Book name: DEEWAN-E-AASSU Poet: Aassu Mal Daandu Mal Faqeer Sufi (Sufi AassuRam) Compiled by: Aakash Aasswani 2nd Editon: September - 2025 Composed by: Aakash Aasswani & Irfan Ahmed Chandio Cover Design: Aakash Asswani Printed by: East Line Communication, Hyderabad Published by: Hakeem Lekhraj Mal Khatri (Aaswani) & his family, Hala New, Sindh, Pakistan Price: Rs. 1200/- Web link: www.sufiassoram.blogspot.com Facebook page: www.facebook.com/SainSufiAssuRam
Contact No. +923362838913
دعائيہ الفاظ : صاحب ڪريم فقير عطاءُ الله سَتارِي
ڪتاب ’ديوانِ آسُو‘ جو مختصراً مطالع ڪيم. ڪاتب جي محنت ساراه جوڳي آھي. مذڪورہ ڪتاب جڏھن ڇپجي فقراءَ جي ھٿن ۾ ايندو، تہ سڀني جي راه لاءِ آساني پيدا ٿيندي. فقير دعاگو آھي تہ شھيد جي فقراءَ ۾ اھڙا ڪاتب پيدا ٿيندا رھن تہ جيئن فقيرَ گمراھي کان بچي سگهن. آمين.
22 سيپٽمبر 2024 فقير عطاءُ الله ستاري
صوفي القادري
سجاده نشين درگاھ جھوڪ شريف
ميرانپور
صوفي آسورام هالا جي ادبي تاريخ جو روشن ستارو
ھالا جي ادبي تاريخ لڳ ڀڳ ڇھين صدي تائين ڦھليل آھي. ان جي رنگن ۾ لوڪ، ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل، عروضي توڙي جديديت جھڙا عڪس ۽ اولڙا موجود آهن. اھڙي اِتھاس جا اڄ بہ ڪيترائي پنا اھڙا آھن جيڪي اڃان تائين اکين کان اوجهل آھن. ادب جي اھڙن گم ٿيل ورقن ۾ صوفي آسورام(1854-1941ع) بہ ادب جو اھڙو ئي ھڪ باب آھي، جيڪو اسان کان وسري ويو آھي. لک شابس ھجي سندس تڙپوٽي آڪاش آسواڻي کي جيڪو صوفي آسورام جو ڪلام ھڪ ڀيرو ٻيھر سھيڙي وڏي محنت، جفاڪشي ۽ مٿاڪٽ کان پوءِ پڌرو ڪري رھيو آھي. صوفي آسورام جو ذڪر لڳ ڀڳ ٽيھارو سال اڳ مون سوز ھالائي کان ٻڌو، پوءِ ان ڪجهہ ھٿ لکيل صوفي جو ڪلام بہ منھنجي حوالي ڪيو. اھڙي ريت ’ديوان آسو‘(1897ع) بہ پڙھڻ لاءِ فوٽو ڪاپي ھٿ ڪيم. ڪجهہ وقت کان پوءِ پنھنجي شاگرد آڪاش کان معلوم ٿيو تہ ’صوفي آسورام‘ سندس تڙڏاڏو آھي. ھن نوجوان کي سندس ڪلام گڏ ڪرڻ جو دلي شوق ھو. ھن ڪجهہ وقت ۾ صوفي صاحب جو ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل ڪلام ھٿ ڪري آڻي منھنجي سامهون رکيو ۽ نئين سِر ترتيب ڏئي شايع ڪرائڻ لاءِ چوندو رھيو. ايترو سارو شعري ذخيرو تہ ھر حال ۾ ضايع ٿيڻ کان بچائڻو ھو. حالتن جي ستم ظريفي جي باوجود صوفي صاحب جي ھٿ لکيل ڪلام جا ٽئي مجموعا محفوظ رھيا ۽ اسان تائين پھتا، اول انهن کي ترتيب ڏيڻ ۽ ايڊٽ ڪرڻ جو ارادو ڪيم، آڪاش مڪمل ساٿ ڏنو. ھن ٿوري وقت ۾ انهن جي سافٽ ڪاپي تيار ڪري منھنجي حوالي ڪئي. وقت گذرندو ويو. آڪاش بہ چوندو رھيو. ھو بہ روزگار سانگي اسلام آباد وڃي پھتو ۽ مون بہ اچي ڄام شوري جي ھوائن ۾ ساه پٽيو. ھُو ھر وقت صوفي صاحب جي ڪلام شايع ڪرائڻ لاءِ بيچين ھو. ان سبب ڪجهہ وقت ناراض بہ رھيو ۽ پري بہ رھيو. مون صوفي صاحب جي ڪلام تي ڪم نہ ڪيو. ھن جي بيچيني ھن کان قلم کڻايو ۽ اڄ مون کي خوشي آھي تہ آڪاش ”ديوان آسو“ نئين سري سان ترتيب ڏئي اسان تائين آندو آھي. ھن ڪم دوران آڪاش جيتري جدوجھد ڪئي آھي آئون ان ڳالهہ جو گواه آھيان. وقت جا فيصلا درست ھوندا آھن. آئون چاھڻ باوجود صوفي آسورام تي ڪم نہ ڪري سگهيس. آڪاش ڪري ڏيکاريو. ھا البتہ سنڌ يونيورسٽي ۾ BS سنڌي جي آخري سال ۾ ’سنڌي ويدانتي شاعري‘ جو ڪورس رکيل آھي، جنھن ۾ صوفي آسورام بہ شاگردن کي پڙھائڻو ھوندو ھو. اڳ ان بابت مختصر معلومات يا شاعري جي اڻھوند سبب ان بابت گهڻي گفتگو نہ ٿيندي هئي، جنھن سبب شاگردن جو صوفي صاحب جي شاعري بابت ڪو شوق پئدا نہ ٿيندو ھو. مون ان ڪورس ۾ ’صوفي آسورام‘ کي تفصيل سان پڙھائڻ شروع ڪيو. جنھن ڪري ھو شاگردن سان ھڪ ڀيرو ٻيھر روشناس ٿيڻ شروع ٿيو.
صوفي آسورام، صوفي شاه عنايت جي فڪر سان سلهاڙيل ھو. پيشي جي لحاظ سان استاد ھو. حڪمت بہ ڄاڻيندو ھو. راڳ ويراڳ سان بہ دل ھوندي ھيس. اندر ۾ ڪا دونھي دکيل ھوندي ھيس. سڀني مذھبن، فرقن سان انسيت رکندڙ ۽ احترام ڪندڙ ھو. پنھنجي جنم ساکي پاڻ لکي پنھنجي ڪرت، شغل، مزاج، طبيعت، حاصلات، مقصد ۽ مرشد بابت پاڻ ئي سڀ ڪجهہ چٽوپٽو چئي ويو آھي. اھا جيون ساکي سندس حياتي جو نہ رڳو احوال آھي پر سندس علمي، فڪري حيثيت کي ظاھر ڪري ٿي:
’ديوان آسو‘ صوفي صاحب جي غزل جو مجموعو آھي، جيڪو ھن سال 1897ع ۾ لکي پورو ڪيو ۽ سال 1934ع/1935ع ۾ پھريون ڀيرو شايع ٿيو. ھي ان جو نئون ۽ سڌريل/وڌايل ڇاپو آھي. جنھن ۾ ڪُل 160 غزل موجود آھن. ھن ڪتاب جي جُڙڻ تائين سنڌي غزل جا ھيٺيان ديوان شايع ٿي چڪا ھئا:
ديوان گل - 1858ع
ديوان فاضل - 1873ع
ديوان قاسم - 1875ع
ديوان بلبل - 1891ع
ديوان سانگي - 1893ع
يعني صوفي صاحب آڏو سنڌي غزل جي صورت بلڪل چٽي ۽ واضح موجود ھئي. ھن جي جنم جي ٺيڪ چار سال کان پوءِ سندس ئي ڳوٺ جي خليفي گل محمد ’گل‘ ھالائي جو سنڌي غزل جو ديوان بمبئي جي محمد حُسين پُٽ محمد سليم جي ڇاپخاني مان شايع ٿيو، جيڪو خليفي صاحب حج تي ويندي پاڻ شايع ڪرايو هو. ان ئي ’ديوان گل‘ کي سنڌي ادب ۾ سنڌي غزل جي پھرئين شايع ٿيل ديوان جي حيثيت حاصل آھي. ان کان پوءِ ھالا پراڻا جي آخوند قاسم ھالائي جو ديوان قاسم شايع ٿيو. يعني ’ديوان آسو‘ سنڌي شاعري ۾ شايع ٿيل ڇھون ديوان ۽ ھالا جي شاعرن ۾ کيس ٽيون ’صاحبِ ديوان‘ شاعر جو اعزاز بہ حاصل آھي.
غزل جو موضوع ۽ لھجو نمايان ۽ جدا آھي. ابتدائي سنڌي غزل ان خوبصورتي کي قائم بہ رکيو آھي تہ ڪٿي ڪٿي منجهس ڪافيءَ جو رنگ بہ محسوس ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ تہ سنڌي ۾ غزل چوندڙ ابتدائي شاعر ڪافي جي ويجها رھيا آھن. خليفي گل جي مڪمل علمي اوسر پير ڳوٺ ۾ ڪافيءَ جي شاعر پير علي گوھر شاه ’اصغر‘ وٽ ٿي. جتي خليفو نبي بخش ۽ عبدالله ڪاتيار جھڙا ڪافيءَ جا شاعر پڻ موجود ھئا. خليفي گل پاڻ بہ ڪافي چئي آھي. ھُن فارسي ۾ بہ ڪجهہ شعر چيو. صوفي آسورام جي غزل مان اسان کي ڪافيءَ جي رچاءَ جو رس اچي ٿو، جيڪو اُن ڪري بہ سڀاويڪ آھي، جو ڪافي چوندڙ شاعر ان جو رچاءُ رِدم تي رکي ٿو ۽ پنھنجي ٻوليءَ ۾ چئي ٿو، غزل ڌاري ٻوليءَ مان آيل صنف آھي. ابتدائي سنڌي غزل گو شاعرن اُن جو رچاءُ ان ئي زبان ۾ رکڻ بجاءِ اُن کي ڪافيءَ جي اثر ھيٺ سنڌي ۾ آندو آھي. اھو محض ان ڪري اتفاق نظر اچي ٿو، جو جن شاعرن جي علمي تربيت يا اوسر ڪافيءَ جي رنگ ۾ ٿيل ڏسجي ٿي، انهن جي غزل تي فارسي اثر بنهہ گهٽ آھي ۽ جن شاعرن جو ڪافيءَ سان تعلق نہ رھيو ۽ ھُنن غزل چيو تہ انهن جي غزل تي فارسي جو اثر نمايان نظر اچي ٿو.
صوفي آسُوءَ جي ڪلام جو بنيادي نقطو خدا، انسان ۽ ڪائنات آھي. ھو صوفين، گيانين، رشين جيان ان تي زور ڏئي ٿو. ڪائنات جي ڳجهہ تي ويچاري ٿو. غور ڪري ٿو. مالڪ جي راز رمزن تي سوچي ٿو. ھُن جي اُن سوچ، ويچار جي نتيجي ۾ سوال پئدا ٿئي ٿو. اھو سوال ھن کان پھرئين، اُن واٽ تي ھلندڙن وٽ بہ پئدا ٿيو آھي. ھر ڪنھن اُن جو جواب ڳوليو آھي:
حڪيم جي ڏِس عجيب حڪمت، ڪيئن بنايائين کيل قدرت؟ کولي نہ سگهندو ڳُجهي ڳجهارت، اَننت جا ڪنھن نہ انت پاتا.
بندي جو اھو سوال پنھنجي مالڪ سان آھي. ھو ڄاڻي ٿو تہ سمورا اختيار اُن مالڪِ ڪُل وٽ آھن تہ پوءِ بندي جو اختيار ڇا آھي؟ قاضي قادن بہ اھو ئي سوال اٿاريو آھي:
اسين ٻانهان تون ڌڻي، پاڻو پاڻ ھي ڄاڻُ،
منڊي تُر مِيزاڻُ، ليکو ڪندين ڪَنِ سين.
(قاضي قادن جو رسالو، ص 69)
ھر سوچيندڙ ذھن انسان جي تخليق ۽ ڪائنات ۾ ان جي حيثيت بابت سوچي ٿو. الله تبارڪ و تعالى ڪائنات جو ھر ذرو ڪنھن نہ ڪنھن مقصد لاءِ بڻايو آھي. انسان، فرشتا، جن ۽ ٻي جاندار ۾ انسان کي عقل، فھم، سمجهہ جي بنياد تي اشرف/ اعلى بڻايو آھي. انسان ضرورت جي بنياد تي هر روز نئين ايجادات ڪندو رھي ٿو. ھو ڪجهہ بہ نئون تخليق نہ ڪري رھيو آھي. پر ھو ڪائنات کي دريافت ڪري رھيو آھي. يعني ڪائنات جا راز جيڪي زمين ۽ آسمان جي سائنس آھن انهن تائين رسائي حاصل ڪرڻ جا جتن ڪري ٿو ۽ ڪجهہ نئون ڳولي لھي تہ ان تي پنھنجي سمجهہ ۽ ضرورت موجب ترتيب ڏئي فائدو حاصل ڪري ٿو. اھو يقينن خدا جي منشا موجب ئي ممڪن آھي. انسان، خدا جي اعلى، ارفع مخلوق آھي. خدا ان کي سوچڻ، سمجهڻ جي سگهہ عطا ڪئي آھي. جنھن جي بنياد تي انسان ڪائنات جي ڳجهہ کي پروڙي ٿو. ظاھر ڪري ٿو. انسان جو اھو عمل خدا جي ظاھر ٿيڻ جي برابرآھي. خدا جو ڳجهہ يعني ڪائنات جي سائنس جڏھن انسان دريافت ڪري ٿو تہ اھو خدا جي حڪمت جي ئي سبب ٿئي ٿو ۽ اھو اُن ڪري جو ’خدا پاڻ کي دريافت ڪرائي ٿو.‘ سمورا صوفي، رشي، گياني خدا کي ڳولين ٿا. ان جي راز، رمز کي پروڙڻ جا جتن ڪن ٿا. اُن لاءِ ھُو پاڻ کي مختلف عملن(Practices) مان گذارن ٿا. ان دوران ايندڙ رڪاوٽن کي ھٽائڻ جا جتن ڪن ٿا. ھو انسان کي ئي خود ان جي وڏي رڪاوٽ سمجهن ٿا. يعني انسان ڀلائي، برائي، ڄاڻ ۽ اڻ ڄاڻائي ٻنهي سان گڏ زندہ آھي. اُن کي اُن ناسمجهي مان نڪري سمجهہ جي دنيا ۾ پير رکڻو آھي. ھو ڪَام، ڪروڌ، موه، لوڀ، اھنڪار کي انسان جا بنيادي دشمن يا رڪاوٽون سمجهن ٿا. انهن تي غَلبو ڪرڻو آھي. انهن عنصرن جي تابع ٿيڻ بجاءِ انهن تي غالب ٿيڻو آھي. اھا ئي انسان جي حاصلات ڏانھن پھرئين وک آھي. يعني اُن کان پوءِ، اُن کي ڪائنات کي دريافت ڪرڻو آھي. انهن سمورن رازن کي سمجهڻو آھي جيڪي انسان جي لاءِ ھر طرح فائديمند آھن. انسان کي انهن مان فائدو حاصل ڪرڻو آھي. خدا انسان کي اُن لاءِ پئدا ڪيو آھي. خدا انسان کي اُن لاءِ عقل، سمجهہ، شعور عطا ڪيو آھي ۽ ڏاھپ ۽ حڪمت ئي انسان کي ٻين مخلوقن کان اُن کي جدا ۽ منفرد بڻائي ٿي.
پوءِ بہ مرندين، اڳ بہ مرندين، مَرُ تہ موچارو ٿين، جي مئا مرڻا اڳي، سي ٿيا مري هرگز نہ مات.
صوفي آسورام بہ اُن بنيادي فڪر کي بيان ڪندڙ ھندو فلاسافي سان سلهاڙيل ڪوي آھي. ھُن پنھنجي ڪلام ۾ مجاز کان حقيقت جو سفر طئہ ڪيو آھي ۽ اھي سمورا تجربا ۽ مشاھدا بيان ڪيا آھن جيڪي اُن راه ۾ مالڪ تي عيان ٿين ٿا.
آه منزل ستينءَ ۾ حق همَ اَوست، ناه اُن ۾ گُمان شڪ، همَ اَوست.
فقير صاحب سائين آسُورام ۽ ھالا پراڻا سان منھنجي پرِيت جو ناتو ڪو جنمن جو آھي. 1971ع ۾ اسان جا وڏا تہ ھالن پراڻن کي خير حافظ ڪري نوَن ھالن ۾ اچي وسيا، پر اڄ بہ آئون روحاني طور پاڻ کي ان ڳوٺ جو واسي ٿو سمجهان. منھنجي رڳن ۾ صوفي صاحب جو خون تہ آھي ئي پر روح ۾ پڻ سندن پرِيت جي ڪا رمز سمايل آھي. بي سمجهہ ٻار ئي آھيان جو گهر ۾ سندن ذڪر ڪنن تي پيو، ڄڻ تہ وڇڙيل محبُ ڪنھن ياد ڏياريو... سمجهہ لائق ٿيس تہ فقير صاحب بابت پڇڻ شروع ڪيم ۽ ان ڏَس ۾ سال 12-2011ع ڌاري چاچي اشوڪ آسواڻيءَ مونکي سنڌي ادبي بورڊ جي ويبسائيٽ تي رکيل مختلف ڪتابن مان سندن احوال پڙهايو. اڳيان ھلي مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج اَجن شاه(لڳ ھالا) ۾ پڙھڻ دوران قابل استاد محمد حبيب سنائي جن جي رھنمائي نصيب ٿي، جن ڏاڏا آسورام بابت ڳچ مواد ڏنو ۽ ڊاڪٽر مخمور بخاري صاحب سان پڻ واقفيت ڪرائي.
مخمور صاحب سندن لائبريري تي ديوان آسُو(پھرين ڇاپي) جا ڪي صفحا ڏنا ۽ سنڌالاجي لائبريري جو ڏس پتو ڏنو. بس ٻئي ٽئي ڏينھن ئي (15 آڪٽوبر 2013ع تي) چاچي اشوڪ آسواڻي سان گڏجي ”ديوان آسُو“ جي مڪمل فوٽو ڪاپي کڻي آياسين. گهر ويٺي ھي ڪتاب پڙهندو رھيس جو ھڪڙي ڏينھن بابا ليکراج مل (منھنجي ڏاڏَي) جن اچي چيو: ”ڏاڏا آسُوءَ جا اصل ھٿ اکر لکيل ڪتاب پاڻ وٽ موجود آھن، پر ضعيف حالت ۾ آھن. جيڪڏھن انهن جو خيال رکين تہ تُنھنجي حوالي ڪريون!“. بندو ڪيئن ڀلا انڪار ڪري؟! بس اقرار جي دير ھئي. چند ڏينھن کان پوءِ پاڻ ڪرم نوازي ڪري منھنجي حوالي ٻہ مسوَدا ڪيائون. تقريبن 421 صفحن تي مشتمل پھرين مسوَدي ۾ ٻہ ڪتاب: ”ديوانِ آسُو“ ۽ ”ويراڳ نامو“ جوڙيل آھن. في صفحي جي سائيز 8x12.5 انچ آھي. ھن جي وچ ۾ 30/35 پرچيون ۽ پنن جا ٽڪرا بہ آيل آھن جن ۾ فقير صاحب جو پنھنجو ۽ ٻين شاعرن جو شعر لکيل آھي. تقريبن 223 صفحن تي مشتمل ٻئي مسوَدي ۾ ھڪ ڪتاب ”رسالو آسُومل صوفي“ جوڙيل آھي. رجسٽر نُما مسوَدي ۾ في صفحي جي سائيز 5x13 انچ آھي.
مسوَدا ملڻ بعد سڄي سڄي رات سندن ڪويتا پڙھندو رھندو ھئس. ڪمال جو فڪر ۽ خيال جي پرواز ڏسي ويتر فقير صاحب ڏانھن دلچسپي وڌي ۽ سندن ڪلام ڇپائڻ جو ويچار آيم. 2017ع تائين سمورو ڪلام ڪمپوز ڪري ڪجهہ اديب استادن کي نئين سر ايڊٽنگ ۽ ڇپائي لاءِ عرض رکيم، پر ڪا خاص موٽ نہ ملي. ممڪن آھي تہ ان جو سبب ھن ڪتاب ۾ موجود ھِندي لفظ بہ ھجن. خير! مالي وسيلا نہ ھئڻ ڪري بہ اڳڀرائي ڪو نہ ٿي سگهي.
سِڪ وڌندي وئي، اِرادا مضبوط ٿيندا رھيا ۽ ھيءُ ديوانو مواد جي ڳولا ۾ ڪڏھن ھالا نوان/پراڻا، جهوڪ شريف، لائبريرين ۾، انٽرنيٽ تي تہ ڪڏھن ھِند سنڌ ۾ فونن تي ماڻهن سان رابطا ڪندو رھيو، جو منَ ڪٿان سندن بابت ڪو وڌيڪ احوال ملي! فقير صاحب جي وقت جا ماڻهو تہ سڀ جھان ڇڏي چڪا ۽ بعد جي ٽھيُن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ دلچسپي ھئڻ ڪري مواد ملڻ بنهَہ ڏکيو! نيٺ ستگر ھاديءَ جي ظاھري باطني مدد سان ڪافي مواد حاصل ٿيو. ھن سموري عمل ۾ پڙھائي، پوءِ نوڪري ۽ مسلسل مصروفيت ڪري ڪم جي رفتار جهَڪي رھي. پر اسلام آباد ۾ نوڪري دوران وقت مليو ۽ جُون 2022ع کان پنھنجي سِر باقاعدہ ڪم شروع ڪيم.
فقير آسورام جن جِي پھرين ۽ گهڻي ڀاڱي مُستنَد سوانحِ حيات (جيوڻي) محمد صديق ميمڻَ ’سنڌ جي ادبي تاريخ‘ ۾ آندي ۽ ٻيو مُستنَد احوال مورُومل ڌانڌا ’سنڌي برھم کترين جو ڌارمِڪ ۽ سَماجِڪ اتھاس‘ ۾ ڏنو. باقي تقريبن ھِند، سنڌ جي ليکڪن ميمڻ صاحب وارو احوال ڏيندي پنھنجي ڪَٽَ، جوڙ ڪئي آھي. مون فقير صاحب بابت ميڙ چونڊ مان سندن مختصر جيوَن خاڪو ’صوفي آسورام - ھڪ وساريل شاعر‘ جي عنوان سان عوامي آواز مئگزين (15 مارچ 2015ع) ۾ ڇپايو ۽ ھن وقت تائين صوفي صاحب تي آيل ليکن جو تبصرو توڙي تنقيدي جائزو وٺي، تحقيق سان سندن زندگي جو احوال، شاعري، ديوانَ جي پھرين ڇاپي ۽ فڪر جو جامع تعارف ’مُقدمي‘ ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.
’ديوانِ آسو‘ (ڪلام) کي تيار ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر ھوتچند مانُومل ۽ فقير ٿانورداس جا نسخا بہ نظر ھيٺ رھيا. ڊاڪٽر ھوتچند، فقير صاحب جي وڏي ڀاءَ رامچند جو پوٽو ھو، جنھن ھٿ اکر ۽ ڇپيل ديوان کي ملائي ھڪ نسخو تيار ڪيو. ھن جي ڪاپي ڪاڪا مُڪيش آسواڻيءَ طرفان ملي. صوفيءَ جي پڙپوٽي فقير ٿانورداس اصل نسخي مان شعر کڻي الڳ نسخو تيار ڪيو. پاڻ ڪلام کي ڇپائڻ جي بہ گهڻي ڪوشش ڪيائون پر ڪِن مجبورين سبب ڪاميابي حاصل نہ ٿي سگهين. ھِن مسوَدي جي ڪاپي بابا ليکراج جن وٽان ملي. انهن ٻنهي نسخن سميت ڇپيل ديوان ۽ اصل ھٿ اکري نسخي کي ڀيٽي، پڙھڻيون درست ڪري ھيٺان فُٽ نوٽ ۾ ڏکين لفظن جون معنائون ڏنيون اٿم تہ جيئن ھر عام، خاص آساني سان پڙھي ۽ سمجهي سگهي. جلد ئي فقير صاحب جا جوڙيل باقي ٻہ ڪتاب ’ويراڳ نامو‘ ۽ ’رسالو آسُومل صوفي‘ پڻ منظر عام تي آندا ويندا.
اول ڪرمَ ايشوَر جا، ھادي عطاءُ الله ٿيو نِگھبان. تنھن بعد آئون پنھنجي ڏاڏَي ۽ صوفي آسورام جن جي پڙپوٽي حڪيم ليکراج مل ۽ خاندان وارن جو تھِ دل سان ٿورائتو آھيان جو پاڻ ڪرم نوازي ڪري فقير صاحب جن جو ڪلام، سندن زندگي جون ڳالهيون ۽ ٻيو مواد مون سان ونڊيائون ۽ ھر طرح سان رھنمائي ڪندا رھن ٿا. محترم استاد ڊاڪٽر مخمور بخاري جن جا وڏا وڙ، پاڻ ھن ڪتاب جي مختلف مرحلن دوران رھنمائي ڪيائون. پڻ سندن صحبت سنڌي ادب ۽ ڪتاب پڙهڻ جو شوق وڌايو. سائين تاج جويي صاحب منڍُ، جنم ساکي ۽ اشلوڪن کي سمجهڻ ۽ بھتر بڻائڻ ۾ مدد ڪئي. اڻ ڳڻيون محبتون ۽ احسان مانَ واري فقير ھادي بخش ڦل(ٽالپر وڏا) جن جا، پاڻ ھن ڪتاب ۾ غلطين جون درستگيون ڪيائون ۽ تصوف جي نڪتن کي سمجهائيندي منھنجي رھنمائي ڪندا رھن ٿا. ھن ڪتاب ۾ ھِندي لفظن ۽ ويدانت جي نڪتن کي سمجهائڻ لاءِ آئون پنھنجي امڙ جيجل، فقير خادم جلالي(ٽالپر وڏا)، راڪيش پريم پرڪاشي(ڪشمور)، ڪرن واڻي(گنگانگر، انڊيا) ۽ ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي(اجمير، اِنڊيا) جن جو احسان مند آھيان. مختلف مواد گڏ ڪرڻ ۽ رھنمائي لاءِ قبلا صوفي محبوب علي سَتاري(جهوڪ شريف)، صوفي ذوالفقار علي سَتاري(تجل شريف)، مُڪيش آسواڻي(گاديسر درٻار صوفي آسُورام صاحب، ناگپور، انڊيا)، فقير نواب امداد علي لغاري(تاجپور)، سائين حبيب سنائي(ھالا پراڻا)، نور الدين ارباب(ھالا پراڻا)، پرٿوي راج(ڀاءُ)، اشوڪ آسواڻي(ھالا)، عرفان احمد چانڊيو(ھالا)، صاحب خان ميراڻي(نئون ديرو)، طارق حيات لاشاري(سکر) ۽ ٻين خاندان وارن توڙي عزيزن، دوستن جا لک ٿورا، جن جا احسان ھيءُ ناچيز ھرگز نٿو وساري سگهي.
ھن طرح جو ھي منھنجو پھريون ادبي پورهيو آھي. ڄاڻان ٿو تہ ڀرپور ڪوشش باوجود بہ گهڻيون چُڪون رھجي ويون ھونديون. پر جيئن تہ بندو خطا جو گهر ۽ طالبِ علم آھي تہ انھيءَ لاءِ اوھان سڄڻن کان ڍَڪَ ۽ رھنمائي جي اُميد رکي ٿو. فقير صاحب بِنسبت مواد يا غلطين جي سُڌاري لاءِ ھن خادم کي ضرور آگاه ڪندا.
ھالا نوان
فيبروري 2024ع
دعاگو
آڪاش آسواڻي
(تڙپوٽو فقير آسُورام)
00923362838913
مُقدمو
سنڌ ڌرتي جيڪا صدين کان ويدانت ۽ تصوف جو گھوارو ۽ علم، عشق جو سرگرم ميدان رھي آھي، تنھن گهڻا ئي عالم، مفڪر، شاعر، صوفي، سَنت ۽ ڀڳت پيدا ڪيا آھن. جن خدا جي مخلوق سان محبت ۽ رب جي ھيڪڙائي تي گهڻو زور ڀريو آھي. عمل توڙي اُپديش وسيلي پنهنجي علم کي ظاھر ڪندي پيار، محبت، امن، ڀائيچاري ۽ رب سان عشق جو سبق ڏنو آھي. اھڙي پرچارڪ سٿ ۾ حضرت صوفي شاه عنايت شھيدؒ، حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائيؒ، سچلؒ، بيدلؒ، رُوحلؒ، سامي، دلپت، مصري شاهؒ ۽ ٻين ڪيترن ئي درويشن جا نالا اچي وڃن ٿا. انھيءَ سٿ جا نرالا شاعر، صوفي با صفا، ويدانت توڙي يوڳ وديا جا گُرو، عالم ۽ ماھر حڪيم فقير صاحب ماستر آسُومل بہ آھن. پاڻ جهوڪ جي شاه عنايت صوفيءَ جن جي باغ جا گُل آھن. شاعري جي صورت ۾ سندن وشال فڪر جي خوشبوءِ سنڌو درياءَ ڪناري ھڪ ننڍڙي ڳوٺ ’ھالا پراڻا‘ مان شروع ٿي ۽ ڀڳت ٽيئون رام ان کي پوري سنڌ سميت پنجاب ۽ ڪشمير تائين پکيڙيندو ھليو.
1. زندگي جو احوال
صدين کان آباد ڳوٺ ’ھالا پراڻا‘ تعلقي ھالا ضلعي حيدرآباد (ھاڻوڪي ضلعي مٽياري) ۾ ورھاڱي کان اڳ ھِندن جو گهڻو تعداد رھندو ھو. وچ شھر کتري نگر ۾ شام جو رستن تي ڇٽڪارون ٿيندي ئي ھير گهلندي ھئي، ماسٽر چندر، جيوڻي ٻائي ۽ ڀڳت ڪنور رام جا فونن)[1]( تي رڪارڊ وڄندا ھئا، سانجهين جو ھاسَي مل جي سراءِ (جاءِ) ۾ منڊلي مچندي، ڀڳت ڀڳتيون ڪندا... رات جي ايڪانت ۾ اھڙا آلاپ پرانھان پکڙجي ويندا ھئا. ھاسَي مل جي سراءِ ۾ ھندو مسلم سڀ اچي حاضريون ڀريندا ھئا تہ ڀڳت ڪنور، جاڙا رام، ڏاھو مل ۽ ماسٽر چندر جھڙن ڳائڻن ۽ ڀڳتن ان سراءِ کي ويراڳ بخشيو)[2](. سموري سنڌ جيان ھالا پراڻا بہ مذھبي رواداري جو سھڻو مثال ھو. مگر ورھاڱي جھڙي درد ناڪ واقعي اھي خوشيون برقرار نہ رکيون.... ۽ جلد ئي پکي پنھنجا آکيرا ڇڏي پرديس ھليا ويا. ان وقت ھالا پراڻا ۾ کترين (ھاڻي مھاجر يا سروري ڪالوني) ۾ ھِندُو کتري، برھمڻ، عامل، سھتا، سنڌ ورڪِي ۽ ڀائيبند يعني لوھاڻا رھندا ھئا ۽ ھتي ئي سائين ولايت راءِ)[3]( جو آستانو ھوندو ھو. ھُو صاحب خاندان وارن کان تنگ ٿي قمبر ھليو ويو. لڏڻ وقت چيائين: ”ھالا ٿيندا پالها، قمبر ٿيندو عمبر“([4]). سندس آستان واري جاءِ تي ھن وقت ’مَڪہ مسجد‘ ٺھيل آھي. ميمڻ محلہ يا فقير علي شاه(مدينہ) مسجد واري گهٽي، کيماڻي گهٽي، اربابن جي بارگاه ۽ سنائين واري پاسي برھم کتري ۽ ڀائيبند رھندا ھئا. ھتي چِٽائي ڪندا ھلون تہ کتري ۽ برھم کتري ٻہ جدا جدا ذاتيون ليکجن ٿيون.
برھم کتري ذات جو مختصر احوال:
جهنگل ۾ گهمندي ھندوستان جي کتري راجا سَھِسراجَن جي نظر ھڪ ڳئون تي پئجي وئي. ڳئون تمام سھڻي ھئي ۽ برھمڻ رِشِي جَمدگَنِي کيس وڏي لاڏ ڪوڏ سان پاليو ھو. راجا پڇا ڪندي اچي جمدگني وٽ پھتو ۽ کيس اھا ڳئون ڏيڻ لاءِ چيائين. ھن وراڻيس: ”راجا! ھي منھنجي پياري ڳئون آھي، وڏي شوق سان پاليو اٿمانس. ھن کي ڇڏيو، باقي ٻي جيڪا ڳئون چئو سا حاضر ڪريان“. تنھن تي راجا ڪاوڙجي زوري ڳئون کڻي نڪتو. اِنهي معاملي تان جمدگني جي پٽ پَرسُرام ۽ راجا وچ ۾ تڪرار شروع ٿيو ۽ اڳتي ھلي جنگ ۾ ھُن راجا ۽ سندس ڪٽنب کي ناس ڪري کتري قوم جي خاتمي جو بہ انجام ڪيو. کترين کي قتل ڪندي پرسرام سنڌ پھتو ۽ ھتي سندس جنگ راجا رتن سِين کتري سان ٿي. رتن سين شڪست کائي پنھنجن ڳورھاري راڻين سميت اتان ڀڄي وڃي سَرسوَتي ندي جي ڪناري ڪنھن برھمڻ جي آشرم ۾ وڃي پناه ورتي. ھن کي اتي جيڪي ٻار ڄاوا، سي اصل نسل ڪري کتري ھئا، پر برھمڻ جي گهرن ۾ ڄاوا نپنا ۽ سکيا ورتائون، تنهن ڪري ’برھم کتري‘ سڏجڻ لڳا. اٽڪل 600 سال ٿيا تہ برھم کتري پنجاب مان لڏي گجرات (ھندستان) جي شھر چامپانير ۾ وڃي رھيا. سن 1484ع ۾ مسلمانن جي ڪاه تي ھي اتان لڏي احمد آباد ۽ ٻين ھنڌن ڏانھن ويا. سنڌي برھم کتري گجرات کان ڪڇ وسيلي سنڌ ۾ اول ننگر ٺٽي ۾ آيا ۽ اتان پوءِ ڪي ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور طرف ويا)[5](. ھالا پراڻا ۾ ھنن جي اچڻ جو سن يا احوال نٿو ملي. سنڌ ۾ رھندڙ برھم کترين کي اجرڪون ڇرڻ يا پٿراڻيون رڱڻ ڪري ’کٽي‘ بہ چيو ويندو ھو.
صوفي آسُومل جو جنم ۽ نالو:
ھالا پراڻا ۾ فقير علي شاه (مدينہ) مسجد واري گهٽي ۾ ويٺل برھم کترين جي نُک ’ھرگڻ‘ ھئي. سياري ۾ اجرڪون ڌوئڻ يا رڱڻ لاءِ درياءَ ڪناري مڃنٺ ٻاري ويھندا ھئا تنھنڪري ’ماڃوٺي‘، ’مڃٺيا‘ يا ’مئٺيا‘ بہ سڏبا ھئا. ھن خاندان جي وڏي جو نالو لکيسري مل ملي ٿو. سندس پڙپوٽو ڏاندُومل ڳوٺ ۾ خوشحال، زميندار ۽ مال متاع وارو ماڻهو ھو. اھي انگريزن جي حڪومت جا شروعاتي ڏينھن ھئا جو سائين ڏاندُومل جي شادي ٿي ۽ کيس ٻن پُٽن ۽ ھڪ نياڻي جو اولاد ٿيو. وڏي جو نالو رامچند ۽ ننڍي پُٽ جو نالو آسُومل رکيائون. جڏھن تہ نياڻي کي ’لالِي‘ ڪري ڪوٺيندا ھئا. سائين آسُومل جو جنم سال 1854ع برابر وڪرمي سنبت 1910 ۾ ٿيو، جيتوڻيڪ مھيني يا تاريخ جو پختو احوال ڪو نہ ملي سگهيو آھي. سندن جنم جي حوالي سان مختلف ليکڪن پنھنجي تصنيفن ۾ مختلف رايا ڏنا آھن. ھيٺ انهن تي روشني وجهي ڇنڊ ڇاڻ ڪجي ٿي:
خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ (جنھن پھريون دفعو فقير صاحب جو احوال لکيو آھي) پنھنجي ڪتاب ’سنڌ جي ادبي تاريخ‘ ۾ لکي ٿو: ”ماستر آسومل 21 اسُو 1910 وڪرمي سنبت برابر 1824ع ۾ ڄائو“. انھيءَ سنڌي تاريخ کي آن لائين ڪئلينڊر)[6]( ۾ چيڪ ڪرڻ تي عيسوي تاريخ 08 آڪٽوبر 1853ع ملي ٿي، پر جيئن صديق ميمڻ صاحب عيسوي سال 1824ع لکيو آھي تنھن کي بنياد بڻائي ٻين ليکڪن)[7]( بہ اھو سال ورجايو آھي. جڏھن تہ ڪتاب ’سنڌي شعر جي تواريخ‘ ۾ ڊاڪٽر ديال آشا مٿين ساڳي سنڌي تاريخ ڏئي عيسوي سال 1855ع ڄاڻايو آھي.
پروفيسر لال سنگهہ (ل.ه) اجواڻي پنھنجي ڪتاب ’ History of Sindhi Literature‘ ۾ سندن ڄم جو سال 1853ع لکي ٿو.
اھڙيءَ طرح ڪتاب ’سنڌي برھم کترين جو ڌارمڪ ۽ سماجڪ اتھاس‘ ۾ مورُومل ڌانڌا، فقير صاحب جو جنم سن 1854ع برابر وڪرمي سنبت 1910 ڄاڻايو آھي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لوڪ ادب جي سلسلي جي ڪتابن جھڙوڪ ’جنگناما‘، ’مداحون ۽ مناجاتون‘، ’ھفتا، ڏينھن، راتيون ۽ مھينا‘ وغيرہ ۾ لکي ٿو: ”آسورام سن 1271ه/1854ع ۾ ڄائو“.
ان سلسلي ۾ فقير صاحب جي ڪلام ڏي نگاه ٿي ڪجي تہ پاڻ ’ديوان آسُو‘ قلمي جي شروعات ۾ ’جنم ساکي‘ شبد ھيٺ پنھنجي زندگي جو بيانُ ڏھن سالن جي وٿي تي فقط چاليھن سالن تائين ڪيو اٿن ۽ ديوان جي آخري غزل ’ڪيفيت فقير جي‘ جي آخري بند ۾ چون ٿا:
’چالِيھ وَرشَ‘ اِيل ۾، گذري ويا سبيل ۾، ڏاتار نور ڏيل ۾، ’آسوءَ‘ ڏٺي ڏياٽـي.
پاڻ ’ديوانِ آسُو‘ سن 1897ع ۾ لکي پورو ڪيائون ۽ مٿين ٻنهي اشارن مان اندازو لڳائجي تہ سندن جنم جو سال 54-1853ع پختو نظر اچي ٿو. اھڙي ريت خاندان متعلق ڊاڪٽر ھوتچند مانُومل)[8]( جي لکيل ھڪ نوٽ بُڪ ۾ فقير صاحب جي وصال وقت (1941ع) سندن عمر 87 سال لکيل آھي، ان حساب سان يقينن سندن جنم جو سال 1854ع ٿيندو. ان سال جي تصديق فقير صاحب جا پڙپوٽا حڪيم ليکراج مل بہ ڪن ٿا. ھاڻي جيڪڏھن مھيني جو اندازو لڳايون تہ مٿي ميمڻ صاحب جي ڄاڻايل وڪرمي سنبت 1910 جو آخري مھينو ڦڳڻ برابر مارچ 1854ع ٿئي ٿو. سندن جنم جو سنڌي مھينو پوهُ، مانگهہ يا ڦڳڻ 1910 وڪرمي سنبت ۽ انگريزي مھينو جنوري، فيبروري يا مارچ 1854ع بيھندو.
فقير صاحب جن جو اصل نالو آسُومل ھو. پر ماستريءَ جي پيشي ۽ فقيراڻي رنگ ۾ رڱجڻ کان پوءِ کين ماستر آسُومل، آسُومل صوفي، صوفي آسُورام يا سَنت آسُورام ڪري ڪوٺيندا ھئا. پنھنجي تصنيفن جي منڍ ۾ پنھنجو نالو ھن ريت ڏنو اٿن:
ديوانِ آسُو: آسُومل ڏاندُومل فقير صوفي
ويراڳ نامو: آسُومل ڏاندُومل صوفي
رسالو ’آسُومل صوفي‘
ڊاڪٽر عبدالحليم قريشي)[9]( پنھنجي ڪتاب ’يادِ ايام‘ (ص 166) ۾ سمن سرڪار جي خدمتگار فقير گلاب راءِ عرف حاجي گلاب جو ذڪر ڪندي لکي ٿو: ”... سندس(گلاب) جي خاندان مان ھڪ ٻيو سَنت آسورام ٿي گذريو آھي“. ھتي ھن ڳالهہ جي وضاحت ۽ درستگي ڪندا ھلون تہ گلاب راءِ ذات جو کتري ۽ ھالن پراڻن ۾ کترين (مھاجرن) جي پاڙي ۾ رھندو ھو. فقير صاحب برھم کتري ھئا. گلاب راءِ جو سندن خاندان سان ڪو بہ تعلق نہ ھو. فقير صاحب کي ھڪ پوٽو گلاب راءِ نالي بہ ھو، متان ڊاڪٽر عبدالحليم ڀُل ۾ تنھن کي حاجي گلاب سمجهيو ھجي! قريشي صاحب ٻيو احوال بہ
[ھن جاءِ ڪجھ عڪس ۽ صوفيءَ جي خاندان جو شجرو ڏنل آھي. ڪتاب ۾ ڏسندا]
غير مستند ڏنو آھي. اھڙي طرح ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي پنھنجي ڪتاب ’عظيم سنڌي انسان‘ (ص 10-11) ۾ ’آسُورام [آسو] دادلاڻي‘ جي مضمون ۾ لکي ٿو: ”مشھور ويدانتي شاعر، ديوان آسورام ’آسو‘ پٽ ساجن سنگ دادلاڻي، تعلقي ھالا جي ڳوٺ ڪوٽڙي مغل 3 آگسٽ 1824ع تي جنم ورتو“. ميمڻ صاحب ان مضمون ۾ فقير علي شاه، مصري شاه ۽ فقير صاحب جي ٽنهي ڪتابن جو بہ ذڪر ڪيو آھي. جيڪر اھو مضمون صوفي آسُورام لاءِ سمجهجي تہ، ان ۾ آيل سمورو مواد غير مستند ٿو ڏسجي.
ننڍپڻ ۽ تعليم:
حڪيم ليکراج مل جو خيال آھي تہ پاڻ شروعاتي تعليم ڀر واري ڳوٺ خانوٺ جي پرائمري اسڪول مان ورتائون. مورُومل ڌانڌا پنھنجي ڪتاب ’سنڌي برھم کترين جو ڌارمڪ ۽ سماجڪ اتھاس‘ ۾ لکي ٿو:
”ھُو سن 1871ع ۾ (سنڌي) ورنيڪيولر فائينل امتحان پاس ڪري ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ داخل ٿيو“.
اھو انگريزن جي حڪومت جو شروعات وارو زمانو ھو جو ھنن نئين سر تعليم جو نظام رائج ڪيو ۽ لڳ ڀڳ 1854ع کان اسڪول کولڻ شروع ڪيا. ڳوٺن جي اسڪولن تي گورنمينٽ ورنيڪيولر ۽ شھر جي انگريزي اسڪولن تي گورنمينٽ اينگلو-ورنيڪيلور جو نالو رکيائون. ان دور ۾ ورنيڪيولر اسڪولن ۾ چار درجا ھوندا ھئا. پوءِ شاگرد جي مرضي ھوندي ھئي تہ اڳيان انگريزي اسڪول ۾ داخل ٿئي يا ورنيڪيولر فائينل امتحان ڏي؛ جيڪو ان وقت ميونسپالٽي وٺندي ھئي)[10](. ڌانڌا صاحب ورنيڪيولر جو ذڪر ڪيو آھي تہ ان وقت ھالا پراڻا ۾ بہ گورنمينٽ ورنيڪيولر اسڪول موجود ھو جيڪو سن 1855ع ۾ قائم ٿيو جنھن جو ھاڻوڪو نالو گورنمينٽ مين بوائز پرائمري اسڪول، ھالا پراڻا آھي. ممڪن آھي تہ فقير صاحب شروعاتي تعليم ان اسڪول مان ورتي ھجي. ساڳي تعليم واري زماني ۾ سندن صحبت پاڙي جي بزرگ سيد فقير علي شاه (وڏي) سان ٿي. پاڻ وقت جا مشھور خدا پرست، بلند پائي جا ماھر حڪيم ۽ نبض شناس ھئا. وٽن سدائين بيمارن جو ميڙاڪو لڳو پيو ھوندو ھو. فقير سائين جي بہ شاه صاحب سان گهڻي عقيدت ھوندي ھئي ۽ وٽن وقت گذاريندي حڪمت جو علم بہ پرايائون.
پاڻ اٺن سالن جي عمر ۾ فقيرن، سَنتن جي صحبت ۾ رھيا ۽ کين ويدن، شاسترن جو علم پرائڻ لاءِ پاٺشالا ۾ ويھاريو ويو. چون ٿا:
حڪيم ليکراج مل جو چوڻ آھي تہ کين ’ديوان حافظ‘ پورو ياد ھوندو ھو. فقير صاحب جا فارسي ۾ لکيل حڪمت جا نسخا، ڪجهہ شعر ۽ سندن ڪتب خاني ۾ عربي توڙي فارسي ڪتاب)[11]( ملڻ ان ڳالهہ جو ثبوت آھي تہ کين فارسي تي بہ دسترس حاصل ھئي. سوامي شانتي پرڪاش پڻ پنھنجي وڊيو ستسنگ ۾ چوي ٿو: ”ڏاڏا آسورام پارسي جا گوھر ھئا“([12]). اھڙي نموني سان ويراڳ نامي جي وچ ۾ پاڻ حضرت شيخ عبدالقادر جيلانيؒ جن جو عربي قصيدو ڏئي ھر ھڪ سِٽ ھيٺان سنڌي ترجمو ڏنو اٿن ۽ وٽن قرآن شريف جو نسخو ھجڻ مان سُڌ پوي ٿي تہ کين عربي جي بہ سٺي ڄاڻ ھئي. لڇمي ڪيسواڻي لکي ٿي: ”ڏاڏا (آسورام) صاحب اُن زماني جا سنسڪرت ۽ پارسيءَ جا وڏا وِدِوان ھئا. چارون طرف سندن قابليت جو ڌاڪو ھو.“([13])
سنسڪرت، فارسي ۽ عربي جي تعليم ڪٿان حاصل ڪيائون؟ تَنھنجو احوال اڃان نہ ملي سگهيو آھي. پاڻ ارڙھن سالن جي عمر ۾ انجيل ۽ قرآن شريف پڙھيائون، جنھن تي مٿن دنيا وارن جون گلائون ٿيڻ لڳيون. چون ٿا:
ارڙھن ورھين ۾ ’اِنجيل‘ پڙھيم، فھم سان ’فرقان‘ جو مَتُ سوجهيم، لوڪ نِدا جو کنيم سر تي ھلاڻو! (ڏسو ص 153)
فقير صاحب سن 1871ع برابر 1927 وڪرمي سنبت ۾ (سنڌي) ورنيڪيولر فائينل جو امتحان پاس ڪري نارمل اسڪول (ھاڻوڪي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين) حيدرآباد ۾ داخل ٿيا، جتان 3 سالن جو ڪورس ڪاميابي سان پاس ڪري ماستري جو سرٽيفڪيٽ وٺي نڪتا)[14](.
سرڪاري نوڪري:
مورُومل ڌانڌا لکي ٿو: ”ماستري جو ٽريننگ ڪورس پاس ڪرڻ بعد کين اسسٽنٽ ماستر مقرر ڪري ڦڪن جي ڳوٺ لڳ خدا آباد ضلعي لاڙڪاڻي (ھاڻوڪي ضلعي دادو) ۾ رکيو ويو. اتان وري جوھيءَ بدلي ٿيا. جنھن بعد پاڻ اڳتي ھلي ھيڊ ماستر ٿيا. مختلف شھرن ۾ نوڪري ڪندي آخر کين پنھنجي جنم ڀوميءَ ھالن پراڻن ۾ ھيڊ ماستر جي عھدي تي بدلي ڪيو ويو جتان پاڻ 55 ورھين جي ڄمار ۾ 1909ع برابر 1965 وڪرمي سنبت ۾ رٽائر ٿيا“([15]). جڏھن تہ صديق ميمڻ صاحب لکي ٿو: ”ھو حيدرآباد جي نارمل اسڪول)[16]( ۾ ماستريءَ جي تعليم وٺڻ ويو ۽ اتان ڪاميابيءَ سان پاس ٿي نصرپور جي اسڪول ۾ ماستر مقرر ٿي ويو.“
فقير صاحب جي پوسٽنگ جو ڪو پختو ثبوت تہ ڪو نہ ملي سگهيو آھي، جيتوڻيڪ مٿين ليکن مان مورُومل ڌانڌا جو ليک وڌيڪ اعتماد جوڳو سمجهہ ۾ اچي ٿو ڇاڪاڻ پاڻ ڪنھن قدر تفصيل سان ذڪر ڏنو اٿس ۽ اھو احوال کيس فقير صاحب جي پوٽي ڀڳت اوڌَوداس)[17]( وٽان مليو آھي. فقير صاحب جي پوسٽنگ نصرپور ۾ ضرور رھي آھي جنھن جو ذڪر حڪيم ليکراج مل بہ ڪن ٿا پر ان دور جو پختو احوال نٿو ملي. تنھن کان علاوہ ھالا لڳ ڳوٺ کنڊُو ۾ بہ لڳ ڀڳ 1901ع ڌاري ھيڊ ماستر جي عھدي تي فائز رھيا آھن. پاڻ وقت جا ھوشيار ۽ فرض شناس ماستر ھئا ۽ غزل: 11 ۾ پڻ ھڪ ھنڌ استاد کي تاڪيد ڪندي چون ٿا:
ھوش رک استادَ! جو شاگرد پنج ڀيرا پُڇي، ڪيئن اثر تنھن کي ٿئي، جَي تاءَ تِک مان ڏين ڇِڙٻَ؟
5-4 جولاءِ 1911ع ڌاري ھالن پراڻن ۾ ھڪ تعليمي ڪانفرنس ٿي، جنھن ۾ جملي 13 ماستر شامل ھئا، جنھن جي صدارت مسٽر شڪت سنگهہ (فرسٽ اسسٽنٽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ضلع حيدرآباد) ڪئي. ڪانفرنس جي پڇاڙي ۾ ھالا نوان اسڪول جي ھيڊماستر سھجرام بالا آفيسر جي شڪر گذاري ڪئي. جنھن کي ھالن پراڻن جي ھيڊماستر مسٽر ’آسودي مل‘ ٽيڪو ڏنو)[18](. ان مان اھو سمجهجي ٿو تہ ان وقت ماستر آسُومل ھالن پراڻن ۾ ھيڊماستر ڪو نہ ھئا. ڌانڌا صاحب سندن رٽائرمينٽ جو سن 1909ع ڄاڻايو آھي. ان سلسلي ۾ گورنمينٽ مين بوائز پرائمري اسڪول ھالا پراڻا جي جنرل رجسٽر (اندازن 1903ع کان 1930ع تائين) جا ورق ورائيندي فقير صاحب جا ھٿ اکر 11 جولاءِ 1914ع کان 1914ع جي پڇاڙي تائين تہ ھُوبھو مليا آھن باقي اڳين سالن ۾ معمولي فرق ٿو نظر اچي. ممڪن آھي فقير صاحب رٽائرمينٽ کان پوءِ بہ اسڪول جي سرگرمين ۾ شامل رھيا ھجن!
شادي ۽ اولاد:
ٻارھن سالن جي ڦوه جواني ۾ صوفي آسورام جن کي مجازي عشق جڪڙي ورتو. جيئن پنھنجي ’جنم ساکي‘ ۾ لکن ٿا:
سندن مائٽ سُکيا آسودا ھئا، جن ترت شادي ڪرائي ڇڏين)[19](. حڪيم ليکراج مل جو چوڻ آھي تہ سندن شادي ڄامشوري جي برھم کترين مان ٿيل ھئي. جن مان کين 2 نياڻين ۽ 2 پُٽن جو اولاد ٿيو. ھڪ ويرسي مل (جنم: 3 جنوري 1890ع. وفات: 19 سيپٽمبر 1958ع) ۽ ٻيو پٽ ننڍي ھوندي ئي چالاڻو ڪري ويو، تنھن جي نالي جو پتو ڪو نہ پئجي سگهيو آھي البتہ سندس نالي تي گهر ۾ نم جو وڻ پوکيل ھوندو ھو. ويرسِي مل جو اولاد صفحي 27 تي شُجري ۾ ڏيکاريل آھي. صوفي آسُومل جي وڏي نياڻي ’پيوان ٻائي‘ ھالا ويجهو ڳوٺ خيبر ۾ ڀڳت ڍالُومل جي گهر ۾ پرڻيل ھئي. پاڻ صوفيءَ جو طالب ۽ وٽن ايندو رھندو ھو، اڳيان سندس تفصيلي احوال ايندو. صوفي صاحب جي ننڍي نياڻي ’اُتم ٻائي‘ ھالا ويجهو مھرن جي ڳوٺ (مھرڪا) ۾ پوھُومل کٽي (نُک کُوھا) جي گهر ۾ پرڻيل ھئي. کين ٽن پُٽن)[20]( جو اولاد ٿيو. ورھاڱي کان پوءِ لڏي ھندستان جي شھر احمد آباد ۾ ويٺا ۽ اتي ئي سندن سمورو اولاد رھي ٿو.
حقيقي عشق ڏانهن لاڙو ۽ مرشد:
فقير آسُورام ننڍي ھوندي کان فقير طبع ھوندا ھئا. کين تصوف جو شروعاتي اثر سيد فقير علي شاه وٽان مليو. تنھن کان علاوہ ڌرمي شاسترن، انجيل، قرآن ۽ تصوف جي فارسي ڪتابن جي مطالعي کين سچي واٽ ھٿ ڪرڻ لاءِ بي قرار ڪيو. ويھن سالن جي عمر تائين ٻين مذھبن جي پڻ ڄاڻ حاصل ڪري چڪا ۽ جيئن چوندا آھن تہ ’گرُوءَ بنا گت ڪا نہ ٿيندي‘ تيئن صوفي صاحب بہ مرشد جي ڳولا ۾ نڪتا. چون ٿا:
ويھن ورھين ۾ سڀ ڌرم سڃاتم، ستگر ڍونڍڻ جو ڄاڻ ڄاتم، دلڙي اُداسڻ، من ھو نماڻو! (ڏسو ص 153)
نصرپور ۾ ماستري دوران سندن صحبت ڪافيءَ جي وڏي شاعر سيد مصري شاه سان ٿي. شاه صاحب نياپو ڏياري موڪليندا ھئن تہ ”ماستر ھليا ھاڻ ڪچھري ڪريون“)[21](. ھن صحبت ۾ کين چڱو فيض حاصل ٿيو، منجهن شاعري جو شوق بہ وڌيو ۽ اتان ئي کين جهوڪ جي سلسلي جي آگاھي پڻ ملي. تِھان پوءِ جهوڪ شريف جي صوفي درويشن سان وڃي صحبتي ٿيا. چون ٿا:
صوفيءَ جي پڙپوٽن ھريرام ۽ ٿانور داس جو خيال ھو تہ سندن مرشد ٽنڊي محمد خان وارا نور محمد شاه ھئا. جيتوڻيڪ پڇا ڳڇا ڪندي راقم کي ٽنڊي محمد خان ۾ ڪنھن بہ اھڙي درويش جو احوال نہ ملي سگهيو آھي. مگر سندن مرشد جو نالو ضرور نُور محمد شاه آھي جو اھڙا اشارا پنھنجي شاعري ۾ ھن ريت ڏنا اٿن:
مورُومل ڌانڌا لکي ٿو: ”جڏھن ڦڪن جي ڳوٺ ۾ نوڪري ڪندا ھئا، اُتي مرشد ڪيائون“. ڳوٺ ڦَڪا تعلقي جوھي ۾ نُور شاه ۽ گُل شاه جي نالن سان ٻن درويش ڀائرن جون مزارون آھن، جيڪي ڪلهوڙن جي دور جون ٻُڌايون ٿيون وڃن. فقير صاحب جو دور انگريزن جي صاحبي وارو ھو تہ يقينن مذڪورہ نُور شاه صاحب سان سندن روحاني تعلق نہ ھوندو. فقير آسورام جن جي مرشد جي حوالي سان پختو خيال تجل جي سائين نور محمد شاه جن ڏي وڃي ٿو. ضلعي خيرپور تعلقي ناري جي ڳوٺ تجل شريف ۾ حضرت صوفي شاه عنايت الله شھيدؒ جن جي ننڍي فرزند حضرت صوفي سلام الله شاه ’ٿر ڌڻي بادشاه‘ جن جي درگاه آھي. صوفي شاه شھيد جن جي خاندان مان مخدوم محمد شاڪر عرف سُکيل سائين([23])جهوڪ شريف مان لڏي تجل شريف وڃي رھيا ۽ درگاه جا پھريان سُجادہ نشين ٿيا. سندن وصال کان پوءِ مخدوم سُلطان علي سائين درگاه تجل شريف جا مسند نشين بڻيا. مخدوم سُلطان علي شاه جن کي 7 پٽن جو اولاد ٿيو: مبارڪ شاه، شاڪر شاه، قلندر بخش شاه، علي اڪبر شاه، شھاب الدين شاه، نور محمد شاه ۽ خواجہ عبدالستار شاه. جڏھن تہ سندن نياڻي درگاه جهوڪ شريف جي پنجون نمبر سُجادہ نشين صوفي ابراھيم شاه ’بنگلي ڌڻي‘ سائين جن سان پرڻيل ھئي. مخدوم سلطان علي سائين جي وصال (1252ه/1836ع) کان پوءِ سندن فرزند مبارڪ شاه ۽ قلندر بخش شاه ھڪ ٻئي پٺيان درگاه تجل شريف جا مسند نشين ٿيا. سائين عبدالستار شاه درگاه جهوڪ شريف جا ستون نمبر سجادہ نشين ٿيا)[24](. حضرت نور محمد شاه وقت جا وڏا صوفي درويش ھئا. زماني کان گوشہ نشيني ڪري اڪثر رياضت ۾ مشغول رھندا ھئا. حضرت پير علي گوھر شاه ’اصغر‘ تي پڻ سندن وڏو راز ھو. پاڻ 17 شوال 1298ه/1881ع تي وصال فرمايائون. اصغر سائينءَ، صوفي نور محمد شاه جن جي وصال تي ھيٺيون فارسي نظم چيو([25]):
عجب صوفي صافي نيک بخت، زهي نور محمد خہیٰ نيک بخت بتاريخ ھفتد ھم ماهِ شوال، از اين دار فاني برآ در درخت بہ شامِ غريبان، بروز سہ شنبہ، به فردوس بخشت بالائي تخت هزار و دو صد نود ھشت سال، ببود آن کہ افتاد آن خوش درخت جہان به سور آمد از مرگِ ولي، ز داغش دلي دوستان لخت لخت
ترجمو: عجب صوفي صاف دل وارو خوش قسمت، واه واه ’نور محمد‘، سچو خوش قسمت۔ شوال جي 17 تاريخ جو ھُو فنا جي گهر مان نڪري جاوداني وڻ (بقا) ۾ داخل ٿيو۔ غريبن جي شام (وفات جي شام)، اڱاري ڏينھن فردوس ۾ بلند تخت تي جاءِ مليس. سن 1298ه ۾ خوش نصيب وڻ (ولي ڪامل) دنيا مان رخصت ٿيو. ان ولي جي وصال تي جھان سوڳوار ٿيو ۽ انهي داغ سان دوستن جا دل ٽڪر ٽڪر ٿي پيا.
ممڪن آھي فقير آسُورام جن مذڪورہ صوفي نور محمد شاه جن جا طالب ھجن، جو ھيٺيان دليل اھا ثابتي ڏئي رھيا آھن:
صوفي آسُورام صاحب کي مرشد 22 ورھين ۾ مليو ۽ اھو سال 1876ع ٿيندو. سائين نور محمد شاه جن جو وصال سن 1298ه/1881ع ۾ ٿيو آھي يعني صوفيءَ جي طالب ٿيڻ جي 4 سالن کان پوءِ جھان ڇڏيو اٿن.
مٿي ڏنل آرتي ”آرتي ڪرون الک...“ مان صاف ظاھر آھي تہ سندن ذڪر ڪيل مرشد نور محمد سائين جي طريقت جو سلسلو قادري ۽ صوفي شاه عنايت شھيدؒ سان جڙيل آھي. ھاڻ جيڪڏھن تجل وارن نور محمد سائين جن جي طريقت ڏي ڏسبو تہ پاڻ صوفي شاه شھيد جي سلسلي سان ئي واڳيل آھن ۽ اُن دور جي سموري سلسلي ۾ اِن نالي سان فقط ھڪ ئي سائينءَ جو ذڪر ملي ٿو. سندن طريقت جو سلسلو ھن ريت آھي)[26](: صوفي نُور محمد شاه (تجل شريف) سندن مرشد صوفي عزت الله شاه ’سخي پير‘ (جهوڪ شريف) سندن مرشد صوفي فضل الله شاه ’داتا پير‘ (جهوڪ شريف) سندن مرشد مخدوم محمد زاھد شاه ’ڪلان‘ (جهوڪ شريف) سندن مرشد مخدوم ابراھيم شاه ’ڊٻ والا‘ (جهوڪ شريف) سندن مرشد مخدوم سيد اسماعيل شاه (ٺٽو) سندن مرشد شاه عنايت الله شھيد صوفي (جهوڪ شريف)
3. 1875ع کان 1883ع تائين درگاه جهوڪ شريف جي گادي خالي ھئي ۽ درگاه جو ڪار وھنوار حويلي مان جناب بنگلي ڌڻي جن جي گهر واري ۽ سائين نور محمد شاه جن جي ڀيڻ ’سڳورا پاڪ‘ ھلائيندا ھئا. صوفي نُور محمد جن درگاه تي باقائدہ حاضريون ڀريندا ھئا ۽ اھلِ الله فقيرن ۾ سندن مقام مٿاھون ھو.
4. تنھن کان علاوہ فقير صاحب جو پنھنجي ڪلام ۾ تجل جي ٿر ڌڻي بادشاه جن جو ذڪر ڪرڻ بہ مٿين راءِ ڏي ڌيان ڇڪائي ٿو.
جهوڪ شريف سان گھري تعلق جو ھڪڙو ثبوت درگاه جي اڱڻ تي موجود سندن ٻارِي پڻ آھي جتي ميلي توڙي مختلف موقعن تي رھندا ھئا. ان جو ذڪر جڏھن درگاه جهوڪ شريف جي سُجادہ نشين حضرت صاحب ڪريم صوفي عطاءُ الله شاه ستاري جن سان ڪيو ويو تہ پاڻ فرمايائون: ”بلڪل فقير جي ٻاري ھئي. ڪچي ٺھيل ھئي جنھن ۾ ننڍو وڻ بہ ھو“. سا ٻاري سندن وصال پڄاڻان سار نہ لھڻ ڪري ختم ٿي وئي.
فقير صاحب چاليھا بہ ڪڍيا ۽ راتين جو جاڳي عبادت ڪندا ھئا. اڌ رات جو اُٿي وضو ڪري مراقبي ۾ ذڪر فڪر ڪرڻ سندن روز جو معمول ھو. پاڻ ڪو بہ خاص آستان ڪو نہ بڻايائون ۽ گهر ۾ تہ ڪڏھن سامهون اوطاق ۾ رھي فقيري آنند ۾ گذاريائون. فقير آسورام ھر مھيني شاه شھيدؒ جي ’سترھين‘ ۽ غوث اعظم شيخ عبدالقادر جيلانيؒ جن جي ’يارھين‘ (ڏينھن جو) سندن گهر جي سامهون واري اوطاق ۾ ملهائيندا ھئا، شام جو 5 بجي محفل ٿيندي ھئي جنھن ۾ پاڻ ۽ سندن عقيدتمند سندن ڪلام ڳائيندا ھئا ۽ آخر ۾ طعام تقسيم ڪيو ويندو ھو. فقير صاحب جي وصال کان پوءِ 20/22 سالن تائين سندن اولاد ٻئي رسمون جاري رکيون. مگر ورھاڱي کان پوءِ اڪثر خاندان جي ھندوستان لڏڻ ڪري اھي رسمون بند ٿي ويون. ھينئر بہ سندن ڪجهہ اولاد حال سارُو اھي رسمون نڀائيندو اچي.
درگاھ جھوڪ شريف جا صوفي ۽ ھمعصر:
فقير صاحب جن جهوڪ شريف وارن بزرگن جي شان ۾ تمام گهڻو ڪلام چيو آھي. ڪاملن جي ساراه ۽ عقيدت ۾ نيازمندي ۽ صدائن جا گُل نڇاور ڪيا اٿن ۽ ڪن بہ ڪيئن نہ؟ اُتان جي فيض مان ئي تہ سندن اندر جا مونجهارا لٿا ۽ پاڻ سالڪ صوفي بڻيا. چون ٿا:
جهوڪ شريف ۾ فقير صاحب جي خاص صحبتين جو پختو احوال تہ ڪٿان ڪو نہ ملي سگهيو آھي. جيتوڻيڪ پاڻ حضرت صوفي شاه عنايت شھيد، صوفي سلام الله ’ٿر ڌڻي‘، صوفي فضل الله ’داتا پير‘، صوفي زاھد شاه ’وسڻ شاه‘ جو ذڪر مختلف جاين تي ڪيو اٿن. ھڪ ڪافي ۾ چون ٿا:
سا شل وسندي جهوڪ، پاڻ پريَن جت پاڻ پسايو.
آسانگو سر جو لاھي آيا الا! ’ٿر ڌڻيءَ‘ جي ٿوڪ، جنم مرڻ ڪل من جو مٽايو. فضل ’فضل شاه‘ جي فڪر فنا ڪيا، ذات ورن جي ويئي روڪ، سَرن پيل جو سڀ ڪم سجايو. وارث ’وسڻ شاه‘ سُرڪ سِڪڻ جي، ميخانہ مان موڪ، مچ محبت جو من تي مچايو. ميران پور ۾ گهايل گهوٽيا، ٽرڪيا ٽاريا نہ ٽوڪ، پتنگ جيان تن پاڻ جلايو. ’آسُو‘ ٻانهي ٻانھن ٻڌڙي، لک نہ پسئي لوڪ، مطلب من جو عرض اگهايو. (ويراڳ نامو، (قلمي)، صدائون شاه شھيد، صدا: 4)
شاه شھيد، ٿر ڌڻي بادشاه ۽ داتا پير تہ فقير آسُومل کان اڳ جا بزرگ رھيا آھن. جيتوڻيڪ صوفي محمد زاھد شاه عرف وسڻ سائين جن جو وصال فقير صاحب جي جواني ۾ ٿيو آھي. مٿين ڪافي کان علاوہ فقير صاحب ھڪ ٻي ڪافي ۾ بہ وسڻ شاه جو ذڪر ڪيو آھي. ٿل آھي:
وه واه ’وسڻ شاه‘، بي پرواه قلندر، بيواه سندي آه، سڻج شاه قلندر. (ويراڳ نامو، (قلمي)، ص 402)
درگاه جهوڪ شريف جي سُجادہ نشين صوفي ابراھيم شاه ’بنگلي ڌڻي‘ جن جي وصال(1269ه/1853ع) کان پوءِ سندن فرزند صوفي محمد زاھد عرف سائين وسڻ شاه جن درگاه جهوڪ جا ڇھون نمبر مسند نشين ٿيا. سائين وسڻ شاه کي اولاد نہ ٿيو ۽ پاڻ سن 1291ه/1875ع ۾ وصال فرمايائون. فقير آسُومل جن کي 1876ع ڌاري مرشد مليو. يعني وسڻ سائين جي وصال جي ٺيڪ ھڪ سال کان پوءِ! ٿي سگهي ٿو تہ فقير آسُومل 22 سالن جي عمر يا 1876ع کان اڳ درگاه جهوڪ پھتا ھجن ۽ وسڻ سائين سان سندن ملاقات يا صحبت بہ ٿي ھجي! ان وقت ۾ تاجپور وارا فقير نواب ولي محمد صوفي(1836-1914ع) بہ گهڻو درگاه جهوڪ تي ايندڙ ھئا. پاڻ حضرت بنگلي ڌڻي سائين جا دست بيعت طالب ھئا ۽ سندن صحبت صوفي محمد زاھد شاه ’وسڻ سائين‘ سان گهڻي رھي. فقير ولي محمد سائين جن سان نصرپور واري مصري شاه(1828-1906ع) جي گهڻي صحبت ۽ محبت ھئي، پاڻ ۾ شعر گوئي ۽ فقرائي خيالن جا تبادلا بہ ڪندا رھندا ھئا. ساڳئي نموني سان فقير آسُورام جي صحبت بہ سائين مصري شاه سان ٿي آھي جنھن جو ذڪر اڳ ڪري آيا آھيون. ضرور فقير صاحب جي ملاقات ۽ رھاڻ نواب ولي محمد سائين سان بہ ٿي ھوندي!
وسڻ سائين جن جي وصال کان پوءِ شاه شھيد جي خاندان مان نرينو اولاد نہ ھجڻ ڪري درگاه جهوڪ جي گادي 8 سال خالي رھي ۽ درگاه جو ڪار وھنوار حويلي مان سڳورا پاڪ (صوفي ابراھيم شاه ’بنگلي ڌڻي‘ جن جي گهر واري ۽ وسڻ سائين جن جي ماءُ) ھلائيندا ھئا. آخر سندن راءِ ۽ فقراءَ جي رضامندي سان سندن ڀاءُ صوفي عبدالستار شاه (اول) ولد سلطان علي شاه سن 1301ه/ 1883ع ۾ درگاه جهوڪ جا ستون نمبر سجادہ نشين ٿيا. فقير آسُومل جن جي جهوڪ اچڻ (1876ع) کان پوءِ سندن دور (1941ع تائين) ۾ ھيٺيان صاحبَ ڪريمَ سُجادہ نشين رھيا جن سان سندن صحبت رھي ھوندي: حضرت خواجہ عبدالستار شاه صوفي (اول) (وصال: 1900ع) حضرت غوث بخش شاه صوفي ’ھادي سائين‘ (وصال: 1925ع) حضرت عبدالستار شاه صوفي (ثاني) (1902-1961ع)
تنھن کان علاوہ ان دور ۾ جهوڪ جا جيڪي ٻيا طالب صوفي ھئا تن ۾ حضرت صوفي عبدالستار شاه(اول) جن جا دست بيعت طالب: سائين رکيل شاه(1846-1940ع)، نصير محمد فقير جلالاڻي(1842-1960ع)، صوفي مسڪين داس(1850-1922ع) وغيرہ ناميارا آھن.
فقير صاحب قادري طريقي جا صوفي ھئا. پنھنجي شعر ۾ چون ٿا:
فقير آسورام جن جي خانوٺ (تعلقو ھالا) جي سيد مسڪين شاه سان بہ صحبت رھي. سَنت لِيلا شاه بہ فقير صاحب وٽ روح رھاڻ لاءِ ايندو رھندو ھو. توشيح صنعت تي جوڙيل غزل: 140 ۾ ھر بند جي پھرين سِٽ جو پھريون اکر ملائي ’آسومل‘ ۽ ٻئي سِٽ جو پھريون اکر ملائي ’خوبچند‘ ٺاھيو اٿن، جنھن مان معلوم ٿيندو تہ خوبچند نالي ڪنھن شخص سان گهڻو چاه ھئن. سندن دور ۾ ھالن پراڻن ۾ سائين ولايت راءِ سميت گهڻا ئي فيض وارا فقير ٿي گذريا آھن. سائين ولايت راءِ (1825-1887ع) علم وارا سَنت ھئا ۽ سندن آستانو فقير صاحب جي گهر کان ٿوري ئي مفاصلي تي ’کتري پاڙي‘ ۾ ھو. سوامي شانتي پرڪاش پنھنجي (وڊيو) ستنسنگ ۾ چوي ٿو: ”سائين ولايت راءِ ۽ ڏاڏا آسورام جن لاڙڪاڻي پاسي گڏجي نوڪري ڪئي ھئي ۽ پاڻ ۾ صحبتي ھئا. انهي خيال سان وڏن کان وٺي انهن (ولايت راءِ وارن) سان ناتو ڳنڍيو ايندو آھي“)[27](. سائين ولايت راءِ اٽڪل پنجاه ورھين جي عمر ڌاري قمبر مان نوڪري ڇڏي پنھنجي ڳوٺ ھالن پراڻن ۾ اچي رھيا([28]). اُھو زمانو 1875ع واري ڏھاڪي جو ٿيندو ۽ فقير صاحب جي ڦوه جواني ۽ نوڪري جو شروعات وارو وقت ھو. سائين ولايت راءِ ھالن پراڻن ۾ موٽڻ کان پوءِ پنھنجي آستاني تي صبح، شام نيم سان ستسنگ ڪندا ھئا، گهڻي خلق ايندي ھئن. وٽن سندن طالب ۽ مشھور شاعر صوفي جيوت سنگهہ(1831-1899ع) بہ خدمت ۾ ھوندو ھو. ھي ٻئي ويدن، شاسترن توڙي عربي، فارسي جا عالم ھئا. ضرور ھالن پراڻن ۾ بہ فقير آسورام ھنن درويشن جي ستسنگ ۾ شامل ٿيا ھوندا.
مريد/چيلا ۽ عقيدتمند:
سَنت آسُورام جا مُريد ٽنڊوآدم، حيدرآباد، ڪشمور ۽ کيرٿر ڏي ڪافي ھئا، جن جي ھن وقت ڪا ڄاڻ نٿي ملي. اڪثر ورھاڱي کان پوءِ ھندستان جي شھر اجمير ۽ ٻين علائقن ۾ وڃي رھيا. فقير صاحب جي مکيہ طالبن (چيلن) مان سَنت ٽيئون رام، ڀڳت ڍالُومل، مائي ڀوڄي ۽ ڀائي پرمانند جو ذڪر ملي سگهيو آھي. ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ، ڪوي رام سوامي ۽ سوامي گوالانند مھاراج کي صوفي آسورام جو طالب ڪري لکيو آھي، جڏھن تہ ھي ٻئي فقير صاحب جا طالب ڪِينَ ھئا. اھا ثابتي اڳيان تفصيل سان ايندي. فقير آسورام جن جي دست بيعت طالبن جو احوال ھن ريت آھي:
1. سَنت ٽيئون رام: ھن فقير جو جنم 6 جولاءِ 1887ع ۾ ڀائي چيلارام آسنداس کتري جي گهر ڳوٺ کنڊو تعلقي ھالا، ضلعي حيدرآباد (ھاڻوڪي ضلعي مٽياري) ۾ ٿيو. ڀائي چيلارام سندس آستاني تي روزانو شام جو ستسنگ ڪرائيندو ھو ۽ آيل سَنتن جي خوب خدمت چاڪري ڪندو ھو. ٽيئون رام اڃان 13/14 سالن جو ٻالڪ ھو جو 1901ع ڌاري فقير صاحب آسُورام جن کنڊُوءَ جي اسڪول ۾ ھيڊ ماستر مقرر ٿي آيا. پاڻ ڀائي چيلارام جي ھاڪ ٻُڌي سندن آستاني تي ڪھي ويا، جنھن کين ڀليڪار ڪري، سندن خوب خدمت چاڪري ڪئي. سَنت آسُورام ان شام ۽ رات جو موج سان ستسنگ ڪيو. سندن پريم ۽ ڄاڻ ڀريو ستسنگ ٻُڌي ڀڳت چيلارام کين عرض رکيو تہ: ”ڪرپا ڪري روزانو ھتي اچي پنھنجي مٺن ٻولن جي ورکا ڪندا ڪريو، جو اسان کي ۽ ستسنگين کي ڏاڍو آنند اچي رھيو آھي“. فقير صاحب سندن وينتي قبول ڪئي ۽ روزانو اسڪول جي ڪم کان فارغ ٿي ھن آستاني تي ستسنگ ڪندا ھئا. ننڍڙو ٽيئون بہ دِلا ماٽا ڀري تياري ڪري وڏي شوق ۽ ڌيان سان ستسنگ ٻڌندو ھو. ھڪ رات فقير صاحب ستسنگ ۾ مرشد (ستگرو) ڪرڻ جي وارتا ھلائي ۽ فرمايائون تہ: ”مرشد کان سواءِ آتما جو نہ ڀلو ٿيندو ۽ نہ ئي کيس پنھنجي منزل ملندي. حال حيات مرشد ڪرڻ بلڪل ضروري آھي. ستگرو برھم شروتري (ويدن، شاسترن جو علم رکندڙ) ۽ برھم نيشٺي (پنھنجي آتما ۾ نشٺا رکندڙ) يعني ڪامل يا مالڪ ۾ مڪمل فنا کاڌل ھجيس ۽ الاھي رازن کان واقف ھجي. اھڙي مرشد جي صحبت ۾ طالب جو جلد ڀلو ٿئي ٿو“. اھا ڳالهہ فقير صاحب ڪلامن ۽ مثالن سان کولي سمجهائي. اتي ويٺل سڀني ستسنگين اھا وارتا ٻڌي ۽ ٻئي ڏينھن فقير صاحب جن کان طريقي موجب نام جو اُپديش يعني ذڪر وٺي پنھنجو ستگر ڪيو. اھڙي ريت ذڪر ملڻ کان پوءِ ڀڳت ٽيئون رام ڪڏھن باغيچي ۾تہ ڪڏھن درياءَ ڪناري وڃي ايڪانت ۾ نام جو اڀياس ڪندو رھيو([29]) ۽ اڳتي ھلي پاڻ بہ فيض وارو صاحب ٿي پيو. ستسنگ ڪندو رھيو ۽ گهڻا ئي ھندو، مسلم سندس مريد ٿيا. پنھنجي منڊلي سميت سير سفر ڪندي ٽنڊي آدم ۾ 1917ع ڌاري وارِيءَ جي ڊِٻ تي سڪونت وارو نظارو ڏسي اتي ’امراپور درٻار‘ اڏي ويٺا، جتي کين گهڻيون تڪليفون پيش آيون پر انهن مان ھي پار پئجي ويا.
ڀڳت ٽيئون رام جي فقير آسُومل سان ڏاڍي محبت ھوندي ھئي. پاڻ وقت بوقت ھالن پراڻن ۾ پنھنجي منڊلي سميت ايندو رھندو. فقير آسُورام جن جي پڙپوٽي ڀڳوانداس ڪُندو مل(جئپور، انڊيا) ھڪ واقعو ٻڌايو تہ: ”ھڪڙو ڀيرو ڀڳت ٽيئون رام پنھنجي منڊلي سميت فقير صاحب ڏي ھالا پراڻا آيو ۽ سندن اوطاق ۾ جيئن داخل ٿيا تہ عجيب نظارو ڏٺائون جو اوطاق ۾ جيڏانھن نگاه ڪن تيڏانھن فقير صاحب پئي نظر آين. ڀڳت صاحب چيو: ’حق موجود‘ ۽ صاف صورت سائين آسُورام سامهون ٿيا“. ٽيئون ڀڳت ۽ سندس مريد عقيدت وچان فقير صاحب کي ’ڏاڏا آسُورام‘ ڪري ڪوٺيندا ھئا. کين جڏھن کنگهہ ٿيندي ھئي تہ ٽيئون رام ھٿ اڳيان ڪري ڏيندو ھئن. ھڪ دفعي وٽس ڪي مريد ملڻ لاءِ آيا، ان وقت پاڻ ڌيان (ذڪر فڪر) ۾ ويٺل ھو. گهڻي انتظار کان پوءِ نيٺ پريمين پُڪاريس. تنھن تي پاڻ چيائين: ”اوھين ويھو، في الحال اسان پنھنجي ستگر جي درشن ۾ آھيون. بعد ۾ اوھان کي درشن ڏينداسين“)[30](. ڀڳت صاحب پنھنجي مرشد کي ارداس ڪندي ھڪ ڀڄن ۾ چوي ٿو:
”سِٽون تمام ساديون ۽ بي ملهيون پيون لڳن پر ارٿ ھو عجيب سمايل، جو بابا رام سواميءَ کي بہ دير سان معلوم ٿيو جڏھن ڪ ھو خود درشني بڻيو ۽ ڏٺائين تہ ’پرميشور سواءِ ٻيو گرو بڻيو بہ ڪو نہ‘، پوءِ سامرٿ ڪو نہ ٿيو يا ضرورت ڪا نہ رھي سو لکڻ ئي اجايو.“([45])
ھِن منجهان گهٽ ۾ گهٽ اھو پڌر پيو تہ ڪوي رام سوامي، صوفي آسورام جو طالب نہ ھو. ڊاڪٽر محمد علي مانجهي صاحب اھا غلط روايت پنھنجي ڪتاب ۾ درج ڪئي آھي. ساڳي غلط روايت سوامي گوالانند مھاراج سان پڻ منسوب ڪئي اٿائين.
راڳ ويراڳ:
فقير آسُورام جن ڪلام ڳائيندا ۽ سازَ بہ وڄائيندا ھئا. وٽن ھر قسم جا سازَ جن ۾ يڪتارو، تنبورا ۽ سِتار وغيرہ پڻ موجود ھئا. ھڪ جاءِ تي فرمائين ٿا:
راڳ روپ ڪئين گانا گايم، چَنگ، مَرڌنگ، سُرود وڄايم، پر پتو نہ پيو ڪنھن پارَي. (ويراڳ نامو، (قلمي)، ڪافي: 556)
کين علم موسيقي جي سٺي ڄاڻ ھئي. سندن جوڙيل ڪتاب ’ويراڳ نامي‘ ۾ ڪلامن کي مختلف سُرن ۾ ورھائي ترتيب ڏنو اٿن. ڪتاب جي پھرين صفحي تي لکن ٿا:
”ھن ۾ سُرن جو اٺ سٺو ٿيل آھي، مگر ڳائيندڙ ڪنھن بہ سر مان ڳايو ٿو سگهي.“ (ويراڳ نامو، (قلمي)، ص 1)
فقير صاحب جن سان گڏ فقيرن، ساڌن جو سُنگ (منڊلي) بہ ھوندو ھو. انهن فقيرن جي بہ معلومات نٿي ملي. پاڻ سن 1917-18ع ڌاري ھڪ ڏينھن سير ڪندي کنڊوءَ ۾ ڀڳت ٽيئون رام وٽ سندس آستاني تي اچي نڪتا ۽ رات جو پنھنجي سُنگ سان يڪتاري تي ڪلام چئي ستسنگ شروع ڪيائون ۽ حافظ شيرازي جو ھيٺيون شعر ڏنائون:
جان با جانا بدہ، ورنہ بستا ندا جل خود تو منصف باشد حافظ، این نکو یا آن نکو
مطلب تہ: پنھنجي جان مالڪ جي بندگي ۽ چڱن ڪمن ۾ لڳائي سڦل ڪر، ھڪڙي ڏينھن ھونءَ ئي موت توکي ماري ويندو. ھاڻ تون پاڻ ئي انصاف ڪر، توکي ھيئن وڃڻو آھي يا ھونءَ! ساڳي ڳالهہ مثالن سان سمجهائيندي ھيٺيون بيت ڏنائون([46]):
جي ڀائين ملان مُڳت کي، تہ ڳالهيون چوانءِ چار، عھد جو الست جو، سو پرين ساڻ پار، موت کي ياد ڪر، منان ڪيمَ وسار، اَوڳُڻ ڏس پانھجا، ٻين جا نہ ويچار، جيڪي چڱايون ڪرين، سي دل تان ڇڏي ڍار، ’آسو‘ آخر ڪار، جنم سڦلو تو ٿئي.
ھڪ دفعي فقير آسُورام جن کي ڪن پريمين عرض ڪيو تہ، ”سائين! سَنت فقير چون ٿا تہ ھي دنيا ڪوڙ، مِٿيا آھي، پوءِ بہ ماڻهو نٿا سمجهن، اِئين ڇو؟“. تنھن تي فقير صاحب جن ابوسعيد جو ھيٺيون فارسي شعر چيو)[47](:
حال عالم سر بہ سر پرسیدم از فرزانہ ای گفت: یا خاکی ست یا بادی ست یا افسانہ ای گفتمش، آن کس کہ او اندر طلب پویان بود؟ گفت: یا کوری ست یا کری ست یا دیوانہ ای (سخنان منظوم ابوسعید ابوالخیر، نفیسی، تھران ۱۳۳۴، ص 118)
(ترجمو: مون ھڪ داناءَ کان دنيا جو حال پڇيو. چيائين: يا مٽي آهي، يا هوا آهي، يا ڪا ڪھاڻي آهي. چيم: اهو ماڻهو، جيڪو ان جي تلاش ۾ ڀڄي ٿو؟ چيائين: يا انڌو آهي، يا ٻوڙو آهي، يا ڪو پاڳل آهي.)
اھڙو خيال غزل: 32 ۾ بہ پيش ڪيو اٿن:
دنيا ڄاڻ سپنُو يا افسانہ جيئن، يا سمجهين سڄڻ يار! واسِينگ سَپُ.
4. حڪيم گنگارام: پنھنجي والد حڪيم ليکراج سان گڏ ھالا پراڻا ۾ اباڻو دواخانو ھلائي رھيو آھي.
حڪيم فقير آسُورام جن وٽ حڪمت جا ڪتاب جن ۾ قرابادين قادري، فرھنگ جعفري وغيرہ موجود ھئا. ھڪ ڪاپي ۾ حڪمت جا نسخا پڻ لکيا اٿن، جيڪي اڪثر فارسي ۽ ڪجهہ سنڌي ۾ آھن. تنھن منجهہ فارسي ۾ نثر پڻ لکيل آھي، محسوس ائين ٿو ٿئي ڄڻ حڪمت متعلق ننڍڙو ڪتاب جوڙيل ھجي، مگر ڪاپي جي حالت ضعيف آھي ۽ گهڻا صفحا ڦاٽي چڪا آھن. ھڪ بہ صفحو ٺيڪ پڙهڻ ۾ نٿو اچي.
شخصيت ۽ لباس:
فقير صاحب قد جا ڊگها، سندن وار وڏا ڪُلهن تائين ۽ ڏاڙھي سٺي ھوندي ھين. سندن لباس ۾ گيڙو پٽڪو، ڊگهو پھراڻ ۽ سٿڻ کاڌِي جي ھوندي ھئي. پاڻ سان لڪڻ رکندا ھئا. ڊاڪٽر ديال آشا پنھنجي ڪتاب ’سنڌ جا سَنت‘ (ص 47) ۾ لکي ٿو: ”سَنت آسُورام سادي لباس ۾ لڪل لعل ھو“.
فقير صاحب بابت روايتون / واقعا:
(1) ھيٺين روايت ڪجهہ قدر حڪيم ليکراج مل ٻڌائي ۽ باقي ڊاڪٽر ديال آشا پنھنجي ڪتاب ’سنڌ جا سَنت‘ (ص 47-48) ۾ ڏني آھي:
ھڪ دفعي ھڪ پريمي مورُومل، ڀڳت ٽيئون رام وٽ عرض کڻي آيو تہ: ”سائين مونکي پُٽ جو اولاد ڪونهي. تعويذ لکي ڏيو تہ پٽ جو اولاد ٿئيم“. ڀڳت صاحب چيس: ”ابا اسان تعويذن مان ڪينَ ڄاڻون“. مورُومل جي گهڻي ضد تي ڀڳت صاحب کيس چيو: ”ڏاڏا آسُورام کان وڃي آسيس (دعا) وٺ.“ ان وقت فقير صاحب بہ اتي ويٺا ھئا سو مورُومل اچي کين ساڳيو عرض رکيو تہ: ”سائين! تعويذ لکي ڏيو تہ پٽ جو اولاد ٿئيم“ ۽ فقير سائين بہ کيس ڀڳت صاحب وارو جواب ڏنو. آخر گهڻي اصرار تي فقير صاحب پني جي ٽڪري تي ڪي لفظ لکي کيس ڏنا. مورُومل خوش ٿي تعويذ ٺاھي وڃي پاتو. ۽ سال کان پوءِ کيس پُٽ جو اولاد ٿيو. ساڳي خبر پريمي نيوَند رام کي پئي سو اچي فقير صاحب وٽ نڪتو ۽ عرض رکيائين تہ: ”سوامي! اوھان مورُومل کي تعويذ لکي ڏنو، سو کيس پُٽ جو اولاد ٿيو آھي. مونکي بہ اھڙو تعويذ لکي ڏيو تہ مونکي بہ پُٽ جو اولاد ٿئي.“ فقير صاحب وراڻيو: ”ابا اسان تعويذ لکڻ مان ڪينَ ڄاڻون. مورُومل کان تعويذ وٺي اچو“. پاڻ تعويذ کولي ڏيکاريائونس تہ ان ۾ لکيل ھو: ”مالڪ! اولاد ڏين نہ ڏين. بندو بي معيار آھي“. سَنت آسُورام ڳجهہ ڳوه ۾ پريمي جو سوال پورو ڪيو. نيوند رام ڏاڍيون آزيون ڪري کين چوڻ لڳو تہ: ”منھنجي بہ جهولي سائي ڪريو، آئون بہ خالي ڪينَ ويندس“. سائين آسُورام سندس بہ سوال پورو ڪيو.
(2) ھڪ دفعي محرم الحرام جي مھيني ۾ ھالا پراڻا ۾ صوفي آسورام جي گهر واري گهٽي (فقير علي شاه مسجد يا ميمڻ محلہ) مان شِيعا سُواري (جلوس) وٺي ٿي لنگهيا تہ اڳيان ڏِنڀُوري ميمڻ مسجد وٽ رَسا ٻَڌي رستو بندي ڇڏيو. عزادار اھي رستا ڪٽي اڳيان وڌڻ لڳا تہ وري ھن گرم پاڻي جو بالٽيون مٿن ھاريون ۽ ھنن جي وچ ۾ گهڻي تلخ ڪلامي ٿي. ٻئي ڏينھن ڏِنڀُوري ميمڻ، فقير آسومل کي چيو تہ: ”ماستر! گورنميٽ کي ھنن جي خلاف درخواست ٿو لکان، توھان بہ اسان کي صحيح وجهي ڏيو تہ ھنن کي سبق سيکاريون.“ فقير سائين پڇيس: ”اَبا! ھنن جو ڏوه ڪھڙو آھي جو ايڏي روڪ ٿو ڪرين؟“ ڏنڀورو چئي: ”ھي لنگهن ٿا تہ مٿان اسان جون مايون، نياڻيون ٿيون ڏسن.“ فقير آسورام چيس: ”تہ پوءِ اُن ۾ ھِنن جو ڪھڙو ڏوه آھي؟ اوھان پنھنجون دريون بند ڪري، ٻار پاسيرا ڪري ڇڏيو“([51]).
فقير صاحب ھر مذھب، مَتي جي ماڻهن جي عزت ڪندا ھئا. اِمامن پاڪن سان بہ گهڻي حُب ھوندي ھئن. ڪنھن دور ۾ حڪيم ليکراج مل کي ھالن پراڻن جي ھڪ شخص ٻُڌايو تہ: ”اسان ڏٺو: شيعا مرثيو پڙھندا سواري (جلوس) وٺيو پئي ويا تہ ماستر آسومل پريان بيٺو ھو، سندس اکين مان پاڻي پئي وھيو“. جيئن پاڻ ئي سُر ڪيڏاري ۾ چيو اٿن:
حَسنؑ مير حُسينؑ کي، جن نہ اوساريو، آڻي آب اکين مان، ڳوڙهو نہ ڳاريو، ڌڻيءَ ڌڪاريو، انهن کي ’آسو‘ چوي.
وصال:
آخري وقت ۾ فقير صاحب جن جي طبيعت ناساز ٿي پئي. سَنت ٽيئون رام پنھنجن فقيرن سان سير سفر تي نڪتل ھو، کيس جيئن ئي اطلاع مليو تہ سفر اڌ ۾ ڇڏي ھالن پراڻن ڏانھن وريو ۽ پنھنجن طالبن مان شانتي پرڪاش ۽ اوڌَوُداس کي ٽنڊو آدم وڃڻ جي ھدايت ڪيائين. جنھن تي شانتي پرڪاش عرض ڪيو تہ: ”سوامي! اسان بہ ڏاڏا جن ڏي ھلنداسين“. ٽيئونءَ وراڻيو: ”ابا! ھي اسان جي گُرُن جي سيوا جو موقعو آھي، اوھان جي ھوندي اسان اھا سيوا ڪِينَ ڪري سگهنداسين. تنھنڪري اوھين امراپور درٻار وڃو“. ڀڳت ٽيئون رام ھالا پراڻا پھچي دل و جان سان فقير آسورام جن جي خدمت ڪئي([52]). ٻہ ٽي ڏھاڙن کان پوءِ فقير صاحب کين فرمايو تہ: ”اوھان پرواه نہ ڪريو، اسان ٺيڪ آھيون.“ ۽ ڀڳت پنھنجي سُنگ سان وري سير لاءِ نڪتو. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ ڇنڇر ڏھاڙي صبح جو سوائين ستين بجي فقير صاحب سائين آسُورام جن ھي خاڪي جسم ڇڏي پنھنجي حقيقي محبوب سان وڃي مليا. اھا تاريخ 18 مانگهہ 1997 وڪرمي سنبت برابر 15 فيبروري 1941ع ھئي ۽ ان وقت سندن عمر 87 سال ھئي.
ماستر آسُورام جن ھالا پراڻا جي برھم کتري پنچائت جا مُکي (سربراه) بہ ھئا. جنھن ڪري ھِندُو مسلم کين مُکي ڪري بہ ڪوٺيندا ھئا. ان وقت 24 گهرن تي مشتمل کٽين (برھم کترين) جو گام ھو. سن 1947ع ۾ فردن جو ڪُل تعداد 236 ھو)[56](. گهڻو ڪري سڀ کٽِي اجرڪون ڇُرڻ ۽ رڱاوت جو ڪم ڪندا ھئا. ھن گهر کي ڳوٺ ۾ چڱو مان حاصل ھو، اڪثر ماڻهو ماسترياڻي آڪھ يا فقيراڻو گهر ڪري ڪوٺيندا ھئا ۽ چوندا ھئا: ”ھلو تہ فقير جي مَٽ مان پاڻي پي اچون“. فقير صاحب جو پُٽ ويرسِي مل زميندار ھو ۽ سندن وڏي ڀاءَ ’رامچند‘ جو اولاد سرڪاري نوڪرين ۽ اجرڪون ڇرڻ جي پيشي سان سلهاڙيل ھو. سائين رامچند جو پوٽو ڊاڪٽر ھوتچند ولد مانُومل ليکڪ، ترجمي نگار ۽ شاعر ھو. فقير آسُورام جا پڙپوٽا روچِيرام وڪيل ۽ فقير ٿانورداس جُون 1967ع ڌاري سنڌي ادبي سنگت ھالا پراڻا جا متحرڪ رُڪن رھيا. سائين رامچند جو سمورو اولاد 1948ع ۾ جايون وڪڻي ھندستان لڏي ويو. باقي ويرسِي مل عيال سميت ھالا پراڻا رھيو. کيس سڄي خاندان جو زور ھو تہ پاڻ بہ انڊيا لڏي ھلي، پر چيائين: ”اوھان کي وڃڻو آھي تہ وڃو، آئون اتي ئي رھندس. پنھنجي روٽي، لولو پچائي گذر ڪري ويندس“. پاڻ 19 سيپٽمبر 1958ع تي چالاڻو ڪيائين. جنھن کان پوءِ سندس 3 پُٽ: گُلاب راءِ، ڀڳت اُوڌَوُداس ۽ ڪُندومل 70-1969ع ڌاري انڊيا لڏي ويا ۽ ھڪ پُٽ ڪوڏڻ مل 1971ع ۾ ھالا پراڻا ڇڏي ھالا نوان ۾ رھيو ۽ اتي ئي سندس اولاد رھندڙ آھي. صوفي آسُومل جا پونئير سندن نالي پويان ’آسواڻي‘ ۽ سندن وڏي ڀاءَ رامچند جو اولاد پاڻ کي ’رامچنداڻي‘ سڏائيندو آھي.
گادي:
فقير صاحب جي وصال کان پوءِ سڀني جي راءِ سان سندن پوٽي ۽ خدمتگار ڀڳت اُوڌَوُداس کي پَڳ ٻڌرائي پھريون گادي نشين مقرر ڪيو ويو. سندس والد ويرسِي مل جي وفات کان پوءِ اصل (فقير علي شاه مسجد گهٽي واريون) جايون وڪڻڻ مھل فقير صاحب جي سماڌي ڀڃي، سنک ڪڍيا ويا جو باقي رھيل اولاد بہ انڊيا لڏڻ جي تيارين ۾ ھو. ڀڳت اُوڌَوُداس انڊيا لڏڻ لاءِ تيار ٿيو. فقير صاحب جا سنک ۽ سندن ڪم ۾ ايندڙ ٻيو سامان پنھنجي ڀائيٽي حڪيم ليکراج مل جي حوالي ڪري چيائين: ”ابا! سنڀالي سگهين تہ سنڀالجان، نہ تہ سڀ درياءَ ۾ پروان ڪري ڇڏجان!“. حڪيم ليکراج سمورو سامان سنڀالي رکيو پر گادي تي ڪو نہ ويٺو، ھالا پراڻا ڇڏي ھالا نوان شھر ۾ مسواڙ تي جاءِ وٺي رھائش اختيار ڪيائون. فقير صاحب جي ٻئي پڙپوٽي ھريرام گلاب راءِ ڪنھن جوتش جي اشاري تي حڪيم ليکراج مل کان خط وسيلي فقير صاحب جا سنک ۽ ٻئي سامان جي گهُر ڪئي ۽ ناگپور ۾ سندن درٻار ٺاھڻ جو خيال ڏيکاريو. حڪيم صاحب اجازت ڏني. پوءِ پاڻ (ھريرام) 1994ع ڌاري انڊيا مان آيو، سَنک (ھٿن جا ھڏا، جن ۾ وارَ لڳل ھئا) ۽ پنھنجي پسند جون چند شيون کڻي باقي سڄو سامان جنھن ۾ فقير صاحب جا ڪتاب، سازَ ۽ ٻيون استعمال جون شيون درياءَ ۾ پروان ڪري انڊيا ھليو ويو ۽ ناگپور ۾ 2005ع ڌاري فقير صاحب جن جي سماڌي جوڙي مٿان عاليشان قُبو تيار ڪرايائين. سائين ھريرام جن فقير آسورام جن جا ٻيو نمبر گادي نشين بڻيا. پاڻ 2007ع ۾ چالاڻو ڪيائون. کانئن پوءِ سائين مڪيش آسواڻي صاحب ھن وقت ٽيو نمبر ۽ موجودہ گادي ڌڻي آھن.
ميلو:
سَنت آسُورام جن جو ميلو ھر سال سنڌي تاريخ 18 مانگهہ تي ٿيندو آھي. سندن وصال کان پوءِ ھالا پراڻا ۾ سندن سماڌي تي وڏو ميلو لڳندو رھيو. گهڻي خلق ايندي ھئي، اوطاقون ڀرجي وينديون ھيون. ھر گهر مان روٽ تيار ٿي ايندو ھو. مائي ڀوڄي سميت ٻيا فقير ۽ ڀڳت سندن ڪلام ڳائي ستسنگ ڪندا ھئا. آخر ۾ فقير صاحب جو فرزند ويرسِي مل يڪتاري تي ڪلام چئي، پلئہ (دعا) پائيندو ھو ۽ ڀنڊارو ڪيو ويندو ھو. ورھاڱي کان پوءِ اھو سلسلو بہ بند ٿي ويو. بعد وارن سندن ڏھاڙي تي ويرسِي مل ڪلام ڳائي طعام تقسيم ڪندو ھو. سندس وفات پڄاڻا ھڪ ٻئي پٺيان ڀڳت اُوڌَوُداس، ڪوڏڻ مل (پُٽ ويرسي مل)، حڪيم ليکراج مل ساڳي رسم جاري رکي. ڊاڪٽر ھوتچند مانُومل (سائين رامچند جو پوٽو) انڊيا جي شھر اُجين پوءِ حيدرآباد دکن ۾ فقير صاحب جو روٽ ڪندو ھو. ڀڳت ٽيئون رام جي منڊلي مان سَنت جِيوَن مُڪت، سوامي سروانند جي چوڻ تي 1950ع کان کيرٿل (اِنڊيا) ۾ ميلو لڳائڻ شروع ڪيو جو اڃا ڪندا اچن. فقير صاحب جي مريدياڻي مائي ڀوڄي اجمير (انڊيا) ۾ ميلو لڳائيندي ھئي، جا رسم سندس ڏوھٽاڻ مان ڀائي انيل ڪمار نڀائيندو اچي. سنڌ ۾ ڪوڏڻ مل جي خاندان ۾ پارُو مل ۽ فقير صاحب جو ٻيو اولاد ۽ عقيدتمند پنھنجي رھائشگاه تي روٽ ڪندا آھن. سائين آسورام درٻار جا موجودہ گاديسر سائين مُڪيش آسواڻي ھر سال ناگپور(انڊيا) ۾ تمام عاليشان ميلو لڳائيندا آھن.
فقير صاحب جي زندگي ۾ ڪم ايندڙ سامان:
فقير صاحب جي وصال کان پوءِ سندن ڪم ۾ ايندڙ شيون جن ۾ يڪتارو، تنبورا ۽ سِتار، بيراڳڻ، ڪِٽلي، ڪُندري، ڪشٽو، لَڪُڻَ، بگهڙ جي کل (جنھن تي وصال بعد سندن تصوير رکيل ھوندي ھئي)، پيرن جون چاکڙيون وغيرہ سندن سماڌي جي اڳيان رکيون ويون. جن مان ڪجهہ 25/30 سال اڳ فقير صاحب جي پڙپوٽي ھريرام گلاب راءِ انڊيا لڏڻ وقت درياه شاه ۾ پروان ڪيون. جيڪي شيون بچيون تن ۾ صوفيءَ جي کٽ، پيرن جون چاکڙيون، بگهڙ جي کل ۽ ھڪ لڪڻ هندستان جي ناگپور شھر ۾ سندن درٻار ۾ رکيل آھن. تنھن کان سواءِ فقير صاحب جا ڪجهہ ٻيا لڪُڻَ ۽ لوه جي ڪُندري ٿانورداس گلاب راءِ (صوفي آسوُرام جو پڙپوٽو) جي پونئيرن وٽ ميرپور خاص ۾ رکيل آھن. تسبِيح (مالها)، ڪجهہ لڪڻ ۽ سندن قرآن شريف جنھن تي پاڻ دور ڪندا ھئا سندن پڙپوٽي چانڊو مل ڪوڏڻ مل جي گهر ھالا نوان ۾ رکيل آھن. حڪيم ليکراج مل جي گهر ۾ فقير صاحب جو سمورو ھٿ اکر لکيل ڪلام ۽ ان کٽ جا پاوا رکيل آھن جنھن تي پاڻ ويھي عبادت ڪندا ھئا.
2. صوفي آسُورام جو مطالعو ۽ شاعري
فقير آسُورام جن جو مطالعو تمام وسيع ھو. پاڻ ڌرمي شاسترن، قرآن شريف ۽ انجيل جو گھرو مطالعو ڪيو ھئائون. تنھن کان علاوہ سندن ڪلام مان سُڌ پوي ٿي تہ ٻين سنڌي، فارسي ۽ ھندي شاعرن جي ڪلام جا پاڙُھو بہ رھيا آھن. سندن ڪتب خاني ۾ گهڻا ئي عربي، فارسي ڪتاب بہ موجود ھئا، جيڪي ڪجهہ اُڏوھي جي ور چڙھيا ۽ ڪجهہ سندن پڙپوٽي ھريرام ٻئي سامان سان گڏ درياه ۾ پروان ڪري ڇڏيا. کين حافظ شيرازي جو ’ديوانِ حافظ‘ تہ مڪمل ياد ھو جنھن جا شعر پنھنجي رھاڻين ۾ بہ چوندا ھئا. ھٿ اکر ديوان جي شروعات ھمام الدين تبريزي جي فارسي شعر کان ڪئي اٿن. تنھن کان علاوہ رومي، امير خسرو، سعدي شيرازي، ھلالي چغتائي، صائب تبريزي ۽ ٻين فارسي شاعرن جو ڪلام بہ سندن مطالعي ھيٺ رھيو آھي، جن جا چونڊ شعر ڇپيل ديوان آسُو ۾ ’ابيات فارسي اھل اوليا و فقرا‘ جي عنوان ھيٺ ڏنا ويا ھئا. ڪي فارسي شعر تہ پنھنجي ڪلام ۾ بہ استعمال ڪيا اٿن. جيئن ھڪ فارسي شعر (شايد سعدي شيرازي جو) ھڪ جاءِ تي ھيئن ڏنو اٿن:
عاشقاں را شش نشانی اَے پِسَر، آہَ سَرد و رنگ زَرد و چشم تَر، از برائے يار در شام و سحَر، انتظاری، بيقراری، درد سَر،)[57]( ڳالهہ ايءَ ڄاڻيج دل ۾ پڪ پَڪِي.
يا سعدي شيرازي جو شعر ھڪ بيت ۾ ڏنو اٿن:
جيسين اندر نہ اجارين، سَوَ ڪرين سينگار، مُور نہ مِلين محب کي، حيلا ڪرين ھزار، ’دَرويش صِفَت باش و کُلاہِ تَتري دار‘)[58](، پرتئون ڪر پڪار، واري ڇڏ ويچار، ’آسو‘ ان اندر جا. (رسالو آسُومل صوفي، ’قلمي‘، ص 192)
سندن ھٿ اکر لکيل ڪاغذ جي ٽڪرن تي دادُو ديال جا 10 ھندي سِلوڪ، شاه ڀٽائي ۽ ٻين شاعرن جا سنڌي بيت پڻ مليا آھن، جن مان سندن مطالعي جي گھرائي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
فقير صاحب کي ننڍپڻ کان ئي شاعريءَ جو شوق ھو پوءِ نصرپور ۾ ماستري دوران سائين مصري شاه جي صحبت ۾ سندن شوق اڃا وڌيو. پاڻ سنڌي، سرائڪي، ھندي ۽ اردو ٻولي ۾ باقاعدہ شعر چيو اٿن. ڊاڪٽر ديال آشا پنھنجي ڪتاب ’سنڌي شعر جي تواريخ‘(ص 327) ۾ لکي ٿو: ”سَنت آسورام فارسي ۾ بہ ڪلام چيو آھي“. جيتوڻيڪ راقم کي سندن ھٿ اکر لکيل ٽنهي ڪتابن ۾ ڪو بہ مڪمل فارسي شعر نہ ملي سگهيو آھي. البتہ ’ديوان آسو‘ جي پھرين ڇاپي(ص 219) ۾ ’آسو‘ تخلص سان ھي ھڪ فارسي رباعي ڏنل آھي. جنھن ڪري ديال صاحب جي راءِ درست ڏسجي ٿي:
خانہ ام آباد باد، دائما دل شاد باد وسوسہ برباد باد، دل آسو آزاد باد
(ترجمو: منهنجو گهر آباد رهي، سدائين دل خوشحال رهي، وهم وسوسا برباد ٿين، ’آسو‘ جي دل آزاد رهي.)
اھڙا ٻيا بہ گهڻا مثال سندن ڪلام ۾ ملن ٿا. سندن ٽنهي ڪتابن جو احوال ھيٺ ڏيون ٿا. پھرين ويراڳ نامي ۽ رسالي آسُومل تي مختصر نگاه ڦيرائينداسين، تنھن کان پوءِ تفصيل سان ھن ڪتاب ’ديوانِ آسُو‘ جو احوال ايندو.
ويراڳ نامو عرف پريم غُنچه:
فقير صاحب جي ھٿ اکر لکيل پھرين مسوَدي ۾ ھي ٻيو نمبر ڪتاب آھي، جنھن جو اصل نالو ’ويراڳ نامو‘ آھي، پر ڇپيل ديوانِ آسُو جي پڇاڙيءَ ۾ ’پريم غُنچہ‘ جي نالي سان ڄاڻايل آھي ۽ انھيءَ نالي سان مشھور ٿيو. ڪتاب جي پھرين صفحي تي فقير صاحب لکن ٿا:
فقير صاحب ’ويراڳي نامي‘ جي وچ ۾ غوث الاعظم حضرت شيخ عبدالقادر جيلانيؒ جن جو چيل عربي قصيدو ڏنو آھي. پاڻ ھر ھڪ سٽ جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو اٿن. ھت چند بند ڏجن ٿا:
چڙه نيليءَ جا ھسوار، جيئن ٻانهيءَ تي تو ٻاجهہ ڪئي. 1..چورن چوري ڪئي ٿي چاه مان، تن تي فيض ڪيوءِ نگاه سان، لاھي غير غبار، تن جي پوري تو سڀ ھاج ڪئي. 2..ويھن ورھن جي ٻيڙيءَ ٻڏل کي، ٻاھر ڪڍيئي ھيڪ ھڪل تي، لاھي سڀ آزار، ھن پوڙھيءَ جي تو ڪاج ڪئي. 3..جمن چارڻ جا مڙئي من گهريا، پورا مطلب مھر سان ڪيڙا، ڏاتون ڏيئي ڏاتار، سڀ سُھائي تو مان داج ڪئي. 4..ڪوري نراس ويو ٿي وريو، نا اُميد نہ تو سو ڇڏيو، ڏيئي پنجاه ھزار، تنھنجي پوري تو احتياج ڪئي. 5..حاڪم ورتو ظلم جو پايو، ساڻ ڪرامت ٽوڙيس رايو، ٿيو سک سنسار، معافي ملڪ ساري تان خراچ ڪئي. 6..ٻانهون ٿيو جو مھندي مياري، باه دوزخ تو ان تان ٽاري، وير ڪري واھار، ھن ڇوري جي تو لاج ڪئي. 7..جيڪي آيا تو در سوالي، ڪين ڇڏيو تو تن کي خالي، ’آسوء‘ جيئن پينار، ڪئين ڪوڙن تي تو تاج ڪئي.
فقير آسُورام، حضور پاڪ حضرت محمد ﷺ سميت پنجتن پاڪن جي شان ۾ بہ مدحيہ ڪلام چيو آھي. سندن ھڪ مقبول مناجات پھريون دفعو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنھنجي ڪتاب ’مداحون ۽ مناجاتون‘(ص 313) ۾ شامل ڪئي. جيڪا صوفي جي شاعري جي قلمي نسخي ۾ موجود مناجات کان ڪجهہ مختلف آھي. ھت اصل نسخي تان نقل ڪجي ٿي:
بچائج ڪفر غيرت([64]) کان، مدد ڪر يا رسول الله! 1..تون ئي آھين نور نوراني، مٺو محبوب سبحاني، نڪو ٻيو ٿيو تنھنجو ثاني، ڪرم ڪر يا رسول الله! 2..اُمت ساري سندو شافع، دردن مرضن سندو دافع، سڄو جڳ ٿيو توکان نافع، رحم ڪر يا رسول الله! 3..سوا لک تي مٿي مُرڪين، تارن ۾ چنڊ جيئن چمڪين، سدا ٻھڳڻ پيو ٻھڪين، مھر ڪر يا رسول الله! 4..خدا فرقان نازل ڪيو، مٿي مُرسل موچاري تو، اُڪارج ڏڏ پلئي جو پيو، لطف ڪر يا رسول الله! 5..جيڪي تنھنجي پٺيان پيڙا، ڪري قربان جند جيئڙا، انهن جا وھم سڀ ويئڙا، فضل ڪر يا رسول الله! 6..اصل تنھنجي گولي آھيان، جُتيءَ جي جوڙ پڻ ناھيان، سچائي سان تو در داھيان، ڀلي ڪر يا رسول الله! 7..عرض سڻ ھن ڪميڻيءَ جو، پنھنجي در جي وھيڻيءَ جو، ڏسي ھيءُ حال ھيڻيءَ جو، ستر ڪر يا رسول الله! 8..مداين ۾ ’آسُو‘ ورتو، وھائي آب ٿو ارتو، اوھان کي ھت ھُتي پرتو، ڀرم ڪر يا رسول الله!
ڊاڪٽر ائينيمري شِمل ھن جي پھرين چند سِٽن جو انگريزي ۽ مَلائَي (انڊونيشيا جي ٻولي) ۾ ترجمو ڪيو آھي. انگريزي ترجمو:
Save me from unbelief’s darkness Help me, O Prophet of God! You are the luminous light, Friend, sweetest, of the Most High, No second or third is like you— Be merciful, Prophet of God…([65])
رسالي آسُومل بابت محترم محمد صديق ميمڻ لکي ٿو: ”رسالہ آسو ڀاڱي پھرين جي ھر ھڪ سٽ جو مضمون شاه جي رسالي جي ساڳئي نالي وارن سرن جي مضمون سان لڳ ڀڳ رکيو اٿس. فقط ’سر ڌناسري‘ ۽ ’سر بسنت‘ جي مضمونن ۾ ھي تفاوت رکيو اٿس، جو شاه صاحب سر ڌناسري ۾ حضرت مديني جي مير عليه الصلاة و السلام کي صدائون ھنيون آھن ۽ صوفي آسورام حضرت مديني جي مير کي صدائن سان گڏ حضرت جيلاني بادشاه ۽ پنھنجي بزرگ مرشدن کي بہ صدائون ھنيون آھن“. سُر جوڳ ۽ رامڪلي ۾ انڌن ۽ بگڙيل عقيدن جي اصلاح جا لاڀائتا بيت ڏنا اٿن. مثال:
ڪرشن چوڻ الله کي، وڏو آه گناه، سمجهہ سياڻا سُرت سان، نڪي عيسى ٿئي الله، ھي آيا گرڀ ماء مان، ھو پاڪذات بالله، سچو اھو راه، ’آسُو‘ وٺ سالڪن جو.
سُر ڪيڏاري ۾ ٽي داستان ڏنا اٿن: داستان پھرين ۾ حضرت حسينؑ، داستان ٻئي ۾ منصور حلاجؒ ۽ داستان ٽئي ۾ صوفي شاه عنايتؒ جي شھادت وارن واقعن جا بيت ڏنا اٿن. ان حوالي سان راقم جو خيال آھي تہ، فقير صاحب پھريان شاعر آھن جن منصور حلاجؒ جي شھادت تي ڪيڏارو لکيو آھي. مثال طور ٻہ بيت (پھريون ۽ آخري) ڏجن ٿا:
حسين بن منصور جي اناالحق چيو، انھيءَ تي ٿيو، ’آسو‘ وڏو معاملو!
ظاھر زبان مان ان جي، نڪتا اھي ڪلام، اناالحق جِي انڌن کي، مُلن پئي نہ مام، ھن جي من تي محب جا، ٻريا مچ ماتام، ورتئون آزمودا ڪيترا، پر مور نہ رھيا خام، ھر رڳ، ھر مُسام، آواز الاھي آئيا.
اھڙي نموني حضرت صوفي شاه عنايتؒ جي شھادت تي چيل سندن ڪيڏارو بہ گهڻو مشھور ٿيل آھي جيڪو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنھنجي ڪتابن ’جنگ ناما‘ (ص 43) ۽ ’واقعاتي بيت‘ (ص 409) ۾ شامل ڪيو. جيڪو پڻ فقير صاحب جي جوڙيل نسخي کان ڪجهہ مختلف ٿو ڏسجي.
’سنڌ جي ادبي تاريخ‘ (ص 440) ۾ محمد صديق ميمڻ ۽ ’سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو‘ (ص 247) ۾ مختيار ملاح، فقير آسورام جن جي احوال سان ھي بيت ڏنو آھي:
رسالي آسومل صوفي ۾ ڏنل ’ھفتو‘، ’ٽيھ راتي‘ ۽ ’ٻارھن ماھي‘ جا بيت ڊاڪٽر بلوچ پنھنجي ڪتاب ’ھفتا، ڏينھن، راتيون ۽ مھينا‘ (ص 37، 385 ۽ 404) ۾ شامل ڪري چڪو آھي. ’ٻاون اکري‘ جي لحاظ کان راقم جو خيال آھي تہ فقير صاحب پھريان شاعر آھن جن سڀ کان پھرين سنڌي الفابيٽ جي ٻاونجاه اکرن تي بيت ڏئي ’ٻاون اکري‘ لکي آھي. مثال طور چند بيت:
ٻاون اکري (سُر جوڳ)
الف الف آديسين کي، آيو ساه سُجهي، ھنياءٌ نعرو نينھن جو، مرد نہ پيا مُجهي، سِکڻ ٻيو ٻُجهي، ’آسو‘ اڇلياءٌ آڳ ۾.
ويراڳ نامي، رسالي آسُومل صوفي ۽ ديوانِ آسُو (جنھن جو اڳيان تفصيلي احوال ايندو) کان علاوہ مختلف موقعن تي سائين آسورام ٻيو بہ شعر چيو آھي، جيڪِي اسان کي ھٿ ٿيو سو ھن طرح آھي:
1. فقير صاحب پنھنجي ستسنگ/محفلن جي پڇاڙي ۾ ھي پلئُہ (دعا) پائيندا ھئا)[66](:
پَلئُہ جي پائِينِ، سي خاوند! خالي مَ ڪرين، آسائُو آھين، داتا تُنھنجي در جا.
داتا! در وارن جا، تون عرض اُونائج، مڙئي تِن جي من جا، تون سنسا مٽائج، پروَر پُڄائج، آسُون آسوَندن جون.
آيا جي ستسنگ ۾، تن حاصل ڪرين حاج! ڪٽي اَپرادن کان، رکين ننگ ۽ لاج! ڪرم سان ڪلتار تون، تن جا پورا ڪرين ڪاڄ! ميٽي سڀ احتياج، ’آسُو‘ چوي انهن جا.
محسوس ائين ٿو ٿئي تہ ان سلسلي جا ٻيا بہ بيت ھوندا جي اڃان اڻلڀ آھن! رام پنجواڻي جي ڪتاب ’سنڌ جي سوغات‘ جي ٻئي ڇاپي (ص 328) ۾ ڏنل ’پلئہ‘ ۾ پھريان ٻہ بَند مٿين پلئَہ جھڙا ڏسجن ٿا. ساڳيو پلئُہ ڀڳت ٽيئون رام جا پوئلڳ ھن طرح پڙھندا آھن:
پلئُہ جي پائين، ستگور تنھنجي در تي، داتار در آين جا، عرض اونائين، مڙيئي تن جي من تن جا، ڏکڙا مٽائين، ’آسُو‘ اگهائين، آسُون آسوَندن جون.
2. ھڪ دفعي ڀڳت اُوڌوُداس، سائين آسُورام سان گڏ ڪنھن جهنگ مان گذريو تہ کين جانورن اچي گهيرو ڪيو. ان وقت فقير صاحب پنھنجي لڪڻ جو مُتھڙو (مٿيون حصو) جهلي ھيٺيون شعر چيو)[67](:
10 آنا قيمت سان 168 صفحن تي مشتمل ’ديوانِ احسن‘ ڊسمبر 1933ع ڌاري ڇپيو. ھن جي ٽائٽل ڪوَر پٺيان ويڙُهومل جي ڇپايل ڪتابن جي فھرست ڏنل آھي، مگر ان ۾ ديوانِ آسو جو ذڪر نہ آھي. جنھن مان معلوم ٿيندو تہ ڊسمبر 1933ع تائين ديوان آسو ڇپيل نہ ھو. ان فھرست ۾ پھريون ڪتاب ’ديوانِ اعظم‘ (ڇاپو اول) 3 آنا قيمت سان ڄاڻايل آھي.
12 آنا قيمت سان 106 صفحن تي مشتمل ’ديوانِ اعظم‘ (ڇاپو ٻيو) جي بئڪ ڪوَر تي موجود ڪتابن جي لسٽ ۾ ’ديوانِ آسُو‘ 10 آنا قيمت سان ڏنل آھي.
ويڙهومل جي ڇپايل ڪتاب ’ٻال يوگ سِکيا‘ جي ٽائٽل ڪوَر
تي ڪنھن لائبريري جي ٺپي تي تاريخ: 20 MAY 1935 ۽ قلم سان II/1935 لکيل آھي. ھن جي بئڪ ڪوَر تي پبلشر لکي ٿو: ”ديوان آسُو: تيار ڪيل سوامي آسورام صاحب جو. توھان ڇو نہ سوين ديوان پڙھيا ھجن، پر ھيءُ ديوان پنھنجو مَٽ پاڻ آھي. ھر ھڪ غزل دل ٺاريندڙ ۽ شانتي ڏيندڙ آھي. ڀيٽا: ._10_. (10 آنا).“
سنڌي غزل جي باقائدي شروعات خليفي گُل ڪئي ۽ آخوند قاسم جي دور ۾ ھن کي پذيرائي ملي ۽ غزلن جون محفلون ٿيڻ لڳيون. صوفي آسُورام صاحب بہ غزل کي پنھنجي ڪيفيتن ۽ نصيحتن جو اظھار بڻايو. ’ديوانِ حافظ‘ سميت ٻيا فارسي ديوان تہ سندن مطالعي ھيٺ رھيا، پر ’ديوانِ گُل‘ جو اثر بہ مٿن نظر اچي ٿو. جيئن ڪِن غزلن جي مطلع وانگر پنھنجا مطلع جوڙيا اٿن:
گل: ڌڻي منھنجا! ڪر مون سان پنھنجو ڪرم، تہ رھجي تنھنجي لطف سان سڀ ڀرم.
گل: دور دنيا جي مٿي، ائ دل ڪئين آيا ويا، سک مٿي سورن سٿي، ائ دل ڪئين آيا ويا.
آسُو: ھن دنيا جي دور تي، اي دل سنديَم اِسرار ڏس، ڪِٿ سدائين پَٽ سُڃا، ڪِٿ گاه ۽ گلذار ڏس.
ڦوه جواني ۾ اھو فقير آسورام جو ماستري جي ٽريننگ وارو زمانو ھو جڏھن آخوند قاسم حيدرآباد ۾ غزل جون محفلون مچايو ويٺو ھو ۽ فاضل شاه جي سنگ ۾ غزلَ جي خوشبوءِ پکيڙي رھيو ھو. ’سنڌ سُڌار‘ اخبار برپا ٿي چڪي ھئي، جنھن ۾ شاعر پنھنجا غزلَ ڏيندا ھئا ۽ ھڪ ٻئي جي غزلَ تي داد رسائي، تجويزون ۽ تنقيد ٿيڻ لڳي. ان وقت (1871ع کان 1873ع تائين) سانده 3 سال ماستر آسُورام حيدرآباد ۾ ٽريننگ حاصل ڪئي. ٻنهي شاعرن جو تعلق ’ھالا پراڻا‘ سان بہ ھو تہ ضرور سندن ملاقات بہ ٿي ھوندي. ماستر آسورام جي غزل تي پڻ ھن جو اثر ڏسجي ٿو. مثال طور:
قاسم: دوست ڌاران دور گهارڻ آھي پاپ، گوندرن سان گڏ گذارڻ آھي پاپ.
امير خُسري جو شعر پنھنجي سنڌي غزل ۾ ھن ريت پيش ڪيو اٿن:
خسرو:گر نہ بودے ذاتِ حق اندر وجود، آب و گل را کے ملک کردند سجود. آسُو: ’جي ذاتِ حق آدم نہ ھُئِي، ڏنڊوَتِ مَلَڪن ڪيئن ڪئي؟‘ ابليس انڌ غُرور جو، ھِڪڙو اِشارو آه بس.
فارسي شاعري جي ماحول سان گڏوگڏ سندن غزل ۾ ٺيٺ سنڌي اھڃاڻ بہ نظر اچن ٿا. جيئن ’مُنگهٽ ۽ موڙَ‘، ’ٻني ۽ پوک‘، ’ڏڪار ۽ برسات‘. مثال:
آئِي وسڻ جي رُت وري، مِينھن مِٽايا درد دُکَ، وَس جي خبر ھرسُو کري، ڏيھن منجهان ويا ڏُرتَ ڏُکَ. جر جامَ اَنَ جا ڍڳَ اَپر، کِيرون مليون سنديون سَڪر، ڏڌ، کير، تازي گيھ سَڄر، ڪل ڪاٽيا سي رنج رُکَ.
---
اڄ اُٺو مِينھن رحم جو آھي. ڌڻ ڌڻارن ڪڍيا سڀئي ڪاھَي. سبز ٿيا جهنگ وَشٽ سڀ پوٺا، مُلڪ کي مھر سان ڇڏيئين ٺاھَي.
صوفي آسُومل جي ھٿ اکر لکيل مسوَدن ۾ شاه ڀٽائي جا بيت ملڻ ان ڳالهہ جو ثبوت آھي تہ پاڻ ڀٽائي سائين جي ڪلام جو مطالعو ڪيو ھئائون. نہ فقط مطالعو، پر سندن اثر پڻ مٿن پيو آھي. جيئن ھڪ بيت جي پُٺ ڀرائي ۾ غزل چيو اٿن:
ڪبير: پتھر پوجے جا ہری ملتے، تو ہم پُوجت پہاڑا، گھر کی چکی کوئی نہ پوجے، جا کے پیسل کھائے سنسارا. پتھر کاٹی کے مُورت بنائے، دیئی چھاتی پر لات، اس دیوا میں شکتی جا ہوتی، گڑھنہار کو کھات. (کبير صاحب کی شبداولی (پہلا بھاگ)، 1922ع،ص 49)
ماستر آسورام، فقير صفت ۽ صوفي متَي جا منش ھئا. پنھنجي دور جي ٻين سنڌي غزل گو ۽ صاحبِ ديوان شاعرن کان نرالا نظر اچن ٿا. مجاز ۽ فن کان مٿي ’ديوانِ آسُو‘ عشق جي ٻاڦ جو ڏيک ڏئي پيو. جيئن پاڻ چيو اٿن: ”آکي آسُو: عقل ڇا سمجهي عشق جي ’ديوان‘ منجهان!“. پنھنجي غزل جو محور بہ الاھي عشق، تصوف، ويدانت ۽ نصيحتن ڏانھن رکيو اٿن. اياز قادري لکيو آھي: ”آسوءَ جي غزل تي تصوف جو رنگ گھرو ڇانيل آھي، ھُو پھريون ھندو سنڌي غزل گو شاعر آھي جو تصوف جي اوڙاه ۾ ٻڏل آھي. ھن جي غزل ۾ مزاح آھي ئي ڪو نہ، صرف تصوف آھي. ھن ويدانت ۽ تصوف جي خيالن کي ملائي ھڪ ڪري پيش ڪيو آھي. ھن جي غزل جي ٻوليءَ تي ڪٿي پارسي ۽ ڪٿي ھندي رنگ غالب ٿي وڃي ٿو“. ڊاڪٽر جوڻيجو لکي ٿو: ”غزل ۾ محبت سان گڏ آراڌنا ۽ حقيقي محبوب جي پچار بہ ڪئي اٿس. انھيءَ ڪري چئبو تہ صوفي آسورام جي شاعريءَ ۾ مضمونن جي وسعت آھي“. سندن غزل تمام دلچسپ، سرس ۽ دل لڀائيندڙ آھن. ڪلام جي ٻوليءَ جي حوالي سان محترم محمد صديق ميمڻ لکي ٿو: ”ٻوليءَ جي لحاظ سان صوفي آسورام جي سموري ڪلام کي ٻن ڀاڱن ۾ ورھائي سگهجي ٿو: ھڪڙو اھو ڪلام اٿس جنھن ۾ يوگ وديا ۽ ويدانت سان خاص تعلق رکندڙ اھڙا ڏکيا سنسڪرت لفظ ڪم آندا اٿس جنجي معنى ڪو بہ مسلمان تہ سمجهي نہ سگهندو، پر سڀڪو ھندو بہ ڪنھن ڪوش يا ڊڪشنري کولڻ ڌاران معلوم ڪري نہ سگهندو، پڻ تصوف سان خاص تعلق رکندڙ ۽ ٻيا اھڙا ڏکيا عربي لفظ ڪم آندا اٿس جنجي معنى ڪو بہ ھندو تہ سمجهي ڪونہ سگهندو، پر سڀڪو مسلمان بہ ڪنھن لغت اٿلائڻ ڌاران پروڙي نہ سگهندو.“ مختصر ۽ چونڊ لفظ استعمال ڪرڻ ۾ تہ فقير صاحب پنھنجو مٽ پاڻ آھن ۽ مناسب جاين تي پنھنجي شعر ۾ سنڌي پھاڪا ۽ چوڻيون بہ استعمال ڪيون اٿن. مثال:
ڍءُ جهلي ھڪ ڀاڀڙو ٻي مينھن (غزل: 88)
اُڀ ڦاٽي کي بہ ڪڏھن اڳڙي پيئي آھي؟ (غزل: 12)
درياه ڀر تي ڇوڪر ڪڏي، اڄ نہ ٻڏي سڀان ٻڏي (غزل: 62)
ھن غزل ۾ تخلص ’آسُو‘ ھئڻ ڪري گهڻن صاحبن ان کي صوفي آسرداس جو شعر سمجهي سندس نالي سان شايع ڪيو. ڀائي آسرداس جهوڪ جي صوفي فضل الله شاه ’داتا پير‘ جن جو طالب ۽ صوفي دلپت جو گُرو ھو. اصل خيرپور پوءِ حيدرآباد ۾ ٽڪاڻو جوڙي ويٺو. شعر ۾ ’آسر‘ يا ’آسو‘ جو تخلص استعمال ڪندو ھو. مٿيون غزل پھريون دفعو مارچ 1928ع ڌاري ڀيرُو مل مھرچند آڏواڻي پنھنجي ڪتاب ’چونڊ ڪلام‘ (ص84) ۾ ڀائي آسرداس جي نالي سان ڇپايو. جيڪو کيس صوفي دلپت جي اڻ ڇپيل ڪلام جي مسوَدي مان مليو)[68](. ان ڪتاب مان ساڳيو غزل ماھوار سنڌُو رسالي جي پرچي ’جولاءِ 1935ع‘ (ص2) ۾ بہ ڇپيو. تنھن کان پوءِ ھيٺين صاحبن ان غلطي کي دھرايو:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ’نئين جامع سنڌي لغات (جلد پھريون الف-جهہ)‘، ڇاپو ٻيو: 2017ع، ص 46، 129. ’نئين جامع سنڌي لغات (جلد ٻيو ڃ-ڦ)‘، ڇاپو ٻيو 2017ع، ص 776.
ڊاڪٽر وندنا اشوڪ رامواڻيءَ وري پنھنجي پي.ايڇ.ڊي. ٿيسز ’سامي-ھڪ ويدانتي شاعر‘ (ص 56) ۾ ھن غزل کي صوفي دلپت جي نالي سان منسوب ڪيو آھي.
اسان درستگي ڪندا ھلون تہ مٿين مطلع وارو غزل صوفي آسُومل جو آھي، جيڪو سندن ھٿ اکر لکيل مسوَدي ۾ بہ موجود آھي ۽ پڻ پھرين ڇاپي ۾ صفحي نمبر 195-197 تي ڇپجي چڪو آھي. انھيءَ طرز تي ٻيا غزل ۽ ڪافيون بہ چيل اٿن. مثال طور ھڪ ڪافيءَ جون چند سٽون ڏجن ٿيون:
ڪاڪو ڀيرُومل آڏواڻي پنھنجي دور جو سُڄاڻ ليکڪ ھو ۽ کيس اھو غزل صوفي دلپت جي اڻ ڇپيل ڪلام جي مسوَدي مان مليو، جيڪو بنا ڪنھن غلطي جي اُتاريل آھي. ھن غزل ۾ ڪجهہتبديليون آندل آھن. ان مان اھو پڻ سمجهجهي ٿو تہ ’ديوانِ آسُو‘ مارچ 1928ع کان پوءِ ڇپيو آھي، جيڪر اڳ ڇپجي ھا تہ ھوند ڪاڪو ڀيرُومل اھا غلطي نہ ڪري ھا! نياز ھمايوني ۽ سيد مظھر جميل صاحب ان غزل جو اردو ۾ ترجمو ڪيو آھي. نياز صاحب جو ترجمو:
میں نے لاشک ایک لاغرض سے محبت کی، دعا کرنا سکھیو! کہ اب بھرم رہ جائے! عشق بحر بے کراں ہے جس کا انت نہیں، اس کے اوساں خطا ہو گئے جو اس میں اتر چکا. یہ پُرآشوب موجوں کی دہشت ناکیاں، ایسی خطرناک کہ دن رات کا ہوش نہیں. عشق مشکل ترین اور جان لیوا ہے، میں دشوار مرحلوں سے گزر کر یار سے مل سکا ہوں. ایک ہی جست میں سارے بندھن توڑ دیئے میں نے، اس کے بعد ہی مجھے اپنی منزل قریب نظر آئی. تیری مہر و محبت سے ہی وصل کی امید ہے اسی بھروسے پر میں ترے ذکر و فکر میں لگا رہتا ہوں.
سيد مظھر جميل صاحب جو ترجمو:
عشق کرنا ہے تو پھر کیسی غرض کی مدعا، ہاں مگر راہِ طلب میں پھر نہ بھٹکوں ہے دعا. عشق بحر بے کراں جس کا نہیں ساحل کوئی، وہ شناور کیا کرے جس کے ہوئے اوساں خطا. موج اندر موج دہشت ناکیاں چاروں طرف، ل میں شوق وصل کا جلتا ہے لیکن اک دیا. جست بھر کر طے کروں میں راہ کے سب فاصلے، اس نگاہ مہرباں کا پاؤں جو کوئی پتا. منزلیں پائیں نہ پائیں ہم مسافر عشق کے، ہاتھ میں امید کا آسوؔ اٹھا کے چل ’دیا‘
ھاڻي سوال اھو ٿو پيدا ٿئي تہ صوفي دلپت جي ڪلام جي مسوَدي ۾ صوفي آسورام جو غزل ڪيئن پھتو؟ ان جا ٻہ ڪارڻ ڏسجن ٿا: ھڪ تہ: فقير صاحب 3 سال ماستري جي ٽريننگ حيدرآباد مان حاصل ڪئي ۽ دلپت جو ٽڪاڻو بہ ھن شھر جي سپاھيملاڻي گهٽي ۾ ھوندو ھو، ممڪن آھي پاڻ سندس ٽڪاڻي تي ويا ھجن ۽ ٻيو تہ: دلپت جو طالب ۽ پھريون گادي نشين صوفي ڪيشَوِداس ھالن پراڻن ۾ سائين ولايت راءِ وٽ ايندو رھندو ھو. ٿي سگهي ٿو ان رستي فقير صاحب جو صوفي دلپت جي آستاني يا گادي نشينن سان تعلق رھيو ھجي.
مٿين ڀُل کان علاوہ سنڌي لنگئيج اٿارٽي جي آنلائين ڊڪشنري)[69]( ۾ ’آسو ج آسو‘ جي معنى ھيٺ ڀائي آسرداس جي شعر ”آسو، آکاڻي، جڳ مڙيوئي سپنو“ کي صوفي آسورام جن جي نالي سان ڏنو ويو آھي. مڪمل شعر ھن ريت آھي:
تو جا ڀانئي نوڙ جي، سا وڃي وھاڻي، ڪنھن سان نيبھ نہ ٿئي ڌن، جوڀن، جواڻي، ’آسو‘ آکاڻي، جڳ مڙيوئي سپنو.
مٿيون شعر صوفي آسُورام جو نہ پر ڀائي آسرداس جو آھي جيڪو 1853ع ۾ ديوان پرڀداس پنھنجي ڪتاب ’سنڌي ٽيون ڪتاب‘ (سبق 41))[70]( ۾ ڏنو. ڪاڪو ڀيرُومل آڏواڻي لکي ٿو: ”اڳي سنڌي چوٿين ڪتاب ۾ ’مايا‘ بابت ڪي بيت ھوندا ھئا، جن جو آخري بيت ھي (مٿيون) ھو“)[71](. جيئن مٿي ذڪر ڪري آيا آھيون تہ فقير صاحب پھريان پنھنجا بيت ڪاغذ جي ٽڪرن تي لکيا، تنھن کان پوءِ انهن کي ترتيب ڏئي رسالو جوڙيائون. انهن مان ھڪ ڪاغذ تي مٿيون بيت بہ ڏنل آھي، مگر پنھنجو شعر نہ ھئڻ ڪري فقير صاحب ان کي رسالي ۾ شامل نہ ڪيو.
ھوڏانھن ’سنڌي ادب جي تاريخ‘ ۾ ڊاڪٽر جوڻيجو خيال ٿو ڏيکاري تہ ڀائي آسرداس ۽ صوفي آسورام ھڪ ئي شخص آھي. جُلد ٻئي ۾ صوفي دلپت جو ذڪر ڪندي صفحي 224 تي لکي ٿو:
”ھو (دلپت) اندازاً 1777ع ۾ ڄائو ۽ ميرن جي ملازمت ۾ داخل ٿيو. ان سلسلي ۾ حيدرآباد آيو ۽ صوفي آسورام يا آسرداس جي ست سنگ ۾ شامل ٿيو“.
اڳتي ان جي حاشيي (ص 269) ۾ لکي ٿو:
”آسرداس بابت تذڪري جي ٻئي جلد ۾ ذڪر ڪيو ويو آھي ۽ جيڪو آسرداس جو ڪلام: لاغرض ساڻ لاشڪ لاغم مون نينھن لاتو (غزل) بہ ڏنو ويو آھي. سو ديوان آسو ۾ صفحي 195 تي ڇپيل آھي. ان مان ھي ظاھر ٿئي ٿو تہ آسرداس ڪو ٻيو نہ آھي. ماستر آسورام ئي آھي.“
جوڻيجي صاحب تہ خيال پيش ڪيو آھي مگر آسن ڄيٺانند اتمچنداڻي (A.J. Utam) تہ صوفي آسورام کي باقائدہ دلپت صوفيءَ جو گرُو ڪري پيش ڪيو آھي. پنھنجي انگريزي مقالي ۾ لکي ٿو:
“The last 2 Hindi poets were named as Sufi Asoram and Sufi Dalpatrai. The 1st was elder one and Guru to the later one. Asoram was born in 1824 and Dalpatrai was born some years after and had served under the Talpur rulers. Asoram was a teacher. He had written a lot of poetry which contains a Diwan of Ghazals also. But in it the main emphasis is on Sufi and Vedantist ideas rather than romantic love…”([72])
اِھا روايت مير حاجن مير بہ پنھنجي ڪتاب ’سيوھڻ جون ادبي شخصيتون (ص 85)‘ ۾ قائم رکي آھي. ڊاڪٽر جوڻيجي، اَي. جَي. اُتم ۽ مير صاحب جي راءِ کي سامهون رکندي واضع ڪندا ھلون تہ صوفي دلپت جو جنم 1769ع ۽ ديھانت 80 سالن جي عمر ۾ 1849ع ۾ ٿيو ۽ صوفي آسورام جو جنم ئي 1854ع يعني 5 سالن کان پوءِ ٿيو آھي! ضرور ڀائي آسرداس تہ ان کان بہ گهڻو اڳ گذريو ھوندو. بلاشڪ ڀائي آسرداس ۽ صوفي آسورام الڳ الڳ شاعر آھن.اھڙي ڳالهہ پروفيسر رام پنجواڻي بہ پنھنجي ڪتاب ’سنڌي شعر جو انتخاب‘ ۾ صفحي 6-7 تي ڪئي آھي.
ديوانِ آسو جي پڇاڙي ۾ سرٽيفڪٽ جي عنوان ھيٺ 2 مثنويون: ’سھجرام‘ ۽ ’سلطان‘ جي تخلص سان ڏنل آھن. ديوان جي پھرين ڇاپي ۽ ڊاڪٽر ھوتچند مانُومل جي نسخي ۾ پھرين شاعر جو نالو ’مسٽر سھجرام اسڪول ھيڊ ماستر‘ جڏھن تہ ٻئي شاعر جو نالو ’محمد سلطان اسڪول ھيڊ ماستر‘ ڄاڻايل آھي. محمد سلطان ميمڻ، فقير صاحب جو پاڙيسري ۽ دوست ھو. ھي اڳوڻي D.G. FIA بشير ميمڻ جو پڙڏاڏو ھو)[73](. باقي سھجرام جي ڪا پڪي ڄاڻ نٿي ملي، راقم جو خيال آھي تہ متان ’سھج ڪوش‘ جو جوڙيندڙ ماستر سھجرام ٽھلرام راگهاڻي ھجي! جو سھجرام ھالا نوان ۾ 1911-1905ع ڌاري ميونسپل اسڪول جو ھيڊماستر رھيو آھي. ھن جو جنم 20 جون 1867ع ۾ ٽنڊو الھيار ۾ ٿيو. پاڻ شاعر بہ ھو ۽ ادبي لحاظ کان تمام سرگرم ھو. اخبارِ تعليم ۾ سندس ليک)[74](ايندا رھندا ھئا. درسي ڪتابن ۾ سندس نظم ’واه ڙي تارا، گول تارا!‘ ۽ ’راجا ڪنھن ٿي انب ڇليو‘ شامل ٿيا. طوطي نامو، تاريخِ سنڌ، شرح ديوانِ گل ۽ سھج ڪوش سميت ڪُل 19 ڪتاب جوڙيائين. جن مان 7 ڇپيا، باقي 12 اڻڇپيل آھن. ھن سھج ڪوش 1904ع ڌاري لکي، جيڪا ’سنڌي لغت‘ لکڻ جي پھرين ڪوشش ھئي)[75](، ان کي ڇپائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪيائين پر ڪامياب نہ ٿي سگهيو. 11 آگسٽ 1934ع تي ٽنڊي الھيار ۾ چالاڻو ڪيائين.)[76](سنڌالاجي، آديپور (ھندستان) جي موجودہ ڊائريڪٽر ’صاحب بِجاڻيءَ‘ ھن جي زندگي ۽ علمي ادبي خدمتن تي تفصيلي مضمون لکيو آھي.
ديوانِ آسُو تي ٿيل تنقيد:
جتي ھن ڪتاب کي پذيرائي ملي ۽ 3 دفعا ڇپيو، اُتي کيس ۽ مصنف کي تنقيد پڻ پلئِہ پئي. در حقيقت ديوان آسُوءَ جي آڙ ۾ اھا تنقيد ڀڳت ٽيئون رام جي مخالفت ۾ ٿيل ھئي، جو گهڻا ماڻهو سندس ناماچاري مان ناخوش ھئا. ڪنھن نامعلوم شخص ’ھندو ڌرم سيوَڪ (پرچو: مارچ 1936ع)‘ نالي ڪٽر مذھبي رسالي ۾ تنقيد ڪندي لکيو آھي:
ساڌُو لباس جي اندر اسلام جو پرچار
”اسانکي ’ديوان آسوءَ‘ نالي ھڪ ڪتاب مليو آھي. جو ’شيوا جي‘ پرنٽنگ پريس لاڙڪاڻي جو ڇپيل آھي. اھو ڪتاب ٽيئون رام ٽنڊي آدم واري جي گرو ماستر آسوءَ جو ٺھيل آھي ۽ ڇپائڻ جو خرچ ٽيئون رام ڪيو آھي. سندس وڪرو ۽ پرچار بہ ڀائي ٽيئون رام وارا ڪندا آھن. انھيءَ ڪتاب جي پڇاڙي ۾ ماستر آسوءَ، محمد سلطان ماستر کان سرٽيفڪيٽ وٺي درج ڪرايو آھي جنھن ۾ محمد سلطان ھيٺيان جملا ٿو لکي:
’ڏٺو ديوان آسوءَ مون چڪاسي. محبت مان سندس الفاظ جاچي. عقيدا ان سندا اسلام جھڙا‘
يعني انهي ڪتاب جا عقيدا رايا سڌانت اسلام جھڙا آھن. مطلب تہ ائين کڻي چئجي تہ اھو ڪتاب اسلام جي پرچار واسطي ٺاھيو ۽ ڇپايو ويو آھي. جي ائين نہ ھجي ھا تہ ماستر آسوءَ کي مسلمان جي سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئي؟ انھيءَ مان ثابت آھي تہ ڀائي ٽيئون رام، گروءَ سوڌو اندروني اسلام جو پرچار ڪندڙ آھي ۽ ٻاھران ماڻهن جي ڏيک واسطي ھندو-ساڌن جو لباس پائي ھندو قوم سان ٺڳي ڪري رھيو آھي. تنھنڪري اسان ھندو قوم جي حامين کي عرض ڪنداسون تہ اھڙن لباسي ساڌن جو بائڪاٽ ڪن ۽ سندن ڪتاب تي نندا جو ووٽ پاس ڪن تہ ڀل پبلڪ ۾ پڌرائي ٿئي. ھندو قوم جو حامي “([77])
ليکڪ جي اڻ سِڌي طرح حامي ڀريندي رسالي جي ايڊيٽر پڻ ھيٺان پنھنجو نوٽ ڏنو آھي. دراصل فقير آسورام جي مُک چيلي ڀڳت ٽيئون رام جڏھن کنڊُو شھر کي الوداع ڪري ٽنڊو آدم وسايو تہ اتان جا گهڻائي ماڻهو سندس مريد بڻيا. جنھنڪري پسگردائي جا مندر، مڙھيون ويران ٿيڻ لڳا ۽ اتان جي پنڊتن، ٻاون ۽ مندرن جي اڳواڻن سندس سخت مخالفت ڪئي. اٽڪلون سٽڪلون ڪري انگريز سرڪار کي ھن جي خلاف ڀڙڪايائون تہ: ھي ڏينھن جو ساڌ ٿيا ويٺا آھن ۽ رات جو چوريون ٿا ڪن ۽ ڪيترا ئي دفعا مٿس حملا پڻ ڪري سندن جهُڳيون ساڙائي ڇڏيائون. آخر تہ انگريز آفيسر بہ ھنن فقيرن جا عقيدتمند ٿي پيا ۽ کين ايڪڙن ۾ زمين ڏئي ويا. ڀڳت ٽيئون رام تہ نج ڌرم جو پرچار ڪيو آھي ۽ سندس توڙي فقير آسُورام جي مَنَ ۾ مذھبي نفاق ھرگز نہ ھو. ھي وقت جا عالم، سَنت، فقير ھئا ۽ ھر مذھب جي ماڻهن کي پيار ڏيڻ جا قائل ھئا. جا خوشبوءِ سندن ڪلام مان پڻ مھڪي رھي آھي. مذھبي رواداري جو تہ اھڙو مثال جو فقير صاحبَ ھن ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ ھڪ ھندو ۽ ھڪ مسلمان ماستر کان سرٽيفڪيٽ (رايو) وٺي ڏنو آھي.
ديوان آسُو جو پهريون ڇاپو:
ديوانِ آسُو ورھاڱي کان اڳ ويڙھُومل کٽڻ مل بُڪ سيلرَ؛ شِيواجِي پرنٽنگ پريس لاڙڪاڻي مان ڇپايو. ھن ڇاپي ۾ ڪي تبديليون ڪيل ۽ شعر گهٽ، وڌ آيل آھن ۽ ڪجهہ ڪلام بہ ڇپجڻ کان رھايو ويو. ڪتاب جي سرورق (Title Page) تي مصنف جو نالو ’ماستر آسورام صاحب پريم پرڪاشي‘ ڄاڻايل آھي. جڏھن تہ فقير صاحبَ ’صوفي‘ ھئا ۽ ھي ’پريم پرڪاش‘ پنٿ سندن مريد ڀڳت ٽيئون رام جو برپا ڪيل ھو. پھرين ڇاپي ۾ وڌيڪ ڪوتاھين جو احوال ھن طرح آھي. اڳيان ڄاڻايل صفحو نمبر ’پھرين ڇاپي‘ جو سمجهجي:
شعرن ۾ تبديليون:
1. ڪتاب بابت احوال (ص 2) ۾ اشلوڪ (3):
ساڳيو شعر اصل نسخي ۾:
(ليڪ واريون سٽون پھرين ڇاپي ۾ تبديل يا ڪٽيل آھن)
وٺي ويٺس پاڻسان ستگور شاه سَڌر آھيان تنھن ستگـور جو نسورو نوڪر ’آسو‘ انتريامي سو ڀلو آھيم ڀر ٻاجهہ منجهان ٻيليءَ تي ڪري واھـر ور گهر منجهان اگهر ڪري گهمي ڏيکاريائين گهر تن من ڌن جنھنکي ارپڻ ڪيم انـدر ذات ٻيائي ھٺ جو مارياءٌ منڪر وٺي داتا در، جوڙيان ٿو ديوان کي
وٺي ويٺس پاڻ سان ستگور شاه سڌر ’عبدالقادر‘ ’آسُو‘ چوي ڀلو آھيم ڀر دامن دستگير تي ڪڏان کڻي ڪر قادري طريقو جنھنکان ماھر منور مانجهي ميران پور ۾ صوفي قلندر آھيان ’عنايت اللھ‘ جو نسورو نوڪر ٻاجهہ منجهان ٻيليءَ تي ڪري واھر ور گهر منجهان اگهر ڪري گهمي ڏيکاريائين گهر تن من ڌن جنھنکي ارپڻ ڪيم اندر ذات ٻيائي ھٺ جو مارياءٌ منڪر وٺي داتا در جوڙيان ٿو ديوان کي
2. اشلوڪ ’سرير جو نرنو‘ (ص 6) ۾ وڌايل بند:
تت رھيو ڪو نہ ڪو ورنہ ڪر ويچار پر اڳين فيلسوفن جو مت ڪريان اظھار
وڌايل مواد: پھرين ڇاپي ۾ ھيٺيون مواد وڌايو ويو جيڪو فقير صاحب جي جوڙيل اصل نسخي ۾ موجود ناھي:
صفحي 15-19 تي ’ابيات فارسي اھل اوليا و فقرا‘ جي عنوان ھيٺ مختلف شاعرن جا فارسي شعر ڏنل آھن. ٿي سگهي ٿو فقير صاحب ٻين شعرن جيان ڪاغذ جي ٽڪرن تي اھي لکيا ھجن ۽ سي ھٿ اکر نسخي مان نڪري ويا ھجن!
جنھن کي اسان ھلندڙ الفابيٽ جي پٽي مطابق ’ڦ‘ کي ’پ‘ کان پوءِ ۽ ’۾‘ کي ’م‘ کان پوءِ ڪري رکيو آھي. متن کان پوءِ ڪتاب جي پڇاڙي ۾ ھڪ ضميمو شامل ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ تصنيف سن جون ٽي رباعيون ۽ ٻن اسڪول ھيڊ ماسترن: سھجرام ۽ محمد سلطان جا ’ديوان آسو‘ بابت مثنوي جي صورت ۾ سرٽيفڪيٽ (رايا) ڏنل آھن. ان کان علاوہ اصل نسخي ۽ پھرين ڇاپي ۾ آيل ٻيو ڪلام جنھن ۾: 1 بيت، 2 مثنويون، 2 قصيدا، 9 اشلوڪ، 1 وائي ۽ 2 نظم ھن ڪتاب ۾ ڇپجڻ کان رھائجن ٿا، جيڪي ’ويراڳ نامي‘ ۽ ’رسالي آسومل صوفي‘ ۾ شامل ڪيا ويندا.
دِيوان آسو سن 1897ع يعني اڄ کان 128 سال اڳ لکيو ويو ھو، تنھنڪري ان جون پڙھڻيون بہ ان زماني جون آھن. جن کي سُڌاري، دورِ حاضر مطابق رکيو ويو آھي تہ جيئن اڄ جو پڙھندڙ تن کي آساني سان سمجهي سگهي. مثال طور:
پڙھڻي / اُچار
مثال (اصل نسخي ۾)
ھاڻ سُڌاريل
گڏيل لفظ
جنھنـ۾، دلـ۾، جنھنکان
جنھن ۾، دل ۾،
جنھن کان
وچ ۾ ھمزو’ء‘
جئن، پرئن، ٻئو،
ھئين، ٿيئس
جيئن، پرينءَ، ٻيو، ھِيئين، ٿيس
’و‘ يا پيش
ستگور، گُنگو، ھيُ
ستگُر، گُونگو، ھيءُ
دو پيش ’ءٌ‘
مارياءٌ، جيڏيٌ، ڪوڏريٌ
ماريائون، جيڏيون، ڪوڏريون
دو زير ’ءٍ‘
ڪياءٍ، وڃٍي
ڪيائين، وڃين
’ه‘ جي صورت
گهرو، گهرو، توبه
گهرُو، گھِرو، توبھ
تنھن کان علاوہ ڏکين لفظن کي سمجهڻ لاءِ معنائون ۽ ضروري نوٽ ڏنا ويا آھن. نثر ۾ لفظ جي اڳيان ’ڏِنگين‘ ۾ ۽ نظم ۾ ’صفحي جي ھيٺان فوٽ نوٽ‘ ۾ معنائون ۽ ضروري سمجهاڻيون ڏنيون ويون آھن. ڪجهہ لفظن جو معنائون فقير صاحب پاڻ ئي اصل نسخي ۾ ڏنيون آھن، جڏھن تہ ٻيون ’جامع سنڌي لغات‘، ’تحقيق لغات سامي‘، ’روشني (شاه جي ڪلام جي لغت)‘، ’سائل ڪوش‘، ’ديوانِ آسو: پھرين ڇاپي‘ ۽ مختلف ويب سائيٽن جن ۾ ’www.Rekhta.org‘ وغيرہ تان ورتيون ويون آھن.
4. فقير صاحب جو فڪر
فقير صاحب جو جوڙيل ديوانُ راهِ حق جي شروعاتي طالبن لاءِ بھترين تحفو آھي. طالبِ علم کي سھڻي ۽ سادي انداز ۾ سمجهائڻ لاءِ دنيا جي مضمونن اندر وحدت جي بات سمجهائي اٿن. خلق جي خدمت، نيڪ اخلاق، خدا جو خوف، نفس کي سوگهو ڪرڻ، حقيقي عشق ۽ خدا ڏانھن ڌيان ڇڪائڻ جھڙا ور ور سبق ڏنا اٿن. جيئن ڪتاب جي شروعات ۾ لکن ٿا:
”ھن ۾ ڀيانڪ (ڊيڄاريندڙ)، رُچڪ (مالڪ ڏي موھيندڙ) ۽ يَٿارت (حقيقت) ٽنهي قسمن جا وچن (ٻول) آھن ۽ من جي مارڻ جا يتن (ڪوششون) آھن“.
پاڻ تصوف ۽ ويدانت جي اوڙاه ۾ ٻُڏل آھن ۽ ٻنهي خيالن کي ھڪ ڪري پيش ڪيو اٿن. غزل جو مضمون زماني جو کڻي آخر خيال وري عشق ۽ وحدت ڏي کڻيو وڃن. فقير صاحب ھن ’ديوانَ‘ ۾ جن خيالن تي وڌيڪ زور ڏنو آھي تن ۾ سنسار ڪوڙ ۽ دوکو، آتما جو اَمر ھجڻ، الستي عھد ۽ پاڻ سڃاڻڻ، نفس: ان جا ڇاڙتا ۽ جسم جو قيد، مرشد وٺڻ ۽ ان جي پيروي ڪرڻ، آراڌنا، ڪتڻ ۽ ڪنبڻ يعني ذڪر فڪر، نفي اثبات، دم پچائڻ، محبوب جي تڙپ ۽ عشق، گيان ۽ فقيري جون منزلون، خدا (ھيڪڙائي) جي طلب ۽ بُت پرستي ۽ انڌن عقيدن کي ڌڪارڻ، مذھب جي جهيڙي کي ترڪڻ، ستسنگ، فقيري سان تعلق رکندڙ ھدايتون ۽ نصيحتون، عبادت ۽ خلق خدمت جھڙا نقطا شامل آھن. سھڻن مثالن سان سمجهاڻيون ڏئي، پڙھندڙ کي ھن فاني دنيا جي موه کان ڪنارا ڪشي ڪري، نفس مارڻ جي ھدايت ٿا ڪن. منُ يعني نفس کي ٻاھرين سنسار جو رسُ (معلومات) حواسَ ٿا آڻي ڏين جن کي ’وِشيون‘ چئجي ٿو. ”منَ سندا ڇاڙتا پنج ئي وِشيُون“ ۽ انهن ڇاڙتن آڌار من پنھنجي چِلولائي ڏيکاري ٿو ۽ انسان کي خواھش، لالچ، موه، ڪاوڙ ۽ وڏائي جھڙين بُرين عادتن ۾ ڦاسائي ٿو. ھي رنگ برنگي دوکيباز دنيا چڱن ڀلن کي ڀُلايو وجهي ۽ ان کان بچڻ لاءِ مالڪ جي راه ۾ ھلڻو پوندو. ان ھدايت لاءِ مرشد ڪرڻ ضروري آھي جيڪو ھن اجهاڳ سمنڊ مان پنھنجي طالب کي تاري ٿو ۽ مالڪ حقيقي ڏانھن عشق جو تعلق جوڙي ٿو. رب جي رسي کي پڪڙي طالب پنھنجي ’روح جي منزل‘ ڏانھن وک وڌائي ٿو. عشق جي دُونھين جَي زور وٺي وئي ۽ طالب جي قلب ۾ کُورو ٻري ويو تہ ھن بي بقا دنيا جا رنگ مٿانئس اثر انداز ڪو نہ ٿيندا. ساڳي ھدايت فقير صاحب پنھنجي ڪلام ۾ ور ور مختلف مثالن سان ڪئي آھي.
[17]) ڀڳت اوڌَوُداس ولد ويرسي مل؛ فقير آسُورام جو پوٽو، خدمتگار، حڪمت جو شاگرد ۽ پھريون گادي نشين. مواد گڏ ڪرڻ ۾ مورُومل ڌانڌا جي ڀڳت صاحب سان ڪوٽا، انڊيا ۾ ملاقات ٿي. وٽس فقير صاحب جا ڪتاب ڏٺائين، جنھن جو ذڪر پنھنجي ڪتاب ۾ ڪيو اٿس.
[21]) فقير صاحب جي پڙپوٽي حڪيم ليکراج مل جي ٻڌايل روايت
[22]) شعر ۾ اناج جي ماپ تور جي اوزارن ۾ اھڃاڻ ڏنل آھن. مثال: خرار: 23، 24 مڻ. ڪاسو: 16 ڪلو. ٽويو: 4 ڪلو. پڻُ: چوٿائي يا پاءُ. پاٽِي: اٽڪل ڪِلو.
[23]) مخدوم محمد شاڪر سائين جن حضرت صوفي شاه عنايت الله شھيدؒ جن جي وڏي ڀاءَ نالي چڱو شاه جن جا ڏوھٽا ھئا. خانداني تعلق: مخدوم محمد شاڪر بن مخدوم محمد نعيم بن مخدوم محمد عمر بن مخدوم محمد لقمان بن مخدوم صحبت علي←← بن مخدوم شھاب الدين بن مخدوم عجائب الدين بن مخدوم صدرالدين(جهوڪ شريف). (مخدوم صدرالدين جن جي پنجين پيڙهي ۾ حضرت صوفي شاه عنايت الله شھيدؒ). [تجل شريف مان صوفي ذوالفقار علي ’من‘ ستاري جن جي زباني ٻُڌايل]
[24]) خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو، ص. 379.
[25]) احوال ۽ فارسي نظم تجل مان صوفي ذوالفقار علي ’من‘ سَتاري جن کان مليو.
[40]) احوال ڪتاب ’سنڌي برھم کترين جو ڌارمڪ ۽ سماجڪ اتھاس‘ ۽ ڍالُو ڀڳت جي پوٽي سِيتل داس (راجڪوٽ) ۽ پڙپوٽي شنڪر لال (جئپور) کان مليو. ڀڳت سِيتل کي فقير آسُورام جا ڪلام پڻ ياد آھن.
[41]) مائي ڀوڄي جي ڏوھٽاڻ مان ڀائي انيل ڪمار طرفان ٻڌايل احوال. سندس والد وڏي عمر جو آھي. انيل وٽان ڪا خاص موٽ نہ ملڻ ڪري ڀِيلواڙَي ۾ سندن خاندان سان رابطو نہ ٿي سگهيو.
[42]) گلابداسي پنٿ جو برپا ڪندڙ پنجاب جو سَنت گلاب داس ھو. ھي ڪنھن بہ ديوي ديوتا کي ڪو نہ مڃين، فقط ھڪ اِيشور کي مڃين. جنھنڪري ايڪائِي بہ سڏجن. ھي مَت ويدانت تي ٻَڌل آھي. اجاين ساٺن سوڻن ۽ ڌاڳن ڦيڻن جي برخلاف آھن. سنڌ ۾ ھن متي جا پوئلڳ ڪي ڳاڻ ڳڻيا ھئا. ھڪ ٻئي کي ’جئہ مھراج‘ ڪري سلام ڪن. [مورُومل ڌانڌا جي ڪتاب سنڌ جي تصوير عرف سنڌ جو اتھاس مان ورتل]
[43]) احوال ڪتاب ’سنڌي برھم کترين جو ڌارمڪ ۽ سماجڪ اتھاس‘، ڀڳت صاحب جي ڏھٽي مينگهراج پيشواڻي (عمر: 80 سال، حال رھندڙ: ديواس) ۽ پڙپوٽي سُشيل ڪمار ولد روچيرام (اُجِين) کان ورتل.
[44]) صوفي شاه عنايت ۽ سندس سلسلي جا شاعر، ص. 460.
[59]) آتما (رُوح) کي ڍڪيندڙ پنج ڪوش يعني تَھَہ (اَنَ=ٻاھريون ڪوش يعني جسم، پِران=ساه، مَنُو=من يا دل، وِگيان=عقل، آنند=روحاني احساس). طالب يا يوگِي پھرين چئن ڪوشن تي فتح حاصل ڪري جڏھن آنند مئِي ڪوش تي پھچندو آھي تہ وجُود جي ڪاراڻ ختم ٿي ويندي اٿس. کيس آتما جو عڪس (نِج پڻو)، وحدت جو احساس ٿيندو آھي ۽ ھر ڪنھن لاءِ بنا فرق جي پيار، خوشي اڀري ايندي اٿس.
[60]) ترجمو: يوڳي (جوڳي) رام جي نالي ۾ ٻيو ڪجهہ نٿا ڏسن پر رام کي. اھو مھاڀارت جي باب (اڌياءِ) 149: انُوشاسن پاروَ ۾ ’وِشنو سھسرناما‘ ۾ ڏنل آھي.
[61]) حضرت عليؑ جو قول. ترجمو: مون اللہ کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نہ ڏٺو آھي.
[72]) Utam, A.J. Sufism And Communal Harmony in Sindhi Poetry. (2008). In Asghar Ali Engineer, Sufism & Inter-Religious Understanding (pp. 188). Hope India Publisher.
ہزار بار بشویم دہان بہ مشک و گلاب ہنوز نامِ تو گفتن کمالِ بی ادبی ست (ھمام الدين علاء تبريزي)
(ھزار ڀيرا وات کي مشڪ ۽ گلاب سان ڌوئان، پوءِ بہ تنھنجو نالو وٺڻ وڏي بي ادبي آھي.)
مُنڍ
ھڪڙي ڏينھن پُور(خيال) پيُم تہ سچو مذڪُور(ذڪر) ظاھر ڪريان. دل جي قالبَ(خاني) مان ٻاھر ڌريان. جانۡ پنھنجو حال پاتم ۽ خير خواھن جو خيال ڄاتم تہ ماٺ ڪرڻ نہ گهرجي، ٿورو گهڻو چُرجي. وري وڏِي ستگور(ستگر، مرشد) جي مھرباني جنهنجي پرِيت جي پِڪَ، سچي سرؤ(شراب: عشق) جي سُرڪ، اھڙو اُڌَمو(ڀڙڪو) جاڳايو، جو سانڍڻ ۾ نہ آيو، اُمالڪ(يڪدم) پرگهٽايو(ظاھر ڪيو).
مگر پرميشوَر ديال(رحيم) ۽ ڪِرپال(رحمان)، ڀڳوَنۡت، اَچِنۡت(بي فڪر)، بي اَنۡت جي قدرت بي بيان، بي پايانۡ(بي حد) ۽ گوناگون(رنگ برنگ)، بي چَگُون(انساني صفات کان مٿاھين) بڻيل آھي جنھنمان(جنھن مان) ڪجهہ تُھارو(حصو) حقيقت جي نظاري مان ٿوري عرصہ(عرصي) ۾ جوڙيم، محبت کان منھن نہ موڙيم.
شڪرانا انهي ڪلتار جا، جو جئن(جيئن) گهُريم تئن(تيئن) پڙ پيم.
عجب مضمون ان جا پُرزِ مَعنا، ھئا سي باغ ۾ وحدت جي رَعنا2.
عقيدا ان سندا اسلام جھڙا، سچي سائينءَ سندَي ميلاپ جھڙا.
امارو نفس جن سان رام ٿو ٿئي، دُوئي ۽ شِرڪ جن سان دُور ٿو ٿئي.
مصنف تنھن سندو آباد ھوئي شاد، رھي تا دير قائم ساڻ اولاد.
سبق ’سُلطان‘ سِک صوفيءَ ڪنان تون، علم ۽ فنَ ۾ جو سَرسُ توکئُون.
(1) ھي سرٽيفيڪيٽ محمد سلطان اسڪول ھيڊ ماستر جو ڏنل آھي. ھي صوفي آسومل جو پاڙيسري ۽ دوست ھو. (2) سھڻا گُل
AUTHOR’S PROFILE
AUTHOR’S PROFILE
Sufi Aasuram (pen name “Aasu”) (1854–1941) was a mystic poet, teacher, and healer from Hala Old, district Hyderabad (now Matiari), Sindh. Known variously as Master Aasumal, Sufi Aasuram, Sant Aasuram, and Aasumal Faqir, he lived a life devoted to truth, love, and spiritual awakening. Spiritually affiliated with the shrine of Sufi Shah Inayat Shaheed of Jhok Sharif, he was the disciple of Sai Noor Muhammad Shah of Tajal Sharif, district Khairpur.
Aasu’s verses flowed in Sindhi, Hindi, Saraiki, Urdu, and Persian, embracing forms such as ghazals, kafis, bhajans, baits, dohas, and rubaiyat. His disciples included Sant Teoon Ram, Dhālu Bhagat, Bhai Parmanand, and Mai Bhoji.
His major works—Dewan-i-Aasu (completed in 1897 and first printed in 1934–35), Veraag Namo, and Risalo Asumal Sufi—remain treasured in the tradition of Sindhi Sufi literature.
He left this world on 15th of Feberuary 1941 in Hala Old. Presently, his samādhi (darbār) is in Nagpur, India, where the spiritual seat (gaddi nashin) is held by Sai Mukesh Asswani. Sufi Aasuram was blessed with one son, Versi Mal, and two daughters; his descendants now live across India and Sindh, Pakistan.
This book is the second edition of Dewan-i-Aasu, lovingly compiled by Aakash Asswani, the great grandson of Sufi Aasuram. Within these pages are words that caution and awaken, verses that turn the soul towards the Divine, and ghazals that, while clothed in the voice of their time, reveal eternal spiritual truths.
Through his poetry, Sufi Aasuram proclaimed peace, religious harmony, love, and divine passion. His ghazals carry not only spiritual intoxication but also artistic perfection. Even today, his voice resounds as a timeless call to seekers of truth and lovers of the Beloved.
In every couplet of Aasu breathes the fragrance of love, the wisdom of harmony, and the yearning of the soul for the Eternal