ڪتاب جِي فھرست

باب پندرهون : نيتي يا اخلاق

دان پڃ: قديم زماني کان وٺي هندو ماڻهو دان پڃ ڪرڻ هڪ ڌرمي فرض ڪري سمجهندا آهن. ويدن جي رچائن ۾ انهن ماڻهن لاءِ ڌڪار ظاهر ٿيل آهي، جن وٽ اَن جا ڀاندار ڀريل آهن، پر دل اهڙي ڪٺور اٿن، جو ڪنهن گهرجائوءَ کي جيڪر اَن جو ڪڻو به نه ڏين. هڪ رشيءَ ديوتائن کي آراڌنا ڪئي آهي ته ”اَن اُدارتا“ (llliierality) شل دنيا ۾ هجي ئي نه (رگ ويد، منڊل ڏهون، 23، 12)! ويدن جي رچائن ۾ انهن ماڻهن جي ساک لکيل آهي، جي غريبن ۽ اناٿن جون گهرجون پوريون ڪن ٿا، ۽ هيڻن جا همراهه ٿين ٿا. هيئن به چيل آهي ته جيڪي ”ڀوڄ“ آهن يعني ٻين کي کاڌو کارائين ٿا، ۽ ٻين جي دل وٺن ٿا، تن جو هيءُ لوڪ سکي ۽ پر لوڪ سهيلو ٿئي ٿو (رگ ويد، منڊل پهريون، 126، 1، منڊل پنجون، 30، 12، 15، منڊل ستون، 18، 21، 24). جيڪي راجائون وڏيءَ دل سان دان ڪندا هئا، تن جون ”دان“ اُستتيون“ (سخا جون ساراهون) رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهن، جن مان منڊل پهرئين ۾ سنڌ جي راجا سونيه ڀاوييه جي دان اُستتي ڪاڪشون رشيءَ ڳائي آهي. ديا، ڌرم جو مول چيو اٿن ۽ ائين به چيو اٿن ته ”ديا بنا سڌ به ڪاسائي“، تنهنڪري قديم زماني کان وٺي هندو نه رڳو ماڻهن پر ٻين ساهه وارن تي به ديا ڪندا اچن، گاين کي گاهه ۽ اَٽي جا پيڙا ڏيڻ، ماڪوڙين کي ڏارو ڏيڻ. درياهه ۾ مڇين ۽ ٻين ساهه وارن لاءِ اَکا وجهڻ، پنهنجي روز مرهه جي کاڌي مان ڪنهن فقير کي ماني ڏيڻ، ڪتي ۽ ڪانءُ کي گرهه ڏيڻ ۽ ٻيا اهڙا رواج اڄ تائين عام آهن. اهي سڀ جيو ديا جا ڪم آهن، جن جو ماڻهن نيم ٻڌي ڇڏيو آهي. اهي روز مرهه جا نيم ياد ڏيارين ٿا ته جيڪي کٽجي ڪمائجي ٿو، سو رڳو پنهنجي تن پروريءَ ۽ سرخوئيءَ لاءِ نه آهي، پر سدائين ٻين سان ونڊي کائجي. .ونڊ کاءُ، سک پاءِ، ڇپ کاءُ، ڇائي پاءِ“- اهو پهاڪو اڄ تائين عام آهي.
رگ ويد ۾ ”پڻي“ لوڪن (وڻجارن يا واپارين) لاءِ ڌڪار ظهار ٿيل آهي، جو انهن کي لوڀ گهڻو هوندو هو، ديا جو انگ منجهن خير ڪو هوندو هو، ۽ ماڻهن کان ڳرا وياج وٺندا هئا (منڊل اٺون، 77، 10). سندن هڪ مکي ”بربو“ (Barbu)نالي هو. سؤ دان ڪندو هو، ۽ هن جي ساراهه لکيل آهي (منڊل ڇهون، 45، 33).
رگ ويد واري زماني جي واپارين جي هاڻوڪي زماني جي واپارين سان ڀيٽ ڪجي ٿي ته زمين آسمان جيترو ڦير ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اسان جا سنڌ ورڪي ڀائر توڙي ٻيا واپاري پنهنجيءَ ڪمائيءَ مان سدائين ڪجهه حصو ڌرمائو ڪڍندا ويندا آهن. ائين وڏيون رقمون ڪٺيون ڪري چڱي ڪم آڻيندا آهن. حيدرآباد شهر ۾ ڪيترا مندر، ٺاڪر دوارا، ڌرمشالائون وغيره جوڙايل ئي اسان جي ڀائيبند ڀائرن جون آهن. ٺاڪر دوارن ۽ ٽڪاڻن وغيره تي گهڻي خرچ ڪرڻ بدران هاڻ حيدرآباد، شڪارپور ۽ ٻين هنڌن جا سيٺيون گئوشالا، ناري شالا، ڪنيا پاٺشالا، خيراتي اسپتالن، ويم گهرن ۽ بين اهڙن ڌرم جي ڪمن بلي ججهو ڌن خرچين ٿا. عاملن جون جاري ڪيل ناري شالائون، ڪنيا پاٺشالائون، ڌرمائو اسپتالون وغيره به آهن، پر جيترو پئسو سنڌ جي ڀائيبندن اهڙنڪمن بلي خرچ ڪيو آهي. اوترو عاملن ڪونه خرچيو آهي.
مهمان نوازي: رگ ويد واري زماني ۾ ئي مهمان نوازيءَ جو انگ اسان جن ماڻهن ۾ هو، ۽ اهو هڪ فرض ڪري ليکبو هو. ماڻهن جي گهرن جا دروازا مهمانن لاءِ سدائين کليل هوندا هئا (رگ ويد، منڊل پهريون، 128، 6). مهمان گهر ۾ گهڙندو هو ته ان جو آدرستڪار ڪندا هئا، هٿ ڏيندا هئس، ۽ تڏي تي وهاريندا هئس. هو پوءِ سنان پاڻي ڪري رسوئي کائيندو هو، تنهن کانپوءِ پاڻ کائيندا هئا. رهڻ لاءِ خلاصي ڪوٺي ڏيندا هئس. (رگ ويد، منڊل پهريون، 72، 1)، جنهن ۾ وهاڻا، گديون وغيره هوندا هئا. صبح سانجهيءَ مهمان کي سکي رکڻ جو اونو ڪندا هئا. مهمان کي ائين پوڄيندا هئا، جيئن ماڻهو اگن ديوتا کي پوڄي ٿو (منڊل ستون، 3، 5). جن وٽ آءٌ آدر نه هوندو هو، تن بابت رشين چيو آهي ته اهڙا ماڻهو ته شل هجن ئي نه! (منڊل نائون، 63، 5). اڄ تائين چوڻي آهي ته ”مهمان اچن وڏ ڀاڳين جي گهر“. هندن جي شاسترن ۾ مهمان نوازيءَ کي هڪ وڏو يگيه ڪري ليکيو اٿن.
اخلاق جو انگ: آڳاٽن ماڻهن ۾ اخلاق جي انگ کي زور وٺائڻ لاءِ، ۽ کين ڌرم جي راهه تي هلائڻ لاءِ رشين کين هيءَ ڳالهه ذهن نشين ڪرئاي، ته دنيا ۾ جيڪي چڱا توڙي بڇڙا ڪم، لڪائي توڙي پڌري پٽ ڪجن ٿا، سي ڌڻي سڀ ڄاڻي ٿو. سڀني ڳالهين جو ساکي سورج ديوتا آهي. اهو شاهد مٿان بيٺو آهي، تنهنڪري سوچي ويچاري هلت ڪجي. سوچي ويچاري هلت ڪرڻ لاءِ هڪڙو ئي ”اهنسا“” جو منتر سيکاريائون. ”اهنسا پرمو ڌرم“ چيو اٿن يعني اهنسا وڏو ڌرم آهي. اهنسا جو پرچار پو3 گوتم ٻڌ ۽ مهابير سواميءَ ڪيو، هن وقت مهاتما گانڌي انهيءَ جو ڀليءَ ڀت پرچر ڪري رهيو آهي.
”هنسا، لفظ جي اکري معنيٰ آهي ”هڻڻ يا ايذاءُ رسائڻ،“ پر رڳو ڪنهن کي ڌڪ هڻڻ هنسا نه آهي. ڪنهن سان ڪو ڊوهه ڪرڻ به هنسا آهي. مطلب ته منين، وچنين ۽ ڪرمين يعني من يا دل سان، وائيءَ يا زبان سان ۽ ڪنهن ڪرم (فعل يا هلت) ڪري، ڪنهن کي ڪو ايذاءُ يا نقصان رسائڻ – تنهن کي ”نسا، چئبو آهي. مهاڀارت جي انوشاسن پرو جي اڌياءَ تيرهين ۾ ڏهن قسمن جا دوش يا پاپ ڄاڻايل آهن، جن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. *

انسان خطا جو گهر چيو اٿن. بندو سدائين ڀُلو بيٺو آهي، پوءِ انهن ڏهن قسمن جي پاپن کان کيس بچائي ڪير؟
”قادر پنهنجي قدرت سين قائم آهه قديم“.
شاهه
قادر جي قدرت يعني شڪتي يا طاقت آپار آهي، ۽ اها ئي هر ويلي همراهه ٿئي ٿي. انهيءَ شڪتيءَ يا طاقت کي مجسم (Personify) ڪري، ان کي نالو ڏنائون ”درگا“. ”درگا“ لفظ ۾ ”دُر“ معنيٰ مشڪل ۽ ”گ – گم“ معنيٰ وڃن. ”درگا“ جي اکري معنيٰ آهي ”جنهن مشڪل ۾ وڃي سگهجي“ انهيءَ سبب سنسڪرت ۾ ”درگاهه“ معنيٰ قلعو يا ڪوٽ، ٻي معنيٰ ديوي (شڪتي). ديوي پنهنجن پوڄارين لاءِ هڪ قلعو يا بچاءُ آهي. ۽ سندس ٻاجهه سان ڪوبه ڏک يا پاپ پُڙي نٿو سگهي. قادر يا سرب شڪتيوان (ايشور پتا آهي، سنديس قدرت يا شڪتي ماتا آهي، ۽ انهن هي سارو جهان پيدا ڪيو آهي، ۽ ساري جهان کي قدرت ائين سنڀالي ٿي، جيئن ماءُ پنهنجن ٻچن کي سنڀالي. ديويءَ جي پوڄا جو رواج اهڙن خيالن سبب وڌائون. پوءِ گنگا نديءَ کي ديوي جو روپ ڄاڻائي انهيءَ تي نالو رکيائون ”دهشهرا“ يعني دش (ڏهن) پاپن کي هرڻ ڪرڻ (کڻي وڃڻ يا لاهڻ) واري شڪتي. ڪيترا هندو اڄ تائين گنگا دسهڙو ملهائيندا آهن ۽ ائين وسهندا آهن ته گنگا نديءَ ۾ ٽٻيءَ ڏيڻ ڪري ڏهن ئي قسمن جا پاپ ميٽجي وڃن ٿا. پراڻ پٽاندر ديويءَ انهيءَ ڏينهن دئتن تي سوڀ پاتي هئي، تنهنڪري دسهڙي کي ”وجيه دشمني“ يعني سوڀ جي ڏسنهنءِ (ڏهين تِٿِ) به چوندا آهن. انهيءَ ڏينهن سري رامچندر به رانوڻ تي سوڀ پاتي هئي، تنهنڪري هينئر عام طرح دسهڙو سري رامچندر جي سوڀ ملهائڻ جو ڏينهن ڪري ليکيو وڃي ٿو، نه ته حقيقتاً دسهڙي ملهائڻ جو رواج سري رامچندر کان گهڻو آڳاٽو آهي، ۽ دسهڙو (دشهن) اصل ۾ درگاهه ديويءَ توڙي گنگا نديءَ جو نالو يا لقب آهي.
ڏوهه ۽ سزائون:
آڳاٽن رشين جيتوڻيڪ هر قسم جي پاپ کي ننديو آهي، ته به ائين سمجهڻ نه گهرجي ته رگ ويد واري زماني ۾ ماڻهو گناهه جا ڪم ڪندا ئي ڪونه هئا. انساني سڀاءَ جهڙو اڄ آهي تهڙو اڳي به هو، تنهنڪري ماڻهو قسمين قسمين ڏوهه ۽ گناهه ڪندا هئا. ڪي لفنگا پرايون ڄايون تڪيندا هئا، ۽ ڪي جوان ڇوڪريون ۽ زالون سندن چنبي ۾ اچي وينديون هيون (رگ ويد، منڊل پهريون، 34، 3)، منڊل چوٿون، 5، 5، منڊل نائون، 32، 5 وغيره). انهيءَ هوندي به استريون عام ريت پتورت هونديون هيون، ۽ سندن اخلاقي جو معيار اوچو ۽ اعليٰ هوندو هو. پرائي استريءَ سان سنجوڳ ڪرڻ ڳرو گناهه ليکبو هو. جيئن اڄ ڪالهه ”ڪارو“ ۽ ”ڪارييءَ“ کي بروقت قتل ڪرڻ واجب سمجهن ٿا، تيئنا ڳي به هو، ۽ اهڙي خون ڪرڻ لاءِ ڪابه سزا ڪانه ملندي هئي. ٻين حالتن ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن جو خون ڪندو هو ته خون ٿيل ماڻهوءَ جا مائٽ خونيءَ جي پٺيان ڊوڙندا هئا، ۽ اُتي ئي پڪڙي اُڦٽ ماري وجهندا هئس. وقتي هيئن به ٿيندو هو ته ڪو خون ڪري ڀڄي ويندو هو، ۽ پوءِ هٿ ايندو هو، ته راجائون رضانامو ڪرائي، فوتي جي مائٽن کي خون جي عيوض گايون ۽ ڏاند ڏياريندا هئا. ماڻهو پنهنجي جان جي بچاءُ ڪندي، ٻئي جو خون ڪري وجهندو هو، ته ائين ڪرڻ جو کيس حق هوندو هو، ۽ انهيءَ لاءِ کيس ڪابه سزا ڪانه ملندي هئي، پوءِ ڀلي ته اڳلو ڪو براهمڻ يا راجڪمار هوندو هو.*** *

رگ ويد واري زماني ۾ چور ۽ رهزن به هوندا هئا. ”چور“ لاءِ ”تسڪر“ لفظ گهڻا گهمرا ڪم آيل آهي. ٻيو لفظ ”ستين“ (Stena) آهي، جنهن جي معنيٰ ڦورو يا لوٽو به آهي. ٻيا هڪڙا چور هوندا هئا. جي ”تايؤ“ سڏيا ويا آهي. انهن کي نڪي رواجي تسڪرن (چورن) جهڙي همت ٿيندي هئي، نڪي چوري سندن پيشو هوندو هو. ڀانئجي ٿو ته جڏهن روزگار جي تنگي هوندي هين، يا قرض ۾ ٻڏل هوندا هئا، تڏهن تاڻجي يا ڇڪجي چوريون ڪندا هئا. اهي رات جي وڳڙي ۾ گايون ۽ ڪپڙا چورائڻ ويندا هئا (منڊل ڇهون، 12، 59. چوپائي مال جي چوري عام هوندي هئي. چور گايون چورائي، گاين سميت اونداهين غارن ۾ وڃي لڪندا هئا (رگ ويد، منڊل پهريون، 65، 1). ڪي پروان گهرن کي کات هڻڻ ويندا هئا، پر ڪتا ڀڄائي ڪڍندا هئن (منڊل ستون، 53، 3). ڪي رهزن به هوندا هئا، جي جهنگلن ۾ لڪي بيهندا هئا، ۽ رهگذرن کي رسن سان ٻڌي کين ڦريندا هئا (مندل ڏهون، 4، 6). وقتي گهڻا ڌاڙيل پاڻ ۾ گڏجي ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪاهي پوندا هئا، ۽ چوپايو مال ڪاهي ويندا هئا. اوڏيءَ مهل ڳوٺ ۾ رڙ پئجي ويندي هئي (رگ ويد، منڊل چوٿون، 38، 5). سڀ ڳوٺاڻا مڙسي ڪري ڌاڙيلن جي پڍيان پوندا هئا. ڪي ”پڳي“” يا پيري به هوندا هئا، جي چورن ۽ چوري ٿيل مال جو پيرو کڻي چورن کي پڪڙي ايندا هئا. *

اڪثر جهڙو ڏوهه تهڙي سزا: ڪو چور جهلبو هو ته کيس رسن ۽ زنجيرن سان ٻڌندا هئا ويدڪ انڊيڪس، 1، 304، پڻ ڏسو رگ ويد، منڊل پهريون، 24، 13، ستون 86م 5). اٿرو ويد جي منڊل ستين (70، 5) ۾ ڄاڻايل آهي ته چور جون ٻئي ٻانهون پٺيءَ ڏانهن ڪري ٻڌندا هئا، ۽ ٻوٽ کي به پٽي ٻڌندا هئس، ۽ پوءِ اهڙي مار ڪڍندا هئس جو زنا خون به ڪڍي ڇڏيندا هئس (اٿروويد، منڊل چوٿون، 3). شروع ۾ دستور هيءُ هوندو هو ته جنهن ماڻهوءَ جي چوري ٿيندي هئي، سو جيڪا جٺ چوندو، سا چور سان ڪندا هئا. شايد مراد هيءَ هوندي هئي ته جنهن جي چوري، سا چور سان ڪندا هئا. شايد مراد هيءَ هوندي هئي ته جنهن جي چوري ٿي هجي، سو ڀلي ته پنهنجي دل وٽان چور کي سيکت ڏياري پنهنجي دل ٺاري، ته پوءِ دل ۾ ڪو سار وير نه رهيس. پوءِ جڏهن راجائون مقرر ٿيا، تڏهن چور کي راجا جي اڳيان کڙو ڪندا هئا. راجائون اڪثر چورن جي پٺيءَ تي ڏنڀ ڏياريندا هئا (منڊل پنجون، 79، 9، ۽ ڇاندوگيه اُپنشد، 6، 16). چوري ٿيل مال جيڪڏهن هٿ ايندو هو ته مالڪ کي ڏياريندا هئا. ماڻهن جي جان ۽ مال جي بچاءَ لاءِ راجا جوابدار هوندو هو، تنهنڪري جيڪڏهن چوري ٿيل مال نه لڀندو هو ته ائين سمجهيو ويندو هو ته راجا پنهنجي فرض ادائيءَ ۾ ڪوتاهي ڪئي. اهڙيءَ حالت ۾ راجا پنهنجي شاهي خزاني مان مالڪ کي مجرائي ڏياريندو هو (اگني پراڻ، 323). انهيءَ ريت راجائون ثابت ڪري ڏيکاريندا هئا ته کين پنهنجيءَ پرجا جي سنڀال ۽ بچاءُ جو سڄو پچو اونو آهي. ”پرجا“ لفظ جي عام طرح معنيٰ آهي ”رعيت“، پر بنيادي معنيٰ اٿس ”اولاد“. اهو لظ خود ڄاڻائي ٿو ته راجائون پنهنجي رعيت کي آنڊي ڄائو اولاد ڪري سمجهندا هئا. جيئن کريل اولاد کي سنوارڻ لاءِ مائٽ کيس سيکت ڏين ٿا، تيئن راجائون به ڏوهين کي سيکت ڏيندا هئا. سيکت ڏيڻ ڪري اڳلي کي سڌارڻ ۽ ڏوهه کي روڪڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي، پر ان جي مول مراد هيءَ آهي ته رعيت جو بچاءُ ڪجي، ۽ اهو ئي سرڪار جو فرض آهي. پنگت جي برخلاف جيڪو ڏوهه ڪندو، تنهن جو ڪيتو پنگت کيس ضرور لوڙائيندو. انهيءَ سبب جيڪڏهن ڪو ڏوهاري اهڙو ڳرو گناهه ڪندو هو، جو راجائون سمجهندا هئا ته ههڙو ماڻهو مئو ڀلو، ته اهڙي ڏوهاريءَ کي جيل جي اُتاهين چوٽيءَ تان ڪيرائيندا هئا. جنهنڪري اُڦٽ مري ويندو هو، يا ته هميشه لاءِ جڏو ٿي پوندو هو (رگ ويد، منڊل پهريون، 129) ڪنهن کي موت جي سزا ڏيڻي هوندي هين، ته بروقت سندس سسي لهرائيندا هئا. *

جيڪڏهن ڪنهن ڏوهه لاءِ پوري ثابتي نه ملندي هئي، ته ڏوهيءَ کي شڪ جو فائدو ڏيندا هئا، پر متان فرياديءَ جي دل ۾ ڪو ڏک رهجي وڃي، ۽ ائين سمجهي ته مون سان نياءُ نه ٿيو آهي، تنهنڪري تهمتيءَ جي هڪ نه ٻيءَ طرح پريکيا لهندا هئا. تهمتيءَ کي اڪثر باهه جي ٻرندڙ مچ مان لنگهڻ لاءِ چوندا هئا: جيڪڏهن باهه مان لنگهندي، جلي ويندو هو ته سمجهندا هئا ته پنهنجو ڪيتو لوڙيائين، پر جيڪڏهن سلامتيءَ سان مچ مان لنگهي پار پوندو هو، ته پوءِ بي ڏوهي سمجهبو هو. جنهن زال جي ست ۾ شڪ پوندو هون، تنهن جي به پريکيا ائين لهندا هئا.
ست جي مهما: شريتن (ويدن ۾ ستيه (سچ) جي مهما گهڻي لکيل آهي. چيل آهي ته ست جهڙو ٻيو ڌرم ڪونهي. ست ئي سٺاتن ڌرم آهي. پرم يگتي پراپت ڪرڻ جو وسيلو به ست آهي. ست آهي ڌرم، ست آهي تپ ۽ ست آهي يوگ. ست جهڙو ٻيو يگيه به ڪونهي، جو ست جي آڌار تي ئي سنسار جو ٻيڙو هلي ٿو. اهڙيون ڳالهيون آڳاٽن ماڻهن جي دلين تي ايتري قدر اُڪريل هيون، جو ڪوڙ تان باهه ويندي هين. اڄ ته اسان جن ماڻهن جو اهو ئي وشواس آهي ته ”ڌرم جي جئه، پاپ جي کئه“!

________________________________________
* ٽي دوش ڪايا يا سرير جا – ٻئي کي خون ڪرڻ يا ڪوبه ايذاءُ رسائڻ، کوٽي رستي ڌن حاصل ڪرڻ يا وڃائڻ، ۽ پرائي زال سان سنجوڳ ڪرڻ (شلوڪ 3).
چار دوش واڻيءَ جا – گندي گفتگو ڪرڻ، شوخ پوڻ، گلا ڪرڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ (شلوڪ 4).
ٽي دوش من جا ڏ پرائو مال يا پرائي زال تڪڻ، ٻئي کي نقصان پهچائڻ جا گهاٽ گهڙڻ ۽ ٻيا اجوڳ ويچار ڪرڻ ۽ ويدن ۾ نسچو نه ڌارڻ وغيره.
اهي دوش (ڏوهه) ڪرڻ آهي ”هنسا“، ۽ انهن کان پاسو ڪرڻ آهي ”اهنسا“
* "The standard of female morality appears to have been fairly high" Cambridge History of India Vol. I, p. 88 and 97:
** "Adultery was generally regarded among Aryan peoples as the serious offence against the husband of the woman affected. We accordingly find in the legal literature of India traces of the rule that an adulterer can be slain with impunity, if taken in the act." Dr. A.C. Das., Reg Vedic Culture, p. 257
*** "The right of self defence was also vested in the individual and as such the murder of an assailant, even if the were a prince or a Brahmin was not punishable.,, Naryan Chandra Bandya Padhaya: Development of Hindu Polity and Political Theories. P. 327.
* "in one passage of the Reg V eda there is a probably reference to the employment of trained men to recover stolen cattle." Cambridge History of India, Vol. I, page 97.
* "Danda or punishment is represented as a part of protection. Viewed in this light, punishment is, in its essence, neither retributive, nor deterrent or reformatory, but a reaction of the Social order against an unsocial tendency. This is the idea under lying the doctrine of coercion" Dr. Beni Prasad: Theory of Government of Ancient India, p. 344.

2022 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ