حق ۽ واسطا اداري ۽ ليکڪ وٽ محفوظ.
ليکڪ: محمد علي پٺاڻ
ڪمپوزنگ: روشني پٺاڻ
لي آئوٽ: سيد آفاق علي شاھہ
ڇاپو پھريون: 2026ع
ڇپائيندڙ: روحي پبلشرز، ڪراچي
ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2026ع
ھن ڪتاب ۾ ٻہ سئو مختصر نثري نظم شامل آهن. هنن نظمن جي خوبين ۾ خوبصورت ۽ سولي ٻولي، سھڻيون تشبيھون، ڇرڪائيندڙ استعارا تہ آهن ئي پر ھنن نظمن ۾ ڪٿي لفظن، استعارن، ترڪيبن، تمثيلن ۾ لڪل سِٽائر/چُڀندڙ طنز آهي تہ ڪٿي تنقيدي سونٽو وهائي ڪڍيل آهي. نظمن ۾ اڻ کُٽ موضوع آھن. ھن ڪتاب ۾ احساسن جي گَھرائي آھي تنھنڪري ھيءُ ڪتاب پڙهندڙ کان تڪڙ نہ، پر توجھہ ۽ غورُ گُهري ٿو.
ھيءُ ڊمي مواد آھي توھان ھِي ڏٺو آھي؟؟
---
حق...
چوين ٿو، “چڱائي ڪري
گهُٽو ٿو ڏيانءِ”
“تارا ڦوٽارڻ تہ
منھنجو حق آهي نہ...”
(12 جون 2025ع)
-*-
اسان کي ساهُہ کڻڻ ڏيو...
جن بہ قرض کنيا
تن کان
حساب وٺو،
اسان کي ساهُہ کڻڻ ڏيو...!
(13 جون 2025ع)
بمن جو دونھون...
اڙي، ھي شھر ڪاڏي ويو
ھتي تہ وک وک تي
عمارتن جا کنڊر آهن
ماڻھن بجاءِ بمن جو دونھون آ...
(18 جون 2025ع)
-*-
ڪِيھَہ...!
تون ڪاسائي آن نہ،
تڏهن ئي ڪاتي وھائڻ وقت
ٻڪريءَ جي ڪِيھہ
تنھنجو ھَٿُ نہ روڪيو...!
(19 جون 2025ع)
سَندرو...
سَندرو ٻَڌو ٿَئِي
تہ توڙَ تائين ھَلُ
اڳ ۾ ويھڻ،
داغدار ڪندو آهي...!
(30 جون 2025ع)
-*-
فائيلر...
فائيلر ناھين
بس ۾ نہ چڙهُہ،
ھيءَ
ٽئڪس ڀريندي آ...
(1 جو لاءِ 2025ع)
خاڪ...
خاڪِ
شھر ناهي اَڏيندي
جنگيون،
ناسُ ئي ڪنديون آهن...!
(17 جولاءِ 2025ع)
-*-
غَمَ جا ڪڪر...
غَمَ جا ڪڪر
اندر ۾ ٻاڙان ٻوڙَ لايون بيٺا آهن
اي ايڪويھين صدي ٻُڌاءِ،
ماڻھو، ماڻھوءَ جو ڪڏهن ٿيندو...؟!
(19 جولاءِ 2025ع)
نقلي...
نقلي دوائون کپائيندڙ
ميڊيڪل اسٽور واري کي
ھزار جو نقلي نوٽ لڳي ويو
فريم ڪرائي ٽنگي ڇڏيائين...
(30 جولاءِ 2025ع)
-*-
نينھن نياپو...
چنڊَ تائين پھتو الائي نہ
پر
پرينءَ پارِ ان آڌارِ
نينھن نياپو موڪلي ڇڏيم...
(31 جولاءِ 2025ع)
پٿر جون اکيون...
مَڃوتِي
ظرف واري وٽ ھوندي آ
ڪم ظرف
پٿر جون اکيون رکندو آ...
(5 آگسٽ 2025ع)
-*-
زندگي...
مان کُھِجي ويھجي ويس تہ
پرواھہ ناهي
زندگي وقت سان گڏ
ڊوڙي پئي...
(6 آگسٽ 2025ع)
**
دوائن جو گهُرجائو...
دردُ
دوائن جو گهرجائو آ
بازارون ديناداستي
نقلي دوائن سان سينگاريل آهن...
(14 آگسٽ 2025ع)
-*-
درگذر ۽ ھَٺُ...
درگذر
رتوڇاڻ جو رستو روڪيندي آ
ھَٺُ رت جي درياھہ ۾
ٻوڙي ماريندو آ...
(16 آگسٽ 2025ع)
-*-
ڳوڙھن جو دانُ...
ليٿڙيون پائيندڙ ڏُکَ
ھَٿُ ٽنگيو
مون پنھنجا ڳوڙها
ان کي دانُ ڪري ڏنا...
(22 آگسٽ 2025ع)
-*-
ٻاجهاري ٻولي...
درياھہ جي پرئينءَ ڀَر بيھي
گاريون ڏيندڙ
اورتي اچُ تہ
ٻاجهاري ٻوليءَ سان معطر ڪيانءِ...
(23 آگسٽ 2025ع)
-*-
تون ڪڏهن ايندينءَ....
ساھہ ٽٽل سپنن جي
زخمن سان ٽڪرائجي
ڏکي رھيا آھن
تون ڪڏهن ايندينءَ...
(27 آگسٽ 2025ع)
-*-
پتوڙ...
پتوڙ
پوئين ساهَہ تائين
آرام
ابدي سفر ۾ ڪجانءِ...
(28 آگسٽ 2025ع)
-*-
اَڻَ ڪيل گناھن جا انتقامَ...
تو
منھنجي اڻ ڪيل گناھن جا
ڪيترائي انتقام ورتا آهن
ڪجهہ بچائجانءِ
مرڻ کان پوءِ وٺجانءِ....
(2 سيپٽمبر 2025ع)
-*-
اخلاق...
ھن چيو، توکي گاريون ڏنائين
سھي وئينس
مون چيو، گاريون دل ۾ آيون
اخلاق اڳيان اچي بيٺو...
-*-
جاڳان ٿو...
مان
جاڳان ٿو
ان لاءِ تہ
صبح ٿِئي....
(10 سيپٽمبر 2025ع)
-*-
سنڌي ۽ ڀٽائي....
سنڌي ڪيئن ٿو سڏائين
تو تہ
ڀٽائيءَ کي
پڙھيو ئي ناهي...
(11 سيپٽمبر 2025ع)
-*-
پيرا...
پيرا تہ
تنھنجي دَرَ تائين آيا
تو نہ باسيو،
تہ مون کڻي “ٺَھِيو” ڪئي...
(17 سيپٽمبر 2025ع)
-*-
جُتيءَ کي وارو...
جُتيءَ کي جڏهن وارو مليو
تھاُھا ڏاڍن سان
ڇا نہ ڪندي
اھو ياد رکندا اچجو....
(18 سيپٽمبر 2025ع)
-*-
ڪھاڻيپڻو...
ھو لفظ اڇلي ميڙ ٺاهي
انھن کي ڪھاڻي چوندو آ
ڪھاڻيپڻو پري کان
ھن جا چٻاڙا ڪڍندو آ...
(24 سيپٽمبر 2025ع)
جَجَ جي پينشن...
مان رٽائرڊ پروفيسر
جَجَ جي پينشن مون کان گهڻي آ
ھُو پالڪين ۾ ٿو لُڏي
مان ڳيتون ڏئي ٿو گذاريان...
(25 سيپٽمبر 2025ع)
-*-
حاڪم ۽ عادل...!!
حاڪم، سياري جي باهِه
لوڪَ کان کسي
پاڻ ڏي سوريندي چوين ٿو،
“مان عادل آھيان...!”
(14 جون 2025ع)
-*-
جنگجُو...
تون ماڻھو ٿِي ماڻھو ٿومارين
اھا تنھنجي فتح ناهي
بدترين شڪست آهي
جَنگِجُو...!
(15 جون 2025ع)
-*-
طرز حڪمراني...!
اوهان جي طرز حڪمرانيءَ
عام کي
ذھني مريض بڻائي ڇڏيو آ
سائڪارٽرسٽ آھن ئي ڪونہ...!
(16 جون 2025ع)
-*-
سنگت....!
سنگت آهي
پر ان جي اکين مان
ادب
اُڏامي ويو آ...!
(17 جون 2025ع)
-*-
جنگيون...!
جنگيون ٻاري ساڙي رھيون آهن
سُڪا ساوا نٿيون ڏسن
ماڻھپو اڃا انھن تي
فتح حاصل نہ ڪري سگهيو آ...
(21 جون 2025ع)
-*-
اسان ھَٿَ وَڍايا...
اسان ووٽ ڏئي ھَٿَ وڍايا،
ھاڻي تون فيل مست آن
اسان کان آخري گرهَہ کسي پنھنجي
ڀل ڇھہ سئو ڀيرا پگهارَ وڌاءِ...
(22 جون 2025ع)
-*-
بَمَ....
موت ڪيتري فاصلي تي آهي؟
خبر ناهي
بم وسن ٿا،
انھن کي ھوندي...!
(23 جون 2025ع)
-*-
جنگبندي...
ھيڏي دنيا مان ڏاھپ
ڪاڏي برمُنھن ڪري وئي آ،
جو
ڪوئي جنگ بند نٿو ڪرائي...!
(24 جون 2025ع)
-*-
اسان جو آسمان...
امان،
مونکي بمن کان ڀَئُہ ٿو ٿِئي
جھازَ وارن کي جهَلِ تہ،
اسان جي آسمان ڏي نہ اچن....
(25 جون 2025ع)
-*-
ڏاڏَرِ....
ڏاڏَرِ تہ وڏي ڪَيَئِي
ھَٿَ پَيَئي
تہ دير ئي نہ ڪَيَئِي
وريامُ ٿي وئين...!
(26 جون 2025ع)
-*-
ٺڳيءَ جو ٺاهُہ...!
توکي ست رشي
مان بکيو
انسان ٻئي ھڪجھڙا
ٺڳيءَ جو ٺاهُہ...!
(27 جون 2025ع)
-*-
بدامني باهِہ...
قانون ڪاٿي آن،
بدامني
چوڌاري
ٻيلي جي باهِہ ٿي وئي آهي...!
(28 جون 2025ع)
-*-
جمھوريت ۽ لٺيون...
حق گهرندڙ کي لٺيون ھَڻُ
ماري ساهُہ ڪڍيس،
واھہ جي حڪومت آ،
عجيب جمھوريت آ...!
(2 جولاءِ 2025ع)
-*-
جُتي ۽ رَئو...!
ڪپر تي جُتيءَ مٿان رَئو رکي
بک کان بيزارُ ٿي
ماءُ ڌيءُ سوڌو
درياھہ ۾ ٽپو ڏنو...!!
(3 جولاءِ 2025ع)
-*-
وڏو شڪارُ...
ھن چوري ڪئي،
ماءُ ڇَٻَٺُ ڪئي
وڏو ٿي وڏو شڪارُ
ماءُ جا زيور ڪيائين...!
(4 جولاءِ 2025ع)
-*-
سِرُ گهورِ...
پيار جو نالو ورتو ٿَئِي تہ
مَنُ مُڃَ ڪَرِ
ڪَکَ پَنَ تان
سِرُ گهورِ...
(5 جولاءِ 2025ع)
-*-
ڪربلا...!
وقت کي ھاٿيءَ جا پيرَ
ڊوڙ ھرڻ واري آ
منظر مٽجن ٿا،
ڪربلا اُتي بيٺي آ...!
(6 جولاءِ 2025ع)
-*-
بُکَ...!
“ڀَليءَ” ماءُ جي ڀرم کي ڀاڪر پائي
ٻن سالن جي عمر ۾ ساڻس گڏ ٻُڏي
بُکَ جي شان کي جبر جي ڳوٺ مان
نئين بلندي بخشي آ...
(8 جولاءِ 2025ع)
-*-
صوفياڻي سنڌ ۽ قبائليت...!
ھر ذات ۾،
سردار پيدا ٿي پيو آ
صوفياڻي سنڌ
قبائليت ۾ نہ ويڙھجي وئي آ...!!؟
(9 جولاءِ 2025ع)
-*-
ڀَلائيءَ جا ڀاڙا...
علم
اڳتي نہ وڌندو تہ
ڀَلائيءَ جا ڀاڙا
ڪيئن ملندا...!
(10 جولاءِ 2025ع)
-*-
انسان دوستي ۽ ايمانداري...
انسان دوستيءَ ۽ ايمانداريءَ
تڏا ناھن ويڙھيا
وڏيون ڪرسيون انھن کي ڏيو
ملڪ فرش تان کڄي عرش ڇھندو..
(11 جولاءِ 2025ع)
-*-
ماڻھپي جو دروازو...
ڏک جي چِيڀَٽَ،
اندر ۾
ماڻہپي جو
دروازو کوليندي آهي...!
(12 جو لاءِ 2025ع)
-*-
مسافر جي مجبوري...
ريلَ تہ
وڃڻي آ
مجبوري مسافر جي آ
چڙهي نہ چڙهي...!
(13 جولاءِ 2025ع)
-*-
پاڻَ کان پُڇُ...!
تنھنجيون نصيحتون اکين تي،
برابر ڪتاب ئي شعور ڏين ٿا،
پر پاڻَ کان پُڇُ سالن ۾،
ڪتاب ھٿ ۾ بہ کنيو ٿَئِي...!؟
(14 جولاءِ 2025ع)
ڏوهُہ ڪرڻ...
ڏوهُI ڪرڻ
ضمير جي نڙيءَ تي لَتَ ڏيڻ آ
۽ انسانپڻي کي
تيزاب جي ڊرم ۾ اڇلڻ آ...!
(15 جولاءِ 2025ع)
-*-
سُورَ پَچارَ...
سُورَ پَچارَ
نہ وِسارِ
سُکن جا پيچرا
ان مان ئي نڪرندا آهن...
(16 جولاءِ 2025ع)
-*-
اُڏارَ مُئل آ...
زخمي پکيءَ جي
اُڏارَ مُئل آ
ھن جو آکيرو اڄ
اڪيلو ننڊ ڪندو...
(20 جولاءِ 2025ع)
-*-
معاشرو...
ماءُ چيو
معاشرو خراب آ
منھنجي معصوم پٽ کي
خوني بڻائي ويو...
(21 جولاءِ 2025ع)
-*-
رت ڌوتل نَڪُ...
قبائليت وري نَڪُ ڌوتو
پسند جو پرڻو ڪندڙن کي
نئين سِرِ ڪُھي
انھن جي رت سان...
(22 جولاءِ 2025ع)
-*-
ننڊَ جو وقت ڪونھي...
ننڊَ جو وقت بہ ڪونھي
سُتل آهن
لڳي ٿو
مُئل آهن...!
(23 جولاءِ 2025ع)
-*-
گُٽِڪائي ڊرائيور...
ھو تہ روڊ جي وَٽِ ۾
حجم کان ڏاڙهي ٺھرائي رھيو ھو
ڪھڙي خبر گُٽِڪائي ڊرائيور
مٿانئس ٽرڪ چاڙهي ويندو...
(24جولاءِ 2025ع)
-*-
گولي...
گولي خوابن کي
قتل ڪندي آهي
۽ سفاڪيءَ جون حدون
لتاڙي ويندي آهي...
(25 جولاءِ 2025ع)
-*-
توبھہ تائب ٿيءُ....
اڙي ادا،
سياست عبادت آ
گورکُ ڌنڌو ناهي
توبھہ تائب ٿيءُ...
(26 جولاءِ 2025ع)
-*-
ڏيئو ٻارِ...
رات آھي
ماڻھو آن
ڏيئو ٻارِ
اوندھہ ۾ چمڙا رھندا آھن...
(27 جولاءِ 2025ع)
-*-
ڦيٿا....
ڦيٿا،
تو سفر تہ مھين کان ڪيو
سنڌ کي
ڇو پوئتي ڇڏي وئين؟!
(28 جولاءِ 2025ع)
-*-
سَچُ ٿو چوان...
سَچُ ٿو چوان
جيستائين تعليم عام نہ ٿيندي
جهَنگُ
گلستان ڪو نہ بڻبو...
(29 جولاءِ 2025ع)
-*-
بيٺو رَهُہ...
بيٺو رَهُہ
تنھنجي سچ ڏي ڪو تہ لڙندو
پوءِ
ٻہ تہ ٻارھن ٿيندئو...
(پھرين آگسٽ 2025ع)
-*-
ساھن جا سنسار...
وڻ وڍڻ سان
ڌرتيءَ کان سينگار نٿو کسين
ساھن جا
سنسار بہ کسين ٿو...
(2 آگسٽ 2025ع)
-*-
ڇولي ۽ ڇوهُہ...
ڇوليءَ ۾ ڇوهُہ ئي ايترو ھو
پيرن تائين نہ پھتي
موٽي وئي
تو وانگر...
(3 آگسٽ 2025ع)
-*-
ڪتاب...
غريب ٻار ڌنارَ وارو لڪڻ
ھڪ ھٿ ۾ پڪڙيون
ٻڪريون اڳ ۾ ڪيون پئي ويو
ٻئي ھٿ ۾ ڪتابَ ھُيس...
(4 آگسٽ 2025ع)
-*-
قلم جو آواز...
قلم جو آواز وڪڻي
پيٽ پاليندڙ
ان کان سُٺو ٿَئي
وچ بازار ۾ ڪشتو کڻي ويھُہ ...
(7 آگسٽ 2025ع)
-*-
وقت کي وقت ڪونھي...
پنھنجو وقت سجايو ڪرڻ لاءِ
ان سان گڏ ھَلُ
وقت کي وقت ڪونھي
جو تنھنجو انتظار ڪري...
(8 آگسٽ 2025ع)
-*-
زبان...
زبان آلو لڪڻ ٿَئِي
سنڀالي ڳالھاءِ
ڇانوَ يا اُسَ ۾
اھا ئي ويھاريندي آ...
(11 آگسٽ 2025ع)
-*-
جبري چالان....
جبري چالان نہ ڀريندس
موٽر سائيڪل کي تيلي ٿو ڏيان
نہ رھي گا بانس
نہ بجي گي بانسري...
(12 آگسٽ 2025ع)
-*-
بي حسي عروج تي...
بي حسي عروج تي
شھري اسپتال مان زال جو لاش
موٽر سائيڪل سان ٻڌي
گهر روانو ٿيو...!
(17 آگسٽ 2025ع)
-*-
آپي ۾ رَهُہ...
آپي ۾ رَهُہ
اھا حَدَ ٽَپِئين
تہ ڪو بہ توکي
ماڻھو نہ چوندو...
(18 آگسٽ 2025ع)
-*-
غريبي ۽ بُکَ...
غريبي
جي بُکَ سان گڏ اُٿي پَئِي تہ
ٻڌاءِ
ڪھڙو ڍاوِيَلُ روڪيندو ان کي...
(20 آگسٽ 2025ع)
-*-
حياتي...
حياتي پنڌ ڪري
پيريءَ ۾ پھتي آ
فوٽوءَ ۾ ٻاراڻپ
ساڳي ھنڌ بيٺي آ...
(21 آگسٽ 2025ع)
-*-
منھنجي ڳالھہ ٻُڌُ
بيھُہ اِتي
منھنجي ڳالھہ ٻُڌُ
دنيا کي وحشانيت نہ،
ماڻھپو بچائيندو....
(25 آگسٽ 2025ع)
ايمانداريءَ جو ساهُہ...
ڪرپشن جا سلا
وڌي وڻ ٿي ويا آهن
ايمانداريءَ جو ساهُہ
لُڪيءَ ۾ تڙپي ٿو...
(26 آگسٽ 2025ع)
-*-
ايترو صبر...
صبر جي بہ حد ٿيندي آ
ايترو بہ نہ ڪجي
جو ريل
مٿان وھي وڃي...
(29 آگسٽ 2025ع)
-*-
بدامني...
بدامني رسو ڇِنائي وئي آ
تڏهن تہ ٿاڻي ۾ لٺ پکي کي بہ،
زنجيرُ ھڻي
قلف ۾ قابو ڪيو ويو آ...
(30 آگسٽ 2025ع)
-*-
خوابَ
خوابَ
زندگيءَ جي چرپر سان ٻڌل آھن
موت
انھن کي بہ ماري ڇڏي ٿو...
(31 آگسٽ 2025ع)
-*-
درد جا درياهہ
ڪويل شايد
خوشيءَ مان ڳائيندي ھجي،
منھنجي اکين مان تہ
درد جا درياھہ اُٿلي پيا آهن...
(1 سيپٽمبر 2025ع)
-*-
شاهہ سائين ۽ قلندر
ھن چيو، ٿي سگهي ٿو
شاھہ سائينءَ قلندر جون
مَٽِيون ڀريون ھجن
مون آسمان ڏانھن ڏٺو...
(4 سيپٽمبر 2025ع)
-*-
امرجليل
ھو زندہ آ
اھا اسانجي خوشبختي آ،
امرجليل سنڌ جي
روشن خياليءَ جي آڪسيجن آ...
(5 سيپٽمبر 2025ع)
-*-
ضمير...
اڙي
منھنجيون چڱايون ڏنگيندئي
ان گهڙيءَ
جڏهن ضمير ننڊ ۾ نہ ھوندئي...
(8 سيپٽمبر 2025ع)
-*-
بَديءَ جي ٻيگهي....
بديءَ جي ٻيگهي متل آ
نيڪي
درياھہ م ٽٻي ھڻي
گم جو ٿي وئي آ...
(9 سيپٽمبر 2025ع)
-*-
ڪُنڍي ڪَڍُ...
سوچَ
ڪُنڍي ڪَڍُ
تہ
آرام ڪريان...
(12 سيپٽمبر 2025ع)
-*-
ھوڙَ ڪوسي...
عجيب حڪمراني آ
جائز ڪم جو ڪاغذ بہ ھِتان
ھُتي نٿو چُري جيستائين
ھوڙَ ڪوسي نہ ٿي ڪرائجي...
(14 سيپٽمبر 2025ع)
-*-
سوچَ ۾ سجاڳي...
قھر جا ڪوٽ
تڏهن ڪرندا
جڏهن
سوچَ ۾ سجاڳي ايندي...
(15 سيپٽمبر 2025ع)
-*-
تو پئسا بچايا...
توکي ڪيرُ نہ سُڃاڻي
ماءُ بہ سُڃاتُئِي پئي،
جيڪا لاعلاج ٿي مري وئي
تو پئسا بچايا...
(16 سيپٽمبر 2025ع)
-*-
پُڇاڻو ڪَيوسِ...
پُڇاڻو ڪيوس سنڌ جي
وڏي شاعر جي شاعري
گهر کڻي اچي پنھنجي نالي سان
ڇو ٿو ڇپائين....
(19 سيپٽمبر 2025ع)
-*-
ڪھڪاءَ جو آپگهات...
يارَ، ھي موٽر سائيڪل تہ ڦُرِنِ ٿا
ماڻھو بہ مارِنِ ٿا
ڪھڪاءَ
آپگهات ڪري ڇڏيو آ...
(21 سيپٽمبر 2025ع)
-*-
آسمان...
تنھنجي ۽ منھنجي اندر ۾
ھڪ آسمان آ
خيال ۽ خواب پکين وانگر
ان ۾ پيا ٿا اُڏن....
(22 سيپٽمبر 2025ع)
-*-
نڌڻڪائي...
پارٽيون آهن
عوام سان گڏ ڪا بہ ناهي
ماڻھو اسپتالن، ٿاڻن ۽ روڊن تي
نڌڻڪائي ڀوڳين پيا...
(23 سيپٽمبر 2025ع)
-*-
وڙهہ...
وڙھ
انھن ساڻُ
جن توکان ۽ ڌرتيءَ کان
سچ کسيو آ...
(26 سيپٽمبر 2025ع)
-*-
احترام جو وچن...
پيار جي ميدان ۾ آيو آن
تہ عمرڀر
ان جي احترام جو
پاڻ سان وچن ڪر...
(27 سيپٽمبر 2025ع)
-*-
سياستدان ڪيئن مڃجي...
جيڪو
ڪنھن کي بہ عزت نٿو ڏي
ان کي
سياستدان ڪيئن مڃجي...
(30 سيپٽمبر 2025ع)
-*-
قبر فقط اڍائي وال...
قلم جي حُرمت وِڪڻي
بنگلا ڀلي ٺاهِہ
پر اڳيان ڏِسُ
قبر فقط اڍائي والَ ٿيندي آ...
(پھرين آڪٽوبر 2025ع)
-*-
تنگ لباس...
سچ تنھنجي اندر ۾ ويٺو آ
پر ڪوڙ جو پاتل تنگ لباس
ان کي
ٻاھر نڪرڻ نٿو ڏئي...
(2 آڪٽوبر 2025ع)
-*-
ڌوتُئِي يا ٻوڙيُئِي...
چوين ٿو
ڌيءُ ڪاري ڪري ماري
نَڪُ ڌوتم
“ڌوتُئِي” يا “ٻوڙيُئِي”....
(3 آڪٽوبر 2025ع)
-*-
علم جو جھانُ...
پڙھي
ڪڙھڻ سِکُ
علم جو جَھانُ
تڏهن سمجهہ ۾ ايندئي...
(4 آڪٽوبر 2025ع)
-*-
اھو نہ وسارجانءِ...
مونکي چيڀاٽڻ وارا
اھو نہ وسارجانءِ
تہ مون ۾
تون بہ آھين...
(5 آڪٽوبر 2025ع)
موت ڏاڍو آ...
موت کان زندگي
ھارائي ويندي آ
ڇو تہ اھو اڻ ڏٺو
ساھدارن کان ڏاڍو آ...
(6 آڪٽوبر 2025ع)
-*-
ھوا ۾ سُرَ سازَ..
ھوا ۾ ئي
سُرَ ۽ سازَ آهن
ان ۾ پيھي
ڪَنُ تہ ڏَئِي ڏِسُ نہ...
(7 آڪٽوبر 2025ع)
-*-
دانش کان سواءِ...
اڳي سياستدان
دانشور ھوندا ھئا
ھاڻي
دانش کان سواءِ سڀڪجهہ آهن...
(8 آڪٽوبر 2025ع)
-*-
وقت ۽ ھوا....
وقت سج ۽ چنڊ جي اکين مان
ڏسي پنڌ ڪري ٿو
ھوا پنن لڏڻ، ڪتڪتاين
۽ ساهَه مان ڳالھائي ٿي...
(10 آڪٽوبر 2025ع)
-*-
نوٽن جا جوتا...
نوٽن جا
جوتا چٽي
زندگي گذارڻ
زندگي وڃائڻ آهي....
(11 آڪٽوبر 2025ع)
-*-
عزتِ نفس...
ٻارَ کي ڇِڙِٻَ نہ ڏي
تو جيان
ڄمڻ سان ھو بہ
عزتِ نفس کنيو آيو آ....
(12 آڪٽوبر 2025ع)
-*-
پٽيل اکيون ۽ ننڊَ...
اکيون تہ پٽيل ھُيس
پر،
الائي ڪھڙي ولايت جي ننڊَ
ويڙهي وئي ھُيس...
(13 آڪٽوبر 2025ع)
-*-
وساڻل فانوسن ۾...
ڏاتِ، تون منھنجيون راتيون
روشن ڪرين ٿي
مان اھا روشني احساسن جي
وساڻل فانوسن ۾ اوتيان ٿو...
14)آڪٽوبر 2025ع)
-*-
وَرُ بہ کڻي...
وَرُ بہ کڻي
ورھين جي انتظاريءَ بيقراريءَ
زندگيءَ کان
زندگي کسي ورتي آ...
(15 آڪٽوبر 2025ع)
-*-
التجا....
ٽٽل تارا
تون
منھنجي قسمت
نہ بڻجانءِ...
(16 آڪٽوبر 2025ع)
-*-
سمجهہ ۽ سُورُ...
سمجهہ کي
سُورَ سان سلھاڙِ
دنيا
نئين نظر ايندئي...
(19 آڪٽوبر 2025ع)
-*-
پنھون وڃايل آ...
سسئي، تنھنجا سُورَ
ھر ماڻھوءَ لئہ ساڳيا آهن
ھر ڪنھن کان
پنھون وڃايل آ...
(20 آڪٽوبر 2025ع)
-*-
پاڻيءَ تي ليڪا...
تخليق جي ڀولي
ھٿن مان ڇڏائي وئي ٿَئي
اجايو پاڻيءَ تي
ليڪا نہ پاءِ...
(21 آڪٽوبر 2025ع)
-*-
وَڌُ اڳتي...
اڙي، وَڌُ اڳتي
ڇِنُ وقت کان
پنھنجي
حياتيءَ جا سُکَ...
(22 آڪٽوبر 2025ع)
-*-
پوشاڪي ٿيءُ...
لٽا لاھي
نہ ڳالھاءِ
پوشاڪي
ٿيءُ...
(23 آڪٽوبر 2025ع)
-*-
تباھيءَ جو الارم...
چئني پاسي باھيون ٻاريون ٿَوَ
۽ نٿا ٻڌو اوزون تَھہ کي
جيڪو ٽٽندي ڌرتيءَ جي
تباھيءَ جو الارم پيو وڄائي...
(24 آڪٽوبر 2025ع)
-*-
خوابن جي دل ۽ تون...
خوابن جي دل ۾
تون ويٺل آن
پر ننڊ جيان
ڪيڏو نہ پري آھين...
(26 آڪٽوبر 2025ع)
-*-
مڪاري ڪَڍُ...
مَنَ مان
مڪاري ڪَڍُ
نہ تہ مک وانگر سدائين
پيو پنھنجو ئي مُنھن پِٽِيندين...
(28 آڪٽوبر 2025ع)
-*-
بيھڻو ناهي...
رڻ ڏاڍو تتل آ
سج اُلا ٿو ڪڍي
پر بيھڻو ناهي
پنھون پري نڪري ويندو...
(29 آڪٽوبر 2025ع)
-*-
خاڪ کان اڳ...
خاڪ جي منزل کان اڳ
بچيل ٽانڊن تي
سوچ ۽ ھٿن کي
سيڪيندو ئي رھڻ ڏي...
(30 آڪٽوبر 2025ع)
-*-
انسانپڻو...
نَنھن سان ڇِنَڻُ سِکُ
ڪاتي
انسان نہ
ڪاسائي وجهندا آھن...
(3 نومبر 2025ع)
-*-
روشنيءَ جون اوڇنگارون...
ڪُڪَڙَ کي ڀاڙي ڇو چَيُئي؟
ھڪ قتل تيرھن مرڻينگ
اوندھہ جون ھنبوڇيون
روشنيءَ جون اوڇنگارون...
(4 نومبر 2025ع)
-*-
بُکَ تارا ٿي ڪڍي...
سرنديءَ وارئو
احساس کي زندگي ڏيو
غريبيءَ جا واھرو ٿِيو
بُکَ تارا ٿي ڪڍي...
(5 نومبر 2025ع)
-*-
نرڙ نائِي ٿيو آ...
پٿر کي ميڻ سمجهي
دوستيءَ جو ناتو ڳنڍيو
اڄ خبر پئي
جڏهن نرڙ نائِي ٿيو آ...
(7 نومبر 2025ع)
-*-
ليکَ نہ بِگاڙِ....
ايڊيٽر آھين
ليکڪ نہ آھين
ترميمون ڪري
پراوا ليک نہ بگاڙِ...
(10 نومبر 2025ع)
-*-
ڪھڙو جواب ڏِيانسِ
مطالعي جو چيومانءِ
چيئي، مون ۾ ڪا کوٽِ آ ڇا...
ٻڌايو ان جو
ڪھڙو جواب ڏِيانسِ...
(11 نومبر 2025ع)
-*-
ڀونءِ جو ڀُڻڪو...
ڀونءِ جو
ڀُڻڪو ٻُڌين ھا،
تہ مَنَ اندر ۾
رڳو ساوڪ ئي ساوڪ ھُجئي ھا...
(12 نومبر 2025ع)
-*-
سلامتيءَ جون دعائون...
دوست، تون ڀل سدائين
مون لاءِ کڏون کوٽيندو رھ
مان تنھنجي سلامتيءَ جون
دعائون گهرندو آھيان...
13)نومبر 2025ع)
-*-
ماڻڪ ميڙڻ نہ وِسارِ....
غم جي عميق ۾
پاڻ ضرور ٻوڙِ
پر ان مان سُکَ جا ماڻڪ ميڙڻ
نہ وِسارِ...
(15 نومبر 2025ع)
-*-
خوف کائي ويو...
تو وفا جو وچن ڪيو ھو
زمانو وچ ۾ آيو
بيوفائي تنھنجو چارو بڻي
عشق کي خوف کائي ويو...
(16 نومبر 2025ع)
-*-
ڌوڙِ ۾ ويڙھجي ويس...
تون ڪار ۾ ھُئينءَ
مان پَنڌِ ھُيس
تڏهن
ڌوڙ ۾ ويڙھجي ويس...
(17 نومبر 2025ع)
-*-
واريءَ جو پنڌ...
چڱائي واريءَ جو پنڌ
لڱائي اڏوھي بڻجي
سڀ قدر
کائي وئي...
(18 نومبر 2025ع)
-*-
اَٽَلُ رکجانءِ...
قلم،
توسان ڄمندي منھنجي ماڻھپي
ماءُ جو ناتو ڳنڍيو
قبر تائين اَٽَلُ رکجانءِ...
(19 نومبر 2025ع)
-*-
مست ٿي ويا...
سونھن باغ ۾ پيرُ ڌريو
گلن ڪنڌ نمائي آڌر ڀاءُ ڪيو
پوپٽ ڦيريون پائيندي
مست ٿي ويا...
(21 نومبر 2025ع)
-*-
ڪتابَ وٺي وَڃُ...
پڙھيل آھين
گهر
مٺائيءَ جو دٻو نہ
ڪتابَ وٺي وَڃُ...
(23 نومبر 2025ع)
-*-
بگهڙَ...
توڏي
ھڪ ئي رستو پئي آيو
جنھن تي
بگهڙَ ويٺا ھئا...
(24 نومبر 2025ع)
-*-
قبر ۾ گڏ ڪو نہ ھلندئي...
ھي ھيڏو جو پئسو
ڪٺو ڪيو ٿَئِي
قبر ۾ گڏ ڪو نہ ھلندئي
نہ اُھي جن لاءِ ميڙيو ٿَئِي...
(27 نومبر 2025ع)
-*-
سُورَ پَتو...
سگريٽ نہ پيءُ
ساھن سان نہ وڙهُہ
انھن جي پالنا جو سُورَ پَتو
ماءُ کان پُڇُ...
(28 نومبر 2025ع)
-*-
تو سيکاريو ھو...
جوڀن جي پھرين وِکَ ۾ عشق سان
اَکِ مِلائڻ تو سيکاريو ھو
جيڪو پيريءَ ۾ بہ
وساري ناھيان سگهيو...
(29 نومبر 2025ع)
-*-
منھنجي طاقت...
منھنجي طاقت
جھالت جي فالج ۾ ورتل آ
توکان ڪيئن پڇان تہ
سونا محل ڪاڏھُن آندئي....
(30 نومبر 2025ع)
-*-
فاصلو...
فاصلو ھڪ وک جو ھو
نہ تون اڳتي وڌينءَ
نہ مان
زندگي عذاب ٿي وئي...
(2 ڊسمبر 2025ع)
-*-
بيخبر خوابُ...
خوابَ کي
خبر نہ ھئي تہ
جتي پسارَ ڪندو
اتي کَکَرِ ويٺل ھوندي...
(3 ڊسمبر 2025ع)
-*-
انتظار لتاڙجي ويا...
ڇا تہ وقت ھو
تو بنا پَلُ صديون ڀاسندو ھو
وڇوڙو آيو
انتظار لتاڙجي ويا...
(4 ڊسمبر 2025ع)
-*-
سُکَ جو ساهُہ کڻڻ ڏي...
ڏُکَ يارَ
منھنجي پَچَرَ ڇَڏِ
حياتيءَ ۾ ڪو ھڪڙو ۽ ننڍڙو تہ
سُکَ جو ساهُہ کَڻَڻُ ڏي...
(5 ڊسمبر 2025ع)
-*-
زمانن کان...
نہ ملياسين
واعدي واري جاءِ تي
اوسيئڙو تڙپندو رهيو آهي
زمانن کان..
(6 ڊسمبر 2025ع)
-*-
اڻ مڪمل تاريخ جو نوحو...
تاريخ جون ڪڙيون
ٽٽل آهن
سوڀا،
تنھنجا ڪيئي ڪتاب اڻڇپيل آهن...
(8 ڊسمبر 2025ع)
-*-
ٻاجَهہ جون ٻيڙيون....
سوچَ جي درياهَہ تي
ٻاجَھہ جون ٻيڙيون ھَلاءِ
“ماڻھو” سڏائڻ جو حقدار
تڏهن ٿيندين...
(9 ڊسمبر 2025ع)
-*-
فنا نہ ٿيندينءَ...
جُواني،
عشق جي تنور جو
سير ضرور ڪري آءُ
فنا نہ ٿيندينءَ....
(10 ڊسمبر 2025ع)
-*-
طعنو تَرارِ ٿي لڳس...
اڙي، پيرَ ۾ معمولي کَٻُ ٿَئي
پِنُ نہ مُڙس ٿي ڪماءِ
طعنو تَرارِ ٿي لڳس
چارِ ماڻھو خون ڪري ڇڏيائين...
(11 ڊسمبر 2025ع)
-*-
سِڪَ سَلو سائو آ...
توڙي وڇوڙي جي ڌرتي ٺوٺ آ
پوءِ بہ ساھن جو پاڻي ڏئي
ملڻ جي سِڪَ سَلي کي
سائو رکندو آيو آھيان...
(12 ڊسمبر 2025ع)
پرينءَ جا ٽھڪ...
ھوا
پاڻ مان پرينءَ جا ٽھڪ ڳولي
موتي ڪري ڏي تہ
سڳي ۾ پوئي مالھا ڪري پايان...
(13 ڊسمبر 2025ع)
-*-
ڏکاري حيرت ۾....
سڀني مرضن جا مُنھن
اچي منھنجي جسم ۾ کُليا آهن
اکيون ڏکاري حيرت ۾
زندگيءَ جو اھو موڙ ڏسن ٿيون...
(14 ڊسمبر 2025ع)
-*-
پَٽَ تي ٻرندڙ ڏيئو...
ڏيئو
پَٽَ تي ٻري رهيو هو
روشنيءَ اوچن ڏونگرن کي
لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو هو...
(15 ڊسمبر 2025ع)
-*-
ڪھڙي اسڪول ۾ پڙھيو آن...
ڪھڙي اسڪول ۾ پڙھيو آن
نہ رواداري اٿئي
نہ سمجهہ
نہ ٻاجهہ....
(16 ڊسمبر 2025ع)
-*-
ڇا اھا تجريديت آ....
لفظ “منافق” اڳيان ٿو اچي
تہ تنھنجي چھري جو نقشو
ٺھي ٿو وڃي
ڇا اھا تجريديت آ؟....
(17 ڊسمبر 2025ع)
-*-
ڏَنءُ ڏيئي...
منھنجي خوابن جي وستيءَ کي
ڏَنءُ ڏيئي
وڃي الائي ڪاٿي
قراري ٿي آهي...
(18 ڊسمبر 2025ع)
-*-
چڱائي جيڪڏهن...
چڱائي جيڪڏهن
گَهرَ گَهرَ ۽ گهِٽيءَ گهِٽيءَ مان
لُنگُ ٻڌي نڪري پئي تہ
مدائيءَ کي مٿي ڇانوَ ئي نہ مِلي...
(19 ڊسمبر 2025ع)
-*-
عقل جا ڪَڪَرَ...
سرسبزي ڌرتيءَ وانگر
سوچن کي بہ گهرجي
پر عقل جا ڪَڪَرَ
جڏھن پلر ٿي پالوٽجن نہ...
(20 ڊسمبر 2025ع)
-*-
خواب جي ٿوڻي...
پکي ٿي
آسمان ۾ اُڏي رهيو ھوس
خواب جي ٿوڻي ڪِري
ڇرڪي زمين تي اچي پيس...
(21 ڊسمبر 2025ع)
-*-
سَمجَهہ اکيون پَٽِ...
ماحول جي صحت تي ئي
ساهَه جي صحت جو دارومدار آ
سَمجَھہ، اکيون پَٽِ
آلودگي ستياناسيءَ ڏي گامزن ٿَئِي..
(22 ڊسمبر 2025ع)
-*-
سِتارا نہ مليا...
چيائين، ستارا نہ مليا
تڏهن ھڪ نہ ٿياسين
وراڻيم، ستارا مٿي ھئا
اسان زمين تي ھئاسين...
(23 ڊسمبر 2025ع)
-*-
ڳوڙھا سُڪا نہ ھئا...
ھوٽل جي ٽيبل تان
ڳوڙھا سُڪا نہ ھئا
جيڪي ڪو
بک ۾ ڳاڙي ويو ھو...
(24 ڊسمبر 2025ع)
-*-
پڪ آ...
انديشو نہ، پڪ آ
ھر ساھواري جي محسوسات
عنقريب
اسڪرين تي نظر ايندي...
(25 ڊسمبر 2025ع)
-*-
دوائون، ڀاڙو ۽ اوندھہ
زندگيءَ جي ريل ۾ سواريءَ جي
دوائن جو ڀاڙو
ڀاري ٿي ويو آهي
اوندھہ ساھن ڏي وڌي رھي آ...
(26 ڊسمبر 2025ع)
-*-
ڌنون مدفن آهن...
ملھايو ميلا
پر جيڪا شاعري اياز ڇڏي
ان جون ڪيتريون ئي ڌنون
ڳائجڻ بنا ڪتابن ۾ مدفن آهن....
(28 ڊسمبر 2025ع)
-*-
نينھن جو پنڌ...
بند گهِٽيءَ ۾ جيئن اوچتو
اچي وڃجي ۽ واپس ٿِجي
پنھنجي نينھن جو پنڌ بہ
ڪجهہ اھڙو ۽ ايترو ئي ھو...
(29 ڊسمبر 2025ع)
-*-
گهوٽ جا موڙَ...
گهوٽ جا موڙَ قتل ڪري
قبائليت ھنبوشيون ھنيون
جمھوريت جي لباس
جهُمريون پاتيون...
(30 ڊسمبر 2025ع)
-*-
گلن جي ڀاڪرن ۾...
گلن جي ڀاڪرن ۾ ڀري
موهُہ
تنھنجي نانوَ کي کڻي
واچوڙو ٿي ويو آھي...
(31 ڊسمبر 2025ع)
-*-
ڏيئو ٻارجي ٿو...
توڙي جو سُکَ ڀلائيءَ جي مرڪ
ڏنڀيل آ
پوءِ بہ نئين سال جي جاري ۾
سُک اُميد جو ڏيئو ٻارجي ٿو...
(1 جنوري 2026ع)
-*-
دوزخ ۾ آن...
نہ حقيقي ماءُ سان
وفا ڪَيَئِي
نہ جنم ڀوميءَ سان
جيئري ئي دوزخ ۾ آن...
(2 جنوري 2026ع)
-*-
توکي نظر ئي اُھا آئي....
مون ننڍپڻ کان
ڪک ڪانا گڏ ڪيا
پيريءَ ۾ جهوپڙي ٺاهي
طوفان، توکي نظر ئي اُھا آئي...
(3 جنوري 2026ع)
-*-
اکيون توتي ھِنِ...
ڊجيٽل دنيا ۾ ڪوڙ ڪمائي
ضمير جي آئيني ۾
ڀلي پاڻُ نہ ڏِسُ
دنيا جون اکيون توتي ھِنِ...
(4 جنوري 2026ع)
-*-
خيال کي پنھنجو آسمان....
خيال کي
پنھنجو آسمان ھوندو آ
سِجُ بہ پنھنجو تہ
چنڊ ۽ ستارا بہ پنھنجا...
(6 جنوري 2026ع)
-*-
انور پيرزادو...
ساھن جي سوجهري تي
ڪرٽ وھي ويو ھو ان ڏينھن
جڏهن تنھنجي مرڪ جو ڪڪر
ھٿ ڇڏائي اڀ ۾ گم ٿي ويو هو...
(7 جنوري 2026ع)
-*-
بگهڙ نظرون...
غربت جي ڦاٽل چولي مان
جوڀن اگهاڙو ٿي پيو هو
احساس اکيون آليون ڪيون ھُيون
بگهڙ نظرون ٽڪ ٻڌي بيٺل ھيون...
(8 جنوري 2026ع)
معجزا....
ھر لمحو
حيرانگيون کڻي ٿو اچي
آرٽيفيشل انٽيليجنس
معجزا ڪري ڇڏيا ھِن...
(9 جنوري 2026ع)
-*-
ڪاٿي بچي سگهنداسين...
ميڊيا جي درياهَہ
اوور ٽاپ ڪري
نئين اخلاقيات جي ٻوڏ آندي آ
ڪاٿي بچي سگهنداسين...
(10 جنوري 2026ع)
-*-
رَوَ ھَٽاءِ...
آئيني تي ڄميل ڌنڌ
صحيح شبيھَہ ناھي ڏيکاريندو
اکين تان رَوَ ھَٽاءِ
ماڻھپو ھر مُکَ جو گُلُ نظر ايندئي...
(11 جنوري 2026ع)
-*-
ڪاڻِ ڪَڍُ...
مَنَ جي تارازيءَ مان ڪاڻِ ڪَڍُ
محبت جي معراجَ کي سُڃاڻُ
تبديل ٿيءُ
جو خبر ٿَئي زندگي ڏاڍي ننڍي آ...
(12 جنوري 2026ع)
-*-
خوشي ۽ غم...
حياتيءَ ۾ تون ئي
وڏي خوشي ٿي آئينءَ
۽ وڇڙي
اوڏو ئي وڏو غم ٿي وئينءَ...
(13 جنوري 2026ع)
-*-
رت جا ڳوڙها...
گلن جا ھار ٺاهي
خوشيءَ مان پارائجن
يا قبرن جو سينگار بڻائجن
رت جا ڳوڙها گلستان ئي ڳاڙيندو آ..
(14 جنوري 2026ع)
-*-
ڪن کولي ٻُڌو...
ڌرتيءَ کي جيئن وڻ
۽ ماڻھوءَ کي ساهَہ ٿا کپن
ائين ئي وقت کي
بمن بنا سفر ٿو کپي...
(16 جنوري 2026ع)
-*-
ايش ٽري جي ڌَپَ...
بابا، تون ڪِنو آن
سگريٽ ٿو پيئين نہ
وات ۾ ايش ٽري جي ڌَپَ ٿَئِي
مونکي چمي نہ ڏيندو ڪر...!
(17 جنوري 2026ع)
-*-
ڪتاب...
ڪتاب سوچ کي
ڪيئي عرش عطا ڪن ٿا
انھن سان پيار جو پيچ پاءِ
پاڻ مان سَوَ سِجَ اُڀرندي ڏسندين...
(18 جنوري 2026ع)
-*-
چڻنگ...
ائين نہ سمجهہ تہ
صفا خاڪ جو ڍير آهيان
مون ۾ ڪا چڻنگ اٿئي
جا ڀنڀٽ جي رهنما ٿي سگهئي ٿي...
(20 جنوري 2026ع)
-*-
تماشا...
مستحقن کي مڃتائون
نہ ملڻ واري هن دور ۾
علم و دانش
ڪنڊ وٺيو تماشا پئي ڏسي...
(20 جنوري 2026ع)
-*-
روح جو گهاءُ...
روح جو گهاءُ
لڙڪن ۾ نظر ايندو آ
تو اھو ڏٺو بہ
پوءِ بہ وڇڙي وئينءَ...
(22 جنوري 2026ع)
-*-
ماڻھپي جو آجپو...
ماڻھپي جي آجپي جي آدرش کان
مُنھن نہ موڙِ
ھيڻن جو ھَڏُ رَتُ ٿيءُ
حياتيءَ کي تاريخ ڏي...
(23جنوري 2026ع)
-*-
صدين کان گم آ...
ڏک ۽ درد
گڏ مڏ تي ويا آهن
ٽھڪن جي واٽ
صدين کان گم آ...
(26 جنوري 2026ع)
-*-
ڇڙواڳيءَ ۾...
پنھنجا پيرَ پئي ڪڍين
ڇڙواڳيءَ ۾
مڙس بہ وڃائيندينءَ
۽ ٻارن جو پيارُ بہ...
(27 جنوري 2026ع)
-*-
سورَ ڏيئو...
سورَ مان ڏيئو ٻارِ
انھي جي روشنيءَ سان
ڏسڻ سِکُ
۽ جيون سفر جا پيرَ ٻَڌُ...
(28 جنوري 2026ع)
-*-
اسان وٽ...
اسان وٽ پسند جي شادي
رڳو پنھنجي لاءِ
جائز آ
ٻيو واجب القتل آ...
(29 جنوري 2026ع)
-*-
سِجَ...
سِجَ، اسان جي موڪلاڻي
توکي ياد نہ رھندي
جو تو ڪيترن جا ئي
سِجَ لاھي ڇڏيا آهن...
(30 جنوري 2026ع)
-*-
بيتابي...
بيتابي باهِہ جا اُلا ٿِي
ويڙھيو ويٺي ھئي
توکي ڏسڻ جي تمنا
چريو ڪري ڇڏيو هو...
(31 جنوري 2026ع)
-*-
تون ٿيءُ...
تون ٿيءُ
توڙي جو جڳ ۾
ڪوئي ڪنھن جو
ڪونھي ٿِيو...
(پھرين فيبروري 2026ع)
-*-
نہ پَنَ، نہ پکي، نہ آکيرا...
تو بنا دل جي وڻ جو
جَرُ سُڪي ويو هو
سپنن جا بہ نہ پَنَ رھيا ھئا
نہ پکي ۽ نہ آکيرا...
(2 فيبروري 2026ع)
-*-
حياتيءَ جو موڙ
حياتيءَ جي ھن موڙ تي
قلم جو غم
۽ لفظن جا لڙڪ ئي
ٻيلي ھِنِ...
(3 فيبروري 2026ع)
-*-
ڪتڻ جي ڪارِ...
ساھَہ جي
سوين سوراخن جي پيڙا ۾ بہ
مون ڪتڻ جي ڪارِ ناھي ڇڏي
جيئن زندگي لڄي نہ ٿِئي...
(4 فيبروري 2026ع)
-*-
سيءُ وڌي ويو آ...
سيءُ وڌي ويو آ
تون بہ ناھين
باهِہ بہ ناهي
سيڪاٽجي پيو آھيان...
(24 جنوري 2026ع)
-*-
مان سراپا پيارُ ھان...
تو مون ۾ ليئو پاتو ڪاٿي آ،
جو توکي
پروڙ پوي تہ
مان سراپا پيارُ ھان...
(25 جنوري 2026ع)