لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڏکڻ ڪاڇي جا سگهڙ شاعر

ڪاڇي جو علائقو لوڪ ادب، سُگهڙائپ ۽ شعري ادب ۾ زرخيز رهيو آهي. ھن ڪتاب ۾ عزيز ڪنگراڻيءَ ڪاڇي جي آڳاٽن لوڪ ۽ سگهڙ شاعرن سان گڏوگڏ، ويجهي ماضيءَ ۽ موجودہ دور تائين جي سگهڙ شاعرن جو تعارف ۽ ڪلام جو نمونو سھيڙيو آھي. ڪاڇي جي حوالي سان هيءُ ڪم نہ صرف منفرد پر پنھنجي نوعيت جو نئون ڪم بہ نظر اچي ٿو. ڪتاب ۾ 23 سگهڙن کي شامل ڪيو ويو آھي.

  • 4.5/5.0
  • 188
  • 28
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Dakhen Kachhy ja Sugher Shair

ارپنا

ڏاڏِي بختاور جي نانءُ
جنھن کان ننڍپڻ ۾
قصا ۽ لوڪ آکاڻيون ٻُڌم

پنھنجي پاران

مون ڪافي ڏينھن کان پئي سوچيو تہ ڪاڇي جي آڳاٽن لوڪ ۽ سگهڙ شاعرن سان گڏوگڏ، ويجهي ماضيءَ ۽ موجودہ دور تائين جي سگهڙ شاعرن جو ڪلام سھيڙي ڪتاب جي صورت ۾ منظر عام تي آڻڻ گهرجي. ڪاڇي جي حوالي سان هيءُ ڪم نہ صرف منفرد پر پنھنجي نوعيت جو نئون ڪم بہ نظر پئي آيو، جڏهن انھيءَ منفرد ڪم کي عملي جامي پھرائڻ لاءِ جاکوڙ جو مرحلو شروع ٿيو تہ ڏاڍو ڪال پئي محسوس ٿيو. ڇاڪاڻ تہ وقت جي ستم ظريفي جي لَٽ ۾ لٽجي ويل هن علائقي جي لوڪ ادب ۽ سُگهڙائپ کي تلاش ڪرڻ ۽ تحقيق جي بَٺيءَ منجهان گُذارڻ ڏاڍو ڏکيو ۽ مشڪل ڪم لڳو پئي. جڏهن تلاش ۽ تحقيق وارو ڪم عملي طور اڳتي وڌيو تہ نہ صرف حيرت انگيز پر فخر لائق شاعرن جو مواد ملڻ شروع ٿي ويو جنھن اڃان بہ وڌيڪ اتساھہ پيدا ڪيو ۽ هڪ راءِ جڙي تہ ڪاڇو نہ صرف تاريخ تھذيب، تمدن، سياحت ۽ ثقافتي حوالي سان مالامال ۽ مشھور رهيو آهي پر هيءُ علائقو لوڪ ادب، سُگهڙائپ ۽ شعري ادب ۾ بہ زرخيز رهيو آهي. جيتوڻيڪ مان ڪتاب لاءِ گهربل مواد لاءِ خوفزدہ پئي رهيس پر جڏهن مواد سامھون آيو تہ منھنجي خوشيءَ جي حد نہ رهي ۽ ڪتاب ۾ مواد شامل ڪرڻ جي چُونڊ واري ٻُڏتر ۾ مبتلا ٿي ويس. ڪاڇو کير ٿر پھاڙي سلسلي جي ڪڇ وارو ميداني يا صحرائي علائقو آهي جيڪو دادو ضلعي کان قنبر-شھدادڪوٽ تائين کيرٿر جابلو سلسلي جي ڪنار سان ڦھليل آهي. ڪاڇي کي اتر ۽ ڏکڻ ڪاڇي جي حد بندي جي اصطلاح سان سلھاڙڻ جو بنيادي مقصد اهو آهي تہ منھنجي تحقيق ۽ تاليف جو دائرو ڏکڻ ڪاڇي وارو ڀاڱو، خاص طور ضلعي دادو جي تعلقي جوهيءَ ۽ ڪجهہ ميھڙ ۽ خيرپور تعلقن واري ڪاڇي تي منحصر آهي. اتر ڪاڇي ۾ بہ لاڳاپيل موضوع مطابق مواد موجود هوندو پر مون صرف دادو ضلعي واري ڪاڇي جي علائقي جي شاعرن جي مواد سان گڏ تذڪرو شامل ڪيو آهي. ڪاڇو سنڌ جو اٽوٽ حصو آهي ۽ ڪاڇي جي هر حصي جي تھذيب، تمدن ۽ ادب جي تاريخ سنڌ جي تاريخ جو حصو آهي. ڪاڇي جي اڪثر زندگي اَبر آسري رهي آهي. ڪاڇي جون اقتصادي ۽ معاشي حالتون،هتان جي زندگي تي هڪ گهرو اثر ڇڏيو آهي. انھن حالتن جو سڌي يا اڻ سڌي طرح اثر ادب ۽ شاعري تي بہ نظر اچي ٿو. سخنوري ۽ سگھرائپ وارن خيالن ۾ ڏاهپ، دانائي سان گڏ ڪاڇي جي مخصوص زندگي جا اولڙا جهلڪندي محسوس ٿين ٿا. هن ڪتاب ۾ شامل لوڪ يا سگهڙ شاعرن جي مواد جي حوالي سان اهو لکندي سرهائي محسوس ٿئي ٿي تہ ڪاڇي جو خاص طور جوهيءَ تعلقي وارو علائقو آڳاٽي زماني کان سخنوري ۽ دانائي جو ڳڙھہ رهيو آهي. سنڌ جي وڏي سگهڙ شاعر جلال کٽيءَ کان پوءِ واري لوڪ ادب ۾ ڪاڇي جو علائقو نمايان نظر اچي ٿو. جلال کٽي ڪلھوڙا دور جو اهم لوڪ يا سگهڙ شاعر آهي. ۽ سندس ئي دور ۾ ڪاڇي ۾ اهم سگهڙ شاعر بہ پنھنجي فن، سخن ۽ دانائي ۾ پنھنجو مٽ پاڻ نظر اچن ٿا. سندن شعر پختو ۽ ٻوليءَ جي لحاظ بھترين ۽ خيالن ۾ ڳوڙهو ۽ ڳتيل ملي ٿو. جلال کٽيءَ جي دور ۾ سندس ڳوٺ سگهڙائپ جو مرڪز رهيو پر ڪلھوڙن جي آخري دور ۽ ٽالپور اميرن جي دور ۾ سگهڙائپ جو ڳڙھہ موجودہ جوهيءَ تعلقو رهيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌ جي سينگار شاعري ۾ صفعي (ص-161) تي انھيءَ ڳالھہ جي تصديق ڪري ٿو ته، ”جلال جي وقت ۾ موندر (دادو ضلعي جو قديم ڳوٺ) سگهڙ پائي جي رس رهاڻ جو مرڪز رهيو. ٽالپورن واري دور ۾ انھي رس رهاڻ جو مرڪز ڦري موجودہ جوهيءَ تعلقي طرف ٿيو. جتي عالم خان لنڊ ۽ چاڪر خان رستماڻي سگهڙ پائي جو بنياد پختو ڪيو. ولي محمد لغاري، بھاول لغاري، حاجي ڪنڊو رستماڻي، حاجي موندر کوسو، سيوو خان جمالي، اُتي وارين ڪچھرين جا مور هئا. ساڳي دور ۾ سُگهڙ قادر بخش (ميرڻ ڪوٽ) ۽ مانجهي ڊکڻ (حاصل لغاري، لڳ قصبو) کي بہ شمار ڪري ٿو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب حقيقي مسافتن ۽ مسافرين دوران قصبي جي محمد خان لغاري، ڳوٺ ڪمال خان لنڊ جي نبي بخش خان لنڊ سان پڻ ڪچھريون ڪيون.“ انھن آڳاٽن لوڪ ۽ سُگهڙ شاعرن کان پوءِ بہ ڪي اهم سُگهڙ شاعر پيدا ٿيا هوندا پر وقت ۽ حالتن جي دز چڙهڻ سبب اسان کان اوجهل رهجي ويا آهن. موجودہ دور جي بھترين سُگهڙ شاعر فقر علي ڀرڳڙي جي ڪلام تي ويچارجي ٿو تہ بنا هٻڪ چوڻو ٿو پوي تہ فقر علي نہ صرف پنھنجي تر جي وڏن سُگهڙ شاعرن جو تسلسل آهي پر هن وقت فقر علي جهڙو خالص لوڪ ۽ سُگهڙ شاعر مشڪل ملي سگهي. مان ان ۾ حق بجانب آهيان تہ جيڪڏهن انھن سُگهڙ يا ٻين اهم شاعرن جي مواد کي هڪ هنڌ سھيڙڻ وارو ڪم نہ ٿئي ها تہ شايد فقر علي ڀرڳڙي جهڙو بھترين شاعر تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ٿيڻ کان محروم رهجي وڃي ها.
مان سمجهان ٿو تہ ڏکڻ ڪاڇي واري علائقي جون سرحدون دادو ضلعي تائين آهن. انھيءَ ڪري منھنجو ڏکڻ ڪاڇي (دادو ضلعي) جي لوڪ شاعرن سان گڏ ٻين اهم شاعرن جي مواد تي مبني، هيءُ ڪتاب هڪ معمولي سڦلتا بہ آهي تہ هن علائقي جي ادبي تاريخ جي اهم ڪڙِي بہ آهي. هيءُ ڪتاب سنڌ جي لوڪ ادب جي تاريخ ۾ نرالو اضافو ثابت ٿيندو. مون ڪوشش ڪئي تہ ڏکڻ ڪاڇي جو ڪو بہ سگهڙ نہ رهي پر منھنجين سماجي حالتن ۽ ٻين مجبورين سبب ڪي سگهڙ رهجي بہ ويا هوندا. ساڃاھہ وندن سان رابطا بہ ڪيم پر مختيار چانڊيو ۽ ذوالفقار گاڏهي خيرپور ناٿن شاھہ جي هڪ اڌ سگهڙ شاعرن جو مختصر تعارف موڪليو.جنھن لاءِ سندن ٿورائتو آهيان. اميد اٿم تہ ڪتاب سنڌ جي لوڪ ادب جي سلسلي ۾ لاڀائتو ثابت ٿيندو.


عزيز ڪنگراڻي
جوهي
15 جولاءِ 2026ع

سگهڙ سخي عالم خان لنڊ

سخي عالم خان لنڊ جا وڏڙا اصل ۾ ڪاڇي جي قديمي ڳوٺ نوشھرو ديھہ آراڙو، تعلقي جوهيءَ جا مقيم هئا. ميان نصير محمد ڪلھوڙي جو اهم سپھہ سالار فيروز ويراڙ بہ ڪاڇي جي هن ڳوٺ جو ويٺل هو جنھن لڏي وڃي نئون ڳوٺ نوشھرو ٻڌو جيڪو اڄ نوشھرو فيروز جي نالي سان مشھور ۽ سنڌ جي ضلعي طور درجو ماڻي چڪو آهي. سخي عالم خان جي والد جو نالو گهنور خان هو جنھن جي نُکَ گهنوراڻي لنڊ سڏجي ٿي. گهنور خان ميان نصير محمد ڪلھوڙي جو وڏو معتقد ۽ ميان وال تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن هو. مقامي روايتن مطابق ميان نصير محمد ڪلھوڙي جي نائب ليکي خاندان جي فرد تاجي ليکي اول، زبردستي کان ڪم وٺندي گهنور خان جي گهراڻي جي ٻانھن کئين، جنھن ڪري گهنور خان لنڊ جي پنھنجي مرشد ۽ اڳواڻ ميان نصير محمد سان اڻبڻت پيدا ٿي جيڪا سخت ڪشيدگي اختيار ڪري وئي سخي عالم خان تاجي ليکي سان مھاڏو اٽڪائڻ تي لھي آيو پر گهنور خان جي صبر، درگذر يا مصلحت آڏو سخي عالم خان هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ بعد ۾ گهنور خان جو يونير اولھندي ناري جي ڪناري سان ديھہ بُٺيءَ تعلقي جوهي ۾ ڳوٺ ٻڌي ويٺو جيڪو اڄ سوڌو قائم آهي. گهنور خان جو مقبرو اڄ بہ ڪاڇي جي آراڙي واري قبرستان(ٻُٽا قُبا) ۾ زبون حال ۾ موجود آهي. موجودہ دور ۾ بہ گهنوراڻي لنڊ پنھنجي فوتي عزيزن کي آراڙي جي قبرستان ۾ دفن ڪندا آهن. ڪتاب ’سنڌ جي سينگار شاعري‘ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته، ”عالم خان لنڊ سنڌي ۽ سرائڪي جو وڏو شاعر هو ۽ زرم توڙي بزم وارن ٻنھي رُخن تي شعر چيائين. جَنگجُو جوانن لاءِ چَلتي ۽ چالِي نظم تہ ٻئي طرف محبوب جي حُسن ۽ سينگار بابت سھڻا بيت چيائين“(ص_162) ڊاڪٽر بلوچ جهڙي يگاني عالم ۽ محقق جي راءِ تي غور ڪري جڏهن عالم خان جي شعر تي گهرائي سان نظر وجهون ٿا تہ عالم خان بلاشڪ وڏو شاعر نظر اچي ٿو سندس شعر فني لحاظ کان بہ نھايت معياري ۽ پختو تہ خيال جي حوالي سان بہ ڀرپور نظر اچي ٿو. عالم خان جي وفات بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڳوٺ ڪمال خان لنڊ جي سگهڙ سردار نبي بخش لنڊ جي حوالي سان لکي ٿو تہ اندازن سن 1850ع ڌاري هڪ سئو ورهين جي عمر ۾ وفات ڪيائين(ص 162) مان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي بيان ڪيل روايت موجب سخي عالم خان جي وفات واري سن سان سھمت نہ آهيان. مان سمجهان ٿو تہ سخي عالم خان انھي ڄاڻايل سال کان گهڻو اڳ لاڏاڻو ڪري ويو هوندو. ان لاءِ مون کي ٻہ دليل سُجهن ٿا:

(1) مقامي روايت موجب، ميان نصير محمد ڪلھوڙي جي نائب تاجي ليکي اول طرفان کنيل ٻانھن واري روايت گهنور خان سان منسوب ٿيل ملي ٿي. مورخن ميان نصير محمد جي وفات جو سن 1692ع ڄاڻايو آهي ۽ هن علائقي ۾ ميان نصير محمد طرفان کڙي ڪيل عبوري حڪومت جي پڄاڻي بہ سندس وفات ٿيڻ سان ٿئي ٿي يا وڌ ۾وڌ سندس پُٽ ميان دين محمد ڪلھوڙي جي لڳ ڀڳ 1700ع تائين شھادت تي توڙ ٿئي ٿي.

(2) سخي عالم خان لنڊ پنھنجي دور جو ناميارو سُگهڙ شاعر هو.سندس شھرت جون سرحدون سندس علائقن تائين محدود نہ هُيون. سُگهڙن کان مليل روايتن موجب سخي عالم خان جا شاعري جي حوالي سان، سنڌ جي وڏي سُگهڙ شاعر جلال کٽيءَ سان مارڪا ٿيندا هُئا. هڪٻئي کي شاعراڻا جواب يا شعر جي ڀران شعر چئي موڪليندا هُئا. خود ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڄاڻائي ٿو تہ جلال کٽيءَ جو بيت هو تہ (ص192)

گهُنڊ نھين اسرار حقاني، جس وچ چمڪي نُور چمن دا“
عالم خان اُن جي ڀران شعر چيو تہ؛
” گهُنڊ نھين اسرار حقاني جس وچ مُک دلبر دا
اولي وچ ڪري اَلولان هيبت شاھہ بحر دا
هر جنس وچ رهي هميشان، هي گهڙيندڙ گهر دا
اين گهنڊ جاني خاوند خود ”عالم“ شُڪراني دا

مٿي ڄاڻايل ٻن سٽن جي روشني ۾ چئي سگهجي ٿو تہ سخي عالم خان ٽالپور دور نہ پر ڪلھوڙن جي دور جي اهم شاعر جلال کٽيءَ جو همعصر شاعر هو ۽ وڏي ڄمار ماڻڻ سبب غالبن ڪلھوڙن جي حڪمرانيءَ جي دور ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. بھرحال عالم خان پنھنجي دور جو تمام بھترين سُگهڙ شاعر هو. جھڙي طرح فن ۾ يگانو هو تھڙي طرح سخاوت ۾ بہ يگانو مرد هو. سندس ڳوٺ ڪچھرين جو مرڪز ۽ سخاوت جو امين هو. بلوچ صاحب موجب سندس هيٺيون بيت حڪمت ۽ دانائي تي چيل آهي (ص 162)

گوهر گفتا جن جا، نُڪتا نافع تن،
لاهن ٿا لحظي ۾، مُرچا مٿئون من،
تون بہ وٽان تن، وٺي اچ اوجر عالم خان چئي.

سنڌ جي تاريخ ۾ پھلوانن جي معرڪا آرائي، بھادري ۽ ارڏائي کي وڏي پيماني تي راڄن ۽ راڄدارن جي خود اعتمادي ۽ سنڌ جي لشڪر جي ڪاميابي پٺيان يا ڪاميابي سببان سنڌ جي جوانن، پھلوانن جا حوصلا وڌيا، ۽ ’چلتي‘ ۽ ’چالي‘ جا ميدان مَتا ان دور جي سُگهڙ شاعرن جنگي نظمن، چلتي ۽ چالي جي ٻولن سان سنڌ جي سورهين کي ساراهيون ۽ نازايو. انھيءَ فن ۾ سھراب چارڻ پنھنجو مَٽ پاڻ هو پر عالم خان لنڊ ۽ ٻين بہ سھڻا ٻول ٻَڌا (ص74 بلوچ) چالي ۽ چلتي جي شعرن ۾ سُگهڙ شاعر سُورهين جي هَڪلڻ هاڪارڻ، هڻڻ ۽ ڀيڪين سان وڌڻ وارين وارتائن کي شعر ۾ ساراهيو ۽ سمايو. رزميه يا جنگي شاعريءَ جي هن نموني ۾ ڀيرن، قدمن جي آوازن، دُهلن دَفن جي دہڪن واري لوڏ ۽ لئي کي سُگهڙ شاعرن شعر ۾ سموهيو، سي سنڌي رزميه شاعري جا نادر نمونا آهن. عالم خان لنڊ، جو هڪ وڏو گُني شاعر هو، جنھن چلتي جي لئي سان گڏ سنڌ جي سورهين کي عجيب انداز ۾ نازايو (ص-74) آهي.
عالم خان جا ’چلتي‘ وارا شعر:

مَل مَٽ سَٽن، سِر سَٽ گهَتن، تِل گهٽ نہ گهوٽ گهَٽاون
هر ذات سَڪيلي، وات ڦٽوڙي، ذات ڪُذات ڪنباون
مرد نہ ٿيندي زرد آهي، ڪم ڪَڙد ڪِدار ڪماون
چِلڪن ڪِلڪن تِلڪن تُڳيان، تيغ تکيان ڪَڙلاون
وِڄ وانگ وَتيان، اُٿ تجل تتيان، پل پلڪ پَتيان چا پاوَن
جُڙ ڪر، گُڙ ڪر، گوڙ گوڙ، گروڙ گجوڙ گَنواون
فيل ڪفَيل سفيلان دي اَٿ، دوڙ دَهوڙ اهوڙ ٺھوڙ ٺَھاون
پيل شڪيل طويل تونگر، مَر ڪَر ٻَر لَر نام رهاون
اڙڪن ڪڙڪن سيفان، ٽوڙ وِلوڙ وِڇوڙ وڃاون
هستي مستي دست دُ دستي، ڪَستي ڪر ڪڙڪاون
اوٽ لھہ گهنن گهوٽ کَڙو، رُڪ روٽ چَکَن چَکاون
لٽَن چَٽن چَمڪن ڌَمڪن مار مزار مناون
عالم خان جوان ايمالي ، ليڪي نام رَهاون، بَخرا پاون.

پڻ عالم خان سورهين کي نازائڻ سان گڏ، کين جَسون ڏيئي جنگ لاءِ همٿايو ۽ حوصلايو، جيئن تہ:

ديک بہ ديک مُھانڊي مَٽَن
چوتا چاڙھہ وڙهڻ ڪاڻ وَٽن
سورهيہ کڙ سَر واهيان سَٽن
رت مست مڇان سِر چَٽن
سِر ڪون سَٽن، سوڀان کٽن
بازو بازين وانگون جهَٽن
ڦھڪي نال ڦڦڙ پئي ڦھڪن
ڪڙڪي نال ڪَرايان لڙڪن
آکي عالم خان جوان سي سورهيہ مست نہ ٿِيوَن
آکي؛ سي وت ڪٿان ؟
آکي؛ جٿان هووَن تٿان.

سخي عالم خان لنڊ جو سينگار جو شعر بہ اعلي پايي جو نظر اچي ٿو، جنھن ۾ هن محبوب جي سونھن سوڀيا، اکين چپن، وارن ۽ نخرن کي ڏاڍي خوبصورت انداز ۾ بيان ڪيو آهي. سندس شعر ڏس پتو ڏئي ٿو تہ هُو سنڌي سان گڏ ٻين ٻولين تي بہ ڪمال جي مھارت رکي ٿو، سندس سينگار ۽ ٻيا شعر هيٺ ڏجن ٿا.

(1)
ڪالي ڪيس تلھير تکي، ابرو قوس ڪمانا
مِرگان تير تہ بَينِ، بڇئينديان جوڙڪي جند نشانا
هرڻ حيران هَروشِي ڳڌي، ٿئي ڏٺي ديد ديوانا(1)
چلدي چال چلي نھين چئنچل، هستي ٿيا حيرانا(2)
صورت ڏيک سنسيا وچ سورج، قمر ٿيا قربانا
عالم خان مليا مت والا_ وه جي!_ هر ويلي شُڪرانا.

(2)
بال بِشِيهَر، بانو ڀَونري، ماڻِن مُشڪ مُدام
جهُل ڪَر، هُلڪر، ماه مَتُون، وَل وَينس
ٻَهَن پا دام
نَينَ ڪَمَل هِن، ڪَيفَ ڪَشي، وچ عشق
غَضَب اَغمام
لَب لاکيڻِي، مُشڪ لَڄاڻي ماڻي هِن ماتام
موتِي مُوڙهي، ڳُوڙهي ڳَل، هِن اَحمر اَنگڙي عام
هِرڪي هي وَل وينِگس دي، پَٻ هِن اور حمام
گَج ڪَبڪ تين هِرني ڪَون اعجاز ڪري اقدام
هور هَٽاوي حُسن ورکا ڪَر، بَدر نہ ڀانوي بام
تنھن تَجمل نال تَمام ”لُنڊ“ جيھي لکَ لوڙهَ سٽيي.

سُگهڙ فقير چاڪر خان رُستماڻي

فقير چاڪر خان پُٽ غلام حسين رستماڻي ڳوٺ ڇِني تعلقي جوهيءَ جو رهواسي هو۽ پنھنجي ڳوٺ جو چڱو مڙس ۽ رئيس هو. وڏي گُنَ وارو هو. ڪيئي پروليون، پھاڪا، بيت وغيرہ سندس نالي سان مشھور آهن. حڪمت بہ ڪندو هو. سُگهڙ شاعر ڪوڙو فقير ميراثي سندس خاص صحبتي هو چاڪر خان آخري عمر ۾ نابين ٿي پيو پر تہ بہ وٽس هميشہ ڪچھري لڳندي هُئي. نَوي سالن جي عمر ۾ سن 1904ع ڌاري وفات ڪيائين پر سندس وفات وارو سال بہ درست نہ ٿو لڳي. جلال کٽي جي ڀران چيل شعر ۽ ميرن طرفان جاگير ملڻ واري روايت موجب سندس وفات جو سال درست نہ ٿو لڳي. سينگار شاعري ۾ سندس ڏنل شعر(سينگار) جلال(کٽي) جي بيت ڀران چيل آهي (ص-164 بلوچ) مقامي طرح چاڪر خان لاءِ چيو وڃي ٿو تہ پھريائين پنھنجي ڳوٺ جو رئيس هو پر پوءِ فقيري رنگ چڙهڻ ڪري پاڻ کي فقير سڏائڻ لڳو. قلندر شھباز بابت شعر ساڻس منسوب ڪندي ڳوٺ علي مراد شاهاڻيءَ جي قلندر بخش شاهاڻي ٻڌايو تہ سرائيڪي شعر ۽ قلندر واري انھيءَ شعر پيش ڪرڻ تي ٽالپرن کيس هاڻوڪي ضلعي نوابشاه جي حدن ۾ جاگير پڻ ڏني هئي.
سُگهڙ چاڪر خان رستماڻي جي شاعريءَ ۾ دانائيءَ، خيال ۽ ٻوليءَ سان گڏ موسيقيت منجهان خبر پوي ٿي تہ پنھنجي وقت جو وڏو سُگهڙ شاعرہو، هيءُ ٽالپرن جي آخري ۽ انگريزن جي شروعاتي دور جو شاعر هوجنھن کي سنڌي،سرائيڪي، فارسي ۽ عربي ٻولين جي تمام گهڻي ڄاڻ هئي. هيٺ ڏنل شاعري انھيءَڳالھہ جو ثبوت پيش ڪري ٿي.
سُگهڙ فقير چاڪر خان جو سينگار وارو شعر:

ڪارا ڪيسَ کَٿوُري جهڙا، آزمائِين، عَنبرَ کي
تارَ زُلفَ جي، مارَ مَرن ٿا ، عجب لڳو اڙگر کي
جَلوي جوت جَبِين جي جهَلڪي، ڪيائون قيد قمر کي
مِرگه ٿيا نہ مقابِل يارو، نِسنَگ اَچي نَئِترَ کي
اَبرو قوس ڪَماني ڪِئين، ٿا مارن مُرغَ بَشَرَ کي
مرگان تير سَنباهي بيٺا، جنگِ فِرنَگ فَجَر کي
اَنف ٿيو مِنقار مِثل، ٿو شرمائي شَهپَرَ کي
لب لعل بَد خشانِي مَرجان“، عَجب لڳو اَحمرَ کي
درَ دندانَ رُماني داڻا، سھمائن سَنگ مَر مَر کي
چاھہ زَنخ ڪِنعانِي هويا ، موهِيئَين شاھہ مصر کي
پِستا بوءِ بھاري بِيٺا، عَجب انار عطر کي
قد تَئون سَرو صنوبر صدقي، ڇاهي شانُ شَجَر کي
اي ” چاڪر “ پنھنجو حال اچي ڪر پيش علي اڪبر کي.

فقير چاڪر خان رستماڻي جو سرائڪي شعر:

پڙھہ الحمد وکيجي هر دم قدرت سان قادردي
عشق اُٿاهين هي وڃ اڙدا جٿ جاءِ نہ زور زبردي
ڪُن فَيڪُون ڪَئون اڳ وچ پيتُس سَرڪي شُھد شھردي
لونءِ لونءِ دي وچ لَئون تہ جڳايُس قطري سا ڪوثردي
جند جان دي وچ ميھر دي جنھن ڪون لڳ ڳئي نوڪ نظردي
بي تاب زُليخان وانگون ٿي پئي جنھن ڪون سُڌ نہ پئي ڪا سِردي
ٿي اڌ رات نڪل ٿي ٻاهر ڇوڙ تما سڀ گهردي
رِم جهِم بادل مينھن وسيندي اُلٽي بوند اَپردي
ٻيلي وچ اَويل ٿي ڳيُس جٿ جاءِ مِرون مانگردي
روجهي رڇ بلائين ڀولي ڀَوءَ نہ ڪري باندردي
هاٿي هرڻ گورا گر گورڙي سُڻي هَس ڪُوڪ ڪيھردي
جابو مَم سلھہ (سرھہ) گڊ گينڊي ڪردي ٻيڪ ٻڪردي
ڏردي مور نہ مُڙدي وڃ مھراڻ دي تردي
اهي ڪم ڪُل عشق ڪري نھين هي بات بشردي
چاڪي دلا ڪيتُس هٿان وچ جڏان ڏٺس موج بحردي
ڀيلا ڀُر پيا يار هٿان دي ٺڪِري رهي نہ ٺِڪردي
لڙھہ ڪر يارو ٿئي جارواني ٽڪران نال ٽڪردي
ليٽ پليٽ اُليٽ گهڙي ڪون ڳئي نال تاران دي تردي
سمجهئون ساهڙ سڏڙي ڪريندي پُس موڙي موت ازل دي
هُڻ آندي ڏون ملائڪ پڇاڻي جوڙ بندي دفتر دي
آکيندي هي قسم توسان ڪون خدا دا ميڪون ڏس ڏيوو ميھردي
ضامن ٿيس رسول سچا جو ڪنڌ ڪِتُس محشردي
پئي وڃ حسنين دي پاڙي وچ شھيد شھردي
اي ” چاڪر“ چا رک هردم دل وچ حُب علي حيدردي.

فقير چاڪر خان رستماڻي جو قلندري شعر

*
آءُ توکي شھنشاھہ قلندر نہ چوان ڇو؟
اولاد نبي آل پيغمبر نہ چوان ڇو؟
دل گوش تون شبير جو شبر نہ چوان ڇو؟
دم مست قلندر اچي تو در نہ چوان ڇو؟

*

شھہ غوث قطب لال لکي لال لعل تون
تون مرجين جي بحرين جو روشن جمال تون
خود هُدا نور خدا نور نھال تون
سر بسر عنايت جو بحر بھر حال تون
رھہ راھہ هدايت جي رخ رهبر نہ چوان ڇو؟

*
سر چھرو قلنگيءَ بر سر نور جون نيلون
گُل جاءِ گُلابن ۾ مٿي موڙ مديلون
مھتاب مُنارن تي ٻَرن ڪوڙين قنديلون
بتيون باغ ستارن جي مثل سُرخ سفيلون
فردوس تنھنجي صحن برابر نہ چوان ڇو؟

*
تون شاھہ شھنشاھہ شيعو پاڪ جعفري
جسم علي مُبارڪ سرتاج سروري
اِبن الحُسين هادي خورشيد انوري
فقراھہ تنھنجي فيض وارو عملو حيدري
آءُ توکي آلِ عطرتہ اظھر نہ چوان ڇو؟
*
شريعت ۾ تنھنجي طريقت تمام آ
حقيقت اوهان جي در تي معرفت مدام آ
زبان حنفي حنبلي کي ورد صبح شام آ
تنھنجو شافي مالڪي کي اصُل کان احرام آ
ڪُل مُسلمن جو مير مُهاجر نہ چوان ڇو؟

*
سِر لعل صدر لعل جسم لعل جوهر لعل
گل لالِ گوهر لالِ بيغ برغ ثمر لالِ
عرش لعل قرش لعل شمس لعل قمر لعل
دَر لعل کي هيرو ۽ جواهر نہ چوان ڇو؟

*
مئي مست مُغان مست فيض مست فڪر مست
اندر عشق اثر مست تيغ مست تبر مست
علم زير زَبر مست زمين مست ضمن مست
مستو مست مضنفر کي غضنفر نہ چوان ڇو؟
*
يا لعل حسيني تون شھباز قلندر
مُشڪل منھنجي حل ڪر تھہ تاج قلندر
مسڪين مداحي جو جو ٻُڌ آواز قلندر
ڪر پنھنجي گدا گر کي سرفراز قلندر
” چاڪر “ کي تنھنجي در جو ثناگر نہ چوان ڇو؟

سُگهڙ مانجهي ڊکڻ

سُگهڙ مانجهي ڊکڻ ڪاڇي جي ڳوٺ حاصل خان لغاري جو ويٺل هو. هن سُگهڙ شاعر بابت رئيس مينھون خان جنگواڻي جمالي ۽ رئيس نبي بخش لنڊ جي روايتن کي ڀيٽي، نقُل ڪندي ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو تہ، ”سُگهڙ مانجهي ڊکڻ تعلقي جوهيءَ جي ڳوٺ قصبي لڳ، حاصل خان لغاري جي ڳوٺ جو ويٺل هو ۽ سئو کن سال اڳ ٿي گُذريو آهي. (ص_167) ڊاڪٽر بلوچ جي ‘سنڌ جي سينگار شاعري‘ ڪتاب ۾ درج ڪيل روايتن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو تہ سُگهڙ مانجهي ڊکڻ ٽالپورن جي آخري دور جو ٿي گُذريو آهي. ڇاڪاڻ تہ ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن علائقي ۾ 1954ع کان 1958ع تائين سُگهڙن سان ڪچھريون ڪيون، ۽ معلومات حاصل ڪئي هُئي. مانجهي ڊکڻ جي هيٺ ڏنل سينگار شاعريءَ جي بعُور مطالعي منجهان پتو پوي ٿو تہ باڪمال شاعر هو، ۽ سندس شاعريءَ جو وڏو خزانو هوندو پر وقت ۽ حالتن جي ستم ظريفيءَ جي دز سندس مواد ناپيد ڪري ڇڏيو.

سُگهڙ مانجهي ڊکڻ جو سينگار وارو شعر،

وَه وَه وَيس ، اَبر تو ڪيس ، لپيٽيا سيس ، چوان آديس.
سُنبل سُم ڪارا
تنهجي تار ، تہ ڪيف ڪنار ، ڄاڻان شھہ مار، زلف زيدار
ڀرن هُٻڪارا
مَمولا مين ، طرح ۾ تِين ”نہ ، آهو غمگين، ساڻن سنگين، جاءِ نشين
ڪن نظارا
اَنف اَننگُ ، تھين کي ٻنگ، تہ خوب ختنگ، مچاوي جنگ
پرين تو پارا
کنيا تو ڇم ، تہ لاٿئي غم .............................................................
تائب ٿيا تارا
سندي تو لات ،..............................................................................
مانجهي ڊاکاڻ، پارس پاهاڻ، گهُري ٿو ڏاڻ، تہ پاڻ سراڻ، لھي ڪاراڻ،
ٿيوي ڇُٽڪارا

سُگهڙ مُريد خان چانڊيو

سُگهڙ مُريد خان چانڊيو جا وڏڙا اصل ۾ جوهيءَ تعلقي جي ڪاڇي واري علائقي ۾ مُقيم هُئا. بعد ۾ وڃي لڌاڻ ۾ لڏي ويٺا سندن وڏڙو باغو چانڊيو ميان نصير محمد ڪلھوڙي جو خاص معتقد ۽ تاجي ليکي اول جو خاص صحبتي هو، باغو چانڊيي ۽ تاجو ليکي اول ميان نصير محمد ڪلھوڙي جي قبرستان ۾ هڪ ئي مقبري ۾ دفن ٿيل آهن.
باغي چانڊئي جي نُک منجهان چانڊيا، باغائي چانڊيا سڏجڻ ۾ آيا. ڳوٺ واهي برادري ڀرسان باغائي چانڊين جو قبرستان پڻ هئو جيڪو اڄ گاج نئن جي پائي وڃڻ سبب صفحهءِ هستي تان ميسارجي ويو آهي. ڪاڇي جي مشھور سخي حيات خان چانڊيو بہ باغائي چانڊين منجهان هو. ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو تہ مُريد خان پٽ ڪرم علي خان چانڊيو، پاڙو طاهر ڪوٽي باغائي ويٺل ڳوٺ لڌاڻ (بعد ۾) تعلقو جوهيءَ، پنھنجي دور جو وڏو سُگهڙ هو. سئو سالن کان مٿي عمر ۾ سن 1956ع ڌاري وفات ڪيائين (ص_174) سُگهڙ مُريد خان سينگار شاعريءَ جو ڪمال درجي جو سُگهڙ شاعر هو. محبوب جي سينگار، سونھن ۽ حُسناڪيءَ جي بيان سندس شعرن منجهان لَکائي سگهجي ٿو.

سُگهڙ مُريد چانڊيي جو سينگار وارو شعر:

مونکي واه وڻن ، سھج بہ تنھنجا سانوري
ڪاري ڪاريھر جان ، وڌا ونگ وارن
ڀنڀا وار ڀِرُن تي جاڙا ٿا جُڙن
اکيون ڪيف ڪڪوريون آليون عجيبن
چِلڪي بيٺي چَپ تي سُرکي سئو ڀيرن
موتي ڏند پريانء جا جڙيا جنسارن
هئو هس ڳچيءَ ۾ دُهري ني دوسن
بازو بند بنائيا سي ٽيلي ساڻ ٽيلن
مُنڊي مون محبوب جي ڏاڍي ٽِنڊ ٽِڪن
آره انار عجيب جا جت گوشا ڪيا گُلن
ليث ڀينگي؟ لڪ ڏسي جٿ لرزيا لوءِ وڃن(1)
پاريھر پيرن تي پيا ڪڪڙا ڪيرت ڪن
هنجه هستي حيران ٿيا پيو مونجهارو مورن
پرور وجهہ پِرين ، مون ڏي ماڙ مريد چئي.

سُگهڙ مُريد خان چانڊيي هيٺيون سينگار جو نظم ”هندي“ اسلوب ۾ چيو تہ:

ڪَرون بسم ﷲ جو ساجن چليا
کُليئي ڪيس ڪالي ڪاريھر ڪريا
ڏي ڀئونرا ڀَنواٽي پَٽ تي پيا
ڏٺي عين آهو چيھل وڃ ڇپيا
اڳون انف طوطا ڪِيَل هي ڪُجا
روشن رُخ تيرا مند ر مست ٿيا
ڪرن کيل کِنوڻان آسمانا شُعا
سٻوجهي سڄڻ ميل هر بَن هُوا
لبن لال لالِي هِنڊوا هنيا
ڏٺي ڏند موتيين ڪيتي جر جا
پسي ڪنڌ ڪونجين ٿيا عرشين اُڏا
سيني ڪا سلامي ڪو تجمل هُوا
کُليي گُل گوء نٽي وچ باغين بنا
ڏٺي چين چيتا ڳيا پُٺ لُڪا
پاريھر پکي آ پيران تي پيا
ڇُڙي چار چئنچل گنير نا گِڙيا
رکون حُب تيري سخي مُرتضي
مھر ڪر ” مُريد “ تي مُشڪل ڪُشا
سڀئي رنگ عجائب جنھنور جُڙيا.

سُگهڙ رمضان

هن سُگهڙ بابت ڪوبہ سربستو احوال ملي نہ سگهيو آهي. پنھنجي دور جو يگانو سُگهڙ شاعر هو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن سُگهڙ شاعر بابت ڪو خاص احوال درج نہ ڪيو آهي. صرف ايترو لکي ٿو تہ رمضان غالبن چانڊيو هو ۽ بيگاري لڳ تعلقي جوهيءَ جو ويٺل هو. سندس هيٺيون بيت اُن طرف ڪيل ڪچھري ۾ قلمبند ڪيو ويو.

سُگهڙ رمضان جو بيت

لوڏ ڪنَجل، ڪٽ ڪَيسِري، ٿن، اوتَر نوفَ نَتَرَ
اَونوَر کان اَونھا پرين، هِن سِهَ ڳلو، ڪَٽ سَر
سِرنگهان سال پرين جي، ڪَرڪن ڪوئل ڪَر
چَنجَڻيان ٿِئو چَانجو هو، چمڪي منجهہ چَچَر
ڀَريون پِريان جي پَر، رُتيون نا ” رمضان “ چئي.

سُگهڙ قادر بخش مري

ڊاڪٽر بلوچ ’سنڌ جي سنيگار شاعري‘ ۾ لکيو آهي تہ سُگهڙ قادر بخش جوهيءَ تعلقي جي ڳوٺ ميرڻ ڪوٽ جو ويٺل هو. پنھنجي وقت جي وڏن شاعرن مان هو. هن سُگهڙ شاعر جي شعر جي اُتر توڙي لاڙ سنڌ ۾ هُوڪَ هُئي.(ص_224) ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب سُگهڙ قادر بخش توڙي سندس شعر جو ذڪر سنڌ جي ڪافي سُگهڙن کان ٻڌو، سُگهڙ قادر بخش ڪيترائي بيت سُگهڙ جلال کٽي جي بيتن جي ڀَران چيل آهن.
سُگهڙ قادر بخش مري جا بيت ۽ سينگار تخيل، ٻوليءَ ۽ فني ڪمال جو اعلي مظھر آهن. سندس سينگار شاعري ۽ بيت محبوب جي حسن ۽ سينگار جي ذڪر سان ٽمٽار آهن.
سُگهڙ قادر بخش جو سينگار وارو شعر

(1)

تُفَنگ تَلھير تِين نہ ، جِيئن عَينَ اَڻانگا ڪامڻي
ٺَهي بيک بَنِيئَل جي ، واسينگ جي وَصبِين
هيءَ لاله ڇا لِبيس ڪندي، محب اڳيان مِسڪين
ديھيءِ، تِنھنجي ڌم ڇِپَايا، چيلھہ ڇيلاٽي چِين
اهڙي، سُرت سجِين، مون کان هنِيون“ هوت وٺي

(2)

تُڪا تلهِير تين، نہ، جئن آهُو نين عجيب جا
ماريس انھيءَ مامري، جو وٽن ويٺيس ڪين
مٺي ٻولي ٻاجه ڀرين جي ڪوئل ڄاڻي ڪين
اِنھينءَ سُرت سُجين، هينئڙو هوت کڻي ويا.

(3)

تَلِيهَر رَي نہ تُرڻا، جن جي منھن منجهہ مِين فَمين
ڳُڻ ڳورائي اُن جي، ڪاف برابر ڪينِ
سُونھن سورج کنئون اڳري، ڪنڌ ڪوئل دَرَھہ ديِن
مُٺيس ڪندا مامرو، آئون وٽن ويٺيس ڪينِ
اهڙيءَ سُرت سُجين، منھنجا آهن قريب قادر بخش چئي.
____

لوڏي لاڏ ڀريو، ٻئي کنيائين ٻانھڙيون
ڪامڻ جون، قادر چئي، آهن اکيون آب ڀريون
وتي واسينگن جان، وِھہ سان وات ڀريون
پَسِي اوشَ ان جا، وڄون اُت وَريون
سورج سج سلام ڪري، ڌرتيءَ نرڙ ڌريون
پاسي منجهہ پَريون، عرض چونديون آئيون
*

سُگهڙ حيات لغاري

بلوچ صاحب موجب سُگهڙ حيات لغاري ٽالپورن جي دور ۾ ڪاڇي جو تمام وڏو ڪافي گو شاعر ٿي گذريو آهي. هن شاعر بابت ڪا بہ مستند معلومات ملي نہ سگهي آهي، حيات ٻوڙي جي نالي سان مشھور حيات لغاري جو تعلق غالبن جوهيءَ تعلقي جي ڳوٺ قصبي سان هئو. هڪ ڪلام قلات جي خان خدادا خان جي تعريف ۾ چيائين، جيڪو 1873ع ۾ شڪارپور ۾ انگريزن طرفان منعقد ڪيل درٻار ۾ شريڪ ٿيو هو. ان مان ظاهر آهي تہ حيات لغاري خداداد خان واري دور 1857ع_ 1893ع ۾ ٿي گُذريو آهي (ص_ 493)
حيات لغاري، سنڌ جي يگاني شاعر حمل لغاريءَ جو هم عصر شاعر هو، حمل لغاري جي پيءُ رحيم خان لغاري سان پڻ سندس شاعراڻا مارڪا ٿيا.. رحيم خان لغاري سان بيتن ۾ سوال جواب ڪيائين، رحيم لغاري مارئي تي معيار رکندي چيو تہ؛

چڙهي ويٺينءَ چانگي تي، هاري وجهي هٿ،
توڙي ڪُسي ٻڪري، تہ ڀي چوري لَت
تو کون ڪي ڪجهہ ايتري هڏن نہ ٿي همت؛
تو ڀي ڏسي سلابت، اٺائي ڏني اٺ تي!
اهو شعر جڏهن حيات لغاري جي ڪنين پيو تہ تڏهن هن جواب ۾ بيت چيو جنھن جون ڪي مصراعون هيءُ هُيون؛ (ص_19، ڪليات حمل)
*

جڏهن عمر کنئي هئي مارئي، تڏهين چارڻ هئا چوڌار
شاعر عبدالطيف هو، جنھن کي هئي ڳجه جي خبر چار،
پر ڪنھن بہ ڪچو نہ ڪيو، مارئي کي ساري سڀ ڄمار؛
تون شاعر آهين ڪينڪي، آهين اَياڻو ٻار!

هن شعر ۾ حيات لغاري اڳتي هلي، رحيم لغاريءَ تي جهل ڪئي. انھي شعر جي جواب ۾ وري حمل لغاري هيٺيون شعر چيو:
*
شاعر آهين ڪينڪي، پر آهين اناڙي،
شاعر هو ٻروچ، سو سنڌ سِري ناڙي،
تنھن کان توکي ڪيئن لڳي، احمق اماڙي؟
جان آهين مِٽ مارئيءَ جو، جان عمر جو ڀاڙي،
ڪُٽئين هوند ڪياڙي، جي حاضر هئان ”حمل“ چئي!

اهو شعر ٻڌندي حيات لغاري ورنديءَ ۾ هڪ سخت بيت چوائي موڪليو جنھن جي جواب ۾ حمل چڙ کائيندي هيٺيون بيت چوائي موڪليو:

شاعر آهين ڪينڪي، آهين رڳي جهَڪ،
ڪين ڇڏين ٿو پانھنجي، اها ٽيڙي ۽ ٽڪ،
پنھنجا ڪتا، پنھنجن کي ڇتا وجهہ مَ چڪ،
ڪپيانءِ هوند نَڪ، جي حاضر هئان ”حمل“ چئي!
اهڙي طرح ٻنھي شاعرن جي بيتن وسيلي مارڪا آرائي هلندي رهي. حيات لغاري ڪافيءَ جو با ڪمال شاعر هو. سندس ڪافيون، ڪافيءَ جي فني سٽاءُ ۽ موسيقيت جي حوالي سان ظاهر ڪن ٿيون تہ حيات لغاري ڪافيءَ جو تمام وڏو شاعر هو. سندس ڪافين جو فني ۽ فڪري جائزو وٺڻ سان معلوم ٿيندو تہ فن، موسيقي ۽ خيال جي حوالي سان ڀرپور آهن. سندس ڪجهہ ڪافيون هيٺ ڏجن ٿيون.

ڪافي(1)

ادا ڪانگا ! ڪر ڪا تياري
منھنجي پرين کي ڏي وڃي خبر ساري

ڀانيان ٿي ڀر ۾ پرين آيا ٿم پاڻ
جي چوريان پاسو تہ آهن سڄڻ مان“ ساڻ
ساري سڏ ڪيان، ڪڍي آھہ تنھنجي ڪاڻ
ننڊ ۾ نماڻيءَ کي ڏيئي ويا ڏيکاري

پِريَن سندا پُور پل نہ ٿين پري
ڪيو اچن گهُور فوجان“ ساڻ ڪري
ڏسي تنھنجا ڏيل دم دم دل گهُري
جادو جيءَ اندر لائي ويم جاري

پانڌي ڏي پيغام سڄڻ کي ساري
اهڙي نہ گهُرجي ويھہ ن ساري
دلبر ديدن سان ويو دلڙي ڌتاري
محبت اَنھن جي ڳل پئي آهي ڳاري.

ڪافي (2)

مين تہ راجهن دي نال ويسان
ايھو کيڙا گهول گهمائيسان
هي عرض ڪريندا الاهي، ٻيلي رهبر راهنمائي
ويکان روضي دي آشنائي، مئن تان سھجون سجدا ڏيسان
گهڻا ڪر ڪر رهيان مئن حيلا، ڇوڙيا ماءُ پِيوُ خويش قبيلا
ميڏا رانجهن ٿيسي رسيلا، مئن چُم اکيان سِر چَئسان
ڏاڍي برھہ بنائي بازي، اڳُون تُلسي تو ر ترازي
جڏان آپ ٿيسي رب قاضي، مئن ڪھڙا جواب ڪريسان
”حيات“ آکي رانجهن ملسي، ٽور اڳڻ آ ساڏي ٽِلسي
گهونگهٽ لاھہ سھڻا خوش کِلسي، مئن سِر قربان ڪريسان

ڪافي (3)

وَسئي خان خداداد خاني
هوسئِي رحمت روز رباني

تَئن تي خان خدا دا سايا، هوسين روزون روز سوايا
هوسئِي نور نبي دا رايا، تيڏي مدد شاھہ جيلاني

تئن تان چڙهدئين نال فوجان دي، لکين سوار هزارين پيادي
تيڏي منَصبدار شھزادي، صِفان کڙدي جوڙ ڪماني

تئن تان وچ ڪچھري ٻہدا، تيڏا جڳ سلامي رهندا
تيڏا منصب تيڪون ڊهندا، هي حڪم شير شھاني

ٻَڌ شَملا چَڙهدئِين رنگي ، سِر سونھي تاج ڪلنگي
ڪلھي لعل لَٻر دِي لونگي، خلقت ويگڻ ڪاڻ حيراني

وڄن ساز سُروندي ڀيران، ڪَنين پووَن لوڪ تنواران
مئن تہ لکين شڪر گذاران، تيڏا حڪم دين دا باني

ڏِتئي راھہ انگريز ڪون رستا، ڪيتوئي دين ڪفر دا خستا
لکين بار ٻَڌوي بَستا، ڪيتوئي فرنگي ڏيھہ وچ ڏاني

گهت سنج سونھري گهوڙي، شل منصب هوسئي ڏوڙي
منگي دا ”حيات“ هٿ جوڙي، پڙھہ حمد سئَورہ فرقاني.
*

سُگهڙ نبن خان لنڊ

سُگهڙ نبن خان لنڊ 1898ع ۾ ڳوٺ ڪمال خان لنڊ تعلقہ جوهيءَ ۾ ڄائو. پنھنجي قبيلي جو لٺ سردار هو. اڄ بہ سندس پويَرن تي چڱ مُڙسي جي دستار بندي هلندي اچي ٿي. قبيلي جو سردار هئڻ باوجود بہ سندس ميل جول ماڻھن سان سٻاجهائپ وارو هوندو هو. سندس فطرت ۾ سادگيءَ جو عنصر شامل هو، ڪڏهن بہ هٺ ۽ وڏائي نہ ڌاريائين، سندس اوطاق تي هر روز تر جا سُگهڙ اچي گڏ ٿيندا هئا. پاڻ جھڙو هو جراح سُگهڙ تھڙو هو سندس مھمان نوازي وارو سلڇڻو ورتاءُ. سُگهڙ چاھہ ڪري اچي سندس اوطاق تي ناصحانہ نقطن جي ڏي وٺ ڪندا هئا.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’سنڌ جي سينگار شاعري‘ ۾ جوهيءَ جي ٻين سُگهڙن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو تہ، ”ان کان پوءِ جا وڏا سُگهڙ جيڪي اتي ٿي گُذريا تن ۾ محمد خان لغاري، (قصبي جو) مُريد خان چانڊيو، نبي بخش لنڊ (ڳوٺ ڪمال خان جو) ۽ ٻيا جن سان 1954- 1958ع وارن سالن ۾ راقم جون پڻ ڪچھريون ٿيون.“(ص- 161) پاڻ اٽڪل 69 سالن جي ڄمار ۾ 1967ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪجهہ ٽڙيل پکڙيل شعرن جو سٽون مليون آهن، جيڪي هيٺ ڏجن ٿيون.

نمونہ ڪلام
*
انسان نالو اُنس جو جيڪو سڀ سان رکي پيار
خلقيو جنھن کي خدمت لاءِ خاص خلقڻھار
پيتي جر نہ کٽندو، توڙي پيئجي بار بار
نوڙت ۽ نياز سين بڻجي ساھہ سينگار
سدا سائو سوئي رهندو سدا باغ بھار
جو ڏکي ويل غريب جي ڪُڏي لھندو سار
خلقيل سڀ مخلوق آ سندي رب ستار
ڏينھان راتيان ڏوھہ ۾ چارئي چاڪ چِڪار
”نبن خان“ نوڙت سين اٺئي پھر گُذار
ڪري رحم قھار، شل راضي ٿئي مسڪين تي.


سُگهڙ الھہ بخش شاهاڻي

هي بلوچي شاعريءَ جو پُختو شاعر 1907ع ڌاري ڳوٺ هوت خان شاهاڻي تعلقہ جوهي ۾ ڄائو. تمام جهونو قصہ گو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس سموري شاعري قصن تي مبني آهي، جنھن پالڻھار جي صفت سان گڏ حُضور اڪرم صلي ﷲ عليہ والي وسلم، خُلفاءِ راشدين، قصہ قربلا ۽ ٻين تاريخي اسلامي واقعن جي اُپٽار ملي ٿي.
سندس هر نظم تمام طويل آهي. حال ۾ سندس پوير ڪراچي ۾ مُقيم آهن. جنھن ڪري سندس مواد پورو نہ ملي سگهيو آهي پر هڪ طويل نظم مليو جنھن ۾ هن بلوچ قبيلي جي تاريخ ۽ حسب نسب ڄاڻايو آهي. سندس مواد تمام گهڻو آهي جيڪو پويَرن وٽ محفوظ آهي.
پاڻ 62 سالن جي ڄمار ۾ 1969ع ۾ وفات ڪيائين، سندس طويل نظم جو پھريون چند سٽون هيٺ ڏجن ٿيون.

نمونہ ڪلام

اول پڙھہ تون ﷲ، اي زبان
اُپايو جنھن آ زمين آسمان
ڪيائين ٻہ پيدا هي شمس و قمر
ڪتيون روز ڪوڪب ڏين پيا چڪر
سوين ساھہ وارا اُپايئين هزار
ڏئي روز روزي سڀن بيشمار
اسان جو مٺو مير مرسل جوان
ٿيندو روز محشر ۾ بيشڪ خمان
”شاهاڻي“ ڪري ٿو هي اڳ جو بيان
ٻُڌو ڪن ڪو ڏيئي هي دانا ڌيان.

سُگهڙ بخشل فقير مڱڻھار

سُگهڙ بخشل خان مڱڻھار اٽڪل 1915ع ڌاري جوهيءَ ۾ پيدا ٿيو. 1984ع ۾ وفات ڪيائين. سُگهڙائپ ۽ شعري سفر ۾ يگانو شاعر هو 1975ع ڌاري شھيد ذوالققار علي ڀٽو چونڊ مھم لاءِ جوهي شھر آيو هو. جلسو سيد حادن شاھہ جي مقبري لڳ ڏکڻ ۾ پيل ميدان تي ٿيو هو. ڀُٽو صاحب اسٽيج تي ويٺل هو. جلسي ۾ بخشل فقير جيڪو سندس مانُ ۾ مائيڪ تي شعر پڙهيو هو سو مون ٻُڌو هو. سندس ان شعر جي هڪ سٽ اڄ بہ ياد اٿم:

”ذوالفقار ڌُوپار ڪيل اقرار پاڙيندو.“

هن ڪيتري ئي لوڪ شاعري ڪئي پر محفوظ نٿي سگهي. سندس شاعري تي صوفياڻو رنگ حاوي رهيو. سندس شاعري جا جيڪي ٽوٽڪا ملي سگهيا سي هيٺ ڏجن ٿا.

وري وري تڏهن ٿو پئان تہ هوش رهي
دلربا جي دوبد دل گوش رهي
ڇا بہ ڏئي هٿن سان من خاموش رهي
قاتل مثل طھورا پي پي نوش رهي
شيخي مَشائخي پري پري پوش رهي
ڪنڌ ٿو ڪُهي ڪات کي هِت ڪو وفا دوش رهي
خدمت ۾ سندن ”بخشل“ شف وَ روش رهي.
*

اهڙا بہ عوام ۾ آهن،
ڏوھہ گناھہ کي چڱو ٿا چاهِن
چوري زوري روز ٺڳي جا-
ڪَئين نوان ٿا ٺاھہ ٺاهن.
*

”ونحن اقرب“ پاڻ چيو ٿس
هِن کي ماري هُن کي پس،
ڪوڙ ڪڍي ڇڏ ڪچ-
”نينھن نہ ملندو ءِ ناڻي ٽاڻي“
*

الست“ وارا ٿو واعدہ وسارين
غافل دنيا ۾ ڪيئن ٿو گذارين
”بخشل“ بُري کان بچ-
”ڀُلي آئي ڀاڻي منزل ماڻي“.

حاجي ڦُل خان شاهاڻي

حاجي ڦُل خان شاهاڻي 1952ع ۾ ڳوٺ علي مُراد شاهاڻي تعلقہ جوهيءَ ۾ ڄائو. نھايت رلڻي ملڻي طبيت وارو شخص آهي. جواني ۾ ئي عشق جي اري ۾ اڙجي پيو، محبوب ويتر جدائي جي جنڊ ۾ پيڙجندو ڇڏي ويس. نينھن جي نيشن ڪُکون وٺي ڇڏيس. وڇوڙي جي ڏنڀن ساري ڏيل کي ڏڏري ڇڏيس. جڏهن فيراق جا فٽ اُٿليس تڏهن شاعري جي لاون جا وهڪرا ذهن منجهان زلزلن جي صورت ۾ اُڌما ڏئي وهڻ لڳا، ڦُل خان سٺو فنڪار پڻ آهي. ڳلي ۾ ماکي جھڙي ميٺاڄ اٿس. انھي سُريلي سُر کي جهونگاري شعر لکندو آهي سندس شاعري عشق جي ترجمان ۽ درد جي داخلي اظھار جوڳ ڀنڊار آهي. سندس ڪلام ۾ سُگهڙائپ جو رنگ نظر اچي ٿو.

نمونہ ڪلام

*
برھہ جا بٺ ٻرن دل ۾ جدائي ۾ جلان جاني
هو ” حاجي ڦُل“ اڳي ئي ڦُل وري ويتر جلايو تو.

محمد رمضان ’ راز‘ سومرو

محمد رمضان راز جو جنم 1921ع ۾ ڳوٺ راڄي ديري، تعلقي جوهيءَ ۾ ٿيو. پر پوءِ اتان لڏي اچي ڳوٺ ٽنڊو رحيم خان ۾ رهائش پذير ٿيو. سنڌي فائينل ڪري استاد مقرر ٿيو. مختلف اسڪولن ۾ علمي خدمتون سر انجام ڏنائين ۽ آخر ۾ راز صاحب پرائمري اسڪول جي هيڊ ماسٽر جي عھدي تان تعليم کاتي مان رٽائر ٿيڻ بعد جوهي ۾ ڪجهہ وقت عريضي نويس بہ رهيو. راز صاحب 1950ع ۾ شاعري جي ميدان ۾ قدم رکيو. شاعري جي تقريبن سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. سندس ڪافي شاعري تي لوڪ شاعري جو اثر آهي. ڪافي تعداد ۾ سندس مواد اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپايائين ۽ نثر ۾ ٻہ ڪتاب ” عجيب سفر“ ۽ ” پير گاجي شاھہ“ جي سوانح حيات ڇپيل اٿس.
۽ ٽيون ڪتاب ” بھليل شاھہ“ جي سوانح عمري زير طبع هُئس. نثر توڙي نظم جي لکڻين ۾ عبارت مضمون، موضوع ٻوليءَ ۽ فڪر جو معيار سطحي نظر اچي ٿو.

نمونہ ڪلام

*
جهل جو ظلمت ڪدہ ڇو ڀوت جي صورت وٺي
ديو ٿي انسان تي هسوار ٿيندو ٿو وڃي.
*
حق تلف ٿي ويا هن سنڌ جا سمورا
شايد اڃا بہ سنڌي بيدار ڪين ٿيندا.

سُگهڙ فَقر علي ڀُرڳڙي

سُگهڙ فَقر علي ڀُرڳڙيءَ جو اصل نالو فيض محمد ولد محمد لائق ڀُرڳڙي هئو. سادي ۽ سٻاجهي طبعيت رکندڙ سُگهڙ فَقر علي جوهيءَ تعلقي جي ڳوٺ لشڪر خان ڀُرڳڙي ۾ 1963ع ۾ جنم ورتو. سندس ننڍپڻ عام ٻھراڙيءَ جي ٻار وانگر گُذريو. هن پرائمري کان مڊل تائين ڳوٺ پٽ گُل محمد ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهيءَ منجهان پاس ڪيائين بي پھچ هجڻ سبب سرڪاري نوڪري حاصل نہ ڪري سگهيو کيس جوانيءَ ۾ ئي مجازي عشق جي مھميز لڳي جنھن کيس شعر چوڻ ڏانھن راغب ڪيو. ننڍپڻ ۾ کيس سُگهڙائپ ۽ لوڪ شعري ادب جو ماحول مليو. سندس نانو محمد حسن ڀُرڳڙي ۽ مامو خير محمد ڀُرڳڙي سُگهڙ شاعر ۽ سُگهڙائپ جا پارکو هئا جن جي اوطاق تي سُگهڙن جون ڪچھريون ۽ شعر گوئي جا دور هلندا هُئا ان جو سڌو اثر فَقر علي تي اَوَس پوڻو هيو.
انھن ڪچھرين منجهان هن نہ فقط اتساھہ حاصل ڪيو پر لوڪ شاعري ۽ ان جي صنفن بابت بہ ڄاڻ پرائي. سندس تربيت ۾ سندس ناني محمد حسن ڀُرڳڙيءَ جو وڏو هٿ رهيو. کيس شاعراڻو نالو فَقر علي پڻ سندس ناني ئي ڏنو جنھن وٽ سنڌ جا نالي وارا سُگهڙ ڪھي ايندا هُئا. جيڪو اٽڪل 80 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. انھن کان علاوہ سُگهڙ علي شير ابڙو ۽ خير محمد ڀُرڳڙي بہ فَقر علي کي سُگهڙائپ جا گُر ۽ گُڻ سيکاريا.
سُگهڙ فَقر علي پنھنجي فن ۾ نھايت برجستو سُگهڙ شاعر هو. سندس شعر ۾ رواني ۽ پُختگي کيس موجودہ دور جي بھترين سُگهڙ شاعرن جي سٿ ۾ شمار ڪري ٿي. هن بيت، ڪافي، ڏهس، سينگار، پروليءَ ۽ ڳُجهارت جي صنفن سان خوب نڀاءُ ڪيوآهي. سندس شاعريءَ ۾ عشق حقيقي ۽ عشق مجازيءَ جا بہ رنگ رچيل آهن تہ پنھنجي ديس ۽ علائقي جي حالتن جي پڻ عڪاسي ٿيل آهي. سُگهڙ فَقر علي سنڌي ۽ سرائڪي ٻولين کي پنھنجي اظھار جو وسيلو بڻايو. سندس ڪلام بابت منھنجو مضمون استاد بخاري ڊگري دادو جي مئگزين ۾ شايع ٿيل آهي. 2020ع ڌاري وفات ڪري ويو. سندس ڪلام نموني طور هيٺ ڏجي ٿو.

سنڌي ڪلام،

بيت

اتي ڳول ﷲ کي، تون وڌاءَ نہ وک،
عبادت جي آسري، ڪيئي، مري ويا لک،
موتو قبلل انت موتو، سڄو ڏينھن سک،
”فَقر علي“ چئي ڏک، ڏسندين ڪونہ ڏيھہ ۾.
****

جي اٿئي عشق ﷲ سان، تہ پنھنجو پس پاڻ،
سدائين آيو ساھہ ۾ آهي هئين اندر هاڻ،
مُلا قاضي مُصلن ۾ آهن اجايو اڻ ڄاڻ،
”فَقر علي“ هر ڪنھن ساڻ، مليو ماءُ جي پيٽ ۾.
****

ساري ڳالھہ سڌي اٿئي رڳو اکيون پٽ انسان،
وِچئون نہ ڪا ٻي وٿي آ نہ تون پري پريشان،
جاچي ڏس تون جان ۾ پنھنجو مالڪ مھربان
”فَقر علي“ چئي مڪان، مولا جو ٿئي من ۾.
****

چنڊ ڏيان چئي ٿو مُنھن تي توکي مان،
جهڙو حسن حبيب جو اهڙو ناهي تنھنجو نان،
”فَقر علي“ تنھن ڪان، ٿا لکين سڪن لوڪ ۾.
****

چنڊ چارئي پھر متان چوين آهيان چاس،
جي نگاھہ پويئي نرمل جي تہ نپٽ ٿئين ناس،
”فَقر علي“ چئي ماس، ڳري وڃيئي ڳڻتين ۾ .
****
چنڊ تنھنجو چاھہ آهي چٽو گهڙيون چار،
جي سونھن ڏسين سڄڻ جي تہ رهندو وڃيئي رفتار،
”فَقر علي“ چئي هڪوار، ذرِي نہ رهئي زيب جي،
****

چنڊ ٿئين چٽ جي تون پسين منھن محبوب جو،
هليو وڃئين هڪ جاءِ اتي دلبر اڳيان هيءُ دم،
”فَقر“ علي“ چئي گُم، ٿئين پسڻ سان ئي پرين جي.
****

چنڊ ڪابہ چيز منھنجي عجيب جھڙي نہ آءُ،
سھڻي صورت ساجن جي اهڙي ڪاٿي ناهي ڪاءُ،
”فَقر علي“ چئي هر جاءِ، هاڪ هلي پئي حُسن جي،
****

گُذر غريبي گڻ ڀلو تون دم دم رک دليل،
هتي حياتي هڪ گهڙي جو ادا اٿئي اڏيل،
اڳيان فيصلو ”فَقر علي“ چئي واري وٺندئي وڪيل،
هوڏ وڏائي هَٺ ڇڏي ڪر راضي رت جَليل،
متان ڪم سمجهي ڪيل، تون لتاڙين لوڪ ۾.
****

گُذر غريبي گُڻ ڀلو رک تن اندر ۾ تار،
مسافر هن ملڪ ۾ تون آهين ڏينھن ٻہ چار،
سنبري ويھہ متان سڏ ٿئي نہ ڇڏيندئي سرڪار،
کڻي هلندين تون خان هتان جيڪا ڪندين کٽ هار،
”فَقر علي“ چئي نھار، واري پنھنجي وطن ڏي.
****

گُذر غريبي گُڻ ڀلو، تون سوچي سڳو سور،
طلب تاڪيد توبھہ جي وٺ پنھنجي اندر ۾ پيو اور،
حِرس حَسد ڪِينو ڪڍي ڪٽ قلب جي ڪور،
امر عبادت فرض ﷲ جو مڃي هل تون مور،
”فَقر علي“ چئي تور، اڳيان روبرو ٿيندئي رهبر جي .

****

گُذر غريبي گُڻ ڀلو. تون ٻڌ حقيقت هيءُ،
هٿ جوڙي هر ڪنھن جي اڳيان جانب چئو جيءُ،
هيءَ حياتي هڪ ڏينھن هتان هر گز ويندئي هليءَ،
باقي رهندو راڄ ۾ تنھنجو نالو نيڪيءَ،
”فَقر علي“ چئي ٿيءُ، تون محبت وارو ملڪ ۾ .
****

مُحبت جو ڪو مُلھہ ڪونھي، آهي بي مثال،
قرب وارو آهي ڪروڙ پتي ڀلي هيڻو هُجيس حال،
”فَقر علي“ چئي مال، آهي رهڻي واري جو راڄ ۾ .
****

خودي کي کائِيِ جن ڄاڻي رکي ڄاڻ،
انھن مومنن جي ملڪ ۾ وڏي ٿي واکاڻ،
مُوتو قبلل انت مُو تُو رهيا ساري عمر ساڻ،
”فَقر علي“ چئي پاڻ، جيئري ماريائون جهان ۾ .
****

جيئري هن جھان ۾، تون تڪڙ ڏي نہ تاڻ،
جواني ويندئي جان مئون سدائين نہ رهندئي ساڻ،
آڪڙ وڏائي اقير اندر مان ڪوسو نہ ڳالھاءِ ڪنھن ساڻ،
محبت رک مَن ۾ تون وجهي صبر جي سُڀاڻ،
”فَقر علي“ چئي پاڻ، مالڪ ڏيندئي من را .
****

جيڪا بہ ڪئي جانب تو توکي سھڻا آهي شابس،
گڏ گهُمين ٿو غيرن سان تنھن جا ڏور پون ٿا ڏس،
”فَقر علي“ چئي ڪس، ڪھڙي لڳي اٿئي قرب ۾ .
****

ڪيڏو ڪرين ٿو قرب ۾ تون پرين پريشان،
اها سونھن سدائين سھڻا توسان ڪڏهن هلندي ڪان،
”فَقر علي“ چئي حيران، هزار ڪيا ٿئي حُسن تي .

ڏکيو ڪيئي هن ڏيھہ ۾ مونکي رولي بي گُناھہ،
سدائين گڏ سورن سان آئون پرين ٿيو هان پاھہ،
”فَقر علي“ چئي باھہ، عشق ٻاري آ اندر ۾ .
****

مغرور نہ ٿي محبوب مٺا پنھنجي حُسن تي هيڪار،
هڪ سھڻو اڳيئي تون سپرين ٻيو ڪرين هار سينگار،
”فَقر علي“ چئي نہ مار، عاشق پنھنجي ارمان ۾ .
****

جهڙو گُل گلاب جو اهڙو آهين تون عجيب،
سھڻن ۾ آهي سھڻا تنھنجو نرالو نصيب،
”فَقر علي“ چئي قريب، اچي ويھہ اکين جي .
****

مجبور ڏسي مونکي ٿو سھڻا ڏين سور،
وڃڻ ناهي واجب توکي دلبر مونکان دور،
”فَقر علي“ چئي مور، مري ويندس آئون مٺڙا .
****
ماڻھو تنھنجي ملڪ جا مون رهڻ نہ ٿا ڏين رات،
تڏهن تہ نہ ٿي ٿئي توسان منھنجي مٺڙا مُلاقات،
”فَقر علي“ چئي تات، آها عجيب تنھنجي اندر ۾ .
****

سھڻا تنھنجي سونھن جو مولا ڪيو آ مان،
ماڻھو سڄي هن ملڪ جا آهن پرين پريشان،
”فَقر علي“ چئي احسان، تو عجيب ڪر اچڻ جو .
****

سھڻا تنھنجي سيني ۾ ٿو سونھين سونو هار،
ڪاٽن وڳو ڪري پرين ٿو گهُمين شھر بازار،
”فَقر علي“ چئي هزار، حُسن تنھنجي حيران ڪيا .
****


سھڻا تنھنجي سڪ ۾ ٿو رئان روزانو،
ڪيئن ڪيان آءُ ڪاڏي وڃان آهي ظالم زمانو،
”فَقر علي“ چئي تانو، ماڻھو ٿا مونکي ڏين .
****

نڀائجان نازڪ تون ناتو مونسان نينھن،
سڪ تنھنجي آ سيني ۾ مونکي سھڻا سڄو ڏينھن،
”فَقر علي“ چئي مينھن، عشق وهايو اکين مان .
****

پلي وئين تون پرين دلبر ڇاکئون دل،
ڇڏ رسامان راضي ٿي اچي محب مونسان مل،
”فَقر علي“ چئي ڪُل، ماڻھو کلن ٿا ملڪ جا .
****

پَر بہ نہ آئين پرين تون ٿو رُسين ڏسي رمضان،
عيد جي ڏينھن اڪيلو آئون ٿيان پرين پريشان،
”فَقر علي“ چئي احسان، تون عجيب ڪر اچڻ جو .
****

مُنھن ميرو من نہ ميرو اندر جنھنِ جو عاج،
جن دامن ورتي دست علي جو تن کي ڏاتر ڏنا ڏاج،
محبت مولا علي جي آهي مومنن لاءِ معراج،
”فَقر علي“ چئي تاج، سونا پاتئون سِرن تي .
****

مُنھن ميرو مُن نہ ميرو اندر جن جي اکيون،
اهي سدائين وتن صبر ۾ نينھن نفي سان رکيو،
نپٽ ماريائون نفس کي کڻي ترارون تکيون،
”فَقر علي“ چئي ڏکيون، تڪليفون ڏنائون تن کي .
****

وياج جي واپار کئون اهو مناسب اٿئي تہ مَر،
چار ڇليون اَن جون ڏيئي چوٿين مھيني ڪرين هزار جي گهر،
مسلماني لڄايئي وياجي سڏايئي ڏاتر ڪيئي ڏمر،
”فقر علي“ چئي سِر، پيو منھن ڪُٽيندي مَرڻ تائين .
****

چارئي پھر چُمان آءُ پرين تنھنجا پير،
دلبر اچ ديدار ڪيون دم نہ ٿئي دير،
”فقر علي“ چئي هير، پئجي وئي آ پيار جي .
****

بيوقوف کئون ڀلو اهو ڍور بہ آهي ڍڳو،
هِن ۾ ڪِرت ڪار جي هيءَ جهڻ ڪري جهڳو،
”فَقر علي“ چئي رڳو، عمر وئي آزار ۾ .
****

ڏسي پَسي هن ڏيھہ ۾ ٿو آڪڙ ڪرين ادا،
خاڪي آهين خاڪ منجهان تو خلقيو پاڻ خدا،
”فَقر علي“ چئي جدا، مور نہ ٿيندي مٽيءَ کان .
****

جي وِک کڻي تہ وھہ واھہ ڪيان جي ڏسين تہ تنھنجا ڏت،
حُسن تنھنجي هر گهڙي آهي ﷲ ڪيئي عزت،
”فَقر علي“ چئي رت، اچ توکي آءُ ڏيان .
****
سُھڻا توکي سيني اندر آءُ جوڙي ڏيان جاءَ،
سُھڻي صورت ساجن تنھنجي اهڙي ڪٿي ناھہ ڪاءَ،
”فَقر علي“ چئي آءَ، تہ راضي ڪيون روح کي .
****

ڪھڙو ڏوھہ ڪيوسين جو تون جاني ٿِيئن جُدا،
سور نہ ويندو سڄڻ تنھنجو آخر هيءُ ادا،
”فَقر علي“ چئي خدا، آڻيئي ڏسان اڱڻ تي .
****

ڀيرو ڀڃي تون ڀورل وئين ٿي دلبر مونکان ڌار،
جي نڀائڻو نہ هيو نازڪ توکي تہ پھريان ڪرين ڇو پيو پيار،
”فقر علي“ چئي تار، آهي عجيب تنھنجي اندر ۾ .
****

مَٽ نہ ڪيان ڪو ملڪ ۾ تنھنجو دنيا ۾ دلبر،
هي حسن توکي آ حسين ڏنو پرين منھنجي پرور،
”فقر علي“ چئي گهر، مان گهوري ڇڏيان تو گهوٽ تان .
****

سڪون ناهي ساھہ کي جڏهن پرين ٿئين تون پري،
عشق جي آزار ۾ پئي دلڙي دانھون ڪري،
”فَقر علي“ چئي مري، ماندو من محبوب لاءِ .
****

ننڍي لاءِ جو ناتو ڇني وئين تون ڇو،
ياد ڪجائين يار مونکان روئدين پيو پو،
”فقر علي“ چئي ڪو، قياس نہ ڪيئي قرب ۾ .
****

اکيون تنھنجون عجيب ڪن ڪُھڻ جو ڪم،
ڏسي مارين ڏيھہ ۾ ڪن ڪو نہ رحم،
”فقر علي“ چئي دم، عاشق ڏين آزار ۾ .
****

سھڻا تنھنجي سِڪ ڪيو تنگ تمام،
صبح شام سھڻا سائين پيو وٺان تنھنجو نام،
”فَقر علي“ چئي طعام، وڻن ڪيئن وڇوڙي ۾ .
****

لَب گُلابي لال تنھنجا ڏند موتي داڻا،
ماري وئين محبوب مونکي مٺا ڪري ماڻا،
”فَقر علي“ چئي سياڻا، حسن ڏسي حيران ٿيا .
****

سھڻيون اکيون سھڻا تنھنجون دلبر آهن دام،
ڄاڻي پون ٿا ڄار ۾ ڪيئي سھڻا ڪري سلام،
”فَقر علي“ چئي غلام، تو هزارين ڪيا آهن حسن تي .
****

دل چوي ٿي دلبر مان هجون سڄو ڏينھن ساڻ،
گڏ گهمئون ٻئي گڏجي پيا ڪيون روح رهاڻ،
”فَقر علي“ چئي ڪاڻ، اسان ڪڍئون نہ ڪنھنجي .
****

گُذر غريبي گُڻ ڀلو تون نفي سان رک نينھن،
نوڙت نيازي توبھہ زاري پيو ڪر رات ڏينھن،
”فَقر علي“ چئي مينھن، رب وسائيندئي رحمت جو .
****

دلبر سِواءِ هن دنيا ۾ ماندو آهيان مان،
ياد ڪري آءُ يار کي پيو راتيان ڏينھن روان،
”فَقر علي“ چئي ڏيان، دانھن ڪنھن کي درد جي .
****

پارت هُجئي پرين مونکان جانب نہ ٿِجان جُدا،
مري ويندس آءُ مٺڙا ڄاڻي ٿو خُدا،
”فَقر علي“ چئي فِدا، سُهڻا توتان سِر ڪيان .
****

قاضي ڪاھہ قُرآن ۾ لَڀ لال پائي ليئو،
ساھہ سمايل سُپرين تون ٻول نہ ٻيو،
ﷲ آدم انھي کئون جدا ناهي ٿيو،
”فَقر علي“ چئي پيو، وسي تنھنجي وجود ۾ .
****

نھاري نيڻ کڻي دلبر ڪيئي داءُ،
دل ڦُري دور رهئين ڪل نہ پيئي ڪاءُ،
”فَقر علي“ چئي آءُ، تہ سڄڻ رهئون شھر ۾ .
****

ڪانگا وڃ قريب ڏي منھنجو جانب هجي جنھن جاءِ،
چئو اڃا نہ لڌي آ عجيب تو منھنجي سڄڻ سُڌ سماءُ،
رهان ڪيئن هن راڄ ۾ مان تنھنجي يار سِواءِ،
”فَقر علي“ چئي ٺڪاءُ، نہ ٿو اچي تنھنجي نينھن ۾ .
****

ڪانگا ڪري ڪوھہ منھنجو پرين وڃي تون پَس،
متان بہ پوي پرينءَ کي توکي ڏسي تَرس،
چئو ڏوھہ ڪھڙو جو ڏور ٿئين مونکان ڀورل ڪيئي بس،
”فَقر علي“ چئي ڪَس، ڪھڙي لڳي ٿئي قُرب ۾ .
****

عشق تنھنجي آ عجيب ڪيو، جانب مونکي جوڳي،
ڪارو ويس ڪري ڇڏيم جڏهين توسان دل لڳي،
”فَقر علي“ چئي رُڳي، آهي آس تنھنجي اندر ۾ .
****

نہ ڏجي پٽ پرين کي نہ ٿئجي رنج رَهي،
دعا گهُرجي تہ دلبر کي رَب بخشي ڏجي وهي،
”فَقر علي“ چئي صحيح، سھڻو هجي ساٿ سان .
****

ڪانگل ٻوتہ ڪٿي آ منھنجو سڄڻ نہ آندئي ساڻ،
عيد بہ ٿي اڃا عجيب نہ آيو ڪيان ڪنھن سان روح رهاڻ،
”فَقر علي“ چئي تِنھن ڪاڻ، مون رات روئي آ ڏينھن ڪيو .
****

پُنھل سان پيار منھنجو اصلي آهي،
ڀينر هن ڀنڀور ۾ باقي رهيو ڇاهي،
”فَقر علي“ چئي ڪاهي، هلي وينديس هوت ڏي.
****

هلي وينديس هوت ڏي هينئر آءُ هاڻ،
عشق آري ڄام جي مونکي ڪيو آهي اڻڄاڻ،
”فَقر علي“ تنھن ڪاڻ، سُري وينديس سرتيون.
****

سنڌ توکي ڪري آءُ، جيجل چوائين جيءُ،
سھڻي سارن ملڪن ۾، تون آهين امڙ منھنجيءُ،
توتي قربان ٿِي، فتح ڪندس ”فَقر علي“ چئي،
****

سنڌ سِر صدقي ڪيان، آءُ ڏيان توتي ساھہ،
هڻندس نعرو هڪ ڏينھن، تنھنجو جيسين اٿم پساھہ،
”فَقر علي“ چئي ﷲ ڏيندو سوڀ سنڌين کي.
****

سنڌ ساري رات پئي ٻري، بدن ۾ باھہ،
گُم ڪندس آءُ غدار کي، ڪندس سِري پنھنجو ساھہ،
”فَقر علي“ چئي ٺاھہ هاڻي مور نہ ڪبو مخالف سان.
****

سنڌ سڄو ڏينھن تنھنجا، آهن سيني ۾ سوداءَ،
رت پيئندس رقيب جي، آءُ ڪندس غير جُداءَ،
”فَقر علي“ چئي فدا، سنڌ توتي سِر ڪندس.
****

سنڌ ڪوري ڪنڌ توتان، گهوريان هي جند جان،
پورن ملڪن ۾ پھريون، نمبر تنھن جو نام نشان،
آزادي تنھنجي جو اندر ۾، اڃا رهيل آ ارمان،
”فَقر علي“ چئي فرمان، آهي مڃڻو ساري ملڪ کي.
****

جي شاعر سڏائين تہ سمجهہ ڌاري، هي سُخُن ٻُڌ سچو،
شامل نہ ڪجائين شعر ڪو، هن ڪتاب ۾ ڪچو،
ڪِن شاعرن تان سِر صدقي ڪيان، ڪي وري شاعر لاءِ ڏچو،
ٻڍو هجين کان ٻچو، هِي فرض ٿِي ”فَقر علي“ چئي .
****

جي شاعر ٿي سڏائين، تہ سورهين ٿي وسئون پنھنجي نہ ويھہ،
ويندي وڃ تون وينجهارن جي، ٿا ڏهس پڙهن جنھن ڏيھہ،
ماڻڪ موتي جواهر جڙي، شاعرن ڪري ڇڏيو آهي ڇيھہ،
سڄڻ سڄوئي ساڻيھہ، تون ڦولھي ڏس ”فَقر علي“ چئي .
****

ساقي کڻي سڪ مان، پيالو مونکي پيار،
تہ اچي ننڊ نيڻن کي، لھي وڃن اوٽار،
ساري رات سورن ۾، مون روئي وهايا نار،
”فَقر علي“ چئي تار، مونکي عاجز ڪيو آ عجيب جي.
****

تون ٿو هلين جيڪا لوڏ آ، مور ڇڏي پنھنجي هوڏ آ،
سونھن سڄڻ تنھنجي سون آ، اهڙو سھڻو ٻيو ڪون آ،
سِڪ سھڻا تنھنجي ساڻ آ، مالڪ ٺاهيو توکي پاڻ آ،
”فَقر علي“ تنھنجو يار آ، جنھن سان ڪيو تو پيار آ .
****

اڃا نہ آيو عجيب ڇو، اڄ دلبر ڪئي دير،
مڃي جي منٿ منھنجي، مٺي ٿئي ماٺ ڀلي،
پنھنجو تون پاڻ ڄاڻ، چويئي ڇا ”فَقر علي“
نينھن ناسور ۾، ساڙ نہ پنھنجو سِر .
****

سُگهڙ فَقر علي جا ڪجهہ سرائيڪي ڏوهيڙا هيٺ ڏجن ٿا.

هزار آکين مئين هڪ نہ منان، تون هوشيار تہ هئين الاوڻ دا،
پيار ڪرڻ نا ميڪون پاھہ ڪِتئي، وڏا ڦنڌ رکيئي ڦساوڻ دا،
جڏان بي ڏيک تيڪون سڏان مئين، سھڻا تہ وتئين نخرا ڪِتِي نٽاوڻ دا،
”فَقر علي“ ڪھڙا فرض ڪھڙا فرض اَهوِي، جو ميڪون اقرار ڏتئي دل لاوڻ دا.
****

ڏٺي ميڪون ٿيا ڏور ويندئين، رڳا دلبر ديدار ڪراوڻ ڪون،
پڇون لڳا مائين پڇدا وتان تہ، ويندئين لڪا ميڏي الاوڻ ڪون،
عشق اڻموٽ اکئين ڪنون انڌا، نھين ڏهن اڦاهي کاوڻ ڪون،
”فَقر علي“ آوي موت ڀلي، ڪون ڊڄسان آپ مراوڻ ڪون.
****

پاڻي چا مائين پير ڌووان، ٻھہ پرين دي آ پيراندي ڪون،
محبين وچ هي محبوب ميڏا، جيوين سون وڏهي چاندي ڪون،
روندئين ڏٺي ميڪون راڄ ويندي، نھين دل جاءِ ڏيندي دل ماندي ڪون،
”فَقر علي“ ڪونھي يار دلي جو اڄ ڏيوي ٻانھن سيراندي ڪون.
****

گاج نئي تي هن گهر اسان ڏي، ڪھڙا ڪم هي آپ ڦنڊاوڻ دا،
صبح دا ماني ٻڌ شام تائين، نڪلون هنڌ ڳولون مال چراوڻ دا،
سواري دي لاءِ گڏھہ سڀڪو ڌاري، ڪونھي رستا گاڏي هلاوڻ دا،
”فَقر علي“ ٻي سڀ ڳالھہ ڀلي باقي سُک نھين سنڌ آوڻ دا.
****

مال متاع تي ماري ٻيٺئون، سڀ خرچ دوڪاني دا کنڌا،
سئو کن ڀاتي اسان گڏ هِيون ذاتي، ڪونھي اسان وچ سنڌا،
”فَقر علي“ جٿان روزي ملي، ڀلي دائي هووي ڪنڌا .
****

سادي ماڻھو اسان ساري عمر رهيئون، نہ آڪڙ وڏائي آوي،
سرنھن ڄانڀي دي سدائين، اسان پٽ ساڳ چڙهيندئون ساوي،
جائي جواري ماني جام ڏيندئون، جيڪو بي آوي پيا کاوي،
”فَقر علي“ هيون نوڪر انھي دي جيڪو دلبر آ دل لاوي.
****

ڪاڇي اسان ڏي ڏي ڪم هن اهي، نيٺ رهيئون ساري عمر،
هڪ سال وسدي تہ ول ڪي سال ڇٽا، پڇي ٻيٺي ڏهدئون برئي بر،
اِنھين آسري وچ ٻھہ ابا ڏاڏا ڳيا، مندان سنڀال مر،
پيھلون ڏيھلي پٽي پيش وٽي، تبئي سُکئي پئون آپڻي گهر،
روزي دا ضامن هي رزاق ڏيندا، هر جهان ڪون هڪئي نظر،
”فَقر علي“ ڪيون ڇوڙ هلون اسان، آپڻا لشڪر خان شھر.
****

پيرين پو مائين پرين پيارا ڀورل ڀورل ڀاڪر پاوئين، سڀ سمجهاوئين،
محبت مٺا ميڪون مار منائي ڀاءُ پوشاڪ پٽ پھراوئين، سڀ سمجهاوئين،
برھہ بيوس ڀلائي ڀلا ٻھہ صفن صاف ٻڌاوئين، سڀ سمجهاوئين،
”فَقر“ في الحال محبوب ميڏا مِل مارو ملڪ گهماوئين، سڀ سمجهاوئين.
****

مِل مٺا محبوب مينان پرين مائين پرچاوئين، ٻول ٻڌاوئين،
پور پرين پئي پل پل پوندن ٻھہ پٽ ٻلھاوئين، ٻول ٻڌاوئين،
مٺا پاڻي محب ميڪان پيءُ پلٽ پلاوئين، ٻول ٻڌاوئين،
”فَقر“ فڪر هم فرض ميڏا منھن محبوب ملاوئين، ٻول ٻڌاوئين.
****

سَنڌ سَنڌ وچ هم سور سڄڻ دي، هڪ وال نھين ميڏا واندا،
ڪي سال گُذر ڳئي قرب والي دا، احوال نھين ڪنھن آندا،
صبح شام گهِن تنھن دا نام ٻيٺان، رات ڏينھن مائين روندا،
”فَقر علي“ فيراق تنھن دي من، مار ڪِتي ميڏا ماندا .
****

سينٽ عطر اسان سڄي عمر نھين ماريا، ڪو سرها چا صابڻ،
ميٽ تيل مار مٿي ڪون، پڇي ٻھندئون سِر ڌووڻ،
آڪڙ وڏائي اسان اصل نھين ڪِتي، جو هي وڏڙئين دا آکڻ،
”فَقر علي“ آکي ڪار هي اُهائي اَبي ڏاڏي والي اسان ڪان.
****

سينڌ سينگار نہ سرمان پائون، نہ ڪيون ڪريم پائونڊر نان پيار،
هٿ مُنھن ڌو پڇي هل پوندئون، ڀلي وڃڻا هووي پار،
رُکي سُکي ماني روح نان کاندئون، جيڪا ڏتي رب ڏاتار،
”فَقر علي“ آکي ڪار هي اُهائي اَبي ڏاڏي والي اسان ڪان.
****

دھہ دلبر دي دل کسي، رک بر جان دا رنگ،
سھہ ڳچي سونھين سجن دي، دند ددست ڪنون دنگ،
عين اداس ڪر ڪتا ناس، جيوين بيھوش ڪريندي ڀنگ،
”فَقر علي“ جڏهن نظر رلي، تہ ڳيا گهت اکيان دي ونگ.

ڪر ڪر ڳالھہ ڪران مئين ڪھڙي، انھن عشق ميڪون آزار ڏتي،
ويس ڪالا هُڻ فقيران والا، نينھن نازڪ دي نروار ڏتي،
رووڻ نان پيان راتان گذرن، صبح سورين دا اِنھن اڀار ڏتي،
”فَقر علي“ آکي ڦرڦر ڏهدان، جنھن ڳچي والا اي هار ڏتا.
****

محل ماڙئين چون مور نہ ڄاڻون، اسان مُنھن دي رهڻ والي،
وڏي ڍينگر ڪپ آڻ لوڙها ڏيندئون، پڇي ٽپ ٺھين ئون آلي،
اسٽيل پسي وچ اسان اصل نہ کائون، اسان ڏي ٿانوَ ٺڪر دي پيالي،
”فَقر علي“ هي خوراڪ اَسان ڏي، کاندئون ساڳ اونھاري سيالي.
****

ڪڻڪ ڪمند اِٿ ڪون ٿيون، نہ ڦٽيان ول ڪو ڦوٽي،
جڏهن بہ وسدي پڇي جوئر ڪھيندئون. جهل سنگ کڙدي هي لوٽي،
تار نئي اِٿ تڏهن آندي، جڏهن ڪا برسات قدرتي ڏوٽي،
”فققر علي“ روزي رزاق ڏيسي، ڪون مرسون ڪو بک هوٽي.
****

جوئر ٻاجهري اسان جام کاندئون، آڻ اونھاري سيالي،
ڪپ ٽڪ ڪاٺيان اُٺان تي لڏون، جڏهن جڏهن پرڀات ڦٽي پئي پوون پالي،
جي قسمت نان ڪا ڪڻڪ ملي، تہ پِينھن جنڊ وچ چاڙهون ڏالي،
”فَقر علي“ ڪھڙي ڊاڙ مارون، اسان ماروءَ ماڻھو هڪ کٽ والي.
****

سُگهڙ فَقر علي جون ڪافيون هيٺ ڏجن ٿيون،

ڪافي

رووان ٿو مان روزانو، دل بيقرار آ،
پرچين جي نہ ٿو پيارا، تنھنجو انتظار آ.

ڪھڙو ڏوھہ ڪيو مون، جي پرين ٿئين تون پري،
مري ويندس آءُ مٺڙا، توکي ياد ڪري،
سڄو ڏينھن سورن جي، هيءُ بيحد بار آ.
ماري وڌو مٺا مونکي، تنھنجي پريشاني،
جدائي ۾ جانب هاڻي، وڻي ڪانہ ماني،
کلائي تو خلق ساري، ننڍو وڏو ٻار آ.

صدمي آ سھڻا سائين، ڇڏيو ساھہ ساڙي،
ڦِران ٿو مان ”فَقر علي“ توکي يار تاڙي،
”ڀرڳڙي“ کي ڀورل تنھن جو، وڏو هي ويچار آ.
****

ڪافي

آڪڙ ڪيون ٿو اجائي وتين، گڏ نال پنھنجي نہ نھاري ٿئي،
سنبري ويھہ متان سَڏ ٿئي، سھڻا اڄ سڀاڻي تياري ٿئي،

چئن ڏينھن لاءِ چريو آهين، محل ماڙيون ٿو بنگلا ٺاهين،
سڀ ڪنھن سان پيو سينو ساهين، راند پنھنجي هي هاري ٿئي.

ڏاڍو مڙس ٿي ڏيھہ ڏکائين، وقار پنھنجو ڇو ٿو وڃائين،
پڇندئي اڳيان ادا سائين، هتي قبر انڌاري ڪاري ٿئي.

تڪبر کي هت ڏي تون ڇڏي، ڪيئي ويا آهن ڪامل لڏي،
ٻہ هٿ ڪپڙو ڏيندئي گڏي، ٻي ڪُل واحد واري ٿئي.

موت جو مٺڙا ايندو چڪر، سمجهہ تون ٿو ڇا چويئي ”فَقر“
توبھہ جو ڪر ظاهر ذڪر، مٿان بيٺو هيءُ ماري ٿئي.
****

جڏهن ڏسي جانب، مونڏي ڪيئي تو نظر،
هلي ويو هوش منھنجو، پرين تنھن پھر،

اکين سان نھاري پھريان، ڪيئي لاغرضي،
مارين يا جيار مٺا، هاڻي تنھنجي مرضي،
سڀ ڪنھن سان سھڻا، پيو ڪيان هي پچر.

روئندو وتان ٿو مان، سڄو ڏينھن سارو،
ٿيو پريشان پيو، پايان ويس ڪارو،
کائڻ پيئڻ ختم ٿيو، زهر آهي گهر.

عشق تہ اصلي هي، اوکو مرض آ،
عرض ڪرڻ جاني، اسان جو بہ فرض آ،
رھہ اچي رات مون وٽ، گهمون ٻيئي شھر.

منڃ يا تہ مٺڙا، مان مري ويندس،
توکان سِواءِ سھڻا، سائين جڳ ۾ نہ جيئندس،
ڦاسي پيس ”فَقر علي“ پيئي نہ خبر.
****

ڪافي

عشق اسان کي ﷲ ملايو، دل اندر آ دين ايمان،
جاءِ جامي مون جيءُ جوڙي، روح سدائين روز رمضان،
دم دلبر هيءَ پاڻ آ پنھنجو، قلب اسان جو آ هيءُ قُرآن،
نوڙت نينھن نماز اسان جي، ڪھڙي ڏيان پوءِ بانگ آذان،
”فَقر علي“ فيراقن ڦٽيو، نگاهن جو ٿي ويو نشان.
****

ڪافي

عشق اسان کي ﷲ ملايو، دل اندر آ دين ايمان،
جاءِ جامي مون جيءُ، آ جوڙي پوءِ ڪٿي ڏيان آءُ بانگ آذان،
دم دلبر هي پاڻ آ، پنھنجو روح سدائين روزو رمضان،
نوڙت نينھن نماز اسان جي، قلب اسان جو آهي قُرآن،
”فَقر علي“ فيراقن ڦٽيو، نگاهن جو ٿي ويو نيشان.

ڪافي

اٿي يار ٿي تيار، اجها مھل آئي،
ٿيندئي سڏ چوندئي لڏ، پوندئي ڪل نہ ڪائي،

رک نينھن رات ڏينھن، ڪر رب راضي،
ڏيئي فرض لاھہ، قرض ڇڏ بانور بازي،
پڇندئي قبر سڀ خبر، تڙي کڙي تازي،
انھي مھل نہ اٿئي ڪھل، منھنجا جانب جائي.

هتان هالي هٿين خالي، هڪ ڏينھن هلندين،
مٺا مٽ نہ ڪي پٽ، نينھن جا نال نيندين،
ڏيئي ڪفن ڪندئي دفن، پنھنجو پاڻ ويندين،
اتي زاري هڪ واري، هوندئي وات وائي.

الف اور ٿي گهور، پڙھہ پنج وقت،
هُتي هلي پوءِ جلي، ڏاڍو روئندين رت،
اچي عمل ٿيندئي ثمل، ٻي نياز نوڙت،
هڪ ڪاري ٻيو انڌاري، ويندئي صورت سائي.

پڪ ڄاڻ ڪو توساڻ، هرگز نہ هلندو،
هڪ ويندي ڏکيو ٿيندي، سڄڻ سور سھندو،
تولاءِ يار ڪڍي پار، سارو ڪٽب روئيندو،
”فَقر علي“ نہ ٿئي ڀلي، واجب وڏائي.
****

سُگهڙ فَقر علي جون ڪجهہ سرائيڪي ڪافيون هيٺ ڏجن ٿيون.

ڪافي

ڪھڙا ڏوھہ ڪتم تيڏا، لا ناتا ڇوڙيئي ڪيون،
ڪر روز ڦڏي رسدئين، رک ياري ٽوڙييئي ڪيون،

پھلون پڪ ڏتئي پيارا، گڏ عمر سڄي رهسون،
ڪر واعدي ول مٺڙا، مينان منھن تون موڙيئي ڪيون،

مجبور ڏٺي ميڪون، هليا دور تون ڳئين دلبر،
تيڪون پرک ڇوڙيا مئين، پرين اها ڳالھہ ڇيڙيئي ڪيون،

وڃ سُکيا رھہ سھڻا، هڻ ڇوڙ پچر تون ميڏي،
متان مر بي پووان مٺڙا، ميڪان ڳوڙهي ڳاڙيئي ڪيون،

ٻھہ رات سڄي روئندان، جڏهن ياد تيڏي پوندي،
ڦٽي ”فَقر علي“ ميڏي، بس پاڻي ولوڙيئي ڪيون.
****

ڪافي

عشق اندرميڏي وچ، آيا هي،
جنھن فقير ميڪون، آ بنايا هي،

پيران وچ ٻڌ ڇيران، وڄايم،
ناچو وانگون، نينھن نچايم،
بار انھان دا، سر تي چايم،
مين ساري جڳ ڪون، جاڳايا هي،

ڪنٺي ڪولابا پاءَ، چاتم ڪستي،
سوز سيني وچ ماڻي مستي،
يار دي خبر هڻ، پيئي سربستي،
ميڏي محبت من ڪون، مچايا هي،

حال وسيلي، سڀ ٿئي پوري،
ملڻا ميڪون، يار ضرور اي،
عشق اندر وچ، ڪيتا ناسور اي،
جنھن حڪم هردم هلايا هي،

رمز انھي وچ رھہ ٿيان راضي،
”فَقر علي“ آکي هي عشق دي بازي،
ڪونہ سڃاڻي، ڪو ملان يا قاضي،
انھن پريت دا پيالا پلايا هي.
****

ڪافي

ڏيک تيڪون ول ڏهدان، سِڪ نھين هلندي سائِي،
ماءُ پٽ تائين جهڙي، ڪان ڄڻيسي ڪائِي،

سونھن سونھي پئي سھڻا، حُسن حسين هي تيڏا،
مٽ ماڻھو ڪو ڪونھي، ڪائنات وچ ٻيا ڪيڏا،
مور ڪبڪ ڪِر پوندن، جڏهن آندئين وِک چائِي.

مِرگهہ اکيان پيان مارن، راھہ ويندئين ڪي راهي،
دام اَڏيل هي دلبر، حُسن تيڏا ڄڻ ڦاهي،
تينان نينھن راتيان ڏينھن، پيچ وتان مائين پائِي.

لب لائق لعل تيڏي، کلڻ تيڏا هي خوشبوءَ،
ڪون سُجهي ڪو سھڻا، جانب اهڙا ڪنھن ٻي جوءَ،
هر روز هلي ”فَقر علي“، وات وچ تيڏي هي وائِي.


ڪافي

ڪون سڃاتئي ﷲ، رک رک روزي عمر گذارئِي،

نفل نمازان پڙھہ ٿئين پڪا، يار دي خبر نہ پئي يڪا،
پورا ٿي ڳئئِي پساھہ، رک رک روزي عمر گذارئِي،

نوڙت نيازي عبادت اعلي، رک تون روز حياتي والا،
سُڪ سُڪ ٿي ڳئين پاھہ، رک رک روزي عمر گذارئِي،

اَحد وچون ٿي احمد آيا، الف برقا ميم دا پايا،
ڪيون ٿئين گمراھہ، رک رک روزي عمر گذارئِي،

”فَقر علي“ تيڏا نوڪر بندا، تون هِئِين خلقيا خانوند خدا،
ووڙ نہ ڪا ٻي واھہ، رک رک روزي عمر گذارئِي.
****

ڪافي

سامھون جڏهن سھڻا کڙدي، دلبر آ ديوار ڪون،
ڏيک ڏيک رو ڏيندن، ماڻھو ميڏي يار ڪون،

منھن محبوب مٺا، لبڙي گُلابي،
سڄا هي سون سھڻا، صفا لاجوابي،
ڪالا وڳا وال وڏي، سونھن پئي سينگار ڪون.

حسن دا حملا، سَھہ نھين سگهدي،
ڪُس پئي ڪئي هن ماڻھو، انھن جڳ دي،
پھلا نمبر پرين ميڏا، سڄي ئي سنسار ڪون.

سنھي ڳچي جاڙي ڀرون، هلڻ جهڙا مور دا،
لڪ لڪ ڏهدي جيئن، ڪم هي چور دا،
سيني وچ سون هس، هيري لڳل هار ڪون.

صورت دي سدائين، هن ڪيئي سوالي،
”فَقر علي“ هيان مائين، حُسن دا موالي،
بچل نھين بندا ڪوئي، عشق دي آزار ڪون.
****

ڪافي

عشق ازل ميڪون، اوچتا آيا،
ڪنھن نہ ڏسي، اها ڳالھہ ميڪون،
راھہ نھاران، ڳوڙهي هاران،
روندئين گذر ڳئي، سال ميڪون.

الفي پايم، فقير سڏايم،
ناچو وانگون، نينھن نچايم،
پور ڪتي، پائيمال ميڪون.

حال وسيلي، سڀ ٿئي پوري،
ملڻا ميڪون، يار ضرورري،
وڃڻا هي، هر حال ميڪون.

روح نھين رهندا، ڪھنا الاوان،
”فَقر علي“ پيا، ڦيريان پاوان،
گهَت ڳڻتئين وچ، ڳيا ڳال ميڪون.
****

ڪافي

آيا عشق عقل ڀڳا، انھي رات دا،
لٿا خوف خيال هڻي، ڪنڌ سِر ڪات دا،

مُک محبوب ميڏي، جهٽ پٽ دل جهٽي،
روزي نماز ڪتي سڀ، مائين فرض ڦٽي،
لڳا نينھن نازڪ، تِنھن سونھن سوغات دا.

ذلف ظاهر ذاتي، ڪاريھر نانگ ڪالي،
جانب پا پا جهاتيان، تڪ تڪ مارئي تالي،
ساقي ڏتا سڏ، پيالا پيتم پرڀات دا.

پريت پرين دي، ميڏا ڳئي مَن مڙھہ،
ڦاٿي دل ”فَقر علي“ تڏهن ڇوڙيم عقل تڙ،
ٻڌ هٿ ٻانھا ٿيان، مائين هر ذات دا.
****

سُگهڙ فَقر علي جو هڪ سنڌي ڏهس وارو شعر هيٺ ڏجي ٿو.

ڏهس

ڪندن ڪم قريب کان، ٿيو طرح پسي تارا،
زهب زِر ظاهر ٿيا، ڪيائون دلبر جو ديدار،
خيسُن جهينگن، ٿهنگو طِلا، هاريا هيم هزار،
رُچي وتا ڦر پس ڪن ڪن، ڪيڏو جرڪيا نہ حنبار،
ڪنچن رتن سُهرُو سوون، سڀ صدقي ٿيا صدبار،
پش غيني پائيدار، آڏو ڦٽي پيا ”فَقر علي“ چئي .
****

سُگهڙ فَقر علي جا ڪجهہ سرائيڪي ڏهس وارا شعر هيٺ ڏجن ٿا،

ڏهس
سونھن سڄڻ دي صفا سھڻي، جنھن دا مٽ نہ ڪوئي مثل،
ري ڪجل اکيان ڪريم ديان، پيان شرماون ڇھيل،
ابر اليھر ارگ اڦٽ ڪرن، ڪيئي ڪاڪل،
شمس مِهتاب بي ڇپ ڳئي، ويکڻ مُک مھل،
دند دست ميڏي دلبر دي، لب گلاب دا گُل،
مور ڪبڪ هنجه نہ هلئي، رفتار ويک رجل،
هميشہ هٿ حضور دي هائي، بنا رنگ رتل،
”فَقر علي“ آکي ڪُل، محبوب اڳون متيھہ ٿئي .
****

ڏهس

ڪيس قھن ڇنڊ ڇوڙي سجن، تہ هر هنڌ ٿيوي هٻڪار عجب،
تڳي تھاري تامسِي، تنھن دا جوڙ نھين جنسار عجب،
وسِيهَر واسينگ سجن سامھون، سِسِهر شرمسار عجب،
تمھر تام نِس نِرالي، هَل هَل کاون هار عجب،
ارگ بشيھل پين پيا، هيرت وچ هٻڪار عجب،
رجني ليل سب سموريان، ويک ڪرن ويچار عجب،
راجلارين نہ آوي، چين پسئي پرين دي پار عجب،
تليھر اليھر ڦن ڦرن پئي، دلبر اڳون ڌار عجب،
”فَقر علي“ نہ ڪنھن دي هوڏ هلي، سھڻي ساجن دا سينگار عجب.
****

سُگهڙ فَقر علي جا ڪجهہ سرائيڪي سينگار وارا شعر هيٺ ڏجن ٿا،

سينگار

نال ڪِتي پائمال سڀ هِن، ساجن دي سينگار،
محبوب دي مار منائي هِن، چا سينگر چوڌار،
رڌان ڪر حيران مارن، پئي ڪيئي مار،
انڊلٺ عجيب ميڏي دي، تڪ کڙن تلوار،
ڳچي پئي سونھين سجن ڪون، انف انب دي فار،
رئي ڪي ڪنيٽل ڪتي هِن، هيڪاندي هزار،
لاون پير نہ پاون پئي، وسو وتن ويچار،
روليءَ بي ڇوڙ روليءَ، سڻ گوهر دي گفتار،
”فَقر علي“ سنسار، مٽ نھين مدنِي گهوٽ دا.
****

سينگار

دَھہ دلبر دا اڌر عجيب، رک برجان ڪون ڀلي،
ڪالي وال ڪتي پائيمال ٿئي، مار ثبعان زلف نھار ڇلي،
چاھہ چشم ويک وهم وچ ٿيا، اَسَڪَ اوٽ اولي،
جاڙي جوڙ ڀرون ڀلوڙ، جيئن انڊلٺ آسمان تون ولي،
ناٿڪ ناڪ ڪيا امِي ڦاڪ، او طوطي وانگون تُلي،
هِم همٿ هل هوش وڃا، يا مُک محبوب نال نہ ملي،
ڪر ملڪ نظر ڳيا ڏور، ڏر نہ چاسنگر دي چلي،
لفظ لحاظ لطف تنھن دا ٻُڌ، ڪوئل بي پيا ڀلي،
سَنھہ ڳچي پئي سونھين سجن ڪون، هر هنڌ حُسن دا هُلي،
ڪٽ ڪينٽ ڇوڙيا ڪَٽ ڪيسر ڪون، رِڻان وچ پيا رلي،
لوڏ ڪون لُڪ ڳئي مور ڪبڪ، هنجه هاٿِي نہ هلي،
اَختر اِند اَبر پَس جمال جند، آڳئي زمين تلي،
”فَقر علي“ هووي سنسار ڀلي، نہ ڪوئي تاب حسن دا جهَلي.
****
س
ُگهڙ فَقر علي جون ڪجهہ پروليون هيٺ ڏجن ٿيون.

پرولي

مُئي کانپوءِ پنھنجي ماڳ تي، اچي چانگي بيھي چوڌار،
ڪڏهن تہ گڏ گورن سان، ڪڏهن ڌار ڪريس ڌنار،
ڪي ٽيم ڪين اچي جيڪو، اٿس ساٿي سڄي ڄمار،
اڳي پوءِ اچڻ وڃڻ جو آهي، انھي کي اختيار،
”فَقر علي“ چئي سنسار، جي آهي تہ پيئي اها ايندي.
****

پرولي

ري هٿيار هٿيڪا منڌ، ڪيا هن مير،
اڻڳڻيا هن عورت جا، آهن نمونا نظير،
وسئون پنھنجي وير، نہ ڇڏي پيئي تڪي هڻي تير،
نار نڪار نابود ڪري، ماري وڌي مھمير،
”فَقر علي“ چئي فقير، ڪامڻ ڪيئي قِهي ڇڏيا.
****

سُگهڙ فَقر علي جا ڪجهہ سرائيڪي ڏوهيڙا هيٺ ڏجن ٿا.

ڏوهيڙو

ديد پيئي جڏهن دلبر تيتي، تہ ميڏا هوش ڳيا سڀ هليا،
رووڻ نان پيان راتان گذرن، تيڏا پور پرين نہ پليا،
هڪ مجبور زندگي ٻيا مِنھڻي مِلن، رهندا اندر روئندي اي ڳليا،
”فَقر علي“ رب ڏينھن ڏيوئِي، هِم سور سڄڻ تينان سليا.
****
ڏوهيڙو

دل ڦساوڻ هن درد پراوڻ، پھلون سمجهہ ميڪون نہ آئي،
حسن ڏيک مائين حيران ٿيس، ڳيا جانب جند ڦسائي،
ماڻھو آک پئي مھڻي مارن، اها ڪنھن ڏتي تيڪون ڏائي،
”فَقر علي“ جڏان ديد ملي، تہ ڳيا سڄڻ سير وهائي.
****

سُگهڙ فقيرسانوڻ چانڊيو

هن سگهڙ جي زندگيءَ جو احوال ملي نہ سگهيو. هن جو جنم جوهيءَ تعلقي جي ڳوٺ بھليل شاھہ ۾ ٿيو. سُگهڙ فقير سانوڻ چانڊيو جو مليل ڪجهہ چونڊ ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:

سرائيڪي بيت

منتان ڪر ڪر ووٽ گڌونھي، پھلون ڪيڏي اَهَن مجبور،
مولا! هُڻ ڏيکڻ ڪنون ٿي ڳئي ڏور

ووٽ ڏتنسي، سڀ سنڀال،
هُڻ ڪوئي بہ پڇدا، اسان ڪڻ حال،
هُڻ ڪنھن ڪون سڻائون سور
هُڻ ڏيکڻ ڪنون ٿي ڳئي ڏور

واعدا نہ ڪتونھي هڪڙا ياد،
آپ رهيي وڃ اسلام آباد،
ڪُرسي دي نشي ڪتي مغرور
هُڻ ڏيکڻ ڪنون ٿي ڳئي ڏور

ڪنھن ڪون حال سڻائون دلدا،
ٽيھہ روپيا ڪلو، اٽا نہ ملدا،
ڪيڏي وڃي مزدور
هُڻ ڏيکڻ ڪنون ٿي ڳئي ڏور.

ووٽان دي ڄڻ، ڏٺي هنسي خواب،
ڪيڏي ڳئي اهي رئيس نواب،
ول نہ ڏٺي ساڏي نور،
هُڻ ڏيکڻ ڪنون ٿي ڳئي ڏور.

شاھہ آيا تي، پير آيا،
گڏ انھان نال مير آيا،
اسان ڪون ووٽ ڏيوو ضرور،
هُڻ ڏيکڻ ڪنون ٿي ڳئي ڏور.

ڪنھن نہ لڌي اسان ڏي سار،
ٻوڙ ڳئي گاج، جوار ۽ گوار،
ڦُٽ ان ڪڍيئي انگور،
هُڻ ڏيکڻ ڪنون ٿي ڳئي ڏور.

فقير جيڪي ڀر ڀر پاندي هن ڀاڪر،
اڄ ڌِڪي ڏيندن، انھان دي نوڪر،
ڪيون مٿي وچ گهَتيئي ”سانوڻ“ سور،
هُڻ ڏيکڻ ڪنون ٿي ڳئي ڏور.
****

سُگهڙ سانوڻ فقير جو ڪلام.

ڪافي

وڌي ويو گهر جو بار
رشوت وٺون نہ ٻيو ڇا ڪيون،
نہ ٿي پوري پوي پگهار،
وڌي ويو گهر جو بار

صبح جو سويرو، چانھہ جو هنڍو هجي پورو،
تڏهن ٿا پرچن ٻار،
وڌي ويو گهر جو بار
وڏيرا آهن بي مياري، نہ ٿي پوري پوي زمينداري،
ڏينھن ۾ کپن ڏھہ هزار،
وڌي ويو گهر جو بار
پاڻي جي آفيسرن ڏي ڪر نظر،
جي رشوت ڏي تہ ڦل وهي واٽر،
نہ تہ ڍڪو هڻندو بيلدار،
وڌي ويو گهر جو بار
رشوت نہ ملي، تہ بند آ بجلي،
چوندا ٽرانسفارمر جي سڙي آ تار،
وڌي ويو گهر جو بار
سرڪاري دوا ٻاهر اسٽورن تي وڪاڻي،
ڊاڪٽر سئي ۾ گڏي هڻن پاڻي،
ڪاڏهون وڃي بخار،
وڌي ويو گهر جو بار
غريب کي شل نہ ڏسي سپاهي،
هل توتي فرياد آ واهي،
توکي سڏايو آ صوبيدار،
وڌي ويو آ گهر جو بار
ماستر شاگردن کي ڪين پڙهائن،
گهر ويٺي ٿا پگهار کائن،
رڳو ٿن پھرين جو انتظار،
وڌي ويو گهر جو بار

عوام سان اين جي اوز وارا ڪن ٿا ڀلائي،
چاليھين پتي ڏئي، ٻيو هڙ وڃن پاڻ کائي،
رڳو ميگزين ڇپائڻ جا آهن هوشيار،
وڌي ويو گهر جو بار
اڳي بسم ﷲ جا هيا ٽويا ماڻي،
هاڻي کير ڪلو ۽ ٻہ ڪلو پاڻي،
اهو ڪيو ٿئون روزگار،
وڌي ويو گهر جو بار
سانوڻ اڳي پھلوان وڙهندا تہ سوڀ ڏجان ﷲ،
هاڻي ملھہ وڙهن ٿا ڪري صلاح،
آهيون پئسن ۾ ڀائيوار،
وڌي ويو گهر جو بار
****

ڪافي

پاڻي جا دشمن گڏ پاڻي ساڻ،
ڪاڏهون آڻيون پاڻي پاڻ،
شل نہ غريب جي مشن جو ٻُڌن کڙڪو،
اتي اچيو ڪن ڪڙڪو،
ايف آءِ آر ٿا ڪٽيون، نہ تہ پنج هزار آڻ،
ڪاڏهون آڻيون پاڻي پاڻ
دِڪو ڀڄي ٿو دِڪو لڳي ٿو،
رشوت تي آفيسرن جو عملو تڳي ٿو،
ويل آ هاري ڪاڻ،
ڪاڏهون آڻيون پاڻي پاڻ
هي ڏسو آفيسرن جي آٽي،
ڳن ڇٽو پڇڙي ۾ کاٽي،
ڪنھن کي ڏيون هي ڄاڻ،
ڪاڏهون آڻيون پاڻي پاڻ
”سانوڻ“ سچ جي جو ڪندو ٻولي،
يا چڙهندو ڦاسي، يا لڳندس گولي،
حق تي ٿيندي رتو ڇاڻ،
ڪاڏهون آڻيون پاڻي پاڻ
****

ڪافي

پئسا اٿئي تہ پاڻي آهي پاڻي،
نہ تہ ڀلو ڪندئي لال سيوهاڻي،

عوام جي حفاظت لاءِ رکيو اٿن ٿاڻو،
هي غريبن جي پيڙجڻ جو آهي گهاڻو،
جي ٿيندين دانھي، تہ اول کپي ناڻو،
ڏھہ هزار ڦيھي منھنجي آهي ماڻي.

پاڻي جي کوٽ کان فصل ڪيوسين ڀيل،
تپيدار ڍل لاءِ، لائي ڏنو ويل،
مختيار ڪار چيو، نہ ڏئي پئسا اماڻيوس جيل،
پاڻھي اچي ويندس سمجهاڻي.

اليڪشن ۾ جن جا هنياسين جهنڊا،
ووٽ ڏناسين وڏا ۽ ننڍا،
انھن ڏياريا شخن کي ڳنڍا،
احسان جي بدلي، ڪئي اٿن پڄاڻي.

اڳي زميندار چوندو هو، ٻچو آهي هاري،
هاڻي آرڊر ڪيو اٿن اهو جاري،
تولئہ بچي نہ بچي، ٻوري ڏي ڪمداري
غريبن سان ﷲ ٿئي ساڻي.
نہ مان ڪنھن جي گلا ڪيان، نہ مان ڏيان ٿو ڪنھن کي گار،
حق جي هردم ڪيان ٿو پچار،
رشوت خور ٿي پيا، سڀئي عملدار،
تن کي ٻڌايان ٿو هي ڪھاڻي.

فقير بڻجڻ آهي ڏاڍو ڏکيو،
پنجتن جي دامن وٽ، هوندين ”چانڊيا“ سکيو،
لڄپال جو در آ، هتان ويو ڪونہ بکيو،
”سانوڻ“ سڀ سان رب هجي ساڻي.
****

ڪافي

مون تي امڙ جا هن ٿورا لک هزار،
ڳائي ڪھڙا ڳايان، ساري مان ڄمار،

ڏئي مٺي مٺي لولي، سيکاريائين ٿي ٻولي،
گهُري دعا جهلي جهولي، رب کان هر وار.

وسان ڪين گهٽائي، هر هر هنڌ مٽائي،
ننڊون پنھنجون ڦٽائي، لڌائين ٿي سنڀار،

”سانوڻ“ عمر ساري، جيءُ جيءُ لک واري،
راضي ڪر امڙ پياري، ٿيندئي ٻيڙا پار.
****

سُگهڙ سانوڻ فقير جا ڪجهہ بيت.

اٿي سوداگر سودو وٺ، ڇڏ آرس جي عادت،
وکر اهوئي وٺ، جنھن ۾ هجي رڳي محبت،
بازار ويندي بند ٿي، ڪري هَئه هَئه هڻندي هٿ،
”سانوڻ“ چئي ستت، توکي هلڻو آ ديس تي .
****
اٿي سوداگر سودو وٺ، ڇڏي عيش آرام،
وساري رهئين ڇو، مالڪ سندو نام،
بھاريون ڪر بنگلن ۾، کائين طرحين طرحين طعام،
کڻي هلندئي ڏانھن مقام، پوءِ سُڌ پوندئي ”سانوڻ“ چئي .
****
اٿي سوداگر سودو وٺ، پو متان ٿين ويچارو،
جيڪي آهي اڄ، وري نہ ملندئي وارو،
پنھنجو کڻ تون پاڻ سان، ڪين ملندئي اوڌارو،
”سانوڻ“ هاڙھہ سيارو، گذاري ڇڏيئي غفلت ۾.
****

ڪافي

هيڏي سفر لاءِ تو، ڪيو يار ڇاهي،
اتي ڪجهہ نہ ملندئي، ثمر کڻ سنباهي،

اتي يار هلندين، جتي ڄاڻ نہ سڃاڻ،
هڪ ڪاري قبر ۾، هوندين تون پاڻ،
ورائي واري، ويندئي تربت ٺاهي.

هتي يار آئين، وتئي ڇا وکر،
جيڪي ٺھيو آ سو، ڀڄندو ٺڪر،
هڪ ڏينھن عزرائيل، چاڙهيندئي ڦاهي.
”سانوڻ“ هي آهي فاني جهان.
هرڪو هليو ويو، ڇڏي مھل مڪان،
پارت آ پنجتن کي، پرواھہ ناهي.
****

سُگهڙ مولوي علي محمد چانڊيو

سُگهڙ مولوي علي محمد چانڊيو جوهيءَ لڳ ڳوٺ بچل خان رند ۾ ڄائو. هيءُ 1895ع ۾ پيدا ٿيو ۽ سن 1945ع ۾ وفات ڪيائين. مولوي صاحب ديني علم ۽ شاعري ۾ مشھور هيو. ستارن جي علم ۾ پڻ تمام گهڻو ماهر هيو. هي ٻارن کي پڙهائيندو هيو. فجر وقت مراقبي ۾ ويھند هيو، مولوي صاحب شعر پڻ چوندو هو.

سُگهڙ مولوي علي محمد چانڊيو جو نمونہ ڪلام هيٺ ڏجي ٿو.

سرائيڪي ڪلام

اڱڻ دوست دلبر دي، آوڻ تئون صدقي،
قدم قرب ڪامل، ڪُڏاوڻ تئون صدقي،

محبت نال صنيان سالم ثبوتي،
جانب ڪاڻ جڻئين دي، پاوڻ تئون صدقي،

فخر نال فرهاد، فردا فيراقي،
ڏکين نال ڏونگر، ڏوراوڻ تون صدقي،

علي عشق اهڙا جو عابد ڀلاوي،
انل حق امالڪ، الاوڻ تون صدقي.
****

سُگهڙ جان محمد رودناڻي

جوهيءَ تعلقي جي ڪاڇي ۾ جنم وٺندڙ هن سگهڙ شاعر جي زندگيءَ جو احوال ملي نہ سگهيو. سُگهڙ جان محمد رودناڻي جا ڪجهہ چونڊ سرائيڪي ڪلام هيٺ ڏجي ٿو.

ڪلام

اکيان لاوين توڙ نڀاوين، نہ تہ قھر ڪماوڻ ڪار نھين،
جيڪي تير حُسن دي ڦٽيان دليان، اهو ڏٺا تئين آزار نھين،
رمز رلاوين منھن نہ مٽاوين، ڪانہ قرب دي ڪار نھين،
سوچ بلوچ انھان ڪون ڪيھي، تن وچ جنھن ڪون تار نھين،
”جانا“ جند تھين دي گهولي، جنھن ڪون پريان دي پچار نھين.
****

لب لال تيڏي بحال سدا، جٿ سُرخي دي ڪيا مجالي،
نين تيڏي دن رين سدا، هن ريءَ ڪجل دي ڪالي،
وير تيڏي تصوير سدا، دل عاشق دل وچ جالي،
سوچ بلوچ ڪران مئين ڪيھي، ڏيندا عشق اُٻالي،
”جانا“ آکي قربان ٿيوان، تون ننگ نڀاءُ رب نالي.
****

اکيان تيڏيان روز اسان ڪون، تير مرينديان هر هر،
زلف تيڏي زورآور آکان، جيوين نانگ تليھر،
هيڪر ڪريندي تنگ دلين ڪون، ڏنگ مريندي ٻيھر،
نيزا ناز نسنگ مارن، دل ٽوڙ گهتن سي ٽيھر،
”جانا“ ڏيکالي ايوين ڏيندي، جيوين شينھن ڪو ڪيھر.
****

اڄ ڳيوسي ويڙهي سڄڻ دي، ٿيا ديدار سوايا،
گفتار ڪرڻ دي وار نہ ٿئي، اکيان اکئين نال الايا،
اهي اشاري دل سمجهي، ساڏي ديدان ائين آکايا،
متان ڪرين ارمان اندر وچ، سڄڻان سانگ مٽايا،
”جانا“ آکي قربان ٿيوسي، اسان ڪون قيدي قرب بنايا.
****

ڪلام

ٽور تيڏي تون گهور ٿيوان،
چپ چور ڪي مرڪ الاوڻ تون،
ول مڙڪي منھن وکلاوڻ تون.

ڀوئنر ڀرون ۽ ٽونر اکيان، ٻيا پنبڻيان پرت لڳائي هي،
صدقہ مين سئو وار ٿيوان، اهين نازڪ چِشمان چاوڻ تون.

ديد خريد ڪريندي دليان، واھہ واپاري آيا هي،
ملھہ اسان ڪوم محبت مليا، ٿيوسي خوش کپاوڻ تون.

مُک تيڏا مھتاب مثل هي، ڳاڙهي ڳل گلابي،
”جانا“ ٿيوان قربان سدا، واھہ واھہ وسب سڻاوڻ تون.
****

سُگهڙ فقير الھڏنو پنھور

هيءُ سگهڙ شاعر جوهيءَ تعلقي جي ڳوٺ علي مراد شاهاڻي ۾پيدا ٿيو. سندس حياتيءَ جو احوال معلوم ٿي نہ سگهيو. سُگهڙ فقير الھڏنو جي ڪجهہ چونڊ شاعري هيٺ ڏجي ٿي:

ڪلام

منھنجو يار منٺار، مڱڻھار آهي.
سدا گُل گلابي، ڳچي هار آهي.

سندس قرب ڪامل، آهي مونسان شامل،
ڏسي عقل عاقل، وڃن ٿا ٿي غافل،
آهي اهڙو عامل، منھنجو يار سانول،
جنھن سان دل منھنجي جو، هي اقرار آهي.

ڇاهي گُل گلابي، مثل ماهتابي،
ڏسي جيڪو عاشق، وڃي ٿي عذابي،
ڇاهي گُل چنبيلي، ڇاهي گُل رابي،
سھڻو سڀن ۾ سو، هر وار آهي.

اسان جي اچي ڪو، ڏسي هت محبت،
برابر انھيءَ کي، وٺي ويندي حيرت،
اسان جي محبت، آهي تائين قيامت،
ڪري جيڪي قدرت، سو مختيار آهي.

سدا سِڪ ۾ سھڻي جي، حيران آهيان
ڪري ٿو جي ماڻو، تہ قربان آهيان،
ڪري ٿو جي نخرو، تہ احسان ڀايان،
سھان پيو سِر تي، اڃا ٻار آهي.

منھنجي ۽ سھڻي جي، نہ آهي جدائي،
ڏسي پئي خدائي، آهي ڳالھہ جائي،
جي هوندي سڻائي، نہ ٿيندي اڻائي،
ڀلي ڀوڳ سمجهن، هي اظھار آهي.

”الھڏني“ کي هي اعتبار آهي،
برابر هي منھنجو، پڪو يار آهي،
منھنجو دلربا سان، دلي پيار آهي،
قيامت تائين نوڪر، هي ”پنھوار“ آهي.
اسان ساڻ مولا، مدد گار آهي.
سُگهڙ الھڏني پنھور جا ڪجهہ چونڊ ڏوهيڙا هيٺ ڏجن ٿا.

ڏوهيڙا

عشق آهي شينھن، ڪري ڦٽ فراق جا،
ماري مھميرن کي، نازڪ تنھنجو نينھن،
”الھڏنا“ انتظار ۾، ڏکيا گذين ڏينھن،
هاڻي ”پنھور“ مثل مينھن، عشق وسي ٿو اندر ۾.
****

سھڻا سڀئي حال، مڙوئي معلوم نہ توکي،
دردي عوشاق چئي دم دم، توڏي آهي خيال،
”پنھور“ پاڻ قبوليو، تنھنجي وحدت جو وصال،
ڪر ڀلايون ڀال، عاشق ”الھڏنا“ چئي.
****

نہ مرندا نہ جيئندا، نہ هوندا ئي هميش،
سھڻي سندي سڪ۾، راتيان ڏينھان ريش،
دردي عوشاق ديدار لاءِ، وتن ٿيا درويش،
”پنھور“ پچل پيار ۾، نار وهايو نيش،
اچيو پون پيش، ”الھڏنا“ عجيب کي.
****

نہ ڪا لوڪ لڄا تن کي، نہ خُواريءَ جو اٿن خيال،
المست وتن ٿا عشق ۾، هيڻا سندن حال،
دردي عوشاق دلبر لاءِ، پاڻ ڪيائون پئمال،
”پنھور“ پچي پيار ۾، نانگا ٿيا نھال،
ٻيو گهرجي مال، ”الھڏنا“ انھن کي.
****

ﷲ سگهو آڻ، منھنجي اڳڻ عجيبن کي،
دردي عوشاق چئي، دل سان ڪيان روح رهاڻ،
انا فتحالکَ فتحاَ مبين، قربئون لاهڻ ڪاڻ،
دل سان ڏين دلاسو، ”پنھور“ کي اچي پاڻ،
سدائين هجڻ ساڻ، عاشق ”الھڏنو“ چوي.
****

سگهو آڻ ﷲ منھنجي اڱڻ عجيبن کي،
دردي عوشاق چئي، درد جي، ڪانھي ٻي ڪا واھہ،
علي ڪل شيءَ قدير آهن، منھنجو سڪي ٿو ساھہ،
”پنھور“ انھي پياس ۾، روز نھاري راھہ،
سدا گڏ هجين ساھہ، عاشق ”الھڏنو“ چوي.
****

نازڪ تنھنجو نام، ڪڏهن وسري ڪينڪي،
دردي عوشاق چئي دل ۾، اٿم ورد صبح شام،
وﷲ سبحانقه وتعالي وستغفرﷲ العظيم، اٿم سڪ تمام،
پرين هن ”پنھور“ کي تنھنجي محبت آهي مدام،
آهيان گهوٽ تنھنجو غلام، ”عاشق ”الھڏنو“ چوي.
****

سُگهڙ الھڏنو پنھور جا ڪجهہ سرائيڪي ڏوهيڙا هيٺ ڏجن ٿا.

ڏوهيڙا

ڪانگ اندر وچ تانگهہ انھان دي، پر جي اوڏي جاوين، سچ الاوين.
آزي نيازي ڪر ڪي ڪانگا، آخر محب مناوين، سچ الاوين،
بعد منٿ دي ميڏي پارون، ڳل ڳراٽي پاوين، سچ الاوين،
ڪر قدمان تي دلبر دي، اپڻا سِر جهڪاوين، سچ الاوين،
آکي ”الھڏنا پنھوار“ جيڪا ولدي ڏيوي دلبر سا مينون آڻ سڻاوين، سچ الاوين.
****

ڏوهيڙو

مين عرض ڪريندا دلبر تيڪون، ميڏا مني هڪ سوال سڄڻ.
سِوا تيڏي دلبر سائين، ميڏي هيڻي ٿي ڳئي حال سڄڻ.
درد تساڏا دل وچ وسدا، ميڏا جيوڻ ٿي ڳيا جنجال سڄڻ.
خلقت ساري پئي کلدي مينتي، ڪري اوڙا پاڙا معال سڄڻ.
چا مھر ڪرو ”الھڏني پنھور“ تي، تيڏي برھہ ڪيتا بيحال سڄڻ.
****

سگهڙ الھڏني پنھور جا ڪجهہ چونڊ سنڌي ڏوهيڙا هيٺ ڏجن ٿا.

ڏوهيڙو

سِر ساھہ ڪيان صدقي، جند جان ڇڏيان گهوري،
ڀلا ڪري ڀلائي، من گهُرائي پنھنجي ٿوري،
”الھڏنا“ عجيب ڏسان، ڏونگر شل ڏوري.
چوي ”پنھور“ چپ چوري، ٿيو صدقي سِر سڄڻ تان.
****

واھہ واھہ ڪيم يار وڃي، جانب جواري،
هٿ هنيو وڃي کنيو، تڏهن بہ ڪيون مونکي مياري،
ڇڪا هڻي ڇوھہ مان، تہ بہ ڀلجي نہ دل پياري،
ناهي جاءِ انھيءَ جانب سان، منھنجي توبھہ توبھہ زاري،
”الھڏنا پنھور“ چئي عمر ساري، مون داءُ نہ کٽيو دوست کان.
****

روئي ڪيان ٿو هر دم، هيءَ سھڻي کي سدا،
دانھون ڪيان ٿو دلربا، جيئري نہ ٿي جدا،
”الھڏني“ جي اڱڻ تي، توکي خالق آني خدا،
هي پنھور آهي گدا، دلبر تنھنجي در جو.
****

پتنگ سڏائي پاڻ کي، تون ڪڏهن ڪين مُڙ،
محبت سندو مچ ڏسي، تون گهوران ڏئي پيو گهڙ،
پياسي پچڻ جو ”پنھور“ چوي، اهو پرين اٿئي پڙ،
ڇڏ طمع ۽ تڪڙ، عاشق ”الھڏنو“ چوي.
****

توبنا هت دلربا ٻيو، منھنجو آهي ڪير،
نالي خدا جي نازڪ تون، وڃ نہ ڀڃي ڀير،
دردي عوشاق دانھون ڪري، اچ پرين ڀري پير،
پل نہ سھي ٿو ”پنھور“ ايڏي، دلبر تنھنجي دير،
عجيب اچ اڱڻ تي، لھي دل جو غم ۽ غير،
خدا ڪندو خير، عاشق ”الھڏنو“ چوي.

طالب قمبراڻي

طالب قمبراڻي جوهي تعلقي جي ڳوٺ ڇِنيءَ ۾ پيدا ٿيو.طالب قمبراڻي بھترين راڳي ۽ شاعر آهي.سندس شعر ۾ لوڪ شاعري جو اثر پڻ نمايان آهي. طالب قمبراڻي جي ڪجهہ چونڊ شاعري هيٺ ڏجي ٿي.

وائي نما ڪافي

عورت روئي ٿي.
ڇالاءِ روئي ٿي.
ٻھراڙي جي ڳوٺن ۾
رڌ پچاءُ ۽ ٻيا ڪم گهر جا،
گاھہ بہ ڍوئي ٿي،
ٻھراڙي جي ڳوٺن ۾
کوهن شاخن، ٽيوب ويلن تي،
ڪپڙا ڌوئي ٿي.
ٻھراڙي جي ڳوٺن ۾
لکڻ پڙهڻ کان قاصر آهي،
ڦٽيون سوئي ٿي.
ٻھراڙي جي ڳوٺن ۾
سُگهڙ سياڻي، سنڌ جي نياڻي،
موتي پوئي ٿي.
ٻھراڙي جي ڳوٺن ۾
”طالب“ ڪھڙو ڏوھہ ڪيو اٿس،
پاڻ کي ڪوئي ٿي.
ٻھراڙي جي ڳوٺن ۾
****

ڪافي

ويو آهيان لٽجي.
مونکان منھنجا ماءُ ۽ پيءُ.
وقت اچانڪ جدا ڪيا آهن
ڀورا ڀورا ٿي ويو آهيان،
ري آريءَ ڪپجي.
وقت اچانڪ جدا ڪيا آهن
هِن ۽ هُن جون ڇڙٻون سھندي،
جهُري پوي ٿو جيءُ.
وقت اچانڪ جدا ڪيا آهن
ننڍپڻ ۾ئي کسجي ويم،
جيجل جي جهولي.
وقت اچانڪ جدا ڪيا آهن
گُلشن منھنجو ”طالب“ چوي،
بلڪل ويو اجڙي.
وقت اچانڪ جدا ڪيا آهن
****

ڪافي

ظلمن پاتا پير.
جاڳيا آهيون دير.
سچل تنھنجي ڌرتي تي
نياڻيءَ کي مجبور بڻاءِ،
پارائي اٿن ڇير.
سچل تنھنجي ڌرتي تي
جنھن جي دم سان، سڀ رنگ وکريا،
تنھن سان پاتئون وير.
سچل تنھنجي ڌرتي تي
ڀيڻ پڙهي ٿي، ڀاءُ سڙي ٿو،
رکيو من ۾ مير.
سچل تنھنجي ڌرتي تي
سسئي بڻجي ڪنوار سمھي پئي،
وَر وٺي ويس ڏير.
سچل تنھنجي ڌرتي تي

سگهڙ امام الدين جوڻيجو

ضلعي دادو، تعلقي خيرپور ناٿن شاھہ جي سگهڙ شاعرن ۾ امام الدين جوڻيجو، امداد ٻٻر، غلام حيدر بروهي، محمد الياس ٻگهيو، فيض محمد سيال، خير محمد ڀرڳڙي، رمضان، رستم کوسو، اسحاق چانڊيو، نادرعلي گاڏهي ۽ امام بخش پيرزادو ذڪر لائق آهن. هت امام الدين جي باري ۾ ڪجهہ بيان ڪجي ٿو. امام الدين جو جنم ﷲ بخش جوڻيجي جي گهر ۾ پھرين جنوري 1955ع تي ضلعي دادو، تعلقي خيرپور ناٿن شاھہ جي ڳوٺ بھادرپور ۾ ٿيو. هيءُ پنھنجي دور جو بھترين سگهڙ شاعر آهي. سندس لوڪ شاعريءَ جي صنف سينگار جو شعر ڏجي ٿو.

حسن حبيبن تي؛ نوري آھ نقاب
جي پردو پري ٿي وڃي تہ ڪير سھي تاب
بجلي برق ڇا آهي؛ سھڻي اڳيان سابہ
ياقوت؛ هيرا؛ لعل؛ ڪن هوت اڳيان حجاب
ڪُل ئي گُل ڪَٺي ڪيان؛ ڀَل هُجن گُل گُلاب
پر ڪرُ نہ کڻي ڪا شئي؛ منھنجي ڪامل اڳيان ڪا بہ
بانوري؛ بي تاب ٿي وئي؛ اکين_آندئين؛ آب
پتنگ؛ پروانا ٿَي ويا؛ ڪسي ٿيا ڪباب
حسن منھنجي حبيب جو؛ ڪيو وڌ؛ واحد پاڻ وهاب
مڙني مٿئون؛ مرسل اسان جو؛ جانب آهي جناب
محمَّد جي مُهاب؛ ڪجؤ احسان امام الدين چئي.

فقير امداد علي ٻٻر

فقير امداد علي سنڌ جو سگهڙ شاعر آهي جنھن سنڌي لوڪ ادب ۽ لوڪ شاعري ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. فقير امداد علي ٻٻر 2 فيبروري 1955ع تي غلام حيدر ٻٻر جي گهر ۾ دادو ضلعي جي خيرپور ناٿن شاھ تعلقي جي ڳوٺ آدم خان ٻٻر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم صرف هڪ درجو پرائيمري آهي. هيءُ سنڌ لوڪ ادب سنگت ضلعي دادو جو صدر بہ رهيو آهي. هن ننڍپڻ ۾ سگهڙائپ جو فن پنھنجي ناني کان سکيو. وڌيڪ تربيت سگهڙ استاد خدا بخش مشوري کان ورتائين. هن باقاعدي سگهڙائپ جي شروعات 1975ع ۾ ڪئي. هن لوڪ ادب جي ڏور بيت، سينگار ۽ ٻين صنفن ۾ شاعري ڪئي آهي. هيءُ ڳجهارت، هنر، ڏٺ ۽ پرولي ڏيڻ، جوڙڻ ۽ پڃڻ جو ماهر سگهڙ آهي. هن سگهڙ طور پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچي جي پروگرامن ۾ پڻ شرڪت ڪئي آهي. سندس سينگار شاعري ڏجي ٿي.


سينگار بنا نقطي

آءُ احمد مور مرسل محمد مھدار،
ڪر ڪو ڪرم ڪامل ڪاھہ ڪر ڪلدار،
عود عطر احمدا دل دام ۾ دلدار،
رس رسول ﷲ ڪر رحم سالڪ سو سردار
ڪر آمد اعليٰ وار اهو ڪو وار
اهو اعليٰ اسرار آءُ محمد مددگار
لعل اها للڪار “امداد” آ امدا اهو

سينگار

مھر ڪر مالڪ مون تي جو محب اٿئي منٺار سڄڻ
جوڙ ڪري تنھن جانب کي سڀ سائين ڏنا سينگار سڄڻ،
جو نامور نورالهديٰ سونبي ڪيئي نروار سڄڻ.
حق حامد، حاشر، حبيب حامي ٿي هڪ وار سڄڻ.
حُجت حجازي هاشميءَ سو حريص ٿي هموار سڄڻ.
حٰمٓ حبيب هادي ڏئي هروار سڄڻ
تنھن تاج ڌڻي تونگر جا آهيون طالب گهڻا طلبگار سڄڻ.
قائم ڪليمُ قاسمُ قريشيءَ داع دلبر جو دلدار سڄڻ
صادِقُ سابِقُ سراج سو سيد آ سردار سڄڻ،
جوادُ جاني خاتم خليل ڪئي خطيب جي کيڪار سڄڻ،
نور نبي ناطِقُ، ناصر، نظير خاطر نھار سڄڻ
لائق ناهيان لطف ٿئي، مون بيحد آهيان بدڪار سڄڻ.
جو بارُ، بُرهانُ، باطِنُ، بشيرُ جو بيشڪ آ بردبار سڄڻ
رحم ڪر رئوف واعظ ڪري وريام سو ويچار سڄڻ
آ وَليُ، اُميُ، عامِرُ، امام، اول، آخر عجيب آ اظھار سڄڻ،
شھيدُ شيع، شاف، شڪور، توڪل، طٰهٰ جي آتار سڄڻ.
احمد، عربي، عزيز، عالم، ياسين، يتيمُ يقيني آ يار سڄڻ
مُبينُ، مَهدي، منقيءٰ، مُطھر، منصور ڪئي مومن هٿ مُهار سڄڻ
منيرُ، مزمل، مُدثِرُ، مصطفيٰ، مرتضيٰ ڪيئي مڙني سو مختيار سڄڻ.
مُحلل محرمُ، مُڪيءَ، مُبلغُ آمدني سو ميھار سڄڻ.
اسان اڙين جو “امداد” چوي اِهو عجب آ آڌار سڄڻ
سنگت سوڌو سلامي ٿيان، تنھن دلبر جي دربار سڄڻ
بُراين ۾ ڀرپور آهيون، اسين بندا سڀ بيڪار سڄڻ.
تون پرور پالڻھار سڄڻ، ڪر ٻيڙو پار “ٻٻر” جو

سينگار

ساراھہ ڪجي تنھن سائين جي جو آ پاڪ ڌڻي پرور
ڪري محمد مڪائين اسان اڙين جي آڌر
عربي ڄام اصل کان هي ڇورن جو تہ ڇپر
ڇا عقل اِتي ڪم ڪري سوچ ڪجي سراسر
ڇا شان عربي ڄام جو ڪري بندو بات بشر
حيرت ۾ حوران پيون ٻيا جن ۽ جيت جناور
اچڻ ساڻ عجيب جي ٿئي نازڪ جي تہ نظر
تجليءَ سان طور تي ٿيو هو موسيٰ بہ منتظر
وري حضرت آدم جو ٿيو بھشت وڃڻ ٻيھر
مليس معافي محب خاطر جو ٺريس جان جگر
حضرت نوح نبي لاءِ نروار ٿيو، بيحد هُوتہ بحر
يعقوب کي يُوسف مليو ٿيس اکين جو تہ اُجر
حضرت ايوب کي عطا ٿيو، هو واقعي واھہ صبر
اول عيسيٰ نبي ويوپينگهي ۾ ڪري بات بھتر
حضرت يونس پيٽ مڇيءَ ۾ پيو پڪاري هِن پر
هاڻ مدد مرسل مڙني ڪامل اچي ڪاڪر
سڀ سڻايون صاحب ڪيون اجهو ڏئي انور
طفيلي تنھن تاجدار جي ٿيندو موچارو محشر
ٻھونُ ٻاجهون “ٻٻر” چوي هِن عجيب جون انڇر
ڪندو ماڙ مسڪينن تي ڪو وريام ڏئي وَر
جنھن لڳاسين لام لالڻ جي سو ڪندو مور مھر
اسين گدلا گداگر آهيون تنھن عجيب جا “امداد” چوي

سينگار

ٿلھہ؛ حسن وارا هلي آيا ڪٺا ٿي ڪل قطارن ۾
مگر محبوب هُت منھنجو هيو پردن پيارن ۾

متو ميلو حسينن جو سري بازار حد ٿي وئي
ڪٺا ٿي ڪل ڪري آيا سڀئي سينگار حد ٿي وئي
ٺھي سي ٺيڪ ٿي بيٺا ترتئون تيار حد ٿي وئي
ڪانہ هئي ڪا ڪمي ڪنھن ۾ وڌيو وهنوار حد ٿي وئي
پاڻھي پئجي ويا سڀئي سودائن جي سيپارن ۾

جي کڄي هئين خان جو پئي هاڪو نقاب نوراني،
تہ سُڪائي ها ستارن کي ۽ فلڪن کي فريشاني،
اهو اچڻ بہ افضل آ آيو جئين منھنجي جو جاني،
جلي ها طور جان جهان ڦنا ٿئي ها صفا فاني،
اهو پاور ٿئي پياري کي هلايو جنھن هزارن ۾

ڏسي محبوب منھنجي کي حسن وارا چپ ٿي ويا
نوح نبي ۽ يونس يعقوب يوسف پارا چپ ٿي ويا
آدم کان وٺي عيسيٰ تائين سليمان سارا چپ ٿي ويا
جهڪيا جڏ سج ۽ چنڊ ڀي سڀ ستارا چپ ٿي ويا
محبت جي ميخ لڳي وَيَن تن من جي ڪاتارن ۾

هيبت مان هڙئي هلي ڪري ڪلام جهڪي پيا
پياري تي پڙهي صلوات سلام جهڪي پيا
وٺي هو ويھي رهيا تہ مزمل نام جهڪي پيا
هر ويلي اسر آڌي صبح شام جهڪي پيا
اسم اهو پچائي هو ويھي رهيا ويچارن ۾

ڪرم ٿيو آ قيامت تائين قرب ڪمائي وينداسين
نازڪ نور نرمل سان نينھن نڀائي وينداسين
“ٻٻر” ٻاجهہ ٻہڳڻ جي آ ٻول ٻڌائي وينداسين
انشاءَ ﷲ “امداد” چوي اسين آڳ اُجهائي وينداسين
خوش ٿيو خير پورائي چوي هونداسين حبدارن ۾

سينگار

قربان ٿياهي قمر يارو، نال اشاري آياهي،
مُرڪ ڪيتي محبوب جڏهن تہ رين ڀي روپ مٽايا هي

ڇوھہ چون ڇلڙي مارن ولڙي سرمائي سرڪار ڏٺم
اي جاڙي ابرو جانب دي سيفي سي سٽڪار ڏٺم
چشم نشيلي چاوڻ نال ول پنبڻيان پھريدار ڏٺم
ڪر پُر پيالي پيار چون ڏيندا ترت اهي سي تيار ڏٺم
جڏان ديدان مليا دلبر نان تہ هوش مُئين ڪنون موڪلايا هي

خاشا خشم خان ميڏي دا افضل جوڙ جبار ڪيتا
ول عاشق گل عباسي ڪون چا لعل لبان لاچار ڪيتا
زيب زرا سن ظاهر ٿيا وڃ دڌ درين دڌڪار ڪيتا
نان چارا چليا چنڊ دا يارو چھري چا چمڪار ڪيتا
موسيٰ نبي مدہوش جو ٿي اڳيان پردھہ هڪ هٽايا هي

دست مبارڪ دلبر دي دربار داتا دي ويندي هن
اڙيان اهن اٻوجهان دي ڪل معاف خطا ڪر ويندي هن.
راھہ رليان ڪون رسدا رهبر ڏي پيار پرين تہ پليندي هن
منظور ڪريندا سڀ ڪجهہ مولا جڏ عربي آپ اليندي هن
بدن ميڏا ڀرپور ٿيا مئين جشن جام منايا هي

ڪر ٻاجهہ “ٻٻر” تي واحد لڳ جي ول پووي
افضل اي “امداد” ٿيوي جو هيڪر هوت هل پووي
اڱڻ ڀي آباد ٿيون، جو ماهي مئين نال مل پووي
قربان ٿيو ان تنھا قد مان تون جو بخت شفا دا کل پووي
رحم ٿيوي ريجهپو رائي اتي جنھن پاند ڳچي ڳل پايا هي.

سگهڙ محمد ايوب جوڻيجو

محمد ايوب جوڻيجي محمد پڃل جوڻيجي جي گهر ۾ 18جنوري 1965ع تي خيرپور ناٿن شاھہ تعلقي، ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ بچو واهڻ ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم ڀر واري ڳوٺ شھمير واهڻ مان حاصل ڪئي. هن مئٽرڪ 1981ع ۾ ٻورڙي هاءِ اسڪول مان پاس ڪئي جڏهن تہ انٽر موجودہ استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان 1984ع ۾ ڪيائين ۽ ايم ايس سي (فزڪس) جي ڊگري سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1993ع ۾ حاصل ڪيائين.. سگهڙ شاعر محمد ايوب ولد محمد پڃل جوڻيجي لوڪ ادب جي صنفن ۾ بھترين شاعري ڪئي آهي. سندس شاعري جو ڪتاب ڪتاب ’مٽيءَ جي خوشبوءِ‘ ڇپجي چڪو آهي. هت سندس شاعريءَ جو نمونو ڏجي ٿو.

هفتي جا ڏينھن

سومر ڏينھن ساھہ کي لڳي ڏاڍي تانگهہ،
اچڻ تنھنجي آسري اُڏايم ٿي ڪانگ.
اڱاري ڏينھن عجيب تون آئين ڪونہ اڱڻ،
سڄو ڏينھن سڪ ۾ گذريو تو سڄڻ.
اربع ڏينھن اچڻ جو واعدو ڪيو تو،
نڪي پاڻ آئين نڪي نياپو مُجو تو.
خميس ڏينھن خوب تنھنجو ڪيو انتظار،
ڪيئي ڪال تہ رستي ۾ آهيان يار.
جمعي ڏينھن جانب اوطاق آيو هلي،
دل ڏاڍي خوش ٿي ان سان ملي.
ڇنڇر ڏينھن قرب مان، مون ڪڪڙ ڪٺو،
گڏ سڄڻ سان سارو ڳوٺ گهمي ڏٺو.
آچر ڏينھن ”ايوب“ مون کان ڪئي موڪلاڻي،
جدا ٿيندي جانب کان وهي پيو اکين مان پاڻي

عاجز رحمت ﷲ لاشاري

رحمت ﷲ عاجز لاشاري ولد فقير شاهنواز 02 جنوري 1982ع تي درگاھہ فقيرپورشريف لڳ راڌڻ اسٽيشن تعلقي ميھڙ، ضلعي دادو ۾ جنم ورتو. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن. هي سگهڙ شاعر صحافت سان پڻ لاڳاپيل رهيو آهي. پي ٽي وي تي ڪچھري پروگرام جي ميزباني پڻ ڪندو آھي. ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا اٿس.

حَمد بَارِي تَعالىٰ

اُتَم هَر چِيزَ کان اعلىٰ، خُدا تنھنجي خُدائي آ،
تُون آن مَسْجُوْدُ تو آڏو، دُنيا گَردن جهُڪائِي آ.

تنھنجو آ مَرتَبو اعلىٰ، تُون آن تعرِيفَ جو لائق،
آهين هرجاءِ تي حاضُر، نہ تو ڪَئي ڪَڏ جُدائِي آ.

گُناهَن ۾ غَرق آهي، اسان ٻانھن سَندو دفتر،
تَڏهن لاَتَقْنَطُوْ تو چَئِي، ڏِني دِل کي دِلجائِي آ.

صَنَمَ وارو صَمَدُ پيو چَئي، تہ سَتَّر ڀيرا پيو سَڏُ ڏِين،
توڻي ڀُلجِي چَيائين تہ بہ تہ، توکي ڪَهلَ آئِي آ.

تنھنجي مَخلُوقَ ۾ ڪيئي، تنھنجا مُنڪَرَ بَڻيَلَ آهن،
تڏ بہ رزَّاقَ تو روزِي، نہ تَن جِي تِرُ گهٽائِي آ.

گُذاريُم وقت غَفْلَتَ ۾، نہ مُون واعِدي وَفائي ڪَئي،
رَحَمُ ڪَر “رحمتﷲ” چَئي، مُحابو مُصطفىٰﷺ ئِي آ.

***

مَدح

ﷲ پاڪ اسانجو، آ خالق خلقڻھار مٺا
پاڻ جنھن پيدا ڪيو، محمد ﷺ آ منٺار مٺا
وڏا جنھن جا وزيرَ ٿيا، چڱا چارئي يار مٺا
آهين عاشق عربيءَ جو، تہ ڪر پنجتن پاڪ سان پيار مٺا
علي ولي، حَسَن، حُسين ۽ خاتونَ بہ آسردار مٺا
سندن سخي اولاد ۾ شامل، آدستيگير دلدار مٺا
آ بغدادَ جو جوان جيلاني، نانءٌ عبدالقادر نروار مٺا
ٿيندا پنھنجا ٻيڙا پار مٺا، انھن محابي “عاجز” چئي

*****

گوريءَ جا سجاوٽي سينگار

جڏ سھڻي سڀ سينگار ڪري، تان مستن کي ماري
واڪا ٿين وهوا جا، جي پاڻ صنم سينگاري،
بئينسر بولو، نٿ، واليون ۽ جهومڪ جهولاري
ڪڙيون، ڪٺمالا، ٻانھونٽا پائي ني بول نھاري،
دُهري، ٽِڪ، چوٽي ڦل، ۽ سڳيون سنواري
پايل پائي پير ۾ پئي بھادر بيھاري
منڊيون ڇلا، بازوبند، ڪن چمڪ چوڌاري،
پئي جنھن جي ناز انداز تي نہ ڪنھن کي کيڪاري
اڃان بہ اٿس ڪيئي زيور، ڪھڙا ڪيان شماري
پر جي پسي منھنجي پرينءَ کي، هيءَ وينگس هڪ واري،
تہ هار سينگار هڙئي ڇڏي، وڃي وساري
انھيءَ مھل “عاجز” چئي، پئي پنھل پناري،
پوءِ هارون سڀ هاري، لڄپال اڳيان “لاشاري” چئي

محبوب علي ڏيپر

محبوب علي عرف محبوب ڏيپر ولد محمد صادق ڏيپر 14 آگسٽ 1947ع تي ڳوٺ قادر بخش ڏيپر، تعلقي ميھڙ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو. هن شاعريءَ جي شروعات 1980ع کان ڪئي هن صرف پرائيمري تعليم حاصل ڪئي آهي. سندس شاعريءَ جا ٻہ ڪتاب شايع ٿيل آهن. سندس نمونہ ڪلام هيٺ ڏجي ٿو.

ڏهس

ڪرهي پسڻ ڪريم لئہ، ڪنواٽ ڪيون ڪيھون
ڍاٽي، ڍول حبيب لئہ، واھہ جو ڪيون ويھون
مھري مست محبوب لئہ، رڙي ڪيون ريھون
گورو، توڏو، تات ۾ پيا گڏ اچن گيھون
چاھہ مان ليڙي، چانگي چيو، بودي ڪيئن بيھون
پوءِ روڏي ڪيون ريھون، “ڏيپر” تنھن جي ڏسڻ لئہ.

سينگار

پَسي حُسن حبيب جو، هڙني کاڌي هار ميان
مُرڪي محبوب سنواري رکيا، ڪارا ڪُلھن تي وار ميان
ڏسڻ سان ڪري مست وڌا، مُرسل، ٻڍا ٻار ميان
سونھن پرينءَ جي تي سُگهڙن آهن، سوين لکيا سينگار ميان
هلڻ، مرڪڻ حبيب جي، حيران ڪيا تہ هزار ميان
ادلن، گدلن کي بہ آهن، خوب پنھل ڏنا پيار ميان
عين عُقابي عجيب جون، ڀؤنر ڀِرون تلوار ميان
ڏندڙا موتي مرجان تنھن جا، لب لال منٺار رُخسار ميان
مولا ڏئي ڇڏيا مٺل کي، آهن سڀئي اختيار ميان
محشر جي ڏينھن مدني لھندو، سڏي سڀ جي سار ميان
چوڏس چنڊ کان چمڪي رهيا، وڌ پُنھل جا پيزار ميان
سِر سُوڌا ڪجن صدقي، تنھن تان سارا هي سنسار ميان
ڪھڙا ڏَسي ڪھڙا ڏسيان، توکي پُنھل جا پار ميان
ڏاتر ڪرائيندو “محبوب ڏيپر” کي دم دم تنھنجا ديدار ميان.

سينگار

نازڪ عين عجيب جي، ڪيئي ڪيا قِيسَ
نٿو ڪير ڪري سگهي رابيل، بہ ان سان رِيسَ
نماڻيون نھارڻ سان، ٿيون سوين ڪِيرن سِيسَ
“محبوب” ناهي دنيا ۾، ڪو جوڙ تن جو جِيس
اکين عين اليس، ڪيئي مست ڪري ڇڏيا.

سينگار

مُرڪڻ ساڻ مست ڪري، وڌو محب مٺي منٺار عجب
دلبر جي ديدن ۾ مون، ڏٺو اهڙو هو اسرار عجب
ڪارا ڪلھن تي ڪيري رکيائين، واسينگ جهڙا وار عجب
اکڙيون عين عجيب پرينءَ جون، نور ڀريون نروار عجب
ڍايو ڍاپن، ڪين پرينءَ مان، عين عجب رُخسار عجب
قدم قدم قربان ٿيان، کائي مور، هئينڊل ويا هار عجب
چري ٿي پئي چاھہ سندن ۾، نور پسي هڪ نار عجب
لبڙا لال گلابي ۽، ڀؤنر ڀِرون تلوار عجب
شمس، قمر بہ ٿي شڪي پيا، پَسي دلبر جو ديدار عجب
سڀني وصفين سھڻو آقا، سوا لک جو سردار عجب
ادلا، گدلا پنھنجي بلي سڀ کڻندو پرين پڳدار عجب
ڪونہ ڇڏيندو ڪنھن کي اڙيو، آهي ننگي ننگدار عجب
ڇپر ڇورن جو ئي چوان مان، آهي يتيمن يار عجب
درود و صلواتون، دلبر تي مان، ڇو نہ پڙهان بار بار عجب
بيشڪ سُهڻو حبيب هڙني کان، جوڙ ڪئي تہ جبار عجب
ماکي مصري کان وڌ مٺي، تنھن گوهر جي گُفتار عجب
“محبوب ڏيپر” جهڙا ماڻھو حيران ڪيا تہ هزار عجب.