سنڌسلامت پاران
سنڌسلامت ڪتاب گهر پاران نامور صوفي شاعر سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ سمايل پيغام بابت مرتب ڪيل مختلف مقالن ۽ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ”منصوريءَ جي موج ۾“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو مرتب مدد علي سنڌي آھي.
ھي ڪتاب سچل سرمست جي 196ھين عرس جي موقعي تي ڇپايو ويو. ڪتاب ۾ سچل سرمست جي سوانح، شخصيت، ڪلام، فڪر، رسالي ۾ سمايل پيغام سميت مختلف موضوعن تي پير حسام الدين راشدي، عثمان علي انصاري، شيخ اياز، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي. ڪريم بخش خالد، ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ سميت ٻين نامور عالمن جا مقالا ۽ مضمون شامل آھن.
ھي ڪتاب 2017ع ۾ سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي سھڪار سان اوھان سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي.