7
چچيءَ جي چمڙي جي اُڏام کان، شڪري جي اُڏام کان لڳڙ جي اُڏام کان به ماڻھو جي ذھن جي اُڏام ڏاڍي تکي ھوندي آھي. ڪنھن کي به ڪل ڪانھين ته ان ڪاري مِريءَ جيھي ڪيپراٽيءَ ۾ ڪيڏا اسرار ڀريل آھن. اھڙا اسرار جن کي اڄ تائين سمجھي پرجھي نه سگھيو آھي. ڪير ڄاڻي، موت جي پاٿاريءَ تي ستل مھاديوي اگنيءَ جي ذھن ۾ ان ويل ڪھڙيون ويريون پئي وھيون، ڪيھا درياھ پئي سرجيا، ڪيھا سمونڊ پئي ڇَليا، ڪيھا رنگ رتول پئي اجاگر ٿيا، ڪيھون باھيون پيون ڀڙڪن، ڪيھون کنوڻيون پيون کلڪا ڪن. مھاديوي اگني موت جي پاٿاري تي پنڊ پاھڻ جيان سڌي سڌي ستل آھي. موت جيھي ننڊ. پر سندس ذھن جئيرو آھي. ذھن جيڪو، پنھنجي چال سان سدائين پيو ھلندو آھي. ذھن جيڪو سدائين پيو جاڳندو آھي. رکي رکي مھاديوي اگنيءَ جي ڪنن ۾ آواز ٿا اچن :
سنڌو ڏاڍي امير آھي
سنڌوءَ جا ماڻھو وڏا کاري کيڙائو آھن.
سنڌوءَ جا زوراور ھوڙھا ۽ جنگ جھاج مھا سنڌو ساگر به اورھانگي ويندا آھن.
سنڌوءَ جا وڻجارا پوربو بندر اورھانگي سئنام جي سمونڊن مان سون ڪمائي ايندا آھن
سنڌو پڻين جا ھوڙھا يون — ديوپ مان ھيرا موتي ھٿ ڪندا آھن.
سنڌو ڌرتي جو سرڳ آھي ۽ آريا اسانجا سچا مالڪ آھن. ۽ مھاديوي اگني آڏو برف ئي برف ڦھلجندي ٿي وڃي مير پربت جي اتانگھه چوٽين جي برف، جتي رڳو آريا ئي آريا آھن. جتي رڳو باھين جا ڀيڙ ٻرندا ٿا ڏسڻ ۾ اچن. ۽ مھاديوي اگني برفاني پھاڙن ڏانھن جتي سج ديوتا ھڪ ورھيه ۾ رڳو ھڪ ڏھاڙو پنھنجو درشن ڏيندو آھي. تارا ڪتيون سال ۾ رڳو ھڪ ڀيرو ڏسڻ ۾ ايندا آھن. جتي رات ڏينھن جيان روشن ھوندي آھي. جتي سج ديوتا تمام ويجھو آھي. جتي ديوس پتر جو تخت آھي. مھاديوي اگني برفاني چوٽين مٿان چڙھندي ٿي وڃي. ۽ آريا لوڪن جا وڏا جھونجھار جٿا وڏا وڏا سجدا گھوريندا سندس پراٿنا ڪندا ٿا رھن.
او اِگنس ، تون سج ديوتا جي ڌيءُ آھين.
او اِگنس، ديوس پتر تو کي وڄ جيان سر ڳڌام تان ڌرتيءَ ٿي لاٿو ھو. تون وڄ جو ٻيو سروپ آھين
او اِگنس تون ! اسانکي موتمار سرد ھوائن کان بچائين ٿي.
او اِگنس، اسين برف جي نرڳ ۾ ڦاسي ويا ھياسين ۽ تو اسانکي سنڌو ورش ۾ جايون جوڙي ڏنيون.
او اِگنس، ڌرتي جا سڀ سرڳ تو لاءِ آھن.
او اِگنس، تنھنجي ڏمرجڻ سان ننگريون ناس ٿي وينديون آھن
او اِگنس، سڀ سجدا تو لاءِ آھن جو تون آريا لوڪن جي اڳواڻ ۽ مھندار آھين، آريا لوڪن جا وڏا وڏا لشڪر مھاديوي اگني آڏو وڏا وڏا سجدا گھوريندا ٿا وڃن ۽ باھين جي ڀيڙن وچان اگني مٿي برفاني چوٽين ڏانھن چڙھندي ٿي وڃي، اتي جتي وڏو وڏو سج ديوتا مير پربت جي چوٽين مٿان براجمان ٿيو آھي. اتي جتي وڏن وارن وارا سانڀر ڳاٺ اونچا ڪريو سج ديوتا کان گرمي حاصل ڪندا آھن. جتي وڏين وڏين باھين جي مچن جا دونھن اڏامندا آسمان سان وڃي ٿا لڳن. ۽ پوءِ سج ديوتا جي ويجھو اچي مھاديوي اگني پنھنجون ٻئي ٻانھون ڦھلائي ديوس پتر سان ڳالھائڻ ٿي لڳي. جتي سندس آواز جو پڙاڏو برفاني چوٽين سان ٽڪرائجي پڙاڏو پئدا ڪندو ٿو رھي.
او ديوس پتر، مونکي سنڌو مٿان سوڀ جي شڪتي کپي. دراوڙ لوڪن وٽ وڏا ڪٽڪ آھن. دراوڙ جڌ جي فن جا وڏا ماھر ۽ تيرندار آھن.
او ديوس پتر، منھنجي ٻانھن کي ايڏو ٻلواڻ ڪري جيئن
ڌرتيءَ جون سموريون راڄڌانيون منھنجي تابع ٿي وڃن. ۽ آئون دراوڙ لوڪن کي انھن مان لوڌي ڪڍان.
او ديوس پتر،
اھو ڏينھن ڪڏھن ايندو،
جڏھن،
ھن سموري ڌرتي تي آريا لوڪ راڄ ڪندا.
او ديوس پتر، لاشڪ ھي ڌرتي تو آريا لوڪن لاءِ ٺاھي آھي. ائين چئي، مھاديوي اگني سج ديوتا آڏو وڏا سجدا ٿي ڪري.
اوچتو ڄڻ ڪنھن سپني جي تند ٽٽي ٿي وڃي ۽ سج ديوتا ھيٺان تجرا ڏيندڙ برفاني چوٽيون ۽ وڏا وڏا آڳ اُلاوَ سانڀرن جا ڌڻ ۽ وڏا سجدا گھوريندڙ آريا لوڪ ڄڻ وڏي دونھن سان ڌنڌلائيندا، گم ٿيندا ٿا وڃن.
آريا لوڪ جي مھاديوي اگني ساڳي ريت وڏي ڪاٺ کٽول مٿان ڄڻ موت جي نند ستل آھي. سنڌوءَ جا وڏا ويد رکي رکي سندس چڪاس لاءِ ايندا ويندا ٿا رھن. ڪنھن کي ڪھڙي خبر ته مھاديوي اگني ڪيھي سڪرات ۾ آھي. موت جي پاٿاريءَ تي سندس مٿان ڪھڙيون وارتائون وھنديون ٿيون وڃن. ذھن ۾ ڪھڙا جک ۽ جولان ٿا جاڳن. بس رڳو موت جي پاٿاريءَ آھي جنھن مٿان ستل آھي مھاديوي اگني.
***
______
لڳڙ : لڳر، باز، شاھين
مھاسنڌو ساگر : عربي وڏو سمونڊ
پوربو : بنگال جو سمونڊ
سئنام : چين جو سمونڊ
يون ديوپ : جاوا، سوماترا جو سمونڊ
اِگنس : اگني
سانڀر : ٻارھن سنڱن وارو ھرڻ