مختلف موضوع

اي مُجيري ڪجهہ تہ ڏي (استاد پيراڻو ڳاهو جون ساروڻيون)

مرحوم پيراڻو ڳاھو پنھنجي تر جو مشھور اوطاقي ۽ سخي انسان  ھو جنھن پنھنجي سموري حياتي ڌرتيءَ جي مسڪين، اٻوجهہ ماروئڙن جي لئہ وقف ڪري ڇڏي. تعليمي حوالي سان استادن جي جائز مسئلن لاءِ سندس جاکوڙ بہ  مثالي آھي. پاڻ ھارين مسڪينن جي حقن لاءِ عملي جدوجھد ڪندو ھو، مڪالمو لکيل اي مجيري ڪجهہ تہ ڏي ان  جو ثبوت آھي، ھن ڪتاب ۾ استاد پيراڻو ڳاهو  جي شخصيت تي لکيل مضمون، استاد پيراڻو ڳاھو جي شاعري، استاد پيراڻو ڳاهو جي زندگيءَ جا ڪجهہ واقعا ڏنل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 6
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Ay Mujeri Kujh ta de

حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

(ڪتاب جي متن سان اداري جو متفق هجڻ ضروري نہ آهي)

ڪتاب نمبر: 40
ڪتاب جو نالو: اي مُجيري ڪجهہ تہ ڏي
موضوع: (استاد پيراڻو ڳاهو جون ساروڻيون)
مرتب: نياز ڳاهو
سال: آڪٽوبر 2025ع
ڇاپو: پھريون
ڪمپوزنگ لي آئوٽ: ميان نظير احمد مھر
مُلھہ :100 روپيہ
ڇپيندڙ: بخاري پبليڪيشن لاڙڪاڻو
0300-3419181

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2026ع

(ڪتاب جي متن سان اداري جو متفق هجڻ ضروري نہ آهي)


Book No: 40
Book Name: A Mujeri Kujh ta de
Compiled by: Niaz Gaho
1 st Eddition: October2025
Composing & Layout: Mian Nazeer Ahmed Mahar
Published by: Bukhari Publication Larkana
0300-3419181
Price:100

سنڌسلامت پاران

سنڌسلامت ڪتاب گهر پاران استاد پيراڻي ڳاهي جي ساروڻين تي مشتمل ڪتاب ” اي مُجيري ڪجهہ تہ ڏي “ اوھان اڳيان پيش آهي.، جنھن جو مرتب نياز ڳاهو آھي.
مرحوم پيراڻو ڳاھو پنھنجي تر جو مشھور اوطاقي ۽ سخي انسان ھو جنھن پنھنجي سموري حياتي ڌرتيءَ جي مسڪين، اٻوجهہ ماروئڙن جي لئہ وقف ڪري ڇڏي. تعليمي حوالي سان استادن جي جائز مسئلن لاءِ سندس جاکوڙ بہ مثالي آھي. پاڻ ھارين مسڪينن جي حقن لاءِ عملي جدوجھد ڪندو ھو، مڪالمو لکيل اي مجيري ڪجهہ تہ ڏي ان جو ثبوت آھي، ھن ڪتاب ۾ استاد پيراڻو ڳاهو جي شخصيت تي لکيل مضمون، استاد پيراڻو ڳاھو جي شاعري، استاد پيراڻو ڳاهو جي زندگيءَ جا ڪجهہ واقعا ڏنل آھن.
ھي ڪتاب 2025ع ۾ بخاري پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون نياز ڳاھي جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪلي .


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ارپنا

ھي علمي پورھيو ارپنا ڪريون ٿا ارباب تـــــاج محمد ۽ باني ٿر ارباب امــــــير حسن صاحب کي جن اسان جي غريب والد صاحب جي تعليمي سفر ۾ جھالت واري اونداھي مان علمي روشني ۾ پير پائڻ لاء ھڙان وڙان مدد بہ ڪئي ھمت ۽ حوصلو پڻ ڏنو


نياز ڳاهو
گلو جو تڙ/اسلام ڪوٽ

پبلشر نوٽ

سنڌ ڌرتي هميشہ پنھنجي ڪُکِ مان انمول جوڌن، جوانن کي جنم ڏيندي رهي آهي، جن سدائين پنھنجي جيجل امڙ جي لوئي ۽ لڄ جو مانُ رکيو آهي، انھن انمول انسانن منجهان استاد پيراڻو ڳاهو بہ هڪ آهي، جنھن پنھنجي سموري حياتي ڌرتيءَ جي مسڪين، اٻوجهہ ماروئڙن جي لئہ وقف ڪري ڇڏي.
استاد پيراڻو ڳاهو 1936ع ۾ گُلو جي تڙ جي هڪ اٻوجهہ خاندان مان محمد قاسم ڳاهو جي گهر ۾ جنم ورتو، پاڻ ٽن ڀائرن ۽ هڪ ڀيڻ مان سڀني کان ننڍا هُئا جنھن ۾ وڏو ڀاءُ مرحوم محمد قبول ڳاهو پورهئي تي مال چاريندو هو ۽ ٻيو ڀاءُ مرحوم برهان ڳاهو سندس هٿ ونڊرائيندو هو. استاد پيراڻو ڳاهو اڳتي هلي پيغمبري پيشي يعني استاد جي حيثيت سان پنھنجي نئين نسل جي معمارن جي خدمت ڪرڻ لڳو. ٿر جي مسڪين ماروئڙن کي ڪڏهن بہ ڪنھن اوکي ويل ۾ اڪيلو نہ ڇڏيائين، هميشہ انھن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي انھن جي حقن لاءِ استاد پيراڻو ڳاهو آواز بلند ڪندي نظر ايندو هو.
هن ڪتاب کان اڳ استاد پيراڻو ڳاهو جا (ٽي ڪتاب) آيل آهن، جيڪي ڪتاب اڄڪلھہ جي ڪمپيوٽر واري دؤر ۾ آڻڻ تہ تمام گهڻا آسان آهن پر اُن وقت يعني 1950ع واري دؤر ۾ وڏن ڪشالن وارو ڪم هوندو هو، انھن ڪتابن ۾ هڪ ”گُفتار حق“ ٻيو ”صداقت الاسلام“ ۽ ٽيون ”مثالي گرامر“ جيڪو ان وقت جي نصاب ۾ اسڪولن ۾ پڙهايو ويندو هيو. استاد پيراڻو ڳاهو جي چوٽيھين ورسيءَ جي مناسبت سان هي ڪتاب ”اي مُجيري ڪجهہ تہ ڏي ساروڻين تي مشتمل آهي جنھن جو مرتب سندس لائق فرزند، سٺو شاعر، بھترين ڪمپيئر نياز ڳاهو آهي.
بخاري پبليڪيشن لاڙڪاڻو جي هميشہ اها ڪوشش رهي آهي تہ پنھنجي پڙهندڙ ساٿين جي هٿن تائين سدائين اهڙو ڪتاب رسائجي جنھن کي پڙهڻ سان انھن جي علم ۾ واڌارو ٿئي، اميد تي هي ڪتاب ”اي مُجيري ڪجهہ تہ ڏي“ استاد پيراڻو ڳاهو جي ساروڻين تي مشتمل پڙهندڙ دوستن کي ضرور پسند ايندو، اوهان جي روشن راين جي اوسيئڙي ۾؛

فياض انور بخاري
bukharipublicantion@gmail.com
0300-3419181

پنھنجي پاران: ھو ٿا پلاڻين منھنجو ھينئون ٿو ھيڻو ٿئي

ڪي وڇوڙا اکين ۽ دلين کي روح سان روئاريندڙ ٿيندا آھن

ھو ٿا پلاڻين منھنجو ھينئون ٿو ھيڻو ٿئي،
تنگهہ مھارون توڏن جا بيٺا جت جڙين،
منھنجو لال پنھون ٿا نين ٻاروچي ٻولي ڪري.

اڌ کتي رات جو سرد ٽاڻو آھي، منھنجي من ۾ باھ آھي، اکين ۾ ڪوسا لڙڪ بستر پسائي رھيا آھن. گهر ڀاتي سڀ آرامي آھن، منھنجي ننڊ نيڻن کان ڪوھين ڏور آھي، ڀٽائي صاحب جو مٿيون شعر منھنجي ھانو تي ھري پيو جنھن ۾ ذڪر آھي پلاڻڻ ۽ موڪلائڻ جو، وڇوڙي جو ۽ ھينئون ھيڻون ٿيڻ جو!! مون کي اوڻيھه جنوري جي سانجهہ ڪٿي ٿي وسري جنھن اڀاڳي گهڙي ۾ منھنجي مٺڙي ڀاءُ محمد قبول سان گڏ اسان سڀني تان دعا جو دروازو ٻاجهہ ۽ شفقت ڀريو ھٿ کڄي رھيو ھو اسان سڀني کي ماني کائڻ جو چئي پاڻ بنان ماني کائڻ جي ھميشہ لاءِ اکيون پوري رھي ھئي. اسان جي وڏڙي امڙ نہ ڄڻ ڪائنات اکيون بند ڪيون ھيون، ڇو تہ ڪنھن شاعر چواڻي:

رشتا ٻيا بہ گهڻا پر امڙ جيجل زور آ،
جيڪا ٿيندي ٻچن تان گهور آ.

بابا مرحوم پيراڻو ڳاھو پنھنجي تر جو مشھور اوطاقي ۽ سخي انسان جنھن ٻہ شاديون ڪيون ھيون! پھرين شادي ڳوٺ ڪانڪيو تعلقو ڇاڇرو مان ٿي جنھن مان اڪيلو پٽ محمد قبول ٿيو ۽ پوئين شادي مان اسين ٻن ڀيڻن سميت ٻہ ڀائر جنھن مان فيض محمد مسجد ۾ باھ لڳڻ سبب شھيد ٿيو!
انسان ھن جھان ۾ اچي ٿو ۽ وقت پورو ٿيڻ تي واقعي واپس موٽي ٿو پر پٺيان ڪي يادون ۽ ان جو سفل ڪردار ھجي ٿو تہ ھُو گهڻي وقت تائين ياد رھي ٿو. اسان جي وڏي امڙ جنھن جو بہ مختلف حوالن سان مثالي ڪردار رھيو آھي. خاص ڪري اوطاق جي ماني ! بابا جي ھوندي حياتي مھمان تمام گهڻو ھوندو ھو ڇو تہ ھر ماڻھو جو پنھنجو ڀاڳ ۽ نصيب ھوندو آھي ۽ نصيبن سان ڪير ريس ڪندو!!!
وڏي امڙ جو پورو ڏينھن ۽ رات دير تائين رڌ پچاءَ ۾ وقت گذرندو ھو، وڏڙا چون ٿا ۽ اھا حقيقت بہ آھي تہ بابا مرحوم جي ھندين ماڳين جيڪا ھاڪ ھلي ان ۾ پڻ ھن شريڪ حيات جو وڏو ڪردارھو. اوطاق تي ڪنھن ٻڌايو پئي تہ ھڪ دفعو سندس طبيعت خراب ٿيس مرحوم پيراڻو حيدرآباد وٺي ويو جتي ڊاڪٽرن چيس تہ گهڻو باھ ويجهو ھئڻ توڻ تي ۽ ويھڪ جي ڪري طبيعت خراب ٿي آھي! ان مان اندازو لڳائجي تہ ھُو بجاءِ پنھنجي صحت سرير جي خيال رکڻ جي پنھنجي گهر ڌڻي جي اوطاق جو خيال رکندڙ ھئي! ۽ بابا کان آفيسر پڇندا ھئا تہ سائين پيراڻا بورچي ڪٿان آندو آھ؟ شاھ صاحب چواڻي:

ڳالھيون پيٽ ورن ۾ وڌي وڻ ٿيون،
پر سين مون نہ ڪيون گوشي گڏيا نہ سپرين.

ڳالھيون کوڙ آھن مرحومہ ڳوٺ ۾ سڀني سان سھڻو سلوڪ وارو ورتاءٌ ڪيو. امڙ جي روپ ۾ ڏسبو تہ رحمت ۽ شفقت! ڇو تہ امان جي پيرن ھيٺ جنت آھي ۽ ھي عظيم جيجل ماءُ ھئي جنھن جو دنيا ۾ سڳو اڪيلو پٽ جنھن کي پنھنجي ڪک مان جنم ڏنو ان سان ڪيتري محبت ھوندي ان جو اندازو يا ان محبت جي ماپ ڪرڻ وارو ڪو اوزار اڃان ايجاد ئي ناھي ٿيو! ڀيڻ جي روپ ۾ ڏسبو تہ مامين الھرکيو جي آخري پيار ڪندڙ ڀيڻ ھئي ۽ ھن جو ڀاءُ پھريون بہ اھو آخري بہ اھو! سس جي روپ ۾ پڻ ھڪ ٻاجهارو ڪردار! ۽ ڏاڏي جي روپ ۾ ڏسنداسين تہ شايد ايترو پيار ڏيندڙ ڏاڏي بہ ڪو دنيا ۾ ھوندي! جنھن جو ننڍڙو مثال آخري گهڙين ۾ جڏھن موڪلائي پئي ان وقت بہ سندس اوڍيل شال اسپتال ۾ سندي پڙ پوٽي کي ڏنائين تہ ننڍڙي کي سيءُ نہ لڳي، ھتي مثال ڏبو ھو تہ ڏاڏي تہ اھڙي ھجي.
ھوءَ ھٿ جي سڄي، دائي سگهڙ ۽ سگهاري راڄ ڌياڻي عورت ھئي ھونئن بہ امان ڪيڏو نہ پيارو نالو آھي شاھ صاحب چواڻي: ماءُ وھاڻو وار کڻ پٿراڻي پنھنجي.
ماءُ جي ھڪ چوڙ سياري جي رات جو اوجاڳو ماڻھو زندگي سڄي خدمت ڪري پيادل حج ڪري پر ٿورو لاھي نہ سگهندو، اسان جنت لاءِ سڪون لاءِ مختلف ماڳن ۽ پيرن پنڊتن ڏانھن ڀڄندا آھيون پر مقدس ڪتابن ۾ چٽو چيل آھي تہ بھشت امان جي پيرن ھيٺ آھي امڙ جي خدمت سان ئي جنت بہ ملندي دلي سڪون بہ ملندو ۽ دنيا بہ چوندي تہ اولاد سپوت آھي؟
جن جون امڙيون زندہ آھن اھي وڏي ڀاڳن وارا آھن جنھن گهر ۾ امڙ جو آواز اچي پيو اھو خدا جي وڏي نعمت سمجهجي ۽ ان جو شڪر ادا ڪجي ۽ امڙين جي خدمت ڪجي، شال منھنجي جيجل کي مالڪ صحت تندرستي ڏي ان سان گڏ سڀني امڙين جي مالڪ مٺو ٻچڙن تي سايو سلامت رکي ان سان گڏ اسان جي وڏي امڙ ان سان گڏ ڪائنات ۾ جيڪي بہ مائرون ھي جھان ڇڏي ويون آھن مالڪ انھن کي جنت الفردوس نصيب فرمائي آمين. ڀٽائي صاحب فرمايو:
ڀر ڀنجوء ويھي- ڪھڙي ڪندين ڳالھڙي
ڳالھڙيون کوڙ آھن جيڪي ھنياء تي ھرن پيون عجيب اتفاق آھي. وڏي امڙ جو وڇوڙو بہ 19 تاريخ تي بابا سائين بہ 19 تاريخ وفات ڪئي مھينو جدا آھي پر تاريخ ساڳي آھي. پيراڻو جنھن جي ڳوٺ جي ماڻھن سان بي پناھ پيار ھو جنھن جا کوڙ مثال موجود آھن، سندس جو حيدرآباد مان بيماري دوران لکيل 1991ع ۾ خط جنھن ۾ دعائيا جملا ﷲ ڪري انڙ ابڙا مينگهواڙ سڀ خوش ھجو جڏھن تہ سندس برادري جي وڏڙن جا نالا لکيل ۽ سلام چيل. سچو مينگهواڙ ٻڌائيندو آھي تہ مينگهواڙ ڪو ڇوڪرو اسلام ڪوٽ ھاسٽل مان پوليس کڻي وئي، آڌي رات جو اسان کي پتو ڇوڪري جو والد مون وٽ آيو تہ وڃ! مون سائين پيراڻي کي اڌ رات جو گهٽي تي سڏ ڪيو، سڏ جي جواب ۾ ھميشہ جيءُ چوندو ھو، سو جيئن سڏ ڪيم جيءُ ڪري تيز تيز مون وٽ پھتو، سچو اويرو! مون چيو ڦلاڻو ڇوڪرو ھاسٽل تان پوليس کڻي وئي آ جيڪو اڃان ٿاڻي تي آ مائٽ ويا پوليس ڪون ڇڏيو شھر جي وڏي سيٺ ٻڌرايو آ.پاڻ بي اختيار چيائين پيراڻا تون گهرين سُتو ننڊون ڪرين ٻچا ٻڌا پيا آھن شھر ھليو اٺ تي ۽ ڇوڪرو آزاد ٿيو.
پنھنجي ڳوٺاڻن جي آساني لاءِ عيد نماز تي نصيحت ڪيائين تہ لاش کڻڻ لاءِ وڏي تڪليف آ ڀٽن جا پنڌ- قبرستان ٻئي ڳوٺ چوڻھار ۾.
نصيحت ڪيائين منھنجا سئو ور پورا ٿين ويجهي ھنڌ جاءِ ٻڌايائون اتي دفن ڪجو.گذارڻ کان پوءِ سندس ڀاءُ برھان نصيحت تي عمل ڪندي اتي دفن ڪيو جيڪا ڳوٺ جي وڏي سھوليت ٿي پئي.
انھن مثالن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ ھُو ڪيترو وڏو عظيم ۽ مثالي انسان ھو تعليم حوالي سان استادن جي جائز مسئلن لاءِ سندس جاکوڙ بہ مثالي آھي پنھنجي ھڙان وڙان ڪندو ھو سخي ھو مالڪ ڏيندو ھو نہ تہ ھڪ پرائمري ماستر ان وقت پگهار ٿورڙي ھر وقت ھڪيا مھمان حاضر ھوندا ھئا اليڪشن ۽ ورڪن دوران ارباب اميرحسن رات جو دير سوير اوطاق تي آرام ڪندو ھو، سندس ڪجهہ سٽون ذھن تي تري اچن ٿيون تہ:
اي پيراڻا چاپلوسي ۽ خوشامد کي وڌيج،
ڀل تڙن بالا مگر تون قوم لاء اڄ ٽيڪ ٿي.

يا منھنجو مقصد قوم کي عزت گهڻي حاصل ھجي

مان ڀلين رھندو ھجان ٻٻرن لين جي آڙ ۾،
اي پيراڻا ھي ڪمائي ڪون ويندي رائگان.

پاڻ ھارين مسڪينن جي حقن لاءِ عملي جدوجھد ڪندو ھو، مڪالمو لکيل اي مجيري ڪجهہ تہ ڏي جنھن جو ثبوت آھي،
سندس 34ھين ورسي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاء ھي ننڍڙو ڪتاب ”اي مُجيري ڪجهہ تہ ڏي“ بخاري پبليڪيشن جي سرواڻ سائين فياض انور بخاري جي ڪرمنوازين سان توھان تائين پھتو آھي سائينءَ جي مون مسڪين تي ھميشہ شفقت رھي آھي.
جن مھربانن ھن ننڍڙي ڪتاب لاءِ لکيو بابا کي خراج تحسين پيش ڪيو تن مڙني مانائتن جا وڏا وڙ ۽ ٿر واري کان وڌ عنايتون شال وڏي امڙ ۽ بابا جي روح کي مالڪ سڪون نصيب ڪري.(آمين).

نياز ڳاھو
0345-9413490
0324-3051665
**

تعارف : پيراڻو ولد محمد قاسم ڳاهو

1936ع ۾ گُلو جي تڙ جي هڪ اٻوجهہ خاندان مان محمد قاسم ڳاهو جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هڪ ننڍڙي ٻار جي ماءُ ۽ پيءُ جي خواب خيال ۾ اها ڳالھہ نہ هُئي تہ ﷲ پاڪ جي طرفان جهولي ۾ ڏنل هن ننڍڙي ٻار سان وقت وڏو جهيڙو ڪندو ۽ اُن اونداهي واري دؤر ۾ علم جھڙو هٿيار کڻي هي ننڍڙو انسان تمام طاقتور جنگ جوٽيندو ۽ هڪ ڏينھن فتح جو جهنڊو بلند ڪري هڪ آدرشي انسان بڻبو اڄڪلھہ جي وزارت وٺڻ تمام سولي آهي ليڪن اُن اونداهي جي دؤر ۾ علم پرائڻ تمام ڏکيو ۽ ناممڪن نہ تہ بہ مشڪل کان مشڪل تر ضرور هو پاڻ اڃان ناسمجهہ واري عمر ۾ هئا تہ ماءُ ۽ پيءُ جو سايہ کسجي ويو پاڻ ٽن ڀائرن ۽ هڪ ڀيڻ مان سڀني کان ننڍا هُئا جنھن ۾ وڏو ڀاءُ مرحوم محمد قبول ڳاهو پورهئي تي مال چاريندو هو ۽ ٻيو ڀاءُ مرحوم برهان ڳاهو سندس هٿ ونڊرائيندو هو، مطلب تہ گهر ۾ فاقاڪشي واري حالت هُئي ۽ اُن وقت ۾ ڳوٺ هوٿيءَ جي تڙ ۾ هڪ ديني مدرسو هلندو هو جيڪو حافظ محمد عمر هلائيندو هو جتي ڳوٺ جا ننڍڙا ٻار قرآن پڙهڻ ويندا هئا. ماءُ پيءُ جھڙي نعمت کان محروم هي ننڍڙو ٻار قرآن شريف پڙهڻ لاءِ مدرسي وڃڻ لڳو حافظ صاحب يتيم هئڻ ڪري دل سان پڙهايو ڪجهہ وقت قرآن شريف پڙهڻ کانپوءِ ڳوٺ ڏيپيار جي هڪ بزرگ گهراڻي جي اعليٰ شخص مولوي گل محمد صاحب جي سعادت حاصل ٿي، جتي پاڻ پنھنجي ڀاءُ مرحوم محمد برهان کي بہ پڙهڻ لاءِ گڏ وٺي ويندا هئا، ٽڪر ڦڪر ڪندي هي آدرشي انسان مرحوم هستي اُستاد محمد مُحسن هنڱورجو جي شفقت سان پاڻ پنجون پاس ڪيائون ۽ پوءِ سندس ڀاءُ برهان ڳاهو گهر جي ڪم ڪار ۾ لڳي ويو ۽ هن علم دوست انسان کي تعليم جي شوق مجبور ڪري وڌو ۽ پاڻ بنا ڪنھن ڄاڻ سڃاڻ جي ڏيپلي ويا، جتي ﷲ پاڪ جي غيبي مدد جي صورت ۾ ارباب تاج محمد صاحب جي بصيرت ملي ڇو تہ خان صاحب جو لاڏلو ٿرپارڪر جو خلقيندڙ ارباب امير حسن صاحب تعليم پرائي رهيا هئا. پاڻ ارباب امير حسن صاحب جا ڪلاس فيلو بڻيا ۽ يتيم ۽ مسڪين هئڻ ڪري پڙهائي کاڌي پيتي جو خرچ خان صاحب پاڻ ڏيندا هئا. امير حسن صاحب کي پاڻ اسڪول کانپوءِ پڙهائيندا هئا ان ڪري ارباب امير حسن صاحب سڄي زندگي اُستاد پيرڏنو سڏيندا هئا تعليم مڪمل ڪري پاڻ اها ڳالھہ محسوس ڪرڻ لڳا تہ هن اونداهي جي دؤر ۾ ڪو ڏيئو ٻاري جھان کي روشن ڪجي ايئن پاڻ استادي جھڙي پيغمبري پيشي ۾ آيا ۽ اچڻ کانپوءِ پنھنجي ڀاءُ محمد برهان جي رهيل تعليم مڪمل ڪرائي کيس بہ استاد مقرر ڪرايائون.
برچُستي اصول پسند دليري کي مان ڏيندي اُن وقت جي استادن گڏجي پ- ٽ- الف پرائمري ٽيچر ايسوسيئيشن جو صدر چونڊيائون، بقول بلاول اٺو ۽ ٻين ان وقت جي استادن تہ اُن وقت ۾ ٿرپارڪر ضلع ميرپورخاص هو ۽ خاص ڪري سواري جو نہ هئڻ ڪري مسئلن کي منھن ڏيڻ لاءِ هي جاکوڙي انسان ڏينھن جا ڏينھن ميرپورخاص ۾ رهيو پيو هوندو هو، جتي(عثمانيه مسافر خانو) سندس رهڻ جو مرڪز هوندو هو، پاڻ (ٿرڊيزرٽ الائونس) ملڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون ۽ نيٺ وڃي اُن وقت جي سنڌ جي وزيراعليٰ ممتاز علي ڀٽو کان منظور ڪرايائون. ان کاسواءِ پاڻ استادن جي ٻين مسئلن لاءِ تمام وڏيون خدمتون ڏنيون. پاڻ 1982ع ۾ رٽائرمينٽ وٺڻ کانپوءِ سياست ۾ اچي علائقي جي ننڍن وڏن مسئلن کي حل ڪرڻ جي جاکوڙ ڪئي. سياست ۾ پاڻ مرڻ گهڙي تائين ارباب گروپ سان سلھاڙيل رهيو جتي مرحوم ارباب اميرحسن صاحب، مرحوم ارباب فيض محمد صاحب، مرحوم ارباب حاجي عبدﷲ صاحب، مرحوم ارباب مير محمد صاحب، مرحوم ارباب ڊاڪٽر عبدالرزاق صاحب، ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم صاحب ۽ ارباب عبدالجبار صاحب سندس ڏاڍي عزت ڪندا هئا ۽ علائقي جي ننڍي وڏي فيصلي، ڪم ڪار لاءِ گهُرائي صلاح وٺندا هئا، پاڻ يونين ڪائونسل جا ميمبر بہ رهيا، ۽ يونين جي ڳوٺن جا ماڻھو نيڪ ڪمن جي ڪري تمام گهڻو چاهيندا هئا، پاڻ نوڪري دوران (ٽي ڪتاب) ڇپرايائون جيڪو اڄڪلھہ جي ڪمپيوٽر دؤر ۾ تہ آسان ڪم آهن ليڪن اُن وقت يعني 1950ع واري دؤر ۾ وڏن ڪشالن وارو ڪم هو، انھن ڪتابن ۾ هڪ ”گُفتار حق“ ٻيو ”صداقت الاسلام“ ۽ ٽيون
”مثالي گرامر“ جيڪو ان وقت جي نصاب ۾ اسڪولن ۾ پڙهايو ويندو هيو. پاڻ پنھنجي ڪتابن جا نالا بہ اهڙا رکيا جيڪي پنھنجي زندگي ۾ ڪيل نيڪ ڪمن سان ٺھڪندڙ هئا مثال طور،

(1) (گُفتار حق) حق ۽ سچ جي ڳالھہ:
پاڻ سدائين سچ ۽ حق چئي ڇڏيندا هئا چاهي اهو سڳو ڀاءُ يا تمام دلي دوست هجي جنھن جو هڪ مثال ڳوٺ جا وڏڙا هن طرح بہ بيان ڪن ٿا تہ هڪ دفعي فقير شير محمد بلالاڻي جيڪو سياسي طور سدائين سائين پيراڻو ڳاهو جو حريف رهيو هو، تنھن تعلقي مٺي جا معزز ۽ چڱا ماڻھو وٺي حاجي جان محمد وسائيپوٽو (صابق ايم_ ايل) وٽ سرچاءُ لاءِ ويو اُتي حاجي جان محمد وسائيپوٽو صاحب فقير شير محمد صاحب کي سياسي ڪم ڪار نہ ٿيڻ وغيرہ جهڙا طعنا ڏنا جنھن تي پاڻ اُٿي چيو حاجي صاحب فقير صاحب کي ووٽ آئون بہ ڪونہ ٿو ڏيان ۽ توهان بہ نہ ڏيو مگر فقير فيض محمد بلالاڻي جو پُٽ ماين وارن طعنن جو لائق نہ آهي توهان طعنا نہ هڻو جنھن تي فقير شير محمد بلالاڻي صاحب مُرڪي پنھنجو گڏ آيل ميڙ وٺي واپس هليا ويا. مطلب تہ پاڻ سچ جي ڳالھہ بروقت منھن تي چئي ڏيندا هئا ۽ بيشڪ ”گُفتار حق“ سندس زندگي جو فلسفو هو.

(2) صداقت الاسلام:
بيشڪ پاڻ اسلام جا سچا پيروڪار هُئا بُت پرستي قبرن کان پٽ گهُرڻ مڃتائون ڪرڻ جي بلڪل خلاف هئا جيئن پاڻ پنھنجي ڪتاب گُفتار حق ۾ هيٺيون سٽون جيڪي چيون اٿس، اُهي سٽون اسلام سان سچائي جو درس ڏين ٿيون.
پير کي ڪھڙي آ طاقت مھر سان جو ڏي پسر،
زر ڦُرڻ جو رستو ٺاهيو جا جھالت دين جي،
اولياءُ عالم اسان جا رهنما آهن ضرور،
موت کانپوءِ مددون وٺڻ ڪٿ اجازت دين جي.

بيشڪ پاڻ اوليائن بزرگن سان محبت ڪندڙ هئا ۽ دين اسلام جا سچا سپاهي هئا.

(3) مثالي گرامر:
هي ڪتاب اُن وقت نصاب طور پڙهايو ويندو هو جيڪو علم جي معمارن لاءِ پاڻ پنھنجي دماغ جي نچوڙ سان تيار ڪيو هو ليڪن جيڪڏهن ويھي سائين پيراڻو ڳاهو جي انسان ذات لاءِ زندگي ۾ ڪيل خدمتن ۽ نيڪ ڪمن کي ڪتابي شڪل ڏجي تہ بيشڪ ڪئين ڪتاب ٺھي ويندا. ان مان مراد تہ پاڻ پنھنجي سڄي زندگي هڪ مثالي گرامر طور گذاري جنھن ۾ جُستجو ۽ صلاحيت جي آزمائش هُئي جيئن اهڙو هڪ مثال زندگي جو ڳوٺاڻو سچو ميگهواڙ بہ ڏي ٿو تہ پاڻ تعلقہ ڇاڇري جي ڳوٺ ڪانڪيي ۾ جتان پاڻ پھرين شادي ڪئي هئائين اُتي پاڻ ڪنھن شادي ۾ شرڪت لاءِ ويل هئا تہ اُتي ڳوٺ جي مينگهواڙ نئون پَڊَ اڏڻ ٿي گهُريو، جيڪو ڳوٺ جي مسلمانن ۽ خاص ڪري سائين پيراڻو جي ساهرن جي ماڻھن اڏڻ نٿي ڏنو ۽ مختيارڪار ڇاڇرو سرزمين تي آيل هو بقول سچو ميگهواڙ تہ اُتي جا ميگهواڙ سڀئي گڏجي مون وٽ آيا تہ تون سائين پيراڻي کي چئو تہ اسان کي پڊ وٺي ڏي ڇو تہ اسين راڄ جي وچ ۾ ويٺل آهيون ۽ اسان جي ٻار ٻچي کي اٿڻ ويھڻ جي ڏاڍي تڪليف آهي. جڏهن اها ڳالھہ مون سائين پيراڻي ڳاهي سان ڪئي تہ پاڻ ڳوٺ جي چڱن مڙسن کي گهُرائي چيائون ليڪن اُنھن اها ڳالھہ نہ مڃي تہ پاڻ مختيارڪار ڇاڇري سان گڏجي سرزمين ڏٺائون جيڪو سائين پيراڻو جو پراڻو واقفڪار ۽ دوست هو، سرزمين ڏسي سائين مختيارڪار کي چيو تہ ميگهواڙ حق تي آهن ۽ هي منھنجا عزيز ڳوٺاڻا غلط آهن تنھنڪري توهان اهو پڊ ميگهواڙن کي منظور ڪري ڏيو بس سائين پيراڻي جي چوڻ جي دير هُئي مختيارڪار بروقت آرڊر ڪري پڊ منظور ڪري ڇڏيو ۽ اها هڪ سائين پيراڻو جي صلاحيت جي آزمائش هئي. اهڙا ڪيئي مثالي واقعا ڳوٺاڻا پيش ڪن ٿا، جنھن تي قلم کڻجي تہ ڪتاب ٺھي وڃن پاڻ عيد گاھ ۾ واعظ بہ ڪندا هئا. پاڻ 1991ع ۾ عيد گاھ ۾ واعظ ڪندي هڪ وصيت بہ ڪئي جيڪو هن جو آخري واعظ بہ هو، پاڻ وصيت ڪندي چيائون تہ آءُ ايندڙ عيد تي هجان يا نہ هجان ليڪن توهان سڀئي راڄ وارا پاڻ ۾ ڀائرن وانگر رهجو ۽ اگر جيڪڏهن آءُ هي دنيا ڇڏي وڃان تہ مونکي ڳوٺ جي ڀرسان دفنائجو جيئن ڳوٺ کي مڙھ دفنائڻ لاءِ ٻئي ڳوٺ چوڻھار وڃڻ جي تڪليف آهي ايئن پاڻ پنھنجي زندگي ۾ ڳوٺ راڄ ڀاڳ کي پنھنجون خدمتون ڏنيون ليڪن مرڻ کانپوءِ آخري وصيت ڪري ڳوٺ جي خدمت ڪري 19-10-1991 ع ۾ وفات ڪيائين.
پاڻ پونئيرن ۾ 2 گهر واريون ٽي پُٽ 2 ڌيئرون ڇڏيون، جنھن مان هڪ پُٽ مرحوم فيض محمد 1996ع ۾ نماز دوران مسجد ۾ باھ لڳڻ سبب شھيد ٿي ويو دُعا آهي تہ سندس شھادت جي مُهابي والدين جي ﷲ پاڪ مغفرت ڪرڻ فرمائي ۽ خاڪي جسم کي جنت الفردوس عطا فرمائي_ آمين.

محمد قبول ولد پيراڻو ڳاهو

گفتارِ حق جو تخليقڪار ۽ استاد پيراڻو ڳاهو (ڀارومل امراڻي سوٽھڙ)

سائين پيراڻي ڳاهي جو نالو مون پھريون ڀيرو ارباب امير حسن صاحب جي ان ڪچھري ۾ ٻڌو هو، جنھن ڪچھري ۾ سائين پريم شيواڻي ۽ نند لال لوهاڻي سان گڏجي ارباب صاحب کان ٿر مئگزين جي لاءِ تفصيلي انٽرويو ورتو هو. ارباب امير حسن پنھنجي پڙهائي وارن ڏهاڙن جو تذڪرو ڪندي چيو هو تہ ”ٿر جي ڳوٺ گلو جي تڙ جو رهواسي پيرڏنو ڳاهو منھنجو ڪلاسي هو، جيڪو پڙهائي ۾ اسان سمورن شاگردن ۾ ذهين هوندو هو. پيرڏنو ڳاهو مون سان گڏ رهندو هو، پيرڏني جي پڙهائي جو خرچ بابا سائين ارباب تاج محمد برداشت ڪندو هو، پيرڏنو مون سان گڏ رهندو هو، آئون نصابي پڙهائي ۾ پوچو هوندو هوس، پيرڏنو شام جو پڙهائي ۾ منھنجي مدد ڪندو هو. پيرڏنو منھنجو ڪلاسي هجڻ سان گڏ منھنجو استاد بہ هو. پوءِ هڪ غير سرڪاري ماحولياتي اداري ۾ ڪم ڪرڻ دوران اسلام ڪوٽ ۽ ان جي ڀر پاسي مان وٽ جي واٽن ڏانھن ويندي سائين پيراڻي عرف پير ڏني ڳاهي بابت لوڪن جون ڪيتريون ئي ساروڻيون سھيڙيون.
1936ع ڌاري گلو جي تڙ جي رهواسي پورهيت محمد قاسم جي گهر ۾ جنم ٿيو. پيراڻو اڃان ننڍڙو هو تہ سندس ماءُ پيءُ جي وڇوڙي جو وڍ مليو. ٻن ڀائرن ۽ هڪ ڀيڻ جي ننڍي ڀاءُ کي پڙهڻ جو وڏو شوق هو . سندس وڏن ڀائرن يتيمي ۽ غربت ۾ هيڻي ٿيڻ جي بدران پورهيو ڪري ڀاءَ کي پڙهائڻ جو ارادو ڪيو. علائقي جي شفيق انسانن جي شفقت پيراڻي جي پڙهائي جي شوق جي لاءِ ڏڍ ٿي پئي. پيراڻي هوٿي جي تڙ ۾ حافظ محمد عمر جي مدرسي ۾ قرآن پاڪ پڙهڻ جي لاءِ داخلا ورتي. اتي ڪجهہ پڙهڻ کان پوءِ ڏيپيار جي ديني گهراڻي جي مولوي گل محمد جي شفقت هيٺ پڙهڻ جي لاءِ ڏيپيار آيو. ڏيپيار ۾ سندس وڏو ڀاءُ محمد برهان بہ گڏ پڙهڻ لڳو، استاد محمد محسن هنگورجي ٻنھي ڀائرن کي دنياوي علم جو پنجون درجو پاس ڪرايو. وري محمد برهان مزدوري تي لڳي ويو، پيراڻي جي من ۾ وڌيڪ تعليم جي تشنگي ماٺ ڪري ويھڻ نہ ڏنو . پيراڻي ڏيپلي جي اسڪول ۾ داخلا ورتي جتي ارباب امير حسن بہ پڙهڻ جي لاءِ آيو. ارباب امير حسن جي ڪلاسي هجڻ جي ناتي هن جي ارباب تاج محمد سان ملاقات ٿي. ارباب صاحب هن تي شفقت جو هٿ رکيو. پنھنجي پٽ سان گڏ پيراڻي جو خرچ ڀريو. پيراڻو ڳاهو تعليم مڪمل ڪري پرائمري استاد جي پيشي سان ڳنڍجي ويو. هن استاد ٿيڻ سان ٻين ٻارن کي پڙهائڻ سان گڏ پنھنجي ڀاءُ محمد برهان جي رهيل تعليم ڏانھن ڌيان ڏنو. محمد برهان پيراڻي جي مدد سان تعليم مڪمل ڪري پرائمري استاد ٿيو. پيراڻي ٿر جي مختلف ڳوٺن ۾ نوڪري ڪئي. هر هنڌ پنھنجي پيشي سان سچو ٿي رهيو. هن پنھنجن استاد دوستن سان گڏجي ٿر ۾ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن جو بنياد رکيو.
علم ۽ ادراڪ کي سمجهڻ جو سفر آدجگاد کان جاري آهي. ٿر منجهان بہ ڪيترائي نالا هن سفر ۾ نامور رهيا آهن. پيراڻو ڳاهو انھيءَ سفر ۾ پير پٿون ڪندڙ پانڌيئڙو هو. پيراڻي ڳاهي جون هڪ استاد هئڻ سان گڏ شاعر، ليکڪ ، سياستدان ۽ استادن جي تنظيم پ ٽ الف جي اڳواڻ حيثيت ۾ بہ علائقي واسين جي لاءِ وڏيون خدمتون آهن. پيراڻي پراڻي ضلع ٿرپارڪر جي استادن جي لاءِ پ ٽ الف جي ضلعي صدر جي حيثيت ۾ ڊيزرٽ الائونس منظور ڪرايو. ان وقت ميرپورخاص جو عثمانيه مسافر خانو هن جي رهائش جو اهم ٺڪاڻو هوندو هو ، ڏينھن جا ڏينھن اتي رهي استادن جا مسئلا حل ڪرائيندو هو. چون ٿا تہ پيراڻو غضب جو مقرر هو. پ ٽ الف جي پليٽ فارم تان ڪيل هن جون تقريرون مشھور رهيون آهن. 1982ع ۾ هن نوڪري تان رٽائرمينٽ ورتي. رٽائرمينٽ کان پوءِ هن سياست ۾ حصو ورتو. ارباب امير حسن سان ويجهڙائپ جي ڪري سياست ۾ ارباب گروپ سان لاڳاپو رهيو. پنھنجي يونين ڪائونسل جو مختلف وقتن تي ميمبر ٿيوهو. عدل، انصاف ۽ گفتار حق جي معاملي ۾ پيراڻو سچو ۽ کرو شخص هو. هڪ ڀيري تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ ڪانڪيه ۾ پيراڻي جي عزيزن سندس ساهرن ۽ مينگهواڙن جي وچ ۾ پڊ تان معاملو ٿيو. مينگهواڙ پنھنجي واجب گهر تي هئا، پيراڻي پنھنجن عزيزن جي مدد ڪرڻ جي بدران مينگهواڙن جي مدد ڪري پڊ وٺرائي ڏنو.
پيراڻي ڳاهي سدائين پنھنجي حصي جو ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏني، هن جي اندر ۾ ڪڏهن بہ پنھنجي لاءِ مڃتا واري رهاڻ ۽ سرٽيفڪيٽ جي تمنا نہ جاڳي، هن کي شھرت جو شوق رکندڙ ماڻھو مور نہ وڻندا هئا. پيراڻي غربت سان جهيڙي پنھنجي پڙهائي جو پنڌ پار ڪيو هو، ان ڪري هن کي ٿر جي ڀٽن ۾ علم جي اڃ جو شدت سان احساس رهندو هو. پوري ڄمار انھي اڻ تڻ ۾ گذاري تہ علم کي ٿر جي ڀٽن ۾ ڪيئن عام ڪجي!؟چيٽ جي چانڊوڪي ۽ ولھار جي هير جهڙا ڏهاڙا هن ڌرتي تي ڪيئن آڻجن. هن جي سپنن جو صحرا علم جي عشق جي هاڪڙي تي آباد ٿيندو هو. هن جي جستجو علم جي دشمنن ۾ وڏو ٿرٿلو مچايو هو.
پيراڻي ڳاهي سنڌي ٻوليءَ جي گرامر حوالي سان ”مثالي گرامر“ جو ڪتاب تيار ڪيو. جيڪو گهڻي وقت تائين ضلع ٿرپارڪر جي اسڪولن ۾ استاد پڙهائيندا رهندا هئا. پيراڻي ديني درس ۽ اصلاح جي حوالي سان هڪڪتاب اردو مان ترجمو ڪي ڇپرايو. پيراڻي جي ادب ۾ وڏي سڃاڻپ ”گفتار حق“ شعري مجموعي سان آهي. پيراڻي ڳاهي جي شاعري پڙهندي ادب جي ٻن اهم ڌارائن ترقي پسند ۽ روايت پسند ادب جون خبرون ذهن ۾ تري اچن ٿيون. سنڌي ادب ۾ ساڄي ۽ کاٻي ڌر جي فڪري ادب جي بحث جا سمورا سماچار سامھون اچن ٿا. پيراڻي ڳاهي جي شاعري جي مجموعو ”گفتار حق“ جو پھريون ڇاپو 1959ع ۾ ڇپيو هو. ”گفتار حق“ جي شاعري تي ان وقت جي سياسي ۽ سماجي اٿل پٿل ۽ فڪري رجحان جو وڏو اثر آهي. علم عروض تي سرجيل هن جي شاعراڻي مجموعي ۾ ”حمد شريف“، مناجات ۽ نعت شريف سان گڏ مسلمان فاتحن جي ڪردارن تي شعر چيل آهي. شاعرن جي سرتاج شاھہ عبدالطيف کي ڀيٽا ڏنل آهي. هن نظم ۽ غزل تي طبع آزمائي ڪئي آهي، هن جا مڪالمي وارا نظم پڻ سگهارا آهن . ”ماستر ۽ ملازم“ واري مڪالمي ۾ هڪ سچي استاد جي ساک واريل آهي. استاد ڏانسنگهہ امر سنگهہ جي ڀاءُ جي خون تي دل مان اٿندڙ درد بيان ٿيل آهي. مسڪين هاري ۽ ظالم زميندار واري مڪالمي ۾ هاري جي محنت ۽ هُن سان ٿيندڙ ظلم جي وارتا آهي. مڪالمي جي آخري بند ۾ پيراڻو هاري جي واتان چوي ٿو تہ ،

يا خدا ظالم زميندارن کي تون نابود ڪر،
پنھنجي حق جي لاءِ جي چئون ٿا اي مجيري ڪجهہ تہ ڏي،
حق گهرڻ جي عيوض گاريون ٿا هي فرعون ڏين،
اي پيراڻا ٿيندي طاقت تن جي ڍيري ڪجهہ تہ ڏي.

گفتار حق جو تخليقڪار ۽ استاد پيراڻو ڳاهو 19 آڪٽومبر 1991ع تي هن فاني دنيا کي الوداع ڪري ويو پرسندس سارون سنڀارون راڄن ۾ رمي رهيون آهن. گفتار حق تي گفتگو ٿي رهي آهي.
ريڊيو پاڪستان مٺي تي پروگرام ڪرڻ دوران سائين پيراڻي جي فرزند نياز ڳاهي سان منھنجي نياز مندي ٿي. مون جيستائين ريڊيو تي پروگرام ڪيو، نياز نہ صرف پابندي سان هر پروگرام کي ٻڌندو رهيو پر پنھنجين لکڻين ۽ صلاحن سان نوازيندو رهيو. تعلق نڀائڻ جي حوالي سان نياز جي وڏي تربيت ٿيل آهي، نيازمندي واري جڙيل تعلق کي پنھنجائپ جي ريشمي تعلق ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. نياز سان ملندي ڳوٺاڻي سماج جي چوڻي ياد ايندي آهي تہ ڀت تي چٽ ٺھندا آهن.

بردبار ۽ باصلاحيت استاد (محمد مبين بجير)

استاد پيراڻو ڳاهو هڪ باصلاحيت ۽ باڪردار هڪ دلير انسان هو. اسان جي خاندان سان سندس تمام ويجها تعلقات هئا، جنھن ۾ مرحوم جيئو خان بجير ۽ حاجي محمد مٺن بجير تہ سندس تمام ويجها ۽ گهاٽا دوست هئڻ سان گڏ سائين ماما بہ سڏيندا هو. جنھن مان مراد سائين ذات پات کان هٽي ڪري بہ رشتا نڀائيندو هو. اسان جي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول بہ ان وقت جي آفيسرن سان جنگ جوٽي سائين کولرائي ڏنو. جيڪو اڄ ماشاءَ ﷲ اڄ هاءِ اسڪول جي درجي تي پھچي چڪو آهي. مونکي هڪ واقعو ياد آهي تہ ان وقت ڳوٺ لکميار جيڪو مٺي کي ويجهو آهي جتي پرائمري استادن تي ڪو ڪيس داخل ٿيو ۽ ان وقت مختيارڪار وٽ ضمانت جا پاور هئا ۽ مختيارڪار مٺي استادن جي ضمانت رد ڪري استادن کي جيل موڪلي ڇڏيائين. ان وقت سائين پيراڻو ڳاهو پ-ٽ-الف مٺي جو صدر هو. جنھن وڃي اسسٽنٽ ڪمشنر مٺي سان ڳالھايو ۽ چيائين تہ استادن جي ضمانت منظور ڪري آزاد ڪريو، جنھن تي اسسٽنٽ ڪمشنر نابري واري تڏهن پاڻ اسسٽنٽ ڪمشنر کي چيائين تہ جيڪڏهن توهان ضمانت نٿا ڏيو تہ پوءِ آئون ٻاهر وڃي استادن کي ڪال ڪندس جيڪا توهان کي ۽ توهان جي ڪرسيءَ کي بہ لوڏو ڏئي سگهي ٿي. جنھن تي اسسٽنٽ ڪمشنر سمجهي ويو تہ استادن جو ڌرڻو لڳو تہ واقعي ڏکيو ٿي پوندو ۽ بروقت ضمانت منظور ٿي ۽ استاد هڪ ڪلاڪ جي اندر آزاد ٿيا. مطلب تہ سائين جي پ-ٽ-الف جي صدارت ۽ اڄ جي تنظيمي ڍانچي ۾ ڏينھن رات جو فرق آهي ۽ اسان پراڻن استادن کي ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي هن وقت جي صدر جون پاليسيون ڏسي چوڻ جو مطلب تہ سائين پيراڻو پ-ٽ-الف ٿرپارڪر جو باني بہ هو تہ سندس خدمتون بہ ساراه جوڳيون آهن جيڪي ڪنھن بہ صورت وساري نٿيون سگهجن. دعا آهي ﷲ تعاليٰ کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهي خانداني رشتا نڀائڻ جي توفيق ڏي. آمين.
**

مڪالمو: اي مجيري، ڪجهہ تہ ڏي

مسڪين هاري

هاري ڇو کڻي ٿو ملڪ منھنجي اي مجيري، ڪجهہ تہ ڏي،
مون وڏي محنت سان ڪئي آ ڀيڙي ڪجهہ تہ ڏي.
ٿي ويس ننڊ کي ڦٽايو ڪيئن نہ مان اڌرات جو،
ڪيئن نہ مون تڪليف سان پوکي ۽ کيڙي ڪجهہ تہ ڏي.
ڇيڙ يا بيگر تي مان هروقت حاضر رهيس،
اسر جو هو ڇيڙ يا انکان سويري ڪجهہ تہ ڏي.
اڄ ڏسين ٿو جو کري ۾ سار جوئر جو سٿو،
سا هٿن سان ڪيئن نہ آهي مون سميڙي ڪجهہ تہ ڏي.
مون ڏکن ۾ ٿي پياريو ڪيئن نہ پاڻي پوک کي،
ٿي لتاڙيم رات جو ڪيئن نانگ ويري ڪجهہ تہ ڏي.
ٿي ٻني ۾ مون ڪمايو اسر جو جوڙا ٻڌيو،
بيگرن ۾ کيڙيم ڪيئي نمبر سيري ڪجهہ تہ ڏي.
نمبر کي ڪين سينگاريم ٿي شوق سان،
هڪ سطح ڪٿ نہ پسي هئي ٿيري ڪجهہ تہ ڏي.
پيٽ ۾ مونکي بکون تڪليف پر ڪوڏر هنيم،
لاءِ ۽ ڇنڊيم حالت هئي ڪھڙي ڪجهہ تہ ڏي.

زميندار:
مڻ تي واهي جي ڪمائي ساڳي ڪمداري حصہ،
کڻت ڀي اي يار ساري ڏس تمھاري ڇا ڏيان.
مڻ ڏنم لوهار کي ۽ مڻ ويو نائي کڻي،
مڻ پسر منھنجي جي خرچي آ ڏهاڙي ڇا ڏيان.
خرچ آيو آ لکين ووٽن ۾ سو ڀرڻو اٿئي،
ڳوڻ کائي ماھ، گهوڙو هزاري ڇا ڏيان.
مون گهرايو ڏينھن تنھن هو ساڻ جوڙي بيوقوف،
ڏنڊ وڌم ٿي چار سئو بدنام هاري ڇا ڏيان.
خانصاحب کي مٺائي ڏيئي مون هي ڳڌو،
ٻيو وري منھنجي ڪراچي ڏي تياري ڇا ڏيان.
ناچ رنڊين اڄ ڪيو ٽي چار سو تن کي ڏنم،
لکين رپين جو هار لئہ منھنجي پياري ڇا ڏيان.
ٻيو محفل ۾ کپايم سئو روپين جو نج شراب،
چار سئو کن کڻي وئي جام واري ڇا ڏيان.
مون ٿلھو ليکو ٻڌو توتي قرض باقي بچيو،
جلد کڻ ڪوڏار هٿ ۾ ۽ ڪھاڙي ڇا ڏيان.


هاري:
پيٽ لئہ مونکي نہ آھ تون ٿو رهين بنگلن اندر،
رحم ڪر مون تي ڪئي مون مزدوري ڪجهہ تہ ڏي.
خوف ڪر خالق جو حق ڪيم منھنجو ڪر ڪر غضب،
ڇو کڻي دولت ظلم سان ٿو سموري ڪجهہ تہ ڏي.
منشي کي چئو مھرباني سان ڪري مون سان حساب،
ڊڄ خدا کان کن نہ کڻان هي اُرھ زوري ڪجهہ تہ ڏي.
ميون کنيا ٽي چار مڻ پر ڏيو ڀلا مون کي ڀلي،
جيئن اچ مونکي پتي اي رئيس پوري ڪجهہ تہ ڏي.


زميندار:
مون ڏٺو توکي ڀلا منشي جو ڪھڙو غرور،
آ بقايا توتي باقي مون ٻھاري ڇا ڏيان.
ڇا ڪيو مون آ ظلم جو ٿو مٿو پنھنجو پٽين،
خرچ آ هن سال آيو مون تي ڀاري ڇا ڏيان.


هاري:
ياخدا ظالم زميندارن کي تون نابود ڪر،
پنھنجي حق لاءِ جي چئون ٿا اي مُجيري ڪجهہ تہ ڏي.
حق ڏيڻ جي عيوض گاريون ٿا هي فرعون ڏين،
اي ”پيراڻا“ ٿيندي طاقت تن جي ڌيري ڪجهہ تہ ڏي.

پيراڻو ڳاھو ھڪ استاد ، شاعر اديب ۽ سماج سڌارڪ (ايڊووڪيٽ سائينداد ھنڱورجو)

ٿرپارڪر جي مشھور ناليواري استاد اديب، شاعر سماج سڌارڪ محمد محسن ھنڱورجو، جان محمد مورو، جانو نھڙيو، سنڀومل ھميراڻي، رائچند هريجن، جھڙن عظيم اعلي شان ڪردارن ۾ پيراڻو ڳاھو پڻ آهي.
جنھن جو جنم اسلام ڪوٽ ويجهو ڳوٺ گلوءَ جو تڙ ٿرپارڪر ۾ 1936ع ۾ ٿيو. جڏهن سموري سنڌ وانگر پر ٿرپارڪر ۾ اڃان وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ ڏکي ھئي.
وڏا وڻ وڻڪار جا جت نانگ سڄن نيلا،
اتي عبداللطيف چئہ ھيڪڙين ڪيا ھيلا،
جت ڪڙم نہ قبيلا، اتي رھبر رسج راھ ۾.

(شاھ)

جھڙي خطي ماحول ۾ ھادي ۽ رھبر جي ڏڍ تي ئي اڪيلي سر نانگ بلائن بکن ڏکن سان مھاڏو اٽڪائي منزل ماڻي پاڻ ملھايو انھن جونجهارن کي شاندار ڀيٽ پيش ڪرڻ سندن تاريخي ڪردار تي ٻہ اکر لکي يوسف جي خريدارن جي لسٽ ۾ نالو لکرائڻ تي دل بار بار واجهائيندي وڄکندي رھي آھي پر قلم جي سگهہ وري بہ ڪمزور رھي، ڪارونجهر جيترو قد قدامت علمي اوچائي ڏي اسان جي تہ اک ئي ٻڏي ٿي وئي لکڻ کان لنوائي دل لڏي ٿي وئي:

جڏهان ڪر ٿيام ساڃاھہ سپيرين سين،
تڏھان ڪر تر جيترو ويل م وسريام،
اندر روح رھايم، سڄڻ اوطاقون ڪري.

(شاھ)
اھڙا ٿورڙا ماڻھو ھوندا آھن يا کڻي ائين چئجي تہ حالتن ۽ ھڪ دور جي پيداوار ھوندا جيڪي پنھنجي ذاتي مفادن مال محل ماڙيون مفادن حاصل ڪرڻ ٺاھڻ کي ٺڪرائي پيا جڳ جھان کي ٺاھيندا پيا ٻين ماڻھن کي اجاريندا اڇا ڪندا بڻائيندا ذھني علمي اوکي ويل مالي مدد ۾ پيا پير ڀريندا، ڪاڄ، بيمارين جي تيمانداري، موقعو محال اھڙن مڙس ماڻھن ڪا نہ وئي، نہ وڃي، نہ پنھنجي جان جي پرواھ نہ پنھنجي مالي حالت جي ڳڻتي نہ پنھنجي ڪکائين اجهي جي اون، ھن مسڪين جو ڀلو ٿي، ھن مظلوم سان انصاف ٿي لاءِ جاکوڙيندڙ ڪردار واقعي تاريخ ۾ تہ امر ٿي وڃن ٿا پر عام وري بہ سرمائي کي ڏسندڙ سو ڇا ڄاڻي سندن علمي قد ڪاٺ قربانيءَ مان،

مون سي ڏٺا ماءِ جنين ڏٺو پرينءَ کي،
تني سندي ڪاء، ڪري نہ سگهان ڳالھڙي.

(شاھ)
مثلن پنھنجن جي بي واجبي پڊ، وڻ والار تي تڪرار ميدان ۾ توڙي فيصلي غير ڌارين مظلوم سان گڏ بيھڻ تڪرار جي بي رياءُ فيصلو ڏئي غريب ميگهواڙ، ڀيل کي کٽائڻ ڪو معمولي ڳالھہ آهي ؟! ڇا گهر رشتيدارن جو عتاب برداشت نہ ڪرڻو پيو ھوندو؟!
سو ھھڙن عظيم انسانن ڪردارن وک وک تي واسينگن کان ڏنگجي جيئڻ سکي جرئت سان انصاف جي طرفداري ڪئي تڏهن امر ٿيا.
جيھا سي تيھا مون مارو مڃيا. (شاھ)
جھڙا تھڙا غريب ڏٻرا پنھنجا ماروئڙا مٿي ڪيائون پر ڪنھن عمر آمر ڏاڍي جي ڀر وٺي مال ملڪيت محل اڏي وقتي ڪوڙا معتبر ٿيڻ قبول ڪونہ ڪيائون،

جھڙا آيا جڳ ۾ تھڙا ويا موٽي،
تني جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.

(شاھ)
سائين پيراڻو ڳاھو از استاد پنھنجي پيشي سان نڀاھ ڪري ڪئين پنھنجا شاگرد پيدا ڪيا جنھن سبب بہ اعليٰ انسان آھن. انھيءَ زماني ۾ ھڪ بھترين شاعر اديب ھجڻ سان گڏ صاحبِ ڪتاب ھجڻ بہ اعليٰ اعزاز ھيو. ٻيو تہ ڪافي ليکڪن مڃيل اديبن شاعرن سائين جي زندگيءَ جي سفر تي لکي کيس شانائتي ڀيٽ ڏئي پنھنجي ڪتابن ۾ مضمون شامل ڪيا آهن اھو پڻ سائين لاءِ وڏو اعزاز آهي.
غريب يتيم ٻار مان وقت جي حساب سان استاد سرڪاري پوسٽ ماڻي وري غريب پنھنجي طبقي سان بيھڻ بہ وڏي تاريخي ڳالھہ ۽ ڪم آھي، نہ تہ ماڻھو ڇڪجي سڪجي وڏيرپ روب تاب واري زندگيءَ ڏي لڙي ويندا آهن ماضي وسري ويندؤ اٿن پر سائين انھن مان نہ ٿيو .
سو اھڙي عظيم استاد انسان لاءِ اھي لفظ جو ڪنھن لينن لاءِ لکيا آهن. لينن جيڪو لکيو آھي تخليقي مواد رڳو اھو رڪارڊ بہ لينن جو موجودہ قد قامت ئي وڏو عظيم آھي. جي اھو سڀ ڪجهہ لينن نہ ڪم ڪري ھا ۽ رڳو سياست ڪري ليڊر ٿي ھا تڏهن بہ لينن عظيم وڏو انسان ھجي ھا. سو سائين پيراڻو ڳاھو رڳو استاد ھجڻ سان بہ وڏو ماڻھو ھجي ھا. يا رڳو سماج سڌارڪ حق جو پيروڪار طرفدار نڀاھ ھجڻ وارو ڪردار اٿس اھو بہ کيس اتاس جي آواز ۾ امر اعليٰ انسانن جي صفحن ۾ بيھاري ھا. **





















(سنڌ جي اڪثر اخبارن ۾ لڳل خبر)

پيراڻو ڳاهو هڪ متحرڪ انسان (اشوڪ ڪمار خاموش)

انسان جياپي جي ڊگهي مسافت کانپوءِ پنھنجي جياپي لاءِ ڪي قاعدا، قانون ۽ اصول جوڙيا، غارن، جهنگلن ۽ بيابانن ۾ انفرادي طور مصيبتن کي مُنھن ڏيڻ کانپوءِ سماجي اڏاوت تي مجبور ٿيا، اُهي ڪٽنب، قبيلا ۽ قومن جي سوچ کان آشنا ٿيا، پر جبلتون جيڪي صدين کان سندن ساهن ۾ سمايل هيون، تن سماجن اندر ڀڃ ڊاھ، افراتفري توڙي نفرتن کي هوا ڏيڻ شروع ڪئي تہ سائين ئي سماجن مان ڪي سڄاڻ، ساڃھہ وند مختلف صورتن ۾ انھن جي آڏو اُٿي کڙا ٿيا ۽ اِهو سلسلو هزارين ورهين کان جيئن جو تيئن جاري رهندو اچي پيو.
هڪ بھترين ليکڪ، شاعر ۽ هڪ سگهاري استاد لاءِ تاريخ جي تاريڪ دؤر ۾ هُن جو جٽادار قلم ئي جياپو رهيو آهي. اديب سماج جا ڊاڪٽر هوندا آهن ۽ هُو معاشري جي هر سٺائي، بُرائي ۽ اوڻائي کي باريڪ بينيءَ سان پرکڻ ۽ پرورڻ جي سگهہ رکن ٿا. اهڙا ئي سگهارا ليکڪ ۽ شاعر سماجن جو سرمايو هوندا آهن. 1936ع ۾ جڏهن سنڌ کي بمبئي کان آزادي ملي، ان کان ڪجهہ مھينا اڳ دنيا جي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو لانگ مارچ مائوزي تنگ جي اڳواڻي ۾ اوڀر چين مان هزارين ميل پنڌ ڪري پنھنجي منزل تي پھچي چين جي جاگيردار ۽ سرمائيدار نظام سان جهيڙي رهيو هو تہ تاريخ جي انھي دؤر ۾ سنڌ ملڪ جي ريگستاني علائقي ٿرپارڪر جي ننڍڙي ڳوٺ گلو جو تڙ ۾ محمد قاسم ڳاهو جي گهر ۾ هڪڙي ٻالڪ اک کولي، جيڪو وڏو ٿي پيراڻو ڳاهو جي نالي سان هتي جي سرمائيداري ۽ جاگيرداريءَ نظام خلاف اُٿي کڙو ٿيو.

جت نہ پکي پير، تت ٽمڪي باهڙي،
ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪي کير ري.

غريب خاندان ۾ ڄمڻ ڪري سماج جي ڪيترين ئي فاقاڪشين ۽ مشڪلاتن کي منھن ڏيندي تاريڪ اونداهي ۾ هُو مشعل بڻجي ويو. وقت ۽ حالاتن جي ستم ظريفين سان مھاڏو اٽڪائيندڙ هي بُرجستو انسان پيراڻو ڳاهو جنھن جي زندگيءَ جو هر پھلو لطيف جي فڪر بيراءُ عمل لڳي ٿو. ”تتيءَ ٿڌي ڪاھ، ڪانھي ويل ويھڻ جي“ واري فڪر جو تسلسل سان هلندو ئي رهيو، ائين ئي هُو هڪ سچو پچو، نھايت نيڪ، باڪردار ۽ بااخلاق فرد سان گڏ هڪ بھترين استاد ۽ سماج سڌارڪ بڻجي ويو. ٿر جي اوائلي تعليمي ترقي لاءِ بي لوث خدمتون سرانجام ڏيندڙ جيڪي بہ مسڪين جھان خان کوسي کان وٺي، پنھون هميراڻي ۽ سنڀو هميراڻي تائين آهن، انھن مان پيراڻو ڳاهو بہ هڪ آهي. سائين جي تخليق جي هڪ هڪ سٽ مان انسانيت، برابري، غريب ۽ مظلومن لاءِ همت، حوصلو ۽ محبت ليئا پائيندي نظر اچي ٿي. سائين جي شاعري هارين ۽ مزدورن جو هڪ وڪالت نامو آهي، جنھن ۾ سائين هارين جي حقن لاءِ سراپا احتجاج بڻجي ڪيس لڙيو آهي، اهائي پنھنجي ڌرتي ۽ ڌرتي جي ماڻھن سان جيڪو بي لوث محبت جو جذبو آهي، اهوئي ماڻھوءَ کي تاريخ ۾ جيئندان بخشيندو آهي.

هُو جي ڏٺا ڏيھہ، ڪالھہ اُڃا مون ڪاپڙي،
سي اَڄُ لنگهيا لوءِ مون، دانھہ ڇڏي ديھہ،
هاريُون هُوءِ هڏيھہ، موئن ڪِين مَڪانَ تي.

استاد پيراڻو ڳاهو پنھنجو پاڻ سان اڪيلي سر ئي هڪ تحريڪ ۽ هڪ شاندار ڪاروان هو، جيڪو سڙيل ڳريل ۽ جمودي سماج ۾ مڙهيل، گهڙيل ۽ هٿ ٺوڪين رسمن رواجن جي جمود کي ٽوڙي مروڙي پنھنجي سفر هلندو رهيو. هن جاکوڙي انسان جي منزل هڪ اهڙو معاشرو هئي جنھن ۾ سرمائيدار، جاگيرداري ۽ وڏيراشاهي جهڙا فرسودہ نظام نہ هجن، جتي غريبن، مسڪينن ۽ اٻوجهن جي زندگي سولي ۽ سھنجي هجي، چوي ٿو تہ:

اي ”پيراڻا“ جلد ڏسندين، ظلم کي ويران تون،
ڀل هلائين ڏينھن ٿورا، قھر ڪاني صبح و شام.

گفتار حق مجموعي ۾ جيڪو بہ تخليقي پورهيو پڙهڻ لاءِ مليو، ان مان ائين ٿو ڀانئنجي تہ هي سموري تخليق سندس زندگيءَ جي تلخ تجربن ۽ شوخ حقيقتن جو باهمي نچوڙ آهي، جن کي ترنم، موسيقي، رڌم ۽ رواني بخشي تاريخ ۾ جياپو ڏئي ايندڙ نسلن کي اجاگر ٿيڻ جو درس ڏنو آهي. ان ڳالھہ ۾ ڪو بہ وڌاءُ نہ ٿيندو تہ جي کڻي چئون تہ ”مرحوم پيراڻو ڳاهو معاشري ۾ تبديلي پسند هڪ متحرڪ انقلابي شخص هو.
اڄوڪي وٺ وٺان واري دؤر ۾ جتي هر ماڻھو نوڪري، پگهار ۽ گاڏي بنگلي جي چڪر ۾ لڳل آهي. اتي پيراڻي صاحب نوڪري کي غلامي سمجهي ننديو آهي.
نوڪري تي ناز نادان ناھي جائز نيڪ ٿي،
نوڪري توڻي غلامي آهي معنيا هيڪ ٿي.

انھي مان اسان هو ڀلي ڀت ڄاڻون ٿا تہ پيراڻو صاحب لطيف واري فڪر جو ماڻھو هو، سائين جي شخصيت مزاجي سان لطيف جون اهي سٽون ڪيڏيون نہ ٺھڪن ٿيون:
اک الٽي ڌار، وئون الٽو عام سين،
جي لھوارو لوڪ وهي، تون اوچو ويھہ اُڀار،
منجهان نوچ نھار، ڀر ڀئيرو پرين جي.

هي شخص اوچ نيچ، مت ڀيد ۽ ذات پات جي فرقن کان ڪافي مٿانھين طبيعت جو ٿو لڳي. جنھن جو چٽو مثال ڪتاب گفتار حق جي صفحي 110 تي جيڪو حيدرآباد جي اسپتال مان پنھنجن اٻوجهن ڳوٺاڻن کي خط لکيو آهي، جنھن ۾ مرحوم پنھنجن پيارن سان گڏ اهو بہ لکيو اٿن تہ ”خدا ڪري عزيز، قريب، انڙ، ابڙا، ميگهواڙ سدائين خوش چڱا ڀلا رهن.“ انھي خط پڙهڻ سان اها ڳالھہ واضع ٿئي ٿي تہ مرحوم پيراڻو صاحب ڪنھن بہ سانچي ۾ بند ٿيل محدود سوچ جو قطعي نہ هو، بلڪہ هڪ تمام وسيع سوچ رکندڙ عظيم انسان پرست هو. جنھن جي شاهدي سائين امر ساهڙ هن ريت ڏني آهي تہ ”بھترين استاد ۽ هڪ عظيم انسان سائين پيراڻي ڳاهي جهڙا ماڻھو ئي هن مٽيءَ جو مانُ ۽ مرتبو وڌائين ٿا. اهڙن اڏول ۽ اڻمٽ انسانن کي ڪو بہ موت مات ڏئي نہ ٿو سگهي.“ هُو ٿر جي مٽي تي مظلوم ماڻھن جي ڏکن ۽ اهنجن لاءِ مسيحا بڻجي آيو هو ۽ پنھنجي سڄي حياتي ڏکيائين ۽ مشڪلاتن سان مھاڏو اٽڪائيندي پنھنجا حق وٺڻ لاءِ سينو تاڻي ڪم ڪندي تاريخ ۾ تاحيات امرتا ماڻي. وقت جي ورقن ۾ هميشہ زندہ آهي. اهڙن انسانن جي زندگي اسان جي لاءِ مشعلِ راھ آهي. اسان کي گهرجي تہ اسان بہ سندس فڪر موجب جستجو ڪريون ۽ ھھڙن عظيم انسانن جي ڪاميابين کي ٽريبيوٽ پيش ڪيون ۽ زندگي جي تلخ تجربن مان فيضياب ٿيون ۽ هن جي فڪر کي کڻي جهر جهنگ تائين ڦھلايون. اهڙي ريت فرقيواريت، جنونيت ۽ ڪٽرپڻي کي ختم ڪري عظيم ۽ اعليٰ انسانيت جي پرچار ڪريون.
مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
رهي اچجي راتڙي، تن جنگن سنديءَ جاءِ،
تنين جي ساڃاءِ، تُرهو ٿئي تار ۾.

**

ٿر جو آدرشي اُستاد سائين پيراڻو ڳاهو (محمد هاشم دل)

(34هين ورسيءَ تي خراجِ عقيدت)


سنڌ جي ڌرتيءَ تي ڪيترائي اهڙا اُستاد پيدا ٿيا، جن پنھنجي زندگي علم، ايمان، ۽ انسانيت جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي. انھن مان هڪ نالي وارو ۽ مثالي اُستاد، ٿر جي ڌرتيءَ جو فخر مرحوم اُستاد پيراڻو ڳاهو هو، جيڪو نہ رڳو تعليم جي ميدان ۾ روشن ڏيئو بڻيو پر استادن جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندي هڪ نئون دور شروع ڪيو.
سائين پيراڻو ڳاهو 1936ع ۾ ڳوٺ گُلو جو تڙ (تعلقو اسلام ڪوٽ، ضلعو ٿرپارڪر) ۾ محمد قاسم ڳاهو جي گهر ۾ جنم ورتو. هُو هڪ اٻوجهہ ۽ غريب گهراڻي سان واسطو رکندڙ هو۔ زندگيءَ جي شروعاتي دور ۾ ئي ماءُ ۽ پيءُ جو سايو مٿس کان کسي ويو، پر تقدير جي امتحانن هن ننڍڙي ٻار کي جهڪائڻ بجاءِ مضبوط بڻايو. يتيميءَ ۽ غربت جي باوجود هن تعليم سان محبت کي پنھنجو وسيلو بڻايو.

تعليم ۽ علم لاءِ جستجو
پنھنجي ابتدائي تعليم ديني مدرسن مان حاصل ڪئي، جتي قرآن پاڪ پڙهڻ دوران ئي علم جي روشني سندس دل ۾ گهري ٿي وئي. پوءِ پاڻ ڏيپلي ڏانھن رخ ڪيو، جتي قسمت کيس ارباب تاج محمد ۽ ارباب امير حسن جھڙن علم دوست شخصيتن سان ملائي ڇڏيو۔ اهي ئي شخصيتون سندس تعليمي سفر ۾ مددگار ثابت ٿيون. پاڻ پنھنجي خلوص، محنت ۽ عزت نفس سان هڪ مثال بڻيو.

استاديءَ جو سفر
تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ پاڻ استادي جي پيغمبري پيشي کي پنھنجي زندگيءَ جو مقصد بڻايو. استادي رڳو نوڪري نہ هئي پر هڪ مشن هو. پاڻ ڄاتو تہ تعليم ئي اها ڪنجي آهي، جنھن سان ٿر جھڙي پٺتي پيل علائقي جي تقدير بدلائي سگهجي ٿي. سائين پيراڻو ڳاهو پنھنجي ڀاءُ محمد برهان ڳاهو کي پڻ تعليم ڏيارائي اُستاد مقرر ڪرايو. علم جي روشني کي ورهائڻ ۾ هن پنھنجي ذات، وقت ۽ وسيلن کي وقف ڪري ڇڏيو.
استادن جي حقن لاءِ جدوجھد
سائين پيراڻو ڳاهو نہ رڳو هڪ مثالي اُستاد هو پر هڪ جرئتمند اڳواڻ بہ هو۔ هن پنھنجي ساٿين سان گڏجي پ- ٽ- الف (Primary Teachers Association) جو بنياد رکيو ۽ ان جو صدر منتخب ٿيو. اُن وقت ٿرپارڪر ضلعو ميرپورخاص جو حصو هو، ۽ استادن کي سخت مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پوندو هو. پاڻ ڪيترائي ڏينھن ميرپورخاص ۾ رهندي استادن جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندو رهيو. انھيءَ جدوجھد جو سڀ کان وڏو نتيجو اهو نڪتو، جو پاڻ ٿر جي استادن لاءِ ”هارڊ ايريا الائونس“ (Thar Desert Allowance) سرڪار کان منظور ڪرايو، جيڪو اڄ تائين استادن کي ملي ٿو۔ اهو ڪارنامو اُستاد پيراڻو ڳاهو کي سنڌ جي استادن جي تاريخ ۾ امر ڪري ويو.

علمي ۽ ادبي خدمتون
سائين پيراڻو ڳاهو علم سان محبت جو اظھار پنھنجي لکڻين وسيلي بہ ڪيو۔ پاڻ ٽي اهم ڪتاب تصنيف ڪيا، جيڪي ان دور ۾ وڏو علمي ڪارنامو هئا:
1. گفتارِ حق: سچ ۽ حق جي ڳالھہ تي ٻڌل ڪتاب، جيڪو سندس شخصيت جو ترجمان هو۔
2. صداقت الاسلام : اسلام جي تعليمات ۽ خالص عقيدي تي ٻڌل علمي ڪتاب جو اردو مان سنڌي ۾ ترجمون پڻ ڪيو.
3. مثالي گرامر: سنڌي ٻوليءَ جي گرامر تي لکيل ڪتاب، جيڪو اسڪولن ۾ نصاب طور پڙهايو ويندو هو.
اهي ڪتاب نہ رڳو علمي سرمايو آهن، پر سندس فڪري ۽ روحاني بصيرت جو بہ ثبوت آهن.

شخصيت ۽ اصول
سائين پيراڻو ڳاهو سچائي، ايمانداري ۽ اصول پسنديءَ ۾ بي مثال شخصيت هو. هو حق ڳالھہ چوندو هو، ڀلي ڪنھن کي نہ وڻي. سندس علمي ڪردار سان گڏ سماجي ۽ اخلاقي ڪردار بہ هر دل ۾ عزت جو مقام رکي ٿو.

سياسي ۽ سماجي ڪردار
ريٽائرمينٽ کان پوءِ پاڻ علائقي جي مسئلن لاءِ سياست ۾ قدم رکيو ۽ ارباب گروپ سان لاڳاپيل رهيو. ارباب امير حسن، ارباب فيض محمد، ارباب حاجي عبدﷲ ۽ ٻين وڏين شخصيتن وٽ سندس عزت ۽ احترام جو وڏو مقام هو. پاڻ يونين ڪائونسل جو ميمبر بہ رهيو ۽ علائقي جي مسئلن ۾ اڳڀرو رهيو.

خانداني ورثو
سائين پيراڻو ڳاهو پويان نيڪ اولاد ڇڏي ويو، جن سندس علمي ورثي کي زندہ رکيو.
سندس هڪ پُٽ اُستاد قبول ڳاهو تعليم جي ميدان ۾ سندس مشن کي اڳتي وڌائي رهيو آهي، جڏهن تہ ٻيو پُٽ شاعر نياز ڳاهو پنھنجي فن ۽ ڪلام وسيلي علم، محبت ۽ احساس کي زندہ رکيو آهي.

آخري لمحات ۽ وصيت
سائين پيراڻو ڳاهو پنھنجي زندگيءَ جي آخري لمحن تائين دين ۽ تعليم جي خدمت ۾ مصروف رهيو. 1991ع ۾ عيدگاھہ ۾ آخري وعظ دوران وصيت ڪئي تہ ”جيڪڏهن آءُ ايندڙ عيد تائين زندہ نہ رهيس تہ مون کي ڳوٺ جي ڀرسان دفنائجو، جيئن ماڻھن کي مڙھہ کڻڻ ۾ تڪليف نہ ٿئي.“ اها سندس انسان دوستي ۽ سادگيءَ جي انتھا هئي.پاڻ 19 آڪٽوبر 1991ع تي وفات ڪئي.

ورسيءَ جي مناسبت سان
هاڻي جڏهن سندس 34هين ورسي ملھائي پئي وڃي، تڏهن سڄو ٿر ۽ تعليم سان وابستہ هر دل سندس ياد ۾ جهومي ٿو. سائين پيراڻو ڳاهو صرف هڪ اُستاد نہ پر هڪ تحريڪ، هڪ فڪر، ۽ هڪ روشنيءَ جو نالو آهي، جنھن سان ٿر جو نسل بہ رهنمائي حاصل ڪري رهيو آهي.

دعا
ﷲ پاڪ سائين پيراڻو ڳاهو جي مغفرت فرمائي، سندس روح کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري، ۽ سندس اولاد کي توفيق ڏي تہ هو سندس علمي مشن کي جاري رکن.آمين.
**

پيراڻو ڳاھو (شھاب نھڙي/مٺي)

پيراڻو ڳاهو خوش قسمتي سان منھنجي من ۾ سائين پيراڻي ڳاھي تي لکڻ جي تمنا ان ڏينھن ڪَرُ کنيو آھي جنھن ڏينھن استادن جو عالمي ڏينھن آھي. پوري جڳ جھان جيان ٿر ۾ استاد جي عظمت تي تقريبون ٿي رھيون آھن. سچن کرن ۽ مثالي استادن کي مڃتا ڏني پئي وڃي. سائين پيراڻي ڳاھي جو شمار ٿر جي اوائلي ۽ فرض سناش ٿئي ٿو. سائين پيراڻي پوري ڄمار ٿر جي جهڳين ۾ علم ۽ ادب جو ڏيئو ٻارڻ جي جستجو سان گڏ استادن کي حق ڏيارڻ ۽ انھن جو تحظ ڪرڻ ۾ گذاري، سائين پنھنجن ساٿين جي سھڪار سان ٿر ۾ پ-ٽ-الف جو تنظيمي بنياد رکيو. ھن تنظيم جي پليٽ فارم تان ٿر جي استادن کي ڊيزرٽ الائوس مليو. سائين پيراڻي ڳاھي جي جي جيون خاڪي تي نظر ٿا وجهون ٿا تہ حيرت ٿئي ٿي، سائين ڏک ڏاکڙا ڏسي ڪھڙي ريت پنھنجي زندگي سڦل بڻائي.
ٿر جي ڳوٺ گُلو جي تڙ جي رھواسي محمد قاسم ڳاهو جي گهر ۾ 1936ع ڌاري وڏي جنم وٺندڙ پيراڻي ڳاھي وڏي محنت سان مھانتا ماڻي. سائين پيراڻو اڃان ننڍپڻ جي وهي ۾ هئا تہ سندس امڙ ۽ والد صاحب هن فاني دنيا کي الوداع ڪري ويا، سندس ٻہ وڏا ڀائر پورهئي تي مال چاريندا هئا، سائين يتيمي واري زندگي ۾ ڳوٺ هوٿي جي تڙ جي مدرسي ۾ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آيا، پوءِ سندس ڀاءٌ برهان ۽ پاڻ گڏجي استاد محمد محسن هنڱورجي جي شفقت سان ڳوٺ ڏيپيار ۾ پرائمري پرائمري لڳا. پنجون پاس ڪرڻ کان پوءِ برهان وري گهرو ڪم ڪار لڳي ويو، سائين پيراڻو اڳتي پڙهائي جي لاءِ ڏيپلي آيا، ڏيپلي ۾ ارباب تاج محمد جو فرزند ارباب امير حسن سندس ڪلاسي بڻيا. ارباب صاحب جو سٿ وڏي وٿ بڻيو. ارباب تاج محمد سائين پيراڻي کي پڙهائي جي خرچ ۾ مدد ڪرڻ شروع ڪئي. سائين پيراڻو ۽ ارباب امير حسن شام جو گڏجي پڙهندا هئا. ارباب امير حسن سائين پيراڻي کي ساٿي کان وڌيڪ جي حيثيت ڏيندا هئا. اربابن جو سھڪار ملڻ سان سائين پيراڻي پنھنجي ڀاءُ برهان جي پڙهائي شروع ڪرائي. پڙهائي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ استاد جي پيشي کي اختيار ڪيائون. هڪ شفيق ۽ سچي استاد طور فرض سر انجام ڏيندي ڪيترن غريب مسڪين شاگردن کي پڙهائي زندگي جا نوان دڳ سيکاريائون. 1982ع ۾ رٽائر منٽ وٺي سياسي سماجي ڪرت ۾ جنبي ويا. بلدياتي چونڊ مختلف وقتن ڪائونسلر بڻيا. راڄ ڀاڳ ۾ سندس مزاج ملنسار ۽ راڄوڻي رهيو. ڪڏهن سان ڪا بي واجبي نہ ڪيائون نہ ڪنھن کي ڪرڻ ڏنائون. سائين پيراڻي ڳاهي نوڪري دوران ٽي ڪتاب ڇپرايا. هاڻي ڇپرائڻ سکيو ٿي پيو آهي پر ان وقت ڏکيو هو. سائين جي ڪتابن ۾ هڪ ”گُفتار حق“ ٻيو ”صداقت الاسلام“ ۽ ٽيون ”مثالي گرامر“ شامل آهن . ”مثالي گرامر“ ان وقت جي نصاب ۾ اسڪولن ۾ پڙهايو ويندو هيو. ”گفتار حق“ سندس شاعري جو مجموعو آهي .جنھن جو ڇھون ڇاپو سندس لائق فرزند نياز ڳاهي جي ڪوششن سان ڇپيو. ”گفتار حق“ نالي سان جنھن جي مھورت اسلام ڪوٽ ۾ رکي وئي اسين سڀ دوست شريڪ ٿيا هئاسين.
**

اڄوڪا ميلا

اسان جو شاھ تون آھين گدا آھيون تنھنجي در جا،
تنگيء سوڙيء ۾ ٿينداسون طالب سندء در جا.
اسان مڃيو محمدصہ آ اسان جو رھنما روشن،
اسين آھيون ۽ رهنداسون پاسي پاڪ سرور جا.
وھابي ڀل چون مونکي انھيءَ جو خوف ڪو ناھي،
نہ پوڄاري ڪڏھن ٿينداسون اھل قبر جا.
ڀڄن ٿا بيحيا ڪاھيو رنون پنھنجيون مقامن تي،
انھيءَ زيارت ۾ پسجن ٿا عجب احوال ان پڙ جا.
زيارت ڪن جي ڄارين ۾ ليون لاڻا ڪني جانچيا،
ڀريل ھوندا ڀٽارين سان وڏا ويڙھا ڪني ڀر جا.
ڪڙڪ ڪٺمال بازو بند ھسي منڊيون ۽ چندن ھار،
وسائينديون پائي ويڙھا پسي روئي پنھنجي دلبر جا.
وصل جو آب ميلي ۾ سڪايل کي ملي ويندو،
جنين جي دل م ھو جيڪي اجي حاصل ٿين درجا.
لکان ڪھڙيون ڪھاڻيون مان پڇاڙي جي نتيجن جون،
اشارن سان مٿي ميلن اچن آواز سر سر جا.
ھئا بيشڪ سڀئي ڪامل رچائي وقت ويا مانجهي،
سدا ٻانھا سچا صادق ھئا ﷲ اڪبر جا.
پٺيان بي دين بڇڙن ھي ٺڳيءَ جو ٺاھ اڄ ٺاھيا،
محض ڪوڙا ڪسب آھن رڳي ڦر ۽ تڪبر جا.
سچن لاءِ شل محبت ھئي ججهي پيراڻي جي دل ۾،
مخالف آھي انھن جو جي آھن رشتہ منڪر جا.

استاد پيراڻو ڳاھو (لاکو موسيپوٽو)

ٿررُڳو بر ناھي ٿر رُڳو اڌسُڪل وڻن پياسي واري جي ڀٽن ۽ ويران واٽن وارو وارياسو علائقو ناھي ، ٿر رُڳو مسڪيني جي ماريل ماُرو ماڻھن جو ملڪ ناھي ٿر رُڳو ڏُکن جو ڏيھ ناھي جتي ڏولاون جا ڏوراپا ۽ ڏُڪار جا ڏس ڏُور کان ئي ڏسڻ ۾ اچن ، ٿر رُڳو دردن جو ديس ناھي جتي مجبوريون تنگدستيون ۽ اڻھوند مارُوئڙن جي اوٽي تي رقص ڪن ٿيون ، جتي بيوسيون بکون ۽ بيماريون لڏو لاھي اوطارا اڏي ويٺيون آھن پر معدنيات سان مالامال ھن خطي جي پياسي واريء ۾ سدائين اھڙا جرڪندڙ ذرڙا بہ پيدا ٿيندا رھيا آھن ، جيڪي علم ادب شاعري لوڪ سائنس لوڪ ادب لوڪ راڳ ، توڙي شعبہ زندگيء جي ھر ميدان ۾ ڪامياب پئي رھيا آھن
ڀلي اھي ماڻھو ھن وقت اسان وٽ موجود نہ بہ ھُجن ، پر سندن حالات زندگيء جي معلومات موجود آھي ، سا بہ سُگهڙن جي دل ڪتاب جي ورقن ۾ دفن ٿيل آھي ، جنھن کي ٻُڌڻ سان ھرڪادل دادڏيڻ کان سواء رھي نہ سگهندي ، اھڙن ماڻھن مان ڳوٺ گلوء تڙ جو پيراڻو ڳاھو بہ ھڪ هو
پيراڻو ڳاھو ڳوٺ گلوء جو تڙ ۾ 1936 ع ڌاري پيدا ٿيو ، سندس پيء جو نالو محمد قاسم ھو ، ذات جو ڳاھو ھو ، پوء پاڻ تر ۾ ماستر پيراڻو ڳاھو جي نالي سان مشھور ٿيو ، گلو جي تڙ جا ڳاھا آس پاس ۾ مشھور آھن ، پر پيراڻو ننڍي ھُوندي کان مُختلف طبيعت جو مالڪ ذھين ۽ ڏاھو ڇوڪرو ھُوندو ھو پيراڻي جو ننڍپڻ جواني تعليم جي باري ۾ تہ اڳ ۾ ئي لکجي چڪو آھي ، جيئن تہ پاڻ ٻين ڪيترن ئي خوبين جو مالڪ ھو ، ھوئن تہ ھر انسان بيڪ وقت خامين ۽ خوبين جو مجموئو ھُوندو آھي ، پر ڳالھ آھي صلاحيتن کي مثبت رخ ۾ استعمال ڪرڻ جي، جيئن اُنھن کي انسان ذات جي فلاھ و بھبود ڀلائي ۽ محبت لاء ڪتب آڻي سگهجي، رُڳو سُٺائي جو ھُجڻ بہ فائدي مند ناھي جيسين اُن کي ڪم ۾ نہ آڻجي، ڪنھن کوھ جو پاڻي تہ مٺو آھي پر تڙ جو منھن ڍڪيو پيو آھي تہ مٺو پاڻي ڪنھن بہ ڪم جو ناھي ، تہ سموريون انساني سوچون سمجهہ صلاحيتون بہ ايئن ئي آھن ، اگر ڪو ماڻھو اعلى دماغ رکي ٿو پر سُٺي ڪم ۾ نٿو آڻي تہ اھو بہ ڪنھن ڪم جو ناھي
وکر سو وھاء جو پئي پُراڻو نہ ٿئي
سو پيراڻي ڳاھي پنھنجي پنھنجي ڏات عقل ۽ سمجهہ کي بہ سڀني ماڻھن لاءِ بنان ڪنھن ننڍ وڏائي اوچ نيچ واري فرق جي ڪم ۾ آندو، اُن وقت ۾ ھُو ايترو مقبول ھو جيترو اڄ جو ڪو ايم پي اي بہ ناھي، ڪڏھن ڪڏھن ڪن خاص موقعن تي سئو کان ڏيڍ سئو اُٺ گهوڙا ۽ ماڻھن جي قطار سندس پُٺيان ھُوندي ھُئي، پيراڻي ڳاھي جو اُٺ اڳيان ھُوندو ھو ، قد جو ڇوٽو رنگ ڪارڙو نيڻين نڪين ٿورو ارُوکو معمولي درجي جو پرائمري ماستر پيراڻو ڳاھو، جڏھن ڳالھائڻ شروع ڪندو ھو تہ وڏن وڏن آفيسرن ۽ وڏن وڏن ماڻھن جون ڇھيون ڇُٽي وينديون ھُيون، قُدرت منجهس ڪا مڻيان وڌي ھُئي. ڪنھن کي بہ پيراڻي اڳيان ڳالھائڻ جي ھمت ئي ڪانھ ٿيندي ھُئي.

اڏيءَ تي اوھان کي پڪاري ڇڏيوسين،
مري خود اوھان کي جياري ڇڏيو سين.
اسان کي ڇڏيو تہ موجن سان اُلجهون،
اوھان کي ھلي ڪناري ڇڏيو سين.

ھُو اُن وقت جو وڏو ماڻھو ھُوندو ھو ، سندس واسطہ بہ وڏن ماڻھن سان ھُوندا ھُئا ، پر ڀلي ڪيترو بہ غريب ھُجي پيراڻو ڳاھو کيس تمام ادب سان کلي کينڪاريندو ھو، ھُو غريبن سان گڏ غريب ٿي ويھندو ھو ، مسڪين ماڻھو بہ ساڻس بي حد پيار ڪندا ھُئا، اُن جو اندازو اُن مان بہ لڳائي سگهجي ٿو تہ سندس ٻني جي ڇيڙ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻہ سئو کان پنج سئو ماڻھو، دھل وڄائڻ وارا ڳائڻ وارا سازندا سُگهڙ ھمرچائي مطلب تہ جھڙو ڪاڄ ھُجي ، ڇيڙ نہ پر ڄڻ ڪا وڏي محفل متل ھجي ڪچھريءَ جو ڪوڏيو ھُوندو ھو وٽس سدائين رھاڻ ھُوندي ھُئي، سنڌ جي ثقافت سان حد درجي جو پيار ڪندو ھو، گلو جوتڙ تي ھر مھيني ملاکڙو لڳائيندو ھو، جنھن ۾ ڀلا اُٺ گهوڙا ٻيلاڙو ۽ ملھہ پھلوان اچي ڀيڙا ٿيندا ھُئا ۽ پنھنجي پنھنجي فن جو مظاھرو ڪندا ھُئا.
سندس شاعري جو ڪتاب گُفتار حق توھان بہ پڙھيو ھُوندو، سندس ٻيو ڪتاب گرامر تي لکيل آھي، الاھي سارو مواد اڃان اڻڇپيل حالت ۾ آھي، پاڻ شاعر ھُجڻ سان گڏ بھترين ڊرامہ نويس صداڪار ۽ اداڪار بہ ھو ، ڪيترن ئي اسڪولن ۾ شاگردن سان گڏجي ڊرامہ ڪيائين، ھُو راڄن جو نيڪ مرد بہ ھو نيا نبيريندو ھو.
ھڪ ڀيري سندس ڳوٺ ۾ سندس ئي پاڙي ۾ ڪنھن ماڻھوء جو زيور گم ٿي ويو ، ڳچ ڏينھن ڳولا ڪئي وئي پر نہ ملي سگهيو ، پيراڻو ٻھڙاڙيءَ ڏانھن ويل ھو، زيور مالڪ زيور ھٿ ڪرڻ لاءِ ڳھڻو وجهايو، سرڙيء ساڳي پاڙي جي ھڪ شخص جي گهر جي نشاندھي ڪئي، ڳوٺ جا سڀ ماڻھو اچي گڏ ٿيا، سرڙي چوي تہ زيور ھن ھمراه جي چونري ۾ پيتيءَ ۾ پيو آھي، ڳوٺاڻن چيو تہ ابا يا اھو زيور کڻي اچ يا گهر جي جهڙتي ڏي اھو ماڻھو چوي تہ ، مون وٽ زيور آھي ئي ڪونہ تہ ڪٿان کڻي اچان.ڳالھہ وڌي وئي، گلو جي تڙ جا ڳاھا پاڻ ۾ لٺيون کڻي ٻاھر نڪري آيا، ايتري ۾ پيراڻي اچي اوطاق تي اُٺ جهيڪيو، ماڻھن جو گهمسان ڏسي سڀني کي سڏ ڪيائين، تفصيل پڇيائين، سرڙي دڙي بيٺو.
پيراڻي سڀني کي ويھاري چانھہ پياري ۽ پوءِ سرڙي کان پُڇيائين توکي ٿي ٿينديء جي بہ خبر پوي ٿي؟
سرڙيء چيو بلڪل
تہ پوءِ اسان جي ڪا شيءِ ھتان کڄي وڃي تہ تون ٻُڌائيندين تہ اھا ڪٿي آھي؟
سرڙيء چيو ھا منٽ ۾.
۽ پوء پيراڻي ڪوپ کڻي ھڪ ڇوڪري کي ڏنو ۽ چيائين وڃ وڃي ڪٿي لڪائي اچ، ڇوڪرو ڪوپ لڪائي آيو.
سرڙي کي چيائين، ھاڻ تون ٻڌاءِ اھو ڪوپ ڇوڪرو ڪٿي لڪائي رکي آيو آھي؟
سرڙي گهڻائي حيلا ھلايا، چيائين اُن لاءِ رات جو پڙھائي ڪرڻي پوندي، اڪيلائي ۾ ويھڻو پوندو، اونڌه ۾ مؤڪل گُهرائڻا پوندا، پيراڻي چيو ڀلي جيئن وڻئي تيئن ڪر پر فقط ڪوپ ظاھر ڪر تہ پوءِ مڃون تہ زيور واري ڳالھہ بہ سچي آھي.
نيٺ سرڙيء اُتي جو اُتي قبوليو تہ ھُن ڪُجهہ پئسن جي لالچ ۾ اچي ڌُڪو ھنيو، زيور تہ پوءِ مالڪ جي گهر مان ئي ڪنھن جڳھہ تان ملي ويو، پر پيراڻي جي عقلمنديءَ سان اھو جهيڙو ٽري ويو. نہ تہ سرڙي ڪن کي اکر ڪن کي وير مُٺ ٻُڌائي سادن ۽ اٻوجهہ ماڻھن کي ھڻي ويڙھائي وجهندا آھن.
سو پيراڻي ڳاھي جا ڪيترائي اھڙا فيصلا آھن جن کي ٻُڌي پھرين تہ توھان کي کل ايندي، پر آخر ۾ سندس عقل ۽ سمجهہ تي حيران ٿي ويندا.
مون تہ کيس عمر جي پڇاڙي واري ڏھاڪي ۾ ڏٺو ھو تڏھن لڳو ايئن پئي تہ پاڻ ڏاڍو محنتي شاگرد رھيو ھُوندو، ھڪ ڏينھن اسان جي اسڪول ۾ آيو ھو تہ اسان جي اُستاد کي اڻپور جا مُنجهيل سڌيان منٽ ۾ زباني حل ڪري ٻُڌايائين، جن کي سمجهڻ لاءِ اسان ڪيتريون ئي ڪلڪون سليٽن تي گسايون ھُيون.
سندس سدائين اھائي ڪوشش ھُوندي ھُئي تہ علم ۾ واڌارو ٿئي، غريبن جا ٻار پڙھن، جنھن جو برمله اظھار ھُن پنھنجي شاعريء ۾ بہ ڪيو آھي. 1965 ع جي پاڪ ڀارت جنگ جيڪا فوج عوام شاعرن اديبن، مطلب تہ ھر فن سان وابستہ ماڻھن پاڪ فوج سان گڏ پنھنجي ھُنر ۽ فن سان وڙھي ھُئي. پيراڻي ڳاھي بہ پنھنجي شاعري کي ھٿيار بڻائي دشمن سان پنھنجي حصي جو مقابلو ڪيو، اُن وقت اسڪولن ۾ ۽ عام ماڻھن ۾ جوش جذبو ۽ ولولو جاڳائڻ لاء بہ ڪافي نظم لکيائين، جنھن جي اُن وقت قوم کي سخت ضرورت ھئي، ڇوتہ ٿر ۾ اُن وقت مواصلات جا ذريعا محدود ھُئا.چوي ٿو:

جن وڪيا ڀُڄيا پڪوڙا،
تن خبر ڇا جنگ جي،
يا سندس ھي سٽون،
مرحبا آھي وڌي ويو ، شان پاڪستان جو،
مرعوب ٿي ويو ميل ۾ ڏيل ھندستان جو،
لال بھادر چاڳلا، جت ھُجي پڙ ۾ ايوب.

پاڪ فوج جي بھادري شُجاعت ۽ وطن تان سر قُربان ڪندڙ سپاھين ۽ پاڪ فوج لاءِ عوامي حمايت جذبي ۽ اُمنگن کي خراج تحسين ۽ سلام پيش ڪندي چوي ٿو:

شھرين کي، فوجين کي، شھسوارن کي سلام،
پاڪ جي ھن پاسبانن، جانبازن کي سلام.


جنگ ختم ٿي، ھندستان ھارائي ويو، پاڪستان سوڀارو ٿيوتہ پيراڻو ڳاھو خوش ٿي چوڻ لڳو:
ٽئنڪ ٽوڙيندڙ اسان جي پھلوانن کي سلام
وقت گُذرندو ويو ، وقت سان گڏ پيراڻي ڳاھي جي ھاڪ تر ۾ مشھور ٿيندي وئي ، سندس اوطاق ماني جي ڳالھہ سڃي تر ۾ ڪئي وڃي ٿي، گروئو ميگهواڙ اڪثر چوندو آھي.
ھُو سدائين پنھنجن جي سازشن جو شڪار بہ ٿيو، پيراڻي جي حياتيءَ جا پڇاڙڪا سال ڪُجهہ تڪليف دہ گُذريا، پر پاڻ ڪڏھن بہ ڪنھن سان ڪا شڪايت ڪونہ ڪيائين، ھي جھان فاني آھي، جيڪو ٺھيو آھي سو ضرور ڀڄندو،
فاني ڙي فاني دنيا دم ھيڪڙو،
لٽي لوڙھ لتن سين جوڙندئي جاني،
ڪوڏر ۽ ڪاني آھي سر سڀ ڪنھن.

پيراڻو ڳاھو آڪٽومبر سال 1991 ع تي ڳوٺ گلوءَ جو تڙ ۾ وفات ڪري ويو، کيس پنھنجي اباڻي ڳوٺ جي قبرستان ۾ وصيت مطابق مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
**

قيمتي قول

فائدہ فيلسوفن جي عجب اعلان مان،
تڙ جھالت جي علامت ملڪ پاڪستان مان.
ڀيٽ تيرٿ نيڪ سيرت جو ۽ ٿي تون داد رس،
پھلواني ڪامراني سک ادا قرآن مان.
ڪيم بيجا گفتگو ڪر کاءُ ٿورو ادب ڪر،
عقل عاقل کان وٺج حڪمت سکج لقمان مان.
درد ۾ ڪر صبر ۽ سک ۾ ڪر شڪر اي اخي،
مئن مان عبرت چڱائي سک چڱي انسان مان.
نيڪ نيت رک عزيزم ۽ سخي حاتم مثل،
بيپرواهي ۽ وڏائي ڪيم سک ڪنھن خان مان.
ڪر عبادت حق سندي سر ڀلي هليو وڃي،
ناحق پاسي ٿيڻ سان ٿيندين شيطان مان.
ڪر عبادت حق سندي رک غازن ساڻ نينھن،
آسرو مغفرت جو لاهج ڪو نہ تون منان مان.
اي ”پيراڻا“ ادب سان ڪر التجا تون عفو لاءِ،
ڏيندو توکي گنج سچ پرور تہ پنھنجي دان مان.

**

استاد پيراڻو ڳاهو جي زندگي جا ڪجهہ واقعا (محمد قبول ڳاھو)

هونئن تہ جيڪر ويھي زندگي جي واقعن تي لکبو تہ هڪ ڪتاب ٺھي ويندو ليڪن هتي آئون ڪجهہ مختصر واقعا بيان ڪريان ٿو. بقول سائين فتح محمد مڏو جي تہ ڳوٺ ٽڳٺيو جي رھواسي تہ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ اسان جي هڪ ماڻھو حج جو فارم ڀرايو هو جيڪو آخري ڏينھن تي ڪجهہ ڪاغذن تي صحيحون نہ هئڻ ڪري اهو رد ڪيو ويو ۽ اسين ميرپورخاص ۾ عثمانيه هوٽل تي آياسين، جتي سائين پيراڻو ڳاهو اڪثر رهندو هو ۽ پنھنجي هڙان وڙان خرچ ڪري ٿر جي ماڻھن جا مسئلا حل ڪرائيندو هو . اسان جڏهن سائين پيراڻو ڳاهو سان حقيقت ڪئي تہ سائين بروقت اسان کان ڪاغذ کڻي روانو ٿيو ۽ ٻن ڪلاڪن کانپوءِ موٽي اچي اسان کي مبارڪ ڏنائين تہ توهان جو فارم بحال ٿي ويو ۽ سڀاڻي توهان جي ماڻھو جي بحري جھاز ۾ سيٽ بوڪ آهي. اسان سائين جو شڪريو ادا ڪيو. ائين هڪ ڳوٺ (جُهن) جو هڪ پوڙهو شخص جنھن جو نالو هاڻي منھنجي ذهن ۾ نہ آهي جنھن 1996ع ۾ مٺي ۾ هڪ هوٽل تي منھنجي سڃاڻپ کانپوءِ چيائين تہ سائين پيراڻو ڳاهو 1983/84 دوران مونکي گاڏي ۾ سفر دوران مليو ۽ حال حقيقت کانپوءِ مون چيو تہ سائين مون توهان جو نالو ٻڌو آهي اڄ ملاقات بہ ٿي، آئون هڪ غريب ماڻھو آهيان، منھنجو ڇوڪرو مئٽرڪ پاس آهي تنھنڪري اسانکي ڪا نوڪري وٺي ڏيو، سائين چيو توهان مٺي پھچي ڪاغذ مونکي ڏيو، مٺي پھچي مون ڪاغذ سائين کي ڏنا ۽ آئون ڳوٺ هليو ويس. 4/5 ڏينھن کانپوءِ مونکي منھنجي ڳوٺ جي گاڏي ۾ ڳوٺ اچي هڪ لفافو مليو، جڏهن پڙهڻ لاءِ مون پنھنجي پٽ کي ڏنو تہ انھيءَ ۾ هڪ آرڊر پرائمري استاد جو ۽ ان سان گڏ سائين پيراڻو ڳاهو جو خط هو ۽ منھنجو پٽ پرائمري استاد ٿي ويو. اسان سائين کي دعائون ڏنيون. (پاڻ اڄ بہ ﷲ ڏنو وري سڀاڻي ڏيندو ﷲ) توڪل واري زندگي گذاريندا هئا. 1989ع ۾ منھنجو پرائمري استاد طور آرڊر ٿيو ۽ آئون بابا سان گڏ ميرپورخاص فٽنيس سرٽيفڪيٽ وٺڻ لاءِ ويس، واپسي ۾ اسان ڊگهڙي شھر ۾ لٿاسين، اتي خان هوٽل جيڪا اڄ بہ ساڳي جاءِ تي هلندڙ آهي، انھي هوٽل تي بابا مانيءَ جو آرڊر ڏنو، پاڻ هميشہ سٺو کائيندا ۽ سٺو کارائيندا هئا. اسان ماني کائي جڏهن بل ادا ڪيو تہ ان وقت اهو بل 100 روپين کان ڪجهہ مٿي هو، جڏهن تہ پاڻ وٽ کيسي ۾ 100 روپيہ هئا. هوٽل وارو واقفڪار هئڻ ناتي چيائين سائين ڪا ڳالھہ ناهي ٻئي دفعي مٿيان پئسہ ڏيئي ڇڏجو. جڏهن هوٽل کان ٻاهر نڪتاسون تہ مون چيو هاڻي پاڻ وٽ ڪرايو بہ نہ آهي ڇا ڪنداسون تہ مونکي پاڻ چيائون بابا ماني بہ ﷲ ڏني ۽ ڪرايو بہ ﷲ ڏيندو تيستائين پويان ڪنھن همراھ سائين پيراڻا چئي پڪاريو ۽ ڊوڙي اچي مليو ۽ اسان کي واپس ساڳي هوٽل اندر وٺي هليو ۽ چانھ پياري چيائين سائين مون ڪنھن ڪم لاءِ توهان کي عرض ڪيو هو تہ پاڻ يڪدم پنھنجي پاتل ڪوٽ جي اندرئين کيسي ۾ هٿ وجهي ڪجهہ ڪاغذ ڪڍي چيائين هي تنھنجو ڪم هي انھي جو آرڊر منھنجي اندازي موجب اهو روينيو جو ڪو ڪم هو، مون محسوس ڪيو تہ اهو ماڻھو خوشيءَ ۾ نہ پئي ماپيو ۽ هڪدم 500 روپيہ ڪڍي چيائين سائين هي آئون توهان کي مٺائي ڏيان ٿو، بابا جي انڪار جي باوجود هُنَ اهي پئسا کيسي ۾ وجهي هٿ ٻڌي دعائون ڏيندو هليو ويو ۽ بابا مونکي چيو ڏس ماني بہ ﷲ ڏني ڪرايو بہ ﷲ ڏنو.
پاڻ اوطاقي سخي مرد بہ هئا. بقول سچو ميگهواڙ جيڪو اسان جي ڳوٺ جو ۽ حال حيات بہ آهي تہ سائين پيراڻو هميشہ اوطاق تي تمام ديسي ۽ لذيذ کاڌا تيار ڪرائي مھمانن کي کارائيندو هو، جنھنڪري ان وقت جي هڪ (ڪوٽار) جيڪو تپيدار جو پٽيوالو هوندو آهي جنھن هڪ پھاڪو ٺاهيو تہ ڏانٽو ۽ گاه -لڻ ۽ پيو کاءُ- واھ پيراڻا ڳاها - پر اسان جو بہ لاپو آيو اوهان کي (لاپو) ڍل جڙ وصولي وقت تپيدار ڪوٽار لاءِ وٺندا هئا تہ اڪثر اهو ڪوٽار ديسي ڪڪڙ ۽ ديسي کاڌا کائي
اهو پھاڪو ڏيندو هو جيڪو اڄ بہ مشھور آهي. ﷲ پاڪ شال جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي، (آمين).
**

نيچ نوڪري

نوڪري تي ناز نادان ناھ جائز نيڪ ٿي،
نوڪري توڻي غلامي آھي معني ھيڪ ٿي.
مرضي آہ مخدوم جي خادم کي جيڏھن موڪلي،
تئن ڇلن ڇڙواڳ ٿي کي زيردستن ڇيڪ ٿي.
خادمن کان خوش ٿيڻ مخدوم کي وسري ويو،
ظالمن جي ظلم جي آ زبردستي ٺيڪ ٿي.
تون ڊيوٽي حق بجانب ٿو ڏئين اي بيحيا،
شان گهرجي تان اسان وٽ اچ ھزارين ڇيڪ ٿي،
ڇڏ ڊيوٽي کي اڄ جنھن جي نہ اڄ درڪار آه،
پر اسان وٽ تون اچج ملبوس منجهہ سگريٽ ٿي.
ڪون بنگلو ها ٻيو سگريٽ مونکي کپي،
پر اچج ڪئفٽن يا برڪلي پاڪيٽ ٿي.
پر انھن سان گڏ ھجي ڀل چانھ جا ٽي چار ڪوپ،
تنھن سان گڏ مسٽر اڳيان سائو مٺائي ڪيڪ ٿي.
چاپلوسي جو سبق سک جو وقت تي ڪم اچي،
پوءِ ھميشہ خوش رھندين شاھ شاھي سيٺ ٿي.
جي ھلندين حق مٿي سامان مذڪوره ڇڏي،
تان سڀئي ساڙيندا توکي باھ وارو سيڪ ٿي.
گوسڙو رولو چوندا توکي بالا تو سندا،
۽ ڪري بدلي جي بارش سچ ڪھندا تيغ ٿي.
اي ”پيراڻا“ چاپلوسي ۽ خوشامد کي وڍيج،
ڀل تڙن بالا مگر تون قوم لئي اڄ ٽيڪ ٿي.

**

غريب جي زندگي

ڪيئن ٿي گذري بيڪسن جي زندگي صبح و شام،
جنھنجي گهر ۾ هلي بک جي ڪھاڻي صبح و شام.

ان جي داڻي واسطي بيتاب ٿيا مسڪين جي،
رحم جي بدران تنھن تي حڪمراني صبح و شام.

فعل ۾ غرقور ٿيا مسڪين جي هر وقت ۾،
تہ بہ زميندار جي تن تي ظلمراني صبح و شام.

ڇا دنيا مان ويو ڦٽي سک صرف هاري سندو،
جنھنکي ٽڪ تي ناھ لکيل بصر ماني صبح و شام.

ٿا مُجيري ملڪ هاريءَ تي سڏائين معتبر،
جنھنجي موڙي تي ٿا ڪن ڪامراني صبح و شام.

ياخدا تون رحم ڪر مسڪين هن مزدور تي،
تنھنجي آهي هر بندہ تي مھرباني صبح و شام.

اي ”پيراڻا“ جلد ڏسندين ظلم کي ويران تون،
ڀل هلائين ڏينھن ٿورا قھر ڪاني صبح و شام.

**

آخري خط جو متن

حيدرآباد جي اسپتال مان مرحوم پيراڻي ڳاهي ۽ سندس ڀاءُ مرحوم برهان ڳاهو جو عزيزن، دوستن، راڄ ڀاڳ ڏانھن لکيل آخري خط جو متن:
786
19-05-1991
نورچشم بنھہ پيارا ٻچا محمد قبول، اڪبر، خالد سمورا عزيز

اسلام عليڪم

اسان طرف هر طرح خير آهي، خدا ڪري عزيز، قريب، انڙ، ابڙا، ميگهواڙ سدائين خوش چڱا ڀلا هُجو.
بابا رب ڪري بيماري ڪنھن کي نہ ملي، آئون حيدرآباد جي اسپتال جي ڪمري نمبر 9 مان عرض ڪري رهيو آهيان، تمام خوش آهيان، ماني هضم ٿئي پئي، پر هاڻ پريشاني جو ڪو بہ سبب نہ آهي، نہ وري پئسي جي ضرورت آهي؟
ڳڻتي آهي تہ صرف ٻچڙن جي آهي، اجازت ملي ٿي تہ اڏاميو اچان، باقي ڪو بہ فڪر نہ ڪندا. رب پاڪ اڳيان جماعت کان دعائون گهرائيندا.
آئون برادرم بُرهان رهون ٿا. اميد تہ 25 تاريخ کان اڳ انشاءَ ﷲ پھچي وينداسون، سلام محترمي حاجي صاحب، سليمان، سئلو غفور، ابراهيم، محمد الرحيم، ابراهيم اُنڙ کي چوندا.
پيراڻو چڱو ڀلو آهي پر ڊڄڻو آهي پر هينئر بلڪل چڱو ڀلو ٺيڪ آهي. داخلا حيدرآباد ۾ سول اسپتال ۾ ورتي آهي، بيماري آهي ڪو نہ باقي مُڙس تمام خوش آهي، ٻيو سڀ خير آهي، پئسہ جام آهن، ڪا بہ پريشاني جي ضرورت نہ آهي.

دعاڳو
پيراڻو ڳاهو ۽ محمد برهان ڳاهو
**