شخصيتون ۽ خاڪا

يوسف شاهين: شخصيت، شاعر، محقق ۽ صحافي

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري تاريخ نويس، شاعر ۽ صحافي يوسف شاهين جي شخصيت، سندس شاعري، صحافت جي سفر ۽ ھڪ محقق طور ڪيل خدمتن بابت آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ مختلف ساڃاھ وندن جا يوسف شاھين بابت لکيل مقالا، مضمون ۽ مھاڳ شامل آھن. ٻئي حصي ۾ يوسف شاھين سان ڪيل رھاڻيون، انٽرويوز ۽ ڪچھريون ڏنل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف شاھين جون مختلف لکڻيون شامل ڪيل آھن. آخري حصي ۾ يوسف شاهين بابت تاثرات ۽ خط شامل ڪيا ويا آھن.

  • 4.5/5.0
  • 5
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Yousif Shaheen: Shakhsyat, Shair, Muhaqiq aen Sahafi

مشک آنست

مشک آنست کہ خود ببوید نہ کہ عطار بگوید،

]مُشڪ اُها آهي، جيڪا پاڻ ئي خوشبوء پکيڙي نہ ڪي جنھن جي عطار دعويٰ ڪري[

حق ۽ واسطا

حق ۽ واسطا اداري وٽ

سچائي اشاعت گهر جو ڪتاب نمبر 166 هون

ڪتاب جو نالو : يوسف شاهين
شخصيت، شاعر، محقق ۽ صحافي
موضوع : شخصيت
مرتب : يوسف سنڌي
ڇاپو پھريون : اپريل 2024ع
ٽائٽل ڊزائين : مور ساگر
ڪمپوزنگ : ناصر گُل قاضي
ڇپائيندڙ : سچائي اشاعت گهر دڙو- حيدرآباد
ڇپيندڙ : ساحل پرنٽر رابعہ اسڪوائر حيدرآباد. 03332634650

قيمت : -/800 روپـيـه

YOUSIF SHAEEN- (Personalty, Poet, Recehers & Journalst)
Compaelid by: Yousif Sindhi
Title Designe: More Sagar
Published by: Sachai Ishait Ghar, DARRO, Sindh.
Printed by: Sahil Printer, Hyd: 03332634650
Edition, 1ST, 2024. Cell: 0301-3640468, 0331-2997336
Email: myusifmemon@gmail.com

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2026ع

او خُدا

مون کي محمد صلعم جي سُنت تي
هلڻ جي ساڃاھہ ڏي
مون کي بہ اُها سگهہ عطا ڪر، جو آءٌ
ٽي سؤ سٺ خُدائن کي مُنھن تي
اِهو چئي سگهان تہ
اوهان ڪُوڙا آهيو
ڪُوڙا آهيو
ڪُوڙا آهيو.

طور سِينا جبل تي

نيٺ،
مون اُهو هنڌ ڳولي لَڌو،
جتي خداوند تعالى، حضرت موسى کي
پنھنجو جلوو ڏيکاريو هو.
اُها جاءِ سجَ جيان چِمڪي رهي هئي،
جنھن مان ٿڌي، اَکين ٺار روشني نڪري رهي هئي.
مون وڌي اُن جاءِ تي
ڏاڍي عقيدت ۽ اَحترام وچان هَٿَ ڦيريا.
منھنجي هٿن ڦيرڻ شرط
اُن جاءِ ۾ ڏارَ پئجي ويا،
جن مان ڪي آواز ڀڙڪا ڏيئي نِڪرڻ لڳا
سمجهہ ۾ نہ اِيندڙ آواز!
گونگا آواز!
جيڪي صدين کان اُتي بند هئا.
اُهي آواز سڄي واديءَ ۾ پَکڙجي ويا
آهستي آهستي اِيئن لڳو ڄڻ تہ
اُهي آواز سڄي ڪائنات ۾ پکڙجي ويا هُجن.
مون اُنھن آوازن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي،
ڏاڍي دير کانپوءِ
مون کي اُهي آواز سمجهہ ۾ آيا:
”آءٌ تنھنجو رب آهيان!“
”آءٌ تنھنجو رب آهيان!“
اِهو ٻُڌي آءٌ سجدي ۾ هليو ويس
۽ اِقرار ڪيم تہ:
”ها، تون ئي منھنجو رب آهين!“
”تون ئي منھنجو رب آهين!“
آءٌ سجدي مان اُٿيس،
پر، آواز بند نہ ٿيا، لڳاتار وَڌندا ويا.
موي وري ڏاڍي زور سان رڙيون ڪري،
هڪ ڀيرو ٻيھر اِهو اِقرار ڪيو تہ:
”ها، تون ئي منھنجو رب آهين!“
”تون ئي منھنجو رب آهين!“
منھنجي رڙين سبب سڄي وادي گُونجڻ لڳي
پر، آواز بند نہ ٿيا، وڌندا ويا، پَکڙبا ويا.
پوءِ مون کي اَحساس ٿيو تہ
جيستائين دُنيا جو هر اِنسان
اِهو اِقرار نہ ڪري تہ
”ها، تون ئي منھنجو رب آهين!“
”تون ئي منھنجو رب آهين!“
تيستائين اِهي آواز بند نہ ٿيندا!

]يوسف شاهين[

سنڌسلامت پاران

سنڌسلامت ڪتاب گهر پاران يوسف سنڌيءَ جو مرتب ڪيل ڪتاب ”يوسف شاھين: شخصيت، شاعر، محقق ۽ صحافي“ اوھان اڳيان پيش آهي.
ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري تاريخ نويس، شاعر ۽ صحافي يوسف شاهين جي شخصيت، سندس شاعري، صحافت جي سفر ۽ ھڪ محقق طور ڪيل خدمتن بابت آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ مختلف ساڃاھ وندن جا يوسف شاھين بابت لکيل مقالا، مضمون ۽ مھاڳ شامل آھن. ٻئي حصي ۾ يوسف شاھين سان ڪيل رھاڻيون، انٽرويوز ۽ ڪچھريون ڏنل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف شاھين جون مختلف لکڻيون شامل ڪيل آھن. آخري حصي ۾ يوسف شاهين بابت تاثرات ۽ خط شامل ڪيا ويا آھن.
ھي ڪتاب 2024ع ۾ سچائي اشاعت گهر دڙو- حيدرآباد پاران ساحل پرنٽرز وٽان ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون يوسف سنڌيءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪلي .


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ٻنڌڻ ٻاروچن جا! (مُرتب پاران)

هڪ ’اَلستي آواز‘ آهي، جيڪو هر وقت منھنجي ذهن ۾ ٻُرائجي ٿو، منھنجي من کي ماٺو ۽ سُڪون سان ويھڻ نہ ٿو ڏي! من ۾ ايتري تہ مانڌڪائي ٿو مَچائي، جو راتين جي ننڊ ئي ڦِٽي ويندي اَٿم، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ۽ سَڄيون سَڄيون راتيون جاڳي گُذاريندو آهيان ۽ جيئن پوءِ تيئن اُهو ’اَلستي آواز‘ منھنجي وجود ۾ پيھي ويندو آهي. 
پيھي جان پاڻ ۾ ڪيم رُوحَ رهاڻ!

اُهو ’اَلستي آواز‘ مون کي دُنيا ۽ جھان کان لاتعلق ڪري ڇڏيندو آهي ۽ مون کي ڄڻ ڪائنات ۾ سَمائي ڇڏيندو آهي ۽ اَندر ۾ فقط ’تون ئي تون‘ جي تنوار هوندي اَٿم، پوءِ اَندر سانت ٿيڻ شروع ٿيندو اَٿم ۽ ’تون ئي تون‘ سان پيچ اَهڙو تہ پُختو پيو ٿيندو وڃيم، جو پنھنجو وجود ئي وسري ويندو اَٿم.
پنھونءَ سِين پرت جو، ڪو جو پيچ پيومِ،
ڀنڀي هن ڀنڀور ۾، ويھڻ وِھہ ٿيومِ.

اِهو سڀ اِن ڪري ٿيندو آهي، منھنجي مٿان اِها وارتا اِن ڪري گُذرندي آهي، جو منھنجي اَکر سان اُلفت آهي ۽ اُها اُلفت جيئن پوءِ تيئن وڌندي پئي وڃي. اَکر منھنجي ذهن ۾ ڪيترن ئي قِسمن جا ٻج ڇٽيندو آهي، اُنھن مان ڪي تہ ڦُٽڻ کان اَڳ سَڙي وڃن ٿا، ڪي ڦُٽن، اُسرن ۽ نسرن ٿا ۽ وَڌي، وڏا ٿي ڇانوري دار وڻ بڻجي ويندا آهن. 
هن ڪتاب جو ٻج بہ اِيئن ئي منھنجي ذهن ۾ ڦُٽو، اُسريو ۽ نِسريو. سَڄين راتين جي اوجاڳن، جن ۾ متل مانڌاڻ، بيچينيءَ ۽ بي سُکائيءَ کانپوءِ جڏهن راتِ کُٽڻ ۽ باکَ ڦُٽڻ لَڳندي آهي تہ اَلل وهاڻيءَ جو اُٿي ٻاهر نڪري ويندو آهيان ۽ جڏهن ڪنھن گهاٽي وڻ جي هيٺان وڃي بِيھي رهندو آهيان ۽ اُن وڻ جي ٽارين ۾ لڪيل ۽ پَنن ۾ ويٺل پَکين/جهرڪين جي چَھہ چَھہ جي مڌر آوازن کي ٻُڌي، هڪ سُڪون جو اَحساس ٿيندو اَٿم ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري نما شام جو ڪنھن وڻ جي هيٺان بِيھي رهندو آهيان ۽ اُن مھل بہ اُنھن پکين جي چَھہ چَھہ تي سڄي ڏينھن جي هڻ وٺ سبب اَشانت ٿيل آتما ۾ شانتي ڀرجي ويندي اَٿم ۽ اَندر مان ’تون ئي تون‘ جي تنوار ٻُرائجندي محسوس ٿيندي اَٿم. قرآن شريف ۾ آهي تہ: ”پکي پَکڻ، وڻ ۽ ٽِڻ، صبح ۽ شام پنھنجي پروردگار جي واکاڻ ڪندا آهن.“ اُن مھل اِيئن محسوس ٿيندو اَٿم تہ سڄي ڪائنات ’تون ئي تون‘ جي مڌر آوازن سان ٻُرائجي ويندي آهي. 
پوءِ عجيب اَحساس ۾ وڪوڙجي ويندو آهيان. 
جڏهن رُوح جُڙيومِ، لنءُ تڏهن کان لاڳي،
آلاپي ’اَلحمد‘ سُوره، ورجائي ساڳي،
لفظ ’سنڌ سَڀاڳي‘، لِکيم لوحَ قلم تي.
(يوسف شاهين)

’اَکر‘ سان اُها اُلفت مون کي اَحساس ڏِياريندي آهي تہ وقت مُٺ مان واريءَ جيان وَهندو پيو وڃي، مخدوم نوح سَرور جي لفظن ۾: ”مُٺيون ڀيڙي ڀڄ! وقت وڃئي ٿو ويسلا!“ اِهو اَحساس مون کي اِن ڳالھہ تي اُڀاريندو آهي تہ اِن کان اَڳ جو تنھنجو وقت پورو ٿي وڃي، تون فنا جي ڪنھن گُمنام غفا ۾ گُم ٿي وڃين، ’اَکر‘ جي خدمت ڪري وٺ!، جيڪي لفظ لِکت ۾ ڏِيڻا اَٿئي، اُهي ڏيئي وٺ!، ڏيئي وٺ!
وير ورندئي ويسرا، اُٿي توھہ طلب!
-
وڻجارا وهاءِ، وکر وينتين جو،
هٿَ پورباءِ، هَيا هڻندين هٿڙا!

هي ڪتاب ’يوسف شاهين: شخصيت، شاعر، محقق ۽ صحافي‘ اُن اُڻ تُڻ جو نتيجو آهي، جيڪو منھنجي پاران هڪ اَهڙي شخص کي محبت جي ڀيٽا آهي، جنھن پنھنجي هن دُنياوي زندگيءَ ۾ تمام وَڏا ڪم ڪيا آهن. بنھه منفرد ڪمَ، پر اُنھن وڏن ۽ منفرد ڪمن کان بہ وڌيڪ منجهس جيڪا خاص خوبي آهي، اُها آهي سندس اِنسان دوستي ۽ اِنسانيت سان پيار. سندس اُن اِنسان دوستيءَ جا ڪيئي روپَ آهن. 
محترم يوسف شاهين هڪ اَهڙو شخص آهي، جيڪو اِنٽرنيشنلسٽ آهي. هو هن ڌرتيءَ تي سامراجي قوتن پاران قائم ڪيل هٿ ٺوڪين ۽ غير فطري جاگرافيائي لَڪيرن جو قائل ڪونھي. هو دُنيا کي هڪ ڏِسڻ ٿو گُهري، خوشحال دُنيا، هٿيارن ۽ فوجي اِدارن کان آجي دُنيا، جهڙي لطيف سائينءَ چئي آهي: 
نہ ڪا جهلَ نہ پَلَ، نہ ڪو رائر ڏيھَه ۾،
آڻيو وِجهن آهرين، روڙيو رَتا گُلَ، 
مارو پاڻ اَملھہ، مليرئون مرڪڻون.

اِنٽرنيشنسلٽ هوندي بہ محترم يوسف شاهين پنھنجي رُوحَ جي اُونھائين تائين ’سنڌي‘ آهي، جيڪو شاھہ لطيف جي هن بيت جي تفسير ۽ ڏينھن رات اِن جو ورد ڪندڙ آهي: 
سائينم! سدائين ڪرين سنڌڙيءَ ۾ سُڪارَ،
دوسـت تـون دلـدار!، عالـمَ سڀ آباد ڪرين!
سنڌ سان سندس اَهڙي جِند جُڙيل آهي، جو هو سچو ’اَنالسنڌ‘ ]آءٌ سنڌ آهيان![ جو نعرو هڻي ٿو، جيڪو سنڌ کي ‘Land of wisdom’ ٿو سمجهي. جنھن سنڌ، يعني ڏاهپَ جي ڌرتيءَ تان سڄي دُنيا کي اَمن، اِنسان دوستيءَ ۽ رَواداريءَ جو پيغام مِليو آهي، سنڌ، جيڪا تھذيبن جي ماءُ آهي، پنج هزار سال اَڳ موهن جي دڙيءَ ۾ هڪ اَهڙو معاشرو قائم هو، جيڪو هٿيارن ۽ هٿ ٺوڪين خدائن کان پاڪ هو ۽ حضرت اِبراهيم عہ کان بہ اَٺ سؤ سال اَڳ سنڌ جا ماڻھو واحد خدا جي عبادت ڪندا هئا. محترم يوسف شاهين اُن پيغام کي عالمي سطح تي پھچائڻ لاءِ ’عالمي ٻولي‘ اَنگريزيءَ جو سھارو وٺي، پنھنجي ڪتابن جي ذريعي اُهو پيغام عالم تائين پھچائن ۾ رُڌل آهي. سنڌي تہ سندس مادري زبان آهي، هن سنڌي ۽ اُردوءَ ۾ بہ ڪتاب لِکيا. سندس اُن اَمن جي پيغام جي ڪري ئي کيس ڪجهہ سال اَڳ ’نوبل پيس پرائيز‘ لاءِ پڻ نامز ڪيو ويو. 
منھنجو مٿس هي ترتيب ڏِنل ڪتاب Land of wisdom يعني سنڌ ڌرتيءَ جي اِن صوفي منش اِنسان کي هڪ ڀيٽا آهي، جيڪو آواز، اُهو اَلستي آواز آهي، جيڪو منھنجي ذهن ۾ سَدائين ٻُرائجندو ٿو رهي. 
هن ڪتاب کي چئن حِصن ۾ ورهايو اَٿم. پھرئين حِصي ۾ سندس شخصيت ۽ ڪتابن تي لِکيل مضمون، تبصرا ۽ ڪي مھاڳ شامل ڪيا اَٿم، ٻي حِصي ۾ سندس اِنٽرويو، ٽئين حِصي ۾ سندس ڪجهہ لِکڻيون شامل ڪيون ويون آهن، جن مان سندس شخصيت، ڪردار ۽ ڪم جي عڪاسي ٿئي ٿي، جڏهن تہ چوٿين حِصي ۾ کيس موڪليل ڪجهہ اَهم خط ۽ تاثرات شامل ڪيا اَٿم. 
محترم يوسف شاهين هڪ ئي وقت تاريخ نويس، شاعر ۽ صحافي هئڻ سان گڏ گهڻ پھلوئي شخصيت آهي، سندس اُنھن سڀني پھلوئن تي ڌارَ ڌارَ ڪتاب لِکڻ ۽ ترتيب ڏِيڻ جي ضرورت آهي، منھنجو هي ڪتاب اُن سلسلي ۾ پھرين وٽي کير ڀري آهي. 
هن ڪتاب جي سھيڙ ۾ منھنجن دوستن جناب عزيز رانجهاڻي ۽ جناب رکيل مورائيءَ جن جي ساٿ ۽ سھڪار جو ٿورائتو آهيان. اُن سان گڏ محترم اَياز علي شيخ جي مھرباني مڃڻ بہ مون تي واجب ٿئي ٿي، جنھن محترم يوسف شاهين جو پروفائيل ترجمو ڪري ڏِنو. ٿورا پياري ناصر قاضيءَ جا، جنھن هي ڪتاب نھايت محبت ۽ محنت سان ڪمپوز ڪيو.
ٿورا نہ ٿورا، مون تي ماروئڙن جا.

يوسف سنڌي
ذيل پاڪ، حيدرآباد
25 ڊسمبر 2023ع-

يوسف شاهين ساڃھہ وندن جي نظر ۾

---

شمشيرالحيدري : شاعري ڏات آهي

... نہ ڪڏهن ڪا قديم يا جديد شاعري پڙهيائين، نہ ڪڏهن شعر جي فن ۽ هنر جو مطالعو ڪيائين. ڪو پُور پيس تہ شاھہ جو رسالو کڻي يڪساهيءَ ويھہ، پنجويھہ ڀيرا دؤر ڪري ويو، تنھن پُڄاڻان اَچي جو لِکڻ ۾ پيو تہ ڏينھن رات هڪ ڪري ڏِنائين. ڪنھن کي ڪنِ نہ جَن! فقط ٽن هفتن اَندر ايترو لِکي ورتائين، جيترو گُذريل 25 سالن ۾ مون بہ ڪونہ لِکيو آهي. اَهڙو ڪوبہ شاعر ڪونھي، نئون يا پُراڻو، جنھن ورهين جي مشق، رياضت ۽ تجربي بنا شاعريءَ کي اَهڙي پَڪي ۽ پُختي اَنداز ۾ پنھنجي اِظھار جو وسيلو بڻايو هجي. اَياز هجي يا اِمداد، شاعريءَ جي ڪچي، ڦِڪي مشق ڪري مٿي چڙهيا آهن ۽ سندن شاعريءَ جو اَڄوڪو معيار، ورهين جي متواتر محنت جو نتيجو آهي. سنڌ جو ڪوبہ شاعر کڻو، اُهو ’جميعت الشعرا‘ جو تربيت يافتہ هوندو يا ’سنڌي اَدبي سنگت‘ جي تنقيدي ڪلاسن مان سِکيو هوندو يا ڪنھن اُستاد جي اِصلاح سان سُڌريو هوندو، پر يوسف ڪنھن بہ تربيت، سِکيا يا اِصلاح کان آجو آهي.

شمشيرالحيدري

آغا سليم: اَنالسنڌ شعور جو ڪرشمو

ماڻھو جڏهن کان جبلتن Instincts مان جاڳي عقل، شعور ۽ ساڃھہ جي پرھہ کي پنھنجي اَندر ۾ ڦُٽندو ڏِٺو، تڏهن کان هن ڌرتيءَ جي ڏُکن کي ڌوئڻ، ڏاڍَ، ڏهڪاءَ، ظلم ۽ زورآوريءَ سان ڌرتيءَ جي چِڪندڙ ڦَٽن کي ڇُٽائڻ لاءِ نت نوان خواب ڏِسڻ شروع ڪيا ۽ سموري پُراڻي اِنساني معاشري کي ڊاهي، بنھہ پٽ ڪري، هڪ اِيذائن کان آجي ۽ آزاديءَ جي نُور سان وهنتل معاشري جا خوابَ ڏِسڻ شروع ڪيا. حافظ شيرازيءَ جھڙو شَرابَ ۽ شبابَ جو شاعر بہ چئي ٿو تہ:
بیا تا گل بافشا نیم٬ می در ساغر اندازیم٬
ملک را سقف بشگافیم٬ طرح نو در اندازیم۔

]اَچ تہ گُلن جي ورکا ڪريون ۽ پيالن ۾ شراب اوتيون، آسمان جي ڇت ۾ سوراخ ڪريون ۽ نوان بُنياد رکون.[
ڪن خواب پرستن تہ پنھنجي اُن خوابن واري معاشري جو نقشو بہ پيش ڪيو، جنھن کي ’يوٽوپيا‘ (Utopia) چوندا آهن. ’يوٽوپيا‘ جون ٻہ معنائون آهن، هڪ اَهڙي جاءِ، جيڪا ڪٿي ڪانہي ۽ ٻي اُها جاءِ جتي سڀ ٺيڪ آهي. اسان جي شاھہ بہ اَهڙي ’يوٽوپيا‘ جو تصور پيش ڪيو آهي. اُهو معاشرو مارئيءَ جي ماروئن جو ملير آهي. اُهو هڪ فطرت پرست اَنارڪسٽ جي خواب واري معاشري جو نقشو آهي، جنھن ۾ ذاتي ملڪيت ڪانہي، نفعي، نقصان واري مارڪيٽ ڪانہي، جنھن ۾ اِنسان جا اَحساس ۽ خواب ۽ خود هو پاڻ نيلام نہ ٿو ٿئي. هتي ماڻھن جو وڻن سان واپار آهي، ٻنيءَ جي ڪا واڙ ڪانہي، فصل جو ڪو راکو ڪونھي، پوکَ پاڻ پچي ٿي پوي، ڪو محصول ڪونھي.
نہ ڪا جهلَ نہ پَلَ، نہ ڪو رائر ڏيھہ ۾.
-
پاڻھين پچي پيئون، رِءَ واهيت، رِءَ واڙ!
يوسف شاهين بہ ڏُکايل ڌرتيءَ ۽ اِيذايل اِنسان جي خوشيءَ جا خواب ڏِسڻ ۽ خوابن واري معاشري يعني يوٽوپيا تخليق ڪرڻ وارن دانشورن مان آهي. جنھن عمر ۾ ماڻھو چنڊ سان پنھنجي پرينءَ جون ڳالھيون ڪندو آهي تہ:
اُڀر چنڊ! پس پرين، تو اوڏا، مون ڏُور!
اُن عمر ۾ يوسف شاهين ’خدا، اِنسان ۽ جانور‘ جي عنوان سان يوٽوپيا لِکي، جنھن ۾ هن ملڪن ۽ اُنھن جي سَرحدن کي ختم ڪري، ساري ڌرتيءَ لِکي اِنسان جو ديس بڻائڻ جي ڳالھہ ڪئي. دُنيا جا سڀئي ملڪ غاصبن ۽ جابرن جا جوڙيل آهن. بادشاهن ۽ فوجي سپھہ سالارن جي فوج ڪشيءَ جو (جنھن کي شاهين ’فوجي غنڊاگردي‘ چوندو آهي) نتيجو آهن. ملڪن جي سَرحدن جي بچاءَ ۽ اُنھن جي توسيع لاءِ فوج جي ضرورت ٿي پوي ۽ جنگيون ٿيون لڳن. پنھنجي ڪتاب ’اَنالحق‘ ۾ شاهين ٻُڌايو آهي تہ ويٽنام کي اُتر ۽ ڏکڻ ۾ ورهائي، سَرحد قائم ڪرڻ جي ڪري، چاليھہ لک ويٽنامي، جن ۾ اَڍائي لکَ ٻار هئا، قتل ڪيا ويا. اُنھن جو خون ڪنھن جي کاتي تي چاڙهيون، تاريخ جي محرر وٽ ڪنھن جي خلاف ايف. آءِ. آر داخل ڪرايون ۽ ڪنھن کان اُنھن جو تاوان وٺون؟ ملڪن ۽ اُنھن جي سرحدن کي ختم ڪيو تہ جيئن ساري ڌرتي ماڻھوءَ جو ديس ٿئي، اُن لاءِ ضروري آهي تہ ملڪن جي عالمي ڪانفيڊريشن ٺاهي وڃي، اُن تصور کي شاهين هڪ وڏي سياسي مدبر وانگر پنھنجي ڪتابWorld Confederation of the peoples ۾ وڏي چِٽائيءَ سان پيش ڪيو آهي.
شاهين جڏهن ’خدا، اِنسان ۽ جانور‘ واري يوٽوپيا لکي، تڏهن سندس عمر اَرڙهن سال مس هئي. هو حيدرآباد م ’خادمِ وطن‘ اَخبار ۾ نوڪري ڪندو هو ۽ اَڃآ گمنام هو، کيس ڪو ڪونہ سُڃاڻندو هو ۽ شايد هو پاڻ کي بہ اَڃا پوريءَ طرح سُڃاڻي نہ سگهيو هو. هن جو اُهو ڪتاب شايع ٿيو تہ ڪيترن نام نھاد دانشورن کي سندس ڳالھہ ئي سمجهہ ۾ نہ آئي. هڪڙي ڏينھن هو اَخبار جي آفيس ۾ ويٺو هو تہ ٻہ دانشور هن سان مِلڻ آيا. هنن شاهين جي ڪتاب جي تعريف ڪئي ۽ کيس ’ٿامس مور‘ جو ڪتاب ’يوٽوپيا‘ سوکڙي ڏِنائون. ’ٿامس مور‘ پھريون دانشور هو، جنھن ’يوٽوپيا‘ جي عنوان تي ڪتاب لِکيو هو ۽ شاهين بہ ’يوٽوپيا‘ لِکڻ وارو پھريون سنڌي دانشور آهي. کيس سوکڙي ڏِيڻ وارا اُهي دانشورَ جويو صاحب ۽ رَباني هئا. شاهين اَڄ تائين اَڌ صدي اَڳ کيس مِليل اُن سوکڙيءَ کي سانڍيندو پيو اَچي.
يوسف شاهين تاريخ جو شاگرد آهي، هن تاريخ کي وڏي ڌِيان سان پڙهيو آهي. شعور جون شمعون جلائي هو هندستان، يورپ ۽ دُنيا جي تاريخ جي اُونداهين ۾ ويڙهيل گهٽيون ۽ گسَ گهميو ۽ اُتان نيون نيون سَچايون ڳولي کڻي آيو، ڪوڙ جون قبائون پاتل فاتحن جون قبائون لاهي، هنن کي سندن اَصلي حالت ۾ پنھنجي ڪتاب ’فاتحن جي دُنيا‘ ۾ ماڻھن جي آڏو آڻي بيھاريو ۽ اَهڙيءَ طرح هن جو اُهو ڪتاب ڄڻ تہ تاريخ تي Judgement آهي. هن اِنگلينڊ جي تاريخ تي William the Bastard ڪتاب لِکي، اِنگلينڊ جي تاريخ نويسن کي ترغيب ڏِني آهي تہ هو سندس ڪتاب جي آئيني ۾ تاريخ جي سچاين کي ڏِسي، وري نئين سِر اِنگلينڊ جي تاريخ لِکن. ماضيءَ جي خدائن جي عروج ۽ زوال تي ڪتاب Rise and fall of Gods لِکي هن خدائن جي عظمتن جي ڪوڙَ کي اُگهاڙو ڪيو. ڪھڙي خبر تہ اَڄ جن خدائن کي پوڄيو ٿو وڃي، اُهي سُڀاڻي ڪوڙا ٿي پون ۽ اِنسان کي پنھنجي عقل ۽ فھم تي شرمسار ٿيڻو پوي.
شاهين سان منھنجي دوستي تمام پُراڻي آهي. ايتري پُراڻي، جو مون کي ياد بہ ڪونھي تہ اسان جي دوستي ڪڏهن شروع ٿي ۽ پھريون دفعو اسان ڪٿي مِلياسين. مون شاهين کي ويجهڙائيءَ کان ڏِٺو آهي. هن جي شخصيت جا ٻہ مضبوط ۽ ڪمزور رُخ آهن، پر هن جي شخصيت جو هڪڙو رُخ سندس ٻين سڀني رُخن تي حاوي آهي، اُهو آهي سندس چِڙ، خارَ ۽ ڪاوڙ وارو رُخ. اُها ڪاوڙ هن کي اسان ۽ توهان تي نہ آهي، تاريخ تي آهي، ڪوڙن خُدائن تي آهي، جابر بادشاهن ۽ فوجي سپھہ سالارن تي آهي، جن اِنساني لاشن تي بِيھي، عظمت ماڻي ۽ ظلم ۽ جبر جي بُنيادن تي ملڪ ٺاهيا ۽ اُنھن جي سَرحدن کي وسيع ڪرڻ لاءِ اِنسانن کي ڪُٺو، عورتن جي عصمت دري ڪئي ۽ اِنسان، جيڪو ’اَحسن التقويم‘ آهي، تنھن کي ٻَڪرا پڙيءَ ۾ نيلام ڪيو. هن جيڪي بہ ڪتاب لِکيا آهن، اُهي اُن چِڙَ ۽ ڪاوڙ جو عملي اِظھار آهن.
چِڙَ ۽ ڪاوڙ اِنسان جا منفي جذبا آهن، پر يوسف شاهين جي چِڙَ ۽ ڪاوڙ مثبت آهي، جو اُها اِنسان ۽ هن ڌرتيءَ لاءِ سندس اٿاھہ محبت مان ڦُٽي آهي.هو اِنسان جي ساري تھذيب کي رد ٿو ڪري، جنھن اِنسان جي بُنيادي حُرمت کي مجروح ڪيو آهي. هو دُنيا جي ملڪن ۽ اُنھن جي سَرحدن کي رد ٿو ڪري، جن جي ڪري جنگيون ٿيون، ٿين پيون ۽ اَڃا ٿينديون. هن جو ساري ڌرتيءَ کي اِنسان جو ديس بڻائڻ جو خواب سچ پچ تہ ڌرتيءَ جيڏو ئي وڏو آهي. شاهين جو اِيمان آهي تہ سندس اُهو خواب ضرور پورو ٿيندو ۽ ڪنھن نہ ڪنھن ڏينھن شاھہ سائينءَ جي سُر سسئيءَ وارا آرياڻي اِيندا، جيڪي هن بُري ڀنڀور کي اُجاريندا، ڇوريون ڇُرڻ سِکنديون ۽ ڏکيون ڏِک ويھنديون. قلندر جي اَچڻ کان اَڳ سيوهڻ ۾ بودلو بھار آيو هو، هو سيوهڻ جون گهٽيون صاف ڪندو ٿي ويو ۽ چوندو ٿي ويو تہ: ”منھنجو قلندر هن گهٽيءَ مان لنگهندو ۽ هن گس تان اِيندو.“ شاهين، بودلي بھار وانگر ماڻھن جي دلين جي سيوهڻ جون گهٽيون ٿو صاف ڪري، جو اُهي آرياڻي ماڻھن جي دلين جي دڳن تان اِيندا:
ماندا ٿئو نہ ماڻھئا، اِيندي مُند ملارَ،
اَڄ نئين نينھَن جا، ڏِيان ڏسَ هزارَ،
ڪري سَوَ سِينگارَ، اُڀاريان سِجُ اَندر مان.

ٿيندا ٿيندا، نيٺ تہ ٿيندا،
ڀاڳَ اسان جا هاڻ ڀلا!
ڊهندا ڊهندا، ڪينَ رَهندا،
هي سمورا ڪوٽَ قلعا!

لائون لھندا گهوٽَ،
آزاديءَ جي اوٽَ،
ڪِري پوندا ڪوٽَ،
مِٺل! ڏِيو موٽ،
سڄڻ مورو ويٺي ڏِيان.

شعور سوال ڪندو آهي ۽ پنھنجن ئي سوالن جا جواب مھيا ڪندو ۽ نتيجا ڪڍندو آهي:

ڳالھہ ڳُجهائتي، ويڙهي مون ويئي،
پُڇان پاڻ کان، پاڻان منجهہ پيھي،
ڇو سُورَ سڀيئي، پلئہ سنڌ پيا.

هڪڙي ڳالھہ تہ ڏَس ميان!
جا ڳالھہ نہ منھنجي وسِ ميان!
پنھنجا، پراوا سڀ پُڇن ٿا،
هن ڌرتيءَ تي،
دودا، جوڌا ڪوھہ ڪُسن ٿا.

ڪا تہ راهَہ نجات جي، ٻيلي ٻُڌايو،
قضيو ڪربلا جو، ڇو ور ور ورجايو،
ڇو ڪنڌ ڪيرايو، اَنمول اُتاهان.

۽ پوءِ هو ’سُر ٻانڀيڻو‘ ۾ تاريخ کان شاهدي ٿو ڏِياري ۽ مخدوم بلاول جي گهاڻي ۾ پيٺل ماس سُر بلاول ۾ سنڌ جو نئون اتھاس ٿو ٿي پوي:
ڪڪوريل ڪاڪ جا، سڀوئي سُجاڳ،
صدا لڳي سِر جي، تہ ڀانئن ڀلو ڀاڳ،
آهي شھيدن ماڳ، نالي ۾ سنڌ سَڏجي.

متان ڏَرو ڏاڍَ کان، ڏاڍي ناه جهلَ،
کڻو صليب سِرَ تي، مرڻ هيءَ مھلَ،
ڇڏيو سَڌ ساهَه جي، ڪَنڌَ رهي مَ ڪَلَ،
هڻي هام هڪلَ، ڀَر جهليو بلال جي.

يوسف شاهين کي مان هن دؤر جو صوفي سَڏيندو آهيان، جنھن ۾ سنڌ سان وحدت الوجودي عشق آهي. منصور ’انالحق‘ جو نعرو هنيو هو ۽ يوسف شاهين ’انالسنڌ‘ جو نعرو هنيو آهي. هن جو پنھنجي پرينءَ سان عشق جو اِهو عالم آهي، جو هن سنڌ جي هر سُور کي پاڻ سَٺو آهي، هر سُور سان گڏ سنڌ لاءِ وڙهيو ۽ اُنھن سان گڏ شھيد ٿيو آهي، پوءِ اُهو مخدوم بلاول هجي يا ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ بينظير ڀُٽو هجي، صوفيءَ جي ڪنن تي پھريون آواز ’اَلست بربڪم‘ جو پيو هو، پر يوسف شاهين جي ڪنن تي پھريون آواز ”اِقرا باسم ربڪ“ جو پيو ۽ هن پنھنجون آسمان ۾ کتل اَکيون جُهڪائي، پنھنجي اَندر ۾ ليئو پاتو ۽ سندس سارو اَندر اُجرو ٿي ويو.
”اِقرا باسم ربڪ“، پيم ڪن پڙاءُ،
وحدہ لاشريڪ لہ، ڏِنم ايءُ وراءُ،
تڏهن جيءُ جڙاءُ، ڪيائين پاڻ قربَ سِين.

اَلا اَکين کي، ڪو سالڪ سمجهائي،
جنھن لاءِ واجهائين، واٽون ورائي،
سو اَڳيئي آهي، موجود مون من ۾.

اَلا ڪھڙيءَ ڪاڻ، ڏِيان ڏوھہ اَکين کي،
جنھن لاءِ واجهائين، سو سَدا اَٿم ساڻ،
اَکيون اَڻ ڄاڻ، رهيون اِن رمز کان.

اَندر ۾ جڏهن اُهاءُ ٿو ٿئي، ’اَنالحق‘ جو نعرو ٿو پڙاڏي ۽ سچل گيڙو اَلفي پائي، يڪتارو وڄائي، مستيءَ ۾ رقص ڪندي ”آهيان پاڻ اِسرار“ وارو اِسرار ٿو سلي، تڏهن اسان جو هي ويھين صديءَ جو صوفي ﷲ پاڪ جي اَڳيان سَراپا سوال ٿو بڻجي بِيھي تہ: ”جڏهن اِنسان تنھنجو مظھر آهي، اَحسن التقويم آهي تہ پوءِ هو ايڏا سُورَ ڇو ٿو سَھي، هن ڌرتيءَ تي بہ اَهنجن، اِيذائن جي جھنم ۾ ٿو جلي ۽ مرڻ کانپوءِ بہ تو هن لاءِ دوزخ ٻاريو آهي.“
تون جبار، تون قھار، تو وٽ دوزخ باهِہ،
ڪَھہ مَ ڪرين ڪھڪاءُ، دانھون ٿين دوزخ ۾.

تون ڏاتار، تون ڏڍُ، دوزخ باهِہ اُجهاءِ،
تون خلقيو خوب هوءِ، سو واٽون تون واجهاءِ،
رِجهيل رُوح رِيجهاءِ، دانھون ٿين دوزخ ۾.

هو هن ڌرتيءَ تي بُک ۾ پاھہ ٿيڻ وارن پنھنجن ڀائرن جي ڪري جنت ۾ وڃڻ کان اِنڪار ٿو ڪري.
تون سَتار، تون غفار، تون وٽ جنت جاءِ،
مکڻ، ماکيون، ميوا، اُتِ اَڻ مَيا ڏِناءِ،
ڪوڙين بُکيا هتِ سُمھن، جيئڻ تَن نہ جاءِ،
دل دانھن ريءَ نہ رهي، ماٺِ مون مَ جُڳاءِ،
ڪھڙي مُنھن اُچانءِ، ڀائرَ منھنجا بُکَ ۾.

هي جيڪو شھيدن جو ماڳ آهي ۽ نالي ۾ سنڌ ٿو سَڏجي، اُن ماڳ ۾ شھيد ٿيندڙ ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ بي مثل بينظير جي شھادتَ جي شاهدي ڏيئي اَعلان ٿو ڪري:

سنڌ سموري آهِ پنھنجي،
ڪير آهي، ڪير آهي، ڪير آهي،
جو ويندڙ واڳ ورائي ٿو،
جو رُٺلَ سڀ ريجهائي ٿو،
جو يوسف پاڻ سَڏائي ٿو،
۽ هر هر هيءُ هُلائي ٿو،
هاڻ ڪڍجي ڪاڻ تہ ڪنھن جي!
سنڌ سموري آهِ پنھنجي.
هن نظم مان جيڪر هڪ سِٽَ جو واڌارو ڪيان تہ:
جو يوسف پاڻ سَڏائي ٿو،
۽ اَنالسنڌ اَلائي ٿو.
شاهين جي شاعريءَ جي سِٽ سنڌ، سنڌ واسين، ڌرتي ۽ اِنسان لاءِ سُڏڪا ٿي ڀري ۽ اَکر اوڇنگارون ٿا ڏين:
لِکان تہ ڪيئن لِکان، سُڏڪا سٽَ ڀري،
’يوسف‘ حال دل جو، ڪري تہ ڪيئن ڪري،
ڀاڪر منجهہ ڀري، اَکر ڏِين اوڇنگارون.

هن جي شاعريءَ جون سِٽون رُڳو سُڏڪا نہ ٿيون ڀرين، اَکر اوڇنگارون نہ ٿا ڏِين، پر سُوريءَ لاءِ سڏ بہ ٿا ڪن، اُونداهي اَٿاھہ ۾ ٽانڊا ٿي ٽمڪن ٿا ۽ هڪ نئين دؤر جي بشارت بہ ڏِين ٿا. جڏهن مُلڪن جون سَرحدون ريٽجي ۽ ميٽجي وينديون، ساري ڌرتي اِنسان جو ديس هوندي ۽ ڪو جابر ۽ ظالم هن ڌرتيءَ کي جبر ۽ ظلم جا زخم نہ ڏيندو، آرياڻي اَچي بُري هن ڀنڀور کي اُجاريندو، ڇوريون ڇُرڻ سِکنديون ۽ ڏُکيون ڏُک ويھنديون.
ماندا ٿئو نہ ماڻهئا، اِيندي مُند ملارَ،
اَڄ نئين نينھن جا ڏِيان ڏَسَ هزارَ،
ڪري سَوَ سينگارَ، اُڀاريان سجُ اَندر مان.

نئين دؤر جي اِها بِشارت شاهين جي جذبات کان نہ ڦُٽي آهي، تاريخ جي جذبات جي شعور مان ڦُٽي آهي، اُن ڪري مان شاهين جي شاعريءَ کي، جنھن کي شاهين ’اِندر ۾ اُهاءُ‘ ٿو چئي، شعور جو ڪرشمو ٿو سَڏيان.

] 5 آڪٽوبر 2010ع[

قمر شھباز: اَندر جي اُڌمن مان نڪتل شاعري

چانھہ منھنجي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي عياشي آهي ۽ اُن موقعي کي مان نہ رُڳو ماڻيندو آهيان، بلڪہ ملھائيندو بہ آهيان. هڪ تمام وَڏو مَگو چانھہ جو چوٽَ تائين ڀريل، لان جي ڪُنڊ ۾ رکيل اَڪيلي ڪُرسي ۽ ڪلاڪ سَوا جي واندڪائي، گهر کان پري اُها گهڙي کائڻ اِيندي اَٿم، ڏاڍو مونجهو ٿيندو آهيان. ڪراچيءَ موٽندو آهيان تہ وڃايل ڏينھن جي تَلافيءَ ڪارڻ اَڪثر گهر ۾ گُذاريندو آهيان. خاص ڪري شامَ تہ اِرشاد ۽ چانھہ جي نالي لِکجي ويندي آهي.
گُذريل عيد تي ڪراچيءَ آيس. شام جو تياري هئي تہ اوچتو شاهين جو فون آيو:
چيائين: ”جلدي اَچ!“
چيم: ”خير؟“
چيائين: ”مڙئي خير آهي.“
چيم: ”پوءِ ترسي نہ سگهندين؟“
چيائين: ”نہ، ڪم ضروري آهي.“
چيم: ”چانھہ پي اَچان ٿو.“
چيائين: ”چانھہ پٺاڻ جي پيئنداسين، جلدي اَچ!“
سوچي، ضرور ڪو اَهم ڪم هوندو، نہ تہ هيءُ يار هروڀرو ضد نہ ڪندو آهي. بيدليءَ سان گاڏي ڪڍيم. ٽيپو سُلطان روڊ، شھيدِ ملت روڊ، طارق روڊ ۽ پوءِ سنھڙي گهٽيءَ جي وچ تي اُونداهي ڏاڪڻ، جنھن تي چڙهڻ وقت مون کي ذري گهٽ بانبڙا پائڻا پوندا آهن.
پنھنجي آفيس ۾ هو اَڪيلو ويٺو هو. ڏِٺم، سندس منھن تي هڪ عجيب مرڪ ڦھليل هئي.
پُڇيم: ”ڪا نئين هوٽل کولي اَٿئي؟ ڪو نئون ڊپارٽمنٽيل اِسٽور يا ايڊورٽائيزنگ ايجنسي؟“
هو چپُ چاپ مُرڪندو رهيو.
هوريان پُڇيومانس: ”ٻي شادي ڪئي اَٿئي ڇا؟“
ٽھڪ ڏئي کِلي پيو. ميز جو خانو کولي، هڪ فائيل ڪڍيائين، هلڪي کنگهڪار ڪري، گَلو صاف ڪيائين ۽ چيائين: ”عرض ڪيو اَٿم!“
مان ڊِڄي ويس، پر دل جهلي چيم: ”تون حُڪم ڪر، عرضَ ڌارين کي ڪبا آهن.“
چيائين: ”شاعري ڪئي اَٿم. اُها ٿو ٻُڌايان.“
آخر اُهو ئي ٿيو، جنھن جو خوف هو. دراَصل منھنجي کاٻي اَک گهڻن ڏينھن کان پئي ڦڙڪي. چوندو هئس ڪا خبر اَچڻي آهي. ڪھڙي؟ اُن جي ڄاڻ نہ هئم. شايد مھمان اَچڻا آهن، بجليءَ جو بل اَچڻو آهي، جاءِ جو مالڪ نوٽيس ڏيڻ وارو آهي يا وري خواجہ اِمداد سان ملاقات ٿيڻي آهي.
سڀ بُريون خبرون سوچيون هئم، پر وهم ۽ گمان ۾ بہ نہ هئم تہ زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪا اَهڙي گهڙي بہ اِيندي، جڏهن يوسف شاهين شعر ٻُڌائيندو ۽ سي بہ پنھنجا!
چيم: ”شھيدن سان چرچا نہ ڪندو ڪر!“
چيائين: ”چرچو ناهي، حقيقت آهي، هي سڀ شعر مون پاڻ لِکيا آهن.“
اِعتبار ڪيئن اَچي؟ يوسف شاهين سڀ ڪجهہ هو، شاعر نہ هو.
هن هلڪي قدَ بُت ۽ هلڪي آواز واري اِنسان ۾ مون بي پناھہ قوت، همت ۽ قابليت ڏِٺي هئي. واپاري ڏاھہ ۽ ڏانءُ، ڪاروباري سوچَ ۽ سمجهہ، اِنتظامي ووڙ ۽ ويچار، اَخلاقي اُوچائي، صبر ۽ سَچائي، نياز ۽ نوڙت، مطلب تہ شاهين جو وجود هڪ لاڳيتي اَڻ کُٽ جدوجھد جو ٻيو نالو آهي. هن پنھنجي پاڻ کي مختلف ڪارجن ۾ اَهڙيءَ رِيت ورهائي ڇڏيو آهي، جو هر يوسف ٻئي يوسف کان جُدا ۽ نِرالو نظر اِيندو. ’برسات‘ جي ايڊيٽريءَ کان ويندي ڊپارٽمينٽل اِسٽورن جي قطار، سپر هاءِ وي جي مڊوي کان سيوهڻ جي ’اِنڊس هوٽل‘ ’اَنڊس ايڊورٽائيزر‘ کان پرنٽر، پبلشر ۽ ڊسٽريبوٽر تائين، ’اَنالحق‘ جي مصنف، ’اِنڊس ڊائجيسٽ‘ (اَنگريزي) جي مدبر ۽ مالڪ، ننڍي کنڊ جي نئين تاريخ جي ليکڪ هن نوجوان مختصر عرصي ۾ گهڻائي جبل جهاڳيا آهن، گهڻائي ڪشٽ ۽ ڪشالا ڪيا آهن، گهڻو ئي پگهر ڳاڙيو آهي ۽ گهڻو ئي رت سَت ڏِنو آهي. هر روپ ۾، هر رنگ ۾، هر ڍارَ ۾، هر ڍنگ ۾ مون هن جي ڪوشش ۽ محنت کي آڪاش جي اُتانھينءَ تائين اُڏامندي ڏِٺو آهي.
ڪتابن سان شوق اَٿس. نہ! غلط چيم، ڪتابن سان عشق اَٿس. سندس گهر ۾، آفيس ۾، گاڏيءَ ۾ رسالن ۽ ڪتابن جا ڍير نظر اِيندا. هر قِسم جو اَدب پڙهندو آهي، پر شعر نہ ڪڏهن ڪنھن جو ٻُڌائين، نہ پڙهيائين، چوندو: ”اِها واندڪائيءَ جي وندر آهي، اِهي ڳالھيون پنھنجي سمجهہ کان مٿي آهن.“
اِهو ئي سبب آهي، جو سنڌ جا نامي گرامي شاعر سندس دوستيءَ جو دم ڀريندي بہ کيس ڪڏهن پنھنجو ڪلام ٻُڌائي نہ سگهيا. مان سوچيندو هئس تہ ڪيڏو نہ خوشنصيب آهي هي اِنسان، جو ايڏي عذاب کان بچيل آهي.
پر اَڄ اُهو ئي يوسف شاهين فائيل کولي چئي رهيو هو: ”عرض ڪيو اَٿم!“
مون چيو: ”طبيعت تہ ٺيڪ آهي نہ؟“
چيائين: ”بلڪل! منھنجو خيال آهي تہ چانھہ گُهرائڻ گهرجي.“
مون چيو: ”پوءِ تہ جيڪو ٻُڌائين، سو ٻُڌبو.“
چانھہ جو حُڪمنامو جاري ڪري، شرمائيندي، لَڄائيندي، شَڪائپَ کان اَکيون جُهڪائي چيائين:
”يارَ! هاڻي تہ ٻُڌ، ڏاڍي محنت ڪئي اَٿم.“
دل ۾ چيم: ڇڏيندو اِيھين ئي ڪونہ، نئون شوق اَٿس، مون کي نہ تہ پٺاڻ کي ٻُڌائيندو، اُن ڪري پرائي دل نہ ٽوڙجي، اَخلاق جي هر تقاضا پوري ڪرڻ گهرجي، پوءِ يا نصيب!
هو تہ اِشاري وَهيڻو ويٺو هو، شروع ٿي ويو. جيئن جيئن پڙهندو ويو، تيئن تيئن مون کي اُهو ماڻھو زمين کان مٿي، گهڻو مٿي، اُڀَ ڏانھن اُسرندو نظر اِيندو ويو.
اَکر اَکر، حرف حرف، سِٽ سِٽ سنڌوءَ جي مست ڇولين جيان تڙپندي، ڦٿڪندي، ور ور وراڪا کائيندي، ڪِناري ڏانھن ڌُوڪيندي نظر آيم. ڪا اُونھائي هئي خيال جي! ڪا ڪاريگري هئي سِٽاءَ جي! ڄڻ تصور جي موسيقي هئي، گِيتن جي گُونجار هئي.
هڪ دفعي ڪراچيءَ کان گهڻو پري، اَڪيلائيءَ ۽ اُٻاڻڪائيءَ جي سَمي مون دريءَ جي سِيخن مان پھاڙن جي برسات کي اوهيرا ڪري، وسندي ڏِٺو هو. اُن ڏينھن منھنجي دل ڪجهہ لِکڻ لاءِ ڏاڍي سَٽَ کاڌي هئي، اَندر جي آنڌ مانڌ رُوحَ کي نِپوڙي رکيو هوم. عجيب غريب رنگ منھنجي ذهن ۾ تڙپي اُٿيا هئا، من ماندو ٿي اُٿيو هو، چيم: اَڄ تہ اُها شئي جُڙندي، جو ڪوئل جي ڪُوڪَ کي بہ مات ڪري وجهندي. چنگ ۾ اُهو ڏنگ ڪٿي، جو منھنجي قلم جي نوڪَ ۾ آهي، چنڊ ۾ اُهو سنڊ ڪٿي، جو منھنجي تصور جي تھہ ۾ آهي.
۽ پوءِ هٿ ۾ قلم کڻي ويٺو رهيو هئس. برسات گُذري ويئي، ڪيئي برساتون گُذري ويون، پر مان ڪجهہ بہ نہ لِکي سگهيو هئس. مات جي اَحساس مون کي ماري وِڌو هو، اِيئن، جيئن ڪنھن اُڃايل جي چپن تي آيل جام کسجي ويو هجي، ڪنھن سودائيءَ جي سُندر دُنيا کڙڪي تي کن ۾ کرکنا ٿي ويئي هئي، ڪنھن چرئي جي چاهَه تي ڌارين ڌاڙو هنيو هجي.
اَڄ شاهين جي شاعري ٻُڌي مون کي برسات جي اُها وساريل گهڙي ياد اَچي ويئي، بادل ڀرجي آيا، وڄ چمڪي، بُوندون برسي اُٿيون ۽ پوءِ سِڪايل ڌرتيءَ جي سِيني مان مِٽيءَ جو اَزلي هُڳاءُ مھڪي اُٿيو.
هيءُ ماڻھو ڪير آهي؟ هن کي مون اَڳ بہ ڏِٺو آهي، پر هيءُ اُهو تہ ناهي، هي ڪو ٻيو آهي، هي يقيناً ڪو ٻيو ئي آهي. اَجنبي، اوپرو، اَڻ ڄاتو اِنسان، جنھن جي سِيني ۾ سَمونڊن جي لوچَ آهي، پھاڙن جي سوچَ آهي، جنھن جي لفظن ۾ لائو آهي، اَکرن ۾ آتش فشان جي اُتت آهي.
اَکر اِنسان ساز آهن. اَکر اَڏيندا آهن، اُکوڙيندا بہ آهن، جوڙيندا بہ آهن، جهنجهوڙيندا بہ آهن، پُڪاريندا بہ آهن، پروڙيندا بہ آهن، اَکر اِبتدا آهن، اِنتھا بہ آهن، اَکر اَنداز، آواز ۽ اَحساس آهن، اَکر سچَ ۽ ڪچَ جي ڪسوٽي آهن.
شاهين وٽ اَکرن جي کوٽ اَڳ بہ نہ هئي، پر اَڄ هن کين سَجائي، سموهي، سُرهو ڪيو هو ۽ اُن خوشبوءِ جو نالو رکيو هئائين ’شاعري‘.
هو چڱي دير پنھنجو ڪلام پڙهندو رهيو ۽ پوءِ ماٺِ ٿي ويئي.
ڪا بھتر شئي سُجهيم ها تہ جيڪر ضرور چوان ها.
پُڇيائين: ”ڇا راءِ اَٿئي؟“
چيم: ”ڪڏهن کان لِکڻ شروع ڪيو اَٿئي؟“
چيائين: ”گُذريل رات کان.“
اَعتبار نہ آيم، پُڇيم: ”هن کان اَڳ؟“
چيائين: ”ڪجهہ بہ نہ، خبر نہ اَٿم تہ ڪيئن لِکي ويئي، بس لِکندو ويس، دل ٿي چوي تہ هڪ پل بہ واندو نہ ويھان، لِکندو رهان، اَندر ۾ اُڌما ٿا اُٿن.“
چيم: ”ڪو مطالعو؟“
چيائين: ”اَصل نہ.“
چيم: ”تہ پوءِ هي سڀ ڪجهہ....“
چيائين: ”اِن ۾ منھنجي ڪابہ ڪوشش شامل ناهي.“
اُن گڏجاڻيءَ ۾ شاهين چند بيت ئي ٻُڌايا هئا. مون کي پڪَ آهي تہ اَڄ تائين ڏات سندس ساٿ نہ ڇڏيو هوندو ۽ هو ضرور ڪو چڱو موچارو ذخيرو گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هوندو.
ڏات جي ڏائڻ ڏاڍي ڏُکي هٿِ چڙهندي آهي. کوٽ ۽ کريب تہ ڪو کانئس سِکي، اَڻ ڄاڻ اَٻوجهن کي ناتر جيان ڪاڪِ محل ۾ گهمريون ئي ٻہ کارائي، نِھوڙي نيندي آهي. ڪيترائي سودائي هن هرجائيءَ جي هٿان راهن تان رُلي وڃي، اوجهڙن ۾ پيا. اُهي ڀاڳ وارا چئبا، جن کي منزل مِلي.
يوسف شاهين پيار جي هن اَنوکي پيچري تي پھرين وار پير رکيو آهي. هن ڪاڪِ محل جي موهيندڙ نظارن کي اَڃا پري کان پسيو آهي، مومل تائين رَسائيءَ لاءِ مينڌري جھڙي محبت گهرجي، سچَ کي سچَ چوڻ جي همت گهرجي، لڳاتار صبر، ڪوشش ۽ محنت گهرجي، مطالعو گهرجي، مشاهدو گهرجي، جو ٻئي جا سُورَ سانڍي سگهي. اُها اَکِ گهرجي، جا لُڙڪَ لاڙي سگهي. اُها سوچَ گهرجي، جا سُونھن، سوڀيا جا سپنا ڏِسي سگهي.
ڪلا تہ وڏو روڳ آهي، ڪو مستانو گهرجي، جو جوڳ قبولي.
اسان جو هي نئون شاعر ڪيترو دؤر سفر ڪري سگهي ٿو، سو تہ وقت ٻُڌائيندو، ڇو تہ وقت ئي سڀ کان وڏو پارکو آهي.
مون شاهين جي شاعريءَ جا صرف چند ورق پڙهيا آهن، هن ڪتاب ۾ ٻيو بہ گهڻو ڪجهہ شامل هوندو. اُن عرصي ۾ هن جي تصور ۽ تخيل ڪيئي مانڊاڻ منڊيا هوندا. ڏِسڻو صرف اِهو آهي تہ هن جي قلم ڪيترو پِرايو ۽ ڪيترو وڃايو آهي، وقتي جذباتي نعريبازيءَ تي اڪتفا ڪئي اَٿس يا اَزلي قدرن جي عڪاسي ڪئي اَٿس. جنھن ليکڪ خوبصورتي، سچَ، اِنصاف ۽ پيار جھڙن جذبن کي نِکاريو، سو سنڌي اَدب جي تاريخ ۾ ضرور اَمر ٿي ويندو.
هن وَٽ لفظن جو اَڻ کوٽ ڀنڊار آهي، ذاتي مشاهدي جو عميق خزانو آهي، جدوجھد ۽ ڪشمڪش جي ميراث آهي، ٻھراڙيءَ جو پسمنظر ۽ شھري پيش منظر آهي، ڏات آهي، ڏانءُ آهي، لنءُ آهي، لگن آهي، واٽون آهن، وسيلا آهن ، هڪ ليکڪ لاءِ جو ڪجهہ گُهربل آهي، سو سڀ ڪجهہ ميسر آهي. سنڌ کي موضوعن جي کوٽِ ناهي. اَلبت سُلجهيل ۽ سمجُهو لِکندڙن جي کوٽ هر دؤر ۾ رهي آهي، اُن ڪري يوسف شاهين کي پنھنجو مقام حاصل ڪرڻ ۾ دير نہ لڳندي. هن جو تاريخي، سماجي، اِقتصادي ۽ مذهبي مطالعو تمام وسيع آهي، سوسائٽيءَ جي هر طبقي سان سندس لَھہ وچڙ آهي. واپاري هجڻ جي ناتي سندس شعر ۾ بحر - وزن جي گهٽ وَڌائي ممڪن ناهي. تورَ ماپَ جو تڪڙو آهي، اُن ڪري خدشو لاحق آهي تہ هو سنڌي شاعرن جي قطار ۾ هڪ مستقل جڳھہ والاري ويھي.

]يوسف شاهين جي شعري مجموعي ’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ مان ورتل[

تنوير عباسي: رَوايتن کان هٽيل شاعر ۽ شاعري

اُردوءَ جي مشھور شاعرن. م راشد پنھنجي پھرئين مجموعي ’ماوراءَ‘ جي ديباچي ۾ لِکيو هو تہ: ”بدقسمتيءَ سان اسان جي ايشيائي ملڪن ۾ اَدبي تبديليون بہ معاشرتي تبديلين وانگر شاذ و نادر ئي واقع ٿينديون رهنديون آهن.“
سنڌ ۾ سماجي توڙي اَدبي تبديلين جو پيدا ٿيڻ اَڃا بہ وڌيڪ سُست رفتار آهي. سنڌ جو ماڻھو ’روايت پسند‘ نہ، پر ’روايت پرست‘ آهي. ڪيميائي ڀاڻ هجي يا آزاد نظم، اسان کان اَڳ ۾ ٻيا اُن کي قبول ڪندا. اَڃا بہ موهن جي دڙي واري بيل گاڏي پئي هلي، اَڃا بہ سنڌي اَدب ۾ سگهڙپائي، ڏٺ، ڏور، ڳُجهارت ۽ هنر موجود آهن.
اسان جي شاعريءَ سان بہ اِها حالت آهي. هڪ رَوايت جو بُنياد پيو تہ صدين تائين اُن کي چُھٽيا پيا هونداسين، اُن کي بدلائڻ يا اَڳتي وَڌائڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارن تي اُلرون ڪنداسين، اُن کي پنھنجو اَدبي ورثو سَڏي، اُن جي حِفاظت ڪرڻ کي مقدس فرض سمجهنداسين. حالانڪہ رَوايت بدلائڻ سان رَوايت مري نہ ٿي، اُها تہ تاريخ ۾ اَبدي حيثيت رکي ٿي. لطيف سائينءَ جي رَوايت کان اَڳتي هلي هائيڪو لِکيا ويا تہ لطيف سائينءَ جي اَهميت ڪانہ گهٽي، اسان جي اَدب کي هڪ قدم اَڳتي وَڌايو.
’بيت‘ بہ اسان جي هڪ اَهڙي رَوايت آهي، جيڪا قديم وقت کان اَڄ تائين هلي اَچي. اُن جي موضوع ۾ تبديلين جو واقع ٿيڻ واقعي سُست رفتار آهي. پھريون پھريون لطيف اُن ۾ نواڻ آندي، پوءِ سچل سرمست پنھنجو رنگ ڀريو ۽ هاڻوڪي دؤر ۾ شيخ اَياز اَڌ صدي اَڳ اُن ۾ جديد موضوعن کي سَمايو. اَڄ بہ بيت لِکيو وڃي ٿو، پر اُهو يا لطيف جي رنگ ۾ آهي يا سچل جي رمز تي، يا اَياز جي اِسٽائيل ۾ يا مورڳو سُگهڙن جي طرز تي.
يوسف شاهين جو هي ننڍڙو مجموعو اُنھن سڀني رَوايتن کان هٽيل آهي. هن اَياز وانگر نوان موضوع تہ ڏِنا آهن، پر سندس ايپروچ (Approach) نرالي آهي. هن جي بيتن جو موضوع گهڻو ڪري اِنسان جي دردناڪ حالت آهي. اِنسان رَوايتي جنت جي ڳولا ۾ هن جھنم جھڙي دُنيا ۾ پڄري رهيو آهي، وري بہ اَڳتي لاءِ اُن کي دوزخ ئي نظر ٿي اَچي.
تون ڏاتار، تون ڏڍُ، دوزخ باهِہ اُجهاءِ،
تون خلقيو خوب هوءِ، سو واٽون تون واجهاءِ،
رِجهيل رُوح رِيجهاءِ، دانھون ٿين دوزخ ۾!

-
تون سَتار، تون غفار، تون وٽ جنت جاءِ،
مکڻ، ماکيون، ميوا، اُتِ اَڻ مَيا ڏِناءِ،
ڪوڙين بُکيا هتِ سُمھن، جيئڻ تَن نہ جاءِ،
دل دانھن ريءَ نہ رهي، ماٺِ مون مَ جُڳاءِ،
ڪھڙي مُنھن اُچانءِ، ڀائرَ منھنجا بُکَ ۾.
-
تون جبار، تون قھار، تو وٽ دوزخ باهِہ،
ڪَھہ مَ ڪرين ڪھڪاءُ، دانھون ٿين دوزخ ۾.
-
دوزخ ۾ دانھون ٿين، تون بہ سُڻ ستارَ،
توهجي پرت پچار، ڪوڙين وِڌا ڪاٺَ ۾.
-
نانگَ، بلائون اُڀ ۾، پاليئي پالڻھار،
اِيئن مَ جُڳائي يارَ، جيئن ڏَنگي، ڏَڦي، ڏنجهہ ڏين.

’اِنسان‘ اَحسن التقويم آهي، مسلمان اَحسن التقويم ناهي:
تون ڏَمر، تون ڏاڍُ، تون ويري، تون وَڍَ،
ڪوئي نہ توهجي ڪڍَ، سڀَ کي جوف جنت جو.

۽ پوءِ هن ڌرتيءَ جي حالت ڇاهي ۽ جنت ۾ ماڻھو ڪيئن آهن.
هي سڀ بيت يوسف شاهين شِڪوي جي اَنداز ۾ چيا آهن. اِقبال جي شِڪوي جو اَنداز پنھنجو هو، حيدر بخش جتوئيءَ پنھنجي رنگَ ۾ شِڪوو لِکيو، يوسف شاهين جو رنگ اَلڳ آهي.
ڏاڍو ڏاري ڏَنڀَ ڏي، ڏند ڪرٽي ڏاٺَ،
لوڪ لُڇائي لُـرَ ڪري، وجهي ڪاٺئون ڪاٺَ،
هاڻ مِٺي ناھہ ماٺ، رِيھہ ڪر تہ راهَه جُڙي.

اَڳئين دؤر ۾ ’مُونن ۾ منھن وجهڻ‘ شرافت جي نشاني هئي، پر هاڻي تاريخ اَڳتي وَڌي آئي آهي:
وجهي منھن مُونن ۾، ويٺو ڪري بڪَ،
سوڍو سُوريءَ چڙهيو، پوءِ بہ ناهي پڪَ،
ويري وجهي چڪَ، تہ مرڻ وارو ڇو نہ مُئو!

يوسف شاهين پنھنجي سُرن جي ترتيب ۾ ڪلياڻ، سارنگ ۽ ڪيڏاري سان گڏ هڪ نئون ’سُر سنڌ‘ شامل ڪيو آهي. ’سُر سنڌ‘ اسان جي دؤر جو سُر آهي، اُهو موضوع، فارسيءَ جي رَوايتي معشوق جي موضوع وانگر، هن دؤر جي شاعرن جو مرغوب موضوع آهي. سنڌ جي سُھڻن نظارن جو بيان اسان جي جديد شاعريءَ جي سَراپا، تہ اسان جي محبت جو اِظھار اسان جي رومانويت، اُن جي ڏُتڙيل حالت تي ڏُک، اسان جي غم پسندي ۽ اُن جي مستقبل جي اُميد اسان جي رجاعيت، سنڌ جي لاءِ سِر ڏيڻ جو موضوع اسان جو رجز ۽ ڪيڏارو، سنڌ جي دُشمن جي گِلا اسان جي هجوَ، اُن جي سُورمن جي تعريف اسان جي ’وير گاٿا‘ تہ اُن جي شان ۾ شاعري اسان جو قصيدو آهي. هر طرح سان، هر زاويي کان سنڌ کي ڳايو ٿو وڃي ۽ يوسف شاهين بہ پنھنجي اَنداز ۾ ’سُر سنڌ‘ ڳايو آهي.
ڪجهہ سال ٿيا، يوسف شاهين جو ڪتاب ’اَنالحق‘ ڇپيو. اسان جي بدقسمتي اِها، جو ڪتاب اُردوءَ ۾ هو ۽ سنڌ ۾ گهڻن ماڻھن نہ پڙهيو. اُردوءَ وارن جي بدقسمتي اِها، جو ڪتاب هڪ سنڌيءَ لِکيو ۽ ڪتاب جي بدقمستي اَها، جو اُهو اَنگريزيءَ ۾ نہ هو ۽ اُن کي يوسف شاهين لِکيو هو. جي اِهو ڪتاب اَنگريزيءَ ۾ ڪو مشھور مصنف لِکي ها تہ وڏي ڳالھہ ليکجي ها. اِهو ننڍڙو ڪتاب سڄي دُنيا جي ضمير جي جهنجهوڙڻ لاءِ ڪافي آهي. يوسف شاهين جو هيءُ ڪتاب بہ هڪ درد مند دل جي صدا آهي، هڪ ضمير واري ڏاهي جي دانھن آهي، هڪ اَهڙي اِنسان جو شِڪوو آهي، جيڪو هتِ بہ پڄري رهيو آهي ۽ اَڳتي بہ پڄرڻ کانسواءِ ڪجهہ بہ نظر نہ ٿو اَچيس.
اِهو نہ چوندس تہ ڪو يوسف شاهين وڏو تير هنيو آهي، پر ايترو ضرور آهي تہ يوسف شاهين جو هي ڪتاب سنڌي شاعريءَ جي ماٺار ۾ ڪي لھرون ضرور اُٿاريندو، ڪيترن ئي عام ماڻھن توڙي ڏاهن جي دلين کي ڀِڄائيندو ۽ ذهنن کي سوچڻ لاءِ مجبور ڪندو. اِهو ئي تہ شاعريءَ جو ڪم آهي!

] 16 سيپٽمبر 1979ع[

تاج بلوچ: شعورَ جو شاعر

مون اُنھن ٻن اَکين کي اَڳ بہ ڏِٺو هو
بند هوندي بہ سَدائين کُليل اَکيون.
خاموش، پر اُونھيون ۽ ڳالھائيندڙ اَکيون.
شفق جي لالائيءَ جيان ڳاڙهيون اَکيون.
ٽانڊي جيان ٻَرندڙ اَکيون.
ڪنھن وارياسي تي وَڏڦڙو ٿي وسندڙ اَکيون.
ڪنھن جي درد تي اَرتو اوتيندڙ اَکيون.
ڪنھن يتيم جي مٿي تي مھرَ ٿي وسندڙ اَکيون.
ڪنھن بيواھہ لاءِ پناهگاھہ اَکيون.
ڪنھن بُکئي، ڏُکئي جي پيڙا تي تڙپي پوندڙ اَکيون.
روئيندڙ اَکيون، کِلندڙ اَکيون.
ڏاڍَ جي ڏيلَ ۾ بڙڇي بڻجي لَھي ويندڙ اَکيون.
نادان اَکيون، داناءُ اَکيون.
بي خبر اَکيون، باخبر اَکيون.
سڀني اِنھن اَکين کي اَڳ بہ ڏِٺو هو، پر ڪنھن کي گُمان بہ نہ هو تہ اِنھن ٻن اَکين جي مختصر جهولَ ايڏي ڪُشادي هوندي، جو اَنت تري تائين سمورين رنگبرنگي گهراين، رمزن ۽ اِسرارن کي ڀري وٺنديون.
ڪنھن کي پَتو بہ نہ هو تہ اُهي ٻہ اَکيون پنھنجي سموري ڄاڻ - اَڄاڻ وسيلي صدين جي لِڪل ڄاڻ کي اِيئن سَربستو بيان ڪري ڏيکارينديون.
ڪنھن کي بہ ڄاڻ ڪانہ هئي تہ اِهي اَکيون ڏُورانھين درد جي اَحساس کي ايڏو اَثر ڏيئي سگهنديون، جو ڪنھن پٿر جي بُت ۾ ساھہ وجهي، اُن جي سُونھن کي نواڻ ۽ اَبديت بخشي سگهنديون.
پر سچ پُڇو تہ مون کي خبر هئي،
مون اُنھن ٻن اَکين جي چمڪندڙ ماڻڪين ۾ سچ جا ڪِرڻا جرڪندي ڏِٺا هئا. مون اُنھن سَدائين جاڳندڙ اَکين جي گهري ڳنڀيرتا جي جادوءَ ۾ پاڻ کي جَڪڙندي محسوس ڪيو هو.
اَڄ اُنھن ٻن اَکين پنھنجي اَندر ۾ سانڍيل سموري مشاهدي، ذاتي ۽ اِجتماعي پيڙا جو اِظھار ڪيو آهي.
’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو!‘
هن جي اِظھار جو اَنداز بہ نِرالو آهي، چئي ٿو:
..... پٽين ويٺا پيٽ کي، نرتئون گُهري نانَ.
اُنھيءَ اِظھار ۾ هن ويھين صديءَ جي اُنھيءَ ڏُکوئيندڙ ڏُک - ناٽڪ جو ڪِلائميڪس ڏيکاريو آهي.
مون هن جي ٻنھي اَکين کي اَڳ بہ ڏِٺو هو:
بي خبر اَکيون، با خبر اَکيون.
مون کي هاڻ خبر پئي آهي تہ اُنھن ٻنھي اَکين پنھنجي سموري ڄاڻ - اَڄاڻ وسيلي، صدين جي لِڪل ڄاڻ کي سَربستو بيان ڪيو آهي.
’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو!
يوسف شاهين شايد هن ملڪ جو پھريون شاعر هجي، جنھن بنھہ ٿوري عرصي ۾، ٿورو ئي سھي، پر نھايت ڳنڀير، وقتائتو، اَثر اَنگيز ۽ جرئتمندانہ تخليقي عمل ڏِنو آهي، جيڪو پڙهندڙن کي اُتساھہ ڏئي ٿو.
شاهين، ڀٽائيءَ جي گهاڙيٽي ۽ ٻوليءَ جو اَستفادو ڪندي، بنا ڪنھن نعريبازيءَ جي اُهو ڪجهہ ڏِنو آهي، جنھن جي نئين شاعر کان توقع ئي نہ هوندي آهي. اِهو هن جي فن جو ڪمال پڻ چئبو، ڇو تہ سندس پھرئين شعري پورهئي ۾ نہ تہ ڪنھن اَڻ ڏِٺي محبوب ’اَحمرين لبن‘، ’شمڪ بُو زلفن‘، ’گُداز جسم‘ ۽ ’دراز قد‘ جي واکاڻ مِلي ٿي ۽ نہ ئي ’بامَ‘ تي بِيٺل ڪنھن ’دوشيزا‘ جو قصيدو ۽ نہ ئي ڪنھن چُوپيل، چَٻاڙيل ۽ مُدي خارج بِيمار، داخلي ۽ سَطحي رومانيت جو اولڙو ۽ نہ ئي سندس ڪلامَ ۾ ڪنھن ’جديديت‘ جي ماريل ذهن جي اِنتشاري ڪيفيت جو ڪو اِشارو. هن نہ تہ ٺلھي لفظن جي جادوگري ڪئي آهي ۽ نہ ئي ڪِٿي مشاهدي جي مارَ کاڌي آهي.
شاهين پنھنجي دؤر جي اُڀرندڙ مسئلي تي قلم کنيو آهي، جيڪا هن دؤر جي وڏي ۾ وڏي گُهر آهي. سندس تخليقي عمل هڪ عام سنڌي خواندي کان وٺي ڪنھن گهڻ پڙهئي قاريءَ لاءِ سوچَ جا وڏا وڏا دائرا ڦھلائي ٿو. هن پنھنجيءَ سوچَ جي ڀالن سان ورتل سج تي حملو ڪري، کيس اُونداھہ کان آجو ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪو هن دؤر ۾ وڏي ۾ وڏو ۽ اَنوکو علمي ۽ اَدبي ڪارنامو آهي.
سندس فڪر کان هٽي، جيڪڏهن شاهين جي ڪلام جي گهاڙيٽي ۽ لفظن جي سِٽاءَ تي سوچبو تہ هن خيال کي رُڳو سُھڻن لفظن جي ٽياس تي لڙڪائڻ جي ڪوشش نہ ڪئي آهي، پر اُن جي اُبتڙ آسان، مُروج ۽ سمجهہ ۾ اِيندڙ لفظن جو سَھارو وٺي، درد جي اَنگاس تي لڙڪيل ويھين صديءَ جي اُنھيءَ اَزلي درد جو نوحو لِکيو آهي، جيڪو سُقراط کان وٺي هر دؤر ۾ زهر جو پيالو پيئندو ئي آيو آهي. هڪ ’نوآموز‘ ۽ ’مبتدي‘ شاعر هوندي بہ هو ڪيترن ئي ڪُھنہ مشق ۽ قدآور شاعرن جي قطار ۾ اَچي بيٺو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو اِلھامي شاعر نہ آهي، پر هن جو ڪجهہ سَرجيو آهي، اُهو سندس تخليقي ڪربَ ۽ شعوري ڪوشش جو نتيجو آهي.
شاهين جي شاعريءَ جي سڀَ کان وڏي خوبي اِها آهي تہ هو ذات جي قيد ۾ بند نہ آهي، هن جي سوچَ ۽ فڪر جو دائرو لامحدود ۽ گهڻي معنى رکندڙ آهي. شاهين جي ڪلامَ ۾ اِنسان ذات جي لڳاتار ڀوڳنا واري ڏُکوئيندڙ ڏَنج جو شايد اَحساس مِلي ٿو، جيڪو نہ رُڳو پڙهندڙ کي بيچين ڪيو ڇڏي، پر اُن بيچينيءَ کي صحيح گَسَ تي لَڳائڻ واري لاٽَ پڻ نظر اَچي ٿي. سندس اُنھيءَ فني خوبيءَ کي ڏِسي چَوڻو پوي ٿو تہ سندس پورهيو سَجايو آهي، ڇو تہ هن ڀُتي، ڀُرندڙ ۽ اُڏوهيءَ کاڌل سماج کي ڊاهڻ خاطر سماجي بيچيني ڦھلائڻ لاءِ جيڪو منصب ڪنھن قلمڪار تي عائد ٿئي ٿو شاهين اُن منصب ۽ اَدب جي سماجي ڪارج کي ڪافي حدَ تائين پورو ڪيو آهي ۽ اُن جي تڪميل لاءِ پاڻُ اَرپڻ وارن آدرشي جذبن جو عملي اِظھار پڻ ڪيو آهي ۽ لڳاتار ڀوڳنا واري فلسفي کي ردِ ڪندي، ماڻهپي جھڙي جياپي واري موتَ جو آسوند آهي.

علي بابا: ڏاتِ ڏِياچَ جي (يوسف شاهين جي شعر تي هڪ نھارَ)

ڪوئي نہ سَڀرو سال، سُورن سي ئي سَنڌَ!

هيءَ صدي، مھاڀاري سائنس جي صدي آهي. هن صديءَ جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو اِهو آهي، جو اِنسان پولار ۾ جيترو مٿي ويو آهي، ذهني طرح اوترو ئي موتَ جي پاتارن ۾ پيھي ويو آهي. ڪي ماڻھو اَبر جي اُهاءَ کي اَندر ۾ پَسي وٺندا آهن.
يوسف شاهين جي هن ننڍڙي شعر جي ڪتاب ’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ کي پڙهي اِيئن ٿو ڀاسي، ڄڻ ’اَبر جو اُهاءُ‘ يوسف شاهين جي اَندر ۾ ڄمڻ جي پڳرين دانھن سان پيھي ويو هو...!
’اَندر ۾ اُهاءَ‘ کان گهڻو اَڳ يوسف ’اَنالحق‘ جو نعرو هڻي چُڪو آهي تہ: ”آءٌ سچَ جي واٽَ تي آهيان.“
مان قمر شھباز ڇا، شمشير جي راءِ سان بہ اِتفاق نہ ٿو ڪريان تہ يوسف ڪو هڪ مھيني جو شاعر آهي. يوسف جي شاعريءَ جي اَندر جي پالوٽ ايتري ئي پُراڻي آهي، جيڏي سندس ڄمارَ. يوسف جي شاعري بہ اِمداد يا اَياز جي شاعريءَ جيان بانبڙا پائيندي آئي آهي، رُڳو سندس اُهاءَ جي ٻاڦَ کڻي دير سان نڪتي آهي، بنھہ سندس ئي هڪ سِٽ جيان:
ڦَٿڪي، ڦيريون ڏئي، وڄُ، واڄَ وڄايا.
يوسف جو ڪتاب ’اَنالحق‘ جڏهن سوکڙيءَ طور مون کي مِليو هو تہ رُڳو ڪتاب ۾ ڇپيل تصويرون ڏِسي، نيڻن پڙهڻ کان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو هو. اُهو ڪتاب هڪ صديءَ جي اِنساني جنگين مٿان هڪ ڪاپاري ڌَڪ هو. سچ، مان تہ اِيئن ٿو وسھان تہ يوسف يا تہ هِيرو شِيما تي بم ڪِرڻ جي دانھن آهي يا ناگاساڪيءَ تي بم ڪِرڻ جي ڏهڪاءَ جو وياو، ”اَندر ۾ اِنڊلٺ جيھو کڻي اِيندڙ اُهاءُ.“
ڏري ڏيھہ ڏُک ۾، اَندر اَهنج اَڙيون.
(يوسف جو آءٌ سخت مخالف آهيان، اُنھيءَ کي اوهان منھنجي اَدبي بئماني چئو يا جيلسي، جو ڪجهہ بہ...) مان ساڻس ڪڏهن گارِ طور بہ ڪندو آهيان، پر جڏهن يوسف جي مُرڪ ڏِسندو آهيان تہ کن لاءِ هروڀرو ماٺارِ وڪوڙي ويندي آهي. مان پُنر جنم يا آواگون ۾ وشواس نہ رکندو آهيان، پوءِ بہ يوسف مون کي ٻئي يُگ جو ماڻھو لڳندو آهي، ٽھڪَ ٽھڪَ نہ؟؟.....ڇو؟.....
موهن جو دڙو، ڪپل وستو، اَجنتا، ٽيڪسلا، گنڌارا، ويٽنام، اَنگولا، ڪيوبا، جپان، رُوس، هندستان، سنڌ، فرانس، مڊل اِيسٽ، خبر نہ پوندي آهي تہ يوسف جو چھرو، ڪھڙي ڏيھه، پرڏيھہ جو چھرو آهي، ڪھڙي ملڪ جي لوليءَ ۽ گوليءَ جو گهايل آهي، سچ! سُھڻو اَهڙو آهي، جھڙو زليخا جو يوسف.
منھنجو ڏيھہ نہ ڪو پرڏيھُه.
يوسف موهن جي دڙ ي جي اُها ڀٽڪندر آتما آهي، جيڪا روشن راهن لاءِ ’اَندر ۾ اُهاءُ ڀريو‘ اُونداهي ڌرتيءَ تي ڀٽڪندي ٿي وتي.
واڪا ڪنديس وو، مون سان جبل ٿو جاڙو ڪري.
شاھہ
يوسف جا پھريان ٻہ ڪتاب، جي نثر ۾ لِکيل آهن، خبر پوي ٿي تہ يوسف پرٿويءَ تي سَرحدون ٽوڙيندڙ ماڻھو آهي، حدون لَتاڙيندڙ، لاحد ماڻھو. يوسف جو رُڳو هڪڙو وطن آهي، ڌرتيءَ جو گولو! ڇو نہ؟ سَرحدن جي لِيڪا نہ هن پرٿويءَ تي آهن، نہ سمونڊ ۾ ۽ نہ ئي پولارن پاتارن ۾، پوءِ ڌرتيءَ تي ’وال آف چائنا‘ ۽ ’رَني ڪوٽ‘ جيان ملڪ ملڪ ۾ ايڏيون ديوارون ڇو؟رُوس ۽ چين ٻئي ڪميونسٽ ملڪ آهن، پوءِ حَدبنديون ڇو؟ ڀلا پرٿويءَ تي ڪھڙو ملڪ آهي، جيڪو هڪٻئي سان مھاڀاري جنگين ۾ جُٽيل نہ آهي؟ (يا اِرادن ۾ ناهي.) آدجگاد کان سڄي اِنساني تاريخ جنگ، قتل و غارت سان ڀري پئي آهي. ڪو آهي، جو ٻُڌائي سگهي تہ سرد جنگ ڪڏهن گرم جنگ جو رُوپ اِختيار نہ ڪيو آهي؟ اَڄ ڌرتيءَ جي گولي تي اَسين ڪيترو بہ کڻي ”اي فير ويل ٽو آرمز.... اي فير ويل ٽو آرمز“ ڪريون، پر اَسين هٿيارن کي نہ ٿا ڇڏي سگهون. شايد اِن لاءِ تہ وقت جي وهڪري جي تاريخ پڙهڻ سان محسوس ٿئي ٿو تہ جنگيون ۽ وڏي ويڙهاند اِنسان جي وڏي ۾ وڏي جبلت رهندي پئي آئي آهي. (اِن ڳالھہ کان اِنڪار پڻي کي ويساھہ گهاتي چئي سگهجي ٿو.) اِنسان، جانورن جو رت ۽ ماس کائي ٿو، وحشي پڻو ۽ ڪُھہ ڪُھان اِنسان جي وڏي ۾ وڏي ڪمزوري آهي.
اَڄ جي دُنيا سائنسي مواصلاتي نظام ڪري سُسي، ڏاڍي ننڍي ٿي ويئي آهي. جو ڪجهہ ڪمپوچيا ]ڪمبوڊيا[ ۾ ٿي رهيو آهي، اُهو جتي ڪٿي ٿي رهيو آهي ۽ اُهو سڀ اَسين کُليل اَکين سان پيا ڏِسون. يوسف جي لفظن ۾ ئي سَھي:
ڏانجهن تي ڏانجها، سٺ سونل سنڌ،
ساري سُھانجا، وجودئون وڄ ٿي!

ڪجهہ ماڻھو دل جا ڏاڍا غرا ٿيندا آهن.
جو ڀي ڪانھن ڪپيو آهي، منھنجي ڪَنڌيءَ جو آهي.
۽ اِمداد اَڄ بہ ڪلوپترا جو جيوليس سيزر ٿيو بِيٺو آهي. بروٽس سامھون ۽ بروٽس جي سڀني شوڪيسن ۾ رُڳو ڀالا ۽ بڻڇيون آهن، يوسف؟ يوسف بہ اِهو ئي شڪوہ کڻي آيو آهي.
ڳالھہ ڪر ميان، اَٿئي ڪھڙو سُور،
موٽڻ ناهي مُور، ڌڪُ وَهاءِ تہ ڌڙ ٿئين.

هيءَ سِٽ شاھہ عبداللطيف ڄڻ يوسف جيھن ماڻھن لاءِ چئي آهي:
مَتارا مري ويا، موکي تون نہ مرين،
ويٺي سُورَ چرين، موکي مَتارن ري.
يوسف سَچي بنھہ سُور چَرندو آهي، ڏُڪاريل ٿر جي ڌڻ جيان. يوسف اِها سِٽ ڄڻ تہ سچي بہ پاڻ لاءِ لِکي آهي. هونئن بہ هڪ سچي ليکڪ جون لِکڻيون سندس اَندر جو پڙلاءُ هونديون آهن ۽ يوسف جڏهن بہ لِکندو آهي تہ وڏي کوجنا ۽ مڪمل اَعتماد سان لِکندو آهي.
سِسي، ساهُه ۽ سَٽَ، ٽيئي پَرتا پاڻ ۾.
يوسف جو شعر پڙهي ايِئن ڀاسندو آهي، ڄڻ يوسف جي نيڻن ۾ ’شاھہ‘ جي پڻي عالمي راڙو بڻجي، وايومنڊل ۾ ڦولارجي رهي آهي، اُن ڪري يوسف لاءِ علي الاعلان چئي سگهجي ٿو:
”يوسف هن پرٿويءَ تي سُرڳ سمان ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ کان ڪم وٺي رهيو آهي. هن کي جنگ، قتل و غارت ۽ اِنساني وحشي پڻي کان ايڏي وڏي ڌِڪار آهي، جو هن پنھنجو سمورو جيون قلم کي اَرپي ڇڏيو آهي، پرٿويءَ تي مڪمل اَمن ڏِسڻ لاءِ. مون کي اُميد آهي تہ يوسف پاڻ کي هن صديءَ جو وڏو پيغامبر ثابت ڪري ڏيکاريندو.“
اوکو ماڳ عشق جو، اوکو اَرپڻ اَنگُ،
اُڃيا جي اَزل کان، سي چورين چنگُ،
اَڌ ڪن اَرواحَ کي، رَتو ڏيئي رنگُ،
نڀائين ننگُ، ويجهو ٿي وصال کي.

مدد علي سنڌي: اِيندي مُند ملار!

”رات جي پوئين پھر ۾، ڪنھن شاعر جو بياض،
ٿڌڙي هِيرَ ۾، ورق ورق ٿي اُڏامي رهيو هو.
مون اُنھن ورقن کي ڏاڍي مشڪل سان گڏ ڪري،
چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ ويھي پڙهيو،
اُهي شاعر جا نوحا هئا.
هاءِ دُنيا! هاءِ زندگي! هاءِ ڌرتيءَ جا ڏُکَ!“
(هڪ ٿائي نظم)

ڪنھن وقت ۾ شاعري اَصل ۾ ديوتائن جي زبان هوندي هئي. ڌرتيءَ جي پالڻھار طرفان پنھنجن بندن سان خِطاب شاعريءَ ۾ ٿيندو هو. اُهي قديم مناجاتون، قديم مصر جي عبادتگاهن مان هٿِ آيل دُعائون يا ننڍي کنڊ جا اِتھاسڪ پُراڻا گِيت، رُگويد جون رَچنائون سڀ شاعري آهي. دؤر جاهليت جي عربي شاعريءَ کان ويندي مصر جي پيپائرز تي لِکيل عشق جا گِيت ٻُڌائين ٿا تہ اِنسان جي ذهني تخيل ڪيڏي نہ وشال هئي. علمِ عروض جي بيان ۾ هڪ هنڌ آيل آهي تہ: ”اَبو عبدالرحمان الخليل اِبنِ احمد بن عمر تميم البصريءَ کي سندس هڪ دُعا جي عيوض، جيڪا هن مڪي شريف ۾ ڪئي هئي، هن کي علم جو اِلھام ٿيو. پوءِ هن علمِ عروض تي هڪ ڪتاب لِکيو.“ شاعري بہ اِلھام جو هڪ قِسم آهي. ’شعر‘ لفظ بُنيادي طور تي ’شعور‘ مان نڪتل آهي، جنھن جي معنى آهي ’اَحساس ڪرڻ‘.
هڪ ٻيو عربي عالم علامہ اِبنِ رشيق پنھنجي هڪ ڪتاب ’اَلحمدہ‘ ۾ شاعريءَ کي يا شعر جي بُنياد کي چئن ڳالھين ۾ ورهايو آهي. پھريون لفظ، ٻيو وزن، ٽيون قافيو ۽ چوٿون معنى ۽ قافيو.
بھرحال اِها ٿي منطقي ڳالھہ. اَصل ڳالھہ اِها آهي تہ اِنسان جي اَندر ڪائي ٻي دُنيا وَسي ٿي، جنھن کي هر ڪوئي نہ، پر ڪو ڪو ماڻھو پَسي ٿو. هر ماڻھو شاعر نہ آهي. هر ماڻھو زندگيءَ کي، زندگيءَ جي اِنتھائي سُونھن ۽ سوڀيا کي، زندگيءَ جي دلڪش نظارن کي، رات جي اُونداهيءَ ۾ ٽِم ٽِم ڪندڙ تارن، سانجهيءَ ٽاڻي لَھندڙ سِج ۽ شفق جي رنگن، اُماوس جي ڪارين راتين، چوڏهينءَ جي چانڊوڪيءَ ۾ وهنتل وايومنڊل کي، بدلجندڙ رُتن جي هُڳاءَ کي، حُسن ۽ صداقت کي نہ ٿو محسوس ڪري سگهي، اُهو سڀ ڪجهہ فقط ڪي ڪي ماڻھو محسوس ڪري سگهن ٿا. اِهو ئي سبب آهي، جو مشھور شاعر ’پئبلونرودا‘ پنھنجي شاعريءَ کي ’اَندر ۾ اُونھائيءَ جو سَڏ‘ لِکيو آهي. ڪنھن بہ ماڻھوءَ جي اَندر ۾ عميق جھڙي اُونھائي پاڻمرادو ڪونہ جنم وٺندي آهي، اُن جو ڪارڻ وقت جا لاها چاڙها۽ زماني جون بي رحم حالتون هونديون آهن. ڪنھن بہ جينيس يا وقت جي ڏاهي ماڻھوءَ جي سُڃاڻپَ اِها هوندي آهي تہ هو پنھنجي لِکڻين وسيلي ڄاتو سُڃاتو وڃي.
جڏهن اِنسان جي زندگيءَ جا تجربا هن جي سوچَ ۽ فڪر کي جِلا بخشين ٿا، تڏهن مٿس ڏاهپَ ۽ اُونھي سوچَ ۾ وڃڻ جي سگهہ بہ جنم وٺي ٿي. شاعر بہ پنھنجي دؤر جو هڪ حساس ماڻھو هوندو آهي. جڏهن کان هيءَ دُنيا وجود ۾ آئي آهي، تڏهن کان شاعري بہ اِنساني زندگيءَ سان گڏوگڏ سفر ڪندي پئي اَچي. ’شاڪيه مُني‘، يعني گوتم ٻُڌ بہ پنھنجي دؤر جو هڪ وڏو ودوان هو. سندس جنم اَڍائي هزار ورهيہ اَڳ ’ڪپل وستو‘ ۾ ٿيو. ٻُڌ پنھنجي دؤر جو هڪ وڏو ڏاهو اِنسان هو، کانئس ڪيترائي ورهيہ اَڳ ’مھاوير‘ جنم ورتو هو. هر دؤر ۾ ڪونہ ڪو گوتم ٻُڌ ضرور پيدا ٿيو هوندو، هر سوچيندڙ ذهن بہ هر دؤر ۾ پيدا ٿيندو پيو اَچي، هر ڪلاڪار هر دؤر ۾ جنم وٺي ٿو، فرق فقط اِهو آهي تہ هر دؤر جي ليکڪ جي سچائي ۽ سوچَ جي تخيل هڪٻئي کان مختلف ضرور ٿئي ٿو، پر هر دؤر جي شاعرن ۽ پيغام ڏيندڙ حساس ليکڪن جا زباني ٻول پنھنجي دؤر جي عوامَ کي بيحد متاثر ڪندا پيا اَچن. ڪيترن ماڳن ۽ ملڪن ۾ اَهڙن ماڻھن پنھنجي شاعريءَ ۽ گُفتن وسيلي دُنيا کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ماڻھن تي شاعرن جي شاعري، ديوتائن جي مناجاتن ۽ پيغمبرن جي اِلھامي ڪلام وڏو اَثر ڪري، سندن دُنيا پئي بدلائي آهي. ماڻھو بُنيادي طور تي ڏاڍو ويچارو ٿو ٿئي. هن جي اَندر ۾ ڪيترن ئي اِسرارن جي دُنيا آباد آهي، اُن دُنيا ۾ هن جا ڊَپَ، هن جون خواهشون، هن جون اُميدون، هن جا خيال، هن جا تصور، هن جون ڪلپنائون سمايل آهن، اُهي سموريون اُونداهي آسمان تي ٽِم ٽِم ڪندڙ تارن جيان ڪڏهن اُجهامنديون آهن تہ ڪڏهن روشن ٿينديون رهنديون آهن. اُميدن جي شمع يا شعاع ئي ڪنھن مشعل وانگر اِنسان کي، جيڪو ٿڪل ۽ ٽُٽل ڪنھن مسافر وانگر ٿو ٿئي، اَڳتي وَڌڻ جي سگهہ پئي ڏيندي آهي.
شاعري يا اَدب، جيڪو تخليقي آهي، اِنسان کي ڪنھن اَڻ ڏِٺل دُنيا ۾ وڃي ٿو پھچائي. ڪنھن بہ شاعري يا نثر جو اَڀياس ڪرڻ سان اِنسان کي پنھنجي وجود جو حقيقي معنى ۾ اَحساس ٿيندو آهي. قديم هند ۽ يوناني شاعري يا لاطيني اَدب يا وري دؤر جاهليت جي عربي شاعري ۽ خود فارسي شاعري، عوام جي زندگين تي باڪمال اَثر ضرور ڇڏيا آهن.
سنڌي شاعري قاضي قادن کان وٺي شاھہ عبداللطيف ڀٽائيرح تائين ۽ ڪِشنچند ’بيوس‘ کان وٺي شيخ اَياز، نارائن شيام ۽ اَڄ جي جديد سنڌي شاعرن تائين هڪ دؤر جي عڪاسي ڪري ٿي. اَڄ کان 31 ورهيہ اَڳ 1979ع جي پڇاڙي يا خدا پاڪ نہ ڀُلائي تہ 1980ع ۾ جڏهن يوسف شاهين جي شاعريءَ جو ڪتاب ’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ شايع ٿيو تہ اُن وقت سنڌي اَدب جي دُنيا ۾ وڏو چوٻول مَچي ويو هو. اُن وقت مون کي ياد آهي تہ سندس لِکيل بيتن ۽ واين بابت ڪيترين ئي اَدبي ڪچھرين ۾ ذڪر ضرور ٿيندو هو. مون کي سندس هڪ بيت اَڃا تائين ياد بِيٺو آهي:
پرين پَسڻ ڪاڻ، واجهايان واهُون،
سَدا سُپرينءَ لئہ، دل اَندر دانھُون،
اِهي منھنجون آهون، اَڄ بادل بڻجي آيون.

بادل بڻجي اَچڻ جو اِستعارو مون کي ڏاڍو وڻيو هو. اِنسان جي آهَه بہ بادل وانگر جڏهن مٿان اَچي پوندي آهي تہ بادل وانگر روئاڙيندي بہ آهي تہ پاڻ بہ روئندي آهي.
يا سندس هيءَ وائي ڄڻ دؤر هر دؤر جي ڏُکويل ماڻھن جي دلين جو آواز آهي:

ڳلي ڳلي ڳائي، ڏِيان ڏسَ هزار،
ماندا ٿيو نہ ماڻهئا، اِيندي مُند ملارَ،
اِيندي مُند ملارَ!
ڏُکئي هن ڏيھہ تان، باري لَھندا بارَ،
اِيندي مُند ملارَ!
ويندي رات رَڙي، پَسي پرهَہ پارَ،
اِيندي مُند ملارَ!
لَھندا ’يوسف‘ لوڪَ تان، اَڻ مَيا آزارَ،
اِيندي مُند ملارَ!

يوسف شاهين جي شاعري ۽ نثر پنھنجيءَ جاءِ تي دلڪش ۽ ڏاڍا وسيع آهن، هو پاڻ هڪ هنڌ پنھنجي شاعريءَ بابت لِکي ٿو:
”جيتري قدر شاعريءَ جو تعلق آهي تہ آءٌ 1979ع تائين شاعر نہ هُيس، نہ ڪڏهن شاعري جي هڪ سِٽ لِکيم، نہ شاعر ٿيڻ بابت ڪڏهن سوچيم. هڪ رات تاريخ جو مطالعو ڪندي خيال پيم تہ مون کي شاعري ڪرڻ گهرجي ۽ اُن رات مون چار بيت لِکيا ۽ اُن کانپوءِ لِکندو رهيس.“

يوسف شاهين نہ رُڳو هڪ حساس شاعر آهي، پر بيحد وسيع مطالعو رکندڙ اَهلِ دل ۽ اَهلِ علم اَديب بہ آهي، بلڪہ هو هڪ ئي مھل ڪميٽيڊ ليکڪ پڻ آهي. جيئن ’پئبلونيرودا‘ حقيقي معنى ۾ هڪ سياسي فرد هو، جيڪو پنھنجو هڪ نظريو رکندو هو، جنھن تي هو سڄي ڄمار ڪاربند رهيو. ’نيرودا‘ چوي ٿو تہ: ”تاريخ ۾ سدائين هڪ شاعر جو هڪ ئي رُتبو ۽ شاعريءَ جو اِهو مَرڪ رهيو آهي تہ هو گهٽيءَ ۾ وڃي ۽ ڪنھن نہ ڪنھن لڙائيءَ ۾ ضرور بھرو وٺي.“ تيئن يوسف شاهين بہ چوي ٿو تہ: ”نظرياتي وابستگيءَ کانسواءِ بہ لِکڻ اِيئن آهي، جيئن ڍنگرن تي اَٽو هارڻ!“ هن جو فڪر پنھنجي جاءِ تي گهڻو ڪجهہ سوچڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو. بھرحال اِن حقيقت کان اِنڪار ممڪن ڪونھي تہ يوسف شاهين جي شاعري هڪ ڪميٽيڊ شاعر جو آواز آهي. هو صاحب سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل تي هڪ اُونھي طائرانہ نظر رکي ٿو، يوسف شاهين بُنيادي طور تي نہ رُڳو پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ تڙپي ٿو، پر هو ساڳئي وقت بين الاقواميت، عالمي اِنساني برادريءَ ۾ بہ اِيمان رکي ٿو. هر سُجاڳ ليکڪ وانگر هو بہ معاشرتي آزاديءَ جو خواب ڏِسندڙ ۽ سماج ۾ اَڻ برابريءَ جو خاتمو چاهي ٿو. هن جي ذهن جو ڪئنواس تمام وسيع آهي. جن ماڻھن سندس اَنگريزيءَ ۾ لِکيل ڪتاب ‘Rsie and fall of Gods’ پڙهي ڏِٺو هوندو، اُهي اِن حقيقت کان واقف هوندا يا وري شاهين صاحب جو ڪتاب ‘World confederation of the peoples’ پڻ سندس عالماڻي سوچَ جو اِظھار آهي. ’گليلو‘ وانگر يوسف شاهين بہ پنھنجي عھد جي جاهلانہ سوچَ، غير تخليقي خيال، ذهني جبر ۽ ڏاڍَ جي خلاف آهي. اُنھن سمورين مذهبي وارتائين کي هو نہ ٿو مڃي، جيڪي ماڻھن کي پوئتي موٽائڻ جي ڪوششن ۾ مشغول آهن. آءٌ ذاتي طور تي سمجهان ٿو تہ يوسف شاهين جو لِکيل ڪتاب ‘Rsie and fall of Gods’ ’گليلو‘ جي ڪتاب ‘Dialogue concerning the two chief wold system Problematic and Copernican’ وانگر آهي. ’گليلو‘ تي بہ وقت جي ڪليسا ڪاوڙجي کيس سڄي ڄمار گهر ۾ نظربند ڪري ڇڏيو هو، پر جھالت خلاف حق جو آواز بُلند ڪندڙن ۾ سندس نالو سڀ کان مٿانھون آهي. ساڍيون چار صديون گُذرڻ کانپوءِ بہ هو اَڄ زندھہ آهي ۽ تاريخ جي ڪتابن ۽ روشن خيال لکين عوامَ جي دلين ۾ سدائين روشن سجَ وانگر روشني ٿو پکيڙيندو رهي.
يوسف شاهين جو بين الاقواميت ۾ ويساھہ هوندي بہ سنڌ سان سندس ڪڏهن بہ نہ ڇڄندڙ پيچ اَٽڪيل آهي. هو هڪ وڏي حَساس شاعر ۽ عالم وانگر پنھنجي ڌرتيءَ سنڌ لاءِ اَندر ۾ وڏو هُڳاءُ رکي ٿو، سندس شاعري سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ هڪ اَملھہ اِضافو آهي. سندس نثر ۾ بي پناھہ سگهہ موجود آهي. هو هڪ ئي وقت شاعر، نثرنويس، صحافي ۽ تاريخ جو طالبِ علم آهي. مون کان سندس اُها تقرير اَڃا تائين نہ ٿي وسري، جيڪا هن اِسلام آباد ۾ ’اڪيڊمي آف ليٽرز‘ ۾ اَديبن جي ڪانفرنس ۾ ڪئي هئي. اُردوءَ ۾ ڪيل سندس اُنھيءَ تقرير اُتي واڄٽَ وڄآئي ڇڏيا هئا. شيخ اَياز وانگر يوسف شاهين کي بہ اَنگريزي ٻوليءَ تي وڏو عبور حاصل آهي. مٿي مون سندس لِکيل ٻن اَنگريزي ڪتابن جو ذڪر ڪيو آهي، اُهي ڪتاب دُنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڏي ناماچاري حاصل ڪري چُڪا آهن. تنھن کانسواءِ سندس لِکيل ننڍڙو ڪتاب ’فاتحن جي دُنيا‘ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ منفرد ڪتاب آهي، اُن ڪتاب ۾ هن تھذيبن، مذهبن ۽ تاريخ بابت پنھنجي آزادانہ راءِ جو اِظھار ڪيو آهي. هن جي اَندر ۾ جيڪو جُهونجهار ۽ مزاحمتي ليکڪ ويٺل آهي، تنھن کيس ڪنھن نہ ڪنھن جنگ ڪرڻ تي ضرور اُڀاريو آهي. هُن وقت جي شدادن، نمرودن ۽ فرعون صفتن سان مقابلو پڻ ڪيو آهي. مون کي شخصي طور تي اِن ڳالھہ جي بخوبي ڄاڻ آهي تہ هو ڪڏهن بہ ڪنھن جي آڏو سچ چوڻ کان نہ مُڙيو آهي، ڪنھن بہ حاڪم آڏو هن حق جي ڳالھہ ڪرڻ کان نہ ڪِيٻايو آهي. شاهين صاحب هڪ وڏو وقت جيل ۾ پڻ گُذاريو آهي، پر ترنگ جي اُن تيرٿ دؤران مون ڪڏهن بہ کيس ملول ۽ غمگين نہ ڏِٺو. بُنيادي طور تي پاڻ دائودپوٽو آهي، سنڌ جي شاهاڻي گهراڻي سان تعلق اَٿس، اُن ڪري شخصي طور تي هن جي طبيعت ۾ اُها بادشاهي بہ ضرور موجود آهي. مان کيس 1972ع کان وٺي سُڃاڻان، تڏهن هن هفتيوار ’برسات‘ رسالو جاري ڪيو هو. بعد ۾ شاهين صاحب روزاني ’برسات‘ ۽ اُها بہ ٻارنھن صفحن تي جاري ڪئي ۽ اُن ۾ چار وڌيڪ صفحا ’اِقتصاديات‘ لاءِ وقف ڪيا ويا. اُن وقت ’برسات‘ اَخبار سنڌ جي صحافت ۾ ٿرٿلو مَچائي ڇڏيو. شاهين صاحب اُن اَخبار ۾ اُپ کنڊ جي مھان ڪوي شيخ اَياز کي ايڊيٽر ڪري، اَچي ڪُرسيءَ تي ويھاريو، اُهو قدم خود هڪ تمام وڏو فيصلو هو. مون کي ياد آهي تہ اُهو دؤر شيخ اَياز لاءِ ڏاڍو عجيب هو، پاڻ سکر ڇڏي، اَچي ڪراچيءَ رهيو هو. تڏهن وائيس چانسلريءَ جي ڪري ڪيترا ڏِسڻا وائسڻا اَديبَ ۽ شاعر شيخ صاحب کان پاسو ڪري ويا هئا، اُهو محض اُن ڪري، جو ڪجهہ سڄڻ اَياز جي شاعريءَ آڏو پاڻ کي ڏاڍا هِيڻا ۽ ننڍڙو محسوس ڪندا هئا، باقي اَياز سان سندن ڪوبہ نظرياتي يا سياسي متڀيد جو سوال ئي نہ ٿي پيدا ٿيو. اصل ۾ شيخ اَياز بيحد معصوم ماڻھو هو، وڏو شاعر هو، پنھنجي دؤر سان گڏوگڏ اِيندڙ ڪيترين ئي صدين جو وڏو سامي هو. اَهڙن ئي ماڻھن لاءِ شاھہ لطيف چئي ويو آهي تہ:
سج سُڀاڻي جا ڪري، سائي ساميءَ روءِ!
اُن ڪري مٿس اَهڙن اَديبن، شاعرن ۽ دوستن جي ورتاءَ سبب ڊپريشن طاري ٿي ويئي هئي، پر جڏهن شيخ صاحب ’برسات‘ جو ايڊيٽر ٿيو تہ مون هن ۾ بي پناھہ خوشي محسوس ڪئي. هڪ ڀيري مان ’برسات‘ جي آفيس ۾ ساڻس ملاقات لاءِ ويس. يوسف شاهين ٻئي ڪمري ۾ موجود هو، شيخ صاحب ڏاڍي سُٺي موڊ ۾ ڪچھري ڪئي، بعد ۾ ’چائنا ٽائون هوٽل‘ ۾ منھنجي هڪ اَدب دوست، ساٿي سيد خادم علي شاھہ سان گڏ ڊنر ڪرڻ هليو ويو. اُن وقت هو ڏاڍو هشاش بَشاش پئي نظر آيو، ڄڻ شيخ اَياز تي جواني وري موٽي آئي هئي.
روزاني ’برسات‘ جو اُهو تجربو، سنڌي صحافت جو وڏو تجربو هو. ’هلال پاڪستان‘ ڪراچي جي اِجراءَ کانپوءِ اُهو ٻيو ڀيرو هو، جو سنڌيءَ ۾ ايڏي وڏي، بھترين اَخبار نڪتي هئي. بدقسمتيءَ سان ڪجهہ پنھنجن ئي سڄڻن هڪ سازش سِٽي، ڪجهہ وقت کانپوءِ شاهين صاحب گرفتار ٿيو، نتيجي ۾ هڪ وڏي رِٿا سان تيار ٿيل اَخبار سازشين جي سازش جو شڪار ٿي ويئي. روزاني ’برسات‘ جو اُهو دؤر عاليشان هو، اُها سڄي محنت هڪ شخص يوسف شاهين جي هئي. آءٌ سمجهان ٿو تہ شاهين صاحب، اُن ڪيل محنت جو ٿڪُ اَڃا تائين لاهي نہ سگهيو آهي. يوسف شاهين سچ پچ تہ هڪ لحاظ کان اُن ڪري بہ خوش نصيب آهي، جو کيس شيخ اَياز جھڙي مھان ڪويءَ جي محبت ۽ قرب نصيب ٿيو.
مون ڪِٿي پڙهيو هو تہ: ”هڪ ڀيرو شمس تبريز، ﷲ تعالى کان دُعا ڪئي تہ منھنجي ڪنھن اَهڙي شخص سان ملاقات ٿئي، جنھن ۾ برداشت جي سگهہ هجي، اُهو بھادر هُجي، طاقتور ۽ رُوحاني شخص هجي ۽ جنھن شخص جي وسيلي مان دُنيا کي اُها شئي عطا ڪريان، جنھن جو مون کي ورهين کان اِنتظار آهي!“
”پر اُن جي عيوض تون مون کي ڇا ڏيندين؟“ خدا تعالى هن کان پڇيو! شمس تبريز وراڻي ڏِني: ”پنھنجي زندگي!“
اَلائي ڇو ڪڏهن ڪڏهن آءٌ سوچيندو آهيان تہ جڏهن اِيندڙ دؤر جو مؤرخ شيخ اَياز تي قلم کڻندو، هن جي حياتيءَ جي هڪ هڪ رُوپَ تي ويھي بحث ڪندو تہ هو شيخ اَياز ۽ يوسف شاهين جي تعلقات کي ڇا رُومي ۽ تبريز وانگر ڀيٽيندو يا نہ؟ ڪھڙي خبر؟ پر اِن ڳالھہ تي ضرور ويساھہ اَٿم تہ شيخ اَياز بہ سنڌ جي تاريخ جي هر دؤر ۾ زندھہ رهندو. دُنيا جي عظيم مفڪر ’روسو‘ (Rousseau) وانگر هو اَمر آهي ۽ اَمر رهندو. تمام گهٽ ماڻھن کي اِن ڳالھہ جي خبر هوندي تہ سائين جي. ايم. سيد سان شيخ اَياز جو پَڇاڙيءَ ۾ پَرچاءُ بہ يوسف شاهين ڪرايو هو. تاريخ سندس اِن چڱائيءَ کي ڪڏهن بہ وساري نہ سگهندي. شيخ اَياز کي بہ يوسف شاهين سان بيحد محبت هوندي هئي، اَياز پنھنجي ٻن ڪتابن جي اَرپنا بہ يوسف شاهين جي نالي ڪئي آهي، تنھن مان سندن دِلي لڳاءَ جو بخوبي اَحساس ٿئي ٿو.
شيخ اَياز هڪ هنڌ لِکيو آهي تہ: ”شاعر زندگيءَ جي رفتار جو جذباتي سُونھون هوندو آهي ۽ پنھنجي مُبھم اَنداز ۾ سياستدان کان اَڳ تاريخ جا اَهم موڙ ڏِسي سگهندو آهي، پنھنجي تقدير جي باري ۾ بہ هن کي پروڙ پئجي ويندي آهي.“
يوسف شاهين جي شاعري هلندڙ دؤر ۽ اِيندڙ ڪيترن ئي دؤرن جو حقيقي آواز آهي. سندس ڪلام ۽ شخصيت سنڌي اَدب جو هڪ سنگِ مِيل آهي. هن جي سڄي حياتي ڪنھن جُهونجهار وانگر گُذري آهي، هن جي آدرش، هن جو نظريو پنھنجو آهي، هن جي پنھنجي هڪ دُنيا آهي ۽ اُن دُنيا ۾ هو هڪ پَٻَ جبل جيان اَڏول ۽ ڪڏهن بہ نہ جُهڪندڙ آهي، شمس تبريز جي هن شعر وانگر تہ:
جيڪا تنھنجي لاءِ آهي غروب،
اُها ئي منھنجي لاءِ آهي طلوع.
جيڪو تنھنجي لاءِ زندان آهي،
اُهو بھار رُت وانگر آهي منھنجي لاءِ.
(تبريز)

يا سچل چواڻيءَ:
صورت سڀ سُلطان، پاڻ ڏِسڻ آيو پنھنجو تماشو!
ڪاٿئين حنبل، شافعي، ڪاٿئين مالڪ نعمان،
ڪاٿئين پَٽي پوٿيون، ڪاٿئين پڙهي قرآن،
ڪاٿئين اَنالحق چوي، ڪاٿئين ڦيرائي فرمان،
ڪاٿئين طفوليت ۾، ڪاٿئين پير چوان،
ڪاٿئين ميروز ۾ ٿيو، ڪاٿئين ٿيو دربان،
ڪاٿئين احمد بلا ميمي، ڪاٿئين هنومان،
سچو سائين هڪڙو، ناگي شڪ گُمان!
- سچل سرمست
يا شاھہ عبداللطيف ڀٽائيرح جي هن بيت وانگر تہ:
هٿين هٿَ ڪڙول، هينئڙي پيم هن جا،
سانگي ساريم سومرا، ڍاٽي پاسي ڍول،
ٻاٻاڻن سِين ٻول، ڪيم نہ ڪوٽَ ويھڻ جا.

جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو آهي تہ شاعر ۽ اَديب پنھنجي دؤر جا باغي هوندا آهن، مزاحمت سندن اَندر ۾ لِڪل هوندي آهي، اُها اَندر ۾ لِڪل مزاحمت کين ڪڏهن وڙهڻ تي بہ مجبور ڪندي آهي. ڪڏهن هو اُتر سامھون هوندا آهن تہ ڪڏهن دونھين جهل ٿي ويھندا آهن. آءٌ اِيئن ڪونہ ٿو چوان تہ هر دؤر جا اَديب ۽ شاعر سمورا باغي ٿي، چي گويرا، ڀڳت سنگهہ يا هيمون ڪالاڻي بڻجي جنگ پيا جوٽيندا آهن، پر اُهي ظلم جي آڏو ڪڏهن بہ پنھنجو ڪنڌ نہ جُهڪائيندا آهن. سندن لِکڻيون يا شاعري اِيندڙ صدين تائين زندھہ رهندي آهي، ڇاڪاڻ تہ هر دؤر ۾ ظلم ۽ ظالم، ڏاڍَ، جبر ۽ اِستبداد ڪنھن نہ ڪنھن شڪل ۾ قائم رهندو پيو اَچي، اُن ڪري هر دؤر جي سُجاڳ اَديبن جي اَندر ۾ ڪانہ ڪا چڻنگ ضرور موجود هوندي آهي، اُها چڻنگ، جيڪا ڪڏهن بہ نہ اُجهامندي آهي ۽ نہ وري ڪڏهن اُجهامڻي آهي. يوسف شاهين جي اَندر ۾ بہ اُها چڻنگ موجود آهي، اُن چڻنگ کيس سدائين وقت جي ڪنھن نہ ڪنھن پَٻَ جبل جي پھڻ آڏو، لوھہ جي لڱ وانگر سامھون بيھاريو آهي، اُن ئي جذبي کيس هر ڀيري مزاحمت تي پئي اُڀاريو آهي، بقول داغ دھل ويءَ جي تہ:
ہم لطف کے بندے ہیں٬ خدا کی قسم اے ’داغ‘٬
ہم سے نہ کبھی ناز ستمگر کے اُٹھیں گے۔

دل گُهريو پئي تہ شاهين صاحب تي هڪ طويل خاڪو ويھي لِکان، پر لِکڻ لاءِ اَلائي ڇو ڪڏهن ڪڏهن موڊ ٿيندو آهي. ڪيترن ڏينھن کان اِها خواهش دل ۾ رکندي بہ گهڻو ڪجهہ نہ لِکي سگهيس، اِن ڳالھہ جو ضرور ڏُک رهندو. بھرحال يار زندھہ، صحبت باقي، خُدا پاڪ شل يوسف شاهين جي قلم کي سگهہ عطا ڪري، هو سنڌي اَدب جي اُڀ تي سَدائين چمڪندڙ ڪنھن تاري جيان شعائون ڏيکاريندو رهندو ۽ پنھنجي علم جون مشعلون ٻاري، وقت ۽ تاريخ جي اُونداهين گهٽين کي روشن ڪندو، اَڳتي وڌندو رهندو، هلندو رهندو ۽ وَڌندو رهندو!!
] 27 آڪٽوبر 2010ع[

شيخ مونس اياز: يوسف شاهين جي سامھون

هن شاھہ لطيف جي عرس جي ٻي ڏينھن تي مان ان بزرگ ليکڪ سان ملڻ ويس جيڪو شاھہ لطيف جي سُر ڪيڏاري ۾ جنگي مزاحمت/حڪمت عملي کي ثابت ڪرڻ لاءِ لکي رهيو هيو جنھن سلسلي ۾ هن اڳمي هڪ ڪتاب "انگريز سرڪار ۽ شاه لطيف" ۾ ڀٽائي کي سنڌ جي آزادي جو پھريون قومي شاعر لکيو آهي ۽ نہ فقط سنڌ کي هڪڙي دعا جو شاعر سمجهيو ويندڙ ۽.اهڙي ڳالھہ تي بقول سندن هڪ قومپرست ڌر جي مرحوم جي جنھن کيس بزرگ صوفي شاعر شاه لطيف لاءِ اھڙي قسم جي دعوا ۽اظھار ڪندڙ جو پھريون سنڌي شاعر ۽ ليکڪ چيو هو!. مان هن جي ان پراڻي بنگلي جنھن کي ڏسي مون کي ٻارهين صدي عيسوي جي اسماعيلي داعي ۽ مزاحمتي بزرگ جي ايران ۾ قلعي الۡموت جو نالو اطالوي سياح مارڪو پولو جو سڏيل" Eagles nest (شاهين/عقاب جو آکيرو) "ياد ايندو اهي ۽ حسن صباح کي wise man of the East بہ سڏيو آهي ۽ هو بہ اسانجي سنڌ جو هڪ وڏو ڏاهو آھي، اتفاق سان بنگلي تي انوقت اطالوي ننڍين ٽريڪٽر جي ايجنسي جو بورڊ بہ لڳل هوندو هيو.اهو ڪمرو جيڪو ڪنھن زماني ۾ چاليھہ سال اڳ هن جي شاندار ۽ مصروف بزنس سان گڏ "برسات ميگزين، پوء اخبار جي آفيس هوندي هئي، اتي منھنجو والد جيڪو سندن بزرگ دوست بہ هو ڪجهہ وقت ايڊيٽر رهيو هو. پاڻ تمام ڪامياب ۽ سياست ۾ ڪاميابي ۽ عروج ماڻي ملڪ جو اعلى پارليماني ايوان ۾ سينٽر بہ ٿيا تہ قيد بند جون تڪليفون بہ ڪاٽيون آهن. پر، هن وقت انھي انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا ۽ ڪيترين ٻين جي جلدن، ڪتابن سان سجايل بڪ شيلف واري وڏي ڪمري کي پنهجو بيد روم بہ ڪري ڇڏيو آهي، جتي انھي ٽيبل ڪرسي تي ڪمپيوٽر رکيل آهي جنھن تي هو صبح شام پنهجو لکڻ جو ڪم ڪرائيندو آهي. هن جي هڪ ڌيءَ ۽ پٽ جي اولاد آمريڪا وڃي وسايو آهي، هي بہ انھن وٽ ايندو ويندو آهي، پر آمريڪي شھري ناهي، باقي آمريڪا ۾ سندس انگريزي ۾ ڪجهہ ڪتاب مشھور اداري Amazon وارن ڇپي رکيا آهن. تن ۾ تازو Treacherous Armies of the World آھي، جيڪو سندن آڳاٽي ڪتاب Military of the World جو واڌارو آهي، انکان سواءِ Rise and fall of the gods, Rise and Fall of the langages ۽ William the Bastard انگلنڊ جي هڪ بادشاھ جي زندگي تي ڪتاب آھن،۽ ڪل ملائي ارڙهن ڪتاب سندن ڇپجي چڪا آهن.مونکي هنن پنهجو پھريون شاعري جو ڪتاب "اندر ۾ اُهاءُ ٿيو" ۽ يوناني ڏند ڪٿائون جو پاڻ ترجمو ڪيو هئائين ڏنو هيو ۽ هاڻي پنهجو هر نئون ڪتاب ٽپال هٿ مھرباني ڪري موڪليندا آهن. مان هن حضرت يوسف جھڙي خوش شڪل ۽ خوش پوشاڪ سدائين فل سوٽ ۾ ماڻھوءَ يوسف شاهين دائود پوٽي صاحب جي سامھون ويٺو هئس جنھن جون اکيون باز جھڙيون جيڪي هاڻي علالت سبب ڪجهہ ڪمزور ۽ جهڪيون ٿي لڳيون، سو چئي رهيو تہ هو پنجاسي ورهين جو ٿي ويو آهي ۽ هاڻي بس هلڻ جي (rehearsal) تياري ڪري رهيو اهي. مونکي سندس اندر جي اڪيلو پڻ جيڪو هر ماڻھو اصل ۾ سمجهيو وڃي ٿو، پر هن پنهجي اڪيلائپ لکڻ پڙهڻ خاص ڪري سنڌ جي تاريخ لکڻ جي ڪري ڪئي آهي جيئن شيخ اياز صاحب اختيار ڪئي هئي، پر هو دوستن کان ايترو خفا ٿي ويا جو هنن لکيو تہ پنھنجي ڊڪشنري مان دوستي جو لفظ ڪڍي ڇڏيو آهي. مونکي ڪجهہ سندن ٿڪندڙ پيري محسوس ڪندي لڳي تہ کين هڪ سچو ڀوڳ وارو واقعو ٻڌايم آمريڪا ۾ هڪ اچي مٿي واري مائي کي پاتل ٽي شرٽ تي وڏن ٿُلھن اکرن ۾ لکيل هيو years Old 60 سٺ سالن جي آهيان!) آن جي هيٺان تمام ننڍڙن ۽ سنھڙن اکرن ۾ لکيل هيو infact 16 yrs Old, the rest is experience ! (اصل ۾ سورهن سالن جي آهيان! باقي تجربو اٿم ) جيڪو ٻڌي هوڪجهہ مرڪيو ۽ پنھنجن اڇن وارن کي هٿ سان سنواريندي هُن جو وقتي اداس چھرو کُلي پيو. ماڻھو اندر ۾ تہ واقعي ٻار هوندو آهي ۽ ارڙهن سالن تائين قانوني ڄمار جو ٻار ليکجي ٿو جيئن سنڌي ۾ چوندا آهن تہ پڇاڙي ۾ ٻار ۽ ٻُڍو هڪ ليکبو آهي. وري بہ سندن تياري لفظ ورجائڻ تي ۽ منھنجي پڇڻ تي چيائين تہ خبر ناهي اتي، ٻي جھان ۾ الائي ڪھڙي روپ ۾ هونداسين!؟ تنھن تي مون کين ٻُڌايو تہ هڪ درويش کان اهڙو ئي سوال ڪنھن پڇيو تہ مرڻ کانپوءِ اڳئين جھان ڪھڙي منھن سان هونداسين تہ درويش کيس وراڻيو تہ تون مونکي پنھنجي ڄم کان اڳ ۾ پنھنجي شڪل ٻُڌائي تہ پوءِ مان توکي ٻُڌايان تہ مرڻ کان پوءِ ڪيئن هونداسين! .

علي نواز وفائي: اِلھامِي رنگ ۾ رَڱيل شاعري!

يوسف شاهين پنھنجي اَندر جي آواز کي جنھن نموني بنا ڪنھن خوف ۽ خطري، ڊَپَ ڊاءَ ۽ ڏمر ڏهڪاءَ جي هن ڌرتيءَ تي وسندڙن جي جذبات جي جيڪا صحيح ترجماني قلم جي زبان سان، سفيد ڪاغذ جي سِيني تي ظاهر ڪئي آهي، تنھن جي اَنداز ۽ اُن جي اَدائن جو ذڪر ڪھڙي زبان، ڪھڙي قلم سان قلمبند ڪجي.
شعر و شاعريءَ جي دُنيا ۾ هن اَڌ صديءَ ۾ جن بہ شاعرن پنھنجي جوهرن جو جلوو ظاهر ڪيو آهي، اُنھن مان اسان جي هن نوجوان، قومي درد رکندڙ جو اَندازِ بيان ۽ طور طريقو نھايت ئي مختلف ۽ منفرد آهي. منھنجي خيال موجب سنڌ جي هن نوجوان شاعر جنھن جُرئت ۽ جوانمرديءَ جو اَظھار ڪيو آهي، اُن جو مثال ڪوبہ نظر نہ ٿو اَچي.
شعر و شاعريءَ جي دُنيا ۾ جيڪي بہ اسان جا ننڍا توڙي وڏا شاعر ٿي گُذريا آهن، تن اِنھيءَ صنف ۾ پنھنجون زندگيون پوريون ڪرڻ کانپوءِ ڪنھن مقام ۽ منزل تي پھتا آهن، مگر يوسف شاهين نھايت ئي ٿوري عرصي ۾ شعر و شاعريءَ جي دُنيا ۾ قومي شاعرن سان ڪلھو ڪلھي ۾ وڃي مِلايو آهي. مان شاهين جي شاعريءَ کي اِلھامي رنگ ۾ رڱيل شاعري چوان تہ اُن ۾ ڪوبہ وَڌاءُ ڪونہ ٿيندو.
ڪتاب جي مختلف ۽ جُدا جُدا سُرن جي بيھڪ ۽ بناوت، لفظن جي جوڙجڪَ، مثال ۽ محاورا، تشبيھون ۽ ترتيبون، ڪلامَ جي سُونھن ۾ چار چنڊ لڳائي بِيٺيون آهن. سندس هڪ هڪ بيت ۾ جيڪا بہ گهرائي، فڪر ۽ اُن سان گڏ سوز، درد ۽ دانھن جا داستان دُهرايا ويا آهن، سي پڙهندڙن جي اَکين آڏو جيئرا جاڳندا ٿي ڪري، پنھنجي معنى ۽ مطلب ظاهر ڪندا، صحيح نقشو پيدا ڪندا، اَڳتي وَڌندا رهن ٿا. يوسف شاهين شاعريءَ جي شان ۽ مان سان اَهڙو سُھڻو سُلوڪ ڪيو آهي، جو شاعريءَ جو فن، سندس ذات تي فخر ڪرڻ کانسواءِ رهي نہ ٿو سگهي. هونءَ بہ سھي معنى ۾ فنڪار اُن کي چيو ويندو آهي، جنھن فنڪار تي خود فن فخر ڪندو رهي.

عبدالحليم ’جوش‘ : حساس شاعر جي صدا

اِنسان وانگر ڪتابن کي بہ پنھنجو ماحول ۽ مزاج هوندو آهي. ڪي ڪتاب خوش طبع ماڻھن وانگر مُرڪندا آهن تہ ڪي سنجيدہ اِنسانن وانگر صدين جي سوچَ جي علامت بڻجي اُڀرندا آهن.
پاتال کان پولار تائين ۽ غار کان چنڊ تائين اِرتقا جو سفر دَراَصل اِنساني تجربي، سوچَ، جذبي، کوجنا، علم ۽ اَدب جو سفر آهي، جنھن ۾ ٻوليءَ جي حيثيت لاٽ جي بہ آهي تہ واٽَ جي بہ.
ٻوليءَ جي وسعت، لفظن جي گهڻائيءَ کان وڌيڪ اُن جي علمي، اَدبي ۽ تحقيقي پسمنظر تي مدارُ رکي ٿي. اَهڙي نثري توڙي شعري اَدب جا لِکندڙ، جي سوچَ ۽ لوچَ پيدا ڪن ٿا، سماجي شعور جي پسمنظر ۾ خلوص ۽ سَچائيءَ سان پنھنجن جذبن ۽ ڪيفيتن جو اِظھار ڪن ٿا، وقت جي ڏاڍاين ۽ ظلم جي پاڇن ۽ بي اِنصافين جي اُهڃاڻن کي بي نقاب ڪن ٿا، سي علم ۽ فن جي معيار کي برقرار رکندي، نعريبازيءَ کان پاسو ڪندي، تعميري اَنداز ۾ سوچڻ لاءِ اُتساھہ ڏِيارين ٿا.
ڪلاسيڪي شاعريءَ جي ماحول ۽ سِٽاءَ کي قائم رکندي، ڪن شاعرن ساراھہ جوڳيون ڪوششون ڪيون آهن. ڪلاسيڪي صنفِ سُخن جي مقبوليت جو سبب ئي اِهو آهي تہ اِنسانيت جي همہ گير پسمنظر ۾ اُن جو علامتي ۽ تمثيلي اَنداز هر هڪ دؤر جي ذهني سطح ۽ سَماجي شعور کي پاڻ ۾ سَمائيندو، شاعر جي سوچَ جو حِصو ٿي پوي ٿو. اَهڙيءَ طرح بيتَ ۽ وائيءَ جي صنفن ۾ جديد دؤر جو شاعر زندگيءَ جي پيڙائن، مشاهدن ۽ تجربن کي سماجي شعور جي وسيع پسمنظر ۾ اَهڙي تہ لُڇائيندڙ، دل ڀِڄائيندڙ ۽ من لُڀائيندڙ اَنداز ۾ بيان ڪندو آهي، جو اُهي سڀ تجربا ۽ مشاهدا پڙهندڙ جي سوچَ جو حِصو ٿي پوندا آهن. اَهڙيءَ طرح خيال جا نوان ڏِيئا روشن ٿين ٿا ۽ اُها روشني سوچَ ۽ فڪر جي پيچرن کان ٿيندي، عمل جي واٽَ کي جَرڪائي ٿي.
هاڻ اِها ڳالھہ سمجهہ ۾ اَچي ٿي تہ اَدب نہ فقط زندگيءَ جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ زندگيءَ کان متاثر ٿئي ٿو، پر اَهڙو وقت بہ اَچي ٿو، جڏهن زندگي، اَدب کان متاثر ٿئي ٿي، سوچَ جي نين راهن تي اَڳتي وَڌي ٿي ۽ اَهڙيءَ طرح مستقل قدرن ۽ سَچائيءَ جي اُصولن تي بِيٺل معاشري قائم ڪرڻ لاءِ جاکوڙ جي شروعات ٿئي ٿي.
سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جا موضوع اَهڙيون سُورميون آهن، جن ۾ حُب الوطنيءَ جو اَنگ آهي، مستقل مزاجيءَ ۽ قربانيءَ جي چڻنگ آهي، تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهڻ ۽ مئي متي مھراڻ ۾ ٽپي پوڻ جي اُمنگ آهي ۽ اَهڙو ڪوبہ رنگ ۽ ڍنگ نہ آهي، جنھن جو لاڳاپو خودغرضيءَ، لوڀَ، ڪيني، حسدَ، خوديءَ ۽ منافقت سان هجي.
هن پسمنظر ۾ جناب يوسف شاهين جي شعري مجموعي ’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ جو مطالعو ڪبو تہ معلوم ٿيندو تہ شاهين، جيڪو شاھہ ڀٽائيءَ جي ڪلام کان بيحد متاثر آهي، ساڳئي ساز ۽ سُر ۾ سوز ڀريو آلاپ ڪري ٿو. ڪِٿي هو مخدوم بلاول شھيد جي ڀَر جهلڻ جي تلقين ڪري ٿو تہ ساهُه پَساهُه گهوري، گهاڻي ۾ گهڙي پوڻ جي هدايت ڪري ٿو. شاعر اُصولن خاطر زندگي قربان ڪرڻ وارن کي ماڳ ماڻڻ جي خوشخبري ڏئي ٿو.
سُر ڪلياڻ ۾ شاعر پالڻھار کي پَسي، شِرڪ مان نڪرڻ جي ڳالھہ ڪري ٿو تہ سُر ڪيڏاري ۾ شڪوي جي اَنداز ۾ ماحول جي ڏاڍاين، ماڻھن جي خودغرضين، منافقتن ۽ مصلحتن جو نھايت دردمنديءَ سان بيان ڪري ٿو. اَهڙي ماحول ۾ اُهي ئي سختيون ۽ سُورَ سَھي ٿو ۽ آخرڪار سِر بہ دانُ ڪري ٿو، جيڪو مُنھن ۾ مُلان ۽ اَندر ۾ اِبليس ٿيڻ پسند نہ ٿو ڪري. شاھہ ڀٽائيءَ جي لفظن ۾:
تَندُ، ڪٽارو، ڪنڌُ، ٽيئي پَرتا پاڻ ۾.
يوسف شاهين هن موقعي تي ’ڪنڌ‘، ’ڪٽارو‘ ڪتب آڻي ڄڻ تہ تجنيس حرفيءَ کان ڪم ورتو آهي، اَلبت ٻوليءَ جي اُها موسيقي باقي نہ رهي، جيڪا شاھہ ’ڪنڌ‘ ۽ ’تند‘ جي ترتيب سان پيدا ڪئي. شاهين ساڳين مصرعن ۽ لفظن جي جهڪندڙ ترتيب کان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اِها ڳالھہ مڃڻ جوڳي آهي تہ شاهين پھرين ڪوشش ۾ پنھنجو پيغام جنھن سِڪَ، سوز ۽ سَچائيءَ سان ڪلاسيڪي شاعريءَ جي وسيع پسمنظر ۾ ڏِنو آهي، تنھن لاءِ هن کيرون لھڻيون. سُر سارنگ ۾ شاعر، شاھہ ڀٽائيءَ جي ’سنڌ تي سُڪار‘ واريءَ دُعا کي ورجايو آهي ۽ ڏيھہ مان ڏُڪارين کي لوڌي ڪڍڻ جي عزم جو اِظھار ڪيو آهي.
’سُر سنڌ‘ ۾ حساس شاعر پنھنجي مشاهدي کي جنھن سوز ۽ سچائيءَ سان بيان ڪيو آهي، تنھن جو اَندازو سندس هن ڪلام مان ئي لڳائي سگهجي ٿو:
اُٿيس آڌيءَ رات جو، ٻُڌي ٻالڪَ دانھون،
او اَمان! ڀت ڏي، ننڍڙو ڪري آهون،
سُڏڪي سمھاري لعل کي، واجهائي واهون،
ڪڍُ ڏُڪاريا ڏيھہ مان، پِٽي کڻي ٻانھون،
جي مڃين تو مٿانھون، تن رات گُذري روڄَ ۾.

يوسف شاهين جي لفظن ۾ هھڙا قھر ۽ ڪلورَ تڏهن ختم ٿيندا، جڏهن ڏيھہ مان ڏُڪاريا نڪرندا. اَڳتي هلي شاعر پنھنجي راءِ جو اِظھار ٿو ڪري تہ هھڙا ظلم منٿن ۽ ايلازن سان نہ، پر ڀالن جي ڀؤ کان ئي پاڻ پليندا ۽ پلاڻيندا آهن. شاعر ’سُر بلاول‘ ۾ هن جي راهَه کي قربانيءَ جي راهَه سَڏي ٿو.
شاعر جي پيغام ۾ آس آهي، اُميد آهي، عزم آهي ۽ حوصلو آهي. هو وڏي واڪي چوي ٿو:
ٿيندي نيٺ پرڀات، رات ويندي ريھہ ڪري.
مان محترم تنوير عباسيءَ جي هن راءِ سان متفق آهيان تہ يوسف شاهين جو ڪلام هڪ دردمند دل جي صدا آهي، هڪ ضمير واري ڏاهي جي دانھن آهي.
جناب شمشيرالحيدريءَ پنھنجي نھايت معياري تعارفي مضمون ۾ هن راز جو اِنڪشاف ڪري، پڙهندڙن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي تہ شاهين بنا ڪنھن مشق، رياضت ۽ تجربي جي نھايت پِڪي ۽ پُختي اَنداز ۾ شاعريءَ کي پنھنجي اِظھار جو وسيلو بڻايو آهي.

]20 جون 1980ع[

عبدالرحمان پليجو: لطيفي لات جو پيامبر: يوسف شاهين

ڪپل وستوءَ جي راجا سَڌوڌن جي پُٽ راجڪمار گوتم کي اوچتو ئي اوچتو ڇا ٿي ويو، جو هن پنھنجو گهر ٻار، شاهي محل، دُنياوي نعمتن ۽ جوانيءَ جي اُمنگن کي ڇڏي، دُنيا سان سڀ لاڳاپا ٽوڙي، وڃي جهنگ وَسايو. ڇا اِهو سڀ ڪجهہ هڪ گهڙيءَ جي ڪنھن اوچتي نازل ٿيل ڪيفيت جو نتيجو هوندو؟
منھنجي خيال ۾ ڪوبہ حقيقت پسند ذهن اِهو تصور قبول نہ ٿو ڪري سگهي. ٻرندڙ جبل اوچتو ئي اوچتو ضرور ڦاٽندا آهن، زلزلا بہ اوچتا اِيندا آهن، مينھن بہ اوچتو وسن ٿا، واڄون ۽ وڄون بہ اوچتو ڪَڙڪن ٿيون، پر اُنھن جو نزول ڪنھن هڪ گهڙيءَ جو نتيجو ناهي. ٻرندڙ جبل ڦاٽڻ کان اَڳ ڪو عرصو ڪو ڊگهو لاوو زمين جي اَندر ئي اَندر پَچندو، ڪڙهندو ۽ رَڌبو رهندو آهي، پر پوءِ ڪنھن نہ ڪنھن هنڌان، جتي ڪا ڪمزوري هوندي آهي، ڪنھن ڪَچي هنڌ تان اُهي زلزلن وانگر ڦاٽي پوندا آهن ۽ لاوو ٻوڏ جي پاڻيءَ وانگر وهي، آس پاس جي هر شئي ٻوڙي ڇڏيندو آهي.
يوسف ڪو اوچتو ئي اوچتو اُڀ ڦاڙي شاعر نہ ٿيو آهي، پر اِن جو بہ هڪ وڏو پسمنظر آهي. هڪ ڳنڀير ۽ گهرو مطالعو ۽ مشاهدو آهي، جيڪو شاعريءَ جي تُڪ بنديءَ ۽ علم عروض جي بندشن کان بالاتر، پنھنجي ڊِگهي ذهني سفر ۾ اِرتقائي منزلون طئي ڪري رهيو هو. بس! ڪپھہ ۾ رُڳو ڄيري جي لوڙھہ هئي، لاوو اَڳ ئي پَڪو پئي، رُڳو مُنھن ڪڍڻ لاءِ ڪنھن ڪونئري پَٽَ جي تار هئي. مقصد، پيغام، رُوحَ ۽ جذبي کان سواءِ شاعريءَ کي ڇا ٿو چئي سگهجي؟ مقصد ۽ پيغام کانسواءِ شاعري رُڳو سُھڻن لفظن جا بي معنى ڀنڊار آهن. شاھہ عنات، ڀٽائيءَ جو پيش رُو هو. سندس بيتن جي اَکرن جو سُھڻو سِٽاءُ، جَٽاءُ ۽ جڙت آهي. علمِ عروض جي لحاظ کان بہ سندس بيت ڪنھن کان گهٽ ڪونھن، پر اَڄ لطيفي لاتِ ٿرن، بَرن، جهنگلن ۽ جبلن ۾ ٻُري پئي. صدين کان وٺي پڙهيل تہ ڇا، پر اَڻ پڙهيل بہ ”ڀٽائي، ڀٽائي“ پيا ڪن، سو ڇو؟ منھنجي ناقص راءِ ۾ ڀٽائيءَ وٽ علمي مشاهدو ۽ پيغام هو، ڀرپور ۽ وزنائتو، شاھہ عنات کان بہ ڀٽائي وَڌ. ڀٽائيءَ جا بيتَ اَندر ۾ لھي، جيءَ ۾ جايون ٿا لَھن.
يوسف، شاھہ جي شاعريءَ وارو گَس ورتو آهي، جتي اُها بس ٿي، اُتان ئي اُن کي اَڳتي وَڌايو آهي. هن لطيف جي شاعريءَ کي نئين سِر ڌوئي پوئي، پُراڻن سان گڏ نَون گُلن جي سُڳنڌ سان وهنجاري سِھنجاري، سُھڻي سنڌيءَ ۾ (اُها لاڙي اَسين اَڄ بہ گهرن ۾ ڳالھايون ٿا) شاھہ جي اَکرن جي سِٽاءَ، جَٽاءَ ۽ جُڙتِ ۾ پنھنجي لوچَ، تڙپَ ۽ عشق کي گڏي، نوان رنگَ ڏئي سنڌ جي جهوليءَ ۾ وِڌو آهي.
ڪلھوڙن جي دؤر کان وٺي هن وقت تائين، اَڍائي سؤ سالن جي هڪ ڊِگهي عرصي تائين ڪيترن ئي شاعرن لطيفي واٽَ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ڪوبہ يوسف وانگر ڪامياب نہ ٿيو آهي. اُن لاءِ شاھہ جي ٻوليءَ کي نہ سمجهڻ سان گڏ ٻيو سبب هيءُ بہ هو تہ اُنھن جي شاعريءَ ۾ ڀٽائيءَ وارو رُوح ۽ جذبو نہ هو، پيغام نہ هو، ڪو مقصد نہ هو. يوسف جي شاعريءَ ۾ هڪ پيغام آهي، هڪ مقصد آهي ۽ اُن ۾ هڪ تڙپندڙ دل جون صدائون بہ آهن، جيڪي ڏُکويل اِنسانيت جي ڏُک ۾ شريڪ ٿي روئن ٿيون تہ روئاڙين بہ ٿيون.
’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘، سنڌي شاعريءَ ۾ اَملھہ اِضافو آهي، وقتائتو سَڏ آهي، اُن سان گڏ هن اَلمناڪ دؤر جو مرثيو بہ آهي. هن دؤر جي تاريخي اَلميي جا چِٽا اُهڃاڻ سندس سُر ڪيڏاري ۾ ظاهر آهن.
’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ جو اِنتساب پنھنجي جاءِ تي سنڌ جي تاريخ جو هڪ اَنقلابي باب آهي. ڇپائيءَ جي جنھن ڊرامائي اَنداز ۾ اُهو پيش ڪيل آهي، سو بہ لَک ٿو لھي. شاعر اُٿندي شرط سڀني کي بلال جي ڀَرِ جهلڻ جو سڏ ٿو ڏي! هي تاريخ جو اَزلي سَڏ آهي، جو هن ڌرتيءَ هر دؤر ۾ پئي ڏِنو آهي. اُنھيءَ سَڏ تي سَڏ هوشوءَ، هيمونءَ ۽ دودي دريا خان پاران پنھنجي پنھنجي ڏينھن ۾ پئي ڏِنو آهي. اَڄ بہ اُنھيءَ سَڏَ جا هوڪا ٻُڌجن پيا ۽ هر دؤر ۾ جيستائين ڏاڍُ ۽ ڏُهاڳ هن ڌرتيءَ تان نہ لَٿا آهن، تيسين پيا اُهي سَڏَ ٿيندا.
متان ڏَرو ڏاڍَ کان، ڏاڍي ناهِہ جَهلَ،
کڻو صليبَ سِرَ تي، مرڻ هيءَ مَھلَ،
ڇڏيو سَڌَ ساهَه جي، ڪَنڌَ رهي مَ ڪَلَ،
هڻي هامَ هَڪلَ، ڀَرِ جهليو بِلالَ جي.

’سُر بلال‘ ۾ گهاڻي کي شاعر هيئن ٿو خراجِ تحسين ڏي.
گهاڻي گهڻا گُن، چٿِ ڏي چاهَه ۾،
مَروڙي ماسَ کي، ڀري هڻي بَنَ،
چِيچَٽَ ڪري چِت ۾، نپوڙي نھنَ،
سي ئي سيجَ سَھنَ، جي گوهر ٿيا گهاڻي ۾.

هي اُهو تاريخ ساز گهاڻو آهي، جنھن ۾ ڪيترائي هوشو، هيمون ۽ دودي دولھہ دريا خان، ننگر ۽ رڻ مل، محمود ۽ سارنگ پارا گهڙي گوهر ٿيا. اُهو ئي گهاڻو، جنھن بلال کي اَمر بَڻايو، تنھن گهاڻي کي يوسف بصد اَحترام ڏاڍي نياز ۽ نوڙت سان خراجِ تحسين اَدا ڪيو آهي.
يوسف بين الاقواميت، عالمي اِنساني برادريءَ ۾ ويساھہ ٿو رکي ۽ ٻئي طرف پاڻ کي هن عظيم ڌرتيءَ جو وفادار فرزند بہ ثابت ڪيو آهي، ’سُر سنڌ‘ اِنھيءَ جو روشن دليل آهي. ڀِٽائي گهوٽ وانگر تہ: ”سائينم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار!“ جو پھلو يوسف وٽ بنسبت ”عالم سڀ آباد ڪرين“ کان وڌيڪ اُجاگر آهي. هن سَدا سُڳنڌ واريءَ سُھڻي ڌرتيءَ کي صدين کان وٺي ايڏا تہ اَهنج ڏِنا ويا آهن، جو ڪابہ باضمير دل روئڻ کانسواءِ رهي نہ ٿي سگهي. يوسف رُڳو روئي نہ ٿو، رُڳو روئاڙي نہ ٿو، پر ڏاڍَ سان سامھون ٿيڻ لاءِ بہ للڪاري ٿو:
جيئي سَدا سنڌ، جيئي سارو جڳ،
وَڌي ٿيو اَڳ، تہ ڏاڍُ لَھي ڏيھہ تان.

-
منٿَ ڇڏي ميسڻا، ڀري هڻ بندوقَ،
ولولو ۽ ووڪَ، ڪري اُٿيار عزرائيل کي.

-
منت ڇڏ ميسڻا، ڀري هڻ ڀالا،
قبر ڪشالا، ڪڍي تہ ڪاڪَ ماڻئين.

ڪٿي ڪٿي اَمڙ سنڌ جي مٿي تي هٿ رکي، سندس لُڙڪَ ٿو اُگهي.
ڏانجهن تي ڏانجها، سَٺا سونل سنڌ،
ساري سُھانجا، وجودئون وڄ ٿي!.

ڏُکن جي هن ڊِگهي ڪاري رات ۾ بہ اُميد جو دامن هٿان نہ ٿو ڇڏي.
جيئي سَدا سنڌ، جيئي جيجل ماءُ،
وري سڻائو واءُ، تہ جِيئون ساري جڳَ سِين.

هو هن ڏ ُکويل، ماريل ۽ مظلوم مادرِ وطن ۽ سندس ٻچڙن جي بہ بيوسيءَ جو ماتم ٿو ڪري.
ڪوھہ سُڏڪي سَڏ ڪرين، ڪٿي تنھنجا ڪانڌَ،
سنڌ تو هجي سرير ۾، آ ايڏي آنڌ مانڌ،

-
ڳچيءَ پايو پاند، تي ليلڙائين لڄ لئہ!
لُڇي ٿي لَڄ لئہ، ويا ويچاريءَ وسَ،
ويئي ووڙي گسَ، گم آهي، پنھنجي گهرَ ۾.

نصرپور جي مِٽيءَ مان گهڻا ئي عالم، فاضل ۽ گوهر پيدا ٿيا آهن، پر ميون شاھہ عنات تاريخ ۾ پنھنجي خاص جاءِ والاري ٿو. اُنھيءَ سُڳنڌ ڀريل مِٽيءَ ۾ يوسف شاهين جي شاعريءَ جي گُلستان ۾ جيڪي گل ٽِڙيا آهن، ٽِڙن پيا، سي نہ فقط نصرپور ۾، نہ فقط سنڌ، پر سڄي عالم ۾ واسجي ويندا ۽ نہ فقط هن گُهٽ ٻوسٽ جي اُونداهي دؤر ۾ اُميدن جي جوتِ جلائيندا، پر اِيندڙ زمانن ۾ جُڳن تائين جَڳَ واسبا رهندا.

]13 جولاءِ 1981ع[

يوسف شاڪر اَبڙو : اٿياري اَڌ رات جو!

يوسف شاهين شعر چوندو، ڪڏهن خوابَ ۾ بہ نہ سوچيو هوم. هھڙو گهڻَ ڪاروباري ماڻھو اوچتو هھڙو شعر چوي! ڪيستائين تہ اَکين تي اَعتبار ئي ڪونہ ٿي آيم. ٿورا ڏينھن اَڳ جڏهن مِليا هئاسين، تڏهن شعر بابت ذڪر ڪيو هئائين، پر سمجهيو هوم تہ نوجوان واريون سَڌون آهن، پر سندس شاعريءَ وارو ڪتاب پڙهي ڏاڍو عجب لڳم. ڇو تہ هن جھڙا واپاري ماڻھو تہ رُڳو ڌنڌي وَڌائڻ جي سوچَ ۾ مست هوندا آهن.
بيت ۽ واين ۾ ڪم آندل لفظي ذخيرو ۽ مضمون سڀ ٺيٺ سنڌي آهن. عام طرح شاعر ورهين جي مشق ۽ اُستادن جي اِصلاح ۽ تربيت کانپوءِ ڪو وڃي ٻہ چار سِٽون شعر جون لِکي سگهندا آهن، پر هن جوان اُهو سڀ ڪجهہ ڪرڻ کانسواءِ ئي هيترو سارو شعر چئي کڻي اسان جي اَڳيان رکيو آهي. آءٌ اَڃا تائين اِنھيءَ حيرت ۾ آهيان تہ هي سڀ ٿيو ڪيئن؟ چاليھن ورهين کان وڌيڪ عرصو شاگردن کي پُراڻن ۽ نون شاعرن جو شعر پڙهائيندو ۽ سمجهائيندو ٿو اَچان، پر آءٌ ڪڏهن چار سِٽون بيت جون ڪونہ لِکي سگهيس.
شاهين صاحب ’شاهين‘ لفظ پنھنجي نالي طور ورهين کان اِستعمال ڪندو اَچي، ڄڻ قدرت گهڻو اَڳ کيس هن ڪمَ لاءِ چُونڊي، اِهو تخلص اَڳي ئي کيس عطا ڪري ڇڏيو هو. جيڪڏهن آءٌ چوان تہ هيءُ شعر بہ رب سائينءَ طرفان قدرتي ڏات وانگر عطا ٿيو اَٿس تہ مغالطو ڪونہ ٿيندو، جيئن پاڻ بہ پنھنجي شعر ۾ ڪٿي ڪٿي اَهڙي دعوى ڪئي اَٿس.
اُٿياري اَڌ رات جو، سَتُر ڪيو سَتارَ،
نيئي مون اَپارَ، سُتِي ڏِنائي سُرتِ جي.

’اُهاءُ‘، نج سنڌي لفظ آهي، جو ’روشنيءَ‘ جي معنى ۾ ڪم اِيندو آهي. جيئن هڪڙي شاعر دولھہ دريا خان جي آکاڻيءَ ۾ دريا خان ۽ همونءَ جي شاديءَ ۾ همونءَ جي مُلھي نالي سئوٽ جي حُسن جي واکاڻ ڪندي لِکيو آهي:
اُنھيءَ جي اُهاءَ تي، رات چنو روجهن،
بيشڪ خالقِ اَڪبر، شاهين صاحب کي اَندر ۾ اُهاءُ بخشيو آهي.
مون کي مون پريُنِ، نِـبوليو نينھن ۾،
ساريندي سُپريُنِ، اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو.

اِنھيءَ سبب جي ڪري هو نہ رُڳو جهٽ پَٽ هيترو سارو شعر چئي ويو آهي، پر بيت ۽ وائيءَ جي گهاڙيٽي ۽ فڪر ۾ بہ ڪيتريون نيون ڳالھيون ۽ واٽون ڏِنيون اَٿس. سُر ڪلياڻ، سُر ڪيڏارو ۽ سُر سارنگ هر سنڌيءَ جو ڄاتل سُڃاتل آهي، پر سُر سنڌ ۽ سُر بلاول (مخدوم بلاول سان منسوب ٿيل) هن صاحب جي فڪر جي اِيجاد آهي.
چوندا آهن تہ شاعر جي دل عام اِنساني دلين کان وڌيڪ حَساس ٿيندي آهي. هن زماني ۾ دُنيا جي جيڪا حالت آهي، جنھن ۾ جبر ۽ ڏاڍَ سان بيڪس ۽ بيوس اِنسان کي پيڙيو پيو وڃي، تنھن دردمند دل کي ڏاڍو متاثر ڪيو آهي، ڄڻ مخدوم بلاول کي هينئر گهاڻي ۾ پيڙيو ويو آهي.
ڏيھہ جا ڏُک ڏِسي بادل دانھون پيو ڪري، ڄڻ ڪه اَکين مان رتو آب پيو هاري، رعد رڙيون، ڪڙ ڪڙ ڪڙڪا پيو ڪري.
شاهين صاحب جو اَهڙين حالتن کان متاثر ٿيڻ فطري آهي. هن صاحب بہ ماحول جي عڪاسي ڪئي آهي، جيئن چوي ٿو.
دل دانھن ريءَ نہ رهي، ماٺِ مون مَ جُڳاءِ،
ڪھڙي منھن اُچاءِ، ڀائر منھنجا بُکَ ۾.

-
دانھون ڪن دوزخ ۾، سي پڻ منھنجا ڀارَ،
ڀَرم رَکُ ڀتارَ، تہ ڀائر نڪرن باهِہ مان.

خيالَ جي اُڏامَ تہ ڏِسو:
ڪوئي نہ توهجي ڪَڍَ، سڀ کي جوف جنت جو،
سچل فقير چيو هو تہ: ”دوزخ دَڙڪو، بھشت دِلاسو“ پر هي تہ فڪر ئي ٻيو آهي، صفا سچ چوڻ جي واٽَ آهي.
”آهِہ شھيدن ماڳ، نالي ۾ سنڌ سَڏجي“ سنڌ جي لاءِ سِڪَ ۽ عظمت ٻيو ڪيئن ڏيکاري ٿي سگهجي.....!؟ شاعر کي پنھنجي شعر مان ئي سُڃاڻبو آهي، چوي ٿو تہ:
پاڻ ئي آيو اَڱڻ تي ڏِٺم عجب اِسرار،
پَسي پالڻھار، ’شاهين‘ نڪتو شرڪَ مان.

پالڻھار کي پَسڻ لاءِ شرڪَ مان نڪرڻ ڪا ٿورڙي ڳالھہ آهي؟ خلقڻھار اَڳيان عرض ڪرڻ جو نمونو بہ ڏِسو:
ميان مھربان! پيٽ پار تہ پِٽَ لَـھي.
پَڇاڙيءَ جو دُنيا لاءِ سندس پيغام جا ٻہ اَکر ٻُڌائڻ بہ واجب ٿو سمجهان:
مر تہ ماڳ ماڻئين، ناتو نينھن نڀاءِ،
ڪانہي ويل ويھڻ جي، وڍي وجهہ اَنياءُ،
جيئن تو مَ جُڳاءِ، سڀ کي سَڏُ سوريءَ جو.

منھنجي دُعا آهي تہ قادر پنھنجي ڪرم سان کيس پنھنجي نيڪ تمنائن ۽ مقصد ۾ ڪامياب ڪري، گهڻي کان گهڻي ترقي ڪري ۽ ويران وير وڌ هجي. (آمين)

ماهتاب محبوب: دِلين جو ترجمان شاعر

شاعريءَ جي معراج تي راتو رات پھچڻ جو شرط حاصل ڪندڙ يوسف شاهين کي اُن رُتبي تي رَسائڻ وارو لاشڪ سندس ’شاهين‘ صفت بُلندين تي پرواز ڪندڙ ذهن آهي. شاھہ سائين چواڻيءَ:
جنھن جي چِيچَ سيد هٿَ ۾،. تنھن کي لَھر نہ لوڏو.
يوسف شاهين سان بہ ساڳئي دُعا لاڳو سمجهڻ کپي، جو پنھنجي سُھڻي سوچَ ۽ اَعلى ذهن جي وسيلي چڱن جي ماڳ تي هلڻ سان چڱايون پلئہ پيون اَٿس.
شاعريءَ جي رمزن مان گهڻو ڪونہ ڄاڻان، پوءِ بہ چيدہ چيدہ شعر ۽ ڪلامَ منھنجو ڌِيان پاڻ ڏانھن ضرور ڇِڪائين، اُن ڪري ئي مون شاهين جي شاعري ڏاڍي چاهَه ۽ ڌِيان سان پڙهي آهي، جيڪا مون کي ڪنھن اِلھامي معجزي جيان اُونھي ۽ اَثرائتي لڳي. هن سَچي قلمڪار جو ثبوت ڏيندي، لفظن مان ڄڻ ڪي مالھائون جوڙيون هجن، جن ۾ اَمرتا جا جوهر آهن تہ سون ورني ڌرتيءَ جي چندن جھڙي خوشبوءِ بہ. اَحساسن جي اُها خوشبوءِ پري پري تائين پکڙجي، وايومنڊل ۾ تبديلين جا چِٽا اُهڃاڻ پيدا ڪري، معاشري ۽ سماج کي هڪ نئين واٽَ تي لائي ٿي.
پنھنجي مجموعي ۾ هن جهڙيءَ رِيت وايون ۽ بيتَ رَچيا آهن، تن جي پيشڪش جو اَنداز اَنوکو ۽ من موهيندڙ آهي. هن پُراڻي توڙي نئين اَدبي رَوَين ۽ قدرن کي گڏ ڪري هڪ اَهڙي شئي سنڌ جي سٻاجهڙن کي ڏِني آهي، جنھن جي پڙهڻ سان خوداَعتماديءَ جو اَحساس وَڌي ٿو.
يوسف شاهين جي شاعريءَ جو پھريون مجموعو ’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ پڙهي، پڪَ ٿي هئم تہ کيس پنھنجي محنت ۽ جذبن جي سَچائيءَ جي جوڳي موٽَ ضرور مِلندي.
هن ٿوري عرصي ۾ جيڪا شُھرت حاصل ڪئي، کيس هند، سنڌ ۾ بنا ڪنھن جهلي جي جيڪو زبردست دادُ ۽ مڃتا مِلي، اُن مان صاف طور تي پڌرو آهي تہ هو صحيح معنى ۾ دلين جي ترجماني ڪندڙ عوامي شاعر آهي، جنھن کي ڄڻ رُوح جي آرپار ڏِسڻ جي قدرتي ڏاتِ مِليل آهي.
مان شاهين جي ڪلام جي سڀ کان وڏي خوبيءَ جو ذڪر ڪرڻ بہ ضروري سمجنهديس تہ هو پنھنجي ڳالھہ پرولين ۾ چوندي بہ ايڏو چِٽو ۽ پَڌرو آهي، جو پڙاڏي ۾ بہ منفرد آواز سُڃاڻڻ ۾ اَچي ٿو، جيڪو حساس ذهنن ۾ لوحِ قلم جيان محفوظ آهي.
رَتُ وريو ڪينڪي، بخش ڪا بلال،
پُڇيم پاتال مان، سنڌ ڪاڻ سوال،
اَڃا اَگُهورَ ۾، آهي اِنھيءَ حال،
اُٿيو ڪونہ اَٿاھہ مان، سھسين ٿيا سالَ،
آيس تو درِ لال، دانھن ڏِيڻ ديسَ جي.

]21 جون 1980ع[

سِراج: فاتحن جي دُنيا

اَديب جي بُنيادي سُڃاڻپَ اِها هوندي آهي تہ هو پنھنجي آس پاس جيڪي ڏِسي ٿو، اُن کي پنھنجي حوالي بدران ٻين معاشري جي حَوالي سان اَحساس جي سطح تي پاڻ تي وارد ڪندو آهي، پوءِ اُها واردات هن جي ذهن ۾ جيڪي جذبا پيدا ڪندي آهي، اُن کي ٻين سان ونڊڻ ۽ ورهائڻ جي آرزو هن کي سُکَ سان ويھڻ نہ ڏِيندي آهي. ٻين سان پنھنجي آرزوئن کي وَنڊڻ، ورهائڻ ۽ ورڇڻ جا گهڻا ئي ذريعا ۽ طريقا آهن، مثلاً ڪنھن تي ڪو ظلم ٿيندو ڏِسجي تہ اُن خلاف ڪاوڙ ۽ اُن کي ٻيھر ٿيڻ کان روڪڻ جي آرزو اِنساني حَوالي سان سڀ ڪو محسوس ڪندو آهي. پوءِ هڪڙي فردَ جو ردِعمل اِهو بہ ٿي سگهي ٿو، تہ رُڳو شُوڪارو ڀري ماٺِ ٿي وڃي. هڪڙو ردِعمل اِهو بہ ٿيندو آهي تہ ظلم ڪندڙ کي سمجهائڻ يا سَزا ڏِيڻ جو جذبو پيدا ٿيندو آهي. اَڃا ئي هڪڙو ٻيو ردِعمل اِهو ٿيندو آهي تہ مظلوم جي مدد ڪبي آهي، کيس دلجاءِ ۽ دلداري ڏِبي آهي، پر وڌيڪ حَساس فرد لاءِ اِهو ڪافي نہ آهي. هو ٻين کي ٻُڌائڻ ۽ سمجهائڻ، پنھنجي جذبن سان هم راءِ ۽ هم آهنگ ڪري اِها ڪوشش ڪندو آهي تہ ڏِسو هي ظلم ٿيو آهي، هي مظلوم آهي، هي ظالم آهي، هي ظلم هِنن يا هُنن ڳالھين جي ڪري ٿيو آهي ۽ اِهو وري نہ ٿيڻ گهرجي.
اِهو اِجتماعي رَوَيو وري مختلف شڪلين ۾ عمل ۾ اَچڻ جا اِمڪان رکي ٿو. اِنسان اَڄ جنھن شَعوري سطح تي پھتو آهي، جتي ’ظلم‘ کي ’ظلم‘ سَڏڻ جي رَوايت پئي آهي، تڏهن اُن جي اِظھار جا ۽ پھچائڻ جا (communication) جا ڪيترائي ذريعا آهن. ڪو اُن کي سياسي سطح تي کڻندو آهي ۽ معاشري کي بَدلائڻ جي جذبي سان، ٻين کي پاڻ سان کڻي هلڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ڪنھن دِيني عالم جو رَوَيو وري اِهو ٿي سگهي ٿو تہ مسجد يا ديول ۾ ماڻھن کي ٻُڌائي ۽ ظالم کي پِٽَ پاراتو ڪري ۽ ﷲ پاڪ جي ڏَمر کان ماڻھن کي ڊيڄاري تہ اِيئن ٿيڻ نہ گهرجي. هڪڙي شعوري سطح اَديب جي آهي، جيڪو اُن کي فن جي ڪنھن گهاڙيٽي ۾ بيان ڪري، ٻين جي جذبن کي بہ اُن سطح تي آڻي، جنھن تي هن پاڻ محسوس ڪيو آهي. پر اَڃا ئي هڪڙي ٻي سطح آهي، جنھن کي فلسفو چئجي تہ غلط ڪونھي ۽ اُن سطح تي اُهو شخص اُن ظلم جي نوعيت، اُن جي پسمنظر، اُن واردات جا اَصل معاشرتي سبب ۽ اُن جا معاشري تي اَثر سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن سُڄاڻ شخص ۾ اُهي سمورا رَوَيا بہ گڏ ٿي ويندا آهن، هو اُن تي اَحتجاج جا سمورا ذريعا گڏ ڪمِ آڻيندو آهي. سياسي، سماجي، عِلمي ۽ اَدبي، جذبا جنھن شخص ۾ وارد ٿين، اَهڙا ئي ماڻھو تاريخ ۾ نالو پيدا ڪندا آهن، هو هڪ ئي وقت عالم، مؤرخ، فيلسوف ۽ سياستدان ٿيندا آهن.
فِرانس ۾ هڪڙي يھودي ’ڊِريفس‘ کي، جيڪو فوجَ ۾ غداريءَ جي مقدمي ۾ رُڳو اُن ڪري ڦاسايو ويو، جو هو يھودي هو، هن تي ڪيس هلائي کيس ڦاسيءَ جي سَزا ڏِنائون. اُن وقت فِرانس ۾ اَڪثر ماڻھو يھودين جي خلاف هئا، اُن ڪري اُن تي ردِعمل خوشيءَ ۾ اِطمينان جو باعث هو، پر هڪڙو ماڻھو ’اِيميل زولا‘ (Email Zola) اُن تي ماٺ نہ ڪري سگهيو. هو اَديب هو، هن جي ناولن جي ڏاڍي مقبوليت هئي، هن اُن ظلم تي لِکيو. اُن جي پسمنظر ۾ ۽ مستقبل تي اُن جي اَثرن تي ڇنڊڇاڻ ڪئي، شعوري سطح تي ماڻھن کي اُنھن جذبن تي آڻي بِيھاريائين، جِتي پاڻ پھتو هو. پوءِ هڪڙي تختيءَ تي ”آءٌ اِلزام هڻان ٿو!“ (J’accuse) لِکي، اَخبارن جي دروازن تي پھتو، گهٽين ۾ گُهميو، ٿورا ٿورا ٿي ماڻھو هن جي پويان لڳا ۽ چوڻ لڳا تہ: ”جيڪڏهن ’زولا‘ جھڙو مھان اَديب اُن تي اَحتجاج ڪري ٿو تہ اَسين بہ ساڻس گڏ آهيون.“ پوءِ اُهو ماڻھن جو ميڙاڪو اُتي پھتو، جِتي ’ڊِريفس‘ کي سَزا مِلڻي هئي. ٻہ ٻہ، چار چار ٿي ماڻھو اُتي پھتا ۽ پوءِ هزارن جو هجوم گڏ ٿي ويو. هنن اَحتجاج بُلند ڪيو، پھرين آهستي، پوءِ ڏاڍيان! جڏهن حاڪمن ڏِٺو تہ هتي تہ وڏو فساد ٿي پوندو، تڏهن اُهو فيصلو ردِ ٿيو. اَڄ ’زولا‘ جو اُهو فقرو (J’accuse) دُنيا ۾ اَحتجاج جي هڪڙي وڏي علامت بڻجي ويل آهي!
يوسف شاهين اسان جو اَهڙو اَديب آهي، جنھن هر ڏُکَ، هر ظلم، هر بدمعاشيءَ کي ذاتي سطح بدران پنھنجي رُوحَ تي محسوس ڪيو آهي، پر اُن لاءِ ’زولا‘ جي رَوايت جو اَمين بڻجي ويو آهي. هن سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن سان ٿيندڙ بيداد کي پنھنجي رُوحَ تي وارد ڪيو آهي ۽ پوءِ ذاتي سطح بدران اَدب جي سطح تي، شاعريءَ جي ذريعي ٻين سان اُهو درد وَنڊيو، ورڇيو اَٿس. پر هن اُن کي اَڃا ئي وڏي سطح تي پھچائڻ جو سوچيو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو سوچي ٿو ۽ صحيح ٿو سوچي تہ سنڌ سان ٿيندڙ بيداد ايترو اَڪيلو ۽ اِنفرادي ڪونھي، اِهو هڪ عالمگير سطح تي ٿيندڙ ّظلم ۽ فِراڊ جو هڪڙو حِصو آهي، اُن ڪري ضروري آهي تہ اُن کي عالمي سطح تي بہ کڻجي. هن تاريخ جو تجزيو ڪري اِهو نتيجو ڪڍيو تہ سَموري دُنيا ٻن طبقن ۾ ورهايل آهي: فاتح طبقو ۽ مفتوح طبقو. فاتح طبقا جنگ جي ذريعي مفتوحن تي ظلم ڪري، سندن وجود، تھذيب، ٻوليءَ ۽ تمدن کي ختم ڪن ٿا، سندن واردات جا ٻہ طريقا آهن: هڪڙو سِڌو سنئون فوجي ۽ لشڪري حملو، ٻيو هجرت يا لڏَپلاڻ! اُن جو علاج بہ هن سوچيو آهي. هن 1984ع ۾ اَنگريزيءَ ۾ هڪڙو ڪتاب لِکيو (World Confedration of the Peoples)، جنھن ۾ هن نئين عالمي نظام ۽ وفاق جو ڏَس ڏِنو تہ جيئن اِنسان ذات گڏجي اُن جو اِنتظام ڪري تہ تاريخ ۾ جيڪي بدمعاشيون ٿيون آهن، تن جو اَزالو ٿئي.
هاڻ وري پھرين اُردوءَ ۾ ’فاتحین کی دنیا‘ جي نالي سان ۽ هاڻ اُهو ساڳيو ڪتاب سنڌيءَ ۾ ڇپائي رهيو آهي. اُن ۾ هن جي ٿيسز (Thesis) اِها آهي تہ ڪِن قومن جي بادشاهن ۽ فوجي آمرن لشڪري ذريعن سان ڪمزور قومن کي فتح ڪري، سندن عظيم اِدارن ۽ ورثي کي ٻولين، تھذيبن ۽ سڀيتائن کي تباھہ ڪري، پنھنجون ٻوليون ۽ تھذيبون رائج ڪيون. اُن ئي قِسم جي ٻي واردات هجرتن ۽ لڏَپلاڻ جي ذريعي ٿي آهي. اُن لاءِ هن تاريخ جي سمورن بابن کي ويھي اُٿلايو آهي. سمير، ميسوپوٽيما، اَڪاد، يونان، اِيران کان و ٺي اِسپين، برطانيہ، فرانس، چِين ۽ جپان ۾ فاتحن طرفان ڪاهن ۽ رولو قومن جي لڏَپلاڻ جا مثال جمع ڪري، هن اِهو نظريو قائم ڪيو آهي ۽ اِها سوچَ ڏِني اَٿس تہ وقت اَچي ويو آهي تہ تاريخ جو رُخ موڙجي ۽ اِهي ظلم ۽ بيداد جون وارداتون ۽ اُنھن جا اَثر روڪجن.
اِها ڳالھہ، وڏي ڳالھہ آهي ۽ اُن لاءِ يوسف شاهين ڏاڍي محنت ۽ جُرئت ڪئي آهي، پر هڪڙي ڳالھہ چوڻ کان رهي نہ ٿو سگهجي تہ سندس اُهو تجزيو نھايت ڀورائيءَ وارو (Simplistic) آهي. هن اَلائي ڇو اُن تجزئي دؤران اِنسان ذات جي تاريخ جي سفر ۾ اُنھن وارداتن جي سببن تي غور ڇو نہ ڪيو آهي. فاتح ڇو ۽ ڪيئن پيدا ٿيا؟ اُنھن حملن ۽ فتوحات جي پويان ڪھڙا جذبا، ڪھڙا جوازَ ۽ ڪھڙيون مجبوريون هيون؟ هڪڙيون قومون لشڪري طرح مضبوط ڇو ٿيون ۽ ٻيون ايتريون ڪمزور ڇو؟ تاريخ جو اُهو سفر شھنشاهيت، سُلطاني ۽ امپيريلزم ڪھڙين معاشي ۽ سماجي حالتن جي ڪري پيدا ٿيون؟ ٻوليون ڪيئن پيدا ٿيون ۽ ڪيئن موجودہ صورت کي پھتيون آهن؟ ڇا اَڄ جيڪي ٻوليون موجود آهن، سي اُن صورت ۾ وجود ۾ اَچي سگهن ها، جيڪڏهن اِنسانن جو پاڻ ۾ وهنوار ۽ سماجي لاڳاپو پيدا نہ ٿئي ها! وڏيون ٻوليون يوناني، عبراني، لاطيني ۽ سنسڪرت اَڄ اُن حيثيت ۾ موجود ڇو ڪونھن، جنھن ۾ ڪنھن وقت ۾ هيون. تھذيبن جي ڦُٽڻ، وري اُڀرڻ ۽ وري فنا ٿين جا ڪھڙا سبب ۽ جواز آهن؟ ڇا فتوحات ۽ هجرتون، فقط اِهي ٻہ وارداتون اِنساني تاريخ کي بدلائڻ جو سبب بڻيون آهن يا ٻيا بہ ڪي وهڪرا آهن، جن اِنساني تمدن کي ۽ قومن جي وجود کي بدلايو آهي؟ ۽ هڪڙو آخري سوال تہ ڇا اِنساني تاريخ جي اُن سفر کي پوئتي موٽائي سگهجي ٿو؟
اُن ڀورائيءَ ۾ يوسف آمريڪا جي جمھوريت کي ڏاڍو ساراهيو آهي. آمريڪا جو ڪردار تاريخ جي ويجهيءَ ڇڪَ ۾ ڪھڙو رهيو آهي ۽ اُن جي جمھوريت جا اَصل ڪردار ۽ پسمنظر ڪھڙا آهن، اُن جو هن اَڀياس ئي نہ ڪيو آهي. آمريڪا جي جمھوريت اِمپيريلزم جو هڪڙو ڍَڪُ ٿي ڪم آندي ٿي وڃي. ڇا اَهڙي نظام کي جمھوري ۽ اِنسان ذات لاءِ فائديمند هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏيئي سگهجي ٿو؟
ساڳي ڳالھہ گوربا چيف جي ڪردار کي پَڏائڻ جي آهي. گوربا چيف اَڃا جيئرو آهي ۽ اَڃا تائين سياسي مفڪر ۽ ڏاها اُهو عنصرو ڳولڻ ۾ جُٽيل آهن تہ اُهي ڪھڙا مفاد هئا، جن هن کان اُهو سڀ ڪجهہ ڪرايو، جيڪو وڏا وڏا فاتح بہ نہ ڪري سگهيا. هن اِنسان ذات جي هڪڙي عظيم نظام کي، اُن ۾ آيل خرابين کي دُور ڪرڻ بدران ٽوڙي، اِهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ مارڪس جو فلسفو ئي غلط هو ۽ سوشلزم هڪ نظرئي طور ناڪام ٿي چُڪو آهي. هن اُهو ڪجهہ ڪري ڏيکاريو، جيڪو آمريڪا چاهيو ٿي، پر پنجاھہ سالن تائين اُن ۾ ڪامياب نہ ٿي سگهيو. ڇا اُهو هن آمريڪا جي هُشيءَ تي ڪيو يا هن پنھنجي نئين فڪر کي ثابت ڪرڻ لاءِ اِيئن ڪيو؟
اِهي آهن اُهي چند گُمان، جيڪي يوسف جي هن ڪتاب کي پڙهڻ سان ذهن ۾ اَچن ٿا، پر هن ڀورائيءَ ۾ اِنساني تاريخ جي هڪڙي ڊيڄاڙيندڙ عنصر کي اُگهاڙو ڪري ڏيکاريو آهي، جيڪو اَڃا بہ موجود آهي، پر اُن کي ختم ڪرڻ ۽ اِنسان ذات کي ڪا سُک جي گهڙي ڏِيڻ لاءِ يوسف کي ڀورائيءَ جي بدران هڪ سُڄاڻ ۽ ڏاهو اِنسان بڻجڻو پوندو. جيڪڏهن هن کي ڪا وارکائي مِلي تہ هو يقيناً اُن منزل کي ماڻيندو.

]يوسف شاهين جي ڪتاب ’فاتحن جي دُنيا‘ جو مھاڳ[

اعجاز منگي: آئينو ڪوڙ نہ ٿو ڳالھائي

”ڏک جي ڳالھہ آهي تہ دُنيا جا تاريخدان، اهڙن واقعن کي، جيئن جو تيئن قلم بند ڪرڻ جي بدران فوج ۽ حاڪمن کي بچائڻ خاطر حقيقتون لڪايو ڇڏين. هي ڪٿي بہ فوج جي غداري ظاهر نٿا ڪن. جڏهن تہ سڄي تاريخ فوجي غدارين سان ڀري پئي آهي، جيڪڏهن سڄي تاريخ کي نئين سر درست ڪري لکجي تہ دنيا کي تاڪ لڳي وڃن. ٺڳي جا ڪيئي ٺاھہ ٽٽي پون. وڏا وڏا انقلاب اچي وڃن، تاريخدانن انسان ذات سان وڏو ناحق ڪيو آهي، هنن عوام بدران هميشہ حاڪمن ۽ فوجين جو ساٿ ڏنو ۽ تاريخ کي نتيجن جي لحاظ کان بدلائي ڇڏيو. ان ڪري ئي انسان تاريخ مان سبق نہ پرائي سگهيو. مناسب ٿيندو تہ هاڻ سموريون تاريخون نئين سر لکيون وڃن.“
هي يوسف شاهين جي ڪتاب ”فاتحن جي دنيا“ متعلق لکيل مھاڳ جو ٽڪرو آهي، جنھن مان پوري پروڙ ٿي تہ ليکڪ هي ڪتاب ڪھڙو مقصد رکي لکيو آهي. هن جي نظر ۾ موجودہ انسان سان دوکو ٿيو آهي ۽ وڏي ۾ وڏو دوکيباز اهو تاريخ نويس آهي، جنھن حاڪمن جي رعب يا لالچ ۾ اچي تاريخي حقيقتن جو ٻوٿ ڦيرائي ڇڏيو آهي. هاڻي هو اميد ظاهر ٿو ڪري تہ دنيا جي تاريخ کي درست ڪري لکيو وڃي. ۽ واکاڻ ڪرڻ کان سواءِ رهي نہ ٿو سگهجي تہ اها اڀري سڀري شروعات هن پاڻ کان ڪئي آهي. هن سنڌي ٻوليءَ جي ٻين نقادن وانگر رڳو فرمائش تي گذارو نہ ڪيو آهي تہ ”ڪيئن ڪرڻ کپي ۽ ڪيئن نہ ڪرڻ کپي“ ٻين تي ڀاڙڻ بدران هن پنھنجي محنت تي ڀاڙيو آهي.
يوسف شاهين جي اها ڪاوش مينھن جي ان پھرين ڦڙيءَ وانگر آهي جنھن جي وجود جي بربادي انسان ذات جي آبادي جو باعمل دليل آهي.
هي ڪتاب انسان ذات جي اڄ ۽ ڪلھہ جي وچ ۾ لڏندو ٻڌائيندو رهيو آهي تہ هي انسان اڃا نہ بدليو آهي، پر هن جي ذهن وڌيڪ تخريب ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ترقي ڪئي آهي.
هي ڪتاب اهو ٿو سمجهائي تہ انساني اتھاس ۾ طاقت، ڪوڙ، وڏائي گهڻي ۽ امن، پيار، ڀلائي ٿوري آهي.
هي ڪتاب اهو آئينو آهي جيڪو شيڪسپيئر جي ناٽڪ ’ڪنگ رچرڊ ٻيون‘ جي آخري سين ۾ تخت کان هٽايل ۽ لاٿل تاج سان رچرڊ آئيني ۾ پنھنجي کي ڏسي هيانءُ ڦاڙ دانھن ٿو ڪري تہ ”آئينو ڪوڙ ٿو ڳالھائي.“
آئينو ڪوڙ نہ ٿو ڳالھائي، پر آئينو اسان جي خوش فھمي ۽ غلط فھميءَ تي ٻہ هٿاڙو ڌڪ ٿو هڻي ۽ ان جي خلاف دانھن اهو ثابت ٿي ڪري تہ ڌڪ سندائتو آهي.
يوسف شاهين تاريخ جي منھن تان ڪوڙو نقاب هٽائڻ جي شروعات ميڪ اپ ڪيل ۽ پنھنجي ماضيءَ تي جهمريون پائيندڙ يورپ کان ڪيو آهي تہ يونان ۽ روم جي تاريخ جي عظيم الشان نالي ۾ اقتدار ۽ هوس کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ سمجهڻ ڀرا ٿيا آهيون تہ يونان فقط هيراڪليش، پيٿاگورس ڏاهپ فلسفو ناهي، افلاطون ۽ ارسطوءَ جو ادب سائنس ۽ منطق ڀريو داستان ناهي. اهو سڪندر جي کنوڻين وانگر عوام جي ڪنڌن تي قاتل تلوارن جو نالو بہ آهي ۽ حاڪمن جي محلن ۾ ڪنوارين شھزادين جي پيٽن ۾ حرامي ٻارن جو نالو آهي، جنھن کي نہ رڳو لڪايو ويندو هو، پر ان کي زيوس نامي خدا جو مقدس عشق ظاهر ڪري وڌيڪ شانائتو ۽ مانائتو بڻايو ويندو هو ۽ روم بہ رڳو قلوپطره جي ذلفن ۽ سيرز جي عشق جو قصو ناهي ۽ نہ وري اهو شوريس ۽ ورجو جو عظيم گيتن جو مجموعو آهي، پر سيزر جي دٻيل دانھن تہ ”بروٽس تون بہ؟!!!“ ۽ سيزر جي فرعوني دعويٰ بہ روم جو روپ آهي. روم فقط مجسما سازي ۽ تخليق جي سائي جو نالو ناهي، پر ڪليمي گيولا جو پنھنجي ڀيڻ ڊورسيلا سان قانوني شادي ۽ روم جي سينيٽرن جي زالن سان هن جا کلي عام فحش لڳ لاڳاپا ۽ عام ماڻھو جي جيئڻ جي جنجال کان تنگ اچي خودڪشيون ڪرڻ جو نالو بہ روم ئي آهي.
هي وِک نيپولين جي وِک کان گهٽ ناهي، سنڌي ماڻھوءَ جي بين الاقوامي ڪوڙ کان اها بغاوت عزت ۽ احترام جي لائق آهي، پر پھرين وک وانگر ان ۾ ڪچايون ۽ ڦڪايون بہ آهن.
مثال طور يورپ رڳو يونان، اسپين، روم ۽ برطانيا جو نالو ناهي. يورپ رڳو ڪاهن، حملن ۽ محلاتي دٻدٻي جو نالو ناهي، پوءِ چرچ جو اهو سمورو مڪروھہ ڪردار ڇپي نہ ٿو سگهي، جيڪو شھنشاهيت جي بنياد کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هن بائيبل کي ايترو استعمال ڪيو، جيترو اهو ئي چئي سگهيو.
جنھن کي انگريز اديب ليبٽس پنھنجي تاريخي ناٽڪ ”ڪليسا ۾ قتل“ ۾ پورو نقشو ڏنو آهي. اهو ڪتاب پڙهندي انگريزي فلم ’دي انڪوائري‘ ياد ٿي اچي ۽ اهو سوال ٻيھر تازو ٿي ٿو پوي تہ ڇا عيسيٰ واقعي هو بہ يا اهو ماڻھن جي دٻيل بغاوت جو افسانوي ڪردار آهي. تاريخ کي ڇنڊي ڇاڻي ٻيھر پيش ڪرڻ جي واقعي سخت ضرورت آهي، پر اها ڇنڊ ڇاڻ پورهيو طلب ڪري رهي آهي.
پوليس ۽ ثقافتن جي بيدردي سان ڪيل تباهي جو ازالو فقط اهو ئي ٿي سگهي ٿو تہ ٻيھر اهڙي لتاڙ ۽ اجاڙ نہ ٿيڻ کپي، پر سڀ کان حيرت جوڳي شيءِ ان ۾ محترم سراج ميمڻ جو لکيل مھاڳ آهي، جيڪو ”ڊبل اي استاد جاني دو“ کان وڌيڪ ناهي.
سراج جو مھاڳ ڪتاب تي نہ پر ڪتاب جي مھاڳ تي آهي، ان ۾ ڪريٽ ۽ روم جي تاريخي حرامپائن تي سراج اکر بہ نہ لکيو آهي پر هو بہ روائتي مارڪسٽن وانگر فقط ڪتاب جي هڪ جملي کي بنياد بڻائي پنھنجي ڳالھہ ڪري ويو آهي ۽ اهو جملو گورياچوف متعلق آهي، جنھن ۾ يوسف شاهين گورياچوف جي شخصيت کي ساراهيو آهي، بلڪہ سمورو ڪتاب هن جي نالي منسوب ڪيو آهي. اها ڳالھہ قابل تنقيد ضرور آهي، پر هن ڪتاب ۾ گورياچوف بحث جو موضوع نہ آهي، پر انساني تاريخ ۾ طاقت جو غلط استعمال آهي، جيڪو استعمال يورپ جي چئن رياستن کان ٻاهر نہ نڪتو آهي. ۽ اهو ڪتاب يوسف شاهين هڪ دردمند اديب جي حيثيت سان نہ لکيو آهي، پر هو هڪ بي رحم نقاد ٿي شين جي نئين پرک ٿو چاهي.
يوسف شاهين جي چاهت اسان سڀني جي چاهت آهي ۽ اها چاهت جي ايم سيد کان وٺي ڊاڪٽر مبارڪ علي تائين ڪيترن ئي تاريخدانن آزمائي آهي، پر جيڪا وسعت ۽ گهرائي يوسف شاهين ٿو چاهي اهو اسان سڀني جو گڏيل خواب آهي ۽ يوسف جي اها ڪوشش سراج صاحب جي صلاح سان گڏجڻ بہ کپي تہ اهي تاريخي جواز ۽ سبب بہ بحث هيٺ آندا وڃن، جن جي ڪري هن دنيا جو مُھانڊو بگڙي ويو آهي، پر يوسف جي چاهت ڀري همت ان پوڙهيءَ کان وڌيڪ آهي، جيڪا ڪپڙي جي ڳوٿري ۾ ٺڪريون وجهي پاڻ کي يوسف جي خريدارن ۾ شامل ڪرڻ وئي هئي.

(روزاني ڪاوش 19 جون 1992ع)

محمود شام: اَنالحق

اِنسان جيتوڻيڪ چنڊ تي پھتو آهي، پر زمين تي اَڃا تائين ساڳي بيقدريءَ جو شڪار آهي، جيئن پھرين هو. هن روءِ زمين تي جتي اِنسان ٻي سڄي مخلوق ۾ سڀني کان اَشرف آهي ۽ جنھن نباتات، حيوانات، جمادات ۽ هاڻ فلڪيات کي بہ تسخير ڪري ورتو آهي، هو پنھنجي ڀائرن هٿان تباھہ ۽ برباد ٿي رهيو آهي! اِيئن تہ بي عقل ۽ بي شعور حيوان بہ هڪ ٻئي جي خلاف فوجون ڪاهي حملي آور نہ ٿيندا آهن، جيئن اِنسان، اِنسان جو رت ٿو وهائي، نسلن جا نسل بہ ختم ٿو ڪري ڇڏي. اِنسان ۽ اِنسان جي وچ ۾ خوني جنگ جيتوڻيڪ شروع کان ئي شروع ٿي وئي هئي، پر اَڄوڪي روشن ۽ ترقي يافتہ دؤر ۾ اِنسان کي مارڻ جي لاءِ ترقي يافتہ هٿيار ٺاهيا ويا آهن، نسل ڪشي جي لاءِ ڪيميائي هٿيار بہ ٺاهي ورتا آهن.
دُنيا جي هر ڪُنڊ ۾ سگهاريون ۽ دولتمند طاقتون، ڪمزور اِنسانن جو وجود ختم ڪرڻ جي پويان پيل آهن. غريب ۽ مفلس ويٽنامي، خوشحال ۽ اَمير آمريڪين سان وڙهي رهيا آهن، ڪيترائي سال ٿي ويا آهن، هنن ڪوبہ سُڪون جو ڏينھن نہ ڏٺو آهي ۽ نہ ئي سُک جي رات. ڇا هو اِنسان ڪونہ آهن؟ اَلجزائر جا اِنسان ڪيترن ئي سالن تائين رت جي درياءَ مان گُذرندا رهيا آهن، ڇا سڄي دُنيا جي مسلمانن کي جيئرو رهڻ جو حق ڪونھي؟ ويٽنام جي اِنسانن آمريڪا جي اِنسانن سان ڪھڙا ظلم ڪيا، جو هاڻ آمريڪا جا اِنسان پنھنجي گهرن کان هزارين ميل پري وڃي ويٽنام جي اِنسانن کي سندن گهرن ۾ ماري رهيا آهن ۽ پاڻ بہ مري رهيا آهن.
وطن ڇا آهي؟ قانون ڇا آهي؟ ملڪي سالميت ۽ خود مختياري ڇا آهي؟ پَرماري قوتن پنھنجي سھولت لاءِ قانون جوڙي رکيا آهن، سرحدن جون لڪيرون ڪڍي رکيون آهن، اِنسان خود پنھنجي جوڙيل قانون جي بالادستي قائم ڪرڻ لاءِ اُهي قوتون ڪمزور اِنسانن تي چڙهايون ڪن ٿيون ۽ اُنھن انسانن کان اَمن ۽ سڪون سان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي. اِهو وهنوار ڪيترن ئي صدين کان جاري آهي، گهڻيون تڻيون جنگيون وطن جي نالي تي وڙهيون وڃن ٿيون. وطن ڇا آهي؟ وطن ڪھڙي نسبت سان اَڄ جيڪي وطن جون حدون آهن، اُهي ڪالھہ نہ هيون، ڪالھہ جيڪي اسان جا وڏڙا وطن جي نالي تي قربان ٿيا هئا، اُنھن جون قربانيون ڪھڙي ڳاڻيٽي ۾ آڻجن؟ اَڄ جيڪڏهن اِنسان ڪنھن وطن جي لاءِ قربانيون ڏيندو تہ ڇا ضروري آهي تہ سندن وطن ساڳي حالت ۾ رهي ۽ جڏهن وطن ساڳي حالت ۾ نہ رهندو تہ قربانيون ڇا جي لاءِ؟
سڄي دُنيا هر اِنسان جو وطن آهي، سڀئي اِنسان هڪ عالمي برادري آهن، ڀائرن کي ڀائرن کان ڪوبہ ڊپ نہ هوندو آهي، ڪوبہ خوف نہ هوندو آهي. جيڪڏهن ڪنھن وٽ طاقت وڌيڪ ٿي ويندي آهي تہ هو اُها اِستعمال ڪرڻ جي لاءِ ڪمزور اِنسانن کي ڳوليندو آهي، اِيئن سوين، هزارين، لکين اِنسان بنا ڪنھن سبب جي مارجي ويندا آهن. قديم ۽ جديد تاريخ تي جيڪڏهن اِن نقطئہ نظر سان نظر وڌي وڃي تہ هيستائين جيترا ماڻھو جنگن جو ٻارڻ بڻيا آهن، اُن جو سبب ڪجهہ طاقتور گروهن جي مھم جوئي کانسواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نہ هو.
يوسف شاهين هڪ حساس دل رکي ٿو، اِنسانن جو اُهو مرڻ سندس سڀ کان وڏو ڏُک آهي، اُهو اوهان جو بہ ڏک آهي تہ منھنجو ڏک بہ آهي، پر خود پنھنجن هٿن سان ٺاهيل زنجيرن، وهمن ۽ پاڇولن ۾ قيد اِنسان اُن تي اَحتجاج بہ نہ ٿا ڪري سگهن. يوسف شاهين طاقت جي اِستعمال جي خلاف اَحتجاج بُلند ڪري رهيو آهي، سندس لفظن ۾ درد جون لھرون ڇوليون هڻي رهيون آهن، هو هڪ پيغام کڻي سامھون اَچي رهيو آهي تہ دولتمند پنھنجي دولت جي حفاظت لاءِ طاقت خريد ٿو ڪري. اسان وٽ سرمائيداري نظام جي سخت مخالفت ٿيندي آهي. اُن سرمائيداري نظام ڀاڙيتو فوجي طاقت کي جنم ڏنو آهي، سڄي دُنيا جا سرمائيدار پنھنجن پنھنجن قلعن کي مضبوط رکڻ جي لاءِ فوج کي وطن ۽ مذهب جي نالي تي اِستعمال ڪن ٿا. يوسف شاهين جو پيغام اِهو آهي تہ سرمائيداري سان گڏ طاقت جي اُن اِداري کي ختم ڪري، اُها ئي دولت اِنساني ڀلائي ۽ بھبود تي خرچ ڪئي وڃي. هٿيارن جي گهٽائڻ سان ڪجهہ نہ ورندو ۽ وري جنگ نہ ڪرڻ جا معاهدا ڪم نہ اِيندا، سڄي دُنيا ۾ اِها تحريڪ هلڻ گُهرجي تہ جڏهن اِنسان هڪ برادريءَ سان واسطو رکي ٿو تہ پوءِ اُهو وطن ۽ ملڪ جي قيد کان آزاد هڪ ئي رشتي ۾ ڳنڍيل هئڻ گهرجي، ٽينڪ جي جاءِ تي ٽريڪٽر اِستعمال ٿئي تہ دُنيا مان بک ختم ٿي سگهي ٿي، هوائي جھاز مان بم وسائڻ بدران اِنسانن کي هڪ ٻئي جي ويجهو وٺي وڃڻ لاءِ فضا ۾ پرواز ڪن، اَئٽم بم ۽ هائيڊروجن بم ٺاهڻ جي بدران سائنسدان سڄي دُنيا جي ٻارڙن کي بيمارين کان محفوظ رکڻ جي لاءِ دوائون تيار ڪن، هن دنيا کي باھہ ۽ رت جي درياءَ ۾ ٻوڙڻ بدران اَمن ۽ آشتيءَ جو گهوارو بڻائين. جيڪڏهن دُنيا ۾ طاقت هڪ اِداري جي حيثيت ۾ موجود نہ هوندي تہ طاقت جي اِستعمال جو سوال ئي پيدا نہ ٿو ٿئي.
سڄي دُنيا ۾ جيترن بہ فلاسافرن ۽ مفڪرن اِنسانيت جي ڀلائيءَ لاءِ سوچ جا مرحلا طئي ڪيا آهن، اُنھن جو بُنيادي خيال اِنسانيت جي بقا ۽ عالمگير ڀائپيءَ جو قيام ئي هو، پر اِستحصالي قوتن پنھنجي طاقت جي ٻل تي اُنھن فلسفن کي عملي شڪل اِختيار ڪرڻ نہ ڏني ۽ اَڄ بہ اِنسان جو رت وهي رهيو آهي، سُندر ڌرتي شعلن ۾ سڙي رهي آهي، اِهو سڀ اِنسان جي سوچڻ جي ڳالھہ آهي، فڪر جي ڳالھہ آهي تہ اِنسان آخر ڪيستائين هڪٻئي کي ماريندو رهندو.

]يوسف شاهين جي اُردو ڪتاب ’اَنالحق‘ جي مھاڳ جو ترجمو، جيڪو 1972ع ۾ ’اِداره بارگاهِہ اِنسانيت‘ نصرپور، ضلعي حيدرآباد پاران شايع ٿيو.[

ڊاڪٽر آفتاب اَبڙو: عالمي تاريخ جو مطالعو

جڳ مشھور عالم، عالمي تاريخ، تھذيبن، قديم رِياستن جي عروج ۽ زوال کان باخبر، مختلف لاڙن جو باڪمال شاعر، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ جان اَرپيندڙ مانواري سائين يوسف شاهين جو ڪتاب ’عالمي تاريخ جو مطالعو‘ منھن جي سامھون آهي ۽ اُن جا ڪافي حِصا پڙهي ورتا اَٿم. سچ پُڇو تہ بلڪل مُنجهي پيو آهيان تہ ٻہ اَکر ڪتاب تي لِکان يا ليکڪ تي! اَهڙن موضوعن تي سنڌي ٻوليءَ ۾ مواد بنھہ گهٽ آهي، ڪن ايڪڙ ٻيڪڙ ليکڪن عالمي واقعن بابت مختصر لِکيو آهي، باقي تہ بس!
ڪتاب جو ليکڪ سائين يوسف شاهين بُنيادي طور تاريخ ۽ تھذيب جي عِلمن جو ماهر آهي. پاڻ تاريخ تي ايترو تہ پڙهيو اَٿس، جو رُڳو ڪنھن ملڪ يا حاڪم جو نالو کڻو، سائين بِنا ڪنھن ڪتاب ڏِسڻ جي سندس مڪمل تاريخ، جاگرافي ٻُڌائي ويندو تہ ڪِٿان آيو، ڪھڙي مقصد کان ڪاھہ ڪيائين، پوءِ کيس فتح ڪيئن مِلي، اُتي ڪيترو وقت رهيو، ملڪي ماڻھن جي ڀلائيءَ يا برباديءَ لاءِ هن ڇا ڪيو؟ اُن دؤر ۾ سندس پاڙيسري ملڪن ۾ ڇا ٿي وهيو واپريو؟ سڀ ڪجهہ يڪساهيءَ سان ٻُڌائي ويندو. هن ڪتاب ۾ پڻ قديم دؤر جي تھذيبن، مذهبن، رَوايتن، حملن وغيرہ بابت عالمي تاريخ جي اُٿل پُٿل کي آسان زبان ۾ بيان ڪيو اَٿس.منھنجو مشاهدو آهي تہ ڪافي عِلمن/صنفن تي سينئر دوست لِکن پيا، اُهي ڇپجن بہ پيا ۽ اُنھن جا ڪتاب وِڪامجن بہ پيا، اَدب ۾ سندن نالو آهي! پر جڏهن ساڻن اُن موضوع جي گهرائيءَ يا ٻين لاڳاپيل پاسن تي ڳالھائبو تہ فوري طور تي نَٽائڻ يا آئين بائين ڪرڻ لڳندا آهن، اُن جا بہ ڪي سبب ٿي سگهن ٿا. هڪ تہ تاريخ ’اُٺَ ڪاٺيو‘ ڪم آهي، اُن جي سڀني پاسن کي سمجهڻ لاءِ وڏو تجربو گُهرجي، اِهو فن پيڙهين تائين پيو هلندو آهي. ماضيءَ ۾ تھذيبون ڀرپاسي وارن مُلڪن تي اَثراَنداز ٿينديون رهيون آهن. ٻن چئن مُلڪن جي قبضي کانپوءِ اَڪثر بادشاھہ پاڻ کي خدا جو درجو ڏيئي، رَعيت کي حُڪم ڪندا هئا تہ فلاڻي شھر تي قبضو ڪرڻو آهي، اَهو اِلاهي حُڪم آهي، خدا اوهان کي اَفضل ڪيو آهي، اوهان کي حق ٿو پھچي تہ عام ماڻھن کي غلام بڻايو يا قتلام ڪيو. کين منھنجو پيغام پھچايو تہ جيئن هو سِڌيءَ راهَه تي هلن. اَهڙي هلت سنڌو سڀيتا کان سِواءِ سُمير تھذيب ۾ گهڻو ڏِسڻ ۾ اَچي ٿي. اُتان جي شھري رِياست ’اُر‘ (Ur)، جنھن کانپوءِ ’عرق‘ ۽ ’عراق‘ بڻيو.
سُمير ۾ 5000 سال اَڳ 8 شھري حُڪومتون هيون، هر رِياست جو خدا اَلڳ هو. هو عام ماڻھن کي ٻُڌائيندا هئا، رزق ۽ روزي، توڙي زندگي ۽ تحفط ڏِيڻ سندن ڪم آهي. هو صرف اِطاعت ڪن. (تفصيل لاءِ اَصل پڙهو) فطري اُصول آهي تہ جڏهن اَلڳ ملڪ ۽ حُڪم هوندا تہ هر رِياست جو وهنوار بہ اَلڳ ۽ نرالو هوندو هو، هر بادشاھہ پاڻ کي برتر سمجهندو هو ۽ رعيت کي بہ اَهڙي سِکيا ڏيندو هو تہ هو اَفضل نسل آهن، خدا کين ٻين تي حاڪميت جو حق ٿو ڏئي. آرين، عيسائين، يھودين، پارسين، مسلمانن جو بہ اِهو عقيدو آهي، هٽلر بہ اِن اُصول کي عام ڪندي ڪيترن ئي ملڪن تي قبضو ڪري ورتو.
دراَصل اينٿروپالاجي (Anthropology) جو اِهو هڪ وڏو بحث آهي تہ حاڪم، مبلغ ڪھڙيءَ رِيت پاڻ کي ۽ پنھنجي رعيت کي ٻين قومن جي ڀيٽَ ۾ مٿانھون مقام ڏِين ٿا ۽ ٻين تي حُڪومت ڪرڻ پنھنجو حق سمجهن ٿا. سائين يوسف شاهين جھڙا عالم ئي اِن فلسفي کي سُلجهائي ۽ سمجهائي سگهن ٿا. جيڪڏهن گهرائيءَ سان ڏِسجي تہ هن ڪتاب جو مُکيه بحث بہ اِهو آهي، جنھن کي سمجهائڻ لاءِ سائين 5000 ق.م جي دؤر جي تھذيبن، مذهبن، حاڪميت جي اُصولن کي اُجاگر ڪيو آهي. هن سوين ڪتابن جو مطالعو ڪيو آهي، پوءِ ڪنھن ڪتاب مان چارِ سِٽون تہ ڪن مان چار اُصول اَخذ ڪيا آهن. ظاهر آهي تہ جڏهن ڪو ڏاهو حاڪم مختلف حالتن کي مُنھن ڏئي ٿو تہ اُن جي ردِ عمل ۾ ڪي نوان لاڙا پيش ڪري ٿو، نوان اُصول گهڙي ٿو.
گُتي قبيلن 2193 ق. م دؤران اَڪادي ايمپائر تي حملا ڪري، تقريباً سمورا وڏا شھر برباد ڪري ڇڏيا. هو جابلو لوڪَ هئا. ڪوراڄٽ، پر طاقت جي زور تي اَڪادي رياستن تي قبصو ڪري ويا.
هنن پنھنجي قبائلي سوچَ مطابق قبضي هيٺ آيل ملڪن لاءِ نوان قانون جوڙيا. اُنھن مان 1. چوري، ڌاڙي، زوريءَ زِنا ۽ قتل لاءِ موت جي سَزا مقرر ڪئي ويئي. 2. جيڪڏهن ڪو شخص ٻئي جو ڪو عضوو ڪَپيندو تہ اُن کي چانديءَ جو هڪ سِڪو ڏَنڊ طور ڏِيڻو پوندو.
اُن کانپوءِ ’اُر ٽئين سلطنت‘ (Ur - III Dynasty) جو دؤر اَچي ٿو، جنھن فتحن جو ڌَنڌو شروع ڪيو. جانٺن جوانن جا جَٿا جوڙي، واري سان شھر فتح ڪندو ويو. واضح رهي تہ اُن اِنساني نسل جا سَردار اَرغون، ترخان ۽ اَزبڪ بہ پئسن تي ماڻھو وٺندا هئا، ڪِن جون پگهارون مقرر هيون تہ ڪي وري ٻہ ويلا مانيءَ تي تڳندا هئا. اُنھن جي اَڳواڻن کي پنج هزاري، ڏھہ هزاري، ويھہ هزاري جا لقب ڏيئي، پنھنجي قبيلي جو اَڳواڻ مقرر ڪندا هئا ۽ هٿِ آيل مالِ غنيمت مان بہ اُنھن کي ڪجهہ حِصو ڏيندا هئا. اُنھن قزاق قبيلن پنھنجي وحشي صفت ۽ پئسن عيوض ڪروڙين قتلام ڪيا، وسندڙ شھر وِيران ڪيا، ٺٽي شھر ۽ بغداد کي باهيون ڪنھن ڏِنيون؟
سو سائين شاهين صاحب ور ور ڪري پيو تاڪيد ڪندو آهي تہ تاريخ پڙهو، پُرجهيو ۽ سمجهو، تاريخ جي فھم کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو، قومن جي زوال ۽ عروج کي سمجهو، پنھنجي سنڌ جي تاريخ کي ور ور ڪري پڙهو. اسان ڇو ڌَڪَ کاڌا؟ 5 هزار اَرغون اسان جي ڌرتيءَ تي 20 هزار مڙسن کان ڪيئن ڏاڍا ٿيا؟ نادر شاھہ ڏن وٺڻ لاءِ ڪابل مان هلي ٿو ۽ اَچي عمرڪوٽ پھچي ٿو تہ وچ تي اُن سان ڪوبہ قبيلو منھن مقابل ڇو نہ ٿيو؟ ’ميان وال‘ جا جوڌا کين راتاها هڻي ڇو نہ ڀڄائي سگهيا. هو سڀني گهٽن گهيڙن کان بہ واقف هئا.
تاريخ صرف رياستن جي تباهين، بربادين ۽ ظالم حاڪمن پاران هٿرادو اُصول جوڙي، ماڻھن کي مطيع ڪرڻ جو نالو نہ آهي، اَلبت اُنھن دؤرن جي لافاني اِيجادن، اُصولن ۽ عام ماڻھن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو بہ نالو آهي. جڏهن بغداد، بصري، اُزبڪستان، يونان، اِيران جھڙا مضبوط ملڪ مخالفن جي مزاحمت ڪري نہ سگهيا، هر ملڪ جنگجُو قبيلا گُهرائي، پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي تہ اُتي ڪھڙيءَ ريت سنڌو سلطنت هٿيارن کان پاڪ ۽ هڪ خدا جو تصور ڏِنو ۽ تمام وڏو عرصو اُن کي قائم رکيو.
اِهو بنھہ اَهم سوال آهي تہ آخر ڪھڙي حِڪمتِ عملي هئي، جو ساڄي کاٻي پاسي ڦُرلُٽ هئي. هڪ ئي رياست ۾ 16 خدا هئا، پر سنڌ دُنيا جو واحد خِطو آهي، جيڪو اُنھن کان بالاتر هو، اُن کانپوءِ جڏهن رياست جو وجود عمل ۾ آيو تہ هنن اَول پَڪي سِر ٺاهي، اُها بہ جاگرافيءَ جي اُصولن تي. جڏهن تہ دُنيا ۾ جاگرافيءَ جا اُصول 1940ع ۾ جُڙيا. سنڌين کي اُهي اُصول اَول ڪنھن سيکاريا! اُن هڪ اَهم اِيجاد، جنھن سان هنن ٻہ ماڙ عِمارتون جوڙائي گڏ رهيا، کُوهَه کوٽائي پَڪا ڪيا، اَن جا ڀانڊا ٺاهيا، اُنھن وسيلن سبب هو پاڻ کي محفوظ ۽ بي فڪر ٿي سمجهيا. جڏهن جهنگ جي جانورن جو ڪو خوف نہ هجي، اَن، پاڻي ميسر هجي تہ ذهن هزارين ڀيرا وڌيڪ ڪم ڪندو آهي. ]جنھن جي گُنديءَ ۾ داڻا، تنھن جا چريا بہ سِياڻا.[ اَهڙيءَ ريت سنڌو سلطنت 12 لک چورس ميلن تائين پکڙجي ويئي، هر هنڌ اَمن اَمان ۽ سُک سانت هئي، حيرت جي ڳالھہ آهي تہ لوٿل بندر ۽ ڍولا ويرا بندر (گُجرات، ڀارت) مان لڌل ٺڪر جي ٿانون توڙي ٻين اوزارن جي سائيز، ويڪر، موهن جي دَڙي مان لَڌل ٿانون جي برابر هئي.
موهن جي دڙي تي تاريخي حوالي سان ڪم ڪندڙ ’جان اِي مچينز‘ (Jhon Edward Michener) پنھنجي ڪتاب ’سنڌو ماٿر جي لِکت جو اَڀياس‘ ۾ لِکي ٿو تہ: ”اِهو معلوم ٿئي ٿو تہ سنڌو سڀيتا جي اَثرن بحرين کي پنھنجي ڀاڪرن ۾ ڀري ورتو هو، ڇاڪاڻ تہ بحرين ۾ تورَ جا وَٽَ سُمير جا نہ، پر سنڌ وارا ڪتب آندا ويندا هئا. توڙي جو سنڌ جي ڀيٽَ ۾ بحرين کي سُمير وڌيڪ ويجهو هو، تنھنڪري اِهو يقين سان چئي سگهجي ٿو تہ سنڌو سڀيتا جو اَثر گهڻو پري پري تائين پکڙيل هو. (صفحو 25) اِهو وڏو فھم آموز سماجي ۽ تاريخي فڪر آهي، جنھن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي.
تاريخ جي تسلسل، جنھن ۾ شڪست ۽ فتح شامل آهي، اُن کي دل جي حضور سان پڙهڻ جي ضرورت آهي. تاريخ هڪ اَهڙو مضمون آهي، جنھن سان نہ صرف ماضيءَ جي معلومات مِلي ٿي، پر مختلف معاملن ۾ حاصل ڪيل سوڀون سِر اُونچو ڪن ٿيون، جنھن سان قومي وقار ۽ فخرجو اَحساس ٿئي ٿو. اِهي ٻئي اَهڙا گُڻ آهن، جيڪي قومن کي توانائي بخشي، اُتم پدَ تي پھچائين ٿا! گڏ ٿي هلڻ جي سگهہ بخشين ٿا، اَوس اُنھن قومن جي سماجَ ۾ ممتاز حيثيت رهي ٿي.
جيڪو علم اَندر ۾ ولوڙ ۽ تڙپَ پيدا ڪري، اُن لاءِ صدبار اَول پاڻ کي تڙپڻو ٿو پوي، ننڊون ڦِٽائڻيون ٿيون پون. اسان جو لائق ليکڪ بہ اُنھن جانثارن ۾ اَچي ٿو، جن لاءِ شاھہ لطيف چيو آهي: ”هئي ٻَر اَڱارن، ٻڏاهين ٻرن جي.“ يعني اُنھن اَڱارن کي شابس آهي، جيڪي ٻنھي پاسن کان ٻَرن ٿا ۽ جوت جلائين ٿا.
اَهڙي ڪيفيت مون سائين شاهين صاحب جي ڪيئي ڀيرا ڏِٺي. رات جو ننڊ حرام، صبح شام رُڳو تاريخ جي تنوارَ! بلاشڪ تاريخي تاتِ پرج سائينءَ جي رُوحَ ۾ تڙپي پيو. جيستائين سائينءَ کي گهربل حوالو نہ مِلندو آهي، تيسين نيڻن ننڊ حرام، ماني نرھہ، رُڳي ڪمپيوٽر ۽ ڪتاب جي ڳولا ۽ مون تہ اِهو بہ ڏِٺو آهي تہ هڪ هڪ حوالي لاءِ سائين هفتن جا هفتا پيو تڙپيو آهي. سائينءَ کي هاڻي ٻي ڪا تات طلب ناهي، سندس دِلي خواهش آهي تہ مذهب، تعصب ۽ خوش فھمين کان هَٽي ڪري، پوري دُنيا جي خاص طور سنڌ جي حقيقت ڀري تاريخ لِکان!
ڪاش! سائينءَ کي لِکڻ تي مڪمل آزادي هجي تہ جيڪي حقيقتون سائينءَ جي سِيني ۾ آهن ، اُنھن مان ”حقيقت اُن حال جي، ظاهر ڪريان ذري....“ مولانا رُومي چئي ٿو تہ:
سر پنہاں است اندر زیر بم٬
فاش گر گویم جہاں برہم زنم۔

(منھنجي اَندر ۾ جيڪو راز لِڪل آهي، جيڪڏهن صاف بيان ڪندس تہ دُنيا درهم برهم ٿي ويندي.)
محترم سائينءَ پھرئين باب ۾ ويدن جي حوالي سان ڪجهہ اِشارا بہ ڏِنا آهن، جيڪي عقل وارا سمجهي سگهن ٿا.
اَصل رِٿا مطابق عالمي تاريخ جا ڏھہ جُلد تيار ٿيڻا آهن، هي اُن جو پھريون جُلد آهي، جنھن ۾ ساڳئي دؤر جي تھذيب، جھڙوڪ: سُميري، اَڪادي، قديم مصر، اُر، يونان، روم، چين، آمريڪا، انڪا، امپائر، مايا تھذيبن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اُنھن جي فتح ۽ شڪست کان سِواءِ حُڪومتي نيتي، مکيہ حاصلات ۽ ڪِرتن جو خاص حوالي سان ذڪر ڪيو ويو آهي، جڏهن تہ شروعات ۾ سنڌو ماٿر جي تاريخ، تھذيب، ميٿالاجي (Mythology)، آرين جو اَچڻ، مذهبي ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جو اَحوال ترتيب سان ڏِنو ويو آهي، ٻيو جلد بہ آخري مرحلن ۾ آهي.

]يوسف شاهين جي ڪتاب ’عالمي تاريخ جو مطالعو‘ (جلد پھريون) جو پبلشر نوٽ[

شبنم گل : ’عالمي تاريخ جو مطالعو‘ موضوعاتي طور هڪ اَهم ڪتاب

غير اَفسانوي اَدب هڪ وسيع ۽ گهڻ رُخي منظرنامي تي مشتمل آهي. پڙهندڙن کي جامع نقطئہ نظر وسيلي حقيقي دُنيا ڏانھن هڪ دريءَ جو تصور پيش ڪري ٿو، جيڪا ھڪ نئون رُخ ڏيکاري ٿي. ليکڪ ،غير اَفسانوي حقيقتن جي داستانن ۾ حقيقتن، نقطئہ نظر ۽ معلومات کي پيش ڪري ٿو. هيءَ صنف تاريخي اَدب ۽ سوانح عمرين کان وٺي مضمونن، يادگيرين، ۽ تحقيقي صحافت تائين پکڙيل آهي.
سنڌي اَدب ۾ غير اَفسانوي اَدب جو سگهارو حِصو مِلي ٿو، جنھن ۾ مضمون، ڪالم، تنقيد، سوانحي اَدب ۽ سفرناما وغيرہ شامل آھن. ساڳيءَ ريت تجزياتي اَدب پڻ وقت سان گڏ اُسرندو رھيو آھي. خاص طور تي صحافت سان لاڳاپيل لِکڻين پڻ مقبوليت حاصل ڪئي آھي.
يوسف شاھين سنڌي اَدب ۾ صحافتي لِکڻين جي واڌ ويجهہ ڪئي آهي ۽ جديد صحافت جو بنياد وِڌو آهي، سندس اَخبار ’برسات‘ خاص طور تي غير اَفسانوي اَدب جي ترقيء ۾ اَھم ڪردار اَدا ڪيو آھي. سنڌي اَخبارن، سنڌي ٻولي ۽ خاص طور تي ڪالم، مضمونن ۽ تجزياتي لِکڻين جي حوالي سان اَھم پيش رفت ڪئي آھي.
يوسف شاھين غير اَفسانوي اَدب جي تخليق ۾ اَھڙا موضوع چُونڊيا آھن، جيڪي سنڌ۽ دُنيا جي تاريخ جو وچور پيش ڪن ٿا. ليکڪ تاريخ کي دستاويزي حيثيت طور هڪ طاقتور اوزار طور ڪتب آندو آھي. هو واقعن جو تفصيلي اَحوال مھيا ڪري ٿو، اِجتماعي يادگيري کي محفوظ رکڻ ۽ اُنھيءَ ڳالھہ کي يقيني بڻائي ٿو تہ ماضي جا سبق وساريا نہ وڃن. تحقيق ڪيل ڪمن ذريعي ليکڪ اَڳوڻن دؤرن جي پيچيدگين کي ظاهر ڪري ٿو، اُنھن فڪري رُخن تي روشني وجهي ٿو، جيڪي سماج ۽ فردن کي وسيع بنيادن تي تشيڪل ڏين ٿا. مصنف سنڌي، اُردو ۽ اَنگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيا آھن ، جن ۾ Land of wisdom, weapon free civilization,The story of the Ancient Indus people,Rise and fall ,Sansikrat، ڏندَڪٿائون، شاھہ لطيف آزاديءَ جو علمبردار ۽ ٻيا ڪتاب شامل آھن، جيڪي سنڌ ۽ پرڏيھي تاريخ جي حوالن سان سوچ جا نوان دڳ ڏسين ٿا.
اِنھن ۾ ھڪ ڪتاب ’عالمي تاريخ جو مطالعو‘ بہ شامل آھي. ھي ڪتاب اِنساني تسلط ۽ جبر جي نفسيات بيان ڪري ٿو تہ ڪھڙيءَ ريت قومن جي عروج ۽ زوال ۾ لاھا چاڙھا اِيندا رھيا آھن. ليکڪ جي ٻين ڪتابن وانگر ھن ڪتاب ۾ بہ مصنف پنھنجو واضع نقطئہ نظر پيش ڪيو آھي. مصنف لکي ٿو تہ:
”گذريل پنج هزار سالن کان اِهو فيصلو نہ ٿي سگهيو آهي تہ هن دُنيا کي اَمن، سُک ۽ سَلامتيءَ سان جيئڻ لائق ٺاھڻ لاءِ حاڪميت جو ڪھڙو نظام (System of Governance) ھئڻ گهرجي! ھڪ اَندازي مطابق ويھہ ڪروڙ ماڻھو ھر صديءَ ۾ قتل ڪيا وڃن ٿا. پنج ھزار سال اَڳ دُنيا جي اِبتدا دھشتگردي، قتل و غارت، غلامي ۽ بادشاھت جي نظام سان ٿي. ڪيترائي دھشتگرد پاڻ سان ھزارين ويڙھاڪ کڻي مختلف قومن کي’غلام ‘ ڪندا ويا. دھشتگرديءَ جي اُن عمل کي فتوحات (Conquest)جو نالو ڏنو ويو.“
اَڳتي ھلي جڏھن سنڌ جو ذڪر اَچي ٿو تہ لکن ٿا:
”جان مارشل پنھنجي ڪتاب ۾ اِن ڳالھہ جو اَعتراف ڪيو تہ اَسين يورپ جا ماڻھو اِھو پڙھندا رھياسين تہ سنڌو ماٿر جا ماڻھو اَڻ پڙھيل، اَڻ سُڌريل ۽ جاھل ھئا، جڏھن تہ موھن جي دڙي جي کوٽائيءَ کانپوءِ سڄي دُنيا کي اِھا ڄاڻ مِلي تہ سنڌو ماٿر ۾ آباد قومون اِنتھائي سُڌريل، مھذب ۽ باعلم ھيون. ٿي سگهي ٿو تہ اُھي سيڪيولر مذھب لاء اِنتھائي ترقي يافتہ ۽ ڏاتِ ڌڻي ھيون، جن ھٿيارن کان پاڪ معاشرو قائم ڪيو ۽ ھن خطي ۾ ڪئين صدين تائين جنگيون روڪي ڇڏيون.“
ڪتاب ۾ شامل تحقيقي ۽ تجزياتي مضمون سنڌ سان گڏ وچ اوڀر، فوٽيشن ايمپائر، ڪارٿيج ايمپائير، قديم يورپ، قديم مصر، قديم چين، قديم آمريڪا جي اَمن ۽ جنگين واري نفسيات جي باري ۾ ڄاڻ ڏين ٿا. اُن کان علاوہ اُنھن تھذيبن جي ٻولي، ثقافت، سماجي ۽ فڪري لاڙن جي بہ معلومات حاصل ٿئي ٿي. اِنسان جي فطرت ۾ غلبي پائڻ، فتح ڪرڻ ۽ ڪمزورن جو اِستحصال ڪرڻ واري نفسيات مِلي ٿي. دُنيا جا وڏا فاتح نرگسي رَوَين جا حامل ۽ ذھني بيمارين ۾ وڪوڙيل نظر اَچن ٿا، مختلف تھذيبن جو تقابلي اَڀياس دلچسپ ۽ معلوماتي آھي. اِھا حقيقت آھي تہ تاريخ جي سمجهہ فردن کي وسيع سمجهہ عطا ڪري ٿي.
جيئن تہ ڪتاب جو ليکڪ پاڻ جديد صحافتي گُهرجن کي سمجهي ٿو، اُن ڪري ھن موضوع بہ اَھڙا چُونڊيا آھن، جيڪي دُنيا ۾ پسند ڪيا وڃن ٿا. اُن حوالي سان ھي ڪتاب اِنتھائي ڪارائتو آھي، جيڪو دُنيا جي تھذيب توڙي ثقافتي ۽ عسڪري رُخن تي روشني وجهي ٿو. سياست، تاريخ۽ فلسفو اُھي مُحرڪ آھن، جيڪي قومن جي عروج ۽ زوال جا سبب بيان ڪن ٿا. مصنف جي ٻولي سليس ۽ روان آھي، جيڪا خشڪ موضوع کي دلچسپيءَ سان بيان ڪري ٿي. اَنداز ڪھاڻي ٻُڌائڻ وارو آھي، ڪتاب جو بيانيو سگهارو، منطقي ۽ حقيقت پسنديءَ تي ٻَڌل آھي. موضوع نسبتي اَنداز ۾ بيان ڪيو ويو آھي ۽ ڪِٿي بہ ڪنھن اَڻ لاڳاپيل ڳالھہ جو ذِڪر نہ ٿو مِلي. تاريخي مضمونن کي عام طور تي واضح داستان جي ضرورت هوندي آهي، جيڪا ماضيءَ تي اَثر پذير واقعن، ماڻھن ۽ اُنھن جي اَثرن کي ڳولھي سگهي. تجزياتي مضمون ۾ ٻئي طرف، معلومات جي جانچ ۽ تفسير شامل ٿئي ٿي، اَڪثر ڪري جيڪي دليل يا بصيرت پيش ڪن ٿا. ٻنھي جو فائدو هڪ منظم طريقي سان مڪمل تحقيق ڏيڻ آھي، جنھن ۾ مصنف ڪامياب نظر اَچي ٿو. موضوع جي چُونڊ ۽ اُن حِساب سان بيانيو ۽ اَسلوب جوڙڻ ۽ اُن مان نتيجا ڪڍڻ ھڪ ڏُکيو ڪم آھي، جنھن ۾ محنت سان گڏ گهري مطالعي جي بہ ضرورت پوي ٿي. ھي ڪتاب خاص طور تي نوجوانن کي ضرور پڙھڻ گهرجي، جن کي پنھنجي ماضيء جي تاريخ ، سياست، فن ۽ فڪر سان گڏ دُنيا جي ٻين تھذيبن کي سمجهڻ جو موقعو پڻ مِلندو.

طارق عزيز شيخ: اسان جي د‌ؤر جو هڪ بھترين شاعر ۽ محقق

يوسف شاهين صاحب هڪ گهڻ پاسائين شخصيت آهي، جنھن شاعر، اَديب، مؤرخ، صحافيءَ، بزنس مئن ۽ سياستدان طور پنھنجي سُڃاڻپَ ٺاهي، پاڻ مڃايو آهي. سندس شاعريءَ ۾ صوفي اَزم، اَمن پسندي، قومي ولولو، ۽ جذبو موجود آهي. مون کي ياد آهي تہ ضياءُ الحق جي آمريتي ڏينھن ۾ لطيف سائينءَ جو ميلو ٿيو هو، جتي موسيقيءَ جي محفل پنھنجي رمز سان هلي رهي هئي، پر راڳ جي رونق پنھنجي جوڀن تي اُن وقت پھتي، جڏهن رات جو ٻي، سوا ٻي وڳي عابدہ پروين هي ڪلام ڳائڻ شروع ڪيو:
متان ڏرو ڏاڍَ کان، ڏاڍي ناهي ساھہ،
گهوري ساھہ پساھہ، گِهڙي پئون گهاڻي ۾.

اُن وقت ’ڀٽ شاھہ جو ايڪسيلينسي آڊيٽوريم هال‘ اوپن ايئر هو، آڊيٽوريم هال کان وٺي ٻاهرئين ميدان تائين هزارين ماڻھو محفل ٻُڌي رهيا هئا. اُن ڪلام دؤران سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن جوشيلا نعرا هڻڻ شروع ڪيا. هونئن ئي عابدہ پروين جي ڳائڻ جو اَنداز بي اِنتھا عاليشان هوندو آهي، پر سندس ڳايل اِن ڪلام ماڻھو کي چوٽَ تي چاڙهي ڇڏيو ۽ اِهو ڪلام يوسف شاهين صاحب جو لِکيل هو، اِن ڪلام جي ڌُن غلام حُسين شيخ صاحب جي ڏِنل هئي. شاهين صاحب سنڌ جي سرتاج شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ کان بيحد متاثر رهيو آهي، اِهو ئي سبب آهي، جو سندس شاعريءَ جو اَنداز بہ لطيف سائينءَ جي ڪلام جھڙو ئي آهي.
نثر نويسيءَ ۾ بہ يوسف شاهين صاحب پنھنجي هڪ اَلڳ حيثيت رکي ٿو. هن سنڌي، اَنگريزي ۽ اُردو ٻولين ۾ پنجويھن کان وڌيڪ ڪتاب لِکيا آهن، جن مان ڪي ڪتاب عالمي سطح جي مڃتا ماڻي چُڪا آهن. سندس هڪ سُڃاڻپَ تاريخ نويس واري بہ آهي. پاڻ سڄي دُنيا جي قومن، مذهبن، ۽ تھذيبن جي تاريخ جو تمام گهڻو مطالعو ڪرڻ باوجود اَڄ بہ تاريخ جي ڪتابن کي پڙهڻ ۾ رُڌل آهي. ويجهڙائيءَ ۾ سندس ڪتاب ’عالمي تاريخ جو مطالعو‘ شايع ٿيو آهي. 152 صفحن تي ٻَڌل اُهو ڪتاب 8 بابن ۾ ورهايل ۽ 24 موضوعن تي لِکيل آهي.
اِن ڪتاب ۾ بادشاهن، حاڪمن ۽ ظالمن جو پاڻ ۾ اِهو مقابلو ڏيکاريو ويو آهي تہ ڪنھن وٽ غلام ملڪن يا رياستن جو تعداد گهڻو آهي. ڪتاب ۾ حوالن جي مدد سان ڄاڻايل آهي تہ دُنيا جي اِبتدا کان وٺي فاتحن جي حملن قومن کي غلام بڻايو، فاتح ۽ بادشاھہ پاڻ کي خدا بڻائڻ جي خيال ۾ وڏيون وڏيون سَرحدون پنھنجي قبضي ۾ ڪندا ويا، موتمار هٿيارن سان طاقت جو مظاهرو ڪري، اَمن پسند ۽ ڪمزور قومن تي حاوي ٿيا. فاتحن جي لڳاتار حملن سبب ڪروڙين ماڻھون پنھنجون زندگيون بچائڻ خاطر اَڻ ڄاتل هنڌن ڏانھن ڀڄندا، لڏَپلاڻ ڪندا رهيا. اُنھيءَ زماني ۾ طاقتور فاتحن مضبوط قلعا ۽ ڪوٽَ بہ اَڏيا. سڄيءَ دُنيا ۾ مذهبن ۽ قومن جي ويڙھہ اِنساني زندگيءَ کي ناس ڪري ڇڏيو، غلام قومن جون ٻوليون ختم ڪري، ظالمن پنھنجون ٻوليون مسلط ڪري ڇڏيون.
يوسف شاهين صاحب جي مشاهدي مطابق پنج هزار سالن ۾ ٽي هزار ٻوليون ختم ٿي چُڪيون آهن. اِهو بہ ثابت ڪيو اَٿائين تہ پنج هزار سال اَڳ دُنيا ۾ فقط هڪڙي قومَ اَهڙي هئي، جنھن بادشاھہ نظام کي رد ڪري، فلاحي نظام رائج ڪيو هو ۽ سا موهن جي دڙي جي قومَ سنڌي قومَ هئي. هتي اَمن ۽ آشتيءَ واريءَ تھذيب ۾ هٿيارن کان پاڪ معاشرو قائم ٿيل هو، جتي جنگين ۽ فاتحن جي گُنجائش نہ هئي. شاهين صاحب هڪ هنڌ آمريڪي اِسڪالر ’گريگن يوسھل‘ جي تحقيقي مقالي جو حوالو ڏيندي لِکيو آهي تہ سنڌو ماٿر جي ماڻھن اِنساني تاريخ جي سڀ کان پھرين ثقافتي ايمپائر قائم ڪئي هئي، جيڪا موجودہ اَڌ هندستان، سڄي پاڪستان، اَفغانستان ۽ اِيران کان ويندي ترڪمانستان تائين 12 لک ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل هئي ۽ اُن جي گاديءَ جو هنڌ موهن جو دڙو هو.
شاهين صاحب جيتوڻيڪ هن وقت 83 ورهين کان وڌيڪ ڄمار جو آهي، سندن صحت بہ اَڳ جھڙي ناهي رهي، کين نظر جي ڪمزوري توڙي ڪڏهن ڪڏهن سندن طبيعت بہ خراب رهي ٿي، اُن جي باوجود پاڻ عالمي تاريخ جي سلسلي وارو پھريون 3200 ق. م کان 1752 ق. م تائين ڊڪٽيشن سان لِکرايو آهي، جنھن تي هو جس لھڻي. جڏهن سندس اُهو پورهيو مڪمل ٿيندو، تڏهن سنڌي اَدب ۾ اُهو ڪنھن وڏي ڪارنامي کان گهٽ نہ هوندو.

نصير اَعجاز: ’سُر سُورهيہ بادشاھہ‘ حُر مجاهدن ۽ سُورمن کي ڀيٽا

يوسف شاهين سان پُراڻيون ڪچھريون آهن. جڏهن بہ وٽس وڃڻ ٿيندو آهي تہ ڪلاڪن جا ڪلاڪ سنڌ ۽ دُنيا جي تاريخ تي ڪچھري ٿيندي آهي. وٽس تاريخ جو اَڻ کُٽ علم آهي ۽ مان گهڻو ڪري ويٺو سندس ڳالھيون ٻُڌندو آهيان، ڇو تہ آغا سليم جي بقول: ”يوسف شاهين تاريخ کي وڏي ڌِيان سان پڙهيو آهي ۽ شعور جون شمعون جلائي هو هندستان، يورپ ۽ ٻي دُنيا جي تاريخ جي اُونداهين ۾ ويڙهيل گهٽيون ۽ گسَ گُهميو ۽ اُتان نيون نيون سچايون ڳولي کڻي آيو آهي.“ سندس ڳالھيون ٻُڌندي مان بہ ڄڻ تہ تاريخ جي اُنھن اُونداهين گهٽين ۾ ساڻس گڏ گهمندو وتندو آهيان. وٽس وڃڻ ۾ ڪجهہ دير ٿيندي آهي تہ فون ڪري بہ حال اَحوال ڏيندو، وٺندو آهي، خاص طور پنھنجي ڪنھن هلندڙ ڪتاب جي ڪم بابت تہ ضرور ٻُڌائيندو آهي. ڪجهہ مھينا اَڳ جڏهن پنھنجي هڪ نئين ڪتاب لِکڻ جو ڪم آخري مرحلي ۾ هُيس تہ هڪ رات ٻارهين ڌاري فون ڪيائين. ”صاحب!“ هن پنھنجي مخصوص اَنداز ۾ مون کي مخاطب ٿيندي چيو: ”اَڄ مون حُر هلچل تي توهان وارو ڪتاب وري نظر مان ڪڍيو تہ سُورهيہ بادشاھہ ۽ سندس آزاديءَ واري هلچل تي شاعري لِکڻ جو اُتساھہ پيدا ٿي پيو، سُورهيہ بادشاھہ تي لِکڻ تہ گهڻو اَڳ ٿي چاهيم، پر هاڻ پَڪو پَھہ ڪيو اَٿم.“
”اِهو تہ واھہ جو ڪم ٿيندو.“ مون وراڻيو.
”پر يارَ! هن ڪتاب کي پورو ڪري جان ڇڏايان تہ شاعريءَ ۾ هٿ وجهان.“
اِيئن اُهي ڪجهہ مھينا گُذري ويا ۽ سندس ڪتاب بہ مڪمل ٿي ويو، جنھن لاءِ يوسف شاهين چوندو آهي تہ: ”کوڙ ڪتاب لِکيم، پر هن ڪتاب تي مون سمورو نُور نچويو آهي.“ هتي اُن ڪتاب جي تفصيلن ۾ وڃڻ مناسب نہ ٿيندو، بس! ايترو چوندس تہ جيئن هن پنھنجي گُذريل ڪتابن ۾ ڪُوڙن خدائن، جابر بادشاهن ۽ فوجي سپھہ سالارن کي اُگهاڙو ڪيو آهي، تيئن هن ڪتاب ۾ بہ هن اِنسان ذات کي تباهيءَ جي اُونھي ۽ اُونداهي غار ۾ اُڇليندڙ قوتن کي للڪاريو آهي. چوراسي ورهين جي ڄمار ۾، طبيعت بہ خراب رهندي، هن اِهو اَهم ڪتاب لِکي پورو ڪيو تہ مٿان وري پيرَ تِرڪڻ سبب ڄنگهہ جي هَڏي ڀڄي پيس ۽ ويل چيئر ڀيڙو ٿي ويو ۽ اَڃا بہ علاج هيٺ آهي. جڏهن مزاج پُرسيءَ لاءِ وٽس وڃڻ ٿيو تہ تڏهن بہ اِهائي تاتِ هيس تہ سُورهيہ بادشاھہ تي ڪلام لِکجي.
سُورهيہ بادشاھہ شھيد پير صِبغت ﷲ شاھہ راشديءَ بابت شروع کان سندس راءِ هئي تہ هن ڦوھہ جوانيءَ ۾ سنڌ لاءِ پنھنجي جان ڏِني ۽ سندس حُر مجاهدن بہ وڏي ويڙهاند ڪري، سنڌ جي آزاديءَ جي تاريخ جو هڪ اَهڙو بابُ لِکي ڇڏيو، جنھن جي ذڪر کانسواءِ سنڌ جي تاريخ اَڻپوري رهندي. ”سُورهيہ بادشاھہ ۽ حُر هلچل کي هن ملڪ ۾ اَهميت نہ مِلي آهي، اُن پُٺيان کوڙ ڪارڻ آهن، جن مان هڪ آهي مخصوص ذهنيت.“ سندس چوڻ هو، جڏهن 2015ع ۾ مون کيس پنھنجي ڪتاب Hur - The Freedom fighter جي ڪاپي ڏِني هئي.
گُذريل فيبروري مھيني جي ويھين تاريخ ڌاري جڏهن وٽس وڃڻ ٿيو تہ وري شھيد پير جو ذڪر نڪتو. تڏهن ٻُڌايومانس تہ: ”ويھين مارچ سُورهيہ بادشاھہ جي شھادت جو ڏينھن بہ اَچي پھتو آهي، ڪجهہ لِکي وٺو تہ بھتر.“
”پورو مھينو پيو آهي ۽ اِهو تہ وڏو وقت آهي. مون کي شاعري لِکڻ ۾ دير ڪانہ لڳندي، ٻہ ڏينھن بہ منھنجي لاءِ کوڙ آهن.“ هن مُرڪندي وراڻيو ۽ پنھنجي کوڙ ڏهاڪا اَڳ لِکيل شاعريءَ جو پسمنظر ٻُڌايائين. ”بس! جڏهن اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو آهي تہ دير ڪانہ لڳندي.“
سچ تہ يوسف شاهين کي دير ئي ڪانہ لڳي. مارچ مھيني جو پھريون هفتو بہ پورو ڪونہ ٿيو تہ سندس فون آئي، اُهو ئي مخصوص اَنداز هُيس: ”صاحب!“ مان سندس لھجي مان سمجهي ويس تہ سندس مُنھن تي ڪنھن ڪاميابيءَ جي مرڪ هوندي، هيو بہ اِيئن، هن شاعري لِکي ورتي هئي. ”مون ٻن راتين ۾ پنجيتاليھہ بيتَ ۽ هڪ وائي لِکي ورتي آهي، پر مان اَڃا ڪجهہ بيت ۽ وايون لِکڻ گُهران ٿو. ڪجهہ نظر جو بہ مسئلو اَٿم، پر مارڪر سان وڏن اَکرن ۾ لِکي ورتو اَٿم. هاڻ اَچو ۽ اُهو ڪلام کڻي وڃو، ڇو تہ اِهو لِکرائڻ ۾ اَصل ڪردار اوهان جو آهي.“
مان بہ ٻئي ڏينھن وٽس وڃي پھتس، اُتي ئي پَنا اُٿلائڻ شروع ڪيم. ”مون سُورهيہ بادشاھہ ۽ سندس ٻين شھيد ساٿي مجاهدن ۽ سُورمن کي ڀيٽا ڏِيڻ لاءِ نئون سُر لِکيو آهي ۽ اُن سُر جو عنوان آهي ’سُر سُوره سنڌ‘، ويل چيئر تي ويٺل يوسف شاهين چيو. هن ’سُر سُوره سنڌ‘ جي اِبتدا ئي هن بيت سان ڪئي هئي:
لاحد، لامڪان ۾، جيئن ٿيام جاڳَ،
سَھيڙي سڀ ڀاڳَ اَڀاڳَ، سُوره لِکيم سنڌ جي.

جيئن جيئن بيتَ پڙهندو ويس، منھنجا لِڱَ ڪانڊاربا ويا. هيءُ ڪلام شھيدن کي ڀيٽا ڏِيڻ لاءِ لِکيو ويو هو، پر اُن ۾ اَٺ ڏهاڪا اَڳ آزاديءَ لاءِ ٿيل ويڙهاند جي تاريخ بيان ٿيل هجڻ سان گڏ ڄڻ تہ اَڄ جي بہ حالتن جي عڪاسي ٿيل هئي ۽ وري هڪ جذبي سان آزاديءَ جي ويڙهاند جو سَڏ ڏِنل هو.
اَلف آزادي، ب کان رهيا بيخبر،
ڏِسي ڏاڍُ ڏمرُ، سُوره پڙهيائون سنڌ جي.

مان اَڳتي پڙهندو ويس.
وطن يا ڪفن، هر ڪنھن واتِ وائي،
آسَ اَٿن اَهائي، تہ آجا ٿين اَنگڙا.
-
وطن يا ڪفن، هر ڪنھن وائي واتِ،
آزادي آزادي، تن من اِهائي تاتِ،
ماڻيندا نيٺِ نجات، ڏُکويل هن ڏيھہ جا.

سندس ڪلام پڙهڻ سان لڳم تہ ڄڻ حُر مجاهد هٿيارن جي کوٽِ هوندي بہ بي خوف ٿي، سِر جو سانگو لاهي، آزاديءَ لاءِ اَنگريز لشڪر سان مُھاڏو اَٽڪايو بِيٺا آهن ۽ منھنجي آڏو ئي ويڙهاند هلي رهي آهي.
نہ آهُون، نہ دانھُون، نہ ڏِنائون ڏوراپا،
لَھي ويا لوڪَ ڏي، وڏا ڪري وراڪا،
مَچائي ميڙاڪا، ورتائون واٽَ آزاديءَ جي!
-
نہ وِت، نہ وسيلا، نہ ڪا توبَ، ترارَ،
سِينو تاڻي سوڍن، هٿِ ڪيا هٿيارَ،
پوءِ تہ هئي زاروزار، ڏاڍن سان هن ڏيھہ ۾!

نئين سُوره سنڌ جو، ٿيو چؤٻول چوڌاري،
مِڙوئي لَٿا ميدان تي، حُر هزاري،
ڪِن کنيا ڪاتَ، ڪِن ڪُھاڙيون ڪلداري،
ڪيرائي وِڌائون ڪيترا، ڪنڌَ قھاري،
عرضي ڏِنائون اُڀَ کي، ڪري هُل هاڪاري،
لھندا ڪڏهن لوڪَ تان، بارَ سندا باري،
جنگ رکيائون جاري، جاسين جُڙين آزادي!

يوسف شاهين سنڌ جي هن نئين سُوره ۾ لوڙن ۾ قيد ڪاٽيندڙ حُر مجاهدن جي حياتي ۽ سُورن، سختين جي بہ عڪاسي ڪئي آهي، جن لاءِ لِکي ٿو:
جڏهن سنڌ جا، رهزن ٿيا رکوالَ،
ڀري جيل ڀڀَ جيان، ٿيا بودلا بي حال،
پوءِ لوڙن ۾ لال، واڙيائون جانورن جيان!

يوسف شاهين اُنھن سُورمين کي بہ ياد ڪيو آهي، جن دُشمن سان پنھنجي مرد مجاهد جيان ويڙهاند ڪئي.
وينگس ورَ کڻي، کنيا هٿيار هٿن ۾،
پارس پدمڻي، وئي وڍيندي ويرين کي.
-
وينگس ورَ کڻي، هٿ ۾ کنيا هٿيارَ،
سڀيئي سُورميون، نڪري ٿيون نروار،
پوءِ تہ ويرين وچ ۾، هُئي ماران مار،
ڏندين ڏِنيون آڱريون، اَنگريچي اَغيار،
ڪھڙي قومَ سان، پيو پالو پالڻھار،
نہ ئي پاڻ پچار، نہ ئي سانگو ساھہ جو.
-
هڪالي هِتان جي مِٽي ڦِريو وجهي ڦِٽڪارَ،
وڻ ٽڻ وائي اِهائي، لميو ڪن للڪارَ،
تہ کڻي توبَ ترارَ، ڀڄو هن ڀونءِ تان.

مون يوسف شاهين کي چئي ڏِنو: ”نيٺ توهان جي اَندر ۾ هڪ ڀيرو وري اُهاءُ ٿي ويو.“
’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ جي نالي سان يوسف شاهين جي شاعريءَ جو هڪ مجموعو بہ آهي، جيڪو نومبر 1979ع ۾ ڇپيو هو. اُها شاعري هن پندرهن ڏينھن ۾ شمشيرالحيدريءَ جي همٿائڻ تي لِکي هئي. اُن کان اَڳ يوسف شاهين نہ شاعر هو ۽ نہ ئي وري ڪڏهن سندس شاعري ڪٿي ڇَپي هئي. مان جڏهن يوسف شاهين جي ’سُر سُوره سنڌ‘ جو مھاڳ لِکڻ ويٺس تہ اُن ڪتاب ۾ يوسف شاهين جي باري ۾ شمشيرالحيدريءَ جي ڏِنل راءِ ياد آئي. هن لِکيو هو تہ: ”ڪو پُور پيس تہ شاھہ جو رِسالو کڻي، يڪساهيءَ ويھہ پنجويھہ ڀيرا دور ڪري ويو، تنھن پُڄاڻان اَچي جو لِکڻ ۾ پيو تہ ڏينھن رات هڪ ڪري ڏِنائين، فقط ٽِن هفتن ۾ ايترو لِکي ورتائين، جيترو گُذريل پنجويھن سالن ۾ مون بہ ڪونہ لِکيو آهي.“
علي بابا چئي ڏِنو تہ: ”يوسف شاهين ڪو هڪ مھيني جو شاعر ناهي. يوسف جي شاعريءَ جي اَندر جي پالوٽ ايتري ئي پُراڻي آهي، جيڏي سندس ڄمارَ.“
يوسف شاهين جي شاعريءَ جي معيار تي شمشير تہ گهڻو لِکيو آهي، پر ساڳئي ڪتاب ۾ ئي ممتاز مرزا جو هڪ خط بہ ڇپيل آهي، جنھن ۾ هو کيس لِکي ٿو: ”تنھنجي ڪلامَ جي نواڻ توڙي تازگي دل جي گهراين تائين پھچڻ واري آهي ۽ رُوحَ ۾ هڪ قِسم جو اُڌمو پيدا ٿئي ٿو. واقعي شاعري محض ڏات سان ئي واسطو رکي ٿي ۽ توتي ڏاتِ لَٿي آهي ۽ ڪمال سان لَٿي آهي. ’سُر سنڌ‘ نالي سان ڪلام تہ عجيب اَحساس جو مجموعو آهي.“
ٻن راتين ۾ پنجيتاليھہ بيت ۽ وايون لِکڻ واقعي اَهڙي اِنسان جي ئي وسَ جو ڪم آهي، جنھن کي اَهڙي ڏاتِ مِليل هجي.سنڌ جي سُوره پڙهي مان ڪھڙو تبصرو ڪريان؟ مان نہ شاعر، نہ اَديب، نہ مون وٽ لفظن جو ڪو اَٿاھہ سمنڊ! بس آغا سليم جا ڪي لفظ ورجائيندس، جيڪو يوسف شاهين کي هن دؤر جو صوفي سَڏيندو هو، جنھن کي سنڌ سان وحدت الوجودي عشق آهي. ”منصور ’اَنالحق‘ جو نعرو هنيو هو ۽ يوسف شاهين ’اَنالسنڌ‘ جو نعرو هنيو آهي.“ هن لِکيو هو.
آغا سليم جي ئي هنن سِٽن سان ڳالھہ جي پُڄاڻي ڪندس تہ: ”يوسف شاهين جي شاعريءَ جون سِٽون رُڳو سُڏڪا نہ ٿيون ڀرين، اَکر اوڇنگارون نہ ٿا ڏِين، پر سوريءَ لاءِ سڏ بہ ڪن ٿا، اَٿاھہ اُونداهيءَ ۾ ٽانڊا ٿي ٽِمڪن ٿا ۽ هڪ نئين دؤر جي بِشارت بہ ڏِين ٿا، جڏهن ڪو ظالم ۽ جابر هن ڌرتيءَ کي ڏاڍَ جا زخم نہ ڏِيندو. نئين دؤر جي اُها بشارت شاهين جي جذبات کان نہ ڦُٽي آهي، پر تاريخ جي جدليات جي شعور مان ڦُٽي آهي. اُن ڪري مان شاهين جي شاعريءَ کي، جنھن کي هو ‘اَندر جو اُهاءُ‘ چئي ٿو، ’شعور جو ڪرشمو‘ سَڏيان ٿو.“

]يوسف شاهين جي ڪتاب ’سُر سُورهيہ سنڌ‘ جو مھاڳ[

اَڪبر سومرو: يوسف شاهين: فن ۽ شخصيت

يوسف شاهين ولد عبدﷲ دائودپوٽو 3 اَپريل 1939ع تي سنڌ جي مشھور تاريخي شھر نصرپور ۾ جنم ورتو. سنڌ جي هن سٻاجهي اِنسان سان منھنجي ويجهڙائيءَ جو هڪڙو وڏو سبب اسان جي علائقي جو هڪ هجڻ آهي، ٽنڊواَلھيار ۽ نصرپور ويجها ۽ گڏيل شھر آهن ۽ هن تعليم پڻ ٽنڊي اَلھيار جي ’ايس. ايم هاءِ اِسڪول‘ مان ورتي، نصرپور جو شھر، جتي منھنجو اَچڻ وڃڻ اڪثر دوستن وٽ رهيو، جن ۾ ممتاز درس، محمد خان سمون، سائين خليل دائودپوٽو ۽ اَمان ﷲ پانڌياڻي هئا. منھنجي والد صاحب جا وري نصرپور جي ڀرسان ويٺل رندن ۽ تاجپور جي نوابن سان نينھن جا ناتا رهيا.
يوسف شاهين سان منھنجي واقفيت بہ ڪا گهڻي ڪانہ رهي آهي، پر اَسين صرف زندگيءَ ۾ هڪڙو ڀيرو PECH ڪراچيءَ ۾ ظفر اُڄڻ جي گهر تي مليا آهيون، جتي هن ٻُڌايو تہ هو، اِن کان هڪڙي رات پھرين اِسڪاٽلينڊيارڊ ۾ هو ۽ هن اُتي سنڌ تي هڪڙو آزاد نظم لکيو هو، اُن محفل ۾ هن اسان کي اُهو نظم ٻُڌايو هو ۽ مان پھريون ڀيرو سندن عالمانہ گفتگو مان محضوظ ٿيو هئس. اُن بعد 1995ع ۾ دستگير ڀٽيءَ جي چوڻ تي اِسلام آباد مان سندس اِجازت سان مون يوسف شاهين صاحب سان فون تي ڳالھايو ۽ سندس گهر اِسلام آباد ’برسات‘ اَخبار جي بيورو آفيس ۾ ڪجهہ ڏينھن ترسيس.
پاڙي ويڄ هيام، تان مون مور نہ پُڇيا،
تيلاهين پيام، موريسر اَکين ۾!

يوسف شاهين سنڌ جو اُهو عالم آهي، جنھن تي جابجا سنڌ فخر ڪري ٿي. هن جي شخصيت ۾ هڪڙو شاعر، اَديب، تاريخدان، محقق، عالم ۽ صحافي موجود آهي، پر اُنھن سڀني حوالن کان جيڪو سندس وڏو حوالو آهي، سو آهي ’سنڌپرستي‘ سنڌ جو هي برجستو ڏاهو، جنھن جو نالو سندس تحقيق ۽ ڪتابن جي حوالي سان ’ايمازون‘ کان وٺي نوبل پرائيز لاءِ شارٽ لسٽ ٿيڻ جي ڪري دُنيا جي ايوانن ۾ گونجندو ٿو رهي، تنھن جي لکيل جن ڪتابن جا مون کي حوالا مِلي سگهيا آهن، سي هيٺيان آهن:
(1) اَناالحق، (2) فاتحن جي دُنيا، (3) قديم سنڌو ماٿر، (4) اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو،
(5) اَنگريز سرڪار ۽ شاھہ عبداللطيف آف ڀٽ، (6) شاھہ لطيف: آزاديءَ جو علمبردار، (7) حق موجود، (8) يوناني ڏندَڪٿائون، (9) خُدا، اِنسان ۽ جانور (10) عالمي تاريخ جو مطالعو (هن ڪتاب جا بقول پبلشرز جي ڏھہ جلد لِکجڻا آهن)
(11) world confideration of the people, (12) Rise & Fall of Languages, (13) Truth untold, (14) The world of Conquerors, (15) Tracherous role of Armies, (16) Rise and Fall of Gods, (17) Fall of Native Languages of Americans, (18) Rise and Fall of Sanskrit, (19) William the Bastard, (20) Land of Wisdom, (21) The Story of the Ancient Indus People, (22) Slave Nations under British Monarchs, (23) Artificial Borders of the World.
يوسف شاهين صاحب سنڌ جي سمورن تاريخدانن توڙي محققن مان پھريون ترقي پسند ليکڪ آهي، جيڪو بين الاقوامي حيثيت جو درجو رکي ٿو، ننڍي کنڊ کان وٺي يورپ ۽ آمريڪا جي تاريخ توڙي قديم ۽ جديد مذهبن تي ڄاڻ جو عبور رکي ٿو. اَهڙيءَ طرح هو دُنيا جي جنگين ۽ قديم سوشلسٽ توڙي جمھوري تاريخ مان پڻ مطمئن ناهي، جيڪا قومن کي پنھنجين ٻولين ۽ وسيلن جا حق نہ ٿي ڏِياري سگهي، گڏوگڏ مرد توڙي عورت کي برابري ۽ اِنسان هئڻ جا حق بہ نہ ٿي ڏياري سگهي! دُنيا ظلم ۽ اَڻ برابريءَ جي جڳھہ آهي. مختلف ٿيوريز آهن، ڪي دُنيا جي وجود جي ڳولا ’ڪُن فيڪون“ ۾ ڪن ٿا ۽ ڪي ’بگ بينگ‘ جي لفظ ۾ ۽ هاڻ وري ڪن چوڻ شروع ڪيو آهي تہ: ”دنيا چپ چپات لکين سالن جي پراسيس ۾ وجود ۾ آئي!“
دُنيا کي وجود ۾ آئي 14.8 اَرب سال ٿيا آهن ۽ ڌرتيءَ کي وجود ۾ آئي 4.6 اَرب سال ٿيا آهن ۽ ڌرتيءَ تي زندگيءَ لاءِ موافق حالتون 4.3 اَرب سال پھرين پيدا ٿيون ۽ زندگي Microscopic Organism جي صورت ۾ شروع ٿي. ڌرتيءَ تي اِنسانن کان پھرين جيت جڻيا ۽ پوءِ ڊائناسار رهندا هئا، جن کي آسمان مان ڪريل هڪڙي ‘Asteroid'’ تباھہ ڪيو، جنھنڪري ڌرتيءَ تان ڊائناسارن جو وجود ختم ٿي ويو. قصو مختصر تہ جديد اِنسان صرف ٻہ لک سال پھرين آفريقا کنڊ ۾ پيدا ٿيا. اِنسان جو تھذيبي دؤر 3000 سال يا 4000 سال B.C کان شروع ٿئي ٿو، يعني پنجن کان ڇھہ هزار سالن کان اِنسان غارن مان نڪتو ۽ گهر گهاٽ ٺاهي رهڻ لڳو. تاريخ جي شاگردن لاءِ اِنساني تھذيب ۽ اِنساني سماجي سڌاري (Development) ۾ جيڪي پنج عنصر ڳڻيا ويا، سي (1) شھرن جو اَڏجڻ، (2) اُنھن ۾ خاص ڌنڌوڙي ڪاريگر، (3) هٿ جا هنر، جھڙوڪ: ڪنڀر، لوهر، ڪوري، گڏيل اِدارا، (4) حساب ڪتاب رکڻ جا ماهر ۽ (5) جديد ٽيڪنالاجي جو اَڳتي اَچڻ شامل آهن.
مون کي هتي موضوع کان هٽي ڪجهہ وقت ڳالھائڻو آهي: رُوس جي مھان اَديب دوستو وسڪيءَ جي ناول ’ايڊيٽ‘ جو ذِڪر ڪندس، جنھن ۾ سندس ڪردار ’پرنس مشڪن‘، جيڪو بيمار آهي، چوي ٿو:
“Pain and Suffering are always inevitable for a large intelligence and a deep heart. The reality great men must. I Think, have grerat sadness on earth”
دردمند دل ۽ وڏي ذهانت رکندڙ شخص لاءِ ڏُک ۽ تڪليفون اَڻ ٽر آهن. وڏي ماڻھوءَ لاءِ ڌرتيءَ تي رُڳو گهري اُداسيءَ جھڙو ماحول آهي! مون جڏهن يوسف شاهين صاحب جا ڪتاب پڙهيا تہ محسوس ٿيم تہ هر وڏي ماڻھوءَ جيان هو پڻ اِن سوچ، تڪليف ۽ پريشانيءَ ۾ آهي تہ هيڏي ترقي ماڻڻ ۽ تھذيب يافتہ هجڻ باوجود اِنسان اَڃا اِنسانيت جي منزل کي نہ پھچي سگهيو آهي ۽ هو دوستو وسڪيءَ جي ناول ’ايڊيٽ‘ جي هيري ’پرنس مشڪن‘ جھڙو بيوقوف ئي آهي.
يوسف شاهين صاحب جي هر ڪتاب جو محور دراَصل ’سنڌ شناسي‘ آهي. سن چار هزار پنج سو قبل مسيح جي ويجهو ميسوپوٽيميا ۾ ماڻھن تھذيبي زندگي گُذارڻ شروع ڪئي ۽ چار هزار سال قبل مسيح پھرين جتي پٿر جي لوحن تي دُنيا جو پھريون ڪتاب لکيو ويو ‘Epic of GilgamesH’ ’گل گامش جو قصو‘ ۽ سنڌ ۾ رگويد آرين جي لَڏپلاڻ کانپوءِ 1500 قبل مسيح ۾ لکيو ويو، پر سنڌ ۾ تھذيب جو شعور ميسوپوٽيميا کان بہ گهڻو اَڳ آيو. سنڌ 7000 قبل مسيح ۾ اُها منزل حاصل ڪري چڪي هئي، اُن ڪري اِهو چوڻ ۾ ڪوبہ وڌاءُ ناهي تہ سنڌ ميسوپوٽيميا کان بہ ٽي هزار سال پھرين شعور جا اُهي ڏاڪا طئي ڪري چڪي هئي، تنھنڪري دُنيا جي تاريخ ۾ ‘Cradle of Civilization’ دراَصل سنڌ آهي، جنھن کي 1947ع جي ورهاڱي ڌنڌلائي ڇڏيو آهي! اسان جي اِدارن، سنڌي اَدبي بورڊ ۽
سنڌي لئنگئيج اَٿارٽي ۽ ٻين عالمن ۽ اَديبن کي اِن ڏَس ۾ سنجيدہ ڪوششون وٺي تحقيق ڪري، اَنگريزيءَ ۾ ڪتاب ڇپائي دُنيا اَڳيان سنڌ جي قدامت کي ظاهر ڪرڻ گهرجي.
يوسف شاهين اسان کي نہ رُڳو تاريخ ۽ سياست کان واقف ڪيو، بلڪہ هن سنڌ کي قديم ڪلاسيڪل اَدب، يوناني ديوتائن، مصري ديوين ديوتائن ۽ دُنيا جي قديم اَدب ۽ سنڌ شناسي سان روشناس ڪرايو آهي، جنھن لاءِ کيس جس هجي. يوسف شاهين جي هيستائين ڪيل ڪم کي خراجِ تحسين پيش ڪندي، آخر ۾ مان پنھنجي دوست شاعر سرواڻ سنڌيءَ جو هي شعر پڙهي ختم ڪندس، جيڪو موقعي جي مناسبت سان آهي، جنھن هي نظم 5 سيپٽمبر تي ’اَڪيڊمي آف ليٽرس، اِسلام آباد‘ جي ’پاکستانی زبانوں کا ملی مشاعرہ‘۾ پڙهيو هو:

سنڌ مون لئہ دُعا، سنڌ مون لئہ اَمان!

سنڌ تو لئہ وڇاڻو هجي ڀل هجي،
سنڌ مون لئہ دُعا، سنڌ مون لئہ اَمان!

سنڌ مون لاءِ ڪلمه شھادت جيان،
سنڌ قرآن جي هر ڪنھن آيت جيان،
سنڌ ياسين، ڪوثر ۽ فاتح جيان،
سنڌ زيتون، اَخلاق، سوره جيان،
سنڌ مريم جي ميراث، عيسيٰ جيان،
سنڌ هارون، يحيٰ ۽ موسيٰ جيان،
سنڌ هابيل، قابيل آدم جيان،
سنڌ تو لئہ وڇاڻو هجي ڀل هجي،
سنڌ مون لئہ دعا، سنڌ مون لئہ اَمان!

سنڌ ڌارين لئہ جنت جيان آ سدا،
سنڌ پنھنجن لئہ دوزخ جي آتش جيان،
سنڌ غدار لئہ ڪوڪ وانگر سدا،
سنڌ حقدار لئہ ميخ وانگر سدا،
سنڌ عاشق لئہ معشوق ماڻي جيان،
سنڌ خوابن ۾ ريشم وهاڻي جيان،
سنڌ اُجري بدن تي آ بخمل جيان،
سنڌ تو لئہ وڇاڻو هجي، ڀل هجي،
سنڌ مون لئہ دُعا، سنڌ مون لئہ اَمان!

سنڌ پيرن لئہ سَڻڀو سدائين ٽُڪر،
سنڌ ميرن لئہ باليءَ جي ٻوليءَ جيان،
سنڌ عورت لئہ شام غريبان جيان،
سنڌ مردن لئہ خيمن ۾ باهين جيان،
سنڌ مظلوم ڪارڻ آ ڪربل جيان،
سنڌ ظالم لاءِ تخت يزيدي جيان،
سنڌ ترخان لئہ ماٺ مڪليءَ جيان،
سنڌ دودن لاءِ رُوپا جي ماڙي جيان،
سنڌ تو لئہ وڇاڻو هجي ڀل هجي،
سنڌ مون لئہ دُعا، سنڌ مون لئہ اَمان!

سنڌ ’سرواڻ‘ لاءِ تلاوت جيان،
سنڌ زندان راتين ۾ راحت جيان،
سنڌ هوشوءَ جي سُھڻي ڪھاوت جيان،
سنڌ مسجد جيان، سنڌ سجدن جيان،
سنڌ تسبيح جي منزل ۽ داڻن جيان،
سنڌ ڄامن لئہ نوري مھاڻيءَ جيان،
سنڌ پٿر جيان سنڌ پاڻيءَ جيان،
سنڌ مخدوم صالح لاءِ سوريءَ جيان،
سنڌ جوڌن لئہ رت جي مزدوريءَ جيان،
سنڌ تو لئہ وڇاڻو هجي ڀل هجي،
سنڌ مون لئہ دُعا، سنڌ مون لئہ اَمان!

منظور ڪلھوڙو: سنڌ جي عاشقن جي منشور جو خالق: يوسف شاهين

علم، اَدب، ڏاهپ. دانش، شعور ساڃاھه، عرفان ۽ معرفت سنڌ جي سرزمين جي ميراث رهيا آهن. تاريخ جي هر عھد ۾ سنڌ جا جيد عالم، معلم، محقق ۽ مشاهير دُنيا اَندر سنڌ جي شعور ۽ ساڃاھہ جا سِج بڻجي چِمڪيا آهن. اَڄوڪي سنڌ جن پنھنجي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن کان بہ گهٽ عالم، اِسڪالر ۽ اَڪابر سپوتن تي عالمي ليول تي پنھنجو سينو ٺوڪي ۽ ڳاٽ اُوچو ڪري فخر ڪري ٿي، اُنھن ۾ نصرپور جي نماڻي مِٽيءَ مان جنم وٺندڙ سائين يوسف شاهين جو شمار پھرين نمبر کان ٿئي ٿو.
اَڄ جي هن جديد دُنيا ۾ جتي علم، ڄاڻ، سائنس ٽيڪنالاجي، نَواڻِ، کوجنا ۽ تخليق جو ڇيھہ نہ آهي، اُن سگهاري عالمي دُنيا اَندر پنھنجي وجود کي ثابت ڪرائڻ ۽ مڃرائڻ ئي سڀ کان ڏُکئي ۾ ڏُکيو ڪم آهي، سو بہ ڪنھن ڏورانھين ڏيھہ سنڌ جھڙي ’اُداس واديءَ‘ جي سنڌي فرد جي مڃتا ۽ مھانتا جو معاملو هجي تہ پوءِ پاڻ سمجهي سگهو ٿا تہ جتي هن ملڪ اَندر قومي، لساني، مذهبي، سياسي، نسلي عَصَبِيَت ۽ تعصب ڪري سنڌ جي مورن جھڙن ماڻھن جي ماڻھپي، فن ۽ فڪر کان ڪيئن وقت جي حاڪمن ۽ اُنھن جي نائب عملدارن دِينَا دَاسِتي مُنھنَ موڙي، لاتعلق بڻجي، نظراَنداز ڪري، نااِنصافيون ڪيون آهن. تہ اُن سَرزمين جي ڪنھن فرزند کي اَڄ جي هن بَرَڙُ باڪاسُ دُنيا اَندر عالمي ليول جي رڪگنيشن مِلڻ/وٺڻ لاءِ ڪيڏي نہ مشڪل ۽ ڪٺن مرحلن مان گذرڻو پوندو هوندو، سو بہ اُهو، جنھن اَڄ جي سگهارن آمريڪن ۽ يورپ جي ڦورو، وحشي، قاتل، درندن، قبضه گير قومن جي ڪُوڙي تاريخ جا پيرا کڻي، بَکيا اُڊيڙي، اُنھن جي بين القوامي زبان ۾ ڪتابن مٿان ڪتاب لِکي، اُنھن جي ملڪن ۾ علم جي مرڪزن ۽ مارڪيٽن ۾ پَڌرائي، اُنھن جي پت کي وائکو ڪيو هجي!!
اُهو شرف اَڄ سنڌ کي جناب يوسف شاهين جي ئي بدولت حاصل آهي. سنڌ پنھنجي اُن عالم، اَڪابر، ريسرچ اِسڪالر، پبلشر، ايڊيٽر، تاريخدان، شاعر ۽ ڏاهي يوسف شاهين تي صدين تائين ناز ڪندي رهندي. اَنگريزيءَ سميت ڪيترين ئي ٻولين تي عبور رکندڙ هن سنڌ جي مدبر، مؤرخَ، دُنيا جھان جي اَدب، شاعري، فلسفي ۽ تاريخ جي مُنجهيل، ڳوڙھي ۽ پيچيدہ پيچرن تي سڄي ڄمار گامزن رهي، نُور نِچوئي، عالمي ليول تي سنڌ جي عقل ۽ عرفان جون مانُ مٿانھون ڪيو آهي. يوسف شاهين جي سنڌي، اَنگريزي ۽ اُردو ڪتابن کي جن پڙهيو هوندو، اِهو اَحساس ۽ اَدراڪ اُنھن کي ئي هوندو، جڏهن اُنھن سندس ريفرنس ورتل ڪتابن جي فھرست ۽ ضَخامَت جي تعداد کي ڏِٺو يا پڙهيو هوندو.
اِن ۾ ڪو وڌاءُ نہ آهي تہ جناب يوسف شاهين جا اَڄ سنڌ ۾ ايترا پڙهندڙ نہ هوندا، جيترا اَڄ يورپ، آمريڪا ۽ ڏکڻ ايشيا اَندر پڙهندڙ آهن. هن جي ڪتابن جي هاڪ ايمازون کان ويندي نوبل پرائيز ڪميٽيءَ جي ڪاريڊورس ۾ هاڻي سالن کان گُونجندي رهي ٿي. سنڌ جي هن ڏاهي جا ڪتاب آمريڪا، هندستان ۽ سنڌ مان شايع ٿيندا رهيا آهن، اِنھن ڪتابن جي فھرست مان اوهان اَندازو ڪري سگهو ٿا تہ سنڌ جناب يوسف شاهين تي اِيئن ناز نہ پئي ڪري!
دُنيا وٽ ڀلي يوسف شاهين جي سُڃاڻپ هڪ ڏاهي، ريسرچ اِسڪالر، مؤرخ ۽ نثر نويس واري هجي، پر سنڌ جو ھي يگانو عالم پنھنجي شڪل و صورت ۾ اَٺن ڏهاڪن جي طبعي عمر گُذارڻ جي باوجود جيڏو حسين ۽ وجيھہ آهي، اوترو ئي سنڌي ٻوليءَ جو خوبصورت شاعر پڻ آهي. شاعريءَ ۾ جهڙيءَ ريت جناب يوسف شاهين نج، نبار، ٺيٺ ۽ ڪلاسيڪل سنڌي ٻوليءَ جو اِستعمال ڪيو آهي، اُها هر ڪنھن تہ ڇڏيو، پر سنڌ جي شاعرن، جن تي ڏات جي ديوي مھربان رهي آهي ۽ اُهي فن، فڪر جي پختگي سان سرشار رهيا آهن، پر اُهي اَهڙي نج، نبار، سُريلي ۽ مِٺاس واري ٻولي پنھنجي شاعريءَ ۾ اِستعمال نہ ڪري سگهيا آهن. شاهين صاحب نرالي اَنداز سان پنھنجي شاعريءَ ۾ تشبيھون، اِستعارا ۽ اِصلاح اِستعمال ڪرڻ ۾ ڪمال مھارت رکڻ سان گڏوگڏ هن پنھنجي شاعريءَ ۾ مختلف تجربا ڪندي نوان ’سُر ڀڳتي‘، ’سُر ڄام ٻانڀيڻو‘، ’سُر سنڌ‘، ’سُر بي مثل بينظير‘، ’سُر سنڌو‘، ’سُر اَناالسنڌ‘ (مان سنڌي آهيان) جو مؤجد آهي.
عالمي مڃتا رکندڙ اسان جي هن تاريخدان لاءِ سنڌ جي نامياري شاعر جناب شمشيرالحيدري لکي ويو آهي تہ:
”(يوسف کي) ڪو پُور پيس تہ ’شاھہ جو رسالو‘ کڻي، يڪساهيءَ ويھہ - پنجويھہ ڀيرا دؤر ڪري ويو. تنھن پُڄاڻان اَچي جو لِکڻ ۾ پيو تہ ڏينھن رات هڪ ڪري ڏنائين. ڪنھن کي ڪنِ نہ جَنِ! فقط ٽن هفتن اَندر ايترو لِکي ورتائين، جيترو 25 سالن ۾ مون بہ ڪونہ لِکيو آهي.“
جڏهن تہ قمر شھباز سندس شاعري پڙهڻ کان پوءِ لِکيو هو تہ:
”ڏات جي ڏائنڻ ڏاڍي ڏُکي هٿِ چڙهندي آهي. کوٽ ۽ کريب تہ کانئس ڪو سِکي، اَڻ ڄاڻ اَٻوجهن کي ناتر جيان ڪاڪ محل ۾ گهمريون ئي ٻہ کارائي، نھوڙي نيندي آهي. ڪيترائي سودائي هن هرجائيءَ جي هٿان راهن تان رُلي وڃي اوجهڙ ۾ پيا. اُهي ڀاڳن وارا چئبا، جن کي منزل مِلي. يوسف وٽ لفظن جو ڀنڊار آهي، ذاتي مشاهدي جو عميق خزانو آهي، جدوجھد ۽ ڪشمڪش جي ميراث آهي، ٻھراڙيءَ جو پسمنظر ۽ شھري پسمنظر آهي، ڏاتِ آهي، ڏانءُ آهي، لگن آهي، واٽون آهن، وسيلا آهن. هڪ ليکڪ لاءِ جو گهربل آهي، سو سڀ ڪجهہ ميسر آهي.“
علي بابا جڏھن سندس شاعري پڙهي هئي تہ هُو هِنَ لافاني جملن لِکڻ کان سواءِ رهي نہ سگهيو هو تہ:
”يوسف موهن جي دڙي جي اُها ڀٽڪندڙ آتما آهي، جيڪا روشن راهن لاءِ اَندر ۾ اُهاءُ ڀريو، اُونداهي ڌرتيءَ تي ڀٽڪندي ٿي وتي. يوسف جو شعر پڙهي اِيئن ڀاسندو آهي، ڄڻ يوسف جي نيڻن ۾ ’شاھه‘ جي پِڻي عالمي راڙو بڻجي، وايو منڊل ۾ ڦولارجي رهي آهي.“
آغا سليم جڏهن سندس شاعري پڙهي هئي تہ اُن تي لِکڻ ۾ ويرَمَ ئي نہ ورتي هئائين:
”يوسف شاهين کي مان هن دؤر جو صوفي سَڏيندو آهيان، جنھن جو سنڌ سان وحدت الوجدي عشق آهي. منصور ’اَنالحق‘ جو نعرو هنيو هو ۽ يوسف شاهين ’اَنالسنڌ‘ جو نعرو هنيو آهي.“
”شَلَ گهوٽُ ٿئين، اَڻ موٽُ ٿئين....“، ”ڳليءَ ڳليءَ ڳائي ڏيان ڏسَ هزار، اِيندي مند ملارَ......“ جھڙن لاتعداد، لازوال ۽ لافاني ٻولن جي هن عظيم سرجڻھار جي شاعري، خاص ڪري ’سُر ڪلياڻ‘، ’سُر ڀڳتي‘، ’سُر ڪيڏارو‘ ڪنھن جي اَڳيان پڙهجي ۽ شاعر جو نالو پُڇجي تہ اَڳئين جو جواب شاھہ لطيف ئي هوندو.! جيڪڏھن ڪنھن کي گُمان هجي تہ اُهو پنھنجي پڪ ڪرڻ لاءِ اِن مشق کي آزمائي، اِطمينان حاصل ڪري سگهي ٿو تہ واقعي ئي جناب يوسف شاهين شاھہ لطيف جون سِڪُون لاهيندڙ شاعر آهي. آءُ يقين سان چوان ٿو تہ جيڪڏهن يوسف شاهين ريسرچ، تاريخ، فلسفي ۽ نثر جي جاءِ تي ايترو يا اُن جي اَڌ جيترو بہ وقت پنھنجي شاعريءَ کي ڏئي ها تہ اَڄ سنڌ هڪ ٻئي بين القوامي شاعر جو اَثاثو رکندڙ ڌرتيءَ طور ڄاتي سُڃاتي وڃي ها. پر اُن جي باوجود يوسف شاهين جيڪا ۽ جيتري شاعري سَرجي آهي، اُھا پڻ سنڌ جو اَثاثو آهي. يوسف شاهين پنھنجي شاعريءَ ۾ جتي ٻين لاتعداد موضوعن کي پنھنجي فڪري ساڃاھہ تحت تخليق جي قالب مان گُذاري، اَمر بڻائي چڪو آهي، اُتي سنڌ، سنڌ جي خلقِ خدا، سنڌ جي آجپي، سنڌ جي نجات، ڇوٽڪاري ۽ سُڪارَ جي سَنيھن سان گڏوگڏ سنڌ جي سورهيہ، سَرويچن کي پنھنجي شاعريءَ ۾ جديد سنڌ جو ’سُر ڪيڏارو‘، ’سُر بلال‘، ’سُر ڀڳتي‘، ’سُر بي مثل بينظير‘، ’سُر ڄام ٻانڀيڻو‘ ۾ خراج پيش ڪندو رهيو آهي، جنھن ۾ پاڻ تازو اِضافو ڪندي ’سُر سورهيہ سنڌ‘ تخليق ڪيو اَٿائون.
’سُر سورهيہ سنڌ‘ بابت هن طرح بيان ڪيو اَٿائون تہ:
”سنڌ جي سورهيہ بادشاھہ شھيد پير صِبغت ﷲ شاھہ راشدي جي ياد ۾، جنھن سنڌ کي آزادي ڏيارڻ خاطر، سنڌ تي قابض دُنيا جي خوفناڪ ۽ اِنتھائي طاقتور فوجي قوت ’اَنگريزن‘ سان مُھاڏو اَٽڪايو ۽ هن ڌرتيءَ تان گهورَ ٿي ويو.“
پير صِبغت ﷲ شاھہ راشدي سنڌ جو اُهو اَرڏو پُٽ هو، جنھن تي سنڌ سدائين نازُ ڪيو آهي. اُن کي سنڌ جي ٻئي عالم، اَديب ۽ عظيم سَپوت يوسف شاهين پنھنجي شاعريءَ ۾ ’سُر سورهيہ سنڌ‘ تخليق ڪري، اَهڙو تہ خراج ۽ مڃتا پيش ڪئي آهي، جو شايد سنڌ اَندر يوسف شاهين جھڙي پائي جي ڪنھن شاعرَ، عالمَ ۽ اِسڪالـرَ دادُ بخشيو هجي. سڀاڻي جو مؤرخ جڏهن يوسف شاهين جي عھد جي تاريخ لکندو تہ هاڻ اِهو ضرور لکندو تہ اُن وقت جي سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن کي مدِنظر رکندي ۽ پنھنجي تاريخي فرض ۽ قرض جي حق اَدائيگي ڪندي، پنھنجي عمر جي اُن حَصي ۾ يوسف شاهين سُورهيہ بادشاھہ کي داد ڏئي ’سُر سورهيہ سنڌ‘ لِکي، سنڌي قوم کي ڪھڙو پيغام ڏنو ھو؟!
’سُر سُورهيہ سنڌ‘ ورائي ورائي پڙهڻ جھڙو تہ سُر آهي ئي آهي، پر سنڌ جا عاشق اِن کي برزبان ياد ڪرڻ ۽ ور ور ڳائڻ، وڄائڻ جي تمنا کي ترجيع ڏيندا رهندا. سُر سورهيہ سنڌ، سنڌ جي عاشقن جو اُهو مينيفيسٽو آهي، جيڪو اُنھن کي وطن يا ڪفن جي نظرئي تان نثار ٿيڻ لاءِ اُتساهي، اَمرتا بخشي ٿو. بقول سائين يوسف شاهين جي تہ:
وطن يا ڪفن، هر ڪنھين وات وائي،
آسَ اَٿن اِهائي، تہ آجا ٿين اَنگڙا.

وطن يا ڪفن، هر ڪنھين وائي واتِ،
آزادي، آزادي، تَنَ مَنَ اِهائي تاتِ،
ماڻيندا نيٺ نجاتِ، ڏُکويل هن ڏيھہ جا.

’سُر سُورهيہ سنڌ‘ ۾ يوسف شاهين شاھہ لطيف جي ’سُر سسئي‘ جي طرز تحت چوي ٿو:
هڪڙو هيڪاندا هٿيار، ٻيو سُور اَٿن ساڻ،
ٽيون ٽيڳرجي، پَڏائين پاڻ،
چوٿون چارئي پَـھـرَ، مچائين مانڌاڻ،
پنجون پويان پيرا کڻي، ڪن ٿا رتو ڇاڻ،
ڇھون ڇڏائجي قبضو، سنڌ مٿان هاڻ،
سَتون سيرت ساڻيھہ جي، سڀوئي سُرهاڻ،
اَٺون ”آزادي آزادي“، اُٿي مرادون ماڻ،
نائون ناحق نامنظور، تندُ حقاڻي تاڻ،
ڏھون ڏيھہ ڏُکئي جا، سڀ عالم، عاقل آڻ،
جي جابر جرنيل جي، ڪِين ڪڍن ڪاڻ،
پوءِ پھرين سَٽَ ساڻ، آجا ڪيون اَنگڙا.

’سُر سُوره سنڌ‘ ۾ يوسف شاهين اُتي دنگ نہ ڪيو آهي، پر وڌيڪ چوي ٿو تہ:
پير ڊاھہ هن پَٽَ تان، ڪو ڏيھہ ٻيو ڏور،
هتي ڀڃي ڪن ڀور، ڏھہ مٿان ڏاڍي جا.

نئين سُوره سنڌ جو، ويھي ورد ڪيومِ،
اَول اَعلان آزاديءَ جو، پورو ئي پڙهيومِ،
اِهو حَرفُ حقاني، مٿان کان مليومِ،
ڏوري پوءِ ڏِنومِ، سَڏُ سموريءَ سنڌ کي.

نہ آهون، نہ دانھُون، نہ پويان ڪن پيرَ،
ويا هت وڃائجي، جنين ساڻ ويـرَ،
ٿي اُنھن کي اويـرَ، جن جيءُ مٺو نہ ڪيو.

جناب يوسف شاهين اَنگريز سامراج خلاف جتي ’سُر سُوره سنڌ‘ ۾ جوڌن، جوانن، مرد مجاهدن کي مھانتا بخشي آهي، اُتي سنڌ جي نارين کي بہ هنن سِٽن ۾ مانُ بخشيو آهي:
وِينگس وَرَ کڻي، کنيا هٿيار هٿن ۾،
پارسُ پدمڻي، وئي وڍيندي ويرين کي.

هن سُر جي هيءَ وائي تہ پڙهي ڏسو:
ڀَڄو هن ڀُونءِ تان، ويري! وَڳر ساڻ!
ڀَڄو هن ڀُنءِ تان!
ڪکُ نہ ڏيڻو ڪنھن کي، هر ڪو چوي هاڻ!
ڀَڄو هن ڀُنءِ تان!
موٽي وڃ ميسڻا، پيرا کڻي پاڻ!
ڀَڄو هن ڀُنءِ تان!
ويندين هِت وڃائجي، اَڙي اَڻ ڄاڻ!
ڀَڄو هن ڀُنءِ تان!
يار ’يوسف‘ جا، ڪڍن ڪين ڪاڻ!
ڀَڄو هن ڀُنءِ تان!

سنڌي بيت جي بادشاھہ ۽ باغي شاعر يوسف شاهين پاران ’سُر سُوره سنڌ‘ سرجڻ تي کيس ٻاجهاري سنڌ ٻَھہ ٻَھہ ٻَلھار پئي وڃي ۽ سنڌ جا سُورهيہ، سُورما ۽ عاشق سندس علم، عقل ۽ عرفان جي محرابن ۾ ھميشہ سجدہ ريز رهندا.

پروفيسر عبدالغفار دائودپوٽو: يوسف شاهين: نيم ڪلاسيڪل شاعر

شاعري دراَصل هڪ نوبل آرٽ آهي، اُن ڪري چئي سگهجي ٿو تہ دُنيا ۾ شاعر بہ نوبل ماڻھو هوندا آهن. جيتوڻيڪ مِڙني شاعرن جو اَدبي مقام، سندن تخليقي سگهہ جي رَنگارَنگي مقبول اِظھار سان واڳيل هوندو آهي، تنھن هوندي کين قومي، ملڪي يا وري عالمي شھرت حاصل ٿئي ٿي، اُن لاءِ تہ هڪ شاعر جي ڪلام ۾ جيڪي تخليقي نوان خيال (Ideas)، مانڊاڻ (Phenomenan) ۽ فڪر (Thoughts) ڪا خارجي حيثيت وٺن ٿا سي ئي عوامي، سماجي ۽ عالمي سطح تي اُتم سمجهيا وڃن ٿا. اَهڙي ئي شاعراڻي اَنداز (Style) ۾ پيش ڪيل لِکڻين کي هڪ شاعر دراَصل شعوري طور هڪ ڪوشش جي صورت ۾ سمجهداريءَ سان پيش ڪري ٿو، تڏهن تہ سندس شاعراڻو مقام بہ اَعلى ٿئي ٿو تہ سندس فڪر ۽ اَدبي نظريو (Litarary Theory) مُلڪان ملڪ، ڏيھہ پَرڏيھہ مشھور ٿي وڃي ٿو ۽ هو هڪ رول ماڊل طور سُڃاتو وڃي ٿو. اِن طرح دُنيا ۾ علمي، معلوماتي ۽ تعليمي لحاظ کان شاعري (Poetry or versse) جو درجو دراَصل فلسفي (Philosophy) کان بہ وڌيڪ تصور ڪيو ويو آهي. شاعريءَ جي حوالي سان اَدبي تنقيد (Literary Criticism) جي ميدان ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ اَدبي تاريخ ۾ نظر ڊوڙائبي تہ ڪلاسڪ شاعريءَ ۾ قاضي قاضن، شاھہ ڪريم بُلڙيءَ واري ۽ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جا نالا مِلن ٿا، گڏوگڏ سچل سرمست ۽ ساميءَ کي بہ اُن قطار ۾ بِيھاريو ويو آهي. اُن کانپوءِ فارسي ٻوليءَ ۽ فارسي شاعريءَ جي سرڪاري سرپرستيءَ ۾ جيڪا ترقي ڏِياري ويئي تہ اُن دؤر ۾ رَوايتي شاعر ۽ رَوايتي شاعري، يا کڻي چئجي تہ قدامتي شاعري سنڌي ٻوليءَ ۾ بہ تمام گهڻي رائج ڪئي ويئي هئي، جنھن جا اُن دؤر ۾ اَثر (Impacts) اِهي ظاهر ٿيا تہ شاعريءَ وسيلي عربي، فارسي گاڏڙ لفظ ۽ محاورا وغيرہ سنڌي ٻوليءَ ۾ شامل ٿيندا رهيا هئا، اُن ساڳئي بحر وزن واريءَ شاعريءَ جا اَثر (Impacts) اَڄوڪي دؤر تائين پوندا رهن ٿا. اُن طرح سنڌ ۾ هڪ طرح سان درجابندي ڪئي ويندي تہ ٻن قِسمن جا شاعر مِلندا. هڪڙا طرحي ۽ قدامت پسند تہ ٻيا وري نوان يا جديد شاعر!
بھرحال سنڌي اَدب ۾، شاعريءَ جي تاريخ ۾ هڪ ٻيو دؤر ’نيو ڪلاسڪ شاعري‘ شروع ٿيو، جنھن ۾ شيخ اَياز، قمرشھباز، تاجل بيوس ۽ ڪي ٻيا شاعر شامل آهن، جڏهن تہ نثار بزمي ۽ اُستاد بُخاريءَ جا نالا بہ سلھاڙي سگهجن ٿا. اُهو سندن شاعراڻي فڪر ۽ نظرياتي جانبداريءَ جو ئي بُنياد هئي، جنھنڪري شيخ اَياز کي اُن صف ۾ پھرين نمبر تي مقبوليت ۽ مٿئين ڏاڪي تي بيھاريو آهي، اُن جو اَندازو سندس شاعريءَ جي ڇاپيل ڪتابن، پبلشرز جي دلچسپي، پڙهندڙن جي موٽَ ۽ شاعريءَ جي سماجي ڪردار ۾ اِستعمال سبب ممڪن ٿيو آهي.
اُن ريت عالمي اَدب جي تاريخ تي نظر وجهبي تہ معلوم ٿئي ٿو تہ ’جديد ڪلاسڪ شاعري‘ جو وچور مِلي ٿو. اُن مان واضح ٿئي ٿو تہ جديد ڪلاسڪ شاعر بہ دُنيا ۾ مختلف قومن ۽ اُنھن جي ٻولين ۾ هجن ٿا. اِن ڏس ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي قومَ کي بغور ڏِسنداسين تہ ساڳئيءَ ريت سنڌ ۾ بہ جديد ڪلاسڪ شاعر ڳولي لھي سگهجن ٿا، اُنھن ۾ حَسن درس، حليم باغي ۽ يوسف شاهين آهن، جن جا نالا باقاعدہ طور ڳڻي سگهجن ٿا.
يوسف شاهين جي سُڃاڻپَ تہ گَهڻ رُخي آهي، هڪ طرف هو ملڪ جي ’سينيٽ آف پاڪستان‘ ۾ سينيٽر رهيو آهي، ٻيو تہ يوسف شاهين ’نان فِڪشن‘ ليکڪ بہ آهي. جيئن تہ هن ڪي ٻہ درجن کن ڪتاب لِکيا آهن. هن مضمون ۾ يوسف شاهين جن جي شاعر جي حيثيت ۾ تخليقي ڪم هڪ ڪتاب، نالي ’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ ۾ ڇپيل شاعريءَ بابت بلڪل ئي مختصر بيان تنقيديت جي نون موجودہ لاڙن جي روشنيءَ ۾ کوجنا يا ڇيدَ ڪجي ٿي.
ڪلاسڪ دراَصل لِکڻيءَ يا شئي يا وري شاعريءَ کي چئبو آهي، جيڪا هڪ تہ ڪُھني ۽ قديم هجي ٿي ۽ ٻيو تہ هر دؤر ۾ مقبول هجي ٿي. اُن ريت شاعريءَ کي اَدبي تنقيد جي پئراميٽر جي بُنياد تي تحقيق (Research) يا ڇنڊڇاڻ (Analysis) يا وري اَڀياس ڪرڻ لاءِ اَڄوڪي ايڪويھين صديءَ جي لاڙن موجب بہ پرکي سگهجي ٿو.

(1) مواد يا شاعري (Text): هتي يوسف شاهين جي شاعريءَ جي صنفن ۽ شعر جي قِسمن سان گڏ ڪجهہ شعري نمونن کي نظر ۾ رکي، هڪ ڄاڻ ۽ معلومات (Data) گڏ ڪري، سندس جديد ڪلاسڪ شاعر جي حيثيت لاءِ بحث مباحثو (Discussion) ۽ گفتگو (Argument) پيش ڪجي ٿي.اِن ڏَس ۾ ڪتاب ۾ ڏِنل مواد ۽ شاعريءَ مان مشاهدو ٿئي ٿو تہ يوسف شاهين پنھنجي تخليق کي بيان ڪرڻ لاءِ بيتَ ۽ وائيءَ کي اِظھار جو ذريعو بڻايو آهي، اُن ڪري يوسف شاهين جو شمار بہ هڪ ’ڪلاسڪ شاعر‘ طور ڪري سگهجي ٿو. ياد رهي تہ سنڌي ٻوليءَ جي ڪلاسڪ شاعرن قاضي قاضن، شاھہ ڪريم ۽ شاھہ لطيف جن بيت يا وائي صنف اِيجاد ڪئي هئي ۽ شاعراڻي اِظھار لاءِ اِستعمال ڪئي هئي.

(2) موضوع يا مضمون (Context): هتي تنقيدي لحاظ سان ڳاڻيٽو ڪنداسين تہ يوسف شاهين جن جي ڇپيل ڪتاب ’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ ۾ شامل موضوعن، يعني مضمونن (Context) جو شمار سامھون اَچي ويندو آهي، جنھن جي بُنياد تي يوسف شاهين جي هڪ ’جديد ڪلاسڪ شاعر‘ طور سُڃاڻپَ برقرار رکڻ لاءِ مواد طور پيش ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ تہ شاھہ لطيف ۽ تاجل بيوس وانگر يوسف شاهين بہ بيتن ۽ واين کي هڪ ’لوڪ ڪھاڻي‘ (Folk story) جي رُوپَ ۾، سُرن جي صورت ۾ ناليوار شاعري ڪئي آهي. مثال طور: (1) سُر ڪلياڻ، (2) سُر بلال، (3) سُر ڀڳتي، (4) سُر ڪيڏارو، (5) سُر ڄام ٻانڀڻو، (6) سُر سنڌ، (7) سُر بي مثل بينظير، (8) سُر سنڌو. اُن سان گڏوگڏ يوسف شاهين هن ڪتاب جي حِصي ’متفرقہ‘ جي سري هيٺ ڪي پنجيتاليھہ (45) کن عنوان ڏيئي، دُنيا ۽ سنڌ سان جُڙيل مسئلن ۽ ڪيترين ئي شخصيتن بابت شاعريءَ ۾ پنھنجي ڳالھہ جو اِظھار ڪندي، سموري عالم سان ڄڻ پنھنجي سنڌ ملڪ ۽ ڏيھي شخصيتن کي شامل ڪندي، جوڙَ جوڙي ڇڏي آهي، جيڪو پڻ هڪ ڪلاسڪ شاعر هجڻ جي لاءِ اُهڃاڻ آهي.

(3) معنى ڏِيڻ (Meaning): اَدبي تنقيد موجب يوسف شاهين جن پنھنجي لفظن ۾ شاعري چئي ويو آهي، جڏهن تہ هڪ نقاد سندس شاعريءَ کي، سندس اَدبي نظرئي (TiTerary Theory) کي نظر ۾ رکندي، اَدبي تنقيد ڪري ٿو يا وري کيس تنقيد ڪرڻ گُهري ٿو. اُن کانسواءِ هڪ پڙهندڙ يا وري ڪو ڳائڻو ۽ فنڪار بہ پنھنجي سمجهہ ۽ جانبداريءَ موجب يوسف شاهين جي شاعريءَ مان لاڀ حاصل ڪندو يا حظ حاصل ڪندو نظر اَچي ٿو. اُن ريت شاعريءَ جي مٿي پيش ڪيل ٽنھي اُڻن يا لاڙن جي روشنيءَ ۾ پرکَ ڪري سگهجي ٿي. اُن ڏَس ۾ عالمي سطح تي هڪ واڌو پئراميٽر بہ شامل ڪيو ويو آهي، جنھن ۾ لازمي طور تي صنفي طور عورتن بابت شاعري ڪرڻ ۽ سندن معاشري ۾ اَدا ڪيل يا اَدا ٿيندڙ ڪردار بابت شاعري ڪرڻ آهي تہ ڏِسبو تہ يوسف شاهين بہ ’سُر بي مثل بينظير‘، جيڪو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اَڳواڻ، دُنيا جي عظيم عورت ليڊر ۽ جمھوري قدرن جي واڌاري لاءِ پنھنجي جان جو نذرانو پيش ڪندڙ شھيد راڻي محترمہ بينظير ڀُٽو (اَڳوڻي وزيرِاَعظم پاڪستان) جن جي عوامي جدوجھد ۽ آزاد خياليءَ بابت شاعري پيش ڪيل آهي، جڏهن تہ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ پنھنجي شاعريءَ ۾ ستن سُورمين (مارئي، سسئي، مومل، سُھڻي، نوري، لِيلا ۽ سورٺ) بابت اَلڳ اَلڳ سُرن ۾ زبردست تاريخي بيان ڪيو آهي. اُن تسلسل کي يوسف شاهين بہ پنھنجي شاعريءَ ۾ جاري رکندي، هڪ تاريخي ڪردار اَدا ڪندي، پاڻ کي ’ڪلاسڪ شاعر‘ جي حيثيت طور مڃرائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.
مطلب تہ يوسف شاهين سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ ’عظيم، جديد ڪلاسڪ شاعر‘ آهي، جنھن جي شاعريءَ جو ڪتاب ’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ هڪ جديد ڪلاسيڪل سنڌي شاعريءَ جو مثالي نمونو آهي، جنھن کي مواد/صنفن (Text) ، موضوعن/عنوانن ۽ معنائن سان گڏوگڏ سندس صنفي قُربت (Femlnist Approach) جي لحاظ کان تحقيق ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي تہ جيئن اَدبي تنقيد (Literary criticism) جي موجودہ نون طريقن پٽاندڙ سندس (Literary Theory) جي پروڙ ڪرڻ ۾ ڪا اَڳڀرائي ڪرڻ جو مستقبل قريب ۾ اِنتظام ڪري سگهجي تہ گڏوگڏ سنڌي شاعريءَ جا، خاص طور تي يوسف شاهين جي شاعريءَ جي سنڌي سماج تي پيل اَثرن ۽ مستقبل ۾ پوندڙ اَثرن جو جائزو وٺندي پاڻ کي عالمي سطح تي مڃرائڻ ۾ بہ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ترجمن جي رُوپَ ۾ سنڌي شاعريءَ جي ترقيءَ ۽ تبليغ لاءِ ڪوششون وٺڻ جي سخت ضرورت آهي.

رکيل مورائي: ٽِڙي آهي ٽانگر، ٻہ ٽي ڦولَ کڻ!

ڪن ڌرتين تي، ڪن شخصيتن جو ڄمڻ ڀاڳ جي علامت هوندو آهي ۽ اَڳتي هلي اُهو ڀاڳ جڏهن ظاهري صورت وٺندو آهي، تڏهن اُن ڌرتيءَ/ديس/ملڪ جو مان مٿانھون ٿيڻ لڳندو آهي. اُهي شخص پنھنجي ڌرتي/ديس/ملڪ جو فخر ڄاتا ويندا آهن، جن تي اَڳتي هلي ڌرتيون/ديسَ/ملڪ فخر ڪندا آهن. اَڄ جي سنڌ ۾ اَهڙي شخص (اَديب) کي مان ضرور ڄاڻان سُڃاڻان، جنھن لاءِ شايد ڪنھن وقت فخر مان رُوح جي اَٿاھہ گهراين مان شاھہ سائينءَ جي هيءَ اَملھہ سِٽَ زبان تي تري اَچي تہ:
مون سي ڏِٺا ماءِ، جَنين ڏِٺو پرينءَ کي!
هيءُ تہ محبت جو معاملو آهي، جنھن جي ڪٿَ ڪرڻ ڏُکي آهي، پر جڏهن اُن شخص جو اَدب جي ۽ لِکڻ جي ڪَٿ ڪبي تہ هڪ حيراني وڪوڙي ويندي تہ سنڌ ۾ اَهڙا لِکندڙ بہ آهن ڇا؟ جن سنڌ جي ثقافتي، اِقتصادي، جاگرافيائي ۽ سماجي توڻي اَخلاقي تحفظ اُن ٻوليءَ ۾ ڪيو آهي، جنھن ٻوليءَ تان سوين سال سج نہ لھندو هو ۽ اُها اَڄ بہ دُنيا جي اَهم ماڻھو بڻجڻ لاءِ اَهم ڄاتي وڃي ٿي.
سنڌ، جيڪا اَڄ بنھہ ننڌڻڪي ڏيکارجي رهي آهي، اُن ساڳي سنڌ هزارين سال اَڳ تھذيبن جي سرواڻي ڪئي آهي، جنھن جي تھذيبن کان روشني حاصل ڪري، دُنيا جي معاشرن اَڳتي وڌڻ لاءِ پنھنجا پيچرا جوڙيا ۽ جن پيچرن تي هلي دُنيا جون ڪيتريون قومون چنڊ ڏانھن اُڏامڻ لڳيون ۽ اُنھن قومن ۽ ملڪن کي روشني ڏيندڙ سنڌ اَڄ مسلسل اُونداهيءَ ڏانھن سفر ڪري رهي آهي. اَهڙي وقت ۾ جڏهن اُن شخص ڏي ڏسبو آهي، هن سان ڳالھائبو آهي، هن جا ڪتاب پڙهبا آهن تہ هڪ نئون اُتساھہ ۽ شعور اَندر ۾ جاڳندو آهي. اِها محبت نہ آهي ۽ نہ ئي عقيدت آهي، اِها هن جي علمي بصيرت آهي.
پڪَ سان هو جڏهن ڳالھائيندو آهي، تڏهن دُنيا جي تاريخ، جنھن کي هو ’ورلڊ هسٽري‘ چوندو آهي، اُها سندس ٽيبل تي ڦھلجي ويندي آهي ۽ هو آسانيءَ سان تاريخي اِرتقا سمجهائي سگهندو آهي، اِنسان ذات جو لَکين سالن جو اِرتقائي سفر ٻُڌائي سگهندو آهي، تاريخ جا سمورا وهڪرا ڏيکاري سگهندو آهي، دُنيا جون سڀ ڪوڙيون جُڙيل سَرحدون واضح ڪري سگهندو آهي، اِنسان ذات جون ڪُل هجرتون بيان ڪري سگهندو آهي، دُنيا جي ماڻھن جي مجموعي غلاميءَ جي عرصي جو ڪاٿو ڪري سگهندو آهي، دُنيا جي جُڙيل ۽ ختم ٿيل ٻولين جي تاريخ ٻُڌائي سگهندو آهي. نہ رُڳو اِهو، پر هو ذهين ترين شخص اُنھن جي نئين جوڙجڪ بہ ڪري سگهندو آهي، جنھن شخص/پڙهندڙ کي اسھمتي آهي، اُهو فقط سندس هڪ ڪتاب پڙهي ڏسي، جنھن جو نالو آهي ’ورلڊ ڪنفيڊريشن آف دي پيپل‘ ۽ اُن کانپوءِ سندس اُهي سڀ ڪتاب، جن سنڌ کان ٻاهر ڇپجڻ جو اَعزاز ماڻيو آهي ۽ اَڄ بہ جديد دُنيا جي جديد معلوماتي ذريعن معرفت اُهي ڪتاب سموري دُنيا ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن ۽ پڙهجي رهيا آهن.
ها! اَسين جيڪي فقط پنھنجي ماءُ جي ٻولي، يعني سنڌي ٻولي پڙهي، لِکي ۽ ڳالھائي سگهون ٿا، اُهي اُنھن سڀني ڪتابن کان اَڻ واقف آهيون، جن جا نالا آهن: (1) ورلڊ ڪنفيڊريشن آف دي پيپل، (2) وِليم دَ باسٽرڊ، (3) رائيز اينڊ فال آف گاڊز، (4) رائيز اينڊ فال آف سنسڪرت،
(5) آرٽيفيشل بارڊرز آف ورلڊ وغيرہ
ها! اَسين پنھنجي ٻوليءَ ۾ سندس اِنھن ڪتابن کان ضرور واقف آهيون، جن جا نالا هن طرح جا آهن: (1) اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو، (2) خدا، اِنسان ۽ جانور، (3) يوناني ڏندَڪٿائون، (4) فاتحن جي دُنيا، (5) حق موجود - تاريخ جو ڪيڏارو، (6) شاھہ لطيف- سنڌ جي آزاديءَ جو پھريون وڏو شاعر! وغيرہ.
هي تہ سندس اَدبي ۽ تاريخي اُهو سَرمايو آهي، جيڪو اسان جي اَکين اَڳيان آهي. اُن کان ڏَهوڻو اَدبي ۽ تاريخي سَرمايو هن وٽ محفوظ آهي، اُن کان ٻاهر اَدب ۾ غير معمولي ذهين شخص طور سُڃاتو ويندڙ، سنڌي ۽ اَنگريزي صحافت ۾ پنھنجو هڪ اَهم نالو ڇڏيندڙ، اَڳوڻو سينيٽر ۽ ٻيو گهڻو ئي ڪجهہ، پر سندس کاتي ۾ هڪ اَهڙو اَعزاز بہ آهي، جيڪو شايد جديد عالمي اَدبَ ۾ نہ مِلي سگهي. اُهو اَعزاز هن جي هڪ عمر لاءِ گهڻو آهي. هيءُ سنڌ جو اُهو ذهين پُٽ/ليکڪ/تاريخ نويس آهي، جنھن کي عالمي اَدب تي گهري نظر رکندڙ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو غير معمولي شخص/اَديب/شاعر شيخ اَياز پنھنجا ٽي ڪتاب منسوب ڪيا آهن!
هڪ شخص/ليکڪ کي هڪ ذهين ترين ٻئي شخص/ليکڪ پاران ٽي ڪتاب منسوب ڪرڻ جي رَوايت عالمي اَدب توڻي سنڌي اَدب ۾ اَڳ توڻي هاڻي نہ پڙهي ويئي هوندي ۽ نہ ٻُڌي ويئي هوندي. مھان ڪوي شيخ اَياز جنھن اَديب/ تاريخ نويس ۽ شاعر کي پنھنجا ٽي اَملھہ ڪتاب منسوب ڪيا آهن، اُن ذهين شخص/ليکڪ جو نالو ’يوسف شاهين‘ آهي.
هو سنجيدگيءَ سان لِکندڙ ۽ گهڻي غور ۽ فڪر کانپوءِ ڳالھائيندڙ ذهين شخص اَڄ ڀل ڪراچيءَ جي هڪ ڪُنڊ ۾ پاڻ کي قيد ڪري ويٺو آهي، پر سموري دُنيا، اُن جي ڀڃ ڊاھہ، اُن جي سياسي راند، اُن جو علم ۽ اَدب سندس ٽيبل تي پکڙيل آهي، جنھن کي ڏِسي هو ڪڏهن اُداس ٿيندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن پاڻمرادو مُرڪي پوندو آهي. اَنگريزي صحافت جي ۽ سنڌي اَدبَ جي وڏي نالي لڇمڻ ڪومل جيان گولڊ لِيف سگريٽ سان پيار ڪندڙ هي اَڪابر اَڄ بہ سنڌ بابت اُداس ضرور آهي، پر هو پنھنجي مطالعي جي آڌار تي مايوس نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ هو تاريخ جي رفتار ڏِسي رهيو آهي، پروڙي رهيو آهي ۽ اُن کي ڪي نوان موڙَ ڏِيڻ لاءِ اَڄڪلھہ تيزيءَ سان لِکي پڻ رهيو آهي ۽ سندس اُهو سڀ لِکيل مواد جڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾، سنڌي ماڻھو پڙهي وٺندا، تڏهن هو اسان وٽ شايد نہ هجي، پر سندس اَکين ۾ رهجي ويل سنڌ جي خوشحاليءَ ۽ آجپي وارو خواب ضرور ساڀيان ماڻيندو ۽ جڏهن هو اُها سنڌ عالمِ اَرواح مان ڏِسندو، تڏهن سندس چپن تي اُها مُرڪ هوندي، جيڪا اَڄڪلھہ سندس ڪنھن بہ دل گُهرئي دوست سان مِلڻ وقت سندس سانوري چھري تي رقص ڪرڻ لڳندي آهي.
اَڄ سندس جنم ڏينھن آهي. ڪانئون جنم ڏينھن آهي، اِن جي گُهرج سنڌ کي گهٽ آهي. سنڌ کي اَها ڳڻتي آهي تہ هن جي عمر هڪ هزار سال ٿئي ۽ اُن جو هر ڏينھن اَڻ ڳڻين خوشين سان ڀريل هجي ۽ سندس چھري تي اُهائي مرڪ هجي، جنھن مان اَڄ جو نوجوان اُتساھہ ماڻي رهيو آهي. پڪَ سان اَڄ جيڪي بہ سندس دل گُهريا ساڻس مِلڻ ۽ کيس جنم ڏينھن جون واڌايون ڏِيڻ ويندا، اُهي سڀ پنھنجي پنھنجي حِصي جو هڪ گُلابي گُل کيس ڏيندا. ڇاڪاڻ تہ سندس ۽ اسان جي محبوب شاعر شيخ اَياز اِيئن ئي چيو هو تہ:
پرينءَ جي پُکي ۾ وڃين ٿو اَيازَ،
ٽِڙي آهي ٽانگر، ٻہ ٽي ڦُولَ کڻ!

اَڄ سندس جنم ڏينھن تي اسان جي پاران کيس ڪجهہ گُلن نما لفظن جي ڀيٽا شال قبول پوي.

]روزاني ’عوامي آواز، اَپريل 2013ع[

رکيل مورائي: سنڌ لاءِ فخر: يوسف شاهين

هند - پاڪ ۾ اِهو مشھور آهي تہ جڏهن رابندر ناٿ ٽئگور نوبل اِنعام وٺي بنگال موٽيو هو تہ هزارين نہ، بلڪہ لکين بنگالين سندس آجيان ڪئي هئي. جيتوڻيڪ ٽئگور راجائي خاندان جو فرد هو، پوءِ بہ سندس واتان نڪتو هو تہ: ”بنگالي تہ مون کي اَڳ سُڃاڻيندا ئي ڪونہ هئا!“
اسان هن کنڊ جا اَدبَ سان توڻي شاعريءَ سان واسطو رکندڙ ليکڪ اَڄ بہ اِن ڳالھہ تي فخر ڪريون ٿا تہ هو پھريون اُپکنڊ جو اَديب هو، جنھن اَدب جو نوبل اِنعام ماڻيو هو، پڪَ سان بنگالين لاءِ تہ هو فخر جو سبب آهي ئي آهي.
اَهڙو ئي فخر نئين سنڌ لاءِ اَڄ جي تاريخ تائين جيڪو شخص/ليکڪ بڻيو آهي، اُن جو نالو محترم يوسف شاهين آهي. جيتوڻيڪ هو دُنيا ۾ پڙهيو ويندڙ ۽ قبول ڪيو ويندڙ اَهڙو ليکڪ آهي، جنھن دُنيا جي لکيل هٿ ٺوڪي تاريخ کي چئلينج ڪري قبول ڪيو آهي، جنھن جي نتيجي ۾ نئين دُنياسندس ڪتابن تان اثر وٺي، چڱي ئي تبديلي آندي آهي، جيڪا نئين صديءَ ۾ نيو ورلڊ معرفت ظاهر بہ ٿي آهي، پر سندس لِکڻ جو نتيجو عالمي طور اَتي هلي ظاهر ٿيڻو آهي، جنھنجو اوسيئڙو اسان جي اِيندڙ دُنيا کي ڪرڻو آهي.
في الحال دُنيا جي آڏو جيڪي چئلينج آيا آهن ۽ اُهي يوسف شاهين صاحب جي لِکڻ معرفت آيا آهن، اُنھن کي عالمي اَدب ۾ پڪَ سان اَچرج جي نگاھہ سان ڏِٺو پيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ عالمي ليول تي سندس لِکڻ ايتري اَهميت ماڻي چُڪو آهي، جو هن ملڪ کانسواءِ سندس نالو نوبل اِنعام لاءِ نامزد ڪيو ويو، جنھن جا سبب ڪجهہ هي ٿي سگهن ٿا تہ هن اِنساني تاريخ ۾ پھريون ڀيرو نھايت بھادريءَ سان لِکيو آهي، جنھن کي دُنيا ڪوششن جي باوجود رد نہ ڪري سگهي آهي يا اُن جو جواب نہ ڏئي سگهي آهي.
(1) دُنيا جون سڀ موجودہ سَرحدون نقلي آهن، جنھن عمل کي پنھنجي ڪتابن ۾ هن تفصيل سان واضح ڪيو آهي.
(2) دُنيا ۾ فوج جو هجڻ غير اَهم آهي ۽ اِنسان ذات لاءِ ڏُکوئيندڙ آهي. ڪھڙا والدين اِهو چاهيندا تہ سندن اولاد پنجويھن سالن جي عمر کان اِن اوسيئڙي ۾ هجي تہ هو ڪھڙي وقت هڪ اِنسان کي گولي هڻي ماري ٿو يا ڪھڙي وقت گولي کائي ٿو! شروع کان مرڻ جو اوسيئڙو.
(3) اِنسان ذات کي جيترو نقصان مذهبي ويڙهن يا فتحن پھچايو آهي، اوترو ڪنھن بہ نظرئي نہ پھچايو آهي، اُن ڪري مذهبن کان پاڪ معاشرو جُڙڻ کپي.
(4) اِنسان ذات کي مھذب بڻائڻ واري، اَجهو اَڏڻ واري شروعاتي تھذيب سنڌين تخليق ڪئي.
مٿيون سڀ ڳالھيون اَهڙيون آهن، جيڪي ڪوبہ ليکڪ لِکت ۾ نہ ڪري سگهيو آهي، اِهي سڀ ڳالھيون سندس ڪتاب پَڌريون ڪن ٿا، جنھن بُنياد تي سئڊش اَڪيڊميءَ اِهو فيصلو ڪيو تہ اَمن جو نوبل اِنعام يوسف شاهين کي ڏِنو وڃي. اَهڙي عالمي پڌرائي ٿيندي ٿيندي رهجي وئي ۽ اُن سال جو نوبل اِنعام هڪ ناچو ٽولي کي ڏِنو ويو. شايد مٿين سندس ڪتابن ۾ لِکيل ڳالھين کان سئڊش اَڪيڊمي بہ ڊِڄي ويئي هجي، اُن جا سبب هڪ کان وڌيڪ ٿي سگهن ٿا، مثال طور:
(1) يوسف شاهين بنا شڪ جي ڏهن هزار سالن کان سنڌي آهي ۽ اُنھن سنڌين جو اولاد آهي، جن سنڌو تھذيب جو پايو وِڌو ۽ اِنسان ذات کي هڪ تحفظ ڏِنو. ڇاڪاڻ تہ گهر اَڏڻ جي شروعات سنڌين ڪئي. اَڄ جي حالتن ۾ سنڌ، پاڪستان جي هڪ صوبي جي صورت ۾ آهي. عالمي دُنيا ۾ جيڪا پاڪستان جي آبرو آهي، اُها ڪنھن بہ پاڪستان ليکڪ جي جُڙي نہ سگهندي، ڇوتہ ليکڪن جو قد ملڪن ۽ ٻولين تي ماپيو ويندو آهي.
(2) اَڄ جي صورتحال ۾ اَمن ۽ سلامتيءَ جي دِين جي پوئلڳن جيڪا پنھنجي نئين سُڃاڻپَ جوڙي آهي، اُن دِين جي مڃيندڙ هڪ ليکڪ کي دُنيا ۾ اُنھن ئي نظرن سان ڏِٺو ويندو، پوءِ بہ هڪ سؤ سالن جي نوبل اِنعام جي تاريخ ۾ ٻن مسلم اَديبن کي نوبل اِنعام مِليو آهي، جنھن مان ٻيو نمبر نوبل اِنعام تازو ئي هڪ آفريڪي مسلمان کي ڏِنو ويو آهي، جنھن جو نالو عبدالرزاق گرناھہ آهي، پاڪستاني سنڌي ليکڪ يوسف شاهين نہ آهي.
اِهو فخر بہ ڪافي آهي تہ هن کي نوبل اِنعام لاءِ نامزد ڪيو ويو هو ۽ سنڌ لاءِ اِهو گهڻو فخر آهي. شايد سنڌين کي اِها خبر بہ گهٽ هجي تہ نوبل اِنعام لاءِ يوسف شاهين جو نالو ملڪ کان ٻاهر جي ڪيترين ئي يونيورسٽين اول موڪليو هو، جيڪو جيڪو ڪم هتان جي يونيورسٽين کي ڪرڻ کپندو هو، اُهو ڪم ٻين ملڪن ڪيو. پوءِ بہ تاريخ جو اِهو وڏو سچ آهي تہ هو پھريون سنڌي آهي، جنھن کي نوبل اِنعام لاءِ نامزد ڪيو ويو هو. سندس لِکڻ ڪيترو وڏو ۽ سگهارو آهي، اُهو سمجهڻ لاءِ شايد اسان کي ڊِگهو وقت لڳي، سنڌي جو آهيون!
ڪيئن بہ هجي، يوسف شاهين صاحب عمر جي هن پوئين حِصي ۾ ڪيترين ئي جسماني تڪليفن مان گُذري رهيو آهي. سندس سموريون تڪليفون ميڊيا جي زينت بڻجڻ کان لڪيل آهن، ڇاڪاڻ تہ هو خود پرنٽ ميڊيا جو هڪ ٿنڀ رهيو آهي، جيڪو ڪنھن بہ نُماءَ کان پري رهڻ وارو آهي. هو ورهاڱي کانپوءِ سنڌ جو پھريون سنڌي صحافي آهي، جيڪو قيدي ٿي رهيو آهي، باقي سڀ پوءِ اَچن ٿا. ويجهي دؤر ۾ هو اُهو صحافي/ليکڪ رهيو آهي، جنھن ڪورٽ ۾ پنھنجي علم جي بُنياد تي اِهو چيو تہ: ”جيڪڏهن چور جو هٿ ڪَپڻ اِسلامي قانوني گُهرج آهي تہ پوءِ سڀ کان اَول ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ جو هٿ ڪپيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ هن اِقتدار عوامي چُونڊيل حُڪمران کان چوري ڪيو آهي.“ اِنھن لفظن جي سزا هن ڪيتري ڀوڳي آهي، جسماني طور بہ تہ ذهني طور بہ!!

عزيز رانجهاڻي : شيخ اَياز ۽ يوسف شاهين

اَياز صاحب پنھنجي پَڇاڙڪن ڏينھن ۾ پي. اين. سي. ايڇ سوسائٽيءَ ۾ سائين يوسف شاهين جي بنگلي، ’برسات‘ آفيس ۾ هڪ اَعزازي ايڊيٽر ۽ شاهين صاحب جي پُراڻي دوست جي حيثيت م اَچي ويھڻ شروع ڪيو. شاهين صاحب پاران باوجود اِن جي تہ کيس اُن وقت جي حِساب سان جيڪو ماهوار جوڳو معاوضو ڏِنو ويندو هو، پر اُن معاوضي جي عيوض شاهين صاحب، يعني اَخبار جي مالڪ شيخ صاحب تي ڪا مقرر ذميواري نہ سونپي، نہ ڪنھن ايڊيٽوريل، نہ مضمون، نہ ڪو نظم ۽ نہ ئي ڪنھن نثر لِکڻ لاءِ پابند هو، بس! شاهين صاحب جي نظر ۾ هو سندس دوست هو، سنڌ جو هڪ وڏو شاعر ۽ عالمي اَدب جو هڪ غضب جو پاڙهُو هو، جنھن کي اَڪيلائيءَ ۽ آئسوليشن کان بچائڻ ۽ اُن جي مالي مشڪلاتن کي گهٽائڻ ۽ کيس مسلسل ڪجهہ نہ ڪجهہ لِکڻ واري نيت سان کيس پنھنجي اَخبار ۾ هڪ شاندار رُتبو ۽ حيثيت ڏيئي مصروف ڪري ڇڏيو ۽ کيس بلڪل سؤ سيڪڙو ڪجهہ بہ ۽ ڇا بہ لِکڻ ۽ اُن کي ڇاپڻ جو اَعزاز بہ بخشيو، جيڪا هڪ تمام غير معمولي ۽ ’برسات‘ جھڙي سنڌي ٻوليءَ جي سڀ کان وڏي اَخبار، اُن جي بزنس ۽ مالڪ لاءِ هڪ وڏو رِسڪ هو، جيڪو شاهين صاحب پنھنجي رضا خوشيءَ سان پنھنجي هڪ دوست کي مان ڏِيڻ ۽ کيس مصروف رکڻ لاءِ کنيو، جيڪا هر ڪنھن مالڪ جي وسَ ۽ ظرف جي ڳالھہ ناهي.
اَياز صاحب آخري ڏِهاڙن ۾ ڇا پئي لِکيو ۽ اُن کي ’برسات‘ جي پڙهندڙ ۽ سنڌ جي ماڻھن ڪيئن ورتو ۽ ’برسات‘ ۾ ڪم ڪندڙ اِسٽاف ۽ ٻين ايڊيٽرن ڪيئن ورتو ۽ سنڌ جي لِبرل، قومي ۽ سياسي ماڻھن اُن تي ڪھڙو ردِعمل ڏيکاريو ۽ اُن کي شاهين صاحب ڪيئن هضم ڪيو، سو هڪ شاهين صاحب کي خبر ۽ ٻي خُدا کي! ڇوتہ هن سنڌ جي ماڻھن ۽ اِداري ۾ ويٺل ماڻھن جي ردِعمل بابت شيخ صاحب جھڙي حساس ماڻھوءَ کي کُڙڪَ پوڻ بہ نہ ڏِني. شاهين صاحب ۽ اَياز اَخبار جي پاليسي ۽ اَخبار جي مستقبل بابت گهٽ، پر اَڪثر عالمي، اَدب، تاريخ ۽ ميٿالاجي تي هڪٻئي سان گفتگو ڪندا هئا.
شيخ صاحب جڏهن سگريٽن ڇڏڻ جو اِرادو ڪيو تہ اُهو واحد شخص شاهين صاحب ئي هو، جنھن کيس سگريٽ ڇڏڻ کان ڪنھن حِڪمت طور سختيءَ سان منع ڪئي هئي، جنھن جو بعد ۾ اَياز صاحب هڪ ڀيرو شاهين صاحب سان ذِڪر بہ ڪيو تہ سندس ڏِنل صلاح درست هئي ۽ کيس سگريٽ هن عمر ۾ نہ ڇڏڻ کپي ها ۽ سگريٽ ڇڏڻ سان سندس ذهني، جسماني ۽ تخليقي حوالي سان مثبت بجاءِ ڪي منفر اَثر پيا، پر تيسين دير ٿي چُڪي هئي. اِهو ئي سبب آهي، جو سؤ ڀيرا خود ڊاڪٽرن پاران شاهين صاحب کي فوري سگريٽ ترڪ ڪرڻ جو مشورو ڏِنو ويو، پر هن هر ڀيري ڊاڪٽرن کي اِهو چئي لاجواب ڪري ڇڏيو تہ: ”سگريٽ ڇڏڻ هاڻ منھنجي لاءِ ممڪن ناهي ۽ جي ڇڏيندس تہ اِن حال کان بہ هليو ويندس.“
قصو ڪوتاھه! شاهين صاحب ۽ اَياز صاحب ’برسات‘ جي آفيس ۾ ڪچھريءَ بعد شام جو سجَ لَٿي کان پھرين ٻنھي پاسن بنگلن جي قطار جي وچ واري ويڪري ۽ قديم، ڊِگهن ۽ گهاٽن وڻن سان ڍڪيل گهٽيءَ ۾ ڪي پھر پيا واڪ ڪندا هئا، اِهو سندن معمول هو. اَياز آخري ڏينھن ۾ پنھنجي جِهيڻي ڳالھائڻ وانگر هلڻ ۾ بہ جِهيڻو ٿي ويو هو، جنھنڪري شاهين صاحب کي بہ پنھنجي هلڻ جي رفتار واڪ دؤران شيخ صاحب جي رفتار مطابق جِهيڻي ۽ آهستي ڪرڻي پئي.
هڪ شام جو ٿيو اِيئن، جو پاڻ ۽ شاهين صاحب واڪ ڪرڻ جي لاءِ جيئن ئي ڪمري مان نڪتا تہ اوچتو شاهين صاحب جا ڪي اَهم مھمان بہ اَچي وڏي در تي پھتا تہ شاهين صاحب فوري طور مون کي آپريٽر عابد کوسو جي رُوم مان آواز ڏيئي، سَڏي چيو تہ: ”اوهان شيخ صاحب سان واڪ ڪيو، مان مھمانن کي اَٽينڊ ڪيان ٿو يا ويھان ٿو.“
اُنھن ڏينھن ۾ شيخ صاحب کي اَدب جو نوبل پرائيز مِلڻ جي حوالي سان چؤٻول هئا ۽ هڪ ٻن اَخبارن ۾ اُها خبر بہ ڇَپي هئي، پر شايد شيخ صاحب اُنھن چؤٻولن ۽ اَخباري خبر کان مڪمل بي خبر هو. واڪ ڪندي مون جڏهن کانئس پُڇيو تہ: ”سائين! چون ٿا تہ اوهان کي نوبل پرائيز مِلڻو آهي.“
بس! منھنجو ايترو پُڇڻ ۽ شيخ صاحب شروع ٿي ويو تہ: ”ڪڏهن مِلندو؟، ڪير ٿو چئي؟، توکي ڪيئن خبر پئي؟“ سچ پچ شيخ صاحب جو چھرو خوشيءَ وچان مون ٻھڪيل ڏِٺو. مون کيس ٻُڌايو تہ: ”سائين اَدبي حلقن ۾ چؤٻول آهن ۽ ڪن اَخبارن ۾ بہ اِها خبر ڇَپي آهي.“
”ڪھڙين اَخبارن ۾ ۽ ڪڏهن ڇَپي آهي؟ ڪير ٿو چئي؟ تون ڪِٿان ٻُڌي؟“
”سائين! مان ڪجهہ ڏينھن اَڳ رکيل مورائيءَ وٽان ’رَمپا پلازا‘ ۾ اِها خبر ٻُڌي ۽ کيس اَخبارون بہ ڏَسيم.“
”رکيل ڪاٿي آهي؟“ اُن وقت موبائيل فون جو زمانو نہ هو، نہ تہ شايد شيخ صاحب پنھنجي معصوميت واري اَنداز ۾ اِيئن بہ چئي ڏي ها تہ: ”هاڻ مِلائي رکيل مورائيءَ جو نمبر!“
اَڃا اِها ڳالھہ ۽ واڪ جاري هئي تہ مين گيٽ مان شاهين صاحب آيل مھمانن سان گڏ ٻاهر نڪتو ۽ مھمانن کي رُخصت ڪري اَچي واڪ ۾ شامل ٿيو. اَياز صاحب سموري ڳالھہ شاهين صاحب کي خوشيءَ مان ۽ ٻھڪندڙ چھري سان ٻُڌائي، پر شاهين صاحب پاڻ اَهڙن چؤٻولن ۽ ڇپجندڙ خبرن کان شايد اَياز صاحب وانگر بي خبر هو، پر اَياز صاحب جي ڳالھہ ٻُڌي، سنجيدگيءَ واري اَنداز ۾ شاهين صاحب وراڻيو تہ: “Oh! Very good, it’s a big news”
بعد ۾ واڪ ختم ٿي، اَياز صاحب ۽ شاهين صاحب بنگلي جي مختصر لان تي رکيل پُراڻن موڙن تي ويھي رهيا ۽ مان ايڪسچينج ۾ وڃي فون کي گُهمائڻ شروع ڪيو تہ ٿوري دير بعد شاهين صاحب جو سَڏ ٿيو تہ: ”اَياز صاحب چوي ٿو تہ رکيل مورائيءَ کان پُڇي ڏيو تہ کيس اِها خبر ڪِٿان پئي.“
هجي ها موبائيل يا رکيل مورائيءَ جو فون نمبر تہ مان کانئس پُڇان. پوءِ ڇا ٿيو.....
مان اَڄ نہ، پر اُن ڏينھن ئي اُن خبر جي حَوالي سان نہ، پر اَياز صاحب جي ردِعمل تي حيران هيس تہ اَياز صاحب ڪيئن نہ پنھنجي معصوميت سان اُن خبر جي پڪَ پئي ڪرائي. حالانڪہ پريس، رکيل ۽ خلق کان پھرين تہ هن وڏي عالمي ايوارڊ جي تہ کيس کُڙڪَ هئڻ گُهرجي ها. سو اِنسان جي سوچَ، اُن جي لوچَ، اُن جو ڳالھائڻ، اُن جو لِکڻ بہ شايد عمر يا ٻين سببن جي ڪري سَدائين ساڳيو نہ رهندو آهي. باقي اَياز ڇا هو، اِن تي سندس همعصر ۽ اُن جي شاعريءَ کي سمجهندڙ ئي سُٺو ڳالھائي ۽ لِکي سگهن ٿا، حقيقت اِها آهي تہ پاڻ تہ اَياز جي فن، فِڪر، تخليقن، شاعري ۽ ذاتي زندگيءَ تي هڪ سِٽ بہ نہ ٿا لِکي سگهون.
*
مون کي يوسف شاهين صاحب ٻُڌايو تہ شيخ اَياز صاحب جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ کي خيرآباد چئي هڪ گاڏيءَ ۾ ٽپڙن سميت ڪنھن ٻي پاسي نہ، پر سِڌو طارق روڊ تي ’برسات‘ جي آفيس ۾ اَچي ٿڪُ ڀڳو. اُن وقت هو اِنتھائي جذباتي ۽ ڪنھن ٻيءَ ڪيفيت ۾ هو. آفيس ۾ داخل ٿيڻ سان ئي قومي تحريڪ، سائين جي. ايم. سيد، ڀُٽي صاحب، پنھنجي شاعريءَ، سنڌين، وي. سي شِپ ۽ يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۽ اُستادن تي مثبت يا منفي، پر ڀرپور ۽ جذباتي ڳالھايائين. اِيئن ڪڏهن اَڳ اَياز کي اِن ڪيفيت، جُملن ۽ جذبات ۾ شايد ڪنھن ڏِٺو هجي، ڪٿان پئي آيو، ڪٿي پئي ويو، بس! بار بار پئي چيائين: ”هاڻ گهڻو ٿيو، “It’s enough, enough, enough
ٽي ڪلاڪ مسلسل پنھنجو غصو ڪڍندو رهيو ۽ آءٌ سندس دل رکڻ لاءِ ها ۾ ها مِلائي، کيس ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس. سندس لاءِ گُهرايل ماني ٽي ڪلاڪ ٽيبل تي پيل رهي، مس کيس اِهو چئي ٿڌو ڪيم تہ: ”ها، تون بلڪل صحيح آهين ۽ صحيح ٿو چئين.“
نيٺ ماني کاڌائين ۽ ماني کائڻ بعد اِها ڳالھہ ٻُڌائي حيران ڪي ڇڏيائين تہ: ”هيٺ گِهٽيءَ ۾ منھنجي سامان سان ڀريل ٽرڪ بہ بِيٺل آهي.“ مون سندس سامان کي پاڻ وٽ رکرايو، سندس رهڻ جو بندوبست ڪيو ۽ جيسين مون وٽ رهيو، تيسين کيس ٿڌو ڪندو رهيس.
*
جيئن شيخ اَياز صاحب جي سڀ کان وڌيڪ ويجهڙائپَ سائين يوسف شاهين سان هوندي هئي، تيئن جي. اين عباسي صاحب جي بہ ساڻس ايتري ئي پنھنجائپَ ۽ ويجهڙائپَ هئي. ڪراچيءَ ۾ عباسي صاحب ڪلاڪن جا ڪلاڪَ شاهين صاحب وٽ پي. اي. سِي. ايڇ سوسائٽيءَ ۾ اَچي ساڻس ڪچھريون ڪندو هو، جن ۾ اَڪثر پي. ڪي شاهاڻي، رحيم بخش سومرو ۽ اَنور راڄاڻي بہ اَچي شامل ٿيندا هئا. پنج ڇھہ ڪردار اَهڙا هئا، جن سان تقريباً هر رور نہ تہ هفتي ۾ هڪ ٻہ ڀيرا تہ ضرور شاهين صاحب جي ملاقات يا فون تي گفتگو ٿيندي هئي، جن ۾ بينظير ڀُٽو صاحبہ، عبدﷲ شاھہ، شاهاڻي صاحب، سومرو صاحب، شيخ صاحب، وفائي صاحب، فرحت ﷲ بابر، راڄاڻي صاحب ۽ هڪ پرڏيھي سياسي پير بہ شامل هئا.
تازو شاهين صاحب جڏهن ڪراچيءَ کي ڇڏي، ڪجهہ مھينن لاءِ حيدرآباد اَچي منھنجي گهر جي سامھون رهيو تہ ساڻس صبح شام ڪچھري بہ ٿيندي هئي تہ سندس سارَسنڀال بہ لَھندو هئس. منھنجي 21 ڏينھن جي غير موجودگيءَ ۾ اِشتياق اَنصاري صاحب، منھنجا ٽئي فرزند، نياڻيون ۽ گهر وارا اُهو فرض نڀائيندا هئا ۽ ڪڏهن تہ اَنصاري صاحب سان ڀاڄائي شبنم، اُن جو فرزند عرصم ۽ نياڻي عرين بہ اَچي شاهين صاحب سان علمي، اَدبي، تاريخي گفتگوءَ ۾ شامل ٿيندا هئا ۽ ساڻس گڏ ڊِنر بہ ڪندا هئا.
حيدرآباد رهندي شاهين صاحب جي صبح شام عباسي صاحب سان فون تي ڪڏهن مختصر تہ ڪڏهن تفصيلي گفتگو ٿيندي هئي ۽ هڪٻئي سان پوسٽ ذريعي ڪتابن جي مَٽا سَٽا ۽ نوان ڪتابن جي ڇپرائڻ جي حوالي سان پيا گفتگو ڪندا هئا. آءٌ عباسي صاحب جھڙي صدوري سنڌ دوست ۽ ڏاهي شخص جي تعزيت سنڌ ۽ شاهين صاحب سان ڪيان ٿو. اِهو بہ سڀني کي ٻُڌائڻ لاءِ تہ موجودہ دؤر ۾ سنڌ ۾ اَگر ڪو عباسي صاحب جي شخصيت، ڪم ۽ حاصلات تي تفصيلي، جامع، ڳوڙهو، پُرمغز ۽ عالماڻو مضمون، آرٽيڪل، ڪتاب، تاثر يا پروفائيل لِکي سگهي ٿو، سو شاهين صاحب ئي آهي.

نواز خان زئون: جيئرو جاڳندو ديوتا: يوسف شاهين

چوندا آھن تہ وقت وھامندي ويرم نہ ٿي ٿئي. اَلبت ڪڏھن ڪڏھن وقت وھامي نہ ٿو، اُڏامي ٿو. پٺتي لنئوڻو ڦيرايان ٿو تہ اُھو وقت ڄڻ تہ اَک ڇِنڀَ ۾ گذري ويو ھجي؛ ذري گهٽ چوٿ صدي اَچي پوري ٿي آھي. جنرل مشرف جي آمريت جا شروع وارا ڏينھن ھئا، جنھن جي ناظمن واري مڪاني نظام جون پھريون چُونڊون ھيون. وڏيرا ميدان ۾ لٿل ھئا ۽ اُنھن جي بلي بلي ھئي. اسان جي بہ چڙھندڙ جواني ھئي. مختلف فڪري مڪتبن ۽ سياسي ڌارائن سان لاڳاپيل ساٿين گڏجي ميرپور بٺوري ٽائون ڪميٽي جي چُونڊن ۾ حصي وٺڻ جو فيصلو ڪيو، ناتجربيڪاريءَ جي باوجود اسان ڪائونسلريون اَڪثريت سان کٽيون. ناظم ھُنن جو ۽ نائب ناظم اسان جو، ٻنھي ڌرين جي ڏي وٺ جي نتيجي ۾ بنان مقابلي آيا. ٻئي مرحلي ۾ تعلقي ناظميءَ جو مقابلو ھو، اُن سلسلي ۾ تڏھوڪي ’سنڌ نيشنل فرنٽ‘ جي اَڳواڻ، ممتاز علي ڀُٽي جي پراڻي ساٿي ۽ بابا سائينءَ جي نھايت ويجهي دوست چاچا اَعجاز علي خواجا جي گهر گڏجاڻيءَ ٿي. اُنھيءَ گڏجاڻيءَ مان جيئن واندا ئي مس ٿياسين تہ ڪراچيءَ مان ڪو دوست منھنجي ڪنھن ننڍي ڀاءُ سان گڏجي اَچي اُتي سھڙيو. چي: ”برسات اَخبار ۾ جڳھہ خالي آھي، ھل تہ گڏجي ھلي ڪراچيءَ ۾ صحافت ڪريون.“
پاڻ بٺوري کي سلام ڪري اَچي ڪراچيءَ جا وڻ وساياسين، لڏو لاٿوسين ڪلفٽن تي ننڍي ڀاءُ اَدا مدد وٽ. نوڪريءَ لاءِ حاضر ٿياسين يوسف شاھين اَڳيان ۽ سنڀاليوسين ’برسات‘ اَخبار جو ايڊيٽوريل صفحو. اَنب گوپانگ جو ڀاءَ نورالدين گوپانگ اَڳ ۾ ئي اُتي ھو، بعد ۾ شان ڏھر بہ اَچي ’برسات‘ جا وڻ وسايا.
اُتان کان يوسف شاھين سان منھنجي شخصي سُڃاڻپ جو دؤر شروع ٿئي ٿو، جيڪو ڪجهہ سالن جي رفاقت تي پکڙيل آھي. جيتوڻيڪ اُن کان اَڳ ۾ مون سندس شاعري ۽ يوناني ديوتائن تي لکيل سندس ڪتاب پڙھيا ھئا، پر ڪنھن ليکڪ کي پڙھڻ ھڪ ڳالھہ آھي ۽ اُن سان رفاقت ٻي ڳالھہ آھي. پنھنجن ڪتابن يا لِکڻين ۾ اَڪثر ليکڪ ڏاڍا آدرشي، مثالي ۽ خوبصورت نظر اِيندا آھن، پر ويجهي اَچڻ سان ”نام بڙا، ديھہ وِيران“ جھڙو ڏيک نگاھن ۾ جڳھہ والاريندو آھي. ٿورا ئي ليکڪ ھوندا آھن، جيڪي پنھنجن ڪتابن منجهہ، توڙي اُنھن ڪتابن کان ٻاھر ھڪ جھڙي يا اَصلي مثالي شخصيت رکندا آھن، جن ۾ يوسف صاحب بہ شامل آھي، جيڪو ديوتائن جي باري ۾ رُڳو ڪتاب ڪونہ ٿو لِکي، پر بذاتِ خود ھو پاڻ پڻ ھڪڙو جيئرو جاڳندو ديوتا آھي.
زندگيءَ ڏاڍي گوناگون آھي. اِيئن شخصيتون پڻ ڏاڍيون پيچيديون ٿينديون آھن. چون ٿا تہ ماڻھوءَ تي سندس ڄم واري ھنڌ جي مِٽيءَ جو تمام وڏو اَثر ٿيندو آھي. يوسف شاھين نصرپور جو آھي، نصرپور مان اُٿي ڪراچي جي پناري پيو آھي، اُنھن ٻنھي شھرن جو سندس شخصيت تي واضع اَثر آھي. نصرپور، جتان ڪنھن زماني ۾ سنڌوءَ گجگاٽ ڪندي وھندي ھئي، جتي ڪورين جي آڏاڻن ۽ آڱرين تي رڳو پٽ ڪونہ اُڻبو ھو، پر رنگ اُڻبا ھئا، جتي سنڌ جي ھٿ جي ھنرن جا ويس ورن شفق شفق ٿي ٻھڪندا ھئا، جتي اَجرڪ جون ڦلڙيون اُفق جي ڪنوارن ڪرڻن جي ڦوھار ٿي جرڪنديون ھيون، جتي زمينون ذرخيز ۽ واپار روان دوان رھندو ھو، اُنھيءَ نصرپور جي رنگن، سنڌو نديءَ جي پُورن ۽ ڪراچي جي جڳمڳ ۾ رڱيل آھي يوسف شاھين جي شخصيت، جيڪو اُنھيءَ سنٻنڌ جي ڪري ئي ھو تاريخ سان تمام گهڻو وچڙيو آھي. رُڳو سنڌ جي تاريخ سان ئي نہ، پر عالمي اتھاس سان پڻ ھن پنھنجا پلئہ پئي اَٽڪايا آھن. ھو ھڪ ئي وقت ديس ڀڳت پڻ آھي تہ ساڳئي وقت بين الاقواميت پسند پڻ آھي. ھن پنھنجي پاڻ کي پنھنجي ديس، اَدب ۽ تاريخ ۾ ڳولي لڌو آھي.
ٻھراڙيون نرمل، ڪومل، مڌر ۽ نفيس ٿينديون آھن ۽ اُنھن جي ڀيٽ ۾ شھر شوخ ٿيندا آھن. شھر خوداَعتماديءَ جو اِستعارو پڻ آھن تہ مطالعي ۽ علم جي آماجگاھہ پڻ! يوسف شاھين کي بہ ڪراچي مطالعي جي وسعت ڏني. ڪراچي جي مابدولت اُھو سندس وسيع مطالعو ئي آھي، جيڪو کيس عالمي تاريخ جي ڳلين جو سير ڪرائي ٿو. ھو تاريخ جو شعور رکي ٿو ۽ ماضيءَ جي ڳڙکين مان مستقبل ۾ ليئو پائي سگهندو آھي. اُن ڏس ۾ سندس ڪتاب ’شاھہ لطيف: آزاديءَ جو علمبردار‘ ھڪڙو نھايت ئي شاھڪار ۽ ڳڻڻ جھڙو ڪتاب آھي. اَصل ۾ سندس ھر ڪتاب ڳڻڻ جھڙو ئي آھي. ھن جيڪو ڪم ڪيو آھي، اُھو معيار جي بُلند سطح تي بيھي ڪيو آھي. نہ رُڳو نثر، پر سندس شاعري پڻ اَعليٰ قدرن ۽ فڪري گهرائين سان سرشار آھي. اَلبت شاعري ۾ ھن مار رُڳو لھجي ۾ کاڌي آھي. ڀٽائي جي لھجي ۾ لکيل بيت فڪري سرشاري جي باوجود اُھا روانيءَ نہ ٿا رکن، جيڪا ماڻھوءَ جي وجود کي پاڻ سان وھائي کڻندي آھي. اُن ھوندي بہ اُن ۾ جيڪو پيغام آھي، اُھو صدين جا سَڏ پاڻ ۾ سمايو رکي ٿو.
’برسات‘ اَخبار ۾ ڪم ڪرڻ دؤران مون کي سندس شخصيت کي ويجهڙائيءَ کان ڏِسڻ جو موقعو مِليو. ھي اُھي ڏينھن آھن، جڏھن ’برسات‘ اَخبار جو طمطراق ختم ٿي چڪو ھو ۽ اُھا مڙئي ساھہ کڻي رھي ھئي، جڏھن تہ يوسف شاهين پاڻ جيل ڪاٽي اَچڻ جي باوجود نؤبنو لڳو پيو ھو. ھن جي ھڪ زبردست خوبيءَ ھيءَ ھئي تہ ھو پنھنجي اَخباري عملي سان ميٽنگون پيو ڪندو ھو، ساڻن صلاح مشورا ڪندو، رٿون رايا وٺندو ۽ تجويزون پڇندو رھندو هو، جنھن بعد پنھنجا ويچار پيش ڪندو هو. ٻُڌندو ھر ھڪ کي ڌيان سان ھو ۽ ڪچھريءَ تان سندس توجھہه نہ ٿِڙندو ھو.
ھو رُڳو خوش گفتار ناھي، خوش پوشاڪ پڻ آھي. اَڇا ۽ صاف سٿرا ڪپڙا، مرڪندڙ چھرو، سيرب روزاني جو معمول، وار ڦڻي ڏنل ۽ سُھڻي نموني سنواريل، سڀني وصفين تازو توانو لڳندڙ. ڳالھائڻ جو لھجو دل وٺندڙ، ڳالھہ دليل ڀري، مرڪي تہ موھي ڇڏي. سندس شخصيت ۾ مون کي ھميشه ڇِڪ محسوس ٿي.
مٿان وري آفيس ۾ سندس ويھڪ وارو وڏو ڪمرو، جنھن ۾ چئني طرفن کان ڪتاب سَٿيل، جنھن مھل ڏسو ھو مطالعي ۾ مصروف. پاڻ يارھين وڳي کان پھريان آفيس پھچيو وڃي. جي ڀلجان نہ ٿو تہ ھُن جو نانءُ ’صبا‘ ھو. صبا پڻ ٻارھين ڌاري اَچي آفيس سھڙندي. ھوءَ غالباً ھڪ اَنگريزي رسالي جي سھيڙ ڪندي ھئي. يوسف شاھين جي ھن سان ھم آھنگي تمام گهڻي ھئي. ھڪ ڀيري رات جو دير تائين آفيس ۾ ڪم ڪندي يوسف صاحب جي طبيعت اوچتو تمام گهڻي خراب ٿي پئي. ھو پنھنجي جڳھہ تان شايد چُري پُري ۽ ڳالھائي بہ ڪونہ ٿي سگهيو. ھڻي ڌُڻي ھو فون ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، اُھا فون صبا ڏانھن ھئي. ھوءَ تمام تيزي سان گهران نڪري آفيس پھتي، در ٽوڙي يا ڀتيون ٽپي اَندر گهڙي ۽ ساڻس گڏ آيل سندس ڀاءَ جي مدد سان يوسف صاحب کي کڻي اِسپتال پھچايائين. اُن کان پوءِ ھن جي لاءِ مون وٽ احترام تھائين وڌي ويو، جو ھن يوسف صاحب کي ڪمھليءَ اَچي بچايو ھو.
يوسف صاحب پنھنجي عملي جو تمام گهڻو خيال رکندو ھو، احترام ڪندو ھو. مون ڪڏھن بہ سندس واتان ڪو گُٿو لفظ نہ ٻُڌو. ڪنھن تي رنج ٿيو تہ بہ ٿڌي دماغ سان سمجهائيندو هو. ننڍين ننڍين ڳالھين جو خيال رکندو هو. اَڳيان ھلي مون آفيس دير سان پھچڻ شروع ڪيو. مون تن ڏينھن ۾ ھڪ اُردو اخبار جي دبئي واري صفحي تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ھو، جنھن جي آفيس ’آءِ آءِ چندريگر روڊ‘ تي ھئي. جتان شاھراھہ فيصل تي نرسري اِسٽان تائين ۽ نرسري تي لھي ’برسات‘ جي آفيس تائين پڄندي ڪجهہ دير ٿيو ويندي ھئي. ھڪ ڏينھن مون کي گُهرائي دير جو ڪارڻ پڇيائين تہ مون کيس ٻيءَ نوڪري جو ٻُڌايو. ھو مرڪيو. منھنجو پگهار وڌايائين ۽ ٻيءَ نوڪري ڇڏي ڏيڻ جي ھدايت ڪيائين. چي: ”ٻہ نوڪريون ماڻھوءَ کي ٿڪايو ڇڏين، ماڻھو ھلاڪ ٿئي ٿو. ٿڪل يا بت مان بيزار ماڻھو ڪھڙو ڪم ڪندو! اُن ڪري نوڪري ھڪڙي ئي ھجي.“ ھو کوڙ ساريون سُٺيون ڳالھيون ڪندو ھو، جن سان ماڻھوءَ جي سمجهہ ۾ اِضافو ٿيندو ھو. ھڪ دفعي ٻڌايائين تہ اسان سوچيو تہ دُنيا گهمجي، پر اُن لاءِ پئسا ڪٿان آڻجن. پوءِ ھينئن ڪيوسون جو ھِتان ڪجهہ اَھڙيون شيون کڻي ٿي وياسين، جن جو دُنيا ۾ کاپو ھو. اُھي اُتي وڃي وڪرو ٿي ڪيون سين. اَھڙي نموني دُنيا گهمڻ ڪجهہ قدر آسان ٿي وئي.
ھڪڙي ڏينھن ’اِنسائيڪلوپيڊيا برٽنيڪا‘ ڪڍي منھنجي اَڳيان رکيائين. چيائين: ”ڇا تہ علم آھي ۽ ھن ۾ سنڌ تي پڻ لِکيو ويو آھي.“ مون سنڌ بابت ھڪڙو مضمون اُن منجهان کوٽي ڪڍيو ۽ ترجمو ڪيم. اُن مضمون موجب ڪڻڪ دنيا ۾ سڀ کان اَول سنڌ ۾ پوکي وئي ھئي. اُنھن ڏھاڙن ۾ مون ڪجهہ سُٺا مضمون ھِتان ھُتان ترجمو ڪري ’برسات‘ اَخبار ۾ شايع ڪيا. ترجمن جو اُھو ذخيرو ڪتابي صورت ۾ اَچڻ جي لائق آھي. اُھو پڻ ھڪڙو اَملھہ ڪتاب ھوندو.
اسان ھن کي صرف مطالعي ۾ مشغول ئي ڪونہ ٿي ڏٺو، پر سندس لِکڻ جو ڪم پڻ تن ڏينھن ۾ جاري ساري ھو. جيتوڻيڪ مھڪار جھڙو ھي ماڻھو اُنھن وقتن ۾ زماني جي گردشن ھيٺ آيل ھو، پر پوءِ بہ ھن جي حوصلن ۾ ڪابہ ھيٺانھين ڪانہ ھئي. ھا، ايترو ضرور ٿيو ھو تہ ھو گهڻن ماڻھن، اَدبي سرگرمين ۽ باھرين دُنيا کان ڪافي ڪُنڊائتو ٿي ويو ھو. جيڪي ماڻھو ٽُٽي پوندا آھن تہ ڪُنڊائتا ٿي ويندا آھن. اُن طرح اُھي شايد دُنيا کان لاشعوري طور پلاند ڪندا آھن. يوسف صاحب سان پڻ نااِنصافي ڪئي وئي ھئي. ھو ماٺ ۽ پاسيرو ٿي ويو ھو، تنھن ھوندي بہ ھن جون تخليقي صلاحيتون پنھنجي جوڀن تي ھيون، قلم ھن جي ھٿ مان نہ ڪِريو. ھاري پنھنجي ھٿ مان ھَر ۽ اَديب پنھنجي ھٿ مان قلم کي ڪِرڻ نہ ڏيندو آھي. ھَر لاءِ ساري ڌرتيءَ ڪاڳر آھي ۽ قلم لاءِ ھر پنو ڌرتيءَ جي سيني وانگر آھي، ٻيئي اُنھن تي پنھنجي پنھنجي نموني جي نقش نگاري ڪن ٿا، گل ڦل، گل ڦل چٽ چٽين ٿا ۽ زندگين ۾ گل گلزاري لائين ٿا.
يوسف شاھين پنھنجي مجموعي جوھر ۾ ھڪڙو ڳردار۽ باڪردار شخص آھي، جنھن جي اَندر ۾ ھاڪاريت جو ھڪڙو گهرو درياھہ وھي ٿو. ھو پنھنجي اَدبي، تاريخي ۽ فڪري ڪم ۾ سدا حيات رھڻو آھي. پورھئي جون اَنيڪ شڪليون صورتون آھن، جن مان ڪي بنھہ وقتي نوعيت جون آھن. پر پورھئي جون ڪجهہ صورتون اَھڙيون آھن، جيڪي جٽاءَ ڪن ٿيون، جن ۾ اَدب، فڪر، فلسفو، موسيقي، آرٽ، فن، ھنر، سياست ۽ تاريخ سازيءَ جھڙيون شيون اَچي وڃن ٿيون. جيڪو ماڻھو اِنھن وٿن مان ڪن تي ڪم ڪري ٿو، سو ڄڻڪ پَئي پراڻي نہ ٿيڻ جھڙو وکر وِھائي ٿو. يوسف شاھين پڻ اَمرتا ماڻڻ جھڙو ڪاپو ڪيو آھي، ھي ڪاپو پرھہ ويل پنن تي پوندڙ ماڪ ڦُڙن وانگر اُڏامي ناھي وڃڻو، پر زندگيءَ جي ڇر تي وقت جي ڇولين سان گڏ ڇُلندو ۽ وھندو رھڻو آھي، جيڪو سنڌين جي ھر نئين پيڙھيءَ کي سندس کٿوريان وِتري شخصيت جي سار ڏياريندو رھندو.

يوسف سنڌي: يوسف شاهين: جيئن ڏِٺو مون!

لڳ ڀڳ ٽيھارو سال يا اُن کان ٿورو گهٽ وَڌ عرصو، ’برسات‘ اَخبار جي اُن آفيس واري رستي تي لڙيو هئس ۽ اُن پاسي لَڙندي ئي محسوس ٿيم تہ ڄڻ ٽيھہ سال اَڳ وارا ’برسات‘ جي اُن آفيس ڏانھن ڪيل پنڌ ڄڻ ڪالھوڪا هئا. جڏهن بہ ڪراچي وڃبو هو تہ نہ رُڳو محترم يوسف شاهين سان مِلڻ جي لاءِ وڃبو هو، پر ڪڏهن ڪڏهن رهڻ جو ڪو ٻيو ٺِڪاڻو نہ هوندو هو تہ اَچي رات بہ رهبي هئي. تڏهن اَڃا ’برسات‘ روزاني نہ، پر هفتيوار هئي ۽ شاهين صاحب جي موڊ ۽ مزاج تي هوندو هو تہ پَرچو ڪڏهن ٿو ڪڍي.
آخري ڀيرو جڏهن ’برسات‘ جي آفيس ويو هئس تہ محترم يوسف شاهين ڪنھن ڪُوڙي ۽ اِنتقامي ڪيس ۾ سرڪاري مھمان هو ۽ کيس ميڊيڪل جي بُنياد تي جيل مان اِسپتال منتقل ڪيو ويو هو. آءٌ پھرين ساڻس وڃي اِسپتال جي سب جيل قرار ڏِنل وارڊ ۾ مِليو هئس. اُن مھل وٽس شمشيرالحيدري بہ ويٺو هو، جيڪو ’برسات‘ اَخبار جو مئنيجنگ ايڊيٽر هو. سندس نئون ڪتاب ’حق موجود‘ ڪجهہ ڏينھن اَڳ ’نيو فيلڊس پبليڪيشن‘ پاران مارڪيٽ ۾ آيو هو، جنھن جون ڪاپيون وٽس اُتي موجود هيون، جيڪو پاڻ مون کي پنھنجي هٿ اَکرن سان لِکي سوکڙيءَ طور ڏِنائين ۽ پوءِ پُڇيائين: ”اَڄڪلھہ ڇا پيو ڪرين؟“ وراڻيم: ”ڪو خاص ڪم نہ!“، ”پوءِ تہ پاڻ کي ذيان پيو ڪرين! تون هيئن ڪر، جو روزاني ’برسات‘ جو ’اِسپيشل رپورٽر‘ ٿي ۽ ’برسات‘ لاءِ رپورٽنگ ڪر.... اوهان هونئن بہ ’برسات‘ جا پُراڻا ڪارڪن آهيو.“
”ٺيڪ آهي سائين!“ وراڻيم، پوءِ پاڻ مون کي هڪ پرچي لِکي ڏِنائين تہ: ”برسات جي آفيس وڃي دستگيرڀَٽي يا نصير اَعجاز سان مِلو!“
کانئس موڪلائي سِڌو ’برسات‘ جي آفيس آيو هئس ۽ اَچي نصير اَعجاز سان مِليو هئس. مون کيس شاهين صاحب جي چِٺي ڏِني. اُنھن ڏينھن دؤران ملڪ ۾ عام چُونڊون ٿي رهيون هيون، مذڪوره دوست مون کي اِها اَسائنمينٽ ڏِني تہ ”چُونڊن ۾ ٺٽي ضلعي مان جيڪي اُميدوار حِصو وٺي رهيا آهن، اُنھن جا اِنٽرويو وٺي موڪليو.“ مون کانئس اِداري جو ڪارڊ يا ڪو اَٿارٽي ليٽر گُهريو تہ چيائين: ”سڀاڻي ’برسات‘ ۾ تنھنجي خصوصي نمائندي طور مقرريءَ جو اَعلان ڇپيو ويندو.“
آءٌ ڳوٺ هليو آيس. ٻي ڏينھن شوق مان وڃي ’برسات‘ اَخبار ورتم تہ منھنجي خصوصي نمائندي طور مقرريءَ جو اَعلان ڇپيو هوندو، پر سڄي اَخبار ڳولھڻ کانپوءِ بہ جڏهن اَهڙو اَعلان نظر نہ آيو تہ مون بہ اِها ڳالھہ وِساري ڇڏي تہ ڪو ’برسات‘ لاءِ ڪم ڪرڻو آهي ۽ اِتفاق اَهڙو ٿيو، جو وري ڪڏهن بہ ’برسات‘ جي آفيس وڃڻ نہ ٿيو، باقي يوسف شاهين سان جيڪو تعلق رهيو، سو قائم رهيو.
اَڄ جڏهن ڪيترن سالن کانپوءِ محترم رکيل مورائيءَ سان گڏ محترم يوسف شاهين سان مِلڻ جي لاءِ ’برسات‘ جي آفيس واري گهٽيءَ ۾ لڙيس تہ منھنجي اَڳيان سڄو ماضي ڦِري آيو. روزاني ’برسات‘، جنھن هفتيوار ’برسات‘ جي پيٽ مان جنم ورتو هو، جنھن اَهتمام سان شايع ٿيڻ شروع ٿي، اُن گهڻن کي ڇِرڪائي ڇڏيو هو ۽ پھرين ئي ڏينھن کان اُن کي ناڪام بڻائڻ جون سَٽون سِٽجڻ بہ شروع ٿي ويون. ڪارڪنن کي سُٺيون پگهارون، ويڄ بورڊ ايوارڊ تحت رپورٽرن ۽ ڪالم نويسن کي سُٺا معاوضا ڏيڻ جي شروعات ڪئي ويئي ۽ محترم شيخ اَياز کي ’برسات‘ جي چيف ايڊيٽر ٿيڻ لاءِ راضي ڪرڻ اَهم قدم هئا. محترم عبدالواحد آريسر پنھنجي ڪتاب ’رُوحَ جا ريلا‘ جي مھاڳ ۾ ’برسات‘ اَخبار ۾ پنھنجي ڪالم نويسيءَ جو ذڪر ڪندي لِکيو آهي:
”منھنجي جسماني ۽ ذهني حالتن جي ڪري لِکڻ مون کان ڇڏائجي ويو هو ۽ لفظ مون کان ٿر ۾ پوندڙ برسات وانگر رُسي ويا هئا، پر جڏهن يوسف شاهين ’برسات‘ اَخبار جاري ڪئي، اُن اَخبار کي شيخ اَياز جي ايڊيٽرشپ جي ڪري عظمت مِلي، اُن وقت مون کي چيو ويو تہ: ”تون هن اَخبار ۾ لِک!“ ۽ مون پنھنجي لاءِ اِهو فخر سمجهيو تہ اَياز جي ايڊيٽرشپ ۾ نڪرندڙ اَخبار ’برسات‘ ۾ آءٌ ڇپجان ۽ معقول معاوضو بہ مِلي تہ منھنجي لاءِ اُها تمام وڏي ڳالھہ هئي ۽ پڙهندڙن کي حيرت ٿيندي تہ جڏهن پھريون ڀيرو مون کي ڏھہ هزار رُپيا گڏ مِليا، جيڪي مون اَڳي ڪڏهن بہ گڏ ڪونہ ڏِٺا هئا تہ آءٌ اُهي کڻي عمرڪوٽ پھتس ۽ اِيئن سمجهيم تہ اَڄ مون کي قارون جو خزانو مِلي ويو آهي ۽ پارٽيءَ جا اُهي ڪارڪن، جن کي پاڻ کان بہ غريب سمجهندو هئس، تن کي پنج پنج سؤ روپيا ڏيئي ڇڏيم ۽ مون زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو مارڪيٽ ۾ گهر لاءِ گوشت ورتو. حقيقت ۾ ’برسات‘ اَخبار يوسف شاهين جي بُلند خياليءَ جي خوبصورت منزل هئي، جيڪا يورپ جي اَخبارن ۽ مصر جي ’اَلاهرام‘ اَخبار جو مقابلو ڪري پئي سگهي ۽ اُنھيءَ پئماني تي نڪتي هئي. پر اَفسوس جو ’اَلاهرام‘ جي هيڪل لاءِ تہ ناصر هو، پر ’برسات‘ جي يوسف شاهين لاءِ بينظير (ڀُٽو) هئي، جنھن جو ناصر هيرو نہ پئي ٿي سگهيو، پر هو پاڻ ’برسات‘ جي هيڪل لاءِ ناصر بڻجي نہ ٿي سگهي.“
عبدالواحد آريسر پنھنجو اُهو ڪتاب يوسف شاهين کي اَرپيو آهي ۽ ڪتاب جي مُنڍ ۾ يوسف شاهين جو هي شعري پيغام ڏِنو آهي:
اَڄ آهـيـن دُنـيا جون اَڌواَڌ قـومـون، غـلام در غلام،
اُنھن جي آزاديءَ لاءِ ’يوسف‘ ڪو تہ اَهتمام ڪر.
اَڄ جڏهن ’برسات‘ جي آفيس ۾ پھتس، جِتي يوسف شاهين رهندو بہ آهي تہ اُها مون کي اُجاڙ اُجاڙ لڳي. ’برسات‘ بند ٿي چُڪي آهي، بس رُڳو ڊِڪليئريشن بچائڻ لاءِ ڊمي طور نڪري ٿي.
هفتيوار ’برسات‘ جو پھريون شمارو آڪٽوبر 1973ع ۾ جھازي سائيز ۾ نِڪتو ۽ ’برسات‘ مختلف مرحلا طئي ڪندي 1994ع ۾ روزاني اَخبار جي رُوپَ ۾ نڪرڻ لڳي ۽ روزاني ’برسات‘ جيڪي نوان ٽرينڊ متعارف ڪرايا، اُنھن جو پاڻ مٿي ذڪري ڪري آيا آهيون.
هفتيوار ’برسات‘ جو پھريون ايڊيٽوريل جيڪو ’برسات‘ جي مستقل پاليسي هو، هن ريت آهي:
’برسات‘ جو پھريون پرچو اوهان جي خدمت ۾ حاضر آهي. پنھنجي تمام محدود وسيلن سان هن مُھم ۾ هٿ وِڌو اَٿئون. دل گهڻي چاهي ٿي تہ اَهڙو پرچو ڪڍجي، جو اُردوءَ وارا بہ دنگ رهجي وڃن، مگر ڇا ڪجي! اسان اَهڙي قومَ جا فرد آهيون، جيڪا تمام وڏي عرصي تائين سُتل رهي آهي. اَنگ اَکر ڏِيڻ مھل ٿلھن لفظن ۾ ڄاڻائيندا آهيون تہ سنڌين جو تعداد ستر اَسي لکَ آهي، مگر اُنھن ۾ هڪ لک بہ سنڌين جو اَهڙو نہ ٿو نڪري، جو پنھنجون سنڌي اَخبارون، رسالا وغيرہ خريد ڪري پڙهي. گهڻا سنڌي تہ پنھنجي سنڌي اَخبارن ۽ رسالن بجاءِ فقط اُردو اَخبارون ۽ رسالا وٺندا آهن. بھرحال ڪيڏانھن وڃجي! هيءَ فقط اسان جي ئي سنڌ آهي، جتي اَخبار ۽ رسالو ڪڍڻ فقط ذهني عياشي آهي يا گهر تي هاٿي ٻَڌڻ برابر آهي، باقي ٻين قومن وٽ اَخبارون ۽ رسالا ڪڍڻ نہ فقط قومي ڀلائيءَ وارن ڪمن ۾ شامل آهي، بلڪہ اِهو تمام وڏي آمدني ڏيندڙ ڪاروبار پڻ آهي. اسان جا اُردوءَ وارا ڀائر لکين رُپيا اِن ڪاروبار مان ڪمائين ٿا، ٻي پاسي ملڪي سياست تھذيب ۽ تمدن تي بہ اُنھن جو ڪافي اَثر رهي ٿو، هنن جي اَخبارن جون آفيسون وڏن وڏن ڪارخانن جي آفيس ۽ ڪارڪردگيءَ کان ڪنھن بہ صورت ۾ گهٽ نہ آهن، ڪئين منزلہ عاليشان عمارتون اُنھن اَخبارن مان ٺاهيون اَٿن ۽ ٻيا ڪاروباري فائدا کين اَلڳ نصيب ٿيا اَٿن.
مگر اسان سنڌين تان ننڊ جو خمار لھي ئي نہ ٿو. بھرحال اَسين چئون ٿا تہ سنڌي اَڄ بہ اَک پٽين تہ هارايل بازي وري کٽي سگهن ٿا. توهان کان ٻيو نہ پُڄي تہ گهٽ ۾ گهٽ پنھنجون سنڌي اَخبارون ۽ رسالا وغيرہ خريد ڪري، ملڪ جو واءُ سُواءُ تہ وٺو، ڪا خبر چارَ تہ لھو تہ سنڌين کي ڪِٿي اُڇليو ويو آهي! نہ هنن جا ڪارخانا آهن، نہ مِلون، نہ جھازن جون ڪمپنيون، نہ بئنڪون، نہ اِنشورنس ڪمپنيون وغيرہ. رُڳو تپيداريءَ ۽ پٽيواليءَ تي ڪيستائين زور ڏِبو، اسان واريون زمينون نہ تہ هاريءَ جو پيٽ ڀرين ۽ نہ زميندارن جو! سڀني زميندارن تي قرض جا ڪوٽَ چڙهيا پيا آهن، وتن تپيدار ۽ مختيارڪار کان لِڪندا. اِيئن قومون نہ ٺھنديون آهن، بھرحال سُجاڳ ٿيڻ جي ضرورت آهي، اُٿو! اُٿو! حق گُهرو ۽ حق وٺو!
اَندر پھتاسين تہ محترم يوسف شاهين اسان جو اوسيئڙو ڪري رهيو هو، ڇاڪاڻ تہ مون کيس فون ڪري چيو هو تہ آءٌ ڏانھس اَچان پيو، پر ’شاهراهِہ فيصل‘ تي لڳل ڌرڻي سبب اسان جو رڪشا ڪلاڪ کان بہ وڌيڪ وقت ڦاٿل رهيو هو، نيٺ اُهو رڪشا ڇڏي، روڊ ٽُپي، ٻي پاسان اَچي ٻيو رڪشو ڪيوسين، جيڪو بہ اَڳتي هلي، نرسريءَ وٽ ٽريفڪ ۾ ڦاسي پيو ۽ اسان اُهو بہ ڇڏي، پنڌ ئي پنڌ ’برسات‘ جي آفيس پُھتاسين. اِن وِچ ۾ شاهين صاحب جي ٻہ ڀيرا فون بہ اَچي چُڪي هئي، جيڪا رش ۽ گوڙ سبب آءٌ اَٽينڊ نہ ڪري سگهيو هئس.
اُن مھل شاهين صاحب ڪمپيوٽر آپريٽر سان گڏ ويٺو پنھنجي ڪتاب ’عالمي تاريخ جو مطالعو‘ جي اِيندڙ ڀاڱي تي ڪم ڪري رهيو هو، جنھن جا ڏھہ جُلد اَچڻا آهن. عمر وڏي ٿي وڃڻ سبب پاڻ هاڻ لِکي نہ ٿا سگهن، جيئن پھرين جلد ۾ لِکيو اَٿن: ”اَکيون ڪمزور ٿي وڃڻ سبب مون هي ڪتاب برزبان ڊڪٽيشن ڏيئي لِکرايو آهي.“
ساڻس مِلي، هٿ مِلائي، ڪُرسيءَ تي ويھي، مون ڪمري جو جائزو ورتو. مون کي سڄي ڪمري ۾ هڪ قِسم جي اُداسي محسوس ٿي. وقت ۽ حالتن جي سِتم ظريفي شاهين صاحب جي اُها ڀل ڀائي تہ ختم ڪري ڇڏي هئي، پر سندن وقار، شان ۽ مھانتا ۾ ڪوبہ فرق نہ آيو هو، جنھن جي پويان ڌارين نہ، پر پنھنجن جو ئي هٿ هو.
منھنجو وٽس اَچڻ جو سبب هڪ اِهو بہ هو تہ مون جيڪو مٿس ڪتاب ’يوسف شاهين: شخصيت ۽ فن‘ ترتيب ڏِيڻ ٿي گُهريو، اُن لاءِ سندس رهنمائي ۽ آشيرواد وٺي سگهان. جيتوڻيڪ پاڻ فون تي مون کي ڪيترائي ڀيرا منع ڪري چُڪو هو تہ ’کيس اِها ڳالھہ پسند ڪونھي تہ ڪو سندس تعريف ۾ لِکي.‘ ڇاڪاڻ تہ يوسف شاهين صاحب سدائين هُل بکيڙن کان پاسيرو ٿي، پنھنجو ڪم ڪندو ٿو رهي. نيٺ منھنجي زورَ ڀرڻ تي تہ اِها منھنجي دِلي خواهش آهي تہ رُڳو ايترو چيائين: ”ٺيڪ آهي! تنھنجي مرضي، پر مون تي لِکڻ لاءِ ڪنھن تي زور بار نہ ڪج!“
آءٌ ۽ رَکيل مورائي وٽس ڏيڍ ڪلاڪ ويٺا ڪچھري ڪندا رهياسين، اُن دؤران مون سندس اِجازت سان، سندس لائبريريءَ مان سندس لِکيل ڏهاڪو کن سنڌي، اُردو ۽ اَنگريزي ڪتاب بہ کنيا، جن ۾ سندس شروعاتي ڪتاب: ’اَنالحق‘ بہ شامل هو، جيڪو ڪتاب اُردوءَ ۾ ڇپيو هو، جنھن جون وٽس فقط ٻہ ڪاپيون موجود هيون. موڪلائڻ مھل محترم يوسف شاهين پنھنجي رَوايت موجب مون کي ۽ رکيل مورائيءَ کي ٽِشو پيپر ۾ ويڙهي خرچي بہ ڏِني.
محترم يوسف شاهين جو اُهو ڪتاب، جنھن تي ڇپجڻ جو سال لِکيل ڪونھي، پر سندس چواڻيءَ 1972ع ۾ ’بارگاهِہ اِنسانيت نصرپور، ضلعي حيدرآباد‘ پاران ڇپيو ويو، جنھن جي مھورت پير حِسام الدين شاھہ راشديءَ جي هٿان ٿي ۽ ڪتاب جو اِنتساب بہ پير حِسام الدين شاھہ راشديءَ جي نالي ٿيل آهي.
پير حِسام الدين شاھہ راشديءَ جي نالي،
دُعا آهي تہ ﷲ کيس وڏي ڄمار ڏي ۽ دُنيا جي اِنتظامي
ڍانچي بدلجڻ تائين زندھہ سلامت رهي.!
يوسف شاهين پنھنجي اُن هڪ ئي ڪتاب جي مھورت ڪرائي، سندس چواڻيءَ تہ: ”اُن ڪتاب جي مھورتي تقريب ۾ منھنجي ايتري تہ تعريف ڪئي ويئي، جو پوءِ مون کي وڌيڪ واکاڻ ٻُڌڻ جي ضرورت ئي نہ رهي.“
اَنالحق جي شروعات ئي اِنڪار سان آهي:
مون کي جنت جي لالچ نہ ڏي،
آءٌ اِنسانيت کي قتل ڪرڻ جي لاءِ تيار نہ آهيان،
پوءِ ڀلي اُهو ڪافر، مُشرڪ، منڪر ڇو نہ هُجي.
حُڪمران، بادشاهن ۽ آقائن جا
سڀئي حُڪم مڃڻ جي لاءِ تيار آهيان،
پر اِنسان ٿي،
اِنسان جي خلاف،
هٿيار نہ کڻندس، نہ کڻندس!
اُن ڪتاب جو پيغام ڪھڙو آهي؟ سندس هنن شروعاتي لفظن مان اُن جو اَندازو لڳائي سگهجي ٿو، جيڪي ڄڻ تہ ڪتاب جو مھاڳ آهن.
منھنجو پيءُ،
منھنجو ڀاءُ جنگ ۾ ماريا ويا.
هو وطن جي حِفاظت ڪري رهيا هئا،
-
منھنجي جوان ڀيڻ جو ور بہ
وطن کي بَچائيندي زندگي وڃائي ويٺو!
اُهو وطن
جنھن تي منھنجي پيءُ،
منھنجي ڀاءُ، منھنجي ڀيڻويي،
جان ڏِني.
هاڻ اُهو اسان جو وطن نہ آهي،
اُهو اسان جي دُشمن جو ملڪ آهي.
هاڻ مون کي چيو وڃي ٿو تہ
آءٌ دُشمن کي تباھہ ۽ برباد ڪرڻ جي لاءِ
تيار ٿي وڃان.
مون کي خبر آهي تہ اوهان مون کي زوريءَ
جنگ ۾ ڦِٽو ڪندا،
پر
مون کي اِهو تہ پُڇڻ ڏِيو تہ
جنھن وطن کي بَچائڻ جي لاءِ
منھنجي پيءُ
منھنجي ڀاءُ
منھنجي جوان ڀيڻ جي جوان مڙس جان ڏِني،
اُهو اَڄ اسان جو دُشمن ملڪ ڪيئن بڻجي ويو؟
*
منھنجا وڏڙا هندستاني هئا،
آءٌ پاڪستاني آهيان
۽ منھنجو ڀاءُ بنگلاديشي!
آءٌ سوچيان ٿو تہ منھنجو پُٽ ڇا ٿيندو؟
*
’خدا، اِنسان ۽ جانور‘ جو اِنتساب هنن لفظن ۾ ٿيل آهي:
آزاد، خوددار ۽ بھادر اِنسانن جي نالي،
جن حق خاطر زهر جو پيالو پيتو،
سوريءَ چڙهيا،
ڪربلا ۾ سِر ڏِنائون.
ڪتاب ۾ ’پنھنجي پاران‘ ۾ هنن لفظن ۾ پنھنجي خيالن جو اِظھار ڪيو اَٿس:
نيٺ!
اَنڌيرو ختم ٿيندو.
اِنسان زمين جي محدود ٽڪرن کي
پنھنجو وطن سمجهڻ ڇڏي،
سڄي دُنيا کي پنھنجو وطن، ديس سمجهندو،
هڪٻئي سان وڙهندو نہ،
خون نہ ڪندو،
اَڇي ۽ ڪاري جو فرق مِٽندو،
ظالم، جابر، سرمائيدارن جون چالون،
غلاميءَ جون زنجيرون،
ريتون، رسمون ۽
اَجايا مذهب پنھنجي طاقت وڃائيندا.
جهاد اِنساني زندگيءَ کي ختم ڪرڻ سان نہ، بلڪہ
اِنسان سان محبت، پيار ۽ اُن جي خدمت ڪرڻ کي چيو ويندو.
اِنسان مان جانور واري وحشت ختم ٿيندي،
اِنسان، اِنسانيت جو قتلِ عام ڪرائي،
پاڻ کي غازي، فاتح ۽ جرنيل سَڏائڻ ڇڏيندو.
يوسف شاهين جو ڪتاب ’خدا، اِنسان ۽ جانور‘، ’بارگاهِہ اِنسانيت پرست اَدب، نصرپور‘ طرفان شايع ٿيو. ڪتاب ڪرائون سائيز ۾ هڪ سؤ صفحن تي مشتمل آهي، پر ڪِٿي بہ ڇپائيءَ جو سال لِکيل ڪونھي، پر شاهين صاحب ٻُڌايو تہ اُهو 1958ع ۾ ڇپيو، جڏهن سندس عمر اَرڙهن سال هئي ۽ اُهو ئي ڪتاب اَڳتي هلي سندس سڀني ڪتابن جو بُنياد ثابت ٿيو، اُهو سندس پھريون ڪتاب هو. ڪتاب جا شروعاتي صفحا ڏاڍا دلچسپ آهن. ڪتاب جي اَندر پھرين صفحي تي قرآن شريف جي هڪ آيت معنى سميت لِکيل آهي.
کُونو مع الصادقين!
سچ ڳالھائيندڙ سان شامل ٿي وڃو!
اُن کانپوءِ واري صفحي جي عبارت هن ريت آهي:
خدا
نوري، ناري ناهيان، آهيان رب جبار
اِنسان
ڪر پاڻ کي سجدو تو، آهين جاءِ سُجود جي!
۽
جانور
ڇا جو ڪعبو، ڇا جو قبلو، هي بہ سڀ بھانا.
(سچل)
يوسف شاهين صاحب ڪتاب جي نالي جي ٽنھي لفظن جي تشريح سچل سائينءَ جي بيت سان ڪري ڄڻ پنھنجي مسلڪ ۽ ڪتاب جي موضوع جو اِظھار ڪري ڇڏيو آهي.
اُن کانپوءِ واري صفحي تي شاھہ سائينءَ جو بيت ڏِنو اَٿس:
جي نہ سُڃاڻن سچ کي، ويھہ نہ تنين وٽ،
اَملھہ کي اَڌ ڪري، پاڻان هڻندا پَٽِ،
مھر تنين وٽ، جي پارکو پارس جا.

’خدا، اِنسان ۽ جانور‘ ۾ هڪ صفحو محترم يوسف شاهين پنھنجي مرحوم ڏاڏي ’خميسو خان‘ جي ياد ۾ لِکيو آهي:
”منھنجي زندگيءَ جي هڪ تمام وڏي حسرت منھنجي ڏاڏي سان وابستہ هئي. هو مون کي بيحد چاهيندو هو، حياءَ، سادگيءَ ۽ پرهيزگاريءَ جي راهَه ڏسيندڙ!
هن دُنيا ۾ چاهيندڙ ڪي ورلي مِلندا آهن. منھنجي بدقسمتي، جو آءٌ سندس جنازي کي ڪلھو بہ ڏئي نہ سگهيس. هو اسان کي ڇڏي هميشہ لاءِ ويو هليو. آءٌ زندگيءَ جي هڪ وڏي حسرت جي موت تي ٻہ لُڙڪ بہ وهائي نہ سگهيس. هي ڪتاب منھنجي اُن حسرت جي موت جو نتيجو آهي.“
*
آءٌ شاهين صاحب لاءِ فقير عبدالغفور اَلستيءَ جي لِکڻين تي مشتمل ڪتاب ’اسان جو رستو، اسان جي منزل‘ کڻي ويو هئس، جيڪو مون سھيڙيو هو. جڏهن مون کيس اُهو ڏِنو تہ چيائين: ”عبدالغفور منھنجو دوست هو، گلشنِ اِقبال ۾ اسان پاڙيسري هئاسين، ڪڏهن ڪڏهن گڏجي واڪ بہ ڪندا هئاسين. آءٌ جڏهن جيل ۾ هئس تہ مون کي خطَ لِکندو هو ۽ همت وَڌائيندو هو تہ: ”مايوس متان ٿئين، هي وقت بہ گُذري ويندو.“ سندس اُهي خط مون وٽ موجود آهن، پر عبدالغفور ڪيئن گُذاري ويو؟“
اِهو چئي شاهين صاحب خاموش ٿي ويو، سندس اُنھن لفظن ۾ پنھنجي دوست جي وڇوڙي تي گهڻو ڏُک ۽ پيڙا سمايل هئي.
پوءِ مون جڏهن شاهين صاحب جي لائبريريءَ جو جائزو ورتو تہ ڏٺم ’اسان جو رستو، اسان جي منزل‘ اَڳ ۾ ئي اُتي موجود هو. مون کي ياد ڪونھي تہ اِهو ڪتاب مون کيس موڪليو هو يا ڪنھن ٻي دوست کيس ڏِنو هو. شاهين صاحب جو جيڪو ڪتاب ڇپجندو آهي، مون کي هٿ اَکر سان لِکي موڪليندو آهي ۽ آءٌ بہ پنھنجو هر ڪتاب کيس موڪليندو رهندو آهيان.
شاهين صاحب پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪيترائي لاها چاڙها ڏِٺا، پاڻ ٻُڌايائين تہ: ”جڏهن ڳوٺان نڪتو هئس تہ منھنجي کيسي ۾ فقط ڏھہ روپيا هئا.“ ڳوٺان نڪرڻ کانپوءِ شاهين صاحب جيڪا محنت ڪئي، اُهو هڪ وڏو داستان آهي، سندس چواڻيءَ: ”منھنجي زندگيءَ جو مقصد محنت ڪرڻ ۽ ڪو مقام حاصل ڪرڻ هو ۽ اسان سنڌين کي محنت ڪرڻ گهرجي ۽ پنھنجي منزل ڏانھن وڌڻ گهرجي.“
مون کي نصير اَعجاز جي سورهين سيپٽمبر 2023ع تي حيدرآباد ۾ ’سنگت ايوراڊ تقريب‘ ۾ ڪيل تقرير ۾ اُنھن لفظن سان اِتفاق آهي: ”يوسف شاهين جيڪڏهن پنھنجي آتم ڪھاڻي لِکي تہ اُهو ڪيئي ڪتاب بڻجي وڃي.“
هڪ ڳڀرو نوجوان، جيڪو پنھنجي ڳوٺ ’نصرپور‘ مان فقط ڏھہ روپيا کڻي ڪراچيءَ نڪتو، اُن پنھنجي منزل ماڻڻ جي لاءِ ڪيتري نہ محنت ڪئي هوندي، ڪيتري جستجو ڪئي هوندي، ڪيترا رسڪ کنيا هوندا، ڪيتريون مايوسيون ڏِٺيون هونديون، ڪيتريون رُڪاوٽون عبور ڪيون هونديون، پر سدائين لطيف سرڪار جي بيت جي سِٽ: ”متان ٿئين ملور، آءٌ اَڳاهون آهيان!“ تي عمل ڪندي مايوسين ۽ رُڪاوٽن کي پري ڪندي، ڌِڪيندي اَڳتي وڌندو رهيو. سندس ذهن ۾ هڪ ئي مقصد هو تہ: ”سنڌي ماڻھو صنعت ڪاريءَ ۾ ڇو نہ آهن، کين اِن فيلڊ ۾ اَچڻ گهرجي.“ پاڻ اُن ۾ ڪاميابي ماڻيائين.
اِهو ڪيترو نہ ڊِگهو ۽ سبق آموز داستان هوندو، جيڪڏهن يوسف شاهين پنھنجي آتم ڪھاڻي لِکي.
شاهين صاحب جي زندگيءَ جي اُنھن پاسن تي سوچيندي مون کي هڪ آمريڪي بزنس مين ’لي آيو ڪوڪا‘ جي لکيل آتم ڪھاڻي Iacocca: An Auto biography ياد ٿي اَچي، جيڪا 1984ع ۾نيويارڪ مان ڇپي، جنھن ۾ ’لي آيو ڪوڪا‘ هڪ هنڌ لِکيو آهي: ”مون پنھنجي زندگيءَ مان سِکيو آهي تہ ماڻھو هلندو رهي، ايتريقدر جو خراب حالتن ۾ بہ هلندو رهي ۽ مايوس نہ ٿئي، ايستائين، جو سندس دُنيا بہ ڊهندي هجي. مون سخت محنت جي اَهميت کي ڄاتو آهي، ٻين لاءِ اوهان کي مفيد بڻجڻ گهرجي.“ پنھنجي ڪھاڻي بيان ڪرڻ کانپوءِ ’لي آيو ڪوڪا‘ لِکي ٿو: ”ماڻھو مون کي چون ٿا تہ تون زبردست ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ تون هن مقام تي ڪيئن پھتو آهين؟ آءٌ اِهو ئي جواب ڏيان ٿو، جيڪو منھنجي والدين مون کي ٻُڌايو هو تہ پنھنجو پاڻ کي اِستعمال ڪريو.“
شاهين صاحب پنھنجو سڀ صلاحيتون اِستعمال ڪيون، سندس سدائين اِها خواهش رهي تہ: ”سنڌي ماڻھو صنعتڪاريءَ ۾ اَچن!“ اُن لاءِ سندس ڪوششون، محنت ۽ رهنمائي قابلِ قدر آهي.
مون شاهين صاحب کي ٻُڌايو تہ جنرل ضياءُ الحق جي دؤر ۾ پاڻ جڏهن جيل ويو هو تہ اُن جي ڪٿا پاڻ ’وساريان نہ وسرن‘ جي نالي سان ’لطيف ڊائجيسٽ‘ ۾ ٻن قسطن ۾ لِکي هئائين، اُها بہ مون وٽ موجود آهي تہ وراڻيائين: ”اُها مون وڌيڪ نہ لکي، جو دوستن مون کي جهليو تہ اُن ۾ تون جيڪي ڪجهہ لِکڻ ٿو گُهرين اُن جو هي مناسب وقت ڪونھي.“ اِهو چئي پاڻ خاموش ٿي ويو.
ٿوري دير خاموشي رهي ۽ پوءِ شاهين صاحب چوڻ شروع ڪيو: ”جنرل ضياءَ جي دؤر ۾ جڏهن جنرل هٿ ڪپڻ ۽ ٻين سزائن ڏيڻ جو اَعلان ڪيو تہ مون کيس خط لِکي اُنھن سَزائن ڏِيڻ جي اَعلان تي اَحتجاج ڪيو ۽ لِکيم تہ پھريون هٿ تنھنجو ڪپڻ گُهرجي، جو تون پاڻ وڏو چور آهين، جنھن چُونڊيل وزيرِاَعظم جو تختو اُونڌو ڪري، اِقتدار تي قبضو ڪيو آهي“ اِهو چئي يوسف شاهين کِليو ۽ چوڻ لڳو: ”خط پھچندي ئي
ضياءُ الحق کڻي ڪاٺَ ۾ وِڌم ۽ مون کي گرفتار ڪري، مون تي مِلٽري ڪورٽ ۾ ڪيس هلايو ويو. ٽربيونل جو جج بہ هڪ فوجي هو، مون سندس اِلزامن جي جواب ۾ جيڪي تاريخي حوالن سان تقريرون ڪيون، اُهي ٻُڌي مِلٽري جج چيو تہ اسان ڪڏهن بہ اِهي ڪتابن ۾ ڳالھيون نہ پڙهيون آهن، جيڪي اوهان هتي بيان ڪيون آهن. چيومانس تہ ڪتابن ۾ اُهي سڀ ڳالھيون لِکيل آهن، پر اوهان ۾ پڙهڻ جي همت ڪونھي. منھنجون مِلٽري ڪورٽ ۾ ڪيل اُهي تقريرون رڪارڊ ڪرڻ جھڙيون آهن.“ اِهو چئي شاهين صاحب ٿوري ساهي کنئي ۽ چيو: ”مون 83 روپين ۾ تاريخِ طبري، تاريخِ اِبنِ خلدون ۽ ٻيا تاريخي ڪتاب ورتا ۽ سڀ پڙهيا.تاريخ منھنجو سبجيڪٽ آهي. اسان کي صحيح تاريخ نہ ٿي ٻُڌائي وڃي، نہ پڙهائي وڃي ٿي. مون جيڪو هي ’عالمي تاريخ جو مطالعو‘ جلدوار لِکڻ شروع ڪيو آهي، اُن جو سبب بہ اِهو آهي تہ تاريخ کي پنھنجي اَصلي شڪل ۾ بيان ڪيو وڃي، اِها بہ هڪ جنگ آهي، جيڪا اسان هر دؤر ۾ وڙهيا آهيون ۽ هينئر بہ وڙهي رهيا آهيون. مسئلو کٽڻ، هارائڻ جو نہ آهي، مسئلو وڙهڻ جو آهي ۽ اسان جي اُها ويڙھہ جاري آهي.“
”ڀلا اُن ڪيس مان اوهان جي جان ڪيئن ڇُٽي؟“ پُڇيومانس
”مون تي اُهو ڪيس 29 يا 31 ڏينھن هليو.“ شاهين صاحب منھنجي سوال جي جواب ۾ چيو. ”مون کي هر روز هٿڪڙيون هڻي، مِلٽري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو هو ۽ مون کي جِتي ويھاريو ويندو هو، اُتي سخت اُس هوندي هئي ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ اُتي سخت گرميءَ ۾ بِيھاريندا هئا، مقصد مون کي تنگ ڪرڻ هوندو هئن، ميڊيا وارا بہ روزانو اِيندا هئا. مون سان منھنجو دوست پي. ڪي شاهاڻي روز مِلڻ اِيندو هو، هڪ ڀيرو عمرالدين ’بيدار‘ بہ مِلڻ آيو. جنھن ڏينھن مون کي ڦَٽڪا لڳا هئا، اُها سڄي رات سينٽرل جيل ۾ قيدي اِنقلابي گِيت ڳائيندا رهيا ۽ اسان سڄي رات ننڊ نہ ڪئي. رات جي پوئين پھر ڪلاڪ ٻہ سُتاسين، صبح جو سوير وري مِلٽري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. مون کي ڏينھن جو ٻارهين ڌاري ڦَٽڪا لڳڻا هئا، پر شام جا چارِ اَچي ٿيا، هٿڪڙي لڳل هئي، ساڳي اُس ۽ گرميءَ ۾ ..... چئين بجي ڌاري مون کي اَندر ڪورٽ ۾ وٺي ويا، سامھون مِلٽري جج ويٺو هو، جنھن ايترو تہ تڪڙو تڪڙو ڪجهہ چيو، جو مون سندس چيل هڪ لفظ بہ نہ سمجهيو. ٿوريءَ دير کانپوءِ پُڇيم تہ ڇا ٿيو؟ تہ سڀ مون کي ڏِسڻ لڳا. اُن دؤران برگيڊيئر جج بہ هيٺ لھي آيو ۽ منھنجي ڪُلھي تي هٿ رکي چيائين: ”تون باعزت بري آهين.“
مون کي مِلٽري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو هو تہ چوندا هئا: ”توکي اَصل نہ ڇڏينداسون، جو تو اسان جي چيف کي خط لِکيو آهي تہ هن سِول حُڪومت جو تختو اُونڌو ڪري، حُڪومت تي قبصو ڪيو آهي ۽ تو چيف کي اِهو پڻ چيو آهي تہ هو وڏو چور آهي سڀ کان پھرين سندس هٿ وڍڻ گُهرجي..!! توکي اِها جُرئت ڪيئن ٿي؟ توکي اَصل نہ ڇڏينداسون.“
مون کي ڇڏڻ ۽ باعزت بري ڪرڻ جو سبب اِهو هو تہ اُهو آرڊيننس واپس ويو ورتو هو ۽ مِلٽري برگيڊيئر چيو تہ: ”جڏهن اُهو آرڊيننس ئي واپس ورتو ويو آهي تہ پوءِ هاڻ توکي سَزا ڏِيڻ جو ڪو سبب ڪونھي.“
ملڪ ۾ مارشلا 5 جولاءِ 1977ع تي لَڳي. جنرل ضياءُ الحق اِقتدار سنڀاليو، نائين جولاءِ 1977ع تي جنرل ضياءُ الحق هٿ ڪپڻ ۽ ڪوڙا هڻڻ جو آرڊيننس جاري ڪيو، 14 جولاءِ تي محترم يوسف شاهين، ضياءُ الحق کي خط لِکيو ۽ 19 جولاءِ 1977ع تي کيس اُهو خط لِکڻ جي پاداش ۾ گرفتار ڪيو ويو.
*
محترم يوسف شاهين سان مِلڻ ۽ پوءِ ساڻس دوستيءَ جي ڌاڳي ۾ ٻڌجڻ جي ڪھاڻيءَ ۾ منھنجي چاچي فقير عبدالغفور اَلستيءَ جو ڪردار اَهم آهي.
اُها 1984ع جي ڳالھہ آهي. هڪ ڏينھن ويٺي ويٺي، پُور پَچائيندي، ڪتابن جون ڳالھيون ڪندي اِهو طئي ڪيوسين تہ هڪ پريس لڳائڻ گُهرجي. هڪ تہ اُن سان منھنجي روزگار جو مسئلو بہ حل ٿي ويندو ۽ ٻيو تہ اسان جي چاچي ۽ ڀائيٽي ۾ (يعني مون ۾) سنڌي ڪتابن ڇپائڻ جو خيال گهر ڪري ويٺل هو. فقير اَلستي، گُذريل صديءَ جي ستر واري ڏهاڪي ۾ حيدرآباد مان ماهوار ’ملير ڊائجيسٽ‘ شايع ڪندو هو، جنھن تي پوءِ ذوالفقار علي ڀُٽي حُڪومت ٻين سنڌي ڪتابن ۽ رسالن سان گڏ پابندي هڻي ڇڏي، تڏهن سنڌ جو وزيرِاَعلى ممتاز علي ڀُٽو هو. فقير عبدالغفور اَلستي، جيڪو تڏهن ’عبدالغفور ميمڻ‘ يا ’ع. غ سنڌي‘ سَڏرائيندو هو، ’ملير ڊائجيسٽ‘ جي هڪ پرچي ۾ 1973ع جي آئين جي خلاف لِکڻ جي پاداش ۾ 2 آگسٽ 1973ع تي ڊي. پي. آر تحت گرفتار ڪيو ويو، کيس 56 ڏينھن ’سينٽرل جيل حيدرآباد‘ ۾ رکيو ويو. هن پنھنجي ايڊيٽوريل ۾ لِکيو: ”هي نئون پاڪستان ساڳيو پُراڻو ون يونٽ آهي، پاڻ اُن کان بہ وڌيڪ سخت ۽ خطرناڪ آهي، جنھن ۾ ننڍيون قومون اِستحصال ۾ مري وينديون. تنھنڪري نئون آئين لاڳو ڪرڻ بدران بچيل پاڪستان ۾ ريفرينڊم ڪرايو تہ ننڍيون قومون پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ گُهرن ٿيون يا نہ؟“
مون اَلستي صاحب جو لِکيل اُهو اِداريو ۽ ٻيون لِکڻيون سندس لِکڻين جي سھيڙيل مجموعي ’اسان جو رستو، اسان جي منزل‘ ۾ گڏ ڪري ڇڏيون آهن.
اسان اُن پريس لڳائڻ جي لاءِ ميرپور بٺوري جي چُونڊ ڪئي ۽ اِهو بہ طئي ڪيوسين تہ اُن ۾ سڄي سِيڙپ سندس هوندي ۽ اُها هلائيندس آءٌ، پر پريس کولڻ کان اَڳ مون کي ڪمپوزنگ سِکڻي پوندي، جيئن مون کي فوري طور تي ڪنھن جو محتاج ٿِيڻو نہ پوي. منھنجي سِکڻ سان اِهو بہ فائدو ٿيندو تہ پوءِ ٻين ڇوڪرن ٻاڪرن کي سِکيا ڏيئي تيار ڪبو، اِلبت مشين مين عارضي طور رکيو ويندو.
اُنھن ڏينھن ۾ ڪراچيءَ مان هفتيوار ’برسات‘ پوري آب ۽ تاب سان جھازي سائيز ۾ نئين اَنداز سان ڇپجڻ شروع ٿي هئي. محترم يوسف شاهين اُن جو مالڪ ۽ چيف ايڊيٽر ۽ دستگير ڀٽي اُن جو ايڊيٽر هو. آءٌ ڪڏهن ڪڏهن اُن ۾ مواد پيو موڪليندو هئس. پريس لڳائڻ ۽ ڪمپوزنگ سِکڻ جو پروگرام ٺھيو تہ فقير اَلستيءَ مون کي چيو تہ: ”بھتر اِهو آهي تہ تون ڪراچي اَچ! ڇاڪاڻ تہ هڪ تہ اُتي پنھنجو گهر آهي ۽ تنھنجي رهائش جو مسئلو نہ ٿيندو ۽ ٻيو تہ سندس دوست يوسف شاهين جي پريس آهي، جتي ’برسات‘ اَخبار جو مواد ڪمپوز ٿيندو آهي. ’برسات‘ جو ايڊيٽر دستگير ڀٽي بہ سندس دوست آهي، اُتي تنھنجي ڪمپوزنگ سِکڻ بھتر رهندو.“
ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ آءٌ ڪراچي ويس، رات اَلستي صاحب وٽ ٽِڪيس. ٻي ڏينھن اَلستي صاحب ’برسات‘ جي آفيس فون ڪري دستگير ڀٽيءَ سان ڳالھايو ۽ کيس چيو تہ: ”آءٌ ۽ يوسف سنڌي توڏانھن اَچي رهيا آهيون.“ منھنجي لاءِ اُها بيحد خوشيءَ جي گهڙي هئي، هڪ تہ يوسف شاهين ۽ دستگير ڀٽيءَ سان مِلڻ ۽ ٻيو ’برسات‘ جھڙي معياري رسالي جي آفيس وڃڻ ۽ ڏِسڻ.
اُن وقت ’برسات‘ جي آفيس ’طارق روڊ‘ تي پُراڻن فليٽن مان هڪ فليٽ ۾ هوندي هئي ۽ ٻہ ڏاڪڻيون مٿي چڙهڻو پوندو هو. فليٽ اُونداهو هوندو هو، پر ’برسات‘ اُن کي سَدائين سُھائو رکيو. بجلي هلي ويندي هئي تہ ميڻ بَتي يا ماچيس ٻاري ڪم هلائڻو پوندو هو.
آءٌ ۽ اَلستي صاحب ’برسات‘ جي آفيس پھتاسين، جتي دستگير ڀٽي اسان جو اوسيئڙو ڪري رهيو هو ۽ اسان سان نھايت گرم جوشيءَ سان مِليو ۽ حال اَحوال وٺڻ لڳو. اُن دؤران آءٌ ٻن ڪمرن تي مشتمل آفيس جو جائزو وٺڻ لڳس. پھرين ڪمري ۾ رکيل رينڪن ۾ ڪتاب رکيل هئا. اَلستي صاحب منھنجي دستگير ڀٽيءَ سان واقفيت ڪرائي، جواب ۾ مُرڪندي دستگير ڀٽيءَ چيو: ” يوسف سنڌيءَ سان پرپُٺ واقفيت اَٿم، ’برسات‘ لاءِ سندس مواد ۽ خط اَڪثر اِيندا رهندا آهن.“
پوءِ اَلستي صاحب کيس اسان جي اَچڻ جي مقصد کان واقف ڪيو. هن هڪدم ’ها‘ ڪئي ۽ چيو: ”جڏهن وڻئي، تڏهن هليو اَچ، تنھنجي اَچڻ سان مون کي بہ گهڻي سھولت ٿي پوندي ۽ شاهين صاحب سان پاڻ ئي ڳالھائي ڇڏيندس.“
دستگير ڀٽيءَ کان موڪلائي گهر ’گُلشنِ اِقبال‘ آياسين، شام جو ڳوٺ هليو آيس. ٻن ڏينھن کانپوءِ ڪپڙا لَٽا ۽ ٻيو گُهربل سامان کڻي ڪراچيءَ هليو آيس ۽ ٻي ڏينھن کان ’برسات‘ جي آفيس وڃڻ شروع ڪيم. منجهند جو ٻارهين بجي جي ويجهو محترم يوسف شاهين بہ آيو تہ دستگير ڀٽيءَ منھنجو ساڻس تعارف ڪرايو. پاڻ مُرڪندي مون کان حال اَحوال ورتائين. اُها منھنجي يوسف شاهين سان پھرين ملاقات هئي. اُن ڏينھن شام تائين آءٌ ’برسات‘ جي اِيندڙ پَرچي جا پروف ڏِسندو، لفافن مان خط ۽ ٻيو مواد ڪڍندو، ڌار ڌار فائيلن ۾ فائيل ڪندو ويس.
اُهو سڄو ڏينھن منھنجو ڪجهہ حجاب ۽ ڪجهہ تجسس ۾ گُذريو. يوسف شاهين ۽ دستگير ڀٽيءَ جي موجودگيءَ سبب يا پنھنجي حِجابي طبيعت سبب! بھرحال شامَ ٿي تہ دستگير ڀٽيءَ منھنجي سامھون ڪُرسيءَ تي اَچي ويٺو ۽ مختلف شيون ترتيب سان فائيلن ۾ رکيل ڏِسي گهڻو خوش ٿيو ۽ هِتا هُتان جي حالن اَحوالن ۽ خبرن چارن کانپوءِ مون کي چيائين: ”تون ڪمپوزنگ سِکڻ جو خيال ڇڏي ڏي. ٻن چئن سالن کانپوءِ سنڌي ڪمپيوٽر عام ٿي ويندو ۽ هينئر جيڪي ڪمپازيٽر آهن، تن جي گهڻائي بيروزگار ٿي ويندي. باقي تون هتي ئي آفيس ۾ ويھہ. تنھنجي حيثيت منھنجي اَسسٽنٽ جي هوندي، توکي اَدبَ سان گهڻي دلچسپي آهي، آءٌ توکي ايترو ڪجهہ سيکاري ڇڏيندس، جو توکي اَڳتي هلي ڪنھن بہ ڳالھہ جي تڪليف نہ ٿيندي. هونئن بہ ڪمپيوٽر عام ٿيڻ کانپوءِ وڌيڪ رِسالا ۽ اَخبارون نڪرنديون ۽ توجھہڙن دوستن جي اُنھن کي ضرورت پوندي.“
اُن وقت، يعني 1984ع ۾ ڪمپيوٽر جو اَڃا رُڳو نالو ٻُڌبو هو، سنڌيءَ ۾ تہ اُهو هڪ خواب ٿي لڳو. سچ پچ تہ ڪمپيوٽر صحافتي ۽ اَدبي دُنيا ۾ هڪ اِنقلاب برپا ڪري ڇڏيو، هڪ وڏو ڇال آيو، تمام گهڻا رِسالا ۽ اَخبارون ڇپجڻ لڳيون، ڪتابن جي ڇپائي بہ جلدي ۽ تڪڙي ٿيڻ لڳي.
دستگير ڀٽيءَ جي اُن ليڪچر منھنجي فيلڊ ئي بدلائي ڇڏي ۽ منھنجو ڌِيان ڪمپوزنگ سِکڻ جي بدران ’برسات‘ جي مواد جي ايڊيٽنگ، پروف ريڊنگ ۽ ٻين معاملن ڏانھن ٿي ويو. دستگير ڀٽيءَ منھنجو نالو رسالي ۾ ’سب ايڊيٽر‘ طور هڻي ڇڏيو.
مون کي ’برسات‘ سان ڄڻ تہ عشق ٿي ويو. هاڻ آءٌ روزانو صبح جو اَٺين، ساڍي اَٺين ڌاري آفيس پھچي ويندو هئس. يوسف شاهين صاحب يارهين، ساڍي يارهين بجي اِيندو هو، باقي دستگير ڀٽي صاحب، سو ڪڏهن تہ مون کان بہ اَڳ ويٺو هوندو هو يا وري ڪڏهن اِيندو هو تہ ڪڏهن نہ اِيندو هو.
اُنھن ڏينھن ۾ ’برسات‘ پريس ۾ شيخ اَياز جي هائيڪن جو ڪتاب ’پن ڇڻ پُڄاڻان‘ ڇپجي رهيو هو، جيڪو بيحد سُھڻي نموني، سُٺي پَني ۽ پڪي بائينڊنگ سان ڇپيو. يوسف شاهين اَڳ ۾ بہ پنھنجي قائم ڪيل اِداري ’سمبارا پبليڪيشن‘ پاران شيخ اَياز جي نثري ٽڪرن جو مجموعو ’پتڻ ٿو پُورَ ڪري‘ سُھڻي گيٽ اَپ سُٺي پَني تي ڇپرايو هو. ’پن ڇڻ پُڄاڻان‘ ۾ يوسف شاهين، شيخ اَياز جي باري ۾ لِکيو:
”سال 1984ع شايد سنڌي اَدب ۽ خود شيخ اَياز لاءِ اِنتھائي اَهميت لائق آهي، جو فقط اِن هڪ سال اَندر سنڌ جي هن شاعر پنج ڪتاب لِکي پورا ڪيا آهن، جن مان هي ٽيون ڪتاب سنڌ اَڳيان پيش ٿي رهيو آهي. شايد وائيس چانسلريءَ واري دؤر (1976ع - 1979ع) جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ هن جي قلم ۾ تيزي آئي آهي يا لھندڙ سجَ جي اَحساس سبب ڌنوڻيءَ کي وڌيڪ ڌنويو آهي. يا اَجائي رتو بنھہ پچي راس ٿي پيو آهي. بھرحال ڇا بہ هجي، اِهو شخص بنا ڪجهہ وٺڻ جي سنڌ کي، سنڌي اَدب کي گهڻو ڪجهہ ڏيئي رهيو آهي، نئين سوچَ، نئين واٽَ، نئين لاٽَ، جا آزاديءَ جي اَحساس تي کُٽي ٿي.
هن شخص پنھنجي پورهئي مان 1976ع - 1979ع دؤران ڪجهہ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي تہ سندس هٿَ ڦٽجي پيا، دل ڏارَ هڻي ويس ۽ هنيانءُ هَڄي پيس، ڄڻ تہ هاٿيءَ جي پيرن هيٺان آيو هجي. دل جو دورو پيس، اِسپتال داخل ٿيو. بھرحال، اُهي زخم هو اَڃا ڇُٽائي نہ سگهيو آهي.“
يوسف شاهين صحيح معنى ۾ شيخ اَياز جي ڏات جو مداح هو. وائيس چانسلريءَ تان رٽائر ٿين کانپوءِ جڏهن شيخ اَياز اَدبي طور تي خاموش هو، تہ بہ سندس شاعري ’برسات‘ ۾ ڇپجندي رهندي هئي ۽ شيخ اَياز اُها يوسف شاهين کي موڪليندو رهندو هو. هڪ ڀيري يوسف شاهين چيو: ”شيخ صاحب ’برسات‘ ۾ ڇپجڻ لاءِ شاعري موڪلڻ ۾ ڪڏهن بہ هٻڪَ محسوس نہ ڪئي ۽ ماڻھو مون کي چوندا آهن تہ تون ’برسات‘ شايع ئي رُڳو شيخ اَياز جي شاعري ڇپڻ لاءِ ڪرين ٿو.“
شيخ اَياز تي پھريون نمبر ’برسات‘ پاران يوسف شاهين ئي ڪڍيو، جيڪو لڳ ڀڳ هڪ سؤ صفحن جو هو.
’پن ڇڻ پُڄاڻان‘ جون فقط ٽي سؤ ڪاپيون ڇپيون، اُهو سنڌيءَ ۾ هائيڪن جو پھريون مجموعو هو. يوسف شاهين پروفن وغيرہ جي معاملي ۾ گهڻو محتاط هوندو هو. ڪتاب بائينڊ ٿي آيو تہ يوسف شاهين اُن جون پنجاھہ ڪاپيون پنھنجي گاڏيءَ ۾ رکائي، شيخ اَياز جي ’گُلشنِ اِقبال‘ واري گهر ڏيئي آيو. اُن وقت شيخ اَياز جو هڪ پُٽ ’گلشنِ اِقبال‘ جي هڪ مسواڙي بنگلي ۾ رهندو هو، يوسف شاهين جو گهر اُن گهر کان ٻن ٽن فرلانگن جي فاصلي تي هو ۽ فقير عبدالغفور اَلستيءَ جو گهر فرلانگ کن پَرتي. جيستائين شيخ اَياز جو پُٽ اُتي رهيو تہ شيخ اَياز جڏهن بہ سکر کان ڪراچي اِيندو هو تہ اُتي ئي رهندو هو. مون کي اَلستي صاحب ٻُڌايو تہ شيخ اَياز جڏهن بہ ڪراچي اِيندو هو تہ شام جو هو ٻئي گڏجي اَلستيءَ جي گهر جي سامھون پارڪ ۾ واڪ ڪندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن يوسف شاهين بہ واڪ ۾ اَچي ساڻن شامل ٿيندو هو. اَلستي صاحب اِهو بہ ٻُڌايو تہ اُن واڪ دؤران شيخ اَياز علم ۽ اَدب جا واهڙ وهائي ڇڏيندو هو ۽ هو ۽ يوسف شاهين سُٺن شاگردن جيان کيس ٻُڌندا هئا.
’پن ڇڻ پُڄاڻان‘ جون مارڪيٽ ۾ صفا ٿوريون ڪاپيون آيون، باقي ڪاپيون يوسف شاهين يارن دوستن ۾ تحفي طور ڏيئي ڇڏيون.
منھنجي اُتي رهڻ دؤران ٻيو جيڪو ڪتاب ڇپيو، اُهو يوسف شاهين جي بيتن ۽ واين جو ٽيون مجموعو ’سنڌ تي ڪاهَه‘ هو، جيڪو ’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ جو ٽيون ڀاڱو هو. اُنھن بيتن ۽ واين کي يوسف شاهين ’سُر ڄام ٻانڀڻو‘ جو نالو ڏِنو. يوسف شاهين اَڳ ۾ شاعر نہ هو، پوءِ اوچتو ڏاتِ مٿس بيتن ۽ واين جي صورت ۾ پلٽجي پئي. سندس بيتن ۽ واين جو اَسلوب شاھہ لطيف وارو آهي. اُن ڪتاب کان اَڳ سندس بيتن ۽ واين جا ٻہ مجموعا ’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ (پھريون ۽ ٻيو ڀاڱو) ڇپجي چُڪا هئا، جيڪي سنڌ جي اَدبي حلقن ۾ گهڻو بحث جو موضوع بڻيا هئا. سندس ٽيون مجموعو فيروز شاھہ تغلق جي سنڌ تي ڪاھہ ۽ سنڌين پاران سندس ڪيل مزاحمت جي پسمنظر ۾ آهي. بيتن ۽ واين کان اَڳ فيروز شاھہ تغلق جي سنڌ تي ڪاھہ جي عنوان سان تاريخي اَحوال ۽ پسمنظر ڏِنل آهي، جيئن پڙهندڙ اُنھن بيتن ۽ واين جو پسمنظر سمجهي سگهن. اُنھن مان ڪيتريون ئي وايون عابدہ پروين ڳايون آهن. عابدہ پروين ۽ سندس گهر وارو غلام حُسين شيخ، يوسف شاهين جا دوست هئا ۽ منھنجي هوندي ڪيترائي ڀيرا آفيس ۾ يوسف شاهين سان مِلڻ جي لاءِ آيا. مون کي اِن ڳالھہ جي خوشي آهي تہ مون اُتي نہ رُڳو عابدہ پروين کي روبرو ڏِٺو، پر يوسف شاهين جي شاعري جُهونگاريندي بہ ٻُڌي ۽ سندن اَڳيان چانھہ ۽ پاڻي پيش ڪرڻ ۽ سندن خدمت ڪرڻ جو پڻ موقعو مِليو.
*
محترم يوسف شاهين شاعريءَ جا ڪيترائي سُر لِکيا آهن، جھڙوڪ: سُر ڪلياڻ، سُر ڀڳتي، سُر ڪيڏارو، سُر ڄام ٻانڀيڻو، سُر سنڌ، سُر بي مثل - بينظير،، پر اُنھن سڀني مان مون کي ’سُر بلال‘ گهڻو وڻندو آهي. منھنجي اَڳيان جڏهن بہ شھيد مخدوم بلاول جو ذڪر ٿيندو آهي تہ محترم يوسف شاهين جا لفظ ذهن ۾ اُڀري اِيندا آهن:
”مخدوم بلاول شھيد کي سنڌ جي بقا ۽ آزاديءَ لاءِ ويڙھہ کائڻ جي ڏوھہ هيٺ جيئري گهاڻي ۾ پيڙهي، موت جي سَزا ڏِني ويئي. آءٌ اُن سزا جي اَذيت ۽ شِدت کي چڱيءَ طرح سمجهي سگهان ٿو. اَهڙي سَزا ٻُڌڻ لاءِ بہ هماليہ جيڏو جگر ۽ سَتن آسمانن جيڏي وسعت رکندڙ دل گُهرجي. اُها سَزا ٻُڌڻ کانپوءِ سنڌ جو هي مرد مجاهد پاڻ گهاڻي تائين هلي ويو ۽ شھادت ماڻيائين. گهاڻي ۾ پيڙهجڻ واريون گهڙيون ڪيتريون نہ اَذيتناڪ ۽ ڊيڄاريندڙ هونديون، اُن جو فقط تصور ڪرڻ سان لِڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. هن شخص تان چند لمحن ۾ ڪئين قيامتون گُذري ويون هونديون.“
اَڄ جي سنڌ جي صورتحال ۽ ماڻھن جي ماٺِ ڏِسي، پنھنجي قومي حقن کان لاتعلق ڏِسي مون کي ’سُر بلال‘ جا هي بيت اَڪثر ذهن ۾ تري اِيندا آهن.
دانگيءَ دانھيون، رَت ڪِين وري،
اَڃا پنڌ پري، بلال! آهي بخت جو.

-
رَت وَريو ڪينڪي، آهن سڀ عليلَ،
ڊوڙائين دَليلَ، تہ ماڳ مِلي ڪيئن ماٺِ کي.

-
رَت وريو ڪينڪي، بخشڻ ڪر بلالُ،
پُڇيم پاتال مان، سنڌ ڪاڻ سوالُ،
اَڃا اَگهور ۾ آهي، اُنھيءَ جو حالُ،
اُٿيو ڪونہ اَٿاھہ مان، سھسين ٿيا سالَ،
آيس تو در لال! دانھون ڏِيڻ ديسَ جون.

-
سنڀاري ساٿَ کي، سنڌو سَڏَ ڪري،
لَھي لوھہ لِڱن تان، اَهڙو واءُ وري،
اَچو پيرَ ڀري، گهوٽ ٿيڻ گهاڻي ۾.

*
يوسف شاهين جي پھرين ٻنھي مجموعن ’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ جو پنجابي ترجمو احمد سليم ڪيو هو، جيڪو اُتي فائيلن ۾ ٽائيپ ٿيو پيو هو، جن مٿان مٽيءَ جا تھہ ڄَمي ويا هئا. مون اُنھن فائيلن کي ڇَنڊي، ڦُوڪي يوسف شاهين کي ڏيکاريو تہ هو گهڻو خوش ٿيو، هو پنھنجيءَ پَر ۾ اُهو مسودو وڃائي ويٺو هو. اُن پنجابي ترجمي ۾ احمد سليم ڪن پنجابي ۽ اُردوءَ جي اَديبن کان رايا بہ لِکرايا هئا. احمد سليم، شيخ اَياز جي شاعري بہ پنجابيءَ ۾ ترجمو ڪئي هئي، جيڪا ’جو بیجل نے آکھیا‘ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيو. مون کي خبر ڪونھي تہ يوسف شاهين، جنھن شوق سان پئسا خرچ ڪري پنھنجي شاعريءَ جو پنجابي ترجمو ڪرايو، سو پوءِ ڪتابي صورت ۾ ڇو نہ ڇپرايو؟ احمد سليم سدائين يوسف شاهين تي اِن ڳالھہ تي ناراض هوندو هو تہ يوسف شاهين اُهو ڪتابي صورت ۾ ڇو نہ ٿو ڇپرائي. احمد سليم اُهو ترجمو پنجابيءَ ۾ ڪيو هو، هاڻ خبر ڪونھي تہ اُهو فائيل شاهين صاحب وٽ محفوظ آهي بہ يا نہ، اَلبت مون کي خيال اِيندو آهي تہ ڪاش! اُن جي هڪ فوٽو ڪاپي ڪرائي پاڻ وٽ رکان ها.
آءٌ صبح جو سوير آفيس پھچي ويندو هئس ۽ شام جو دير سان گهر ويندو هئس. جيئن مٿي ذڪر ڪيو اَٿم تہ آفيس ۾ يوسف شاهين جي هڪ سُٺي لائبريري بہ هوندي هئي ۽ مون جھڙي ماڻھوءَ لاءِ اِن کان وڌيڪ سُٺي ۽ پسنديدہ جاءِ ٻي ڪھڙي پئي ٿي سگهي تہ ڪتابن جي وچ ۾ ويٺو هجان ۽ ڪتاب پڙهندو رهان. يوسف شاهين جي اُن لائبريريءَ ۾ ئي مون کي شيخ اَياز جي بندش پيل ڪتابن ’جي ڪاڪَ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ ۽ ’ڀؤنر ڀري آڪاس‘ کي ڏِسڻ ۽ پڙهڻ جو موقعو مِليو. اُنھن ٻنھي ڪتابن تي اَيوبي آمريت جي دؤر ۾ بندش وڌي ويئي هئي. شيخ اَياز ڪِٿي لِکيو آهي تہ: ”وقت اِيندو تہ ماڻھو حُڪومتي اَحڪامن کي رد ڪري ُهي ڪتاب پڙهندا.“ شيخ اَياز جي اِها اَڳڪٿي نہ رُڳو صحيح ثابت ٿي، پر سنڌ حُڪومت جي ثقافت کاتي پنھنجي ئي خرچ تي اُهي ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا.
ڪراچيءَ ۾ رهندي ۽ ’برسات‘ ۾ ڪم ڪندي منھنجي ڪيترن ئي اَديبن ۽ شاعرن سان ملاقاتون ۽ ڏيٺ ويٺ ٿي، جيڪي اَڪثر يوسف شاهين سان مِلڻ جي لاءِ اِيندا هئا. اُنھن ۾ دادا گُرداس واڌواڻي بہ هوندو هو، جيڪو ’پريس ڪِلب ڪراچي‘ ۾ رهندو هو. هن پنھنجي سڄي ڄمار اَنگريزي صحافت ۾ گُذاري، پوين ڪجهہ سالن ۾ روزاني ’هلالِ پاڪستان‘ ۾ ’جيئن ڏٺو مون‘ جي عنوان سان ڪالمَ لِکيائين، سندس اَهڙن ڪالمن جا چار مجموعا ڇپيل آهن، سندس ڪالمن جو آخري مجموعو ’جڏهن آدم آيو‘ محترم يوسف شاهين جي مالي مدد سان مون ’سچائي اِشاعت گهر‘ پاران ڇپرايو. سندس بزرگي ۽ صحافتي تجربي جي ڪري سڀ کيس ’گُرو‘ چوندا هئا. يوسف شاهين سندس وڏي عزت ڪندو هو ۽ سندس مالي مدد بہ ڪندو هو. اُن کانسواءِ بہ يوسف شاهين ڪيترن ئي دوستن جي ڏُکين حالتن ۾ مالي مدد ڪرڻ کان ڪڏهن بہ نہ ڪِيٻايو.
اِيئن مون يوسف شاهين جو هڪ ٻيو رُوپ ڏِٺو. پاڻ ڪيترن ئي دوستن ۽ اَديبن جي ماٺِ مِٺيءَ ۾ مدد بہ ڪندو هو. هڪ ٻہ ڀيرا هن پنھنجي دوست مرحوم زيب عاقليءَ جي ’چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج، لاڙڪاڻي‘ ۾ پڙهندڙ نياڻيءَ کي پئسا مني آرڊر ڪري موڪليا، اُن ۾ موڪليندڙ جو نالو ’هفتيوار برسات‘ لِکندو هو. اُهي ٻہ ٽي ڀيرا هُن مون کي پئسا ڏِنا ۽ آءٌ وڃي اُهي مني آرڊر ڪري آيس. يوسف شاهين، علي بابا کي بہ گهڻو ڀائيندو هو ۽ علي بابا بہ يوسف شاهين جي وڏي عزت ڪندو هو. هن پنھنجو هڪ ڪتاب يوسف شاهين کي ئي اَرپيو.
’برسات‘ ڇڏڻ کانپوءِ جڏهن بہ آءٌ ۽ ڪامريڊ گُل محمد خشڪ، يوسف شاهين سان مِلڻ جي لاءِ ڪراچيءَ ويندا هئاسين تہ هو هر ڀيري ڪجهہ نہ ڪجهہ پئسا خرچيءَ طور، ٽشو پيپر ۾ ويڙهي اسان کي ڏئي ڇڏيندو هو، جڏهن تہ اسان ’برسات‘ جي لاءِ ڪوبہ ڪم ڪونہ ڪندا هئاسين. برسات ۾ اسان ٻنھي جو نالو فقط ٺٽي ۽ بدين جي نمائندي طور لڳل هوندو هو.
’برسات‘ جي اُن آفيس ۾ يوسف شاهين سان مِلڻ لاءِ اِيندڙن ۾ علي اِقبال ۽ منير چانڊيو نالي ٻہ همراھہ بہ هوندا هئا. علي اِقبال، يوسف شاهين جي ڪتاب ‘World confderatoir of the peoples’ جو اَنگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، جيڪو يوسف شاهين اُردوءَ ۾ لِکيو هو. يوسف شاهين اُهو ڪتاب لِکڻ تي هزارين روپيا خرچ ڪيا ۽ سَوين ڪتاب اُٿلايا. علي اِقبال هر ڀيري ڪونہ ڪو ڪتاب اُڏائي ويندو هو ۽ يوسف شاهين کيس اِيئن ڪندي فقط ڏِسندو ۽ مرڪندو رهندو هو. منير چانڊيو بہ اِيئن هوندو هو، پنھنجي وڪالت واري ٿيلھي ۾ ڪونہ ڪو ڪتاب وجهي، گم ٿي ويندو هو.
آءٌ ’برسات‘ ۾ ڪُل چار يا پنج مھينا رهيس، منھنجي موجودگيءَ ۾ برسات جا فقط ٻہ شمارا شايع ٿيا، تنھن کانپوءِ يوسف شاهين ’برسات‘ جي اِشاعت عارضي طور بند ڪري ڇڏي ۽ دستگير ڀٽي بہ هليو ويو تہ مون اُتي واندو ويھڻ ۽ مکيون مارڻ بجاءِ واپس ڳوٺ اَچڻ ۾ بھتري سمجهي، پر يوسف شاهين سان جيڪو تعلق جُڙيو، اُهو اَڄ ڏينھن تائين هلندو پيو اَچي.
ڀلي ڪر ٿيوم، هي سڱ ٻاروچن سِين!

]2[

27 اَپريل 2008ع ۾، جڏهن آءٌ ’سنڌي اَدبي سنگت، سنڌ‘ جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل چُونڊيس تہ دوستن سان گڏجي اِهو طئي ڪيوسين تہ ’سنڌي اَدبي سنگت، سنڌ‘ پاران هر سال سنڌي اَدب جي اَهم شخصيتن کي سندن خدمتن عيوض ’لائيف ٽائيم اَچيومينٽ ايوارڊ‘ ڏِجي. دوستن جي صلاح سان سڀ کان پھرين محترم اَمر جليل ۽ محترم اَلطاف شيخ کي اُهو ايوارڊ ڏِيڻ جو فيصلو ڪري اَعلان ڪيوسين، جنھن جي سڀني دوستن آجيان ڪئي ۽ اَهڙي تقريب مئي 2008ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااِختيار اِداري جي هال ۾ رکي ويئي، جنھن جي صدارت تڏهوڪي ڪلچر منسٽر محترمہ سسئي پليجو ڪئي ۽ سڄي سنڌ مان سنگت جي ساٿين ۽ اَديب دوستن شرڪت ڪئي. اُن ايوارڊ مِلڻ تي محترم اَلطاف شيخ لِکيو تہ: ”مون کي دُنيا ۾ ڪيترائي ايوارڊ مِليا آهن، پر سنگت پاران مِلندڙ هي ايوارڊ منھنجي لاءِ سڀني ايوارڊن کان وڏو اَهم آهي، جو اِهو مون کي پنھنجن پاران ڏِنو ويو.“ ٻي سال اُهو ايوارڊ محترم شمشيرالحيدريءَ کي ڏِنو ويو. مون کانپوءِ ڊاڪٽر مشتاق ڦل سنگت جو سيڪريٽري جنرل چُونڊيو ويو، جنھن جي دؤر ۾ پڻ اِهو سلسلو هليو، پر اَڳتي هلي بدقسمتيءَ سان حالتون ڪجهہ اَهڙيون بِيٺيون، جو سنگت ٻن گروهن ۾ ورهائجي ويئي ۽ اُهو ايوارڊن ڏِيڻ وارو سلسلو رُڪجي ويو.
ٻي گروھہ جو پھرين ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، پوءِ پريل دايو ۽ اُن کانپوءِ ڊاڪٽر مشتاق ڦل چوٿون ڀيرو سيڪريٽري جنرل چُونڊيو ويو. 24 سيپٽمبر 2023ع تي سنگت جي ٻنھي گروهن ٻيھر گڏجي هڪ ٿيڻ کان اَڳ دوستن فيصلو ڪيو تہ سنگت پاران ’لائيف ٽائيم اَچيومينٽ ايوارڊ‘ جو سلسلو ٻيھر شروع ڪجي. نيٺ دوستن جي صلاح مصلحت شروع ٿي ۽ مون رِٿ ڏِني تہ هن سال 2023ع جو لائيف ٽائيم اَچيومينٽ ايوارڊ محترم يوسف شاهين ۽ محترم پروفيسر اَعجاز قريشيءَ کي ڏِنو وڃي. دوستن منھنجي راءِ کي مان ڏيندي محترم يوسف شاهين ۽ محترم پروفيسر اَعجاز قريشيءَ کي ’سنڌ سنگت لائيف ٽائيم اَچيومينٽ ايوارڊ‘ ڏِيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ کانئن اَهڙي منظوري وٺي پڌرائي ڪئي ويئي. ايوارڊ جي اَنائونس ٿيڻ سان ئي سَڄي سنڌ جي ساڃھہ وندن ۽ اَدبي حلقن پاران اِن قدم کي گهڻو ساراهيو ويو ۽ سنگت جا ساٿي پروگرام جي تياريءَ ۾ لڳي ويا.
محترم يوسف شاهين جي وڏي عمر کي نظر ۾ رکندي کيس ڪراچيءَ مان حيدرآباد آڻڻ جي ذميواري محترم عزيز رانجهاڻيءَ کنئي ۽ کيس پروگرام واري ڏينھن حيدرآباد تائين آندو. محترم يوسف شاهين سان گڏ محترم نصير اَعجاز ۽ محترم ڊاڪٽر آفتاب اَبڙو پڻ ڪراچيءَ مان گڏجي آيا. محترم اَعجاز قريشيءَ سان وري محترم مختيار ملاح ۽ ٻي سنگت گڏ آئي. حيدرآباد سميت سڄي سنڌ مان ’سنڌي اَدبي سنگت‘ جي ساٿين شرڪت ڪئي، شرڪت ڪندڙن ۾ محترم غلام نبي مغل، محترم اِشتياق اَنصاري، محترمہ شبنم گل، آپا نذير ناز، گلبدن جاويد مرزا، محمد خان اَبڙو، شوڪت اُڄڻ، غلام نبي سومرو، ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ، خانہ فرهنگ جمھوري اِسلامي اِيران، حيدرآباد جو ڊائريڪٽر جنرل جناب رضا پارسا، ڪراچيءَ مان خاص پروگرام لاءِ ڪھي آيل ڊاڪٽر فاطمہ حسن، ڊاڪٽر تنوير اَنجم وغيرہ شامل هئا. پروگرام جي اَنائوسمينٽ محترم نصير مرزا پنھنجي مخصوص ۽ خوبصورت اَنداز ۾ ڪئي.
جڏهن محترم يوسف شاهين ۽ پروفيسر اَعجاز قريشي گاڏين مان لھي، هال ڏانھن وَڌيا تہ سنگت جي ساٿين پاران مٿن گُلن جي ورکا ڪئي ويئي ۽ کين دھل ن ۽ شرنائين جي گُونجَ ۾ هال تائين آندو ويو ۽ هال ۾ ويٺل سڀني دوستن اُٿي بيھي سندن اِستقبال ڪيو. پنھنجي ايڏي وڏي عزت اَفزائيءَ تي محترم يوسف شاهين ۽ پروفيسر اَعجاز قريشي ڏاڍا خوش ٿيا.
اُن موقعي تي مون سميت ڪيترن ئي دوستن محترم يوسف شاهين جي شخصيت ۽ ڪم تي ڳالھائي، کيس خراجِ تحسين پيش ڪيو. اُن موقعي تي محترم يوسف شاهين جيڪا تقرير ڪئي، اُها بہ گهڻي فڪراَنگيز هئي. شاهين صاحب جي اُن تقرير جا بُنيادي نقطا هن ريت آهن:
• اسان چيو تہ سنڌي اِنڊسٽريز ۾ نہ آهن، اسان کي اَچڻ کپي.
• ملڪ کي ٺھندي ستر پنجهتر سال ٿيا آهن، اُنھن۾ سنڌ سان ڇا ٿيو، اِهو سوچڻ گُهرجي.
• سنڌي اَخبارون سنڌ جو آواز آهن، اُهي مري رهيون آهن.
• اَسين اَهڙي ملڪ ۾ ويٺا آهيون، جو گهڻو ڪجهہ ڳالھائي بہ نہ ٿا سگهون.
• دُنيا ۾ جيڪي تڪليفون ۽ عذاب آيا آهن، اُن جو سبب فوج جو اِدارو آهي.
• اسان کي هٿڪڙيون لڳيون، مِلٽري ٽرائل ٿيو، پر جُهڪياسون ڪونہ.

]3[

مٿئين پروگرام جي ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيھر نومبر 2023ع ۾ آءٌ ڪراچيءَ ۾ ’برسات‘ جي ساڳيءَ آفيس ۾ سندس اَڳيان ويٺو هئس. منھنجي ذهن ۾ سندس زندگيءَ ۽ ڪم جي باري ۾ ڪيترائي سوال هئا، جيڪي مون کانئس پُڇڻ ٿي گُهريا، جيئن اُهي رڪارڊ تي رهي سگهن. مون کانئس پُڇيو تہ سندس زندگيءَ جي ٽرننگ پوائنٽ ڪھڙي هئي؟ جواب ۾ چيائين:
”ڳوٺان نڪري آءٌ حيدرآباد آيس ۽ جتي گاڏي کاتي ۾ ’فردوس سئنيما‘ هئي، اُن جي ڀرسان هڪ ڪمرو مسواڙ تي وٺي، اُتي رهندو هوس. پاسي ۾ هوٽل هوندي هئي، جتي روزانو هڪ روپئي ۾ منجهند جي ماني کائيندو هئس، جيڪا هوٽل جو بيرو مون کي ڪمري تي پھچائي ويندو هو ۽ مان کيس واڌو چارآنا ٽِپ جا ڏيندو هئس. هڪ ڏينھن بيرو منجهند جي ماني کڻي آيو تہ سندس پويان ئي هڪ همراھہ اَندر گِهڙي آيو ۽ منھنجي صلاح هڻڻ کانسواءِ بنا ڪنھن تڪلف جي مون سان گڏ ماني کائڻ شروع ڪري ڇڏيائين. مون سمجهيو تہ بُکايل آهي، سو ڀلي کائي ۽ ماني کائي هو هليو ويو. ٻي ڏينھن بہ اِيئن ئي ٿيو، بيرو ماني کڻي آيو تہ ساڳيو همراھہ اَندر گِهڙي آيو ۽ مون سان گڏ ماني کائڻ شروع ڪري ڏِنائين ۽ پوءِ بنا ڪُڇڻ پُڇڻ جي هليو ويو. ٽين ڏينھن بہ اِيئن ٿيو تہ مون بيري کي هڪ روپيو ڪڍي ڏِنو تہ جيئن ٻہ مانيون وڌيڪ کڻي اَچي ۽ هو کڻي آيو. چوٿين ڏينھن بہ اِيئن ئي ٿيو. اُن دؤران مون کانئس ڪجهہ بہ نہ پُڇيو ۽ نہ وري سندس اِيئن اَچي بي تڪلف ٿي ماني کائڻ تي ڪو اَعتراض ڪيو.
پنجين ڏينھن جڏهن ماني کائي بس ڪيائين تہ مون کان پُڇيائين: ”پئسا اَٿئي؟“ مون وراڻيو: ”هائو آهن!“ چيائين: ”مون وٽ هڪ فارمولو آهي، جي تو وٽ ستَ اَٺَ سؤ روپيا هجن تہ مان اُهو فارمولو توکي ڏِيڻ جي لاءِ تيار آهيان.“ پُڇيومانس: ”ڪھڙو فارمولو اَٿئي؟ مون وٽ ايترا پئسا ٿي ويندا.“ چيائين: ”پاڻ پينٽ ريموور جو ڪم ڪنداسين. بسين تي جيڪو رنگ چڙهيل هوندو آهي، اُهو پنھنجي فارمولي تحت جيڪو ريموور ٺاهينداسين، اُهو برش گُهمائڻ سان لَھي ويندو.“ مون چيو: ”ٺيڪ آهي!“ پوءِ اسان ’شاهين اِنڊسٽريءَ ‘جي نالي سان بئنر ٺھرايا، اُهي بورڊ ۽ بئنر چاليھارو سال مون وٽ گهر ۾ موجود هئا. مون اِهو وِسارڻ نہ ٿي گُهريو تہ منھنجي صنعتڪاريءَ جي شروعات ڪِٿان ٿي. پوءِ اسان گيھہ جا خالي ڏٻا خريد ڪيا ۽ اُنھن تي ’شاهين اِنڊسٽريءَ‘ جا پنا چنبڙاياسين. اُن همراھہ پنھنجي فارمولي تحت اُهو ريموور ٺاهيو. اُنھن ڏينھن ۾ ٽنڊي اَلھيار ۽ نصرپور ۾ سيد ڀورل شاھہ ۽ حاجي صادق ميمڻ جون بَسون هلنديون هيون. ڀورل شاھہ مون کي ڪورٽ ۾ ڪاپيئسٽ جي نوڪري وٺي ڏِني هئي، جيڪا مان ڇڏي حيدرآباد هليو آيو هئس. ٻي نوڪري مون فوڊ ڊِپارٽمينٽ ۾ گودام ڪِيپر جي حيثيت سان ڪئي، جيڪا هڪ واقعي جي ڪري ڇڏيم.
اسان ريموور ٺاهي ورتو تہ مان اُهو کڻي سِڌو ڀورل شاھہ جي اوطاق تي پھتس، جتي ڀورل شاھہ سان گڏ حاجي صادق علي ميمڻ بہ ويٺو هو. مون کي ڏِسي ڀورل شاھہ چيو: ”اَبا! نوڪري ڇڏي ڪيڏانھن گم ٿي وئين؟“ وراڻيومانس: ”سائين مون اِنڊسٽري کولي آهي.“ جنھن تي هو ٻئي کِلڻ لڳا، پوءِ مون کين ريموور جي باري ۾ ٻُڌايو. هو مون کي پاڻ سان گڏ بِيٺل بسين تائين وٺي ويا، مون ريموور مان بُرش ٻوڙي، رنگ کي هنيو تہ اُهو لھي ويو، جنھن تي همراھہ ڏاڍو حيران ٿيا. اَڳ ۾ هيئن ٿيندو هو تہ بسين تان اُهو رنگ کُرچي لاٿو ويندو هو، جنھن ڪري بسين جي باڊين کي نہ رُڳو نقصان رَسندو هو، پر وقت بہ گهڻو لَڳندو هو. هنن مون کي ٻارهن ڏِٻن جو آرڊر ڏِنو. پوءِ اسان کي ايترا تہ آرڊر مِلڻ لڳا، جو اسان ڏيئي پورو نہ ٿي پياسين. اُن مان اسان ڏاڍو ڪمايو، ڄڻ لک پتي ٿي ويس. اُن ڪم مان جيڪو فائدو ٿيندو هو، اُن جو پورو اَڌ مان اُن همراھہ کي ڏيندو هئس. اِيئن اسان جو ڪم هلي پيو. اُن دؤران مون اُن همراھہ کان ڪڏهن بہ اُن فارمولي بابت نہ پُڇيو تہ هو اُهو ڪيئن ٿو ٺاهي. پوءِ هڪ ڏينھن هو جيئن آيو هو، تيئن گم ٿي ويو ۽ اُها ’شاهين اِنڊسٽري‘ بند ٿي ويئي.
مون اُن ڪم مان جيڪو پئسو ڪمايو، اُن مان ’اِنڊس ڊائجسٽ‘ ڪڍيم. صحافت جو تجربو اَڳ ۾ ئي هيم، ڳوٺان حيدرآباد اَچي مون مُنشي عبدالڪريم سان گڏ ’هلال پاڪستان‘ ۾ ڪم ڪيو هو ۽ رپورٽنگ ڪندو هئس. اُن وقت ’هلال پاڪستان‘ حيدرآباد مان نڪرندي هئي.
’اِنڊس ڊائجسٽ‘ ڪڍڻ جو سبب اِهو هو تہ منھنجي ذهن ۾ سدائين اِها خواهش رهي تہ ’رِيڊرس ڊائجسٽ‘ جھڙو رسالو ڪڍان. اُن وقت منھنجي اَنگريزي ايتري سُٺي نہ هئي ۽ مان فقط مئٽرڪ پاس هوس، پوءِ اَڳتي هلي مون پنھنجي محنت سان ٺيڪ ڪئي. اُن ڊائجسٽ جو پھريون ايڊيٽوريل اَمرجليل لِکيو. مون اَمرجليل ۽ قمرشھباز کي بہ پاڻ سان گڏ شامل ڪيو. ’اِنڊس ڊائجسٽ‘ جي اسان خوب پبلسٽي ڪئي ۽ اُن لاءِ ڏاڍا سُھڻا اِشتھار ڇپراياسين.“
]محترم يوسف شاهين جي ذهن ۾ سدائين ’ريڊرس ڊائجسٽ‘ جھڙو رسالو شايع ڪرڻ جو خيال سَمايل رهيو. شاهين صاحب کان اَها ڳالھہ ٻُڌي ۽ سندس مستقبل جي ڪامياب ڪاروباري ۽ صحافتي زندگيءَ کي منظر ۾ رکندي مون کي ’ريڊرس ڊائجسٽ کي جاري ڪندڙ آمريڪي صحافي ’ڊي وٽ ويلس‘ جي ڪھاڻي ياد اَچي ويئي، جنھن کي جڏهن هڪ ماهوار رِسالي ڪڍڻ جو خيال آيو تہ هن شروعاتي موڙيءَ طور پنھنجي پيءُ کان ٽي سؤ ڊالر گُهريا، پر بابھنس کيس اِهو چئي ڏِيڻ کان نابري واري تہ هو جنھن مقصد لاءِ پئسا وٺي پيو، اُن جو کيس تجربو ڪونھي، تنھنڪري اِهي پئسا ذيان ٿي ويندا. نيٺ ’ويلس‘ منٿون ميڙون ۽ پٽڪا پلاند ڪري، پنھنجي ڀاءُ کان ڪجهہ اُڌارا پئسا ورتا ۽ جنوري 1920ع ۾ ’ريڊرس ڊائجسٽ‘ جو پھريون پرچو ڇپرايائين، جيڪو فقط هڪ سؤ ڪاپيون هو، جيڪو بہ مختلف پبلشنگ اِدارن ۽ نيوز ايجنسين پاڻ وٽ رَکڻ کان اِنڪار ڪري ڇڏيو. نتيجي ۾ هن خريدارن سان سنئون سِڌو رابطو ڪيو ۽ رسالي کي وڪرو ڪري، ٻيو پرچو ڪڍيو. ’ڊي وٽ ويلس‘ جي ڪھاڻي ڏاڍي دلچسپ آهي، سندس لڳاتار محنت جستجوءَ نيٺ رنگ لاتو ۽ اَڄ ’ريڊرس ڊائجسٽ‘ ڪٿي بِيٺو آهي، سو سڀ ڄاڻن ٿا.
’ڊي وٽ ويلس‘ 1981ع ۾ گُذاري ويو، سندس سوانح نگار سندس ڪاميابيءَ جو راز بيان ڪندي لِکيو آهي: ”جنھن شئي کيس غير معمولي بڻايو، اُهو سندس گهرو ۽ دائمي تجسس هو، پاڻ ڪم ڪرڻ جي بي پناھہ سگهہ رکندو هو.“ ڊي وٽ ويلس جي هڪ دوست سندس حوالي سان ’ٽائيم مئگزين‘ ۾ ڇپيل پنھنجي هڪ مضمون ۾ لِکيو: ”هو جيترو ڳالھائيندو هو، اُن کان وڌيڪ ٻُڌندو هو.“
’ڊي وٽ ويلس‘ جي ڪاميابيءَ جي ڪھاڻي ياد ڪري سوچيندو آهيان تہ: ”ڪاش! شاهين صاحب کي ڪو اَهڙو سوانح نگار مِلي، جيڪو سندس ڪھاڻي بيان ڪري سگهي.“[
پُڇيومانس: ”سائين! اوهان لِکڻ ڪيئڻ شروع ڪيو؟“
”پھرين مون ڪھاڻيون لِکيون.“ شاهين صاحب منھنجي سوال جي جواب ۾ ٻُڌايو. ”تن ڏينھن ۾ تخلص رکڻ ضروري سمجهيو ويندو هو، تنھنڪري مون ’يوسف سوز‘ جي نالي سان لِکڻ شروع ڪيو. اُنھن ڏينھن ۾ ’هلالِ پاڪستان‘ مُنشي عبدالشڪور جي اِدارت ۾ نڪرندي هئي ۽ اُن ۾ ڪھاڻين لِکڻ جو مقابلو ڪرايو ويندو هو. پھريون نمبر ڪھاڻي اَچڻ تي پندرهن روپيا، ٻيو نمبر اَچڻ تي ڏھہ روپيا ۽ ٽيون نمبر اَچڻ تي پنج روپيا اِنعام ڏِنو ويندو هو. مون ٽي ڪھاڻيون لِکيون ۽ هر مقابلي ۾ منھنجي ڪھاڻي پھريون نمبر آئي ۽ مون کي هر ڪھاڻيءَ تي پندرهن روپيا اِنعام مِليو. ’شاهين‘ تخلص پوءِ رکيم.“
32 ميلجڏهن پُڇيومانس تہ: ”اُهو نوڪري ڇڏڻ جو قِصو ٻُڌايو تہ چيائين: ”پھرين نوڪري مون ڪورٽ ۾ ڪاپيئسٽ جي ڪئي، جيڪا مون کي ڀورل شاھہ وٺي ڏِني هئي. اَکر منھنجا سُٺا هئا. اُن ۾ ڪوبہ مقرر پگهار نہ هو، جيتريون ڪاپيون لِکي تيار ڪندو هئس، هڪ ڪاپيءَ جو هڪ روپئي جي حِساب سان اوترا روپيا مِلندا هئا. هڪ ڏينھن ٻھراڙيءَ جو هڪ همراھہ آيو، کيس ٻہ ڪاپيون گُهربل هيون، جيڪي مون کيس ڪري ڏِنيون. هن مون کي ٻہ روپيا ڏِنا ۽ چيائين تہ: ”مون سان ٿوري رعايت ڪر، جو آءٌ سورنھن ڪوھہ () پنڌ ڪري آيو آهيان.“ اِهو ٻُڌي منھنجي اَندر ۾ عجيب بيچيني ۽ اُڻ تُڻ پيدا ٿي ويئي. هو ٻاهر نڪتو ۽ وڃڻ لڳو، مون کي مٿس ڏاڍو قِياس آيو تہ هو سورنھن ڪوھہ پنڌ ڪري آيو آهي ۽ وري ايترو ئي پنڌ ڪري واپس ويندو. مان هڪدم سندس پويان نڪتس ۽ کيس ٻہ روپيا موٽائي ڏِنم. هو خوش ٿي مون کي دُعائون ڪندو هليو ويو. پر مون کي اَهڙي نوڪريءَ ۾ مزو نہ آيو ۽ ڪجهہ ڏينھن کاپوءِ مون اُها ڪاپيئسٽ جي نوڪري ڇڏي ڏِني.
ٻي نوڪري مون فوڊ کاتي ۾ ڪئي، جتي مون کي گودام ڪِيپر ڪري نبي سَر موڪليو ويو. اُنھن ڏينھن ۾ ٿر ۾ ڏُڪار آيل هو ۽ هڪ سڄي ڪڻڪ سان ڀريل ريل نبي سَر ريلوي اِسٽيشن تي اَچي بِيٺل هئي. منھنجو ڪم اِهو هو تہ اُها ڪڻڪ لھرائي ڪوٽا موجب ماڻھن ۾ ورهايان. اُتي پھچي مون ريلوي وارن کان اُها ڪڻڪ لھرائڻ جي اِجازت گُهري تہ چيائون: ”ريل ڪيترن ئي ڏينھن کان اِسٽيشن تي بِيٺي آهي، اُن تي اَٺ سؤ روپيا ڏنڊ پئجي ويو آهي، سو اَدا ڪري پوءِ ڀلي ڪڻڪ لھرايو.“ مون اُتان ئي فون تي ضلعي آفيسر سان ڳالھايو. تہ حيران ڪندڙ جواب مِليو تہ: ”تون ڪھڙي قِسم جو گودام ڪِيپر آهين، جيڪو ٽرين مان ڪڻڪ نہ ٿو لھرائي سگهين ۽ ويٺو اسان کي فونون ڪرين.“ اِيئن چئي هن فون بند ڪري ڇڏي ۽ آءٌ پريشان ٿي ويس تہ هاڻ ڇا ڪجي؟ اُهو سڄو لقاءُ هڪ ميمڻ واپاري ڏِسي رهيو هو، جنھن مون کي پاسيرو وٺي وڃي چيو: ”تون رُڳو منھنجي ڳالھہ مڃ، جنھن ۾ تنھنجو ڪوبہ ذاتي نقصان ڪونہ ٿيندو. باقي معاملن کي مان پاڻ ئي ٿو مُنھن ڏِيان.“ چيومانس: ”ڏنڊ جي رقم اَدا ڪرڻ کانسواءِ ڪڻڪ لاهڻ لاءِ مزدورن جي مزدوري بہ تہ کپندي؟“ چيائين: ”اُهو بہ منھنجو مسئلو آهي.“ مون رضامنديءَ جو اِظھار ڪيو، هن پئسا ڏيئي ڪڻڪ ڇڏرائي. هن مزدورن جو بندوبست ڪيو ۽ ڪڻڪ لھي اَچي گودام ۾ پھتي ۽ مون ڪوٽا موجب اُها ورهائي. اُن ڪم مان واندو ٿي اُن واپاريءَ کان پُڇيم: ”هاڻ تنھنجي اَدائيگي ڪيئن ٿيندي؟ جيڪو تو خرچ ڪيو آهي؟“ چيائين: ”منھنجي خرچ ڪيل پئسن جي مون کي ڪڻڪ ڏي.“ جنھن تي چيومانس تہ: ”توکي ڪڻڪ ڏيندس تہ پوءِ باقي ڪڻڪ ڪٿان اِيندي؟ جيڪا گودام ۾ رکيل آهي ۽ رڪارڊ ۾ موجود آهي.“ جنھن تي چيائين تہ: ”باقي بچيل ڪڻڪ ۾ تھہ ۽ مِٽي وجهي، ٻوريون ڀري رکي رڪارڊ جي پورائي ڪري ٿا ڇڏيون.“ دل ۾ سوچيم اِهو تہ وڏو ظلم ٿيندو، اِيئن ڪم نہ هلندو، مون کان اِهو سڀ ڪجهہ نہ ٿي سگهندو. پوءِ مون اُها نوڪري ڇڏي ڏِني.منھنجي اُن نوڪري ڇڏڻ تي مِٽَ مائٽَ گهڻو ناراض ٿيا تہ همراھہ صفا ڪو بيوقوف آهي، جنھن هھڙي نوڪري ڇڏي ڏِني. نتيجي ۾ جيڪا ڇوڪري منھنجي نالي ٿيل هئي، مائٽن اُها ڏِيڻ کان اِنڪار ڪري ڇڏيو، جنھن جو مون کي گهڻو ڏُک ٿيو. اِيئن گهڻي عرصي تائين منھنجي شادي بہ ٿي نہ سگهي ۽ اُها ٽيھن سالن جي عمر کانپوءِ ٿي.“
ڪچھريءَ دؤران اسان ڪيتريون ئي ڳالھيون ڪيون. سندس پاران ڪراچيءَ ۾ گيسٽ هائوس کولڻ، سپر هاءِ وي تي مڊوي ۽ سيوهڻ ۾ هوٽلون هلائڻ، ٻاهرين ملڪن جي واپاري نمائشن ۾ حِصو وٺڻ، جنھن ۾ شاهين صاحب رُڳو يارهن ڀيرا جاپان ويو ۽ رحيم بخش سومري کي منسٽريءَ ۾ آڻڻ ۾ مدد ڪرڻ ۽ سائين جي. ايم. سيد سان سندس ملاقات ڪرائڻ ۽ پوءِ رَحيم بخش سومري پاران سندس هڪ ڪم نہ ڪرڻ، سينيٽ جي چُونڊن ۾ حِصو وٺڻ ۽ سينيٽر چُونڊجڻ، ڪيتريون نہ دلچسپ ۽ رڪارڊ تي رکڻ جھڙيون ڳالھيون هيون. ڪچھري دؤران منھنجي ذهن ۾ بار بار اِهو خيال اِيندو رهيو تہ ڪاش! ڪو اَهڙو دوست هجي، جيڪو شاهين صاحب جون اِهي ساروڻيون رڪارڊ ڪري، پوءِ ٽرانسڪرائيب ڪري، اِيئن سنڌي اَدب ۾ هڪ ٻيو ڪيڏو نہ شاندار ڪتاب جُڙي پوندو.

ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل: يوسف شاهين جي لِکڻين جو خلاصو

يوسف شاهين، بنيادي طور تي هڪ ريسرچ اِسڪالر، تاريخدان، ماهرِ لسانيات، شاعر، مختصر ڪھاڻيڪار (Short Story writer)، اَنگريزي، اُردو ۽ سنڌي ۾ 27 کان وڌيڪ ڪتابن جو ليکڪ ۽ پاڪستان جو اَڳوڻو سينيٽر (ٽيڪنوڪريٽ) آهي.
يوسف شاهين پاڪستان جو اَعليٰ ترين سول ايوارڊ ماڻيندڙ آهي، کيس صدرِ پاڪستان پاران اَدبي خدمتن جي عيوض 1995ع ۾ ’پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ‘، 2016ع ۾ ’ستارہ اِمتياز ايوارڊ‘ (اِسٽار آف ايڪسيلنس)، ’سنڌ گريجوئيٽس ايوارڊ‘ 2017ع ۾ اَدب، شاعري ۽ صحافت ۾ ڏنو ويو، جڏهن تہ ’سنڌي اَدبي سنگت، سنڌ‘ طرفان کيس 2023ع ۾ ’لائيف ٽائيم اَچيومينٽ ايوارڊ‘ ڏِنو ويو.

يوسف شاهين جو فوجي ٽرائل
يوسف شاهين پاڪستان جو پھريون صحافي ۽ ليکڪ هو، جنھن کي 19 جولاءِ 1977ع تي گرفتار ڪيو ويو. جڏھن 5 جولاءِ 1977ع تي پاڪستان ۾ فوج جي قبضي کان فقط ٻہ هفتا پوءِ، چيف آف آرمي اِسٽاف جنرل ضياءُالحق جي سربراهيءَ ۾ سول حڪومت جو تختو اُونڌو ڪري، مارشل لا هنئي وئي ۽ جنرل ضياءُ الحق چِيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر بڻجي ويو، تڏهن يوسف شاهين تي فوجي عدالت پاران سياسي بنيادن تي ڪوڙا هڻڻ، سنگسار ڪرڻ ۽ اِسلام جي آڙ ۾ ڦرلٽ ۽ ٻين ننڍن ڏوهن ۾ هٿ پير ڪٽڻ واري سزا جي خلاف لِکڻ تي مقدمو هليو. اَهڙن سخت قانونن جي لاڳو ٿيڻ کان هڪ هفتو پوءِ يوسف شاهين لِکيو تہ: ”جنرل ضياءَ جو پھريون هٿ وڍيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ هن پاڪستان جي پھرين چُونڊيل وزيراَعظم ذوالفقار علي ڀُٽي کان عوامي اِقتدار کسي ورتو آهي.“
اُهي ڏينھن هئا، جڏهن سڄي پاڪستان ۾ هزارين گرفتاريون بغاوت ۽ سنگين غداريءَ جي اِلزام هيٺ ڪيون ويون، سياسي قيدين کي سرعام ڪوڙا هنيا ويندا هئا، وحشي طريقي سان عورتن کي بہ ڪوڙا هنيا ويندا هئا. نتيجي ۾ سڄي پاڪستان ۾ عام اَفراتفري، خوف ۽ مايوسي ڇائنجي وئي. ڊاڪٽرن متاثرن جا هٿ يا پير ڪٽڻ کان اِنڪار ڪري ڇڏيو، ڪيترن ئي معروف سياستدانن، صحافين ۽ وڪيلن ڦٽڪا هڻڻ ۽ سنگسار ڪرڻ واري قانون جي سخت مذمت ڪئي. اُنھيءَ وچ ۾ يوسف شاهين کي سخت سزا ڏيڻ جي تياري ڪئي وئي ۽ ڪوڙا هڻڻ کان اَڳ يوسف شاهين جو ميڊيڪل چيڪ اَپ ڪرايو ويو. جڏهن سندس ماءُ کي خبر پئي تہ هوءَ اوچتو بيھوش ٿي وئي ۽ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ڪوما ۾ رهي. حيرت جي ڳالھہ اِها هئي تہ اِهو اُهو ڏينھن هو، جڏهن جنرل ضياءَ اوچتو هٿ ڪٽڻ ۽ سنگسار ڪرڻ جي سزا واپس ورتي ۽ نتيجي ۾ يوسف شاهين کي وڏي ذهني اَذيت کانپوءِ آزاد ڪيو ويو. کيس سي ڪلاس جيل ۾ رکيو ويو، اُن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ هٿ ڪٽڻ يا سنگسار ڪرڻ جو ڪوبہ ڪيس رپورٽ نہ ٿيو.
نون اَهم موضوعن تي يوسف شاهين پنھنجي ڪتابن ۾ اِنسانيت، ڀائيچاري ۽ اَمن لاءِ بحث ڪيو آهي:
(1) فتح - اڃا تائين هڪ وڏي شاندار نوڪري
(2) ايٽمي هٿيار انساني نسل کي ختم ڪن ٿا
(3) تڪراري سرحدون
(4) حق خود اراديت جو ٺھيل
(5) عورتون- اڃا مڪمل انسان نہ ٿيون
(6) ٻولين جو زوال
(7) ڪوڙا ديوتا
(8) پيدائش تي زبردستي مذهب تبديل ڪرڻ
(9) سپاهي- جنگين جو چارو
Onquest - اڃا تائين هڪ وڏي شاندار نوڪري
سڄي عمر، فتحن جي عمل دؤران، اسان کي منظر جي پويان قومن جي عروج ۽ زوال کي مِلندو آهي. شڪست کاڌل قومن کي فوجي طاقت جي زور تي مجبور ڪيو ويو تہ هو نہ رُڳو پنھنجي قوم، پنھنجي ڌرتي، پنھنجي سموري دولت، وسيلا ۽ اِنساني طاقت، پر پنھنجي مذهبي عقيدن، پنھنجي قومي سُڃاڻپ، ثقافت ۽ ٻوليون بہ تسليم ڪن. اِنسانيت جي تاريخ شروع کان وٺي ويھين صديءَ تائين ساڳئي نوعيت جي بيشمار واقعن سان ڀريل آهي. فتح جو نظام هزارين سالن تائين برقرار رهيو (اَڄ تائين) ۽ فاتحن هن دُنيا کي شڪار جي ميدان ۾ تبديل ڪيو، جتي لکين ڪروڙين اِنسانن کي بار بار شڪار ڀي ڪيو ويو، قتل عام قتل ڪيو ويو ... فتح اَڃا تائين آهي. هڪ وڏي شاهوڪار نوڪري سمجهي؛ اسان تاريخ جي اَڪثر ڪتابن ۾ فاتحن جي ساراھہ ۾ سونھري اَکرن ۾ ڊگها باب لِکيا آهن، اُنھن کي وڏي شان ۽ شوڪت سان دفن ڪيو ويو آهي، وڏي عزت ۽ بي رحمي سان.

اِنساني ايڪي کي ختم ڪرڻ لاء ٺھيل هٿيار
سورهين ۽ ويھين صديءَ جي وچ ۾ يورپ جا حُڪمران اَڪثر ڪري دُنيا جا عظيم فاتح بڻجي اُڀريا. ’واپار ۽ دريافت‘ جي آڙ ۾ هنن پوري اِنسانيت کي فتح ۽ غلام بڻائي ڇڏيو، ڊينش، پورچوگالي، فرينچ، برطانوي، جرمن ۽ ٻين ڪيترين ئي عظيم نوآبادياتي سلطنتون قائم ڪيون، غلام قومن جي دولت، وسيلا ۽ اِنساني طاقت کي لُٽيو، بعد ۾ اَمير ٿي ويا ۽ پاڻ کي سڀ کان وڌيڪ بدنام قومن طور اَعلان ڪيو. فتحن جي عمل دؤران، يورپي حُڪمرانن لکين بيگناھہ ماڻھن کي بيدردي سان قتل ڪيو.
بعد ۾ يورپي حُڪمران ڦري ويا ۽ پنھنجي يورپ جي ماڻھن جي خلاف هٿيار بلند ڪيا. هنن ويھين صديءَ دؤران تاريخ ۾ ٻہ مھانگيون ۽ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ عالمي جنگون ڪيون، جن ۾ 60 ملين کان وڌيڪ ماڻھو مارجي ويا. اُن کانپوءِ جنگ سان لاڳاپيل بيمارين، ڏُڪار ۽ قيد جي وڌيڪ ماڻھو موت جو شڪار ٿيا، لَکين سخت اَپاهج ۽ معذور ڪيا ويا. آر آر جي دؤران اسان کي جنسي تشدد، اِجتماعي زنا ۽ گڏوگڏ عام جنسي تشدد سان گڏ قتل سميت ٻين جسماني تشدد سان پڻ سُڃاتو وڃي ٿو، اُن کانپوءِ، دُنيا پنھنجي سرحدن ۾ هڪ وڏي ايڪتا ۽ ڦيرڦار ڏٺي. وري ٻن ڏهاڪن جي وقفي کانپوءِ ٻي عالمي جنگ ۾ يورپ جا 40 کان 52 ملين شھري پنھنجي جان وڃائي ويٺا، جن ۾ 19 کان 28 ملين غير متعلق بيمارين، بمباري، بک، قتل عام ۽ نسل ڪشيءَ جي ڪري مري ويا. . فوجي موت جو اَندازو 22 کان 26 ملين تائين آهي، جن ۾ 5 ملين جنگي قيدين جي ڪمزوري ۾ موت شامل آهن. ڪو شڪ ناهي، جاني نقصان جا اَنگ اَکر مختلف آهن. اَڄ گُذريل ٻن عالمي جنگين ۾ ٿيل وڏي تباهي ۽ قتل عام مان سبق وٺڻ بدران موجودہ دُنيا جا عالم وري وڏي پيماني تي ٽئين عالمي جنگ جي تياري ڪري رهيا آهن. (يوسف شاهين دي ورلڊ آف ڪونڪرز جو اِنگلش سنڌي ۽ اُردو ۾ شايع ٿيو. اَنگريزي ورزن اَنگريزي روزاني فرنٽيئر پوسٽ لاهور پاران 1993ع (ص 96، 97) ۾ شايع ڪيو ويو، سنڌيءَ ۾ اُهو ’فاتحن جي دُنيا‘ جي نالي ساب ڇپيو.
هن وقت هزارين اَئٽمي بم حُڪمرانن جي هٿن ۾ آهن، اُنھن پوري اِنسانيت کي ختم ڪرڻ جي صلاحيت حاصل ڪئي آهي. جيتوڻيڪ اُهي شمسي نظام کي ختم ڪري سگهن ٿا. تاريخ ۾ ڪڏھن بہ دُنيا جي ماڻھن کي اَھڙي ڌماڪي واري صورتحال نہ مِلي ھئي، هي هڪ مجرمانہ عمل آهي، اَربين ماڻھن کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش. (يوسف شاهين: ’غلام قومن هيٺ برطانوي بادشاهت‘، 2014ع ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ شايع ٿيل (ص: 138) (isbn 978-969-9543678)

1957ع ۾ ايٽمي هٿيارن جي خطرن کان آگاهي
يارنھن سائنسدانن، البرٽ آئن اِسٽائن سميت دُنيا جي اَعليٰ دماغن لاڳاپيل حُڪمرانن کي هيٺين لفظن سان مخاطب ٿيندي چيو تہ: ”هڪ جنگ جو بم ڌماڪي سان اِنساني نسل جو خاتمو ٿي سگهي ٿو. ڇا اسان اِنساني نسل کي ختم ڪري ڇڏينداسين يا اِنسان جنگين کي ختم ڪري ڇڏينداسين... اسان اِنسانن جي نسلن جي ميمبرن جي حيثيت ۾ کائي رهيا آهيون، جنھن جي وجود ۾ رهڻ ۾ شڪ آهي، اِن حقيقت کي نظر ۾ رکندي تہ مستقبل ۾ ڪنھن بہ عالمي جنگ ۾ اَئٽمي هٿيار ضرور هوندا، اِستعمال ڪيو وڃي ۽ اُهي هٿيار اِنسانيت جي مستقل وجود کي خطرو بڻائين ٿا. اسان دُنيا جي حُڪومتن تي زور ڀريون ٿا تہ اُهي محسوس ڪن ۽ عوام کي تسليم ڪن تہ اُنھن جو مقصد عالمي جنگ ذريعي حاصل نہ ٿي سگهي ۽ اسان اُنھن تي زور ٿا ڏيون، نتيجي ۾ اُنھن لاءِ مؤثر طريقا ڳولڻ لاءِ اُنھن جي وچ ۾ تڪرار جي سڀني معاملن جو حل." لڳ ڀڳ 36 سال گذري ويا آهن، پر لاڳاپيل حُڪمران دُنيا جي عظيم دانشورن جي صلاح ٻُڌڻ لاءِ تيار نہ آهن. اُهي جنگين کي ڇڏڻ لاء تيار نہ آهن، مڪمل طور تي ڪنھن بہ وقت اِنسان کي ختم ڪرڻ لاء تيار آهن. (يوسف شاهين دي ورلڊ آف ڪونررز جو اِنگلش سنڌي ۽ اُردو ۾ شايع ٿيل آهي. اَنگريزي ورزن اَنگريزي روزاني فرنٽيئر پوسٽ 1ore پاران 1993 ص 96، 97 ۾ شايع ڪيو ويو.)

ڇڪيل سرحدون
فاتحن، بادشاهن ۽ حاڪمن جي نالي سان ٺھڪندڙ سرحدن کي وقتي طور تي ٺاهيو ۽ ٽوڙيو ويو، فتح ڪيل علائقن کي اُنھن جي ذاتي ملڪيت قرار ڏنو ويو، جيڪو اُنھن جي اولاد، نسل در نسل، گهرن جي سامان وانگر. فتح جي عمل ۾ پوري اِنسانيت کي غلام بڻائي لٽيو ويو، اُنھن جون بستيون ڊاهي پٽ ڪيون ويون، لکين ۽ ڪروڙين بيگناھہ مردن، عورتن ۽ ٻارن جو قتل عام ڪيو ويو، اُنھن جي عورتن ۽ ڇوڪرين کي اَغوا ڪيو ويو ۽ اُن سان زيادتي ڪئي وئي. هر نئين فتح سان تڪراري سرحدون پيدا ٿيون، نيون مصيبتون، قتل و غارت، قتل عام، عصمت دري ۽ غلامي پيدا ٿي. اَڄڪلھہ، موجودہ دُنيا جون 60 سيڪڙو سرحدون ٽڪرائجي ويندڙ سلطنتن ۽ سلطنتن مان نڪتل آهن. هن دُنيا جو سڀ کان وڏو حِصو، لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو اَڃا تائين ماضي جي فاتحن جي اولاد جي قبضي ۾ آهي ۽ جيستائين فتح ٿيل زمينون آزاد نہ ٿيون ٿين، دُنيا ايڪي ۾ نہ رهندي. (يوسف شاهين آرٽيفيشل بارڊرز آف ورلڊ، 2016ع ۾ پاڪستان ۽ پاڪستان ۾ 2016 ۾ شايع ٿيل پي پي 38، (isbn 978868 9543647).

پاڻ کي طئي ڪرڻ
اَڄ موجودہ دُنيا اَٽڪل 198 ملڪن ۾ ورهايل آهي، اُنھن جي اَڪثريت ماضيءَ جي ويڙهاڪ سلطنتن ۽ ويڙهاڪ خاندانن جي سرحدن مان پيدا ٿي هئي. ڪيترين ئي قومن کي زوال پذير سلطنتن کان اِضافي وڏيون رياستون مِليون ۽ اُنھن مان ڪجهہ وڌيڪ ملڪيتون خريد ڪري يا دوکي ۽ زور زبردستيءَ سان حاصل ڪيون. اُهو هڪ ’ذخيره اَندوزي آف رسمن‘ آهي، جيئن ڏُڪار دؤران کاڌي پيتي جي شين جو ذخيرو. ٻئي طرف سلطنتن جي زوال سان ڪيتريون ئي قومون ڦاسي ويون ۽ اُڀرندڙ ملڪن جي سرحدن ۾ ضم ٿي ويون، جيئن روونس، يونين يا رياست. اَهڙين قومن کي آزادي ڏني وڃي تہ هو ريفرنڊم يا ٻين قابل عمل طريقن سان حق خود اَراديت جو مطالبو ڪن.


خدا
درج ٿيل تاريخ ۾ ڪيترائي مثال موجود آهن تہ اسان جي اَبن ڏاڏن کي ’مذهبي غلط رستي تي‘ قرار ڏنو ويو آهي. اُنھن کي ديوتا جي پوڄا ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو، اَڪثر ڪري طاقتور فاتحن طرفان لاٿو ۽ لاڳو ڪيو ويو. اُن عمل کي هٿي وٺندي، اسان جي اَبن ڏاڏن جڏهن مزاحمت ڪئي ۽ پنھنجي عقيدن جي حفاظت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ اُنھن کي قتل ڪيو ويو، تشدد جو نشانو بڻايو ويو، سُڃاڻپ کي جيئرو دفن ڪيو ويو ۽ قتل ڪيو ويو. سڄي تاريخ ۾ لکين ماڻھن پنھنجي عقيدن جي حفاظت ڪندي، پنھنجي جانين جو نذرانو ڏنو. تاريخي طور تي سُميرين، اَڪادين ۽ بابلونين ٻن هزارن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين ديوتائن جي پوڄا ڪئي. يوناني ديوتا زيوس ۽ ٻيا 34 صدين کان وڌيڪ عرصي تائين برقرار رهيا، جيستائين عيسائيت جي شروعات ٿي. رومن جعلي ديوتائن ۽ ديوتائن جي حڪمن تي ٻارهن سؤ سالن کان مسلسل عمل ڪيو، سڄي رومن دُنيا، يورپ، اُتر آفريڪا ۽ وچ اوڀر ۾ ٻہ لک چورس ميلن تي پکڙيل هئي. رومن ديوتا جوپيٽر ۽ ريڪ ديوتا زيوس لاءِ لکين اِنساني جانيون قربان ڪيون ويون، اُن حقيقت کي نظراَنداز ڪرڻ جي ضرورت نہ آهي تہ قديم زماني کان وٺي ماڻھو پنھنجي ديوتائن ۽ ديوتائن جي پوڄا اِيئن ئي ڪندا رهيا آهن، جهڙيءَ طرح اسان ڪندا رهيا آهيون. اسان جي اَبن ڏاڏن جو اِهو يقين هو تہ اُهي صحيح رستي تي آهن، جيئن اسان پاڻ کي اَڄ تائين سمجهون ٿا. اُنھن پنھنجي عقيدي جي مستند حسابات مھيا ڪئي، اُنھيءَ سان گڏ اُنھن جي ديوتا ۽ ديوي، نہ تہ اُنھن وٽ سندن دعوائن جي مڪمل حِمايت ڪرڻ جو ڪو ثبوت هو ۽ نہ ئي هاڻي اسان وٽ اَهڙو ثبوت آهي. (يوسف شاهين 2009ع ۾ آمريڪا ۽ هندستان ۾ شايع ٿيل Rise and fall of Gods، ص 23، 24، isbn 976-144 8629671).

پيدائش تي تبديل ٿيل تبديلي
دنيا جي ڪنھن بہ ڪنڊ ۾ جنم وٺندڙ ٻار ڄمڻ سان ئي والدين جي ايمان ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. هن نظام کي للڪارڻ جي ڪنھن کي بہ اجازت نہ آهي. ڪنھن بہ ايمان جي سند بابت نہ پُڇيو، جنھن تحت هن کي سڄي زندگي گذارڻي هئي. اها انساني حقن ۽ جمھوري اصولن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. اسان کي نظام جا غلام بڻايو ويو آهي. (يوسف شاهين Rise and fall of کي 2009ع ۾ آمريڪا ۽ هندستان ۾ شايع ڪيو، ص 46، 217 isbn 976- !8629671).
”هو قانون ۽ جمھوري قدرن جي پاسداري ڪن ٿا تہ ماضيءَ ۾ جيڪي فيصلا زبردستي ڪيا ويا هئا، تن کي رد ڪيو ويندو... مون کي يقين آهي، تہ هڪ ڏينھن ايندو، جڏهن اسان پنھنجي آفاقي ٻولي، پنھنجي دور جي، پنھنجي بيحد سرحد واري دنيا ٺاهينداسين. ۽ جيتوڻيڪ اسان جو پنھنجو ايمان ايمان جي عبادت ڪرڻ لاءِ. (يوسف شاهين، حق موجود، 1978ع ۾ سنڌي ۾ ڇپيو ۽ ص 69)
سڄي انساني تاريخ ۾، اسان جي ابن ڏاڏن پنھنجي زندگيءَ جو گهڻو حصو جيل جھڙي ماحول ۾، ٻوڙي ۽ گونگي شھر ۾ گذاريو. فڪر ۽ پريس جي آزاديءَ جي فطري حقن کان محروم رهڻ ڪري، زندگيءَ جي ننڍڙن بنيادي مسئلن تي بہ بحث مباحثو ڪرڻ کان روڪيو ويو. هر وقت، اهي فاتحن جي رحم ڪرم تي رهڻ تي مجبور هئا، انھن جي حڪمن تي عمل ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا. جسماني، ذهني سُڃاڻپ جي مالي غلاميءَ جي هن ڏکوئيندڙ ڊگهي عرصي دوران، انھن سڀني ماڻھن کي، جن فاتحن سان ڳالھائڻ، بحث ڪرڻ يا اختلاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، انھن کي قتل ڪيو ويو، سر قلم ڪيو ويو يا صليب تي چاڙهيو ويو. اهڙين افاديتن ۽ ناقابل برداشت مصيبتن جي باوجود، ڪجهہ فردن فاتحن سان اختلاف ڪرڻ جي جرئت ڪئي، اُنھن جي اِختيار کي ٽوڙي ڇڏيو، حقيقتن کي ظاهر ڪيو، سماج کي نيون هدايتون ڏنيون، نوان فلسفا ٺاهيا، نئين دور کي دريافت ڪيو ۽ پنھنجي قيمتي جانن کي انساني وقار جي قيمت طور تسليم ڪيو. . ان جي نتيجي ۾، دنيا، جيتوڻيڪ ڏاڍي غلاميءَ سان، اڳتي وڌي رهي هئي، تان جو موجودہ دور جي شروعات کان وٺي آزاديءَ، شعور، منطق، لاتعداد فلسفي ۽ جمھوري قدرن جي هڪ نئين دنيا پيدا ٿي. (يوسف شاهين: ديوتائن جو عروج ۽ زوال 2009ع ۾ آمريڪا ۽ هندستان ۾ شايع ٿيل، pp 116، 157 isbn 976-144 19571


اَڃا تائين اِنسان مڪمل ناهي
سڄي عمر ۾، عورت ڪڏهن بہ مڪمل انسانيت جو درجو حاصل نہ ڪيو. هوءَ مسلسل هيٺاهين، برائي، گهر جي شئي سمجهي ويندي هئي، نھايت بيڪار، بي اعتباري، نہ انساني حقن جي، نہ عوامي آواز ۽ نہ ڪو عوامي ڪردار. ڪيترين ئي سماجن ۾ هوءَ هڪ جادوگرياڻي/ڏانئڻ سمجهي ويندي هئي، بعد ۾ مٿس سخت تشدد ڪيو ويندو هو، ماريو ويندو هو، دفن ڪيو ويندو هو يا جيئرو ساڙيو ويندو هو، کيس عياشيءَ لاءِ ۽ غلام ڪري وڪرو ڪيو ويو. پنج هزارن سالن جي هڪ ڊگهي ڏکوئيندڙ عرصي کان پوءِ، صرف 19هين ۽ 20هين صديءَ ۾ عورتن کي ڪجهہ رعايتون ڏنيون ويون، جڏهن پھرين عالمي جنگ ۽ ٻي عالمي جنگ دوران مردن جي وڏي تعداد کي قتل ڪيو ويو. اڃا تائين ”مڪمل انسان“ جو درجو حاصل نہ ڪيو آهي، مردن جي برابر. هاڻي، اسان کي پنھنجي مائرن، ڌيئرن ۽ نياڻين ڏانھن اسان جي روش کي درست ڪرڻ گهرجي؛ انھن کي ”مڪمل انسان“ جي حيثيت سان تسليم ڪيو وڃي ۽ انھن جي برابري طاقت جي لنگهہ ۾ هجي، انتظاميہ ۾ مقرر سيٽون هجن يا پارليامينٽ ۾ انھن جي آبادي جي تناسب مطابق، برابر نوڪريون ۽ برابري پگهار سان. جيئن عورتون عظيم فطري حيثيت رکن ٿيون ”ماءُ“ اهي دنيا ۾ امن آڻي سگهن ٿيون. (يوسف شاهين، ٽن ٻولين ۾ شايع ٿيو: انگريزي، سنڌي ۽ اردو دوران 1988 (pp49).

سڀ ٻوليون
اهو سمجهڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهيان تہ صرف فاتحن جي ٻوليون ئي سڄي دنيا M وڌڻ ۽ حڪمراني ڪرڻ جو حق حاصل ڪن ٿيون. اڄ ڪل 6,703 ٻولين مان، تقريباً 10 فاتحن جي ٻولين کي اسانجي ٻولي جو حق حاصل آهي. فتح ۽ بيٺڪيت جي ذريعي اهي بين الاقوامي ٻوليون بڻجي چڪيون هيون، جھڙوڪ: اسپيني، فرينچ، انگريزي، عربي، مينڊارين هنيس، هندي، جرمن، پورچوگالي، ڊچ ۽ روسي- اهي ڏھہ ٻوليون شڪست کاڌل قومن تي مسلط ڪيون ويون، آخرڪار ظھور ۾ آيون، سڀ کان وڌيڪ اعلي ۽ غالب بين الاقوامي ٻوليون. جيڪڏهن اسان ماضيءَ ۾ وڃون تہ اسان کي هڪ ڀيرو ٻيھر انھن فاتحن جون 10 ٻوليون ملن ٿيون، جن ترقي ڪئي ۽ بين الاقوامي حيثيت حاصل ڪئي، جن هزارين سالن تائين قديم دنيا تي تسلط قائم ڪيو، جھڙوڪ: سميرين، اڪادي، فونيشين، آرامي، هوريان، سنسڪرت، پالي، ڪويني يوناني، پارسي ۽ ان ۾ (يوسف شاهين: فال آف دي مادري ٻولين آف آمريڪا 2013 پي پي 98، 503 isbn 9781490498157 دوران آمريڪا ۾ لکيل آهي.)

جنگين جو چارو
گذريل 5,000 سالن کي ڏسو، اسان کي فتح لاءِ سڄي دنيا ۾ 5000 کان وڌيڪ وڏيون جنگيون ٿيون، جن ۾ لکين مائرون پنھنجا صحتمند پٽ وڃائي ويٺيون، جن کي فاتحن طرفان ’سپاهين‘ طور ڀرتي ڪيو ويو. اهي جنگين جو چارو بڻيل آهن. اهو نظام اڄ ڏينھن تائين جاري آهي. ٻنھي ۾ ويھين صديءَ دوران وڙهندڙ سڀ کان مھانگي عالمي جنگون، لڳ ڀڳ لکين سپاهين جون جانيون ضايع ٿيون: 9 ملين سپاهي پھرين عالمي جنگ ۾ ۽ 26 ملين کان وڌيڪ ٻي عالمي جنگ ۾. اسان جي نوجوان پٽن کي وڏي عرصي تائين جنگي قوتن سندن ناپاڪ ارادن لاءِ قتل ڪيو. دنيا جي يونيورسٽين کي اڳتي وڌڻ گهرجي تہ جيئن انسانيت جي وحشي دشمنن کي هٿيارن کان پاڪ ڪيو وڃي، جنگ جو خاتمو ڪيو وڃي ۽ ’فاتحن جي دنيا‘ کي ’عالمي انسانن‘ ۾ تبديل ڪيو وڃي. 1988 دوران اردو ۽ سنڌي، (ص 77)


سنڌيڪار: اياز علي شيخ

يوسف شاهين سان رُوحَ رهاڻيون [اِنٽرويو]

---

يوسف شاهين کي خراجِ تحسين

محترم شاهين يوسف، خوش هُجو برسات ۾.
سو سلامن، لک پيغامن جا لکو برسات ۾.

ترجماني قوم جي بيشڪ، ڪرين بي باڪ ٿي،
داستان مظلوميت جا ٿا پڙهون برسات ۾.

خشڪ ساوا ڪونہ ٿيندا گاھہ بِنا برسات ۾،
بي سھارا جهوپڙين ۾، ٿا رهون برسات ۾.

ملڪ ۾ آهي ناداري، ٿو ڪرين جاکوڙ تون،
ڪاميابيءَ جا ڪِنارا، ٿا ڏِسون برسات ۾.

حاجي موسيٰ پٽ تہ يوسف دائما ’مشڪور‘ آ،
تھنيت جو توکي تحفو، ٿا ڏيون برسات ۾.

حاجي محمد موسيٰ ’مشڪور‘ دڙائي
]1- مارچ 1986ع[

يوسف شاهين سان ڳالھہ ٻولھہ (ڳالھہ ٻولھہ: ڊاڪٽر شير مھراڻي)

سوال: ’يوسف دائودپوٽي‘ مان ’يوسف سوز‘ ۽ پوءِ ’يوسف شاهين‘ ڪيئن ٿيا؟
جواب: ماءُ پيءُ منھنجو نالو ’محمد يوسف‘ رکيو، ننڍي هوندي کان اَڄ تائين آءٌ جيڪا صحي (دستخط) ڪيان ٿو، اُن ۾ ’محمد يوسف شاهين‘ لِکندو آهيان. پنجاھہ سال اَڳ حيدرآباد مان عبدالشڪور منشي ’هلال پاڪستان‘ رسالو ڪڍندو هو، اُن ۾ منھنجا ٽي اَفسانہ ’يوسف سوز‘ جي نالي سان شايع ٿيا، اُنھن ٽنھي اَفسانن تي مون کي پھريون انعام 15 رپيا ڏنو ويو. اُن کانپوءِ جنھن شخصيت جي شاعريءَ کان متاثر ٿي مون پنھنجو نالو ’يوسف شاهين‘ رکيو، اُن جي فڪر سان اَڄ بہ سخت اِختلاف رکان ٿو.

سوال: ڇا سنڌي صحافت درست رُخ ۾ هلي رهي آهي؟
جواب: هاڻ تہ سنڌي صحافت اِنڊسٽريءَ جو درجو حاصل ڪري چُڪي آهي، جتي لکين بلڪ ڪروڙين روپيا ڪمائڻ لاءِ ڪروڙين روپين جي سرمائيڪاري ٿي رهي آهي. اِن ڪارنامي جو سَرواڻ قاضي عبدالمجيد عابد هو، جنھن سڀ کان اَول ’عبرت‘ اَخبار کي باقاعدہ هڪ اَخبار طور هلائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. اسان اُهو دؤر بہ ڏِٺو هو، جڏهن سنڌي اَخبار يا سنڌي رسالي کي ذري گهٽ ڪوبہ صنعتي يا ڪاروباري اِدارو اِشتھار نہ ڏيندو هو. سڀ کان اَول فوٽو آفسيٽ تي هفتيوار ’برسات‘ ۽ هفتيوار ’اَخبارِ جهان‘ (جنگ گروپ) هڪٻئي پُٺيان شايع ٿيون. ’اَخبارِ جهان‘ تمام تڪڙو اِشتھارن سان ڀرجي ويئي، جڏهن تہ اَشاعت جي دُنيا ۾ ’برسات‘ سَمورا رڪارڊ ٽوڙي وڌا، مگر ڪوبہ اسان کي هڪ اِشتھار بہ ڏِيڻ لاءِ تيار نہ هو. ڪافي عرصو گُذرڻ بعد اسان ڪاروباري توڙي صنعتي اِدارن کي خط لِکيا تہ: ”سنڌ جا ڪروڙين ماڻھو اوهان جي مال جا خريدار آهن، اوهان کي پنھنجي خريدارن سان سنڌيءَ ۾ ڳالھائڻ گهرجي، پنھنجا اِشتھار سنڌيءَ ۾، سنڌي اَخبارن ۽ رسالن کي ڏيڻ گهرجن!“ اِن ڳالھہ تان وڏو ممڻ مچي ويو. ڪيترن ئي ڪارخانيدارن سنڌ جي وزيراَعليٰ جناب ممتاز علي ڀٽو کي خط لِکيا تہ: ”هي شخص سنڌ ۾ تعصب ڦھلائي رهيو آهي، اُن ڪري هن کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ ’برسات‘ جو ڊڪليريشن رد ڪيو وڃي.“ اَهڙو خط سيڪريٽري اِنفارميشن ايس. اين. قطب کي بہ لکيو ويو، جنھن ’برسات‘ جو ڊڪليريشن رد ڪري ڇڏيو. اُن وقت جي ڊائريڪٽر اِنفارميشن جناب ڪريم بخش خالد مون کي فون ڪري چيو تہ: ”اوهان هاڻ ’برسات‘ ڪڍڻ جي ڪوشش نہ ڪجو.!“ هن اِها بہ صلاح ڏني تہ: ”پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڪوشش ضرور ڪجو.“ مون جناب ممتاز علي ڀٽو کي خط لکيو تہ: ”اُهي ڪارخانيدار، جيڪي سنڌ مان ڪروڙين رپيا ڪمائين ٿا، سي 300 کان وڌيڪ اُردو اَخبارن ۽ رسالن کي اِشتھار ڏِين ٿا، مگر هڪ بہ سنڌي اَخبار يا رسالي کي اِشتھار ڏِيڻ لاءِ تيار نہ آهن. اُن ۾ تعصب ڦھلائڻ جي ڪھڙي ڳالھہ آهي؟ تعصب تہ غير سنڌي سَرمائيدار ۽ ڪارخانيدار ڪري رهيا آهن.“ بھرحال ڪجهہ ڏينھن اَندر ’برسات‘ جو ڊڪليريشن بحال ڪيو ويو. آءٌ چوان ٿو تہ اَڄ بہ سنڌ جي سرمائيڪارن ۽ صنعتڪارن جو رَوَيو ساڳيو آهي. هو پنھنجي اِشتھارن واري بجيٽ جو هڪ فيصد مس سنڌي اَخبارن کي ڏين ٿا، اِها ڀتِ ڪِرڻ گهرجي. آمريڪا تي جڏهن اَنگريزن جو قبضو هو، اَڃا اُهو ملڪ آزاد نہ ٿيو هو، اُن وقت هندستان واري ’اِيسٽ اِنڊيا ڪمپني‘ آمريڪي رياستن ۾ 9 ملين ٽن ساليانو چانھہ وڪرو ڪندي هئي. آمريڪا جي ماڻھن فيصلو ڪيو تہ هو ’اِيسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ‘ جي چانھہ خريد نہ ڪندا. هي تاريخي واقعو آهي تہ ٿوري عرصي اَندر ’اِيسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ‘ جو آمريڪا ۾ ڏيوالو نڪري ويو.

سوال: سنڌي صحافت کي عروج ڏيڻ ۾ توهان جو وڏو هٿ رهيو آهي. سنڌي صحافت اوهان کي موٽ ۾ ڇا ڏنو؟
جواب: مون کي جيل موڪلڻ سان گڏ، اِقتصادي طور تي مفلوج ڪيو ويو. مون 16 صفحن تي هڪ بامقصد، آزاد، issue oriented سنڌ جي نمائندہ، بلڪہ قومي اَخبار ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. ’برسات‘ سنڌ جي پھرين اَخبار هئي، جنھن ويج بورڊ مطابق پگهارون ڏِيڻ شروع ڪيون. شيخ اَياز کان ويندي سنڌ جون سَموريون علمي، صحافتي ۽ اَدبي شخصيتون پاڻ سان گڏ کڻي آيس. اَخبار کي crime & sex کان موڙي، هڪ ذميوار ۽ سُڄاڻ اَخبار ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن جي سنڌ کي سخت ضرورت آهي. مون هر ضلعي جي نمائندن جا پگهار مقرر ڪيا تہ جيئن هو صوبيدار، تپيدار، مختيارڪار يا ڪنھن وڏيري جا محتاج نہ رهن. اسان سنڌ جي ماڻھن کي ڪاروبار ۽ صنعتن ڏانھن راغب ڪرڻ لاءِ هر روز گلابي رنگ وارا اِقتصاديات جا چار اَلڳ صفحا جاري ڪيا. اَڄ بہ سنڌي ماڻھن جي مائينڊ سيٽ کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي تہ جيئن هو ڪارخانا هڻڻ لاءِ تيار ٿين ۽ ملڪي توڙي بين الاقوامي ڪاروبار ۾ حصو وٺن. اسان هر روز اَنگريزيءَ ۾ ايڊيٽوريل لکندا هئاسين تہ جيئن با اِختيار طبقو سنڌ جا مسئلا سمجهي سگهي، اُن وقت جي وزيرِاَعظم محترمہ بينظير ڀُٽو اسان جا ايڊيٽوريل هر روز پڙهندي هئي، سندس خاص سيڪريٽري جناب فرحت ﷲ بابر اَڪثر فون ڪري محترمہ جا تاثرات يا آرڊرس پڙهي ٻُڌائيندو هو. اُن کان علاوہ محترمہ مون کي ڪيترائي ڀيرا لنچ تي سَڏيو، محترمہ جيڪي بہ دُنيا جا دؤرا ڪيا، اُنھن مان ڪيترن ئي دؤرن ۾ مون کي ساڻس وڃڻ جو شرف حاصل رهيو.
سوال: اِليڪٽرانڪ ميڊيا تي ٿيندڙ ٻوليءَ سان کيچل کي توهان ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: سنڌيءَ ٻولي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو تمام تيزيءَ سان ٻوليءَ بدران لھجي (dialect) ۾ تبديل ٿي رهي آهي. سنڌ جي اَڌ کان وڌيڪ اِسڪولن ۾ سنڌي نہ ٿي پڙهائي وڃي، سنڌ جو Elite class ۽ سَرنديءَ وارو طبقو پنھنجن ٻارن کي سنڌيءَ بدران سنئون سڌو اَنگريزي اِسڪولن ۾ داخل ڪري ٿو، سنڌ سرڪار لِکپڙھہ لاءِ سنڌي ٻولي اِستعمال نہ ٿي ڪري، عام وهنوار ۽ تجارتي طور بہ سنڌي ٻوليءَ جو اِستعمال ختم ٿي رهيو آهي. اُن حالت ۾ ميڊيا تي سنڌي ٻوليءَ سان ڪھڙو حشر ٿي رهيو آهي، اُن تي فقط اَفسوس ڪري سگهجي ٿو. اسان جا ٻوليءَ وارا اِدارا بہ ماٺ آهن. اسان گهڻو اَڳ هڪ وڏي اِداري جي اَڳواڻ کي باقاعدہ لکت ۾ عرض ڪيو تہ ميڊيا تي غلط اِستعمال ٿيندڙ لفظن جي تصحيح ڪئي وڃي، مگر هن اُهو معاملو فقط شڪايت ٻُڌڻ تائين محدود رکيو.

سوال: شيخ اَياز توهان وٽ ملازم ٿي رهيو. هن ملازمت دؤران ڪھڙو لاڀ ڏنو؟ پوءِ هو ڇو ’برسات‘ ڇڏي ويو؟
جواب: شيخ اَياز منھنجو ملازم نہ هو، بلڪہ آءٌ سندس ملازم هوس، هو فقط منھنجو دوست هو. اَهڙيءَ طرح تاج بلوچ بہ وڏو عرصو مون سان گڏ رهيو، اُن کان علاوہ شمشير الحيدري، آغا سليم، بدر اَبڙو، اَنور پيرزادو، نصير اَعجاز ۽ ٻيا ڪيترائي دوست مون سان گڏ رهيا. آءٌ اُنھن سڀني جو ملازم هوس، اُهي سَمورا شخص قابلِ اَحترام ۽ سنڌ جون عظيم هستيون آهن، جن سان مون کي دوستيءَ جو شرف حاصل رهيو. باقي اَخبار جو مالڪ ٿيڻ جي ڪا معنيٰ ناهي. توهان چيو تہ شيخ اَياز مون کي ڇڏي ويو، اِها ڳالھہ درست ناهي. اسان گڏ رهياسين، ايتري قدر جو آخري ڏينھن ۾ شيخ اَياز بيمار هئڻ باوجود مون سان ’لانڍي جيل‘ تي مِلڻ آيو هو، جڏهن تہ مون کين منع ڪئي هئي تہ هيڏي جوکم واري تڪليف نہ ڪن.
سوال: سُٺن ايڊيٽرن هوندي بہ ’برسات‘ ڪو ٻُوٽو نہ ٻاري سگهي؟
جواب: جيڪڏهن سزا نہ ڏني وڃي ها ۽ اِقتصادي وسيلا نہ ڦُريا وڃن ها تہ اَڄ ’برسات‘ جي 3 لک کان وڌيڪ اِشاعت هجي ها. سنڌ ۾ سنڌي اَخبار لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ايتري ئي گُنجائش موجود آهي.

سوال: توهان کي اَخباري صحافت مان ايڊورٽائزنگ ڏانھن وڃڻ جو خيال ڪيئن آيو ۽ اُهو تجربو ڪيئن رهيو؟
جواب: سنڌ ۾ هڪ سؤ کان وڌيڪ ايڊورٽائزنگ ايجنسيون آهن، اُنھن مان هڪ جو بہ مالڪ سنڌي ناهي. ايڊورٽائزنگ ايجنسيون اَخباري صنعت کي مضبوط ڪرڻ ۾ اَهم ڪردار اَدا ڪن ٿيون. اُهو ضياءُ الحق وارو دؤر هو، جڏهن مون کي گرفتارڪري، هٿڪڙيون هڻي، مون تي مِلٽري ڪورٽ ۾ ڪيس هلايو ويو، اُن ڪري ايڊورٽائزنگ جي فيلڊ ۾ اَچي نہ سگهيس. آءٌ گذارش ڪريان ٿو سرنديءَ وارن سنڌين کي تہ ايڊورٽائزنگ ايجنسيون کولڻ گهرجن، اُهي ڪمائيءَ جو وڏو وسيلو هئڻ سان گڏ سنڌي پريس لاءِ وڏو ڀرجهلو ٿي سگهن ٿيون.

سوال: ڇا سنڌي صحافت دُرست رخ ۾ هلي رهي آهي؟
جواب: ”ٿر ۾ 121 ٻار فاقن سبب مري ويا.“ اِها اسان جي صحافت ۾ ٻن ڪالمن جي خبر آهي. ”منڇر ۾ سوين ڪارخانن جو زهريلو مادو وجهڻ سبب سنڌ جا لکين ماڻھو مختلف بيمارين جي ور چڙهي آهستي آهستي مري رهيا آهن.“ اِها بہ اسان لاءِ خبر ناهي. جڏهن اُردو پريس اَهڙيون خبرون کڻن تہ پوءِ اسان بہ بغل وڄايون ٿا. محترمہ مھتاب راشدي سنڌ اِسيمبليءَ مان يڪراءِ قرارداد پاس ڪرائي تہ سنڌيءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي.“ اَڌ سنڌي اَخبارن اِن خبر کي لِيڊ ڪري هلايو، اَڌ وٽ فقط اِها خبر 2 ڪالم هلي. جيڪڏهن سنڌ اِسيمبلي اِهو بل پاس ڪري تہ اَڄ کان سنڌ جي سڀني اِدارن ۾ لِکپڙھہ لاءِ سنڌي ٻولي اِستعمال ڪئي ويندي، جيئن اَنگريزن جي دؤر ۾ ٿيندو هو تہ سنڌي ٻولي ٻيھر پنھنجو اوج ماڻي سگهندي.آءٌ چوندس تہ سنڌي صحافت سنڌ جي حقن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ ’دفاعي مورچي‘ طور ڪم ڪري سگهي ٿي. سنڌ ۾ اَڄ جيتري بدحالي، بُک، غربت، ويڳاڻپ، بَدامَني ۽ ڪرپشن آهي، جيڪر سنڌي صحافت مضبوط هجي ها تہ اُن ۾ گهڻي حدَ تائين گهٽتائي اَچي وڃي ها. سنڌ جي اُڏوهي کاڌل ’سياسي وڏيرائپ‘ جو ٽوڙ فقط سنڌي پريس وٽ آهي. هن وقت حالت اِها آهي، جو سنڌي اَخبارون حُڪومت اَڳيان محتاج آهن، پرائيويٽ سيڪٽر، جيڪو سنڌ مان اَربين روپيا ڪمائي ٿو، اُهو سنڌي پريس جو ذري گهٽ بائيڪاٽ ڪري ويٺو آهي، اِها ڀتِ ڪيرائڻ گُهرجي.
سوال: ڀُٽي صاحب جي شھادت کانپوءِ توهان راتو رات ’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ لِکي ورتو. اِهو هيرو ورشپ جو ڪو جذبو هو يا ٻيو ڪجهہ؟
جواب: ڀُٽي صاحب جي شھادت نہ فقط سنڌ، بلڪہ سموري دُنيا جي باضمير ماڻھن کي ڌوڏي وڌو. اُنھن ڏينھن آءٌ هندستان جي تاريخ تي ڪم ڪري رهيو هوس. رات جو دير سان هلندڙ ڪم روڪي، مون زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو چار بيت لِکيا. اُنھن کي پڙهڻ کانپوءِ قمر شھباز پڇيو تہ: ”اِهي بيت توکي ڪنھن لِکي ڏنا آهن؟ تو تہ ڪڏهن بہ شاعري نہ ڪئي.“ شمشيرالحيدريءَ چيو: ”اِهي بيت ڪنھن کي ڏيکارڻ بدران تون وڌيڪ لِکُ.!“ جڏهن پندرهن ڏينھن کانپوءِ شمشير مون وٽ آيو تہ مون ’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ جو پھريون حِصو کيس ڏيکاريو، بعد ۾ اُن ڪتاب جو مھاڳ شمشيرالحيدريءَ لِکيو. اُن کان علاوہ تنوير عباسي، ماهتاب محبوب،
قمر شھباز، تاج بلوچ ۽ ٻين دوستن پڻ لِکيو، خاص طور ممتاز مرزا طرفان آيل خط ڏاڍو حيران ڪيو. هن بي ساختہ جنھن ريت شاعريءَ تي راءِ ڏني، اُها بيحد اُتساهُه ڏِيايندڙ هئي. اُن کانپوءِ مون کي باقاعدہ شاعر ٺاهڻ ۾
عابدہ پروين ۽ سندس ورَ غلام حسين شيخ اَهم ڪردار اَدا ڪيو، هڪ رات ۾ چار پنج وايون مون کان غلام حسين شيخ لِکرايون، عابدہ پروين منھنجون سموريون وايون ۽ بيت ڳايا ۽ ڪيتريون ئي ڪئسٽون جاري ڪرايون. جڏهن کان عابدہ پروين کي ڪراچيءَ مان زوريءَ لڏائي اِسلام آباد موڪليو ويو، تڏهن کان مون گهڻي ڀاڱي شاعري ڪرڻ ڇڏي ڏِني. هاڻ سال ٻن ۾ هڪ يا ٻہ ڀيرا شاعري ڪندو آهيان. ’سُر بي مثل بينظير‘، ’سُر سنڌو‘ ۽ ڪجهہ ٻيا سُر مون فقط هڪ رات ۾ لِکيا هوندا.

سوال: يوناني ڏندڪٿائن تي توهان گهڻو ڪم ڪيو آهي. ڪھڙي ديوتا يا ديويءَ سان توهان جو جذباتي لڳاءُ آهي؟
جواب: مون نہ فقط يوناني ڏندڪٿائن، بلڪہ دُنيا جي سمورين ڏندڪٿائن تي لِکيوآهي. منھنجو اَنگريزيءَ ۾ لِکيل ڪتاب Rise and Fall of Gods آمريڪا، برطانيہ ۽ اِنڊيا ۾ شايع ٿيو. هن وقت دُنيا جي سڀني ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾’ڏندڪٿائون‘ پڙهايون وڃن ٿيون. مون مٿيون ڪتاب لِکي، اِهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي تہ اِهي ڏندڪٿائون ناهن، بلڪہ دُنيا جي تاريخ جو لازمي حِصو آهن. اسان جي اَبن ڏاڏن ماضيءَ ۾ مختلف خدائن جي عبادت ڪئي، اِهي تاريخي واقعا آهن. اِنھن کي ڏندڪٿا يا ’ڪوڙ تي ٻڌل ڪھاڻيون‘ چوڻ ڏوھہ برابر عمل آهي. جيتريقدر ڪنھن ديويءَ جو تعلق آهي تہ ’اَفروڊائيٽ‘، جنھن کي ’وينس‘ بہ سَڏيو ويو، جيڪا حُسن جي ديوي تصور ڪئي ويندي هئي، اُن جا يوناني توڙي رُومي سلطنت جا ماڻھو عاشق هئا. ’ٽروجن جنگ‘ (Trojan War) ۾ ’اَفرو ڊائيٽ‘ ايشيا جي ماڻھن جو ساٿ ڏنو، اُن ڪري هوءَ ايشيا جي ماڻھن جي پسنديدہ ديوي بڻجي ويئي. آءٌ بہ اُن جي ڳولا ڪيان ٿو.
سوال: ڇا سنڌي اَدب ۾ اَهڙو ڪجهہ تخليق ٿيو آهي، جيڪو نوبل اِنعام جو حقدار هجي؟
جواب: نوبل اِنعام جو حقدار تڏهن ٿي سگهجي ٿو، جڏهن مجموعي طور تي اِنسان ذات لاءِ ڪو بي مثال تخليقي ڪم ڪيو وڃي. اسان اَڃا سنڌ سان بہ اِنصاف نہ ڪري سگهيا آهيون.

سوال: مجموعي طور تي توهان جي نظر ۾ سنڌي اَدب ۾ ڪھڙي هنڌ کوٽِ موجود آهي ۽ ڇا اُن جو پورائو ممڪن آهي؟
جواب: اسان وٽ تحقيق ۽ ڄاڻ جي کوٽِ آهي. سنڌي اَديب جيڪي ڪجهہ لِکي ٿو تہ جواب ۾ اَسين کيس ’عظيم‘ چئون ٿا. اسان شمشير، اَمرجليل، آغا سليم، علي بابا، عبدالواحد آريسر، تاج بلوچ، قمر شھباز، غلام نبي مغل، جي. اين. مغل ۽ ٻين ڪيترن ئي وڏن اَديبن جي صلاحيتن مان ڏھہ فيصد جيترو بہ ڪم وٺي نہ سگهياسين. سنڌ ۾ هلندڙ ٻين ٻولين جا ٽي. وي چينل، اَخبارون، رسالا، بئنڪون ۽ ٻيا ڪيترائي نجي اِدارا پنھنجي اَديبن، صحافين ۽ محققن جي ڀرپور سار سنڀال لَھن ٿا، ڪيترن ئي اَديبن ۽ صحافين کي پنجاھہ هزار کان 15 لک رپين تائين ماهوار اُجورو ڏِنو وڃي ٿو. اسان کي پيٽ سان پٿر ٻڌي اَدب تخليق ڪرڻو آهي.
سوال: سنڌي اَدب جو ماضي تہ شاندار آهي، پر اُن جو حال ۽ مستقبل ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: سنڌ دُنيا جو عظيم ترين شاعر شاھہ عبدالطيف پيدا ڪيو. هن جيڪي ڪجهہ لکيو، اُن تي واھہ واھہ کان علاوہ عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون. ”هي تنين جو ڏيھه، ڪاتي جنين هٿ ۾.“، ”سُوري سڏ ڪري، ڪا هَلندي جيڏيون.“ ”سوڀون سِر گُهرن“ اِهي سِٽون سمجهڻ کان اسان وانجها آهيون، سنڌي قوم جي زوال جو اِهوئي بُنيادي سبب آهي. سنڌي ماڻھو پاڻيءَ جي واري تان يا ٻڪريءَ جي چوريءَ تان ڪئين لاش ڪيرائي وجهندو، مگر سنڌ تي سِر ڏِيڻ يا سنڌ لاءِ ويڙھہ کائڻ لاءِ فقط ڳالھين جا ڳوٺ ٻَڌي ٿو. اسان کي ’صوفي‘ چئي، ننڊ جي گوري ڏني وئي آهي. 1936ع ۾ جڏهن سکر بئراج ٺھيو، تڏهن کان سنڌ ڏانھن ڌارين جا ڪٽڪَ اِيندا رهن ٿا، پوءِ 1947ع کان ويندي هن وقت تائين ذري گهٽ چار ڪروڙ ڌاريا مختلف صوبن ۽ ملڪن مان اََچي سنڌ ۾ آباد ٿي ويا آهن. سنڌ جو جسماني ۽ رُوحاني حُليو تبديل ٿي ويو آهي. اَهڙي حالت ۾ سنڌي اَديب ڇا ڪندو، ڪيترا مسئلا کڻندو. اَسين تاريخ جي اِنتھائي خطرناڪ دؤر مان گُذري رهيا آهيون، جتي اسان جو هڪ قوم طور وجود خطري هيٺ آهي.
سوال: چون ٿا تہ سنڌي ٻولي جديد چئلنجن جو مقابلو نہ ڪري سگهندي. ڇا واقعي اِيئن آهي؟
جواب: سنڌي ٻولي اُسرڻ جا سڀ دروازا هڪ هڪ ڪري بند ٿي رهيا آهن. سنڌ جي اَڌ کان وڌيڪ اِسڪولن ۾ سنڌي نہ ٿي پڙهائي وڃي، سنڌي ٻولي سنڌ جي ٻيو نمبر سرڪاري ٻولي هئڻ باوجود لِکپڙھہ لاءِ اِستعمال نہ ٿي ڪئي وڃي، ڪمرشل بُنيادن تي سنڌي ٻوليءَ جي جوڙجڪ يا تياريءَ لاءِ ڪي اُپاءُ نہ ورتا وڃن ٿا، هاڻ تہ سنڌي پڙهڻ وقت جو زيان سمجهيو وڃي ٿو، اسان صرف تبرڪ طور سنڌي پڙهون ٿا، اِهي سڀ خطري جا نشان آهن. جڏهن تہ سنڌي ٻولي اُها دُنيا جي واحد ٻولي آهي، جيڪا پنج هزار سالن کان دائم ۽ قائم آهي. سنڌي ٻوليءَ جون جيڪي دُنيا ۾ همعصر ٻوليون هيون، اُهي هڪ هڪ ٿي ختم ٿي ويون. اُنھن ختم (extinct) ٿيندڙ وڏين ٻولين ۾ سميرين (Sumerian)، اَڪادين (Akkadian)، سنسڪرت (Sanskrit)، فونيشين (Phoenician)، هئبرو (Hebrew)، پالي (Pali)، ايلامائيٽ (Elamite)، اَٽراسڪن (Etrascan)، هٽائيٽ (Hittite)، اَرامائيڪ (Aramaic)، ڪيلٽڪ (Celtic)، لئٽن (Latin) ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ٻوليون شامل آهن، جيڪي پاڻُ بچائي نہ سگهيون. سَتين ۽ اَٺين صدي عيسويءَ دؤران جڏهن عرب مسلمانن دُنيا تي ڪاهون ڪيون ۽ سنڌ تي بہ قبضو ڪيو، تڏهن دُنيا جي ڪيترن ئي شڪست کاڌل قومن پنھنجون مادري ٻوليون ڇڏي، عربي اِختيار ڪئي. آهستي آهستي عربي ڳالھائيندي هو ’نقلي عرب‘ ٿي ويا. عراق ۽ شام جا ماڻھو دُنيا جي ٽن وڏين ٻولين جا خالق هئا، اُنھن کي عربي اِختيار ڪرڻ جي ڪابہ ضرورت نہ هئي، پر فوجي طاقت سان اُنھن کي مجبور ڪيو ويو تہ هو عرب ٿين. اُن وقت سنڌ ۽ اِيران چيو تہ هو عربي سِکڻ لاءِ تيار آهن، پر پنھنجي مادري ٻوليءَ تان هٿ نہ کڻندا. سنڌين پنھنجي ٻوليءَ جي سَگهہ ثابت ڪرڻ لاءِ اَڄ کان 1300 سال اَڳ قرآن شريف جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، اُهو قرآن شريف جو دُنيا ۾ پھريون ترجمو هو. بھرحال سنڌي ٻوليءَ تاريخ ۾ ڪئين چئلنجَ قبول ڪيا ۽ نباهيا آهن. ٿي سگهي ٿو تہ اَڄ جي جديد دؤر ۾ سنڌي ٻولي ڪو ڪرشمو ڏيکاري.

سوال: سنڌي نوجوانن کي ڪھڙو رستو وٺڻ گُهرجي؟
جواب: اَسين عظيم سنڌو تھذيب جا وارث آهيون، دُنيا جي عظيم ترين قوم آهيون، اُن جو مطالعو ڪرڻ گهرجي. سنڌي نوجوان سنجيدگيءَ سان تحقيق ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ سان دُنيا جي قومن کان اَڳتي نڪري سگهن ٿا.

سوال: سنڌي شاعريءَ ۾ يڪ رنگي اَچي وئي آهي، جنھن مان آدرش نڪري ويو آهي. اِن ڏَس ۾ اوهان ڇا چوندا؟
جواب: شاعري هونءَ بہ اُن وقت هٿيار طور اِستعمال ڪئي ويندي آهي، جڏهن لِکڻ يا اِظھار جي آزاديءَ تي پابنديون هجن. جيڪي ڪجهہ اَڳ ۾ نہ چئي سگهبو هو، اُهو هاڻ نثر ۾ چئي سگهجي ٿو. اَڄ حاڪمن تي ڇتي تنقيد ٿي رهي آهي ۽ کين گهٽ وڌ ڳالھايو وڃي ٿو، اَڳي اِيئن ناممڪن هو. ڪڏهن ڪڏهن شاعريءَ جو ٻہ سِٽون بہ هڪ ڪتاب کان وڌيڪ اَثر ڇڏينديون آهن، اُن لاءِ شاھہ لطيف جھڙو شاعر ٻيھر پيدا ٿيڻ گهرجي. هاڻ تہ ڪيترائي منھنجا شاعر دوست چون ٿا تہ هنن ٽيليويزن لاءِ چار پنج سؤ ڪلام لِکيا آهن. ڳچ عرصو اََڳ تائين شاعري مذهبي پروپئگنڊا، هجر ۽ وصال يا سطحي رومانس بابت هاءِ گهوڙا ڪرڻ لاءِ لِکي ويندي هئي، اِنسان جا ڏُک سُور شاعريءَ ۾ گهٽ مِلن ٿا.

سوال: ڇا سنڌي معاشرو ٻيھر سپر ويليوز کي اِختيار ڪري سگهندو؟ ڪرپشن ۽ نپوٽزم جي آزار کان ڪيئن بچي سگهي ٿو؟
جواب: هڪڙو فلمي ڊائلاگ آهي تہ شريف ماڻھوءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ اُن کان عزت ۽ اَمير کان دولت ڦري وٺو. سنڌي قوم کي ختم ڪرڻ لاءِ اُن کان سنڌ جي ايڪانامي(economy) ڦُري ويئي آهي. اِقتصاديات ۾ اسان وٽ هاڻ فقط زرعي شعبي جو اَڌ کان گهٽ حِصو بچيو آهي، باقي اَڌ کان وڌيڪ سنڌ جون زمينون ڌارين جي قبضي هيٺ آهن. اُن حالت ۾ ڪرپشن ۽ نپوٽزم کان علاوہ ٻيون ڪيتريون ئي بُرايون اسان جي معاشري ۾ ڪاهي پيون آهن. اَڄ سنڌ جا ٽي حِصا آبادي فاقن ۾ مبتلا آهي، اسان جي ٻارن کي غير معياري تعليم ڏني وڃي ٿي، گهڻو ڪري اسان جا ٻار بُکئي پيٽ اِسڪولن ۾ وڃن ٿا، صحت جو ڪو حيلو ناهي، اُن حالت ۾ اسان ڪھڙي چڱائي جي اُميد رکي سگهون ٿا.

سوال: سنڌ ۾ تعليم جي تباهيءَ جو ڪارڻ ۽ اُن کان ڇوٽڪاري جو اوهان وٽ ڪو ڏَس پنڌ آهي؟
جواب: تعليم جي تباهيءَ بابت واويلا ٻُڌي ڪن پچي پيا آهن. چون ٿا تہ سنڌ ۾ 13 هزار اِسڪول بند پيا آهن، ڪڏهن اِهو اَنگ ڇھہ هزار ٻُڌايو وڃي ٿو. تعليم جو سيڪريٽري فضل ﷲ پيچوهو چوي ٿو تہ اسان هر سال هڪ اَرب ڏھہ ڪروڙ روپيا ماسترن کي پگهارون ڏيون ٿا، جن مان اَڪثريت اَهڙن ماسترن جي آهي، جن کي پاڻ پڙهائڻ جي ضرورت آهي. ڪراچيءَ ۾ ڌاريا پنجاھہ لک جي لڳ ڀڳ روزگار سان لڳل آهن، هتي پرائيويٽ سيڪٽر طرفان سوين اِسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون کوليون ويون آهن. جيڪڏهن سنڌ جا سَرنديءَ وارا ماڻھو اَهڙو چڱو ڪم ڪن تہ ڪجهہ نہ ڪجهہ تعليم جي تباهيءَ کان بچي سگهجي ٿو.

سوال: خدا جي تصور تي اوهان گهڻو ڪجهہ لکيو آهي. تصوف کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: مذهبن جي مقرر بندشن خلاف بغاوت کي ’تصوف‘ سَڏجي ٿو. گُذريل پنج هزار سالن ۾ ڪيترائي خدا دنيا ۾ متعارف ڪرايا ويا. اِبتدا اين، اينلل ۽ اينڪي سان ٿي. اينلل خدا اين جو پٽ هو، جنھن کي ’ڪّن‘ چوڻ جو اِختيار حاصل هو، ’ڪُن فيڪون‘ چئي هو جيڪي چاهيندو هو سو ٿي پوندو هو. طوفان نوح کانپوءِ جڏهن هيءَ دُنيا ٻيھر آباد ٿي تہ عراق جي پھرين بادشاھہ اٽانا (Etana) کي خدائن آسمان تي سَڏايو. اٽانا وڏي پکي جي پرن تي چڙهي آسمان ڏانھن ويو، آخري منزل کان ٿورو اَڳ پکيءَ چيو تہ هو هن کان اَڳتي نہ ٿو وڌي سگهي، هن جا پر سَڙي ويندا. اَهڙيءَ طرح مصر جي بادشاھہ ۽ خدا ’را‘ (RA) کي خدائن آسمان تي اَچڻ جي دعوت ڏني، هن کي اِنعام طور ’ايمن‘ (Amon) خدا جا اِختيار ڏنائون. اَهڙيءَ طرح هي شخص Amon-Ra بڻجي، عظيم خدا جي حيثيت حاصل ڪري ويو. عراق جي شھنشاھہ ’حمورابي‘ عظيم سلطنت ’بيبي لونيا‘ (Babylonian Empire) قائم ڪئي. اُن ۾ هڪ نئون خدا ’مردوڪ‘ متعارف ڪرايائين، جنھن جي 1500 سالن تائين عبادت ٿيندي رهي. مردوڪ خدا جڏهن عرش الڪرسيءَ تان اُٿندو هو تہ دُنيا ۾ زلزلا اَچي ويندا هئا. اِيران جي شھنشاھہ ’سائرس‘ ۽ سڪندرِاَعظم بہ مردوڪ خدا جي وجود جو اَعتراف ڪيو ۽ اُن جي راهَه ۾ قربانيون ڏِنيون. يورپ جا ماڻھو 3200 سالن تائين (Zeus) خدا جي عبادت ڪندا رهيا. هنن زيوس خدا جي راهَہ ۾ لکين نہ بلڪہ ڪروڙين ماڻھو قربان ڪرڻ لاءِ ذبح ڪيا ۽ اولمپس رانديون عبادت طور رائج ڪيائون. عيسائيت اَچڻ تائين زيوس مٿان اِنساني قرباني جاري رهي. اَهڙيءَ ريت رُوم جي عظيم سلطنت ۾ جوپيٽر (Jupiter) کي عظيم خدا تصور ڪيو ويو، هن مٿان بہ اِنسان قربان ڪيا ويا. جوپيٽر خدا جي هڪ هزار سالن کان وڌيڪ عرصي تائين عبادت ڪئي ويئي. اَڄ بہ دُنيا ۾ ڪيترائي اَهڙا خدا ڄاڻايا وڃن ٿا، جيڪي اِها هامَ هڻن ٿا تہ هو هن ڪائنات ۽ اِنسان ذات جا خالق ۽ مالڪ آهن. دُنيا ۾ اَڄ ست اَرب اِنسان آباد آهن، جن مان ساڍا ٽي اَرب ٻُڌ ڌرم جا پوئلڳ آهن. اُهي ’گوتم ٻُڌ‘کي خدا سمجهن ٿا، جيڪو آسمان کان اِنسان ذات خاطر زمين تي لھي آيو. اُن کان علاوہ عيسائي مذهب کي مڃڻ وارن جو تعداد اَڍائي اَرب جي لڳ ڀڳ آهي، اُهي حضرت عيسيٰعه کي خدا جو پٽ، بلڪہ خود خدا سمجهن ٿا. هنن جو چوڻ آهي تہ حضرت عيسيٰعه اُن جُز مان پيدا ٿيو، جنھن مان خود خدا پيدا ٿيو، اُن ڪري عيسائي خدا بدران حضرت عيسيٰعه کان دُعائون گهرندا آهن. هندستان ۾ لڳ ڀڳ هڪ اَرب هندو برهما، شو ۽ وشنو کي عظيم ترين خدائن جو درجو ڏين ٿا. اُن مان وشنو خدا جڏهن بہ هن دُنيا ۾ ظلم بپا ٿئي ٿو تہ هو هن ڌرتيءَ تي اَچي ٿو. هو هن وقت تائين 9 ڀيرا ظلم ختم ڪرڻ لاءِ لٿو آهي. اَهڙيءَ طرح جاپان، چين ۽ ٻين ملڪن ۾ شنٽو خدا جي عبادت ڪئي وڃي ٿي.

سوال: توهان ڪھڙي بُنياد تي سائين جي. ايم. سيد کي نثر جو شاھہ لطيف ڪوٺيو؟
جواب: بامقصد لِکڻيون ڪارگر هونديون آهن. آزاديءَ لاءِ لِکڻ کان علاوہ ٻيو ڪوبہ نثر مٿانھون ناهي. هن شخص آزاد ملڪ، آزاد قوم لاءِ قلم کان تلوار جيان ڪم ورتو، بلڪہ عملي جدوجھد بہ ڪئي. شاھہ لطيف سنڌ جي آزاديءَ جو پھريون طالب، شاعر ۽ علمبردار آهي. اُن کانپوءِ جي. ايم. سيد سڀ بندشون ٽوڙي، بغاوت ڪري، وڏو جوکم کڻي، طاقتور فوجي حاڪمن اَڳيان آزاد سنڌ جي ڳالھہ ڪئي. هن شخص جون لِکڻيون، هن جو نثر، هن جا خواب اَڄ نہ تہ سُڀان ساڀيان ٿيندا.

[ ’سوجهرو‘، اَپريل، 2014ع، يوسف شاهين ڪارنر]

اسان هر چوٿين اَديب کي ’عظيم‘ چوندا آهيون (اِٽرويو: نثار شاهين)

اِنٽرويو: نثار شاهين

اسان هر چوٿين اَديب کي ’عظيم‘ چوندا آهيون

(محترم يوسف شاهين سان ڳالھہ ٻولھہ)

نثار: توهان شاعري بہ ڪئي آهي، جا گهڻي ڀاڱي ڳائي بہ ويئي آهي. اوهان نثر بہ گهڻو ئي لِکيو آهي. لِکڻ جي اَصل شروعات اوهان ڪھڙي صنف کان ڪئي؟
يوسف: لِکڻ جي اَصل شروعات بابت جواب ڏِيڻ کان اَڳ هڪ ڳالھہ جي وضاحت ڪيان تہ مون کي اَديب يا شاعر ٿيڻ جو ڪڏهن بہ شوق نہ رهيو آهي. اَڄ بہ مون سان ساڳي حالت آهي، مون پاڻ تي جبر ڪري اُن وقت لِکڻ بابت سوچيو، جڏهن مون لاءِ ڪا ڳالھہ عام ماڻھن کي چوڻ ضروري ٿي پيئي. هي قِصو اُن وقت جو آهي، جڏهن آءٌ اَڃا چوڏهن کن سالن جو مس ٿيو هوس، اُنھن ڏينھن ۾ آءٌ ذاتي مشاهدي ۽ تمام مختصر مطالعي سبب اِن فيصلي تي پھتس تہ:
(1) هن سڄي دُنيا جي جوڙجڪ ۽ سَرحدون غلط آهن ، جيڪي نئين سِر اَڏڻ گهرجن.
(2) سڄي دُنيا جو معاشي نظام نااِنصافيءَ تي ٻَڌل آهي. دُنيا جون تمام ٿوريون قومون ڦُرلُٽ، ٺڳيءَ، فوجي ڪارواين، ڪاروبار ۽ صنعتي پيداوار ذريعي اَمير ٿيون آهن، جڏهن تہ دُنيا جي اَڪثريت غريب آهي.
(3) هر اِنسان کي صبح جو، ٻنپھرن جو ۽ رات جو بُک لڳي ٿي، اُن ۾ اِنسان جو ڪو وس ناهي. هر اِنسان کي رات جو ننڊ اَچي ٿي، اُن عمل ۾ بہ اِنسان جو وس ناهي، اُن ڪري هر اِنسان کي ڪائنات جو ڪاروباري نظام هلائڻ کان اَڳ ماني ۽ سمھڻ جي جاءِ مھيا ڪرڻ گهرجي. اِنسان جي اِن ضرورت کي ڪنھن بہ حوالي سان ’مشروط‘ ڪرڻ ڏوھہ آهي. اِفسوس اِهو آهي تہ بُک ۽ ننڊ اِنسان جون اَهڙيون ڪمزوريون آهن، جن جو ناجائز فائدو وٺڻ لاءِ ’سرمائيداري نظام‘ وجود ۾ آندو ويو آهي، جيڪو ختم ٿيڻ گهرجي.
(4) جڏهن کان دُنيا ۾ بادشاهت جو اِدارو وجود ۾ آيو آهي، تڏهن کان هن ڌرتيءَ جو اِنسان مڪمل طور ’غير محفوظ‘ ٿي ويو آهي. اِنسان هزارين سالن کان لڳاتار قتل ٿيندو رهي ٿو، لڳاتار هن جون زالون، ڌيئر، ڀينرون ۽ ٻار اَغوا ٿيندا رهن ٿا. اِنسان کي لڳاتار ’هجرتون‘ ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. دُنيا جا بادشاھہ، دُنيا جي اِنسانن کان لڳاتار سندن دولت، پيداواري وسيلا ۽ سَرحدون ڦُريندا رهن ٿا. اُهي قوتون اِنسان ذات جون ڏوهاري آهن ۽ اُهي بادشاھہ اِنسان ذات جي سڀني ڏُکن ۽ تڪليفن جو مرڪز ۽ محور آهن، اُن ڪري دُنيا مان ’بادشاھہ‘ يا ’بادشاهتي اِدارا‘ ختم ٿيڻ گهرجن.
(5) دُنيا ۾ هر روز ڪروڙين جانور ماري يا ذبح ڪري، ماڻھو اُنھن جو گوشت ۽ رت کائين ٿا. اُن معاملي تي رحمدليءَ سان ويچار ڪرڻ جي ضرورت آهي. اِنسانن کي جيئن سَلامتيءَ سان جيئرو رهڻ جو حق حاصل آهي، تيئن جانورن کي بہ سَلامتيءَ سان جيئرو رهڻ جو حق مِلڻ گهرجي، ڀڀُ ڀرڻ لاءِ اسان وٽ ٻيون تمام گهڻيون شيون موجود آهن. بھرحال اَهڙا ٻيا ڪيترائي معاملا آهن، جن بابت مون اُن وقت سوچيو، جڏهن مون کي اَڃا مسَ ڏاڙهي اَچڻ شروع ٿي هئي. اُن وقت آءٌ تمام تڪڙو اِن فيصلي تي پھتس تہ مون کي ذاتي طور اُنھن سڀني ڳالھين کي رد ڪرڻ گهرجي، جن تي منھنجو وس هلي ٿو. اُن ڪري سڀ کان اَول مون گوشت کائڻ بند ڪري ڇڏيو، ايتريقدر جو گوشت ۾ پڪل چانور بہ نہ کائيندو هوس، لڳاتار ٻٽيھہ سال مون ڪڏهن بہ گوشت، مڇي يا ٻي ڪا ساهواري شئي نہ کاڌي. مون پنھنجو نالو ڦيرائي، پھرين ’يوسف سوز‘ ۽ پوءِ ’يوسف شاهين‘ رکي ڇڏيو ۽ ذات پات لِکڻ ڇڏي ڏِنم. اُن کانپوءِ جيڪي ڪجهہ مون کي ماضيءَ کان ورثي ۾ مِليو، اُن تي نظرثاني ڪيم يا اُن مان گهڻو ڪجهہ رد ڪري ڇڏيم. مون سختيءَ سان محسوس ڪيو تہ اِنسان کي مختلف نفرتن ۽ نظرين ۾ ورهائي، اِنسان جو درجو گهٽايو ويو آهي، جڏهن تہ سڀ اِنسان برابر آهن. بھرحال مون اُهي سڀ قدم کنيا، جن سان پاڻ کي فقط ’اِنسان‘ محسوس ڪري سگهان.
اَهڙا ذاتي فيصلا ڪرڻ کانپوءِ مسئلو اِهو پيدا ٿيو تہ آءٌ تھذيبن، قوميتن، سَرحدن ۽ دُنيا جي غلط اِقتصادي جوڙجڪ بابت عام ماڻھن تائين پنھنجي راءِ ڪيئن ظاهر ڪيان، ڪھڙيءَ ريت دُنيا کي ٻُڌايان تہ ماضيءَ جو ورثو گهڻي ڀاڱي غلط آهي. اِن ڳالھہ، اِن مجبوريءَ مون کي لِکڻ تي مجبور ڪيو، منھنجا سمورا ڪتاب فقط اِن هڪ ڳالھہ جي گِرد گُهمن ٿا. ’خدا، اِنسان ۽ جانور‘ کان ’حق موجود‘ تائين، آءٌ ماضيءَ ۾ ٿيل اِنسان سان ناحق بابت بحث ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهيان.
جيتري قدر شاعريءَ جو تعلق آهي تہ 1978ع تائين آءٌ شاعر نہ هوس، نہ ڪڏهن شاعريءَ جي هڪ سِٽ لِکيم ۽ نہ شاعر ٿيڻ بابت سوچيو. هڪ رات تاريخ جو مطالعو ڪندي خيال پيم تہ هاڻ شاعري بہ ڪرڻ گهرجي، اُن رات مون چار بيت لِکيا ۽ اُن کانپوءِ لِکندو ويس. هينئر ڪجهہ ڏينھن اَڳ مون پھريون ڀيرو ڪيترائي غزل، گيت ۽ نظم لِکيا آهن، اُنھن صنفن ۾ هن کان اَڳ ڪڏهن بہ شاعري نہ ڪئي اَٿم. مون جيڪي ڪجهہ لِکيو، اُن تي راءِ، بلڪہ فيصلو منھنجي دوست شمشيرالحيدريءَ کان وٺندو آهيان، جيڪو منھنجو اُستاد تہ ناهي، پر آءٌ هن جو اُستاد جيترو ئي اَحترام ڪندو آهيان. بھرحال آءٌ شاعريءَ کي گهڻو وقت ڏِيڻ نہ ٿو چاهيان، مون کي شايد نثر ڏانھن ٻيھر وڃڻو پوندو. آءٌ اُن وقت تائين لِکندو رهندس، جيستائين اُها ڳالھہ دُنيا کي سمجهائي سگهان، جيڪا مون ننڍپڻ ۾ سمجهي هئي. مون چوڏهن سالن جي ڄمار ۾ جيڪي فيصلا ڪيا، اُنھن مان اَڄ ڪنھن بہ هڪ فيصلي کي وسيع مطالعو ڪرڻ ۽ دُنيا جو وڏو حِصو اَکين سان ڏِسڻ جي باوجود رد ڪري نہ سگهيو آهيان.

نثار: توهان اَدبي حوالي سان پنھنجي سُڃاڻپَ شاعر جي حيثيت سان ڪرائڻ پسند ڪندؤ يا نثرنويس جي حيثيت سان؟
يوسف: مون عرض ڪيو تہ آءٌ شاعر يا نثرنويس ٿيڻ نہ ٿو چاهيان، فقط ڪنھن جبر يا مجبوريءَ سبب لِکندو رهان ٿو، جيئن ڪو حال اَحوال ڏِيڻ يا وٺڻ لاءِ خط لِکندو آهي. اِيئن بہ چئي سگهجي ٿو تہ آءٌ دُنيا جي عدالت ۾ ماضيءَ ۾ ٿيل نا اِنصافين خلاف فرياد داخل ڪرڻ چاهيان ٿو. سچ پُڇو تہ منھنجي سڄي عمر اُن ڪيس جي تياريءَ ۾ گُذري ويئي آهي. مون کي ڏُک آهي تہ آءٌ اَڃا تائين ڪجهہ نہ ڪري سگهيو آهيان.

نثار: ڇا هڪ تخليقڪار لاءِ نظرياتي وابستگي ضروري آهي؟
يوسف: نظرياتي وابستگيءَ کانسواءِ لِکڻ اِيئن آهي، جيئن ڍنگرن تي اَٽو هارڻ.

نثار: بين الاقوامي اَدب جي ڀيٽَ ۾ اسان جو اَدب ڪھڙي پَدَ تي آهي؟ ڇا سنڌي اَدب، بين الاقوامي اَدب جي معيار تي لَـھي ٿو؟
يوسف: پھرين تہ اِهو فيصلو ڪيون تہ ’بين الاقوامي اَدب‘ ڇاکي ٿو چئجي؟ بين الاقوامي اَديب ڪير آهن؟ اُنھن جو ڪھڙن ملڪن سان واسطو آهي؟ اُن کان علاوہ هي معاملو بہ طئہ ٿيڻ گهرجي تہ اُهو ڪھڙو معيار آهي، جنھن سان اَدب کي ’بين الاقوامي اَدب‘ جو درجو ڏئي سگهجي. منھنجي ڄاڻ مطابق گهڻي ڀاڱي وڏين اِستحصالي قومن جا اَديب، جيڪي ’اِستحصالي اَدب‘ پيدا ڪن ٿا، اُنھن کي ’وڏو اَديب‘ يا ’بين الاقوامي اَديب‘ سَڏيو ويندو آهي. اُهي اِستحصالي قومون، جن دُنيا جي قومن جي عزت لُٽي ۽ ٻين قومن جي پيداواري وسيلن تي ڌاڙا هنيا، اَهڙيون اِستحصالي قومون پنھنجي اُنھن اَديبن کي ’وڏو اَديب‘، بلڪہ ’عظيم اَديب‘ چونديون آهن، جيڪي نہ فقط هنن جي ڪڌن ڪرتوتن ۽ ظالمانہ ڪارواين تي ڍڪُ رکن، بلڪہ اُنھن ڪارواين کي بھادري، همت ۽ جوان مرديءَ وارا ڪارناما قرار ڏِين. اَنگريزن هاڻوڪي دُنيا جي پنجاھہ کان وڌيڪ ملڪن تي قبضو ڪيو، اَڄ اُنھن پنجاھہ کان وڌيڪ ملڪن ۾ اَنگريزن جي اَنگريزي ٻولي لِکي ۽ پڙهي وڃي ٿي. اُن ڪري هينئر اَنگريزيءَ جا معمولي يا چڱا خاصا اَديب پھرين ئي ڌَڪَ ۾ ’بين الاقوامي اَديب‘ ٿيو وڃن. اَنگريزن شيڪسپيئر کي سندس قبضي هيٺ آيل پنجاھہ ملڪن ۾ زوريءَ متعارف ڪرايو، اُن ڪري شيڪسپيئر دُنيا جو عظيم بين الاقوامي اَديب ۽ شاعر بڻجي ويو. ساڳئي صورتحال فرينچ، جرمن، اِسپيني ۽ رُوسي ٻولين جي اَديبن جي آهي. رُوس جو هن صديءَ دؤران يورپ، ايشيا، آفريڪا ۽ آمريڪي کنڊ ۾ سِڌي ۽
اَڻ سِڌيءَ طرح سٺ کان وڌيڪ ملڪن تي قبضو ٿيو يا اُهي ملڪ رُوس جي اَثر هيٺ رهيا. اُنھن سڀني ملڪن ۾ رُوسين پنھنجا اَديب متعارف ڪرايا، جن ۾ اَليگزينڊر پُشڪن، ٽالسٽاءِ، چيخوف، مئڪسم گورڪي، دوستو وسڪي، ميخائيل لرمونتوف، گوگول، آئي ون ترگنيو، ميخائيل سالتي ڪوف وغيرہ شامل آهن. اَهڙيءَ ريت اُهي رُوسي اَديب بين الاقوامي عظيم اَديب بڻجي ويا.
مٿي ڄاڻايل اَديبن جي عظمت کان ڪو اِنڪار ناهي، پر اُهي بين الاقوامي عظيم اَديب ٿيڻ جي قابل هئا يا نہ، اِهو مسئلو بحث طلب آهي. اِن ۾ ڪو شڪ ناهي تہ رُوسَ ۾ وڏا اَديب يا ليکڪ پيدا ٿيا، پر ڪارل مارڪس جھڙو هڪ بہ اَديب رُوس وارا پيدا نہ ڪري سگهيا، جيڪو جرمن هو. اَفسوس آهي تہ جرمنيءَ وارن پنھنجي اَديب ڪارل مارڪس کي قبول نہ ڪيو ۽ هو جرمنيءَ کان ٻاهر مختلف ملڪن ۾ دربدر ٿيڻ کانپوءِ اِنگلينڊ ۾ ڏاڍي غربت ۽ لاچاريءَ جي حالت ۾ مُئو ۽ اَنگريزن بہ هن عظيم ليکڪ کي قبول نہ ڪيو. کيس مرڻ کانپوءِ لنڊن جي هڪ معمولي قبرستان ۾ ٻہ وال کان وڌيڪ زمين نہ ڏِني ويئي. هي نقطو سوچڻ جھڙو آهي تہ ڪارل مارڪس کي اِنگليند ۽ جرمنيءَ بدران رُوسين قبول ڪيو. جيئن تہ رُوس دُنيا جي عظيم سلطنت قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، اُن ڪري ڪارل مارڪس بہ عظيم بڻجي ويو. چون ٿا تہ ڪارل مارڪس ’عظيم ڪميونسٽ اِنقلاب‘ جو مفڪر هو، حالانڪہ جڏهن ڪارل مارڪس اَڃا ڪاليج ۾ پڙهي رهيو هو، تڏهن 1862ع ڌاري چين ۾ ڪميونزم نافذ ٿي چُڪو هو، جنھن جو مفڪر هڪ اَسڪول ماستر ۽ اَديب ’هنگ‘ هو. جيئن تہ هنگ وارو ڪميونسٽ اِنقلاب ناڪام ٿي ويو، اُن ڪري هنگ عظيم بين الاقوامي اَديب بڻجي نہ سگهيو. بھرحال چوڻ جو مقصد اِهو آهي تہ فقط وڏيون اِستحصالي قومون، وڏا اَديب پيدا ڪنديون آهن يا ٺاهينديون آهن. ماضيءَ ۾ سِڪندرِاَعظم دُنيا جي وڏي حِصي تي ’عظيم يوناني سلطنت‘ قائم ڪئي، جيڪا بعد ۾ ٽي سؤ کن سال جاري رهي. سڪندرِاَعظم ۽ هن جي يوناني ڇاڙتن، يونان جي ڪيترن ئي اَديبن ۽ شاعرن کي دُنيا جو عظيم بين الاقوامي اَديب بڻائي ڇڏيو، جن ۾ ’هومر‘ جو نالو صفحه اَول تي اَچي ٿو. اُن کانپوءِ هيسئڊ، اِسڪائيلز، سوفو ڪليز، يورو پديز، ارسٽوفينز، پلاٽو، اَرسطو ۽ ٻيا نالا اَچن ٿا. مٿي ڄاڻايل اَديب دُنيا سان متعارف تڏهن ٿيا، جڏهن يونانين دُنيا جي عظيم سلطنت قائم ڪئي. اُن واقعي کانپوءِ يونان جا مٿيان اَديب، بين الاقوامي اَديب هئڻ جو درجو حاصل ڪري سگهيا.
يوناني سلطنت قائم ٿيڻ کان اَڳ اِنھن اَديبن کان خود يونان جا ماڻھو بہ چڱيءَ ريت واقف نہ هئا. يونان ۾ شھري رياستون قائم هيون ۽ اُتي جا اَديب علاقائي بُنيادن تي فقط پنھنجن شھرن تائين محدود هئا. جڏهن يوناني سلطنت ختم ٿي ويئي تہ پوءِ يونان وارا گُذريل ٻن هزار سالن دؤران مٿي ڄاڻايل اَديبن جھڙو هڪ بہ اَديب پيدا ڪري نہ سگهيا. نہ فقط ايترو، بلڪہ يوناني سلطنت ختم ٿيڻ سان اُها يوناني ٻولي بہ ختم ٿي ويئي، جنھن ۾ مٿي ڄاڻايل اَديبن ۽ شاعرن تخليقون ڏِنيون.
اَهڙو ئي حال روم ۾ ٿيو. جڏهن رُومَ جي سلطنت يورپ، ايشيا ۽ آفريڪا جي ويھہ لَک چورس ميلن تائين پکڙجي ويئي، تڏهن روم جي هر شئي دُنيا کي وڏي عظمت واري نظر اَچڻ لڳي. روم جي ظالم شھنشاھہ ۽ ڊِڪٽيٽر ’آگسٽس‘ کي شاعر ’ورجل‘ پسند هو، اُن ڪري هن ورجل کي دُنيا جو عظيم بين الاقوامي شاعر ٺاهي ڇڏيو. هڪ شاعر جي حيثيت ۾ ورجل جي حيثيت کان اِنڪار ناهي، پر هو بين الاقوامي شاعر ٿيڻ جي قابل هو يا نہ هو، اِهو معاملو سنجيدگيءَ سان بحث طلب آهي. اِهو سلسلو مرزا غالب کان علامہ اِقبال، ٽئگور، رُوس جي سولزي نستن ۽ سلمان رُشديءَ تائين هلندو اَچي. رُوس جي اَديب سولزي نستن پنھنجي ملڪ کي ’ڪئنسر وارڊ‘ سان تشبيھہ ڏِني ۽ اِن ئي نالي سان ڪتاب لِکيو، هن ٻيا بہ ڪيترائي ڪتاب لِکيا. هن اَديب سِڌي ۽ اَڻ سِڌيءَ طرح پنھنجي لِکڻين ذريعي سرمائيداري نظام کي فائدو رَسايو، کيس نوبل اِنعام ڏِنو ويو. سلمان رُشديءَ پنھنجي لِکڻين ذريعي اِسلام جي عظيم هستين جي ڪردار تي ڇوھہ ڇنڊيا ۽ ٺٺوليون ڪيون، اِها ڳالھہ عيسائي دُنيا لاءِ فائديمند ٿئي ٿي. بھرحال اِن معاملي تي گهڻي بحث ۾ پئبو تہ تنھنجي رسالي جا صفحا کُٽي پوندا.
جيتري قدر سنڌي اَدب جو بين الاقوامي اَدب سان ڀيٽ ڪرڻ جو معاملو آهي تہ آءٌ فقط ايترو چوندس تہ اسان کي خواھہ مخواھہ خوش فھميءَ ۾ مبتلا ٿيڻ نہ گهرجي. هن وقت دُنيا ۾ لِکڻ جو ڪم يا تخليق جو عمل ’صنعت‘ جو درجو حاصل ڪري ويو آهي. دُنيا جا اَديب ڪنگال، بي حال ۽ پريشان رهڻ بدران پنھنجي لِکڻين ذريعي دُنيا جي اَمير ترين ماڻھن ۾ شامل ٿي رهيا آهن، اسان جي اَديبن کي نئين صورتحال کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. اسان جي اَدبي اِدارن کي صنعتي بُنيادن تي هلائڻ لاءِ ڪوششون ٿيڻ گهرجن. هن وقت اسان بين الاقوامي اَدب تہ پري ٿيو، پاڪستان جي ٻولي ’اُردوءَ‘ کان بہ سوين سال پوئتي پوندا ٿا وڃون.اَنگريزن جي اَچڻ کان اَڳ سنڌ ۾ فارسي ٻوليءَ جو راڄ هلندو هو، سنڌ جي حاڪمن جي ٻولي ’فارسي‘ هئي، اُن ڪري سوين سالن تائين سنڌ جي اَديبن، سنڌيءَ ۾ لِکڻ بدران فارسي اَدب تي وقت وڃايو. اَڄ بہ هزارن جي تعداد ۾ فارسي نسخا سنڌ جي مختلف گهرن ۾ موجود آهن، جن کي هاڻ اسان پڙهي بہ نہ ٿا سگهون. گُذريل دؤر ۾ فقط شاھہ لطيف ۽ ڪجهہ ٻيا شاعر ۽ اَديب هئا، جن فارسي ڳالھائيندڙ حاڪمن کان بغاوت ڪري، سنڌيءَ ۾ شاعري ڪئي. اَڄ سنڌ ۾ فارسيءَ جي اُها جاءِ اُردو ٻوليءَ کي حاصل ٿي آهي ۽ اُردوءَ جي مقابلي ۾ سنڌيءَ ۾ نہ هئڻ جي برابر ڪم ٿي رهيو آهي، تمام ٿورا اَديب سنڌيءَ ۾ لِکي رهيا آهن. اِهو ئي سبب آهي، جو اسان هر چوٿين اَديب کي ’عظيم‘ جو لقب ڏِيون ٿا تہ جيئن اُنھن جي همت اَفزائي ٿئي ۽ هو لِکندا رهن. جيئن تہ ٻولين جو عروج ۽ زوال، قومن جي عروج ۽ زوال سان لاڳاپيل ٿئي ٿو، اُن ڪري اسان سياسي حالتن جو شڪار ٿي رهيا آهيون. سنڌيءَ ۾ فُل ٽائيم اَدب تخليق ڪرڻ وارا فقط چند اَديب آهن، باقي گهڻي ڀاڱي پارٽ ٽائيم يا بيگار طور اَدب تخليق ڪن ٿا. حالانڪہ اسان وٽ اَهڙا ڪيترائي وڏا اَديب موجود آهن، جيڪي اَگر فُل ٽائيم لِکن تہ هو بين الاقوامي اَدب ۾ پنھنجو مقام حاصل ڪري سگهن ٿا. اُنھن اَديبن ۾ شيخ اَياز، محمد اِبراهيم جويو، جمال اَبڙو، شمشيرالحيدري، سِراج الحق ميمڻ، رسول بخش پليجو، نورالدين سَرڪي، اَمرجليل، تنوير عباسي، تاج بلوچ، قمر شھباز، علي احمد بروهي، عبدالقادر جوڻيجو، نورالھدى شاھہ، حليم بروهي، ماهتاب محبوب، عبدالواحد آريسر ۽ ٻيا ڪيترائي آهن، جن جا نالا هڪدم ذهن تي نہ ٿا اَچن. اُنھن اَديبن مان فقط شيخ اَياز واحد اَديب ۽ شاعر آهي، جيڪو هينئر فُل ٽائيم لِکي رهيو آهي. هي اَڄ نہ تہ سُڀاڻي يقيني طور بين الاقوامي اَدب ۾ پنھنجي جاءِ والاريندو. شيخ اَياز زندگيءَ جي گُذريل سڄي دؤر ۾ فقط نوَ ڪتاب ڏِنا، جڏهن تہ هاڻ هو چند سالن اَندر چاليھن کان وڌيڪ ڪِتاب لِکي چُڪو آهي. سِراج، قمر شھباز، غلام نبي مغل، علي احمد بروهي ۽ عبدالقادر جوڻيجي کي زوريءَ نوڪريون يا ٻيا ڪمَ ڪار ڇڏائي، لِکڻ سان لڳايون وڃي تہ هو سنڌي اَدبَ کي اَڏي ڇڏين. اِهي اَديب اَهڙو اَدب ڏيئي سگهن ٿا، جيڪو بين الاقوامي اَدب جو درجو حاصل ڪري سگهي ٿو.

نثار: توهان ڪھڙي قومي توڙي بين الاقوامي اَديب کان متاثر آهيو ۽ ڇو؟
يوسف: جيڪڏهن چوان تہ آءٌ ڪنھن بہ اَديب کان متاثر ناهيان تہ اِها وقتي طور ڏاڍائي محسوس ٿيندي. مون کي اِن سوال جو جواب ڏِيڻ لاءِ ڪافي وقت ۽ توهان جي رسالي جا تمام گهڻا صفحا گُهرجن. هن وقت فقط ايترو چوندس تہ آءٌ ماضيءَ جي اَدب کان مطمئن ناهيان. ماضيءَ ۾ گُذريل هزارين سالن دؤران پيدا ٿيل اَدب گهڻي ڀاڱي مذهبي نظرين جي پرچار لاءِ لِکيو ويو، جنھن اَڳتي هلي ’رُجعت پرستيءَ‘ کي جنم ڏِنو. ڪجهہ اَدب ’گل و بلبل‘ جي مسئلن کان ٻاهر نڪري نہ سگهيو. فقط هڪ فيصد اَهڙو اَدب مِلي ٿو، جيڪو ’عوامَ‘ لاءِ لِکيو ويو. هن وقت پيدا ٿيندڙ اَدب بہ ماضيءَ جو تسلسل آهي يا رُجعت پرستيءَ جو شِڪار آهي يا ماضيءَ جي نظرين کان متاثر ٿي لِکيو وڃي ٿو. اُن ڪري ٻين معاملن سان گڏ دُنيا کي پنھنجي اَدب، اَدبي تخليقن جا رُخ دُرست ڪرڻ جي ضرورت آهي. اِهو ڪم تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن ’دُنيا جي تاريخ‘ نئين سِر لِکي ويندي. تاريخي واقعن کي جيئن جو تيئن پوري سَچائيءَ ۽ بي ڊَپائيءَ سان لِکڻ کانسواءِ سڄو معاملو ڦاٿل رهندو. توهان يقين ڄاڻو تہ سڄي خرابي ’تاريخ‘ ۾ ڦاٿل آهي، جنھن ۾ هن وقت اسان کي بادشاهن جي ذاتي معاملن کان وڌيڪ ڪجهہ نہ ٿو مِلي. گُذريل دؤر جي عوامَ سان ڪھڙو حشر ٿيو، اُهو تاريخدان ڄاڻي واڻي نظراَنداز ڪندا آيا آهن. تاريخدانن اِنسان ذات سان وڏو قھر ڪيو آهي، هنن ظالمن جي ظلم، جبر کي ’ڪارناما‘ سَڏيو آهي، جيڪو ڏوھہ آهي. حيرانگي اِها آهي تہ اَڄ بہ تاريخدان سچ نہ ٿا لِکن. چنگيز خان، هلاڪُو ۽ اِنھن جھڙا هزارين بادشاھہ مري کَپي ويا، پر تاريخدان اُنھن جا اَصل واقعا لِکڻ کان هينئر بہ ڊِڄن ٿا، اَڄ بہ هو اُنھن ظالم بادشاهن جا راڳ آلاپين ٿا ۽ کين ’عظيم شخصيتون‘ ڪري پيش ڪن ٿا، جڏهن تہ اُهي ’عظيم ڏوهاري‘ آهن. هن وقت يورپ ۾ تاريخ تي تمام گهڻا ڪتاب ڇپجن ٿا. جيئن تہ يورپ دُنيا جو واحد خِطو آهي، جتي هن وقت تمام گهڻيون بادشاهتون قائم آهن، اُن ڪري يورپ جا تاريخدان بادشاهن يا بادشاهت جي اِداري خلاف لِکڻ کان سِڌي يا اَڻ سِڌي طرح لنوائين ٿا. جيئن تہ يورپ جي اَديبن ۽ تاريخدانن جي دُنيا تي ڌاڪَ ويٺل آهي، هنن جي هر لِکڻي سندَ جو درجو رکي ٿي، اُن ڪري ٻين ملڪن جا تاريخدان بہ هنن جي اَندازِ تحرير جي نقالي ڪن ٿا. جيستائين دُنيا جو اَدب دُرست ٿي نہ سَگهندو، اَهڙو اَدب، جنھن کي ’عوامي اَدب‘ چئجي، تخليق ٿي نہ سگهندو. اُن ۾ ڪو شڪ ناهي تہ دُنيا ۾ ’عوامي اَدب‘ لِکڻ جون ڪوششون ٿيون آهن ۽ ڪيترو ئي اَدب لِکيو بہ ويو آهي، پر ’حقيقي عوامي اَدب‘ تڏهن پيدا ٿيندو، جڏهن اسان ۾ سچ لِکڻ ۽ سچ ٻُڌڻ جي همت پيدا ٿيندي.

نثار: توهان هڪ هنڌ محترم سائين جي. ايم. سيد کي سنڌي اَدب ۾ هن صديءَ جو وڏي ۾ وڏو نثر نويس ڪوٺيو آهي/قرار ڏِنو آهي. ڪھڙي حوالي سان؟ هن نثر وڌيڪ لِکيو آهي يا سندس نثر ۾ اَسلوب اَعلى معيار جو آهي يا ذهني پھچ سَگهاري هئڻ سبب سندس موضوع تي گرفت وڌيڪ آهي؟
يوسف: مون سائين جي. ايم. سيد کي ’سنڌي نثر جو بادشاھہ‘ (شاھہ لطيف) سَڏيو هو ۽ آءٌ اَڄ بہ اُن راءِ تي قائم آهيان. سنڌ ۾ سائين جي. ايم. سيد کان سُٺا نثرنويس موجود آهن، پر نثر ۾ ’مقصديت‘ اَصل مامرو آهي. نثر لِکڻ وقت ڪوبہ اَديب ايڏو وڏو مقصد، ايڏي وڏي منزل پنھنجي اَڳيان رِکي نہ سگهيو، جھڙي سائين جي. ايم. سيد رکي. ’آزادي‘ اِنسان جو پيدائشي ۽ پھريون حق آهي، اُن کانپوءِ قومن ۽ ملڪن جي آزاديءَ جي ڳالھہ ٿئي ٿي. آزاديءَ بابت جيترو سخت، صاف ۽ مدلل اَنداز ۾ سائين جي. ايم. سيد لِکيو، اُن جھڙو سنڌيءَ ۾ ٻئي ڪنھن بہ اَديب يا نثرنويس نہ لِکيو آهي. ڪِن هلڪيون لَٺيون هنيون آهن، ڪِن ڪتڪتائي ڪئي آهي تہ ڪَن سِينڍ ۾ مارئي ڳائي آهي، پر سائين جي. ايم. سيد سنڌ جو واحد نثرنويس آهي، جنھن رک رکاءُ ڪرڻ کانسواءِ آزاديءَ جي ڳالھہ ڪئي آهي. اُها تحرير، جنھن ۾ آزاديءَ بابت سمورا قلمي وسيلا ۽ سگهہ اِستعمال ڪئي ويئي هجي، اُن کان مٿي ٻي ڪابہ تحرير، ڪوبہ نثر ٿي نہ ٿو سگهي.
نثار: ڪنھن بہ اَديب کي سياست کان ڪيتري قدر لاتعلق هئڻ گهرجي؟
يوسف: هڪ اَديب کي ڪنھن بہ حالت ۾ سياست کان لاتعلق نہ هئڻ گهرجي، ڇاڪاڻ تہ سياسي نظريا، جيڪي اِنقلاب يا آزاديءَ ڏانھن وٺي وڃن، اُهي اِنقلابي نظريا يا آزاديءَ جا پيچرا يا واٽون هڪ اَديب ئي ٻُڌائي ٿو، اَديب ئي سياست جو سڄو ميدان ٺاهيندو آهي ۽ سياستدان پيدا ڪندو آهي ۽ سياستدانن لاءِ ميدان هموار ڪندو آهي. هو شاعريءَ، اَفساني، ناول يا ٻين اَدبي وسيلن ذريعي عام راءِ جوڙي ٿو، ماڻھن کي پنھنجا ڏُکَ، سُور ٻُڌائي اُڀاري ٿو، جنھن جي نتيجي ۾ فڪري آزاديءَ جي لاءِ راهون هموار ٿين ٿيون ۽ عوامي اِنقلاب اَچڻ جا آثار پيدا ٿين ٿا. اَديب جيڪا پوکَ پوکي ٿو، پَچائي ٿو ۽ جڏهن فصل لھي ٿو، جڏهن اِنقلاب اَچڻ جا آثار پيدا ٿين ٿا، اُن وقت اَديبن جي اُها محنت سياستدان ڪئش ڪرائين ٿا. هر سُڄاڻ اَديب کي نہ فقط ملڪ اَندر هلندڙ سياست، پر بين الاقوامي سياست بابت بہ مڪمل ڄاڻ هئڻ گهرجي. نہ رُڳو ڄاڻ، پر ڀرپور تعلق هئڻ گهرجي. جيئن تہ هن وقت اِقتصاديات، سياست کانپوءِ خوفناڪ قوت ۽ اِقتدار حاصل ڪرڻ جو وسيلو ٿي رهي آهي، اُن ڪري اسان جي اَديبن کي هن وقت اِقتصاديات ڏانھن گهڻو ڌِيان ڏيڻ گهرجي، جنھن جي تابع هن وقت سياست ٿي پئي آهي.
جيئن تہ دُنيا لاءِ هن وقت ’گلوبل وليج‘ جو اِصطلاح ڪم آندو پيو وڃي، يعني هاڻي دُنيا سوڙهي ٿي، ’عالمي ڳوٺ‘ (Global Village) جي صورت اِختيار ڪري ويئي آهي تہ اسان جي اَديب کي هن ڳوٺ جي ڀرپور ڄاڻ رکڻ گهرجي، نہ تہ هو سنڌ سان بہ صحيح نموني اِنصاف نہ ڪري سگهندو. هن وقت ايم. ڪيو. ايم ۾ شامل دانشور، اَديب ۽ سياستدان (Global Village) واري Term جو ڀرپور اِستعمال ڪري رهيا آهن. هو دُنيا جي هڪ سؤ چاليھن ملڪن سان هڪ ئي وقت تعلق ۾ آهن، رابطي ۾ آهن، جڏهن تہ اسان جو اِهو حال آهي، جو سنڌ جي هڪ ڪُنڊ جي خبر ٻي ڪُنڊ تائين ٻن ڏينھن کانپوءِ ٿي پھچي. اَڃا بہ ڪڏهن تہ اُها خبر ڪراچيءَ تائين بہ نہ ٿي پھچي. هُتي هُنن جي هاءِ گهوڙا سان دُنيا ۾ سندن فائدي ۾ راءِ عامه جُڙي ٿي. اسان جي اَديبن کي بہ اُنھن Technques جي خبر هُئڻ گهرجي.
گلوبل وليج جو سڀ کان وڏو فائدو اِهو ٿيو آهي تہ اِنٽرنيٽ (Internet) ذريعي دُنيا جو علم ۽ اَدب آسانيءَ سان گهر ويٺي پڙهي ٿو، اِنٽرنيٽ سِسٽم دُنيا کي رابطي جي لحاظ کان ڳنڍي ڇڏيو آهي، دُنيا جون سموريون وڏيون اَخبارون، ڪتاب، رِسالا ۽ لائبريريون اِنٽرنيٽ تي عام آهن، دُنيا جو سمورو علم اِنٽرنيٽ تي آهي، جنھن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو. پاڪستان جون وڏيون اَخبارون ڊان، بزنيس رڪارڊ، دي نيشن وغيرہ اُهي سڀ اِنٽرنيٽ تي آهن. اَفسوس جھڙي ڳالھہ آهي تہ هن وقت ڪابہ سنڌي اَخبار اَنٽرنيٽ تي نہ آهي، جو نيويارڪ، سنگاپور، ٽوڪيو، دُبئي يا بمبئيءَ ۾ ويٺل سنڌي، اسان جي سنڌي اَخبار پڙهي سگهن. دُنيا جا سمورا وڏا ڪتاب، جن ۾ ڪلاسڪ بہ شامل آهن، اُهي بہ اِنٽرنيٽ تي اَچي چُڪا آهن. اسان کي شاھہ جو رِسالو ۽ شيخ اَياز جي شاعريءَ کي اِنٽرنيٽ تي آڻڻ گهرجي.
نثار: اوهان جي نظر ۾ اَدب جا دائمي قدر ڪھڙا ٿي سگهن ٿا؟
يوسف: بُنيادي طور اَدبَ جا ڪي بہ دائمي قدر ٿيندا ئي ڪونہ آهن. اَدب معروضي ضرورتن تحت وَڌندو، ويجهندو، پروان چڙهندو آهي، پنھنجي راهَه پاڻ ٺاهيندو آهي، پنھنجا قدر پاڻ جوڙيندو آهي. اَڳي اِهو هوندو هو تہ سچ ڳالھائڻ لاءِ يا آزادي گُهرڻ لاءِ يا اِنصاف گُهرڻ لاءِ ماڻھوءَ کي صليب ڪُلھي تي کڻي گهمڻو پوندو هو يا جلاد اَڳيان ڪنڌ جُهڪائڻو ٿي پيو يا ملڪ بدر ٿي، دربدر ٿيڻو ٿي پيو. صدين کان سچ ڳالھائڻ، اِنصاف گُهرڻ يا آزاي، اِهي ٽئي ڪم دُنيا جا سڀ کان ڏُکيا ڪم رهيا آهن، موتَ سان ويڙهاند کائي، پوءِ اِها ڳالھہ ڪرڻ ممڪن هئي، پر هاڻي اُها ڳالھہ نہ رهي آهي، هاڻي اِهي قدر بدلجي چُڪا آهن. جيئن تہ ڪئناڊا ۾ هن وقت ڪيوبڪ صوبي جا ماڻھو، جيڪي فرينچ ٻولي ڳالھائين ٿا، اُهي باقاعدہ ڪئناڊا کان آئيني طور آزاديءَ جو مطالبو ڪري رهيا آهن ۽ ڪئناڊا حُڪومت تسليم ڪيو آهي ۽ کين چيو آهي تہ توهان ريفرنڊم ڪرايو، اَڪثريت چاهي ٿي تہ اسان کي ڪوبہ اَعتراض ناهي ۽ اُهو دُنيا جو پنج هزار سالا تاريخ ۾ اِيئن پھريون ڀيرو ٿيو آهي تہ قومن جي آزاديءَ کي آئيني حق تسليم ڪيو آهي، جڏهن تہ هن کان اَڳ اِيئن ڪونہ هو. اسان وٽ بہ اِهو ممڪن ٿي ويندو، دُنيا ۾ ٿئي پيو تہ هتي بہ ٿيڻ گُهرجي. مطلب تہ آزادي گُهرڻ هاڻ مسئلو نہ آهي، نقلي جاگرافيءَ ذريعي قائم ڪيل خِطي ۾ ڪا قومَ نہ ٿي رهڻ گُهري تہ آزاديءَ جو کيس آئيني حق حاصل آهي. اَهڙيءَ طرح دُنيا بدلجي پئي، دُنيا جا قدر بہ بدلجن پيا. اَدب ذريعو آهي خدمت جو، اِنقلابن جي راهَه ڏِسڻ جو، اُن ڪري اَدب ڪوبہ رستو اَختيار ڪري سگهي ٿو، ڪي مخصوص دائمي قدر آهن ئي ڪونہ.
(يوسف شاهين صاحب جو هي اِنٽرويو سندس طبيعت جي ناسازيءَ جي سبب مڪمل ٿي نہ سگهيو هو ۽ ساڻس ٻي ويھڪ ۾ اِنٽرويو مڪمل ڪرڻو هو، پر اَفسوس تہ حُڪومت پاران مٿس ڪيس مڙهي، گرفتار ڪري، لانڍي جيل ۾ رکيو ويو آهي، جنھنڪري اِنٽرويو مڪمل ٿي نہ سگهيو.)

[’پورب‘ اَپريل، مئي، جون 1997ع وارن شمارن ۾ ڇپيل]

اِنٽرويو: قاضي آصف

شاعري اِظھار جو گهڻو سگهارو ذريعو آهي: يوسف شاهين

اِيئن شايد ئي ڪو ٿيندو هجي تہ ويٺي ويٺي هڪ ڏينھن ۾ شاعريءَ تي دسترس حاصل ڪري، وڏن شاعرن جي صف ۾ شامل ٿي وڃجي. ڪڏهن ڪڏهن واقعي اِيئن ٿي بہ ويندو آهي، سنڌي شاعريءَ ۾ ڪجهہ سال اَڳ اَهڙو واقعو ٿي چُڪو آهي. هڪ ڏينھن يوسف شاهين، شمشيرالحيدريءَ کي پنھنجا ڪجهہ شعر ڏيکاريا ۽ پوءِ ڪجهہ ئي ڏينھن ۾ سڄو بياض لِکي ورتو. يوسف شاهين سُٺو نثرنويس ۽ صحافي تہ اَڳ ۾ ئي هو، پر هن اوچتو شاعري ڪئي ۽ اُها بہ اَعلى معيار جي.! ڪيترائي ماڻھو حيران ٿي ويا تہ هي رات وِچ ۾ شاعر ڪيئن ٿي ويو؟ هن هيستائين مُروج شاعريءَ جي نسرڻ کانسواءِ نوان ۽ جديد سُر تخليق ڪري وِڌا. ڪيترن ئي دوستن کيس سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ اَنوکو واقعو قرار ڏِنو.
اسان يوسف شاهين سان سندس شاعريءَ جي حوالي سان ڪجهہ ڳالھيون ڪيون. يوسف شاهين سنڌيءَ کانسواءِ اَنگريزيءَ ۾ بہ سُٺا ڪتاب لِکيا آهن ۽ لِکي رهيو آهي. سندس اِيمان آهي تہ هر زبان سندس زبان آهي ۽ سڄي دُنيا سندس وطن آهي.

سوال: سنڌي شاعريءَ جي مختلف دؤرن بابت اوهان ڇا چوندؤ؟
يوسف: آءٌ هينئر شاعريءَ جي ٽن دؤرن بابت ڳالھائيندس. هڪ شاھہ جو دؤر آهي، جنھن ۾ وحدت الوجود، قومي تشخص ۽ آزاديءَ جي ڳالھہ ڪئي ويئي. ٻيو سچل ۽ ساميءَ جو دؤر هو، جنھن ۾ سچائيءَ کي ڀير تي ڏؤنڪو هڻي چوڻ جو دؤر چئي سگهجي ٿو، ٽيون دؤر شيخ اَياز جو آهي، جنھن ۾ هڪ گم ٿيل قومِ جي سُڃاڻپَ ڳولي ويئي آهي.
سوال: خليفو نبي بخش سنڌ ۾ اَوائلي دؤر جو وڏو مزاحمتي شاعر ٿي گُذريو آهي، اُن کي وساري ڇڏڻ يا نظراَنداز ڪرڻ جا ڪھڙا سبب آهن؟
يوسف: اِهو اسان جو قومي اَلميو آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ اَهڙيو حالتون پيدا ڪيون ويون، جيئن اسان سڀ ڪجهہ وساري ڇڏيون، پنھنجو وجود، پنھنجو شاندار ماضي، پنھنجي ٻولي، تھذيب ۽ تمدن، سڀ نظراَنداز ڪري ڇڏيون. اوهان خليفي نبي بخش جي مزاحمتي شاعريءَ جو ذڪر ڪيو آهي، آءٌ چوان ٿو تہ شاھہ لطيف سنڌي شاعريءَ جو اَڍائي سؤ سال گُذرڻ باوجود اَڄ بہ مزاحمتي شاعريءَ جو سڀَ کان وڏو علمبردار آهي، پر سندس شاعريءَ جي معنى ۽ تشريح بدلجي ويئي آهي. بھرحال منھنجي خواهش آهي تہ سنڌيءَ ۾ مزاحمتي شاعريءَ کي شاھہ لطيف جنھن مقام تي ڇڏيو، اَڄ اُن کان گهڻو اَڳتي جي ڳالھہ ٿيڻ گهرجي، اُصولي طور تي اِهو ڪم خليفي نبي بخش کي ڪرڻ گهرجي ها.

سوال: اوهان ڪڏهن کان شاعري پيا ڪريو ۽ شاعريءَ جي ڪھڙي صنف اوهان کي وڌيڪ پسند آهي؟
يوسف: مون 1978ع کان اَڳ شاعريءَ جي باري ۾ سوچيو بہ نہ هو، بلڪہ شاعري، ڪھاڻي ۽ ناول مون کان پڙهيا نہ ٿيندا هئا. منھنجي پسند جا موضوع تاريخ، مذهب ۽ فلسفو رهيا آهن. بھرحال هڪ رات اوچتو مون کي شاعريءَ جو خيال آيو ۽ اُن ئي رات مون چار بيت لِکيا، جيڪي مون پنھنجي شاعر دوست شمشيرالحيدريءَ کي ڏيکاريا، جنھن چيو تہ وڌيڪ لِک! مون هڪ ئي هفتي ۾ شاعريءَ جو سڄو ڪتاب لِکي ورتو، جيڪو ’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ جي نالي سان ڇپيو. اُن کانپوءِ منھنجي شاعريءَ جا ٻہ ٻيا ڪتاب بہ ڇپيا، اُنھن ٻنھي ڪتابن لِکرائڻ ۾ عابدہ پروين جو وڏو هٿ آهي، جنھن لڳ ڀڳ منھنجون لِکيل هڙئي وايون ۽ گهڻا بيت ڳايا آهن، جيڪي ڇھن يا ستن ڪئسٽن تي مشتمل آهن. شاعريءَ ۾ مون کي بيت وڌيڪ پسند آهي.
سوال: اوهان مختلف موضوعن تي ستَ ڪتاب لِکيا آهن، ڪھڙين ڳالھين اوهان کي نثر لِکڻ تي مجبور ڪيو؟
يوسف: آءٌ شروع کان ئي نثر ۾ اِنساني مسئلن تي لِکندو پيو اَچان. غلط جاگرافيائي حدَبنديون، جيڪي فوجي ڪارواين ۽ هٿ ٺوڪين شاهي سلطنتن جي عروجَ ۽ زوال جي نتيجي ۾ ٺاهيون ويون آهن، اُهي دُرست ڪرڻ جي ضرورت آهي. اِها خوشيءَ جي ڳالھہ آهي تہ هن صديءَ جي دؤران هڪ سؤ کان بہ وڌيڪ ملڪ آزادي حاصل ڪري چُڪا آهن، اُنھن جون سرحدون نئين سِري کان طئي ٿيون آهن. ٻيو مسئلو بي گناھہ اِنسانن جي قتلِ عام جو آهي، هر صديءَ ۾ لڳ ڀڳ 25 ڪروڙ ماڻھو قتل ٿين ٿا، عورتون اَغوا ٿين ٿيون، تمام گهڻا ماڻھو لڏپلاڻ تي مجبور ٿين ٿا، معصوم ٻارڙا ماريا وڃن ٿا، رُڳو هن صديءَ ۾ مختلف ڪاررواين ۾ هڪ ڪروڙ کان بہ وڌيڪ ٻارڙا مارجي ويا، اِهو اِنسانن جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، اِن صورتحال کي مُنھن ڏِيڻ جي لاءِ اِنسان کي ڪا ٺوس راهَه ڪڍڻ گهرجي. منھنجي سڀني لِکڻين جو مرڪزي نقطو اِهو ئي آهي.

سوال: سنڌي شاعريءَ ۾ مُروج سُرن کان هٽي، اوهان پھريون ڀيرو نوان سُر لِکيا آهن، اُن جو ڪھڙو سبب آهي؟
يوسف: گُذريل ٻن سؤ سالن کان سنڌي شاعريءَ ۾ مخصوص سُر هلندا پيا اَچن. آءٌ سمجهان ٿو تہ هاڻ دُنيا ۾ اُهي حالتون نہ رهيون آهن تہ سِڌي ۽ سچي ڳالھہ ڪري نہ سگهجي. شاھہ لطيف آزاديءَ جي ڳالھہ سُر مارئيءَ ۾ مارئيءَ جي آزاديءَ جي نالي تي ڪئي تہ جيئن ظالم حُڪمران جي گِرفت کان بچي سگهجي. بھرحال هاڻ حالتون بدلجي چُڪيون آهن ۽ شاعريءَ کي وڌيڪ سگهارو رُوپ ڏيئي سگهجي ٿو، جنھن ۾ مون اَڳڀرائي ڪئي آهي. اوهان ڏِسندؤ تہ اَڳوڻي گل ۽ بلبل جي شاعري پنھنجي اَهميت وِڃائي رهي آهي، جنھن ۾ رُڳو محبت جي اِظھار ڪرڻ جي لاءِ زمانا گُذري ويندا هئا.

سوال: سنڌيءَ ۾ آزاد نظم ۽ هائيڪو وڏي تعداد ۾ لِکيا پيا وڃن، اُنھن جي معيار بابت اوهان جي ڪھڙي راءِ آهي؟
يوسف: هائيڪو، سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئين ۽ ٻاهران آيل صنف آهي. شيخ اَياز هائيڪن جو سڄو ڪتاب ’پن ڇڻ پُڄاڻان‘ جي نالي سان لِکيو آهي، ٻين شاعرن بہ اُن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. آزاد نظم جو بہ اِهو ئي حال آهي، جنھن جي معيار تي ڊِگها اِختلاف موجود آهن. بھرحال هِتي آءٌ اِها ڳالھہ چِٽي ڪندو هلان تہ شاعري اِظھار جو گهڻو سَگهارو ذريعو آهي، جنھن کي اَدب ۾ مٿانھون مقام حاصل آهي. جڏهن ظلم ۽ جبر جي خلاف ڳالھہ ڪرڻ جي مجال نہ هجي تہ شاعريءَ جي ذريعي اُن جمود کي ٽوڙي سگهجي ٿو. اوهان اِظھار جي آزاديءَ جي لاءِ شاعريءَ جو ڪوبہ فارميٽ اِستعمال ڪري سگهو ٿا. سنڌيءَ ۾ سڀني کان سُٺو ذريعو ’بيت‘ جو فارميٽ آهي، جنھن ڏانھن شاعرن کي وڌيڪ ڌِيان ڏيڻ گُهرجي.
سوال: اوهان شاعريءَ کانسواءِ صحافت بہ ڪئي آهي، اُن تجربي کي اوهان ڪيئن ٿا ڏِسو؟
يوسف: صحافت هڪ مقدس پيشو آهي، جنھن جي رُوحَ کي ڪاروباري گُهرجن مفلوج ڪري ڇڏيو آهي، نہ تہ پاڪستان ۾ فوج کانپوءِ سڀ کان وڏي سگهہ ’صحافت يا پريس‘ آهي. اُن کانپوءِ بيورو ڪريسي، چوٿين نمبر تي سياستدان اَچن ٿا. سنڌي صحافت شديد بدحاليءَ جو شڪار آهي. هڪ سؤ کان بہ وڌيڪ سنڌي رسالا آهن، جن مان هڪ ٻہ ئي مشڪل سان مارڪيٽ ۾ اَچڻ جي قابل ٿيا آهن. ڪراچيءَ مان نوَ سنڌي اَخبارون ڇپجنديون هيون، باقي رُڳو ٻہ وڃي بچيون آهن.

[ اُردوءَ مان ترجمو ڪيو ويو، روزاني ’جنگ‘ ]

تاريخ کي نئين سِر لِکڻ جي ضرورت آهي: يوسف شاهين (اِنٽرويو: پرهَہ سٿ)

دُنيا ۾ اَهڙا ماڻھو تمام گهٽ ٿيندا آهن، جيڪي هڪ ئي وقت زندگيءَ جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل هجن، مسلسل اِيمانداريءَ سان پنبھنجو ڪم ڪندا رهن ۽ ڪاميابين سان همڪنار بہ ٿيندا رهن. اَهڙي قِسم جي ماڻھن کي Maltidimention Personality چيو ويندو آهي. اسان جو ٻھڳڻو شاعر، جيڪو پاڻ کي شاعر سَڏرائڻ لاءِ راضي ناهي، اَهڙن ئي ڪامياب اِنسانن مان هڪ آهي. زندگيءَ جو اَهو ڪھڙو شعبو آهي، جنھن ۾ هن قسمت نہ آزمائي هجي ۽ ڪاميابيءَ جا مينارَ سَر نہ ڪيا هجن. هو هڪ ئي وقت شاعر، تاريخدان، صحافي، پبلشر، بزنس مين ۽ سياستدان آهي. نھايت اِيماندار ۽ هڏڏوکي اِنسان سائين يوسف شاهين صاحب، پنھنجي اَخبار جي ملازمن جون پگهارون، ٻين اَخبارن جي ڀيٽ ۾ ٽِيڻ، چَئوڻ تي رکي، سنڌي ميڊيا ۾ هڪ قِسم جو اِنقلاب بَرپا ڪري ڇڏيو. چوندا آهن تہ: ”نيڪي ڪر ۽ کُوهَہ ۾ ڦِٽي ڪر!“ بلڪل اَهڙيءَ طرح هي شخص بہ نيڪي ڪري وساري ڇڏيندو آهي.
يوسف شاهين سان هڪ دلچسپ ڪچھري ٿي، جيڪا اسان اِنٽرويوءَ جي شڪل ۾ اوهان جي اَڳيان پيش ڪري رهيا آهيون.
پرهَہ: سائين! توهان زندگيءَ جي ڪھڙي حِصي يا موڙَ تي محسوس ڪيو تہ توهان وٽ لِکڻ جي صلاحيت موجود آهي ۽ توهان کي لِکڻ گُهرجي؟
يوسف شاهين: مون پھريون ڪتاب لِکيو، تڏهن منھنجي عمر سورهن سال هئي. اُن کانپوءِ ٻيو ڪتاب مئٽرڪ کان اَڳ يا پوءِ اَرڙهن سالن جي عمر ۾ لِکيو. هڪ ڪتاب جو نالو آهي ’مسلم ڪريسي‘ ۽ ٻي جو ’خدا، اِنسان ۽ جانور‘ اِهي مون مئٽرڪ دؤران لِکيا هئا.

پرهَہ: توهان لِکڻ جي شروعات اَنگريزيءَ کان ڪئي؟
يوسف شاهين: مون پھريون ڪتاب سنڌيءَ ۾ لِکيو. اُن وقت آءٌ ’خادمِ وطن‘ اَخبار ۾ هوندو هوس، اُتي مون سان چار ماڻھو مِلڻ آيا، اُنھن مان هڪڙي مون کي ڪتاب ڏِنو ۽ هن پنھنجو تعارف محمد اِبراهيم جويو جي نالي سان ڪرايو، اِيئن ئي اَدب ۾ شروعات ڪئي سين.

پرهَہ: ڇا توهان شروعات نثر سان ڪئي؟ پوءِ وري شاعريءَ واري پاسي لاڙو ٿيو؟
يوسف شاهين: مان شاعر تہ هيس ئي ڪونہ! جيڪڏهن مان شاعر هجان ها تہ ’برسات‘ اَخبار ۾ پيو لِکان ها. اُن وقت منھنجو نہ اَهڙو ذهن هو ۽ نہ ئي وري سوچيم تہ آءٌ شاعر آهيان. مون هندستان جي تاريخ تي ڪم پئي ڪيو، جنھن جا ڪجهہ حِصا ڇپرايا بہ هيم، جنھن تي اِختلاف ٿي پيا. سو پوءِ هڪ رات منھنجي خيال ۾ مون چار بيتَ لِکيا، جيڪي تاج بلوچ، قمر شھباز جن کي ڏيکاريا. هنن چيو تہ توهان هي ڪنھن کان لِکرايا آهن؟ بيت بہ اَهڙو، جنھن ۾ شاھہ لطيف جو تسلسل لڳندو آهي، اُها ئي حرفِ تجنيس، جيڪا شاھہ کانپوءِ ٻيو ڪو برقرار بہ نہ رکي سگهيو آهي. مطلب تہ اِيئن ئي هڪڙو اِضافي سلسلو ڪيوسين.

پرهَہ: توهان جي سُڃاڻپَ بحيثيت شاعر جي ٿي چُڪي آهي؟
يوسف شاهين: ها! پر آءٌ بلڪل نہ ٿو ڪرائڻ چاهيان، آءٌ اِنڪار ڪريان ٿو، آءٌ اِلاهي شاعري ڪري چُڪو آهيان.

پرهَہ: اوهان جو ڪو شاعريءَ جو ڪتاب آيو؟
يوسف شاهين: بلڪل منھنجا ڪتاب موجود آهن. بيت ۽ شاعري سڄي سنڌ ۾ ڳائي ۽ ٻُڌي وڃي ٿي، جيڪا عابدہ پروين ۽ غلام حُسين شيخ پڻ ڳائي آهي.

پرهَہ: شاعريءَ کي اوهان سُڃاڻپَ جو سبب ڇو نہ بڻايو؟
يوسف شاهين: اُهو اُن ڪري تہ شاعري جيڪا آهي تہ اُن کي پاڻ ڳالھائڻ گُهرجي. آءٌ جڏهن اُستاد بُخاريءَ سان مِلڻ ويس ۽ اُتي هن کي چيو تہ اسان توهان کي شاعر ئي ڪونہ ٿا مڃون! تہ اُتي سڀ پريشان ٿي ويا تہ هي ڇا ٿو ڳالھائي! پر مون بلڪل چيو تہ اسان هن شخص کي شاعر مڃيندا ئي ڪونہ هئاسين، يا تہ رُجعت پرست شاعر سمجهندا هئاسون، پروگريسو شاعر تہ هي اسان جي نظر ۾ هو ئي ڪونہ! اُنھيءَ ڪري تہ جيڪي سنڌيءَ ۾ رسالا ڇپيا هئا، مثال ’سُھڻي‘، ’رُوحَ رهاڻ‘ اُنھن ڪڏهن بہ اُستاد بُخاريءَ کي جاءِ ڪونہ ڏِني، پر هن ماڻھوءَ ايترو لِکيو ۽ ڏاڍو سُٺو لِکيو. جيئن هڪڙو ماڻھو ڦاٽُ کائي نڪري اَچي، اِيئن هو هڪ وڏو ماڻھو ٿي مٿي نڪري آيو. هن جي شاعري بہ شاھہ جي شاعريءَ جيان پاڻ ڳالھائي ٿي، پاڻ ماڻھوءَ کي ڪنوينس ڪري ٿي ۽ هڪ رُوح ٺاهي ٿي ۽ جڏهن ’خبرون‘ اَخبار ۾ ظھير ميراڻي ڪم ڪندو هو تہ هو مون کان شاعري، بيتَ وٺي هلائيندو هو.

پرهَہ: سائين! جيئن تہ پُراڻي دؤر ۾ اِليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا جو دؤر نہ هو، اُن هوندي بہ جيڪي وڏا ۽ سُٺا ليکڪ هئا، اُهي مُلڪان ملڪ مشھور هئا، اُن جو سبب ڪھڙو ٿو ٿي سگهي؟
يوسف شاهين: ڪو بہ مصنوعي طريقو، جنھن جي ڀلي ڪيڏي بہ مشھوري ڪريو، پر توهان جي شئي توهان کي پاڻ مٿي کڻي اِيندي. اِها ئي ڳالھہ آهي، شاھہ کانپوءِ جيڪي شاعر آهن، اُهي شاھہ کان اِلاهي پري بِيٺل آهن، ويجهو ڪونہ اَٿس. شاھہ جيڪو چوڻ چاهي ٿو، اُهو ڳالھايو ٿو وڃي، پر اسان جا ٻيا حضرات اُن کانپوءِ جيڪي آيا آهن، هڪ تہ بيت لِکي ڪونہ سگهيا، پر شاھہ جيڪو بيت جو طريقو مقرر ڪيو، اُن جي کڻڻي ۽ اُن جي ڇڏڻي اُن جو پيغام هو. حرفِ تجنيس تي ٻَڌل هجي، اُهو اسان شاھہ کانپوءِ نہ ڪري سگهيا آهيون.

پرهَہ: سائين اُستاد بُخاريءَ ڪڏهن اِها دعوى نہ ڪئي تہ هو ڪو وڏو شاعر آهي، پوءِ بہ هن جي شاعري جهرجهنگ ۾ هلي پئي ۽ هر ڪو هن سان پيار ڪري ٿو؟
يوسف شاهين: آءٌ دادوءَ ۾ هيس، اُتي پندرهن ويھہ ماڻھو ويٺا هئا، اُنھن کان مون پُڇا ڪئي تہ اُستاد بُخاريءَ جو ڪو شعر، بيت يا ڪا وائي ياد آهي؟ تہ مون کي سڀني اَلڳ اَلڳ ٻُڌائي.

پرهَہ: توهان جو ننڍپڻ ڪيئن گُذريو، جيئن ٻھراڙيءَ جي ٻارن جو گُذرندو آهي يا عام، مطلب ڪيئن؟
يوسف شاهين: منھنجو ننڍپڻ ڏاڍو پريشان ڪندڙ گُذريو، اُن ڪري جو ننڍي هوندي کان هڪڙي ڳالھہ مان اَڃا جڏهن ڪارل مارڪس ڪونہ پڙهيو هو، ٻيون جيڪي جديد تحريڪون آهن يا اَدب جون، اُهي بہ ڪونہ پڙهيون هيون، اُن وقت مان بہ سوچيندو هيس تہ مان جڏهن لِکيو تہ پوءِ اُهو ڪتاب آيو، اُن ۾ مان اِها ڳالھہ چوڻ جي ڪوشش ڪئي تہ دُنيا جي جيڪا ورهاست آهي، جيڪا جاگرافي آهي، اُها سڄي غلط آهي. هيءَ دُنيا فاتحن جي ڪري ٺھي ۽ اُن جي ڪري هي سَرحدون ٺھيون آهن، ٻي صورت ۾ سڄي دُنيا اسان جو هڪڙو ملڪ، هڪڙي ٻولي، هڪڙو مذهب هئڻ گُهرجي، هڪڙو ڪلچر هُئڻ گُهرجي. اِهو شروع کان وٺي، اُن وقت، جڏهن آءٌ گوشت کائڻ کي ڏوھہ سمجهندو هئس. مان پنھنجي سورهن سالن جي عمر ۾ گوشت کائڻ ڇڏي ڏِنو. جڏهن اِهي ڳالھيون سوچيم تہ تڏهن مان چيو ۽ مون کي اِهو لَڳو تہ اسان کي جيڪو ماضيءَ کان مِليو آهي يا اسان کي اَبن ڏاڏن کان جيڪا شئي مِلي آهي، اُنھيءَ تي نئين سِر ويچار ڪرڻ جي ضرورت آهي. اُن ۾ ڪھڙي شئي صحيح آهي، ڪھڙي غلط آهي؟ اُن تي اسان کي سوچڻ گهرجي ۽ اَکيون پُوري اسان کي اُن کي قبولڻ نہ گُهرجي، جيئن اسان قبول ڪري ويٺا آهيون. پوءِ اُهو چاهي مذهب هجي يا ٻولي هجي، چاهي ٻيا ڪلچرل. جيڪي مسئلا آهن، اُنھيءَ ۾ گوشت جو مسئلو، جيڪو اسان تہ سمجهون ٿا حلال آهي، اسان کي کائڻ گُهرجي، پر مان 32 سال گوشت نہ کاڌو، اُن وقت ڇڏي ڏِنو، سال گُذرڻ کانپوءِ گوشت کائڻ شروع ڪيو. جڏهن ٻاهر ويندو هئس ايڪسپورٽ جي حوالي سان سنگاپور، جاپان، هانگ ڪانگ، پوءِ اُتي اُنھيءَ سفر اُهو روزو ڀڃرائي وِڌو، پر آءٌ اَڄ نہ سمجهان ٿو تہ اسان کي کائڻ لاءِ اِلاهي شيون آهن. ﷲ سائينءَ جيڪي اِلاهي شيون پيدا ڪيون، جن سان اَسين وڌيڪ سُٺي زندگي، وڌيڪ صحتمند زندگي ۽ وڌيڪ ڊِگهي زندگي گُذاري سگهون ٿا. جيڪڏهن گوشت نہ کائون تہ گوشت کائڻ جي اسان کي ڪابہ ضرورت نہ آهي، پر بھرحال ڪڏهن ڪڏهن ماڻھوءَ کي سماج سان گڏ هلڻ گُهرجي.

پرهَہ: ڪھڙو سبب آهي اِن جي پُٺيان، جو اوهان جي خيال ۾ گوشت نہ کائڻ گُهرجي؟
يوسف شاهين: سائين! هر ساهواريءَ شئي جي پنھنجي زندگي آهي، جانور کي پنھنجي زندگي آهي، اَسين اُن کي ماري، پنھنجو پيٽ ڀريون ٿا. بھرحال اسان کي ٻيون بہ شيون آهن، جيڪڏهن گوشت حلال بہ آهي تہ اُن کي مارڻ جي ضرورت نہ آهي. 16 سالن جي عمر ۾، جڏهن منھنجي اَڃا ڏاڙهي بہ ڪونہ آئي هئي، تڏهن کان مون گوشت کائڻ ڇڏي ڏِنو تہ اُن وقت مون چيو تہ اِهو غلط آهي، پر اُن سان گڏ ٻين شين تي بہ مان بحث مباحثا ڪيا، ٻيون اِلاهي شيون، جيڪي هاڻ ٻُڌائڻ نہ ٿو چاهيان.

پرهَہ: عام چوڻي آهي تہ ننڍيون مڇيون، وڏين مڇين جو شڪار ٿينديون آهن، ٿورو گهرائيءَ ۾ هليا وڃو تہ وڏن وڏن جانورن جي زندگيءَ جو ذريعو اُنھن ننڍن جانورن تي هوندو آهي، اِن مطابق ڇا خيال آهي؟
يوسف شاهين: ها، اِها ڳالھہ توهان جي صحيح آهي، اِهو اسان بہ ڏِسون ٿا. شينھن جيڪو آهي، اُن کي جيئرو جانور کپي ٿو، بس! اِهو قدرت جو نظام آهي. اُن تي سوچي سوچي بِيٺا آهيون، سمجهہ ۾ نہ ٿو اَچي، پر اِن ڳالھہ کي قبول ڪرڻ بہ ڏاڍو ڏُکيو آهي. پر مان اَڃا بہ پنھنجي ڳالھہ تي بِيٺل آهيان، جيڪو مان سوچيان ٿو تہ صحيح آهي، پر آءٌ سمجهائي نہ ٿو سگهان. گوشت کائڻ سان منھنجي خيال ۾ اِنسان جون ڪافي شيون ۽ صحت متاثر ٿين ٿيون. هاڻي اِنھيءَ سبجيڪٽ کي جيترو اَڳتي کڻي وينداسين، اوترا نوان موضوع ۽ نوان بحث شروع ٿي ويندا، اُن لاءِ بھتر آهي تہ اِن کي اِتي ئي ڇڏجي.

پرهَہ: ميڊيڪل جي لحاظ کان ڳالھائينداسون تہ ﷲ پاڪ اِنسان کي جيڪي جبڙا ڏِنا آهن، اُنھن ۾ ٻئي شيون اِستعمال ٿين ٿيون، يعني ڏند سبزي خور بہ آهن تہ گوشت خور بہ، پوءِ اَسين ڇو نہ کائون؟
يوسف شاهين: ها! بھرحال هاڻي قدرت کان اسان ڪٿان پُڇون؟ ڪو شريفاڻو طريقو اِن ۾ سمجهہ ۾ نہ ٿو اَچي. جڏهن ڍڳي کي ڪيرائي ڪُھون ٿا، وري اُن جي ڪيفيت يا ٻڪري کي توهين پنھنجي اَکين سان ڏِسو تہ اُن کي ڪيئن ڪُٺو وڃي ٿو، اُهو ڏاڍو تڪليف ڏيندڙ عمل آهي. اُهو مون ڏِٺو آهي تہ ڪيترائي اَهڙا جانور آهن، جيڪي جيئرن جانورن کي کائي ٿا وڃن. بھرحال اِهي ڪافي شيون سوچڻ جي لاءِ ڌرتيءَ تي موجود ضرور آهن، جن تي بحث بہ ڪري سگهجي ٿو. ڪي شيون ماڻھوءَ جي سمجهہ ۾ اَچي وڃن ٿيون، ڪي شيون ٿورو ماڻھوءَ جي سمجهہ کان لِڪل آهن.

پرهَہ: سنڌ ۾ اِلاهي ڏاهپَ، علم ۽ فھم موجود هو، اَڄ جو نوجوان سڀني سھولتن هوندي ڪافي پوئتي بِيٺل نظر ٿو اَچي، اُن جا ڪھڙا سبب آهن؟
يوسف شاهين: ها، اوهان جي ڳالھہ ڪنھن حدَ تائين بلڪل ٺيڪ آهي، پر هر وقت جون پنھنجون پنھنجون ضرورتون، سوچَ ۽ سمجهہ جا اَنداز ٿين ٿا، جيئن مون چيو تہ آءٌ مسلمان پاڻ ڪونہ ٿيو هئس، مون کي مسلمان ڪيو ويو، منھنجا ماءُ پيءُ مسلمان هئا، سو آءٌ اُنھن وٽ پيدا ٿيس، اُنھيءَ ڪري آءٌ مسلمان آهيان ۽ سنڌيءَ جي گهر ۾ ڄائو آهيان اُنھيءَ ڪري سنڌي آهيان، اُنھيءَ ڪري آءٌ سنڌي ڳالھايان ٿو. يا آءٌ ڪنھن سُنيءَ جي گهر پيدا ٿيو آهيان تہ آءٌ سُني آهيان، شيعي جي گهر پيدا ٿيان ها تہ شيعو هجان ها، پر جيڪڏهن عيسائيءَ جي گهر پيدا ٿيو هجان ها تہ عيسائي هجان ها، يا هندوءَ جي گهر پيدا ٿيو هجان ها تہ هندو هجان ها. منھنجو اُن ۾ ڪوبہ عمل نہ آهي ۽ نہ ئي منھنجي ماءُ پيءَ جو اُن ۾ ڪو عمل آهي، مطلب تہ اِهي تاريخي شيون آهن، هن دُنيا ۾ ايترو گهرو نہ وڃجي تہ بھتر آهي. اسان اَلائي ڇو ننڍي هوندي کان ئي سوچڻ شروع ڪيو ۽ پئي سوچيو تہ هيءَ دُنيا ئي غلط ٺھيل آهي، جنھن تي اَڄ جو نوجوان نہ ٿو سوچي، وقت اُن کي بہ ڪڏهن سوچڻ تي مجبور ڪندو.

پرهَہ: سنڌ ۾ پوئتي ٿورو وڃون ٿا تہ سنڌي اَدب ۾ وڏا ماڻھو پيدا ٿيا؟
يوسف شاهين: ها، برِصغير جو جيڪو هي پَٽ آهي، ماڻھو اِلاهي وڏا پيدا ٿيا آهن. سنڌ تہ مرڪز رهيو آهي، جنھن سڀ وڏا عالم پيدا ڪيا. سنڌ دُنيا جو اُهو خِطو آهي، جنھن دُنيا ۾ پھرين تھذيبَ ڏِني، پھرين ٻولي ٺاهي، پھرين خُدا پاڪ جو تصور ڏِنو. دُنيا ۾ سنڌ، جنھن ٻُڌايو تہ خُدا پاڪ هڪ آهي، حضرت جبرائلعه کان بہ اَڳ جي ڳالھہ آهي. اُها دُنيا ۾ ٻي ڪنھن قومَ ڪونہ ڏِني، سڀ کان پھرين اسان (سنڌين) ڏِني ۽ پوءِ ٽائون پلاننگ، لِکڻ ۽ پوءِ اَمن، هٿيارن کانسواءِ هڪڙي سوسائٽي يا تہ پوءِ ڪمال جي ڳالھہ چئبي تہ جڏهن دُنيا ۾ جنگيون پئي هليون، اُن وقت هٿيارن کانسواءِ سوسائٽي ٺھي، اُها سنڌي ماڻھن ٺاهي.

پرهَہ: اَڄوڪي سنڌ کي ڪيئن ٿا سمجهو؟
يوسف شاهين: سنڌ تہ هاڻي پاڻ کي وِساري چُڪي آهي. ٻيو هونئن تہ سڄي دُنيا غلام رهي آهي، ڇاڪاڻ تہ دُنيا ۾ پنج هزار سال جي تاريخ ۾ توهان ڏِسندؤ تہ سڄي دُنيا جيڪا آهي، سو قاتل حملي آور يا فاتح جيڪي چئجن، اُهي اَخلاقي طور، مذهبي طور، تمام گَندي قِسم جا ماڻھو هئا. هيءَ دُنيا اُنھن جي ورِ چڙهيل هئي، جن ماري ڪُٽي قبضو ڪيو ۽ هن برِصغير ۾ اِهو ٿيو آهي. توهان ڏِسو تہ وڏو عرصو سنڌ جو ماڻھو غلام رهيو آهي، چاهي اُهو عربن جو دؤر هجي يا اُنھيءَ کان اَڳ جو دؤر هجي. بھرحال سنڌ هينئر اُها نہ آهي. 1947ع ۾ جيڪو ورهاڱو ٿيو، اَڃا تائين اُهو ورهاڱو هلي ٿو ۽ ورهاڱي جي ڪري لڏَپلاڻ ٿي. توهان ڏِسو تہ سنڌ ۾ 22 سيڪڙو آبادي پنجاب جي آهي ۽ هڪ ڪروڙ، ويھہ لک ماڻھو پنجاب جا سنڌ ۾ آباد آهن. اَهڙيءَ طرح سٺ، ستر، اَسي لَک ماڻھو، جيڪي پختون صوبي، فاٽا ۽ اَفغانستان کان هتي آيا، اُن لڏَپلاڻ سنڌ جي ڊيموگرافيءَ کي بدلائي ڇڏيو. مان پنھنجي وسَ آهر اَلاهي ڪيو، جڏهن سينيٽ ۾ هيس، بُنيادي سبب اِهو آهي تہ ٻاهرين لَڏپلاڻ، جيڪا 1947ع کان وٺي اَڃا تائين هلي پئي، هينئر توهان ڏِسو، اِهي جيڪي فاٽا سرحد تي مسئلا هلن پيا، ڪشمير ۾ جيڪو زلزلو آيو، تقريباً 30 لک ماڻھو سنڌ ۾ اَچي ويا. توهان جي گهر ۾ چئن ماڻھن جي رهڻ جي گُنجائش هجي، اُن تي 20 ڄڻا بِيٺا هجن، اُهي توهان کي مُنجهائيندا، اُهي توهان جو مورال خراب ڪندا، توهان کي نقصان ڏيندا ۽ اُهي نقصان ٿين پيا. ڪٿي بہ توهان ٻاهر وڃو، ويزا اَپلاءِ ڪريو، توهان کان پُڇندا نانيءَ جو نالو ڇا آهي؟ هتي ڪينٽ اِسٽيشن تي پھچن ٿا تہ هو گل کنيو بِيٺا آهن. هينئر بہ ڪَچيون آباديون ريگيولرائيز ڪن پيا. توهان ڪڏهن پُڇيو آهي ڪنھن کان؟ مون مضمون لِکيا، سڀني اَخبارن ۾ ڇپيا، مون چيو توهان ڪنھن کي ٿا سنڌ جي شھريت ڏِيو؟ ڪنھن کي توهان جاءِ ٿا ڏِيو؟ ڪنھن کي توهان ووٽَ جو حق ڏِيو ٿا؟ ڪنھن کي ناظم ٺاهيو ٿا؟ ڪنھن کي وزير ٿا ٺاهيو؟ پھرين ٻُڌايو تہ اُهي ماڻھو آهن ڪِٿان جا؟ نوڪري وٺڻ کان اسان جي اَکين تي، ڀلي وٺن! پر هو ووٽر ٿيندا، ناظم ٿيندا، اِهو تہ ڪٿي بہ اِيئن ڪونہ آهي.
پليجو صاحب چوندو آهي تہ پنجاب وارا يا پختون خواه وارا اسان جو تہ پٽيوالو بہ ڪونہ ٿا رکن تہ اسان جي تہ سڄي معيشت اِنھن وٽ آهي. جڏهن توهان جي معيشت اِنھن وٽ آهي، جڏهن معيشت ٻين جي هٿن ۾ هجي، اُهي توهان جي گهرن ۾ ويٺا هجن، اُهي تہ توهان کي ويڙهائيندا، توهان کي نقصان ڏيندا، توهان کي سياسي فيصلا ڪونہ ڪرڻ ڏيندا. اُنھيءَ جي لاءِ ٿورڙي هِمت ڪرڻي پوندي. اِن بحث تي مون گهڻو لِکيو آهي ۽ اَڃا گهڻي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
پرهَہ: مذهب کي توهان ڪيئن ٿا سمجهو؟
يوسف شاهين: مسئلو اِهو آهي تہ توهان اُنھن شين جي اِجازت ئي ڪونہ ٿا ڏِيو تہ آءٌ اِيئن بہ سوچي سگهان، ڇو تہ اِسلام روزي ۽ نماز تي دارومدار ڪونہ ٿو ڪري. مذهب هڪ ڏاڍو حَساس مضمون آهي، سڀئي مذهب ڪوڊ آف لائيف جي ڳالھہ ڪن ٿا ۽ جڏهن اُنھيءَ سبجيڪٽ کي ايترو سمجهون ٿا تہ اِسلام سڀ کان وڌيڪ پروگريسو مذهب آهي ۽ ٻين مذهبن، جن ۾ بيشمار خُدا ويٺا آهن، اُنھيءَ حِساب سان هندستان کي هن مذهب جي سخت ضرورت هئي. اَگر محمود غزنويءَ کانسواءِ ڪو ٻيو ماڻھو هندستان ۾ اِسلام آڻي ها تہ اَڄ سڄو هندستان مسلمان هجي ها.

پرهَہ: سچ چوڻ واري اَدا اوهان کي پريشان تہ ڪندي هوندي؟
يوسف شاهين: ضرور! مان اِيئن ئي ڪندو آهيان. پرويز مشرف سان بہ مون اَهڙي ئي سِڌي ڳالھہ ڪئي، شوڪت عزيز کي مون اَهو ڊيموگرافيءَ جو لفظ چيو تہ: ”تماشا مچا رکھا ہے٬ سندھ نے کیا قصور کیا ہے۔“ بس! پنھنجو اَنداز ڪجهہ اَهڙو ئي آهي، اُنھيءَ جي لاءِ توهان کي مشڪل کي تہ مُنھن ڏِيڻو پوندو. مون اِلاهي مشڪل ڏِٺي. ضياءُ الحق کي مون چيو هو تہ پھريون هٿ تنھنجو وَڍڻ گُهرجي. جڏهن مان مِلٽري ڪورٽ ۾ گرفتار هيس، هٿڪڙيون هڻي مون کي اُتي مِلٽري ڪورٽ ۾ ويھاريو ۽ مون کي ڪوڙا هڻڻ جي سَزا بہ ڏِنائون.

پرهَہ: بزنس جي طرف توهان جو ڪيئن لاڙو ٿيو؟
يوسف شاهين: سائين! بزنس تہ آءٌ شروع کان ئي ڪندو هئس. اُن وقت 300 روپئي دُڪان مِلندو هو ’علامہ اِقبال روڊ‘ تي، هاڻي تہ ڪروڙن جون ڳالھيون آهن. منھنجا ٻہ ڪتابن جا دُڪان هئا ۽ پوءِ وري مان ٻيو بہ بزنس ڪيو، بزنس کي تہ مون هميشہ چڱي شئي سمجهيو آهي. جيئرو رهڻ لاءِ بزنس ڪرڻ کپي، مان تہ هوٽل بہ کولي، ’مڊوي هوٽل‘ سُپر هاءِ وي تي! توهان اَندازو لَڳايو تہ 300 بسون بيھنديون هيون، تمام گهڻن ماڻھن جو اِسٽاف هو، ڪاروبار جي ذريعي دُنيا ڏٺي سون، آءٌ سنگاپور هليو ويس. سنڌي ماڻھن کي نہ بزنس ٿا ڪرڻ ڏِين، نہ زراعت ٿا ڪرڻ ڏِين. زاعت بہ صحيح نہ آهي، جيڪو وڏيرڪو طريقو آهي، اُهو سنڌ ۾ ويھي رهيو آهي، اُهو ڏاڍو خراب آهي. اسان وٽ زمينون آهن، دُنيا ۾ بُک پئي ٿي ۽ سڄي دُنيا پئسا ڏِيڻ لاءِ تيار آهي. سعودي عرب، ڪُويت وارا، عمان وارا سڀ هتِ، دُبئيءَ وارا تہ پئسا وٺو ۽ زمين ۾ زراعت ڪريو، پوءِ ڀلا جي ٻيو نہ ٿا ڏِيو تہ پوکڻ ڏِيو. هڪڙو تہ اَسين پاڻ نہ ٿا ڪريون، ٻيو هاريءَ سان ٺڳي ڪريون ٿا، هاريءَ کي پئسو نہ ٿا ڏِيون. هن ويچاري جي حالت اِها آهي تہ هو ڪپڙن جو جوڙو سبائڻ لاءِ پريشان آهي، عيد بہ سُٺي نہ ٿو گُذاري سگهي.

پرهَہ: شھر ۾ سنڌي سَرمائيداريءَ جو مزاج ڪجهہ وڏيري کان تبديل ٿيو آهي يا ساڳي ئي واردات آهي؟
يوسف شاهين: ’برسات‘ پھرين سنڌي اَخبار هئي، جنھن ورڪرن کي ويج بورڊ کان بہ وڌيڪ پگهارون ڏِنيون. جڏهن ٻين سنڌي اَخبارن ۾ 1600 روپيا پگهار هوندي هئي، اُن وقت مان 6000 (ڇھہ هزار) روپيا ڏيندو هئس. پھرين اُنھن ماڻھن هتي يونين ٺاهي، مون چيو ڀلي پيا ٺاهين، خبر پئي تہ ڇا پيو ٿئي؟ سوال آهي تہ هڪڙو ماڻھو توهان کي ٻين جي مقابلي ۾ پنجوڻ وڌيڪ ٿو ڏِئي، 1600 جي جاءِ تي 6000 پگهار ڏِئي ٿو ۽ ٻيون بہ سھولتون آهن. سو هنن اسان وٽ هتي هڙتال ڪئي. هڙتال ڇا تي ڪيون! هو توهان وٽ جيڪو رات جو ماڻھو سب ايڊيٽر هو، اُن کي ڏينھن ۾ شِفٽ ڪيو اَٿَوَ! پوءِ مون چيو تہ هنن کي ڇڏيو، ڏِسون ڇا ٿا ڪن. سو وٺي آيا هتي يونين وارا منھنجي آفيس ۾، تقريرون ڪيون ۽ آءٌ بہ بِيٺو رهيس سنجيدہ ٻُڌڻ. تہ مون اُنھن کي سَڏي پُڇيو تہ توهان کي تڪليف ڪھڙي آهي؟ آءٌ 1600 جي جاءِ تي 6000 بُنيادي پگهار ڏِيان ٿو، تڪليف ڪھڙي آهي، جو توهان ايڏيون تقريرون ويٺا ٿا ڪريو؟ مون هن جي شِفٽ مَٽائي آهي، ڪو هن کي نوڪريءَ مان ڪونہ ڪڍيو آهي، رات واري کي ڏينھن ۾ آندو اَٿم، اُنھيءَ ۾ منھنجو قصور ڪھڙو آهي؟ هي سنڌي ڇوڪرا آهن. اُن تي مون چيو، جي توهين ڪامريڊ آهيو تہ سڀ کان وڏو ڪامريڊ آءٌ آهيان. توهان ٺڳا ڪامريڊ آهيو، توهين ڪامريڊ نہ آهيو. اسان تہ عملي طور اَڄ بہ سمجهون ٿا تہ دُنيا جو سڀ کان وڏو سَماجي نظام سوشلسٽ سماج آهي، اُهو وري دُنيا ۾ اِيندو ۽ اَچي پيو.

پرهَہ: سائين! آخر ۾ ڪو شعر ٿي وڃي!
يوسف شاهين:
ٺلھا ٺڪرَ چاڙهي، ڪُوڙا ڏِين ڪوٺَ،
ڳالھيون سِين ڳوٺَ، ڪِين ٻَڌبا ڪڏهن!

سَڌڙيا ساهَہ جا، تارون ڪِينَ ترن،
ٻُڏي نيٺ مَرن، سي ٻُڪَ پاڻيءَ ۾!

ڳڀرو نڪتو ڳوٺَ مان [يوسف شاهين جي ڪھاڻي]

اَڄ کان چاليھہ سال اَڳ نصرپور، ضلعي حيدرآباد (هاڻ مٽياري) جو هڪ بيحد غريب ۽ مفلس نوجوان يوسف شاهين گهران اَٺ روپيا کڻي، ڪاروبار ڪرڻ جي لاءِ نڪتو. سندس پيءُ جي مالي حالت صفا خراب هئي، هو هڪ رازو هو. يوسف شاهين جو ننڍپڻ اِنتھائي سخت ۽ مشڪل حالتن ۾ گُذريو، کيس پڙهڻ جو گهڻو شوق هو، پر غربت ۽ وري ڳوٺ ۾ اِسڪول نہ هُئڻ جي ڪري مٿس تعليم جا دروازا بند ٿي ويا. نيٺ هو ڳوٺ کي ڇڏي، پنھنجي ماسيءَ وٽ شھدادپور هليو ويو، جتي محنت مزدوري ڪري، مشڪل سان پنھنجا تعليمي خرچ پورا ڪيا ۽ مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو.
يوسف شاهين جو چوڻ آهي تہ: ”اسان جھڙن مُلڪن ۾، جتي سرمائيداري نظام اِنتھائي بدترين صورت ۾ موجود آهي، اُتي ڪنھن غريب جو اِنتھائي اَمير ٿي وڃڻ ڪا اَڻ ٿيڻي ڳالھہ ڪونھي. مون ننڍپڻ ۾ اَٺن روپين سان پنھنجي ڪاروبار جي شروعات ڪئي هئي، جيڪو هاڻ لَکن، ڪروڙن روپين جي دائري تائين پکيڙي ڇڏيو اَٿم، پر مون کي پنھنجي ڪاميابين تي ڪو فخر ڪونھي.“ سندس چواڻيءَ پئسي وارو يا دولتمند بڻجي وڃڻ ڪو ڪارنامو ڪونھي، اِنسان جيڪڏهن رِٿابندي ڪري، محنت ڪري تہ پنھنجو حدف حاصل ڪري سگهي ٿو.
مئٽرڪ پاس يوسف شاهين دائودپوٽو اَڄ هڪ ممتاز صنعتڪار، زميندار، پبلشر، پرنٽر ۽ ستن ڪتابن جو ليکڪ آهي. هن ذاتي حيثيت ۾ پڙهڻ جو سلسلو جاري رکيو، کيس تاريخ، مذاهب، سياسيات، اَدب، فلسفي، تصوف ۽ ٻين موضوعن تي وڏي دسترس حاصل آهي. سندس ذاتي لائبريريءَ ۾ سوين ڪتاب موجود آهن. هو هن دُنيا جي نظام کي اِنتھائي فرسودہ، ناڪارا ۽ هٿياربند ماڻھن جي شڪنجي ۾ ڦاٿل ٿو سمجهي. سندس خيال موجب چئن ڪروڙن کان بہ وڌيڪ هٿياربند ماڻھن سڄي دُنيا جي اِنسانن کي پنھنجي گهيري ۾ وٺي رکيو آهي، جنھن جي ڪري سڀئي مذهب، زبانون، تھذيبون ۽ خود اِنساني زندگيون لڳاتار خطري ۾ ورتل آهن. هو چوي ٿو تہ گُذريل پنجن هزار سالن ۾ پنج هزار جنگيون ٿي چُڪيون آهن، جن ۾ ڪروڙين اِنسان قتل ٿيا، ٻارڙا ڪُٺا ويا، عورتون اَغوا ٿيون ۽ سندن بي حرمتي ڪئي ويئي، اِنساني اخلاق ۽ قدر پائمال ٿيا، اُهو سڀ ڪجهہ حُڪمرانن ۽ هٿياربند ماڻھن جي ڪري ٿيو. لڳاتار جنگين، قتل ۽ رتوڇاڻ جي ڪري دُنيا جو اِنسان زندگي ۽ عزت بَچائڻ جي لاءِ صدين کان لڏپلاڻ ڪندو پيو اَچي ۽ اُنھن لڏ پلاڻ جي سلسلن نين نين زبانن، نين تھذيبن ۽ ثقافتن کي جنم ڏِنو آهي. اُن طريقيڪار جي ڪري ڪيتريون ئي وڏيون زبانون ختم ٿي ويون ۽ ڪيتريون ئي قومون پنھنجو وجود وڃائي ويٺيون ۽ اُهو سلسلو اَڄ بہ جاري آهي.
يوسف شاهين چوي ٿو تہ هاڻوڪي دُنيا جي نئين سِري کان جوڙَجَڪ جي گهرج آهي ۽ اُنھن سڀني قومن کي آزادي مِلڻ گهرجي، جيڪي مختلف دؤرن ۾ طاقت جي زور تي زبردستي مختلف جاگرافيائي حَدن ۾ ڦاسي ويون آهن. اِن مسئلي تي هن هيستائين چار ڪتاب لِکيا آهن. هو سرمائيداري نظام کي پَرماري نظام سمجهي ٿو، جتي اِنسان ۽ اِنساني قدر دولت جي تابع بڻجيو وڃن، جتي سڄو سماج دولت جي چؤڌاري گُهمي ٿو ۽ دولتمند ماڻھو اِمتيازي حيثيت حاصل ڪري ٿا وٺن، حالانڪہ فرق جو بُنياد اَخلاق، شرافت ۽ صلاحيت هئڻ گُهرجي. هو سمجهي ٿو تہ دولت جي ريل ڇيل بذاتِ خود هڪ ’بيماري‘ آهي، جيڪا اِنسان کان سُک ۽ چين کسي ٿي وٺي. دولت جو نہ هُئڻ خراب آهي، پر اُن جو گهڻو هُئڻ اُن کان بہ وڌيڪ خراب آهي. اَڄ جيڪي قومون دولتمند آهن، اُهي ذهني، رُوحاني ۽ اَخلاقي طور تي مفلوج بڻجي ويون آهن.
يوسف شاهين کان سوال پُڇيو ويو تہ جيڪڏهن دولت جي گهڻائي ايتري ئي خراب آهي تہ پوءِ اوهان دولت جي اُن ڊوڙَ ۾ ڇو شامل آهيو؟ وڌيڪ دولتمند ڇوٿا بڻجڻ گهرو؟ اِن سوال تي پاڻ اَعتراف ڪندي چيائين تہ: ”مون کي اَفسوس آهي تہ اسان سڀ دولت جي پويان ڊوڙي رهيا آهيون، اِها ڪا چڱي ڳالھہ ڪونھي. پھرين دولت ڪمائڻ مسئلو هوندو آهي، پوءِ وري اُها بَچائڻ مسئلو بڻجي ويندي آهي. آءٌ دولت ڪمائي ڪا خوشي محسوس نہ ڪندو آهيان. ڪيترائي ماڻھو گڏجي منھنجي لاءِ ڪم ڪندا آهن ۽ اُنھن جي سڄي ڪمائيءَ جو آءٌ مالڪ بڻجي ويندو آهيان، اِهائي نا اِنصافي آهي. سڄي دُنيا اِن کي صحيح سمجهي ٿي، اِن حدَ تائين، جو سوشلسٽ ملڪن جو رَويو بہ اولھائين ملڪن کان مختلف ڪونھي. پنھنجا هٿيار وڪڻڻ جي لاءِ جنگي ماحول تيار ڪرڻ، جنگيون ڪرائڻ، اِنسان کي قتل ڪرائڻ، اِنساني وسنديون وِيران ڪرڻ، اِهو سڀ سرمائيداري فعل آهي. هٿ ٺوڪيا ترقي يافتہ ملڪ دُنيا جي اَڪثريتي آباديءَ جي محنت جو حق کَسي، دولتمند بڻيا آهن، گُذريل صدين ۾ دولت ڦُرڻ ۽ اَمير بڻجڻ جي لاءِ مختلف ملڪن تي فوجي قبضا ڪيا ويندا هئا. هاڻ اِهو ڪم ملٽي نيشنل ڪمپنين جي ذريعي ڪيو وڃي ٿو ۽ اُنھن ڪمپنين مان ڪيترن ئي ڪمپنين جي بجيٽ پورن آفريڪي ملڪن جي بجيٽ کان گهڻي هوندي آهي. اُهي ڪمپنيون اِيسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ وانگر ڪم ڪنديون آهن، جنھن مرچَ، مصالا خريدڻ جي بھاني سڄي هندستان تي قبضو ڪري ورتو هو. اُنھن گهڻ قومي ڪمپنين کي پنھنجي ملڪن جي فوجي ۽ سياسي سگهہ حاصل هوندي آهي ۽ اُهي ڪمپنيون اَڄ مرچَ، مصالحن بدران ٽيڪنالاجيءَ جي نالي تي سڄي دُنيا جي دولت کسڻ ٿيون گُهرن.“
جناب يوسف شاهين پنھنجي ماضيءَ جا تجربا بيان ڪندي هٻڪَ نہ ٿو محسوس ڪري ۽ چوي ٿو تہ: ”مون پنھنجي زندگيءَ ۾ هِتي پھچڻ لاءِ سخت محنت ڪئي آهي، ڏاڍا ڌِڪا کاڌا اَٿم، وڏو صبر آزما دؤر ڏِٺو اَٿم، اَهڙن اَهڙن تجربن مان گُذريو آهيان، جو ٻُڌي وارَ اُڀا ٿي ويندا، پر اُهو سڄو داستان، اُها سڄي ڪٿا ڪنھن ٻي ڀيري بيان ڪبي. بس! رُڳو ايترو عرض ڪندس تہ جيڪڏهن هر ڪم جي مناسب رِٿابندي ڪئي وڃي تہ ضرور ڪاميابي مِلي ٿي. جيڪڏهن رِٿابندي ننڍي هوندي آهي تہ ڪاميابي بہ ننڍي هوندي آهي. جيڪي ماڻھو سوچڻ سمجهڻ کانسواءِ ڪاروبار يا ڪنھن ڪم ۾ گِهڙي ٿا پون تہ اُنھن کي سدائين نقصان ئي سَھڻو پوندو آهي.

]اُردوءَ مان ترجمو ڪيو ويو، روزاني ’جنگ‘[

محترم يوسف شاهين جي ’ڪاوش‘ سان ڳالھہ ٻولھہ

مصطفى ملاح

شيخ اَياز جي تاريخ پڙهيل نہ هئي!
(محترم يوسف شاهين جي ’ڪاوش‘ سان ڳالھہ ٻولھہ)

نامياري تاريخدان ۽ شاعر يوسف شاهين چيو آهي تہ هيستائين 21 ڪتاب لِکي چُڪو آهيان، جنھن مان 6 ڪتاب آمريڪا مان ۽ 2 ڪتاب ڀارت مان شايع ٿيا آهن. اَڄ بہ هڪ ڪتاب لِکي مڪمل ڪري چُڪو آهيان، جيڪو سنڌو ماٿريءَ تي آهي. هي اُهو ڪتاب آهي، جيڪو 500 سالن ۾ نہ لِکيو ويو آهي. هن چيو تہ مان ملڪ جو واحد ليکڪ آهيان، جنھن جي نوبل اِنعام لاءِ ٻہ ڀيرا نامينيشن ٿي آهي، هن سال بہ نامينيشن ٿي آهي، پوءِ مِلي يا نہ، اُهو بہ آفيشل ئي آهي. اَهڙو اِظھار هن ’ڪاوش‘ سان ڳالھائيندي ڪيو.
تاريخدان يوسف شاهين وڌيڪ چيو تہ گُذريل پنج هزار سالن ۾ دُنيا جي ڪنھن بہ قومنَ کي ايڏي ڏاهپَ، ايڏو علم نہ مِليو، جيڪو سنڌي قومَ کي مِليو. اُن ۾ اِنساني تاريخ جا سڀ کان وڏا فيصلا ڪيا ويا. سڄي تحقيق سنڌي قومَ لاءِ ٿئي پئي، جيڪا نہ ڪئي وئي آهي. جڏهن جان مارشل وارن موهن جو دڙو کوٽيو ۽ ڪمينٽس ڏِنا، پر اُنھن تي عمل نہ ڪيو ويو آهي. اِنڊس ويليءَ تي مون اَنگريزيءَ ۾ ٻہ ڪتاب ڏِنا آهن. مون کي دُنيا جون ٻوليون ۽ اُنھن جي تاريخ ياد آهي، اِنساني تاريخ تي ڪو فيصلو ڏِيڻ لاءِ سڄي تاريخ پڙهي. هن چيو تہ شايد ڪو ماڻھو هجي، جنھن دُنيا جي تاريخ پڙهي هجي، پر مون کي تہ ياد آهي. مون مصر تي مضمون لِکيو، جيڪو مصر جي تاريخ تي لِکيل هو. مون اُهو مضمون نصير اَعجاز کي ڏِنو، هن مصر جي ماڻھن کي ڏِنو ۽ مصر وارن عربيءَ ۾ ترجمو ڪري، اُهو منھنجو لِکيل مضمون پوري مڊل اِيسٽ ۾ ڦھلائي ڇڏيو ۽ اَڄ تائين اُن مضمون تي ڪمينٽس اَچي رهيا آهن.
هن چيو تہ مان تاريخ جو ماڻھو آهيان، دُنيا جا وڏا اَديب بُک مري ويا. 20 سالن جي عمر تائين مان دُنيا جي تاريخ پڙهي چُڪو هئس، تڏهن مون کي اَندازو ٿيو تہ ڪاروبار نہ ڪندس تہ پوءِ اِنھن ليکڪن وانگر بُک مري ويندس، پوءِ چار چار ڪاروبار ڪيا ۽ ويٺو پنھنجي آفيس ۾ هوندو هئس ۽ مون وٽ چار چار پروفيسر رکيل هئا. ٻہ پروفيسر، ٻہ ليڪچرر، ڇوتہ مون کي پاڻ تاريخ تي يقين نہ پيو اَچي، پوءِ اُنھن بہ مون کي پڙهايو. هڪڙي تحقيق ۽ دُنيا جي تاريخ تي ۽ سڄي دُنيا ۽ اسان جو ماضي اسان کي خطرناڪ مِليو آهي. ماضي کان وڌيڪ اسان جو شيون قابل نہ آهن. ڇڏي ڏيڻ گهرجن.
هن چيو تہ پھريون ڀيرو مون فرينچ تي لکيو تہ فرينچ فرانس جي ٻولي نہ آهي، يا اَنگريزي زبان اَنگريزن جي نہ آهي. مون شروع کان ئي اَنگريزي زبان ۾ لِکڻ شروع ڪيو هو. مان پھريون ماڻھو آهيان، جنھن چيو تہ دنيا جون سڀ سرحدون غلط آهن، جنھن تي مون مڪمل ڪتاب لِکيو آهي. اُنھيءَ ڪتاب جو اَنگريز سرڪار ٽيون ايڊيشن ڇاپي رهي آهي. هن چيو تہ 81 سالن جي عمر تائين مون 21 ڪتاب ڏِنا آهن. دُنيا جي ٻولين ۾ سنڌي ٻولي واحد ٻولي آهي، جنھن مقابلو ڪيو. عرب 6 سؤ سال سنڌ ۾ رهيا، قرآن شريف جو پھريون ترجمو سنڌي ۾ ٿيو. دُنيا جون وڏيون سڀ ٻوليون ختم ٿي ويون، پر سنڌي اَڃا هلي پئي، پر هاڻ مان سنڌي ٻوليءَ لاءِ خطرو سمجهان ٿو، ڇوتہ اسان وٽ هاڻ آباديءَ کان قصو چڙهي ويو آهي، تمام گهڻي لَڏپلاڻ ٿي رهي آهي ۽ سنڌي ٻولي اسان وٽ صرف گهرن تائين محدود ٿي وئي آهي. ٻاهر نڪرون ٿا تہ وسري ٿي وڃي.
هن چيو تہ مان اَنگريزي ۾ ڪتاب لِکندو آهيان ۽ دُنيا ۾ منھنجا ڪتاب آهن، گوگل تي بہ منھنجا ڪتاب آهن ۽ منھنجو جيڪو موضوع رهيو آهي، سڄو اِنسان ذات ۽ ماضي ۾ ڦاٿل آهي. ماضيءَ جو ورثو مِليو آهي، اُن اسان جا ترا ڪڍي ڇڏيا آهن. مون اُنھيءَ ئي سبجيڪٽ کي کنيو، شاعري بہ ڪئي. 1983ع ۾ پھريون بيت لکيو هو، منھنجي شاعري جيجي زرينہ بلوچ ڳائي هئي ۽ ضياءَ الحق خلاف تحريڪ هلي تہ منھنجي ئي شاعري ڳائي وئي هئي. هن چيو تہ زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ موڪل ناهي ڪئي، عيد وارن ڏينھن ۾ بہ مون شاعري ڪئي آهي. مان تاريخ پڙهايان ٿو پنھنجي قوم کي، ڇوتہ تاريخ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ڏکيو ڪم آهي. هن چيو تہ تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ علي، جنھن تاريخ سنڌ لکي ڪتاب ڇپرايو. اُن ۾ سنڌ نالي ڪائي شئي نہ آهي. اُن مبارڪ تي مان ڇا ڳالھايان! بس هڪ اِسڪالر آهي ۽ پنھنجي حساب سان هو لِکي ٿو. هن چيو تہ ثقافت کاتي وارن بہ منھنجا ڪتاب ڇپرايا، پر اُهي ڇپرائي ڪتاب گدامن ۾ رکي ڇڏين ٿا. هن چيو تہ مون کي پھريون مالي نقصان ضياءَ الحق جي دؤر ۾ پھتو ۽ مسَ مسَ وڃي پير جهليم تہ وري نقصان پھچايو ويو. هن چيو تہ آصف زرداري سان مون جيل ۾ هڪ سال 6 مھينا گڏ گُذاريا آهن، پر هاڻ اُن سان مِلي 14 سال ٿي ويا آهن، ٻيھر هڪ ٻئي سان نہ مِليا آهيون. هن چيو تہ اَڄ بہ آءٌ ٻارهن ڪلاڪ لِکندو آهيان. هن چيو تہ منھنجي شيخ اَياز سان 30 سالن جي دوستي هئي، سائين جي. ايم. سيد سان هن جو 16 سالن جو جهيڙو هو، اُهو بہ مون ختم ڪرايو هو. مان شيخ اَياز سان تاريخ تي ڳالھائيندو هئس، ڇوتہ شيخ اَياز جي تاريخ پڙهيل ڪونہ هئي، صرف شاعري پڙهيل هئس. هن چيو تہ مون جيترو لِکيو آهي، پر ڪڏهن وڏائي نہ ڪئي آهي، مان پنھنجي ملازمن کي چوندو هئس تہ توهان منھنجا ملازم نہ آهيو، پر مان توهان جو ملازم آهيان.

يوسف شاهين جون لِکڻيون

---

سائين جي. ايم. سيد سان هڪ تاريخي ڪچھري

آخر جي. ايم سيد اُنھن پٺاڻن، پنجابين ۽ ٻين صوبن جي لکين ماڻھن خلاف آواز ڇونہ ٿو اُٿاري، جيڪي سنڌ ۾ فقط پئسو ڪمائڻ خاطر آيل آهن. هنن جا گهر گهاٽَ سنڌ کان ٻاهر آهن، هنن جون زالون، ٻارَ، ٻَچا، مِٽَ مائٽَ سڀ سنڌ کان ٻاهر ٻين صوبن ڏانھن پئسو موڪلين ٿا. اُن کان علاوہ جن مھاجر ڀائرن هزارين، لِکن جانيون قربان ڪري، هي عزيز وطن پاڪستان ٺاهيو، اُهي هتان ڇو نڪرندا؟ اُنھن کي نفرت سان ڇو ڏِٺو وڃي، جڏهن تہ هو سنڌ ۾ سنڌي ٿي رهڻ گُهرن ٿا ۽ آخر سنڌي ٿي ويندا، جهڙيءَ طرح ٻيون ڪيتريون ئي ڌاريون قومون سنڌ ۾ لڏي آيون ۽ سنڌي بڻجي ويون. آخر جي. ايم سيد جا بہ تہ اَبا ڏاڏا ٻاهر کان آيل هئا. اِهي سڀ مونجهارا مون کي پريشان ڪندا هئا، آءٌ چاهيندو هوس تہ هن پير مرد سان مِلجي ۽ پُڇجي تہ: ”تون ڇو ملڪ ۾ ڦيٽارو وجهڻ چاهين ٿو؟ تون ڇو سنڌين کي بنگالين وانگر مارائڻ جون رٿون رٿي رهيو آهين؟“ ڏيڍ مھينو اَڳ سنڌ يونيورسٽيءَ جي هڪ نوجوان مون کي مُنھن ۾ گُهنڊ وجهي چيو: ”آخر توهان وزيرن جي پويان ڇو اَچي پيا آهيو؟ سنڌ جي عظيم فرزند جي. ايم. سيد جو اِنٽرويو ڇو نہ ٿا وٺو؟“ آءٌ عجب ۾ پئجي ويس ۽ تمام نماڻائيءَ سان پُڇيومانس تہ: ”ڇا جي.ايم. سيد آزاد ٿي ويو آهي؟“ هن تمام اَرڏائيءَ سان چيو: ”نيٺ تہ آزاد ٿيندو!“ مون کي نوجوان جي جوش، هوش مان ڪڍي ڇڏيو، دل ۾ دُعا گُهريم تہ خُدا پاڪ ڪري جي. ايم. سيد جلد آزاد ٿئي تہ پُڇانس تہ سنڌ سان ڪھڙي ويڌن ٿي آهي، جو اَڄ سنڌ جو نوجوان بہ توهان ڏانھن اَشارو ڪري ٿو. فقط هڪ هفتي بعد سيد سائين جيل مان آزاد ٿيو.
آءٌ پنھنجي اُڻ تُڻ ۽ سخت مونجهہ سان سنڌ جي هن متنازعه شخصيت وٽ وڃڻ لاءِ تيار ٿيس. مون هڪ ڊِگهو سوال نامو لِکيو، جنھن ۾ ڪيترائي سخت ڪَڙا ۽ مِٺا سوال بہ لِکيم. پُڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو تہ سنڌ جو هي سائين سن ۾ آهي ۽ في الحال ڪراچيءَ اَچڻ جو پروگرام نہ اَٿن. بھرحال مون سن وڃڻ جون تياريون ڪيون، مون سان گڏ ’هلال پاڪستان‘ جو اَسلم آزاد بہ سائينءَ جو سلام ڀرڻ سن هلڻ لاءِ تيار ٿيو. اسان پنھنجو فوٽو گرافر ساڻ ڪيو ۽ ڪراچيءَ کان سن روانا ٿياسين. پھچڻ تائين اسان جيڪو ڪشالو ڪڍيو ۽ جيڪا تياري ڪئي، اُها يقيناً چنڊ تي وڃڻ برابر هئي. رات حيدرآباد ترسي، صبح جو سخت سيءَ ۾ سن ڏانھن ويندڙ بِنا درن واري ’گهلو ايڪسپريس‘ جي گهانگهو قِسم جي بس ۾ چڙهياسين، جنھن سڄن سارن چئن ڪلاڪن ۾ 57 ميلن جو سن جو سفر پورو ڪيو. 57 ميلن جي پنڌ ۾ فقط هڪ ٽرڪ اسان سان رستي ۾ گڏي، نہ تہ سڄي واٽَ ڪڪڙوڪو لڳي پئي هئي. رستي ۾ ٻہ ٽي ڳوٺ ۽ ڪئين ڪکن سان ٺھيل گهر نظر آيا، اُهي ڪکاوان گهر ڏِسي هڪ لمحي لاءِ منھنجي اَکين اَڳيان سيمينٽ ۽ لوھہ سان ٺھيل ڪراچيءَ جون ويھن ميلن ۾ پکڙيل عمارتون گُهمي ٿي ويون، جتي جي رهاڪن لاءِ ڪروڙين روپين جي خرچ سان وڌيڪ وڏيون وڏيون عمارتون تعمير ڪرڻ لاءِ تازو حُڪومت رِٿا تيار ڪئي آهي. جڏهن مون کي معلوم ٿيو تہ هن علائقي ۾ 80 ميلن تائين ڪٿي بہ لائيٽ، ٽيليفون، تارَ گهر وغيرہ جو اِنتظام نہ آهي، تڏهن محسوس ٿيو تہ ڄڻ تہ اَسين هڪ اُونداهي علائقي مان لنگهي رهيا آهيون. سَوَن ميلن ۾ ڦھليل دادو ضلعو ڏُتڙيل ۽ تمام پوئتي پيل علائقو آهي. هي اُهو ئي ضلعو آهي، جنھن ۾ شھر نہ، بلڪہ ڳوٺ آهن. خود دادو شھر بہ شھر نہ ٿو چئي سگهجي. گُذريل ون يونٽي ۽ فوجي حُڪومتن 25 سالن جي عرصي ۾ فقط ڪراچي شھر جي تعمير ۽ ترقيءَ تي خرچ ڪيو. نہ صرف ايترو، بلڪہ ڪراچيءَ جي بہ فقط اُنھن علائقن کي ترقي ڏِياري ويئي، جتي سنڌين جون آباديون نہ آهن، ڪراچيءَ ۾ سنڌي اَڄ بہ دادو شھر يا ڳوٺ وانگر رهن ٿا. گُذريل حُڪومتن سنڌ جا سڀ شھر ۽ ڳوٺ مجموعي طور نظراَنداز ڪري، سنڌ جي نالي ۾ مِليل رقم ڪراچي شھر تي خرچ ڪئي. ياد رهي تہ هي اُهو شھر آهي، جنھن کي سنڌ کان ڌار ڪيو ويو هو. اُن کان علاوہ هن شھر کي اُردو صوبو ٺاهڻ جون بہ سازشون رِٿيون ويون. اَڄ ڪراچيءَ جي ترقي ۽ تعمير سنڌ جي سمورن ڏهن ضلعن، اُنھن جي شھرن جي گڏيل تعمير ۽ ترقيءَ کان گهڻو مٿي آهي. ڪراچي شھر جي رستن تي ايترو خرچ ڪيو ويو آهي، جيترو سڄي سنڌ جي رستن تي بہ نہ ڪيو ويو آهي. ڪراچيءَ وارن کي بجلي ۽ گئس سڄي سنڌ جي شھرن جي کپت کان مٿي ڏِني وڃي ٿي. هن شھر کي جيتريون جديد سھولتون مھيا ڪيون ويون آهن، اوتريون سڄي سنڌ جي ڏهن ضلعن کي ميسر نہ آهن. دادوءَ جھڙا ڏھہ شھر گڏجن تہ بہ ڪراچيءَ جي فقط لالوکيت جو مقابلو نہ ٿي سگهندو. هي اُهو لالو کيت آهي، جتي ملڪ جي موجودہ سنڌي حُڪمرانن کي نالا وٺي، ڪچيون گاريون ڏِنيون ويون هيون. ٻوليءَ وارن جهيڙن ۾ لالوکيت وارن هڪ سرڪاري مارڪيٽ بم سان اُڏائي ڇڏي، جنھن جاءِ تي هينئر ملڪ جي سڀ کان وڏي اَڌ ڪروڙ روپين جي خرچ سان ويھہ منزلہ مارڪيٽ تعمير ڪرڻ جو پروگرام رِٿيو ويو آهي. مڙسيون تہ اَهڙيون! گاريون بہ ڏِجن ۽ ڪم بہ ڪڍجن. ننڍي مارڪيٽ ڀڳئون تہ کين وڏي مارڪيٽ ٺھي ٿي مِلي، سُڀاڻي ڏسجي تہ هو ٻيون ڪيتريون عمارتون وڏيون تعمير ٿا ڪرائين. نصيبن جي ڳالھہ آهي، ڪڏهن من ڪکن ۾ رهندڙ سنڌين جي بہ ﷲ پاڪ ٻُڌي وٺي!
مون سوچيو پئي تہ حيدرآباد کان سن تائين يا اَڃا بہ اَڳتي ستر اَسي ميلن ۾ رهندڙ ماڻھو بيماريءَ جي حالت ۾ ڪِٿان علاج ڪرائين ٿا، هنن جا ٻارَ ڪٿي پڙهن ٿا، بنا لائيٽ جي هتي جي زندگي ڪيئن ٿي گُذري. آخر اَيوب خان ڏهن سالن تائين جيڪو اِنقلاب پئي آندو ۽ عوام اُن ۾ يقين آڻي ماٺ ڪريو ويٺو هو، ڇا هي اُن ئي اِنقلاب جو اَثر آهي!؟ اَڄ دادوءَ ضلعي جي سوين ميلن ۾ رهندڙ ماڻھو ڪنھن عزيز، قريب جي مرڻي پرڻي جي تارَ نہ ٿا موڪلي سگهن، ڪنھن کي ٽيليفون ڪري، ڪنھن ويندڙ جو مُنھن ڏِسن لاءِ گُهرائي نہ ٿا سگهن، ويم واريءَ عورت جي اَگر حالت خراب ٿي پوي تہ اُن کي شھر جي اِسپتال تائين پھچائي نہ ٿا سگهن. اِهو ئي سبب آهي، جو سنڌ ۾ ويم وقت گهڻي ۾ گهڻيون عورتون مريو وڃن. آخر هتي جي ماڻھن ڪھڙو ڏوھہ ڪيو يا هنن جو ڪو ڌڻي سائين ڪونھي. پر جڏهن سڄي سنڌ دادو بڻجي پئي هجي تہ پوءِ فقط دادوءَ وارن جي لاءِ روئڻ مان ڇا فائدو! واقعي ڪو ڌڻي سائين هُجي ها تہ سنڌ جي شھرن سان ايڏا ويل نہ وهن ها.
اِنھن ئي ويچارن ۾ ’گهلو ايڪسپريس‘ جي گهانگو بس سن آڻي اُڇليو. سنڌوءَ جي ڪناري ٻڌل هي ڳوٺ سنڌ جي ٻين ڳوٺن جھڙو آهي. بس مان لھڻ سان پھريان نظر سامھون هڪ ڀت تي لڳل شمعدان تي پئي، جنھن جي روشنيءَ سان سن جا ماڻھو اُوندھہ جو مقابلو ڪندا آهن ۽ بلا ڀٽونءَ، چورَ چڪارَ کان بچندا آهن. ٿورو اَڳتي وڌياسين تہ سن جو ٿاڻو نظر آيو، جنھن کي ڪُلف لڳو پيو هو. سوچيوسين تہ خُدا ڄاڻي هتي جي اِسڪول ۽ اِسپتال جو ڇا حال هوندو. بھرحال اِها سنڌين جي نہ ڪُڇڻ ۽ اَٻوجهائيءَ جي سزا آهي، نہ هي حق گُهرن ۽ نہ ئي وٺي ڄاڻن، ڪير سڀ ڪجهہ ڦُري وڃين تہ بہ ڪُڇندا نہ، اِها ڪھڙي قومَ ٿي؟!
اِهي پَھہ پَچائيندا سن جي سائين جي. ايم. سيد جي حويليءَ تي پھتاسين. سندن ماڻھوءَ هٿان ’برسات‘ جا ڪجهہ پَرچا اَندر موڪلياسين، ٿوري ئي دير ۾ سائين ٻاهر نڪري آيو ۽ ڏاڍي قرب ۽ محبت سان مِليو. سائينءَ سان منھنجي هيءَ ملاقات چئن سالن کانپوءِ ٿي هئي. سندس صحت اَڄ بہ شھري ڊالڊا تي پلجندڙ کان هزار ڀيرا بھتر نظر آئي. هلڪو جسم، مناسب قد، کُليل پيشاني، سنڌي اَکيون، جيڪي سنڌين جي روشن مستقبل جي لاءِ ڳولائو آهن. آهستي آهستي ۽ حِسابَ سان ڳالھائڻ وارو سنڌ جو هي سپوت هميشہ سنڌين سان ٿيل ڏاڍاين جو ذڪر ڪندو آهي، چوويھہ ئي ڪلاڪ سنڌين جي حقن لاءِ سوچيندو آهي، هي سنڌين کي هڪ عظيم قومَ وانگر ڏِسڻ گُهري ٿو. هن جي فڪر جو دائرو سنڌ ۽ سنڌين تائين محدود آهي، اِهو هن جو ڏوھہ آهي، جنھن ۾ هن زندگيءَ جا ڪيترا قيمتي سال جيل ۾ ڪاٽيا آهن. سنڌ جي هن سائينءَ سان اسان جي ڪچھري ٻن حِصن ۾ تقريباً چار ڪلاڪ هلي. ڪچھريءَ واري اُن سموري وقت ۾ سائين تمام محتاط ٿي، اسان سان ڳالھہ ٻولھہ ڪندو رهيو، هو مسَ هاڻ جيل مان نڪتو هو. هن چيو:
”آءٌ ڪجهہ ڪُڇندس ۽ سچ چوندس تہ وري جيل هليو ويندس، پر توهين آيا آهيو، آءٌ توهان کي ڇا ٻُڌايان؟ وڃو ۽ سڄي سنڌ کي ڏِسو تہ ڪيئن سنڌين سان قھر ڪيا ويا آهن! سنڌين جا ڪيئن حق غصب ڪيا ويا آهن، ڪيئن هنن کي ذهني غلام بڻايو ويو آهي. هنن پاڪستان ٺاهڻ ۾ اُن ڪري حِصو ورتو تہ جيئن بُک ۽ غربت هنن جي ورثي ۾ لِکي وڃي، هنن کي پنھنجي ٻوليءَ ۾ لِکڻ پڙهڻ نہ ڏِنو وڃي، هنن جي عظيم تھذيب جي مذاق اُڏائي وڃي، هنن کي ڪاروبار، صنعتن ۽ نوڪرين مان تَڙيو وڃي! آخر آزادي مِلڻ مان سنڌين کي ڪھڙو فائدو رسيو؟ تارَ گهر، ٽيليفون، ريڊيو، ٽيليويزن سنڌين لاءِ نہ آهن. سنڌ جڏهن ڇائيتاليھہ سؤ (4600) ڪروڙ روپيا ڪمائي ڏِئي ٿي تہ اُن سان مٿس فقط ڏھہ ڪروڙ روپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا، باقي رقم مرڪز کنيو وڃي، جنھن مان ٻين صوبن ۽ ٻين صوبن جي ماڻھن کي فائدو رَسي ٿو. مرڪزي نوڪرين ۾ هڪ فيصد بہ حِصو سنڌين کي نہ ڏِنو ويو آهي. اِسٽيٽ بئنڪ، نيشنل بئنڪ، پي. آءِ. اي، پي. آءِ ڊي. سي، ڪسٽم، پورٽ ٽرسٽ ۾ سنڌين کي اَچڻ بہ نہ ٿو ڏِنو وڃي، اِنھن اِدارن ۾ سنڌ اَندر لکين ماڻھو روزگار تي لڳل آهن، جن کي تمام وڏا وڏا پگهار ڏِنا وڃن ٿا، مگر اِنھن اِدارن ۾ سنڌي ڳولھي بہ نہ لَڀندو. سنڌ جو درياءُ، سنڌوءَ جو پاڻي ٻين صوبن جي قبضي هيٺ آڻي سنڌ کي محتاج بڻايو ويو آهي. سنڌي آباديءَ وارن شھرن، ڳوٺن کي لائيٽ، تارَ، ٽيليفون ۽ ٻين جديد وسيلن کان محروم ڪري اَندروني طور سنڌين جي طاقت کي ختم ڪيو ويو آهي، رستن، ڳوٺن جا نالا بگاڙيا ويا آهن، سنڌين جي آباديءَ کي اَقليت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. سنڌ اَندر هزارين سالن کان اِيندڙ قومن سنڌ جي زبان، سنڌ جي تھذيب کي قبول ڪيو ۽ هو سنڌي ٿيا، مگر پنج هزار سالن جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو سنڌين کان سندن زبان ۽ تھذيبَ ڦُرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون آهن. هن کان اَڳ جن سنڌ کي غلام بڻايو، اُنھن بہ اَهڙيون سنڌين سان حرڪتون نہ ڪيون. اِهو ظلم، اِها نا اِنصافي سنڌين سان ڪھڙي ڏوھہ هيٺ ٿي آهي. سنڌ پاڪستان خاطر پنھجو پاڻي وڃايو، پوءِ اُن قربانيءَ مان سنڌ کي ڪھڙو فائدو ڏِنو ويو.“
سن جي سائينءَ جو اِهي ڳالھيون مختلف ڪتابن ۾ قلمبند آهن، جيڪي هن پاڻ اسان کي پڙهي ٻُڌايون. مون اُن مھل اِيئن محسوس ڪيو، ڄڻ سڄي سنڌ اوڇنگارو ڏيئي روئي رهي آهي. اَڄ اُهو آواز، اِها شڪايت تہ هر سنڌيءَ کي آهي، سڄي سنڌ جا سنڌي مٿن ٿيل نا اِنصافين لاءِ رڙن ٿا، مگر اُن مان ڪجهہ نہ ٿو وري، اُلٽو مٿن جيل جا دروازا کوليا وڃن ٿا، هنن جي شڪايت ڏوھہ بڻجيو وڃي. واقعي هن سنڌ ۾ حق جي ڳالھہ ڪرڻ ۽ حق گُهرڻ ڏوھہ آهي، جنھن جي سزا هي مرد مجاهد سنڌين پاران سالن کان ڪاٽيندو اَچي. سائينءَ جي ڳالھين مان اِهو آسانيءَ سان اَندازو ٿي سگهيو تہ اَڄ سنڌين جي حالت ايڏي بدتر ڇو آهي، سنڌي تعليم، فن، واپار، صنعتن ۾ ڇونہ آهن، سنڌي بنھہ غريب ڇو آهن.
سنڌ جي هن سائينءَ جيل ۾ رهڻ واري عرصي ۾ ٻہ ٽي ڪتاب لِکيا آهن، جن مان هڪ ڪتاب نالي ’پاڪستان جي ماضي، حال ۽ مستقبل تي طائرانہ نظر‘ جا ڪجهہ ٽڪرا سائينءَ اسان کي پڙهي ٻُڌايا. هي ڪتاب هڪ تاريخ آهي. اِهو سچ آهي، جنھن جي چوڻ لاءِ اَڃا فقط جي. ايم. سيد کي همت پيدا ٿي آهي، وڏي واڪ، کُلي عام سچ چوڻ وارن جو سنڌ ۾ قحط آهي. سائينءَ جي چوڻ مطابق اُهو ڪتاب ڇپڻ لاءِ ڪير بہ تيار نہ ٿو ٿئي، آخر سنڌين جي هيءَ بيوسيءَ جي بہ ڪا اِنتھا آهي؟ هي هٿين خالي، نہ هنن جون پريسون، نہ اَخبارون، نہ رسالا، ڪُڇن تہ ڪي ٻُڌي نہ، لُڇن تہ ڪڙن ۾ قابو ٿيو وڃن.
سنڌ واقعي گدڙ کائي ويا آهن. رئيس اَمروهوي چوي ٿو تہ: ”اَسين وطن ۾ هوندي بہ بي وطن آهيون.“ مگر حقيقت اِيئن آهي تہ اسان سنڌي پنھنجي وطن ۾ بي وطن آهيون. ايترو ڪجهہ وڃايو اَٿئون، جنھن جي وصولي تقريباً ناممڪن آهي. پنھنجن حقن واپس وٺڻ بابت جڏهن اسان سائينءَ سان ڳالھہ ڪئي تہ هن خيال ڏيکاريو تہ: ”موجودہ جوڙجڪ ۾ سنڌين کي حق مِلي نہ سگهندا. پنجويھن سالن کان اسان ٻين جي مُنھن ۾ ڏِٺو آهي، سڀني کي آزمايوسين، مگر ڪجهہ هڙ حاصل نہ ٿي، باقي اَڃا تائين خوش فھمين ۾ اَچي، آزمايل کي آزمائڻ، ڌُوڙ مُنھن ۾ پائڻ برابر آهي. جيڪو بچيل کُچيل حال آهي، اُهو بہ ختم ٿي ويندو، سنڌي هن وقت ختم ٿيڻ واريءَ منزل تي آهن.“
مون پُڇڻ جي ڪوشش ڪئي تہ سنڌي جدوجھد ۽ وڏي پئماتي تي هٿ پير هڻڻ سان پنھنجا حق ماڻي سگهن ٿا يا نہ؟ سائينءَ اِنھن سوالن جا جواب نہ ٿي ڏِيڻ چاهيا، پر اسان جي گهڻي پُڇ پُڇان کانپوءِ اَندازو ٿيو تہ: ”جنھن قومَ جا هٿَ، پير ۽ زبان وڍيل هجن، اُها قومَ ڪھڙيءَ طرح جدوجھد ڪري، حق وٺندي! اسان وٽ ڪجهہ بہ نہ رهيو آهي، اسان مفلوج آهيون، اسان جا وسائل، دولت، طاقت، ڪاروبار، فن، ريڊيو، ٽيليويزن، اَخبارون، رسالا، ڪارخانا، مِلون، بئنڪون سڀ ٻين جي هٿن ۾ آهن.
هڪ ٻيلي ۾ ٻہ شينھن اَچي ويا آهن، هڪ طاقتور، ٻيو ڪمزور بڻيل آهي. نيٺ هڪ ڏينھن ڪمزور کي پنھنجو گهر، پنھنجو وطن وڃائڻو پوندو. اسان اِسلام جي نالي ۾ ٺَڳياسين. سڀني ”اِسلام اِسلام“ ڪيو، مگر اَڄ ملڪ ۾ سڀئي ڏوھہ، سڀئي غلط ڪم هلن پيا، شراب وڪامي پيو، سوئر جو گوشت وڪرو ٿئي پيو، جوئا هلي ٿي، ذبح ڪرڻ کانسواءِ گوشت مِلي پيو، بي پردگي، بيحيائي عام آهي، اِسلام جي هتي مذاق اُڏائي ويئي آهي. تنھن کانسواءِ اسان اَنگريزن کان آزادي پنھنجا حق وڃائڻ لاءِ ڪونہ ورتي هئي، پاڻ کي ٻين جو محتاج ڪرڻ لاءِ آزاد ڪونہ ٿيا هئاسين. بنگالين سان ظلم ٿيا، هنن جا حق ماريا ويا، هنن کي هنن جي ئي ڪمائيءَ مان فقط ويھہ سيڪڙو رقم ڏِني ٿي ويئي. نيٺ هو تنگ ٿي، وڙهي جُڙهي، پنھنجا مڙس مارائي، اسان کان آزاد ٿي ويا. اسان جي تنگ نظرئي جي اِها حالت آهي، جو اسان اَڃآ تائين هنن جي جند نہ ٿا ڇڏيون، هنن کي سُک جو ساھہ کڻڻ نہ ٿا ڏِيون، آزاد ۽ جدا قومَ وانگر هنن کي وڌندو ڏِسڻ نہ ٿا چاهيون. درحقيقت هن علائقي جو هڪ مفاد پرست ’ملا ٽولو‘، جيڪو صدين کان اِسلام جي آڙَ ۾ وڙهندو اَچي، اُن عام ماڻھن کي وڏي حدَ تائين ڀٽڪايو آهي. هن ئي طبقي اِسلام کي مروڙي سَروڙي اَهڙيءَ طرح ماڻھن اَڳيان پيش ڪيو آهي، جو اَڄ جو قومپرست ۽ ترقي پسند نوجوان طبقو ذري گهٽ اِسلام کان منحرف ٿيڻ جي ويجهو اَچي پھتو آهي. ’ملا طبقو‘ هميشہ حُڪمران طبقي جو خوشامدڙيو رهيو آهي. هن ئي طبقي جي مُلن منصور کي سنگسار ڪرايو هو، شمس تبريز جي کلَ لھرائي، شاھہ بلاول کي گهاڻي ۾ پيڙهايو، سرمد کي قتل ڪرايو، شاھہ عنايت کي شھيد ڪرايو. هي مُلا هر دؤر وانگر اَڄ بہ اسان مٿان نازل آهن.“
مون سائينءَ کان ڳالھين هلندي آئين بابت ڪجهہ راءِ وٺڻ چاهي، مگر هن جي ڳالھين مان اَندازو ٿيو تہ: ”پنجويھن سالن جي ايڏي وڏي عرصي ۾ جنھن ملڪ ۾ آئين نہ ٺھي سگهيو، اُتي هاڻ آئين ڇا ٺھندو؟ دراَصل هتي جو مفاد پرست ڌڙو آئين ٺھڻ ڏيندو ئي نہ ۽ نہ وري هو آئين کي هلڻ ڏيندا.“ تنھن کان علاوہ سائينءَ جي خيال مطابق تہ: ”اسان سنڌين جو اَلھہ تلھہ لُٽجي، ڦُرجي ويو آهي، اسان رُڳو آئين ۾ آسرو ڪيستائين رکنداسين. سڀ کان اَول اسان جا سمورا حق واپس مِلڻ گُهرجن ۽ اسان سڀني سنڌين کي حق وٺڻ لاءِ هر حال ۾ تيار رهڻ گُهرجي، هر مصيبت، رُڪاوٽ، ڏاڍائيءَ کي مُنھن ڏِيڻ لاءِ اُٿڻ گُهرجي ۽ پنھنجي سنڌ کي جيئرو ڪرڻ گهرجي.“
سنڌ جيئي، سدا جيئي.

سنڌ جو مُحسن مرد مجاهد: محمد عثمان ڏِيپلائي

ساريو سانبيئڙن کي، هينئڙي پون هولَ،
ٻيلي تن جا ٻولَ، مور نہ وِسرن مون.
(يوسف)
گُذرل پنج هزار سالن دؤران سموري اِنسان ذات، دُنيا جا سمورا ملڪ ۽ اُنھن ۾ رهندڙ قومون مختلف ’فاتحن‘ جون غلام رهيون آهن. ايڏي ڊِگهي عرصي تائين دُنيا جو ڪوبہ ملڪ سخت جدوجھد جي باوجود آزادي ماڻي نہ سگهيو، اِن حدَ تائين جو آزاد ملڪن جو تصور بہ ناپيد ٿي پيو. دُنيا جا سڀئي ملڪ هڪٻئي پُٺيان ’بادشاهتن‘ ۾ قيد رهيا. اُهي بادشاهتون ڪن فردن، ذاتي طور فوجي ٽولا گڏ ڪري، وڏي خونريزيءَ کانپوءِ ’فتوحات‘ جي عمل ذريعي قائم ڪيون. اُن ريت نہ فقط دُنيا جي سڀني قومن کي غلام ڪيو ويو، بلڪہ اُنھن قومن جي عزت، دولت ۽ پيداواري وسيلن تي بہ ڌاڙا هنيا ويا. شڪست کاڌل قومن کي اِن ڳالھہ تي بہ مجبور ڪيو ويو تہ هو هر سال ذري گهٽ سموري قومي آمدني ’ڏن‘ طور فاتحن/غاصبن تائين پُڄائين.
پنج هزار سالن کانپوءِ هڪ هنڌ بيٺل اُن نظام ۾ تڏهن تبديليءَ جي اِبتدا ٿي، جڏهن 1776ع ۾ دُنيا جو پھريون حقيقي آزاد ملڪ ‘آمريڪا‘ (United States of America) وجود ۾ آيو، جتي پھريون ڀيرو دُنيا مان بادشاهت ختم ڪرڻ جي اِبتدا ڪئي ويئي. هنن ملڪ جو نظام هلائڻ لاءِ بادشاھہ بدران عام ماڻھن جي ووٽ سان چُونڊجي آيل شخص کي محدود عرصي لاءِ اِقتدار ڏِيڻ جو فيصلو ڪيو. اُهو ملڪ آمريڪا، يورپ جي مھاجرن ٺاهيو، جيڪي پنھنجا اَباڻا ملڪ ڇڏي، آمريڪا جي 13 رياستن ۾ اَچي آباد ٿيا هئا. هنن مھاجرن آمريڪا جي اَصلوڪي آباديءَ کي گهڻي ڀاڱي قتل ڪري ڇڏيو. اُهي 13 رياستون اُن وقت برطانيہ جي قبضي هيٺ هيون ۽ ’جارج‘ (ٽيون) اُنھن آمريڪي رياستن جو بادشاھہ، بلڪہ شھنشاھہ هو. اُن واقعي کانپوءِ تمام تڪڙو يورپ جي مھاجرن آمريڪي کنڊ تي وڌيڪ 34 نوان ۽ آزاد ملڪ قائم ڪيا، جيڪي گهڻي ڀاڱي اِسپين ۽ فِرانس جي بادشاهن جي ذاتي ملڪيت هئا.
ايشيا ۾ چين پھريون ملڪ هو، جيڪو ٽن هزار سالن تائين مختلف بادشاهن جي غلاميءَ ۾ رهڻ کانپوءِ 1912ع ۾ آزاد ملڪ طور اُڀريو. جيڪڏهن اُڻويھين ۽ ويھين صديءَ جو حِساب لڳايو وڃي تہ باقي سموري دُنيا تي مختلف بادشاهتن جا قبضا هئا، اُنھن ۾ برطانيہ، يورپ جو ’هئبس برگ‘ خاندان، چين جو ’منچو‘ خاندان، زار رُوس، سلطنتِ عثمانيه ۽ مغل سلطنت خاص طور قابلِ ذڪر آهن. اُنھن بادشاهن جو مجموعي طور باقي سڄي دُنيا تي قبضو هو، اُنھن اِنسان ذات جا مذهبَ، ٻوليون ۽ ثقافتون بدلائڻ جو اِختيار اِستعمال ڪيو. برطانيہ ۽ اِسپين جي بادشاهن جون سرحدون ايتريون تہ وسيع هيون، جو اُنھن تان ڪڏهن بہ سج نہ لَھندو هو. برطانيہ جو ڌرتيءَ جي چوٿين حِصي، لڳ ڀڳ 13 ملين چورس ڪلوميٽن تي قبضو هو. هنن 70 کان وڌيڪ موجودہ ملڪن تي قبضا ڪيا. اَهڙيءَ ريت سلطنتِ عثمانيه جا بادشاھہ ايشيا، يورپ ۽ آفريڪا جي موجودہ 43 ملڪن تي قابض ٿيا، ساڳئيءَ ريت مغلن بہ هڪ وسيع ترين سلطنت قائم ڪئي، فقط هندستان ۾ هنن جون سرحدون ڪابل کان بنگال تائين پکڙيل هيون.
اَهڙي ماحول ۾، جڏهن دُنيا جا سمورا ملڪ غلام هجن، جن ۾ سنڌ بہ شامل هئي، اُن اِنتھائي خطرناڪ ۽ گُهٽ ٻُوسٽَ واري دؤر ۾ سنڌ جي عالمن، اَديبن ۽ شاعرن ڪيئن پنھنجو فرض نڀايو، اُهو حيرت ۾ وجهندڙ داستان آهي. مون کي اِجازت ڏِني وڃي تہ محمد عثمان ڏيپلائيءَ تي لِکڻ کان اَڳ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي زندگيءَ ۾ ٿيل سياسي واقعن تي روشني وجهان. اُن سان تاريخ جا ڪئين نوان بابَ کولي سگهجن ٿا، اُهو سياسي سفر محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي زندگيءَ تائين جاري رهيو.
جڏهن شاھہ لطيف ڄائو، تڏهن اورنگزيب عالمگير هندستان جو شھنشاھہ هو، سنڌ بہ مغلن جي تابع هئي ۽ سنڌ ۾ ڪلھوڙا حُڪمران هئا. مغلن فارسيءَ کي هندستان جي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو ڏِنو، اُن ڪري لازمي هو تہ هند ۽ سنڌ جو عوام فارسي ٻولي سِکي ۽ ڳالھائي. سرڪاري نوڪريون حاصل ڪرڻ لاءِ بہ فارسي ٻولي سِکڻ ضروري هو. سنڌ ۾ شاھہ لطيف اُن عمل کي ننديندي هن ريت تبصرو ڪيو: ”جي فارسي سِکيو، گولو توءِ غلام!“ جڏهن تہ مغلن اِهو هُلايو تہ: ”فارسي پڙهسين، گهوڙي چڙهسين.“
شاھہ لطيف جي زندگيءَ ۾ سنڌ تي مغلن کان علاوہ نادر شاھہ ۽ احمد شاھہ اَبداليءَ جو قبضو رهيو، اُهو غلاميءَ جو بدترين دؤر هو. اَهڙي ماحول ۾ آزاديءَ جي ڳالھہ ڪرڻ يا سچ چوڻ قتل کان بہ وڏو ڏوھہ هو. اُن جي باوجود شاھہ لطيف سنڌ جي ماڻھن کي غلاميءَ مان ڪڍڻ لاءِ پنھنجي شاعريءَ کي هٿيار طور اِستعمال ڪيو. هن جون هيٺ ڏِنل سِٽون اُن وقت بغاوت جي دائري ۾ آيون ٿي:
• سِسي ڌارَ ڌري، پُڇج پوءِ پريتڻون.
• ڀڳو آءٌ نہ چُئان، ’ماريو‘ تہ وسھان.
• سوري سڏ ڪري، اُڀي عاشقن کي.
• مڙڻ، موٽڻ، ميھڻو.
• سوريءَ چڙهڻ، سيج پَسڻ، اي ڪم عاشقن.
• هيءُ تنين جو ڏيھه، ڪاتي جنين هٿ ۾.
• مُٺ مُٺ سُورن سڀ ڪنھن، مون وٽ وٿاڻا.

سڄڻ ۽ ساڻيھہ، ڪنھن اَڻاسيءَ وسري،
حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو.

حقيقت هن حال جي، جي ظاهر ڪريان ذري،
لڳي ماٺِ مروئن کي، ڏونگر پون ڏري،
وڃن وڻ ٻَري، اوڀڙ اُڀري ڪِينڪي.

شاھہ جي زندگيءَ ۾ مغل بادشاهن سنڌ جا ٽي حاڪم مارائي ڇڏيا: ميان آدم شاھہ ڪلھوڙو، ميان شاهل محمد ڪلھوڙو ۽ ميان دِين محمد ڪلھوڙو، جيڪي سنڌ ڌرتيءَ کي مغل تسلط کان آزاد ڪرائڻ لاءِ جدوجھد ڪندا رهيا. اورنگزيب سنڌ جي حاڪم ميان نصير محمد ڪلھوڙي کي گرفتار ڪري، گواليار جي قلعي ۾ قيد رکيو. ميان نصير محمد جي گرفتار ٿيڻ شرط سنڌ ۾ آزاديءَ جي تحريڪ زور وٺي ويئي، سنڌ جو عوام اُڀو ٿي ويو، سنڌ ۾ سَرفروشن ۽ فقيرن جا جٿا تيار ڪيا. اُن تحريڪ جو مرڪز بکر جو چانڊڪا پرڳڻو هو. سَرفروشن کي مغل فوجن سان مھُاڏو اَٽڪائڻ لاءِ ’گوريلا جنگ‘ جي تربيت ڏِني ويئي، اُنھن کيرٿر جبلن ۾ محفوظ پناھہ گاهون جوڙيون. اُن وقت ميان نصير محمد جا فقير ’ميان وال فقير‘ سَڏجڻ لڳا، جيڪي سنڌ جي آزاديءَ جو پيغام کڻي، سنڌ جي ڳوٺن، شھرن ۽ وسندين ۾ پَکڙجي ويا. سڀ فقير پاڻ سان ’سُرندو‘ کڻندا هئا، جيڪو وڄائي ماڻھن جا ميڙ گڏ ڪندا هئا. هر فقير آزاديءَ جو پيغام ڏِيڻ کان اَڳ ماڻھن کي هن ريت مخاطب ٿيندو هو: ”اسان خدا پاڪ جي مدد جا طالب آهيون، جنھن تي اسان جو اِيمان آهي.“
سنڌ جي ماڻھن اُنھن فقيرن جي بي حساب مالي مدد ڪئي. اُنھن فقيرن ۾ هيبت فقير جمالي گهڻو مشھور ٿيو، جنھن جي مزار بدين ضلعي جي ’نندو‘ شھر لڳ آهي. اُن مزار جي سامھون لاتعداد اَهڙن سُورمن جون قبرون آهن، جيڪي سنڌ مٿان سِر ڏيئي، سَرها ٿيا. اَهڙي ئي هڪ مزار بدين جي ڪڍڻ شھر لڳ آهي، جتي لاتعداد اَهڙن جوڌن جون قبرون آهن، جيڪي سنڌ مٿان گهور ٿي ويا. اَفسوس آهي تہ اسان اَهڙن سُورمن کي وساري ڇڏيو آهي. سنڌ سان اِها بہ ويڌن ٿي، جو هتي قابض حُڪمرانن سنڌ جي ماڻھن کي، سنڌ جي تاريخ لِکڻ ۽ پڙهڻ کان بہ روڪي ڇڏيو، اُهو عمل اَڄ تائين جاري آهي. بھرحال مغلن نيٺ تنگ ٿي ميان نصير محمد ڪلھوڙي کي آزاد ڪيو ۽ هو واپس سنڌ موٽي آيو. ميان نصير محمد کانپوءِ مغلن سندس پُٽ دين محمد ڪلھوڙي کي سنڌ جو صوبيدار مقرر ڪرڻ لاءِ شاهي فرمان جاري ڪيو، مگر دين محمد ڪلھوڙي کي مغلن جي غلامي قبول نہ هئي، هن سنڌ کي آزاد ڪرڻ لاءِ جدوجھد جاري رکي ۽ ميان وال فقيرن ۽ سَرفروشن جي تحريڪ کي زور وٺايو. نتيجي طور مغل شھزادو معزالدين، جيڪو ملتان جو گورنر هو. اُهو 1699ع ۾ لاهور کان فوجن جا وڏا اَٽالا وٺي سنڌ تي ڪاهي آيو. ميان دين محمد آڻ مڃڻ بدران مغلن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لَٿو. دادو ضلعي ۾ نئن گاج وٽ مغلن ۽ ڪلھوڙن وچ ۾ وڏي جنگ لڳي، جنھن دؤران اَٽڪل سان ميان دين محمد کي گرفتار ڪري، کيس ملتان کڻي ويا، جتي هن کي اَذيتون ڏيئي ماريو ويو، بعد ۾ سندس لاش سنڌ موڪلي ڏِنائون.
جڏهن شاھہ لطيف جي عمر 47 سال هئي، تڏهن ميان نور محمد ڪلھوڙي کي 1736ع ۾ مغلن طرفان سڄيءَ سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيو ويو، جڏهن تہ ميان نور محمد، مغل تسلط جي سخت برخلاف هو. سنڌ جي آزاديءَ جا خواب ڏِسڻ وارو ميان نور محمد هنڌين ماڳين سرِعام چوندو هو تہ: ”سنڌ ڌرتيءَ تي اَصل حاڪميت خُدا پاڪ جي آهي، پوءِ اسان جي رسول پاڪ جي، تھان پوءِ اسان جي! مغلن جو سنڌ سان ڪو واسطو ناهي.“
جڏهن شاھہ لطيف 50 ورهين جو هو تہ نادر شاھہ اَفشار سنہ 1739ع ۾ اِيران کان هندستان تي ڪاهي آيو. هن مغلن جا 30 هزار فوجي قتل ڪري، دھل يءَ تي قبضو ڪري ورتو، جتي عام ماڻھن جو قتلام ڪرايو ويو. واپسيءَ تي نادر شاھہ مغل سلطنت جو سمورو شاهي خزانو پاڻ سان کڻي ويو. اُهو خزانو هزارين هاٿين، اُٺن ۽ گهوڙن تي کڻايو ويو، جنھن ۾ تختِ طائوس دُنيا جو سڀ کان قيمتي هِيرو ڪوهِ نور، درياءَ نور ڊائمنڊ، بي حساب سون، چاندي، هِيرا جواهر شامل هئا. ايڏي وڏي پئماني تي ڦُرلُٽ ٿيڻ سبب مغل سلطنت اِن حدَ تائين ڪنگال ٿي ويئي، جو هنن کي فوجين کي پگهار ڏِيڻ جا بہ پئسا نہ بچيا. نادر شاھہ سنڌ تي بہ ڪاھي آيو. هتي وڏي ڦُرلُٽ ۽ تباهي مچائڻ کانپوءِ هو سنڌ جي حاڪم نور محمد ڪلھوڙي جا ٽي پُٽ غلام شاھہ، عطر خان ۽ محمد مرادياب خان اِيران ڏانھن اَغوا ڪري کڻي ويو. ويندي مھل نادر شاھہ، ميان نور محمد ڪلھوڙي کي چيو تہ: ”جيستائين سنڌ ڏَن ڀريندي رهندي، تيستائين تنھنجا پُٽ اِيران ۾ جيئرا رهندا.“ هيءُ اُنھن ڏينھن جو واقعو آهي، جڏهن شاھہ لطيف جي ڄمارَ پنجاھہ سال کن هئي. نادر شاھہ جي حملي سبب سنڌ مغلن جي پنجوڙ مان نڪري اِيران جي تابع ٿي ويئي. فقط اَٺن سالن بعد نادر شاھہ 1747ع ۾ قتل ٿيو، هن جو سِر ڌڙَ کان ڌارَ ڪيو ويو.
نادر شاھہ جي قتل بعد هن جي سلطنت جي وڏي حِصي تي احمد شاھہ اَبداليءَ قبضو ڪري ورتو، جيڪو نادر شاھہ جي هڪ فوجي دَستي جو سالار هو. اِنتھائي خوبصورت هئڻ سبب هن کي نادر شاھہ بيحد ڀائيندو هو. احمد شاھہ اَبداليءَ کي جديد اَفغانستان جو باني چيو وڃي ٿو، جنھن هندستان تي اَٺ ڀيرا ڪاهون ڪيون ۽ اُتي وڏي تباهي مچائي ۽ ڦُرلُٽ ڪئي. احمد شاھہ سنڌ تي قابض ٿيو، اَهڙيءَ ريت سنڌ اِيران جي قبضي مان نڪري، ڪابل جي ماتحت ٿي ويئي. 1748ع ۾ احمد شاھہ (دُراني)، ميان نور محمد ڪلھوڙي کي سنڌ جو حاڪم تسليم ڪيو ۽ کيس ’شاھہ نواز خان‘ جو لقب ڏِنو. اُنھن ئي ڏينھن ۾ ميان نور محمد جا ٽئي پُٽ، جيڪي نادر شاھہ اَغوا ڪري ويو هو، اِيران کان ٿيندا سنڌ پھتا. بھرحال اِهي سمورا واقعا شاھہ لطيف جي زندگيءَ ۾ ٿي گُذريا.
1783ع ۾ اِقتدار ڪلھوڙن کان ٽالپرن ڏانھن منتقل ٿيو، جيڪي لڳ ڀڳ 60 سال سنڌ تي حُڪومت ڪندا رهيا. هنن کي مغلن بدران ڪابل جي حاڪمن کي ڏَن ڏِيڻو پيو. 1843ع ۾ ’اِيسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ‘ جي اَنگريز ملازمن سنڌ تي قبضو ڪيو، هنن سنڌ جي حاڪم مير محمد نصير خان کي عيال سميت ملڪ بدر ڪري، ڪلڪتي ڏانھن رَوانو ڪيو. مير محمد نصير خان سان مير فتح علي خان، مير صوبدار خان ۽ ٻيا ڪيترائي ٽالپر ڪلڪتي ڏانھن دربدر ڪيا ويا. جن ٽالپرن اَنگريز سرڪار سان ٺاھہ ڪيو، اُنھن کي سنڌ ۾ وڏي پئماني تي زمينون ڏِنيون ويون. هيءُ مغلن جو آخري دؤر هو، جڏهن اَنگريز هندستان جي وڏي حِصي تي قابض ٿي چُڪا هئا.
اَنگريز سنڌ تي هڪ سؤ سالن تائين لڳاتار حُڪومت ڪندا رهيا. نيٺ 1940ع ۾ هي چوٻول ٿيو تہ اَنگريز، هندستان کي آزاد ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيا آهن. اُن صورتحال غلام قومن ۾ نئون رُوح ڦوڪيو ۽ هر هنڌ آزاديءَ جون ڳالھيون ٿيڻ لڳيون. ’آل اِنڊيا مسلم ليگ‘ 1940ع ۾ هڪ قرارداد پاس ڪري، اَنگريزن کان مطالبو ڪيو تہ هندستان جي جن رياستن ۾ مسلمانن جي اَڪثريت آهي، اُنھن کي آزاد ۽ خودمختيار رياستن جو درجو ڏِنو وڃي. اَهڙيءَ ريت اِها اُميد پيدا ٿي تہ سنڌ بہ هڪ آزاد ملڪ طور دُنيا جي نقشي تي اُڀري اِيندي. واضح رهي تہ سنڌ دُنيا جو قديم ترين ملڪ آهي، جيڪو گُذريل پنج هزار سالن کان هڪ ملڪ طور سُڃاتو وڃي ٿو، جتي دُنيا جي عظيم ترين سنڌو تھذيب جنم ورتو.
اَفسوس اِهو آهي تہ اَڳتي هلي 1940ع واري قرارداد جي معنى ۽ مفھوم کي ڦيرائي ’رياستن‘ بدران ’هڪ رياست‘ جي آزاديءَ جي ڳالھہ ڪئي ويئي، اَهڙيءَ ريت 1947ع ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو. سنڌ ۾ اسان جا اَبا ڏاڏا اُڀُ ڏاريندڙ نعرا هڻندا رهيا تہ ”پاڪستان کپي! پاڪستان وٺي رهنداسين...!!“ اِهي سڀ اِن ڳالھہ کان ناواقف هئا تہ پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ سنڌ مان لکين هندو سنڌين کي نيڪالي ڏِني ويندي، جن سان اسان صديون گڏ گُذاريون. پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ فقط سَتن سالن اَندر ’ون يونٽ‘ ٺاهي، سنڌ جو نالو، سنڌ جو وجود ختم ڪيو ويو، سنڌ جو نانءُ کڻڻ ڏوھہ قرار ڏِنو ويو. اَول هندستان مان آيل نوڪرشاهي ۽ پوءِ پاڪستان جي فوج هن ملڪ جي مالڪ بڻجي ويئي، جن مارشل لا هڻي ٻارڻ ٻاري ڏِنو. اَهڙيءَ طرح اسان اَنگريزن جي غلاميءَ مان نڪري، پنھنجي ئي فوجن جي ورِ چڙهي وياسين.
هي محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو دؤر هو. اُن وقت سنڌ جي وسيلن، زمينن ۽ ملڪيتن تي قبضو ڪرڻ لاءِ سنڌ ڏانھن وڏي پئماني تي ڪيتريون ئي هجرتون شروع ٿيون. هندستان کان علاوہ پنجاب، خيبرپختونخواه، آزاد ڪشمير ۽ بنگال کان لَکن جي تعداد ۾ پناهگير سنڌ پھچي ويا. هو اِيندي شرط سنڌ جي اِقتصادي وسيلن تي قابض ٿي ويا، هو سنڌ جي ڪارخانن ۽ ڪاروبار تي ڇانئجي ويا، لَکن جي تعداد ۾ هنن سنڌ ۾ نوڪريون ڪيون.
جڏهن اَنگريزن، ٽالپرن کان اِقتدار کسي، سنڌ ۾ پنھنجي حُڪومت قائم ڪئي، تڏهن هنن پاليسيءَ تحت سنڌي مسلمانن لاءِ تعليم ۽ فوجَ جا دروازا بند ڪري ڇڏيا. فوج ۾ گهڻي ڀاڱي فقط پنجاب جي ماڻھن کي کنيو ويو، جن 1857ع واري آزاديءَ جي جنگ کي ناڪام ڪرڻ ۾ اَنگريزن جو ڀرپور ساٿ ڏِنو. جيئن تہ هند ۽ سنڌ ۾ مسلمانن جون حُڪومتون هيون، اُن ڪري اَنگريزن، مسلمانن جي ذهن مان حُڪمرانيءَ جو خيال ڪڍڻ لاءِ کين مختلف طريقن سان جھالت ۽ غُربت جي آڙاھہ ۾ ڌِڪي ڇڏيو. سنڌ ۾ سنڌي مسلمانن کي هڪ سؤ سالن دؤران اِن حدَ تائين تعليم کان محروم ڪيو ويو، جو هو ’ڄٽ‘ سَڏجڻ لڳا. جھالت هڪ خطرناڪ بيماري آهي، جنھن سنڌين کي توهم پرستي، پير پرستي ۽ نام نھاد مُرشدن ڏانھن ڌِڪي ڇڏيو. جڏهن تہ سَچو پير مرشد هئڻ وڏي ڳالھہ آهي، اُهي قابلِ اَحترام آهن، مگر سنڌ ۾ جنھن پيريءَ مرشديءَ پير کوڙيا، اُها وبائي بيمارين کان بہ خطرناڪ ثابت ٿي، سنڌي قومَ ذهني طور مفلوج ٿي، غلاميءَ جون حدون ڇُھڻ لڳي، ڪنڌ جُهڪائڻ، پيرين پوڻ ۽ هر حُڪم جي ’ها‘ ڪرڻ جي سنڌ ۾ عادت وڌي ويئي. سنڌ جا پير مُرشد، برهمڻن کان بہ ٻہ قدم اَڳتي نڪري ويا، هنن حويليون قائم ڪيون، جتي سنڌي عام ماڻھوءَ کي غلام وانگر کٽ تي ويھڻ کان بہ روڪيو ويو.
هڪڙي جھالت، ٻي اِنتھا درجي جي غُربت ۽ ٽين پيري مُريدي، اِنھن ٽنھي هَچائن گڏجي سنڌي قومَ کي وائڙو ۽ ويڳاڻو ڪري ڇڏيو، سنڌين لاءِ هُلايو ويو تہ هو ڏاڍا مھمان نواز آهن، صوفي آهن، هنن کي مونن ۾ مُنھن وجهي، پنھنجن خيالن ۾ گُم ٿي وڃڻ گُهرجي. اِن اِنتھائي خطرناڪ صورتحال کي ڏاڍي ڏُکَ ۽ شِدت سان جن عالمن محسوس ڪيو، اُنھن ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو نالو سَرِفھرست اَچي ٿو.
هن شخص سنڌ مان جھالت ختم ڪرڻ ۽ نام نھاد پيري مُرشديءَ جو زور ٽوڙڻ لاءِ هڪ وڏي قلمي جنگ جوٽي. هن هڪٻئي پُٺيان ڪيترائي ڪتاب لِکيا، جن سڄيءَ سنڌ ۾ ڌُم مَچائي ڏِني. سنڌي ماڻھو علم حاصل ڪن، پنھنجا پُٽ ۽ نياڻيون پڙهائين، اِن ڳالھہ کي ڏيپلائي صاحب هڪ وڏي مِشن طور کنيو. هن لڳ ڀڳ ٻہ سؤ ڪتاب لِکيا، جن مان ڪيترائي سرڪار ضبط ڪيا ۽ کيس ڪئين ڀيرا جيل موڪليو ويو.
سنڌ جو هي مرد مجاهد 1908ع ۾ پيدا ٿيو، تڏهن سنڌ تي اَنگريزن جي حُڪومت هئي. هن ننڍيءَ ڄمار ۾ لِکڻ شروع ڪيو. سنڌي قومَ کي اُٿارڻ ۽ ذهني غلاميءَ کان آجو ڪرڻ لاءِ ڏيپلائي صاحب لِکڻ جون سموريون صنفون هٿيار طور اِستعمال ڪيون. هن قرآن شريف جي آيتن جو سَھارو ورتو، سِيرتِ رسولصہ ۽ حديثن جا حوالا ڏِنا، خليفن جا قولَ لِکيا، اِسلامي جنگين جا اَحوالَ ڏِنا، شاھہ لطيف جا بيت اِستعمال ڪيا. اُن کانپوءِ پنھنجا ڪتاب زوريءَ سنڌين کي پڙهائڻ لاءِ هن درويش صفت اِنسان، عشق محبت جا داستان، اَفسانا، ناول ۽ تاريخي دلچسپ قِصا لِکيا. اُنھن سڀني لِکڻين ۾ گُهمائي ڦيرائي هيءَ ڳالھہ وري وري ورجائيندو هو تہ سنڌين کي ذهني غلاميءَ مان نڪرڻ گُهرجي، جنھن جو واحد ذريعو تعليم آهي. هن جي لِکڻين مان ظاهري طور اِيئن لَڳندو هو، ڄڻ تہ هي شخص ڪو مُلا، مولوي يا اِسلام جو ڪو وڏو داعي آهي، جڏهن تہ هي مرد مجاهد اِسلام جو داعي هئڻ سان گڏ سنڌي عوامَ جي حقن جو وڏو علمبردار ۽ سنڌ جو مُحسن هو.
ڏيپلائي صاحب ٻين ڪيترن ئي ڪتابن کان علاوہ ڪمال اتاترڪ تي بہ ڪتاب لِکيو، جنھن ترڪيءَ کي آزادي ڏِياري. پھرين عالمي جنگ کانپوءِ 1922ع ۾ سلطنتِ عثمانيه جو خاتمو ٿي ويو، جن اَٺ سؤ سال ايشيا، يورپ ۽ آفريقا جي وسيع علائقن تي حاڪمت ڪئي. سلطنتِ عثمانيه ختم ٿيڻ شرط ترڪيءَ تي يورپي ملڪن جو قبضو ٿي ويو. ڪمال اَتاترڪ باقاعدہ جنگ ڪري ترڪيءَ کي آزاد ڪرايو ۽ هتان مُلائيت جو خاتمو آندو. ڏيپلائي صاحب اُهو ڪتاب ڏاڍو جذباتي اَنداز ۾ لِکيو، جنھن کي پڙهڻ سان لڱ ڪانڊارجي ٿي ويا. اِيئن محسوس ٿيندو هو تہ ڄڻ ڏيپلائي صاحب بارگاھہ خُداونديءَ ۾ اِها دُعا گُهرندو هجي تہ شال سنڌ ۾ بہ ڪو ڪمال اَتاترڪ پيدا ٿئي، جيڪو سنڌين کي مُلائيت ۽ ذهني غلاميءَ کان نِجات ڏِياري.
ڏيپلائي صاحب ’سانگهڙ‘ ناول لِکيو، جيڪو سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جدوجھد جو هڪ لازوال داستان آهي. اُن جدوجھد جو مرڪزي ڪردار پير پاڳارو سيد صِبغت ﷲ شاھہ راشدي هو. ڏيپلائي صاحب اُهو ناول لِکي، سنڌ جي هڪ ’وڏي پير مرشد‘ جي عظمت کي سلام پيش ڪيو، جنھن سنڌ کي اَنگريزن کان آزاد ڪرائڻ لاءِ ’حُر تحريڪ‘ جو بُنياد وِڌو. اُن تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ 1940ع ڌاري اَنگريز سنڌ تي ڪڙڪي پيا، نيٺ اَنگريزن ۽ سنڌين وچ ۾ خون ريز جنگ لڳي. اَنگريزن کي مارشل لا هڻڻ کان علاوہ آزاديءَ جي متوالن کي مُنھن ڏِيڻ لاءِ هندستان کان وڏيون فوجون ۽ جنگي هوائي جھاز گُهرائڻا پيا. اَنگريزن ’حُر ايڪٽ‘ پاس ڪري، سڀني حُرن کي قابلِ قتل قرار ڏيئي ڇڏيو. فوجَ ۽ پوليس کي حُڪم ڏِنو ويو تہ جتي بہ حُر مجاهد مِلي، اُتي جو اُتي هن کي قتل ڪيو وڃي. ‘آزادي يا موت‘ حُر مجاهد هنڌين ماڳين اِهو نعرو هڻندا رهيا. سانگهڙ کان خيرپور ميرس تائين سنڌ جو وسيع علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، اَنگريزن سان ويڙھہ کائيندڙ آزاديءَ جي متوالن سانگهڙ جي ’مُکي ٻيلي‘ کي پناھہ گاھہ طور اِستعمال ڪيو. اَنگريزن خيرپور ميرس ۾ پير صاحب جي درگاھہ ۽ ’گڙنگ بنگلي‘ کي بم هڻي تباھہ ڪري ڇڏيو، جواب ۾ حُر مجاهدن 1942ع ۾ ’لاهور ميل‘ ريل گاڏي ڪيرائڻ سميت سنڌ جي ڪيترن ئي ٿاڻن ۽ سرڪاري عمارتن کي ڊاهي وِڌو. هنن اَنگريزن جي ٽيليگراف ۽ آبپاشي نظام کي بہ ناڪارہ ڪيو. اَنگريز، پير صاحب پاڳاري کي گرفتار ڪري هندستان ڏانھن کڻي ويا، جتي هن کي ’سيوني جيل‘ (مڌيا پرديش رياست) ۾ قيد رکيو ويو.
سنڌ ۾ اَنگريزن هزارين حُرن کي عيال سميت گرفتار ڪيو، کين سخت اَذيتون ڏِنيون ۽ بُکَ ماريو. اِن صورتحال جي باوجود سنڌ جي آزاديءَ جي تحريڪ ڏينھون ڏينھن زور وٺندي ويئي. اُن جنگ دؤران ڪيترائي اَهڙا موقعا آيا، جڏهن سنڌ جون عورتون، جن ڪڏهن گهر کان ٻاهر قدم نہ رکيو هو، اُهي اَنگريزن خلاف هٿيار تاڻي بِيٺيون، هنن بھادريءَ جا اُهي ڪارناما سَراَنجام ڏِنا، جن جا تاريخ ۾ ڪي ورلي مثال مِلن ٿا.اُن وقت سنڌ جا ٻيا پير، مير ۽ وڏيرا اَنگريزن کان خوف کائڻ بدران جيڪڏهن اِن جنگ ۾ حِصو وٺن ها تہ نہ فقط سنڌ، بلڪہ سموري برِصغير جي تاريخ بنھہ مختلف هجي ها.
بھرحال جنوري 1943ع ۾ اَنگريز، پير صاحب پاڳاري کي هندستان کان واپس سنڌ کڻي آيا، جتي کيس ٽن مھينن بعد 20 مارچ 1943ع تي ’سينٽرل جيل، حيدرآباد‘ ۾ ڦاهي ڏيئي، لاش گُم ڪري ڇڏيائيون. ڦاهي ڏِيڻ کان اَڳ پير صاحب کي ڪيترائي ڀيرا اَنگريزن سمجهايو تہ سندس جان بخشي ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن هو آزاديءَ جي جنگ روڪڻ لاءِ حُر مجاهدن کي حُڪم جاري ڪري. اَنگريزن کي يقين هو تہ حُر مجاهد ڪڏهن بہ پير صاحب جي حُڪم جي نافرماني نہ ڪندا. مگر پير صاحب پاڻ بہ اُهو ئي نعرو هنيو: ”آزادي يا موت“ ۽ هو ڦُوھہ جوانيءَ ۾ ڦاسي چڙهي ويو. نيٺ اَهڙو نعرو ورجائڻ لاءِ ڏيپلائي صاحب ’سانگهڙ‘ ناول لِکيو.
ڏيپلائي صاحب سنڌ جا سُورَ کڻي 1981ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مون کي فخر آهي تہ ڏيپلائي صاحب منھنجو دوست هو، جيتوڻيڪ اسان ۾ عمر جو وڏو تفاوت هو، اُن جي باوجود اسان ’هم خيال‘ هئاسين. مون کي سنڌ جي هن مُحسن جو مُسڪرائيندڙ ۽ شفقت ڀريو چھرو اَڄ بہ ياد آهي. مون هي مضمون سندس سُلڇڻي ۽ سَدوري پُٽ محمد علي ڏيپلائيءَ جي حُڪم تي لِکيو آهي. مون کي اَفسوس آهي تہ سنڌ جي نئين نسل هن مرد مجاهد کي وساري ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ اَڄ تعليم جي حاصلات لاءِ جيڪو شعور پيدا ٿيو آهي، اُن لاءِ ڏيپلائي صاحب ’مشعلِ راھہ‘ جو ڪردار اَدا ڪيو، هن جھالت، مُلائيت ۽ غربت خلاف سڄي عمر جنگ جوٽي، سنڌين کي پاڻ سُڃاڻڻ، پاڻ ملھائڻ ۽ وڃايل عظمت، شان ۽ مان کي موٽائڻ لاءِ ڏيپلائي صاحب پنھنجي قلم کي تلوار کان بہ تيز وَهايو. هو شاھہ جي اِها سِٽ بہ لڳاتار ورجائيندو رهيو تہ:
”وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪُٺلَ ڪُوڪاري.“
ڏيپلائي صاحب اِن ڳالھہ تي سڄي عمر حيران ۽ پريشان رهيو تہ سنڌ ۾ ڇو وڍيل وايون نہ ٿي ڪري ۽ نہ ئي ڪُٺل ڪُوڪاري ٿي. سنڌين کي ڇو ماٺِ لڳي ويئي آهي. هتي سڀئي هادي، حاذق، ويڄ، طبيب اِن مامري تي مُنجهيل آهن، سنڌ مٿان اُڀرندڙ سج، چنڊ، تارا، هتي هلندڙ هوائون، برپٽ، بيابان، جبل، صحرا، سمنڊ، سنڌوءَ جون ڇَم ڇَم ڪندڙ ڇوليون، ڇرڪَ ڀري پُڇن ٿيون، ڇو سنڌ ۾ وڍيل وايون نہ ٿي ڪري، ڇو هتي ڪُٺل نہ ٿي ڪُوڪاري!

ڏاها ڏاتِ ڌڻي، ڪھڙي واٽَ ويا،

اَڄ وري اُنھن جا، پُورَ مون پيا.
ڪھڙي واٽَ ويا؟

مُور نہ گُهرجن مون، ٻيلي ڏَسَ ٻيا.
ڪھڙي واٽَ ويا؟

سَبق ڏيئي سَچَ جو، سي ٿانيڪا ٿيا.
ڪھڙي واٽَ ويا؟

اَچن شال اَڱڻ تي، ’يوسف‘ آسَ اِيا.
ڪھڙي واٽَ ويا؟

(يوسف شاهين)

ويھِين صديءَ جو اَرڏو شاعر: شيخ اَياز

مون کي ويھين صديءَ جي وڏي ۽ اَرڏي شاعر شيخ اَياز لاءِ ٻہ اَکر ڳالھائڻ جو حُڪم ٿيو آھي. شيخ اَياز منھنجو اِنتھائي قريبي دوست ھو. شيخ اَياز سچو ۽ ڪٽر سوشلسٽ، سيڪيولر، ترقي پسند ۽ اِنسان دوست شاعر، عالم ۽ اَديب ھو، جنھن پنجاھہ کان وڌيڪ ڪتاب لکيا، جن مان ڪيترائي سرڪار ضبط ڪيا. ڪمال اِھو آھي تہ شيخ اَياز جو نثر سندس شاعريءَ جيان اِنتھائي طاقتور ۽ پُراَثر ھو، جنھن ڪيترائي مزاحمتي ڪردار ۽ لاتعداد چور ۽ ڌاڙيل پيدا ڪيا، جيڪي علي الاعلان چوندا ويا تہ:”جيڪس حق نہ ڏيندؤ تہ اسان اُھي ڦُري بھ وٺنداسين.“
شيخ اَياز پنھنجي نظرياتي ۽ فڪري لکڻين جي اِبتدا برصغير جي ورھاڱي کان اَڳ، اَنگريز سامراج خلاف ڪئي. 13 اَپريل 1919ع تي ’جليانوالا باغ قتل عام‘ ۾ اَنگريز فوج ھٿان 350 کان 1500 ماڻھن کي سِڌيون گوليون ھڻي ماريو ويو ھو، اُن خونريز واقعي تي شيخ اَياز پنھنجي اِنتھائي ڏُک ۽ ڪاوڙ جو ھن ريت اِظھار ڪيو:
او باغي! او راڄ دروھي!
ڀارت ۾ بلوي جا باني!
لھريون اِينديون لھرائينديون،
دريا جي دل دھڪائينديون،
ڳائينديون، سِينا ساھينديون،
ٽڪري سان ٽڪراءُ کائينديون،
ڇپَ ڇپَ ٿيندي، ڇپَ ڌتڪي سان،
پاڻي ۾ ھو ڪيرائينديون.
موٽي وينديون پو ساحل تي،
ڳائينديون پنھنجي حاصل تي،
اِينديون وينديون، وينديون اِينديون،
آھستہ پٿر ڀورينديون،
چپ تي ڇپ پاڻيءَ ۾ نينديون،
ماڻينديون پنھنجي من ماني،
او باغي! او راڄ دروھي!
ڀارت ۾ بلوي جا باني!


اَنگريز راڄ جي خلاف شيخ اَياز ورھاڱي کان ٿورو اَڳ ھڪ ٻيو نظم ھن ريت لکيو:

اِنقلاب، اِنقلاب، ڳاءِ اِنقلاب ڳاءِ!!

جيئن زمين آسمان،،
جي کُلي پئي زبان
ڪُنڊ ڪُنڊ، چونڪ چونڪ،
شھر شھر، ڳوٺ ڳوٺ،
جيئن ڏئي اُٿي جواب، اِنقلاب!
اِنقلاب! اِنقلاب! ڳاءِ اِنقلاب ڳاءِ!!
ڌوڏ هن سماج کي،
لوڏ سامراج کي، ٺاھہ سو نئون نظام،
جو چڱو چئي عوام،
هي نظام آ خراب، اِنقلاب!
اِنقلاب! اِنقلاب! ڳاءِ اِنقلاب ڳاءِ!!
ڳاءِ ڳاءِ نوجوان،
جيئن زمين آسمان،
جي کُلي پئي زبان،
زندگي اُٿي چئي، اِنقلاب! انقلاب!
اِنقلاب! انقلاب! ڳاءِ اِنقلاب ڳاءِ..!!

اَھڙا نظم لِکڻ کان علاوہ شيخ اَياز اَنگريز راڄ خلاف ’سفيد وحشي‘ نالي ڪھاڻي لکي. ورھاڱي کانپوءِ ھن اُردو شاعري جي اِبتدا ڪئي ۽ ٻہ شاھڪار ڪتاب ’بوئے گل نالئے دل‘ ۽ ’نيل کنٹھ اور نیم کے پتے‘ ڏئي، اُردو دُنيا کان ڇرڪَ ڪڍرائي ڇڏيا. شيخ اَياز، سنڌ جي عظيم شاعر شاھہ لطيف جي سموري رسالي کي اُردو شاعريءَ جو ويس پارايو، جيڪو اَدبي دنيا جو تمام وڏو ڪارنامو ھو.
ورھاڱي کان اَڳ پاڪستان جي بانيڪارن 1940ع دؤران ھڪ قرارداد، جنھن کي ’قراردادِ لاھور’ يا ’قراردادِ پاڪستان‘ چيو ويو، اُن تحت پاڪستان سان اِلحاق ڪندڙ صوبن کي اِھو يقين ڏياريو ويو تہ اُھي سڀ آزاد ۽ خودمختيار رياستن جو درجو رکندا، مگر پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ پاڪستان جي حاڪمن ’ون يونٽ‘ ٺاھي، سنڌ ۽ پاڪستان جي ٻين صوبن جو تاريخي وجود ئي ختم ڪري ڇڏيو. ’ون يونٽ‘ جي مزاحمت ڪرڻ لاءِ سائين جي. ايم. سيد، مخدوم طالب الموليٰ، حيدر بخش جتوئي، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي ۽ ٻيا ميدان تي لٿا، شيخ اَياز اَدبي محاذ تي سڀني ترقي پسند اَديبن جي اَڳواڻيءَ جو ڪردار اَدا ڪيو ۽ ھن ريت مزاحمت شروع ڪئي:
سنڌڙي! تنھنجو نانءُ وتو،
ڄڻ ڪاريھر تي پير پيو.
ھيءَ پنھنجي ڪرڻي ڀرڻي آ،
پر سنڌ ’اَياز!‘ نہ مرڻي آ.

اَڳتي ھلي جڏھن شيخ مجيب الرحمان پاڪستان جي سڀني صوبن جي خودمختياري جو نعرو ھڻي، ’6 نڪاتي پروگرام‘ ڏنو تہ شيخ اَياز زندگي ۾ پھريون ڀيرو ڪنھن سياسي پارٽي ’عوامي ليگ‘ ۾ شامل ٿيو ۽ ھن کي سنڌ جو صدر ٺاھيو ويو. شيخ مجيب الرحمان جا اُھي ’6 نڪتا‘ مشرقي پاڪستان کي بنگلاديش ٺاھڻ جو سبب بڻيا. 1976ع دؤران پاڪستان جي وزيراعظم شھيد ذوالفقار علي ڀٽي، شيخ اَياز کي ’سنڌ يونيورسٽي‘ جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو. 1977ع ۾ پاڪستان جي فوجي ڪمانڊر اِن چيف جنرل ضياءُ الحق عوامي اِقتدارِاَعليٰ تي قبضو ڪري، چوٿين اَپريل 1979ع تي پاڪستان جي پھرئين چُونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاھي ڏئي ڇڏي. جنرل ضياءُ الحق، شيخ اَياز کي پاڻ وٽ سَڏايو، اُن ملاقات جو شيخ اَياز مون سان ھن ريت ذڪر ڪيو هو: ”آءٌ ھڪ اَھڙي ظالم شخص کي ڏِسي رھيو ھئس، جيڪو اِنتھائي سنگدل ۽ ڪٺور دل رکندڙ ھو.“
شيخ اَياز کي سدائين ھڪ منفرد، متضاد ۽ اَرڏي شخص طور ڏٺو ويو. پيشي جي لحاظ کان ھو وڪيل هو، بلڪہ ’نمبر ون وڪيل‘ ھو. جيڪڏھن سنڌ جي حقن جي ڳالھہ ڪرڻ بدران هو فقط وڪالت ڪري ھا تہ ھو سنڌ جو اَمير ترين شخص بڻجي وڃي ھا.
شيخ اَياز جھڙا عالم، اَديب ۽ شاعر صدين ۾ پيدا ٿيندا آھن. سترھين صديءَ ۾ فرانس ڪيترائي عالم ۽ مفڪر پيدا ڪيا، جن ۾ والٽيئر، روسو ۽ ڪانٽ سَرفھرست ھئا. ھي اُھو دؤر ھو، جڏھن ’سچو عيسائي‘ ٺاھڻ لاءِ ھزارين عيسائين کي جيئري ساڙي ماريو ويو ۽ لاتعداد عيسائين کي تشدد ڪري، اُنھن جون ٽنگون ٻانھون ڀڃي ڇڏيائون. اُن وقت ڪير بہ اِھو ٻُڌائي نہ ٿي سگهيو تہ سچي ۽ نج عيسائيت ڇاکي ٿو چئجي؟ اُن حالت ۾ مذھب جي رواداريءَ بابت ٻہ اَکر ڳالھائڻ ڪفر کان گهٽ ڏوھہ نھ ھو، مگر والٽيئر، روسو ۽ ڪانٽ جان جو جوکم کڻي، مذھبي آزادي، ڳالھائڻ جو حق، مذھب کي رياست کان ڌار ڪرڻ جو لڳاتار مطالبو ڪيو.
فرانس جي عالمن ۽ اَديبن جا اَھڙا ڪتاب آمريڪي کنڊ تائين بہ پھتا، نتيجي طور دُنيا جا ٻہ وڏا اِنقلاب پيدا ٿيا. ھڪڙو آمريڪا ملڪ وجود ۾ آيو، جنھن ۾ بادشاھت ختم ڪري، حاڪمن کي عوام جو نوڪر قرار ڏنو ويو. ھنن قانوني طور اِھو تسليم ڪيو تہ سڀ اِنسان برابر آھن ۽ آزاد پيدا ٿيا آھن. ھتي جي حاڪمن، آسمان کان حاصل ٿيندڙ ھدايتن بدران اِنساني تاريخ ۾ پھريون Man Made قانون ٺاھيو، جنھن کي آمريڪي آئين چئجي ٿو، جنھن جي ھر شق تي آسماني ھدايتن جيان عمل ڪرڻ جو عھد ڪيو ويو. آمريڪا جي باني حاڪمن عيسائي مذھب کي رياست کان ڌار ڪري ڇڏيو. تعليم جو نظام حڪومت پاڻ سنڀاليو، جيڪو ھن کان اَڳ چرچ سنڀاليندو ھو. آمريڪا کانپوءِ فرانس ۾ وڏو اِنقلاب آيو، جنھن کي فرينچ اِنقلاب سَڏجي ٿو. ھنن بادشاھہ جو ڪنڌ لاھي، ھتي ٽي ھزار سالن کان ھلندڙ بادشاھت ختم ڪري ڇڏي. ھنن عيسائي مذھب ۽ عيسائيت جي مقدس ڪتاب کي رد ڪري، سمورا گرجا گهر اَناج جا گودام يا گهوڙن جا اِصطبل ٺاھي ڇڏيا.
برصغير جي ورھاڱي وقت ھتي جيڪا مذھبي جنونيت پيدا ٿي، اُن وقت شيخ اَياز جون لکڻيون رُجعت پرستي خلاف ديوار بڻجي ويون. اَياز جھالت ۽ رُجعت پرستيءَ خلاف وڏي جنگ جوٽي، نتيجي طور اَسين سنڌ جا ماڻھو خيبرپختونخواھہ، فاٽا ۽ اَفغانستان جيان مذھبي جنونيت جو شڪار ٿيڻ کان بچي وياسين.
شيخ اَياز برصغير جي ورھاست بدران ’آزاد سنڌ‘ تي اِيمان رکندو ھو، جنھن جي اَڳتي ھلي سائين جي. ايم. سيد علي الاعلان تبليغ ڪئي. سائين جي. ايم. سيد کي ضياءُ الحق جي ڏينھن ۾ پاڪستان کان ڌار ٿيڻ ۽ آزادي گُهرڻ تي غداريءَ جي ڏوھہ ھيٺ ڦاھي ڏيڻ جي ڌمڪي بہ ڏني وئي، جنھن تي سائين جي. ايم. سيد چيو تہ: ”آءٌ ڦاھي چڙھڻ لاءِ تيار آھيان، پر سنڌ جي آزاديءَ تان ھٿ نہ کڻندس.“ سنڌ جي آزاديءَ جي فڪر جي تڪميل لاءِ اَياز ھيٺ ڏنل ترانو لکيو.

سنڌو ديس جي ڌرتي توتي، پنھنجو سيس نوايان!
مِٽي ماٿي لايان!


ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين توکي چشمن چايان!
مِٽي ماٿي لايان!


گيت بہ مون وٽ تنھنجا، ماتا بيت بہ تنھنجا ڀانيان!
مِٽي ماٿي لايان!


جيءُ جيءَ جيجل، جيءُ جيءُ جيجل، توکان ڪيئن لنوايان!
مِٽي ماٿي لايان!


سارا سڏ پڙاڏا تنھنجا، وائيءَ ۾ ورنايان!
مِٽي ماٿي لايان!


سر سر ڄڻ سانوڻ ۾ سنڌو، لَـھر لَـھر لَـھڪايان!
مِٽي ماٿي لايان!


رِم جِهم رِم جِهم راڳ اُنھن سان، ٿر بر باھہ لڳايان!
مِٽي ماٿي لايان!

ڪالھہ مليران مھڪ اُٿي جا، نگر نگر ڦھلايان!
مِٽي ماٿي لايان!


ڏٿ بہ تنھنجو، ڏيھہ بہ تنھنجو مارو شال مِلايان!
مِٽي ماٿي لايان!


تنھنجي مِٽيءَ منجهہ ملان جي، آءٌ اَمرتا پايان!
مِٽي ماٿي لايان!

1965ع دؤران ھندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ خونريز جنگ لڳي، جنھن ۾ ٻنھي ملڪن کي لاتعداد لاشن ۽ ذلت کانسواءِ ڪجهہ حاصل نہ ٿيو. شيخ اَياز ھن جنگ جي مخالفت ھن ريت ڪئي:
ھي سنگرام !
سامھون آ
نارائڻ شيام!
ھن جا، منھنجا
قول بہ ساڳيا،
ٻول بہ ساڳيا،
ھو ڪوتا جو ڪاڪ ڌڻي، پر
منھنجا رنگ ـ رتول بہ ساڳيا،
ڍٽ بہ ساڳيو ،
ڍول بہ ساڳيو،
ھانءُ بہ ساڳيو،
ھول بہ ساڳيا،
ھن تي ڪيئن بندوق کڻان مان!
ھن کي گولي ڪيئن ھڻان مان!
ڪيئن ھڻان مان!
ڪيئن ھڻان مان!
ڪيئن ھڻان مان....!
اِھو نظم ڇپجڻ کانپوءِ شيخ اياز کي پھريون ڀيرو گرفتار ڪري، ’ساھيوال جيل‘ موڪليو ويو، جتي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو اَڳ ئي قيد ھو.
اِنساني تاريخ ۾ سڀ کان اَول سنڌو ماٿر جي ماڻھن مذھب کي اِداري طور قبول نہ ڪيو، جنھن جو مرڪزي شھر موھن جو دڙو ھو. سنڌو ماٿر کانپوءِ ٻُڌ مت جي باني مھاتما گوتم ٻُڌ ۽ جين مت جي اَڳواڻ مھاوير مذھب ۽ اُن جي عبادتي نظام کي رد ڪيو. وري 1917ع ۾ سوشلسٽ اِنقلاب دؤران مذھب ۽ سرمايہ داريءَ کي ختم ڪيو ويو تہ جيئن سڀ اِنسان برابريءَ سان جيئڻ جا حق ماڻي سگهن.
1991ع دؤران دُنيا جي وسيع ترين ’ايمپائر سوويٽ يونين‘، جيڪا ڪروڙين ميلن ۾ پکڙيل ھئي، اُھا اوچتو ڦان ٿي ڪِري پئي. اُن جي جسم مان فوري طور تي 14 نوان آزاد ملڪ پيدا ٿيا. ھي اُھو دؤر ھو، جڏھن سموري دُنيا جون اَڌواَڌ قومون سوشلسٽ نظريي تي اِيمان رکنديون ھيون، اسان جو عظيم ليڊر شھيد ذوالفقار علي ڀٽو بہ اُن نظريي جو پيروڪار ھو، جنھن پاڪستان مان سَرمائيداري نظام جو خاتمو آڻڻ لاءِ پاڪستان جون سموريون بئنڪون، ڪارخانا، اِسڪول، ڪاليج ۽ ٻيون وڏيون ملڪيتون، قومي ملڪيت طور ضبط ڪيون. شيخ اَياز بہ اُن سوشلسٽ نظريي جو مبلغ ھو. سوويت يونين جي ٽُٽڻ سبب سموري ترقي پسند دُنيا جا اَديب ۽ عالم صدمي ھيٺ اَچي ويا. اُن ڏُک کي شيخ اَياز بہ ڏاڍي شدت سان محسوس ڪيو. سوويت يونين ٽُٽڻ سبب سرمايہ داري، مذھب ۽ رُجعت پرستي ڏاڍي زور شور سان ٻيھر دُنيا تي ڪاھي آيون، هيءَ اُھائي سرمائيداريءَ جي دُنيا آھي، جتي گهڻي ڀاڱي اِنساني جسم ۽ ضمير وڪرو ڪيو وڃي ٿو.
منھنجي شيخ اَياز سان دوستي پنجاھہ سالن کان بہ وڌيڪ عرصي تي محيط ھئي. ھو ناتال وارا ٽي مھينا گهڻي ڀاڱي منھنجي طارق روڊ واري آفيس ۾ گذاريندو ھو. 1993ع دؤران مون پنھنجي ھفتيوار اَخبار ’برسات‘ کي روزنامي ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، اُن وقت شيخ اَياز ڪراچيءَ جي ڪلفٽن واري فليٽ ۾ ذري گهٽ رٽائرڊ لائيف گذاري رھيو ھو. مون کيس روزاني ’برسات‘ جو چيف ايڊيٽر ٿيڻ جي گذارش ڪئي، ھن فقط ايترو پڇيو تہ: ”ڪڏهن هلڻو آهي؟“ شيخ اَياز کي اِھا خبر ھئي تہ برصغير ۾ اُردوءَ جو وڏو شاعر فيض احمد فيض ھڪ اَنگريزي اَخبار ‘Pakistan Times’ جو ايڊيٽر ٿيو ھو، اُن کان علاوہ فيض احمد فيض ياسر عرفات طرفان بيروت مان نڪرندڙ ھڪ اَنگريزي رسالي ‘LOTUS’ جو ايڊيٽر بہ رھي چڪو ھو.
شيخ اَياز جي روزنامہ ’برسات‘ جو چيف ايڊيٽر ٿيڻ تي منھنجا ڪيترائي صحافي دوست حيران ٿيا هئا. روزنامہ ’عبرت‘ جو ايڊيٽر ۽ منھنجو دوست خير محمد کوکر حيدرآباد مان خاص طور شيخ اَياز کي ڏِسڻ لاءِ منھنجي آفيس تي پھتو. روزنامہ ’برسات‘ ۾ شيخ اَياز کان علاوہ ٻيا وڏا اَديب ۽ صحافي بہ شامل ٿي ويا، اُنھن ۾ عبدالواحد آريسر ۽ ڄام ساقي بہ شامل ھئا، نتيجي طور ’برسات‘ صحافتي دُنيا جو اِنتھائي معتبر ۽ فيصلا ڪن اِدارو بڻجي ويو. شيخ اَياز ’برسات‘ ۾ جيڪي ڪجهہ لِکيو، اُھو سمورو ھاڻ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي چُڪو آھي.
زندگيءَ جي آخري ڏينھن دؤران، جڏھن شيخ اَياز ڪافي عليل ھو، تڏھن ھو مون سان ’لانڍي جيل‘ تي مِلڻ آيو، مون کي شيخ صاحب جي اَچڻ جو اِطلاع ھڪ ڪلاڪ کانپوءِ ڏنو ويو، انُ وقت آءٌ ۽ آصف علي زرداريءَ جيل جي ھڪ ڪمري ۾ گڏ رھندا ھئاسين، اُتي اِجازت کانسواءِ ڪنھن کي بہ اَچڻ جي اِجازت نہ ھئي. آءٌ، شيخ صاحب کي ’لانڍي جيل‘ اَچڻ تي ڏسي ڏاڍو پريشان ٿيس ۽ سخت اَحتجاج ڪندي شيخ صاحب کي عرض ڪيو تہ: ”اوھان ھتي اَچڻ جي ڇو تڪليف ڪئي آھي؟“ شيخ صاحب مُسڪرايو ۽ پنھنجي کيسي مان اِنڊونيشيا جا مشھور کٽمٺا ڪڍي مون کي ڏنا. پوءِ اَسين ڪافي دير تائين جيل سپرينٽينڊنٽ جي ڪمري ۾ ڪچھري ڪندا رھياسين.
ٿورن ئي ڏينھن بعد 28 ڊسمبر 1997ع تي سنڌ جي ھن عظيم سپوت، شاعر ۽ بھادر اَديب شيخ اََياز جو اِنتقال ٿي ويو. ھن کي ڪراچيءَ ۾ ڪلھو ڏيڻ لاءِ فقط 9 ماڻھو پھتا، اُُھو واقعو جناب آغا سليم رڪارڊ ڪيو. سنڌي قوم جي اَھڙي بي حسيءَ تي آءٌ اَڄ بہ ششدر ۽ ڏُکويل آھيان.

وساريان نہ وسرن! (اَڻپوري آتم ڪٿا)

منھنجي ٻنھي هٿن ۾ هٿڪڙيون لڳل هيون. پوليس وارا مون کي ٻَڌي، سينٽرل جيل وٺي آيا، اُن وقت ٻارنھن کن ٿيا هئا، ڏينھن ڏاڍو تَپي رهيو هو. جيل جو وڏو دروازو پريان ڪنھن ديوتا جي بُت وانگر لڳو، جو ڪجهہ نہ ڪري سگهڻ جي باوجود هر شئي تي قادر هوندو آهي.
جيل جي ٻاهران ڪيترائي مرد، عورتون، پيرسن ۽ ننڍا ڇوڪرا بِيٺل هئا. ڪيترين ئي عورتن جي ڪَڇن تي ننڍڙا معصوم ٻار روئي رهيا هئا، ڪن کي مائرون پرچائي رهيون هيون، ڪن جي رانڀاٽن سان دل دھل يو ٿي وئي. آخر هي ڇو ٿا روئن؟ ڪنھن جي لاءِ ٿا روئن؟ هي سڀ ماڻھو ڪنھن جو اِنتّظار ڪري رهيا آهن؟ هنن جي پريشاني، اُڻ تُڻ ۽ مونجهہ مان اِيئن لڳو تہ ڄڻ هي سڀ ڏوهاري هئا ۽ پنھنجي قِسمت جو فيصلو ٻُڌڻ آيا هئا.
جيل جو مُکيه دروازو بند هو. مون کي وٺي آيل پوليس وارن لوهي دروازي جي سيخن مان اَندر هٿ وَڌائي، بِيٺل هڪ سپاهيءَ کي منھنجي گرفتاريءَ جو حُڪمنامو ڏِنو. ڪجهہ دير بعد جيل جو ننڍو دروازو کُليو ۽ اسان کي اِشاري سان اَندر اَچڻ لاءِ چيو ويو. اسان جيئن ئي اَندر گِهڙياسين تہ جيل جي سپاهيءَ دروازي کي زور سان بند ڪري، اَندران ڪُلف هڻي ڇڏيو، ڄڻ تہ هن نہ ٿي چاهيو تہ ٻاهر جي دُنيا جو ڪوبہ ماڻھو اَندر اَچي.
مون کي جيلر جي سامھون آندو ويو، هو هڪ وڏي رجسٽر تي ڪا داخلا رکي رهيو هو. اَسين ڪيتري دير هن جي اَڳيان بِيٺا رهياسين، آخر هن پنھنجو ڪنڌ مٿي کڻي، مون ڏانھن ڏِٺو. منھنجا وارَ ڪانڊارجي ويا. آءٌ زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو جيل ۾ آيو هوس، ڪئين وسوسا، اَنومان مون کي ويڙهي ويا هئا. هيءَ ڪھڙي دُنيا آهي، منھنجو ڇا حشر ٿيندو، منھنجي ذهن تي اُهي سمورا پروگرام تري آيا، جن جي مون ڪئين سال اَڳ رِٿابندي ڪئي هئي. اَگر زندگي جيل ۾ گُذري ويئي تہ پوءِ هيترا سارا ڪم ڪيئن ٿي سگهندا؟ مون تي اِلزام تحت ڏھہ سالَ ٽِيپَ ۽ ٽيھن ڦٽڪن جي سَزا مِلي سگهي ٿي، مون کي اِيئن لڳو، ڄڻ تہ ٽڪي جي بازيءَ تي مون سڀ ڪجهہ هارائي ڇڏيو هُجي. مون پاڻ هلي وڃي ڏاڍي جي لَٺِ کي مٿو ڏِنو.
جيلر منھنجو هٿڪڙيون کولڻ لاءِ پوليس وارن کي حُڪم ڏِنو ۽ پوءِ ساڳئي وڏي رجسٽر ۾ منھنجي داخلا رکڻ بعد هو مون کي جيل اَندر ويندڙ دروازي وٽ وٺي آيو. اُن دروازي تي بِيٺل سپاهيءَ منھنجي تلاشي ورتي ۽ پوءِ دروازو کولي مون کي اَندر وڃڻ لاءِ چيو.
هاڻ خبر پئي تہ آءٌ صحيح معنى ۾ جيل اَندر اَچي چُڪو هوس. سامھون ڪيترائي قيدي هڪ وڏي تندور تي ماني پَچائي رهيا هئا، ٻي پاسي ڪجهہ قيدي جيل جي ڀتين کي گاري مِٽيءَ سان ليپي رهيا هئا، ڪن پاڻي پئي ڀريو تہ ڪن رستي کي ٻھاريءَ سان پئي صاف ڪيو.
ڪيترن ئي قيدين کي پيرَڪڙيون پيل هيون، ڪڙين ۽ زنجيرن جي ڇڻ ڇڻ منھنجي منَ کي ماندو ڪري وڌو. غلاميءَ جو دؤر منھنجي اَکين اَڳيان تري آيو، ڏاڍو گوڙ ۽ وٺ وٺان هئي، ڄڻ تہ ڪنھن ملباري هوٽل ۾ اَچي نڪتو هوس. مون کي ڪجهہ سمجهہ ۾ نہ ٿي آيو تہ ڇا ڪيان ۽ ڪيڏانھن وڃان. نظر ڦيرائڻ سان اَندر ڪيترائي گهر ۽ محلا نظر آيا، آخر آءٌ ڪِٿي رهندس؟ ڪيئن کائيندس؟ منھنجو ڇا ٿيندو؟ اَڃا اِنھن ئي ويچارن ۾ هوس تہ هڪ قيدي مون ڏانھن وڌي آيو ۽ اُردوءَ ۾ پُڇيائين: ”تون نئون آيو آهين؟“ مون هائو ڪئي، هن مون کي سندس پويان اَچڻ جو حُڪم ڏِنو. هو تِکو تِکو هلندو جيل جي دروازي وٽ پھتو، جتي ڪيتريون ئي کَٽون پيون هيون، هن مون کي هڪ کٽ کڻي هلڻ لاءِ چيو. مون کان ذري گهٽ ڇرڪ نڪري ويو ۽ ڪجهہ بہ ڪرڻ کانسواءِ آءٌ سندس مُنھن ۾ تڪيندو رهيس. هن سواليہ نظرن سان مون ڏانھن نھاريندي وري چيو: ”کٽَ کڻ، ڏِسين ڇاٿو!“ مون هن کي سمجهائڻ واري اَنداز سان آهستي آهستي چيو: ”آءٌ اّخبار ۾ ايڊيٽر آهيان، مون کان کٽون ڇو ٿا کڻايو؟“ اِها ڳالھہ ٻُڌي صفا بِر ٿي ويو ۽ رڙ ڪندي چيائين: ”ڏوھہ ڪري سگهو ٿا، باقي کٽون نہ ٿا کڻي سگهو؟“ اِيئن چئي هن مون کي ٻانھن کان جَهليو، ڇِڪيندو هڪ وڏي قيديءَ ’اَڳواڻ‘ وٽ وٺي آيو ۽ کيس دانھن ڏيندي چيائين: ”هي ڪم ڪرڻ کان اِنڪار ٿو ڪري.“ اَڳواڻ قيديءَ جي هٿَ ۾ لَڪڻ هو، هن کي ڏھہ والي وڏي شلوار پيل هئي، پُٺا اُگهاڙا هئس، هو سنڌي ملھن وانگر لوڏ سان هلندي مون ڏانھن وَڌڻ لڳو، هن جي اَکين ۾ تندورَ وارا مچَ پئي ٻَريا، مُڇون تمام وَڏيون، ڇِڪيلَ ۽ صفا سِڌيون هئس، ڄڻ تہ واٽون ٻُڌائڻ واريون تختيون هيون.
هن منھنجي ويجهو اَچي، ڏاڍي آڪڙ مان پُڇيو: ”اڑے تم کام نہیں کرے گا؟“ مون هن جي ڊيل ڊول ۽ سنڌي لھجي مان سمجهي کيس سنڌيءَ ۾ جواب ڏِنو: ”ڪم کان ڪھڙو اِنڪار، مگر اسان کان بہ ڪم وٺو، اِها ڳالھہ ٺھي نہ ٿي.“
”تون وري ڪھڙو نواب آهين؟“
”اَخبار جو ايڊيٽر آهيان.“ اِيئن ئي دُسڙ ۾ پير هنيم.
”ڪوڙيون خبرون لِکي سگهو ٿا، باقي ڪم نہ ٿا ڪري سگهو.“ اِيئن چئي هن اُن قيديءَ کي ڇڙٻ ڏيندي چيو: ”هن کي وڏي صوبيدار ڏي وٺي وڃ!“
مون صوبيدار سان پنھنجو تعارف ڪرايو، جيڪو ڀارتي فلمن جو ولين لڳو ٿي. هو وڏي پيٽَ سان آرام ڪُرسيءَ تي، ٽنگَ ٽنگَ تي چاڙهي، قيدين کان ڪم وٺي رهيو هو، ڳالھہ ڳالھہ تي گارِ جو زِيپٽ هو. هن منھنجي ڳالھہ ٻُڌي، پنھنجو منھن وڌيڪ بُڇڙو ڪري ڇڏيو ۽ ڏاڍي بيزاريءَ سان جواب ڏِنائين: ”وڃ! او هُتي پريان ڇَٻرَ تي وڃي ويھہ، پوءِ تنھنجو حِساب ڪريون ٿا.“
آءٌ ڇٻرَ تي وڃي ويھي رهيس، تقريباً ٻہ ڪلاڪ گُذرڻ بعد مون کي وٺي، هڪ وڏي هال ۾ اَچي بند ڪيائون، جتي اَڳي ئي سؤ کن ٻيا قيدي قابو هئا. هي جيل اَندر جيل هو. هال جي ٻنھي پاسي وڏا لوهي دروازا هئا، هتي هال ۾ ويٺل قيدين مون کي ’نئون قيدي‘ سمجهي، ڪيترائي ڄڻا وڌي اَچي مِليا ۽ ايڏي تہ آڌرڀاءُ ڪيائون، ڄڻ تہ آءٌ جيل مان ڇُٽي، پنھنجي گهر آيو هوس. ڪو چوي مون وٽ ويھہ، ڪو چوي اسان سان رھہ، ڪي چادر ۽ وهاڻا کڻي آيا، ڪن فروٽ آندو، ڪن خوش خير عافيت ڪئي، ڪي دلداري ڏِيڻ لڳا: ”پرواھہ ناهي، جيل بہ مڙس ڏِسندا آهن.“ هڪ ڄڻي رڙ ڪري ’چنون ميان‘ کي سڏ ڪيو. پريان هڪ ننڍي قدَ، ٿلھي ٿنڀري جسم وارو ’چنون ميان‘ ڪيترن ئي قيدين مٿان ٿيندو، لُڏندو مون کي اَچي ڀاڪرين پيو، ٻَکُ وِڌائين، ڄڻ ملھہ ٿو وڙهي. ايڏي تہ حُب ۽ پيار سان مون کي چُھٽي ويو، ڄڻ تہ اسان سالن جا سنگتي هئاسين. هن ٻين قيدين کي هٽائي، مون کي بستري تي ويھاريو ۽ چيائين: ”تون اسان جو ڀاءُ آهين، اسان جو سائين آهين، اسان جو مھمان آهين، متان ڪا ڳڻتي ڪرين. مون ڏانھن ڏس! آءٌ هينئر سترهون ڀيرو جيل آيو آهيان.“ مون حيرانگيءَ سان هن ڏانھن ڏِٺو. ”اَڙي بابا! تون عجب ڇو ٿو کائين؟ هي جيل اسان جو گهر آهي، هتي جي مانيءَ لاءِ اسان کي عزت آهي. جيل کان ٻاهر اسان کي سڀ چور سمجهن ٿا، چوري نہ ٿا ڪريون، تہ بہ اسان کي چور سمجهيو وڃي ٿو، ٿاڻن تي سَڏي ماريو، ڪُٽيو وڃي ٿو، مِٽ مائٽَ بہ اسان تي ڀروسو نہ ٿا ڪن، اُن ڪري ڪونہ ڪو بھانو ٺاهي، ڪنھن جو کِيسو ڪتري، جيل هليا اِيندا آهيون. هتي ڏاڍا خوش آهيون، ڪيترا دوست ڀائر اَٿئون. هتي پيار محبت آهي، ڪير بہ ڪنھن کي ڏوهي نہ ٿو سمجهي، اَسين سڀ برابر آهيون، اِهي ڳالھيون ٻاهر جي دُنيا ۾ نہ مِلنديون. هي ڏس تنھنجي ڀر ۾ ويٺل پريو مُڙس ڇھہ خون ڪري آيو آهي. ٻاهر دُنيا وارن هن کي خوني بڻايو، هتي هن کان وڌيڪ شريف ۽ مِٺو ماڻھو ڪونھي.“
اُهو شخص وَڌي مون سان اِيئن اَچي مِليو، ڄڻ تہ آءٌ سندس اَبو اَمان هوس، هنن پنھنجو ڪنڌُ جُهڪائي، منھنجي گوڏن تائين آندو. منھنجي سڄي جسم کي سيءُ وٺي ويو ۽ وارَ کَڙا ٿي پيم، هن ايتري اَدب ۽ نِوڙتَ سان منھنجا هٿَ چُميا، جو منھنجي سڄي پيشاني پگهر سان شل ٿي ويئي. ايتري ۾ هڪ ڄڻو بسڪوٽ کڻي آيو. چنونءَ ٽيڳر ڪندي اُن کان بسڪوٽ کسي ورتا ۽ پاڻ پنھنجي هٿن سان مون کي بسڪوٽ کارائڻ لڳو. سڄو وات بسڪوٽن سان ڀري ڇڏيائين ۽ پوءِ پُڇيائين: ”ڀلا اِهو تہ ٻُڌاءِ، تون ڪھڙي ڏوھہ هيٺ آيو آهين؟“ بسڪوٽن سبب منھنجو وات بند هو. اِها حالت ڏِسي، هڪ ٻي قيديءَ چيو: ”اَڙي چنو! اَڃا همراھہ آيو مس آهي، کيس ساهُه پَٽڻ تہ ڏي، پوءِ سڀ خبرون ڪنداسين، هاڻ اَعجاز کي سڏ ڪر تہ گانو وانو ٿي وڃي.“
اَعجاز اَڳ ۾ ئي اسان سان ويٺو هو. هن دَٻو کڻي، محمد رفيع جو هڪ گانو ٻُڌائڻ شروع ڪيو: ”او دنیا کے رکھوالے٬ سن درد بھرے میرے نالے“ آواز ڇا هو، محمد رفيع جيئرو اَکين اَڳيان ويٺل ڏِٺوم. هن ايتري تہ جوش ۽ مِٺي
آواز ۾ گانو ڳايو، جو سڄو هال ماٺ ٿي ويو. جڏهن گانو پورو ٿيو تہ سڀني تاڙيون وڄائي هن کي دادُ ڏِنو. تاڙين جي هُل تي پوليس واري لوهي سِيخن ۾ مُنھن وجهي رڙ ڪئي: ”ماٺِ ڪيو ٿا يا ٿي وڃي حِساب ڪتاب!“ پوءِ تہ سڀني ٽڙي پَکڙي پنھنجن پنھنجن بسترن ڏانھن هليا ويا. مون سان گڏ اَعجاز جو ئي بسترو هو، مون آهستي آهستي اَعجاز کان پُڇيو: ”تنھنجو هتي ڪيئن اَچڻ ٿيو؟“ هن ڪوبہ جواب نہ ڏِنو ۽ خاموش رهيو. مسلسل خاموشيءَ ۾ هن جي سُڏڪن جو آواز اَچڻ لڳو. مون ڪنڌ وَرائي هن ڏانھن ڏِٺو، هو زاروقطار روئي رهيو هو. مون کيس آٿت ڏيندي چيو: ”هينئر توهان مون کي دلداري ڏيئي رهيا هئا، هاڻ توهان پاڻ روئي رهيا آهيو، آخر ڳالھہ ڇاهي؟“ هن ٻُڌايو تہ کيس آوارہ ڦُرڻ جي ڏوھہ هيٺ اَڍائي سؤ روپيا ڏَنڊ يا ڏيڍ مھينو سَزا ڏِني ويئي. جيئن تہ وٽس اَڍائي سؤ روپيا نہ هئا، اُن ڪري هو جيل هليو آيو. هتي پھچڻ بعد پويان ڪراچيءَ ۾ جيڪا زبردست ٻوڏ واري بارش ٿي هئي، اُن ۾ هنن جو گهر، جيڪو هڪ نالي جي ڪِناري تي هو، اُهو لُڙهي ويو. اُن ٻوڏ ۾ سندس ننڍڙو پُٽ ۽ ڌيءَ بہ پاڻيءَ ۾ ٻُڏي مري ويا. گهر ۾ هن جي زال کانسواءِ ٻيو ڪوبہ نہ هو. شايد هي گهر ۾ هجي ها تہ ٻارن کي بَچائي سَگهي ها. اِهو واقعو ٻُڌائي هو هڪ ڀيرو وري اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو ۽ مون کان بہ پاڻ جهليو نہ ٿيو.
اُها جيل جي پھرين رات هئي....
رات جو وڏو حِصو ڳالھين، کِل، ڀوڳَ ۽ هڪٻئي جو حالُ اَحوالُ ڏِيڻ وٺڻ ۾ گُذري ويو، باقي رات ڏاي سُڪون سان ننڊ آئي. اَهڙي سُڪون واري ننڊ شايد ئي زندگيءَ ۾ ڪا نصيب ٿي هيم. جڏهن ماڻھو ٻاهر آهي تہ هن مٿان ڪئين جوابداريون ڪَرُ کڻيو بِيٺيون هونديون آهن، مگر جيل اَچڻ کانپوءِ اِنسان وقتي طور اَهڙين سڀني جوابدارين کان ’آزاد‘ ٿيو وڃي. ٻيو نہ تہ اُنھن جوابدارين کان بچڻ جو ڪو ’سبب‘ تہ مِليو وڃي. دُنيا ٻُڏي يا بَچي، جيل وڃڻ کانپوءِ ماڻھو ڇا ٿو ڪري سگهي؟ ٻاهر جي دُنيا ۾ گهر جو فڪر، ٻارن ٻَچن جو فڪر، ماءُ پيءُ جو اونو، ڌنڌي ڌاڙيءَ جي وٺ وٺان. صبح جو ننڊ مان اُٿي اَخبارون پڙهو، سِڄي دُنيا جا سُورَ اَندر کي ويڙهي ويندا. ڪٿي جنگ پئي هلي، ڪٿي ماڻھو پيا مرن، ڪٿي لَڏَپلاڻ آهي تہ ڪٿان ڏُڪار، سيلابن، طوفانن، بيمارين جون خبرون پيون اَچن، اُهي پڙهي، دل پئي رَڙندي ۽ خُدا پاڪ جي در پئي ٻاڏائيندي: ”او منھنجا رب! اِنسان کي مصيبتن ۽ آفتن کان بَچاءِ، دُنيا مٿان عذاب ۽ ڏُک ختم ڪر! اَگر توکان نہ ٿو پُڄي تہ اي خُدا! مون ۾ پاڻ واري شڪتي پيدا ڪر! پوءِ تون ڇُٽل آهين، وري توسان ڪوبہ ڪڏهن بہ شڪايت نہ ڪندو.“ مگر اِهي ڳالھيون نہ ڪڏهن ٿيون آهن ۽ نہ ئي ٿي سَگهنديون. اِنسان آسرن ۽ اُميدن تي ڪيئي جُڳَ وڃائي چُڪو آهي، هو اَڪيلو سڀ اِختيارات قبضي ۾ ڪيو ويٺو آهي، ڪنھن کي بہ ويجهو اَچڻ نہ ٿو ڏئي. حالانڪہ ورهائي کائڻ ۾ سڀني جي ڀلائي آهي. هن دُنيا جا گهڻا حُڪمران مٿئين جي پاليسيءَ تي عمل ڪندا آهن.
آءٌ ڪڏهن ڪڏهن دُنيا جون تڪليفون ۽ ڏُکَ ڏِسي سوچيندو هوس تہ ڪو اَهڙو هنڌ هجي، جيڏانھن ڀڄي جان ڇَڏائجي، مگر ڪڏهن ڪوبہ اَهڙو هنڌ ميسر نہ آيو. شايد هي جيل دُنيا جي ڏُکن کان ڀڄي پناھہ وٺڻ جو ڪنھن حدَ تائين چڱو هنڌ آهي، جتي گهڻين ڳالھين کان نجات مِلي ٿي. هتي آزاد دُنيا وارا سُورَ نہ آهن، هتي ڪوبہ بُک وِگهي نہ ٿو مري ۽ نہ ئي ڪنھن کي ملڪيت بڻائڻ جي خواهش پيدا ٿئي ٿي ۽ نہ ئي ڪنھن کي ملڪيت کسجڻ جي ڊپَ وچان دل جا دؤرا پون ٿا. هتي رشتن، ناتن جو ڪوبہ ڄارُ وڇايل نہ آهي، ماءُ، پيءُ، ڌيءُ، پُٽ، ڀيڻ، ڀاءُ، چاچا، ماما، نانا، ڏاڏا، اَهڙا ڪي بہ رشتا هن دُنيا ۾ نہ مِلندا. هتي اِنسان دُنيا جي تمام گهڻن خفن کان ’آزاد‘ ٿيو وڃي. دُنيا وارا هن کي ’قيدخانو‘ سَڏين ٿا، حالانڪہ اَصلي قيدخانو تہ هيءَ دُنيا آهي، جتي وکَ وکَ تي اِنسان قيد ٿيل آهي. سماج جو، قانون جو، حاڪمن جو، مذهب، جو، ذات پات جو، رنگ ۽ نسل جو ۽ خاص طور دولت جي لالچ جو، اُها لالچ، جا ڄمڻ کان زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين اِنسان کي ڊوڙائيندي آهي، هوش ۽ هٻڇ جي رِڻ پٽ بيابانن ۾ اِنسان دولت پويان ڊوڙي ڊوڙي ساھہ ڏيندو آهي، مگر هن جي بُک، دولت جي بُک ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيندي آهي. شايد اِهو ئي سبب آهي، جو دُنيا ۾ سوشلسٽ اِنقلاب آندا ويا آهن تہ جيئن اِنسان کي دولت پويان ڊوڙي ڊوڙي مرڻ کان بَچايو وڃي.
اُها رات ڏاڍي اِطمينان ۽ سُڪون واري رات هئي. منھنجي اَک تڏهن کُلي، جڏهن پوليس وارن جون سِيٽيون زور زور سان منھنجي ڪنن ۾ گونجڻ لڳيون. آءٌ ڇرڪ ڀري اُٿس. ڪي بسترا ويڙهي رهيا هئا، ڪي پنھنجو سامان هڪ ڪُنڊ ۾ جمع ڪري رهيا هئا، ڪن اوٻاسيون پئي ڏِنيون. شايد صبح جا ساڍا پنج يا ڇھہ ٿيا هئا. آءٌ هونئن هر روز رات جو دير سان سمھندو آهيان ۽ صبح جو تمام دير سان، وڏي سج اُٿندو آهيان. اُن کانپوءِ ڪيتري دير تائين جسم مان وٽَ ڪڍندي گُذرندي آهي، مگر اَڄ دير سان سمھي، تمام جلدي اُٿيو هوس، اُن جي باوجود پاڻ کي تازو توانو سمجهيم. مون ڀر واري قيديءَ کان پُڇيو: ”هاڻ ڇا ڪرڻو آهي؟“ پر هن منھنجي ڳالھہ ئي نہ ٻُڌي، ٽِين جي دَٻي مان ننڍڙي آرسي ڪڍي، پنھنجو منھن ڏِسڻ لڳو. رات وهايل لُڙڪ سندس مُنھن تي نشان ڇڏي ويا هئا.
ايتري دير ۾ رڙ ٿي: ”جوڙي جوڙي ٿي وڃو!“ بس! اَک ڇنڀَ ۾ سڀ ٻہ ٻہ ڄڻا ٿي ويھي رهيا، اَهڙي اَدب ۽ اَحترام سان ٿي ويٺا، ڄڻ خُدا جي بارگاھہ ۾ حاضري ڏِيڻ آيا هجن. مون کي پنھنجي ساٿي قيديءَ ٻانھن کان ڇِڪي پاڻ سان ويھاريو، جيئن جوڙي پوري ٿئي. ايتري ۾ پوليس وارا اَندر گهڙيا ۽ قيدي ڳڻڻ لڳا. هڪ، ٻہ، ٽي، چار! زور زور سان، ڏهڪاءُ وجهڻ واري نموني اِيئن آواز ڪڍندا ويا، ڄڻ تہ هٽلر جون فوجون پريڊ ڪنديون هجن.
ٿوري دير ۾ سڀ قيدي هڪ هڪ ٿي، هال کان ٻاهر وڃڻ لڳا. اُن وقت مون ڏِٺو تہ ڪيترن ئي قيدين کي مستقل طور چيلھہ ۽ پيرن ۾ زنجيرون يا ٻيڙيون پيل هيون، شايد خوفناڪ قيدي ٿي لڳا يا اِنقلابي تحريڪن جا ليڊر هئا. پوءِ مون کي ياد آيو تہ زندگي جا معمولي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ بہ اِنسان کي اِنقلابي تحريڪن کان گهٽ ڪم ڪرڻو نہ ٿو پوي. هن دُنيا ۾ جيئڻ جو جبل جهاڳڻ لاءِ ايتريون ئي قربانيون ڏِيڻيون پون ٿيون، جيتريون اِنقلابي تحريڪن لاءِ ڏِنيون وينديون آهن. هي زنجيرن ۾ جَڪڙيل اِنسان ڪير هئا؟ چورَ، ڌاڙيل يا قاتل! هي ماڻھو ذاتي، اِنفرادي مسئلن کي مُنھن ڏِيڻ لاءِ چورَ، ڌاڙيل ۽ قاتل بڻيا هئا. اُها اِنفرادي قوتَ يا ڪوشش جڏهن اِجتماعي رنگ اِختيار ڪندي آهي تہ دُنيا ۾ اِنقلاب اِيندا آهن.
آءٌ هال کان ٻاهر نڪتس. مون ڏِٺو تہ ڪيترائي قيدي هڪ هٿَ واري نلڪي تي هٿ مُنھن ڌوئي رهيا هئا، ڀر ۾ ليٽرين ٺھيل هئا، اُنھن جي جوڙجڪَ اَهڙي هئي، جو ويٺل سڀئي ماڻھو صاف نظر آيا ٿي، نہ صرف ايترو، بلڪہ ويٺل ماڻھن جي اَڌ اوگهڙ بہ نظر آئي ٿي. اِهو منظر ڏِسي سڄي جسم ۾ سياٽو وٺي ويو. آءٌ هٿ مُنھن ڌوئڻ کانسواءِ موٽي هال طرف آيس، هتي هينئر چانھہ ۽ مانيءَ جي ورهاست پئي ٿي. هڪ قيديءَ جي اَڳيان مانين جو وڏو ٿھو رکيل هو تہ ٻي وٽ ٽِين جي دَٻي ۾ چانھہ هئي. مختلف قيدي لائين ۾ ماني ۽ چانھہ وٺندا پئي ويا، اِيئن لڳو ڄڻ ڪنھن مزار تي فقير لنگر وٺڻ آيا هجن. آءٌ بہ لائين ۾ بِيھي رهيس. هن مون کي زنگ لڳل ننڍڙي دَٻي ۾ چانھہ ۽ ٻہ مانيون هٿَ ۾ جهلايون. ماني ڏِيڻ جو اَنداز ايڏو تہ ڏُکوئيندڙ هو، ڄڻ خيرات ٿي ڏِنائون. خبر نہ آهي ڇو مون کي ڏڪڻي وٺي ويئي ۽ هٿ مان چانھہ جو دَٻو ڪِري پيو. ماني ورهاست ڪندڙ قيديءَ رڙِ ڪئي: ”اَڙي! ڏِسين نہ ٿو؟“ مون لوڻون ورائي هن جي مُنھن ۾ ڏِٺو ۽ پوءِ ٻئي مانيون سندس هٿَ تي رکي، پنھنجي هال ڏانھن موٽي آيس.
ٿوري دير ۾ سڀ قيدي ڪمن ڪارين سان ڪيڏانھن ويا هليا، آءٌ اَڪيلو هال ۾ وڃي بچيس. مون لاءِ گهر وارن بسترو موڪليو هو، جيڪو رات کان اِيئن ئي پيو هو. گُذريل رات سُمھڻ لاءِ قيدين مون کي بسترو ڏِنو هو، هينئر هو پنھنجا ٽپڙ ميڙي ويا هئا. اُن ڪري مون پاڻ وارو بسترو کڻي پٽَ تي وڇايو تہ اُن مان ٻہ ڪتاب نِڪتا، جيڪي گهر وارن منھنجي پڙهڻ جي عادت پوري ڪرڻ لاءِ موڪليا هئا. ڪتاب ڏِسي مون کي ايتري خوشي ٿي، ڄڻ تہ سالن کانپوءِ وڇڙيل يارُ مِليو هو. ڪتاب پڙهڻ لاءِ هھڙي نويڪلائي وري ڪڏهن نہ مِلندي! آءٌ وهاڻي تي ٽيڪَ ڏيئي، ڪتاب کولي پنا اُٿلائڻ لڳس، ايتري ۾ رات وارو اُهو پِيرسَن قيدي آيو، جنھن ڪيئي قتل ڪيا هئا. هن مون کي اَڪيلو ڏِسي، پريان ئي رڙِ ڪئي:
”بابا، پُٽ! تون هتي اَڪيلو ڇو ويٺو آهين؟“ ۽ پوءِ منھنجي ڀر ۾ ويھندي پُڇيائين: ”نيرن ڪئي اَٿئي؟“
مون فقط مرڪيو ۽ کيس ڪوبہ جواب نہ ڏِنو.
هن چيو: ”سمجهيم، سمجهيم....“
اِيئن چئي، هو ٻاهر هليو ويو ۽ ٿوري دير ۾ چانھہ ۽ هڪ اُڦراٽو کڻي آيو. جيستائين مون ماني کاڌي، تيستائين هو ڏاڍي پيار ۽ محبت سان منھنجي اَڳيان ويٺو رهيو. ننڍي هوندي منھنجي ماءُ مون کي اِيئن ئي ماني کارائيندي هئي. جڏهن مون ماني کائي، پوري ڪئي تہ مون کي ٻاهر ورانڊي ۾ وٺي ويو. اُتي هن منھنجي لاءِ هڪ بسترو وڇائي ڇڏيو هو ۽ چيائين: ”هان تون هتي ويھي ڪتاب پڙھہ!“ ۽ پوءِ هو هليو ويو. پريان هڪ ٻي هال اَڳيان ڪجهہ قيدي ڳالھيون ڪري رهيا هئا. اَڃا مون ڪتاب جا چند پنا مسَ پڙهيا هئا تہ هڪ شخص مون ڏانھن وَڌي آيو. ٺھيل ٺُڪيل، اِستري ٿيل پاتل ڪپڙا، بوٽ پالش ٿيل، وارَ سَنواريل، سُھڻو جوان، هن منھنجي ويجهو اَچي سلام ڪيو. مون خوش، خير، عافيت ڪندي، کيس ڀر ۾ ويھاريو. حال اَحوال ڪيوسين، پوءِ تہ اَچي ڳالھين ۾ ڇُٽو، ٻہ ٽي ڪلاڪ دُنيا جھان جا ۽ هِن جيل جا قِصا ٻُڌائيندو رهيو. ساڻس ڪچھريءَ ۾ ڏاڍو مزو آيو، زندگيءَ جا ڪيئي نوان نوان رُخ ڏِسڻ ۾ آيا. ڳالھين ڳالھين ۾ مون کانئس سندس شاديءَ ۽ ٻارڙن بابت پُڇيو. هو هڪدم ماٺِ ٿي ويو، سندس پيشانيءَ تي پگهر داڻا داڻا ڪري نڪرڻ لڳو. هڪ عجيب خوف ۽ حراس جي حالت ۾ مبتلا ٿي ويو، ڄڻ تہ موت اَکين سان ڏِٺو هئائين. آءٌ سندس اُن حالت سبب ڏاڍو پريشان ٿي ويس، مون کانئس معذرت ڪئي. هن چيو: ”اَهڙي ڪابہ ڳالھہ ناهي، توهان فڪر نہ ڪريو.“ پوءِ اَسين ٻئي خاموش ويٺا رهياسين. مون وري ماٺ کي ٽوڙيندي آهستي آهستي کانئس پُڇيو: ”آخر ڳالھہ ڇا آهي؟“ هن هٻڪندي، اَکر اَکر چَٻاڙيندي، ڳالھائڻ شروع ڪيو:
”آءٌ پنھنجي زال ڪاڻ پريشان آهيان. هوءَ گهر ۾ اَڪيلي آهي.“
”اَڪيلي ڇو؟ تنھنجا ماءُ پيءُ؟“ مون سوال ڪيو.
”اسان مائٽن کان لِڪي شادي ڪئي آهي، ٻنھي جي گهر وارن کي ڪابہ خبر ناهي!“
”اِها تہ واقعي پريشانيءَ جي ڳالھہ آهي.“ مون ساڻس همدردي ڪندي چيو.
”نہ، ڳالھہ اِها ناهي، دراَصل هن جيل جو هڪ پوليس وارو تنگ ڪري رهيو آهي.“
”هتي جي پوليس واري جو ڪھڙو تعلق؟“ مون سوال ڪيو.
”آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ منھنجي نئين ڪُنوار مون کي جيل ۾ مِلڻ اَچي، اُن ڪري آءٌ جيل جي هڪ پوليس واري هٿان چِٺي چَپاٽي گهر ڏانھن موڪليندو آهيان، مون کي ڪا شئي شڪل ٻاهر کان گُهرائڻي ٿي پوي تہ اُهو ئي پوليس وارو آڻي ڏيندو آهي. ڪالھہ زال چئي موڪليو تہ پوليس واري جي نيت خراب ٿي ويئي آهي، هن ڪا ساڻس خراب حرڪت ڪرڻ جي بہ ڪوشش ڪئي آهي.“
اِيئن چئي، هن جو آواز ڀرجي آيو ۽ هٿ ڏَڪڻ لڳس. مون سندس هٿ پنھنجن هٿن ۾ جهليا ۽ کيس آٿت ڏِيڻ لڳس. ڪجهہ ڏينھن بعد خبر پئي تہ اُهو پوليس وارو ڪنھن ٻي هنڌ ساڳئي حرڪت ڪندي گرفتار ٿيو ۽ هن ئي جيل ڀيڙو اَچي ٿيو.

( يوسف شاهين صاحب هيءَ ڪَٿا وڌيڪ نہ لِکي)

سوچَ جو سفر

نئين سوچَ ۽ فڪر جون هجرتون ڪيئن معاشرا ڊاهي ۽ ٺاهي وجهنديون آهن. هن وقت تائين دُنيا ۾ جيڪي بہ اِنقلاب آيا، جيڪي بہ تبديليون ٿيون، جيڪي بہ تھذيبون ۽ معاشرا ٽُٽا ۽ ٺھيا، اُن ۾ فڪر جي هجرتن يا سوچَ جي سفر تمام اَهم ڪردار اَدا ڪيو آهي.
جيڪڏهن ’عالمي تاريخ‘ کي سميٽي فقط چند سِٽن ۾ لِکڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي تہ اُن جو تتُ هيئن بِيھندو: ”گُذريل پنج هزار سالن جي سڄي تاريخي دؤر ۾ بادشاهن جون پاليل فوجون پاڳل ڪُتن وانگر دُنيا جي عوام کي مسلسل قتل ڪنديون رهيون آهن. اُنھن فوجن کان پنھنجي جان ۽ عزت بَچائڻ خاطر دُنيا جو عوام پنھنجا اَباڻا پَٽَ ڇڏي، هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ ڏانھن لڳاتار هجرتون ڪندو رهيو آهي. اُنھن هجرتن سبب اِنساني فڪر ۽ مذهبي نظرين هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ ڏانھن سفر ڪيو.“ تقريباً چار هزار سال اَڳ سنڌ مان سنڌين شايد پھرين هجرت سمير (موجودہ عراق) ڏانھن ڪئي، اُن وقت سنڌي هڪ خدا يا خدا جي وحدانيت تي اِيمان رکندا هئا، اُن ڪري اُهو نظريو، اُها سوچَ سنڌ کان سفر ڪري موجودہ عراق پھتي، جتي جا ماڻھو ڪيترن ئي خدائن تي اِيمان رکندا هئا. اُنھن ۾ عين، عين لل ۽ عينڪي خدا خاص طور شامل هئا، بعد ۾ اُنھن خدائن سان گڏ ’بعل‘ خدا جي بہ عبادت ڪئي ويئي، جنھن تي حضرت اِبراهيمعه جو خاندان اِيمان رکندو هو. سنڌ جي ماڻھن ’خدا جي وحدانيت‘ يا هڪ خدا هئڻ بابت جيڪو نظريو ڏِنو، اُن جي اَڳتي هلي حضرت اِبراهيمعه وڏي پئماني تي پرچار ڪئي. اُن نظرئي جي بُنياد تي ٽي وڏا مذهب يھوديت، عيسائيت ۽ اِسلام وجود ۾ آيا. 19 صدي قبلِ مسيح ۾ ايشيا جي وچ اوڀر وارن علائقن کان يورپ ڏانھن هجرتون ٿيون. ايشيا جا اُهي ماڻھو ’انا طوليا’ (موجودہ ترڪي) جي رستي تان يونان جي ٻيٽَ ’ڪريٽ‘ ۾ آباد ٿيا ۽ هنن هتي ايشيائي فڪر ۽ مذهبي نظرين جي بُنياد تي يورپ جي پھرينءَ وڏيءَ تھذيب جو بُنياد وِڌو، جنھن کي ’ڪريٽ جي تھذيب‘ سَڏجي ٿو ۽ اُهائي تھذيب اَڳتي هلي ’يوناني تھذيب‘ سَڏجڻ لڳي.
13 صدي قبلِ مسيح ڌاري ’انا طوليا‘ کان يورپ ڏانھن ايشيا جي ماڻھن هڪ ڀيرو وري وڏي هجرت ڪئي. اُنھن ماڻھن موجودہ اِٽليءَ جي مختلف علائقن ۾ آباديون قائم ڪيون ۽ اَڳتي هلي ايشيائي فڪر ۽ سوچَ جي بُنياد تي اِٽليءَ ۾ هڪ نئين تھذيب کي جنم ڏِنو، جنھن کي ’اِٽراسڪن تھذيب‘ سَڏجي ٿو، اُن ئي تھذيب مان بعد ۾ ’رومن تھذيب‘ جنم ورتو. ٻي ۽ پھرين قبلِ مسيح جي وچ ڌاري ايشيا مان لڏي ويندڙ يھودي مھاجرن روم ۾ پھريون ڀيرو هڪ خدا يا ’خدا جي وحدانيت‘ جو نظريو متعارف ڪرايو، اُن نظرئي يورپ جي ماڻھن کان ڇرڪَ ڪڍائي ڇڏيا، خاص طور روم جا ماڻھو ڏاڍا پريشان ٿيا، جيڪي ڪيترن ئي خدائن تي اِيمان رکندا هئا، جن ۾ جوپيٽر، مارس، جونو، وينس، ويستا، ڊيانا ۽ ٻيا خدا شامل هئا. يونانين وانگر رومين جو خيال هو تہ فقط هڪ خدا هيڏي وڏي ڪائنات جو صحيح طريقي سان نظام نہ ٿو هلائي سگهي، اُن ڪري هن کي مددگار، صلاحڪار، بلڪہ نائب خدا هئڻ گهرجن، جيئن دُنيا جي بادشاهن وٽ هوندا آهن. روم جا نہ فقط ڪيترائي خدا هئا، بلڪہ هر خدا وڏو ٻچڙيوال، تمام وڏي خاندان وارو هو، جنھن ۾ خدا جا پُٽ، ڌيئرو،ن ڀينرون، ڀائر، چاچا، ماما ۽ ٻيا مِٽَ مائٽَ شامل هئا. ايترن خدائن جي موجودگيءَ ۾ جڏهن روم ۾ پھريون ڀيرو يھودين ’هڪ خدا‘ يا ’خدا جي وحدانيت‘ جي ڳالھہ ڪئي تہ هتي جي عوامَ ۽ حُڪومت ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو. رومَ جا حاڪم، يھودين خلاف ڪاتَ ڪُھاڙا کڻي بِيھي رهيا.
بھرحال خدا جي وحدانيت کان اِنسان جي شخصي آزاديءَ تائين مختلف فڪري سلسلا دُنيا جي مختلف خِطن ڏانھن هجرتون ڪندا رهيا آهن. جيئن تہ گُذريل پنج هزار سالن جي تاريخي دؤر ۾ دُنيا جو عوام مختلف بادشاهتن يا بادشاهن جي غلاميءَ هيٺ رهيو آهي، اُن ڪري بادشاهن جي ذاتي نظرين کانسواءِ ٻيو ڪوبہ فڪر لِڪَ چوريءَ کانسواءِ سفر نہ ڪري سگهيو آهي. گُذريل پنج هزار سالن جو دؤر سخت سينسر، سخت پابندين هيٺ رهيو آهي. نئون فڪر ڏيندڙن يا نئين فڪر جي تبليغ ڪندڙن کان دُنيا جا بادشاھہ هميشہ ڇِرڪندا رهيا. هنن وسئون ڪنھن بہ نئين فڪر کي پنھنجيءَ سلطنت اَندر اُسرڻ، پلجڻ يا پير کوڙڻ جي ڪڏهن بہ اِجازت نہ ڏِني. جيڪڏهن ڪنھن خِطي جي ماڻھن، ڪنھن نظرئي يا فڪر کي قبول ڪرڻ چاهيو تہ اُن کي اُتي جي بادشاهن تلوار جي زور سان هميشہ روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. اَهڙين ڪارواين دؤران دُنيا جا ڪيترائي مفڪر، شاعر، اَديب ۽ عالم قتل ڪيا ويا. دُنيا جي عوامَ کي بادشاهن پنھنجن ذاتي، مذهبي نظرين کان ٻاهر سوچڻ جي ڪڏهن بہ اِجازت نہ ڏِني. بادشاهن جي اُنھن ذاتي مذهبي حدَبندين اِنساني سوچَ ۽ فڪر لاءِ هميشہ ’قيدخاني‘ جو ڪم ڪيو. اَهڙيءَ طرح گُذريل پنجن هزار سالن جي دؤر کي اِنساني فڪر جي اوسر لاءِ ’اُونداهو دؤر‘ چئي سگهجي ٿو.
اُن اُونداهي دؤر جا اَثر خاص طور ٽئين دُنيا جي ملڪن ۾ اَڃا تائين تمام سختيءَ سان محسوس ڪيا وڃن ٿا. اسان وٽ پاڪستان ۾ جنرل اَيوب خان جي ڏينھن تائين ڪارل مارڪس، لينن ۽ مائوءَ جا ڪتاب پڙهڻ ڏوھہ هو، جيڪي وڏو جوکم کڻي، لِڪَ چوريءَ پڙهيا ويندا هئا، ترقي پسند اَدب کي ’خوفناڪ اَدب‘ چيو ويندو هو. دُنيا ۾ سڀ کان ڏُکي صورتحال چِين جي عوامَ سان رهي آهي، جتي اَڃا تائين ماڻھن کي عالمي اَدب نہ ٿو پڙهڻ ڏِنو وڃي ۽ نہ ئي اُتي جون اَخبارون ايتريون آزاد آهن، جو پنھنجي عوامَ کي دُنيا جي علم، اَدب ۽ فڪري وهڪرن کان روشناس ڪرائي سگهن. اَهڙي ئي حالت وچ ايشيا جي اُنھن چوڏهن ملڪن جي عوامَ سان بہ آهي، جيڪي ويجهڙائيءَ ۾ سوويت يونين جي ٽُٽڻ سبب آزاد ٿيا آهن. بھرحال چِين توڙي وچ ايشيا جو عوام دُنيا کان اِيئن ڪٽيل آهي، جيئن آءٌ هن وقت قيدخاني ۾ بند گهڻي ڀاڱي دُنيا کان ڪٽيل آهيان. قيدخاني کان اِسپتال ڏانھن منتقل ٿيڻ بعد منھنجا ڪيترائي دوست مون سان مِلڻ اَچن ٿا. جڳ مشھور ڪارٽونسٽ ’وائي ايل‘ جڏهن پھريون ڀيرو مِلڻ آيو تہ هن اَچڻ شرط مون کي چيو تہ: ”جيڪو ماڻھو رات ڏينھن ڪم ڪندو هجي، اُن کي آرام ڏِيڻ خاطر ’گرفتار‘ ڪرڻ تمام ضروري هو.“ هو هفتي اِندر ٻہ ڀيرا مون سان مِلڻ آيو ۽ پوءِ اوچتو هي فاني جھان ڇڏي هليو ويو. هن جو وِڇوڙو مون کي اَڃا ڏُکوئي ٿو، هو يقيناً عظيم اِنسان ۽ عظيم آرٽسٽ هو.
بھرحال جيڪي بہ دوست مون سان مِلڻ اَچن ٿا، اُنھن مان گهڻي ڀاڱي ڪي پاڻ سان گُل کڻيو اَچن تہ ڪي فروٽ آڻيندا آهن تہ ڪِن ڪتاب آڻي ڏِنا آهن. اَدي مھتاب محبوب خاص طور حيدرآباد مان منھنجي لاءِ جُوئر جي ماني ۽ ساڳُ رَڌائي پاڻ سان کڻي آئي. جناب شيخ اَياز هر ڀيري پاڻ سان ڪڏهن اِيراني بادام ۽ ڪاجُو تہ ڪڏهن ڏيسارو يا جنوهر جا کٽمٺڙا ۽ کاڄن ۾ ٺھيل خاص قِسم جا پڪوڙا کڻي اِيندو آهي. جناب علي نواز ’وفائي‘ ڪڏهن گل کڻي اِيندو آهي تہ ڪڏهن گلن جھڙيون ڳالھيون ڪرڻ اِيندو آهي. چون ٿا جيل ۾ جيل جيڏا ڏُکيا ڏينھن گهارڻ لاءِ ڪتاب وڏو سھارو ٿين ٿا. علي احمد بروهي صاحب اَنگريزيءَ ۾ لِکيل ڪتاب ’نھرو‘ مون کي ڏيئي ويو، جيڪو سندس سالگرھہ تي، سندس ئي ’ننھرن‘ ڏاڍي پيار سان کيس تحفي طور ڏِنو هو.
اُن ڪتاب ۾ جواهر لعل نھروءَ جون لِکيل جيل جون يادگيريون ڏاڍو اُتساھہ ڏِياريندڙ آهن. مون کي سڀ کان گهڻا ڪتاب ’سنڌيڪا‘ جي چيئرمين جناب نور احمد ميمڻ ڏِنا، اُنھن ڪتابن ۾ ’سوچَ جو سفر‘ هڪ اَهڙو قيمتي ڪتاب آهي، جنھن کي پڙهڻ سان دل باغ بھار ٿيو وڃي. سنڌيءَ ۾ هڪ وڏي عرصي کانپوءِ عالمي اَدب بابت ڪو تمام سُٺو ڪتاب پڙهڻ لاءِ مِليو، اُن ڪتاب کي ڪيترائي ڀيرا پڙهڻ جي باوجود آءٌ اَڃا بہ اُن کي پڙهڻ چاهيان ٿو. هن ڪتاب ۾ علم، اَدب ۽ فڪر ڏيندڙ دُنيا جي عظيم شخصيتن بابت مختلف مضمون ڏِنل آهن، جيڪي جناب اِنعام شيخ اَنگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا آهن. ترجمي جي اَهميت کان علاوہ هن ڪتاب جي اَصل خوبي اِها آهي تہ جن بہ عالمن، اَديبن، شاعرن ۽ مفڪرن بابت اَنگريزيءَ تان مضمون کنيا ويا آهن، اُنھن سڀني شخصيتن لاءِ مترجم پاڻ بہ مختصر، مگر جامع مضمون يا رايا لِکيا آهن. مترجم جا ذاتي طور لِکيل اُهي مضمون تخليقي اَدبَ جو حِصو آهن، جيڪي هن جي اَعلى ذهانت، شعوري وسعت، علم ۽ فلسفي بابت ڄاڻ جا دليل آهن. اِنعام شيخ جا لِکيل ڪي ڪي مضمون يا رايا اَصل مضمون نگارن کان بہ ڳرا لڳن ٿا. جيتري قدر اَنگريزيءَ مان سنڌي ترجمي جو تعلق آهي تہ اُن جو بہ جواب ناهي. اَنگريزي ٻولي، اَنگريزي ماحول ۽ اَنگريزي چوڻين کي ايڏو تہ خوبصورتيءَ ۽ رَوانيءَ سان سنڌي رنگ ڏِنو ويو آهي، جو يقين نہ ٿو اَچي تہ اُهي مضمون اَنگريزيءَ تان ترجمو ٿيل آهن. خاص طور فلسفي جي نازڪ ۽ تمام ڇِڪي ٻَڌل جُملن کي، تمام اَحتياط ۽ پوريءَ وسعت سان سنڌيءَ ۾ آندو ويو آهي.
هي ڪتاب سنڌي اَدب لاءِ، سنڌي ماڻھن لاءِ ڏاڍو ڪارائتو آهي، جيڪو سڀني کي پڙهڻ گُهرجي. هن ڪتاب ۾ جن عالمن، اَديبن، شاعرن ۽ فلاسفرن بابت مضمون ڏِنل آهن، اُنھن جي ڏِنل علم ۽ فڪر سبب گُذريل چند سؤ سالن دؤران دُنيا ۾ ڪئين وڏا وڏا اِنقلاب آيا آهن، سڄي اِنسان ذات سڌيءَ يا اَڻ سِڌيءَ طرح اُنھن عظيم شخصيتن جي فڪر ۽ فھم کان متاثر ٿي آهي. هي اُهي شخص آهن، جن پنھنجي لِکڻين کي تلوار کان بہ وڌيڪ طاقتور بڻائي، دُنيا مان بادشاهن ۽ شھنشاهن جا ترا ڪڍي ڇڏيا، جيڪي پنج هزار سالن کان هلندڙ غلاميءَ جي دؤر جي ’باقيات‘ آهن. هن عالمن پورهيو ڪري، رَت سَت ڏيئي، جانيون وڃائي، پنھنجي علم جي قوت سان اِنساني فڪر مٿان لڳل پابندين ۽ بندشن کي ڀڃي وِڌو، جنھن جي نتيجي ۾ اَڄ سوچَ جو سفر، علم ۽ فڪر جون هجرتون دُنيا ۾ تيز ٿي سگهيون آهن. اَڄوڪي دُنيا وڏي ڀڃَ ڊاهَہ جو شڪار آهي، هر طرف وڏيون تبديليون اَچي رهيون آهن، رُجعت پرستي، قبائلي قدر ۽ قانون، جن جي بُنيادن تي وڏيون تھذيبون رکيل آهن، ذهني، جسماني توڙي رُوحاني غلاميءَ، معاشي لاچاريءَ بيوسيءَ ۽ بي اِنصافيءَ تي ٻَڌل معاشرا ڏاڍو تيزيءَ سان ڀورا ڀورا ٿي رهيا آهن. هڪ نئين دُنيا جنم وٺي رهي آهي، جنھن جا اَمين ۽ اَڳواڻ اُهي شخصيتون آهن، جن جو هن ڪتابَ ’سوچَ جو سفر‘ ۾ ذڪر ڪيل آهي. اُنھن شخصيتن بابت هڪ جامع ڪتاب ڏيڻ تي سنڌ جو اَشاعتي اِدارو ’سنڌيڪا‘ دِلي طور مبارڪباد جو مستحق آهي. اُنھن شخصيتن جا لِکيل ڪتابَ جيڪڏهن ’سنڌيڪا‘ طرفان شايع ڪرايا ويا تہ اُهو هن اِداري جو وڏو ڪارنامو ٿيندو، سنڌي ماڻھن کي اُهي سمورا ڪتاب پڙهائڻ ضروري آهن تہ جيئن هو فڪري وهڪرن ۽ مستقبل ۾ ٺھندڙ دُنيا جو ساٿ ڏيئي سگهن.

(05 اَپريل 1997ع)

سالڪ سنڌ جو!

اُلھي تہ اِنتھا، اُڀري تہ آفتابُ،
ڪو سالڪ سنڌ جو، اي هليو ڪرڻ حِسابُ،
اَڻ ڄاتو اِسراري، بند کولي بابُ،
ٿيو لالڻ لاجوابُ، نيل نديءَ ڪِناري.


پھرين ملاقات دؤران جناب آفتاب ميمڻ دل جو حال هيئن اوريو: ”جڏهن گوتم ٻُڌ کان پُڇيو ويو تہ ڇا خُدا آهي؟ جواب ۾ گوتم چيو تہ: ”مون کي ڪا خبر ناهي.“ ڀلا خدا جي عبادت ڪئي وڃي؟ گوتم چيو تہ: ”اُهو وقت اِنسان ذات جي خدمت لاءِ وقف ڪيو وڃي.““ اِهو واقعو ٻُڌائڻ کانپوءِ آفتاب چيو تہ: ”آءٌ پنج وقت نمازي آهيان ۽ فجر مھل قرآن شريف جو دور ڪندو آهيان. اِهو سڀ ڪجهہ ڇو ٿو ڪيان ۽ اَصل حقيقت ڇا آهي؟ اُن جي مون کي ڪا خبر ناهي.“ هو ڳالھين دؤران ڪيترائي ڇرڪائيندڙ اِنڪشاف ڪري ويو ۽ آءٌ مسلسل سندس چھري ڏانھن سَواليه نظرن سان ڏِسندو رهيس.
هن کان اَڳ جڏهن آفتاب جو پھريون ڪتاب ’هر پل صليب تي‘ پڙهيو هوم، تڏهن بہ مون کي ڏاڍي حيراني ٿي هئي، سمجهہ ۾ نہ ٿي آيو تہ هي شخص ڪير آهي؟ هن جي اَندر ۾ ڪھڙي اُڻ تُڻ، آنڌ مانڌ آهي؟ هي ڪھڙا ڏُکَ ۽ سُورَ اَندر ۾ سانڍي هلي ٿو؟ منھنجي ڄاڻ مطابق آفتاب هڪ سرڪاري ڪامورو آهي ۽ ڪيترن ئي وڏن عھدن تي رهي چُڪو آهي. اَڄ بہ هو هڪ وڏي سَرڪاري اِداري جوچيئرمين آهي، اُن هوندي بہ آفتاب جو هر پل صليب تي گُذري ٿو، اِها ڳالھہ سمجهہ کان ٻاهر آهي. فقط ايترو سمجهان ٿو تہ آفتاب هڪ سُڄاڻ سنڌي آهي، هن پنھنجي ديس ۽ ديس واسين سان ڪا وڏي ويڌن ڏِٺي آهي، جنھن جو هو اِظھار فقط ايترن ئي لفظن ۾ ڪري ٿو: ’هر پل صليب تي!‘
آفتاب جو نئون ڪتاب ’نيل نديءَ ڪِناري‘ پڙهندڙن کي مصر جي حال ۽ ماضيءَ ڏانھن کڻي وڃي ٿو. مصر دُنيا جي اُنھن ٽن ملڪن ۾ شامل آهي، جن پنج هزار سال اَڳ اَولين عظيم تھذيب جو بُنياد وِڌو، باقي ٻن ملڪن ۾ سنڌ (سنڌو ماٿر) ۽ عراق ’سُمير‘ (SUMER) کي اَهڙو اَعزاز حاصل آهي.
لاتعداد خدائن ۽ فرعونن جي سَرزمين مصر مان حضرت موسىعه اُن ڪري ملڪ بدر ڪيو ويو، جو هن چيو تہ: ”ﷲ واحد لاشريڪ آهي، ﷲ کانسواءِ ٻيو ڪوبہ بندگيءَ جي لائق ناهي.“ جڏهن تہ مصر ۾ اُن وقت حاڪمن کي سجدا ڪيا ويندا هئا، جيڪي پاڻ کي ’زميني خُدا‘ يا ’فرعون‘ سَڏائيندا هئا.
حضرت موسى عہ کان تقريباً ڏيڍ سؤ سال اَڳ مصر جي هڪ فرعون ’اخنتون‘ [AKHNATON (1383)] اَعلان ڪيو تہ: ”ﷲ واحد لاشريڪ آهي، ﷲ کانسواءِ ٻيو ڪوبہ بندگيءَ جي لائق ناهي.“ ’اخنتون‘ اِهو بہ اَعلان ڪيو تہ مصر ۾ جن بہ خُدائن جي عبادت ڪئي وڃي ٿي، اُهي سڀ ڪُوڙا آهن ۽ حُڪم جاري ڪيائين تہ سڀني نقلي خُدائن جا بُت ۽ اُنھن جون عبادت گاهون ڀڃي ڀورَ ڪيون وڃن. ’اَختنون‘ جي ڏينھن ۾ موجودہ شام، فلسطين، سُوڊان ۽ ڪجهہ ٻيا علائقا مصر جي قبضي هيٺ هئا، ’اَخنتون‘ اُهي سمورا ملڪ آزاد ڪندي اَعلان ڪيو تہ: ”دُنيا جي ٻين قومن کي غلام بڻائڻ ۽ اُنھن جي ملڪن تي قبضو ڪرڻ ناجائز عمل، بلڪہ ڏوھہ آهي.“ هن مصري فوجن کي مقبوضہ ملڪ خالي ڪري، واپس موٽڻ جو حُڪم ڏِنو. ’اَخنتون‘ جو اِهو فيصلو اِنساني تاريخ جو اِنتھائي مٿانھون، بي مثل باب ۽ سونھري اَکرن ۾ لِکڻ جھڙو واقعو آهي.
’اَخنتون‘ کان تقريباً چار سؤ سال اَڳ حضرت اِبراهيمعه اِهو ٻُڌايو تہ ﷲ واحد لاشريڪ آهي ۽ ﷲ کانسواءِ ٻيو ڪوبہ عبادت جي لائق ناهي. حضرت اِبراهيمعه کان لڳ ڀڳ پنج سؤ سال اَڳ سنڌ جي ماڻھن اِنساني تاريخ ۾ سڀ کان اَول خدا جي وحدانيت جو اِقرار ڪيو ۽ دُنيا کي ٻُڌايو تہ: ”خدا واحد لاشريڪ آهي، خدا کانسواءِ ٻيو ڪوبہ عبادت جي لائق ناهي.“
2334 قبلِ مسيح ۾ سُمير ۽ اَڪاد (موجودہ عراق) جي شھنشاھہ ’سارگن‘ سنڌ مان سوين سنڌين کي عراق سَڏايو تہ جيئن هو هن کي سندن گاديءَ وارو شھر ’اگادي‘ جديد شھري منصوبابنديءَ تحت اَڏي ڏِين. ’سارگن‘ لاءِ چيو وڃي ٿو تہ هو دُنيا جي تاريخ جو پھريون شھنشاھہ هو، جنھن وچ مشرق جا گهڻي ڀاڱي سمورا ملڪ فتح ڪري، اَولين عظيم سلطنت جو بُنياد وِڌو. اُنھن ڏينھن ۾ سنڌي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دُنيا ۾ سڀ کان اَڳتي هئا، زراعت ۾ هنن جو ڪو ثاني نہ هو، سنڌين دُنيا ۾ سڀ کان اَول ڪپھہ جي پوکق ڪئي، پوءِ ڪپھہ مان ڌاڳو ٺاهڻ جون ڪاٺ واريون مشينون اِيجاد ڪيون. اُن سان گڏ ڌاڳي مان ڪپڙو اُڻڻ جون ڪاٺَ واريون مشينون ۽ آڏاڻا اِيجاد ڪيا. هتي ٺھيل ڪپڙو سڄي دُنيا ۾ وڪرو ٿيندو هو. سنڌين دُنيا ۾ پھريون ڀيرو جديد شھري منصوبابنديءَ تحت شھر اَڏڻ جو بُنياد وِڌو، اُن وقت سموري سنڌ دُنيا لاءِ ڪاروبار جو مرڪز هئي، هتي سون، چاندي، هيرن، جواهرن کان ويندي مُھرون ٺاهڻ جو فن عام جام هو. سنڌي پاڻيءَ جا جھاز ۽ وڏا ٻيڙا ٺاهڻ جي فن ۾ بہ ماهر هئا. قيمتي مال سان ڀريل سنڌين جا جھاز پھرين موجودہ بحرين، جنھن کي اُن وقت ’ڊيلمن‘ (DILMUN) چئبو هو، اُتي لنگراَنداز ٿيڻ کانپوءِ موجودہ عراق ۽ مصر ڏانھن رَوانا ٿيندا هئا.
سنڌين، شھنشاھہ ’سارگن‘ جي خواهش مطابق موجودہ عراق ۾ واھہ کوٽيا، جديد زراعت متعارف ڪرائي ۽ شھنشاھہ کي مُھرون ٺاهي ڏِنيون ۽ ’اُر‘ شھر ۾ ’خُدا جي وحدانيت جو مرڪز‘ کوليو. واضح رهي تہ حضرت اِبراهيمعه اُن واقعي کان پنج سؤ سال پوءِ ’اُر‘ شھر جي هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. اُن وقت عراق ۾ خدا شمس، اين. اين. لل، اينڪسي ۽ ٻين ڪيترن ئي خدائن جي عبادت ڪئي ويندي هئي. 326 قبل مسيح ۾، جڏهن سڪندرِاَعظم سنڌ تي قبضو ڪيو تہ هن سَون جي تعداد ۾ سنڌي هاري مصر ڏانھن رَوانا ڪيا، جن پھريون ڀيرو مصر ۾ ڪپھہ جي پوکَ متعارف ڪرائي.
جناب آفتاب ميمڻ پنھنجي ڪتاب ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي مصر جي خُدائن ’هورس‘ (HORUS)، ’آئيسس‘ (ISIS) ۽ ’اوسائيرس‘ (OSIRIS) جو ذڪر ڪيو آهي. روايت مطابق مصر جي حاڪم خدا اوسائيرس کي سندس ڀاءُ ’سٽ‘ (SET) قتل ڪري مصر تي قبضو ڪيو. اُهو قبضو ڇڏائڻ لاءِ اوسائيرس جي پُٽ ’هورس‘ سندس چاچي ’سٽ‘ تي حملو ڪيو ۽ وڏيءَ جنگ کانپوءِ سِٽ کي قتل ڪري ڇڏيو، اَهڙيءَ ريت ’هورس‘ مصر جو بادشاھہ ٿيو. اُن وقعي کانپوءِ هزارين سالن تائين جيڪي بہ مصر جا بادشاھہ يا فرعون بڻيا، اُهي پاڻ کي ’هورس‘ يا ’هورس خدا‘ جو اولاد، زميني خدا يا فرعون سَڏائيندا رهيا. مصر جي عوامَ تي لازم هو تہ زميني خدائن کي سجدا ڪندا رهن ۽ سندن هر حُڪم جي تعميل ڪن.
جڏهن سڪندرِاَعظم مصر تي 331 قبلِ مسيح ۾ قبضو ڪيو تہ هن کي خدا هورس جو درجو ڏِيڻ سان گڏ مصر جي عظيم خدا ’ايمن را‘ (Aman - Ra) جو پُٽ (Son of god) جو درجو ڏِنو ويو. اُن بعد سِڪندرِاَعظم لاءِ ڪئين بُت ۽ عبادت گاهون جوڙي، هن جي باقاعدہ عبادت جو اِنتظام ڪيو ويو، نتيجي ۾ لڳاتار ٽي سؤ سالن تائين سڪندرِاَعظم جي هڪ خدا جيان مصر ۾ عبادت ٿيندي رهي. اُن عرصي دؤران يونان ۽ مقدونيه جي ماڻھن وڏي پئماني تي مصر ڏانھن هجرتون ڪيون، جن مصر ۾ هڪ نئين ۽ اَنوکي حُسن جو اِضافو ڪيو. قلوپطرا بہ اُنھن مھاجرن جي نسل مان هئي، جيڪي يونان مان لَڏي مصر ۾ اَچي آباد ٿيا هئا.
سِڪندرِاَعظم جي مرڻ کانپوءِ هن جا فوجي جنرل مصر تي قابض رهيا ۽ هنن پنھنجو نسلي تعلق خدا هورس، اوسائيرس ۽ آئسس سان جوڙيندي پاڻ کي بہ خُدا سَڏايو ۽ مصري عوامَ کي سندن عبادت ڪرڻ جو حُڪم ڏِنو. جيئن تہ خدا اوسائيرس پنھنجي ڀيڻ آئسس سان شادي ڪئي هئي، اُن ڪري يونان جي فوجي حاڪمن پڻ پنھنجي ڀينرن سان شادي ڪرڻ جو رواج وِڌو، جيڪو ٽي سؤ سالن تائين جاري رهيو.
يونانين کانپوءِ مصر تي رُوم قبضو ڪيو. رُوم جي شھنشاھہ آگسٽس AUGUSTUS مصر کي سندس ’ذاتي ملڪيت‘ قرار ڏِنو ۽ حُڪم ڪيائين تہ ڪوبہ شخص هن جي اِجازت کانسواءِ مصر ۾ داخل نہ ٿو ٿي سگهي. شھنشاھہ آگسٽس مصري مذهب قبول ڪيو ۽ رُوم ۾ آئسس ديويءَ لاءِ وڏي عبادتگاھہ تعمير ڪرائي، جتي خدا هورس ۽ اوسائيرس جا بُت بہ عبادت لاءِ رکيا ويا. جڏهن رُومَ جي حاڪمن عيسائيت قبول ڪئي، تڏهن آئس، اوسائيرس ۽ هورس هي بُتن جا نالا ڊاهي، اُنھن جي مٿان مقدس ميري، جيسس ۽ ’گاڊ دي فادر‘ نالا لِکيا ويا. هتي اِهو واضح ڪندو هلان تہ رُومَ جي شھنشاهن حضرت عيسىعه کي صليب چاڙهڻ کان سوا ٽي سؤ سال پوءِ عيسائيت قبول ڪئي، مگر عيسائيت قبول ڪرڻ شرط سڄي رُومي دُنيا ۾ اُن معاملي تي گهرو ويڙھہ Civil War شروع ٿي ويئي. ”ڇا خُدا هڪ آهي، ٻہ آهن يا ٽي؟“ اِن اِختلاف جا اَڳواڻ پڻ مصر جا ٻہ عالم هئا، هڪ ايريس (ARUS) ۽ ٻيو اٿينيسيس (ATHANASUS). ايريس جو چوڻ هو تہ خُدا واحد آهي، لاشريڪ آهي، جڏهن تہ اٿينيسيس خدا، خدا جي پُٽ ۽ مقدس رُوحَ جي ڳالھہ ڪئي، اُن نظرئي اَڳتي هلڪيٿولڪ عيسائيت کي جنم ڏِنو. اٿينيسيس جو چوڻ هو تہ حضرت عيسىعه خدا جو پُٽ آهي ۽ اُن جُز مان پيدا ٿيو آهي، جنھن مان خود خدا پيدا ٿيو آهي، اَهڙيءَ رِيت حضرت عيسىعه کي بہ خُدا جو درجو ڏِنو ويو.
اُن وقت رُومَ جو يورپ، اُتر آفريڪا ۽ وِچَ مشرق جي لاتعداد ملڪن تي قبصو هو ۽ رُومي سلطنت ٻن حِصن ۾ ورهايل هئي. هڪ مغربي رُومي سلطنت ۽ ٻي مشرقي رُومي سلطنت، جنھن کي بعد ۾ ’بازنطيني شھنشاهيت‘ بہ سَڏيو ويو. بھرحال خُدا جي وحدت ۽ ڪثرت بابت رُومي سلطنت ۾ گهرو ويڙھہ Civil War اُن وقت تائين جاري رهي، جڏهن مڪي ۽ مديني ۾ آنحضرت محمد صلي ﷲ عليہ وآلہ وسلم جن وڏي واڪي اِهو اَعلان ڪيو تہ ﷲ واحد آهي، لاشريڪ آهي، نہ هو پيدا ڪيو ويو آهي ۽ نہ هن مان ڪو پيدا ٿيو آهي. اِهو واضح اِشارو حضرت عيسى ڏانھن هو، جنھن کي خُدا جو اولاد، بلڪہ خُدا جو پُٽ سڏيو ٿي ويو.
جڏهن عربن خُدا جي وحدانيت جو نعرو بُلند ڪندي بازنطيني ملڪ شام تي ڪاھہ ڪئي تہ بازنطيني فوج جا پنج لک زره پاتل فوجي، عربن جي ٽيھہ هزار فوجين هٿان شڪست کائي ويا، مگر بازنطيني فوجين پنھنجي شڪست کي فتح سمجهيو، ڇاڪاڻ تہ اُنھن جي اَڪثريت خُدا جي وحدانيت تي اِيمان رکندي هئي. هنن بازنطيني حاڪمن کان آزاد ٿيڻ گُهريو ٿي. اِها ساڳئي صورتحال مصر ۾ بہ هئي، جڏهن عربن جون فوجون مصر تي ڪاهي آيون تہ اُتي بہ عربن جو آسانيءَ سان قبضو ٿي ويو، ڇاڪاڻ تہ مصر جي عوامَ جي اَڪثريت اَڳ ۾ ئي خدا جي وحدانيت تي يقين رکندي هئي. مصر وارن بازنطيني حاڪمن کان آزاد ٿيڻ لاءِ عرب فوجن جو آڌرڀاءُ ڪيو.
مصر تي قبضو ڪرڻ کانپوءِ عربن هتي اِسلام ۽ عربي زبان نافذ ڪئي. عربي زبان ايڏي تہ زورائتي اَنداز ۾ نافذ ڪئي وئي، جو مصر جا ماڻھو پنھنجي ٻولي ’ڪوپٽڪ‘ (COPTIC) مڪمل طور وساري ويٺا هئا، عربي ڳالھائيندي ڳالھائيندي ’عرب‘ ٿي ويا ۽ اَڄ بہ مصر کي عرب ريپبلڪ سَڏجي ٿو، جڏهن تہ مصر ۾ ڪنھن بہ حالت ۾ عرب ناهن. بھرحال عربيءَ جي سخت نفاذ سبب مصر جي ڪوپٽڪ ٻولي ختم ٿي ويئي، جيڪا ٽن هزار سالن کان هتي ڳالھائي، لِکي ۽ پڙهي ويندي هئي.
هتي هيءَ ڳالھہ نوٽ ڪرڻ جھڙي آهي تہ عربن سَتين ۽ اَٺين عيسوي صديءَ دؤران جن بہ ملڪن تي قبضو ڪيو، اُتي رهندڙ قومون گهڻي ڀاڱي پنھنجو وجود ۽ پنھنجو قومي تشخص وڃائي ويٺيون، جن ۾ موجودہ لِبيا، اَلجزائر، تيونس، مراڪش ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن جون قومون شامل آهن. اَڄ لِبيا، اَلجزائر، تيونس ۽ مراڪش جا ماڻھو عرب سَڏائين ٿا، عربي ڳالھائين ٿا، جڏهن تہ هو عرب ناهن.
عربن جي حملن جو دُنيا ۾ ٻن قومن ڏاڍي حوصلي ۽ سمجهداريءَ سان مقابلو ڪيو، هڪ اِيراني ۽ ٻيو سنڌي قومَ. جڏهن محمد بن قاسم سنڌ تي قبضو ڪيو تہ هتي بہ عربي زبان ڏاڍي زورائتي اَنداز ۾ نافذ ڪئي ويئي. اَهڙا گهڻا اِمڪان پيدا ڪيا ويا تہ جيئن سنڌي قومَ عرب بڻجي وڃي، مگر سنڌين پنھنجي قوميت ۽ ٻولي بچائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا، دُنيا کي پھرين تھذيب ڏيندڙ سنڌي قومَ پنھنجي ٻوليءَ جو ڀرپور دِفاع ڪيو. نتيجي طور سوين سالن تائين عربي ٻولي سنڌ ۾ جاري رهڻ جي باوجود هتي پنھنجا پيرَ کوڙي نہ سگهي.
جيڪڏهن باقي دُنيا جي تاريخ تي نظر وجهبي تہ فتوحات جي عمل ۽ هجرتن سبب دُنيا جون سوين قومون پنھنجون ٻوليون، بلڪہ پنھنجو وجود بہ بچائي نہ سگهيون. هجرتون فوجي ڪاهن کان خطرناڪ ٿين ٿيون. هتي مصر ڏانھن ٿيندڙ هڪ وڏي هجرت جو ذڪر ڪجي ٿو، جيڪا اَرڙهين صدي قبلِ مسيح ۾ شروع ٿي هئي. اُهي مھاجر ’هائيڪ سوز‘ (Hyksos) نالي سان سُڃاتا ويا. اِبتدا ۾ هي مھاجر ڏاڍا ڏُتڙيل، بدحال، لاچار ۽ مجبور هئا، جيڪي ٻہ سؤ سالن تائين مصر جي مختلف علائقن ۾ آباد ٿيندا ويا. نيٺ هو مصر تي قابض ٿي، هتي جا فرعون بڻجي ويا ۽ خدائي دعوى ڪيائون. هنن حُڪمراني سنڀالڻ شرط مصر جي ماڻھن کي حُڪم ڏِنو تہ ’سٽ‘ SET جي عبادت ڪئي وڃي، جيڪو مصر ۾ شيطان سمجهيو ويندو هو. جيئن تہ فرعون جو حُڪم مڃڻ لازم هو، اُن ڪري مصر جي ماڻھن مجبور ٿي، شيطان سٽ جي عبادت ڪرن شروع ڪري ڏِني.
بھرحال مصر جي تاريخ ڏاڍي حيرت اَنگيز ۽ پڙهڻ لائق آهي، خاص طور آفتاب ميمڻ جو ڪتاب ’نيل نديءَ ڪِناري‘ اسان کي مصر جي پُراِسراريت ڏانھن ڏاڍي دلچسپ اَنداز ۾ کڻي وڃي ٿو. هن اَفساني، ناول ۽ تاريخ نويسيءَ جي فن کي وڏي مھارت سان اِستعمال ڪندي هڪ اَهڙو تہ دلچسپ ۽ لاجواب ڪتاب تحرير ڪيو آهي، جنھن کي يڪ ساهيءَ پڙهي سگهجي ٿو. هي سنڌي اَدب لاءِ هڪ تحفو آهي، هن ڪتاب ۾ سنڌ جي هن سالڪ پرائي پٿر تي پنھنجا سُور بہ بيان ڪيا آهن.
مصر ۾ آفتاب جي بنگلاديش جي هڪ نمائندي اَنوپَ سان ملاقات ٿي. اھُن ملاقات دؤران ٿيل ڊائلاگ ڏاڍا معنى خيز آهن. اَنوپَ شِڪايتي اَنداز ۾ آفتاب کان پُڇيو: ”اوهان ٽئگور جي ڌرتيءَ ۽ نذرالاسلام جي جنم ڀوميءَ سان ڪھڙو چڱو سُلوڪ ڪيو؟“
”تنھنجو اِشارو بنگال سان ٿيل بي واجبين ڏي آهي؟“ آفتاب پُڇيو ۽ پوءِ جواب ۾ چيائين: ”اُهي زيادتيون پنجابي فوجين ۽ ڪامورا شاهي توڙي اُردو دانشورن جي کاتي ۾ وجهہ! اسان سنڌي تہ هميشہ بنگالين ۽ بنگالي ٻوليءَ سان سھڪاري رهيا آهيون.“ آفتاب سنڌ ۽ سنڌين جو دفاع ڪندي وڌيڪ چيو تہ: ”اسان (سنڌي) بنگال کي هميشہ هڪ ئي خطو سمجهندا آهيون. بنگال کي مشرقي بنگال ۽ مغربي بنگال ۾ ورهائڻ نہ اسان تسليم ڪيو آهي ۽ نہ ئي ڪڏهن بنگالين تسليم ڪيو.“ آفتاب اَنوپ کي اِهو بہ ٻُڌايو تہ شيخ مُجيب الرحمان جڏهن آخري دفعو مغربي پاڪستان آيو تہ هن ’حيدر منزل‘ تي سائين جي. ايم. سيد کي اِها گُذارش ڪئي تہ مون کي ’عوامي ليگ’ جي مرڪزي ڪميٽيءَ لاءِ شيخ اَياز ڏِيو، جو اسان جا ماڻھو هن جي شاعري سمجهن ٿا ۽ سندس عزت ڪن ٿا، پر سائين جي. ايم. سيد ٻن سيد وڏيرن کي کڻن تي زور ڀريو، جيڪي شيخ مُجيب الرحمان کي قبول نہ هئا.“
آفتاب مصري ميزبان ڇوڪري ’اِيمان‘ سان ڳالھيون ڪندي هڪ هنڌ هيئن چوي ٿو تہ: ”اَسين پاڪستاني مسلمان مشرقِ وُسطى، دمشق، بغداد، غرناطه ۽ خلافت جي عظمت ۽ شان کي ذهني قيدخاني ۾ رهندا آهيون. خبر اَٿئي، اسان جي ڪنھن بہ شاعر ٽيڪسلا ۽ موهن جي دڙي تي شاعري ڪونہ ڪئي آهي. اسان نجات لاءِ غزني ۽ اَفغانين ڏانھن ڏِسندا آهيون، توڙي جو نادر شاھہ سنڌ تي ڪاهَہ ڪري، ٺٽي جون عظيم درسگاهون ۽ لکين نادر ۽ ڪامياب ڪتاب ساڙي ڇڏيا. اَمير گورگان تيمور اسان لاءِ هيرو آهي، ڇوتہ اسان پنھنجي حافظي تان اِها ڳالھہ ميساري ڇڏي آهي تہ تيمور دمشق جي درسگاهن توڙي شھر کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو ۽ شھر جي اُتر - اوڀر دروازي تي کوپڙين جا مِينار ٺھرايا، جيڪي سڀ مسلمانن جون هيون... اسان عجيب ذهنن جا ماڻھو آهيون، اَڄ ڏينھن تائين فيصلو نہ ڪري سگهيا آهيون تہ هندستان تي سترنھن ڪاهون ڪري، مُلڪان ملڪ ڀيل ڪرڻ واري ’غاصب‘ هو يا ’غازي‘؟“
هن ڪتاب ۾ اَهڙا ڪيترائي هنيانءَ ۾ کُپي ويندڙ، تيز تير جيان جملا پڙهڻ لاءِ مِلندا، جيڪي آفتاب جي ذهني سگهہ، وسعت ۽ مطالعي جي ڄاڻ ڏِين ٿا. هن ڪتاب جو آخري چيپٽر ’اَلوداع - اَلوداع‘ شاعريءَ جيان هڪ حسين تحرير آهي، جنھن ۾ پيارَ، وصالَ ۽ وڇوڙي جا ڪيئي اِنڊلٺي رنگ ڀريل آهن.

(آفتاب ميمڻ جي ڪتاب ’نيل نديءَ ڪِناري‘ جو مھاڳ)

لفظن جو ماتم (تاج بلوچَ جي شعري مجموعي جو اَڀياس)

خلافتِ راشدہ کانپوءِ اِسلامي رياست تمام تيزيءَ سان ڊَهڻ لڳي. اِنتظامي، سياسي ۽ فوجي زوال سبب هڪ وسيع متحدہ اِسلامي مملڪت، جنھن جون سَرحدون ايشيا کان يورپ ۽ آفريڪا تائين پکڙيل هيون، اُن مان ڪئين آزاد ۽ خودمختيار ملڪ پيدا ٿيڻ لڳا. نتيجي طور سڄي دُنيا ۾ اِهي هُل پئجي ويا تہ اِسلام هڪ مڪمل مذهبي نظريي طور ناڪام ٿي ويو آهي. اِسلامي مملڪت جي سياسي ۽ فوجي زوال کي مذهبِ اِسلام جو زوال تصور ڪيو ويو. ساڳيءَ ريت اَهڙي پروپيگنڊہ اسان جي ڏينھن ۾ اُن وقت شروع ٿي، جڏهن 1991ع ۾ سوويت يونين جو سياسي ۽ فوجي زوال آيو ۽ هڪ وسيع متحدہ مملڪت، جنھن جو سَرحدون يورپ کان ايشيا تائين پکڙيل هيون، اُن مان گهٽ ۾ گهٽ سورنھن نوان آزاد ۽ خودمختيار ملڪ پيدا ٿي پيا.
سوويت يونين جي سياسي ۽ فوجي زوال سان سڄي دُنيا ۾ اِهو گوڙ مچي ويو تہ سوشلزم يا ڪميونزم هڪ مڪمل نظريي طور ناڪام ٿي ويو آهي. اُن پروپيگنڊہ جو سڄي دُنيا ۾ ترقي پسند ذهن رکندڙ ماڻھن تي ڏاڍو ڏُکوئيندڙ اَثر ٿيو، خاص طور اسان وٽ سنڌ جي ڪيترن ئي ترقي پسند اَديبن، عالمن، شاعرن ۽ مفڪرن جا ذهن ٽِڙڪي پيا، ڪي مختلف وسوسن ۾ ڦاسي، مذهبن بابت نئين سِر مطالعي ۾ لڳي ويا، ڪي مسجدن ۾ هليا ويا تہ ڪن ڏاڙهي کڻي رکائي. سنڌ ۾ تمام ٿورا اَهڙا اَديب ۽ شاعر وڃي بَچيا، جن سوويت يونين جي سياسي ۽ فوجي زوالَ کي سوشلزم يا ڪميونسٽ نظرئي جو زوال مڃڻ کان اِنڪار ڪيو. اَهڙن چند اَديبن ۽ شاعرن ۾ تاج بلوچ جو نالو اِنتھائي اَهميت رکي ٿو. هُن رُجعت پرستي ۽ سَرمائيداريءَ جي وقتي ڪاميابيءَ سبب ترقي پسند راهون نہ ڇڏيون. اُهي راهون، جيڪي اِنسان ذات کي صدين جي سفر ۽ پيڙا کانپوءِ رُوحاني توڙي اِقتصادي غلاميءَ مان ڪڍڻ جون ضامن آهن. تاج بلوچ، درد جو صحرا هي شخص، اُهو هڪ نئون درد بہ اَندر ۾ اوتي ويو ۽ هن پنھنجي فڪر، اَدبي ورثي ۽ اَدبي تخليق تان هٿ نہ کنيو ۽ ڪڏهن بہ اِيئن نہ چيائين تہ هن هيستائين جيڪي ڪجهہ لِکيو، اُن تي هو ڀُليل هو. هو سِڌو، سادو ۽ سَچو اِنسان اَڄ بہ پنھنجي لِکڻين، پنھنجي ڏِنل تخليقي ورثي تي قائم آهي.
جڏهن کان دُنيا ۾ بادشاهت ۽ فوجي اِدارا وجود ۾ آيا ۽ فتوحات جا عمل شروع ٿيا، تڏهن کان حقيقي آزادي ۽ نيڪيءَ جون راهون بند ٿي ويون آهن، بَدي ۽ غلامي اِنسان ذات جو مقدر بڻجي ويئي آهي. ساڍا چار هزار سالَ اَڳ گوتم ٻُڌ اِنصاف ۽ مساوات جي بُنياد تي سوشلسٽ معاشرو قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سڀ کان اَول اِنسان ذات کي مذهبي وسوسن ۽ رُوحاني غلاميءَ مان ڪڍڻ لاءِ پرچار ڪيائين. هن مذهبي ڍانچو ٽوڙي وِڌو ۽ عبادت ڪرڻ کان بہ منع ڪيائين. هن چيو: ”جيڪو وقت عبادت کي ڏِيڻو آهي، اُهو اِنسان ذات جي خدمت لاءِ وقف ڪيو وڃي.“ بھرحال اَڳتي هلي گوتم ٻُڌ جي اَصلي تعليم گُم ٿي ويئي ۽ هن کي مذهبي شخصيت، بلڪہ خود خُدا جو درجو ڏِنو ويو. اَڄ بہ فارايسٽ جي تقريباً سڀني ملڪن ۾ گوتم ٻُڌ کي خدا طور پوڄيو وڃي ٿو. قديم اِيران ۾ مزدڪ سوشلسٽ معاشرو قائم ڪرڻ جي پرچار ڪئي، اِيران جي ساساني شھنشاھہ ’قباد‘ (اَول) ذريعي سموري ساساني سطنت ۾ ڪميونزم نافذ ڪرايو. هي اُهي ساساني حاڪم هئا، جن کان رُوم جا شھنشاھہ ۽ رُوم جون فوجون ڪنبنديون هيون. اُن کانپوءِ 1860ع ڌاري چِين ۾ ’هانگ‘ نالي عوامي شخصيت ڪميونزم ۽ سوشلزم جي پرچار شروع ڪئي ۽ اَڌ کان وڌيڪ چِين تي قبضو ڪري، اُتي ڪميونزم نافذ ڪيائين. هي اُهو دؤر هو، جڏهن ڪارل مارڪس اَڃا ڪاليج ۾ پڙهندو هو.
اَڳتي هلي ڪارل مارڪس ڪميونسٽ نظرئي ۾ ڪيترائي اِضافا ڪيا ۽ مزدورن جي معرفت عالمي اِنقلابَ جو تصور ڏِنو. مارڪس جي وفات کان 34 سالن بعد رُوس ۾ هن جي ڏِنل نظرئي مطابق ڪميونسٽ اِنقلاب آيو. اُن وقت دُنيا جون حالتون ڏاڍيون ڏُکوئيندڙ هيون، سڄي دُنيا پھرين عالمي جنگ جي آندل تباهين ۾ مُبتلا هئي، ڪروڙين ماڻھو قتل ٿي چُڪا هئا ۽ ڪروڙين ماڻھو فاقن ۾ مبتلا هئا. خود رُوس ۾ اَڍائي ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻھو بُکن ۾ پاھہ ٿي مري چُڪا هئا. اِن صورتحال جي موجودگيءَ ۾ لينن سوويت يونين ۾ سوشلزم ۽ ڪميونزم جي اِبتدا ڪئي، جنھن جي ترقي پسند اِنقلابي نظريي سبب باقي رُجعت پرست دُنيا لوڏن ۾ پئجي ويئي. گُمان هو تہ سڄي دُنيا ۾ مساوات تي ٻَڌل سوشلسٽ معاشرو قائم ٿي وڃي ها، پر فقط ويھن سالن جي وِٿيءَ کانپوءِ سامراجي قوتن دُنيا مٿان ٻي عالمي جنگ مڙهي ڇڏي. نتيجي طور هڪ ڀيرو وري دُنيا جا ڪروڙين اِنسان قتل ٿي ويا ۽ هڪ ڀيرو وري تباهي، بربادي، قتل، اَغوا، زوريءَ زِنا ۽ ٻيا ڏوھہ زندگيءَ جو عام معمول بڻجي ويا. سامراجي قوتن جي دھشتگرديءَ سبب اِنقلاب، اِصلاحات، ترقي ۽ اِنصاف جون ڳالھيون بي معنى بڻجي ويون، ايتريقدر جو سامراجي وهڪري ۾ سوويت يونين پنھنجو وجود وڃائي ويٺي.
سوويت يونين جي اُن زوال کي ڪنھن بہ حالت ۾ سوشلزم يا ڪميونسٽ نظريي جو زوال سمجهڻ نہ گُهرجي. هن دُنيا ۾ وڌندڙ آبادي، بيروزگاري ۽ تيزيءَ سان وڌندڙ سرمائيداري ۽ رُجعت پرستي ڄاڻائي ٿي تہ هي دُنيا هڪ نئين اِنقلاب جي منتظر آهي. هيءَ دُنيا نئين سِر حقيقي سوشلسٽ معاشرو قائم ڪرڻ کانسواءِ هلي نہ سگهندي، اَڄ نہ تہ سُڀان ڪو حقيقي اِصلاحي، اِنصاف ۽ مساوات تي ٻَڌل معاشرو قائم ڪرڻو پوندو، اُن معاشري ۾ مرڪزي ڪردار فقط مزدور بَدران سڄي اِنسان ذات کي اَدا ڪرڻو پوندو.
مون 1973ع ۾ سوويت يونين بابت لِکيو هو تہ هن ملڪ جون سَرحدون نقلي آهن، اُن ڪري هي ملڪ ٽُٽي ويندو. اُن وقت منھنجي ڪيترن ئي دوستن اِن ڳالھہ سان اِختلاف ڪيو، بلڪہ اُن کي محض مذاق سمجهيو. بھرحال 1991ع ۾ سوويت يونين ٽُٽي ويئي. مون 1972ع ۾ ويٽنام جي هلندڙ جنگ دؤران پنھنجي ڪتاب ’اَنالحق‘ ذريعي سڀني ماڻھن جي ڌِيان تي اِها ڳالھہ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي تہ سامراجي قوتن بدنيتيءَ سان متحدہ ويٽنام کي ٽوڙي، ٻن ملڪن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي ۽ اُهي ٻئي ملڪ پنھنجن هٿن سان پنھنجا ماڻھو قتل ڪري ۽ ڪرائي رهيا آهن. جڏهن مون اِها ڳالھہ لِکي، تڏهن چاليھہ لک ويٽنامي، جن ۾ اَڍائي لک ٻارَ بہ شامل هئا، قتل ٿي چُڪا هئا. مون اُن وقت چيو هو تہ اَڄ نہ تہ سڀان ويٽنام متحدہ ٿي ويندو تہ پوءِ اُنھن چاليھہ لک قتل ٿي ويل ماڻھن جو حِساب ڪير ڏيندو؟ منھنجي اِن سوال تي منھنجا ڪيترائي اَديب دوست ناراض ٿيا، مون کي خوشي آهي تہ ويٽنام اَڄ متحد آهي.
مون 1983ع ۾ اِهو بہ چيو هو تہ هن صديءَ جي خاتمي کان اَڳ سؤ کان وڌيڪ نوان ملڪ آزاد ٿي ويندا. اَڄ آءٌ اوهان کي ٻُڌايان ٿو تہ صديءَ جي خاتمي ۾ اَڃا ساڍا پنج سال پيا آهن ۽ هيستائين هڪ سؤ ڇويھہ ملڪ آزاد ٿي چُڪا آهن. جيئن تہ سوويت يونين جو خاتمو ڳالھين ذريعي ٿيو ۽ دُنيا ۾ پھريون ڀيرو سورنھن ملڪن ٽيبل تي ڳالھين ذريعي آزادي حاصل ڪئي، اِن اُصول تي ’چيڪس‘ ۽ ’سلاوز‘ قومن بہ عمل ڪيو ۽ ’چيڪوسلاويڪا‘ کي ٽوڙي ٻہ ملڪ ٺاهي ڇڏيا. آءٌ اوهان کي ٻُڌائڻ چاهيان ٿو تہ هاڻ آزادي گُهرڻ اَڳ وانگر ڏُکيو ۽ جوکم جھڙو ڪم نہ رهيو آهي، هاڻ اِهو ضروري ناهي تہ آزاديءَ لاءِ لکين ماڻھن جي قرباني ڏِني وڃي، هاڻ اِهو ڪم فقط ذهين، ڪي ڏاها ماڻھو ڪري سگهن ٿا. هاڻي ’درد جي صحرا‘ ٿيڻ بدران فقط تاج بلوچ ٿيڻ جي ضرورت آهي، جيڪو ماڻھن بدران ’لفظن کان ماتم‘ ڪرائي سگهي.

شبنم گل جون لِکڻيون فنِ ڪمال جون درجو رکين ٿيون!

ڪڏهن شعلا، ڪڏهن شبنم، ڪڏهن گل گلزارَ،
ڪڏهن سانگ شيشي جيان، ڪڏهن پاڻائين پيارَ،
ڪڏهن ڪتابي اَکين سِين، ڪري ماران مارَ،
اَکر اَنگ اَپار، پيا پلئہ هن پارس کي.
(يوسف)
ڪارو ڪاريءَ جي هن معاشري ۾ جتي شڪ جي بُنياد تي يا ڪو فون ٻُڌڻ تي عورت جو ڪنڌ لاٿو وڃي ٿو يا ڊوڙائي ڊوڙائي ماريو ويندو آهي، اَهڙي خطرناڪ ماحول ۾ ڇا سنڌي عورت، ڪو تخليقي ۽ پروگريسو اَدب ڏيئي سگهندي! ڇا هوءَ ڪنھن وڇوڙي تي پنھنجو ڏُک يا اَندر جا اُڌما قلمبند ڪري سگهي ٿي؟ ڇا هوءَ عشق ۽ محبت جي وچ ۾ ٻَڌل پلصراط اورانگهي، ڪا شاعري ڪري سگهي ٿي؟ اِهو حق فقط مردن کي حاصل آهي. ڇا عورت ترقي پسند اَدب ڏيئي سگهي ٿي؟ ڇا هوءَ ُدنيا ۾ تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ، اَخلاقي قدرن ۽ سماجي ڳانڍاپن جو ساٿ ڏيئي سگهي ٿي؟ هن مٿان هردم ڪا نہ ڪا تلوار ٽنگيل ٿئي ٿي، پوءِ ڀل تہ اُها سندس مڙس، ڀاءُ يا پيءُ جي هجي.
اَهڙي ڏُکوئيندڙ صورتحال جي باوجود ڪيتريون ئي بھادر سنڌي نياڻيون اَدب جي ميدان تي لٿيون. هنن نہ فقط ترقي پسند اَدب ڏيڻ ۾ پاڻ ملھايو، بلڪ عالمي اَدب سان بہ ڪلھو لائي بيٺيون. اُنھن ۾ محنتي هڪ اَدڙي محترمہ شبنم گل بہ شامل آهي، جنھن اَحساسات، جذبات ۽ فڪر جي هڪ نئين دُنيا قائم ڪئي. اِن جهاد ۾ سندس وَرَ جناب اِشتياق اَنصاري جو بہ حصو آهي، جيڪي پاڻ وڏا محقق، آثارِ قديمہ جا ماهر، اِسڪالر ۽ اَديب پڻ آهن.
مون ڪيئن ڀيرا لِکيو آهي تہ اَشرف المخلوقات جو درجو فقط مرد کي حاصل آهي، باقي عورت لاءِ زندگيءَ جا سمورا شعبا ذري گهٽ بند آهن. عورت کان اِهو زوريءَ مڃرايو ويو آهي تہ گهر جون چار ديوارون ۽ رڌڻو سندس ڪائنات آهي. هن کي پردو ڪرڻ گهرجي، آهستي ڳالھائي ۽ شرم، حياءَ جو مجسمو بڻجي زندگي گذاري، جڏهن عورت ماءُ جھڙو عظيم ترين درجو رکي ٿي، جڏهن عورت مرد جيان مڪمل اِنسان آهي تہ پوءِ هن کي ڇو قومي اِسيمبلي، سينيٽ، پاور ڪاريڊور ۽ ٻين شعبن ۾ آباديءَ مطابق اَڌواَڌ حِصو نہ ٿو ڏنو وڃي.
پھرين ۽ ٻي عالمي جنگ کان پوءِ جڏهن يورپ جا ڪروڙين مرد مارجي ويا، يورپ ’بيواھہ عورتن جو کنڊ‘ بڻجي ويو، تڏهن عورتن کي گهر کان ٻاهر نڪرڻ جي اِجازت ڏني ويئي تہ جيئن هوءَ زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ ڪم ڪري سگهي. اُن کان اَڳ يورپ ۾ بہ عورت سان اسان وانگر جيتَ جيان حيثيت حاصل هئي. يورپ ۾ بہ ڪاروڪاريءَ جي اِلزام هيٺ عورت کي ڪُٺو ويندو هو. اِنگلينڊ جي بادشاھہ هينري (اَٺين) پنھنجي ٻن زالن کي ’ڪاري‘ چئي، اُنھن جا ڪنڌ لھرائي ڇڏيا.
آمريڪا، جتي عورت جي حقن جي ڳالھہ ڪئي وڃي ٿي، جتي جمھوريت کي مذهبن جھڙو درجو حاصل آهي، اُتي اَڍائي سؤ سالن ۾ هڪ بہ عورت آمريڪا جي صدر بڻجي نہ سگهي.
آخر ۾ آءٌ هڪ ڀيرو ٻيھر محترمہ شبنم گل جو ذِڪر ڪندس، جيڪا لڳاتار اَدب تخليق ڪري رھي آهي. هن جون لِکڻيون ڪمال فن جو درجو رکن ٿيون.
اُٿي سونل سنڌ کي سنواري ڇڏ،
ڪاري رات ۾ ڪو نئون سج اُڀاري ڇڏ،
سڀ سُتل دودا جوڌا اُٿاري ڇڏ،
اَڻ ٿيڻي آڏو، ٿيڻي بيھاري ڇڏ،
گل کي گلستان، شعلي کي شبنم بنائي ڇڏ.

ٻہ يادگِيريون

سائين يوسف شاڪر اَبڙو

ڏاهن ڏندين آڱريون، پر ۾ پُڇائين پُورَ،
نيٺ، سنڌ جا سُور، سامائجي سيلاب ٿيا.

آءٌ ٽي درجا اَنگريزي پڙهڻ کانپوءِ گهر ۾ ويھي رهيس. اسان جي ڳوٺ نصرپور ۾ اُن کان مٿي پڙهڻ لاءِ ڪوبہ اِسڪول نہ هو، نيٺ منھنجي وڏي ماسي ۽ ماما محمد روشن سُرهيو مون کي شھدادپور وٺي ويا، جتي مون ڇھہ درجا اَنگريزيءَ ۾ پڙهيا. سَتون درجو يا مئٽرڪ ڪرڻ لاءِ مون ’ايس. ايم. هاءِ اِسڪول، ٽنڊي اَلھيار‘ ۾ داخلا ورتي، جتان 1958ع ۾ مئٽرڪ جي اِمتحان ۾ پاس ٿيس، جيڪو اُن وقت سنڌ يونيورسٽي وٺندي هئي. اُن عرصي دؤران جڏهن بہ نصرپور وڃڻ ٿيو تہ اُتي منھنجي ڪيترين ئي بزرگ ۽ اَهم شخصيتن سان ملاقات ضرور ٿيندي هئي. اُنھن ۾ حڪيم محمد بخش قاضي، مولوي عبدالحق رَباني، سائين محمد يوسف شاڪر اَبڙو ۽ ٻيا شامل هئا. سائين محمد بخش قاضي وڏو دانا، حَڪيم، دُوراَنديش، ٿور ڳالھائو ۽ ڪيترن ئي علمن بابت وڏي ڄاڻ رکندڙ هو. ڪڏهن ڪڏهن هو ’سِيرو ۽ پڪوان‘ تيار ڪرائي، ڪن مخصوص دوستن کي دعوت ڏيندو هو. اُنھن ۾ مولوي عبدالحق رَباني ۽ سائين محمد يوسف شاڪر اَبڙو شامل هوندا هئا، مون کي بہ سندس دوستن ۾ شامل هئڻ جو شرف حاصل هو، جڏهن تہ آءٌ اَڃا نوجوان ڇوڪرو هوس. سِيرو پڪوان تيار ٿيڻ کانپوءِ قاضي صاحب طرفان ڪو ماڻھو ڊوڙندو منھنجي گهر تي رڙيون ڪري، اِهو چوندو هو تہ: ”سِيرو پڪوان ٺري پيو، سڀ اوهان جو اِنتظار پيا ڪن.“ اُن محفل ۾ مولوي عبدالحق رَبانيءَ سان يادگار ملاقاتون ۽ ڪچھريون ٿيون. هي بزرگ وڏو دِيني عالم، بيباڪ ۽ بھادر شخص هو، جنھن ميرپورخاص ۾ ڪيترائي تعليمي اِدارا کوليا. هڪ ڀيري هي شخص شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي سان بہ اَٽڪي پيو. هن کي گرفتار ڪرڻ جو حُڪم ڏنو ويو، پر ڪن سمجهدار ماڻھن جي وچ ۾ پوڻ سبب معاملو ختم ڪيو ويو. رَباني صاحب هر جمعي ڏينھن تي نصرپور ۾ جمعي نماز جي اِمامت ڪرڻ اِيندو هو، هن جا واعظ ٻُڌڻ وٽان هئا.
آءٌ هتي نصرپور جي اِسڪول واري زماني ۾ منھنجي ڪجهہ هم ڪلاسين جو بہ ذڪر ڪندس، اُنھن کي ڏِسڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن دل ڏاڍيون سَٽون کائيندي آهي. اُنھن ۾ سيد قادر شاھہ رضوي، بدرالدين دائودپوٽو، سيد نثار حُسين شاھہ، خير محمد مغل، محمد صالح گهراڻو، محمد پريل اَبڙو، مير فتح محمد، محمد سُليمان دائودپوٽو ۽ ٻيا شامل آهن،اَفسوس آهي تہ اِنھن مان گهڻا هي جھان ڇڏي ويا آهن. سائين ماستر محمد صديق دائودپوٽي سان ٿيل رهاڻيون اَڄ بہ ياد آهن، جَوانيءَ ۾ ٿيل هن جي وڇوڙي ڏاڍو ڏُکويو. سائين محمد يوسف شاڪر اَبڙو نصرپور اِسڪول ۾ اسان جو اُستاد هو، رٽائر ٿيڻ کانپوءِ آهستي آهستي هن سان منھنجي دوستي ٿي ويئي. هو مون سان مِلڻ لاءِ ڪئين ڀيرا ڪراچي بہ آيو. آخري ڏينھن ۾ هو منھنجي شاعريءَ جي هڪ سِٽ اَڪثر ورجائيندو هو: "اُٿي جهيڙو کاءُ، لاهِہ جهيڙو جيءَ تان." هي اِنتھائي قدآور، نيڪ، با اُصول ۽ باڪردار شخص لڳ ڀڳ 93 سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويو. ﷲ پاڪ کيس جنت ۾ جايون ڏي!


مخدوم بلاول جي مزار
دادوءَ کان ڪجهہ ميل پري هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ تمام وڏي مسجد ٺھيل آهي، جنھن جي پاسي واري ڀت لڳ مخدوم بلاول شھيد جي مزار آهي. آءٌ شايد 1986ع ۾ پھريون ڀيرو مخدوم صاحب جي حاضري ڀرڻ لاءِ اَڪيلي سِر اُتي پھتس. مزار جي زبون حالت ڏِسي آءٌ سخت اَچرج ۾ پئجي ويس. مزار ڇا هئي، بلڪہ هڪ ننڍڙو ڪَچو ٿلھو ٺھيل هو، اُن مٿان ڇانوَ ڪرڻ لاءِ ڪجهہ ڪانا ۽ ڪاٺيون آڏيون، اُبَتيون ٻَڌل هيون، ڄڻ تہ هڪ لاوارث شخص جي قبر هئي. آءٌ اُتي پلٿي هڻي ويھي رهيس. ايتري ۾ ڪجهہ ڳوٺ جا رهواسي مِلڻ آيا، جيڪي ’پيرزادہ‘ هئا. مون کانئن پُڇيو تہ هيڏي وڏي ماڻھوءَ کي، هن عظيم شخص کي، جيڪو سنڌ جي آزاديءَ جو علمبردار هو، اُن کي اوهان ڇو لاوارثن وانگر رکيو آهي؟ پنج سؤ سال گُذرڻ باوجود هن جي قبر کي نہ پَڪو ڪيو ويو آهي ۽ نہ ئي هن تي ڪو مقبرو اَڏيو ويو آهي؟
جواب ۾ چيائون تہ مخدوم صاحب پاڻ وصيعت ڪري ويو هو تہ سندس قبر پڪي نہ ٺاهي وڃي. مون چيو تہ اُن وقت مخدوم صاحب اَرغونن جي گهيري هيٺ هو، جن کيس ڌوڪو ڏيئي، گهاڻي ۾ جيئرو پيڙهي ڇڏيو. اوهان کي هن ڪڏهن اَهڙي وصيعت ڪئي؟ اَهڙي پرپيگنڊه خود اَرغونن ڪئي تہ جيئن هن عظيم شخص تي ڪو مقبرو ٺھي نہ سگهي، اُن تي ميلا نہ لڳن، هتي ماڻھو گڏ نہ ٿين ۽ نہ ئي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ هو ڪا جدوجھد ڪري سگهن. دراَصل اَرغونن اَهڙي تہ سياسي چال کيڏي، جو سنڌ جي ماڻھن آهستي آهستي مخدوم صاحب کي بنھہ وساري ڇڏيو.
مون اِن رَوَيي تي سخت اَحتجاج جاري رکيو، دادو توڙي سيوهڻ ۾ يا ٻين هنڌن تي جيڪي بہ دوست مِليا، مون اُنھن سان اِهو سُور ونڊيو. جڏهن 8 نومبر 1989ع تي مخدوم صاحب جو ڏينھن ملھايو ويو، تڏهن مون کي اُن تقريب جي صدارت ڪرڻ جو شرف حاصل ٿيو. اُن موقعي تي پڻ مون ذاتي دوستن سان اَهڙي شڪايت ڪئي. ٻيھر شايد 1995ع ۾ جڏهن مخدوم صاحب جو ڏينھن ملھايو ويو، تڏهن هڪ ڀيرو وري مون کي هتي اَچڻ لاءِ سڏ ڏِنو ويو، تڏهن آءٌ پيرين پنڌ وڃڻ لاءِ بہ تيار ٿي ويس. جڏهن هتي پھتس تہ منھنجي حيرانگيءَ جي حدَ نہ رهي، جو ڏِٺم تہ مخدوم صاحب جي مزار مٿان مقبرو اَڏيو پيو آهي. پنج سؤ سالن کانپوءِ مسَ مسَ هن عظيم شخص کي سُڃاڻڻ جي اِبتدا ٿي. سنڌ جا ماڻھو جڏهن اَگهور ننڊ مان اُٿندا، تڏهن هو وڏن اَٽالن جي صورت ۾ هتي گڏ ٿيڻ شروع ڪندا، تاريخ جا سڀ کان وڏا ميڙَ هتي ئي ٿيندا، تھان پوءِ هو اُها عظمت، اوج ۽ وڃايل ماڳ ماڻي سگهندا، جو صدين کان موهن جي دڙي ۾ ڦاٿل آهي. اُن ماضيءَ کي موٽائي سگهندا، جنھن دُنيا کي پھرين عظيم ترين تھذيب ڏِني.

مولوي عبدالحق رَباني

اِنگلينڊ جي تاريخ ۾ عيسائي مذهب جي اَڳواڻ ’ٿامس بڪيٽ‘ (Thomas Becket) جو نالو بيحد اَحترام سان ورتو وڃي ٿو. ٻارهين صديءَ جي دؤران هي شخص ’ڪئنٽربري‘ جو ’اَرڪ بشپ‘ هو، اِنگلينڊ جا بادشاھہ تاج پوشيءَ لاءِ لازمي طور ’ڪئنٽربري‘ اِيندا هئا. ’ٿامس بڪيٽ‘ جا اِنگلينڊ جي طاقتور بادشاھہ ’هينري اول‘ سان اُن وقت سخت اِختلاف ٿي پيا، جڏهن هن مذهبي معاملن ۾ بيجا مداخلت شروع ڪري ڏِني. ’ٿامس بڪيٽ‘ بادشاھہ کي گهڻو ئي سمجهايو، پر هو نہ مُڙيو، بلڪہ ’بڪيٽ‘ کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيائين. مذهب سان هٿ چُراند ڪرڻ جي ڏوهَہ هيٺ بڪيٽ بادشاھہ کي عيسائي مذهب مان خارج ڪري ڇڏيو ۽ اَعلان ڪيائين تہ: ”ڪوبہ فرد بادشاھہ جو حُڪم نہ مڃي ۽ نہ کيس بادشاھہ طور تسليم ڪري، جيڪي اِيئن ڪندا، اُهي بہ مذهب مان خارج ڪيا ويندا.“
جڏهن ’هينري اول‘ جي بادشاهت هٿن مان وڃڻ لڳي تہ هو پاڻ هلي وڃي ’ٿامس بڪيٽ‘ سان فرانس ۾ مِليو، جتي هو جلاوطن زندگي گُذاري رهيو هو. ’هينريءَ‘، ’بڪيٽ‘ اَڳيان آڻ مڃي ۽ کيس واپس اِنگلينڊ اَچڻ لاءِ چيو ۽ اِهو بہ يقين ڏِياريو تہ هو آئيندہ مذهبي معاملن ۾ مداخلت نہ ڪندو. دراَصل بادشاھہ اُهي سڀ واعدا بدنيتيءَ سان ڪيا، هو ’بڪيٽ‘ کي دوکو ڏيئي رهيو هو. جڏهن ’بڪيٽ‘ واپس اِنگلينڊ آيو تہ ڪجهہ عرصي بعد بادشاھہ جي چئن خاص ماڻھن هن کي عبادت گاھہ اَندر خنجر هڻي شھيد ڪري ڇڏيو. اُن واقعي نہ فقط اِنگلينڊ، پر سڄي عيسائي دُنيا ۾ ٿرٿلو وجهي ڇڏيو، هزارين ماڻھو هر روز ’بڪيٽ‘ جي قبر تي حاضري ڀرڻ لڳا، نتيجي طور تمام تڪڙو ملڪ ۾ بغاوت جھڙي صورتِ حال پيدا ٿي پئي. بادشاھہ ’هينري‘ هڪ ڀيرو وري پنھنجي بادشاهت بَچائڻ لاءِ ’بڪيٽ‘ جي قبر تي پيرين اُگهاڙي حاضر ٿيو. هن سرِعام معافي گهري ۽ پُوڄارين کي چيائين تہ هو کيس ڪوڙا هڻن. اِهو چئي هُو پُٺا اُگهاڙا ڪري زمين تي اُونڌو ليٽي پيو تہ جيئن کيس ڪوڙا هنيا وڃن، پوءِ بادشاھہ کي ڪوڙا هنيا ويا.
دُنيا ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪي اَهڙا شخص بہ پيدا ٿي پوندا آهن، جيڪي بادشاهن کي پنھنجي اَڳيان جُهڪائي وجهندا آهن. اَهڙن ماڻھن جي ڪري ’مطلق العنان‘ حُڪمران کي عوام جي خواهشن جو اَحترام ڪرڻ سيکاريو آهي. هندستان جو شھنشاھہ جھانگير جڏهن عالمِ دين ميان مير سان مِلڻ لاءِ هن جي رهائشگاھہ تي پھتو تہ ميان مير پنھنجي هجري ۾ ويٺو رهيو، هو بادشاھہ جو اِستقبال ڪرڻ لاءِ دروازي تائين بہ نہ ويو، جھانگير، ميان مير جي اَڳيان، اَدبَ سان گوڏا کوڙي ويھي رهيو. ڳالھہ ٻولھہ کانپوءِ جڏهن جھانگير وڃڻ لڳو تہ ميان مير هن کي ٻاهر تائين ڇڏڻ ويو. اُن تي جھانگير حيران ٿي ميان مير کان پُڇيو تہ: ”توهان منھنجو اِستقبال نہ ڪيو ۽ هاڻ مون کي ٻاهر تائين ڇڏڻ لاءِ ڇو ٿا تڪليف ڪريو؟“ اُن تي ميان مير جواب ڏِنو تہ: ”جڏهن توهين رُعب ۽ دٻدٻي سان آيا هئا، تڏهن بادشاهت توهان جي ذهن تي سوار هئي، اَهڙي حالت ۾ درويشي ڳالھيون توهان تي ڪھڙو اَثر ڪن ها.“
مولوي عبدالحق رَباني اُن ئي واٽَ جو ماڻھو هو. هڪ درويش صفت اِنسان، سَچو، اَرڏي سان اَٽڪي پوڻ وارو، هن جي وقت جي حاڪم شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي سان دليراڻي ۽ سخت گفتگو ۽ تِکائي گهڻن ماڻھن کي اَڃا ياد آهي. هي شخص عالم هو، سنڌي اَڻ موٽ قومَ جو اَڻ موٽ فرزند هو، منھن تي ٺھہ پَھہ سچ چئي ڏِيڻ وارو! جيڪڏهن آزمائش جو وقت اَچي ها تہ هي شخص موٽ نہ کائي ها.
اسان کي ننڍي هوندي نصرپور جي جامع مسجد ۾ جمعي نماز ۽ خاص طور عيد نماز جي موقعي تي مولوي صاحب جا خطبا ٻُڌڻ جو موقعو مِليو. خطبن دؤران هن جو جوش ۽ ولولو ڏِسن وٽان هوندو هو. دِين ۽ دُنيا جي مختلف معاملن تي ڏاڍي مدلل ۽ عالمانہ اَنداز ۾ پنھنجي راءِ، بلڪہ فيصلو ڏيندو هو. سنڌ جي سَرزمين ڪيڏي نہ زرخيز آهي، جو لڳاتار غير معمولي اِنسان پيدا ڪندي رهي آهي. مولوي صاحب هاڻ اسان وٽ نہ رهيو آهي، پر هن جي دليري، شرافت ۽ سَچائي ورثي طور اسان وٽ موجود آهي، جنھن تي اسان کي فخر آهي. شل جنت ۾ جايون جُڙنس!
ساري سنگهارن کي، هڏڪي اُٿيو هيانءُ،
ويا وٿاڻن تان، نينم ڇني نانءُ،
جايون اَڏيان جيءَ ۾، اُنھن ڪاڻ آنءُ،
ڪڏهن لَوَندو ڪانءُ، ڪڏهن اِيندا ڪاڪِ تي.
(يوسف)

مولوي عبدالحق رَبانيءَ جو اِنٽرويو

’نظامِ مصطفى صہ‘ بابت اَڄڪلھہ سڄي ملڪ ۾ هُل هنگامو آهي. ’نظامِ مصطفى صہ‘ ڇا آهي؟ اِن نظام جي اَچڻ بعد اسان جي ملڪ ۾ ڪھڙا اِنقلابي ڦيرا اِيندا؟ عام ماڻھن تي اِن نظام جا ڪھڙا اَثر پوندا ۽ خاص ڳالھہ اِها تہ ’نظامِ مصطفى صہ‘ جو اَصل مفھوم ڪھڙو آهي؟ اِهي ڳالھيون پُڇڻ لاءِ آءٌ سنڌ جي هڪڙي وڏي عالمِ دين مولوي عبدالحق رَبانيءَ جو اِنٽرويو وٺڻ لاءِ ڪراچيءَ کان نصرپور پھتس. مولوي رَباني صاحب، مولانا عبيدﷲ سنڌيءَ جو شاگرد ۽ ديوبند ۾ تعليم حاصل ڪيل آهي. دِيني ۽ دُنوي تعليم جي ڦھلاءَ لاءِ مولوي صاحب جا ڪارناما ڪنھن کان لِڪل نہ آهن، مولوي صاحب 1971ع ۾ پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل هو ۽ بعد ۾ ڪجهہ اِختلافن سبب پارٽيءَ کان جُدا ٿي ويو، ٽي دفعا جيل وڃي چُڪو آهي. مون جڏهن اِنٽرويوءَ جو سلسلو شروع ڪرڻ چاهيو تہ مولوي صاحب پنھنجي ملازم کي سڏ ڪري چيو تہ: ”جيل ۾ وڃڻ لاءِ منھنجو بسترو ۽ ٿيلھو کڻي اَچ!“ آءٌ ڏاڍو حيران ٿيس تہ مولوي صاحب هي ڇا ڪري رهيو آهي!؟ آءٌ تہ صرف اِنٽرويو وٺڻ آيو هوس، مگر بعد ۾ خبر پئي تہ مولوي صاحب هر وقت بسترو اُن ڪري ٻَڌي رکندو آهي تہ خبر نہ آهي تہ کيس ڪڏهن جيل ۾ وڃڻو پوي. مولوي صاحب جي چوڻ مطابق پوليس وارا کيس ڪپڙا بَدلائڻ جي بہ اِجازت نہ ڏيندا آهن، اُن ڪري اَهڙي قِسم جي اَڳواٽ تياري ڪري رکندو آهي. بھرحال مولوي صاحب ملازم کي حُڪم ڏِنو تہ: ”بابا! هاڻ اِهو بسترو کولي ڇڏ! جيل ۾ موڪلڻ وارا ويا هليا، هن وقت ملڪ ۾ ’نظامِ مصطفى صہ‘ بابت ڳالھيون ٿي رهيون آهن.“
سوال: سوشلزم ۽ موجودہ ’نظامِ مصطفى صہ‘ ۾ ڪھڙو فرق آهي؟ مجموعي طور ٻئي پارٽيون ’اِسلام اِسلام‘ ڪري رهيون آهن، اُن ڪري ماڻھن ۾ ڪي قدر مونجهارو آهي. اوهان هڪ عالمِ دين جي حيثيت ۾ اِن معاملي جي وضاحت ڪندا؟
جواب: بابا! ’نظامِ مصطفى صہ‘ بابت تہ تون وڃي اُنھن کان پُڇ، جيڪي اِهو نعرو هڻي رهيا آهن. اسان تہ زندگيءَ ۾ اِهو لفظ ڪڏهن بہ نہ اِستعمال ڪيو. اسان سوشلزم جي ڳالھہ ڪئي هئي، اُهو سوشلزم، جيڪو اسان کي اسان جي اُستادن مولانا عبيدﷲ سنڌي، شيخ الھند محمود الحسنرح ۽ شاھہ ولي ﷲ جن سيکاريو. ڀُٽي صاحب جنھن سوشلزم جي ڳالھہ ڪئي، اُها اسان جي پنھنجي ڳالھہ هئي. سوڊان جي ’جنرل نميريءَ‘ کان پُڇيو ويو تہ تون ڪھڙي سوشلزم جي ڳالھہ ٿو ڪرين؟ تہ هن چيو: ”آءٌ ’سوڊاني سوشلزم‘ جو حامي آهيان، يعني اَهڙو سوشلزم، جيڪو سوڊان جي حالتن ۽ ضرورتن مطابق ٺھڪي اَچي.“ اسان بہ پنھنجي ملڪ جي حالتن ۽ ضرورتن مطابق سوشلزم جو نعرو هنيو هو. توهان ڏِسو تہ چِين ۽ رُوسَ سوشلزم جون جدا جدا صورتون آهن، ڇاڪاڻ تہ اُنھن ٻنھي ملڪن جون حالتون ۽ جاگرافيائي ضرورتون جدا جدا آهن. جيتري قدر مون سمجهيو آهي تہ سوشلزم جي معنى ’اِجتماعيت ۽ اِنصاف‘ آهي. اِهي اِنصاف جا بُنيادي اُصول آهن، جن کي چِين ۽ رُوسَ وارن قبول ڪيو آهي. اِها ٻي ڳالھہ آهي تہ هنن اِسلام جي فقط چند اُصولن کي قبوليو آهي. اِسلام عدل، اِنصاف ۽ حق تي بِيٺل معاشري جو مطالبو ڪري ٿو، دولت کي هڪ هنڌ جمع ڪرڻ جي اِسلام سخت مخالفت ڪري ٿو. قرآن شريف ۾ اَهڙي قِسم جون واضح هدايتون مِليل آهن. بھرحال هر ڳالھہ جي حدَ ٿيڻ گُهرجي.
سوال: پي. اين. اي طرفان جنھن ’نظامِ مصطفى صہ‘ آڻڻ بابت ڳالھيون ڪيون وڃن ٿيون، اُن سلسلي ۾ آءٌ اوهان جا تاثرات معلوم ڪرڻ چاهيان ٿو. عام تاثر اِهو آهي تہ پي. اين. اي حُڪومت اَچڻ کانپوءِ سَرمائيداري وڌيڪ زور وٺندي. توهان ڇاٿا سمجهو تہ هو ڪھڙي قِسم جو نظام آڻي رهيا آهن؟
جواب: اسان کي خبر نہ آهي تہ هو ڪھڙو نظام آڻڻ ٿا چاهين ۽ اِها ڪھڙي قِسم جي قوالي آهي، آءٌ ٻين لاءِ شاهدي ڇو ڏِيان؟ توهان اُنھن کان پُڇو؟ جن اِهو نئون اِصطلاح ڪڍيو آهي. باقي هو ’نظامِ مصطفى صہ‘ آڻيندا يا نہ، اِها ڳالھہ تہ توهان بہ چڱيءَ طرح سمجهو ٿا، رُڳو اَچي ذاڪر گڏ ٿيا آهن. هونئن ’نظامِ مصطفى صہ‘ جو جيڪو نعرو هنيو ٿو وڃي، اُهو مُبھم آهي، ماڻھن کي اَجايو دوکو ڏِنو پيو وڃي، هنن وٽ ڪا حقيقت ڪانھي، ڪو پروگرام ڪونھي. اوهان مون کي ٻُڌايو تہ ٺيڪيدارن ڪڏهن صحيح ڪم ڪيو آهي؟ اِهي آهن اِسلام جا ٺيڪيدار! اِسلام توهان جو بہ آهي تہ منھنجو بہ ۽ پنھنجي شئي ڪڏهن بہ ٺيڪي تي نہ ڏِبي آهي. هي وڏا فساد پيدا ڪندا. هينئر ريڊيو ۽ ٽي. وي تان ٻانگ ڏِياري وڃي ٿي، شيعا چون ٿا تہ اسان جي بہ ٻانگ ريڊيو، ٽي.وي تان اَچڻ گُهرجي. اَهڙيءَ طرح ماڻھو پنھنجن اَصل مسئلن کي ڇڏي، مذهبي اَختلافن ۾ مُنجهي پوندا، پوءِ هي ملڪ آکاڙو بڻجي پوندو. مذهب آهي عدل ۽ اِنصاف لاءِ، اِسلام سڀني مذهب وارن جي حِفاظت ۽ عبادت جي سلامتيءَ جو يقين ڏِياري ٿو. ’نظامِ مصطفى صہ‘ يا مساواتِ محمديصہ جو نعرو پي. اين. اي وارا بہ هڻن پيا تہ ڀُٽو صاحب بہ هڻي پيو. حالانڪہ مسٽر ڀُٽي جي پويان ماڻھو مذهب جي ڪري ڪونہ لڳا، ماڻھن پنھنجا اَصل مسئلا حل ڪرڻ گُهريا ٿي. اَگر ماڻھن کي اِسلام گُهربو هو تہ ڀُٽي بجاءِ مولانا مفتي محمود يا شاھہ احمد نورانيءَ پويان لڳن ها، جيڪي مذهب جي وڌيڪ ويجهو آهن. اَصل ڳالھہ اِها آهي تہ هن وقت ٻئي ڌُريون سرمائيدارن کي بَچائڻ لاءِ اِسلام جو نعرو هڻي رهيون آهن. ڀُٽي صاحب سوشلزم جو نعرو غريبن کي بَچائڻ لاءِ هنيو، پر بَچايائين سَرمائيدارن، وڏيرن ۽ جاگيردارن کي. سَرمائيدارن ۽ وڏيرن پاڻ کي بَچائڻ لاءِ هن کان اَڳ ’اِسلامي سوشلزم‘ جو نعرو هنيو ۽ هاڻ ’نظامِ مصطفى صہ‘ جي ڳالھہ پيا ڪن ۽ چون ٿا تہ اِسلام خطري ۾ آهي. اَڙي بابا! اِسلام خطري ۾ ڪِٿان آيو؟ اِسلام دائمي مذهب آهي. اُهي مذهب، جيڪي دُنيا جي بدلجندڙ حالتن کي مُنھن نہ ڏئي سگهيا، اُهي ختم ٿي ويا، مگر اِسلام ۾ هر دؤر جي حالتن کي مُنھن ڏِيڻ جي سگهہ آهي. ڪِن دوستن مون کان پُڇيو تہ ڀُٽو صاحب جي ’سوشلزم‘ لاءِ نيت ٺيڪ نہ هئي تہ پوءِ مولوي صاحب اوهان جھڙو ماڻھو بہ دوکو کائي ويو. اُن تي مون جواب ڏِنو: بابا! اَسين سنڌي ماڻھو قَسم تي اَعتبار ڪرڻ وارا آهيون. ڀُٽي صاحب ايترا قسم کنيا، جو اسان کي يقين اَچي ويو. هن چيو تہ آءٌ غريبن جو همدرد آهيان، مسڪينن جو ساٿ ڏيندس، سرمائيدان کي لَتون هڻي، ڪڍي ڇڏيندس، ختم ڪري ڇڏيندس. مگر توهان ڏِٺو تہ هن غريبن کي پيڙهيو ۽ سرمائيدارن ۽ وڏيرن کي بَچايو، بلڪہ وڌيڪ طاقتور ڪيو.
سوال: توهان اِن سلسلي ۾ ڀُٽي صاحب سان ڪڏهن اَحتجاج ڪيو؟
جواب: بلڪل! مون ٽنڊي اَلھيار ۽ هالا ڪنوينشن ۾ سوالَ اُٿاريا. صرف ٽن ماڻھن هالا ڪنوينشن ۾ ڳالھايو، مون، معراج محمد خان ۽ مير علي احمد ٽالپر. ڀُٽي صاحب اُن جو جواب بہ ڏِنو، مگر حالت اِها هئي، جو ڀُٽي صاحب جو رابطو فقط چاپلوس ماڻھن سان وڃي بَچيو، اسان کي تہ مِلڻ بہ نہ ڏِنو ويندو هو.
سوال: اوهان جي خيال ۾ سنڌ جا هن وقت سڀ کان اَهم مسئلا ڪھڙا آهن؟
جواب: سنڌ جو هاري ۽ غريب عوام هن وقت سڀ کان وڌيڪ مجبور ۽ بيوس آهي. وڏيرن، پيرن، مُرشدن ۽ ڪامورن، سنڌ جي غريبن ۽ هارين کي پيڙهي ڇڏيو آهي. جيستائين وڏيرن، پيرن، مرشدن ۽ ڪامورن کان سنڌ جي ماڻھن کي نجات نہ مِلندي، تيستائين غريبن جو ڪو سَھارو نہ آهي. اسان کي آسرو هو تہ ڀُٽو صاحب غريبن کي اُن مصيبت مان نجات ڏِياريندو، مگر ڀُٽو بہ غريبن کي نہ ڇڏائي سگهيو.
ٻيو مسئلو آهي تہ اسان جي سنڌين کي هنر، واپار ۽ صنعت کان پري رکيو ويو آهي. سنڌ جو نعرو تہ سڀ هڻن ٿا، مگر سنڌين کي هنر، واپار، صنعتن ۽ ٻين فني ميدانن ۾ آڻڻ لاءِ ڪنھن بہ ڪم نہ ڪيو. اُن کانسواءِ سنڌين کي مھاجرن کان جيڪو ڊيڄاريو پيو وڃي، اِهو بہ ٺيڪ نہ آهي. سنڌين کي اُهو جيڪو ’ڊيڄڙو‘ بَڇيو ويو آهي، اُهو جيستائين ختم نہ ڪيو ويندو، تيستائين سنڌ ترقي نہ ڪندي. مون کي تہ تعجب آهي، جو جنھن قومَ کي لَتاڙبو آهي تہ اُها وڌيڪ مضبوط ٿي اُڀرندي آهي، مگر اسان فقط رَڙيون ڪندا ٿا رهون. سنڌين کي ڪير سمجهائي تہ لاهَہ نڪرڻ کانپوءِ ئي پوک ٿيندي آهي ۽ اَسين سنڌي اُن مرحلي مان گُذري رهيا آهيون.
سوال: آخري سوال، اِسلام جي روشنيءَ ۾ ڪجهہ عورت جي آزاديءَ بابت پُڇڻ چاهيان ٿو؟
جواب: بابا! ٻھراڙين ۾ عورت تہ اَڄ بہ آزاد آهي. هوءَ پيٽَ لاءِ ڪم ڪري ٿي، ٻَچن لاءِ پورهيو ڪري ٿي، حلال جي روزي ڪمائي ٿي. باقي شھرن ۾ جيڪا آزادي آهي، اُها فقط هارَ سِينگارَ ۽ ميڪ اَپ ڪرڻ لاءِ آهي، اُها بہ آزادي ٿي؟ مگر اسان کي اُها آزادي نہ کپي. (کِلندي) توهان کي ڀلي منھنجي اِها ڳالھہ نہ وڻي.

( هي اِنٽرويو يوسف شاهين جو ورتل آهي، جيڪو ماهوار ’برسات‘ جي شماري 8/9، 1977ع ۾ ڇپيو)

يوسف شاهين بابت تاثرات ۽ خط

---

پير حِسام الدين شاھہ راشدي، مخدوم طالب المولى ۽ ڊاڪٽر عبدالقادر اَنصاري جا تاثرات

ڪتاب ’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ مِلڻ بعد دل گهريو تہ توهان کي مِلان، ڀاڪر پائي نِراڙ تي مِٺيون ڏِيان ۽ سلام ڪري توهان جي لياقت کي تسليم ڪريان..... اِها ﷲ پاڪ جي ڏات ۽ ڏانءٌ آهي، نہ ڪوشش آهي، نہ علم آهي. اوهان کي ڪنھن بہ ٿنڀي ۽ ٿوڻيءَ جي ضرورت ناهي.

پير حِسام الدين شاھہ راشدي
12 فيبروري 1980ع

*

’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ ۾ ڪلام، صنف جي لِحاظ کان قديم، مگر خيال نوان جمع ڪيل آهن، جي دؤر جي عڪاسي ڪن ٿا.

مخدوم طالب المولى
03 مئي 1980ع

*

آءٌ بُنيادي طور سائنسدان آهيان، اُن باوجود مون اوهان جي شاعري وڏي چاھہ ۽ اُنس سان پڙهي. توهان جيڪي ڏِنو آهي، اُهو يقيناً قابلِ تعريف آهي. جيتوڻيڪ شاعريءَ جي دُنيا ۾ اوهان بنھہ نوان آهيون، اُن جي باوجود اوهان سنڌي شاعريءَ جي وچ ۾ اِهم جاءِ والاري آهي.

ڊاڪٽر عبدالقادر اَنصاري
اَڳوڻو وائيس چانسلر
سنڌ زرعي يونيورسٽي، ٽنڊو ڄام
24 مارچ 1980ع

ممتاز مرزا جو خط

هيءُ خط شايد توکي حيران ڪري، جو منھنجي توسان ايتري ڊيگهہ نہ آهي. ڪلھہ (1980 - 2 - 11) تي شمشير تنھنجو ڪتاب ’اَندر ۾ اُهاءُ ٿيو‘ ڏِنو، رات جو هڪ ساهيءَ ۾ پڙهي ورتم. تنھنجي اِها اَعلى تصنيف ايڏي تہ متاثر ڪندڙ آهي، جو اُن جو داد نہ ڏِيڻ بہ ڄڻ ڪفر جي برابر آهي. مون سنڌي بيت جي شاعريءَ جو پنھنجن وسيلن آهر تمام چڱو مطالعو ڪيو آهي، ڪوبہ آڳاٽو شاعر يا جديد شاعر توڙي سُگهڙ اَهڙو نہ آهي، جو منھنجي نظر مان نہ نڪتو هجي! تنھنجي ڪلام جي نواڻ توڙي تازگي دل جي گهراين تائين پھچڻ واري آهي ۽ رُوح ۾ هڪ قِسم جو اُڌمو پيدا ٿئي ٿو. واقعي شاعري محض ڏات سان ئي واسطو رکي ٿي ۽ توتي ڏات لَٿي آهي ۽ ڪمال سان لَٿي آهي.
بيت ۽ وائي اسان جي شاعريءَ جا پنھنجا جُهونا گهاڙيٽا آهن. زندھہ قومن وانگر اسان جي شاعريءَ جي اُنھن صنفن ۾ تنوع رهيو آهي ۽ تنھنجو ڪلام سچ پچ تہ ٻين اسان جي لَڏي وارن شاعرن لاءِ راهَہ ڏيکاريندڙ ڪِرڻي وانگر آهي ۽ اِنسان جي دل تي جيڪو اَثر شاعري ڪري ٿي، اُهو اَثر تنھنجي ڪلام ۾ آهي. توکي سچ پچ دل سان مبارڪون ڏيندي فخر ٿئي ٿو، جو تو اوچتو ئي اوچتو سنڌي اَدب جي دُنيا ۾ هڪ اَنوکو تجربو ڪري، پنھنجو پاڻ موکيو آهي.
’سُر سنڌ‘ عجب اَحساس جو مجموعو آهي. دُنيا ۾ اَڄڪلھہ ڪيئي اِنقلاب آيا ۽ محض جاڳرتا پيدا ٿي، اُنھيءَ ڳالھہ مان تہ گهڻن کان گهڻن ماڻھن اُهو عظمت ۽ سُجاڳيءَ جو سنيھو رَسي ۽ جيڪڏهن اُهي ڳالھيون ڳائجن تہ پڙهڻ کان وڌيڪ ٻُڌڻ سان اَثرائتيون ٿينديون. منھنجي طرفان دِلي مبارڪون قبول ٿين.

فقط تنھنجو

ممتاز مرزا

شيخ اَياز جا خط

پيارا يوسف شاهين!
نثر ۾ پورو ڪتاب لِکي ويو آهيان پر بيحد مصروفيتن سبب اُن تي نظرِثاني نہ ڪري سگهيو آهيان. ڇھين بجي صبح کان اُٿي هاءِ ڪورٽ لاءِ تيار ٿيڻو پوي ٿو، ٻي بجي تائين عدالتن ۾ مصروفيتن، وري شام جو ٻئي ڏينھن جا ڪيسَ تيار ڪرڻ، روزانين اَخبارن، هفتيوار ۽ ماهوار اُردو ۽ اَنگريزي رسالن جو مطالعو، نون ڇپيل ڪتابن جو مطالعو، گهر ٻارَ جون ذميواريون، مطلب تہ لِکڻ لاءِ وقت ڪڍڻ ڏاڍو ڏُکيو ٿي پوي ٿو.
مٿان هي ڊاڪٽرن جا ڀَوَ ڏَرَ تہ پاڻ کي گهڻو ٿَڪائيندين تہ مير تقي مير وانگر ”اپنا کام تمام کیا“ جو خطرو آهي، پوءِ بہ دل نہ ٿي رهي ۽ لِکي رهيو آهيان. اُميد تہ ٻي پَرچي ۾ مواد موڪلي ڏيندس، في الحال مان ’پنَ ڇڻ پُڄاڻان‘ مان ڪجهہ ٽه - سِٽا موڪليان ٿو.
مان ڀانيان ٿو تہ Garcia Marquez جا ڪتاب مارڪيٽ ۾ اَچي ويا هوندا. گُذريل هفتي جي ’ٽائيم‘ ۽ ’نيوز ويڪ‘ ۾ هن تي لِکيل تحريرن ۾ هن جي ڪتابن جي لِسٽ آهي. مون فقط هن جي هڪ اَفساني جو ترجمو ٽي سال اَڳ اُردو رسالي ’معاصر‘ ۾ پڙهيو هو، جو ضياءُ الحق قاسميءَ ڪڍيو هو ۽ پاڻ مون وٽ کڻي آيو هو. قاسميءَ جو خيال هو تہ هن اَهڙو اَفسانو ڪِٿي بہ نہ پڙهيو آهي.
فرينچ ناول Tunnel ڏاڍو چڱو لِکيل هو، مان چاهيان ٿو تہ اُهو تون بہ پڙهي ڏس. اَڳئين ڀيري تون مون کي پنھنجي دوست جي ڪتابن جي دُڪان تي نہ وٺي هلين. مون ’ٿامس اَئنڊ ٿامس‘ وارن وٽان ڪافي ڪتاب ورتا. اُنھن مان ’پبلو نرودا‘ جي سوانح حيات ۽ ’اَئنابالاڪن‘ جو ڪتاب Surrealism: The Road to the Absolute نھايت دلچسپ آهن. فيض جو تازو ڪتاب ’مہ و سال آشنائی‘ بہ چڱو هو، چاهيان ٿو تہ فيض سان گُذاريل گهڙين جون يادگيريون لِکان.
وري دُنيا ۾ دلچسپي پيدا ٿي رهي آهي ۽ دل دماغ تان غُبار هٽي رهيو آهي.

تنھنجو
اَياز

*

پيارا يوسف!

آتم ڪھاڻيءَ جو مطالعو مون کي نھايت مرغوب رهيو آهي ۽ شايد ئي ڪوئي دُنيا جو شاعر، آرٽسٽ، اَديب يا مفڪر ٿيو آهي، جنھن جي سوانح حيات تي مون هڪ اَڌ ڪتاب نہ پڙهيو آهي. خاص ڪري سوانح نويسيءَ جا ٻہ ڪتاب مون نھايت دلچسپيءَ سان پڙهيا هئا. اُهي ڪتاب فِرانسيسي اَديبہ اينڊ اِسٽارڪيءَ جا بودليئر جي زندگي (Life of Boudlaire) ۽ رمبوءَ جي زندگي (Life of Rimbaud) تي لِکيل آهن، جن ۾ بودليئر ۽ رمبوءَ جي دؤر ۽ شخصيت جو نھايت دلڪش تجزيو ڏِنو ويو آهي. بودليئر، رمبو ۽ ورلين (Verlaine) فرانس جا ٽي چوٽيءَ جا شاعر ٿيا آهن، جن جي تخليقات جو مون غور سان مطالعو ڪيو آهي.
ڪتاب ’بودليئر جي زندگي‘ ۾ اِسٽارڪيءَ لِکيو آهي: ”اَڪثر اوقات اِها دعوى ڪئي ويندي آهي تہ ڪنھن شاعر جي زندگيءَ جو علم ۽ هن جي شخصيت جو شعور هن جي نگارشات جي پروڙ ۾ ڪائي مدد نہ ڪندو آهي. اُنھن کي صرف پنھنجي ليکي پڙهي محضوظ ٿجي. پر اِها ڳالھہ سوانح نويسيءَ جي مقصد ۽ اَهميت کي غلط فھميءَ تي مدار رکي ٿي. اِهو صحيح آهي تہ ڪنھن بہ فن پاري جي قدر و قيمت فني لحاظ کان خود فن پاري تي منحصر آهي، پر اُهي جي اُن فن پاري مان محضوظ ٿين ٿا ۽ اُن کي همدردانہ نگاھہ سان ڏِسن ٿا، هميشہ اُن شخص جي فطرت جي تفتيش دلچسپيءَ سان ڪندا، جنھن اُن فن پاري جي تخليق ڪئي آهي ۽ هن جي شخصيت سان گهرو ناتو پيدا ڪرڻ چاهيندا. سوانح نويسي، جي صحيح معنى ۾ ڄاتي وڃي تہ اُن ڏَس ۾ مدد ڪري سگهي ٿي.“
مٿيان ٻئي ڪتاب فِرانس ۾ لِکيا ويا هئا ۽ بودليئر ۽ رمبوءَ جي موت کان ڪافي وقت پوءِ لِکيا ويا هئا، جڏهن اُنھن ڪتابن جو ذڪر ڪيل ڪردار سڀ فوت ٿي چُڪا هئا. منھنجي زندگيءَ ۾ آيل اَڪثر ڪردار اَڃا زندھہ آهن ۽ پاڪستان، فِرانس نہ آهي. هتي نہ رُڳو سارتري (Sartre) کي، پر ڊي گال کي بہ تھس نھس ڪري سگهندا آهن.
مان ڀانيان ٿو تہ مان پنھنجيءَ شخصيت جي پوري عڪاسي ڪنھن ’ڊاڪٽر زواگو‘ جھڙي ناول ۾ ئي ڪري سگهان ٿو.
هيءَ آتم ڪھاڻي هڪ ڦِرندڙ سئربين (Kaleidoscope) وانگر آهي، جنھن جا رنگارنگ شيشا منتشر رنگ ۽ نقش تہ بڻائي رهيا آهن، پر اُنھن ۾ ڪوئي تسلسل نہ آهي.
شاعريءَ ۾ تسلسل ’زلفِ جانان‘ جي علامت بہ ٿيندو آهي ۽ زنجير جي بہ ۽ مان اِنھيءَ عمر تي پھتو آهيان، جنھن تي ٻنھي کان پاسو ڪيان تہ بھتر.
آتم ڪھاڻيءَ جا ڪجهہ منتشر حِصا موڪليان ٿو.

شيخ اَياز

يوسف شاھين جا ڪتاب

Books by Yussouf Shaheen

1. Rise and fall Sanskrit
2. Artificial Borders of the world – Trough out the Ages Down to the present world.
3. Fall of Native Languages of The Americas
4. Rise and fall of Gods – In historical perspective
5. Salve Nations Under British Monarchs
6. Rise and fall of Languages – Throughout ages
7. William the bastard and his Descendants
8. World Confederation of the peoples
9. The world of Conquerors
10. Truth Untold
11. The Story of the Ancient Indus people
12. Major Discoveries in the land of wisdom – Ancient Indus Valley
13. Treacherous Role of Armies Worldwide.
Catalogue:
• Weapon Free Society – Published by: Culture Dept. Govt. Sindh
• Curse of the Conquerors – Published by: Peacock Publishers Sindh.
• Crime and Punishment – In Historical Perspective. – Published by: Peacock Publishers Sindh.
14. مسلم ڪريسي
15. خدا، انسان ۽ جانور
16. اناالحق
17. فاتحن جي دنيا
18. حق موجود
19. يوناني ڏند ڪٿائون
20.شعور جو سفر (اڻ ڇپيل )
21. سنڌ جي آزاديءَ جو پھريون عظيم شاعر- شاھہ عبدالطيف ڀٽائي
22. انگريز سرڪار ۽ شاھہ عبدالطيف آف ڀٽ
23. اندر ۾ اُهاءُ ٿيو - شاعري
24. قديم سنڌو ماٿر
25. عالمي تاريخ جو مطالعو ( جلد هڪ، جلد ٻيو ۽ جلد ٽيون) .
26. غالب : جنھن کي سڀ چڱو چون ( ترجمو) .