇڏيو آهي.تہ اسين انقلابي ڪارڪن ڪا بہ ضمانت ۽ لکت گورنمينٽ کي نہ ڏينداسين تہ آئندہ لاءِ ڪا بہ عوامي سرگرمي نہ ڪنداسين، اسان جو انقلاب ۾ ايمان آهي، لازمي آهي تہ گورنمينٽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائيندي پوءِ سختيون ڪري پنھنجو بنائڻ لاءِ رعايتون نہ ڪندي تہ ضمانتون بہ وٺندي، ان ڪري آئون گورنمينٽ جي انھي چال کي سمجهان ٿو، ان کا بھتر تہ مون کي جيل قبول آهي، هن جوان پنھنجي عزيزن کي بہ روڪي ڇڏيو آهي تہ ضمانت جي ڪا بہ ضرورت نہ آهي. اوچتو وارڊ ۾ هلچل مچي وئي، هتي جي رسمن کي پورو ڪرڻ لاءِ يڪدم والي بال جو گرائونڊ جلسي ۾ تبديل ٿي ويو سڀني جي الودائي پارٽي ڪئي سون، مون ڳالھايو سليمان ڏاهري، امداد چانڊيو ۽ دودي مھيري بعد ۾ اقبال ڳالھايو ۽ چيو تہ آئون ذاتي طور تي شرمسار آهيان تہ هن دوءُر ۾ جيڪي شاگردن قربانيون ڏئي معيار قائم ڪيا آهن، آئون انھن تي پورو نہ لھي سگهيو آهيان.قربان چيو تہ مون جيل جي گهڻي وقت ۾ مطالعو نہ ڪيو، افسوس اٿم باقي پنھنجي مقصد سنڌو ديش سان سچو رهندس.ايتري ۾ حيدرالزمان جيلر ۽ ڊيوٽي جمعدار بشير پھچي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ دير ٿي وئي آهي هنن همراهن مان هٿ ڪڍو، جلسو ختم ڪري موڪلائڻ لاءِ سڀني گڏجي انقلابي گيت ڳائڻ شروع ڪيو تہ ”پنھنجي هٿ ۾ ڏانٽو، هٿوڙو اڀ تائين جهوليندو او ساٿي اهڙو ڏينھن بہ ايندو“ گيت جي گونجيل آواز ۾ همراھہ ٻين دوستن کان موڪلائڻ لڳا ۽ ٻٽن منٽن ۾ دروازي کان نڪري ويا، جمعدار دروازو بند ڪري ڇڏيو، ڄڻ تہ گرفتار ٿي آيا ئي ڪو نہ هئا. اڄ ملاقات تي، سعيد پنھور اسپيشل ملاقات ڪئي ۽ مان، عنايت هيسباڻي، اصغر وڳڻ، غلارسول مغيري، فداحسين ڏيرو ملاقات ڪرڻ آيا جن سان سياسي ڪچھري ڪئي سون خاص طرح ڪنوينشن جي حوالي سان.

سليمان ڏاهري ضمانت تي آزاد

اڄ 18.12.82 تي منجهند جو ماني کائي پنھنجي ڪمري جي اڳيان سگريٽ دکائي پي رهيو هئس تہ اوچتو سامھون سليمان ڏاهري جيڪو ملاقات ڪري فروٽ کنيو پئي آيو، بلڪل خاموشيءَ سان ويجهو اچي چوڻ لڳو يار...! ڏاڏا اچ تہ موڪلايون...! آئون آزاد ٿي ويو آهيان...! ڀاءُ محمود ڪجهہ عزيز ۽ دوست ٻاهر بيٺا آهن، جيڪي ضمانت جو ليٽر کڻي آيا آهن، قريشي جيلر چيو تہ جلدي تيار ٿي هيڏانھن اچ، سندس اهڙي ڳالھہ ٻڌي سچي پچي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي، پوءِ سوچيم تہ 22 مھينا مسلسل بنا ڪنھن سزا جي هن جيل ڪاٽيو آهي، اڃا بلڪل ڳڀرو نوجوان آهي، ننڍڙي وهي ۾ هروڀرو ايترو جيل ڪاٽيو اٿس جيڪو ڪنھن بہ طرح سان انصاف نہ آهي، پر آئون کيس خراج تحسين پيش ڪريان ٿو تہ هن نوجوان وڏي اعتماد سان جيل ڪاٽيو آهي، اڃان بہ سندس ارادا بلند آهن اميد تہ ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ بہ قومي ڪردار ادا ڪندو رهندو.
آئون خوشي مان اٿيس سامھون غلام نبي خشڪ ۽ خان محمد لغاري کي سڏ ڪيم کين ٻڌايم تہ سليمان آزاد ٿي ويو آهي، ان ڪري الواداعي پارٽي لاءِ جلدي بندوبست ڪيو وڃي،آئون هن سان گڏجي سندس کولي نمبر 13 ۾ آيس، پاڻ شيو ڪرڻ لڳو ۽ سندس پارٽنر اسد گاڏهي سامان تيار ڪرڻ لڳي ويو، هڪ ڇٻو پورو ڪتابن سان ۽ هڪ ڪپڙن سان پيڪ ڪيائين، پوءِ مون کي خوشي ۽ ڏک واري مليل جليل انداز ۾ چيائين تہ يار...! ڏاڏا اڄ هلون ٿا، پوءِ آئون بہ ڪجهہ نہ ڳالھائي سگهيس، ٻئي ٻاهر کولي مان نڪتاسين تہ چيائين ڏاڏا هي ڪمبل توهان رکو ڇو تہ سيارو آهي توهان کي ڪم ايندو، مون خوشي مان سندس تحفو قبول ڪيو، الواداعي گڏجاڻي لاءِ سڀني وارڊن جا شاگرد باريڪ جي ڀرسان پھچي ويا، اسٽيج تيار ڪئي وئي ۽ شاگرد سامھون ٿي ويٺا، آئون اسٽيج سيڪريٽري جي فزائضن ادا ڪرڻ لاءِ سڌو اسٽيج تي آيس، لطيف جي بيت سان ڪارروائي شروع ڪندي دوستن کي چيم، اڄ خوشقستيءَ سان هڪ ساٿي هن قيد خاني جي چوديواري مان آزاد ٿي وڃي رهيو آهي، هي دوست جيترو وقت بہ رهيو آهي ان لاءِ توهان دوستن جي ذهن ۾ جيڪو بہ تاثر يا اميج پيدا ڪيو اٿس، سندس سٺاين ۽ براين تي جمھوري انداز ۾ روشني وڌي وڃي..؟
1. ارشاد نظاماڻي (جساف جي ايم سيد) پھريائين هن دوست کي اسٽيج تي اچڻ جي دعوت ڏنم هن دوست ڳالھائيندي چيو، سليمان ڏاهري سان پھرين ملاقات جيل ۾ ٿي، پھريائين مون سمجهيو هو تہ هي بہ عام نوجوانن وانگر جذباتي ۽ غير سائنسي طريقي سان انقلابي هوندو مگر جڏهن ساڻس ڪچھري ٿي تي لطف ئي ٻيو آيو، هي دوست اديب لڳو کيس لکڻ جو بہ سٺو ڏانءَ آهي،آئون ڪردار جي حوالي سان هن جي جيل گذارڻ واري زندگي مان متاثر رهيو آهيان، اميد آهي تہ اڳتي بہ قومي انقلابي ڪردار ادا ڪندو رهندو، آئون کيس آزاد ٿيڻ تي مبارڪ آباد پيش ڪريان ٿو.
2. محمد خان سولنگي (ڊي ايس ايف): هن دوست جيئي پورهيت، جيئي سنڌ جونعرو لڳائي ڳالھائيندي چيو تہ سليمان ڏاهري ڪافي پنھنجي زندگيءَ جو وقت جيل ۾ گذاريو وڃي پيو، اسان سان ڏاڍيون سٺيون گهڙيون گذاريون اٿس، ڪردار جي لحاظ سان ڪافي مثال قائم ڪيا اٿس. سندس شخصيت تي ڳالھائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، سندس ارتقا ۽ واڌ انقلابي آهي ان ڪري سليمان سمورو سون آهي، هن کلندي مزاحيہ انداز ۾ چيو تہ سندس پيرن ۽ هٿن تي بہ ڳالھائي سگهجي ٿو، اڄ مس وارو ڏنو اٿس سو دل چوي ٿي تہ سڀ ڪسرون ڪڍجن وچ ۾ سانوڻ هنڱوري جي کيس مزاحيہ چرچو هنيو جنھن تي سڄي جلسي ۾ کل ۽ همرچو مچي ويو، کل بس ٿي تہ هن نڀاڳي اهڙو جواب ڏيندي چيس تہ اهو ٽاپڪ تو لاءِ ٿو ڇڏيان وري بہ هڪ دفعو کل مچي وئي، آخر ۾ چيائين تہ اسان سان قرب ۽ محبت سان وقت گذاريو اٿس.
3. الطاف تنيو (جساف جي ايم سيد): هن دوست تقرير جيئي سنڌو ديش جي نعري سان شروع ڪندي چيو تہ سليمان ڏاهري کي آزادي تي مبارڪ هجي هن جي مون سان پھرين ملاقات 1978 ۾ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ٿي ۽ پوءِ خبر هتي اچي پئي تہ هي بہ ڪو لڪل رستم آهي، جيل ۾ پھرين آئون اي ڪلاس مان آيس تہ سليمان سان ڪچھري ٿي، مون کي جيل ۾ 50 شاگردن سان گڏ رهندي صرف سليمان متاثر ڪيو آهي، نظرياتي اٽل ماڻھو آهي اسان جي ڳالھائڻ کان مٿي ٿي ويو آهي، اڄ ملاقات تي ڪجهہ دوست آيا، هن جا بہ ملاقاتي آيا هئا ۽ مو کي معلوم ٿيو تہ هي آزاد ٿو ٿئي، کيس مبارڪ ٿو ڏيان.
4. شير محمد منڱريو (ڊي ايس ايف): هن دوست بہ جيئي پورهيت، جيئي سنڌ جي نعري سان تقرير شروع ڪئي ۽ چيو تہ اڄ جي شام اسان لاءِ خوش نصيب آهي جو اسان جو هڪ جيل جو ساٿي ٻاهرين دنيا ۾ وڃي رهيو آهي.سليمان ڏاهري تمام سٺي نموني جيل ۾ گذارايو آهي، هن وانگر هر انقلابي ڪارڪن کي جيل گذارڻ گهرجي ڪنھن کي بہ جيل ۾ رنجايو ڪو نہ اٿس، سندس هوشياري ۽ ذهانت اسان يونيوورسٽي ۾ بہ ڏٺي هئي، جڏهن شاگردن جي مسئلن لاءِ ايس.ايس.ٽي جي طرفان ايڪشن ڪميٽي ۾ آيو هو، اسين پھرين اتي واقف ٿياسين هن موومينٽ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، سليمان ڏاهري جيل ۾ سندس تنظيم لاءِ اعزاز آهي. هن دوست باوقار نموني سان جيل جي سزا ڪاٽي پنھنجي تنظيم جو وقار بلند ڪيو آهي، هن دوست جيل ۾ گهرو مطالعو ڪري پنھنجي شعور ۾ وڌارو ڪيو آهي، هن دوست جيل ۾ وقت فضول نہ گذاريو آهي.آئون سمجهان ٿو تہ جيل ۾ اهڙا گهٽ ڪارڪن آهن جيڪي پڙهائي ڏانھن ڌيان ڏين ٿا، سندس ڪيل مطالعو سندس انقلابي سياست کي پختو ڪندو، فائدو ڏيندو آئون ذاتي طور پنھنجي تنظيم پاران کيس مبارڪ ڏيان ٿو ۽ اميد ٿو رکان تہ اڳتي بہ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهندو.
5. امداد چانڊيو (ڊي ايس ايف): هن دوست لطيف جي بيت(پيو جن پرو گنجي ڏونگر گام جو) سان تقرير شروع ڪندي چيو تہ اڄ ادو سليمان آزاد ٿي وڃي رهيو آهي جنھن تي مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي، هن سان جون 1981 کان لاڳيتو هڪ وارڊ ۾ گڏ رهيا آهيون، مون کيس تمام ويجهو کان ڏٺو آهي، ڪي ماڻھو شخصي ۽ ذاتي طور تي سٺا هوندا آهن تہ ڪي نظرياتي طور تي سٺا هوندا آهن، هي ٻنھين طرفن کان عملي طرح بھتر آهي، جڏهن پھرين ڏٺو سين تہ اهو تصور ۽ اڄ 22 مھينا جيل ۾ گڏ رهڻ بعد ٻيو تصور آهي، ڪنھن ماڻھو کي جلدي سمجهي ان جي باري ۾ راءِ قائم ڪرڻ ڏکيو آهي، مگر هن سان جيل جو ڊگهو عرصو 22 مھينا گڏ رهيا آهيون مختلف تنظيمن جا دوست گڏ رهيا آهن پر انھن سڀني ۾ سليمان هڪڙي بھترين انسان جي حيثيت سان رهيو آهي،سڄو جيل وارو پيرڊ هن جو ڪردار تحرڪ ۽ جدوجھد وارو رهيو آهي، سليمان جو سڀني تنظيمن جي دوستن سان سٺو ۽ برابري وارو وقت گذاريو آهي، اسان کي هن جي پيروي ڪرڻ گهرجي، نظرياتي طور هن محنت ڪئي آهي، جيل ۾ ايندي هن مطالعي کي وقت ڏنو، اڳتي بہ ٻاهر وڃي هن نظرياتي سياسي سلسلو برقرار رکيو تہ پوءِ هي ڪڏهن بہ موڊي انسان نہ رهندو بلڪہ مستقل مزاج قومي ڪردار نڀائڻ وارو انسان رهندو، هن جا لاڙا ۽ رجحان انقلابي نظرياتي سياست ڏانھن مضبوط آهن، ڇو تہ هن وقت نہ وڃايو آهي بلڪہ هن کي وقت ٺاهيو ۽ هن وقت کي پوري ايمانداري سان استعمال ڪيو آهي، جئين هڪ سچي قومي انقلابي شاگرد کي استعمال ڪرڻ گهرجي، گهڻا دوست جيل ۾ اچي پريشان پيشمان ٿيندا آهن پر هن دوست يقين سان سائنٽيفڪ نظرئي مطابق زندگي کي گذارڻ لاءِ 22 مھينا تربيت گاھہ ۾ گذاريا آهن، وڌيڪ لاءِ ٻاهر جي سياست لاءِ ماحول کليل آهي، مان کيس اها صلاح ڏيندس تہ ٻاهر وڃي پنھنجي ڌرتي جي ماروئڙن ۽ پورهيتن لاءِ پاڻ پتوڙيندو ۽ قومي انقلابي ڪردار کي جاري رکندو، يقنين مون کي هن مان اهڙيون ئي اميدون آهن، جيڪو پڙهيو اٿس ان تي عمل ڪري تہ ٽيسٽ ٿيندي، پاڻ کي آزمائش ۾ لاهي جيتوڻيڪ ساڻس تنظيم ۾ نہ آهيان، تڏهن بہ هڪ اهڙو نظريو جيڪو هن سماج کي تبديل ڪرڻ لاءِ آهي ان ۾ گڏ آهيون آئون کيس آزاد ٿيڻ تي مبارڪ پيش ٿو ڪريان ٿو.
آخر ۾ مون مختصر ڳالھايو ۽ پوءِ ڪارروائي ختم ڪري سليمان ڏاهري کي الوداع ڪيو سين.

ڪمشنر عبدﷲ شاگردن جا خفيہ راز فاش ڪري ڇڏيا

اڄ 30.10.82 تي ڪمشنر عبدﷲ ميمڻ جيل تي شاگردن سان ملڻ آيو، اٽڪل صبح جو 10 بجي پھچي ويو سڌو اسان جي وارڊ ۾ اندر هليو آيو ۽ جيل انتظاميہ کي چيائين تہ اوهين ٻاهر وڃو، آئون شاگردن سان ڪچھري ڪريان ٿو، پاڻ ڪرسي تي ويٺو اسين سڀ هن جي چوگرد ڦري ويٺا سين، ويھڻ شرط چيائين تہ بابا ڏيو احوال وقت ڪيئن پيو گذري...؟ اشارن اشارن ۾ مون کي سڀني چيو تہ تون ڳالھاءِ، مون کيس چيو تہ سائين اسين جيل ۾ غريب هارين جو اولاد رهجي ويا آهيون، باقي وڏن ماڻھن جا پٽ شفارسن ۽ پيسن سان ڪيترن ئي وڏن ڪيسن ۽ ڏوهن جي باوجود آزاد ٿي ويا آهن، هتي رهندڙ شاگردن مان ڪن کي ٻہ سال تہ ڪن کي ٽي سال ٿي چڪا آهن، ڪيتري وقت کان ڪافي شاگرد بنا ڪنھن فيصلي جي رڳو 1.13.33 مارشل لا ريگيوليشن ۾ يعني تقريرن ۽ بائيڪاٽن جي الزامن هيٺ ٻن ٽن سالن کان بنا ڪنھن فيصلي جي هلي رهيا آهن، جيڪڏهن ڪيسن جو فيصلو ڪري ڇڏين ها تہ ڪيترائي شاگرد سزائون ڪاٽي نڪري وڃن ها.هي ڪٿان جو انصاف آهي ٺيڪ آهي جيڪڏهن اسان ڪو ڏوھہ ڪيو آهي تہ اسين توهان کي اپيل نہ ٿا ڪريون تہ اسان کي معافي ڏئي آزاد ڪيو وڃي مگر گهٽ ۾ گهٽ ڪيس جو فيصلو ڪيو وڃي، افسوس جو جيڪي قانون مارشل لا جا آهن انھي تحت بہ اسان کي انصاف نٿو ڏنو وڃي حالانڪہ سمري ملٽري ڪورٽ جو مطلب تڪڙا فيصلا ڪرڻ هوندو آهي، مگر هيءَ سئين سڌي سازش ٿي لڳي، اهو سڀ ڪجهہ سوچيندي اسان بين القوامي انساني احتجاج ڪري مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال جو پروگرام ٺاهيو آهي، حالا نڪ اسان ڪا بہ خودڪشي وغيرہ نہ ڪئي آهي، باقي حالت اهڙي آهي جو توهان خود باشعور آهيو هينئر شاگردن کي آزاد ڪرڻ گهرجي سو بہ ان ڪري جو جيڪو ٽائيم بنا ڪنھن فيصلي جي جنھن شاگرد جيل ڪاٽيو آهي اهو ٽائيم ڏئي فيصلا ڪيا وڃن تہ الاهي شاگرد آزاد ٿي سگهن ٿا.
ڪمشنر عبدﷲ جي ميمڻ ڏاڍو چالاڪ ۽ ذهين هجڻ ڪري پنھنجا دليل شروع ڪيائين، هن شاگردن کي ڏوهي قرار ڏيندي چيو تہ تعليمي ادارن جو ماحول رڳو غنڊا گردي وارو ٿي پيو آهي، ڪا بہ منظم جدوجھد نہ ٿي آهي رڳو استادن ۽ تعليمي ادارن جي سربراهن جي بيعزتي ڪئي ويندي آهي، اسين جنھن بہ شاگرد کي آزاد ڪرائيندا آهيون اهو وري ٻاهر سياسي سرگرميون ڪندو آهي، توهان پنھنجي تعليمي ادارن جي سربراهن کي چئو تہ توهان جي لاءِ سفارش ڪن تہ پوءِ سڀ ڪجهہ ٺيڪ ٿي ويندو، مون چيو تہ سائين ڪراچي يونيوورسٽي ۾ جماعت اسلامي جا غنڊا سري عام فائرنگ ۽ قتل ڪري رهيا آهن اتي ڪجهہ بہ نہ ٿو ڪيو وڃي، جيڪي گرفتار ٿين ٿا انھن کي سول ڪورٽن ۾ چالان ڪيو وڃي ٿو جيڪي جلدي ۾ ضمانتن تي آزاد ٿي وري بہ پنھنجون غير انساني ۽ غنڊاگردي واريون سرگرميون ڪندا وتن ٿا، جڏهن تہ سنڌ جي مک ادارن سنڌ يونيورسٽي، لياقت ميڊڪل ڪاليج،مھراڻ يونيوورسٽي، زرعي يونيورسٽي ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج وغيرہ جي شاگردن کي ايترو تعصب ۽ ظلم سان ڇو ٿو ڏٺو وڃي، ڪمشنر وراڻيو تہ بابا ڪراچي ۾ شاگردن کي ٻين سياسي جماعتن جي مدد آهي جيڪا توهان کي نہ آهي توهان پنھنجو بچاءُ نہ ٿا ڳوليو جيڪو ويڙھہ ۾ تمام ضروري هوندو آهي ايتري ۾ امداد چانڊيو جيڪو مون سان گڏ بيٺل هو تنھن يڪدم عقلي دليل ڏيندي چيو تہ گورنمينٽ چاهي ٿي تہ ملڪ جي سڀني تعليمي ادارن ۾ رڳو جنرل ضياءُالحق جا نعرا ۽ گيت ڳايا وڃن صرف جماعت اسلامي مضبوط هجي، ٻي ڪا بہ سرگرمي يا جماعت نہ هجي، جيڪڏهن گورنمينٽ جو اهو پروگرام قانوني طرح آهي تہ ان کي ظاهر ڪرڻ گهرجي تہ پرو ضياءُالحق ۽ پرو جماعت اسلامي کان سواءِ ٻي ڪا بہ سياست نہ هلندي تہ ٺيڪ آهي، اسين ان نظام کي ڪڏهن بہ قبول نہ ڪنداسين ڇو تہ دنيا جا جمھوري اصول، پاڪستان جو ڊيموڪريٽڪ قانون توڙي پاڪستان جو آئين اهڙي ارھہ زورائي جي خلاف آهي، هر فرد يا پارٽيءَ کي پنھنجي حق لاءِ جدو جهد ڪرڻ جو پورو حق آهي، جڏهن تہ پاڪستان جي فوج کي سرحدن يا بئريڪن ۾ هجڻ گهرجي، پر فوج سياست ڪري رهي آهي تہ پوءِ شاگرد بہ هن قوم ۾ جا فرد آهن انھن کي بہ حق آهي تہ ملڪ ۾ جمھوريت ۽ انصاف لاءِ جدوجھد ڪري سگهن ٿا، اسان کان پنھنجا نظريا گورنمينٽ اسان جي ذهنن مان کوٽي ڪڍي نٿي سگهي، امداد جي اهڙي سخت موقف تي ڪمشنر جو وات ڦاٽي ويو ڪجهہ دير لاءِ هن کي تڪيندو رهيو پوءِ موضوع مٽائڻ لاءِ شاگردن جي لسٽ ڪڍي نمبر وار نالا پڪارڻ لڳو نمبر وار پڇندو ويو تہ فلاڻو فلاڻواچي، مزي جھڙي ڳالھہ تہ ڪيترن شاگردن جا لڪل گورنمينٽ سان ڪيل ٺاھہ ظاهر ٿي ويا، شاھجھان شاھہ ۽ سڪندر ابڙو جو نالو وٺندي ڪمشنر چيو تہ توهان کي شرم نہ آهي توهان انتھائي بي حياءَ آهيو، توهان سنڌي نياڻين سان زيادتي ڪئي آهي جيڪي توهان جي خلاف توهان جي سامھون شاهديون ڏئي ويون آهن، ايل،ايم سي جي خان محمد لغاري،غلام نبي خشڪ. دودو مھيري، شمس گوپانگ، سانوڻ هنڱورو، اقبال ناريجو، کي چيائين تہ توهان 1981 ۾ عالماڻي پرنسپال جي خلاف ڪرنل خضر جي چوڻ تي جدوجھد هلائي ۽ ان جي هٿ ۾ کيڏيو، دودي چيو تہ عالماڻي سان ٺاھہ لاءِ تيار آهيون، ڀلي اسان سان ڳالھيون ڪري، اقبال ناريجو جيڪو 15.10.82 تي گرفتار ٿي آيو آهي ۽ جيڪو بنا ڪنھن جمھوري فيصلي جي قمر راڄپر ۽ شاھہ محمد شاھہ جي طرفان اسان جو تنظيمي چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، جنھن جيل ۾ اچڻ شرط ٻڌايو تہ مون کي پوليس پنھنجي گهران مير پور خاص ۾ ڇاپو هڻي گرفتار ڪيو آهي.جيڪو سڄو ڊرامو هو، ڪمشنر کيس سڏ ڪري چيو تہ ڇا اقبال اهو سچ نہ آهي تہ تون پيش پيو آهين عالماڻي جي چوڻ تي توتي ڪو بہ تشدد وغيرہ تہ نہ ٿيو آهي، اقبال جو منھن لھي ويو پوءِ چيائيس پٽ ڪيئن آهي طبيعت تنھنجي، هاڻ ڀلي وڃ، اهڙو راز فاش ٿيڻ تي اقبال جي شڪل ڦري وئي، هي همراھہ تہ لڪ ڇپ ۾ گورنمينٽ جي چوڻ تي پيش ٿيو هو.مون کي حيرت لڳي وئي تہ هي بہ حڪومت سان خفيہ معاهدي تحت جيل ۾ آيو آهي.

بک هڙتال هڪ ڏينھن لاءِ ملتوي

اڄ 29.10.82 تي سپرنيٽينڊنٽ سندس آفيس ۾ مونکي، امداد ۽ ٻين ٻن دوستن کي گهرايو، سپرنيٽينڊنٽ مون کي چوڻ لڳو ڪمشنر صاحب چيو آهي تہ توهان بک هرتال ختم ڪيو، توهان جا مسئلا حل ڪيا ويندا، اسان کيس چيو تہ اسين شعوري طور تي سياسي ميٽنگ کان پوءِ پاڻ ۾ فيصلو ڪري چڪا آهيون، ان ڪري هي اسان جي پروگرام جي آخري تاريخ آهي، اسين مجبور آهيون ڇو تہ ٻاهر بہ اهڙو پروگرام ٻڌايل آهي، آخر اسان جي سامھون سپرنيٽينڊنٽ ڪمشنر سان فون تي ڳالھايو ۽ سپرنيٽينڊنٽ چيس تہ شاگرد نہ ٿا مڃين ٽيليفون تي هڪ شاگرد سان ڳالھايو ڪمشنر چيو ٺيڪ آهي هن چيو تہ متاري ڏاهري سان ڳالھايو، مون ٽيليفون کنيو ڪمشنر چيو تہ پٽ آئون سڀاڻي توهان وٽ جيل ضرور ايندس مگر هينئر آئون هڪ پروگرام ۾ شريڪ آهيان ان ڪري مجبور آهيان باقي سڀاڻي آئون جيل تي توهان سان ملڻ ايندس، تيستائين بک هڙتال نہ ڪيو، مون چيو سائين اسان جي ايڪشن ڪاميٽي جو آخري فيصلو آهي مگر وري بہ اسين پاڻ ۾ صلاح ڪري جواب ڏيون ٿا، پوءِ اسان شاگردن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ان نتيجي تي پھتاسين تہ في الحال بک هڙتال تي نٿا ويھون ڪمشنر جو انتظار ڪيون ٿا.

شاگردن جا سپرنيٽينڊنٽ اڳيان هڪ ٻئي تي الزام

شاگردن سپرنيٽينڊنٽ اڳيان هڪ ٻئي تي الزام هڻي شاگرد سياست کي شرمندو ڪري ڇڏيو

اڄ 1982-12-21 تي صبح جو چانھہ پيڻ جي ٽائيم تي خان محمد لغاري ۽ سانوڻ هنڱورو مون وٽ آيا چيائون ڏاڏا ڪمري ۾ ويھو تہ توهان سان ضروري ڪچھري ڪرڻي آهي، اسين وڃي ڪمري ۾ ويٺاسين سانوڻ ڳالھايو چيو ڏاڏا جيئي سنڌ وارا دانھون پيا ڪن تہ اسين هن وارڊ ۾ صرف ان ڪري نٿا رهون جو ڏاڏو متارو اسان سان صحيح نٿو هلي، مون چيو جيڪڏهن توهان کي اعتراض هجي تہ ٻڌايو باقي صالحين ڏي توهان وڃو انھن سان ڳالھايو جيڪڏهن مون ڏي ڪو وهنوار هوندو تہ ڀريندس ۽ کانئن معافي بہ وٺندس، همراھہ ويا ٿوري دير ۾ واپس آيا چيائون تہ هو ڳالھين ڪرڻ لاءِ تيار نہ آهن، مون چيو هاڻ ڇا ڪرڻ گهرجي هنن چيو تہ هي وارڊ مان نڪري وڃن ٿا اهو سٺو نٿو لڳي تون پاڻ انھن وٽ هلي وڃ اسين بہ گڏ هلون ٿا، مون چيو تہ هنن کي روز روز منٿون ڪرڻ هاڻي مناسب نہ آهي هاڻ جي هليا وڃن ٿا تہ ڀلي هليا وڃن ڇو تہ پوري سال ۾ هن وارڊ ۾ هنن جو ڪردار ۽ رويو ڏاڍو غلط رهيو آهي، هميشہ سياسي ڊسيپلين ۽ آدابن جو هنن مذاق اڏايو آهي، ڏوهي بہ پاڻ هوندا آهن ۽ پوءِ نمونا ڪري وري جنھن سان وڙهندا آهن ان کان ئي معافي جي يا پرچائڻ جي اميد رکندا آهن، ان ڪري کين هاڻ منٿون نہ ڪريو ڀلي هليا وڃن، هي همراھہ منھنجي اهڙي ڳالھہ تي واپس هليا ويا، اٽڪل 10 بجي سپرنيٽينڊنٽ وارڊ ۾ رائونڊ تي آيو جيئن ئي سيٽي وڳي تہ سڀئي شاگرد اچي گڏ ٿيا، سپرنيٽينڊنٽ پڇيو تہ توهان جا ڪھڙا مسئلا آهن ۽ ڪير هن وارڊ ۾ رهڻ نٿو چاهي، مون چيو تہ ڪو بہ مسئلو نہ آهي ۽ ڪنھن کي بہ اعتراض نہ آهي اگر جي ڪو مسئلو هوندو تہ اسين پاڻ ۾ ويھي حل ڪري وٺنداسين، توهان بي فڪر رهو، اگر جي ڪنھن دوست کي اعتراض آهي يا توهان کي شڪايت ڪئي اٿس تہ دليلن سان الزام ثابت ڪري باقي هروڀرو بنا ڪنھن سبب جي ڪو هن وارڊ ۾ رهڻ نٿو چاهي تہ پوءِ ان جي مرضي آهي، ايتري ۾ الطاف تنيو (جي ايم سيد) گروپ جي وڦلندي سپرنيٽينڊنٽ کي چيو تہ هي وارڊ سال اڳ ۾ اسان جو هو اسان ٻين تنظيمن کي هن وارڊ ۾ رهڻ ڏنو، هينئر ٻيون ٽي تنظيمون پاڻ ۾ گڏ رهن ٿيون، ڀلي رهن پر اسان جو صبر لبريز ٿي ويو آهي اسين جيئي سنڌ وارا ڪنھن ٻي تنظيم سان رهڻ لاءِ قطعي تيار نہ آهيون ان ڪري اسان کي هن وارڊ مان ضرور ڪڍي ڪنھن ٻئي وارڊ ۾ شفٽ ڪيو وڃي، ڇو تہ اسان جو دشمن علي محمد پنھور هن وارڊ ۾ شفٽ ٿي آيو آهي، ان تي سپرنيٽينڊنٽ يڪدم چيو تہ ان کي تہ توهان جو اڳواڻ دودو مھيري منھنجي اڳيا، اهو چئي وٺي آيو آهي تہ اسان سڀئي گڏ ٿا رهون اسان کي ڪوبہ اعتراض نہ آهي، ايتري ۾ اوچتو هڪ جذباتي جاهل انسان جيڪو مون سان گڏ تنظيمي ساٿي بہ رهيو آهي، سڀني شاگردن کان ٻاهر نڪري الڳ نموني سان اکيون ڳاڙهيون ڪري وڏي آواز سان چيو تہ سپرنيٽينڊنٽ صاحب اهي ٽئي ماڻھو بد ڪردار آهن اسان کي هن وارڊ ۾ نہ کپن باقي ڏاڏو متارو اسان جو تنظيمي ساٿي ضروري آهي پر سندس اهو فيصلو غلط آهي اسان کي قبول نہ آهي، هن جي اهڙي بيان سان منھنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي ڏاڍو لڄي ٿيس سوچيم هن بي وقوف جو عمل ڏس هڪ ساٿي تي سپرنيٽينڊنٽ اڳيان شڪايت ٿو ڪري، اگر جي اهڙي ڳالھہ هئي تہ پھريائين مونکي ٻڌائي ها، هي پوليس وارا اڳئي آدمخور نما انسان آهن اصل جهٽ پيا هڻندا آهن تہ من ڪو اسٽوڊنٽ غلطي ڪري يا هنن جي ٻڌي ۽ ايڪو ٽٽي تہ ان جو اسين ڀرپور فائدو وٺي کين ڇڙوڇڙ ڪري الڳ الڳ ٽارچر ڪريون، هن جي اهڙي بيوقوفانا بيان تي مون کي چڙ بہ لڳي پر پاڻ تي ڪنٽرول ڪيم تہ يار هن بيوقوف تہ غير جمھوري رويو اختيار ڪيو آهي، گهٽ ۾ گهٽ مون کي پاڻ تي ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي، اهو دوست هو غلام نبي خشڪ جنھن پنھجا جوهر ڏيکاريا هن اشاري سان اسدگاڏهي (ايس.ايس.ٽي) ساوڻ هنڱورو (ڊي.ايس.ايف) خان محمد لغاري سڪندر ابڙيجو ۽ شمس گوپانگ کي بہ سڏ ڪري پاڻ سان گڏ بيھاريو جيڪي اکيون ٻوٽي بي حيائي سان وڃي هن سان گڏ بيھي رهيا، مونکي حيرت بہ ٿي کل بہ آئي ۽ شرمسار بہ ٿيس تہ هنن مون سان اهڙي معاملي تہ بحث ڇو نہ ڪيو، ايتري ۾ عبدﷲ شاھہ مشتعل ٿي چيو تہ سائين اسين بد ڪردار آهيون باقي ٻيا وري سڌريل آهن هنن مان ڪيترائي نشو ڪن ٿا جن ۾ شراب، چرس وغيرہ بہ پيئن ٿا، هن جي اهڙي بيان تي غلام نبي مشتعل ٿي چپن تي رومال ڦيرائي جذبات مان سپرنيٽينڊنٽ جي ويجهو اچي صفا ڇاتي ڇاتي سان ملائي چيو، سائين اسين ڊاڪٽري جا شاگرد آهيون، شاھہ جو اسان مٿان غلط الزام آهي، آئون هنن جي اهڙي حرڪت تي کلندو بہ رهيس ۽ پيشمان بہ ٿي رهيو هئس تہ هي ڪھڙي ٻاراڻي حرڪت ڪري رهيا آهن، سپريڊنٽ غلام نبي کي ڪاوڙ مان چيو پري ٿي بيھہ ۽ تميز سان ڳالھاءِ همراھہ دٻ تي ڪجهہ ڍرو ٿيو، ايتري ۾ مون چيو سائين ٺيڪ آهي ڀلي هنن ٽنھي کي وارڊ مان ڪڍيو وڃي هنن ٽنھي مون کي پنھنجو اعتراض ڪونہ ٻڌايو هو، سپرنيٽينڊنٽ ڪاوڙ مان رڙ ڪري سپاهين کي چيو هنن ٽنھي جا ٽپڙ هينئر جو هينئر هن وارڊ مان ڪڍو اگر جي ڪنھن ٻئي کي بہ هتي رهڻ جو اعتراض آهي تہ انھن کي بہ ڪڍو ۽ جيلر کي چيائين هتي جيڪي قيدي ڪم ڪندڙ يعني برداشتي آهن انھن کي بہ ڪڍو سپرنيٽينڊنٽ جي اهڙي دڙڪي تي همراھہ ڦورن کولين ڏانھن ڀڳا وڃي پنھنجا ٽپڙ ٻڌائون، مون کي وري سوچ آئي تہ هي بيوقوف آهن، هي جيل آهي هتي دوستاڻي طريقي سان رهيا پيا آهن ان ڪري کين جيل ۾ رهڻ جي عذاب جي خبر ئي ڪانہ ٿي پئي هنن کي اڪيلائي ۾ رهڻ جو تجربو گهٽ آهي هتان ويا تہ تنگ ٿيندا ۽ نفسياتي مريض ٿي ويندا، انڪري آئون يڪدم مڇريل سپرنيٽينڊنٽ جي ڀرسان وڃي بيٺس ۽ هن سان هروڀرو کلي ڳالھائڻ شروع ڪيم هتان هتان جو خبرون ڪري کيس ٿڌو ڪيم پوءِ کيس چيم سائين ٽن همراهن کي ڀلي ڪڍو باقي ٻين شاگردن کي هتان نہ ڪڍو، ڇوڪرا ڪچا آهن کين جيل ۾ رهڻ جو تجربو نہ آهي پاڻھي سڌري ويندا سپرنيٽينڊنٽ ڪجهہ وقت خاموش ٿي ويو ايتري ۾ مون خان محمد لغاري ۽ سانوڻ هنڱوري کي سڏ ڪيو جيڪي تڪڙا تڪڙا مون طرف آيا وري سپرنيٽينڊنٽ کي چيوسين سپرنيٽينڊنٽ چيو ٺيڪ آهي، ائين چئي هليو ويو سپرنيٽينڊنٽ جو اهو رد عمل ان ڪري هو، تہ هي شاگرد پڙهيل لکيل آهن سياسي تنظيمن جي مکه عھدن تي ڪم ڪن ٿا پر هڪ ٻئي سان وڙهن بہ ٿا ۽ نفرت بہ ڪن ٿا اهڙو اڍنگو طريقو ڇو ٿا اختيار ڪن، سڀڪو پنھنجين کولين ڏانھن روانو ٿيو آئون اچي بينچ تي ويٺس جتي امداد، چانڊيو شير محمد مڱريو، محمد خان سولنگي ۽ شمس گوپانگ اچي منھنجي ڀرسان ويٺا، مون وڏي آواز ۾ چيو تہ هاڻي هن وارڊ ۾ رهڻ وڏي بيحيائي ٿيندي ۽ مون نعرو هنيو تہ مونسان جيڪو بہ گڏ هلڻ چاهي تہ ان کي صلاح آهي، ڇو تہ مون کي ذاتي طرح شديد ڏک ٿيو، جتي ڪٿي مظاهرا لڳا پيا آهن، اڄ جيل جي تاريخ ۾ پھريون دفعو مونکي شديد صدمو پھتو آهي، هي وچولي طبقي جا شاگرد ڪيترو نہ نفسياتي طرح بزدل ۽ بيوقوف آهن کين جيل وڏي پيماني تي مايوس ڪري ڇڏيو آهي، جي ايتري بي حيائي تي لھي آيا آهن، جو هنن هڪ ٻئي تي جيل جي ڊڪٽيٽر سپرنيٽينڊنٽ اڳيان الزام تراشي ڪري اسٽوڊنٽ پوليٽڪس جو اميج ايترو تہ ڪيرائي ڇڏيو آهي جو هي سامراجي غنڊا شاگرد سياست تان ٽوڪون ڪري کلي رهيا آهن، شاگردن کي بيوقوف ۽ جاهل سمجهي رهيا آهن، هي دوست هيڏين وڏين غلطين ڪرڻ جي باوجود پنھنجي پاڻ کي وري نظرياتي سياسي شاگرد سمجهن ٿا، هي سڄي حرڪت ڪرڻ جو منصوبو ڪالھہ اسد گاڏهي، خان محمد لغاري ۽ سانوڻ هنڱورو هڪ منظم سازش تحت ٺاهيو ۽ ان منصوبي ۾ غلام نبي خشڪ، شمس گوپانگ ۽ سڪندر ابڙيجو کي بيوقوف بنائي استعمال ڪيو ويو ۽ خاص طرح ايس.ايس.ٽي جي هن دوست جو ذهن نمائش تي مبني آهي رڳو ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ سندس اولين فرض رهيو آهي، دوستن جي اهڙين حرڪتن ۽ عملن جي ڪري مونکي دلي طرح ڏاڍو ڏک پھتو آهي، ان ڪري هاڻي هن وارڊ ۾ رهڻ منھنجي لاءِ مشڪل ٿي پيو آهي.

ڀاءُ محمد يوسف جو ڪمشنر سان بھادراڻو موقف

ڀاءُ محمد يوسف جي ڪمشنر سان بھادراڻي موقف تي مون کي بي انتھا خوشي ٿي؛

اڄ 1982-12-22 تي ڪورٽ ۾ پيشي هئي مونسان گڏ خان محمد لغاري، شمس گوپانگ، سانوڻ هنڱورو ۽ اسد گاڏهي جي بہ پيشي هئي ساڳي ملٽري ڪورٽ ۾، صبح جو جيل جي ماڙي تي پھتاسين، ڪالھوڪي واقعي جي ڪري مونسان ڪير بہ ڳالھائي ڪونہ ٿو ۽ نہ وري آئون هنن سان ڳالھائڻ پسند ڪريان ٿو، ماڙي ۾ ٻين کي گڏي ٻن ٻن کي هٿڪڙيون هنيائون مگر مون اڪيلي هٿڪڙي لڳرائي سپاهي واقف هئا انھن مزاحمت ڪانہ ڪئي، ٻاهر پوليس جي وڏي گاڏي بيٺي هئي جيڪا نئين هئي اڪثر پراڻين گاڏين ۾ ڏاڍا لوڏا ۽ ڌڪا ايندا آهن نئين گاڏي ڏسي خوشي ٿي، گاڏي ۾ ويٺاسين تہ سپاهين هٿڪڙي کولي ڇڏي گاڏي شھر جي مختلف روڊن تان ٿيندي اچي ڪورٽ اڳيان بيٺي، فورن انٽري ڪرائي اچي سامھون ويٺاسين، ڏاڍو سيءُ هو اتر جي تيز ٿڌي هوا لڳي رهي هئي، ڀاءُ محمد يوسف ۽ محمد صالح ٻئي ملاقات تي آيا هئا، ساڻن ڪچھري ٿي، ڀاءُ محمد يوسف کي ڊويزنل ڪمشنر گهرايو هو، جنھن چيس تہ ضمانت ڏيو پر ضمانت ڏيندڙ شخصيت گهٽ ۾ گهٽ ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين هجي، جڏهن تہ اسان جي علائقي جا معزز ماڻھو جيڪي يونين ڪائونسلس جا چيئرمين آهن انھن ۾ عاقل فقير هنڱورو ۽ حاجي مٺو ڀاڻوجو ضمانت جي لائق هئا، پر ڀاءُ محمد يوسف ڪمشنر کي چيو تہ اسان جي چيئرمين سان واقفيت نہ آهي ۽ نہ ئي اسين انھن کي سڃاڻو ٿا، سندس اهڙي بھادرانہ موقف تي مون کيس خراج تحسين پيش ڪئي، هي منھنجو نظرياتي ساٿي تہ نہ آهي ۽ نہ ئي وري ايترو پڙهيل آهي پر سندس اهڙي بھادراڻي موقف تي مونکي بي انتھا خوشي محسوس ٿي سندس همٿ ۽ سچائي جا جذبا ڏسي منھنجا فڪر ۽ ارادا وڌيڪ مضبوط ٿي ويا، ڪجهہ دوست بہ ملاقات تي آيا جن ۾ سليمان ڏاهري، محمود ڏاهري، اصغر وڳڻ، عطا محمد نظاماڻي، شفقت ڏاهري، واحد ڪاڪي پوٽو، اقبال نظاماڻي ميول شاھہ ۽ مشتاق انڙ هئا، ڪجهہ نوان دوست بہ آيل هئا جن سان خوب ڪچھري ڪئي سون، انھن دوستن ڪجهہ موضوع لکڻ لاءِ رکيا جن ۾ 1. قومي مسئلو ۽ ان جو معروضي حالتن سان حل، 2. سماجي ارتقا، مون ٻيو نمبر موضوع تي لکڻ پسند ڪيو.
اڄ تنظيمي طرح هڪ ڪاميٽي آئي هئي جن چيو تہ جيل جا ساٿي 12 جنوري 1983ع تي ٿيندڙ ڪنوينشن ۾ بيھڻ لاءِ تيار آهن يا انھن کي اندران بيھاريو وڃي، ان لاءِ توهان راءِ ڏيو ؟ مون چيو تہ اسان اڳ ۾ لکت ۾ ڏئي چڪا آهيون تہ آئين تحت جيل مان ڪير بہ بيھي سگهي ٿو، ان ڪري مونکي بہ بيھڻ جو شوق آهي جيڪڏهن ٻاهرين دوستن مناسب سمجهيو تہ ضرور بيھندس، وڏيون ڪچھريون ڪري تقريبن هڪ بجي واپس ٿياسين، ماڙي ۾ سامان جمح ڪرائي جهڙتي واري پروسز مان گذري پنھنجي وارڊ ۾ آياسين، پوءِ پنھنجي ڪمري تي آيس، امداد چانڊيو آيو پاڻ ۾ حال احوال ڪيوسين.

دوستن سپرنيٽينڊنٽ جي سامھون ڪيل غلط بياني جي مون کان معافي ورتي

1982-12-23 تي غلام نبي خشڪ، خان محمد لغاري، ساوڻ هنڱورو، شمس گوپانگ، اسد گاڏهي ۽ سڪندر ابڙيجو مون وٽ ڪمري ۾ ميڙ جي صورت ۾ معافي وٺڻ آيا، تہ1982-12-21 تي سپرنيٽينڊنٽ وٽ اسان توهان لاءِ جيڪو موقف اختيار ڪيو هو اهو غلط هو ان لاءِ اسين اهڙي عمل تي شرمسار آهيون توهان مھرباني ڪري هي وارڊ ڇڏي نہ وڃو، مون سڀني کي غور سان ٻڌو ۽ بعد ۾ عرض ڪيو تہ هتي آيلن مان ڪجهہ منھنجا تنظيمي ساٿي آهن ۽ ڪن سان منھنجو ذاتي ۽ تمام پراڻو واسطو آهي هڪ ٻئي سان مرڻو پرڻو ۽ کائڻ پيئڻ آهي ٺيڪ آهي مان توهان جي موقف سان متفق ٿيان ٿو، پر هن وارڊ ۾ هڪ سال اندر خاص طرح چئن تنظيمن مان جيئي سنڌ صالحين جو ڪردار ڏاڍو ذليل ڪندڙ ۽ خراب رهيو آهي خاص طرح سدائين جيل انتظاميہ کان فيصلا ڪرائڻ ۽ هميشہ اهو موقف اختيار ڪرڻ تہ اسان جي تنظيم ٻين تنظيمن سان گڏ نٿي رهي سگهي، هنن کي الڳ رکيو وڃي ۽ سدائين ٻيون تنظيمون هنن کي منٿو ميڙ پيو ڪنديون رهنديون آهن، جڏهن ڳالھہ ختم ٿي ويندي آهي تہ چوندا آهن تہ اهو اسان جو ڊارامو هو، ان کان علاوہ هنن جو جيل ۾ عام قيدين سان رويو وڏيرڪي طريقي وارو آهي، سدائين جهيڙا ڪندا رهن ٿا ۽ هروڀرو شاگردن کي بدنام ڪرڻ بنا مقصد ٻين تنظيمن کي اعتماد ۾ وٺڻ کان بغير بک هڙتالون ڪرڻ ۽ مسلسل غير جمھوري رويو اختيار ڪرڻ هميشہ ماحول کي تباھہ ۽ خراب پي ڪيو آهي، ان لاءِ منھنجو اهيو چٽو ۽ واضع موقف آهي تہ هاڻ هنن سان گڏ نٿو رهي سگهجي، ان لاءِ اگر توهان مناسب سمجهو تہ پاڻ ٽئي تنظيمون گڏجي رهون ۽ هي الڳ رهن يا هي هن وارڊ ۾ رهن يا پاڻ هن وارڊ ۾ رهون، ڇو تہ غوث علي شاھہ ۽ عبدﷲ شاھہ وارا جذباتي رهيا آهن تہ اهي بہ لوڙين پيا ان ڪري هنن سان بہ ائين ٿيڻ گهرجي، پھريائين همراھہ سفا ماٺ ٿي ويا، ڪجهہ منٽن کان پوءِ ايس.ايس.ٽي جي اسد گاڏهي ڳالھائيندي چيو تہ نہ اسين ان ڳالھہ سان متفق نہ آهيون تہ هنن کان الڳ ٿيون باقي صالحين کي الٽيميٽم ڏنو وڃي تہ آئندہ ڊسيپلين سان رهن، ٻين دوستن چيو تہ اسين سوچي شام جو جواب ڏينداسين، مون چيو جيڪڏهن توهان ساٿي جي حيثيت ۾ مونکي ڏسو ٿا تہ منھنجي راءِ تي توهان بحث ڪريو جيڪڏهن منھنجي راءِ کي توهان نامناسب ٿا سمجهو تہ توهان جي مرضي باقي آئون صالحين سان گڏ نٿو رهي سگهان، شمس گوپانگ چيو ٺيڪ آهي اسين سوچي پوءِ جواب ڏيون ٿا.

دوستن کي منھنجي باري ۾ غلط فھمي

1982-12-24 تي هنن سڀني جي طرفان سانوڻ هنڱورو سياسي نمائندي جي حيثيت سان موڪليو ويو جنھن چيو تہ دوست چون ٿا تہ ڏاڏي متاري جو صالحين سان ذاتي ٽڪر آهي، ان ڪري اسين وچ ۾ نہ اينداسين، باقي ڏاڏو صالحين کي وارڊ مان ڪڍرائڻ ٿوچاهي، تہ پوءِ اسان کي اعتراض نہ آهي، وڌيڪ همراھہ چون ٿا تہ ڏاڏي متاري کي ڊي.ايس.ايف وارا استعمال ڪري رهيا آهن ان ڪري سندس مرضي آهي ڀلي پيو استعمال ٿئي، مون کي هنن دوستن جي اهڙي بيان تي ڏاڍو ارمان ٿيو ۽ محسوس ڪيم تہ واقعي وچولي طبقي ۾ پنھنجي طبقاتي ڪردار ۾ ڪيتري نہ موقعي پرستي ۽ مڪاري جي عادت آهي، صالحين بي ڪردار آهن ڪا ڳالھہ نہ آهي مگر خوشحال ۽ پئسي وارن وڏيرن جا پٽ آهن هنن ۾ ڪو بہ غريب ۽ هيٺئين طبقي جو نوجوان نہ آهي، سوچيم تہ هاڻ هنن سان گڏ رهڻ منھنجي لاءِ مشڪل ٿي پيو آهي ان ڪري سوچيو اٿم تہ سڀاڻي بدلي ڪري ڪنھن ٻئي وارڊ ۾ هليو ويندس.

دوستن جي اڍنگي رويي جي ڪري آئون ورارڊ بدلي ڪرڻ تي مجبور

1982-12-25 تي وارڊ بدلي ڪرڻ لاءِ سوچيم ۽ پوءِ تياري ڪيم امداد چانڊيو، شير محمد مڱريو ۽ محمد خان سولنگي چيو تہ ڏاڏا اسين بہ تو سان گڏ هلون ٿا، مون هنن جي راءِ رد ڪئي ۽ چيو تہ هي اڳئي چون ٿا تہ آئون توهان يعني ڊي.ايس.ايف جي اثر هيٺ اچي ويو آهيان ان ڪري هنن سان ڪونہ ٿو ٺھان پر هي بي وقوف حقيقتن کان منھن موڙي پاڻ کي ڌوڪو ڏئي رهيا آهن اگر جي هينئر توهان مونسا گڏ هليا تہ هي منھنجي حقيقت پسندي کي الائي ڪيترا ٻيا رنگ ڏيندا ان ڪري منھنجي سياسي ڪردار تي غلط اثر پوندو ان ڪري في الحال مان اڪيلو وڃان ٿو باقي بعد ۾ ڪو ساٿي اچي مونسان گڏ رهي ٿو تہ مون کي ڪو بہ اعتراض نہ آهي، پوءِ شير محمد کي مون سامان ٻڌائڻ ۾ مدد لاءِ چيو سامان ٻڌي مون امداد، محمد خان ۽ شير محمد کي چيو، هاڻ آئون هن وارڊ مان هليو ٿو وڃا، جيل انتظاميہ کي چوان ٿو تہ آئون هن وارڊ ۾ نٿو رهڻ چاهيان ڇو تہ ڪجهہ شاگردن سان منھنجا ذاتي اختلاف ٿي پيا آهن ان ڪري هتان مونکي بدلي ڪري ٻئي ڪھڙي بہ هنڌ رکو، آئون راضي آهيان، پوءِ اتان ماڻھو موڪليندس ان کي منھنجو سامان ڏئي ڇڏجو.
اڄ ڏاڍي افسوس ۽ ارمان وچان وارڊ مان نڪري وڃڻ لاءِ قدم رکي رهيو هئس گيٽ جي جوابدار منٺار شيخ کي چيم دروازو کول دروازو کولائي ٻاهر نڪري ويس حوالدار ڏاڍي ڪوشش ڪئي تہ بنا پرچي جي ٻاهر نہ نڪران متان هن کان ٽوپي کسجي نہ وڃي مون کيس يقين ڏياريو تہ توکي ڪجهہ بہ نہ ٿيندو ان جو آئون ذميوار آهيان ۽ تڪڙ ۾ هليو ويس سامھون جيل انتظاميہ ھال ۾ پھريائين قريشي جيلر مليو کيس چيم آئون هن وارڊ ۾ نٿو رهڻ چاهيان مون کي سپرنيٽينڊنٽ وٽ پيش ڪيو وڃي، جيلر سپريڊنٽ وٽ ويو جيڪو هيٺ ڊپٽي سپرنيٽينڊنٽ آغا غلام نبي جي آفيس ۾ ويٺو هو، اتي پھتس تہ يڪدم جيلر حيدرالزمان، عبيدﷲ شيرازي، قريشي بہ پھچي ويا ڊاڪٽر نور محمد خاصخيلي اڳ ۾ ويٺل هو، هنن پڇيو تہ ڇا ڳالھہ آهي مون چيو تہ آئون چڪر ۾ رهڻ ٿو چاهيان ان جو ڪو بہ سبب نہ آهي، بس آئون هتي نٿو رهڻ چاهيان، پھريائين سپرنيٽينڊنٽ چڪر ۾ رهڻ جي لاءِ اجازت ڏئي ڇڏي ۽ آئون موڪلائي دروازي وٽ مس پھتس تہ پويان سپرنيٽينڊنٽ وڏي آواز ۾ چيو ڏاڏا اتي ڪرسي تي ويھہ آئون ڪرسي تي ويٺس تہ سپرنيٽينڊنٽ ٻاهر آيو ۽ چيائين تہ توهان سياسي قيدي آهيو ۽ توهان کي ڪرمنل سيڪشن وارن سان گڏ نٿو رکي سگهجي، ٻيو تہ وري توهان سياسي قيدي اخبارن ۾ بيان ٿا ڏياريو تہ هتي عام قيدين سان وڏو ظلم ٿي رهيو آهي، ان ڪري هن جيل جي سامھون واري لائين ۾ ڪٿي بہ رھہ جي ڪورٽ ۾ رهين تہ اتي بہ اٽيج باٿ آهي توکي ٻہ ماڻھو ڪم ڪار لاءِ ڏيون ٿا، مون انھن ٻنھي جڳھن تي رهڻ کان انڪار ڪيو پوءِ چيائين تہ ڀلا وڃي اي ڪلاس ۾ رهو، مون اتي بہ انڪار ڪندي چيو تہ آئون سنڌ يونيورسٽي شاگرد يونين جو جنرل سيڪريٽري رهيو آهيان ۽ هڪ تنظيم جو مرڪزي وائيس چيئرمين آهيان انڪري منھنجي مٿان سياسي طرح ڪئين ذميواريون آهن، اسان جي شاگردن جي ٻن گروپن ۾ ڪجهہ اختلاف ٿي پيا آهن ان ڪري مون کي ٻئي پاسا برابر ٺاهڻا آهن منھنجو ڪنھن بہ شاگرد سان گڏ رهڻ هن وقت ڪئين غلط فھميون پيدا ڪري سگهي ٿو، بحرحال سپرنيٽينڊنٽ منھنجي دليلن کي نہ مڃيو نيٺ مجبور ڪري جيل انتظاميہ مون کي اي ڪلاس ۾ رهڻ تي راضي ڪيو هڪ قيدي هجڻ ڪري آئون مجبور هئس، ڪٿي بہ رهڻو هو آئون سپرنيٽينڊنٽ کي ڪاوڙ ۾ اهو چئي ٻاهر نڪتس تہ سائين بيوس قيدي آهيون ان ڪري پيا مجبور ڪريو ٺيڪ آهي آئون مجبوري ۾ اي ڪلاس ۾ رهان ٿو، پويان ڊپٽي سپرنيٽينڊنٽ ۽ ٻہ جيلر مون سان گڏ ٻاهر نڪتا ۽ چوڻ لڳا ڏاڏا تون سٺي ڪردار وارو سياسي قيدي آهين، يقين ڪر اي ڪلاس تو لاءِ بھتر رهندو تون هلي کولي ڏس جيڪڏهن توکي نہ وڻي تہ پوءِ ڪو ٻيو بندو بست ڪندا سين، ڊپٽي سپرنيٽينڊنٽ ڪورٽ تائين گڏ آيو چوڻ لڳو ڏاڏا جي تون هتي رهين تڏهن بہ تنھجي مرضي آهي پر مون اتي رهڻ کان بھتر اي ڪلاس کي ترجيح ڏني، مون چيو نہ بس آئون اي ڪلاس ۾ رهان ٿو توهان مھرباني ڪري ٻہ قيدي ڏيو تہ جئين منھنجو سامان کڻي اچن، سامھون ٻہ ٽي قيدي بيٺا هئا ڊپٽي سپرنيٽينڊنٽ جي هڪل تي ڊوڙندا هليا آيا، انھن کي وٺي وارڊ ڏانھن آيس انھن کي ٻاهر بيھاري آئون اندر ويس، شمس گوپانگ، خان محمد لغاري ۽ سانوڻ هنڱورو پاڻي جي ٽانڪي تي چڙهيو پاڻ ۾ ڪچھري ڪري رهيا هئا جيڪو ڪاري چڪر ۾ ڊبل تي رهيو پيو آهي، مون شمس کي سڏ ڪيو جنھن ۾ ڪجهہ گڻ ۽ اکر سمجهان ٿو کيس ماٺ ۾ دروازي جي ٻاهران وڃي ٻڌايم تہ آئون وڃان ٿو ۽ قيدين کي چيم تہ جيڪڏهن منھنجو سامان ڪير بہ کڻڻ کان روڪي تہ ان جي هڪ بہ نہ ٻڌ جو، سامان کڻي اچجو پوءِ شمس کي ٻانھن مان وٺي ماڙي تائين آيس هن کي ڏاڍو ڏک ٿيو ايتري ۾ خان محمد ۽ سانوڻ هنڱورو منھنجي سامان سان گڏ ٻاهر نڪري آيا ۽ تڪڙا اچي ماڙي وٽ رسيا ۽ رڙيون ڪندي چيائون ڏاڏا تون اهو سٺو ڪونہ ٿو ڪرين مون چيو توهان جي زبان تي لغام آهي، توهان جو ساٿيءَ وارو ڪردار آهي ئي ڪونہ تہ آئون مجبور آهيان پنھنجي بي عزتي برداشت نٿو ڪري سگهان قيدين کي اشارو ڪيم تہ ٽپڙ کڻي سڌا اي ڪلاس ۾ هلو ايتري ۾ ٻہ جيلر حيدرالزمان ۽ شيرازي مونسان گڏ اي ڪلاس ۾ هليا، اندر وارڊ ۾ داخل ٿياسين تہ اتي اڳ ۾ غوث علي شاھ، عبدﷲ شاھ، علي محمد پنھور ۽ حاجي عيدن خاصخيلي مشھور ڌاڙيل، راجہ جاويد ڪراچي جو مشھور ڏوهاري، دائود ماڇي جنھن کي جيل ۾ 22 سال ٿي چڪا آهن جيڪو ٽوھہ چانڊيي سان گڏ ڌاڙيل هو، هن کي 117 سال سزا آهي، ويٺا هئا ڏاڍا قرب ۽ پيار سان مليا پوءِ مون کولي رهڻ لاءِ پسند ڪئي ان کان پوءِ جيلر هليا ويا ۽ آئون هنن دوستن سان ڪچھري ۾ لڳي ويس.

ڀاءُ عبدالسميع جو موقف

ڀاءُ عبدالسميع جو موقف تہ آئون قومي ڪنوينشن جي اليڪيشن ۾ چيئرمين جي عھدي تي نہ بيھان

اڄ 1982-12-25 تي ڀاءُ عبدالسميع مڱريو سکر مان مون سان ملاقات لاءِ آيو ۽ مونکي سمجهايائين تہ 12 جنوري 1983 تي پنھنجي تنظيم ۾ ٿيندڙ قومي ڪنوينشن ۾ ٻڌو اٿم تہ تون چيئرمين جي عھدي لاءِ بيھين ٿو، پر مان توکي صلاح ٿو ڏيان تہ تون ان عھدي تي نہ بيھہ، ڇو جو هڪ تہ توکي جيل ۾ ٽي سال ٿي ويا آهن ٻيو تہ پاڻ وارن دوستن جي غلط پاليسين ۽ آمرن سان سوديبازي جي ڪري شاگرد سياست جي عمر بہ ختم ٿي وئي آهي، ٽيون تہ تنھنجي زبردست ۽ اعليٰ ڪردار کي ٻيا ٻاهريان استعمال ڪندا، چوٿون تہ شاھہ محمد شاھ، ابوبڪر زرداري ۽ قمر راڄپر گروپنگ تي لاهي پاهي بيھي رهيا آهن، جيڪي شاگردن ۾ وڏي بيچيني پيدا ڪري رهيا آهن، جنھن جا بہ وڏا ناڪاري اثر ظاهر ٿيڻ وارا آهن ان ڪري منھنجي ڀائرن واري صلاح اٿئي تہ توکي نہ بيھڻ گهرجي. بحرحال وڏي بحث مباحثي کان پوءِ هن مون کي قائل ڪيو تہ مونکي نہ بيھڻ گهرجي، آئون عبدالسميع جي راءِ جو تمام گهڻو خيال ڪندو آهيان ڇو تہ هي منھنجو سچو دوست آهي، مون کي يقين آهي تہ هي ڪڏهن بہ مونسان دوکو نہ ڪندو، پوءِ چيائين تہ آئون وڃي ظاهر ٿو ڪريان تہ ڏاڏو نٿو بيھي مون چيو ٺيڪ آهي تون وڃي سڀني کي ٻڌاءِ مون کي ڪو بہ اعتراض نہ آهي، مون لاءِ اڄ ٽوپي سوکڙي طور کڻي آيو هو.

رحمت ﷲ هيسباڻي جو زور تہ آئون سندس حق ۾ هٿ کڻا

رحمت ﷲ هيسباڻي جو زور تہ ايندڙ قومي ڪنوينشن جي اليڪشن ۾ آئون سندس حق ۾ هٿ کڻا

1982-12-26 نئين ماحول هجڻ ڪري سڀني دوستن ڏاڍي دل سان ڪچھري ڪئي، هن وارڊ ۾ سئي گيس جي سھولت بہ آهي هر دوست پنھنجو ڪم پاڻ ٿي ڪيو، البتہ راجہ جاويد کي هڪ برداشتي ڏنل هو، جيڪو خونن جي ڪيس ۾ سي ڪلاس جو قيدي آهي، مگر هڪ رٽائرڊ آ.جي پوليس جو پٽ آهي ۽ پئسي وارو آهي ان ڪري جيل وارا سياسي شاگردن سان 110 وارن قيدين جھڙو سلوڪ ڪن ٿا ۽ هنن پئسي وارن يا سفارشي ڪرمنل قيدين سان وري سھولتون سياسي شاگردن واريون آهن.
دائود ماڇي وڏو تجربيڪار، ذهين ۽ بھادر انسان آهي، غوث علي شاھ، عبدﷲ شاھہ ۽ علي محمد پنھور چيو تہ اڄ ڏاڏو متارو اسان جي وارڊ ۾ آيو آهي ائين ٿو لڳي تہ ڄڻ سڀئي شاگرد اسان جي وارڊ ۾ آيا آهن، بس هاڻي هتي ڄمي رهنداسين.
اڄ ملاقات تي رحمت ﷲ هيسباڻي آيو ۽ چيائين تہ ڏاڏا آئون تو وٽ هلي آيو آهيان تہ تون مھرباني ڪري 12 جنوري 1983 تي ٿيندڙ قومي ڪنوينشن ۾ چيئرمين شپ جي عھدي تان منھنجي حق ۾ هٿ کڻ ؟ مون کيس صاف لفظن ۾ جواب ڏنو تہ آئون ائين ڪرڻ لاءِ تيار نہ آهيان تنھنجي حق ۾ هٿ کڻڻ مون لاءِ تمام ڏکيو آهي، باقي ڪنھن جي بہ حق ۾ هٿ کڻڻ کان بغير پاڻ مرادو آئون هٿ کڻندس ۽ ڪونہ بيھندس پر آئون ڪنھن جي بہ حمايت ڪري پنھنجي ساک خراب بلڪل ڪونہ ڪندس، ڇو تہ مونکي جيل ۾ پورا ٽي سال ٿي ويا آهن ان جو سبب سياسي غداريون آهن ۽ هاڻ مونکي مختلف نمونن سان محسوس ڪرايو پيو وڃي تہ آئون ڪنھن نہ ڪنھن جي حق ۾ هٿ کڻان تہ مون کي آزاد ڪرايو ويندو پر ان جي مون کي ضرورت نہ آهي، آئون پنھنجي باڪردار طريقي سان ثابت ڪندس تہ جيل ۾ هوندي بہ مونکي سياسي غدارين بزدل ڪونہ بڻايو آهي ۽ سياست ۽ انقلاب منھنجو مستقبل آهي جيڪو مون پاڻ پنھنجي دل ۽ دماغ سان چونڊيو آهي جنھن مٿان ثابت قدم رهڻ کان مونکي ڪير بہ روڪي نٿو سگهي.
هن وارڊ ۾ 1981 ۾ مرحوم مير رسول بخش ٽالپر اسان وٽ شاگرد نمائندن جن ۾ عبدالسميع مڱريو، اقبال نظاماڻي کي بي ڪلاس ڏئي ويو هو، جيڪو 15 ڏينھن بعد اسان لکت ۾ صرف ان ڪري ڇڏي ڏنو هو جو مير صاحب چيو هو تہ هاڻي ڪنھن بہ شاگرد کي ڪوڙا وغيرہ نہ لڳندا، مگر هفتي کان پوءِ وري شاگردن مٿان ڪوڙن وارو ظلم شروع ڪيو ويو، جتي شاگرد ساٿي ڪوڙا کائي رهيا هجن اتي اسان جو بي ڪلاس ۾ رهڻ هر لحاظ کان شرمناڪ هو، پياري دوست سميع سان هن وارڊ ۾ 15 ڏينھن گذاريل هئا جنھن جي تمام گهڻي ياد اچي رهي آهي، خاص ڪري اهي لمحا ياد اچي رهيا آهن اونھاري جي موسم هوندي هئي هوديءَ وٽ وڃي ويھندا هئاسين وڏيون ڪچھريون ڪندا هئاسين ۽ اقبال نظاماڻي سان ڀوڳ چرچا ڪندا هئاسين مگر اڄ اهي ساٿي نہ آهن جيڪي ماضي جا متوالا ٿي يادن جا عڪس ذهن تي چٽي هليا ويا آهن.

نئين سال جون اميدون

نئين سال جون اميدون ۽ قيدي دوستن جا پنھنجي مستقبل جي باري ۾ ويچار

1983-01-01 اڄ 1983 جي سال جو پھريون ۽ نئون سج آهي اخبارن ۾ سرخيون پڙهي رهيا آهيون، جنھن ۾ نئين سال جون وڌايون عوام کي ڏنل آهن هتي بہ سڀڪو نئين سال جون واڌايون هڪ ٻئي کي ڏئي رهيو آهي، راجہ جاويد چيو تہ ممڪن آهي تہ هن سال آئون ٻن قتلن جي ڪيسن مان آزاد ٿي وڃان، يا ممڪن آهي تہ ڦاسي اچي وڃي ! دائود ماڇي چيو تہ اميد آهي تہ هن سال آئون پورا 23 سال جيل پورو ڪري ٻاهرين دنيا ۾ قدم رکان ! غوث علي شاھہ چيو تہ ٿي سگهي ٿو هن سال ماما علي حيدر شاھہ سنڌ جي ڪنھن جيل تي بدلي ٿي اچي، جيڪو هن وقت ساهيوال جيل ۾ آهي ! آگيڏنو خاصخيلي چيو تہ ٿي سگهي ٿو آئون وري هن سال ٻاهر نڪري ڌاڙيل ٿي وڃان، ڇو تہ منھنجي خاندان ۽ گهر وارن کي پوليس ڏوڍو تنگ ڪيو آهي ! حاجي عيدن سان گڏ عبدﷲ شاھہ علي محمد پنھور بہ پنھنجون خواهشون ڏيکاريون ۽ آئون سوچيان ٿو تہ هن سال بين الاقوامي طرح ايٽمي جنگ جو خطرو اڃا بہ وڌي نہ وڃي، ڇو تہ سامراجي پاليسون جنگ ڏانھن گامزن آهن، افغانستان کي پاڪستان تسليم ڪري چڪو آهي، ڀڳوڙا واپس اچي رهيا آهن متان آزاد رياست جو اعلان نہ ڪن فلسطين کي جلاوطن حڪومت ٺاهڻي پوندي عراق جي پاسي ۾، پاڪستان ۾ غير يقيني صورت حال ۾ قومي طبقاتي تضادن ۾ ڏاڍي اونھائي ايندي ملڪ سامراج جي اڏي ۾ تبديل ٿيڻ لاءِ فوج اقتدار جي حوس ۾ جھالت وارو ڪردار ادا ڪندي خانہ جنگي جيڪا تعصب جي بنياد تي هوندي کي استحصالي طبقا هٿ سان ٻين تي الزام هڻي ڪرائي نہ وجهن.
مون کي نئين سال مان اميد آهي تہ دنيا ۾ ڪٿي بہ ڪنھن بہ کنڍ ۾ نئين شوشلسٽ حڪومت جو اعلان ٿيندو، اميد آهي تہ آئون بہ هن سال ٻاهرين دنيا ۾ ويندس اڄ جيل ۾ مون کي 35 مھينا پوراٿيا آهن.

ڪنوينشن ۾ نٿو بيھان

مون لکت ۾ ڊرافٽ تيار ڪري دوستن کي ڏنو تہ ايندڙ ڪنوينشن ۾ نٿو بيھان

1983-01-03 تي ملٽري ڪورٽ ۾ پيشي هئڻ ڪري تياري ڪيم هونءَ تہ شاگردن سان گڏ رهندي پيشي تي ويندڙ شاگردن سان گڏ تياري ڪندو هئس، مگر اڄ الڳ ۽ اڪيلوتياري ڪري رهيو آهيان، مون سان گڏ شمس گوپانگ، سانوڻ هنڱورو، خان محمد لغاري ۽ اسد گاڏهي جي تاريخ آهي صبح دروازي تي مليا سون، شمس مونسان گڏ هٿڪڙي هڻائي خان محمد ۽ سانوڻ لڄي ٿي رهيا هئا. پاڻ ۾ رڳو هٿ ملايو سين، پوءِ وڃي پوليس جي گاڏي ۾ ويٺاسين، ٿوري دير ۾ لاڪپ تي پھتاسين هيٺ لھي انٽري ڪرائي سون پوءِ ڪورٽ جي اڳيان وڃي ويٺاسين، ٿوري دير ۾ ڀاءُ محمد يوسف آيو، ڏاڍو تيار ٿيل هو ڀاڪر پائي مليو پوءِ پاڻ ۾ ويھي ڪچھري ڪئي سون، ڪچھري ڪندي زندگي جون ساروڻيون ياد ڪندي ڏاڍا ٽھڪ ڏئي کلياسين پوءِ مون کي هميشہ وانگر چوڻ لڳو تہ جيل ۾ رات جو ڪيڏانھن بہ ٻاهر نہ نڪرجان..؟ سندس چھري مان همدردي ۽ بھادري بکي رهي هئي کيس مطمئن ڪيم تہ آئون پنھجو پورو خيال ڪندو آهيان، مگر ڀاءُ جھڙو خوني رشتو ڪنھن نہ ڪنھن صورت ۾ ڳالھائيندو آهي، سندس وفاداريون منھنجو مستقبل آهن، ملاقات تي اڄ عنايت هيسباڻي، گل جوڻيجو، اصغر وڳڻ، عطا محمد نظاماڻي، ميول شاھ، سومر ساند، سردار محمد صالح ڏاهري، سليمان ڏاهري ۽ ۽ ڪجهہ نوان شاگرد دوست آيل هئا، اڄ مون تنظيمي ساٿين کي لکت ۾ هڪ ڊرافٽ پيش ڪيو جنھن ۾ 12 جنوري 1983 تي ٿيندڙ پھرين قومي ڪنوينشن ۾ نہ بيھڻ لاءِ لکيو هو جنھن ۾ سبب ڏيکاريو هئم تہ جيل ۾ هجڻ ڪري آئون عملي طرح ڪم نہ ڪري سگهندس، باقي جمھوري طرح جيڪا بہ باڊي سليڪٽ ٿي ايندي آئون ان هڪ ڪارڪن جي حثيت سان گڏجي ڪم ڪندس، خاص طرح منھنجي اهڙي فيصلي تي عنايت هيسباڻي، گل جوڻيجو ۽ اصغر وڳڻ ڏاڍو ناراض ٿيا تہ هي توهان ڇا ٿا ڪريو اسان ٻن مھينن کان توهان جي لاءِ ورڪ ڪيو آهي تون بنا مقابلي چيئرمين جي عھدي تي کٽي رهيو آهين ان لاءِ توکي ڏاڏا ڪھڙي بہ حالت ۾ بيھڻ گهرجي، بحرحال مون کين دليل ڏئي مطمئن ڪيو، سليمان ڏاهري کي ايس.ايس.ٽي جي اسد گاڏهي جي جيل ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ واري پاليسي تي لکت ۾ شڪايت ڏنم، خان محمد لغاري ۽ شمس گوپانگ ٻاهرين دوستن کي چيو تہ ڏاڏو ڪاوڙجي اي ڪلاس ۾ هليو ويو آهي کيس سمجهايو. سڀني دوستن چيو تہ تون وڏو آهين برداشت ڪر مون کين سبب ٻڌايا سڀ مطمئن ٿيا پر وري بہ ضد ڪيائون تہ جيڪڏهن تون نہ ويندي تہ اسين ميڙ ڪري جيل تي ايندا سين، کوڙ ساري ڪچھري کان پوءِ واپس پوليس گاڏي ۾ چڙهي جيل آياسين سڀ ڪو پنھنجن وارڊن ڏانھن روانو ٿيو ۽ آئون اڪيلو ٽولي کان الڳ اي ڪلاس ۾ آيس.

دوست مون کي پرچائي واپس پراڻي وارڊ ۾ وٺي آيا

1983-01-08 تي ناز سنائي لکيو تہ مون وٽ وارڊ ۾ اچي رھہ، مگر مون کي معلوم ٿيو تہ سڀئي شاگرد گڏجي مون کي وڏي جي حيثت سان پرچائڻ اچي رهيا آهن، صبح جو 10 بجي غلام نبي خشڪ، امداد چانڊيو، خان محمد لغاري، اسدگاڏهي ۽ شمس گوپانگ وارڊ ۾ داخل ٿيا وارڊ ۾ غوث علي شاھہ ۽ عبدﷲ شاھہ کي اڳ ۾ ئي مطمئن ڪري ڇڏيو هئم تہ جيڪڏهن هلي ڪير بہ اچي ڀلي اهو جاني دشمن ڇو نہ هجي ان جو آڌر ڀاءُ ڪبو ڇو تہ اها اسان سنڌين جي عظيم روايت آهي، توهان انھن سان ڪراس بحث نہ ڪجو هي دوست منھنجو گهڻو احترام ڪندا آهن جن منھنجي ڳالھہ مڃي چيائون ڏاڏا جئين تون چوندي ائين ڪندا سين انشاءُﷲ توکي ڪابہ شڪايت نہ ملندي جيئن هي آيا انھن سان سٺي نموني سان ملياسين. دائود ماڇي چيو تہ پھريائين شاگرد منھنجي چانھہ پين مون چيو ٺيڪ آهي. پوءِ همراهن کي جاويد ۽ دائود جي کولي ۾ وٺي وياسين اتي چانھہ پيتي سون ۽ ڪچھري ڪئي سون پوءِ هنن کي پنھنجي کولي ۾ وٺي آيس مون کي امداد چانڊيو رات ئي سڄي حال احوال کان آگاھہ ڪيو هو تہ غلام نبي خشڪ ۽ ٻيا دوست چون ٿا تہ پھريائين ڏاڏي کي ميڙ منٿ ڪري وٺي اچون پوءِ ڏاڏو پاڻھي ماحول کي ٺيڪ ڪندو، ان لاءِ اسين تنظيمي طرح ڪو لائحہ عمل ٺاهينداسين ۽ پوءِ انھن کي گهرائينداسين. امداد وڌيڪ لکيو هو تہ ڏاڏا اهو سڀ تنھنجي شان وٽان آهي هڪ سياسي ڪارڪن جي حيثيت سان پنھنجو ذهني اطمينان وڃائي بہ شاگردن کي سنڀالڻ گهرجي ڇو تہ جيل انتظاميہ جي پوري ڪوشش آهي تہ شاگردن جي تضاد مان اسين ڪو ڀرپور فائدو وٺون ان ڪري انتظاميہ جو ڪو بہ منصوبو ڪامياب نہ ٿيڻ ڏجي ان لاءِ اسين ايس.ايس.ٽي ڊي.ايس.ايف ان کانسواءِ تنھنجي تنظيم جا ساٿي بہ تو وٽ هلي ٿا اچون اميد تہ اسان کي عزت ڏيندين.
مون رات کان سوچڻ شروع ڪيو هو تہ شاگردن جو جيل ۾ موجود ڪردار ڏاڍو افسوسناڪ ۽ شرمناڪ رهيو آهي، آئون ماحول مان تنگ ان ڪري ٿي پيو هئس جو صالحين جا ڪجهہ موالي ۽ غير سياسي ڇوڪرا خاص طرح الطاف تنيو۽ ڪجهہ ٻيا ڇوڪرا هروڀرو ڪانہ ڪا شازش بنائي مسلسل شاگردن جي وچ ۾ جهيڙا ۽ نفرتون ڦھلائي رهيا هئا جن کي ڪئين دفعا الٽيميٽم ڏنو ويو سمجهايو ويو پر باز نہ اچي رهيا هئا، رهندو سٺن ڪردار وارن شاگردن جي سياسي ۽ ذاتي زندگي ۽ ڪردار تي اثر پئجي رهيو هو، ان غير فطري عمل جي ڪري جيل انتظاميہ ڀرپور فائدو وٺي قومي ڪارڪنن کي هڪٻئي تي شاهديون ڏياري ڏاڍو خوار ڪري رهي هئي، جيتوڻيڪ مون ڪافي سوچڻ کان پوءِ وري بہ سياسي ڪارڪن جي حيثت سان اهو فيصلو ڪيو تہ سڀ ڪجهہ برداشت ڪري شاگردن کي منظم ڪرڻ وارو ڪردار ادا ڪجي تہ بھتر ٿيندو ۽ شاگردن کي بہ احسا س ٿيو آهي تہ ائين هڪ ٻئي سان وڙهي ڦٽائي جيل نٿو ڪاٽي سگهجي، ان لاءِ هنن جيل انتظاميہ کي بہ مون کي واپس گهرائڻ لاءِ لکيو آهي، جنھن ۾ لکيو اٿن تہ اسين سڀ شاگرد ڏاڏي متاري کي ميڙ ڪري پرچائي وٺي اچڻ چاهيون ٿا تہ جيئن اسان جي وارڊ جو ماحول مفاهمت وارو ٿئي، ان ڪري صبح 10 بجي همراھہ جيل انتظاميہ کان اجازت وٺي اچي مون وٽ نڪتا، مون کين مان ڏنو حال احوال کان پوءِ چانھہ پيتين سون، ان کان پوءِ ڪچھري ڪئي سون پوءِ مون کين چيو تہ توهان وارڊ گهمو ۽ آئون شمس گوپانگ کي وٺي ويس وڃي ڪمري مان سامان ويڙهيم تہ ڇوڪرا سڀئي پويان اچي ويا ڏٺئون تہ ڏاڏو بنا ڳالھہ ٻولھہ جي سامان ٻڌي رهيو آهي تہ ڏاڍا خوش ٿيا ۽ پاڻ بہ مون کي ٽپڙ ٻڌائڻ ۾ لڳي ويا، ڪو بسترو تہ ڪو ٿيلھو ڪلھي تي کڻي خوشي سان بيھي رهيو، مون کين چيو توهان سامان رکو پاڻ هلون ٿا ٽپڙ پوءِ قيدين کان کڻايون ٿا ان تي هنن چيو نہ ڪجهہ ٽپڙ اسين پاڻ کڻنداسين تہ جيئن لڳي تہ ڏاڏو پرچي ويو آهي ۽ اسان سان گڏ آهي بس چرچن ۽ ڀوڳن جي فضا ۾ غلام نبي خشڪ ٿيلھو کنيو، اسد گاڏهي ڇٻيو کنيو، شمس ڊٻو کنيو رهيل سامان ڪجهہ ٻين دوستن کنيو پوءِ دروازي تي اتي جي قيدين کان خوشي سان موڪلايو سين مون اتي انھن دوستن کي چيو تہ اميد آهي تہ جيل جي شاگردن کي منظم ڪري وٺبو ۽ اسان سڀني کي اهڙين ڳالھين کي ثانوي سمجهڻ گهرجي.
اٽڪل هڪ فرلانگ پنڌ ڪرڻ کان پوءِ پنھنجي پراڻي وارڊ ڪارا ٽئين ۾ جيڪو ڦاسي گهاٽ جي ڀرسان آهي اتي پھتا سون اندر داخل ٿياسين تہ سامھون صالحين جا دودو مھيري ۽ الطاف تنيو ويٺا هئا جن جا منھن لھي ويا ايترو بہ حياءُ نہ پين جو کڻي سکڻو هٿ ملائين بحرحال اسين سڌا غلام نبي خشڪ جي ڪمري جي سامھون ويٺاسون. غلام نبي چانھہ ٺاهڻ لاءِ ويو، باقي دوست ويھي مون سان ڪچھري ڪرڻ لڳا چانھہ پي رهيا هئا سين تہ امداد چانڊيو جمعدار کي چيو تہ ڏاڏي واري کولي کوليو تہ سفائي ڪريونس جيئن کولي کلي تہ امداد ۽ شير محمد صفائي ڪرڻ ۾ لڳي ويا جيئن ئي صفائي مڪمل ٿي تہ سامان لڳايو سين پوءِ ماني کاڌي سين مٿان بند ٿيڻ جو ٽائيم ٿي ويو پوءِ امداد، شير محمد، خان محمد ۽ آئون گڏ کولي نمبر 12 ۾ بند ٿياسين.

ڪجهہ دوست ناراض تہ مون ڪنوينشن ۾ بيھڻ تان هٿ ڇو کنيو

1983-01-09 اڄ عنايت ﷲ هيسباڻي، گل جوڻيجو، طالب جکرو، غلام رسول مغيري، محڪوم ۽ ڪجهہ ٻيا شاگرد ملاقات تي آيا جيڪي ڏاڍا ڪاوڙيل هئا چوڻ لڳا ڏاڏا تنھنجي لاءِ اسان پوري سنڌ ۾ ورڪ ڪيو آهي تون بنا مقابلي چيئرمين جو عھدو کٽي رهيو آهين هن وقت بہ ٽائيم آهي اگر جي تون نٿو بيھين تہ پوءِ اسين ماٺ ڪري ڳوٺ وڃي ويھي ٿا رهون تنھنجو نہ بيھڻ جو فيصلو بلڪل غلط ۽ غير فطري آهي ۽ مھرباني ڪري پنھنجي فيصلي تي نظر ثاني ڪر، توکي ضروري بيھڻ گهرجي وغيرہ، مون کين سمجهائيندي چيو تہ دوستو توهان منھنجي ڪيفيت کي سمجهي نہ رهيا آهيو هڪ تہ مون کي ڪجهہ ذاتي مجبوريون آهن ٻيو تہ آئون جيل ۾ بند آهيان اگر آئون کٽي ٿو اچان تہ شاگردن جي ڪابہ خدمت ڪونہ ڪري سگندس منھنجو نالو قابليت ٻيا استعمال ڪندا، ٽيون تہ مون کي ٽي سال جيل ۾ ٿي ويا آهن يونيورسٽي جي شاگرد سياست ۽ ماحول ۾ وڏو فرق اچي ويو آهي، جنھن کان آئون ايترو واقف نہ آهيان ۽ چوٿون تہ شاھہ محمد شاھہ وارن سان منھنجا نظرياتي طرح سخت اختلاف آهن ان ڪري منھنجي اندر هجڻ ڪري ٿي سگهي ٿو تہ هو سازش ڪري گروپنگ ڪرائين جنھن سان شاگرد سياست جو ماحول بلڪل بگڙي ويندو ۽ هي پھريون قومي ڪنوينشن آهي ان ڪري سڀ ڪجهہ برداشت ڪري بہ ڪاميابي ماڻڻي آهي تہ جيئن گروپنگ کان بچي سگهون بحرحال هي دوست مطمئن ٿيا پر هنن چيو تہ ٺيڪ آهي پر تون اسان کي ٻہ درخواستون لکي، هڪ ۾ لک تہ آئون بيھان ٿو ٻئي ۾ لک تہ آئون ڪونہ ٿو بيھان ان سان اسين شاھہ محمد شاھہ وارن کان جنرل سيڪريٽري جي سيٽ وٺي ٿا سگهون پھريائين اسين چوندا سين ڏاڏو بيھي ٿو پوءِ کين چونداسين تہ اسان کي جنرل سيڪريٽري جي سيٽ ڏيو تہ ڏاڏي کي چيئرمين شپ تان هٿ کڻايون ٿا ائين اسان کي جنرل سيڪريٽري جي سيٽ ملي ويندي مون چيو توهان منھنجا ساٿي آهيو، اگر اهڙي عمل سان توهان کي سياسي فائدو ٿئي ٿو تہ مونکي ڪو بہ اعتراض نہ آهي آئون اوهان کي ٻئي درخواستون لکي ٿو ڏيان ڇو تہ منھنجي جيڪا بہ سياسي ساک اڀري آهي اها توهان دوستن جي محنت ۽ سچائي سان اڀري آهي.

فوجي ٽولي جون شاگردن کي آزاد ڪرڻ جون سازشون

1983-02-01 تي جيل ۾ رهندڙ ڪجهہ شاگردن کي مارشل لا حڪام ضمانتن تي آزاد ڪرڻ لاءِ گهرائڻ شروع ڪيو انھن ۾ هيٺيان دوست آهن.

1. سانوڻ هنڱورو آزاد ست مھينا 1983-02-04.
2. شمس گوپانگ جساف ليفٽ 25 مھينا 1983-02-05 .
3. الطاف تنيو جساف 18 مھينا 1983-02-06
4. رسول بخش ٿيٻو 33 مھينا 1983-02-07
5. خان محمد لغاري جساف ليفٽ 22 مھينا 1983-02-19
6. غلام نبي خشڪ جساف ليفٽ 15 مھينا 1983-02-19
7. دودو مھيري جساف ليفٽ 15 مھينا 1983-02-20
8. اسد گاڏهي ايس.ايس.ٽي 10 مھينا 1983-02-20
9. عبدﷲ شاھہ جساف ليفٽ 26 مھينا 1983-02-20

مٿين سڀني شاگردن کي ملٽري سمري ڪورٽ ڪافي عرصي کان انڊر ٽرائيل ڪورٽ نمبر 18 ۾ هلايو پيو وڃي، ايس.ايم.ايل.اي سڀني کي الڳ الڳ گهرائي ڏاڍيون ڌمڪيون ڏنيو ۽ چيو تہ ڪھڙي شوئرٽي آهي جو توهان شاگرد سياست ۾ حصو نہ وٺندا ، اسين صرف انھن کي آزاد ڪندا سين جيڪي سياست ۾ حصو نہ وٺندا يا ڏنڊ ڀري ڏيندا ۽ ان کانسواءِ ان جي خاندان جو يا علائقي جو نيڪ مرد يا چڱو مڙس 50 هزارن جي پراپرٽي جي ضمانت ڏيندو تہ ان کي آزاد ڪيو ويندو، شاگرد ويچارا اهي سڀئي شرط قبول ڪري ايس.ايم.ايل.اي ڪرنل رسالت کي يقين ڏياريو تہ اسين ڪنھن بہ سياست ۾ حصو نہ وٺندا سين ۽ جيڪي توهان جا شرط آهن ان مطابق اسين ضمانتون ڏيڻ لاءِ تيار آهيون سڀني شاگردن پنھنجي مائٽن کي گهرائي ڪرنل رسالت ڏانھن موڪليو جن مان سانوڻ هنڱورو ۽ عبدﷲ شاھہ 50 هزارن جي ضمانت بہ ڏئي آيا آهن ان کانسوءِ رسول بخش ٿيٻو ۽ الطاف تنيو جون 50 هزار جون ضمانتون داخل ٿي ويون آهن، شمس گوپانگ جا مائٽ بہ 20 هزارن جي ضمانت ڏئي چڪا آهن، ان کانسواءِ خان محمد لغاري ۽ غلام نبي جون بہ 20 هزارن جون ضمانتون منظور ٿي ويون آهن، باقي دودو مھيري ۽ اسد گاڏهي جي ضمانتن جا ڪاغذ اڃان نہ پھتا آهن هي دوست بہ عنقريب سڀني شرطن تي راضي ٿي نڪري ويندا، افسوس آهي تہ هي وحشي فوجي ٽولو شاگردن کي دٻائڻ ۽ هيسائڻ ۾ ڪامياب ٿيندو پيو وڃي ويچارا ڪيترائي ڪارڪن ۽ شاگرد مسلسل جيل ۾ رهڻ جي ڪري پنھنجي بزدلي ۽ جھالت جي ور چڙهي اهي دليل ڏئي پاڻ کي ۽ دوستن کي مطمئن ڪري وڃي رهيا آهن تہ اسين گورنمينٽ کي بيوقوف بنائي آزاد ٿي رهيا آهيون ۽ ٻاهر وڃي انقلابي ڪم ڪنداسين ان ڪري سڀئي شرط قبول ڪري فلحال نڪرڻ ضروري آهي پوءِ ڏٺو ويندو پر هنن اٻو جهن کي ڪھڙي خبر تہ جيڪو بہ شاگرد شرطن ۽ فوجي ضابطن مطابق آزاد ٿي رهيو آهي هي فوجي ٽولو پنھنجي انٽيلجنس ادران جي ذريعي شاگردن جي مخبري ڪرائيندو آهي ۽ اگر جي ڪو شاگرد ٻاهر وڃي وري سياست ۾ ايڪٽوَ ٿيندو آهي تہ ان کي ۽ ان جي مائٽن کي وري پريشان ڪيو ويندو آهي پوءِ ائين ڪيترائي شاگرد سياست ڇڏي چڪا آهن پوءِ عزت بچائڻ جي خاطر ڪئين ذاتي پريشانيون ۽ ٻيا مسئلا ٻڌائي دليل ڏئي قومي سياست کان پاسيرا ٿي ويندا آهن فوجي ٽولي جي اهڙي چالاڪ عمل ۽ حرڪتن مان مون کي قومي سياست جو مستقبل اونداهو نظر ٿو اچي بحرحال اها ضمانت مستقبل ڏيندو تہ قومي سياست مستقبل ۾ ڪھڙي موڙ ۽ منزل تي ٿي بيھي، فلحال شاگرد دوست جائز ناجائز فوجين جا مطالبا مڃي آزاد ٿي رهيا آهن.

دوستن ۽ مائٽن جون وفاداريون ۽ بيوفايون

1983-02-20 اڄ مون کي جيل ۾ چوٿون سال شروع ٿيو آهي اڃان تائين تقرير جي ڪيس ايم.ايل.آر 1-13-33 ملٽري ڪورٽ 18 ۾ انڊر ٽرائيل هلي رهيو آهيان، هي ڪيس نامعلوم آهي جيڪو 1980-08-20 کان هلي رهيو آهي، جنھن ۾ فوجي حڪومت مسلسل بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، هي مون کي نفسياتي دٻاءُ هيٺ رکي جيل جو وقت اينگهائي رهيا آهن تہ جيئن هي شاگرد سياست تان هٿ کڻي وڃي پر هنن کي خبر هجڻ کپي تہ آئون بلڪل پر اعتماد پنھنجي ضمير مطابق مطمئن اهڙو وقت انجواءَ ڪري رهيو آهيان جو اڳين سالن ۾ بہ اهڙو مطمئن ڪونہ هئس، اڄ چوٿين سال ۾ آئون پاڻ ۾ وڏي تبديلي محسوس ڪري رهيو آهيان، جيل ۾ هن وقت تائين آئون 85 ڪتاب پڙهي چڪو آهيان، مون وٽ هن وقت سائنسي ۽ مڪمل نظرياتي زندگي آهي، ڊسمبر 1981 کان ذهني طرح آئون اشتراڪيت جي نظريي جو حامي آهيان ان ڪري منھنجي مستقبل جي خواهش صرف ۽ صرف انسانيت جي خدمت ڪرڻ آهي، مارشل لاءِ حڪام مونکي آزاد نٿي ڪري ۽ نڪو ڳالھائڻ لاءِ تيار آهي ڇو تہ هنن کي يقين آهي تہ هي بااصول انسان آهي مڪمل نظرياتي ۽ سچي انسان دوست سياست کي عبادت سمجهڻ وارو انسان آهي ان ڪري بليڪ ميلنگ وارو ڪو بہ شرط قبول نہ ڪندو ۽ ٻيو بہ کين خوف آهي تہ جي هي آزاد ٿيو تہ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ وري سياست جيڪا اسين تباهي جي تري تائين وٺي آيا آهيون ان کي نوان رنگ ڏئي انسان دوست سياسي شاگردن سان ملي ڪري عروج ڏانھن وٺي ويندو ان ڪري بھتري ان ۾ آهي تہ اهڙن بااصول ۽ انسان دوست نظرياتي سڀني شاگردن کي جيل ۾ بند رکيو وڃي تہ جيئن شاگرد سياست کي ادارن مان ختم ڪري سگهجي، اڄ چوٿين سال ۾ داخل ٿيڻ سان خاص ڳالھہ اها آهي تہ مون سان جيل ۾ اچڻ وقت جيڪي سياسي دوست همسفر هئا اڄ اهي منھنجا سخت مخالف آهن جن ۾ شاھہ محمد شاھ، ابوبڪر زرداري، قمر راڄپر ۽ رحمت ﷲ هيسباڻي وغيرہ هنن دوستن سامراجي غنڊن سان ٺاھہ ڪيو آهي جن جو مقصد شاگرد سياست کي تباھہ ڪرڻ آهي ان ڪري هو ڊيل جي ذريعي اڄ آزاد آهن، پر مان پنھنجي ضمير جو قيدي تہ هن ڌرتي ۽ ڌرتي وارن جي حقن جي سوديبازي فوجي ٽولي سان ڪڏهن بہ نہ ڪندس، ڀلي زندگي داءَ تي لڳي وڃي جسم جا ٽڪرا ٽڪرا ڪيا وڃن پر پنھنجي ماڻھن ۽ ڌرتي سان ڪيل ڪميٽمينٽ تان ڪڏهن بہ نہ هٿ کڻبو،ان کان سواءِ هي دوست دلي طرح اهو بہ چاهين ٿا تہ آئون ڀلي اندر هجان جيستائين اسين جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فڊريشن آرگنائيزيشن تي قبضو ڪري وٺون.
هڪڙي پاسي سياسي طرح مضبوط ارادن جي ڪري مارشل لا سول ۽ يونيورسٽي انتظاميہ جي سخت ڪاوڙ ۽ بنيادي دشمني تہ وري ٻئي پاسي سياسي دوستن جون غداريون اڪيلي سر فوجين جي وات ۾ ڇڏي ڏيڻ جن سان سياسي طرح گڏ ۽ تاريخي ڪردار ۽ وفاداريون آهن ۽ ٽيون وري عزيزن ۾ ڇھن ڀائرن مان چئين مان ڪير بہ اڃان ملاقات تي نہ آيو آهي، جيڪي هجڻ ڪري عقيدت پرست منھنجي ترقي پسند نظرين جي مخالفت ۽ نفرت ڪن ٿا، چئين سالن ۾ ماءَ، ڀائر، ڀينرن، زال، پٽن ۽ ٻين عزيزن جا چھرا نہ ڏٺا آهن، مسلسل موچڙا مصيبتون، ٽارچر، جيل تنھا آهيان، بنا سھاري هوندي بہ آئون مڪمل مطمئن ۽ مضبوط انقلابي جذبن سان ليس آهيان، مونکي پنھنجي نظريي تي فخر آهي ۽ پاڻ تي مڪمل اعتماد آهي، آئون ذلت جي زندگي کان عزت جي موت کي قبوليندس باقي جهڪڻ ۽ بيعت ڪرڻ پنھنجي نظرياتي فڪر جي ڊڪشنري ۾ لفظ ئي ڪونہ آهن، منھنجو پاڻ سان وچن ۽ ڪميٽمينٽ آهي تہ غريب هارين، مزدورن جي قومي جمھوري نجات لاءِ پوري وفاداري سان پنھنجو قومي انقلابي ڪردار ادا ڪندو رهندس، شل ھھڙيون لک جانيون ملن تہ بہ انساني خدمت لاءِ بار بار قربان ڪندو رهان !
چئين سالن ۾ مونسان پنھنجي جگري ڀاءُ محمد يوسف جو جيڪو ساٿ رهيو آهي ان لاءِ مون وٽ بيان ڪرڻ لاءِ لفظ ئي نہ آهن جيڪو ڀاءُ جي رشتي ۾ پنھنجو سڀ ڪجهہ قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي هر مھيني ۾ ٻہ دفعا ايندو آهي، ۽ هردفعي ٽي چار سوَن جو سامان وٺي ڏئي ويندو آهي ان کان سواءِ منھنجي همت افزائي بہ ڪندو آهي مان سوچيندو آهيان جيڪڏهن مونسا اهڙو وفادار ڀاءُ نہ هجي هان تہ شايد هن سياسي انقلابي عملي زندگي ۾ اهڙي ڏکئي موڙ تي جتي سڀ دوست ساٿي مٽ مائٽ هٿ ڪڍي ويا آئون الائي ڪھڙي پوزيشن ۾ هجان هان، هن ڀاءُ منھنجي گهر واري ۽ پٽن کي پنھنجي اولاد کان بہ وڌيڪ قرب ۽ محبت ڏئي سنڀاليو آهي انشاءُﷲ جڏهن آئون ٻاهر نڪتس تہ هن پياري ڀاءُ سان ساٿ ۾ رهندس ۽ مرڻ وقت تائين هن سان نڀائيندس، ٻيا ڀائر جيڪي رڳو پيءُ طرفان ڀائر آهن مائرون الڳ آهن هٿرادو سبب ٺاهي منھنجي ڀاءُ هجڻ تان ماڳھين هٿ کڻي ويا آهن، آئون مري بچيو آهيان پر اڃان تائين ملاقات تي نہ آيا آهن، بحرحال آئون هڪ قومي ڪارڪن ۽ انسان دوست سماجوادي آهيان منھنجي سوچ ۽ فڪر سائنسي بنيادن تي مبني آهي مونکي هنن جي اهڙي رويي سان ڪو بہ ٽڪر يا معيار نہ آهي بلڪہ پورو ارادو رکان ٿو تہ آزاد ٿيڻ کان پوءِ سڄي خاندان جي ذهني نشونما ڪري سندن فڪر ۽ سوچ کي بہ سائنسي بنيادن تي کڻي اچڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪندس تہ جيئن سڄو خاندان جيڪو نسل در نسل غلامي واري زندگي پيو گذاري سڀ ڪجهہ هوندي بہ پيرن ۽ ميرن جي غلامي ڪري رهيو آهي سندن ذهن اجاڳر ۽ روشن ڪرڻ جي ضرور ڪوشش ڪندس ۽ ايندڙ نسل کي اهڙي نموني تيار ڪبو جو مستقبل ۾ پنھنجي ڌرتي لاءِ حق لاءِ سچ لاءِ جاکوڙين ۽ ڪو قومي انقلابي ڪردار ادا ڪن تہ پوءِ يقينن منھنجو ضمير مطمئن رهندو تہ مون ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.
آئون تمام گهڻو شڪر گذار آهيان پنھنجي پياري جيون ساٿي صوفيا جو جيڪا منھنجي ڏکن سکن جي ساٿياڻي آهي پاڻ ڏکن سکن ۾ مونسان نڀائڻ جو اٽل فيصلو ڪيو اٿس منھنجي غير موجودگي ۾ پنھنجن پٽن کي پنھنجي حال سارو سنڀالي رهي آهي، هيترن ڏکن باوجود ڪڏهن بہ بزدل يا مايوس نہ ٿي آهي سندس صبر همٿ ۽ بھادري کي آئون سلام ٿو پيش ڪريان جيڪا غير نظرياتي هجڻ جي باوجود بہ منھنجي نظرين جو قدر ڪري ٿي سندس اهڙي تاريخي وفاداري منھنجي زندگي ۽ جستجو کي اتساھہ بخشي ٿي.
مونسان منھنجي جيون ساٿي صوفيا جي والد صاحب سوٽ محمد صالح ۽ سندس ڀاءُ غلام قمبر جو تاريخي ساٿ رهيو آهي جن بہ منھنجي هن قومي انقلابي جدوجھد کي هميشہ ساراهيو آهي ۽ ساٿ ڏنو آهي انھن جو بہ تمام گهڻو شڪر گذار آهيان.
ان کان سواءِ آئون تمام گهڻو شڪر گذار آهيان پنھنجي ڀاڻيجي ۽ استاد سردار محمد صالح جو جنھن غريب هجڻ باوجود مونسان تما م گهڻو نڀايو آهي، جڏهن کان منھنجو سياسي سفر شروع ٿيو آهي تڏهن کان هن جو مونسان ساٿ رهيو آهي، هي سچو سادو ۽ دل جو نيڪ ۽ صاف انسان آهي،منھنجو شاگرد سياست ۾ داخل ٿيڻ ۾ سڄو هن جو ڪردار آهي آئون اڃان ننڍو هئس پڙهندو هئس تہ هي شاگرد سياست جو سرگرم ڪارڪن هو ائين چوندي آئون فخر محسوس ٿو ڪريان تہ هي منھنجو سياسي استاد آهي هي غريب هوندي بہ مھيني ۾ ٻہ دفعا مون سان ملاقات تي ايندو آهي سندس آئون تمام گهڻو شڪر گذار آهيان.

منھنجا پيارا پٽ

1983-02-20 تي پورن چئن سالن ۾ خادم حسين منھنجو ننڍڙو آخري پٽ آهي، جيڪو مون نہ ڏٺو آهي هينئر ڊوڙون پائيندو هوندو جڏهن آئون ڇڏي آيو هئس تہ تڏهن معصومڙو هو...! ماءُ جي هنج ۾ کيڏي رهيو هو، کيس دل ڏاڍو ياد ڪري ٿي...!
تاج محمد منھنجو ٻيو نمبر پٽ آهي هن کي بہ چئن سالن کان نہ ڏٺو اٿم ننڍڙو هو تہ کيس ڇڏي آيو هئس هينئر پڙهائي جي لائق ٿي ويو هوندو، هي ٻالو ڀولو بہ ڏاڍو ياد اچي ٿو...!
ولي محمد هي منھنجو وڏو پٽ آهي چئن سالن ۾ ٻہ دفعا ڀاءُ يوسف سان گڏ جي ڪورٽ ۾ ملي ويو آهي، هن کي بہ ڏاڍو دل ياد ڪري ٿي، بس قيد جو ٻيو نالو بيوسي آهي، پر الائي ڪھڙا جذبا آهن جيڪي مطمئن ڪيو ويٺا آهن نہ تہ شايد ماڻھو چريو ٿي پوي........ انسانيت...... زندہ آباد.......انقلاب......انقلاب........انقلاب...... زندہ آباد......!!!!

امداد چانڊيو ۽ شير محمد مڱريو جي پاڻ ۾ ناراضگي ۽ پرچاءُ

1983-03-01 تي اڄ شير محمد مڱريو ۽ امداد چانڊيو جيڪي ٻئي ڊي.ايس.ايف جا اڳواڻ آهن، هڪ ٻئي کان ناراض ٿي پيا آهن، اهو ان ڪري جو سنڌو ديشي الھبچايو مرڻاس، شير محمد لاءِ راند کيڏڻ وارو بوٽ گهرايو ان لاءِ امداد، شير محمد کي چيو اهو بوٽ واپس ڪر ڇو تہ پوءِ هي دوست غلط بياني کان ڪم وٺندا ۽ پروپگنڊہ ڪندا، آئون کولي ۾ ويٺو هئس تہ امداد چانڊيو سڏ ڪيو ۽ چيائين ڏاڏا، شير محمد کي سمجهاءِ آئون تڪڙو کولي مان نڪري هنن ڏانھن آيس تہ شير محمد باريڪ ڏانھن هليو ويو، امداد مون کي سڄي ڳالھہ ڪري ٻڌائي تہ شير محمد منھنجي ڳالھہ نٿو مڃي، چوي ٿو تہ منھنجي مرضي آهي تون ڪيستائين مون کي ٻين ماڻھن سان واسطو رکڻ کان جهليندي...؟ پوءِ تہ شير محمد ڪاوڙجي وڃي کولي نمبر 10 صاف ڪئي ۽ کولي نمبر 12 مان بسترو کڻي امداد کان الڳ رهڻ لاءِ تيار ٿي ويو پر امداد هن کان زوري بسترو کسي ورتو، هن جي اهڙي حرڪت تي امداد ڏک ۽ ڪاوڙ مان ڳاڙهو لڳو پيو هو، اٽڪل چار بجي آئون وري امداد جي کولي ۾ آيس تہ شير محمد تي ناراض لڳو پيو هو، کيس شير محمد تي وڏو ارمان ٿي پيو هو، سندس رويي جي باري ۾ ٻڌائيندي امداد ڏکارو ٿي پيو، آئون امداد چانڊيو جو وڏو احترام ۽ عزت ڪندو آهيان، هن جي اهڙي حالت ڏسي مون کي بہ ڏاڍو ڏک ٿيو، مون شير محمد کي سڏ ڪري چيو تہ جيڪڏهن تو امداد کي نہ پرچايو تہ پوءِ آئون بہ توسان ڪونہ ڳالھائيندس، شير محمد منھنجي عزت ڪندو آهي ساڻس تمام گهڻي حجت آهي، مون کيس ٻانھن مان پڪڙي امداد جي کولي ۾ آندو امداد روئي رهيو هو کيس اٿاري ٻنھي کي ڀاڪر پارائي ٺاھہ ڪرايم.

ناز سنائي جي آزادي تي الوداعي تقريب

1983-01-03 تي ناز سنائي اسپيشل وارڊ نمبر 2 مان بدلي ڪرائي اسان جي وارڊ ۾ صرف انھي ڪري آيو آهي جو سڀاڻي هو 15 مھينا جيل ۽ 15 ڪوڙا کائي سزا ڪاٽي آزاد ٿيڻ وارو آهي، اڃا آزاد ٿيڻ ۾ پندرهن ڏينھن هئس تہ ٻاهران حلال احمر وارا جيل ۾ رت جي عطيي لاءِ آيا هئا، تنھن تي جيل جي حڪام چيو تہ جيڪو قيدي رت ڏيندو ان کي 15 ڏينھن جيل مان معافي ڏئي اڳ ۾ آزاد ڪيو ويندو هن بہ 15 ڏينھن معافي وٺڻ لاءِ رت جي بوتل ڏني هئي.
شام جو سڀني شاگردن گڏجي ماني کاڌي، ناز کي الواداع ڪرڻ جي خاطر، هن تقريب ۾ صالحين شريڪ نہ ٿيا رات جو باريڪ ۾ بند ٿياسين تہ مون چيو تہ ناز لاءِ ڪچھري پروگرام ڪجي ڪچھري پروگرام ۾ غلام نبي خشڪ، خان محمد لغاري، سڪندر ابڙيجو، اسد گاڏهي، شير محمد مڱريو، محمد خان سولنگي، امداد چانڊيو ۽ آئون شريڪ ٿياسين پھريائين محفل موسقي جو پروگرام ڪيو سين، امداد، محمد خان، شير محمد انقلابي گيت ڳايا ۽ مون مٽ وڄايو ۽ اڄ مون پھريون دفعو چنگ جون لھرون بہ ٻڌايون، رات جو 2 بجي تائين رهاڻ هلندي رهي، صبح جئين ئي اٿياسين تہ ناز کي الوداعي گڏجاڻي ڏيڻ لاءِ بندو بست ڪيو سين، ان ٽائيم اوچتو اي ڪلاس مان هڪ قيدي راجا جاويد نياپو موڪليو تہ ناز جي آزاديءَ جي ڪري ايف.آءِ يو وارا دروازي تي کيس وري گرفتار ڪرڻ لاءِ بيٺا آهن، پوءِ تہ رنگ ۾ ڀنگ وارو چرچو ٿي ويو، تڏهن بہ گڏجاڻي ڪئي سون، اسٽيج جا فرائض مون سرانجام ڏنا.
1.اسد گاڏهي (ايس.ايس.ٽي): هن دوست ڳالھائيندي ناز سنائي جي مختلف خوبين ۽ خامين تي روشني وڌي ۽ چيو تہ ناز قومي ڪارڪن آهي کيس ظلم جو نشانو بنايو ويو آهي، پر هي نوجوان ڪڏهن بہ جهڪيو نہ آهي کيس آزاد ٿيڻ تي مبارڪ ڏيان ٿو.
2. الھبچايو مرڻاسي(جساف): هن دوست ڳالھائيندي چيو، ناز سنائي جيئي سنڌ جو نہ آهي، پر جتي بہ هجي خوش هجي ڪنھن بہ نظريي يا پارٽي سان تعلق هجيس، پر اميد آهي تہ هي سچائي سان نڀائيندو کيس آزاد ٿيڻ تي مبارڪ ڏيان ٿو.
3. محمد خان سولنگي(ڊي.ايس.ايف): هن دوست ڳالھائيندي چيو تہ، هي دوست ڏاڍو محنتي آهي، هن جيل ۾ ڪجهہ ڪتاب ترجمو ڪيا آهن پڙهيو بہ تمام گهڻو اٿس، ناز تي ڪجهہ تنقيد ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان تہ هن کي جيل ۾ ٻين شاگردن سان گڏ رهڻ گهرجي ها، آخر ۾ کيس آزاد ٿيڻ تي مبارڪ ڏيان ٿو.
4. خان محمد لغاري (جساف): هن دوست صرف ناز کي مبارڪ ڏني.
5. امداد چانڊيو (ڊي.ايس.ايف): هن دوست ڳالھائيندي چيو، ناز سنائي سخت محنتي ۽ قومي ڪارڪن آهي پر هن کي ڪنھن نہ ڪنھن انقلابي جماعت سان گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي هن ۾ سٺيون صلاحيتون آهن آخر ۾ کيس مبارڪ ڏني.
6. متارو ڏاهري: مون ڳالھائيندي چيو تہ، ناز سنائي محنتي آهي سٺين صلاحيتن جو مالڪ آهي پر سندس اهو طريقو سٺو نہ هو جو شاگردن کان الڳ ٿي وڃي رهيو، هي دوست اسان سان گڏ رهيو آهي کيس جيئي سنڌ جي حفيظ قريشي ٻہ دفعا موچڙا هنيا پر اسان سندس ڀرپور ۽ جائز ساٿ ڏنو هو آخر ۾ کيس آزاد ٿيڻ تي واڌايون ڏيان ٿو.
7. ناز سنائي: هن دوست پاڻ ڳالھائيندي شاگردن کان الڳ رهڻ واري غلطي جو اعتراف ڪيو، هن وڌيڪ چيو تہ مون جيل ۾ محنت ڪندي لطيف تي ريسرچ ڪئي آهي ۽ مون ترتيبوار سڄي رسالي کي نئين سر لکيو آهي، اڄ آئون 15 مھينا ۽ 15 ڪوڙا کائي نڪري رهيو آهيان ۽ آئندہ بہ آئون سنڌي قوم لاءِ ۽ ان جي حقن لاءِ وڙهندو رهندس، منھنجي ٻاهر نڪرڻ تي اڳيان ايف آءِ يو وارا گرفتار ڪرڻ لاءِ بيٺا آهن، ان جو مڙئي خير آهي ايتري ۾ ڊيوٽي جيلر حيدرالزمان هن کي آزادي لاءِ وٺڻ آيو، سڀني هن کي انقلابي گيت، پنھنجي هٿ ۾ ريٽو جهنڊو اڀ تائين جهوليندو اوساٿي، اهڙو ڏينھن بہ ايندو، سان دروازي تائين ساٿ ڏئي رخصت ڪيو ويو.

سائين جي ايم سيد جي سالگرہ

1983-01-17 اڄ جيئي سنڌ جي.ايم.سيد گروپ پاران سائن جي.ا يم.سيد جي 80 هين سالگرھہ ملھائڻ جو پروگرام ترتيب ڏنو، سڀني تنظيمن کي دعوت ڏني وئي، جيئي سنڌ صالحين مان صرف ٻہ ڄڻا دودو مھيري ۽ الطاف تنيو بچيا آهن باقي پنج ڄڻا وڏين سفارشن کان پوءِ آزاد ٿي ويا آهن، وارڊ جي ٻين تنظيمن دعوت قبول ڪئي، شام جو باريڪ پويان پروگرام جو بندو بست ڪيو ويو، سڀئي گڏ ٿياسين، اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض الطاف تنيو سرانجام ڏنا، جلسي جي صدارت الھبچايو مرڻاس کان ڪرائي وئي، جنھن سائين جي.ايم.سيد جي سالگرہ جو ڪيڪ ڪاٽيو. پھريائين ايس.ايس.ٽي جي اسد گاڏهي ڳالھايو هن صرف ٻہ ٽي لفظ ڳالھايا تہ آئون سائين جي.ايم.سيد کي سندس 80 سالگرہ تي مبارڪ باد ڏيان ٿو، ان کان پوءِ شاھہ جھان شاھہ بہ ساڳيا لفظ ورجايا ۽ جيئي سنڌ ليفٽ جي خان محمد لغاري بہ ساڳيا لفظ ورجايا.
امداد چانڊيو ڊي.ايس.ايف تقرير ڪندي چيو تہ اسين اميد ٿا رکون تہ هاڻي معروضي حالتن مطابق جيئي سنڌ سامراج دشمن ۽ قومي آزادي لاءِ ۽ ٻين ترقي پسند جماعتن سان اتحاد ڪرڻ لاءِ هٿ وڌائيندي جيڪا هن وقت جي اهم ضرورت آهي.
دودو مھيري (جي.ايم سيد) پنھنجي تقرير ۾ سائين کي سنڌي قوم جو انقلابي رهبر چيو ۽ هن چيو سيد امر آهي جنھن سنڌو ديش جو نعرو ڏنو ڇا بہ ٿي پوي پر اسين سنڌو ديش لاءِ پنھنجي جان جي قرباني ڏيندا سين ڇو تہ اسين نظرياتي طرح سنڌ ۽ سنڌي قوم کي غلامي مان آزادي ڏيارينداسين ۽ پنجاب جي سامراجي ڪالوني مان ٻاهر ڪڍي هڪ آزاد ديش بنائينداسين، اڄ سنڌ جي 80 لک ايڪڙ زمين پنجابين وٽ آهي بلڪہ پٺاڻ ۽ مھاجر بہ انھن پنجابين سان هر مقصد ۾ گڏ آهن تہ سنڌ کي هضم ڪري کائي وڃجي پر اسين واضع چئون ٿا تہ سنڌوديش ٺھندو، آخر ۾ هن ٻين تنظيمن جي شريڪ ٿيڻ تي سندن ٿورا مڃيا.
الطاف تنيو تقرير ڪئي تہ سامھون سڪندر ابڙيجو وري اشارن ۾ سڀني کي پئي ٻڌايو تہ اڄ همراھہ هوش ۾ نہ آهي، خيال ڪجو..؟ بس هي دوست بہ وڏيون رڙيون ڪندي چوڻ لڳو،تہ سنڌ ۾ جيڪو بہ ڌاريو آهي ڀلي کڻي اهو مزدور ڇو نہ هجي يا کڻي هاري هجي، اهي سڀ وڏا رهزن آهن، جن اسان کي غلام بنايو آهي، اڄ ترقي پسند نالي سان رجعت پرست تنظيمون اسان کي سامراجي چون ٿيون، اسين سامراجي ڇو آهيون اسان جو آمريڪا سان ڪھڙو واسطو آهي، سامراجي تہ اهي آهن جيڪي پنجاب جي مزدورن جي ڳالھہ ٿا ڪن هن چيو ٺيڪ آهي آئون تہ کڻي موالي ۽ بددماغ آهيان، پر توهين سالم دماغ آهيو، گهٽ ۾ گهٽ سوچيو، همراھہ کي نشي ۾ ڪابہ خبر ڪا پي پئي تہ آئون ڳالھايان ڇا پيو ۽ موضوع ڪھڙو آهي جڏهن صفا ڪنٽرول مان نڪري ويو تہ پوءِ ڪجهہ دوست ٻاهر نڪري وڃي کلڻ لڳا، شمس گوپانگ تہ اهڙا ٽھڪ ڏنا جو سڀئي شاگرد هن جي موالپڻي تان کلڻ لڳا، ايتري ۾ دودو مھيري هڪل ڪري چيس انڌا اهو ڇاٿو ڪرين هوش ڪر جي.ايم.سيد تي ڳالھاءِ دودي جي هڪل سان هن جو دماغ هوش ۾ آيو، تقرير ختم ڪري بنا موڪلائڻ ۽ ويھڻ جي روانو ٿي ويو، ايتري ۾ ٻئي شاگرد هڪل ڪري چيس تہ اڃا صدر جي تقرير رهيل آهي، اهو وري توکان وسري ويو ان کي ڳالھائڻ ڏنو وڃي، هن يڪدم چيو ها يار مون کا وسري ويو وري واپس اسٽيج تي اچي صدارتي تقرير لاءِ الھبچايو مرڻاس کي سڏ ڪيائين هن دوست سنڌوديش جي تصورن لاءِ بنيادي دليل ڏيڻ شروع ڪيا ۽ جي.يم.سيد کي پيغمبر جي حيثيت ڏنائين، آخر ۾ چانھہ پيتي سين پوءِ جان ڇٽي.

محمد خان سولنگي ۽ منھنجو سانڊي (ڪرڙي) تان جهيڙو

اڄ صبح 1983-02-04 تي ٻارنھن نمبر ۾ چانھہ پي رهيا هئاسين تہ اوچتو محمد خان سولنگي چيو تہ سانڊي (ڪرڙي) ۾ جيڪو زهر آهي اهو هيءَ ٿڪ وانگر اڇلائيندي آهي، مون کلندي چيو ڪرڙي ٿڪ نہ اڇلائيندي آهي، ان تي همراھہ ڪاوڙجي پيو تہ مطلب تہ منھنجي ڳالھہ ڪوڙي آهي جڏهن تہ مون پڙهيو آهي مون چيو ڀلي تنھنجي ڳالھہ سچي بہ هجي، پر منھنجو ذهن نٿو مڃي ان تي هي دوست صفا مشتعل ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو تون مڪمل ڪوڙو ۽ بوگز ماڻھو آهين، جو منھنجي ڳالھہ نٿو مڃي، تون سدائين ڪوڙ هڻندو آهين ۽ ماڻھن کي بيوقوف بنائيندو آهين. مون وٽ ڪيترائي مثال آهن، مون کيس ٿڌي دماغ سان چيو تہ ان ۾ ڪاوڙ جي يا ڪوڙ جي ڪھڙي ڳالھہ آهي منھنجو ذهن تسليم نٿو ڪري ان ڪري آئون نٿو مڃان، هن چيو تہ ان جو مطلب تہ آئون ڪوڙو ۽ بوگز آهيان، ان تي همراھہ ويتر ڪاوڙجي باھہ ٿي ويو امداد کيس ٻہ ٽي دفعا ڪاوڙ سان چيو تہ سولنگي تون هڪ سياسي ماڻھو آهين اهو تنھنجو اخلاق سٺو نہ آهي، شير محمد هن کي ڀاڪر پائي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو تڏهن بہ هي غير سياسي طرح منھنجي ڪردار ڪشي ڪرڻ لڳو، مون چيو تہ تون مڪمل ذهين ۽ هوشيار ماڻھو آهين ڇا..؟ تہ هن چيو ها مون جھڙو مڪمل ذهين ماڻھو هتي ڪير بہ نہ آهي، ڪير بہ مقابلو ڪري آئون ڪندس، مون چيو دوست اهڙي خوش فھمي بہ بيوقوفي جي علامت آهي، مڪمل ذهين انسان ٿيڻ جا وڏا معيار ۽ منزلون آهن، توکي ڏيڍ سال جيل ۾ ٿيو آهي، هينئر ئي آسمان تي پيو اڏامين اڃان ڪٿي ٿي ڳالھہ، اهڙي پوزيشن رهي تہ جيل ۾ ڏاڍو بڇڙو ٿيندي، باقي نڪو مونکي تنھنجي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت آهي ۽ نہ وري توکي منھنجي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت آهي، هر انسان پنھنجي عمل ۽ ڪردار سان پرکيو ويندو آهي، ايتري ۾ آئون اخلاقن احتجاج ڪندي، ٻاهر نڪري آيس، مون کي امداد ۽ شير محمد روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، آئون ٻاهر هليو آيس، ٿورڙي دير ۾ امداد آيو ۽ مونکي چيائين هو تہ بيوقوف آهي، هن غيرسياسي ۽ بي حيائي وارو طريقو اختيار ڪيو آهي آئون تنظيمي طور تي معافي ٿو وٺان، مون کيس چيو تہ انھن ضدن ۽ نظرياتي يا ذهني هم آهنگي نہ هجڻ ڪري آئون چئن سالن ۾ پنھنجا عزيز بہ ڇڏيو ويٺو آهيان، پاڻ ساٿي آهيون پر انسان هر وقت هڪ جھڙو نہ هوندو آهي ڪيڏي مھل چڙ يا غصو اچي وڃي ٿو، پوءِ جي اهڙي پوزيشن رهي تہ اهو اڳتي سٺو نہ ٿيندو،اوهين تنظيمي ساٿي آهيو هروڀرو پاڻ ۾ وڙهي پئو اهو ٺيڪ نہ آهي، ان ڪري اڄ کان آئون پنھنجو سسٽم الڳ ٿو ڪريان، هنن کي بہ ڏک ٿيو، منجهند جي ماني کڻي آيا مون ڪونہ کاڌي هنن ضد ڪيو مون چيو ٺيڪ آهي احتجاجن تيرهن فيبروري تائين آئون الڳ ڪمري ۾ ماني کائيندس پوءِ ڳالھيون ڪندا سين.

مٺو، مير ۽ محبت کي ڪوڙا هنيا ويا

1983-02-05 تي اڄ صبح جو سياري جي موسم هجڻ ڪري اتر جي تيز ٿڌي هوا جسم ۾ ڏڪڻي پيدا ڪري رهي هئي، تڏهن بہ سڄي رات تنھائيءَ ۾ گذاريندي سڄي وارڊ جا شاگرد پنھنجين کولين جي اڳيان کٿا ۽ لويون اوڍي صبح جي سج جي روشني جي انتظار ۾ ويھي رهيا هئا، شاگردن جون ٽي ٽوليون الڳ الڳ گروپن ۾ ڪچھري ۾ محو هيون، هر ٽولي مان ڪو نہ ڪو دوست چانھہ ٺاهي سڀني کي کڻي پياري رهيو هو، چانھہ پيارڻ واري دوست هڪل ڪري سڀني کي چانھہ پاڻ کڻي وڃي پيئڻ لاءِ پئي سڏ ڪيا، اڃا مس ڪنھن چانھہ جو ڪوپ، ڪنھن چانھہ جو اڌ ڪوپ پيتو هوندو تہ مٿان اوچتو وارڊ جي دروازي تہ ڊيوٽي ڏيندڙ جوابدار حاڪو رڙ ڪري وڏي آواز ۾ چيو مٺو، مير ۽ محبت تمام جلدي تيار ٿين کين سپرنيٽينڊنٽ آفيس ۾ گهرايو آهي، سندس اهڙي پراسرار آواز تي سڀئي شاگرد ان ڏانھن متوجھہ ٿيا، سڀني سوچيو تہ هن ٽائيم تي اڃان آفيس کلڻ جو ٽائيم بہ نہ ٿيو آهي، خير تہ آهي جو هن ٽائيم تي سپرنيٽينڊنٽ دوستن کي گهرايو آهي، جوابدار چوڻ لڳو تہ مون کي خبر نہ آهي مونکي صرف حڪم مليو آهي تہ هنن شاگردن کي آفيس روانو ڪيو وڃي وڌيڪ معلوم نہ آهي.
جوابدار اسان سان گڏ رهڻ ڪري همدرد هو، جنھن کي چيو سون تون ماٺ ماٺ ۾ معلوم ڪري اچي اسان کي ٻڌاءِ تہ معاملو ڇا آهي؟ ڪٿي همراهن کي ڪوڙا تہ نٿا لڳائين ؟ اڃا انھي بحث ۾ هئاسين تہ مٿان بيٽ جو سپاهي اچي ويو، دروازي کي زور سان ڌڪ هڻي اندر وارڊ ۾ داخل ٿيو پري کان چوڻ لڳو مير، مٺو ۽ محبت جلدي تيار ٿين صاحب کين آفيس ۾ گهرايو آهي، سپاهي کي سڏ ڪري چانھہ جو ڪوپ پياريو سين هن کان ٿڌائي سان پڇوسين تہ معاملو ڇا آهي؟ جنھن چانھہ جي ڪوپ تي سڄو راز ٻڌايو تہ اڄ ڊي.ايم.ايل.اي هيڊ ڪوارٽر مان ميجر غلام محمد کي ٽيليفون وسيلي حڪم ڪيو آهي تہ جن ٽن شاگردن کي تازو سمري ملٽري ڪورٽ 8 مان هڪ سال سزا ۽ پندرهن ڪوڙن جي سزا ٻڌائي آهي ان تي عمل ڪرائڻ لاءِ اڄ صبح 9 بجي آئون اچي رهيو آهيان ان ڪري سڄو انتظام ٺيڪ هجڻ گهرجي، سو سائين انڪري اصل جيل انتظاميہ جو هانءُ ٿو ڦاٽي صفا، هڻ هڻا لڳي پئي اٿن، سپرنيٽينڊنٽ نور الاهي شيخ ۽ ڊپٽي سپرنيٽينڊنٽ آغا غلام نبي صبح سويل کان پنجن جيلرن سان گڏ ويٺا آهن، صفائي وغيرہ هلي رهي آهي، ٽڪٽڪي کي سامھون پراڻي ڪورٽ ۾ رکيو ويو آهي، سپاهي اڃان ماٺ مس ڪئي تہ مٿان بيٽ عملدار شبيرا پنھنجي مخصوص انداز سان وارڊ ۾ داخل ٿيو سامھون سپاهي کي اسان سان گڏ ويٺل ڏسي مٿس رعب ڪرڻ لڳو، اڃا دير ڇاجي ڪري رهيو آهين، بس پوءِ جمعدار ڪنھن کي نہ بيھڻ نہ ويھڻ پيو ڏي، هيڏانھن بھادر دوست مير، مٺو ۽ محبت جن کي آڪٽوبر 1982 ۾ سمري ملٽري ڪورٽ مان ٻڌايل سزا ۾ الزامن جي وضاحت ۾ هنن جو ڏوھہ اهو هو تہ توهان مارشل لا جي خلاف نعريبازي ڪري تعليمي ادارن ۾ ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪرايو ۽ ان سان گڏ پمفليٽ بہ ورهايا هئا جنھن ۾ پاڪستان اندر مختلف طبقن ۾ نفرت ڦھلائڻ ۽ فوجي حڪومت کي آمريڪا سامراج جو ڇاڙتو لکيو هو، هنن شاگردن کي ٻہ سال شنوائين ۾ هلائڻ کان پوءِ مليٽري ڪورٽ انصاف جي تقاضائن جي پورائي لاءِ شاهد گهرائي هنن کي چارج شيٽ ڪورٽ جي ميجر طرفان پڙهي ٻڌائي پي وئي تيڏي مھل ميجر صاحب پنھنجي ڪرسي جي سامھون حلف پڙهيو تہ آئون ﷲ کي حاضر ناظر سچائي ۽ ايمانداري سان اسلامي اصولن تحت فوجي ضابطن کي مڃيندي روايتي حڪم مطابق فيصلو ڪندس، شاهد ٽوٽل ٽي گهرايا ويا هئا، هڪ ڄامشورو پوليس جو اي ايس آءِ ۽ ٻہ سي آئي ڊي جا ملازم جن کي ٽيليفون تي آگاھہ ڪيو ويو هو تہ 15 آڪٽوبر تي فلاڻن شاگردن تي شاهدي ڏيڻ لاءِ تياري ڪري حاضر ٿجو، شاگرد اڃان ڪورٽ کان ٻاهران بيٺا هئا تہ اي.ايس.آءِ ۽ سي آءِ ڊي وارن هنن کي چيو تہ ڪيس مڪمل ڪوڙو آهي پر جيڪڏهن اسين شاهدي نہ ڏينداسين تہ اسان جو روزگار ختم ڪيو ويندو، ڇو تہ هي فوجي آهن ئي جانور..! ان لاءِ اسان کي معاف ڪجو ڇو تہ اسين مجبور آهيون، شاگردن هنن کي چيو بابا توهان مجبور آهيو ڀلي شاهديون ڏيو پر اهو ياد رکجو تہ حالتون سدائين هڪجهڙيون نہ رهنديو وقت ۽ حالتن مطابق هر شيءِ تبديل ٿيندي رهندي آهي.
ڪجهہ وقت ۾ هنن کي پٽيوالي پڪاريو تہ مير، مٺو ۽ محبت حاضر ٿين، پوليس جي نفري هنن جي اڳيان پويان ٿي هنن کي وچ ۾ ڪري هنن جي هٿن ۾ لڳل هٿڪڙيون جمعدار هٿ ۾ ڪري اندر روانا ٿيا، پھريائين ميجر هنن کي الزا م پڙهي ٻڌايا ۽ پوءِ چوڻ لڳو تہ توهان جو ڪھڙين سياسي پارٽين سان تعلق آهي...؟ نوجوانن جي چپن تي مرڪ ۽ چھري تي رونق ڏسي ميجر رهندو مشتعل ٿي ويو، نوجوانن وراڻيو جنھن ڏينھن بائيڪاٽ ٿيو نعرا لڳا پمفليٽ لڳايا ويا ان ڏينھن اسين اتي موجود ڪونہ هئاسين اسين وچان ٽئين جماعت جا ڪارڪن آهيون اسان جي جماعت پاڪستان کي چئن قومن جو گڏيل ملڪ تسليم ڪري ٿي ۽ ننڍين قومن جي حقن جي ڳالھہ ڪري ٿي، باقي جمھوريت جي بحالي تہ پاڪستان جي 9 ڪروڙ عوام جو گڏيل آواز آهي، ڇو تہ دنيا ۾ هر ملڪ جي اندر جيڪا فوج آهي اها عوام جي پئسي ۽ پگهر تي پلجي ٿي، اها سرحدن ۽ ملڪ جي حفاظت لاءِ عوام مقرر ڪري ٿو ان ڪري فوج جو فرض آهي تہ وڃي سرحدن جي حفاظت ڪري ۽ باريڪن ۾ وڃي ويھي. اهو اسان جو مطالبو آهي جيڪڏهن اهو ڏوھہ آهي تہ پوءِ انصاف جي تہ اڳ ئي لتاڙ لڳي پئي آهي، هنن اهو بيان ڏئي بس ڪيو تہ ميجر صاحب اکيون ڳاڙهيون ڪري هنن سان مخاطب ٿيو تہ ”اسکا مطلب هي کہ تم“ لوگ سياسي هيو ۽ اشاري سان سامھون بيٺل اي ايس آءِ کان پڇيائين تہ تون هنن متعلق ڪھڙي ڄاڻ ٿو رکين، ڇا تون مسلمان آهين اي ايس آءِ چيو جي صاحب مسلمان آهيان ڇا تون سچي شاهدي ڏئي رهيو آهين؟ هن چيو جي صاحب، ڇا تون ڪلمون پڙهي شاهدي ڏيندي ؟ جي صاحب پوءِ ڪلمو پڙھہ هن هڪڙي ساهي ۾ ڪلمو پڙهي ورتو ۽ پنھنجي شاهدي شروع ڪيائين.
چوڻ لڳو تہ 12 آڪٽوبر 1982 تي مونکي اطلاع مليو تہ اڄ تعليمي اداري جا شاگرد مارشل لاءِ خلاف جلوس ڪڍندا، ان ڪري آئون 10 بجي صبح جو اتي پھچي ويس تقريبن 500 شاگرد جلوس ۾ شريڪ هئا وڏي واڪي مارشل لا جي خلاف نعرا هڻي رهيا هئا تن ۾ هي بہ شامل هئا، مون هنن کي چڱي طرح سڃاتو هو، هن پنھنجي هٿرادو شاهدي ڏئي بس ڪئي تہ ميجر چيو توهان هن سان ڪراس دليل بازي ڪري سگهو ٿا، هن ڪورٽ ۾ وڪيل جي اجازت نہ آهي، شاگردن چيو تہ اسان هن ڪيس ۾ بي گناھہ آهيون ان ڪري شاهدن کان آڏي پڇا نٿا ڪريون، ميجر چيو، پوءِ توهان کي نقصان ٿيندو، شاگردن چيو تہ اسان ڄاڻون ٿا تہ سزا ضرور ملندي باقي هي رسم پيا ڪريو، ڀلي پوري ڪريو، ايتري ۾ ٻنھي شاهدن کي شاهديون لکت ۾ ڏيڻ لاءِ گهرايو ويو، شاهدن ٻيو رٽيل بيان تہ صحيح لکرايو پر شاگردن جي تعداد ۾ غلطي ڪري 100 شاگرد لکرايا، بيان لکندڙ ڪلارڪ کان رهيو نہ ٿيو جنھن جي زبان مان نڪري ويو تہ هنن سان سڌي سئين ناانصافي ٿي رهي آهي ۽ پوءِ شاگردن کي لڪائي هڪ پنو ڏيکاريائين تہ سزا اڳ ئي مقرر ڪئي وئي هئي، جيڪا آهي هڪ سال جي سزا ڏھہ ڦٽڪا ۽ ڏھہ هزار ڏنڊ، جڏهن تہ ميجر ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي انگريزي اخبار پڙهي رهيو هو سگريٽ مٿان سگريٽ پي رهيو هو، کيس ڊي ايم ايل اي جي فون آئي تہ هنن شاگردن جي مٿان جيڪا سزا مقرر ڪئي وئي هئي ان ۾ ڪا بہ ڪمي نہ ڪجان ميجر ييس سر يس سر چوندي ڪرسي تان اٿيو پي ويو، ٽيليفون جو رسيور رکندي جمعدار کي حڪم ڪيائين تہ هنن کي ٻاهر وڃي ويھاريو ڇوڪرا ميجر جي بي وقوفي ۽ بي حيائي تي کلندا ٻاهر نڪتا، اٽڪل 15 منٽن کان پوء ميجر هنن کي وري اندر گهرايو، ميجر هنن کي سامھون بيھاري اعلان ڪيو تہ ڪيس توهان تي ثابت ٿي چڪو آهي تہ اوهين سياسي شاگرد آهيو ۽ تعليمي اداري واري وڳوڙ ۾ شامل رهيا آهيو، پر وري بہ ڪورٽ توهان سان انصاف ڪندي توهان کي هڪ سال قيد جي سزا ڏھہ ڪوڙا ۽ ڏھہ هزار ڏنڊ جيِ سزا ٻڌائي ٿي، هنن نوجوانن صرف اهو چيو تہ ميجر صاحب توهان ڪوڙو حلف کڻي ضمير جو وڪرو ڪندي اها سزا ڏني آهي، جڏهن تہ شاهد سدائين اهي ساڳيا رهيا آهن، ٻين شاگردن جي ڪيسن ۾ بہ اهي ئي شاهد ڪوڙا قسم کڻي شاهديون ڏيندا رهيا آهن، اسين ظلم برداشت ڪنداسين پر جهڪنداسين ڪڏهن بہ نہ، ميجر ڪاوڙ ۾ ميز تي مڪ هڻندي چيو تہ آئون مجبور ۽ بيوس آهيان منھنجي هٿ ۾ ڪجهہ بہ نہ آهي، سڀ ڪجهہ ڊي.اي ايل اي جي هٿ ۾ آهي، جيڪو وڏو انصاف وارو ۽ سٺو ماڻھو آهي توهان پنھنجي علائقي جي وڏيري کي چئو تہ ڊي ايم ايل اي کي سفارش ڪري ۽ رحم جي اپيل ڪري، ﷲ ڪندو تہ توهان آزاد ٿي ويندا، نوجوانن چيو تہ اسين وڏيرن جا ايجنٽ نہ آهيون، ان ڪري ڪوبہ وڏيرو اسان جي سفارش نہ ڪندو ۽ اسان جا عزيز بہ غريب ۽ مسڪين آهن جيڪي غريب ضرور آهن، بزدل نہ آهن جيڪي اسان کي بي ڏوهي سمجهن ٿا ان ڪري اهي بہ اسان سان گڏ آهن، پوءِ ميجر کي خدا حافظ چئي ٻاهر نڪري آيا ۽ پوليس هنن کي سخت حفاظتي پھري ۾ وڏي گاڏيءَ ۾ ويھاري جيل جي دروازي تي سزا جي ڪاغذن سميت ڇڏي ڏنو.
هيڏانھن مير، مٺو ۽ محبت جيڪي صبح جي سردي ۾ ڏڪندي ڪوڙن کائڻ لاءِ ڪمري ۾ تياري ڪري رهيا هئا ٻيا سڀئي شاگرد ٽولي جي شڪل ۾ هنن جي نڪرڻ جي تياري ڪري رهيا هئا، ڪو شاگرد ٽوال کڻي هنن جو بت اگهي رهيو آهي تہ ڪو هنن جي سلوار ۾ اڳٺ وجهي رهيو آهي سڀئي شاگرد هنن جون نمبر وار پٺيون ٺپوري کين همٿ ڏياري رهيا آهن ۽ هنن جا انقلابي جذبا وڌائي چئي رهيا آهن جيئن اڳ ۾ ٻيا شاگرد ڪوڙا برداشت ڪري وڏي آواز ۾ قومي انقلابي نعرا هڻي فوجي حڪومت کي مردہ آباد، انقلاب زندہ آباد مزدو،ر پورهيت ۽ هاري زندہ آباد جا نعرا هڻي کين چئجو تہ توهان جو حشر ايران جي ساواڪ جھڙو ٿيندو ضياءُالحق آمريڪن ايجنٽ تي لعنت، جيئي سنڌ جيئي شاگرد اتحاد جا نعرا هڻي بھادري جو ڪردار ادا ڪجو، هنن ۾ مٺو ڏاڍو جذباتي ۽ الڙ جوان آهي تنھن تہ هٿ مٿي ڪري چيو تہ اڄ ميجر کي گاريون ڏيندس پر ڪجهہ شاگردن کيس سمجهايو تہ پاڻ قومي انقلابي ڪارڪن آهيون گار گند ڪرڻ پنھنجو ڪم نہ آهي، صرف انقلابي نعرا ئي سندن منھن تي چماٽ آهي، پوءِ هنن يقين ڏياريو تہ هي ڪابہ بد اخلاقي نہ ڪندا پوءِ هي دوست هارسينگار ڪري نوان ڪپڙا پھري تيار ٿي آيا سڀئي شاگردن هنن جي ٻاهران ڪنارو ڪري هلڻ لڳا ايتري ۾ جيلر حيدرالزمان بہ دروازي تي اچي بيھي رهيو تہ جلدي ڪريو، شاگرد هن کي ڏسي جذباتي ٿي ويا ۽ انقلابي گيت ڳائڻ لڳا، آهستي آهستي هنن کي وچ ۾ ڪري گيت ڳائيندا دروازي ڏانھن وڌيا گيت ايڏو تہ جذبي ۽ جوش سان ڳائي رهيا آهن ڄڻ ڪنھن انقلابي محاذ تي وڃي رهيا آهن، ائين پيو لڳي تہ اڄ جيل ڀڄي ڀورا ٿيڻ وارو آهي.
”ريٽو جهنڊو اڀ تائين جهوليندو او ساٿي اهڙو ڏينھن بہ ايندو“ انقلابي گيت جي گونج ۾ سڀئي وڏي دروازي وٽ پھتا سامھون سپاهيءَ دروازو کوليو آخر ۾ سڀني دوستن نعرو هنيو جيئي سنڌ جيئي پورهيت عوام، پوءِ هي نوجوان اندر هليا ويا، شاگرد سامھون کولين واري فٽ پاٿ تي قطار جي شڪل ۾ ويھي رهيا هنن جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳا ڪجهہ شاگرد سئي سڳو کڻي گل پٽي هار ٺاهڻ لڳا.
اڄ جون حالتون اسان کان ڪھڙي تقاضا ڪن ٿيون هنن بي وقوف فوجي جانورن ۽ سندن ساٿي سرمائيدارن، جاگيردارن، پيرن ۽ مولوين ۽ استحصالي قوتن جي ذهن ۽ دماغ ۾ وھہ آهي تہ اسين شاگردن کي سزائن، ڪوڙن ۽ ڏنڊن جي پريشر ۽ ڌمڪين سان نفسياتي طرح مفلوج ڪري پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي وينداسين، پر اها سندن ڀل آهي هنن جي اهڙين حرڪتن سان ڏينھون ڏينھن انقلابي عمل ۾ نوجوانن جي جذبن ۾ نواڻ اچي رهي آهي، هي انقلابي جدوجھد هاڻ ويتر ڪاميابي جي خاص مرحلن ۾ داخل ٿي رهي آهي، اها معروضي طرح تاريخي، حقيقت ڳاڙهي رنگ سان ظاهر ٿي چڪي آهي تہ اڄ جو دور پورهيت عوام جي تاريخي برتريءَ جو دور آهي، اڄ هتي سڀئي ترقي پسند جماعتون ظلم جي خلاف گڏيل جدوجھد ۽ گڏيل قربانيون ڏئي مثال قائم ڪري رهيون آهن تہ ڪوڙا اسان جي آزمائشن ۾ ڪا بہ رڪاوٽ نہ آهن.
هڪ سينئر شاگرد مخاطب ٿيندي چيو تہ ڏسو اڄ اسين چار تنظيمون گڏ آهيون هونءَ ڪيترا بہ اختلاف هجن پر هن فوجي ٽولي جي ظلم ۽ جبر ۾ سڀ هڪ آهيون، سڀني وڏي جذبي ۽ جوش سان انقلابي گيت ڳائي پاڻ ۾ ٻڌي جو ثبوت ڏنو آهي. بيشڪ حالتن جو رخ هاڻي اسان کي مجبور ڪري رهيو آهي تہ پنھنجي جدوجھد کي عوامي قوت سان ڳنڍي سائنسي نظريي سان ليس ٿي، پورهيتن جي ذهني سطح کي اڃا بہ وڌيڪ پختو ۽ پڪو ڪريون، اڃان ڪچھري هلي رهي هئي تہ دروازي جي اندران زوردار نعرا لڳا جيئي سنڌ، جيئي پورهيت عوام، سپاهي خوف ۽ حراس مان ڏڪندي دري کي کوليو سڀئي شاگرد ٽولي جي شڪل ۾ دروازي کي ڦري ويا، هو ڏس مير، مٺو ۽ محبت جي چھرن تي رونق ۽ چپن تي مرڪ تري رهي آهي، ڄڻ ڪا هٿين خالي جنگ کٽي آيا هجن خوشي کي، غصي کي ڪيئن گڏي ڇڏيو اٿن، سڀني شاگردن کين مبارڪون ڏيندي ڳلن تي چمين جي بارش لڳائي ڇڏي، ڪن وري گلن جا هار پارائي کين گهوٽ جي سرگس وانگر قومي گيتن جي گونج ۾ سندن مٿان ڇانورو ڪري باريڪ ڏانھن وڌڻ لڳا، سڀني جي جذبن ۾ نواڻ، سرهاڻ ارادي جي پختگي ۽ پورهيت عوام سان وچن بکي رهيو هو تہ نيٺ هڪ ڏينھن ظلم جي گهاڻي ۾ پيسجندي پيسجندي گهاڻي کي برباد ڪري هڪ نئون روشن مستقبل ايندڙ نسل لاءِ هموار ڪندا سين ائين سوچيندي لوچيندي قومي گيت ڳائيندي پنھنجي باريڪن ۾ پھتاسين پوءِ سڀئي شاگرد ڪچھري ۾ مگن ٿي ويا.

ساٿي دوست اسماعيل وساڻ ڏانھن جيل مان کليل خط

جيئي سنڌ جيئي پورهيت عوام
اميد تہ هر حالت ۾ هميشہ وانگر همٿ ۽ جرئت سان هوندا ۽ اسين بہ سڪون سان آهيون. ڀاءُ ڪافي عرصي کان پوءِ ڪجهہ ضروري سمجهندي هي ٻہ ٽي اکر تحرير ڪري رهيو آهيان، لکڻ جو رشتو خاص ذاتي نہ پر مضبوط نظرياتي سمجهندي هڪ باضمير ساٿي کي مخاطب ٿي رهيو آهيان، مون کي پوري اميد آهي تہ توهان سائنسي بنيادن تي نقلي ۽ ڪوڙن مظھرن کي رد ڪندي هر شيءِ جي ماهيت جي سچن ۽ حقيقي مظھرن کي ذهن ۾ گردش ڪرائيندا، يقينن توهان باشعور آهيو.
ادل....ڳالھيون پيٽ ورن ۾ وڌي وڻ ٿيون، مون سي نہ ڪيون گوشي پرين نہ گڏيا..! سو حقيقت تہ اها آهي تہ هڪ ننڍڙي مراسلي ۾ ويھي دانھون، ڪوڪون ۽ رڙيون ڪريان اهو سڀ وقت کان اڳ ۽ ڪٽيل آهي، ڇو تہ سچي پچي سڙي سارو ڏينھن ٻاهر ٻاڦ نہ نڪري واري اصول جا پاڻ سڀئي سختي سان قائل آهيون، ها باقي جيڪو ڪجهہ غبار ۽ ڳھر محسوس ڪريان ٿو، ان لاءِ جڏهن بہ حالتن اجازت ڏني تہ سڄي رات سيڙائيندس، سڄڻ، بدقسمتي سان توهان سان آئون عملي زندگي ۾ ايترو ويجهو يا باقائدي واهپي ۾ نہ رهيو آهيان، تڏهن بہ اڄ کان ڪيترائي سال اڳ ۾ قائم ڪيل فيصلو تہ پاڻ هڪڙي واڙي جا هڪڙي پيچري جا هڪ ٻئي مٿان قربان ٿيندڙ ساٿي آهيون ائين ڇو.؟ ان تي بحث ڪرڻ اجايو آهي، ڇو تہ اهڙي ماضي کي هڪ تاريخ آهي.
ڀاءُ اڄ کان تيرهن سال اڳ سنڌ ڌرتي جي عوام کي قومي غلامي مان نجات ڏيارڻ لاءِ 1970 ۾ پنھنجي ديس جي نوجوانن سورهيہ شاھہ محمد شاھہ ۽ سندس ساٿين سامراج دشمن قومپرست جماعت جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو بنياد رکيو هو، جيڪا جماعت اڳتي هلي خاص طرح سنڌ جي نوجوانن ۾ ڏاڍي مقبول ۽ نظرياتي محسوس ڪئي وئي، ان وقت جي معروضي حالتن مطابق آهستي آهستي ڪافي بھادر نوجوانن ان ۾ وڏي شوق ۽ سچائي سان داخل ٿيندا ويا ۽ آئون جڏهن 1973 ۾ هن جماعت ۾ شريڪ ٿيو هئس، تڏهن شاھہ محمد شاھ، اسماعيل وساڻ، قمر راڄپر، ابوبڪر زرداري ۽ ٻين ڪيترن ئي نوجوانن جي بھادري ۽ ڪارنامن جا قصا ٻڌندي فطري طور تي انھن سان گڏجڻ ۽ انھن جي قيادت ۾ هلڻ لاءِ ڏاڍو آتو ۽ بيچين رهندو هئس، ان مقصد لاءِ مون سان ابوبڪر زرداري جو تاريخي ساٿ رهيو آهي، جيڪو مونکي هن طبقاتي سماج ۾ موقعي پرست ۽ بزدلاڻن رجحانن کان ڪٽي انقلابي جدوجھد جي ميدان تي ڀاڪر پائي وٺي آيو، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو 1974ع ۾ دادو ضلعي ۾ جڏهن قومي ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو هو، تڏهن هڪ قوم پرست سازشي ٽولو تنظيم اندر پنھنجي هڪ هٽي قائم ڪرڻ لاءِ نروار ٿيو هو، تڏهن کان هن جماعت اندر قومپرستيءَ جا ٻہ رجحان ٿي ويا هئا، هڪ گروه جنھن جي قيادت مولابخش لغاري ۽ سندس ساٿي ڪري رهيا هئا جيڪي اڳتي هلي جاگيرداري ۽ وڏيرڪي قومپرستي ۽ شعوري لاشعوري سامراج نواز قومپرست ٿي پيا ۽ ٻئي پاسي شاھہ محمد شاھ، اسماعيل وساڻ، قمر راڄپر ۽ ابوبڪر زرداري جيڪي هن جماعت جي اصلي شڪل ۽ صورت کي قائم رکڻ لاءِ سامراج دشمن ۽ مظلوم قوم جي قومپرستي طور سرگرم عمل ٿي ويا هئا. جڏهن شاھہ محمد شاھہ ۽ سندس ساٿين صحيح نظرياتي واٽ اختيار ڪئي هئي ۽ آئون بہ هڪ ڪارڪن جي حيثيت سان شاھہ محمد شاھہ ۽ سندس ساٿين جو وفادار ساٿي سڏائيندي فخر محسوس ڪندو هئس، مون کي فطري طورتي بھادرن سان محبت رهي آهي، ان ڪري اهو فيصلو 1973 کان قائم ڪري ڇڏيو هئم تہ مرڻ ۽ جئيڻ انھن ساٿين سان آهي.
تاريخ شاهد آهي تہ شاھہ محمد شاھہ ۽ سندس ساٿين جو سنڌ جي قومي سياست ۾ ڪھڙو ڪردار رهيو آهي ان لاءِ ڪافي مواد اڳ ۾ ميدان تي آيل آهي.
ساٿي؛ جولاءِ 1973 ۾ جڏهن مون سنڌ جي مرڪزي تعليمي اداري سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي هئي ۽ ان ماحول ۾ پير کوڙيا هئا تہ آئون شاھہ محمد شاھ، اسماعيل وساڻ، قمر راڄپر ۽ ابوبڪر زرداري جن جي ساٿي جي حثيت سان ڄاتو ۽ سڃاتو ويندو هئس، نتيجي ۾ شاھہ محمد شاھہ ۽ سندس ساٿين جا ڪارڪن ۽ دوست جيڪي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن ۾ ڪم ڪري رهيا هئا، تن سان گڏ تنظيم اندر سرگرم عمل رهيس جنھن جي نتيجي ۾ 1978 ۾ شاگرد يونين لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ اليڪشن ٿي هئي مولابخش لغاري جو ٻيو روپ آريسر ٽولو سازشن وسيلي پنھنجي پسند جا اميدوار بيھارڻ لاءِ غير جمھوري طريقي سان چالاڪي ۽ فريب ڪرڻ لڳو تہ اهڙي مايوس ڪندڙ ۽ بحران پيدا ڪندڙ حالتن ۾ شاھہ محمد شاھہ پنھنجي ساٿين کي منظم ڪري الڳ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ مطمئن ڪيو جنھن ۾ صدارت لاءِ مير محمد کوکر ۽ جنرل سيڪريٽري لاءِ متارو ڏاهري، شاھہ محمد شاھہ جي گروپ جا اميد وار سڄي سنڌ ۾ اخباري پروپيگنڊه سان ميدان تي آيا.
جڏهن صالحين شڪست اکين اڳيان محسوس ڪئي تہ جهڪي اچي شاھہ محمد شاھہ کي راضي ڪرڻ لڳا ۽ پوءِ شاھہ محمد شاھہ ڪھڙي ڏاهپ ۽ هوشياري سان حالتن جو صحيح تجزيو ڪري پنھنجن ڪارڪنن کي منظم ڪندي اليڪشن ويڙهائي ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي، آخر صالحين سان اتحاد شاھہ محمد شاھہ جي قيادت ۾ ٿيو ۽ شاھہ محمد شاھہ جو اميدوار ڏاڏو متارو ڏاهري جنرل سيڪريٽري جي پوسٽ تي بيھاريو ويو ۽ صالحين ٽولي جنرل سيڪريٽري جي پوسٽ تي بيھاريل اميدوار کي هٿ کڻايا اليڪشن ٿي، پاليسيون ٺاهڻ، حڪمت عملين سان سائنسي طريقا اختيار ڪرڻ سڀ ڪجهہ شاھہ محمد شاھہ جي ذميواري هئي جيڪا هن ذهين ۽ بھادر اڳواڻ ڪيئن نڀائي اهو تاريخ جو هڪ سونھري باب آهي جڏهن شاھہ محمد شاھہ جو اميدوار اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي ويو تہ شاھہ محمد شاھہ پنھنجي اميدوار کي ڪلھن تي کڻي ناچ ڪيو ۽ اخباري نمائندا فوٽو ڪڍڻ لاءِ هڻ هڻا ۾ لڳا پيا هئا.
2 آڪٽوبر 1978ع ۾ مشھور ڪيس شيرين سومرو واري واقعي ۾ شاگرد نوجوانن سڄي سنڌ اندر مظاهرا ڪيا هئا، انھي قومي غيرت جھڙي اشوءَ تي اسان شاھہ محمد شاھہ جي ساٿين جيڪو ڪردار ادا ڪيو ان لاءِ سڀ ڪجهہ تاريخي طور تي واضع ۽ چٽو پوريءَ سنڌ کي خبر آهي، اهڙين حالتن ۾ شاھہ محمد شاھہ پنھنجي ڪارڪنن کي تحفظ ڏيڻ ۽ فوجي واڳن جي وات مان ڪڍرائڻ لاءِ جيڪو ڪردار ادا ڪيو ان لاءِ بہ سڀ ڪجهہ اڳ ۾ لکت سان ظاهر ٿيل آهي.
جيتوڻيڪ شاھہ محمد شاھہ ڪجهہ ساٿي ملڪي ليول تي هڪ جماعت ۾ هئا تڏهن بہ اهو فرق محسوس نٿي ڪيو ويو ڇو تہ نظرياتي رشتا ڪي بہ بنيادي سبب نہ سوچيندا آهن،
مئي 1979ع ۾ ڪراچي اندر خاص طرح بلوچ رهنمائن مير غوث بخش بزنجو ۽ عطا ﷲ مينگل سنڌ جي قومي رهنمائن شاھہ محمد شاھ، اسماعيل وساڻ، قمر راڄپر ۽ ابوبڪر زرداري ۽ ملڪ جي ٻين قومي اڳواڻن جڏهن اين.پي.پي مان علحدگي اختيار ڪري نئين جماعت پي.اين.پي جو وجود رکيو هو تڏهن بہ اسين شاھہ محمد شاھہ جي ساٿيءَ جي حيثيت سان پوري بس ڀري انھيءَ اجتماع ۾ شريڪ ٿيا هئاسين ۽ نظرياتي طرح پي.اين.پي کي پنھنجي جماعت انھي ڪري سمجهندا هئا سين تہ پاڪستان چئن قومن جو وفاق آهي، ان ڪري صوبن کي خود مختياري جو حق ڏنو وڃي جيڪو پروگرام جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن ۽ شاھہ محمد شاھہ جو هو.
جون 1979ع ۾ جڏهن پي.اين.پي جي جدوجھدف آرگنائيزر مير غوث بخش بزنجو سنڌ جي دوري تي اچڻ جو اعلان ڪيو تہ اسان شاھہ محمد شاھہ جي ساٿين سڄي سنڌ جي نوجوانن کي اپيل ڪئي تہ بلوچ رهنماءِ جو شاندار استقبال ڪيو وڃي ۽ اندروني سنڌ ۾ داخل ٿيڻ وقت شاھہ محمد شاھہ جي ساٿين نظر محمد جوڻيجو، متارو ڏاهري، عبدالسميع مڱريو، رحمت ﷲ هيسباڻي، شبير احمد شاھ، اشفاق صديقي، محبت چانڊيو، خان محمد لغاري، غلام نبي خشڪ، هيرانند رام سنگهاڻي ۽ اقبال نظاماڻي جي اڳواڻي ۾ سنڌ يونيورسٽي، مھراڻ يونيورسٽي ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان اٽڪل ڏھہ سوزڪيون شاگردن جون ڀرائي ٽول پلازه وٽ پي.اين.پي جي چيف آرگنائيزر مير غوث بخش بزنجو جو والھانہ استقبال ڪيو ويو هو ۽ نعرا هنيا ويا تہ مظلوم قومن جو اتحاد زندہ باد، سنڌي بلوچ ڀائي ڀائي، پاڪستان جو مطلب چار قومون، لاٺي جي سرڪار نہ هلندي وغيرہ وغيرہ ۽ پوءِ جلسي جي شڪل ۾ کيس حيدر آباد تائين والھانہ استقبال جي صورت ۾ آندو سين.
ٻئي ڏينھن تي مير غوث بخش بزنجو کي جيئي سنڌ شاھہ محمد شاھہ جي شاگرد ڪارڪنن طرفان انڊس هوٽل حيدر آباد ۾ چانھہ پارٽي ڏني وئي، جنھن ۾ اٽڪل شاگردن جون ٽي بسون سنڌ جي مرڪزي ادارن سنڌ يونيورسٽي، مھراڻ يونيورسٽي ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان ڀرجي آيون، بعد ۾ سڄي سنڌ ۾ جيئي سنڌ شاھہ محمد شاھہ جي ڪارڪنن پي.اين.پي جي مرڪزي اڳواڻ سان گڏ دورو ڪري پنھنجي نطرياتي هم آهنگيءَ جو عملي طرح مثال قائم ڪيو.
جڏهن صالحين جي سازشن شاھہ محمد شاھہ جي ساٿين کي گورنمينٽ جي اشاري سان جتي ڪٿي مارائڻ ۽ ڦاسائڻ جون ڪريل حرڪتون ڪيون تہ آخر تنگ ٿي آگسٽ 1979ع ۾ شاھہ محمد شاھہ جي اڳواڻي ۾ جيئي سنڌ کي سڄي سنڌ اندر نئين سر آرگنائيز ڪرڻ لاءِ هڪ باڊي تشڪيل ڏني وئي، جنھن ۾ چيئرمين نظر محمدجوڻيجو، وائيس چيئرمين متارو ڏاهري ۽ جنرل سيڪريٽري بہ متارو ڏاهري، جوائنٽ سيڪريٽري اشفاق صديقي، پريس سيڪريٽري محبت چانڊيو جن جي ذميواري هئي تہ هڪ سال جي اندر قومي ڪنوينشن ڪرائي جمھوري روح مطابق نئين باڊي چونڊائيندا.
26 آگسٽ 1979ع تي سڄي سنڌ اندر جيئي سنڌ شاھہ محمد شاھہ جي ساٿين تي حڪومت طرفان ڇاپا هنيا ويا، نتيجي ۾ ڪجهہ ساٿي ۽ مرڪزي اڳواڻن ۾ نظر محمدجوڻيجو، عبدالسميع مڱريو، رحمت ﷲ هيسباڻي، عنايت ﷲ هيسباڻي موليڏنو راڄپر، اقبال نظاماڻي گرفتار ٿي پيا ۽ ٻيا ساٿي ۽ اڳواڻ حڪومت جي ڪھري ڪارروائين جي ڪري روپوش ٿي ويا، بعد ۾ متارو ڏاهري ۽ هيرا لعل کي روپوش قرار ڏئي اشتھاري ڏوهاري ۽ ملزم ٺھرائي پرپٺ 6 مھينا قيد ۽ ڏھہ هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي، متارو ڏاهري جي وڏي ڀاءُ محمد يوسف کي گرفتار ڪري ان کي شديد ٽارچر جو نشانو بنائي ان تي پريشر وجهي ڏنڊ وصول ڪيو ويو، چيئرمين نظر محمد جوڻيجو جي گرفتار ٿي وڃڻ ڪري شاھہ محمد شاھہ جي صلاح سان متارو ڏاهري کي قائم مقام چئيرمين مقرر ڪيو ويو، جڏهن تہ متارو ڏاهري وٽ يونين جي پوسٽ اڳ ۾ هئي کيس قائم مقام چئيرمين ڪري وڌيڪ وڏين ذميوارين ۾ وڌو ويو انھن ذميوارين کي ڪيئن پورو ڪيو ويو ان جي سڀني دوستن کي خبر آهي تنھن ڪري وضاحت جي ضرورت محسوس نٿو ڪريان، ياد رهي تہ يونين جي پوسٽ ۾ ذاتي مفادن لاءِ هر ڪوتاهي کان پرهيز ڪئي وئي.
20 فيبروري 1980 ۾ آئون سنڌ يونيورسٽي مان پوليس جي ڇاپي ۾ گرفتار ٿي پيس بعد ۾ تحقيق لاءِ فوجي حڪومت جي بدنام ٽارچر سيل ايف آءِ يو ۾ غير انساني عذابن ۽ سختين سان پڇا ڳاڇا جو ڍونگ رچائي تشدد ڪيو ويو، مون انھن حالتن کي ڪيئن منھن ڏنو ۽ هڪ انقلابي شاگرد اڳواڻ جي حيثيت سان ڪيترو ثابت قدم رهيس اها بہ سڀني دوستن کي خبر آهي ان ڪري ان تي آئون ڊيگهہ نٿو ڪريان.
مون کان جيڪي سوال ڪيا ويا انھن ۾ خاص طرح تہ شاھہ محمد شاھ، ابوبڪر زرداري، اسماعيل وساڻ، قمر راڄپر ۽ بلوچ اڳواڻن سان توهان يعني جيئي سنڌ وارن جو ڪھڙو خفيہ تعلق آهي...؟ مگر هنن بيوقوفن جي ڪابہ تمنا ۽ سازش ڪامياب ڪانہ ٿي مسلسل تحقيقات کان پوءِ مايوس ٿي هنن مون کي هڪ سال جيل تنھا ۽ ملاقات بند سي ڪلاس ۾ رکيو، انھي وچ ۾ ٻن ڪيسن ۾ هڪ هڪ سال سزا بہ ملٽري ڪورٽ کان ڏني وئي، پھريون ڪيس مير غوث بخش بزنجو جو استقبال ڪرڻ جي ڏوھہ ۾ ۽ ٻيو ڪيس سپر هاءِ وئي روڊ بلاڪ ڪرائڻ ۾ داخل ڪيو ويو هڪ ڪيس ۾ ڪورٽن ۾ چالان ڪري پيشين تي بہ موڪليو ويندو هو. اهو ڪيس 26 آگسٽ 1980 کان اڃان تائين هلي رهيو آهي.
ڀاءُ اسماعيل جڏهن هڪ سال موچڙن مصيبتن عذابن ۽ جيل تنھا جھڙين ڀوڳنائن کي پوري قومي جذبي ۽ ڌرتي جي آجپي لاءِ وڏي اعتماد سان برداشت ڪيو نيٺ فوجي ٽولو ٿڪجي مايوس ٿي مون کي ٻين شاگرد دوست قيدين سان گڏ رهڻ جي اجازت ڏني، جڏهن آئون اي ڪلاس ۾ پھتس تہ اتي اڳ ۾ قمر راڄپر، رحمت ﷲ هيسباڻي، عنايت ﷲ هيسباڻي، اقبال نظاماڻي، بشير احمد شاھ، عبدالسميع مڱريو، علي حيدر شاھ، قادر بخش جتوئي، موجود هئا جن سان هر جمعي تي ڪچھري ڪرڻ جو موقعو ملندو هو.
بدقسمتيءَ سان منھنجي اچڻ کان اڳ ۾ دوستن جي وچ ۾ اختلاف ٿي پيا هئا، تن ۾ قادر بخش جتوئي، عنايت هيسباڻي ۽ عبدالسميع مڱريو هڪڙي پاسي تہ ٻئي پاسي قمر راڄپر، رحمت ﷲ هيسباڻي، بشير احمد شاھہ هئا ۽ علي حيدر شاھہ ٻنھي پاسن کان آجو پي رهيو، جڏهن آئون پھتس تہ ڪجهہ دوستن منھنجا ڪن ڀرڻ شروع ڪيا مونکي هٿرادو ۽ من گهڙت هسٽريون ٻڌايون ويون ۽ انھن کي پيش ڪرڻ جو انداز ۽ طريقو اهڙو تہ گهرو ۽ رومال ۾ ويڙهيل هو جو سچي پچي آئون ذهني طرح پيچيدگي ۾ پئجي ويس، ڀاءُ يقين ڪريو تہ مونکي اهو سڀ ڪجهہ ڏاڍي دير سان معلوم ٿيو تہ هي ڪي سازشون هيون، مونکي شاھہ محمد شاھہ، قمر راڄپر ۽ ابوبڪر زرداري لاءِ ذهني طرح بدظن ڪيو ويو، هنن جي خلاف وڏي زهريلي پروپگنڊہ ڪري مون کي برغلايو ويو ان وقت آئون ايترو پختو ۽ سائنسي علم جو ڄاڻو ڪونہ هئس، جو اهڙين سازشن کي پيڙھہ کان سمجهي سگهان، ٿورڙي وقت ۾ ئي شاھہ محمد شاھہ ۽ ابوبڪر زرداري بہ وارڊ ۾ سنڌ جي ٻين جيلن تان بدلي ٿي اچي ويا، هاڻ تہ مزو مچي ويو، هنن دوستن جو منھنجي ذهن ۾ ڀريل زهر هنن لاءِ ڪروٽ موڙڻ لڳو آئون بيوقوفي جي ور چڙهي ڏاڍو جذباتي ۽ ضدي ٿي بيھي رهيس نتيجي ۾ منھنجن تاريخي وفادار دوستن سان منھنجو روز مرھہ جو رويو ڏاڍو بيحيائيءَ وارو ۽ هٽيل ٿي ويو، ٻئي پاسي دوست مون کي کنيو بيٺاهجن تہ اصل تنھنجي لاءِ الائي ڇا ٿيڻ وارو آهي، انھي دوران هڪ اهڙي سازش جنم ورتو، جنھن سان منھنجي طبيعت تي مڪمل غصو ۽ ڪاوڙ تاري ٿي وئي، هاڻي جيل مون لاءِ دوزخ جھڙو ٿي ويو، ڇو تہ سازش اهڙي تہ بيحيائيءَ تي مبني هئي، جنھن جو مثال نٿو ڏئي سگهجي ۽ اڳ ۾ مون کي برغلايو ويو هو ويتر آئون بگڙي ويس.
ٻئي پاسي شاھہ محمد شاھ، قمر راڄپر ۽ ابوبڪر مونکي سنڀالڻ ۽ هوشيار ڪرڻ لاءِ ڪافي ڪوشش ڪئي، پر آئون هڪ جي ٻي ڳالھايو بيٺو آهيان، ڀاءُ ٻڌا ڀلا پاڻ غلط يا صحيح الڙ جوانيءَ ۾ گهٽ مطالعي سان جيڪڏهن ضد ۾ آندا وڃو تہ پوءِ.........!! نيٺ دوست مونکي ڏسندي سمجهائيندي سوچيندي ٿڪجي پيا آخر بيزار ٿي پيا ۽ هنن سوچيو تہ هاڻ هن کي ڪير سمجهائي ڪا ڳالھہ نٿو مڃي، ڪا ڳالھہ نٿو سمجهي نيٺ هنن دوستن مون کي ڍر ڏئي ڇڏي ۽ آهستي آهستي پري ٿيندا ويا، آئون ويتر سخت ذهني پيڙا ۽ ڪشمڪش ۾ راتيون ۽ ڏينھن گذارڻ لڳس ۽ انھن هٿرادو تضادن کي پنھنجي وقار ۽ انا جو مسئلو ڪري بيھي رهيس ۽ ايترو تہ انڌو ٿي ويس جو ڪجهہ دوستن کي ٻاهر بہ ٻڌائي ويٺس تہ اندر جون حالتون ڏاڍيون ڏکائيندڙ آهن، ڀلا اهڙي صورتحال ۾ پنھنجن تاريخي دوستن جو مون کان الڳ ٿيڻ منھنجي اڍنگي رويي جي ڪري فطري هو، ڇو تہ پورن مھينن ۾ هڪ ماڻھو حقيقت کي نہ سمجهي سگهي تہ ان کي آخر ڇا ڪجي نيٺ دوست دور ٿي ويا ماڳھين ڳالھائڻ بہ ختم ٿي ويو ۽ مون بہ پنھنجي بيوقوفي جي انتھا ڪري ڇڏي.
ٿوري وقت کان پوءِ حالتن جي تبديلي جي ڪري ڪي دوست ڪيڏانھن تہ ڪي ڪيڏانھن بدلي ٿي ويا، پر آئون پنھنجي اڳواڻن کان ۽ پنھنجي تاريخي ورثي کان ذاتي ۽ ڪجهہ سياسي ڏکن سان جھڙيون تھڙيون ڳالھيون کڻي الڳ ٿي ويس ۽ ڪافي وقت تائين انھن غلط فھمين ۾ بليڪ ميل ٿيندو رهيس، سچ پڇو تہ اهڙين حالتن جو رونما ٿيڻ مون لاءِ جيل جي ٽارچر کان گهٽ نہ هو، ڪيتري ذهني پيڙا ۾ وقت گذاريم ان تي لکي نٿو سگهان، پوءِ سڀني مسئلن جو حل صرف هڪڙو محسوس ڪيم تہ هاڻ پابندي سان ڊسيپلين سان گهرو مطالعو ڪري ذهني پختگي حاصل ڪري پاڻ کي اهڙين ڀوڳنائن کان بچايان، پوءِ اچي نظرياتي سياسي سماجي ۽ سائنسي لٽريچر کي لڳس، اهڙن ڏکن ۽ عذابن ۾ گذارڻ کان پوءِ ڪتابن مون کي اهڙو مزو ڏنو جو آئون رات ڏينھن ڪتابن ۾ گذارڻ لڳس، جتان ڪٿان پٽي سٽي ڪتاب هٿ ڪري پنھنجو پورو ٽائيم ڪتابن کي ڏنم، پوءِ اهي نظرياتي ڪتاب هئا جن مون کي سڌرڻ ۽ شخصيت ٺاهڻ ۾ وڏو ثابت قدم رهايو، ڪتاب منھنجا گهرا دوست ٿي ويا، مون کي ڪنھن ٻئي جي ضرورت ئي محسوس نہ ٿيڻ ڏنائون، انھن ڪتابن ڪمال ڪيو مونکي هاڻ ڳالھہ سمجهہ ۾ اچڻ لڳي ڪوڙ، فريب ۽ چالاڪي کي سمجهڻ لڳس ائين لڳو تہ منھنجي ذهن تي ڪي غلاف چڙهيل هئا جيڪي آهستي آهستي لھڻ لڳا ۽ منھنجو ذهن هر موقف، خيال ۽ ٽاپڪ تي سائنسي طريقي سان تجزيو ڪرڻ لڳو، نگيٽو پازيٽو، نفعو نقصان وغيرہ جو علم اندر ۾ سمائجڻ لڳو ۽ مون ۾ ارادي جي پختگي ٿيڻ لڳي، آئون پنھنجي پاڻ مان مطمئن ٿيڻ لڳس پوءِ مون ايمانداري سان ماضي جو تجزيو ڪرڻ شروع ڪيو، پوءِ آئون پاڻ پنھنجي پاڻ تي حيرت کائڻ لڳس تہ ڇا واقعي آئون ايترو خراب ٿي ويو هئس، ۽ آهستي آهستي سچائي ۽ چٽائي منھنجي اندر ۾ منھنجي ذهن ۾ ظھور پذير ٿيڻ لڳي آئون ذهني طرح ۽ نظرياتي طرح هٿياربند ٿي ويس، جيڪڏهن ڪتابن سان دوستي نہ ڪريان ها تہ شايد آئون گهڻو ڀٽڪي وڃان ها، ۽ منھنجو سڌرڻ ڏاڍو مشڪل هو.
مون ڪائنات جي ارتقا تي پڙهيو ۽ سمجهيو، دنيا جي وڏن کنڊن ۽ خاص طرح دنيا جي وڏن انقلابن تي تفصيل سان ڪتابن کي پڙهيو، جدلياتي ۽ تاريخي ماديت کي پڙهيو ۽ پوءِ فلسفي ۾ داخل ٿي ويس، فلسفي جي دنيا ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ آئون پنھنجين غلطين تي روئڻ لڳس ۽ مونکي پنھنجي پوئين عملن تي پڇتاءُ ٿيو. اڄ آئون چوان ٿو تہ ذهن ۾ صحيح فيصلي جي قوت لاءِ هڪ ڪارڪن لاءِ ڪيترا نہ ڏکيا مرحلا ۽ معيار قائم ٿيل آهن، جن کي سولائي سان حاصل نٿو ڪري سگهجي.
ڀاءُ اسماعيل منھنجي مٿان ڪيترين ئي ڳجهن لامارا ڏنا آهن ڪيترن ئي گرڙ پکين غلط پروپگنڊائون ڪيون آهن، مگر اڄ آئون اهو نہ آهيان جيڪو ٻہ سال اڳ ۾ هئس جو چپٽين ۽ ٻٽن دليلن ۾ سڀ ڪجهہ حقيقت سمجهان، مون ٻن صدين جي انقلابي تاريخ ذهن ۾ پختگيءَ سان قائم ڪئي آهي، هاڻ مون وٽ مڪمل هڪ نظرياتي زندگي آهي ۽ جڏهن کان نظرياتي زندگي حاصل ڪئي اٿم تہ پنھنجي انھن تاريخي ساٿين لاءِ روئڻ شروع ڪيو اٿم، پر حالتون اهڙيون آهن جو ٻڙڪ بہ ٻاهر نٿو ڪڍي سگهان متان ڪير غلط مطلب ڪڍي وٺي تہ هاڻ جيل بزدل بنايو اٿس، ان ڪري چالاڪي ۽ پاليسي ٿو ڪري، مگر مون سان جنھن بہ زندگي جا ڪجهہ پل گڏ گذاريا هوندا تہ ان کي اهو تجربو ضرور ٿيو هوندو تہ بزدلي، دوکيبازي، غداري ۽ موقعي پرستي جھڙا موضي مرض پنھنجي فطرت جي ابتڙ آهن.
آئون جيل ۾ وقت پڙهائي سان گڏ پر اعتماد ۽ مطمئن طريقي سان گذاري رهيو آهيان مون اڄ تائين جيل مان جان ڇڏائڻ لاءِ ڪنھن کي بہ گذارش نہ ڪئي آهي ۽ نہ وري ڪندس ڇو تہ هي سڀ ڪجهہ منھنجي ذاتي خواهش آهي تہ پاڻ کي آزمائشن مان تجرباتي طور تي جانچجي ۽ پرکجي، جيڪي ڳالھيون هڪ ڪارڪن لاءِ تمام ضروري آهن، هڪ انقلابي ڪارڪن لاءِ ڪھڙا معيار هجڻ گهرجن...؟ آئون ڪوشش ڪري انھن تي پورو لھندس.
ڀاءُ آئون شعوري طور تي چاهيان ٿو تہ تيستائين جيل مان ٻاهر نہ نڪران جيستائين پنھنجا تاريخي دوست پرچائي نہ وٺان، مون پنھنجن غلطين جو ايمانداريءَ سان تجزيو ڪري هي فيصلو قائم ڪيو آهي تہ شاھہ محمد شاھ، قمر راڄپر ۽ ابوبڪر زرداريءَ کان ڪيئن بہ ڪري پنھنجي غلطين جي معافي وٺان انھيءَ مقصد لاءِ ڪافي وقت کان ڪجهہ طريقيڪار سوچيندي آخر انھي نتيجي تي پھتو آهيان تہ توهان کي مختصر لکي گذارش ڪريان تہ تڪليف ڪري پنھنجو قيمتي وقت سيڙائي منھنجي مدد ڪندا ۽ منھنجي ڪري شاھہ محمد شاھ، قمر راڄپر ۽ ابوبڪر زرداري وٽ هلي ويندا مون کي يقين آهي تہ پنھجا ساٿي سائنسي نظريي جا قائل آهن ان ڪري تنگ نظري، دقيانوسي ۽ ڪٽر پڻي کان پاسو ڪندا يقينن منھنجي ڳالھہ تي سوچيندا ڇو تہ اهو سڀ ڪجهہ اشتراڪيت جي ابتڙ آهي، جڏهن تہ هينئر آئون ذهني طور تي هڪ باشعور ۽ باضمير نوجوان آهيان، مون ۾ ڪنھن بہ شڪ جي هاڻ گنجائش نہ رهي آهي جيڪڏهن دوستن کي منھنجي باري ۾ ڪو شڪ آهي تہ ان لاءِ مونکي صفائي جو وقت ڏين تہ هنن جي مھرباني ٿيندي.
آئون هاري محاذ يا شاگرد محاذ يا پي.اين.پي ۾ سياسي طرح شاھہ محمد شاھ، قمر راڄپر ۽ ابوبڪر زرداري جي قيادت ۾ صلاح مشوري سان ڪم ڪندس، انھي فيصلي جو حق صرف انھن وٽ ٿو سمجهان، ٻي صورت ۾ آئون مڪمل سياست ڇڏي ڏيندس وڃي ڳوٺ ۾ رهندس ڇو تہ نظرياتي ۽ فطري طرح آئون هن انقلابي دور ۾ ٻئي هنڌ ڪٿي بہ پاڻ کي مطمئن نہ ڪري سگهندس جنھن جي لاءِ وڏو تجربو حاصل ڪري چڪو آهيان.
مونکي اميد آهي تہ توهان منھنجي اپيل تي غور ويچار ڪندا ۽ انصاف وٺي ڏيڻ لاءِ جدوجھد ڪندا.
هن مختصر ليٽر کان پوءِ پاڻ کي انتظار ۾ رکندس ڇو تہ توهان سان ڪوبہ حجاب نٿو سمجهان.

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ آرگنائيزنگ جي مرڪزي باڊي ڏانھن کليل خط

ساٿيو؛ جيئي سنڌ
جيئي پورهيت عوام
تمام گهڻي عرصي کان پوءِ هڪ اڻ ٽر مسئلي متعلق هي ٻہ ٽي اکر جيل مان تحرير ڪري رهيو آهيان، مون کي پوري اميد آهي تہ توهان ساٿي پيش ڪيل مسئلي خاطر ڪنھن مناسب صلاح ۽ فيصلي سان رهنمائي ڪندا ڇو تہ هڪ قومي ڪارڪن جي حيثيت سان اهو فرض ٿو سمجهان تہ ڪھڙين حالتن ۾ ڪو بہ مسئلو اڀري اڳيان اچي تہ انھي تي گڏيل ۽ متفقہ راءِ عامه قائم ڪرڻ، ٻين ڳالھين کان سواءِ انھيءَ لاءِ بہ ضروري آهي تہ اڪيلي سر فيصلا ڪرڻ اجتماعي مفادن جي ابتڙ آهي، هر مسئلي تي گڏيل بحث سٺي نتيجي وارو هوندو آهي، انھي مقصد ۾ پاڻ سڀني شعوري طور نظرياتي هم آهنگيءَ سان انقلابي ضابطن ۾ خوشيءَ ۽ شوق سان ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون.
ساٿيو؛ تاريخي طور تي ڏٺو وڃي تہ جيل ۾ فردن جي اچڻ جا خاص طرح ٻہ ڪارڻ هوندا آهن هڪ اهو قسم آهي تہ فرد انفرادي مفادن تحت ڌاڙا، ڦرون، چوريون وغيرہ جھڙا بدڪردار عمل ڪري ايندو آهي جنھن کي ڪابہ تاريخ نہ هوندي آهي.
ٻيو قسم اهو هوندو آهي ڪن خاص حالتن ۾ فرد پاڻ کي ڪنھن نظريي سان گڏ ضابطن تحت جائز ۽ صحيح اجتمائي مفادن لاءِ جيل ۾ ايندا آهن جن کي هڪ سونھري تاريخ هوندي آهي.
خوشقسمتي سان مون بہ پنھنجي جماعت ۾ انھن سڀني ضابطن کي قبوليندي ۽ فيصلن کي عملي جامو پھرائيندي انھن ساٿين سان ڏکين ۽ سکين حالتن ۾ قدم قدم سان ملائي هلڻ ۾ سدائين نڀايو آهي ۽ ساٿ ۾ رهيو آهيان، هن فوجي جنتا جي دهشتناڪ ۽ آمراڻي دور ۾ جن بہ ساٿين بھادريءَ سان تنظيمي وقارکي بلند ڪيو آهي انھن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، پوءِ ڇو نہ اهي جيلن ۾ هجن يا ٻاهر.
ساٿيو؛ هن طبقا تي سماج ۾ نوڪر شاهيءَ جي هڪ خاص مشينري جي ظلم ۽ زيادتين سان گڏ حڪومت نواز پاليسن خلاف سنڌ جي مرڪزي تعليمي اداري لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ نوجوان شاگردن جي مختلف ترقي پسند جماعتن سان گڏ پنھنجي جماعت بہ اتحادي جي حيثيت سان جدوجھد هلائڻ لاءِ ڀرپور حصو ورتو هو، اهو هو پاڳل پرنسپال عالماڻي جنھن عظيم تعليمي درسگاھہ ۾ پنھنجي هڪ هٽي قائم ڪرڻ ۽ پنھنجن ذاتي عياشين لاءِ حڪومت سان وفاداري جو مثال قائم ڪندي ترقي پسند نوجوان شاگرد جماعتن کي ڪچلڻ ۽ ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون، جڏهن سندس حرامپايون ڏينھن بہ ڏينھن زور وٺنديون ويون تہ هزارن جي تعداد ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي شاگرد نوجوانن هن کي هٽائڻ لاءِ مظاهرا ڪيا، شاگردن جي مظاهرن کي عالماڻي صاحب ۽ مارشل لا گورنمينٽ دٻائي ڇڏڻ خاطر تعليمي اداري جي هاسٽلن تي پوليس ۽ آرمي کي حملي ڪرڻ جو حڪم ڪيو، نتيجي ۾ ڪيترن بي هٿيار باشعور، غريب ۽ مسڪين هارين جي پٽن کي ناجائز الزامن هيٺ گرفتار ڪري مگهڙت ۽ هٿرادو ڪيسن ۾ ڦاسائي انھن کي ملٽري ڪورٽ ۾ ڪيس هلائي وڏيون سزائون ۽ ڏنڊ ۽ ان سان گڏ ڪوڙا هڻايا ويا، انھن شاگردن سان گڏ آئون بہ باقائدہ ظلم جو شڪار بنيو آهيان، اگر جي انھن مظلوم شاگردن جي پٺن تان ڪپڙا لاهي ڏسندا تہ سندن جسمن تي تشدد جا ڪارا نشان نمايا نظر ايندا.
1980-02-08 تي پوليس مون کي گرفتار ڪري بدنام ٽارچر سيل ايف آءِ يو ۾ تحقيقات لاءِ آرمي جي حوالي ڪيو هو جتي هنن وحشي جانورن مون کي انسان سوز عذاب ۽ ڏنڀ ڏئي پڇا ڳاڇا ڪئي تہ توهان جي ڪھڙي شاگرد تنظيم وٽ ۽ هٿيار آهن...؟ پئسا ڪٿان ٿا ملن...؟ پمفليٽ ڪٿا ٿا ڪڍو ۽ ميمبر شپ جو رڪارڊ ڪٿي ۽ ڪنھن وٽ هوندو آهي...؟ عالماڻي شريف ماڻھو آهي ان جي خلاف توهان کي ڪنھن ڀڙڪايو آهي، شاھہ محمد شاھ، قمر راڄپر ۽ ابوبڪر سان توهان جا ڪھڙا واسطا آهن ۽ ڇا توهان سڀني جو را سان واسطو آهي يا نہ...؟ وغيرہ جھڙا گهٽيا سوال ۽ پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، جڏهن هنن جون سڀئي سازشون ۽ اميدون پوريون نہ ٿي سگهيون تڏهن خطرناڪ ڄاڻائي هٿرادو رڪارڊ ۽ ڪيس ٺاهي جيل حوالي ڪيو ويو.
مون جيل جي ٻن سالن جي طويل زندگي ڏھہ فوٽ چورس کوليءَ ۾ گذاري آهي ۽ اڄ بہ آئون مطمئن رهندي پنھنجو وقت پڙهائي سان فائدي مند گذاري رهيو آهيان.
ساٿيو مون کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ ٻن ڪيسن ۾ هڪ هڪ سال سزا ۽ ڏھہ ڪوڙا لڳايا ويا آهن. هن وقت آئون غيرقانوني ڪنھن نامعلوم ڪيس ۾ سالن کان بنا ڪنھن فيصلي جي هلي رهيو آهيان، توهان کي معلوم هوندو تہ اسان جيل ۾ مختلف شاگردن جي تنظيمن سان گڏ بک هڙتال جي ڌمڪي ڏني هئي تہ اسان جا فيصلا ڪيا وڃن ۽ ڪچائي وارو پيرڊ بہ ڏنو وڃي جنھن کان پوءِ مختلف تنظيمن جا تقريبن 7 شاگرد ضمانتن تي آزاد ڪيا ويا آهن، اهڙي طرح مونکي بہ مارشل لا حڪام 1983-02-01 تي ايس.ايم.ايل اي هيڊ ڪوراٽر گهرائي چيو تہ ضمانت لاءِ 30 هزارن جي پراپرٽي سرٽيفڪيٽ ڏنو وڃي تہ اسين توکي آزاد ڪريون ٿا، انھي سلسلي ۾ مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي...؟ اهو فيصلو تنظيم جي ساٿين کان وٺڻ مناسب سمجهان ٿو ان لاءِ مون کي تجويز ڪريو تہ مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي ڇو تہ آئون هڪ مسڪين هاريءَ جو پٽ آهيان مون وٽ ايتري پراپرٽي آهي ئي ڪونہ، ان لاءِ توهان ساٿي پنھنجي راءِ کان مون کي ضرور آگاھہ ڪندا مون کي انتظار رهندو.