ناول

پئسو

عبدالحفيظ ڀٽي گهڻ پڙھيو ۽ سماجي رابطن واري سڀني پيلٽ فارمز تي سرگرم آھي. ھو شاعري ۽ تخليقون سرجيندو رھي ٿو. ”پئسو“ سندس پھريون ناوليٽ آهي. هن ناوليٽ ۾ عبدالحفيظ ڀٽيءَ دنيا ۾ دولت جي اهميت، انساني قدر، سماجي طبقاتي نظام ۽ پاڻھپي جي قتل عام جو اسڪيچ ٺاهيو آهي. ھو  بي باڪيءَ سان لکي ٿو، هن ناوليٽ ۾ ڪٿي حقيقي تہ ڪٿي تجريدي انداز ۾ لکيو ويو آهي،

  • 4.5/5.0
  • 9
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Paiso

حق ۽ واسطا محفوظ

ڪتاب: پئسو
موضوع: ناوليٽ
ليکڪ: انجنيئر اي- ايڇ ڀٽي
ڪمپوزنگ: سعيد مرتضيٰ
ٽائيٽل لي آئوٽ: زين ڪمپيوٽرس ڪراچي
ڇاپو: پھريون
مھينو، سال: فيبروي 2025ع
ڇپائيندڙ: مرڪ پبليڪيشن ڪراچي

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2026ع


It is not necessary for the institution
to agree with the author's Content
Published By: Murk Publication Karachi
Office: Room No 319/320 3rd Floor Sabir manzil 98
Behind Gul Plaza Marston Road Karachi
murk.publication@gmail.com
murtazalaghari64@gmail.com
021-32772494

ملھہ: 300 رپيا

ارپنا

غربت جي ناءُ تي
ڀٽڪندڙ روحن جي ناءِ

سنڌ سلامت پاران

سنڌسلامت ڪتاب گهر پاران انجنيئر اي ايڇ ڀٽيءَ (عبدالحفيظ ڀٽي)جو لکيل ناوليٽ ”پئسو“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
عبدالحفيظ ڀٽي گهڻ پڙھيو ۽ سماجي رابطن واري سڀني پيلٽ فارمز تي سرگرم آھي. ھو شاعري ۽ تخليقون سرجيندو رھي ٿو. ”پئسو“ سندس پھريون ناوليٽ آهي. هن ناوليٽ ۾ عبدالحفيظ ڀٽيءَ دنيا ۾ دولت جي اهميت، انساني قدر، سماجي طبقاتي نظام ۽ پاڻھپي جي قتل عام جو اسڪيچ ٺاهيو آهي. ھو بي باڪيءَ سان لکي ٿو، هن ناوليٽ ۾ ڪٿي حقيقي تہ ڪٿي تجريدي انداز ۾ لکيو ويو آهي،
ھي ڪتاب مُرڪ پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران 2025ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون انجنيئر اي ايڇ ڀٽي ۽ مرڪ پبليڪيشن جي سرواڻ مرتضيٰ لغاريءَ جا جن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پبلشر نوٽ

انجنيئر اي – ايڇ ڀٽي (انجنيئر عبدالحفيظ ڀٽي) صلاحيتن وارو نوجوان آهي، سندس شعبو انجنيئرنگ آهي، پنھنجي شعبي ۾ ڪاميابي ماڻيندي سترهين گريڊ جو ميونسپل آفيسر ٿي ويو آهي.
ادب ۾ هونئن تہ سندس سگهاري سڃاڻپ پڙهندڙ واري اٿس، نہ رڳو سنڌي پر اردو توڙي انگريزيءَ جا ڪتاب بہ پڙهندو رهي ٿو، ان کان علاوہ سوشل ميڊيا، جي مڙني پليٽ فارمن تي سرگرم آهي، اي آءِ جي دنيا بابت بہ ڄاڻ ڌاري ٿو، اُهو ئي سبب آهي جو عام نوجوانن کان وڌيڪ تيزيءَ سان دنيا جي ڪاروهنوار کي سمجهي سگهي ٿو ۽ اُن ۾ گِهڙي وڃي ٿو، سوشل ميڊيا ذريعي سندس سڃاڻپ دنيا جي گهڻ مُلڪي نوجوانن توڙي سينيئرن سان اٿس.
اِن کان اڳ گڏيل شاعريءَ جي ڪتاب ”روشنيءَ جا رنگ“ ۾ سندس ڪوتائون ڇپيون، انھيءَ ڪتاب تي بہ کيس سُٺي پذيرائي ملي، ان ڪري ادب ۾ سندس پھرين سڃاڻپ شاعري بڻي.
مختلف اخبارن توڙي رسالن ۾ ڪالم ۽ مضمون
لکندو شايع ٿيندو رهي ٿو.
”پئسو“ سندس پھريون ناوليٽ آهي. هن ناوليٽ ۾ ليکڪ دنيا ۾ دولت جي اهميت، انساني قدر، سماجي طبقاتي نظام ۽ پاڻھپي جي قتل عام جو اسڪيچ ٺاهيو آهي. عبدالحفيظ ڀٽيءَ کي ديني توڙي دنوي شعور آهي، هو سماج کي ٻنھي نظرين سان ڏسي ٿو ۽ سمجهي ٿو، اُهو ئي سبب آهي جو بي باڪيءَ سان لکي ٿو، هن ناوليٽ ۾ ڪٿي حقيقي تہ ڪٿي تجريدي انداز اپنايو ويو آهي، هي ناوليٽ دانشورن توڙي نقادن جي نظر ۾ ڪٿي بہ بيھي پر هن نوجوان ليکڪ ننڍڙي تحرير ذريعي نقاب پوش ڪردارن کي پڌرو ڪيو آهي، سندس لکڻيءَ جو معيار وقت ۽ پڙهندڙ پرکي سگهن ٿا، پر پھرين ڪوشش کيس منفرد ليکڪ طور سامھون آندو آهي.
مرڪ پبليڪيشن ڪراچيءَ طرفان وقت بہ وقت سينيئر توڙي جونيئر ليکڪن جا معياري ۽ منفرد ڪتاب شايع ڪري پڙهندڙن تائين پھچايا آهن، هي ننڍڙو ڪتاب پڻ اهڙي ڪوشش جي ڪڙي آهي، اميد تہ ليکڪ توڙي اداري جي محنت صاب پوندي.

ادارو

قلم جو ڏيئو

عبدالحفيظ ڀٽي صاحب جي شخصيت ادب ۽ انسانيت جو حسين ميلاپ آهي. هو هڪ اهڙو شاعر ۽ ليکڪ آهي، جنھن جون لکڻيون دل جي گھرائين کي ڇھي ڇڏين ٿيون ۽ پڙهندڙ کي هڪ نئين دنيا ۾ وٺي وڃن ٿيون. سندس قلم رڳو لفظن جو ميلاپ نہ آهي پر احساسن، خيالن ۽ زندگي جي حقيقي پھلوئن جو آئينو آهي. هڪ شاعر جي حيثيت سان سندس شاعري لفظن جي موسيقي آهي، جتي هر شعر هڪ ڪھاڻي ٻڌائي ٿو ۽ هر بند دل جي ڌڙڪن سان هم آهنگ ٿيندو آهي. سندس شاعري زندگي جي پيچيدہ موضوعن کي اهڙي خوبصورتي سان بيان ڪري ٿي جو پڙهندڙ حيرت ۽ سرشاري ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو . هڪ ليکڪ جي حيثيت سان، هو خيالن کي ڪھاڻين ۽ موضوعن جي صورت ۾ پيش ڪرڻ جو فن رکي ٿو. سندس لکڻيون نہ رڳو زندگيءَ جي گهاٽن فلسفن کي بيان ڪن ٿيون پر پڙهندڙ کي زندگي جي حقيقتن کي بھتر نموني سمجهڻ ۾ مدد ڏين ٿيون. هن جي لکڻين ۾ تخليق، علم ۽ حقيقت جو هڪ خوبصورت ميلاپ ملي ٿو، جيڪو پڙهندڙ کي متاثر ڪرڻ کانسواءِ نٿو رهي.
عبدالحفيظ ڀٽي صاحب جي سڀ کان وڏي خوبي سندس خلوص ۽ ٻين لاءِ مدد جو جذبو آهي. هو هڪ اهڙو دوست آهي، جنھن جي موجودگي هميشہ حوصلا افزائي جو باعث بڻجي ٿي. هن جو ساٿ هڪ روشن ڏيئي جيان آهي، جيڪو رستي کي هميشہ روشن رکندو آهي.
عبدالحفيظ ڀٽيءَ جو ايندڙ ناوليٽ ”پئسو “ سندس شخصيت ۽ فن جو آئينو آهي. مون کي يقين آهي تہ هي ڪتاب پڙهندڙن کي متاثر ڪندو ۽ ادب جي ميدان ۾ هڪ نئين روشني آڻيندو. مان سندس هن ڪاوش کي دل سان ساراهيان ٿي ۽ دعاگو آهيان تہ هن جو قلم هميشہ اهڙي طرح روشن رهي ۽ ڪاميابين جو سفر جاري رکي.


سيدہ ياسمين علي شاھہ
پريذيڊنٽ وومين ونگ
ھيومن رائيٽس انٽرنيشنل

اي ايڇ ڀٽيءَ جو ناوليٽ: ”پئسو“

اي- ايڇ ڀٽيءَ جو لکيل ناوليٽ ”پئسو“ پڙھي ايئن محسوس ٿئي ٿو، ڄڻ ڪنھن دردن جي پيڙاءَ کي محسوس ڪندي، ڏکن ۽ ڏولاون واري سمنڊ ۾ گوتا کائيندڙ ٻيڙي کي ساحل جي ڪنھن ڪناري تي پھچايو ھجي. سندس لکڻيءَ ۾ ھڪ اھڙي جنگ جو بيان آھي جتي زندگيءَ جو ھر رنگ، جدوجھد، حوصلي ۽ ھمت جو عڪس پيش ٿئي ٿو. ھن جي لکڻي ۾ نہ صرف پاڻ سان وڙھندڙ ٻار، پر جوانيءَ جي شعلن جون چڻگون پڻ محسوس ڪري سگهجن ٿيون تہ روح جي زخمن جا نشان بہ... ھن ناول جي خوبصورتي اھا آھي تہ اي- ايڇ- ڀٽي جتي پئسي جي طاقت کي محسوس ڪيو آھي، اتي ئي ان جي نفي بہ ڪري خوداعتمادي ۽ حوصلا افزائي جو سبق ڏيندي پئسي جي اھميت کي مات ڏئي، ذھني اوسر جي نشونما پڻ ڪئي آھي، ھو زندگي سان پيار ڪرڻ سيکاري ٿو، جتي سندس مضبوط ارادن، باھمت خيالن جا مثال ملن ٿا. ناول کي پڙھندي ھو بانبڙا پائيندڙ ٻار لڳي ٿو، جيڪو پھريون ڀيرو ھلڻ سکي ٿو. ھلندي ڪري ٿو ۽ وري پاڻ ئي اٿي پٺتي ڏسي، کلي وري اڳتي وڌي ٿو، اھو اميد جو ھڪڙو بھترين مثال آھي تہ بانبڙا پائي بہ اٿڻو آھي. سندس لکڻيءَ ۾ جماليات بہ آهي ته، پورهيت جو عڪس پڻ، نہ رڳو اهو پر آمريڪا جا عڪس ۽ اتان جي بيچ جي خوابن ۽ خيالن جي لُڇ بہ محسوس ڪري سگهجي ٿي، ان کان علاوہ ان جي اندر جي فطري خوبصورتي ۽ فڪري پختگي پڻ عيان آهي. ھو پنھنجي اندر جي پيڙاءَ لفظن جي اھڙي انداز ۾ ماڻھن تائين پھچائي ٿو، جيڪو پڙھندڙن جي دل ۽ دماغ تي فوري اثر ڪري ٿو، ٻئي طرف ھو زندگيءَ جي المين کي اڀاري ٿو. ناول پڙھڻ سان نہ صرف حوصلو وڌي ٿو پر علم ۾ بہ اضافو ٿئي ٿو، ذھني اوسر ٿئي ٿي. ھن پئسي کي غريبن جي مدد جو سبق ڏئي رواداريءَ جو لازوال مثال قائم ڪيو آھي. پئسي جي اصل طاقت ماڻھن جي مدد ڪرڻ ۽ انھن جي بقا ۾ آھي، ليکڪ ٻڌائي ٿو تہ حسد بدران وسيع سوچ، حقيقت پسنديءَ کي اجاگر ڪندي ڪائناتي شعور کي اجاگر ڪري ذھني تفريق مان نڪرڻ جو رستو آھي. ھن محرومين کي پنھنجي طاقت تسليم ڪري پاڻ سان انصاف ڪيو آهي، جيڪو سھڻي ورتاءُ ۽ مثبت سوچ جو ھڪ طاقتور ستون آھي. ناوليٽ جو سڀ کان خوبصورت ۽ طاقتور جز عورت جي تعليم تي زور ڏيڻ ان جي عظمت کي سمجهندي ان جي برابري کي نہ صرف تسليم ڪرڻ آھي، بلڪ ان جي آزاديءَ کان وٺي سندس عزت ۽ گهر جي بقا آهي، ٻارڙن جي تربيت آهي. ڇاڪاڻ تہ عورت حقيقت آھي، جيڪا محبت، عشق ۽ سڪون آھي، هن اھڙي بھترين ڀيٽا ڏئي عورت جي ڪردار کي معتبر ڪيو آھي، ھن جي اندر ڪيئي اڻ چيل ڪھاڻيون نظر اچن ٿيون.
اي ايڇ ڀٽي درد مند دل رکي ٿو، مشڪل وقت ۽ حالتن جو مقابلو سيکاري ٿو، منھنجي خواھش آھي تہ ھو لکندو رھي، ڇو تہ ھن انفرادي مقصد کي اجتماعي مقصد جو عملي جامو پارايو آھي، سندس لکڻي انسانيت جو ھڪ سچو نمونو ۽ روحاني سرچشمو آھي.


انجنيئر سعديہ رياض
اڳوڻي وائيس پريذيڊنٽ سانا ڪيناڊا

دنيا سان جڙيل شھدادڪوٽ جو ليکڪ انجنيئر عبدالحفيظ ڀٽي

شھدادڪوٽ جي علمي ادبي سفر جا سونھان هونئن تہ سينيئر ٽھيءَ جا کوڙ سارا تخليقڪار دوست رهيا، جن ۾ استاد پيرل قمبر سر فھرست آهي. ان کان پوءِ جي ٽھيءَ ۾ عبدﷲ شاھہ اطھر، ضمير کرل، انور ڪليم، طارق خشڪ، گل محمد شاھہ ”گُل“ بخاري، ناشاد رشيد مستوئي، عبدالرشيد خانواهي سميت ڪيترائي قلم ڌڻي خوبصورت سڃاڻپ جا مالڪ رهيا آهن. اهو سلسلو اڳتي وڌي عبدالحفيظ ڀٽيءَ تائين پھتو آهي، جيتوڻيڪ اڃا بہ اڳتي سفر جاري آهي.
عبدالحفيظ ڀٽي بنيادي طور پڙهيو ڳڙهيو نوجوان انجنيئر آهي، ويجهي ماضيءَ ۾ ميونسپل آفيسر طور سندس سليڪشن ٿي آهي. مون ڏٺو آهي تہ هن نوجوان ۾ پڙهڻ جي گهڻي عادت آهي، نہ رڳو سنڌي ادب پر انگريزي لٽريچر بہ پڙهي ٿو، اُهو ئي سبب آهي جو سُٺو لکڻ جو ڏانءُ بہ اٿس.
ويجهڙ ۾ سندس ناوليٽ ”پئسو“ اکين اڳيان گذريو، مون کي خوشي ٿي، سندس ان همت تي پھريان تہ آئون کيس داد ڏيان ٿو، پر ان تي ٻہ اکر لکڻ کان رهي نہ سگهيس. پئسو موجودہ دور ۾ ڪيترو قيمتي آهي، اُن جي اهميت، انفردايت ۽ ضرورت هن ناوليٽ جو موضوع آهي.
عبدالحفيظ جي لکڻ جو انداز خوبصورت آهي، ناوليٽ ۾ سمايل سندس قلم مان عيان ٿيندڙ دنيا جا الاهي رنگ آهن، هن ۾ اڇا اجرا احساس آهن، انداز آهن، احوال آهن، قيمتي راءِ آهي، اُهو ئي سبب آهي جو تحرير پڙهندي ذهن کي جنجهوڙي وجهي ٿي. هر تحرير ليکڪ جي اُن وقت تائين ملڪيت هجي ٿي جيستائين اُها سندس ڊائريءَ ۾ قلم بند هجي، پر ڇپجي اچڻ کان پوءِ اُها تحرير پڙهندڙن جي ملڪيت ٿي وڃي ٿي، هي ناوليٽ ”پئسو“ اڄ پڙهندڙن جي مليڪت ٿيڻ وڃي پيو.
انجنيئر عبدالحفيظ ڀٽي فڪشن ۾ لکڻ جو پھريون تجربو ڪيو آهي، هن بي باڪيءَ سان لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هن ملڪيت جا مالڪ پڙهندڙ ئي ان جو تعين ڪندا، اميد تہ کين ليکڪ جي هي محنت ضرور پسند ايندي. بحيثيت سندس ڳوٺائي مان کيس هن ڪم تي جس ڏيان ٿو.

عبدالواحد سومرو
ڪراچي

ليکڪ پاران:

ننڍپڻ ڪجهہ عجيب گذريو جنھن کي پاڻ بي سڌ دور جو نالو ڏجي تہ بھتر آھي ڇو تہ بھتر دور جا ٻہ پاسا آھن ھڪ جيڪو بھتري جو پاڪ سفر آھي ان جي قيمت سکڻ واري دور مان گذري ادا ڪرڻي پوي ٿي. سيکڙاٽ مرحلو ڏاڍو بي ساھو ٿئي ٿو ان ۾ خوشبو جي ڪمي ۽ شعور جو شور ڪنن ڏانھن تيز ڊوڙ ڪري ٿو جنھن جو گوڙ وسعت دل ۽ ذھن رکڻ وارو ئي ٻڌي ۽ برداشت ڪري سگهي ٿو، ممڪن آھي ننڍي دل وارو شور ٻڌڻ سان دل جي پڙدي ڦاٽڻ سبب خيالي ڊپريشن جو شڪار ٿي وڃي ۽ ان لمحي کي ڪو نالو نہ ڏ ئي سگهي. انساني معاشري ۾ سڀ انسان جسماني ۽ روحاني طور ھڪ جھڙا ٿي سگهن ٿا پر سوچ ۾ بہ اڌ پرسنٽ ھڪ سوچ رکن ٿا ۽ اڌ پرسنٽ شعوري سوچ جا ولر ڏسڻ لاءِ ملندا مطلب ھر معاملي ۾ سوال ۽ دنيا ۾ اچڻ جو مقصد ڳولھيندا. ڳولھڻ دوران جيڪي صرف ٿيوري تي غور ڪندا اھي عمل کان رھجي ويندا عمل وارا جيڪڏھن ٿيوري کان خالي ھوندا تہ ڊگهي محنت ۽ پيڙاھه مان گذرڻ جي باوجود بہ ان منزل تي ممڪن آھي نہ پھچي سگهن. حل صرف سکڻ، پڙھڻ، ڏسڻ کانپوءِ پنھنجي روحاني دنيا پيدا ڪري ان کي جسم ڏيڻ ۾ آھي ھا. سوچ ۽ ان تي بي ڌڙڪ عمل ڪري ڪجهہ شين تي مھارت حاصل ڪري سگهجي ٿي پر وري بہ سفر دوارن ڪجهہ شيون رھن ٿيون ان جو بہ ھڪ سبب آھي.
انسان جي دماغ اندر سڀ سوچون يڪدم جسم وٺن تہ اتاھہ مصيبتن جو شڪار ٿي وڃون پر ان کي فطري وقت لڳڻ کان بعد پوري ٿيڻ وارو ماحول ملي ٿو... اسان انسانن کي محدود سوچ ڏيڻ کانپوءِ ان جي جڏھن تبليغ ٿيندي رھي ٿي تہ ويتر انسان غلام بڻجيو وڃي. انسان ڪجهہ وقت مثال طور ست سال يا ڏھہ سال پاڻ تي ڪم ڪري.
ڪجهہ سوال ڪري تہ جيڪڏھن مان غريب آھيان تہ ان جو سبب ڪھڙو آھي؟ پر اکيون وڏيون شيون ڏسن ٿيون ماحول ننڍو مليل آھي، ھاڻي ان فرق کي ڪھڙي ريت ختم ڪجي، پراڻين ڳالھين تي لڳي ساڳي طرز عمل جي زندگي گذارجي يا سوال در سوال ڪري نعمتن جي شڪر گذاري جو در وٺجي. عام انسان جڏھن سموري ڏينھن ۾ دماغي مشقون ڪرڻ جو اھل ٿي وڃي ٿو تہ ماحول بڻجي وڃي ٿو.
ھي ڪتاب مڊل ڪلاس طبقي ۽ لوئر مڊل ڪلاس طبقي لاءِ روشني جيان ڪم ايندو سوين سوال اڀرندا پر سوال صرف ھڪ ڪم جو آھي تہ حالات بھتر کان بھتر ڪيئن ٿيڻ گهرجن. جيڪي خواب آھن اھي آساني سان ڪيئن پورا ٿين. يا سادگي ۽ جيڪو نصيب... يا بس اڳتي ڏسبو... واري من گهڙت فارمولي تي ڪم ڪري ھلندڙ وقت جي آزار کي وڌيڪ جواني ڏيندا يا ڪجهہ آسرو ۽ اميد ڪنھن فطري طاقت تي بہ رکي ڏسجي... سڀ شيون ڪجن مادي يا روحاني حاصل ڪرڻ لاءِ بس صرف ميٿڊ ھجي... عمل ضروري آھي، پر عمل کي خوبصورت شروعات ڏجي ۽ يقين کان پوءِ رزلٽ جي انتظار کان ھٽي بس ان کانپوءِ واري صورتحال جي اڳ ۾ خوشي ملھائجي تہ رزلٽ ان کان وڌيڪ بھتر اچي سگهي ٿو. ھي دنيا انسان جي اندر جو اولڙو آھي. اندر جيڪو ڪجهہ حرڪت ڪري ٿو اھو ٻاھر دنيا کي ان سيڪنڊ ۾ جنم ڏيندو رھي ٿو. ھا ان لمحي ظاھر نہ ٿيندو پر زندگي جي سفر دوران بنا وقت جي اچي سامھون بيھي رھندو ۽ اسان جي سوچ ۾ بہ نہ ھجي پر اھي لمحا انسان جي تخليق جا جسم آھن، جيڪي انسان ان مان گذري ٿو پوءِ غمگين يا خوش پر گذري ضرور ٿو...
اسان شين کي ماڻھن جي قول مطابق گذارڻ جا عادي ٿي چڪا آھيون پر جيڪي ڪجهہ اسان چاھيون ٿا، ان کي ذھني صورت ۽ لفظن جي شڪل ڏيندا رھون ۽ بار بار ان کي دماغ اندر ۽ وات سان دھرائيندا رھون تہ اھا شي ٿي گذري ٿي... انسان ھر وقت اھو سوچي ٿو جيڪو ھو نٿو چاھي پر جيڪو چاھي اھو سوچي ٿو پر ڪمزور انداز ۾ ان سان گڏ خوف جي چادر خواھشن کي ويڙھي مسلسل دماغ جي اندر سامھون اچي ٿي پر اھا شيءِ اڻ وڻندڙ واقعي کي جنم ڏئي ٿي. ھي ڪتاب ذھني آبياري کان پوءِ معاشرتي سچ کان وڌيڪ سچ کي نئين سري سان ٺاھي ان ۾ گذارڻ لاءِ مڪمل مدد فراھم ڪندو...
ھر انسان ھڪ انسان آھي، جيڪو پنھنجي لاءِ سوچي ٿو. پھريان ٻي جي لاءِ ڪرڻ ۽ سوچڻ سکو ان جو اثر ذاتي زندگي تي پوي ٿو. صرف انسان ھڪ ئي سوچي ٿو جنھن سان باقي انسانن جي آبادي ۽ پنھنجي وجود جو اثر بہ ظاھر ڪين ٿئي ٿو.
اميد تہ ھن ڪتاب مان سکي پنھنجي زندگي ۾ ذھني رستن کي نئين سر جوڙي ان سان گڏ رھڻ شروع ڪندو تہ ھي دماغ توھان کي نوان گس ڏيندو، منزل ڏيندو ماڻھو ڏيندو ھر ضرورت جي شيءِ ڏيندو ڇو تہ خدا ھر وقت انسان کي انھن جي ضرورت جي شين کي ڪثرت سان ڏيڻ ۾ خوشي محسوس ڪري ٿو ۽ انسان ٻئي انسان لاءِ اندر جو وير رکڻ ڪري ان ساڳي انسان جو خدا جيڪو اسان جو بہ خدا آھي تہ اھو ان ڪم کي ڪجهہ وقت لاءِ روڪي ٿو ڇو تہ اسان ظاھري طور انسان جي ڏنل تڪليف کي زندگي ۾ شڪايتن جي صورت ذھن پالي رکون ٿا، جنھن سان اسان جي پنھنجي زندگي ناشڪري جي عالم ۾ گذري ٿي. سڀن کي معاف ڪرڻ سان نعمتن جو حصول ٿيندو آھي فارمولو صفا آسان آھي.
پاڻ کي اھو ٿيڻو آھي جيڪا ڪمي توھان جي زندگي ۾ آھي، ان لاءِ ڪم ڪرڻو آھي پاڻ کي وقت ڏيڻو آھي پاڻ سان پيار ڪرڻو آھي، حالات ڪيترا بہ خراب ھجن. بھتر بہ ٿيندا آھن... بس ان خراب حالات ۾ صحيح حالات کي ويلڪم ڪري سگهڻ جي طاقت اسان جي زندگي بدلا ئي سگهي ٿي.
مولا سلامت رکي.

انجنيئر اي - ايڇ ڀٽي
شھدادڪوٽ
03322016227

پئسو

1

تنھنجي زندگيءَ ۾ پيار
پيار ئي پيار آھي.
تون خدا جي سھڻي
۽ مڪمل تخليق آھين...
تو وٽ پئسو جام آھي
جنھن سان تون
پنھنجي، پنھنجي فيملي
۽ معاشري جي ضرورت مند
ماڻھن جي مدد ڪرين ٿو...
ڇو تہ پئسو
ڏاڍي پياري شيءِ آھي...
........................................................
پيارا...
ايترو نہ سوچ زندگي جو ڳچ حصو سوچن جو سبيل آھي. پندرنھن سال سوچڻ کانپوءِ اھا سوچ تو کي ڪٿي ڊپريشن ۾ نہ وجهي...
ڊپريشن، ھڪ گهري ننڊ جو پيار منجهان نالو آھي. دماغي ننڊ... تون يتيم ٻارن جي ننڊ مان واقف ناھين ھو ڊپريشن جي ننڊ کي مات ڏ ئي سمھندا آھن.
پر يتيمن کي اڳتي اچڻ لاءِ اسان جو نصاب سندن مدد نٿو ڪري، ويتر ان کي معاشري ۾ ھڪ سرڪاري نوڪر ٿيڻ لاءِ پريشان ڪري ٿو.
ڏس پنھنجي چوڌاري دماغي جيوت زندہ رھڻ لاءِ حسدي لباس اوڙھي شڪايتن جو انبار کڻي گهمن ٿا...
محبوب فضا جو گذر سندن حياتي جو وظيفو آھي گم گشت اکين جي کيپ مان نعمتن جي نغمگي عالمي انس آھي انس ئي حيات کي جوت بخشي ٿي، پئسو... پئسو... پئسو... تون اھو ئي سوچين ٿو تہ حيات جي جوت تہ پئسو آھن... پئسو کاڌ خوراڪ وٺي ڏئي ٿو. پئسو جوش ۽ ولولو پيدا ڪري ٿو، پئسو اڳتي وڌڻ لاءِ گس ڏسي ٿو، پئسو روح ۾ رحم پيدا ڪري ٿو... ڏس پئسو ڪمال آھي... پئسو ھڪ تمام سٺو ذريعو آھي... ان کي ذھني طور سمجهڻو پوندو... پئسي کي بہ روح ھوندو آھي... پئسا ٻڌندا بہ آھن، انساني ڳالھيون... تو کي خوف ۾ اچڻ جي ضرورت آھي... تون پئسن اڳيان شڪايت نہ ڪر... فطرت اندر سڀ شيون فطرت جيان چر پر ڪن ٿيون... ھوٽل تي ويھندڙ انسان مغز جي اندروني ڪلچر ۽ ڪم کان واقف ناھن.... ھو ٻاھرين زندگي کي پنھنجو متن سمجهي اڳتي وڌن ٿا.
ڏس...!!
ھي نصابي ڪتاب... انگلش فزڪس ميٿ انساني اڳواڻي جا اوزار ناھـن ان کي صرف پڙھي درجا حاصل ڪري سگهجن ٿا... پيسا نہ کٽڻا آهن... ان سان وقتي لطافت ملندي. پروٽوڪول ملندو. ذاتي تسڪين ملندي.... ٻڌ انھن يتيمن جو ڇا ٿيندو جيڪي ڊپريشن جي ننڊ سمھندا آھن... تون... پنھنجو سوچي فطرت جي محبت کي ضايع ڪرين ٿو...
بس جو ڪلينر جڏھن ٽائر ڌوئي ٿو تہ ان جي نياڻي خوابن جي دنيا ۾ خوش ھوندي آھي تہ بابا اڄ اميرن جھڙا ڪپڙا آڻيندو... ڏس ھي جوش اجايو آھي پيارا... سڀ انسان ھڪ انسان ئي آھن... ھر ھنڌ وڏي فلاسافي آھي سڀ رنگ آھن... دنيا اندر ناشڪري جو تناسب غربت کان وڌيڪ آھي... غربت انساني لاشعوري جي زوال جو نالو آھي. شعوري رڳ اميري خيال جي اونھائي ترجيح آھي. ترجيح تبديل ڪر پيارا... عام انسان جڏھن ڪنھن بہ انسان جي سوچن سان گڏ سفر ڪري ٿو ھو پنھنجي دماغي ڪمپيوٽر جي ھارڊ ڊسڪ زھريلي مادي سان ڀري ٿو... ان کي وائرس جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو... ھي سڀ وائرس وجهن ٿا... سالن جي پيل وائرس کي معاشرتي بيھڪ ڪلچر، دوست... ساٿي... محبوبا تو کي چريو ئي چوندا. چريو امير ٿي مرندين تہ امير جنازي نماز تي ايندا غريب ڏاھو ٿي مرندين تہ غريب اچي تنھنجي جنازي تي ويلو ٽاريندا... تون غريبن جو ويلو آھين... تنھنجو جسم جيترو ويلو آھي وقت ويلو آھي اوترو تون پاڻ ويلو آھين... ڪھڙي فلم ٿي ھلي... پيارا ڪچي ڌاڳي.... روح بہ ڪچا ٿيندا اٿي پيارا... ڇو ته؛
تنھنجي زندگيءَ ۾ پيار
پيار ئي پيار آھي.
تون خدا جي سھڻي
۽ مڪمل تخليق آھين...
تو وٽ پئسو جام آھي
جنھن سان تون
پنھنجي، پنھنجي فيملي
۽ معاشري جي ضرورت مند
ماڻھن جي مدد ڪرين ٿو...
ڇو تہ پئسو
ڏاڍي پياري شيءِ آھي...
...................................
ڏس عورت کي پڙھائڻ گهرجي... عورت عام انسان جيان ھڪ وزني خيال ۽ حڪمت سان ڀريل ذھن رکي ٿي... جسم صرف ھنر جي مدد ۽ ڪاميابيءَ جي خوشي جو نالو آھي... عورت وٽ فطري ھنر آھي. ان جو ٻيو نالو ڪرڻ جي سگهہ آھي... گهر جڏھن عورتن سان ڀريل ۽ پڙھيل آھي تہ ان فضا ۾ ذھني ڇڪتاڻ گهٽ ھوندي آهي... عورت جي نصيب کي معاشري ۾ نروار ڪرڻ لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي... جنھن معاشري ۾ عورت کي صرف شادي ڪرڻ لاءِ چاليھہ سال انتظار ڪرڻو پوي، اتي ستر سال ڪرب جو ڪچرو نسلن سان ملي جھنم جي اس دامن جو حصو بڻجندي. ڏس عورت ۾ انيڪ موتي آھن ھو طاقت ور ذھن آھي. ان کي پو ئتي ڌڪڻ... مطلب ان پئسن کان انڪار ڪرڻ آھي، جنھن سان گهر اندر روشني اچي سگهي ٿي... جتي ھڪ بلب لڳل ھوندو اتي چار ٿي ويندا... ’حياتي سادگي‘ واري گذارڻ جي ڌوڪي کان ڀلو آھي... ماڻھو... جنم جي سچ کان آجو ٿي وڃي... ممڪن آھي... ھاري خدا جي اصل راز کان اڻ واقف ھجي... ان ڳوٺ جي مالڪ سان محبت جي مجبوري ۾ ديوتا ٿي نوڙت ڪندو ھجي، پر... تون. ھن ذھني ٽريپ کي ڪتاب ڀيڙو ڪر... ڏھه سال ھڪ دماغ تي ڪم ڪر... شين جي ذھني اوسر کي پڙھه... تون انسان بي خطا ٿي ويندين... تو سان تنھنجو روح رابطي ۾ ھوندو... ھو... ويگن جي فرنٽ سيٽ تي ويھاريندو جتان تون... ڪار جي فرنٽ سيٽ جو مزو ماڻڻ لاءِ ڪوشان ھوندين... ڏس فطرت... ٻاھر صرف دونھين جيان رقص ڪري ٿي... تنھنجي اندر ۾ ھڪ معاشرو پيدا ٿيڻ جو اوزار فٽ ٿيل آھي... ان اوزار جو نالو خيال آھي.... پئسو انسان کي فروٽ چاٽ کان وٺي انگريزن جي اڌ اگهاڙي بيچ تي گهمائڻ جي طاقت رکي ٿو.... روڊن جا ٽينڊر... انسان جي ننڍڙي پيٽ ۾ ھليا وڃن ٿا. ان روح يا انسان جي دماغ لاءِ شڪايت ڪرڻ اجايو آھي... بجلي جي وڌيل بلن تي بحث ڪرڻ اجايو آھي... تون مڪمل ڪثرت آھين... تو وٽ خيالن جي آڌار تي شين جي نبض کي سمجهڻ لاءِ ھر ڏينھن ڪم ڪرڻ جي طاقت آھي... سڀ تنھنجي حڪم جي طابع آھن. سڏ ڪر ان فضا جي فنڪشن کي جتان ھوا آڪسيجن بڻجي تنھنجي خون ۾ حرڪت آڻي ٿي. باھه تي پڪل ماني جسم اندر خون پيدا ڪري ٿي. انسان جي اندر خيالن جي پياس، جسم ذريعي نعمتن جي دنيا ۾ آزادي ماڻي ٿي. فلم ختم ٿي وئي. ڪچي ڌاڳي، روح مضبوط ٿيڻ سان ڇا ٿيندو پيارا... !!
..........................
ريڙھي وارو... خوشفھمي ۾ فروٽ وڪڻي ٿو. زندگي جي راز کي راز سمجهي گذارڻ وارن اڳيان راز ئي آھي. دراصل راز... راز ناھي... راز... ھڪ گل آھي. جنھن جي خوشبو پئسو آھي. پئسو... محبوب جي محبت آھي. غريب عاشق صرف ايزي پئسا ڪندو آھي. امير عاشق، عيش ۽ ڪيش جي جوڀن جي جوالا ٻاري من کي تيش ڪندو آھي. شڪايت نہ ڪر... مايوس نہ ٿي... تون سوچ، جيڪو چاھين ٿو ٿيڻ گهرجي. ان جي ننڍڙي فلم نما دماغ ۾ ھدايتڪار بڻجي ان کي پنھنجي ھٿن سان ٺاھہ ... اھا فلم تنھنجي زندگي آھي... ريڙھي وارو سڄي ڄمار... ’بس زندگي گذري ٿي‘، ’خدا ڏ ئي ٿو‘، ’ھلون ٿا‘، ’اڳتي بہ ھلون ٿا‘ ۽ ’ھلنداسين‘.
ڪٿان اچن ٿا اھڙا خيال جيڪي ھن جي عمر سان ملن ٿا. جواني ۾ ڪھڙا خيال ھيا ان جي ذھن ۾... ڪنھن وڌا... پاڙي وارن... گهر وارن... يا ھر انسان جي پيدا ڪيل وک وک تي ٻڌندڙ پڙھندڙ ڳالھيون، معاشري جي تبديلي، ذھني تبديلي جو نالو آھن. انسان سڀ انسان ئي آھن. رات جا ٻارنھن ٿين ٿا. ھوٽل بند ٿيڻ وارو آھي پيارا... عام ڳالھيون.. نہ ڪر... سڀاڻي ڪجهہ خاص ڳالھيون ڪنداسين... رڳو ڳالھيون... ڇو تہ:
تنھنجي زندگيءَ ۾ پيار
پيار ئي پيار آھي.
تون خدا جي سھڻي
۽ مڪمل تخليق آھين...
تو وٽ پئسو جام آھي
جنھن سان تون
پنھنجي، پنھنجي فيملي
۽ معاشري جي ضرورت مند
ماڻھن جي مدد ڪرين ٿو...
ڇو تہ پئسو
ڏاڍي پياري شيءِ آھي...
.............................

ڳالھيون... اصل ۾ ڳالھيون ناھن... پئسو آھي. زماني جو ڳالھيون. زماني کي ڪنھن جادو ئي طريقي سان ٻڌائڻ ئي پئسو آڻي ٿو، پر اھو فن ڪنھن ڪنھن ۾ آھي. تون زماني لاءِ ڪم ڪرڻ چاھين ٿو تہ پنھنجي نعمتن ۾ زماني کي شامل ڪر... پئسو تنھنجي سر جو تاج بڻجي معاشري لاءِ فائدو بڻجي ويندو.
ھوا آڪسيجن ڏيندي آھي... ھڪ آڪسيجن مفت ۾ ملندي آھي تہ ھڪ مريضن کي پئسن تي...
مفت واري آڪسيجن جو ھر روز شڪر ڪندو ڪر پيارا... پئسن واري آڪسيجن نہ ملندي تو کي... شڪر گذاري واحد ميجڪ آھي، جيڪو ھر صورت ۾ وڌي ٿو. بس ان کي ڪرڻ جو بہ طريقو آھي. جيڪا شيءِ پسند اچي ٿي... وڻي ٿي... اھا ٿوري مقدار ۾ موجود آھي تہ ان شيءِ جو نالو وٺي شڪر ڪرڻ سان اھا وڌي وڃي ٿي. جهڙي ريت ھي ڳالھہ...! تون يقين نٿو ڪري سگهين تھڙي ريت بي يقيني کي يقين جي عادت ۾ بدلاءِ... پئسو اچڻ شروع ٿي ويندو... مون کي خبر آھي جيڪڏھن مان پئسو ڪمائڻ شروع ڪندس تہ تون حسد ڪندين...
ھاھاھا....
پيارا... پئسن جو مالڪ ٿيڻ جو مزو ئي پنھنجو آھي، ھتي جنھن وٽ جيترا پئسا ھوندا اوترو مالڪ ھوندو... ”محنت ڪر تون محنت ٻار... محنت سان ئي ٿيندين ھوشيار...“
پيارا محنت ڪرڻ سان پئسو ايندو آھي ۽ محنت ڪرائڻ سان پئسو ويندو آھي... پي پٽ کي سي- ايس- ايس ڪرائڻ لاءِ پئسا خرچ ڪندو آھي. پٽ پاس ٿي ويو تہ پئسا ايندا. جيڪڏھن ناڪام ٿي ويو تہ وقت سان عھد ۽ يقيني سان وري ٻيو ڪو رستو وٺبو. زندگيءَ کي ڀرپور گذارڻ لاءِ شڪايت ڪرڻ وساري ڇڏ. جهڙي ريت اسان جي معاشري ۾ سفر ڪرڻ لاءِ رستا آھن تھڙي ريت ھن دماغ ۾ بہ خيالن جي گذر جو رستو ٺھيل آھي.
ننڍي ھوندي اھي رستا معاشري کان ماڻھن کان ۽ گهران ٺھيل ملن ٿا. ڇو تہ اھي رستا انھن جي ماضي جو پراڻو رستو آھن، جيئن نئين ڄاول ٻار کي ساڳي طرز ۽ رھڻي ڪھڻي سان ان جي اندر رنگين رستا ڊاھي پنھنجا پيچرا وڌا وڃن ٿا. جسم تہ روح جو لباس ۽ زندگي جو گاڏو آھي. جسم محبوب آھي. سندر ۽ سھڻو آھي پر بي جان آھي. روح حرڪت ڪري ٿو. روح اڇو ۽ رتُ ڳاڙھو ٿئي ٿو. رت جا جزا جسم کي ڪمزور يا طاقتور ٺاھين ٿا. ڏس... فطرت کي سمجهڻ سان شيون اچڻ شروع ٿينديون.
ڏس اسان جي معاشري ۾ پئسن ڪمائڻ لاءِ پي اولاد کي ولايت موڪلين ٿا. دبئي يا سعودي... اتي پئسا جام آھن. سڪو وڌيل آھي، بنسبت اسان جي ملڪ جي، جتان ساڳي وقت ۾ ساڳي محنت سان ڏھه درجا مٿي پئسا آڻي سگهجن ٿا. ھتي مزدوري ھزار روپيا آھي تہ اتي مختلف پر پنجاھه ھزار کان مٿي آھي. سڄي انسانيت سونھن آھي. سونھن کي بگاڙڻ وارا بہ سونھن مان واقف آھن پر اھي خوف ۾ آھن، جيڪي ذھني آبياري اچڻ کان ڊڄن ٿا. تون ڊڄجانءِ نہ... پئسو پاور پيدا ڪندو آھي... ڏس...
امير ٿيڻ چاھين ٿو تہ اميرن جي عزت ڪر دل سان ۽ انھن کي ذھن ۾ خراب يا ظالم چوڻ بند ڪر پيارا...
معاشري ۾ جيڪو اکين سان ڏسين ٿو اھو دماغ مان ٻاھر نڪري عمل ۾ اچي ٿو... رڪاوٽ بہ دماغ ۾ محسوس ٿي ماحول ۾ گردش ڪري ٿي... تنھنجون رڪاوٽون... جيڪڏھن ذاتي آھن تہ ماڻھن لاءِ سٺو سوچڻ شروع ڪر.... زندگي کي زندہ دلي سان گذارڻ لاءِ پاڻ تي ڪم ڪر... ڏھه سال ڪتاب پڙھه پيارا... سنڌي ادب ٽيھه سالن تائين نہ پڙھجانءِ. اڳتي وڌڻ لاءِ انگريزي ادب پڙھندو ڪر...
سنڌي اديبن جي خيالن ۾ ڪمال ذاتي تسڪين لاءِ اوتيل آھي. ان مان ذھني ۽ معاشرتي تبديلي رڪجي ويندي... ننڍڙو ذھن مايوسي ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو ۽ عشق ۾ چلولو ٿي سوچي ٿو.
سنڌي ادب ۾ شڪايتون... ڏک... پيڙاءَ جام ملندئي... ڏس ان کي تون مرڻ وقت پڙھجان... تنھنجو ساھه آرام سان نڪري ويندو. جواني ۾ پڙھي پنھنجو پئسو ضايع نہ ڪجانءِ.
خالي تسڪين جيڪا ٻين جي خيالن جي عڪاسي تنھنجو دماغي ھيجان بڻجندو... ھر ذھن لکي ٿو... پڙھي ٿو... عمل ڪري ٿو... ضروري ناھي تہ ان تي عمل ڪجي... تو وٽ ڪھڙي شيءِ ۽ ڳجهارت آھي، اھا پڙھڻ شروع ڪر. تو وٽ پئسو اچڻ شروع ٿيندو. ڏس اميرن کي گهٽ وڌ نہ ڳالھائيندو ڪر... فطرت صرف خاص توجھہ مان واقف آھي. جيڪو ذھن يا زبان ذريعي سوچيندو ۽ چوندو اھو ٿيڻ جي طاقت رکي ٿو... فطرت کي سڀ شيون ٻڌائڻ وارو اسان جو دماغ آھي... تون گٽر مٿان ويھي آمريڪا گهمڻ جا خواب ڏسندو ڪر... ڏينھن ڏٺي جو خواب ڏس...
ڪجهہ ماڻھو مجموعي طور تي ڪامياب ٿي وڃن ٿا پر غربت جي شرح وڌي رھي آھي، ۽ ان کي سادگي ۽ ڀلو چئي رڪاوٽ وڌي وڃي ٿي. ڪير ڪنھن کي دماغي رستو نٿو ٻڌائي ڇو تہ ٻڌائڻ وارو... پاڻ پئسن جي چڪر ۾ آھي. ان کي خوف آھي، هو چاهي ٿو اھو پئسو مون وٽ اچي، ٻيو ڪنھن ڏي نہ وڃي. ڏس پئسو ڪائنات ۾ جام آھي.
جنھن وٽ آھي ان کي وڌڻ جي دعا ڏيندو ڪر... تنھنجو پئسو بہ وڌي ويندو. ڇو تہ...
تنھنجي زندگيءَ ۾ پيار
پيار ئي پيار آھي.
تون خدا جي سھڻي
۽ مڪمل تخليق آھين...
تو وٽ پئسو جام آھي
جنھن سان تون
پنھنجي، پنھنجي فيملي
۽ معاشري جي ضرورت مند
ماڻھن جي مدد ڪرين ٿو...
ڇو تہ پئسو
ڏاڍي پياري شيءِ آھي...
...............................
ناظرين سنڌ اندر طوفاني بارش ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آھن. جيڪڏھن برساتي ٻوڏ اچي تہ لڏ پلاڻ توھان تي فرض آھي.
خاص خاص خبرون ٻڌاندا... تفصيل هڪ بريڪ کان پوءِ...
پيارا ڏينھن ۽ رات... اکين جو اولڙو اٿي... باقي جسم کي اوندھه ۾ ڪجهہ وقت لاءِ ننڊ جي ضرورت ھوندي آھي. امير تہ منجهند جو ڏينھن ۾ بہ رات سمجهي ستا پيا ھوندا... ڏس ان زندگيءَ لاءِ دعا ڪندو ڪر. ڪھڙي طاقت ۽ پاور آھي، جيڪو انھن جي زندگيءَ ۾ گردش ڪري ٿو ۽ غريبن جي زندگي ۾ گُم سُم آھي. فطرت ناراض يا راضي ناھي ٿيندي، اھا صرف سوچ ۽ عمل جي اعتماد سان انسان کي ان جي بدولت لاڀ ڏيندي آھي...
زمين کي خبر ناھي تہ ھر ڪاھي سندس اندر ڪھڙي شئي جو ٻج وڌو وڃي ٿو. ھو صرف ھڪ لاگرٿم تي صدين تائين ساڳي طرز سان ڪم ڪري ٿي. اَن پيدا ڪري ڏيڻ ٻج مان نج خوراڪ... جيڪا انسان کائي ٿو. دماغ جي اندر ھڪ وڏو ھوٽل آھي. جيڪو حڪم ڪندي ملندو پر ڪنھن طريقي سان صبر سان... تون سوچ جي اڏار... خوابن جي زندگيءَ طرف ڪر، جيڪا زندگي چاھين ٿو ان کي بار بار محسوس ڪر ۽ انجواءِ ڪر. توکي اصل ۾ اھو معاشرو ٺاھڻ ۾ فطرت مدد ڪندي. خيال اسان جا ٻج آھن. جهڙي ريت ھر ڪاھيندين تھڙي ريت فصل لڙندين. دماغ کي خبر ناھي تہ پير انسان جو پير آھي. پير صرف اسان کي خبر آھي. زندگي تمام سولي آھي.
دليل ۽ لکت، ڪاغذي طور طريقا بب ھڪ ڊيگهہ آھي، جتان اڳين گروھن کي نفعو ملندو آھي. مخالفت ڪرڻ وارن جي بہ ھڪ نگري آھي. مشينري آھي جتي فيصلن عيوض معاشري کان مختلف طريقن سان پئسو اڳاڙڻ آھي.
ڏس... پئسو ڪمال جي شيءِ آھي. پئسو ڪرنسي ناھي. پئسو فڪر آھي... بھبود آبادي آھي... صلاح ۽ مشورو آھي... مرڪز آھي... منظوم ڀيٽا آھي... جيڪڏھن پئسو ناھي تہ شامون نٿيون ملھائي سگهجن. چندو ڪري وري بہ انسان جي ضرورت يا معاشري جون ضرورتون پوريون ڪبيون آھن.
بھتر آھي ان شيءِ کي سمجهجي جيڪا پاڻ مرادو اصل صورت ۾ مرڪز بڻجي زندگي جو حصو بڻجي وڃي... ڇو تہ...
تنھنجي زندگيءَ ۾ پيار
پيار ئي پيار آھي.
تون خدا جي سھڻي
۽ مڪمل تخليق آھين...
تو وٽ پئسو جام آھي
جنھن سان تون
پنھنجي، پنھنجي فيملي
۽ معاشري جي ضرورت مند
ماڻھن جي مدد ڪرين ٿو...
ڇو تہ پئسو
ڏاڍي پياري شيءِ آھي...
..............................

2

لکڻ وارو جڏھن لکي ٿو تہ ان مان صرف زندگيءَ کي اڳتي وڌائڻ وارو فارمولو ڳولھجي نہ ڪي مئل ماضي... جنھن جو وجود حال ۾ فنا ٿي وڃي ٿو... مستقبل تنھنجي خاص سوچ ۽ فڪر جو نالو آھي جنھن لاءِ پريشاني نہ بلڪہ ان کي ٺاھڻ لاءِ... دماغي فڪشن ۽ سائنسي اوتار کي جسم جي اندر لاھڻ گهرجي... ڪجهہ سالن ۾ تو وٽ بھار اچي ويندي... بھار اچڻ جو مطلب شڪر آھي ان سرءُ جي جنھن ناشڪري جو چھرو خشڪي جي صورت ۾ ڏيکاريو... انسان جي زندگي ۾ خراب ڏينھن سکڻ جو دڳ ڏسيندا آھن جيئن ئي ماضيءَ مان نڪري سکي اڳتي وڌڻ شروع ڪري ٿو، تيئن ئي ماحول تبديل ٿيو وڃي، ڏينھن مٽجي وڃن ٿا... اسان وٽ وقت جو انساني معيار آھي... فطرت ۾ وقت ناھي. اتي احساس آھي، جيترو احساس وڌيڪ ھوندو وقت جي محتاجي کان پري ھوندو. فطرت وٽ الڳ وقت آھي، جيڪو انسان جي انس سان ٻڌل آھي...
ڏس... عورت سان عشق تڏھن ڪجي... جڏھن شخصيت ۾ نکار ھجي... فطري تيزي جيڪا انسان ۾ ڪنھن وقت جسم يا سونھن ڏسي پيدا ٿيندي آھي، اھا ڪم جي ناھي ھوندي... عورت بي خوف ۽ بھادر مرد پسند ڪندي آھي رشتي ۾ تڪڙ نہ بلڪي سڪون ۽ اطمينان سان يقين جي منزل پيدا ڪري اڳتي وڌندي آھي. عورت لازوال تخليق آھي. ان وٽ تمام رستا آھن... ڪيترا انيڪ آپشن جنھن سان ھو اڳتي وڌڻ چاھي ٿي. پر... گهڻائي عورتن جي دماغي وسوسن جي ڪري گهر جي چوداريءَ کي پاڪيزگي سمجهي زندگي گذاريندي آھي. پر ھن دور ۾ جن کي فيملي جي سپورٽ آھي اھي اڳتي اچن ٿيون ۽ معاشري ۽ فيملي لاءِ پئسا ڪمائي سک جو ساھه کڻن ٿيون، ڏس پيارا...! تنھنجن منھنجن ڳالھين مان ڪھڙو کڙ تيل نڪرندو؟ جنھن کي ڪڏھن ھوٽل تي... ڪڏھن باغ ۾... ڪڏھن روم ۾... ڪڏھن ڪٿي پاڻ وائي حوال ھڻون ٿا... معاشرو اسان کان ڀي ضرور پڇندو تہ توھان مھيني ۾ ڪيترا پئسا ڪمايو ٿا؟
پئسو... ڪمائڻ لاءِ پئسن سان گفتگو ڪرڻ سک پيارا... پئسن کي بہ ڪن ھوندا ٿئي... ڪڏھن بہ پئسن جي باري ۾ غلط نہ ڳالھائجان پئسو بہ خدا جي مخلوق ھوندو آھي ۽ خدا پنھنجي مخلوق جي شڪايت ٻڌڻ پسند نہ ڪندو صرف ظرف ڏسندو آھي تہ معاف ڪرڻ واري دل رکي ٿو يا بدلي عيوض سڄي ڄمار قيامت جي انتظار ۾ گذاري ان خوشيءَ ۾ خوش آھي تہ اڳين انسان کي مان قيامت ۾ ٽنگرائيندس...
ھي اوزار گڏ ڪري ٿو ۽ ملائڪن کي اھو چئي
خوش ٿيندو تہ گهليوس. ھن مون سان ظلم ڪيو ھو دنيا ۾... پر پيارا... جيڪو انسان کي گهلڻ سان سڄي زندگي گذاري ٿو ڇا اھو ڪٿي نہ گهلبو...؟ ڇو تہ ...
تنھنجي زندگيءَ ۾ پيار
پيار ئي پيار آھي.
تون خدا جي سھڻي
۽ مڪمل تخليق آھين...
تو وٽ پئسو جام آھي
جنھن سان تون
پنھنجي، پنھنجي فيملي
۽ معاشري جي ضرورت مند
ماڻھن جي مدد ڪرين ٿو...
ڇو تہ پئسو
ڏاڍي پياري شيءِ آھي...
.......................................
ظلم... خدا کان پرتي رھڻ ۽ ناشڪري جو نالو آھي. خدا کان گهرڻ، نعمتن کي آڻڻ جو ذريعو آھي پيارا... تون اڃان ننڍڙو ٻار آھين پر طاقت وڏي اٿئي، ھر انسان وٽ سوچڻ جو طريقو دراصل زندگي جي راھه ڏسيندو آھي. باقي ھتي مجموعي طور تي ساڳيا ڏينھن ساڳيون ڳالھيون... ساڳي روش... ساڳي سياست ۽ ساڳي انا... پر جنھن وٽ پئسو آھي. اھو فطرت جي سونھن کي انجواءِ ڪري ٿو ۽ جنھن وٽ ناھي. اھو انھن ماڻھن کي دلي دل ۾ غلط ڳالھائي پنھنجي زندگي ۾ اچڻ واري نعمتن کي روڪي ٿو پيارا...
نصيحت ڪرڻ جو ڪنھن وٽ وقت ناھي. بزي ماحول کي بزي رکڻ بہ انساني ڊرامو آھي. ترجيحات تبديل ٿي چڪيون آھن ڇو تہ غربت وڌي چڪي آھي ھر انسان چاھي ٿو ڪجهہ گهڻو ڪجي... چينج ڪجي، پر حقيقي رستا پڪڙي يقين جي منزل تي گامزن بڻجي شڪايتن کان دور خيالن جي اصلاح ڪري اڳتي وڌندڙ روح بہ موجود آھن جن دراصل ڪاميابي کي دماغ ۾ حاصل ڪري، اتي سيليبريٽ ڪري بعد ۾ دنياوي ماحول ۾ ان کي اکين سان ڏسي ٿو. انسان... انسان.... مذاق ناھي. گوشت جي پوشاڪ ۾ معجزاتي دماغ رکندڙ روحاني رھبر آھي. دنيا ۾ اھو ئي انسان اڳتي وڌي ٿو. جنھن معاشري جي بيھڪ کي ڄاڻي ان لاءِ ڪم ڪيو آھي. ڏس اسٽيج تي وقت ضايع ڪرڻ وارا پراڻا قول ۽ قصا ٻڌا ئي علم جي معيار کي توري نٿو سگهجي. ڪير اچي ماحولياتي گپ شپ ڪري وقت پاس ڪري سگهي ٿو، پر انسان کي اصل فارمولو نٿو ملي. جنھن کي خبر آھي، اھي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر انھن ڳالھين تي ڪير يقين نٿو ڪري. جيڪو پراڻو يقين ذھن ۾ رستو ٺاھي چڪو آھي، اھو انساني جسم کي تار تار ڪري مايوسي ۽ محتاجي ۾ ماري رکي ٿو. ان وٽ پنھنجي غلطي مڃڻ جي ڪا سگهہ ناھي ھوندي ھو ھر ڳالھہ معاشري تي ٿوپيندو آھي. سياست ۽ ريتن رسمن کي ڪمزور سمجهي... پنھنجي تسڪين ۾ گم ٿي ويندو آھي. شڪايت انسان لاءِ عبادت بڻجي چڪي آھي. انسان جي شڪايت جا انيڪ روپ آھن پيارا.... ڏس کاڌ خوراڪ جي شڪايت... برسات کي عذاب چوڻ پاڻي جي روز مرھه استعمال جي ناشڪري. ھر لمحي ۾ انسان جي زندگي خراب ڪري ٿي، ھر لمحي ۾ طاقت آھي. حال جو ھر لمحو معجزو پيدا ڪندو آھي. جسم جسم جا وار... ڪھڙي ريت چرٻي مٿان پھريل آھي. اکيون گوشت آھي جيڪي ڏسڻ جي سگهہ پيدا ڪن ٿيون. نڪ اندر ڪھڙو اوزار آھي جنھن سان خوشبو ۽ بدبوءَ محسوس ڪري سگهجي ٿي. ڪا اھڙي طاقت آھي جيڪا انسان لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ اوتاولي آھي، ڇو تہ:
تنھنجي زندگيءَ ۾ پيار
پيار ئي پيار آھي.
تون خدا جي سھڻي
۽ مڪمل تخليق آھين...
تو وٽ پئسو جام آھي
جنھن سان تون
پنھنجي، پنھنجي فيملي
۽ معاشري جي ضرورت مند
ماڻھن جي مدد ڪرين ٿو...
ڇو تہ پئسو
ڏاڍي پياري شيءِ آھي...
....................................................
پيارا....!! سياست ڪندو ڪر....!! سياست سندر سڳنڌ آھي. اديب سھڻا اٿي.... خيال ڪمال آھن پر يار... ڪجهہ شيون... ڪٿي پڙھجڻ ڪٿي نہ... اھو بہ ھڪ سھڻو عمل آھي... سھڻو عمل.... مطلب سھڻي زندگي.... ڏس.... ڊاڪٽر ٿيڻ لاءِ تون ڪتاب پڙھه... محنت ۽ لگن سان.... معاشري لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ لفظي چوڻ کان ڀلو آھي، جڏھن فطرت مھربان ٿي وڃي تہ انسانن جي زندگي سان کيڏڻ وارو ڌوڪو فطرت سان نہ ڪر... بي وس ۽ لاچار روحن جي نالي تي ظلم جي پرچار نہ ڪر.... تون لفظن تي قائم رھي، پاڻ بہ نعمتون نوش ڪر ۽ معاشري کي بہ آساني مھيا ڪر.... ڀلا... تون صرف پاڻ کي سمجهي سگهين ٿو. تنقيد ٻڌندو ڪر... درجي ۾ اضافو ٿيندو. جواب ڏيڻ سان وڏو درجو ننڍي درجي ۾... تبديل ٿي وڃي ٿو. ڏس... ماڻھن جون نيگيٽو ڳالھيون. انھن جي ذھن جي عڪاسي آھن. تنھنجو سنجيدا ٿيڻ مطلب انھن کي توجھہ ۽ پاور ڏيڻ آھي. ٻڌي اڻ ٻڌو ڪري ڇڏ. درجن ۾ اضافو ٿيندو... ڏس... خواب وڏا ڏسندو ڪر... ڏينھن ڏٺي جو بہ خواب ڏسندو ڪر. زمين ۾ اندر ٻج ڪنھن وقت جو محتاج ناھي، ھو مسلسل عمل ڪندو رھي ٿو.... دماغ جي زمين بہ مسلسل اسان جي زندگي تي ڪم ڪندي رھي ٿي.... پڪڙي رک سڀن خيالن کي جيڪي خواب سان لاڳاپيل آھن تہ انھن کي بار بار سوچي زندگي عطا ڪرين. جيڪي ناھن انھن لاءِ ڊليٽ جو بٽڻ دٻائي ڇڏ، ان تي آرام سان محنت ڪر ھو اچڻ بند ٿي ويندا... ريپليس ٿي ويندا... ڇو تہ:
تنھنجي زندگيءَ ۾ پيار
پيار ئي پيار آھي.
تون خدا جي سھڻي
۽ مڪمل تخليق آھين...
تو وٽ پئسو جام آھي
جنھن سان تون
پنھنجي، پنھنجي فيملي
۽ معاشري جي ضرورت مند
ماڻھن جي مدد ڪرين ٿو...
ڇو تہ پئسو
ڏاڍي پياري شيءِ آھي...
پيارا... مڙس کي گهرجي تہ زال کي آزادي جو راز ڏئي ۽ ان جو احساس ڪرڻ بہ سيکاري... بندش... بند ذھني نسل پيدا ڪندي آھي.
عورت معاشري جي خوف کان ٻارن جي پالنا ڪندي آھي. ڪجهہ عورتون... صاف شفاف فطري رنگ ۽ ڍنگ نسل جي پرورش ڪري انھن کي حقيقي روپ ڏيکارينديون آھن... ڏس... ھي زندگيءَ جي جلا... جوت ۽ موت سڀ زندگي جا نالا آھن، اچڻ جو مقصد... نعمتن کي سمجهڻ... نوش ڪرڻ... شڪر ڪرڻ... مقصدن طرف وڌڻ آھي. تون پئسن ڪمائڻ کي غلط ڇو ٿو چوين؟ تون پئسن لاءِ ائين ڇو چوندو آھين تہ ’پئسو ڪمائڻ ڏکيو آھي.‘
ڪنھن جي چوڻ تي لڳو آھين، پر اصل ۾ پنھنجي چوڻ تي لڳي ڏس پئسا اچڻ شروع ٿي ويندئي. ڇو تہ پئسن کي بہ ڪن ھوندا اٿي... انھن جي تعريف ڪندو ڪر... انھن جي عزت ڪندو ڪر... ماضيءَ ۾ جيڪو بہ غلط ٻڌو يا ڏٺو اٿي. اھي سڀ وسارڻ جي ڪوشش ڪر. پئسا اچڻ شروع ٿي ويندئي پيارا...
درسي نصاب ۾ ڏھه سال فنانس ۽ ڳڻپ جو معيار بنيادي آھي، جنھن کي ايڊوانس صورت ۾ پيش ڪرڻ گهرجي. انھن کي پيسن جي ڪمائي جا مختلف ذريعا مثالن جي صورت ۾ ٻڌايا وڃن. نوجوان نسل ذاتي نوعيت ۾ سنجيدا گهٽ آھي، پر... اھا جلد... برساتي ٻوڏ جي خوف کان ذھني ڇڪتاڻ ۾ ايندي. ڪراچي جي شھر ۾ مسواڙ تي فليٽ ڳوليندي، اٿندي ويھندي خوف کان ڇرڪندي نوجوان پڙھي ٿو. سوچي نٿو، سوچي ٿو، عمل نٿو ڪري. ڏھه پرسنٽ نوجوان ڊجيٽل مارڪيٽگ کان واقف آھي جيڪو زندگي سٺي گذاري ٿو. باقي خانداني رسمن ۽ بزرگن جي خوف کان انھن جي ساٿ ڏيڻ ۾ سڪون ۽ عبادت سمجهي ٿو. اڄ جو نوجوان پنھنجي علم جي سمنڊ ۾ جهاتي نٿو پائي. پاڻ سان گپ شپ نٿو ڪري، ماڻھو ڳولي ٿو... ماڻھو.... ڳولڻ سان پئسا نہ ملندا...! پئسا ڳولڻ سان بہ پئسا نہ ملندا.
پيارا، منجهند جي ماني کائي، پوءِ شام جو وري، عوام کي چريو ڪبو. ڏس، چريو ڪرڻ سان ڇا ٿيندو. تون وقتي تيزي ۾ آن. خام خيالي ڳالھيون انسان کي سمجهہ ۾ نہ اينديون. اسان جي معاشري ۾ بند پيل دماغن جي پرسنٽ تمام وڏي آھي، جيڪي بينڪ جي اڳيان ملندڙ پئسن عيوض لائين ۾ بيھڻ لاءِ تيار آھن، پر اھو رستو ۽ دڳ جتان مرڪزي خيال پيدا ٿين ٿا، اھو ڳولڻ لاءِ ڇانو ۾ بہ دماغ جو استعمال نہ ٿا ڪن... ماني ۾ ڇا آھي اڄ پيارا... دال... چانور... پيارا تون منھنجي تنھائي جو دوست آھين. پاڻ اڪيلا بڻجي ھڪ ٿي گفتگو ۾ ٻہ بڻجي. خوشيون وکيريون ٿا. ڊپٽي... اھي سڀ شيون تو وٽ ڪٿان آيون... جيڪي مون کي ٻڌائين ٿو... پيارا... تنھنجو ۽ منھنجو نالو روح جي خدوخال جو چھرو آھي. معاشري ۾ وڌندڙ انا، خشڪ دماغ ذلالت ڌوڪو بي وفائي جڏھن دل ۾ تڪليف ڏيڻ محسوس ٿي تہ ان وقت ڪجهہ عجيب اوقات ۽ سحر ۾ ڪجهہ روحن ۾ معاشرتي ميلي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ان کي جادو جي ڇڙي ڏني ويندي آھي. جيڪو عام ماڻھو جي حقيقت کان خيالي حقيقت واري انسان اڳيان فرق ھوندو آھي. دنيا ۾ ٻہ حقيقتون آھن. اھو... فطري سيٽ اپ آھي جيڪو ڪجهہ دماغن کي ان جي ظرف مطابق ملڻ شروع ٿيندو. پيارا تون صرف انسان لاءِ سوچڻ شروع ڪر. تنھنجا رڪيل ڪم پورا ٿي ويندا. وڏا خواب ڏس، يقين ڪر. فطرت کي پيار منجهان ڀاڪر پاءِ.. ھو تو کي ڀاڪر جي بدلي تو سان ڳالھائيندي... ڇو تہ:
تنھنجي زندگيءَ ۾ پيار
پيار ئي پيار آھي.
تون خدا جي سھڻي
۽ مڪمل تخليق آھين...
تو وٽ پئسو جام آھي
جنھن سان تون
پنھنجي، پنھنجي فيملي
۽ معاشري جي ضرورت مند
ماڻھن جي مدد ڪرين ٿو...
ڇو تہ پئسو
ڏاڍي پياري شيءِ آھي...
..........................................

غريب انسان جيترو وقت شڪايت کي ڏئي ٿو ساڳيو وقت شڪر گذاري ۽ نعمتن کي ڳڻڻ ۾ لڳائي تہ ان جي زندگي تبديل ٿي ويندي اھو اٽل فيصلو آھي. انساني دماغ ڪمپيوٽر جيان ڪم ڪري ٿو ڪمپيوٽر جي ھارڊ ڊسڪ انساني دماغ جو تحت الشعور آھي. شعور اکين سان جيڪو ڏسي ٿو اھو لاشعور ۾ وڃي ٿو. جهڙي ريت ڪمپيوٽر جي ريم مان گذرندڙ سگنل سي پي يو... ڪمپيوٽر جي دماغ ۾ ڪمانڊ ذريعي پروسيس ٿيندو آھي ۽ اسڪرين تي ڪا شيءِ اچي وڃي تھڙي ريت خيال رستن مان گذري زندگي جي معاشري ۾ جسم اڳتي وڌندو آھي بس انساني دماغ ڪجهہ شين کي سمجهي پوءِ ان تي يقين ڪري ٿو. اھو يقين مٽجي سگهي ٿو جيڪڏھن ان جو لاڀ حاصل نٿو ڪري ته، ھي ميجارٽي انساني جدوجھد ناڪارا ٿي وڃي ٿي ان جو خاص سبب انسان قافلي جي صورت ۾ گذراڻ کي پسند ڪري، اڪيلو جياپي لاءِ خوف ۽ خطرن کان لھرائي ٿو، ڀڄي ٿو، پر ھر انسان ھڪ مڪمل فطرت آھي جنھن وٽ شين جي ڪثرت آھي... دماغ ھڪ چقمق جيان آھي جيڪو اسان ھن کي سوچن ذريعي حڪم ڪنداسين تھڙي ريت ماحول ۽ محنت ڪرڻ تي حاوي رھندو. ان ڪري خيال جي اصلاح زندگي کي آساني بڻائي ٿي، ڇو ته؛
تنھنجي زندگيءَ ۾ پيار
پيار ئي پيار آھي.
تون خدا جي سھڻي
۽ مڪمل تخليق آھين...
تو وٽ پئسو جام آھي
جنھن سان تون
پنھنجي، پنھنجي فيملي
۽ معاشري جي ضرورت مند
ماڻھن جي مدد ڪرين ٿو...
ڇو تہ پئسو
ڏاڍي پياري شيءِ آھي...
.....................................

مايوسي... مايوس انسانن کان ملندي آھي. ساڳي بھادر ۽ بي خوف انسان جي ارد گرد ماڻھو ۽ ماحول مٽيل ملندو. انسان جي ذھني اوسر ان جي زندگي جو فيصلو ڪري ٿي. ذھني ٿڪاوٽ بي ثمر زندگي کي جنم ڏيندي آھي. صرف ان انسان جي ٻڌجي ۽ ان کي وقت ڏجي جيڪو ناممڪن ڪرڻ جو سوچي ۽ ناممڪن ڪرڻ جو اتساھه ڏي. باقي انسانن جي عزت ڪجي ۽ انھن جي صحبت ۾ اچڻ کان پاسو ڪجي ڇو تہ ان جي ذھن ۾ ھڪ ئي سبق ھوندو تہ يار، بيزوگاري آھي. سياست ۾ مزو ناھي... غربت آھي... روڊ رستا تباھه آھن. پاڻ کي ڇا ملندو. واقعي اھڙي سوچ سالن تائين پير پختا ڪري چڪي آھي. سوچ شين کي جنم ڏيندي آھي، بس پوءِ ان سوچن ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو آھي تہ پاڻ واقعي ھڪ ئي ڍنڍ جي مڇي آھيون ھميشه ڄار ۾ ڦاسڻ پنھنجو مقدر آھي. سو اھو ان مقدر جو غلام بڻجي زندگي گهاريندو ۽ ايندڙ نسل کي پڻ ان لاءِ تيار ڪندو.
ھن زندگي جو مقصد سادو آھي. صفا سولو ۽ صاف... ھر دماغ ۾ الڳ الڳ موتي فٽ ٿيل آھن. بس چمڪ الڳ الڳ آھي. وقت سان ڪڏھن گهٽ تہ ڪڏھن وڌ بس سڀن کي چمڪڻو آھي ۽ چمڪائڻ ۾ مدد فراھم ڪرڻ ئي عين عبادت ۽ اولين ترجيح ھجڻ گهرجي... ڇو تہ:

تنھنجي زندگيءَ ۾ پيار
پيار ئي پيار آھي.
تون خدا جي سھڻي
۽ مڪمل تخليق آھين...
تو وٽ پئسو جام آھي
جنھن سان تون
پنھنجي، پنھنجي فيملي
۽ معاشري جي ضرورت مند
ماڻھن جي مدد ڪرين ٿو...
ڇو تہ پئسو
ڏاڍي پياري شيءِ آھي...
.....................................

3

گهڻو سوچڻ عذاب آھي... پنھنجا سموارا معاملا سٺين سوچن جي اندر... نتيجن جو نصاب... خدا جي حوالي ڪرڻ سان سونھن ڦٽندي آھي... لفظن ۽ سوچن ۾ باھہ جي چڙنگ جيان طاقت آھي سٺا لفظ پنھنجي ۽ سامھون وارن جي زندگي ٺاھيندا ۽ خراب، زندگي اڄ نہ بلڪہ ھارڊ ڊسڪ ۾ فٽ ٿي وڃڻ کان پوءِ سال اندر ماحولي گردش اھڙي پيدا ڪندا جنھن سان لڳندو اھو نصيب ۾ لکيل آھي... انسان پنھنجو نصيب عمل ۽ فڪر سان ٺاھيندو آھي۔ سڌي جستجو، سٺي صحبت، نوجواني ۾ درست فيصلا، دل جي ٻڌڻ ۽ ان تي بيھي اڳتي وڌڻ، لمحا با لمحا زندگي روشن ٿيندي ويندي آھي، زندگي جو فارمولو آسان آھي، پيار، فطري شفا آھي. محبت، محبوب جي من جي گفتگو جو عمل آھي.
عڪس صرف عڪاسي ڪرڻ عيوض ڪوانٽم موومينٽ پيدا ڪندو آھي. ڪنھن انسان جي رتبي ملڻ تي ان جي ان خوشي کي ڏسي پنھنجي خوشي شامل ڪرڻ سان خيالي اسپارڪ ساڳي خوشي مايوس ڪندڙ جي زندگي ۾ اچي طوفان مچائي سگهي ٿي. انسان ۽ دماغ مذاق ناھي پيارا. ڊپٽي جون ڳالھيون ٻڌي، ڪٿي بور تہ نٿو ٿئي، جيڪڏھن بور ٿئي ٿو تہ تو ۾ يقين جي ڪمي آھي. تون ماڻھن جي ڳالھين تي يقين ڪرين ٿو پر اندر جي آواز تي يقين نٿو ڪرين. يقين احساس جو نالو آھي. ان کي دماغ ۾ آڻي وقت جي تقاضا ۾ سوچن ۽ محسوسات جو پاڻي ڏيندو ڪر. اھو خواب جسم بڻجي ويندو، تون ان ۾ انجواءِ ڪندين، ڏس ڪتاب ڪيترا بہ پڙھجن، پر عمل نہ ھوندو اسان جي خام خيالي واقعي خيالن ۾ گم شم ٿي ويندي، بور نہ ٿي. بورنگ مٺو پاڻي آڻيندي آھي.
بورنگ دراصل اعلان آھي تہ ھي شيءِ تنھنجي لاءِ ناھي ٺھيل. تون اڳتي وڌ، اڃان ڳولھہ اھو ڪم جنھن سان ڪرڻ ۾ تو کي ٿڪاوٽ محسوس نہ ٿي. تنھنجي اندر ۾ سوچ جو خزانو، لفظن جي صورت ۾ معطر ماحول ڏيڻ جي طاقت رکي ٿو. تون عام انسان نہ بلڪہ سموري فطري سونھن ۽ جمال ڪثرت نعمتن جي تنھنجي دماغ تي منحصر ڪري ٿي. بوريت ٿورو دماغي آرام ڪرڻ سان ختم ٿي ويندي آھي. پيارا ٿورو آرام ڪجي پوءِ وڏي مڇي ننڍي مڇي کي ڪھڙي ريت کائيندي آھي ۽ وڏي مڇي کي ڪنھن چڪ ھنيان جو ننڍي مڇي کي تنگ ڪرڻ ۾ مزو ايندو اٿس. ان تي ڳالھہ ٻولھہ ڪنداسين، ڇو ته؛
تنھنجي زندگيءَ ۾ پيار
پيار ئي پيار آھي.
تون خدا جي سھڻي
۽ مڪمل تخليق آھين...
تو وٽ پئسو جام آھي
جنھن سان تون
پنھنجي، پنھنجي فيملي
۽ معاشري جي ضرورت مند
ماڻھن جي مدد ڪرين ٿو...
ڇو تہ پئسو
ڏاڍي پياري شيءِ آھي...
..........................................

ڊپٽي..! ڪھڙا انسان ھوندا جيڪي ھي تنھنجون ڳالھيون پڙھندا ۽ وري سوچ تي عمل ڪري زندگي جنت بڻائيندا... جتي مڪمل بي حسي غربت ۽ خوف ھجي، اتي ڪيئن ٿيون اھڙيون شيون ڪم ڪري سگهن. پيارا...
اھو بہ تنھنجو پراڻو بليف سسٽم آھي. تو کي پڙھايو ويو اھڙي طريقي سان آھي، جيڪو انسان تي ڀاڙڻ ۽ ان سان گڏجي ڪاميابين کي ناممڪنات ۾ شامل ڪري منھن ڀر ڪيرائڻ واري خوشي جي رونق ٿيندي ھجي، ڪجهہ سال اڪيلو پاڻ تي ڪم ڪرڻ سان، معاشرتي اٿ ويھہ کي سمجهڻ کانپوءِ... ڊگهي سوچ رکجي...
ھر ڪنھن کي معاف ڪري اڳتي وڌجي، ننڍين ڳالھين تي وڙھڻ وارا ھڪ ٻي کي ڪامياب ٿيڻ کان روڪيندا آھن.
ھو درگذر ڪري مقصد طرف ناھن ويندا... مقصد ڪنھن وٽ ناھي اھو مري چڪو آھي. صرف ذاتي مقصد، موت پيدا ڪندو آھي. معاشري جو موت... ان ۾ اسان پاڻ بہ زخمي روح کي ڪربناڪ سفر ۾ گذاريندا آھيون، ڏس؛
ھي جواني، فيصلا ڪن مرحلو آھي. اھي شيون پڙھجن، ڏسجن، ٻڌجن، جنھن سان تنھنجي معاشي، ذاتي، دماغي، جسماني زندگي بدلجي. جڏھن ائين ٿي وڃي ته، اھو علم، حلم، استقامت، صبر، ادب، سڀ معاشري ۾ ورھائڻ جي ڪوشش ڪجي. پئسا ڪير بہ ناھي ورھائيندو.

ڊپٽي ائين ڇو؟؟؟ فقير کي پنج روپيا ڏيڻ مھل بہ خوف ۾ ھوندا آھيون تہ ڪٿي اسان جا پئسا کٽي نہ پون. پيارا پئسا پنا ناھن، ڪاغذ ناھن، پئسو ھڪ بردبار ۽ احساس سان ڀريل سوچ جو نالو آھي. پئسو ملڪ مضبوط ڪري ٿو زندگيون آسان ۽ انسان سخي ڪري ٿو. پئسو محبوب سان محبت وڌائي ٿو.
ڏس! پئسن جي باري ۾ جيڪو بہ گهٽ وڌ ڳالھايو اٿي، پئسن کان معافي وٺ...!
پئسن کي چئو؛ ”مان توهان سان پيار ڪندو آھيان، توهان پياري شيءِ آھيو، مون کي معاف ڪيو ۽ توھان جي مھرباني، ڇو ته؛

تنھنجي زندگيءَ ۾ پيار
پيار ئي پيار آھي.
تون خدا جي سھڻي
۽ مڪمل تخليق آھين...
تو وٽ پئسو جام آھي
جنھن سان تون
پنھنجي، پنھنجي فيملي
۽ معاشري جي ضرورت مند
ماڻھن جي مدد ڪرين ٿو...
ڇو تہ پئسو
ڏاڍي پياري شيءِ آھي...
...................................
پيارا... استاد بخاري چوي ٿو؛ ”وقت ڏٺوسين پاڻ پليوسين، پيار نٿو پلجي.“
پيارا، پيار پالجڻ صفا آسان آھي. پيار کي وقت ڏبو آھي. ٿڌي ساھه کي جهلبو آھي. جسماني خواھشن کي روحاني خواھش ڪرڻ لاءِ. روح ۾ شا ئستگي پيدا ڪبي آھي پوءِ روح ملندا آھن، جسم انھن جو فزيڪل عڪس آھي.
فزيڪل عڪس فزڪس مان نڪتو آھي. فزيڪ جسم کي چوندا آھن، روح ڪھڙي ريت عمل ڪري. روح جي دانھن يا آھه... اھي ڪير ٻڌندو. ساڳيو جسم ڳولڻ کانپوءِ سنگت جي صورت ۾ ڏک ۽ سک اوربا آھن. اڄ جا انسان روحاني محبت ۽ جسماني محبت کي الڳ الڳ ناءُ ڏين ٿا. ھاھاھا...
پيارا... ڪجهہ عجيب ٿي ويو آھي. پيارا... روح... لڪنت آھي چرپر آھي. جسم پورائي ڪري ٿو. سوچ غلط آھي چينج ڪجي ته؛ فقير امير ٿي فقيري ڪم ڪري سگهي ٿو.
فقير بڻجي خودڪشي نہ پيارا... فطرت سونھن ۽ نعمتن سان ڀريل آھي.... وقت ڪير نٿو ڏي. ساڳي زندگي گذارڻ تي سوال ڪير نٿو اٿاري پاڻ کان... ٻين کان سوال ڪرڻ گناھه آھي. ھن معاشري ۾ معاشري کي خراب چوڻ واري وٽ ڪھڙي سند آھي تہ ھو معاشري جا سلجهيل انسان آھي. بليم گيم ٽيڪنالاجي جي اڳيان ڪوڙي قرار ٿي چڪي آھي.
بليم گيم وارا بہ پئسو ٺاھين ٿا، پر جيڪي انھن جي ڪڍ ھلن ٿا اھي لڪير جا فقير ٿي وقت وڃائين ٿا. انھن کي گهرجي تہ بارش اچڻ کان اڳ رومانٽڪ ماحول پيدا ڪن، نہ ڪي برساتي ٻوڏ جي فڪر ۾ رھي نيگيٽوٽي کي جنم ڏين...
ڏس پيارا... ھزارين ڪتاب نصيحتن ۽ ڪمال جي خيالن سان ڀريل پيل آھن پر انھن کي چند علمي انسان ڪنھن حد تائين پڙھن ٿا، در اصل ڪتاب اھڙا آڻجن جنھن سان انساني سوچ تبديل ٿئي ۽ لکندڙ جي معاشي زندگي، لفظ لفظ وڪرو ڪجن. فطري فن کي ڪيش ڪجي.
فطرت ڪيش جو ٻيو نالو آھي. پئسو آھي تہ ڪمي ختم ٿي وڃي ۽ برائي ٿيڻ بند ٿي وڃي. جيڪڏھن پئسو ناھي اسٽريٽ ڪرايم وڌي ٿو. ھر شھر ۾ ھر ڪم ۾ پئسي کي حاصل ڪرڻ جي ڇڪتاڻ آھي. وڙھن ٿا، لوڙھين ٿا... روئين ٿا... پيارا رات دوست ڳالھہ پيو ڪري تہ پئسن ڦرڻ وارن کي پئسن ڪمائڻ وارن کان وڌيڪ ضرورت آھي، مزدور کي پندرنھن سئو ڏھاڙي ملڻ کانپوءِ ڪير رستي تي پندرنھن سئو کسي وڃي تہ اھو ڇا ٿو ڪري سگهي، بس اھو مقدر تي...شڪايت ڪرڻ بدران، سوچن جي شڪايت ڪري تہ اصل شعور ڪھڙي ريت زندگي بدلائي ٿو.

انسانن وٽ ڪجهہ ناھي، بس فطرت وٽ سڀ ڪجهہ آھي، ڪا بہ دعا گهرجي ان وقت اھو سوچجي تہ منھنجي زندگي ۾ اھا شيءِ يا لمحو اچي چڪو آھي، ان شيءِ يا لمحي جي پھريان شڪرگذاري ڪجي پوءِ فطرت تي ڇڏي ڏجي، اھا ضرور زندگي ۾ ايندي. فطري وقت ۽ انساني وقت الڳ الڳ شيءِ آھن. اسان جي وقت جي مطابق اسان جي خواھش پوري نہ ٿيندي بلڪہ فطري وقت مطابق ۽ اسان جي احساس مطابق شيءِ يا خواھش پوري ٿيندي، ڇو ته؛
تنھنجي زندگيءَ ۾ پيار
پيار ئي پيار آھي.
تون خدا جي سھڻي
۽ مڪمل تخليق آھين...
تو وٽ پئسو جام آھي
جنھن سان تون
پنھنجي، پنھنجي فيملي
۽ معاشري جي ضرورت مند
ماڻھن جي مدد ڪرين ٿو...
ڇو تہ پئسو
ڏاڍي پياري شيءِ آھي...
....................................
پيارا... اڄ فقير منش ھوٽل تي ھلون ٿا. اتي ھاسٽل لائيف ۽ محبت جو گهن چڪر بحث ھيٺ آڻيون ٿا. ڊپٽي... تون.... اڳواڻن تي ڇا سوچيندو آھين. يار اڳواڻ ڪھڙا بہ ھجن. ھنن کي پئسن ٺاھڻ جو فن ضرور ھوندو آھي. پنجاھه ڪمائيندا تہ ڏھه روپيا ھڪڙي کي ۽ ڏھه روپيا ٻي کي ڏيندا باقي ٽيھہ روپيا کيسي ۾ وجهي پوءِ ڀٽائي جو ھي بيت پڙھندا آھن؛ ”جي تون بيت ڀانئين آيتون آھين، نيو من لائين پريان سندي پار ڏي.“
ڊپٽي ھي تہ ھنن جي جدوجھد ۽ شعور تي مبني ھوندو آھي سڀ ڪجهہ انھن سان عوام ھوندي آھي... عوام صرف انھن جا ڪارڪن ھوندا آھن، جيڪي سوچ ۽ فڪر کان پري چند گروھه اندر مال ميڙڻ سندن جو پيشو ھوندو آھي... ڊپٽي تون ڪٿي مايوس ٿي انھن جي ڪاميابي جي شڪايت تہ نٿو ڪرين. ھو تہ انجواءِ ڪن ٿا جيڪو انھن جي نصيب ۾ آھي، ممڪن آھي انھن ڪڏھن لوڪل بسن جي سواري ڪئي ھجي ۽ ھاڻ پراڊو ۾ گهمن ٿا، تون، واقعي حسد ڪرين ٿو. ڊپٽي... نہ پيارا...
اصل ۾ عوام انھن سان گڏ ھلي ٿي اھي ذميدار آھن، پنھنجي مستقبل جي ان گروھه اندر مخصوص ماڻھو ڪجهہ ڪشالا ڪري ڪامياب ٿي وڃن ٿا پر ساڳي ھڪ نظريي جي غريب ڪارڪن لاءِ دراوازا بند ٿي وڃڻ دراصل حسد آھي. جڏھن ان منزل تي پھچن ٿا تہ ھيٺين کي پاڻ سان گڏ کڻي ھلن ۽ انھن کي پڻ گر سيکارين تہ ڏسو، گڏجي انجواءِ ڪنداسين. گوڊ فيٿ قائم ھجڻ گهرجي. اڄ جو انسان اڻ کٽ خزانا وساري چڪو آھي ۽ وري رڪاوٽ پيدا ڪرڻ ۾ مھارت رکي ٿو. توڙي جو وسيلن جي فطرت ۾ ڪمي ڪونھي، انسان خوف وچان من ڪو اڳتي اچي، جي سوچ سان پنھنجن ۽ پراين سان ساڳي ويڌن ڪري ٿو. اصل ڪاميابي ٻين انسانن جي ڪاميابي کي ڏسي خوشي جو اظھار آھي. سڀ انسان ھڪ آھيون سوچ ۽ فڪر جو فرق آھي. سوچ، خالي سوچ بہ ٿي سگهي ٿي، فن ان سوچ جو نالو آھي جنھن تي عمل پڻ ڪجي. فڪر فاقن کان بچائي ٿو.
انسان ٻاھرين دنيا ڏانھن گهڻو وڏو راغب ٿي چڪو آھي پيارا... مون بطور عام انسان جواني جو سڄو حصو ماڻھن جي ھر اھا شيءِ برداشت ڪئي، جنھن سان مون کي درجو ملندو، اھا بعد ۾ خبر پئي.
ڏس پيارا... ڪير عظيم امير انسان جتي آھي ان کي عوام جي گارين يا ڌرڻن سان ڪجهہ نہ ٿيندو بلڪہ حڪمت عملي سان ان جي ڪلھن تي پھچڻ ساڃانھہ وندن جو ڪم آھي ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ مفاد جي محور ۾ رھڻ زندگي گذارڻ ھڪ بھترين سنوڻ آھي. جتي پيٽ جي روزي لکيل ھجي اتي برداشت برڪت پيدا ڪندي آھي، نہ ڪي باغي سوچ رکي اندر جي انتشار کي اڀ جيترو وڌائي.
ناڪامي جي واويلا ڪجي. مقابلو ڪرڻ، چپ ۾ اڳتي وڌڻ ۽ پاڻ تي ڪم ڪرڻ وڏي حڪمت آھي، ھن دور ۾ خاص ڪري اسان جو معاشرو اڃا تائين ڏکن ۽ خوف ڦھلائڻ لاءِ ڪم ڪري ٿو.
ھر انسان وٽ ساڳيو تعويذ آھي جيڪو ڪنھن نہ ڪنھن ذريعي عام ماڻھن جي ڳچي ۾ فٽ ڪيو وڃي ٿو. عام ماڻھو کي پاڻ کان سوال ڪرڻو پوندو تہ ڇا مان جتي آھيان اتي خوش آھيان. ٻار خوش آھن گهر ۾ ڪا ڪمي تہ ڪونھي.
اندر ۾ ساڙ يا بي حسي تہ ڪونھي يا مجبور ٿي خدا جي ليڪي ۾ رھڻ ڪري سادگي جي زندگي کي عبادت سمجهي اڳتي وڌڻ ئي زندگي جو مقصد آھي؟؟ ڇو ته؛

تنھنجي زندگيءَ ۾ پيار
پيار ئي پيار آھي.
تون خدا جي سھڻي
۽ مڪمل تخليق آھين...
تو وٽ پئسو جام آھي
جنھن سان تون
پنھنجي، پنھنجي فيملي
۽ معاشري جي ضرورت مند
ماڻھن جي مدد ڪرين ٿو...
ڇو تہ پئسو
ڏاڍي پياري شيءِ آھي...
..........................................
پيارا... جڏھن ڪا اڻ وڻندڙ ڀاڄي اڳيان اچي تہ ان جي تعريف ڪندو ڪر. باقي، ڏينھن ۾ شيون ڀليون مليون ھونديون، ان کي ياد ڪري خراب ڏينھن جي ناشڪري نہ ڪجي. ڏس پيارا... جڏھن بہ گانا ٻڌين ته، موٽيوشنل ٻڌجان عشق ۾ بي وفائي، ڇڏي وڃڻ، تنقيد، ڏک ۽ دانھن جي شاعري نہ ٻڌ ۽ نہ ئي گانا ٻڌجانءِ پيارا... فقير منش ھوٽل تي کير بنا ڪيميڪل وارو ملندو آھي، چانھہ ۾ خوشبو ريو بسڪٽ جي اچي ٿي، ھي لڳي ٿو بسڪٽ وجهي چانھہ پياريندو آھي. واقعي ڀلوڙ چانھہ پياري ٿو، ٻڌ ھي سفر...
ڪيڏو نہ حسين آھي، ان اندر انسان جنھن شيءِ جي ڳولھا ڪري ٿو اھو پاڻ آھي پوءِ وڃي ان کي منزل ملي ٿي، پاڻ پاڻھي پالڻھار... من ۾ محور مجنون آھي.
ٻڌ...! مجنون عاشق ھو ليلا جو. پيارا تو ڪڏھن عشق ڪيو؟ ھا ڊپٽي، عشق، ڪجهہ ناھي. بس سبق آھي ھڪ، ڌرتي گول ڦري ٿي. دل ڌڙڪي ٿي، روح روشني آھي، انسان فنا، باقي زندگي آھي. ھر وقت زندگي آھي جڏھن پيءَ ۽ پٽ پاڻ ۾ دوست بڻجي زندگي گذارين ٿا تہ ان ۾ مقام ۽ محبت پيدا ٿيندي آھي. ننڍي سوچ ننڍو ماحول پيدا ڪري ٿي.
او... فقير...!
يار چانھہ... پيار جيڪا چڪور جي چپن جيان چھچٽي واري ھجي...
حاضر... ڊپٽي...
اسان غريبن جو ھن معاشري ۾ ڪو حصو آھي يا نہ؟ آھي فقير تمام ججهو حصو اڻ کٽ... حصو...
تون پاڻ کان سوال ڪر مان خواب ڪھڙو ڏسي سگهان ٿو؟ جھڙا خواب تھڙي زندگي... يار ٻچن جو سوچيندو آھيان، ڪاش اھي پڙھي پون. ايترا پئسا ناھن جو کين وڏي تعليم ڏياري سگهان....
فقير... تعليم ملي ويندي تون صرف خوف دل مان ڪڍي آزادي پيدا ڪر روح رستو پاڻ ڳولھيندو آھي.
پيارا....
حيدرآباد ۾ رات جو ڀان روڊ تي کدڙا فقير گهمندا وتندا آھن، انھن سان ڪچھري ڪرڻ جو مزو ئي پنھنجو آھي، انھن وٽ مختلف معاملا ۽ شڪايتون آھن. جن جو انھن کي حل نظر نٿو اچي، رومانس، پئسي جو مختلف نالن منجهان نالو آھي، تون رومانس ڪندو ڪر، پاڻ سان، ٻي سان ڪندين تہ فيس ڀرڻي پوندئي. شادي ۾ لکين يا ڪروڙين خرچ ڪرڻ، رومانس جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي آھي. يار... پئسو... ڪيتري نہ عجيب ۽ غريب شيءِ آھي، جيڪا ھر ڳالھہ ۾ فٽ ٿيو وڃي.
ڊپٽي... ھو ڏس... گلن جي ٽاري... ھر گل ڪو ھا پيو ڪري ڪو نہ پيو ڪري. تھڙي ريت ھر انسان جي خواھش بہ ڪنڌ لوڏي ڪا ھا ڪندي ڪا نہ. معاشري اندر نھڪار وڏو بگاڙ آندو آھي. ان تي ڪم ٿيڻ گهرجي... پيارا... جنھن وٽ جيتري طاقت آھي ڪجهہ بہ ڪنھن انسان لاءِ ڪرڻ جي اھا ڪري... معاشرو بيلنس طرف وڃڻ شروع ٿيندو.
ھر انسان وٽ پنھنجو علم آھي وري عمل بہ... نٿو ٻڌو يا ڪيو وڃي اھو رستا روڪ ڪري ٿو... جڏھن تہ پيدا ٿيڻ جو مطلب... فن مان ٻي کي فنڪار ٺاھڻ آھي. اسان جو ھتي ڇا آھي... سڀ ان طرف کان مليو آھي جسم ۾ رت مفت جي، ھوا ۾ آڪسيجن مفت جي، پاڻي مٺو مفت ۾، اسان سڀ شيون پئسن تي ڪري ڇڏيون آھن. ڇو تہ پئسن جي ظاھري طور ڪمي ڪري ڏيکاري وڃي ٿي.
انسان ۾ پوءِ پٽ سٽ جنم وٺي ٿي اھڙي ريت انسان وحشت ۾ اچي دھشت پيدا ڪري ڪامياب ٿي وڃي ٿو... ڇو ته؛
تنھنجي زندگيءَ ۾ پيار
پيار ئي پيار آھي.
تون خدا جي سھڻي
۽ مڪمل تخليق آھين...
تو وٽ پئسو جام آھي
جنھن سان تون
پنھنجي، پنھنجي فيملي
۽ معاشري جي ضرورت مند
ماڻھن جي مدد ڪرين ٿو...
ڇو تہ پئسو
ڏاڍي پياري شيءِ آھي...
.............................

4

ڊپٽي... عورت ڇا آھي، تنھنجي نظر ۾...؟؟ پيارا عورت... خدا جي تخليق آھي جنھن ۾ ساڳي رت ۽ ساڳيو ذھن آھي. ان ۾ محنت ڪرڻ جي سگهہ ۽ خوابن کي ماڻڻ جي اچلتا آھي. عورت جي نصيب کي پردي جي ديوار ۾ نہ ھڻجي بلڪہ عام انسان جيان ڪار وھنوار ۾ حصو وٺي مقام الفت ۽ مقام برڪت تي پھچڻ کين حق آھي، معاشري ۾ رڪاوٽون سڀن اڳيان اچن ٿيون بس بردباري ھجي منھن ڏجي اڳتي وڌڻ گهرجي. ڏس ھي دنيا ھڪ ميدان آھي محبت ۽ جنگ جو... جتي محبت ڪم اچي اتي محبت سان ڪم ڪرڻ گهرجي جتي وڙھڻو پوي اتي بہ محبت سان وڙھڻ گهرجي. جان قيمتي آھي، جان جو نذرانو، پيش ڪرڻ بي وقوفي آھي، وڙھڻ جي مھارت اچڻ گهرجي، پيارا... وقت جو ڪو وجود ڪونھي. ڊپٽي تون ڪڏھن محبت ۾ انڌو ٿيو آھين يا، آءٌ انڌو نہ چريو ٿيو آھيان ضرور... انڌو تہ ھر ڪو ٿي وڃي ٿو... ڏس... شادي کان پوءِ... محبت جو ملڻ يا نہ ملڻ بہ راز آھي.... جنھن کي محبت ملي ٿي اھو مقصد سان سچو آھي سڀ ڪجهہ مليو وڃي، پر جيڪو اڃان ڪچو آھي تہ ان کي ھڪ شيءِ ڏئي ٻي شيءِ کسي وڃي ٿي. يار ماڻھن کي حڪمت نٿي کپي... پئسا کپن ٿا. ڪجهہ ماڻھو حڪمت ۽ ڏاھپ ذريعي خدمت ڪندا ڪجهہ پئسن سان خدمت ڪندا ڪجهہ وٺڻ وارا ھوندا تہ ڪجهہ ڏيڻ وارا... سڀ سفر ۾ ھڪ ئي منزل جا مسافر آھن، پر زندگيءَ ۾ ماڻھن کي رڪاوٽ ۽ تنقيد سان مارڻو ضرور آھي، جيڪو بيھجي ويو، سنڀالي ويو اھو راڄ ڪندو جيڪو ھر ڳالھہ تي چيخون ڪندو اھو ويو. پيارا ھن دنيا جا بداخلاق تو کي ڪاميابي ۾ مدد ڪندا، حسد ڪندڙ تنھنجي درجن ۾ اضافو ڪندا، رستا روڪ تو کي درجن ڏيڻ ۾ مدد ڪندا، ڪوڙي واھه واھه ڪرڻ وارا تو کي عزت ۾ اضافو ڏياريندا... بس شرط اھو آھي تہ تون زندگي جو سفر خاموشي سان گذاريندين ۽ وڏو مقصد ھجڻ لازمي آھي. جنھن وٽ زندگي کي صرف گذارڻو آھي ان وٽ آخر ۾ ڪجهہ نہ بچندو ۽ پيارا ھي ڳالھيون صرف اڳتي وڌندڙ روحن لاءِ آھن. ممڪن آھي نيچرل اميرن کي ھي ڳالھيون سمجهہ ۾ نہ اچن... ڇو تہ:
تنھنجي زندگيءَ ۾ پيار
پيار ئي پيار آھي.
تون خدا جي سھڻي
۽ مڪمل تخليق آھين...
تو وٽ پئسو جام آھي
جنھن سان تون
پنھنجي، پنھنجي فيملي
۽ معاشري جي ضرورت مند
ماڻھن جي مدد ڪرين ٿو...
ڇو تہ پئسو
ڏاڍي پياري شيءِ آھي...
.......................................
ڊپٽي... ننڊ چوندا آھن اڌ موت آھي. اڌ موت مان ڇا مراد آھي...؟ پيارا... ننڊ ڪرڻ وقت خواب کي ڪھڙي ريت پورو ٿيڻ گهرجي ان ۾ ساھه وجهڻ لاءِ ننڊ جو استعمال ڪرڻ گهرجي. اسان جي ننڊ جسم جي ننڊ آھي دماغ جاڳندو آھي، اھي خيال پيدا ڪندو آھي جيڪي اسان سڄو ڏينھن سوچيون ڏسون ۽ ٻڌون ٿا. جيڪڏھن خيال پريشان ٿيڻ وارا غربت جو خوف ۽ ماڻھن جون شڪايتون ذھن ۾ رکي سمھنداسين تہ اسان جي ننڊ ٿڪاوٽ پيدا ڪندي. ننڊ ۾ بہ ڪاميابي محسوس ڪري سگهجي ٿي. پيارا پنھنجي دل ۾ ايندڙ خيالن جو مشاھدو ڪندڙ ٿي گهمندو ڪر. سڀ خيال ڪم جا ناھن ھوندا جيڪي خيال لڳي ٿو ڪم جا آھن، اهي بار بار سوچيندو ڪر پر ان ۾ احساس ھجي... زندگي ھجي. جهڙي طرح ھو مڪمل ٿي چڪا آھن... زندگي نالو ئي آھي لازوال خيال جو. پيارا... شام جا اٺ ٿي رھيا آھن ۽ ٻڌو آھي تہ برساتي ٻوڏ سنڌ اندر صرف ٽن کان چئن ضلعن کي زد ۾ آڻيندي، ڊپٽي ان کي سالن کان نڪرندڙ ججهي بجيٽ ذريعي ڪٿي ڪو حل ھوندو، جنھن سان ماڻھن ۾ خوف واري لھر ختم ٿيڻ گهرجي ۽ پاڻي کي رستو ملڻ گهرجي ھا پيارا... ھر تعلقي جي ٻاھرين پاسي ننڍي پيماني تي ڊيم ٺاھڻ گهرجن... جتي مڪمل پاڻي جو رستو پيدا ڪري ان پاڻي مان ٻيا بہ فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا، برساتي ٻوڏ واقعي ايندي ڇو تہ رستا رستن جھڙا آھن ۽ شاخون پراڻي نظام جي ساڳي اسٽرڪچر جون ٺھيل آھن، جنھن ۾ عام طور تي ايندڙ پاڻي سيو ڪرڻ جي ڪيپيسٽي نہ آھي اھا ڪٿان ايڪسٽرا پاڻي رکندي اھا ان کي جڳھہ نہ ڏيندي ۽ پاڪ پاڻي جي عزت نہ ڪرڻ سان ھو انسانن کي احساس ڏيارڻ لاءِ تڪليف ۾ ضرور وجهندو... ڏس گلابن سان گڏ ڪنڊا بہ ھوندا آھن، پر اسان صرف گلابن طرف متوجھہ ھوندا آھيون، گلابن سان ڪنڊا ھجڻ ھڪ سيفٽي ڊور آھي، جتي وڏن جيتن جو اچڻ بند ھوندو آھي ۽ گلاب شھزادي جيان پلجندو آھي. ھن دنيا ۾ ڪجهہ خراب لڳندڙ شيون دراصل اسان جي حياتي جو بچاءَ ڪنديون آھن، پر انھن کي اسان پنھنجي شعوري سطح تي نہ سمجهي سگهڻ ڪري مختلف معاملن جو شڪار ٿي مايوس ٿي ويندا آھيون. فطرت ھر وقت انسان لاءِ ڪم ڪري ٿي. انسان صرف انسانن کان متاثر ٿي اڳتي وڌي ٿو، ھر انسان اندر فطرت جي حساب سان مختلف شيون رکيل آھن.
پيارا جڏھن بہ پيسا خرچ ڪندو آھين يا ڪنھن کي ڏيندو آھين خوش ٿي ڏيندو ڪر ۽ اھو محسوس ڪري ڏيندو ڪر ھي واپس ڏھه ڀيرا وڌيڪ ايندو ۽ آءٌ انسان کي غريب مستحق عوام کي ڏيندس جيترو بہ ٿي سگهيو، پيارا ھي زندگي اڌ پنھنجي آھي اڌ انسانن جي ستر سالن مان چاليھہ تنھنجا ٽيھہ انسانن جا، خدا سان انسانن جي شڪايت ۾ وقت نہ وڃاءِ، معاف ڪري انسانن کي پوءِ دعا گهرندو ڪر... وڏي اسپيڊ سان دعا قبول ٿيندي. پيارا ھن دور ۾ ھر ڪنھن جي وات ۾ شڪايت آھي مھانگائي وڌي وئي آھي، ھي ٿي ويو آھي، ھو ٿي ويو آھي، پر ان سوچ جي زاوئي کي اھڙي ريت سوچجي تہ خدا وٽ ھر شيءِ جي ڪثرت آھي، ان ساڳي ڪثرت مان ھي چار پنج ڪم بہ ٿي ويندا ۽ ان جو شڪريو ادا ڪجي. پيارا نيوٽن صبح جو سئو دفعا ۽ شام جو سئو دفعا ٿينڪ يو يونيورس ٿينڪ يو يونيورس چوندو ھو.. ھر شيءِ تي شڪر گذار رھڻ گهرجي، زندگي ڪاميابي جو رخ وٺندي. اسان جنھن ڪرسي تي ويٺا آھيون، ان اسان جو بار برداشت ڪيو آھي ان جو شڪر ادا ڪري اٿڻ گهرجي. گهر ۾ ھلندڙ نيٽ، پاڻي مڪمل فيملي ننڍي کان وڏي شيءِ جو شڪر گذار رھڻ زندگي ۾ بدلاءُ آڻيندو. ڏس پيارا... ادب اھو پڙھه جيڪو زندگي جي نعمتن ۾ اضافو ڪري... مايوسي وارو ادب دماغ جي رستن کي ويتر مضبوط ڪري ساڳي طرز جا خيال آڻي معاشري ۽ ماحول ۾ جنم ڏيندو آھي. ماحول ٺاھڻ انسان جي ھٿن ۾ آھي. اڄ اسان جتي آھيون اھو اسان جي ماضي جا سوچيل خيال آھن جن اسان کي ھتي پھچايو آھي صرف حال ۾ طاقت آھي جيڪا نئين زندگي کي جنم ڏيندي پيارا... ھن زندگيءَ ۾ ڪجهہ شيون اسان جي نظرن کان گهڻي وقت لاءِ اوجهل رھيون آھن. پر ھاڻ ٽيڪنالاجي جي دور ۾ انساني دماغ بہ ڊجيٽل ورلڊ طرف گامزن ٿيو آھي پر اسان جي معاشري ۾ ميجارٽي پيرنٽس ۽ انسانن ۾ پراڻا خيال ۽ رسمون وسن ٿيون جنھن سان ھو زندگي گذارن ٿا ۽ ٻين کي بہ پابند رھڻ جو چون ٿا، حالانڪہ زندگي ھر لمحي ۾ چينج ٿيندڙ فڪر ۽ فن جو نالو آھي... ڇو تہ:
تنھنجي زندگيءَ ۾ پيار
پيار ئي پيار آھي.
تون خدا جي سھڻي
۽ مڪمل تخليق آھين...
تو وٽ پئسو جام آھي
جنھن سان تون
پنھنجي، پنھنجي فيملي
۽ معاشري جي ضرورت مند
ماڻھن جي مدد ڪرين ٿو...
ڇو تہ پئسو
ڏاڍي پياري شيءِ آھي...
............................
ڊپٽي انسان سموري زندگي گناھه جي احساس شرمساري، ناڪامي جي خوف، ڪردار ۾ ڪمي ۽ پوئلڳي ڪرڻ ۾ گذاري ٿو. ڪنھن چيلينج اچڻ سان ٽٽي پوي ٿو. صبر ختم ٿي چڪو... بليف سسٽم ڪمزور ٿي چڪو آھي. نواڻ ھجڻ جي باوجود ڳولھا ۾ ناڪام ٿي چڪو آھي، پر ٻاھرين ملڪن جي انسانن ۾ ھر وقت ذھني ۽ جسماني نشونما ٿيندي رھي ٿي، اسان جي انسانن ۾ رات ڏينھن ساڳي صبح ۽ شام ساڳي، گفتگو ساڳي عمل ساڳي... ھي سالن جا چھچٽا لمحن ۾ ڪھڙي ريت بدلجن... آخر بدلجن ڇو ممڪن آھي، ھو ان کي زندگي چوندا ھجن ۽ انھن کي ان ۾ ئي سڪون ملندو ھجي ۽ ھو ان ۾ ئي رھڻ سکي ويا ھجن. پيارا دماغ، ڪڏھن بہ تڪڙ ۾ نئين شيءِ کي قبول نہ ڪندو ھو، حواسن ذريعي دليل گهرندو سوال ڪندو، پروف گهرندو، يقين نہ ڪندو. ڀلي کڻي ان جو ماضي ۾ نقصان ٿيو ھجي، ھو سوال در سوال ڪندو. ان کي ڪا شيءِ ۾ مفت ۾ ملندي تہ سوال ڪندو. پئسن تي ملندي تہ سوال ڪندو. دماغ جو ڪم آھي رڪاوٽ، پر دماغ جي اندر، جتان اسان جي زندگي جو گاڏو ھلي ٿو. لاشعور ۽ تحت الشعور ان ۾ ڏسندڙ اکين جي ذريعي شيون سيوَ ٿيل آھن. جيڪي بار بار ان کي دھرائي زندگيءَ ۾ روح ڦوڪين ٿيون. جنھن سان مڊل ڪلاس جي زندگي ھلندي رھي ٿي. ٻڌ تون پاڻ کي معاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪر ۽ ڏينھن ۾ ڏھه دفعا پاڻ کي آءِ لو يو چوندو ڪر. آلو يو گاڊ... آءِ لو يو يونيورس... پاڻ کي قبول ڪر... ماڻھن جي چوڻ تي پاڻ کي تبديل نہ ڪر ۽ اھو نہ سوچ تہ ”ماڻھو ڇا سوچيندا.“ اھي سڀ ڪم جا فارمولا ناھن. اھي تہ اھي پراڻا زھر آھن، جيڪي انسانن وٽان ملن ٿا پر ھر انسان ۾ فڪر جو فن ناھي، ان ڪري تنگي مان گهڻي قدر گذرن ٿا، سخي دل تنگي مان ناھي گذرندي پيارا سخي صرف پئسن سان ناھي ھوندو. ڪنھن کي سٺي صلاح ڏيڻ بہ سخاوت آھي، ڪنھن کي وقت ڏيڻ بہ سخاوت آھي ڪنھن سان سٺو کلي ڳالھائڻ بہ سخاوت آھي. سخاوت اھا شيءِ آھي، جنھن سان ڪنھن جو موڊ سٺو ٿي سگهي ٿو. تون انسانن جو موڊ سٺي ڪرڻ جي ڪوشش ڪر. سخي ٿي ويندين. ھا، پاڻ کي مڪمل سمجهي رتبو حاصل ڪري معاشي طور مضبوط ٿي، پوءِ ھن دنيا کي ڏسڻ شروع ڪر. تون ڪمزوري مان طاقتور ٿي. انسانن جي مدد ڪرڻ شروع ڪر، انسانن لاءِ طاقتور ٿي، انسانن کي ڊيڄارڻ وارن مان نہ ٿجانءِ. زندگي گهور انڌيري ۾ دفن ٿي ويندي. ماڻھو تو کي وساري ڇڏيندا. ھمدرد ٿي. اڳيان ڀلي توکي تڪليف ڏين، تون پنھنجي مقصد ۽ ڳالھين تي قائم رھجان، سڀ تنھنجو آڌر ڀاءُ ڪندا. ڏس پيارا ھي زندگي گذريل زندگيءَ جي آڌار تي نہ گذارجان. ڪجهہ شين تي انڌو يقين ڪري اڳتي ھلڻ سان فائدو ملندو آھي... ڇو تہ:
تنھنجي زندگيءَ ۾ پيار
پيار ئي پيار آھي.
تون خدا جي سھڻي
۽ مڪمل تخليق آھين...
تو وٽ پئسو جام آھي
جنھن سان تون
پنھنجي، پنھنجي فيملي
۽ معاشري جي ضرورت مند
ماڻھن جي مدد ڪرين ٿو...
ڇو تہ پئسو
ڏاڍي پياري شيءِ آھي...
.......................................
پيارا ھي دنيا تو کي رنج ڏيندي، ڪجهہ بہ ڏئي سگهي ٿي، پر اھا تو کي ناھي ڏيندي اصل ۾ ان جي اندر ضمير جا زخم ٻين جي روحن کي زخمي ڪندا آھن. ھي اصل راز آھي تہ جنھن وٽ جيڪو آھي اتان اھا شيءِ ملندي، پوءِ پياري روح کان پيار ۽ عزت ملندي. زخمي روح کان اڃان وڌيڪ زخم، پر ھر روح يا ھر انسان ھڪ ھجڻ جي باوجود عمل ۾ اڳتي پوئتي آھي، ان جو حل صرف اھو آھي تہ ھو پاڻ کي سڃاڻڻ کان وڌيڪ ٻين جي زندگي ۾ اکيون رکي ٿو ۽ ڄاڻڻ چاھي ٿو، ذھني ۽ جسماني واندڪائي ماڻھن جي عيب اندر وندر ڳولي ٿي، شام جو ڪچھري جي بھاني انيڪ مردن ۽ عورتن جي باري ۾ الزام تراشي روز مرھه جو مشغلو بڻجي چڪو آھي، تخليقي شعور اسان وٽ ختم ٿي چڪو آھي. جيڪو ڪجهہ ڪرڻ چاھيـندو يا ڪا نئين شيءِ آڻڻ جي ڳالھہ ڪندو تہ ان کي چريو قرار ڏنو ويندو، ان کي الڳ ٿلڳ قبول ڪرڻ بجاءِ ان جي لاءِ رستا روڪ ڪئي ويندي، ھي زندگي ھڪ اگهم پاور حاصل ڪرڻ جو ميدان آھي، پاور انھن روحن کان محفوظ ڪري ٿو جيڪو ناشڪري جي عذاب ۾ ٻي جي زندگي کي عذاب بڻائي ٿو. ان ۾ ذھني انتشار ۽ بي صبري لفاظي بداخلاقي پيدا ڪري ٿو عملي زندگي ۾ شڪايتون جنم وٺي چڪيون آھن، پر ان جي حل لاءِ ماڻھو ڪم نٿو ڪري، حل موجود آھن. نعمتون موجود آھن. راحت موجود آھي پر ان کي مختلف زاوين سان اڳتي آڻڻ بجاءِ نڪتہ چيني ڪئي وڃي ٿي. ھي عشق... پورو علم آھي. بس اھو علم جنھن سان پاڻ کي تڪليف ڏيڻ کان بچائي ٿو. ذھني اذيت سنجيدا دماغن کي مضبوط ڪري ٿي. نواڻ آڻي ٿي، ڇو ته؛ انسان ڏکن مان ٺھي ڏک دور ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو. اميد ڪم جي آھي پر ان کان وڌيڪ پاڻ تي يقين ھي ريت ۽ رسم جي افاديت صرف انھن تائين پھچي ٿي، جيڪي بار بار فائدو حاصل ڪن ٿا، جيڪي ان مان گذرن ٿا، جن کي ڪو بہ لاڀ نٿو ملي، اھي فرسٽريشن جو شڪار ٿي وڃن ٿا. ڏس خوف سان دڪان ھلندا آھن. دوزخ جو خوف... ڪنھن جي زندگي کي روشن ڪري ٿو. جنت ۽ صرف جنت ھن دنيا ۾ ذھني آسودگي جو نالو آھي، ھتي ملندڙ شيون جنت جيان ملن ٿيون، ججهي مقدار ۾... پيارا... شڪر ڪرڻ جنت جي زبان آھي. شڪايت ڪرڻ دوزخي زبان آھي. تون محبوب پئسي جي عزت ڪندو ڪر، ھي جوت بخشيندڙ ماکي ۽ مٺاڻ آھي. ھن کي حاصل ڪجي، انجواءِ ڪجي، مدد ڪجي. انھن جي جنھن وٽ ناھي ان کي رستو ۽ دڳ ڏجي تہ پئسا ڪنھن جي زندگي ۾ ڪھڙي ريت اچي سگهن ٿا. پئسو استاد آھي... جيڪو استادن کي جنم ڏي ٿو. شاگردن کي استاد بڻائي ٿو. پئسو لازوال ڪمال جي تخليق آھي. پئسي سان زمانو اڳتي وڌي ٿو ٽيڪنالاجي وجود ۾ اچي ٿي، بيروزگاري ختم ٿئي ٿي، پئسن سان نوان اسڪلز ملن ٿا، انھن سان اڃان وڌيڪ پئسا ڪمائي سگهجن ٿا. پئسو زندگي آھي. لمحا رونق آھن، محبوب آھن. پئسو پيار آھي. جنھن سان پيار حاصل ٿيڻ ۾ آساني ٿي ويندي آھي، پئسو نياڻين جو ڏاج آھي، جنھن جي زندگي خوشحال ٿي وڃي ٿي پئسو ناھي تہ شاديءَ ۾ رڪاوٽ، دوستيون ختم ٿي وڃن ٿيون، پئسي جو ھجڻ زندگي ۾ ويليو ايڊيشن جيان ڪم ڪري ٿو، پئسو ناممڪن کي ممڪن جو شرف بخشي ٿو... پيارا ڇو تہ:
تنھنجي زندگيءَ ۾ پيار
پيار ئي پيار آھي.
تون خدا جي سھڻي
۽ مڪمل تخليق آھين...
تو وٽ پئسو جام آھي
جنھن سان تون
پنھنجي، پنھنجي فيملي
۽ معاشري جي ضرورت مند
ماڻھن جي مدد ڪرين ٿو...
ڇو تہ پئسو
ڏاڍي پياري شيءِ آھي...
.....................................
پيارا وڏي مڇي جي فطرت ھوندي آھي تہ ننڍي مڇيءَ کي ڪنٽرول ۾ رکجي جيئن زندگي آرامدہ گذري سگهي، ان پويان لاجڪ ھوندي آھي تہ سفر آسان ٿي سگهي. اھي غلام رھن، ھر ڳالھہ مڃن، ھر عزت ملي، واھه واھه لڳي پئي ھجي. پيارا ھر انسان چاھي امير ھجي يا غريب، طاقت ۽ پئسو چاھي ٿو... مزدور ھجي يا ھاري، ان ۾ اھا سوچ ايندي آھي تہ امير ٿجي، پر ھو ٻاھرين معاشري کي ڏسي زندگي گذاريندو آھي، تنھن ڪري اندر جي اصل سان ملڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پويس ٿو، ٻيو اسان جي معاشري ۾ تعليم جو فقدان، انسان کي مرگ جو بستر نصيب ڪيو آھي، اصل خاموشي آھي ۽ پنھنجي توانائيءَ جو بچاءَ ئي اصل اتم آتما جو ڪم آھي، ڏس ھي دور ظاھري طور ڪجهہ بہ ڪري ٻاھريون اثر تنھنجي مٿان نہ پوڻ گهرجي، اندر ڇا آھي؟ ان کي ڏسڻو پوي ٿو. اندر ھڪ مندر آھي، مسجد آھي، گرجا آھي. ھر ماڻھو جو امير چھرو آھي، ان سان گفتگو ڪجي، ان تي محنت ڪجي، پنج سال الڳ پاسو وٺي وڌڻ گهرجي. ڏسو ھي ڳالھيون صرف روح ۾ اڳتي وڌڻ جي اڻ تڻ ۽ معاشري ۾ سڪون واري زندگي گذارڻ وارن لاءِ آھن ۽ خاص انھن لاءِ آھن جيڪي يقين جي منزل مان واقف آھن، جن وٽ سوال جام... جواب ڪونھن.... جواب انساني روح آھي سوال دماغ آھي پيارا... ھي ڊپٽي... اڄ جتي آھي، ان ۾ معاشري جو وڏو ھٿ آھي.
معاشرو ٺاھيندو آھي، نفرت ڪرڻ وارا پاڻ سان محبت ڪرڻ سيکارين ٿا. رستا روڪ، خدا سان ناتو مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا. جواني جنگ جو نالو آھي، جواني جوت آھي جلا جي، جلا آتنگ سانچو آھي روحاني شباب جو... سانچي ۾ سچ يا ڪوڙ ناھي ھوندو. بس ڍلڻو پوندو آھي، جنھن سموري حيات دماغي بي چيني کي چين ۽ قرار سمجهي جيئڻ جو نالو زندگي آھي.
زندگي بس زندگي آھي، ان کي محبوبا جي ڇاتين سان ڀيٽڻ بي وقوفي آھي. سڀ سبجيڪٽ الڳ پئسو سڀ سبجيڪٽ آھي. ڊجيٽل محبت ڪندو ڪر چريا... ھي دور تيزيءَ جو ناھي. تدبر جو، تفڪر جو آھي... ڇو تہ:
تنھنجي زندگيءَ ۾ پيار
پيار ئي پيار آھي.
تون خدا جي سھڻي
۽ مڪمل تخليق آھين...
تو وٽ پئسو جام آھي
جنھن سان تون
پنھنجي، پنھنجي فيملي
۽ معاشري جي ضرورت مند
ماڻھن جي مدد ڪرين ٿو...
ڇو تہ پئسو
ڏاڍي پياري شيءِ آھي...
......................................
پيارا... يار تنھنجي منھنجي دوستي ھڪ خيال تي مبني آھي، جيڪڏھن اختلاف پيدا ٿي وڃي تہ ان کي سھڻي نموني بحث ۾ آڻبو آھي. رشتو ختم ناھي ڪبو، ظرف ۽ دل سخي ھجڻ گهرجي. ڪاوڙ کي پالڻ گهرجي، اندر جو انتشار بي ھڪ اولاد جيان آھي، ان کي محبت سان پالڻ گهرجي. ڪجهہ خيالن کي رستو ڏبو آھي. سڀ خيال بہ ڪم جا ناھن. يار ڊپٽي اھي خيال ڪٿان اچن؟ صبح شام... ساڳي روٽين ڪٿي انسانيت جو موت تہ ناھي؟ ڊپٽي زندگي جو اصل مقصد ڇا آھي؟ پيار... مقصدِ حيات کي حيات ڏيڻ آھي. رنگ، نسل، ذات ۽ مذھب جي شعور مان واقف ٿي ان جو قدر ڪرڻ ايڪتا جو مثال آھي. ھر خيال کي انقلابي رخ ناھي ڏبو. سڀ جو ليڊر ٿيندا تہ اڳواڻي ۾ ڏڦيڙ اچي ويندو. يار پنجن ماڻھن جي پارٽي بہ ٿيندي آھي ڇا؟ ڇھون چيئرمين پاڻ... ھاھاھا... مطلب... ڪجهہ بہ فائدا... اھي گڏجي وري مختلف سرڪاري ادارن کان فنڊ وٺندا آھن. يار... زندگي ڪھاڻي آھي. اسان سڀ، ڪردار ڏس، ڪردار ڪٿي اوورايڪٽنگ بہ ڪندا آھن. اسان سڀ اوور ايڪٽر آھيون. ھاھاھا... ڊپٽي... تنھنجي ڳالھين ۾ وزن آھي... افسانا لکندڙ، حقيقت نگار ھوندا، حقيقت صرف انھن جي ماحول مطابق حقيقت ھوندي آھي. حقيقت اصل ۾ حقيقت آھي ئي نہ... بس سفر آھي. ڪٿي ڪنھن جي فون سان ڪم ٿي وڃي ٿو ۽ ان جي زندگي ۾ روشني اچي ٿي تہ اچڻ ڏيو، سفارش... ھر انسان ھر رنگ ۾ ڪندو رھي ٿو. سفارش جي مخالفت ڪرڻ وارا وڏي سفارش جي انتظار ۾ ھوندا آھن. پاور، سفارش جو چھرو آھي. تون انا مان نڪري، فنا في الدار ٿيڻ جو سوچيندو ڪر، ھتي ماڻھن جي ڪم اچڻ اصل مقصد آھي، خاموشي سان سفر ڪر. فقيرن کي ماني کارائيندو ڪر. اھي فقير سخي ڪرڻ ايندا آھن، پئسن ڏيڻ مھل خوش ٿيندو ڪر. پئسو کُٽڻ جي شيءِ ناھي، پئسو پوتر آھي پاڻي جيان... پئسا منھنجا وفادار دوست آھن... شينھن آھن، پئسن وٽ وڏو جگر آھي، سخي آھن، فطري طور تي پئسو اميرن کي پسند ڪندو آھي ۽ غريبن کان ڀڄندو آھي، ڇو تہ غريب پئسن کي مختلف لقبن سان ياد ڪن ٿا ۽ ھو ٻڌي ٿو. دل آزاري ٿيندي اٿس، پوءِ اتان پنھنجو لڏو پٽي ان جڳھہ تي رھڻ شروع ڪندو، جتي خوشي سان خرچ ڪيو وڃي، جتي ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ان تي ڪم ڪيو وڃي ان کي انويسٽ ڪيو وڃي. ان کي لڪائي ڏکئي وقت ۾ آڻڻ وارن لاءِ ڏکيو وقت ئي آندو آھي ۽ وري انھن جي زندگي مايوسي جي ور چڙھي وڃي ٿي، پيارا پئسو اکين جي آس ۽ خوشيءَ جو سھرو آھي...
ڇو ته؛
تنھنجي زندگيءَ ۾ پيار
پيار ئي پيار آھي.
تون خدا جي سھڻي
۽ مڪمل تخليق آھين...
تو وٽ پئسو جام آھي
جنھن سان تون
پنھنجي، پنھنجي فيملي
۽ معاشري جي ضرورت مند
ماڻھن جي مدد ڪرين ٿو...
ڇو تہ پئسو
ڏاڍي پياري شيءِ آھي...
..............................................

5

پيارا... آفيم جيان آھن اھي اڀ شيون جيڪي گهڻي مقدار ۾ استعمال ٿينديون آھن، ڊجيٽل ورلڊ ھڪ رموٽ ڪنٽرول آھي. فيسبڪ انسٽا ٽڪ ٽاڪ ۽ تمام ايپس ھڪ آفيم آھن. انھن مان ڪمائڻ گهرجي يا شخصيت ۾ نکار آڻجي ۽ ان کان سواءِ رھڻ جي طاقت پيدا ڪرڻ گهرجي. پيارا... ھي شيون نوجوان نسل کي ڊجيٽل گپ شپ ۽ گاسپنگ جو ماحول ڏين ٿيون. ڪردار ڪشي سان وقت جي تيز ڌار تي شعور جو ڳلو ڪپين ٿا... ڊپٽي سوشل نيٽورڪ تمام معاملا کولي ظاھر ڪري ٿو. انفارم ڪري ٿو، ھر معاملي بابت ۽ مدد ڪري ٿو تہ آساني سان اھي معاملا وقت سر حل ٿي وڃن ٿا. پيارا... ھي عشق آھي، ڊپٽي، عشق، ڪجي يا نہ پيارا... ڪرڻ گهرجي، پر ڪڍ نہ پوڻ گهرجي. عشق دراصل ٻن روحن جي آزاديءَ جو نالو آھي، نہ ڪي چنڊ لاھي اچڻ جو ۽ ستارن جي خواب ڏيکارڻ عشق آھي. ھي سڀ... آتشي ڊرامو آھي جنھن ۾ وقت جي رفتار سان اسپيڊ ۾ ڪمي اچي ٿي. پوءِ انسان جيڪو مڊل ڪلاس آھي اھو عشق کي فشق چوي ٿو ۽ امير انسان عشق جي جوت ۾ سرجڻھار بڻجي مزا ماڻي ٿو پيارا. جنگ... جواني جنگ آھي. پاڻ سان ڪاوڙ ناھي ڪرڻي، اندر ھڪ ٽن سالن جو ٻار رھي ٿو. ان کي پيار سان سمجهائڻو پوندو آھي، ھو محبت ڪرڻ چاھي ٿو سڀن سان... ھو سڀن جي آتما کي چاھي ٿو. ھن جي اندر ۾ خواب آھن. ساڀيان لاءِ ساٿ گهرجي اڪيلو ڪير گذاريندو. من اندر مستي... رشتا ڪمزور ڪري ٿي. حد بندي رکڻ گهرجي جتي عزت نفس کي ٺيس پھچي. نہ تہ زندگي رنگي جا رنگ آھن. پئسا آھي... پاڻي آھي.... علم آھي.... عشق آھي.... ڇو تہ:
تنھنجي زندگيءَ ۾ پيار
پيار ئي پيار آھي.
تون خدا جي سھڻي
۽ مڪمل تخليق آھين...
تو وٽ پئسو جام آھي
جنھن سان تون
پنھنجي، پنھنجي فيملي
۽ معاشري جي ضرورت مند
ماڻھن جي مدد ڪرين ٿو...
ڇو تہ پئسو
ڏاڍي پياري شيءِ آھي...
***