سنڌ شناسي

تاريخ سنڌ (پنج ئي ڀاڱا گڏ)

سنڌ جي تاريخ کي سھيڙڻ لاءِ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي پاران تاريخ سنڌ جي عنوان ھيٺ ھي ڪتاب پنجن جلدن ۾ ڇپايو ويو ھيو، جنھن جو پھريون ڀاڱو ”قديم سنڌ“ ۽ ٻيو ڀاڱو ”عرب گورنرن جو احوال“ 1931ع ۾ مولوي نور محمد نظاماڻي لکيو، ٽيون ڀاڱو ”سومرا ۽ سمان“  1932ع ۾ عبدالغني عبدﷲ لکيو، جڏھن تہ چوٿون ڀاڱو ”ارغون ۽ ترخان“ ۽ پنجون ڀاڱو ”سنڌ ۾ مغلن جا نواب“ محمد صديق مسافر جو لکيل 1941 ۽ 1942ع ۾ ڇپايو ويو. 

Title Cover of book Tarekh e Sindh

سنڌسلامت پاران

سنڌسلامت ڪتاب گهر پاران محمد صديق مسافر، مولوي نور محمد نظاماڻي ۽ عبدالغني عبدﷲ جو لکيل ڪتاب ”تاريخ سنڌ (پنج ئي ڀاڱا گڏ)“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون. 
سنڌ جي تاريخ کي سھيڙڻ لاءِ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي پاران تاريخ سنڌ جي عنوان ھيٺ ھي ڪتاب پنجن جلدن ۾ ڇپايو ويو ھيو، جنھن جو پھريون ڀاڱو ”قديم سنڌ“ ۽ ٻيو ڀاڱو ”عرب گورنرن جو احوال“ 1931ع ۾ مولوي نور محمد نظاماڻي لکيو، ٽيون ڀاڱو ”سومرا ۽ سمان“  1932ع ۾ عبدالغني عبدﷲ لکيو، جڏھن تہ چوٿون ڀاڱو ”ارغون ۽ ترخان“ ۽ پنجون ڀاڱو ”سنڌ ۾ مغلن جا نواب“ محمد صديق مسافر جو لکيل 1941 ۽ 1942ع ۾ ڇپايو ويو. 
ھن ڪتاب جو چوٿون ڇاپو 2018ع ۾ مھراڻ اڪيڊمي، شڪارپور پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.

 

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.