لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ڏکڻ ڪاڇي جا سگهڙ شاعر

ڪاڇي جو علائقو لوڪ ادب، سُگهڙائپ ۽ شعري ادب ۾ زرخيز رهيو آهي. ھن ڪتاب ۾ زيز ڪنگراڻيءَ ڪاڇي جي آڳاٽن لوڪ ۽ سگهڙ شاعرن سان گڏوگڏ، ويجهي ماضيءَ ۽ موجودہ دور تائين جي سگهڙ شاعرن جو تعارف ۽ ڪلام جو نمونو سھيڙيو آھي. ڪاڇي جي حوالي سان هيءُ ڪم نہ صرف منفرد پر پنھنجي نوعيت جو نئون ڪم بہ نظر اچي ٿو. ڪتاب ۾ 23 سگهڙن کي شامل ڪيو ويو آھي.

  • 4.5/5.0
  • 1
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Dakhen Kachhy ja Sugher Shair

ارپنا

ڏاڏِي بختاور جي نانءُ
جنھن کان ننڍپڻ ۾
قصا ۽ لوڪ آکاڻيون ٻُڌم

پنھنجي پاران

مون ڪافي ڏينھن کان پئي سوچيو تہ ڪاڇي جي آڳاٽن لوڪ ۽ سگهڙ شاعرن سان گڏوگڏ، ويجهي ماضيءَ ۽ موجودہ دور تائين جي سگهڙ شاعرن جو ڪلام سھيڙي ڪتاب جي صورت ۾ منظر عام تي آڻڻ گهرجي. ڪاڇي جي حوالي سان هيءُ ڪم نہ صرف منفرد پر پنھنجي نوعيت جو نئون ڪم بہ نظر پئي آيو، جڏهن انھيءَ منفرد ڪم کي عملي جامي پھرائڻ لاءِ جاکوڙ جو مرحلو شروع ٿيو تہ ڏاڍو ڪال پئي محسوس ٿيو. ڇاڪاڻ تہ وقت جي ستم ظريفي جي لَٽ ۾ لٽجي ويل هن علائقي جي لوڪ ادب ۽ سُگهڙائپ کي تلاش ڪرڻ ۽ تحقيق جي بَٺيءَ منجهان گُذارڻ ڏاڍو ڏکيو ۽ مشڪل ڪم لڳو پئي. جڏهن تلاش ۽ تحقيق وارو ڪم عملي طور اڳتي وڌيو تہ نہ صرف حيرت انگيز پر فخر لائق شاعرن جو مواد ملڻ شروع ٿي ويو جنھن اڃان بہ وڌيڪ اتساھہ پيدا ڪيو ۽ هڪ راءِ جڙي تہ ڪاڇو نہ صرف تاريخ تھذيب، تمدن، سياحت ۽ ثقافتي حوالي سان مالامال ۽ مشھور رهيو آهي پر هيءُ علائقو لوڪ ادب، سُگهڙائپ ۽ شعري ادب ۾ بہ زرخيز رهيو آهي. جيتوڻيڪ مان ڪتاب لاءِ گهربل مواد لاءِ خوفزدہ پئي رهيس پر جڏهن مواد سامھون آيو تہ منھنجي خوشيءَ جي حد نہ رهي ۽ ڪتاب ۾ مواد شامل ڪرڻ جي چُونڊ واري ٻُڏتر ۾ مبتلا ٿي ويس. ڪاڇو کير ٿر پھاڙي سلسلي جي ڪڇ وارو ميداني يا صحرائي علائقو آهي جيڪو دادو ضلعي کان قنبر-شھدادڪوٽ تائين کيرٿر جابلو سلسلي جي ڪنار سان ڦھليل آهي. ڪاڇي کي اتر ۽ ڏکڻ ڪاڇي جي حد بندي جي اصطلاح سان سلھاڙڻ جو بنيادي مقصد اهو آهي تہ منھنجي تحقيق ۽ تاليف جو دائرو ڏکڻ ڪاڇي وارو ڀاڱو، خاص طور ضلعي دادو جي تعلقي جوهيءَ ۽ ڪجهہ ميھڙ ۽ خيرپور تعلقن واري ڪاڇي تي منحصر آهي. اتر ڪاڇي ۾ بہ لاڳاپيل موضوع مطابق مواد موجود هوندو پر مون صرف دادو ضلعي واري ڪاڇي جي علائقي جي شاعرن جي مواد سان گڏ تذڪرو شامل ڪيو آهي. ڪاڇو سنڌ جو اٽوٽ حصو آهي ۽ ڪاڇي جي هر حصي جي تھذيب، تمدن ۽ ادب جي تاريخ سنڌ جي تاريخ جو حصو آهي. ڪاڇي جي اڪثر زندگي اَبر آسري رهي آهي. ڪاڇي جون اقتصادي ۽ معاشي حالتون،هتان جي زندگي تي هڪ گهرو اثر ڇڏيو آهي. انھن حالتن جو سڌي يا اڻ سڌي طرح اثر ادب ۽ شاعري تي بہ نظر اچي ٿو. سخنوري ۽ سگھرائپ وارن خيالن ۾ ڏاهپ، دانائي سان گڏ ڪاڇي جي مخصوص زندگي جا اولڙا جهلڪندي محسوس ٿين ٿا. هن ڪتاب ۾ شامل لوڪ يا سگهڙ شاعرن جي مواد جي حوالي سان اهو لکندي سرهائي محسوس ٿئي ٿي تہ ڪاڇي جو خاص طور جوهيءَ تعلقي وارو علائقو آڳاٽي زماني کان سخنوري ۽ دانائي جو ڳڙھہ رهيو آهي. سنڌ جي وڏي سگهڙ شاعر جلال کٽيءَ کان پوءِ واري لوڪ ادب ۾ ڪاڇي جو علائقو نمايان نظر اچي ٿو. جلال کٽي ڪلھوڙا دور جو اهم لوڪ يا سگهڙ شاعر آهي. ۽ سندس ئي دور ۾ ڪاڇي ۾ اهم سگهڙ شاعر بہ پنھنجي فن، سخن ۽ دانائي ۾ پنھنجو مٽ پاڻ نظر اچن ٿا. سندن شعر پختو ۽ ٻوليءَ جي لحاظ بھترين ۽ خيالن ۾ ڳوڙهو ۽ ڳتيل ملي ٿو. جلال کٽيءَ جي دور ۾ سندس ڳوٺ سگهڙائپ جو مرڪز رهيو پر ڪلھوڙن جي آخري دور ۽ ٽالپور اميرن جي دور ۾ سگهڙائپ جو ڳڙھہ موجودہ جوهيءَ تعلقو رهيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌ جي سينگار شاعري ۾ صفعي (ص-161) تي انھيءَ ڳالھہ جي تصديق ڪري ٿو ته، ”جلال جي وقت ۾ موندر (دادو ضلعي جو قديم ڳوٺ) سگهڙ پائي جي رس رهاڻ جو مرڪز رهيو. ٽالپورن واري دور ۾ انھي رس رهاڻ جو مرڪز ڦري موجودہ جوهيءَ تعلقي طرف ٿيو. جتي عالم خان لنڊ ۽ چاڪر خان رستماڻي سگهڙ پائي جو بنياد پختو ڪيو. ولي محمد لغاري، بھاول لغاري، حاجي ڪنڊو رستماڻي، حاجي موندر کوسو، سيوو خان جمالي، اُتي وارين ڪچھرين جا مور هئا. ساڳي دور ۾ سُگهڙ قادر بخش (ميرڻ ڪوٽ) ۽ مانجهي ڊکڻ (حاصل لغاري، لڳ قصبو) کي بہ شمار ڪري ٿو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب حقيقي مسافتن ۽ مسافرين دوران قصبي جي محمد خان لغاري، ڳوٺ ڪمال خان لنڊ جي نبي بخش خان لنڊ سان پڻ ڪچھريون ڪيون.“ انھن آڳاٽن لوڪ ۽ سُگهڙ شاعرن کان پوءِ بہ ڪي اهم سُگهڙ شاعر پيدا ٿيا هوندا پر وقت ۽ حالتن جي دز چڙهڻ سبب اسان کان اوجهل رهجي ويا آهن. موجودہ دور جي بھترين سُگهڙ شاعر فقر علي ڀرڳڙي جي ڪلام تي ويچارجي ٿو تہ بنا هٻڪ چوڻو ٿو پوي تہ فقر علي نہ صرف پنھنجي تر جي وڏن سُگهڙ شاعرن جو تسلسل آهي پر هن وقت فقر علي جهڙو خالص لوڪ ۽ سُگهڙ شاعر مشڪل ملي سگهي. مان ان ۾ حق بجانب آهيان تہ جيڪڏهن انھن سُگهڙ يا ٻين اهم شاعرن جي مواد کي هڪ هنڌ سھيڙڻ وارو ڪم نہ ٿئي ها تہ شايد فقر علي ڀرڳڙي جهڙو بھترين شاعر تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ٿيڻ کان محروم رهجي وڃي ها.
مان سمجهان ٿو تہ ڏکڻ ڪاڇي واري علائقي جون سرحدون دادو ضلعي تائين آهن. انھيءَ ڪري منھنجو ڏکڻ ڪاڇي (دادو ضلعي) جي لوڪ شاعرن سان گڏ ٻين اهم شاعرن جي مواد تي مبني، هيءُ ڪتاب هڪ معمولي سڦلتا بہ آهي تہ هن علائقي جي ادبي تاريخ جي اهم ڪڙِي بہ آهي. هيءُ ڪتاب سنڌ جي لوڪ ادب جي تاريخ ۾ نرالو اضافو ثابت ٿيندو. مون ڪوشش ڪئي تہ ڏکڻ ڪاڇي جو ڪو بہ سگهڙ نہ رهي پر منھنجين سماجي حالتن ۽ ٻين مجبورين سبب ڪي سگهڙ رهجي بہ ويا هوندا. ساڃاھہ وندن سان رابطا بہ ڪيم پر مختيار چانڊيو ۽ ذوالفقار گاڏهي خيرپور ناٿن شاھہ جي هڪ اڌ سگهڙ شاعرن جو مختصر تعارف موڪليو.جنھن لاءِ سندن ٿورائتو آهيان. اميد اٿم تہ ڪتاب سنڌ جي لوڪ ادب جي سلسلي ۾ لاڀائتو ثابت ٿيندو.


عزيز ڪنگراڻي
جوهي
15 جولاءِ 2026ع

سگهڙ سخي عالم خان لنڊ

سخي عالم خان لنڊ جا وڏڙا اصل ۾ ڪاڇي جي قديمي ڳوٺ نوشھرو ديھہ آراڙو، تعلقي جوهيءَ جا مقيم هئا. ميان نصير محمد ڪلھوڙي جو اهم سپھہ سالار فيروز ويراڙ بہ ڪاڇي جي هن ڳوٺ جو ويٺل هو جنھن لڏي وڃي نئون ڳوٺ نوشھرو ٻڌو جيڪو اڄ نوشھرو فيروز جي نالي سان مشھور ۽ سنڌ جي ضلعي طور درجو ماڻي چڪو آهي. سخي عالم خان جي والد جو نالو گهنور خان هو جنھن جي نُکَ گهنوراڻي لنڊ سڏجي ٿي. گهنور خان ميان نصير محمد ڪلھوڙي جو وڏو معتقد ۽ ميان وال تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن هو. مقامي روايتن مطابق ميان نصير محمد ڪلھوڙي جي نائب ليکي خاندان جي فرد تاجي ليکي اول، زبردستي کان ڪم وٺندي گهنور خان جي گهراڻي جي ٻانھن کئين، جنھن ڪري گهنور خان لنڊ جي پنھنجي مرشد ۽ اڳواڻ ميان نصير محمد سان اڻبڻت پيدا ٿي جيڪا سخت ڪشيدگي اختيار ڪري وئي سخي عالم خان تاجي ليکي سان مھاڏو اٽڪائڻ تي لھي آيو پر گهنور خان جي صبر، درگذر يا مصلحت آڏو سخي عالم خان هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ بعد ۾ گهنور خان جو يونير اولھندي ناري جي ڪناري سان ديھہ بُٺيءَ تعلقي جوهي ۾ ڳوٺ ٻڌي ويٺو جيڪو اڄ سوڌو قائم آهي. گهنور خان جو مقبرو اڄ بہ ڪاڇي جي آراڙي واري قبرستان(ٻُٽا قُبا) ۾ زبون حال ۾ موجود آهي. موجودہ دور ۾ بہ گهنوراڻي لنڊ پنھنجي فوتي عزيزن کي آراڙي جي قبرستان ۾ دفن ڪندا آهن. ڪتاب ’سنڌ جي سينگار شاعري‘ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته، ”عالم خان لنڊ سنڌي ۽ سرائڪي جو وڏو شاعر هو ۽ زرم توڙي بزم وارن ٻنھي رُخن تي شعر چيائين. جَنگجُو جوانن لاءِ چَلتي ۽ چالِي نظم تہ ٻئي طرف محبوب جي حُسن ۽ سينگار بابت سھڻا بيت چيائين“(ص_162) ڊاڪٽر بلوچ جهڙي يگاني عالم ۽ محقق جي راءِ تي غور ڪري جڏهن عالم خان جي شعر تي گهرائي سان نظر وجهون ٿا تہ عالم خان بلاشڪ وڏو شاعر نظر اچي ٿو سندس شعر فني لحاظ کان بہ نھايت معياري ۽ پختو تہ خيال جي حوالي سان بہ ڀرپور نظر اچي ٿو. عالم خان جي وفات بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڳوٺ ڪمال خان لنڊ جي سگهڙ سردار نبي بخش لنڊ جي حوالي سان لکي ٿو تہ اندازن سن 1850ع ڌاري هڪ سئو ورهين جي عمر ۾ وفات ڪيائين(ص 162) مان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي بيان ڪيل روايت موجب سخي عالم خان جي وفات واري سن سان سھمت نہ آهيان. مان سمجهان ٿو تہ سخي عالم خان انھي ڄاڻايل سال کان گهڻو اڳ لاڏاڻو ڪري ويو هوندو. ان لاءِ مون کي ٻہ دليل سُجهن ٿا:

(1) مقامي روايت موجب، ميان نصير محمد ڪلھوڙي جي نائب تاجي ليکي اول طرفان کنيل ٻانھن واري روايت گهنور خان سان منسوب ٿيل ملي ٿي. مورخن ميان نصير محمد جي وفات جو سن 1692ع ڄاڻايو آهي ۽ هن علائقي ۾ ميان نصير محمد طرفان کڙي ڪيل عبوري حڪومت جي پڄاڻي بہ سندس وفات ٿيڻ سان ٿئي ٿي يا وڌ ۾وڌ سندس پُٽ ميان دين محمد ڪلھوڙي جي لڳ ڀڳ 1700ع تائين شھادت تي توڙ ٿئي ٿي.

(2) سخي عالم خان لنڊ پنھنجي دور جو ناميارو سُگهڙ شاعر هو.سندس شھرت جون سرحدون سندس علائقن تائين محدود نہ هُيون. سُگهڙن کان مليل روايتن موجب سخي عالم خان جا شاعري جي حوالي سان، سنڌ جي وڏي سُگهڙ شاعر جلال کٽيءَ سان مارڪا ٿيندا هُئا. هڪٻئي کي شاعراڻا جواب يا شعر جي ڀران شعر چئي موڪليندا هُئا. خود ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڄاڻائي ٿو تہ جلال کٽيءَ جو بيت هو تہ (ص192)

گهُنڊ نھين اسرار حقاني، جس وچ چمڪي نُور چمن دا“
عالم خان اُن جي ڀران شعر چيو تہ؛
” گهُنڊ نھين اسرار حقاني جس وچ مُک دلبر دا
اولي وچ ڪري اَلولان هيبت شاھہ بحر دا
هر جنس وچ رهي هميشان، هي گهڙيندڙ گهر دا
اين گهنڊ جاني خاوند خود ”عالم“ شُڪراني دا

مٿي ڄاڻايل ٻن سٽن جي روشني ۾ چئي سگهجي ٿو تہ سخي عالم خان ٽالپور دور نہ پر ڪلھوڙن جي دور جي اهم شاعر جلال کٽيءَ جو همعصر شاعر هو ۽ وڏي ڄمار ماڻڻ سبب غالبن ڪلھوڙن جي حڪمرانيءَ جي دور ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. بھرحال عالم خان پنھنجي دور جو تمام بھترين سُگهڙ شاعر هو. جھڙي طرح فن ۾ يگانو هو تھڙي طرح سخاوت ۾ بہ يگانو مرد هو. سندس ڳوٺ ڪچھرين جو مرڪز ۽ سخاوت جو امين هو. بلوچ صاحب موجب سندس هيٺيون بيت حڪمت ۽ دانائي تي چيل آهي (ص 162)

گوهر گفتا جن جا، نُڪتا نافع تن،
لاهن ٿا لحظي ۾، مُرچا مٿئون من،
تون بہ وٽان تن، وٺي اچ اوجر عالم خان چئي.

سنڌ جي تاريخ ۾ پھلوانن جي معرڪا آرائي، بھادري ۽ ارڏائي کي وڏي پيماني تي راڄن ۽ راڄدارن جي خود اعتمادي ۽ سنڌ جي لشڪر جي ڪاميابي پٺيان يا ڪاميابي سببان سنڌ جي جوانن، پھلوانن جا حوصلا وڌيا، ۽ ’چلتي‘ ۽ ’چالي‘ جا ميدان مَتا ان دور جي سُگهڙ شاعرن جنگي نظمن، چلتي ۽ چالي جي ٻولن سان سنڌ جي سورهين کي ساراهيون ۽ نازايو. انھيءَ فن ۾ سھراب چارڻ پنھنجو مَٽ پاڻ هو پر عالم خان لنڊ ۽ ٻين بہ سھڻا ٻول ٻَڌا (ص74 بلوچ) چالي ۽ چلتي جي شعرن ۾ سُگهڙ شاعر سُورهين جي هَڪلڻ هاڪارڻ، هڻڻ ۽ ڀيڪين سان وڌڻ وارين وارتائن کي شعر ۾ ساراهيو ۽ سمايو. رزميه يا جنگي شاعريءَ جي هن نموني ۾ ڀيرن، قدمن جي آوازن، دُهلن دَفن جي دہڪن واري لوڏ ۽ لئي کي سُگهڙ شاعرن شعر ۾ سموهيو، سي سنڌي رزميه شاعري جا نادر نمونا آهن. عالم خان لنڊ، جو هڪ وڏو گُني شاعر هو، جنھن چلتي جي لئي سان گڏ سنڌ جي سورهين کي عجيب انداز ۾ نازايو (ص-74) آهي.
عالم خان جا ’چلتي‘ وارا شعر:

مَل مَٽ سَٽن، سِر سَٽ گهَتن، تِل گهٽ نہ گهوٽ گهَٽاون
هر ذات سَڪيلي، وات ڦٽوڙي، ذات ڪُذات ڪنباون
مرد نہ ٿيندي زرد آهي، ڪم ڪَڙد ڪِدار ڪماون
چِلڪن ڪِلڪن تِلڪن تُڳيان، تيغ تکيان ڪَڙلاون
وِڄ وانگ وَتيان، اُٿ تجل تتيان، پل پلڪ پَتيان چا پاوَن
جُڙ ڪر، گُڙ ڪر، گوڙ گوڙ، گروڙ گجوڙ گَنواون
فيل ڪفَيل سفيلان دي اَٿ، دوڙ دَهوڙ اهوڙ ٺھوڙ ٺَھاون
پيل شڪيل طويل تونگر، مَر ڪَر ٻَر لَر نام رهاون
اڙڪن ڪڙڪن سيفان، ٽوڙ وِلوڙ وِڇوڙ وڃاون
هستي مستي دست دُ دستي، ڪَستي ڪر ڪڙڪاون
اوٽ لھہ گهنن گهوٽ کَڙو، رُڪ روٽ چَکَن چَکاون
لٽَن چَٽن چَمڪن ڌَمڪن مار مزار مناون
عالم خان جوان ايمالي ، ليڪي نام رَهاون، بَخرا پاون.

پڻ عالم خان سورهين کي نازائڻ سان گڏ، کين جَسون ڏيئي جنگ لاءِ همٿايو ۽ حوصلايو، جيئن تہ:

ديک بہ ديک مُھانڊي مَٽَن
چوتا چاڙھہ وڙهڻ ڪاڻ وَٽن
سورهيہ کڙ سَر واهيان سَٽن
رت مست مڇان سِر چَٽن
سِر ڪون سَٽن، سوڀان کٽن
بازو بازين وانگون جهَٽن
ڦھڪي نال ڦڦڙ پئي ڦھڪن
ڪڙڪي نال ڪَرايان لڙڪن
آکي عالم خان جوان سي سورهيہ مست نہ ٿِيوَن
آکي؛ سي وت ڪٿان ؟
آکي؛ جٿان هووَن تٿان.

سخي عالم خان لنڊ جو سينگار جو شعر بہ اعلي پايي جو نظر اچي ٿو، جنھن ۾ هن محبوب جي سونھن سوڀيا، اکين چپن، وارن ۽ نخرن کي ڏاڍي خوبصورت انداز ۾ بيان ڪيو آهي. سندس شعر ڏس پتو ڏئي ٿو تہ هُو سنڌي سان گڏ ٻين ٻولين تي بہ ڪمال جي مھارت رکي ٿو، سندس سينگار ۽ ٻيا شعر هيٺ ڏجن ٿا.

(1)
ڪالي ڪيس تلھير تکي، ابرو قوس ڪمانا
مِرگان تير تہ بَينِ، بڇئينديان جوڙڪي جند نشانا
هرڻ حيران هَروشِي ڳڌي، ٿئي ڏٺي ديد ديوانا(1)
چلدي چال چلي نھين چئنچل، هستي ٿيا حيرانا(2)
صورت ڏيک سنسيا وچ سورج، قمر ٿيا قربانا
عالم خان مليا مت والا_ وه جي!_ هر ويلي شُڪرانا.

(2)
بال بِشِيهَر، بانو ڀَونري، ماڻِن مُشڪ مُدام
جهُل ڪَر، هُلڪر، ماه مَتُون، وَل وَينس
ٻَهَن پا دام
نَينَ ڪَمَل هِن، ڪَيفَ ڪَشي، وچ عشق
غَضَب اَغمام
لَب لاکيڻِي، مُشڪ لَڄاڻي ماڻي هِن ماتام
موتِي مُوڙهي، ڳُوڙهي ڳَل، هِن اَحمر اَنگڙي عام
هِرڪي هي وَل وينِگس دي، پَٻ هِن اور حمام
گَج ڪَبڪ تين هِرني ڪَون اعجاز ڪري اقدام
هور هَٽاوي حُسن ورکا ڪَر، بَدر نہ ڀانوي بام
تنھن تَجمل نال تَمام ”لُنڊ“ جيھي لکَ لوڙهَ سٽيي.

سُگهڙ فقير چاڪر خان رُستماڻي

فقير چاڪر خان پُٽ غلام حسين رستماڻي ڳوٺ ڇِني تعلقي جوهيءَ جو رهواسي هو۽ پنھنجي ڳوٺ جو چڱو مڙس ۽ رئيس هو. وڏي گُنَ وارو هو. ڪيئي پروليون، پھاڪا، بيت وغيرہ سندس نالي سان مشھور آهن. حڪمت بہ ڪندو هو. سُگهڙ شاعر ڪوڙو فقير ميراثي سندس خاص صحبتي هو چاڪر خان آخري عمر ۾ نابين ٿي پيو پر تہ بہ وٽس هميشہ ڪچھري لڳندي هُئي. نَوي سالن جي عمر ۾ سن 1904ع ڌاري وفات ڪيائين پر سندس وفات وارو سال بہ درست نہ ٿو لڳي. جلال کٽي جي ڀران چيل شعر ۽ ميرن طرفان جاگير ملڻ واري روايت موجب سندس وفات جو سال درست نہ ٿو لڳي. سينگار شاعري ۾ سندس ڏنل شعر(سينگار) جلال(کٽي) جي بيت ڀران چيل آهي (ص-164 بلوچ) مقامي طرح چاڪر خان لاءِ چيو وڃي ٿو تہ پھريائين پنھنجي ڳوٺ جو رئيس هو پر پوءِ فقيري رنگ چڙهڻ ڪري پاڻ کي فقير سڏائڻ لڳو. قلندر شھباز بابت شعر ساڻس منسوب ڪندي ڳوٺ علي مراد شاهاڻيءَ جي قلندر بخش شاهاڻي ٻڌايو تہ سرائيڪي شعر ۽ قلندر واري انھيءَ شعر پيش ڪرڻ تي ٽالپرن کيس هاڻوڪي ضلعي نوابشاه جي حدن ۾ جاگير پڻ ڏني هئي.
سُگهڙ چاڪر خان رستماڻي جي شاعريءَ ۾ دانائيءَ، خيال ۽ ٻوليءَ سان گڏ موسيقيت منجهان خبر پوي ٿي تہ پنھنجي وقت جو وڏو سُگهڙ شاعرہو، هيءُ ٽالپرن جي آخري ۽ انگريزن جي شروعاتي دور جو شاعر هوجنھن کي سنڌي،سرائيڪي، فارسي ۽ عربي ٻولين جي تمام گهڻي ڄاڻ هئي. هيٺ ڏنل شاعري انھيءَڳالھہ جو ثبوت پيش ڪري ٿي.
سُگهڙ فقير چاڪر خان جو سينگار وارو شعر:

ڪارا ڪيسَ کَٿوُري جهڙا، آزمائِين، عَنبرَ کي
تارَ زُلفَ جي، مارَ مَرن ٿا ، عجب لڳو اڙگر کي
جَلوي جوت جَبِين جي جهَلڪي، ڪيائون قيد قمر کي
مِرگه ٿيا نہ مقابِل يارو، نِسنَگ اَچي نَئِترَ کي
اَبرو قوس ڪَماني ڪِئين، ٿا مارن مُرغَ بَشَرَ کي
مرگان تير سَنباهي بيٺا، جنگِ فِرنَگ فَجَر کي
اَنف ٿيو مِنقار مِثل، ٿو شرمائي شَهپَرَ کي
لب لعل بَد خشانِي مَرجان“، عَجب لڳو اَحمرَ کي
درَ دندانَ رُماني داڻا، سھمائن سَنگ مَر مَر کي
چاھہ زَنخ ڪِنعانِي هويا ، موهِيئَين شاھہ مصر کي
پِستا بوءِ بھاري بِيٺا، عَجب انار عطر کي
قد تَئون سَرو صنوبر صدقي، ڇاهي شانُ شَجَر کي
اي ” چاڪر “ پنھنجو حال اچي ڪر پيش علي اڪبر کي.

فقير چاڪر خان رستماڻي جو سرائڪي شعر:

پڙھہ الحمد وکيجي هر دم قدرت سان قادردي
عشق اُٿاهين هي وڃ اڙدا جٿ جاءِ نہ زور زبردي
ڪُن فَيڪُون ڪَئون اڳ وچ پيتُس سَرڪي شُھد شھردي
لونءِ لونءِ دي وچ لَئون تہ جڳايُس قطري سا ڪوثردي
جند جان دي وچ ميھر دي جنھن ڪون لڳ ڳئي نوڪ نظردي
بي تاب زُليخان وانگون ٿي پئي جنھن ڪون سُڌ نہ پئي ڪا سِردي
ٿي اڌ رات نڪل ٿي ٻاهر ڇوڙ تما سڀ گهردي
رِم جهِم بادل مينھن وسيندي اُلٽي بوند اَپردي
ٻيلي وچ اَويل ٿي ڳيُس جٿ جاءِ مِرون مانگردي
روجهي رڇ بلائين ڀولي ڀَوءَ نہ ڪري باندردي
هاٿي هرڻ گورا گر گورڙي سُڻي هَس ڪُوڪ ڪيھردي
جابو مَم سلھہ (سرھہ) گڊ گينڊي ڪردي ٻيڪ ٻڪردي
ڏردي مور نہ مُڙدي وڃ مھراڻ دي تردي
اهي ڪم ڪُل عشق ڪري نھين هي بات بشردي
چاڪي دلا ڪيتُس هٿان وچ جڏان ڏٺس موج بحردي
ڀيلا ڀُر پيا يار هٿان دي ٺڪِري رهي نہ ٺِڪردي
لڙھہ ڪر يارو ٿئي جارواني ٽڪران نال ٽڪردي
ليٽ پليٽ اُليٽ گهڙي ڪون ڳئي نال تاران دي تردي
سمجهئون ساهڙ سڏڙي ڪريندي پُس موڙي موت ازل دي
هُڻ آندي ڏون ملائڪ پڇاڻي جوڙ بندي دفتر دي
آکيندي هي قسم توسان ڪون خدا دا ميڪون ڏس ڏيوو ميھردي
ضامن ٿيس رسول سچا جو ڪنڌ ڪِتُس محشردي
پئي وڃ حسنين دي پاڙي وچ شھيد شھردي
اي ” چاڪر“ چا رک هردم دل وچ حُب علي حيدردي.

فقير چاڪر خان رستماڻي جو قلندري شعر

*
آءُ توکي شھنشاھہ قلندر نہ چوان ڇو؟
اولاد نبي آل پيغمبر نہ چوان ڇو؟
دل گوش تون شبير جو شبر نہ چوان ڇو؟
دم مست قلندر اچي تو در نہ چوان ڇو؟

*

شھہ غوث قطب لال لکي لال لعل تون
تون مرجين جي بحرين جو روشن جمال تون
خود هُدا نور خدا نور نھال تون
سر بسر عنايت جو بحر بھر حال تون
رھہ راھہ هدايت جي رخ رهبر نہ چوان ڇو؟

*
سر چھرو قلنگيءَ بر سر نور جون نيلون
گُل جاءِ گُلابن ۾ مٿي موڙ مديلون
مھتاب مُنارن تي ٻَرن ڪوڙين قنديلون
بتيون باغ ستارن جي مثل سُرخ سفيلون
فردوس تنھنجي صحن برابر نہ چوان ڇو؟

*
تون شاھہ شھنشاھہ شيعو پاڪ جعفري
جسم علي مُبارڪ سرتاج سروري
اِبن الحُسين هادي خورشيد انوري
فقراھہ تنھنجي فيض وارو عملو حيدري
آءُ توکي آلِ عطرتہ اظھر نہ چوان ڇو؟
*
شريعت ۾ تنھنجي طريقت تمام آ
حقيقت اوهان جي در تي معرفت مدام آ
زبان حنفي حنبلي کي ورد صبح شام آ
تنھنجو شافي مالڪي کي اصُل کان احرام آ
ڪُل مُسلمن جو مير مُهاجر نہ چوان ڇو؟

*
سِر لعل صدر لعل جسم لعل جوهر لعل
گل لالِ گوهر لالِ بيغ برغ ثمر لالِ
عرش لعل قرش لعل شمس لعل قمر لعل
دَر لعل کي هيرو ۽ جواهر نہ چوان ڇو؟

*
مئي مست مُغان مست فيض مست فڪر مست
اندر عشق اثر مست تيغ مست تبر مست
علم زير زَبر مست زمين مست ضمن مست
مستو مست مضنفر کي غضنفر نہ چوان ڇو؟
*
يا لعل حسيني تون شھباز قلندر
مُشڪل منھنجي حل ڪر تھہ تاج قلندر
مسڪين مداحي جو جو ٻُڌ آواز قلندر
ڪر پنھنجي گدا گر کي سرفراز قلندر
” چاڪر “ کي تنھنجي در جو ثناگر نہ چوان ڇو؟

سُگهڙ مانجهي ڊکڻ

سُگهڙ مانجهي ڊکڻ ڪاڇي جي ڳوٺ حاصل خان لغاري جو ويٺل هو. هن سُگهڙ شاعر بابت رئيس مينھون خان جنگواڻي جمالي ۽ رئيس نبي بخش لنڊ جي روايتن کي ڀيٽي، نقُل ڪندي ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو تہ، ”سُگهڙ مانجهي ڊکڻ تعلقي جوهيءَ جي ڳوٺ قصبي لڳ، حاصل خان لغاري جي ڳوٺ جو ويٺل هو ۽ سئو کن سال اڳ ٿي گُذريو آهي. (ص_167) ڊاڪٽر بلوچ جي ‘سنڌ جي سينگار شاعري‘ ڪتاب ۾ درج ڪيل روايتن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو تہ سُگهڙ مانجهي ڊکڻ ٽالپورن جي آخري دور جو ٿي گُذريو آهي. ڇاڪاڻ تہ ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن علائقي ۾ 1954ع کان 1958ع تائين سُگهڙن سان ڪچھريون ڪيون، ۽ معلومات حاصل ڪئي هُئي. مانجهي ڊکڻ جي هيٺ ڏنل سينگار شاعريءَ جي بعُور مطالعي منجهان پتو پوي ٿو تہ باڪمال شاعر هو، ۽ سندس شاعريءَ جو وڏو خزانو هوندو پر وقت ۽ حالتن جي ستم ظريفيءَ جي دز سندس مواد ناپيد ڪري ڇڏيو.

سُگهڙ مانجهي ڊکڻ جو سينگار وارو شعر،

وَه وَه وَيس ، اَبر تو ڪيس ، لپيٽيا سيس ، چوان آديس.
سُنبل سُم ڪارا
تنهجي تار ، تہ ڪيف ڪنار ، ڄاڻان شھہ مار، زلف زيدار
ڀرن هُٻڪارا
مَمولا مين ، طرح ۾ تِين ”نہ ، آهو غمگين، ساڻن سنگين، جاءِ نشين
ڪن نظارا
اَنف اَننگُ ، تھين کي ٻنگ، تہ خوب ختنگ، مچاوي جنگ
پرين تو پارا
کنيا تو ڇم ، تہ لاٿئي غم .............................................................
تائب ٿيا تارا
سندي تو لات ،..............................................................................
مانجهي ڊاکاڻ، پارس پاهاڻ، گهُري ٿو ڏاڻ، تہ پاڻ سراڻ، لھي ڪاراڻ،
ٿيوي ڇُٽڪارا

سُگهڙ مُريد خان چانڊيو

سُگهڙ مُريد خان چانڊيو جا وڏڙا اصل ۾ جوهيءَ تعلقي جي ڪاڇي واري علائقي ۾ مُقيم هُئا. بعد ۾ وڃي لڌاڻ ۾ لڏي ويٺا سندن وڏڙو باغو چانڊيو ميان نصير محمد ڪلھوڙي جو خاص معتقد ۽ تاجي ليکي اول جو خاص صحبتي هو، باغو چانڊيي ۽ تاجو ليکي اول ميان نصير محمد ڪلھوڙي جي قبرستان ۾ هڪ ئي مقبري ۾ دفن ٿيل آهن.
باغي چانڊئي جي نُک منجهان چانڊيا، باغائي چانڊيا سڏجڻ ۾ آيا. ڳوٺ واهي برادري ڀرسان باغائي چانڊين جو قبرستان پڻ هئو جيڪو اڄ گاج نئن جي پائي وڃڻ سبب صفحهءِ هستي تان ميسارجي ويو آهي. ڪاڇي جي مشھور سخي حيات خان چانڊيو بہ باغائي چانڊين منجهان هو. ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو تہ مُريد خان پٽ ڪرم علي خان چانڊيو، پاڙو طاهر ڪوٽي باغائي ويٺل ڳوٺ لڌاڻ (بعد ۾) تعلقو جوهيءَ، پنھنجي دور جو وڏو سُگهڙ هو. سئو سالن کان مٿي عمر ۾ سن 1956ع ڌاري وفات ڪيائين (ص_174) سُگهڙ مُريد خان سينگار شاعريءَ جو ڪمال درجي جو سُگهڙ شاعر هو. محبوب جي سينگار، سونھن ۽ حُسناڪيءَ جي بيان سندس شعرن منجهان لَکائي سگهجي ٿو.

سُگهڙ مُريد چانڊيي جو سينگار وارو شعر:

مونکي واه وڻن ، سھج بہ تنھنجا سانوري
ڪاري ڪاريھر جان ، وڌا ونگ وارن
ڀنڀا وار ڀِرُن تي جاڙا ٿا جُڙن
اکيون ڪيف ڪڪوريون آليون عجيبن
چِلڪي بيٺي چَپ تي سُرکي سئو ڀيرن
موتي ڏند پريانء جا جڙيا جنسارن
هئو هس ڳچيءَ ۾ دُهري ني دوسن
بازو بند بنائيا سي ٽيلي ساڻ ٽيلن
مُنڊي مون محبوب جي ڏاڍي ٽِنڊ ٽِڪن
آره انار عجيب جا جت گوشا ڪيا گُلن
ليث ڀينگي؟ لڪ ڏسي جٿ لرزيا لوءِ وڃن(1)
پاريھر پيرن تي پيا ڪڪڙا ڪيرت ڪن
هنجه هستي حيران ٿيا پيو مونجهارو مورن
پرور وجهہ پِرين ، مون ڏي ماڙ مريد چئي.

سُگهڙ مُريد خان چانڊيي هيٺيون سينگار جو نظم ”هندي“ اسلوب ۾ چيو تہ:

ڪَرون بسم ﷲ جو ساجن چليا
کُليئي ڪيس ڪالي ڪاريھر ڪريا
ڏي ڀئونرا ڀَنواٽي پَٽ تي پيا
ڏٺي عين آهو چيھل وڃ ڇپيا
اڳون انف طوطا ڪِيَل هي ڪُجا
روشن رُخ تيرا مند ر مست ٿيا
ڪرن کيل کِنوڻان آسمانا شُعا
سٻوجهي سڄڻ ميل هر بَن هُوا
لبن لال لالِي هِنڊوا هنيا
ڏٺي ڏند موتيين ڪيتي جر جا
پسي ڪنڌ ڪونجين ٿيا عرشين اُڏا
سيني ڪا سلامي ڪو تجمل هُوا
کُليي گُل گوء نٽي وچ باغين بنا
ڏٺي چين چيتا ڳيا پُٺ لُڪا
پاريھر پکي آ پيران تي پيا
ڇُڙي چار چئنچل گنير نا گِڙيا
رکون حُب تيري سخي مُرتضي
مھر ڪر ” مُريد “ تي مُشڪل ڪُشا
سڀئي رنگ عجائب جنھنور جُڙيا.

سُگهڙ رمضان

هن سُگهڙ بابت ڪوبہ سربستو احوال ملي نہ سگهيو آهي. پنھنجي دور جو يگانو سُگهڙ شاعر هو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن سُگهڙ شاعر بابت ڪو خاص احوال درج نہ ڪيو آهي. صرف ايترو لکي ٿو تہ رمضان غالبن چانڊيو هو ۽ بيگاري لڳ تعلقي جوهيءَ جو ويٺل هو. سندس هيٺيون بيت اُن طرف ڪيل ڪچھري ۾ قلمبند ڪيو ويو.

سُگهڙ رمضان جو بيت

لوڏ ڪنَجل، ڪٽ ڪَيسِري، ٿن، اوتَر نوفَ نَتَرَ
اَونوَر کان اَونھا پرين، هِن سِهَ ڳلو، ڪَٽ سَر
سِرنگهان سال پرين جي، ڪَرڪن ڪوئل ڪَر
چَنجَڻيان ٿِئو چَانجو هو، چمڪي منجهہ چَچَر
ڀَريون پِريان جي پَر، رُتيون نا ” رمضان “ چئي.

سُگهڙ قادر بخش مري

ڊاڪٽر بلوچ ’سنڌ جي سنيگار شاعري‘ ۾ لکيو آهي تہ سُگهڙ قادر بخش جوهيءَ تعلقي جي ڳوٺ ميرڻ ڪوٽ جو ويٺل هو. پنھنجي وقت جي وڏن شاعرن مان هو. هن سُگهڙ شاعر جي شعر جي اُتر توڙي لاڙ سنڌ ۾ هُوڪَ هُئي.(ص_224) ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب سُگهڙ قادر بخش توڙي سندس شعر جو ذڪر سنڌ جي ڪافي سُگهڙن کان ٻڌو، سُگهڙ قادر بخش ڪيترائي بيت سُگهڙ جلال کٽي جي بيتن جي ڀَران چيل آهن.
سُگهڙ قادر بخش مري جا بيت ۽ سينگار تخيل، ٻوليءَ ۽ فني ڪمال جو اعلي مظھر آهن. سندس سينگار شاعري ۽ بيت محبوب جي حسن ۽ سينگار جي ذڪر سان ٽمٽار آهن.
سُگهڙ قادر بخش جو سينگار وارو شعر

(1)

تُفَنگ تَلھير تِين نہ ، جِيئن عَينَ اَڻانگا ڪامڻي
ٺَهي بيک بَنِيئَل جي ، واسينگ جي وَصبِين
هيءَ لاله ڇا لِبيس ڪندي، محب اڳيان مِسڪين
ديھيءِ، تِنھنجي ڌم ڇِپَايا، چيلھہ ڇيلاٽي چِين
اهڙي، سُرت سجِين، مون کان هنِيون“ هوت وٺي

(2)

تُڪا تلهِير تين، نہ، جئن آهُو نين عجيب جا
ماريس انھيءَ مامري، جو وٽن ويٺيس ڪين
مٺي ٻولي ٻاجه ڀرين جي ڪوئل ڄاڻي ڪين
اِنھينءَ سُرت سُجين، هينئڙو هوت کڻي ويا.

(3)

تَلِيهَر رَي نہ تُرڻا، جن جي منھن منجهہ مِين فَمين
ڳُڻ ڳورائي اُن جي، ڪاف برابر ڪينِ
سُونھن سورج کنئون اڳري، ڪنڌ ڪوئل دَرَھہ ديِن
مُٺيس ڪندا مامرو، آئون وٽن ويٺيس ڪينِ
اهڙيءَ سُرت سُجين، منھنجا آهن قريب قادر بخش چئي.
____

لوڏي لاڏ ڀريو، ٻئي کنيائين ٻانھڙيون
ڪامڻ جون، قادر چئي، آهن اکيون آب ڀريون
وتي واسينگن جان، وِھہ سان وات ڀريون
پَسِي اوشَ ان جا، وڄون اُت وَريون
سورج سج سلام ڪري، ڌرتيءَ نرڙ ڌريون
پاسي منجهہ پَريون، عرض چونديون آئيون
*

سُگهڙ حيات لغاري

بلوچ صاحب موجب سُگهڙ حيات لغاري ٽالپورن جي دور ۾ ڪاڇي جو تمام وڏو ڪافي گو شاعر ٿي گذريو آهي. هن شاعر بابت ڪا بہ مستند معلومات ملي نہ سگهي آهي، حيات ٻوڙي جي نالي سان مشھور حيات لغاري جو تعلق غالبن جوهيءَ تعلقي جي ڳوٺ قصبي سان هئو. هڪ ڪلام قلات جي خان خدادا خان جي تعريف ۾ چيائين، جيڪو 1873ع ۾ شڪارپور ۾ انگريزن طرفان منعقد ڪيل درٻار ۾ شريڪ ٿيو هو. ان مان ظاهر آهي تہ حيات لغاري خداداد خان واري دور 1857ع_ 1893ع ۾ ٿي گُذريو آهي (ص_ 493)
حيات لغاري، سنڌ جي يگاني شاعر حمل لغاريءَ جو هم عصر شاعر هو، حمل لغاري جي پيءُ رحيم خان لغاري سان پڻ سندس شاعراڻا مارڪا ٿيا.. رحيم خان لغاري سان بيتن ۾ سوال جواب ڪيائين، رحيم لغاري مارئي تي معيار رکندي چيو تہ؛

چڙهي ويٺينءَ چانگي تي، هاري وجهي هٿ،
توڙي ڪُسي ٻڪري، تہ ڀي چوري لَت
تو کون ڪي ڪجهہ ايتري هڏن نہ ٿي همت؛
تو ڀي ڏسي سلابت، اٺائي ڏني اٺ تي!
اهو شعر جڏهن حيات لغاري جي ڪنين پيو تہ تڏهن هن جواب ۾ بيت چيو جنھن جون ڪي مصراعون هيءُ هُيون؛ (ص_19، ڪليات حمل)
*

جڏهن عمر کنئي هئي مارئي، تڏهين چارڻ هئا چوڌار
شاعر عبدالطيف هو، جنھن کي هئي ڳجه جي خبر چار،
پر ڪنھن بہ ڪچو نہ ڪيو، مارئي کي ساري سڀ ڄمار؛
تون شاعر آهين ڪينڪي، آهين اَياڻو ٻار!

هن شعر ۾ حيات لغاري اڳتي هلي، رحيم لغاريءَ تي جهل ڪئي. انھي شعر جي جواب ۾ وري حمل لغاري هيٺيون شعر چيو:
*
شاعر آهين ڪينڪي، پر آهين اناڙي،
شاعر هو ٻروچ، سو سنڌ سِري ناڙي،
تنھن کان توکي ڪيئن لڳي، احمق اماڙي؟
جان آهين مِٽ مارئيءَ جو، جان عمر جو ڀاڙي،
ڪُٽئين هوند ڪياڙي، جي حاضر هئان ”حمل“ چئي!

اهو شعر ٻڌندي حيات لغاري ورنديءَ ۾ هڪ سخت بيت چوائي موڪليو جنھن جي جواب ۾ حمل چڙ کائيندي هيٺيون بيت چوائي موڪليو:

شاعر آهين ڪينڪي، آهين رڳي جهَڪ،
ڪين ڇڏين ٿو پانھنجي، اها ٽيڙي ۽ ٽڪ،
پنھنجا ڪتا، پنھنجن کي ڇتا وجهہ مَ چڪ،
ڪپيانءِ هوند نَڪ، جي حاضر هئان ”حمل“ چئي!
اهڙي طرح ٻنھي شاعرن جي بيتن وسيلي مارڪا آرائي هلندي رهي. حيات لغاري ڪافيءَ جو با ڪمال شاعر هو. سندس ڪافيون، ڪافيءَ جي فني سٽاءُ ۽ موسيقيت جي حوالي سان ظاهر ڪن ٿيون تہ حيات لغاري ڪافيءَ جو تمام وڏو شاعر هو. سندس ڪافين جو فني ۽ فڪري جائزو وٺڻ سان معلوم ٿيندو تہ فن، موسيقي ۽ خيال جي حوالي سان ڀرپور آهن. سندس ڪجهہ ڪافيون هيٺ ڏجن ٿيون.

ڪافي(1)

ادا ڪانگا ! ڪر ڪا تياري
منھنجي پرين کي ڏي وڃي خبر ساري

ڀانيان ٿي ڀر ۾ پرين آيا ٿم پاڻ
جي چوريان پاسو تہ آهن سڄڻ مان“ ساڻ
ساري سڏ ڪيان، ڪڍي آھہ تنھنجي ڪاڻ
ننڊ ۾ نماڻيءَ کي ڏيئي ويا ڏيکاري

پِريَن سندا پُور پل نہ ٿين پري
ڪيو اچن گهُور فوجان“ ساڻ ڪري
ڏسي تنھنجا ڏيل دم دم دل گهُري
جادو جيءَ اندر لائي ويم جاري

پانڌي ڏي پيغام سڄڻ کي ساري
اهڙي نہ گهُرجي ويھہ ن ساري
دلبر ديدن سان ويو دلڙي ڌتاري
محبت اَنھن جي ڳل پئي آهي ڳاري.

ڪافي (2)

مين تہ راجهن دي نال ويسان
ايھو کيڙا گهول گهمائيسان
هي عرض ڪريندا الاهي، ٻيلي رهبر راهنمائي
ويکان روضي دي آشنائي، مئن تان سھجون سجدا ڏيسان
گهڻا ڪر ڪر رهيان مئن حيلا، ڇوڙيا ماءُ پِيوُ خويش قبيلا
ميڏا رانجهن ٿيسي رسيلا، مئن چُم اکيان سِر چَئسان
ڏاڍي برھہ بنائي بازي، اڳُون تُلسي تو ر ترازي
جڏان آپ ٿيسي رب قاضي، مئن ڪھڙا جواب ڪريسان
”حيات“ آکي رانجهن ملسي، ٽور اڳڻ آ ساڏي ٽِلسي
گهونگهٽ لاھہ سھڻا خوش کِلسي، مئن سِر قربان ڪريسان

ڪافي (3)

وَسئي خان خداداد خاني
هوسئِي رحمت روز رباني

تَئن تي خان خدا دا سايا، هوسين روزون روز سوايا
هوسئِي نور نبي دا رايا، تيڏي مدد شاھہ جيلاني

تئن تان چڙهدئين نال فوجان دي، لکين سوار هزارين پيادي
تيڏي منَصبدار شھزادي، صِفان کڙدي جوڙ ڪماني

تئن تان وچ ڪچھري ٻہدا، تيڏا جڳ سلامي رهندا
تيڏا منصب تيڪون ڊهندا، هي حڪم شير شھاني

ٻَڌ شَملا چَڙهدئِين رنگي ، سِر سونھي تاج ڪلنگي
ڪلھي لعل لَٻر دِي لونگي، خلقت ويگڻ ڪاڻ حيراني

وڄن ساز سُروندي ڀيران، ڪَنين پووَن لوڪ تنواران
مئن تہ لکين شڪر گذاران، تيڏا حڪم دين دا باني

ڏِتئي راھہ انگريز ڪون رستا، ڪيتوئي دين ڪفر دا خستا
لکين بار ٻَڌوي بَستا، ڪيتوئي فرنگي ڏيھہ وچ ڏاني

گهت سنج سونھري گهوڙي، شل منصب هوسئي ڏوڙي
منگي دا ”حيات“ هٿ جوڙي، پڙھہ حمد سئَورہ فرقاني.
*