شاعري

وَرُ ۽ وائي

ھن ڪتاب ۾ ٻہ سئو مختصر نثري نظم شامل آهن. هنن نظمن  جي خوبين ۾ خوبصورت ۽ سولي ٻولي، سھڻيون تشبيھون، ڇرڪائيندڙ استعارا تہ آهن ئي پر ھنن نظمن ۾ ڪٿي لفظن، استعارن، ترڪيبن، تمثيلن ۾ لڪل سِٽائر/چُڀندڙ طنز آهي تہ ڪٿي تنقيدي سونٽو وهائي ڪڍيل آهي. نظمن ۾ اڻ کُٽ موضوع آھن.  ھن ڪتاب ۾ احساسن جي گَھرائي آھي تنھنڪري ھيءُ ڪتاب پڙهندڙ کان تڪڙ نہ، پر توجھہ ۽ غورُ گُهري ٿو. 
 

  • 4.5/5.0
  • 259
  • 40
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book war'u aen wai

حق ۽ واسطا اداري ۽ ليکڪ وٽ محفوظ.

ڪتاب: وَرُ ۽ وائي (نثري نظم)
ليکڪ: محمد علي پٺاڻ
ڪمپوزنگ: روشني پٺاڻ
لي آئوٽ: سيد آفاق علي شاھہ
ڇاپو پھريون: 2026ع
ڇپائيندڙ: روحي پبلشرز، ڪراچي

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2026ع

ارپنا

فلسفي جي پروفيسر، نقاد، اديب
۽
پنھنجي دوست
نويد سنديلي
جي نالي.

سڃاڻپ

نالو : محمد علي پٺاڻ
والد جو نالو : حبيب ﷲ پٺاڻ
والدہ جو نالو : عائشہ خاتون عباسي
ڄم جي تاريخ: 3 فيبروري 1962ع
ڄم جو ھنڌ: لاڙڪاڻو
پرائمري تعليم: گورنمينٽ پرائمري اسڪول، لاڙڪاڻو
سيڪنڊري تعليم: گورنمينٽ، پائليٽ، سيڪنڊري
اسڪول، لاڙڪاڻو
انٽر: گورنمينٽ ڪامرس ڪاليج، لاڙڪاڻو
بي اي: سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو
ايم اي: (سنڌي ادب) سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو
شادي: 1987ع
اولاد: ھڪ نياڻي، روحي بانو پٺاڻ
لکڻ جي شروعات: 1974ع کان ٻارن جي لاءِ ڪھاڻين ۽ شاعريءَ

ڇپيل ڪتاب:
1. اکيون آلا چنڊ (نثري نظم) 1988ع
2 -عاشورا آھن : (شاعري) 1995ع
3. اَگهيا اوجاڳا (وايون) 2000ع
4. ڀڳو آرس اکڙين (شاعري) 2001ع
5. Fluttering Feelings (poetry)
2011 Translated by Jam Jamali
6. مسافتون ياد جون (ڪَوِتا ناول) 2013ع
7. مسافتيں ياد کی (اردو) ترجمہ: ننگر چنا
8. اڇي رات ڪارو چنڊ (ڊراما سيريز) 2016ع
9. مونکي آھَہ اُٿاريو (شاعري) 2016ع
10. ميندي لھڻ کان اڳ ۾: (ڪھاڻيون) 2016ع
11. وقت بيھي نٿو : (طويل نظم) 2018ع
12. سئو لفظ سئو ڪھاڻيون: (ڪھاڻيون) 2018ع
13. سامين سمر سور : (ڊراما سيريل) 2018ع
14. دنيا کان اڳتي : (ڪھاڻيون) 2019ع
15. جان جيئان تان پاڙيان : (شاعري) 2019ع
16. طوفان ۾ ڪکائون گهر : (ڪھاڻيون) 2020ع
17. تيسرا لباس : (اردو) ترجمہ : ننگر چنا 2020ع
18. دنيا سے آگے : (اردو) ترجمہ : ننگر چنا 2020ع
19. گهائي ٿي تنھائي : (شاعري) 2020ع
20. اميد جو ڪِرڻو : (ڪھاڻيون)2021ع
21. Ray of Hope : (Short Stories) 2021
Compiled by Ali Bakhshan Pathan
22. منظر مھڪي ٿو : (شاعري) 2021ع
23. نئون مثال : (ڪھاڻيون) 2022ع
24. وڇوڙي وايون : (شاعري) 2022ع
25. اوڌر جي ماءُ : (ٽي وي ڊراما) 2022ع
26. طوفان میں جهونپڑی : (اردو) مترجم :
ننگر چنا 2023ع
27. روشنيءَ راھون : (مھاڳ ۽ پيش لفظ) 2023ع
28. Odyssey of Memoirs (poetic Novel) Translated by Professor Muhammad Hashim Solangi 2023
29. ھوا جي آ مرضي : (شاعري) 2023ع
30. منھنجو ڏک: (انور پيرزادو -
سوانحي ڪَوِتا ناول) 2023ع
31. Time never stops ever (The Longer Poem)
Translated by Prof Muhammad Hashim Solangi 2023
32. سو افسانے (اردو) ترجمو : ننگر چنا 2024ع
33. My Grief (Anwer Pirzado - Biographical Poetic Novel)
Translated by Professor Ali Sher Ghanghro
34. ھڪ سِٽَ ٻہ سئو ڪھاڻيون
(انگريزي ۽ اردو ترجمي سان)
Translated by Zain ul Abdin Jessar
اردو ترجمہ : ڈاکٹر شیر مہربانی 2024ع
35. Reflection (Short Stories)
Translated by Rafia Bukhari 2025
36. ڏيئي ھيٺان اوندھِہ (ڪالم-2025ع)
37. گل وڇائيندو رهيو (شاعري-2025ع
38. شاهُہ ۽ سِٽَ ڪھاڻي 2025ع
Translated by Sultan Khoso
اردو ترجمہ : ڈاکٹر شیر مہربانی
39. چوڏهينءَ چنڊ ۽ چارا (مھاڳ ۽ تبصرا-2025ع)
40. عجب جھڙا انسان (خاڪا-2025ع)
41. اللہ کی لاٹھی (افسانے 2025ع)
42. سفر مَنَ ڪٿا (ڀاڱو ٻيو - 2025)
43. سانپ کا اغوا (فائیو ڈیز ٹی وی ڈرامہ سیریل2025ع)
44. The River is Flowing Slowly
(Sindhi Poetry) Complied by Ali Bakhsh Pathan.
45. گل مہران کی خوشبو (سندھی نظموں کا اردو ترجمہ2025ع)
46. وَر ۽ وائي (نثري نظم-2026ع)

اڻڇپيل ڪتاب :
يادون رزاق مھر جون، مونکي بہ وٺي هلو (ڪھاڻيون)، وقت جا ڪانٽا (ناول)، واٽ وڃائي جن (ناول)، وھڪرو (انفرادي ٽي وي ڊراما)، پسي بازاريون (ڪالم)، انصاف (ٽي وي ڊراما سيريز)، ڌِڪِ دنگي ھَلُ ناکُئا (ڪالم)، يادگيريون سنڀال(خاڪا)، ڌرتتي (ٽي وي ڊراما سيريل)، ڏکي ۽ ڏونگر (ڪالم)، اوجهڙ (ٽي وي ڊراما سيريل)، ٻاروچا ڀنڀورَ جا (انٽرويوز)، اٺون نڪاح (اسٽيج ڊرامو)، اُڀي اُڀاريامِ (مھاڳ، تبصرا، فليپ، بيڪ پيج ۽ رايا)، دوستن جا خط، ڏنو پٽ ڇُٽي جو (اسٽيج ڊراما)، اَکر جِيائين جُڙيا (مضمون ۽ اخباري فيچر)، تڪرار (ٽي وي ڊراما سيريل)، کاھيءَ جي وچ ۾ (ناوليٽ)، پنج ڪھاڻيون پنج ڊراما، پِنڊيءَ تي نالو (ڪالم) مون ۾ شاهُه لطيف (شاھه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو سفر) منھنجيون تقريرون.

سھيڙيل ڪتاب:
ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي جي آتم ڪھاڻي “جيڪي ھلڻ ھيڪليون”، سوڀي گيانچنداڻيءَ جي آتم ڪھاڻي “روشنيءَ جي پنڌَ ۾”، “شھيد ملير غلام مرتضيٰ بلوچ” (تعزيتي تاثرات).

ٽيليڪاسٽ ٿيل ڊراما سيريز:
انصاف (سنڌ ٽي وي 2004ع)، اڇي رات ڪارو چنڊ (ڪي ٽي اين 2005ع)
ٽيليڪاسٽ ٿيل انفرادي ڊراما: وھڪرو (بنا ڊائلاگن جي)، قومي شاعر، بک بڇڙو ٽول، پاڻيءَ جا شھيد، جيئڻ ڪارڻ جيڏيون، ھمٿ، پنجوڙ (مرڪزي خيال رزاق مھر جي اسٽيج ڊرامي “ايف آئي آر” تان ورتل) ڪاري ڪٿي آهي (ڪھاڻي: امر جليل) ساڳيو ئي سوال (ڪھاڻي: ايشور چندر)، انڌو خواب (ڪھاڻي: اخلاق انصاري)، اوڌر جي ماءُ، مداخلت.

اڻ ٽيليڪاسٽ ٿيل ڊراما:
ڌر تتي (ڊراما سيريل)، بيوسي (انفرادي ڊرامو)، سامين سمر سور (ڊراما سيريل)، توتان بند بِدا ٿيو (ڪھاڻي : امرجليل)، تڪرار (ڊراما سيريل)، پڙلاءُ (ڪھاڻي : امرجليل) اوجهڙ (ڊراما سيريل)

ايوارڊ:
ڪھاڻي ڪتاب "ميندي لھڻ کان اڳ ۾" تي سنڌي لئنگويج اٿارٽي پاران 2016ع ۾، ساڳئي ڪتاب تي انجمن ترقي پسند مصنفين پاران 2016ع ۾، سچل سرمست يادگار ڪاميٽي پاران 2022ع ۾ بھترين مقالا نگار جو ايوارڊ، بزم روح رهاڻ پاران 2022ع ۾ “حميد سنڌي” ايوارڊ، سنڌي ادبي سنگت، مرڪز پاران 2022ع ۾ “سوڀو گيانچنداڻي” ايوارڊ ۽ ٻيا کوڙ سارا سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊ.

ڳايل شاعري:
بيدل مسرور بدوي، رحمان مغل (سرمد سنڌي)، عاشق نظاماڻي، رحمت ميرالي، شبانہ ڪوثر، نظير سمون، شفيق منگي، محمد بچل عباسي، ھادي بخش عباسي، پروان علي (مشتاق شيخ) ممتاز علي شيخ، شڪيلا نون، رزاق سروھي، وحيد رمضان سروھي، نديم سومرو، محمد ھاشم، عبدالباري ابڙو ۽ حاڪم جوڳي

ايڊيٽر (اعزازي):
ڏات پبليڪيشن، مرڪ پبليڪيشن، ماھوار “ڪونج” لاڙڪاڻو.
علي بخش پٺاڻ جو سھيڙيل ڪتاب: (1) محمد علي پٺاڻ ھڪ قلمڪار (اديبن ۽ عالمن جي نظر ۾)، (ڇپيل) 2023ع
(2) اديب ۽ شاعر: محمد علي پٺاڻ (قلمڪارن جي نظر ۾)، (ڇپيل) 2025ع
محمد علي پٺاڻ جي فن ۽ فڪر جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو (ڪراچي يونيورسٽي پاران 2023ع ۾ ڪيل ايم فل / اڻ ڇپيل) انجنيئر زبير احمد ڪلوڙ
محمد علي پٺاڻ ھڪ شخص ھڪ ليکڪ : سھيڙيندڙ: علي بخش پٺاڻ (تخليقڪارن جي نظر ۾) (اڻ ڇپيل)

نوڪري: (رٽائرڊ) ايسوسيئيٽ پروفيسر گورنمينٽ ڊگري (بوائز) ڪاليج جوڳي موڙ ڪراچي.
رھائش: ماڊل ڪالوني، ڪراچي
سيل نمبر: 03003414407
03312291073
اِي ميل: pathanmohammadali@gmail.com

مھاڳ : ياد رکڻ جھڙا نظم...

پروفيسر محمد علي پٺاڻ هڪ متحرڪ ۽ ڪُل وقتي اديب، شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ ڊرامہ نگار آهي. هو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مسلسل لکي رهيو آهي. هو ڀلي شاعري ڪري، ڊرامو لکي، ناول يا ڪھاڻي لکي پر سندس لکڻين جي موضوعن ۾ گهڻو ڪري سنڌ، سنڌي سماج، سنڌي سماج جا مسئلا، لطيف سائين، سنڌو درياھہ، سنڌ جا ڏاها ڪردار ۽ سنڌ جي تاريخ، ثقافت، جاگرافي ۽ سنڌي ماڻھن جي نفسيات، انھن جو رسڻ، پرچڻ، پيار ڪرڻ جا مامرا ضرور شامل هوندا آهن. مطلب تہ هو سنڌ جو ليکڪ آهي؛ جيڪو هتان جي مامرن تي قلم کڻي ٿو، لکي ٿو ۽ انھن جي نشاندھي ڪري ٿو. سندس ڪيترائي ڪتاب انگريزي ۽ اردو ۾ بہ ترجمو ٿي چڪا آهن؛ جن کي سامھون رکي چئي سگهجي ٿو تہ هو سنڌ، سنڌي سماج، تاريخ، لطيفيات ۽ ٻين ڪردارن کي وسيع تناظر ۾ کڻي وڃي ٿو. لکڻ سولو ڪم ناهي؛ لکڻ دوران جتي دماغ جي ولوڙ ڪرڻي پوي ٿي، اتي اکين کي اوجاڳا بہ ڏيڻا پون ٿا تہ درد جي درياھہ مان بہ گذرڻو پوي ٿو. ۽ اسان جو دوست پروفيسر محمد علي پٺاڻ ائين ڪري ٿو. هن ادبي لکڻين جي ڳري قيمت بہ ڀري آهي. مسلسل لکڻ سبب سندس صحت تمام گهڻي خراب ٿي پئي آهي؛ پر هي قلندر طبيعت شخص آهي؛ سو بنان ڪنھن پرواھہ جي لکندو رهي ٿو ۽ مسلسل لکندو ۽ پنھنجي خرچ تي اهي لکڻيون شايع پڻ ڪرائيندو رهي ٿو. موٽ ۾ سماج کان ڪجهہ گهري بہ تہ نٿو. اسان کيس ڏئي بہ ڇا رهيا آهيون؟ يا کيس ڇا ڏنو آهي؟ سواءِ ڪجهہ لفظن ۽ دل ۾ سانڍيل پيار ۽ احترام جي اسان کيس ٻيو ڪجهہ ڏئي بہ تہ نٿا سگهون. پروفيسر محمد علي پٺاڻ صاحب جھڙا ماڻھو ئي سماجن کي اهنجن مان ڪڍندا آهن؛ هو سماجي مسئلن تي ويچارن ٿا، لکن ٿا، انھن ڏانھن ڌيان ڇڪائن ٿا. نتيجي ۾ ڪنھن نہ ڪنھن جي تہ ڪن تي جونءَ سُري ٿي. ڪنھن نہ ڪنھن جي تہ دماغ ۾ ڳالھہ ويھي ٿي ۽ ڪٿي نہ ڪٿي ڪو مسئلو حل ٿي وڃي ٿو.
زير بحث ڪتاب سندس ٻہ سئو مختصر نثري نظم آهن. هنن نظمن جي خوبين ۾ خوبصورت ٻولي، سھڻيون تشبيھون، ڇرڪائيندڙ استعارا تہ آهن ئي پر سڀني کان اهم خوبي اها آهي تہ انھن نظمن ۾ ڪٿي لفظن، استعارن، ترڪيبن، تمثيلن ۾ لڪل سِٽائر/چُڀندڙ طنز آهي تہ ڪٿي الاعلان ڀاروڙي جو ڌُڪو (زوردار سگهارو سئونٽو) وهائي ڪڍيل آهي. جيئن هن مختصر نظم ۾ عادل جي عدالت ۽ انصاف تي ڪيڏي نہ زوردار جُلھہ ڪيل آهي.
حاڪم ۽ عادل...!!
حاڪم، سياري جي باهِہ
لوڪَ کان کسي
پاڻ ڏي سوريندي چوين ٿو،
“مان عادل آھيان...!”
هن نظم ۾ “سياري جي باھہ” هڪ پھاڪي طور ڪتب آندل آهي. “سياري جي باھہ” مان مراد آهي. موجود لاڀ/فائدو. يعني وقت جو حاڪم سڀ فائدا پنھنجي پاسي ڪري دعويٰ اها ٿو ڪري تہ “مان عادل آهيان” هن نظم ۾ بظاهر ڪا طنز يا ٽوڪ نظر نٿي اچي؛ پر ٿورڙو ويچارڻ سان پتو پوي ٿو تہ “مان عادل آهيان” ۾ ڪيتري سخت چٿر بلڪہ چِڙ ڏيکاريل آهي. هي نظم بنيادي طور تي اهو ردعمل آهن؛ جيڪو هر ذهن ۾ اڀرن ٿا. هن نظم ۾ بہ ساڳيو رد عمل آهي!
جنگجُو...
تون ماڻھو ٿِي ماڻھو ٿو مارين
اھا تنھنجي فتح ناهي
بدترين شڪست آهي
جَنگِجُو...!
“ماڻھو ٿي ڪري ماڻھوءَ کي مارڻ” معنيٰ پنھنجي ذات سان پاڻ دشمني ڪرڻ! هن وقت جتي هر طرف جنگ جو ماحول آهي؛ خاص طور تي هن خطي ۾ هڪ ويڙهاند هلي رهي آهي. پر سوچيندڙ شاعر ڇاڪاڻ تہ جنگ جي خلاف آهي، انڪري هو جنگ جي خلاف هنن لفظن ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرائي ٿو. ڪنھن لکيو هو تہ جنگ سان ٻيو ڪجهہ ٿئي يا نہ ٿئي پر ٻنھي حريف ملڪن جون مائرون ضرور سوڳ ملھائينديون آهن. ڇاڪاڻ تہ جوان سرحد جي هُن پار جو مارجي يا هِن پار جو جوان شھيد ٿئي؛ هڪ ماءُ جو تہ پٽ ڪُسجي ٿو. پروفيسر محمد علي پٺاڻ جيئن تہ حساس طبيعت شاعر آهي؛ انڪري هو جنگ جي خلاف پنھنجي طبيعت آهر احتجاج رڪارڊ ڪرائي ٿو. ساڳي موضوع تي هن ٻيا بہ خوبصورت ۽ احساسن سان ڀرپور نظم لکيا آهن.
بَمَ....
موت ڪيتري فاصلي تي آهي؟
خبر ناهي
بم وسن ٿا،
انھن کي ھوندي...!
هن نظم ۾ جنگ جوٽيندڙ ڌرين کي اڻلکائتو پر اثرائتو ڌڪ هنيو ويو آهي. شاعر جو اهو چوڻ تہ موت ڪيتري فاصلي تي آهي؟ اسان کي تہ خبر ناهي پر بم وسائيندڙ ڌريون ضرور ڄاڻن ٿيون تہ هو بمن جي صورت ۾ موت ڪٿي وسائي رهيون آهن. هو جھڙوڪر بم نہ بلڪہ موت وسائي رهيا آهن.
جنگبندي...
ھيڏي دنيا مان ڏاھپ
ڪاڏي بر مُنھن ڪري وئي آ،
جو
ڪوئي جنگ بند نٿو ڪرائي...!
هن نظم ۾ پڻ شاعر انتھائي اهم ڳالھہ ڪئي آهي تہ ڇا دنيا ۾ ڪوبہ ڏاهو ماڻھو نہ رهيو آهي، جيڪو جنگ بند ڪرائي.
شاعر چڱي ريت ڄاڻي ٿو تہ ڪارپوريٽ ۽ کاپائو ثقافت منافعي خوري جي ايڏو تہ ڪڍ لڳي چڪي آهي جو هو زندگيءَ جھڙن عظيم وٿ کي وڃائڻ کان بہ نٿا مڙن. هو پئسن عيوض زندگي وڪڻي پاڇيءَ ۾ موت جو سودو ڪري رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ شاعر انھن کي مَتِ جو مُوڙهيو ئي سڏي سگهي ٿو. پڪ ئي پڪ اهي ماڻھو مت جا موڙهيا ئي چئبا جيڪي موت جو واپار ڪن ٿا. شاعر ڪيڏي نہ معصوميت سان انھن خوابن کي ياد ڪري ٿو؛ جن کي موت ماري ڇڏي ٿو.

خوابَ

خوابَ
زندگيءَ جي چرپر سان ٻڌل آھن
موت
انھن کي بہ ماري ڇڏي ٿو...
يا هو جڏهن موت کي زندگيءَ کان سگهارو ٿو سڏي تہ ان ۾ بہ زندگيءَ سان سندس پيار ۽ موت سان ڌڪار ظاهر ٿئي ٿي.
موت ڏاڍو آ...
موت کان زندگي
ھارائي ويندي آ
ڇو تہ اھو اڻ ڏٺو
ساھدارن کان ڏاڍو آ

هو مڃي ٿو تہ موت پنھنجي جاءِ تي سگهارو آهي پر هو زندگيءَ سان پيار ڪري اميد جي روشنيءَ ڏانھن آڱر کڻي ٿو. هو پيار ۾ يقين رکي ٿو؛ ۽ سونھن سان پيار ڪري ٿو.

پرينءَ جا ٽھڪ...
ھوا
پاڻ مان پرينءَ جا ٽھڪ ڳولي
موتي ڪري ڏي تہ
سڳي ۾ پوئي مالھا ڪري پايان
‘پرينءَ جي ٽھڪن جي مالھا ٺاهي سڳي ۾ پوئڻ’ ڪيڏو نہ دلفريب عڪس آهي.
محمد علي پٺاڻ جي شاعريءَ ۾ اهڙا سھڻا ڪيئي عڪس ملن ٿا، جن ۾ زندگيءَ سان بيپناھہ پيارموجود آهي. بنيادي طور تي هو زندگيءَ سان پيار ڪندڙ هڪ اهڙو معصوم روح آهي؛ جيڪو ڌرتي، سمنڊ، سج، چنڊ، ستارن، لطيف ۽ سھڻي سنڌو درياھہ سان پيار ڪري ٿو؛ ڇاڪاڻ تہ انھن جي ئي آڌار سندس ۽ ساڻس پيار ڪندڙ ماڻھن جو جياپو آهي. هيءَ پڻ سندس خوبي آهي تہ هو پنھنجي هر سالگرھہ لطيف سائينءَ جي آڳنڌ ۾ ملھائي پنھنجي پيار جو اظھار ڪندو آهي. بلڪہ هن تہ ان حد تائين چيو آهي تہ جيڪڏهن تو لطيف سائينءَ جي شاعري ناهي پڙهي تہ پوئي توکي سنڌي سڏائڻ جو حق ئي ناهي.
سنڌي ۽ ڀٽائي....
سنڌي ڪيئن ٿو سڏائين
تو تہ
ڀٽائيءَ کي
پڙھيو ئي ناهي. . .
اهڙي ريت هو پاڻ پيار جي ميدان ۾ آيو آهي؛ ۽ هن وچن ڪيو آهي تہ جيڪا حياتي آهي؛ ان ۾ پنھنجن ماڻھن، ڌرتي، سنڌو درياھہ ۽ لطيف سائينءَ سان نينھن نيبھہ ڪبو.
احترام جو وچن...
پيار جي ميدان ۾ آيو آن
تہ عمر ڀر
ان جي احترام جو
پاڻ سان وچن ڪر. . .
مجموعي طور تي محمد علي پٺاڻ صاحب جا هي نظم مونکي اهڙا ويچار لڳن ٿا؛ جن ۾ ڳڻتي بہ آهي تہ ڏاهپ پڻ آهي، جن ۾ سنڌ جي مسئلن تي گهري سوچ بہ شامل آهي تہ مسئلن جي حل لاءِ آڱر بہ کنيل آهي. زندگيءَ سان بيپناھہ پيار بہ آهي تہ حُسن ۽ عشق جو عڪس بہ موجود آهي. پڙهي ياد ڪرڻ ۽ حوالي طور ڪتب آڻڻ جھڙا نظم لکڻ تي کيس واڌايون.

ڊاڪٽر شير مھراڻي
سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو،
حيدرآباد

پيش لفظ

ڪا بہ لکڻي يا تخليقي ڪم لفظن جي گهڻائي سان نہ پر اختصار، خاموشي ۽ معنوي ضبط سان بہ پنھنجو اثر ڇڏيندي آهي. پوءِ اھو ننڍو نظم ھجي يا مختصر سِٽَ، فڪري ٽڪرو ھجي يا افورزم اظھار جا گهٽ درجي وارا روپ ڪڏهن بہ ادبي ڪمزوري نہ رهيا آهن، پر اهي اعليٰ ادبي شعور جا نشان آهن، جتي شاعر لفظن کي وڏي ڌيان سان چونڊي انھن ۾ ساھہ وجهي ٿو ۽ هر سِٽَ ۾ گَھِري سوچ ۽ احساس ڀري ٿو. ائين جيئن حضرت عيسيٰ مردن ۾ ساھہ وجهندو هو.
ھر تخليق ڌرتيءَ تي ئي جنم وٺي ٿي ۽ ڌرتيءَ جي ماڻھن لاءِ ئي ھوندي آھي. محمد علي پٺاڻ سنڌ ڌرتيءَ ۽ سنڌي ادب جو اهڙو ليکڪ آهي، جيڪو شاعري، افساني نگاري، ناٽڪ نويسي ۽ ناول نگاريءَ ۾ پنھنجو الڳ مقام رکي ٿو. سندس هيءُ ڪتاب “وَرُ ۽ وائي” ٻہ سو مختصر نظمن تي مشتمل آهي، جتي هر سِٽَ هڪ لمحي، هڪ احساس ۽ هڪ فڪري عڪس کي بيان ڪري ٿي. لفظن جي ٿوري مقدار ۾ گَھرو فڪر ۽ انساني تجربي کي اجاگر ڪرڻ عالمي روايتن سان ڀرپور ڀيٽ رکي ٿو.
ادب ۽ شاعريءَ سان گڏ فلسفي جي دنيا ۾ بہ اختصار کي وڏي اهميت حاصل رهي آهي، جتي ڳوڙھين ڳالھين کي ٿورن لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آهي. جرمن فلسفي آرٿر شوپنھاور مختصر ٽڪرن ۽ افورزم ذريعي زندگي، دردن ۽ انساني تجربن جي گَهِراين کي بيان ڪيو، جڏهن تہ فريڊرڪ نٽشي سقراط وانگي ھر گهڙي زھر پيئندي، زندگيءَ جي بي ثباتي تي ڳوڙها ڳاڙيندي حرڪت ۽ تضاد کي افورزم ۾ اظھارڻ جو سگهارو وسيلو سمجهيو. انھن جي مختصر لکڻين ۾ پڙهندڙ کي سوچڻ، سوال ڪرڻ ۽ پنھنجي اندروني شعور سان ڳنڍجڻ جو موقعو ملي ٿو. محمد علي پٺاڻ جا هيءُ مختصر نظم پڻ اهڙي ئي فڪري ۽ شعوري نفاست سان ڀرپور آهن. شاعريءَ ۾ مختصر سِٽون هميشہ باطني احساس، وجودي سوال ۽ روحاني تجربي جي نمائندگي ڪنديون رهيون آهن. عالمي شاعري ۾ رائينر ماريا رِلڪي ۽ خليل جبران جا مختصر شاعراڻا ٽڪرا اهو ڏيکارين ٿا تہ گهٽ لفظ بہ گھرو اثر پيدا ڪري سگهن ٿا. شيخ اياز سنڌي ادب ۾ اهڙي طرز جا نثري نظم لکيا آهن. محمد علي پٺاڻ جا چئن سٽن وارا نظم بہ اهڙي ئي انداز سان انساني تجربي کي قيد ڪن ٿا—اهي بيان نہ پر اشارو، احساس ۽ لمحو آهن.
هائيڪو، جاپاني شاعريءَ جي هڪ انتھائي مختصر ۽ گَھِري صنف، ٽِنِ سِٽن ۾ فطرت، تبديلي، تحرڪ، وقت ۽ انساني احساس کي ظاهر ڪري ٿي. هائيڪو بيان نٿو ڪري؛ اهو منظر ڏيکاري ٿو. هائيڪو وضاحت نٿو ڏئي؛ اهو لمحي کي قيد ڪري ٿو. هائيڪو جو شاعراڻو طريقو شاعر جي “مان” کي پاسي تي رکي، فطرت ۽ زندگيءَ کي پاڻ ڳالھائڻ ڏئي ٿو. هتي ڪجهہ مشھور ھائيڪو جا مثال ڏجن ٿا:
سينواريل تلاءُ—
ڏيڏر جو ٽپو،
پاڻيءَ ۾ ڇپڪو.
(باشو)

ھيءُ سادو منظر خاموشي ۽ حرڪت جي وچ ۾ موجود شعور کي ظاهر ڪري ٿو. ھڪ پُراڻو يا سينوارجي ويل تلاءَ بيٺل زندگيءَ جي عڪاسي ڪري ٿو جنھن ۾ ڏيڏر جو ٽپو لھرون پئدا ڪرڻ ٺاپر ۾ چر پر پئدا ڪري ٿو جنھن مان مراد آهي ماٺي ۽ منجمند ٿي ويل زندگيءَ ۾ تحرڪ ۽ تبديلي آڻڻ، جتي ساڪن عڪس متحرڪ عڪس ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. اھڙي طرح هڪ ئي پل ۾ زندگيءَ جو احساس، خاموشيءَ ۾ تحرڪ، پڙهندڙ کي پنھنجي موجودگيءَ جو شعور ڏئي ٿو.

بھار جو سمنڊ—
سڄو ڏينھن آهستي،
لھرن جي ھلچل.
(بسن)

ھن هائيڪو ۾ بھار جي مند جو منظر چٽيل آهي جتي سمنڊ جون لھرون ھوريان ھوريان ھلي رھيون آهن جن مان فطرت جي سڪون ۽ انسان جي اندروني امن جو احساس پيدا ٿئي ٿو.

ھيءَ دنيا—
ماڪ جي دنيا،
۽ پوءِ بہ...
(ايسا)

ھيءُ ايسا جو مشھور هائيڪو دنيا جي فاني هجڻ ۽ انسان جي اندر جاڳندڙ اميد جو اظھار ڪري ٿو. ٽي سِٽون، پر پوري فلسفي، انساني جذبي ۽ زندگيءَ جي اڻڄاتل قوت کي سمائن ٿيون.
محمد علي پٺاڻ جي چئن سِٽن تي ٻڌل ڪوتائون بہ انھيءَ هائيڪو واري شاعريءَ سان شعوري ويجهڙائي رکن ٿيون. هتي وڏا بيان نہ آهن، پر ننڍا منظر آهن؛ هتي ڪھاڻي ناهي، پر وقفو ۽ شعور آهي؛ هتي لفظن کان وڌيڪ خاموشيءَ جي معنيٰ آهي. جيئن هائيڪو فطرت جي هڪ سائت مان زندگيءَ ۽ ڪائنات جو احساس پيدا ڪري ٿو، تيئن محمد علي پٺاڻ جا مختصر نظم انساني تجربي جي هڪ جهاتي مان فڪر جو نور اُجارين ٿا.
ھيءُ ڪتاب پڙهندڙ کان تڪڙ نہ، پر توجھہ ۽ غورُ گُهري ٿو. اهي نظم پڙهڻ لاءِ نہ، پر سوچڻ لاءِ آهن. ٽن يا چئن سِٽن ۾ شاعر اهڙا احساس، سوال ۽ وجودي لمحا قيد ڪري ٿو، جيڪي ڊگهي بيان ۾ پنھنجو اثر وڃائي ويھن ها. محمد علي پٺاڻ جي فني ڪاميابي انھيءَ ڳالھہ ۾ آهي تہ هو ڄاڻي ٿو تہ ڪٿي لفظ کي روڪڻو آهي، ڪٿي خاموش ٿي ڳالھائڻو آهي ۽ ڪٿي پڙهندڙ کي نظم جو همسفر بڻائڻو آهي.
سوشل ميڊيا جي مَھا ڄارَ منجهہ ھر پل تڪڙو تبديل ٿيندڙ دنيا منجهہ ۽ لفظن جي شور ۽ بي مقصد گهڻائيءَ واري هن دور ۾، ھيءُ ڪتاب هڪ سنجيدہ ادبي اعلان آهي تہ معنيٰ اڃا بہ اختصار ۾ زندھہ آهي. محمد علي پٺاڻ جا هيءُ مختصر نظم سنڌي ادب ۾ انھيءَ روايت کي اڳتي وڌائين ٿا، جتي ٿورا لفظ، گھري شعور ۽ خاموشيءَ سان گڏجي شاعريءَ کي نئون وقار بخشين ٿا.
سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي دنيا وسيع آهي جنھن ۾ هر تخليقيڪار پنھنجي پنھنجي جوت جلائي رهيو آهي. ان زرخيز زمين تي ڪي نالا اهڙا آهن، جيڪي صرف لکڻ لاءِ نہ، پر محسوس ڪرڻ، سوچڻ ۽ روحاني تجربن لاءِ بہ ياد رکيا وڃن ٿا. محمد علي پٺاڻ اهڙو ئي نالو آهي—هڪ شاعر، هڪ تخليقڪار ۽ هڪ سفر ڪندڙ، جيڪو لفظن ۾ زندگي جا رنگ ڀرڻ ڄاڻي ٿو. هن جا 45 ڪتاب ڇپيا آهن، جن ۾ شاعريءَ جا مجموعا، ناول، ناٽڪ، ڪھاڻيون، ڪالم ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جا مھاڳ شامل آهن. جن ۾ سڀ کان اهم ڳالھہ اها آهي تہ ھو پنھنجي هر لکڻيءَ ۾ نئين روشني، نئين فڪر ۽ نئين تجربي کي متعارف ڪرائي ٿو. سندس قلم ڪڏهن فطرت جي تصوير وانگر روشن، ڪڏهن موسيقيءَ وانگر رَوان، ۽ ڪڏهن سوچ جي سڳنڌ سان ڀريل آهي. سندس مختصر نظمن جو ھيءُ مجموعو “وَرُ ۽ وائي” پنھنجي جمالياتي حِساسيت، فڪري گَھِرائي ۽ احساساتي شدت سان ڀرپور آهي. مجموعي ۾ شامل سمورا ننڍڙا نظم ٻوليءَ جي منظرڪشي، خيالن جي رواني ۽ زندگيءَ جي حقيقتن جي عڪاسي ڪن ٿا.
محمد علي پٺاڻ جا اهي نظم ڪڏهن انساني جذبن جا نازڪ رنگ ڏيکارين ٿا، ڪڏهن قدرت جي حسين منظرن جي تصويرن سان دل کي ڇُھَنِ ٿا ۽ ڪڏهن وري روحاني سوچ ۽ فڪر جي گھرائيءَ ۾ وٺي وڃن ٿا.
محمد علي پٺاڻ صرف شاعر ناهي؛ پر اھڙو تخليقڪار آهي، جيڪو هر صنف ۾ نوان تجربا ڪري ٿو. سندس ناول، ڪھاڻيون ۽ شاعري ادب جي دنيا ۾ پنھنجو خاص مقام رکن ٿا. شيخ اياز، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سائين جي ايم سيد، امر جليل ۽ الطاف شيخ وانگر سندس ڪتابن جو ڳاڻيٽو سندس علمي ذوق ۽ تخليقي حيثيت جو چٽو ثبوت آهي. هيءُ ڀٽائي جي انھن کاھوڙين جو مثال آهي، جيڪي ڪڏهن بہ ماٺ ٿي نٿا ويھن پر ساھت جي دنيا ۾ نئين پنڌ سان علم جي ڇَپَرَنِ جو ڇيھہ لھن ٿا ۽ سچ ڪارڻ سسئي وانگر فڪر جا سمورا وَٿاڻَ ووڙين ٿا.
هيءُ ڪتاب، جيڪو توهان جي هٿن ۾ آهي، محمد علي پٺاڻ جي ادبي دنيا جو نئون روشن عڪس آهي. ھن ۾ پڙهندڙ کي سندس شاعري نہ صرف سوچڻ تي مجبور ڪندي، پر محسوس ڪرڻ، ڏسڻ ۽ زندگيءَ جا نوان رنگ پسڻ لاءِ پڻ دعوت ڏيندي.
ھونئن بہ محمد علي پٺاڻ جو قلم ھميشہ آزادي، نواڻ ۽ تخليق سان ڀرپور دنيائون پسائيندو رھيو آهي ۽ سندس هر لکڻي پڙهندڙ کي هڪ اڻ ڏٺل جھان ڏيکاري ٿي. “وَرُ ۽ وائي” ۽ سندس ٻيا مجموعا پڙهڻ سان محسوس ٿيندو تہ ھن وٽ شاعري صرف لفظن جو ميل ناهي، پر زندگيءَ جو عڪس، احساسن جي روشني ۽ خيالن جي پرواز آهي. ان سان گڏوگڏ هيءُ مختصر نظمن جو سلسلو لفظن جي ٿورائيءَ ۾ بہ اندر جي اونھاين کي نروار ڪري ٿو. اهي نظم رڳو احساسن جا ٽڪرا نہ، پر وجودي تجربن، اڪيلائي، تمنا، صبر ۽ تخليقي ذميواريءَ جو خاموش بيان آهن.
“بيتابي...” ۾ انتظار ۽ تمنا کي باھہ جي استعارِي ۾ پيش ڪيو ويو آهي. محبوب کي ڏسڻ جي خواهش اهڙي شدت اختيار ڪري ٿي جو شاعر پاڻ بہ ان جنون کان بچي نٿو سگهي. هتي “بيتابي” رڳو جذبو ناهي، پر هڪ اهڙي وجودي ڪيفيت آهي، جيڪا انسان کي پاڻ کان پري ڪري ڇڏي ٿي.
“تون ٿيءُ...” نظم نھايت سادي لھجي ۾ وڏي سچائي بيان ڪري ٿو. “جڳ ۾ ڪوئي ڪنھن جو ڪونھي ٿيو” جھڙن سٽ انساني لاڳاپن جي عارضي هجڻ ۽ وجودي اڪيلائيءَ ڏانھن اشارو ڪري ٿي. شاعر “تون ٿيءُ” چئي اخلاقي سڏ ڏئي ٿو: پاڻ ٿيءُ، پنھنجو وجود بچاءِ.
“نہ پَنَ، نہ پکي، نہ آکيرا...” ۾ محبوب جي غيرموجودگيءَ سان دل کي وڻ بڻائي پيش ڪيو ويو آهي. جڏهن “تو بنا” سڀ ڪجهہ سڪي وڃي ٿو تہ سپنن جا پن، پکي ۽ آکيرا بہ ختم ٿي وڃن ٿا. ھيءُ نظم محبت جي وڃايل معنويت ۽ خوابن جي بي گهر هجڻ جو دردناڪ اظھار آهي.
“چوهٺھين سالگرہ تي...” هڪ گهرو، خاموش اعتراف آهي. زندگيءَ جي هن موڙ تي شاعر لاءِ قلم جو ڏُک ۽ لفظن جا لڙڪ ئي ساٿي بڻجن ٿا. ھيءُ نظم تخليقڪار جي اڪيلائي، عمر جي شعور ۽ لفظن سان جيئڻ جي مجبوريءَ کي نھايت سنجيدگيءَ سان پيش ڪري ٿو.
“ڪتڻ جي ڪارِ...” هن سلسلي جو سڀ کان سگهارو وجودي نظم آهي. ساھہ جي سوراخن جي پيڙا جي باوجود “ڪتڻ جي ڪار” نہ ڇڏڻ، زندگيءَ سان وفاداريءَ جي علامت آهي. شاعر هتي رڳو پنھنجي تڪليف بيان نٿو ڪري، پر تخليق کي هڪ اخلاقي فرض طور پيش ڪري ٿو: جيئن زندگي لڄاري نہ ٿئي.
مجموعي طور، محمد علي پٺاڻ جا ھيءُ مختصر نظم جديد سنڌي شاعريءَ ۾ سنجيدہ، باوقار ۽ فڪر جو نئون آواز آهن. گهٽ لفظن ۾ وڏي ڳالھہ ڪرڻ، سادن استعارن ۾ اونھي فلسفي کي سموھڻ ۽ ذاتي احساس کي اجتماعي تجربو بڻائڻ هن شاعريءَ جي وڏي خوبي آهي، جيڪا سٺي شاعريءَ جي خاص سڃاڻپ ليکي ويندي آهي.
ھيءُ مختصر نظمن جو مجموعو جديد سنڌي شاعريءَ جو اهڙو دستاويز آهي، جيڪو وقت جي نبض تي هٿ رکي بيٺل ڏسجي ٿو. هيءَ شاعري نہ صرف ذاتي احساسن جي ترجمان آهي، پر سماج، سياست، اخلاق، وجود، علم، محبت ۽ انسانيت بابت گهري فڪري شاهدي پڻ ڏيندڙ آهي. هر نظم پنھنجي ساخت ۾ ننڍو، پر تخيلاتي معنيٰ ۾ وڏو آهي.
محمد علي پٺاڻ وٽ زندگيءَ جي تقريباً هر اهم پھلوءَ کي شاعراڻي اسلوب سان اظھارڻ جو ڏانءُ نرالو آهي. ڪٿي هو سماجي بي انصافيءَ تي ڀرپور اظھار ڪري ٿو، ڪٿي اڄ جي دور جي سياست ۽ منافقت کي وائکو ڪري ٿو ۽ ڪٿي وري محبت، وڇوڙي ۽ انتظار جي ڪيفيتن کي وڏي سادگيءَ سان بيان ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح ذاتي ۽ اجتماعي تجربا هڪ ٻئي ۾ ملي هڪ گڏيل انساني منظرنامو جوڙين ٿا.
ھيءَ جديد شاعري خاموش قبوليت جي شاعري ناهي. شاعر وٽ سوال آهن، اعتراض آهن ۽ سچ کي چٽائيءَ سان چوڻ جي جرئت آهي.
“قبر فقط اڍائي وال...”، “اسان وٽ...”، “دوزخ ۾ آن...” جھڙا نظم سماج جي ٻٽي معيار، قبائليت، مذهبي ۽ اخلاقي منافقت کي بي نقاب ڪن ٿا. شاعر هتي رڳو ڏسندڙ ناهي، پر باشعور شاهد بڻجي بيٺو آهي.
ڪيترائي نظم وجودي لھجو رکن ٿا: اڪيلائي، خوف، موت جو شعور، بي معنيٰ ٿيندڙ رشتا ۽ وقت جي بي رحميءَ جا عڪس پيش ڪن ٿا.
ھيءَ شاعري رڳو احساسن جي نمائش نہ، پر اندروني سچائيءَ جو وڏو اعتراف بڻجي اڳيان اڀري ٿي. شاعر سادين ۽ روزمرھہ جي شين کي گهري علامتي معنيٰ ڏيڻ جو گُرُ رکي ٿو: ڏيئو، هوا، آسمان، قبر، ڪتاب، رڻ، بگهڙ، اسڪرين. اهي علامتون نظمن کي صرف شاعراڻو نہ، پر فڪري بہ بڻائين ٿيون ۽ مختصر سٽن ۾ ڪيتريون ئي وڏيون تصويرون بہ اڳيان آڻين ٿيون.
نظمن جي ٻولي بنھين سادي، روان ۽ غير مصنوعي آهي. جن ۾ ڪا بہ بناوٽ نہ آهي، نہ ئي لفظي ڏيکاءُ آهي. هر نظم “وَرُ” وانگر وزنائتو ۽ “وائي” وانگر سوز سان ڀريل محسوس ٿئي ٿو ۽ اھو ئي شاعر جو ڪمال بہ لڳي ٿو تہ هو ٿورڙن لفظن ۾ گهڻو ڪجهہ چئي وڃڻ جو علم رکي ٿو، بغير واعظي لھجي جي.
سندس ھيٺيان نظم ان حوالي سان ثبوت طور پيش ڪجن ٿا:

“تنھنجي ۽ منھنجي اندر ۾
ھڪ آسمان آ
خيال ۽ خواب پکين وانگر
اُن ۾ پيا ٿا اُڏرن...”
———

“پارٽيون آهن
عوام سان گڏ ڪا بہ ناهي
ماڻھو اسپتالن، ٿاڻن ۽ روڊن تي
ننڌڻڪائي ڀوڳين پيا...”

سو محمد علي پٺاڻ جو ھيءُ “وَرُ ۽ وائي” ڪتاب جديد سنڌي مختصر نظم کي وڏي فڪري وشالتا بخشي ٿو. هيءَ شاعري رڳو پڙهڻ لاءِ نہ، پر گهڻي غور ويچار ۽ سوچڻ لاءِ آهي. شاعر لفظن سان راند نٿو کيڏي، پر انھن وسيلي ستل ضمير کي جاڳائي ٿو.
هيءُ مجموعو سنڌي ادب ۾ شاعريءَ جي اھڙي سڃاڻپ بڻجي سامھون آيو آهي، جنھن جو فڪر وقت سان سمجهوتو نٿو ڪري، پر وقت کان سوال ڪري ٿو. ڪنھن شاعر جي ھيٺين شعر وانگي تہ:

جب ديئا جلتا ہے تو روشنی ہوتی ہے،
ٹوٹتا کبھی نہیں یہ سلسلہ تخیل کا۔

اميد تہ محمد علي پٺاڻ جي شاعري جو ھن انداز جو ڏيئو ٻرندو رھندو ۽ سندس تخيل جو ھيءُ سلسلو جاري رهندو.
ساحر جي ھن شعر وانگي

”ہر نسل اک فصل ہے دھرتی کی آج اگتی ہے کل کٹتی ہے
جیون وہ مہنگی مدرا ہے جو قطرہ قطرہ بٹتی ہے“

نويد سنديلو
ڏوڪري
20-02-2026ع

”وائي ۽ وَرُ“ شعري مجموعي جو واسُ

انسان بنيادي طور تي پاڻ استحصالي بہ آھي، تہ محڪوم مجبور بڻجي با اثري قوتن جي ڏاڍاين جو شڪار بہ ٿيندو رھيو آھي. ھو دنيائي وجود کان خير ۽ شر، نيڪي ۽ بديءَ جي جنگي اس ڇانوَ ۾ پلجندو رھيو آھي. ايئن قابيل کان قاسم تائين ۽ قاسم کان ڪَنَ ڪَٽي تائين مار ڌاڙ ۽ ڦرلٽ جي ڊگهي تاريخ لکجي چڪي آھي. پر ماري ۽ ماڻھپي وارن ماڻھن مان دنيا انسانيت واري احساساتي ميدان تي پاڻ ملھائيندڙ فردن کي ئي مڃتا ڏيندي آھي. اھو ئي ڪارڻ آھي، جو انسانيت جو درد ۽ منجهن ويساھہ رکندڙ شخصن ماڻيل ڏات ۽ ذات مان پنھنجي صلاحيتن آھر انساني ڀلائيءَ واري راھ، رستي جي چونڊ ڪئي آھي. ڀلا ھڪڙو آرٽسٽ فقط پنھنجي فن ذريعي محبت ۽ مزاحمت جون ميڻ بتيون ئي ٻارڻ پسند ڪري ٿو. اسان جو دوست محمد علي پٺاڻ بہ اڌ صديءَ کان لڳ ڀڳ پنجاھہ ڪتاب لکي عام ماڻھوءَ جي اھنجن ايذائن تي لفظن جي سھاري پاڻ موکيو آھي. ان حوالي سان ھي نثري نظم، جنھن ۾ احساس عيوض غم ۽ درد ئي کيس پلئہ پيا آھن.
ان حوالي سان سندس ھن تخيل ۾ ڏسو تہ، ھو ڪيڏي نہ نرم مزاج احساس جي خوب اڳواڻي ڪندي ڏسجي ٿو:

چوھٺين سالگرھہ تي...
حياتيءَ جي ھن موڙ تي
قلم جو غم
۽ لفظن جا لڙڪ ئي
ٻيلي ھن...

محمد علي پٺاڻ وٽ گهڻي ڀاڱي زرعي سماج جا سور پور، تضاد، جھالت ۽ محروميون ئي نمايان نموني نظر اچن ٿيون. ھن جي حساسيت ان وقت نوٽ ڪرڻ جھڙن آھي، جڏھن معمولي لوڪ طعني يا معمولي مگر حقيقي طنز تي سنڌي ماڻھوءَ ھٿان بيگناھہ سنڌي ئي قتل ٿين ٿا.
ھت پيش ڪيل ٻہ شعري مثال جيڪي ٻھراڙيء جي سماج جو عڪس/اولڙو رکندڙ آھن، جن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ٻن مروج اصطلاحن “ھنڀوڇيون ھڻڻ” ۽ “اوڇنگارون ڏيڻ” جي تضمين نھايت فنائتي انداز ۾ ڪئي وئي آھي.
ھنن نثري نظمن ۾ لڳي ٿو ڄڻ، تہ احساسن سان ڀريل فڪري بندوق مان نڪتل طنزيا گولي جاھل طبقي جي تعاقب ۾ نڪتل ھجي.

ڪڪڙ کي ڀاڙي ڇو چيئي ؟
ھڪ قتل پندرنھن مرڻينگ
اوندھہ جون ھنڀوڇيون
روشنيءَ جون اوڇنگارون...
اڙي، پير ۾ معمولي کَٻُ ٿئي
پِنُ نہ مڙس ٿي ڪماء
طعنو ترار ٿي لڳس
چار ماڻھو خون ڪري ڇڏيائين...

محمد علي پٺاڻ جي ھن مجموعي ۾ جنگ مخالف عالمي فڪر بہ ڏنل آھي. ھو ھلندڙ دؤر جي جنگ کي حيات جي سفري سونھن لاءِ ھاڃيڪارڪ سمجهي ٿو ۽ جيئن، تہ اسرائيل آمريڪا گڏجي اڪيلي ايران تي ھي جنگ مڙھي آھي، انھيءَ پس منظر ۾ اسان جي دوست انھي جنگي جنون جي مخالفت ڪندي پنھنجو نقطو نظر ھن طرح ظاھر ڪيو آھي:

ڪن کولي ٻڌو...
ڌرتيءَ کي جيئن وڻ
۽ ماڻھوءَ کي ساھہ ٿا کپن
ايئن ئي وقت کي
بمن بنا سفر ٿو کپي.

محمد علي پٺاڻ جي شاعريءَ ۾ ھونئن تہ ھن دور جو درد ھر ھنڌ جهلڪي ٿو، پر من جي ڪنھن ڪنڊڙيءَ ۾ پيار محبت جا گوئنچ بہ رکي رکي گلن جيئن ٽڙي ضرور پون ٿا.
۽ پيار جي گلن کي ڪوبہ آدم جو ٻچڙو ٽڙڻ کان روڪي نٿو سگهي. جو پيار تہ ٿي ويندو آھي، مئٿ جي حساب جيئن مشق ھيٺ نہ اچي سگهندو آھي .پيار جي گلڙن ٽڙائڻ لاءِ محبوب جي فقط ھڪ پرڪشش نيڻ نھار،ميڇ يا مرڪ ئي ڪافي آھي.
ان حوالي سان ھن جو ھي نظم ڏسو، جنھن ۾ حسن جمال جھڙوڪ فطرت سان قافيي جيان ٻيلھہ ٿي ھڪ اھڙو خوبصورت عڪس جوڙي ٿي، جو ڇا ڳالھہ ڪجي!

مست ٿي ويا...
سونھن باغ ۾ پير ڌريو
گلن ڪنڌ نمائي آڌر ڀاءُ ڪيو
پوپٽ ڦيريون پائيندي
مست ٿي ويا...

دنيا جو ھر حساس شاعر (Optimist) اميد جو آدرڀاءُ ڪندڙ ٿئي ٿو. ھو ھر ڏکي حالت ۾ انھيءَ فڪر جو دامن ناھي ڇڏيندو.
محمد علي پٺاڻ جي تخيل ۾ اميد پرستيءَ وارو گڻ بہ جتي ڪٿي موجود آهي. جنھن سبب ئي، ھو نئين صبح ۽ سک جا سپنا ڏسندو، جاڳندو ۽ لکندو رهي ٿو. نئين سال جي ھر حال ۾ ڀليڪار بہ ان آسري تي ئي ڪرڻ چاھي ٿو، جيئن ڏيھہ ۾ روشنائيءَ جا رنگ پڌرا ٿي پون. اھا ئي سمجهہ کيس نئين سال جي جاري ۾ سک ۽ اميد جا ڏيئا ٻارڻ جي فڪري ڪوششون ڪرائيندي رھي ٿي.
ھي ننڍڙو ڪوتائي مثال ان پسمنظر ۾ ڪيتري نہ گھري فڪري خوشبوءِ پنھنجي خيال جي ساھہ ۾ سمائي ويٺو آھي.

جاڳان ٿو....
مان
جاڳان ٿو
ان لاءِ تہ
صبح ٿئي ....

محمد علي پٺاڻ کي جيڪا قدرتي (سوچڻ واري ) طاقت مليل آھي، انھي کي ھو ضايع ڪرڻ بدران اونداهي سماج کي روشنيءَ ۾ بدلائڻ لاءِ وقف ڪري ٿو. سندس ھي ڪتاب وائي (ڳالھہ) ۽ وَرُ (فڪر) اھڙي ئي طاقت جي نمائندگي سمجهڻ گهرجي. سندس سوچ ۾ سماجي شعور جو وراڪو ڏاڍي فنائتي انداز ۾ فڪر سان گڏوگڏ ڏنل آھي. جنھن مان اميد جا ڪيترائي ڪرڻا ٻاٽ کي چماٽ ھڻي اڇي اجري ۽ نئين صبح ۾ تبديل ڪرڻ جا سانباها ڪندي ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
ھن جي تخليقي ڪائنات نج پج پنھنجي آھي.يا ايئن کڻي چئجي تہ، محمد عليء جو تخليقي تاڃو پيٽو ئي سندس سخنوريء جي تابع آھي. شعري اسلوب نرالو، بياني صنعتون، انفراديت جون حامل، اڇوتا موضوع، سخنوري ساک پت برقرار رکڻ ۽ ٻيون انيڪ شعري خوبيون پڻ سندس خيالي مينھن وسڻ کان پوءِ کنڀين جيئان ڦٽي نڪرندي ڏسجن ٿيون.
ھو ھن اسم ۾ منھنجي جھڙوڪر دل جي ڀر کڻندي چوي ٿو تہ:

خيال کي
پنھنجو آسمان ھوندو آ
سج بہ پنھنجو،تہ
چنڊ ۽ ستارا بہ پنھنجا...

محمد علي پٺاڻ جي شاعريءَ ۾ سماجي سرت ۽ قدرن جي ڪميءَ جو فڪر بہ موجود آھي. ھو منافقت ۽ انساني ڪم ظرفيءَ وارين ڪمزورين ۽ڪوتاھين کي پڻ احتساب جي ڪٽھڙي ۾ آڻي ٿو. ان حوالي سان سندس ڏنل شعور پنھنجي ئي پيرن تي بيٺل نظر اچي ٿو. ھو وڏي واڪي انھن مرڻينگ قدرن تي ھن طرح نوحا ڪنان ٿئي ٿو:

مڃوتي
ظرف واري وٽ ھوندي آ
ڪم ظرف
پٿر جون اکيون رکندو آ...
يا اھو تہ:
لفظ منافق اڳيان ٿو اچي
تہ تنھنجي چھري جو نقشو ٺھي ٿو وڃي
ڇا اھا تجريديت آ ؟

ھن جي خود ڪلاميء جي خوشبوءِ بہ پنھنجي ئي آھي. ھو حيات جي حقيقت ۽ سچاين جي سون جي پرک ڪندڙ صراف وانگر اونھي ادراڪ اک رکي ٿو. وقت ۽ حالتن ھٿان کاڌل پنھنجي تڪليفن جي دانھن بہ ڪري ٿو تہ شڪايت بہ شعري صورت ۾ درج ڪرائي ٿو.
مون ننڍ پڻ کان
ڪک ڪانا گڏ ڪيا
پيريءَ ۾ جهوپڙي ٺاھي
طوفان، توکي نظر ئي اھا آئي ...

۽ جيئن مون مٿي ڳالھہ ڪئي تہ محمد عليءَ جي شاعريءَ جو بياني صنعتن واروپاسو/ پھلو نھايت نشانبر ۽ خوبصورت آهي. ھن جي ڪلام ۾ خاص ڪري استعارن جي آميزش خيال ۾ پائيدار ۽ پرڪشش جمالياتي سرگرمين جو سبب پيدا ڪندڙ آهي. سندس فڪر ۽ تخيل ۾ مستعمل استعارن کي عڪسي جارن ۾ جرڪندي ۽ ٻرندي ڏسي ڀاسندو آھي تہ ڄڻ محمد علي پٺاڻ اسٽوپا تي اڻ ڳڻيا ڏيئا ٻاري سمبارا کي پنھنجن روشن خيال، روادار ۽ سخنور ھٿن سان سلامي ڏيندو ھجي. ھي ڪجهہ محمد عليءَ ميڊ ميٽافرس آھن، جن جي سونھن سرگرمي تخيل کي گهڻو خوبصورت ۽ خاص سڃاڻپ عطا ڪري ٿي.
مثلن: دل جو وڻ، سپنن جا پن، بيتابي باھہ جا الا، ٽھڪن جي واٽ،مڀنڀٽ جي رھنما، من جي تارازي، غربت جي چولي،نمرڪ جو ڪڪر، غم جا ڪڪر، عقل جا ڪڪر، گلن جا ڀاڪر، جمھوريت جو لباس، زندگيء جي ريل، دوائن جو ڀاڙو، خواب جي ٿوڻي، مرضن جا منھن، عشق جو تنور، سوچ جو درياھ، ٻاجهہ جون ٻيڙيون، نئين سال جو جارو، سفاڪيء جون حدون،مساھن جا سينگار، جھالت جي فالج، سک جا ماڻڪ، صبر جو ڳوٺ، بک جا تارا، اوندھہ جون ھنبوشيون، مروشنيء جون اوڇنگارون، بک جو شان، ڀلائيء جا ڀاڙا، ڏک جي چيڀٽ، ضمير جي نڙي ۽ ھي چند شاعراڻا ميڊ اصطلاح، ساھن سان وڙھڻ ،اوسئيڙي جو تڙپڻ، انتظار جو لتاڙجڻ، ڀرم کي ڀاڪر پائڻ وغيرہ فڪري جمال سان ٻيلھہ نظر اچن ٿا.
آخر ۾ ھڪڙو نثري نظم اوھان اڳيان لازمي پيش ڪرڻ چاھيان ٿو، جنھن ۾ موجود قومي ايڪي ۽ عدم ترقيءَ وارو فڪر اسان سنڌين جي اجتماعي احتساب جو گهرجائو آھي. علامتي انداز ۾ ڦيٿي سان ڪيل مختصر مڪالمي بازيءَ ۾ بلا جو طنز، تنقيدي ۽ معنوي حساب ڪتاب سان سامھون آندو ويو آھي.
۽ اھا حقيقت سورھن آنا سچ آهي تہ ترقيءَ جو عالمي اھڃاڻ “ڦيٿو “ سنڌو تھذيب جي ئي ايجاد آھي:
“تہ پوءِ پاڻ پٺتي ڇو رھجي وياسون؟” ھڪ ڇرڪائيندڙ ۽ اچرج ڀريو سوال، جنھن جي ڪارڻن تي سوچڻ جي سگهہ، شعور ھن چئن مختصرن سٽن جي خيال ۾ گلن جيان اوتيل آھي:

ڦيٿا
تو سفر تہ مھين کان ڪيو
سنڌ کي
ڇو پوئتي ڇڏي وئين ؟

ڊاڪٽر جاويد شيخ
ڪراچي

شاعر پاران

ائين پنھنجي خيالن ۾ ويٺو ھئس، جو ڪٿان ھڪ يادگيري اُڏامندي اچي ذھن جي پڌر تي پير ڌريا.
رزاق مھر کي ٽي وي پروڊيوسر منظور مگسي چئي رھيو ھو، “رزاق، مونکي ھڪ قسط جو ڊرامو لکي ڏي. آئيڊيا مان ھڪ سِٽَ ۾ ڏياءِ ٿو.”
“ڏيو.” رزاق وراڻيو.
منظور مگسيءَ چيو، “پٽ پيءُ سان ھميشہ سٺي ۽ مھذب نموني پيش اچي ٿو، پر پيءُ سدائين ان کي منفي سمجهي ٿو.”
رزاق چيو، “ھا، لکندس.”
منظور مگسيءَ کان موڪلائي ٻاهر آياسين تہ رزاق چيو، “ھنئہ، ھڪ سِٽَ جي بہ آئيڊيا ٿيندي آهي ڇا. اجايو ھا ڪئي مانس.”
اِتي رزاق جي ڳالھہ مونکي چڱي نہ لڳي. چيومانس، “آئيڊيا تہ ھڪ سِٽَ جي ئي ٿيندي آ. جيئن ڪنھن شاعر چيو ھو تہ، ايڪِ نُڪُتي وچ گَلِ مُڪدي ھَئي.”
ٿوري بحث کان پوءِ رزاق مون سان متفق ٿيو ۽ ھڪ شاندار ڊرامو لکي منظور مگسيءَ کي ڏنائين. جنھن کان ڪنھن سبب جي ڪري اُھو پروڊيوس نہ ٿي سگهيو، تہ اعجاز عليم عقيليءَ پروڊيوس ڪري پي ٽي وي تان نشر ڪيو.
ان يادگيريءَ سان خيال اتيئي ڦيرو کاڌو ۽ اڳيان پيل اخبار تي جو نظر وڌم تہ ھڪ سرخيءَ تي اھا ڄمي بيٺي. ڪنھن پينو فقير جي گودڙيءَ مان ڪو شاھينگ سترھن ھزار چورائي ويو ھو.
ھڪدم ان تي ھڪ سِٽَ ذھن ۾ دھرائجي وئي، “اڙي، مان پينو فقير جي گودڙيءَ مان ستر ھزارَ ڪنھن چورايا؟” پين پنو کڻي اھا لکي ورتم تہ ٻي سِٽَ اڳيان ھلي آئي. اھا لکيم تہ وري ھڪ ٻي اچي سامھون بيٺي. پوءِ اھا ۽ ساڳئي وقت ڪيتريون ئي سِٽون اينديون ويون ۽ مان لکندو ويس.
ويھارو کن لکي پوءِ ان جي عنوان تي ويچاريم تہ، “ھڪ سِٽَ ڪھاڻي” منڊيءَ تي ٽِڪَ محسوس ٿيو.
اھي پوءِ روزاني جي حساب سان “عوامي آواز” اخبار جي تڏھوڪي ايڊيٽوريل صفحي جي انچارج زرار پيرزادي کي موڪليم. جنھن روزانو ان ئي عنوان سان اخبار ۾ شايع ڪيون.
مھينو سوا گذريو، تہ زرار چيو “مالڪن روزانو ھلندڙ ياسر قاضيءَ جو چئوسِٽو بہ بند ڪرڻ جو چيو آهي تہ اوهان وارو سلسلو بہ.”
مون سندس اھي شايع ڪرڻ جو اخلاقي طور ٿورو مڃي پوءِ جاويد مھر سان “ايڪتا” اخبار (جنھن جو ھو ايڊيٽر ھُيو) ۾ اھو سلسلو شايع ڪرڻ جي ڳالھہ ڪئي. ھن فراخدليءَ سان “ھا” ڪئي ۽ اھي “ھڪ سِٽَ ڪھاڻيون” پوءِ “ايڪتا” اخبار ۾ شايع ٿينديون رھيون.
ڪجهہ مھينن بعد جاويد مھر اھا اخبار ڇڏي “ھلچل” جُوائن ڪئي تہ اھو سلسلو اوڏانھن کڻي ويو.
اُتي ٻہ سئو سِٽون شايع ٿيڻ کان پوءِ مون انھن کي ڪتاب “ھڪ سِٽَ ٻہ سئو ڪھاڻيون” عنوان ڏئي سھيڙيو.
عجب جھڙن ڳالھہ تہ ھن ڪتاب کي انگريزيءَ ۾ زين العابدين جيسر صاحب ۽ اردوء ۾ ڊاڪٽر شير مھراڻي صاحب ترجمو ڪيو. جيڪو ٽنھي ٻولين جي امتزاج سان منفرد ٿي پڙھندڙن جي ھٿن تائين رسيو.
ساڳين ڏينھن ۾ اسان جي دور جي وڏي عالم سائين گل محمد عمراڻيءَ سان روٽين جي فون تي ڳالھہ ٻولھہ ٿي تہ ڳالھين دوران ھن چيو، “اوهان اِنَ ھڪ سِٽَ ڪھاڻيءَ ۾ ھاڻي ڪوشش ڪريو تہ شاھه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام بہ شامل ٿئي.”
مون ھائوڪار ڪري پنھنجي سوچ ۾ وِلوڙَ وڌي تہ اڌ سِٽَ شاھه سائين جي ۽ اڌ پنھنجي ڪھاڻيءَ سان “او ڪو ٻيو فھم” جي عنوان سان لکجي وئي. عمراڻي صاحب کي فون ڪري ٻڌائي، تہ ھن چيو، “او بلڪل ائين ئي لکو.”
نئين تجربي جي قبوليت جي آگاهي ملي تہ مان ان ئي ڏينھن پنجويھہ ٽيھہ “شاھُہ ۽ سِٽَ ڪھاڻيون” لکي ورتيون.
ان وچ ۾ جاويد مھر ڪنھن سبب جي ڪري “ھلچل” کان ڌار ٿيو تہ اخبار جي چيف ايڊيٽر محمد يونس مھر ان کان پوءِ بہ ھي سلسلو جاري رکيو. جن جو انگ بہ ٻہ سئو تائين پھتو، تہ مون انھن کي “شاھُہ ۽ سِٽَ ڪھاڻيون” عنوان سان ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو. جنھنجي ارپنا عمراڻي صاحب جي نالي ڪيم.
ھن سلسلي ۾ مون سان روزانو پھرين ڏينھن کان وٺي آخر تائين احمد سلطان کوسو صاحب جو ڀرپور ساٿ رهيو ۽ ھن پنھنجي روٽين جي حساب سان ھن ساڳي ڏينھن تي بنا ناغي سڀ نثري نظم انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري پئي اُماڻيا ساڳي طرح ڊاڪٽر شير مھراڻي صاحب اردو ۾ ترجمو ڪري پئي موڪليا. جنھن کان پوءِ ھي ڪتاب بہ اڳوڻي ڪتاب “ھڪ سِٽَ ٻہ ڪھاڻيون” جيان ھڪ ئي وقت ۾ ٽن ٻولين وارو منفرد ڪتاب ٿي ھٿن ۾ آيو.
بعد ۾ نثري نظم جي چئوسٽي ۾ “وَرُ ۽ وائي” لکڻ جو تجربو ھٿ ۾ کڻي ورتم. جيڪي بہ ٻن سَوَنِ تائين شايع ٿيا، تہ انھن کي بہ مون ھيئن ڪتابي شڪل ڏئي اوهان جي ھٿن تائين رسايو آهي. جنھن جي باري ۾ اوھان جي راءِ جو منتظر رھندس.

محمد علي پٺاڻ

نثري نظم

---

1 کان 25

حق... 

چوين ٿو، “چڱائي ڪري 
گهُٽو ٿو ڏيانءِ” 
“تارا ڦوٽارڻ تہ
منھنجو حق آهي نہ...”

(12 جون 2025ع)
 

-*-

اسان کي ساهُہ کڻڻ ڏيو... 

جن بہ قرض کنيا
تن کان
حساب وٺو،
اسان کي ساهُہ کڻڻ ڏيو...!

(13 جون 2025ع)

بمن جو دونھون... 

اڙي، ھي شھر ڪاڏي ويو
ھتي تہ وک وک تي 
عمارتن جا کنڊر آهن
ماڻھن بجاءِ بمن جو دونھون آ...

(18 جون 2025ع) 
-*-

ڪِيھَہ...!

تون ڪاسائي آن نہ، 
تڏهن ئي ڪاتي وھائڻ وقت 
ٻڪريءَ جي ڪِيھہ
تنھنجو ھَٿُ نہ روڪيو...!

(19 جون 2025ع)

سَندرو... 

سَندرو ٻَڌو ٿَئِي
تہ توڙَ تائين ھَلُ
اڳ ۾ ويھڻ، 
داغدار ڪندو آهي...!

(30 جون 2025ع)
-*-
 

فائيلر..

فائيلر ناھين
بس ۾ نہ چڙهُہ، 
ھيءَ
ٽئڪس ڀريندي آ...

(1 جو لاءِ 2025ع)

خاڪ... 

خاڪِ
شھر ناهي اَڏيندي
جنگيون،
ناسُ ئي ڪنديون آهن...!

(17 جولاءِ 2025ع)
-*-

غَمَ جا ڪڪر... 

غَمَ جا ڪڪر
اندر ۾ ٻاڙان ٻوڙَ لايون بيٺا آهن
اي ايڪويھين صدي ٻُڌاءِ، 
ماڻھو، ماڻھوءَ جو ڪڏهن ٿيندو...؟!

(19 جولاءِ 2025ع) 

نقلي... 

نقلي دوائون کپائيندڙ
ميڊيڪل اسٽور واري کي
ھزار جو نقلي نوٽ لڳي ويو
فريم ڪرائي ٽنگي ڇڏيائين...

(30 جولاءِ 2025ع)
-*-

نينھن نياپو... 

چنڊَ تائين پھتو الائي نہ
پر 
پرينءَ پارِ ان آڌارِ
نينھن نياپو موڪلي ڇڏيم...

(31 جولاءِ 2025ع) 

پٿر جون اکيون... 

مَڃوتِي
ظرف واري وٽ ھوندي آ
ڪم ظرف
پٿر جون اکيون رکندو آ...

(5 آگسٽ 2025ع)
-*-

زندگي... 

مان کُھِجي ويھجي ويس تہ
پرواھہ ناهي
زندگي وقت سان گڏ
ڊوڙي پئي...

(6 آگسٽ 2025ع) 
**

دوائن جو گهُرجائو... 

دردُ
دوائن جو گهرجائو آ
بازارون ديناداستي
نقلي دوائن سان سينگاريل آهن...

(14 آگسٽ 2025ع)
 

-*-

درگذر ۽ ھَٺُ... 

درگذر
رتوڇاڻ جو رستو روڪيندي آ
ھَٺُ رت جي درياھہ ۾
ٻوڙي ماريندو آ...

(16 آگسٽ 2025ع) 
-*-

ڳوڙھن جو دانُ... 

ليٿڙيون پائيندڙ ڏُکَ
ھَٿُ ٽنگيو
مون پنھنجا ڳوڙها
ان کي دانُ ڪري ڏنا...

(22 آگسٽ 2025ع)
-*- 

ٻاجهاري ٻولي... 

درياھہ جي پرئينءَ ڀَر بيھي
گاريون ڏيندڙ
اورتي اچُ تہ
ٻاجهاري ٻوليءَ سان معطر ڪيانءِ...

(23 آگسٽ 2025ع)
-*-


تون ڪڏهن ايندينءَ.... 

ساھہ ٽٽل سپنن جي 
زخمن سان ٽڪرائجي
ڏکي رھيا آھن 
تون ڪڏهن ايندينءَ...

(27 آگسٽ 2025ع)
-*- 

پتوڙ... 

پتوڙ
پوئين ساهَہ تائين
آرام
ابدي سفر ۾ ڪجانءِ...

(28 آگسٽ 2025ع) 
-*-


اَڻَ ڪيل گناھن جا انتقامَ... 

تو
منھنجي اڻ ڪيل گناھن جا
ڪيترائي انتقام ورتا آهن
ڪجهہ بچائجانءِ
مرڻ کان پوءِ وٺجانءِ....
(2 سيپٽمبر 2025ع)
-*- 

اخلاق... 

ھن چيو، توکي گاريون ڏنائين
سھي وئينس
مون چيو، گاريون دل ۾ آيون
اخلاق اڳيان اچي بيٺو...
-*-

جاڳان ٿو... 

مان
جاڳان ٿو
ان لاءِ تہ
صبح ٿِئي....

(10 سيپٽمبر 2025ع)
-*- 

سنڌي ۽ ڀٽائي.... 

سنڌي ڪيئن ٿو سڏائين
تو تہ
ڀٽائيءَ کي
پڙھيو ئي ناهي...

(11 سيپٽمبر 2025ع)
-*-


پيرا... 

پيرا تہ
تنھنجي دَرَ تائين آيا
تو نہ باسيو،
تہ مون کڻي “ٺَھِيو” ڪئي...

(17 سيپٽمبر 2025ع)
-*- 
 

جُتيءَ کي وارو... 

جُتيءَ کي جڏهن وارو مليو
تھاُھا ڏاڍن سان
ڇا نہ ڪندي
اھو ياد رکندا اچجو....

(18 سيپٽمبر 2025ع)
-*-

ڪھاڻيپڻو... 

ھو لفظ اڇلي ميڙ ٺاهي
انھن کي ڪھاڻي چوندو آ
ڪھاڻيپڻو پري کان
ھن جا چٻاڙا ڪڍندو آ...

(24 سيپٽمبر 2025ع)

26 کان 50

جَجَ جي پينشن... 

مان رٽائرڊ پروفيسر 
جَجَ جي پينشن مون کان گهڻي آ
ھُو پالڪين ۾ ٿو لُڏي
مان ڳيتون ڏئي ٿو گذاريان...

(25 سيپٽمبر 2025ع)
-*-

حاڪم ۽ عادل...!! 

حاڪم، سياري جي باهِه
لوڪَ کان کسي
پاڻ ڏي سوريندي چوين ٿو،
“مان عادل آھيان...!”

(14 جون 2025ع)
-*-

جنگجُو... 

تون ماڻھو ٿِي ماڻھو ٿومارين
اھا تنھنجي فتح ناهي
بدترين شڪست آهي
جَنگِجُو...!

(15 جون 2025ع)
-*-

طرز حڪمراني...! 

اوهان جي طرز حڪمرانيءَ
عام کي
ذھني مريض بڻائي ڇڏيو آ
سائڪارٽرسٽ آھن ئي ڪونہ...!

(16 جون 2025ع) 
-*-

سنگت....! 

سنگت آهي
پر ان جي اکين مان
ادب
اُڏامي ويو آ...!

(17 جون 2025ع)
-*-

جنگيون...!

جنگيون ٻاري ساڙي رھيون آهن
سُڪا ساوا نٿيون ڏسن
ماڻھپو اڃا انھن تي
فتح حاصل نہ ڪري سگهيو آ...

(21 جون 2025ع)
-*- 

اسان ھَٿَ وَڍايا... 

اسان ووٽ ڏئي ھَٿَ وڍايا،
ھاڻي تون فيل مست آن
اسان کان آخري گرهَہ کسي پنھنجي 
ڀل ڇھہ سئو ڀيرا پگهارَ وڌاءِ...

(22 جون 2025ع)
-*-


بَمَ.... 

موت ڪيتري فاصلي تي آهي؟
خبر ناهي
بم وسن ٿا،
انھن کي ھوندي...!

(23 جون 2025ع)
-*-

جنگبندي... 

ھيڏي دنيا مان ڏاھپ
ڪاڏي برمُنھن ڪري وئي آ،
جو
ڪوئي جنگ بند نٿو ڪرائي...!

(24 جون 2025ع)
-*-

اسان جو آسمان... 

امان،
مونکي بمن کان ڀَئُہ ٿو ٿِئي
جھازَ وارن کي جهَلِ تہ،
اسان جي آسمان ڏي نہ اچن....

(25 جون 2025ع)
-*-


ڏاڏَرِ.... 

ڏاڏَرِ تہ وڏي ڪَيَئِي
ھَٿَ پَيَئي
تہ دير ئي نہ ڪَيَئِي
وريامُ ٿي وئين...!

(26 جون 2025ع)
-*-

ٺڳيءَ جو ٺاهُہ...! 

توکي ست رشي
مان بکيو
انسان ٻئي ھڪجھڙا
ٺڳيءَ جو ٺاهُہ...!

(27 جون 2025ع) 
-*-

بدامني باهِہ... 

قانون ڪاٿي آن، 
بدامني
چوڌاري
ٻيلي جي باهِہ ٿي وئي آهي...!

(28 جون 2025ع)
-*-

جمھوريت ۽ لٺيون... 

حق گهرندڙ کي لٺيون ھَڻُ
ماري ساهُہ ڪڍيس،
واھہ جي حڪومت آ،
عجيب جمھوريت آ...!

(2 جولاءِ 2025ع)
-*-


جُتي ۽ رَئو...!

ڪپر تي جُتيءَ مٿان رَئو رکي
بک کان بيزارُ ٿي
ماءُ ڌيءُ سوڌو 
درياھہ ۾ ٽپو ڏنو...!!

(3 جولاءِ 2025ع)
-*-

وڏو شڪارُ... 

ھن چوري ڪئي،
ماءُ ڇَٻَٺُ ڪئي
وڏو ٿي وڏو شڪارُ
ماءُ جا زيور ڪيائين...!

(4 جولاءِ 2025ع)
-*-

سِرُ گهورِ... 

پيار جو نالو ورتو ٿَئِي تہ
مَنُ مُڃَ ڪَرِ
ڪَکَ پَنَ تان
سِرُ گهورِ...

(5 جولاءِ 2025ع)
-*-

ڪربلا...! 

وقت کي ھاٿيءَ جا پيرَ
ڊوڙ ھرڻ واري آ
منظر مٽجن ٿا،
ڪربلا اُتي بيٺي آ...!

(6 جولاءِ 2025ع)
-*-

بُکَ...! 

“ڀَليءَ” ماءُ جي ڀرم کي ڀاڪر پائي
ٻن سالن جي عمر ۾ ساڻس گڏ ٻُڏي 
بُکَ جي شان کي جبر جي ڳوٺ مان 
نئين بلندي بخشي آ...

(8 جولاءِ 2025ع)
-*-

صوفياڻي سنڌ ۽ قبائليت...!

ھر ذات ۾، 
سردار پيدا ٿي پيو آ
صوفياڻي سنڌ
قبائليت ۾ نہ ويڙھجي وئي آ...!!؟

(9 جولاءِ 2025ع)
-*-

ڀَلائيءَ جا ڀاڙا...

علم
اڳتي نہ وڌندو تہ
ڀَلائيءَ جا ڀاڙا
ڪيئن ملندا...!

(10 جولاءِ 2025ع) 
-*-

انسان دوستي ۽ ايمانداري... 

انسان دوستيءَ ۽ ايمانداريءَ
تڏا ناھن ويڙھيا
وڏيون ڪرسيون انھن کي ڏيو
ملڪ فرش تان کڄي عرش ڇھندو..

(11 جولاءِ 2025ع)
-*-

ماڻھپي جو دروازو... 

ڏک جي چِيڀَٽَ،
اندر ۾
ماڻہپي جو
دروازو کوليندي آهي...!

(12 جو لاءِ 2025ع) 
-*-

مسافر جي مجبوري... 

ريلَ تہ
وڃڻي آ
مجبوري مسافر جي آ
چڙهي نہ چڙهي...!

(13 جولاءِ 2025ع)
-*-

پاڻَ کان پُڇُ...!

تنھنجيون نصيحتون اکين تي،
برابر ڪتاب ئي شعور ڏين ٿا،
پر پاڻَ کان پُڇُ سالن ۾،
ڪتاب ھٿ ۾ بہ کنيو ٿَئِي...!؟

(14 جولاءِ 2025ع)

51 کان 75

ڏوهُہ ڪرڻ... 

ڏوهُI ڪرڻ
ضمير جي نڙيءَ تي لَتَ ڏيڻ آ
۽ انسانپڻي کي
تيزاب جي ڊرم ۾ اڇلڻ آ...!

(15 جولاءِ 2025ع)
-*-

سُورَ پَچارَ... 

سُورَ پَچارَ
نہ وِسارِ
سُکن جا پيچرا
ان مان ئي نڪرندا آهن...

(16 جولاءِ 2025ع)
-*-

اُڏارَ مُئل آ... 

زخمي پکيءَ جي 
اُڏارَ مُئل آ
ھن جو آکيرو اڄ
اڪيلو ننڊ ڪندو...

(20 جولاءِ 2025ع)
-*-

معاشرو... 

ماءُ چيو
معاشرو خراب آ
منھنجي معصوم پٽ کي
خوني بڻائي ويو...

(21 جولاءِ 2025ع) 
-*-

رت ڌوتل نَڪُ... 

قبائليت وري نَڪُ ڌوتو
پسند جو پرڻو ڪندڙن کي 
نئين سِرِ ڪُھي
انھن جي رت سان...

(22 جولاءِ 2025ع)
-*-

ننڊَ جو وقت ڪونھي... 

ننڊَ جو وقت بہ ڪونھي
سُتل آهن
لڳي ٿو
مُئل آهن...!

(23 جولاءِ 2025ع)
-*-

گُٽِڪائي ڊرائيور... 

ھو تہ روڊ جي وَٽِ ۾
حجم کان ڏاڙهي ٺھرائي رھيو ھو
ڪھڙي خبر گُٽِڪائي ڊرائيور
مٿانئس ٽرڪ چاڙهي ويندو...

(24جولاءِ 2025ع)
-*-

گولي... 

گولي خوابن کي
قتل ڪندي آهي
۽ سفاڪيءَ جون حدون
لتاڙي ويندي آهي...

(25 جولاءِ 2025ع)
-*-

توبھہ تائب ٿيءُ.... 

اڙي ادا،
سياست عبادت آ
گورکُ ڌنڌو ناهي
توبھہ تائب ٿيءُ...

(26 جولاءِ 2025ع)
-*-

ڏيئو ٻارِ... 

رات آھي
ماڻھو آن
ڏيئو ٻارِ
اوندھہ ۾ چمڙا رھندا آھن...

(27 جولاءِ 2025ع)
-*-

ڦيٿا.... 

ڦيٿا،
تو سفر تہ مھين کان ڪيو
سنڌ کي
ڇو پوئتي ڇڏي وئين؟!

(28 جولاءِ 2025ع)
-*-

سَچُ ٿو چوان... 

سَچُ ٿو چوان
جيستائين تعليم عام نہ ٿيندي
جهَنگُ
گلستان ڪو نہ بڻبو...

(29 جولاءِ 2025ع) 
-*-

بيٺو رَهُہ... 

بيٺو رَهُہ
تنھنجي سچ ڏي ڪو تہ لڙندو
پوءِ
ٻہ تہ ٻارھن ٿيندئو...

(پھرين آگسٽ 2025ع)
-*-

ساھن جا سنسار... 

وڻ وڍڻ سان
ڌرتيءَ کان سينگار نٿو کسين
ساھن جا
سنسار بہ کسين ٿو...

(2 آگسٽ 2025ع)
-*-

ڇولي ۽ ڇوهُہ... 

ڇوليءَ ۾ ڇوهُہ ئي ايترو ھو
پيرن تائين نہ پھتي 
موٽي وئي 
تو وانگر...

(3 آگسٽ 2025ع)
-*-

ڪتاب... 

غريب ٻار ڌنارَ وارو لڪڻ 
ھڪ ھٿ ۾ پڪڙيون
ٻڪريون اڳ ۾ ڪيون پئي ويو
ٻئي ھٿ ۾ ڪتابَ ھُيس...

(4 آگسٽ 2025ع) 

-*-

قلم جو آواز... 

قلم جو آواز وڪڻي
پيٽ پاليندڙ
ان کان سُٺو ٿَئي
وچ بازار ۾ ڪشتو کڻي ويھُہ ...

(7 آگسٽ 2025ع)
-*-

وقت کي وقت ڪونھي... 

پنھنجو وقت سجايو ڪرڻ لاءِ
ان سان گڏ ھَلُ
وقت کي وقت ڪونھي
جو تنھنجو انتظار ڪري...

(8 آگسٽ 2025ع)
-*-

زبان... 

زبان آلو لڪڻ ٿَئِي
سنڀالي ڳالھاءِ
ڇانوَ يا اُسَ ۾
اھا ئي ويھاريندي آ...

(11 آگسٽ 2025ع)
-*-

جبري چالان.... 

جبري چالان نہ ڀريندس
موٽر سائيڪل کي تيلي ٿو ڏيان
نہ رھي گا بانس
نہ بجي گي بانسري...

(12 آگسٽ 2025ع) 
-*-

بي حسي عروج تي... 

بي حسي عروج تي
شھري اسپتال مان زال جو لاش 
موٽر سائيڪل سان ٻڌي
گهر روانو ٿيو...!

(17 آگسٽ 2025ع)
-*- 

آپي ۾ رَهُہ... 

آپي ۾ رَهُہ
اھا حَدَ ٽَپِئين
تہ ڪو بہ توکي
ماڻھو نہ چوندو...

(18 آگسٽ 2025ع) 
-*-

غريبي ۽ بُکَ... 

غريبي
جي بُکَ سان گڏ اُٿي پَئِي تہ
ٻڌاءِ
ڪھڙو ڍاوِيَلُ روڪيندو ان کي...

(20 آگسٽ 2025ع)
-*-

حياتي... 

حياتي پنڌ ڪري
پيريءَ ۾ پھتي آ
فوٽوءَ ۾ ٻاراڻپ
ساڳي ھنڌ بيٺي آ...

(21 آگسٽ 2025ع) 
-*-

منھنجي ڳالھہ ٻُڌُ

بيھُہ اِتي
منھنجي ڳالھہ ٻُڌُ
دنيا کي وحشانيت نہ،
ماڻھپو بچائيندو....

(25 آگسٽ 2025ع)

76 کان 100

ايمانداريءَ جو ساهُہ... 

ڪرپشن جا سلا
وڌي وڻ ٿي ويا آهن
ايمانداريءَ جو ساهُہ
لُڪيءَ ۾ تڙپي ٿو...

(26 آگسٽ 2025ع) 
-*- 

ايترو صبر... 

صبر جي بہ حد ٿيندي آ
ايترو بہ نہ ڪجي
جو ريل 
مٿان وھي وڃي...

(29 آگسٽ 2025ع)
-*- 

بدامني... 

بدامني رسو ڇِنائي وئي آ
تڏهن تہ ٿاڻي ۾ لٺ پکي کي بہ، 
زنجيرُ ھڻي 
قلف ۾ قابو ڪيو ويو آ...

(30 آگسٽ 2025ع)
-*- 

خوابَ

خوابَ
زندگيءَ جي چرپر سان ٻڌل آھن
موت
انھن کي بہ ماري ڇڏي ٿو...

(31 آگسٽ 2025ع)
-*- 

درد جا درياهہ 

ڪويل شايد
خوشيءَ مان ڳائيندي ھجي،
منھنجي اکين مان تہ
درد جا درياھہ اُٿلي پيا آهن...

(1 سيپٽمبر 2025ع)
-*- 

شاهہ سائين ۽ قلندر

ھن چيو، ٿي سگهي ٿو
شاھہ سائينءَ قلندر جون
مَٽِيون ڀريون ھجن
مون آسمان ڏانھن ڏٺو...

(4 سيپٽمبر 2025ع)
-*- 

امرجليل 

ھو زندہ آ
اھا اسانجي خوشبختي آ،
امرجليل سنڌ جي 
روشن خياليءَ جي آڪسيجن آ...

(5 سيپٽمبر 2025ع) 
-*- 

ضمير... 

اڙي
منھنجيون چڱايون ڏنگيندئي
ان گهڙيءَ
جڏهن ضمير ننڊ ۾ نہ ھوندئي...

(8 سيپٽمبر 2025ع)
-*- 

بَديءَ جي ٻيگهي.... 

بديءَ جي ٻيگهي متل آ
نيڪي
درياھہ م ٽٻي ھڻي
گم جو ٿي وئي آ...

(9 سيپٽمبر 2025ع) 
-*- 

ڪُنڍي ڪَڍُ...

سوچَ
ڪُنڍي ڪَڍُ
تہ
آرام ڪريان...

(12 سيپٽمبر 2025ع)
-*- 

ھوڙَ ڪوسي... 

عجيب حڪمراني آ
جائز ڪم جو ڪاغذ بہ ھِتان 
ھُتي نٿو چُري جيستائين
ھوڙَ ڪوسي نہ ٿي ڪرائجي...

(14 سيپٽمبر 2025ع)
-*- 

سوچَ ۾ سجاڳي... 

قھر جا ڪوٽ
تڏهن ڪرندا
جڏهن
سوچَ ۾ سجاڳي ايندي...

(15 سيپٽمبر 2025ع)
-*- 

تو پئسا بچايا... 

توکي ڪيرُ نہ سُڃاڻي
ماءُ بہ سُڃاتُئِي پئي،
جيڪا لاعلاج ٿي مري وئي
تو پئسا بچايا...

(16 سيپٽمبر 2025ع)
-*- 

پُڇاڻو ڪَيوسِ... 

پُڇاڻو ڪيوس سنڌ جي
وڏي شاعر جي شاعري
گهر کڻي اچي پنھنجي نالي سان
ڇو ٿو ڇپائين....

(19 سيپٽمبر 2025ع)
-*- 

ڪھڪاءَ جو آپگهات... 

يارَ، ھي موٽر سائيڪل تہ ڦُرِنِ ٿا
ماڻھو بہ مارِنِ ٿا
ڪھڪاءَ
آپگهات ڪري ڇڏيو آ...

(21 سيپٽمبر 2025ع)
-*- 

آسمان... 

تنھنجي ۽ منھنجي اندر ۾
ھڪ آسمان آ
خيال ۽ خواب پکين وانگر
ان ۾ پيا ٿا اُڏن....

(22 سيپٽمبر 2025ع)
-*- 

نڌڻڪائي... 

پارٽيون آهن
عوام سان گڏ ڪا بہ ناهي
ماڻھو اسپتالن، ٿاڻن ۽ روڊن تي
نڌڻڪائي ڀوڳين پيا...

(23 سيپٽمبر 2025ع) 
-*- 

وڙهہ... 

وڙھ
انھن ساڻُ
جن توکان ۽ ڌرتيءَ کان
سچ کسيو آ...

(26 سيپٽمبر 2025ع)
-*- 

احترام جو وچن... 

پيار جي ميدان ۾ آيو آن
تہ عمرڀر
ان جي احترام جو
پاڻ سان وچن ڪر...

(27 سيپٽمبر 2025ع)
-*- 

سياستدان ڪيئن مڃجي... 

جيڪو
ڪنھن کي بہ عزت نٿو ڏي
ان کي
سياستدان ڪيئن مڃجي...

(30 سيپٽمبر 2025ع)
-*- 

قبر فقط اڍائي وال... 

قلم جي حُرمت وِڪڻي
بنگلا ڀلي ٺاهِہ
پر اڳيان ڏِسُ
قبر فقط اڍائي والَ ٿيندي آ...

(پھرين آڪٽوبر 2025ع) 
-*- 

تنگ لباس... 

سچ تنھنجي اندر ۾ ويٺو آ
پر ڪوڙ جو پاتل تنگ لباس
ان کي
ٻاھر نڪرڻ نٿو ڏئي...

(2 آڪٽوبر 2025ع)
-*- 

ڌوتُئِي يا ٻوڙيُئِي... 

چوين ٿو
ڌيءُ ڪاري ڪري ماري
نَڪُ ڌوتم
“ڌوتُئِي” يا “ٻوڙيُئِي”....

(3 آڪٽوبر 2025ع) 
-*- 

علم جو جھانُ... 

پڙھي
ڪڙھڻ سِکُ
علم جو جَھانُ
تڏهن سمجهہ ۾ ايندئي...

(4 آڪٽوبر 2025ع)
-*- 

اھو نہ وسارجانءِ... 

مونکي چيڀاٽڻ وارا
اھو نہ وسارجانءِ
تہ مون ۾
تون بہ آھين...

(5 آڪٽوبر 2025ع)

101 کان 125

موت ڏاڍو آ... 

موت کان زندگي
ھارائي ويندي آ
ڇو تہ اھو اڻ ڏٺو 
ساھدارن کان ڏاڍو آ...

(6 آڪٽوبر 2025ع)
-*- 

ھوا ۾ سُرَ سازَ.. 

ھوا ۾ ئي
سُرَ ۽ سازَ آهن
ان ۾ پيھي
ڪَنُ تہ ڏَئِي ڏِسُ نہ...

(7 آڪٽوبر 2025ع)
-*- 

دانش کان سواءِ..

اڳي سياستدان
دانشور ھوندا ھئا
ھاڻي
دانش کان سواءِ سڀڪجهہ آهن...

(8 آڪٽوبر 2025ع)
-*- 

وقت ۽ ھوا.... 

وقت سج ۽ چنڊ جي اکين مان
ڏسي پنڌ ڪري ٿو
ھوا پنن لڏڻ، ڪتڪتاين 
۽ ساهَه مان ڳالھائي ٿي...

(10 آڪٽوبر 2025ع) 
-*- 

نوٽن جا جوتا... 

نوٽن جا
جوتا چٽي
زندگي گذارڻ
زندگي وڃائڻ آهي....

(11 آڪٽوبر 2025ع)
-*- 

عزتِ نفس... 

ٻارَ کي ڇِڙِٻَ نہ ڏي
تو جيان 
ڄمڻ سان ھو بہ
عزتِ نفس کنيو آيو آ....

(12 آڪٽوبر 2025ع) 
-*- 


پٽيل اکيون ۽ ننڊَ... 

اکيون تہ پٽيل ھُيس
پر،
الائي ڪھڙي ولايت جي ننڊَ
ويڙهي وئي ھُيس...

(13 آڪٽوبر 2025ع)
-*- 

وساڻل فانوسن ۾... 

ڏاتِ، تون منھنجيون راتيون 
روشن ڪرين ٿي
مان اھا روشني احساسن جي 
وساڻل فانوسن ۾ اوتيان ٿو...

14)آڪٽوبر 2025ع) 
-*- 

وَرُ بہ کڻي..

وَرُ بہ کڻي
ورھين جي انتظاريءَ بيقراريءَ
زندگيءَ کان
زندگي کسي ورتي آ...

(15 آڪٽوبر 2025ع)
-*- 

التجا.... 

ٽٽل تارا
تون
منھنجي قسمت
نہ بڻجانءِ...

(16 آڪٽوبر 2025ع) 
-*- 

سمجهہ ۽ سُورُ... 

سمجهہ کي
سُورَ سان سلھاڙِ
دنيا
نئين نظر ايندئي...

(19 آڪٽوبر 2025ع)
-*- 

پنھون وڃايل آ... 

سسئي، تنھنجا سُورَ
ھر ماڻھوءَ لئہ ساڳيا آهن
ھر ڪنھن کان
پنھون وڃايل آ...

(20 آڪٽوبر 2025ع) 
-*- 

پاڻيءَ تي ليڪا... 

تخليق جي ڀولي
ھٿن مان ڇڏائي وئي ٿَئي
اجايو پاڻيءَ تي
ليڪا نہ پاءِ...

(21 آڪٽوبر 2025ع)
-*- 

وَڌُ اڳتي... 

اڙي، وَڌُ اڳتي
ڇِنُ وقت کان
پنھنجي 
حياتيءَ جا سُکَ...

(22 آڪٽوبر 2025ع) 
-*- 

پوشاڪي ٿيءُ... 

لٽا لاھي
نہ ڳالھاءِ
پوشاڪي
ٿيءُ...

(23 آڪٽوبر 2025ع)
-*- 

تباھيءَ جو الارم... 

چئني پاسي باھيون ٻاريون ٿَوَ 
۽ نٿا ٻڌو اوزون تَھہ کي 
جيڪو ٽٽندي ڌرتيءَ جي 
تباھيءَ جو الارم پيو وڄائي...

(24 آڪٽوبر 2025ع)
-*- 

خوابن جي دل ۽ تون... 

خوابن جي دل ۾
تون ويٺل آن
پر ننڊ جيان
ڪيڏو نہ پري آھين...

(26 آڪٽوبر 2025ع)
-*- 

مڪاري ڪَڍُ... 

مَنَ مان
مڪاري ڪَڍُ
نہ تہ مک وانگر سدائين
پيو پنھنجو ئي مُنھن پِٽِيندين...

(28 آڪٽوبر 2025ع) 
-*- 

بيھڻو ناهي... 

رڻ ڏاڍو تتل آ
سج اُلا ٿو ڪڍي
پر بيھڻو ناهي
پنھون پري نڪري ويندو...

(29 آڪٽوبر 2025ع)
-*- 

خاڪ کان اڳ... 

خاڪ جي منزل کان اڳ
بچيل ٽانڊن تي
سوچ ۽ ھٿن کي
سيڪيندو ئي رھڻ ڏي...

(30 آڪٽوبر 2025ع) 
-*- 

انسانپڻو... 

نَنھن سان ڇِنَڻُ سِکُ
ڪاتي
انسان نہ
ڪاسائي وجهندا آھن...

(3 نومبر 2025ع)
-*- 

روشنيءَ جون اوڇنگارون... 

ڪُڪَڙَ کي ڀاڙي ڇو چَيُئي؟ 
ھڪ قتل تيرھن مرڻينگ
اوندھہ جون ھنبوڇيون
روشنيءَ جون اوڇنگارون...

(4 نومبر 2025ع) 
-*- 

بُکَ تارا ٿي ڪڍي... 

سرنديءَ وارئو
احساس کي زندگي ڏيو
غريبيءَ جا واھرو ٿِيو
بُکَ تارا ٿي ڪڍي...

(5 نومبر 2025ع)
-*- 

نرڙ نائِي ٿيو آ... 

پٿر کي ميڻ سمجهي
دوستيءَ جو ناتو ڳنڍيو
اڄ خبر پئي
جڏهن نرڙ نائِي ٿيو آ...

(7 نومبر 2025ع) 
-*- 

ليکَ نہ بِگاڙِ.... 

ايڊيٽر آھين
ليکڪ نہ آھين
ترميمون ڪري
پراوا ليک نہ بگاڙِ...

(10 نومبر 2025ع)
-*-

126 کان 150

ڪھڙو جواب ڏِيانسِ

مطالعي جو چيومانءِ
چيئي، مون ۾ ڪا کوٽِ آ ڇا... 
ٻڌايو ان جو
ڪھڙو جواب ڏِيانسِ...

(11 نومبر 2025ع)
-*- 

ڀونءِ جو ڀُڻڪو... 

ڀونءِ جو 
ڀُڻڪو ٻُڌين ھا،
تہ مَنَ اندر ۾ 
رڳو ساوڪ ئي ساوڪ ھُجئي ھا...

(12 نومبر 2025ع)
-*- 

سلامتيءَ جون دعائون... 

دوست، تون ڀل سدائين 
مون لاءِ کڏون کوٽيندو رھ
مان تنھنجي سلامتيءَ جون
دعائون گهرندو آھيان...

13)نومبر 2025ع) 
-*- 

ماڻڪ ميڙڻ نہ وِسارِ.... 

غم جي عميق ۾
پاڻ ضرور ٻوڙِ
پر ان مان سُکَ جا ماڻڪ ميڙڻ
نہ وِسارِ...

(15 نومبر 2025ع)
-*- 

خوف کائي ويو... 

تو وفا جو وچن ڪيو ھو
زمانو وچ ۾ آيو
بيوفائي تنھنجو چارو بڻي
عشق کي خوف کائي ويو...

(16 نومبر 2025ع) 
-*- 

ڌوڙِ ۾ ويڙھجي ويس... 

تون ڪار ۾ ھُئينءَ
مان پَنڌِ ھُيس
تڏهن
ڌوڙ ۾ ويڙھجي ويس...

(17 نومبر 2025ع)
-*- 

واريءَ جو پنڌ... 

چڱائي واريءَ جو پنڌ
لڱائي اڏوھي بڻجي
سڀ قدر
کائي وئي...

(18 نومبر 2025ع) 
-*- 

اَٽَلُ رکجانءِ... 

قلم،
توسان ڄمندي منھنجي ماڻھپي
ماءُ جو ناتو ڳنڍيو
قبر تائين اَٽَلُ رکجانءِ...

(19 نومبر 2025ع)
-*- 

مست ٿي ويا... 

سونھن باغ ۾ پيرُ ڌريو
گلن ڪنڌ نمائي آڌر ڀاءُ ڪيو
پوپٽ ڦيريون پائيندي
مست ٿي ويا...

(21 نومبر 2025ع)
-*- 

ڪتابَ وٺي وَڃُ... 

پڙھيل آھين
گهر 
مٺائيءَ جو دٻو نہ
ڪتابَ وٺي وَڃُ...

(23 نومبر 2025ع)
-*- 

بگهڙَ... 

توڏي
ھڪ ئي رستو پئي آيو
جنھن تي
بگهڙَ ويٺا ھئا...

(24 نومبر 2025ع) 
-*- 

قبر ۾ گڏ ڪو نہ ھلندئي... 

ھي ھيڏو جو پئسو
ڪٺو ڪيو ٿَئِي
قبر ۾ گڏ ڪو نہ ھلندئي
نہ اُھي جن لاءِ ميڙيو ٿَئِي...

(27 نومبر 2025ع)
-*- 

سُورَ پَتو... 

سگريٽ نہ پيءُ
ساھن سان نہ وڙهُہ
انھن جي پالنا جو سُورَ پَتو
ماءُ کان پُڇُ...

(28 نومبر 2025ع)
-*- 

تو سيکاريو ھو... 

جوڀن جي پھرين وِکَ ۾ عشق سان 
اَکِ مِلائڻ تو سيکاريو ھو
جيڪو پيريءَ ۾ بہ
وساري ناھيان سگهيو...

(29 نومبر 2025ع)
-*- 

منھنجي طاقت... 

منھنجي طاقت
جھالت جي فالج ۾ ورتل آ
توکان ڪيئن پڇان تہ
سونا محل ڪاڏھُن آندئي....

(30 نومبر 2025ع) 
-*- 

فاصلو... 

فاصلو ھڪ وک جو ھو
نہ تون اڳتي وڌينءَ
نہ مان
زندگي عذاب ٿي وئي...

(2 ڊسمبر 2025ع)
-*- 

بيخبر خوابُ... 

خوابَ کي
خبر نہ ھئي تہ 
جتي پسارَ ڪندو
اتي کَکَرِ ويٺل ھوندي...

(3 ڊسمبر 2025ع) 
-*- 

انتظار لتاڙجي ويا... 

ڇا تہ وقت ھو
تو بنا پَلُ صديون ڀاسندو ھو
وڇوڙو آيو
انتظار لتاڙجي ويا...

(4 ڊسمبر 2025ع)
-*- 

سُکَ جو ساهُہ کڻڻ ڏي... 

ڏُکَ يارَ
منھنجي پَچَرَ ڇَڏِ
حياتيءَ ۾ ڪو ھڪڙو ۽ ننڍڙو تہ
سُکَ جو ساهُہ کَڻَڻُ ڏي...

(5 ڊسمبر 2025ع)
-*- 

زمانن کان... 

نہ ملياسين
واعدي واري جاءِ تي
اوسيئڙو تڙپندو رهيو آهي
زمانن کان..

(6 ڊسمبر 2025ع)
-*- 

اڻ مڪمل تاريخ جو نوحو... 

تاريخ جون ڪڙيون
ٽٽل آهن
سوڀا،
تنھنجا ڪيئي ڪتاب اڻڇپيل آهن...

(8 ڊسمبر 2025ع)
-*- 

ٻاجَهہ جون ٻيڙيون.... 

سوچَ جي درياهَہ تي
ٻاجَھہ جون ٻيڙيون ھَلاءِ
“ماڻھو” سڏائڻ جو حقدار
تڏهن ٿيندين...

(9 ڊسمبر 2025ع)
-*- 

فنا نہ ٿيندينءَ... 

جُواني،
عشق جي تنور جو
سير ضرور ڪري آءُ
فنا نہ ٿيندينءَ....

(10 ڊسمبر 2025ع) 
-*- 

طعنو تَرارِ ٿي لڳس... 

اڙي، پيرَ ۾ معمولي کَٻُ ٿَئي
پِنُ نہ مُڙس ٿي ڪماءِ 
طعنو تَرارِ ٿي لڳس
چارِ ماڻھو خون ڪري ڇڏيائين...

(11 ڊسمبر 2025ع)
-*- 

سِڪَ سَلو سائو آ... 

توڙي وڇوڙي جي ڌرتي ٺوٺ آ
پوءِ بہ ساھن جو پاڻي ڏئي
ملڻ جي سِڪَ سَلي کي
سائو رکندو آيو آھيان...

(12 ڊسمبر 2025ع)

151 کان 175

پرينءَ جا ٽھڪ... 

ھوا
پاڻ مان پرينءَ جا ٽھڪ ڳولي
موتي ڪري ڏي تہ
سڳي ۾ پوئي مالھا ڪري پايان...

(13 ڊسمبر 2025ع)
-*- 

ڏکاري حيرت ۾.... 

سڀني مرضن جا مُنھن
اچي منھنجي جسم ۾ کُليا آهن
اکيون ڏکاري حيرت ۾
زندگيءَ جو اھو موڙ ڏسن ٿيون...

(14 ڊسمبر 2025ع)
-*- 

پَٽَ تي ٻرندڙ ڏيئو... 

ڏيئو
پَٽَ تي ٻري رهيو هو
روشنيءَ اوچن ڏونگرن کي
لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو هو...

(15 ڊسمبر 2025ع)
-*- 

ڪھڙي اسڪول ۾ پڙھيو آن... 

ڪھڙي اسڪول ۾ پڙھيو آن
نہ رواداري اٿئي
نہ سمجهہ 
نہ ٻاجهہ....

(16 ڊسمبر 2025ع) 
-*- 

ڇا اھا تجريديت آ.... 

لفظ “منافق” اڳيان ٿو اچي
تہ تنھنجي چھري جو نقشو
ٺھي ٿو وڃي
ڇا اھا تجريديت آ؟....

(17 ڊسمبر 2025ع)
-*- 

ڏَنءُ ڏيئي... 

منھنجي خوابن جي وستيءَ کي 
ڏَنءُ ڏيئي
وڃي الائي ڪاٿي 
قراري ٿي آهي...

(18 ڊسمبر 2025ع) 
-*- 


چڱائي جيڪڏهن... 

چڱائي جيڪڏهن
گَهرَ گَهرَ ۽ گهِٽيءَ گهِٽيءَ مان
لُنگُ ٻڌي نڪري پئي تہ
مدائيءَ کي مٿي ڇانوَ ئي نہ مِلي...

(19 ڊسمبر 2025ع)
-*- 

عقل جا ڪَڪَرَ... 

سرسبزي ڌرتيءَ وانگر
سوچن کي بہ گهرجي
پر عقل جا ڪَڪَرَ
جڏھن پلر ٿي پالوٽجن نہ...

(20 ڊسمبر 2025ع)
-*- 

خواب جي ٿوڻي... 

پکي ٿي
آسمان ۾ اُڏي رهيو ھوس
خواب جي ٿوڻي ڪِري
ڇرڪي زمين تي اچي پيس...

(21 ڊسمبر 2025ع)
-*- 

سَمجَهہ اکيون پَٽِ... 

ماحول جي صحت تي ئي
ساهَه جي صحت جو دارومدار آ
سَمجَھہ، اکيون پَٽِ
آلودگي ستياناسيءَ ڏي گامزن ٿَئِي..

(22 ڊسمبر 2025ع)
-*- 

سِتارا نہ مليا... 

چيائين، ستارا نہ مليا
تڏهن ھڪ نہ ٿياسين
وراڻيم، ستارا مٿي ھئا
اسان زمين تي ھئاسين...

(23 ڊسمبر 2025ع)
-*- 

ڳوڙھا سُڪا نہ ھئا... 

ھوٽل جي ٽيبل تان
ڳوڙھا سُڪا نہ ھئا
جيڪي ڪو
بک ۾ ڳاڙي ويو ھو...

(24 ڊسمبر 2025ع) 
-*- 

پڪ آ... 

انديشو نہ، پڪ آ
ھر ساھواري جي محسوسات
عنقريب
اسڪرين تي نظر ايندي...

(25 ڊسمبر 2025ع)
-*- 

دوائون، ڀاڙو ۽ اوندھہ

زندگيءَ جي ريل ۾ سواريءَ جي 
دوائن جو ڀاڙو
ڀاري ٿي ويو آهي
اوندھہ ساھن ڏي وڌي رھي آ...

(26 ڊسمبر 2025ع) 
-*- 

ڌنون مدفن آهن... 

ملھايو ميلا
پر جيڪا شاعري اياز ڇڏي
ان جون ڪيتريون ئي ڌنون
ڳائجڻ بنا ڪتابن ۾ مدفن آهن....

(28 ڊسمبر 2025ع)
-*- 

نينھن جو پنڌ... 

بند گهِٽيءَ ۾ جيئن اوچتو 
اچي وڃجي ۽ واپس ٿِجي
پنھنجي نينھن جو پنڌ بہ 
ڪجهہ اھڙو ۽ ايترو ئي ھو...

(29 ڊسمبر 2025ع)
-*- 

گهوٽ جا موڙَ... 

گهوٽ جا موڙَ قتل ڪري
قبائليت ھنبوشيون ھنيون
جمھوريت جي لباس
جهُمريون پاتيون...

(30 ڊسمبر 2025ع)
-*- 

گلن جي ڀاڪرن ۾... 

گلن جي ڀاڪرن ۾ ڀري
موهُہ
تنھنجي نانوَ کي کڻي
واچوڙو ٿي ويو آھي...

(31 ڊسمبر 2025ع) 
-*- 

ڏيئو ٻارجي ٿو..

توڙي جو سُکَ ڀلائيءَ جي مرڪ
ڏنڀيل آ
پوءِ بہ نئين سال جي جاري ۾
سُک اُميد جو ڏيئو ٻارجي ٿو...

(1 جنوري 2026ع)
-*- 

دوزخ ۾ آن... 

نہ حقيقي ماءُ سان 
وفا ڪَيَئِي
نہ جنم ڀوميءَ سان
جيئري ئي دوزخ ۾ آن...

(2 جنوري 2026ع) 
-*- 

توکي نظر ئي اُھا آئي.... 

مون ننڍپڻ کان
ڪک ڪانا گڏ ڪيا
پيريءَ ۾ جهوپڙي ٺاهي
طوفان، توکي نظر ئي اُھا آئي...

(3 جنوري 2026ع)
-*- 

اکيون توتي ھِنِ... 

ڊجيٽل دنيا ۾ ڪوڙ ڪمائي
ضمير جي آئيني ۾
ڀلي پاڻُ نہ ڏِسُ
دنيا جون اکيون توتي ھِنِ...

(4 جنوري 2026ع) 
-*- 

خيال کي پنھنجو آسمان.... 

خيال کي
پنھنجو آسمان ھوندو آ
سِجُ بہ پنھنجو تہ 
چنڊ ۽ ستارا بہ پنھنجا...

(6 جنوري 2026ع)
-*- 

انور پيرزادو... 

ساھن جي سوجهري تي
ڪرٽ وھي ويو ھو ان ڏينھن
جڏهن تنھنجي مرڪ جو ڪڪر
ھٿ ڇڏائي اڀ ۾ گم ٿي ويو هو...

(7 جنوري 2026ع)
-*- 

بگهڙ نظرون... 

غربت جي ڦاٽل چولي مان
جوڀن اگهاڙو ٿي پيو هو
احساس اکيون آليون ڪيون ھُيون
بگهڙ نظرون ٽڪ ٻڌي بيٺل ھيون...

(8 جنوري 2026ع)

176 کان 200

معجزا.... 

ھر لمحو 
حيرانگيون کڻي ٿو اچي
آرٽيفيشل انٽيليجنس 
معجزا ڪري ڇڏيا ھِن...

(9 جنوري 2026ع)
-*- 

ڪاٿي بچي سگهنداسين... 

ميڊيا جي درياهَہ
اوور ٽاپ ڪري
نئين اخلاقيات جي ٻوڏ آندي آ
ڪاٿي بچي سگهنداسين...

(10 جنوري 2026ع)
-*- 

رَوَ ھَٽاءِ... 

آئيني تي ڄميل ڌنڌ
صحيح شبيھَہ ناھي ڏيکاريندو
اکين تان رَوَ ھَٽاءِ
ماڻھپو ھر مُکَ جو گُلُ نظر ايندئي...

(11 جنوري 2026ع) 
-*- 

ڪاڻِ ڪَڍُ... 

مَنَ جي تارازيءَ مان ڪاڻِ ڪَڍُ
محبت جي معراجَ کي سُڃاڻُ
تبديل ٿيءُ 
جو خبر ٿَئي زندگي ڏاڍي ننڍي آ...

(12 جنوري 2026ع)
-*- 

خوشي ۽ غم... 

حياتيءَ ۾ تون ئي
وڏي خوشي ٿي آئينءَ
۽ وڇڙي
اوڏو ئي وڏو غم ٿي وئينءَ...

(13 جنوري 2026ع) 
-*- 

رت جا ڳوڙها... 

گلن جا ھار ٺاهي
خوشيءَ مان پارائجن
يا قبرن جو سينگار بڻائجن
رت جا ڳوڙها گلستان ئي ڳاڙيندو آ..

(14 جنوري 2026ع)
-*- 

ڪن کولي ٻُڌو... 

ڌرتيءَ کي جيئن وڻ
۽ ماڻھوءَ کي ساهَہ ٿا کپن
ائين ئي وقت کي 
بمن بنا سفر ٿو کپي...

(16 جنوري 2026ع) 
-*- 

ايش ٽري جي ڌَپَ... 

بابا، تون ڪِنو آن
سگريٽ ٿو پيئين نہ
وات ۾ ايش ٽري جي ڌَپَ ٿَئِي
مونکي چمي نہ ڏيندو ڪر...!

(17 جنوري 2026ع)
-*- 

ڪتاب... 

ڪتاب سوچ کي
ڪيئي عرش عطا ڪن ٿا
انھن سان پيار جو پيچ پاءِ
پاڻ مان سَوَ سِجَ اُڀرندي ڏسندين...

(18 جنوري 2026ع)
-*- 

چڻنگ...

ائين نہ سمجهہ تہ
صفا خاڪ جو ڍير آهيان
مون ۾ ڪا چڻنگ اٿئي
جا ڀنڀٽ جي رهنما ٿي سگهئي ٿي...

(20 جنوري 2026ع)

-*- 

تماشا...

مستحقن کي مڃتائون
نہ ملڻ واري هن دور ۾
علم و دانش
ڪنڊ وٺيو تماشا پئي ڏسي...

(20 جنوري 2026ع)
-*- 

روح جو گهاءُ... 

روح جو گهاءُ
لڙڪن ۾ نظر ايندو آ
تو اھو ڏٺو بہ
پوءِ بہ وڇڙي وئينءَ...

(22 جنوري 2026ع)
-*- 

ماڻھپي جو آجپو... 

ماڻھپي جي آجپي جي آدرش کان
مُنھن نہ موڙِ
ھيڻن جو ھَڏُ رَتُ ٿيءُ
حياتيءَ کي تاريخ ڏي...

(23جنوري 2026ع)
-*- 

صدين کان گم آ... 

ڏک ۽ درد
گڏ مڏ تي ويا آهن
ٽھڪن جي واٽ
صدين کان گم آ... 

(26 جنوري 2026ع)
-*- 

ڇڙواڳيءَ ۾... 

پنھنجا پيرَ پئي ڪڍين
ڇڙواڳيءَ ۾
مڙس بہ وڃائيندينءَ
۽ ٻارن جو پيارُ بہ...

(27 جنوري 2026ع) 
-*- 

سورَ ڏيئو... 

سورَ مان ڏيئو ٻارِ
انھي جي روشنيءَ سان
ڏسڻ سِکُ
۽ جيون سفر جا پيرَ ٻَڌُ...

(28 جنوري 2026ع)
-*- 

اسان وٽ... 

اسان وٽ پسند جي شادي
رڳو پنھنجي لاءِ
جائز آ
ٻيو واجب القتل آ...

(29 جنوري 2026ع) 
-*- 

سِجَ... 

سِجَ، اسان جي موڪلاڻي
توکي ياد نہ رھندي
جو تو ڪيترن جا ئي
سِجَ لاھي ڇڏيا آهن...

(30 جنوري 2026ع)
-*- 

بيتابي... 

بيتابي باهِہ جا اُلا ٿِي
ويڙھيو ويٺي ھئي
توکي ڏسڻ جي تمنا
چريو ڪري ڇڏيو هو...

(31 جنوري 2026ع) 
-*- 

تون ٿيءُ... 

تون ٿيءُ
توڙي جو جڳ ۾
ڪوئي ڪنھن جو
ڪونھي ٿِيو...

(پھرين فيبروري 2026ع)
-*- 

نہ پَنَ، نہ پکي، نہ آکيرا... 

تو بنا دل جي وڻ جو
جَرُ سُڪي ويو هو
سپنن جا بہ نہ پَنَ رھيا ھئا 
نہ پکي ۽ نہ آکيرا...

(2 فيبروري 2026ع) 
-*- 

حياتيءَ جو موڙ


حياتيءَ جي ھن موڙ تي
قلم جو غم
۽ لفظن جا لڙڪ ئي
ٻيلي ھِنِ...
(3 فيبروري 2026ع) 

-*- 

ڪتڻ جي ڪارِ... 

ساھَہ جي
سوين سوراخن جي پيڙا ۾ بہ
مون ڪتڻ جي ڪارِ ناھي ڇڏي 
جيئن زندگي لڄي نہ ٿِئي...

(4 فيبروري 2026ع)
-*- 

سيءُ وڌي ويو آ... 

سيءُ وڌي ويو آ
تون بہ ناھين
باهِہ بہ ناهي
سيڪاٽجي پيو آھيان...

(24 جنوري 2026ع)
-*- 

مان سراپا پيارُ ھان... 

تو مون ۾ ليئو پاتو ڪاٿي آ،
جو توکي
پروڙ پوي تہ
مان سراپا پيارُ ھان...

(25 جنوري 2026ع)

THE CONCERNS AND CONTEMPLATIONS!

Mr. Mohammad Ali Pathan is my friend. About his personality and creativities, I hold an opinion in these poetic lines;
A revolutionary writer and a simple man,
He has upheld sanctity of the pen!
The canvas of his creations is very wide that covers many genres such as poetry, short stories, poetic novels, literary and social columns, autobiographical Odyssey, plays, one line stories and a hundred worded stories etc. He has met successes in all literary experiments by receiving a welcome response from readers , both the literati and the laity.
His meditative mind ever stays active and his command on the creative craft, keeps him curious to continue to contribute for Sindhi literature in different fields to enrich it with novelty of genres.
The book under review entitled as “Wer aen Vaee” An echo of a voice a prosaic poetry, is an excellent example of his novel experiment in the arena of Sindhi literature.
All prose poems given in the book are , indeed, his concerns, contemplations, critiques, censures, satires, lampoons and lamentations on injustices, atrocities, savageries, barbarities and brutalities, tyrannies and terroristic trends that have held humanity hostage.
He is an apostle of peace and abhors ammunition and all mortal weapons of death and destruction that snatch lives from human beings
Let's read this poem:
Bullet,,,!
Bullet kills
Delightful dreams,
And
Transcends
All bounds of barbarities!
Mohammad Ali berates at manufacturers of a bullet that is fatal for human life and all living beings,
Being a poet, he might have wished so in above poem obliquely;
A fragrant flower or a pink rose petal,
Is by far better than a bullet of metal!
Poet's roving thought captures cruel man from his collar and shakes his conscience , who acts as an enemy of mankind and commits murders of innocent people in different ruthless roles such as a dacoits, a terrorist, an invader, a tyrant and an oppressor for wresting resources, riches, lands wealth or establishing hold and hegemony on peaceful people even in religious or racial and colour consideration, in these terms;
Terrorist!
Being a man, you are killing men,
It is in no way your victory
It is the worst defeat of you.
O, terrorist!

Our popular poet looks a very sagacious soul and slates on crafty tyrants who pose themselves as pacifists and champions of peace and practically perform as patrons of tyranny and barbarity and spin wars in the world to use human beings as gun fodder .and gunpowder.
The world is at the doorsteps of destruction owing to race in manufacturing and inventing mortal munitions without an interval. Their role looks like promoters of war not preventers of it. That is truly a defeat of humanity against immunity from war.
He regrets at the inability and failure of mankind to triumph over war by eliminating it ,even in this ultra-modern of age advancement and enlightenment, in these lines;

Wars!
Wars are worsening world
and ironing all,
They indiscriminately burn,
The defiant and the innocent.
Human beings have not,
Yet triumphed over them!

The readers would wonder to find how the poet denounces dummy democracy when it adopts autocratic path to unleash atrocities upon underprivileged people who protest for meeting their due demands.
The very same public Representatives, when come in power the public votes turn dictators to get protesters beaten with batons instead of hearing demands,
He berates the banditry of dictatorial debonair of so-called democrats and democracy in these lampooning lines;

Democracy and batons!
You are inflicting batons
On protesters and persecuting
For
Demanding lawful rights.
What a governance it is!
What a democracy it is!
Mohammad Ali is a sagacious son of the soil, he feels much mortification to find mushroom growth of new breed of chiefs of every caste in Sindh, that was once abode of magnanimous minds and Sufi souls, in modern times, when feudalism is taking its last breath in the world. He deems it a social slavery imposed by unconscionable people upon themselves voluntarily and willfully for want of enlightened consciousness and magnanimity and laments at it in this way;


Sufic Sindh and Tribalism!
Every caste,
Has produced a chieftain,
Alas! Sufic Sindh
Looks in chains
By tribalism!

Being a revolutionary writer, he draws caricatures of courtly and intellectuals, writers ,poets and artists who do not revolt and rebel against tyrants of the time, but perform as pliant pets for personal perks and privileges like lickspittles and lackeys.
He shakes their conscience by censuring them, in these terms;
Sanctity of the pen!
Pray do not destroy
Sanctity of the pen,
For earning livelihood,
It is better for you,
To sit in a market
With a begging bowl!
I believe this book of prosaic poems, would earn admiration for Mr. Mohammad Ali Pathan for adding a new genre in Sindhi literature.

Jam Jamali,
H No.62/B,
Sachal Sarmast Township
Larkano.
12th Feb 2026