مشک آنست
]مُشڪ اُها آهي، جيڪا پاڻ ئي خوشبوء پکيڙي نہ ڪي جنھن جي عطار دعويٰ ڪري[
ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري تاريخ نويس، شاعر ۽ صحافي يوسف شاهين جي شخصيت، سندس شاعري، صحافت جي سفر ۽ ھڪ محقق طور ڪيل خدمتن بابت آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ مختلف ساڃاھ وندن جا يوسف شاھين بابت لکيل مقالا، مضمون ۽ مھاڳ شامل آھن. ٻئي حصي ۾ يوسف شاھين سان ڪيل رھاڻيون، انٽرويوز ۽ ڪچھريون ڏنل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف شاھين جون مختلف لکڻيون شامل ڪيل آھن. آخري حصي ۾ يوسف شاهين بابت تاثرات ۽ خط شامل ڪيا ويا آھن.
ھيءُ ڊمي مواد آھي توھان ھِي ڏٺو آھي؟؟
هڪ ’اَلستي آواز‘ آهي، جيڪو هر وقت منھنجي ذهن ۾ ٻُرائجي ٿو، منھنجي من کي ماٺو ۽ سُڪون سان ويھڻ نہ ٿو ڏي! من ۾ ايتري تہ مانڌڪائي ٿو مَچائي، جو راتين جي ننڊ ئي ڦِٽي ويندي اَٿم، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ۽ سَڄيون سَڄيون راتيون جاڳي گُذاريندو آهيان ۽ جيئن پوءِ تيئن اُهو ’اَلستي آواز‘ منھنجي وجود ۾ پيھي ويندو آهي.
پيھي جان پاڻ ۾ ڪيم رُوحَ رهاڻ!
اُهو ’اَلستي آواز‘ مون کي دُنيا ۽ جھان کان لاتعلق ڪري ڇڏيندو آهي ۽ مون کي ڄڻ ڪائنات ۾ سَمائي ڇڏيندو آهي ۽ اَندر ۾ فقط ’تون ئي تون‘ جي تنوار هوندي اَٿم، پوءِ اَندر سانت ٿيڻ شروع ٿيندو اَٿم ۽ ’تون ئي تون‘ سان پيچ اَهڙو تہ پُختو پيو ٿيندو وڃيم، جو پنھنجو وجود ئي وسري ويندو اَٿم.
پنھونءَ سِين پرت جو، ڪو جو پيچ پيومِ،
ڀنڀي هن ڀنڀور ۾، ويھڻ وِھہ ٿيومِ.
اِهو سڀ اِن ڪري ٿيندو آهي، منھنجي مٿان اِها وارتا اِن ڪري گُذرندي آهي، جو منھنجي اَکر سان اُلفت آهي ۽ اُها اُلفت جيئن پوءِ تيئن وڌندي پئي وڃي. اَکر منھنجي ذهن ۾ ڪيترن ئي قِسمن جا ٻج ڇٽيندو آهي، اُنھن مان ڪي تہ ڦُٽڻ کان اَڳ سَڙي وڃن ٿا، ڪي ڦُٽن، اُسرن ۽ نسرن ٿا ۽ وَڌي، وڏا ٿي ڇانوري دار وڻ بڻجي ويندا آهن.
هن ڪتاب جو ٻج بہ اِيئن ئي منھنجي ذهن ۾ ڦُٽو، اُسريو ۽ نِسريو. سَڄين راتين جي اوجاڳن، جن ۾ متل مانڌاڻ، بيچينيءَ ۽ بي سُکائيءَ کانپوءِ جڏهن راتِ کُٽڻ ۽ باکَ ڦُٽڻ لَڳندي آهي تہ اَلل وهاڻيءَ جو اُٿي ٻاهر نڪري ويندو آهيان ۽ جڏهن ڪنھن گهاٽي وڻ جي هيٺان وڃي بِيھي رهندو آهيان ۽ اُن وڻ جي ٽارين ۾ لڪيل ۽ پَنن ۾ ويٺل پَکين/جهرڪين جي چَھہ چَھہ جي مڌر آوازن کي ٻُڌي، هڪ سُڪون جو اَحساس ٿيندو اَٿم ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري نما شام جو ڪنھن وڻ جي هيٺان بِيھي رهندو آهيان ۽ اُن مھل بہ اُنھن پکين جي چَھہ چَھہ تي سڄي ڏينھن جي هڻ وٺ سبب اَشانت ٿيل آتما ۾ شانتي ڀرجي ويندي اَٿم ۽ اَندر مان ’تون ئي تون‘ جي تنوار ٻُرائجندي محسوس ٿيندي اَٿم. قرآن شريف ۾ آهي تہ: ”پکي پَکڻ، وڻ ۽ ٽِڻ، صبح ۽ شام پنھنجي پروردگار جي واکاڻ ڪندا آهن.“ اُن مھل اِيئن محسوس ٿيندو اَٿم تہ سڄي ڪائنات ’تون ئي تون‘ جي مڌر آوازن سان ٻُرائجي ويندي آهي.
پوءِ عجيب اَحساس ۾ وڪوڙجي ويندو آهيان.
جڏهن رُوح جُڙيومِ، لنءُ تڏهن کان لاڳي،
آلاپي ’اَلحمد‘ سُوره، ورجائي ساڳي،
لفظ ’سنڌ سَڀاڳي‘، لِکيم لوحَ قلم تي.
(يوسف شاهين)
’اَکر‘ سان اُها اُلفت مون کي اَحساس ڏِياريندي آهي تہ وقت مُٺ مان واريءَ جيان وَهندو پيو وڃي، مخدوم نوح سَرور جي لفظن ۾: ”مُٺيون ڀيڙي ڀڄ! وقت وڃئي ٿو ويسلا!“ اِهو اَحساس مون کي اِن ڳالھہ تي اُڀاريندو آهي تہ اِن کان اَڳ جو تنھنجو وقت پورو ٿي وڃي، تون فنا جي ڪنھن گُمنام غفا ۾ گُم ٿي وڃين، ’اَکر‘ جي خدمت ڪري وٺ!، جيڪي لفظ لِکت ۾ ڏِيڻا اَٿئي، اُهي ڏيئي وٺ!، ڏيئي وٺ!
وير ورندئي ويسرا، اُٿي توھہ طلب!
-
وڻجارا وهاءِ، وکر وينتين جو،
هٿَ پورباءِ، هَيا هڻندين هٿڙا!
هي ڪتاب ’يوسف شاهين: شخصيت، شاعر، محقق ۽ صحافي‘ اُن اُڻ تُڻ جو نتيجو آهي، جيڪو منھنجي پاران هڪ اَهڙي شخص کي محبت جي ڀيٽا آهي، جنھن پنھنجي هن دُنياوي زندگيءَ ۾ تمام وَڏا ڪم ڪيا آهن. بنھه منفرد ڪمَ، پر اُنھن وڏن ۽ منفرد ڪمن کان بہ وڌيڪ منجهس جيڪا خاص خوبي آهي، اُها آهي سندس اِنسان دوستي ۽ اِنسانيت سان پيار. سندس اُن اِنسان دوستيءَ جا ڪيئي روپَ آهن.
محترم يوسف شاهين هڪ اَهڙو شخص آهي، جيڪو اِنٽرنيشنلسٽ آهي. هو هن ڌرتيءَ تي سامراجي قوتن پاران قائم ڪيل هٿ ٺوڪين ۽ غير فطري جاگرافيائي لَڪيرن جو قائل ڪونھي. هو دُنيا کي هڪ ڏِسڻ ٿو گُهري، خوشحال دُنيا، هٿيارن ۽ فوجي اِدارن کان آجي دُنيا، جهڙي لطيف سائينءَ چئي آهي:
نہ ڪا جهلَ نہ پَلَ، نہ ڪو رائر ڏيھَه ۾،
آڻيو وِجهن آهرين، روڙيو رَتا گُلَ،
مارو پاڻ اَملھہ، مليرئون مرڪڻون.
اِنٽرنيشنسلٽ هوندي بہ محترم يوسف شاهين پنھنجي رُوحَ جي اُونھائين تائين ’سنڌي‘ آهي، جيڪو شاھہ لطيف جي هن بيت جي تفسير ۽ ڏينھن رات اِن جو ورد ڪندڙ آهي:
سائينم! سدائين ڪرين سنڌڙيءَ ۾ سُڪارَ،
دوسـت تـون دلـدار!، عالـمَ سڀ آباد ڪرين!
سنڌ سان سندس اَهڙي جِند جُڙيل آهي، جو هو سچو ’اَنالسنڌ‘ ]آءٌ سنڌ آهيان![ جو نعرو هڻي ٿو، جيڪو سنڌ کي ‘Land of wisdom’ ٿو سمجهي. جنھن سنڌ، يعني ڏاهپَ جي ڌرتيءَ تان سڄي دُنيا کي اَمن، اِنسان دوستيءَ ۽ رَواداريءَ جو پيغام مِليو آهي، سنڌ، جيڪا تھذيبن جي ماءُ آهي، پنج هزار سال اَڳ موهن جي دڙيءَ ۾ هڪ اَهڙو معاشرو قائم هو، جيڪو هٿيارن ۽ هٿ ٺوڪين خدائن کان پاڪ هو ۽ حضرت اِبراهيم عہ کان بہ اَٺ سؤ سال اَڳ سنڌ جا ماڻھو واحد خدا جي عبادت ڪندا هئا. محترم يوسف شاهين اُن پيغام کي عالمي سطح تي پھچائڻ لاءِ ’عالمي ٻولي‘ اَنگريزيءَ جو سھارو وٺي، پنھنجي ڪتابن جي ذريعي اُهو پيغام عالم تائين پھچائن ۾ رُڌل آهي. سنڌي تہ سندس مادري زبان آهي، هن سنڌي ۽ اُردوءَ ۾ بہ ڪتاب لِکيا. سندس اُن اَمن جي پيغام جي ڪري ئي کيس ڪجهہ سال اَڳ ’نوبل پيس پرائيز‘ لاءِ پڻ نامز ڪيو ويو.
منھنجو مٿس هي ترتيب ڏِنل ڪتاب Land of wisdom يعني سنڌ ڌرتيءَ جي اِن صوفي منش اِنسان کي هڪ ڀيٽا آهي، جيڪو آواز، اُهو اَلستي آواز آهي، جيڪو منھنجي ذهن ۾ سَدائين ٻُرائجندو ٿو رهي.
هن ڪتاب کي چئن حِصن ۾ ورهايو اَٿم. پھرئين حِصي ۾ سندس شخصيت ۽ ڪتابن تي لِکيل مضمون، تبصرا ۽ ڪي مھاڳ شامل ڪيا اَٿم، ٻي حِصي ۾ سندس اِنٽرويو، ٽئين حِصي ۾ سندس ڪجهہ لِکڻيون شامل ڪيون ويون آهن، جن مان سندس شخصيت، ڪردار ۽ ڪم جي عڪاسي ٿئي ٿي، جڏهن تہ چوٿين حِصي ۾ کيس موڪليل ڪجهہ اَهم خط ۽ تاثرات شامل ڪيا اَٿم.
محترم يوسف شاهين هڪ ئي وقت تاريخ نويس، شاعر ۽ صحافي هئڻ سان گڏ گهڻ پھلوئي شخصيت آهي، سندس اُنھن سڀني پھلوئن تي ڌارَ ڌارَ ڪتاب لِکڻ ۽ ترتيب ڏِيڻ جي ضرورت آهي، منھنجو هي ڪتاب اُن سلسلي ۾ پھرين وٽي کير ڀري آهي.
هن ڪتاب جي سھيڙ ۾ منھنجن دوستن جناب عزيز رانجهاڻي ۽ جناب رکيل مورائيءَ جن جي ساٿ ۽ سھڪار جو ٿورائتو آهيان. اُن سان گڏ محترم اَياز علي شيخ جي مھرباني مڃڻ بہ مون تي واجب ٿئي ٿي، جنھن محترم يوسف شاهين جو پروفائيل ترجمو ڪري ڏِنو. ٿورا پياري ناصر قاضيءَ جا، جنھن هي ڪتاب نھايت محبت ۽ محنت سان ڪمپوز ڪيو.
ٿورا نہ ٿورا، مون تي ماروئڙن جا.
يوسف سنڌي
ذيل پاڪ، حيدرآباد
25 ڊسمبر 2023ع-
---
---
---
---