ڪتاب ”سِپون سوجهي ڪڍيون“ سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعر مسرور پيرزادي پاران دنيا جي عظيم شاعرن جي شاعريءَ جي سنڌي ترجمي جو مجموعو آهي.
امداد حسيني لکي ٿو:
مسرور ”سپوُن سُوجھي ڪڍيون“ جهڙو اهم ڪتاب اسان کي ڏنو آهي. جنهن ۾ هُن ڪلا، فن ۽ آرٽ جا اهي امُلهه ماڻڪ اسان جي اکڙين آڏو آندا آهن، جن جي جوت ڪڏهن به جهڪي نه ٿي آهي. هزارن سالن جو سفر طيءِ ڪري اها شاعري اسان تائين پڳي آهي ۽ اڄ به اهڙي تازي تواني آهي، جهڙي رچڻ مهل هئي. ان جي سِٽن ۾ اڄ به شاعر جو خون جگر روان آهي. ان جي لفظن ۾ اڄ به شاعر جي دل ڌڙڪي ٿي.
ڇو ته وڏي هيءَ دنيا آهي
وقت، رڳو هي وقت نه آهي
دَور، رڳو هي دَور نه آهي!
اڄ اسين اهي شعر سنڌيءَ ۾ پڙهي رهيا آهيون ۽ انهن ۾ پنهنجو پاڻ پسي رهيا آهيون. ڀواڀوتيءَ ان رچنا ۾ دنيا، وقت ۾ دور جي ڳالهه ڪئي آهي. اهي ٽئي الڳ الڳ هوندي به الڳ نه آهن. الڳ نه هوندي به الڳ آهن.
اَڇيهه ۽ اَکُٽ آهن. ڀواڀوتيءَ جي ان رچنا ۾ ٽيئي هڪ ٿي ٿا وڃن ۽ اِها ئي اُها ”سچائي“ آهي، جنهن کي شاعري سڏجي ٿو، جيڪا هر دور لاءِ آهي. سڄي دنيا لاءِ آهي ۽ هر وقت لاءِ آهي ۽ ظاهر آهي ته ”ماڻهن“ لاءِ آهي. ٿي سگھي ٿو ته ان دَور ۾ به شاعريءَ کي ”واندن جي وندر“ سمجھيو ويو هجي. ڇاڪاڻ ته شاعريءَ مان اپڙاسو نه تڏهن هو نه ئي هاڻي آهي! پر شاعرن کي ان جي ڪڏهن پرواهه به نه رهي آهي! ان رچنا ۾ ”لکڻ“ جي ڳالهه ڪيل آهي. معنيٰ ته شاعري چئي به وئي ته لکي به وئي ۽ انگريزن جڏهن اها شاعري پڙهي، تڏهن اچرج وٺي وين ۽ ان کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري دنيا آڏو پيش ڪيائون. پر سنڌ جي قديم شاعرن ۽ شاعريءَ جو اسان کي پتو نه آهي. اهو ڪيئن ممڪن آهي عظيم سڀيتا جي وارث سنڌو ماٿريءَ وٽ شاعري نه هوندي! موهن جي دڙي جهڙي شهر اڏيندڙن، مورت سازيءَ جي ماهرن وٽ پڪ سان شاعري هوندي ۽ اها لکت ۾ به هوندي. موهن جي دڙي مان نرتڪيءَ جي مورتي به لڌي آهي، نرت ڪلا هئي ته سنگيت به هوندو ته گيت به هوندو! پر ڌارين ڪاهيندڙن سڀ کان پهرين سنڌ جا ڪتبخانا ساڙيا! موهن جي دڙي مان لکت ته ملي آهي، پر ان جي ڀاڃ نه ٿي سگھي آهي! انڪري سنڌي شاعريءَ جي ابتدا قاضي قادن کان ڪئي ٿي وڃي. ان جا ست بيت، شاهه ڪريم پڙهيا ۽ پوءِ اهي درج ٿيا ۽ اسان تائين پهتا. انهن بيتن کان سواءِ ڀارت ۾ قاضي قادن جا وڌيڪ بيت مليا، جيڪي هيرو ٺڪر ”قاضي قادن جو ڪلام“ جي نالي سان ڇپرايا. ڊاڪٽر ني بخش خان بلوچ ”قاضي قادن جو رسالو“ پڻ ڇپايو آهي.
منهنجي آڏو اهو سوال به آهي ته اهي بيت قاضي قادن پهرئين جا آهن يا ٻئين جا؟ آغا سليم وري بابا فريد گنج شڪر کي پهريون سنڌي شاعر ٿو سڏي.
سِج لٿا، سنجھا پئي، اڳهون آئي رات،
کڙا پڪاري پاتڻي، ٻيڙا ڪَپر وات!
چوڻ اهو پئي گھريم ته سنسڪرت جي قديم شاعري لکت ۾ محفوظ رهي ۽ پوءِ انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي ۽ اڄ اسان لاءِ ”مسرورو“ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪئي آهي. ائين هن پنهنجو فرض ادا ڪيو آهي. پر ان فرض جي ادائگيءَ جي مڃتا ضروري آهي ۽ ان جو بهترين طريقو اهو ئي آهي ته اسين انهن ترجمن کي پڙهون ۽ ڪڙهون، خاص ڪري جيڪي شاعر آهن، انهن کي اهو سدائين ياد رکڻ کپي ته سٺي شاعري ڪرڻ لاءِ، سٺي شاعري پڙهڻ لازمي آهي.
مٿي مون ڀرتري هريءَ ۽ شيڪسپيئر جي ٻن نظمن بابت لکيوآهي، جن جو موضوع ”زندگي“ آهي. ان تي مون کي ڪجھه منظوم لوڪ سٽون ياد آيون آهن. ان جون پهريون سٽون_ چاليهن تائين، مونکي ياد نه آهن، ان کانپوءِ واريون سٽون، جيڪي ياد اٿم، هي هتي ڏيان ٿو. ان اميد سان ته پهريون سٽون، جنهن کي به، خاص ڪري سگھڙن کي ياد هجن ته انهن سٽن کي ضرور مڪمل ڪن:
پنجاهه،
تڪي ٿو منجا
سٺ
کنيئن هٿ ۾ لٺ
سَتر
پئي ڄمار ۾ ڪَتر
اَسي
مت کَسي
نوي
پيو ڪانگ لنوي
سَو
نه ڪو سڄڻ آسرو
نه ڪو ڏُڄڻ ڀَو!
”سِپون سُوجھي ڪڍيون“ ۾ جيڪا شاعري ترجمو ڪئي وئي آهي، ان جا موضوع اهي ئي آهن، جيڪي گھڻي ڀاڱي هر دور جي شاعريءَ جا رهيا آهن، جهڙوڪ: حُسن، عشق، ويدانت/تصوف، وطن دوستي، انسان دوستي.... البت انهن موضوعن کي مختلف انداز سان پيش ڪرڻ جي اهميت آهي. شاعريءَ جو سرچشمو زندگيءَ مان ئي ڦُٽي ٿو ۽ اهي سمورا موضوع زندگيءَ سان سڌو/اڻ سڌو واسطو رکن ٿا. هتي آءٌ ڪاليداس جي هڪ ڪويتا ڏيڻ چاهيان ٿو، جنهن ۾ موضوع ”شاعري“ آهي:
اڄڪلهه جا شاعر
ويٺا ڪن پرچار رڳو
يا بس پنهنجا سُور سلن ٿا
پر هي منهجا شعر نه ڪائي
ڪوشش ڪن ٿا
ڪنهن کي ڪجھه سيکارڻ يا سمجھائڻ جي
هي ته رڳو بس شعرن جو ئي لطف ڏين ٿا!
پرچار ڪرڻ ڌرم/مذهب/رليجن جو ڪم آهي ۽ سمجھائڻ/سيکارڻ فلسفي جو. ته پوءِ شاعريءَ جو ڪارج ڪهڙو آهي؟ اُهو ئي، جيڪو هزارين سال اڳ ڪاليداس ٻڌايو آهي، يعني ”لطف ڏيڻ“. اها ڪويتا ڪاليداس پنهنجي دَور لاءِ رچي آهي يا اسان جي دَور لاءِ! ”اڄڪلهه جا شاعر“ ان ڪويتا جي پهرين سِٽ آهي، جيڪا ان ڪويتا کي هر دور سان لاڳو ڪري ٿي، بلڪه ”اڄڪلهه جي سنڌي شاعرن“ سان اها ڪويتا وڌيڪ لاڳاپيل ٿي لڳي!
”سِپُون سُوجهي ڪڍيون“ ۾ جن شاعرن جي شاعري ڏني وئي آهي، انهن مان اسين گھڻن کي ڄاڻون سڇاڻون ٿا، انهن جو ڪجھه نه ڪجھه ڪلام به اسان جو پڙهيل آهي، پر ان ڪتاب ۾ ڪجھه شاعر اهڙا به آهن جن جا نالا ۽ ڪلام پهريون ڀيرو ئي ماڻيو اٿم، جيئن سنسڪرت جا شاعر ڀواڀوتي، ڌرما ڪرتي، هارسا:
جنهن ماڻهوءَ ڏي هوءَ ڏسي ٿي،
تنهن جي دلڙي چورائي ٿي،
پر جي ڪنهن ڏي ڪِينَ ڏسي ٿي،
تنهن کي ويتر تڙپائي ٿي!
(ڌرما ڪرتي)
جنهن پَل تون گڏ آهين مون سان،
تو ۾ هرشيءِ آنءٌ پسان ٿو.
پر جنهن پل تون دور هجين ٿي،
توکي هر شيءِ منجھه ڏسان ٿو!
(هارسا)
هڪڙي سان هوءَ ٽهڪ ڏئي ٿي،
ٻئي کي هوءَ اشارا ڪري ٿي،
ٽئين جي باري ۾ سوچي ٿي،
ڪنهن سان آخر پيار ڪري ٿي؟
(ڀرتري هري)
مان هِت آهيان، تنهنجو آهيان
تون هُت آهين، منهنجي آهين
آ ذهني ميلاپ اسان جو
ٻيو ڇا گھرجي منهنجا جاني!
(ڀواڀوتي)
اهميت ڪنهن کي آهي؟ رچنا کي؟ رچنا ڪار کي؟دوام ڪنهن کي آهي؟ تخليق کي؟ يا تخليقڪار کي؟ ان جو هڪڙو جواب ته ناظم حڪمت ڏنو اهي:
گيت انسان جا انسانَ کان سهڻا آهن
گيت انسانُ جا اميد ڀريا، درد ڀريا
گيت انسانَ جا انسانَ کان وڌ جيئن ٿا
گيت انسانَ جا دائم ٿا رهن، آهه مگر فاني هُو!
ناظم حڪمت جو اهو نظم پڙهي، مون کي پنهنجو هڪ نظم ياد اچي ويو:
مون کان منهنجا گيت سُٺا
ها، جَن تنهنجا چَپَ چُميا
سنڌيءَ ۾ اهڙيون انيڪ چوڻيون (منظوم) ۽ سٽون آهن، جيڪي روز مره جي زندگيءَ ۾ استعمال ٿين ٿيون، پر انهن جي سرجڻهارن جا نالا اسين نه ٿا ڄاڻون. اهو دائمي ۽ زندهه شاعريءَ جو مثال آهي. ان ريت لوڪ گيت آهن، ٻاراڻا ٻول آهن، ڪلام آهن. اڄ اسين انهن جي رچيندڙن جي نالن کان واقف نه آهيون. شايد، ان ڪارڻ ئي فارسي، هندي، سنڌي، اردو، پنجابي، سرائيڪي ۽ ٻين ٻولين جي شاعرن پنهنجا نالا /تخلص شاعريءَ ۾ ڪتب آندا آهن.
هڪ شاعر جي زندگي به مختلف مرحلن مان گذري ٿي، عام انسان جيان. اها ئي زندگيءَ جي ريت آهي. پير ڪڏهن رقص ۾ آهن، ته ڪڏهن ڪاٺ ۾! غمِ جانان/غمِ دوران. ذاتي/اجتماعي ڏک. عذاب، عقوبتون، ڦاهيون، ڦٽڪا، جنگيون، رتوڇاڻ، جيل، غلامي، آزادي ۽ ان صورتحال ۾ هڪ شاعر جي شاعري زخم تي پهي وانگر آهي. ڏُک ۾ ڏڍ آهي. پاڻ ٻاري به روشني ڪرڻي آهي شاعر کي. هڪ سچو شاعر ذاتي غم کان علاوه دنيا جهان جو غم ڀوڳي ٿو. نا انصافين خلاف احتجاج ڪري ٿو. ائين هو پنهنجي دور جي درد کي سِٽن ۾ سمائي ٿو ۽ پوري سچائيءَ سان اُن کي اظهاري ٿو ۽ ائين ئي هُو هر دور جو ترجمان بڻجي ٿو وڃي. هُو اسان جي اکين کي اهڙا سپنا ڏئي ٿو، جيڪي ساڀياڻ ماڻي سگھن ٿا:
جڏهين راتيون ٿينديون آهن
صبح نوان ايندا آهن
منهنجي وطن جي آزاديءَ جو
خواب جو ننڍپڻ منجھه ڏٺو هو
منهنجي آڏو ايندو آهي!
(آزاديءَ جو خواب_ناظم حڪمت)
”نزار قاباني عشق ۽ انقلاب جو شاعر آهي“ ائين لکيو ويو آهي. ڇا عشق خود هڪ انقلاب نه آهي؟ رسول حمزاتوف چئي ٿو ته:
هرڪو ماڻهو شاعر آهي،
ليڪن، ڪو ڪو شعر لکي ٿو!
ايم ڪمل، ساڳي ڳالهه، مختلف انداز سان چئي آهي:
ڪي ڪي غزل لکن ٿا، باقي وزن لکن ٿا!
پهرين اچو ته نزار قابانيءُ جو هڪ نظم پڙهون:
ڪو به مڇيءَ کي ڪِينَ ترڻ سيکاريندو آ
ڪو به پکيءَ کي ڪِينَ اُڏڻ سيکاريندو آ
پاڻهي تربو آهي
پاڻهي اُڏبو آهي
عشق سکڻ لئه ڪو به ڪتاب نه هوندوآهي
۽ دنيا جي هيءَ تاريخ ٻڌائي ٿي
عاشق اُمِي هوندا آهن!
سو، اسين پاڻ به شاعرن کي دائرن ۾ آڻڻ گھرندا آهيون. عظيم، مهان، وڏو، انقلابي. اهي سڀ دائرا آهن. مثال طور جيڪڏهن اُن جي شاعريءَ ۾ جماليات آهي، محاڪات آهي، ته پوءِ اُن کي ڪهڙي دائري ۾ آڻينداسين؟ چوڻ اهو ٿو چاهيان ته عشق، انقلاب، حسن پرستي، ساڻيهه جي سِڪ، انسان دوستي، مزاحمت، بغاوت، هيڻي جي همراهي، ظلم ۽ ناانصافيءَ جي مخالفت... اهو سڀ شاعر جي فطرت آهي:
ها لک
مان هڪ عرب آهيان
محمود درويش جي هڪ نظم جون اهي مُهڙي سِٽُون آهن. ڪل ڇهه لفظ انهن ۾ جيڪو احتجاج آهي، جيڪا ڌڪار آهي، جيڪو درد آهي. اُهو اڄ به اهڙو ئي تازو آهي، جڏهن لکجڻ کان اڳي (۽ پوءِ) محسوس ڪيو ويو! ان پوري نظم ۾ جيڪا پيڙ آهي، اُها پيڙي ٿي ڇڏي! اسان جي حالتن سان اهو نظم ڪيڏو نه ٺهڪندڙ آهي! اڄ محمود درويش جي ديس، بلڪه پوري عرب دنيا جو جيڪو بدحال آهي، جيڪا ڏکوئيندڙ حالت آهي. اُها محمود درويش جي دور کان به وڌيڪ خطرناڪ ۽ هاڃيڪار آهي!
”سِپُون سُوجھي ڪڍيون“ لاءِ سڀ ڳالهيون اتي ئي ختم نه ٿيون ٿين، گھڻيون رهجي به ٿيون وڃن. پر ڪجه ڳالهيون تڪڙيون تڪڙيون ڪري وڃان ته روميءَ جي شاعري، مثنويءَ تان نه، پر ديوان شمس تبريز جي شاعريءَ جو ترجمو آهي:
اي ڪافرو! اي ڪافرو! ڏسجو ته مان ڇا ٿو ڪريان،
جنهن کي وڻي مومن ڪريان، جنهن کي وڻي ڪافر ڪريان.
”منصور“ تاريخ ۾ هڪ امر ڪردار آهي. جيڪو ڪلاسيڪل، روايتي ۽ ترقي پسند شاعريءَ ۾ به حق جي اهڃاڻ (Symbol) طور ورتايل آهي:
سَپت پچار پرينءَ جي، سپت هوتُ حضورُ،
مُلڪ مِڙوئي منصورُ، ڪُهي ڪُهندين ڪيترا!
(شاهه سائين)
سو انهيءَ حق سچ جي لازوال اهڃاڻ ”منصور“ جي ڪلام مان ٻه سٽون:
پنهنجي رب کي دل جي اک سان آهه ڏٺو مون،
مون پڇيو ”تون ڪير؟“ وراڻيو هن ته ”تون“!
نذر الاسلام کي هڪ باغي شاعر مڃيو ويو آهي. پر اڄڪلهه سنڌي شاعريءَ ۾ الاءِ ته ڪيترا ”باغي“ آهن! ان ريت هر شاعر، جيڪو به آني مان ڦُٽي ٿو اُهو جديد شاعر آهي. ان صورتحال ۾ ڀرتري هريءَ لاءِ ”قديم ۽ جديد“ جو اصطلاح الاءِ ڪيترو سجوڳو آهي؟ سچ ته اهو آهي ته ”سِپُون سُوجھي ڪڍيون“ ۾ جن شاعرن جو ڪلام ڏنو ويو آهي، اُهي ڪويتا، اتهاس ۾ ڪلاسڪ (Classic)جو مرتبو رکن ٿا. اها لافاني ۽ آفاقي شاعري سموري انسانذات جو مشترڪ اَملهه ورثو آهي. ان ۾ اسان جي پرائڻ لاءِ گھڻو ڪجھه آهي:
هو جيڪو هڪ قاتل آهي
صرف انهيءَ کي
خارج آنءُ ڪريان ٿو
پنهنجي محسوسات منجھان
پنهنجي وطن کي
خون خرابي
ڏکن سورن
۽ ماتم جي
نذر ڪريون ڇو؟
انهن سڀن جي آهه خلاف
سندم ڪويتا
جيڪا هر هنڌ آهه هوا وانگر موجود!
(پابلو نرودا)
هڪ شاعر جي زندگيءَ وانگر، هُن جي شاعري به مختلف مرحلن مان گذري ٿي. اهي مرحلا ذاتي توڙي اجتماعي/بين الاقوامي سطح جا ٿي سگھن ٿا. هُو انهن مرحلن مان گذري ٿو. انهن کي ڀوڳي ٿو. ان ڀوڳنا جو اثر هن جي شاعريءَ مان بکي ٿو. مان ”مهاڳ“ جي پُڄاڻي/شروعات نزار قابانيءَ جي هڪ نظم ”ايندڙ نسل“ جي آخري بند تي ڪريان، ڇاڪاڻ ته ان کان پوءِ لکڻ لاءِ ڪجھه به نه ٿو بچي. اهو نظم اسان جي جذبات جي ترجماني پڻ آهي:
اي ڏُکايل ڏيهه! منهنجا
تو ڪيو تبديل آهي
عِشق جي شاعر مان مون کي
رَتَ سان لکندڙ ڪويءَ ۾!
2015-09-28
ڪراچي، سنڌ.
پنهنجي پاران
ترجمو، سو به وري شاعريءَ جو، ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ڪنهن به ڳالهه کي ڪنهن ٻوليءَ مان ٻي ٻوليءَ ۾ منتقل ڪرڻ ڏکيو ڪم ته آهي ئي پر شاعريءَ کي هڪ ٻوليءَ مان ٻي ٻوليءَ ۾ آڻڻ انهيءَ ڪري به وڌيڪ ڏکيو آهي ڇو ته شاعري فقط ڳالهه ناهي. شاعري ڳالهه کان وڌيڪ احساسن، جذبن ۽خوابن جو اظهار هوندي آهي. ۽ احساسن، جذبن ۽ خوابن کي ترجمو ڀلا ڪيئن ڪجي!؟ انهن جي ترجمي لاءِ به احساس، جذبو ۽ خواب هجڻ لازمي آهي. اهو ڏکيو ڪم تڏهن سولو ٿي ويندو آهي، پنهنجي ئي هڪ مصرع ياد ٿي اچي:
ڏکيائيءَ ۾ به سَولائي، اسان کي عشقَ سمجھائي!
سو مونکي هي ترجما ڪندي ڪا به ڏکيائي محسوس نه ٿي. اڃا به ائين کڻي چوان ته هي ڪم ڪندي ڏاڍو مزو ۽ لطف آيو. بلڪل اهڙو ئي مزو ۽ لطف جهڙو پاڻ شاعري ڪندي محسوس ڪندو آهيان. هي ترجما ڪندي شايد مان تڏهن ڏکيائي محسوس ڪريان ها جڏهن ڪو ٻيو ماڻهو مون کان هي ڪم ڪرائي ها. پر اهڙي ڳالهه نه هئي. هي ترجما مون پنهنجي دل جي چَوڻ تي ڪيا آهن.
مون جڏهن انهن عظيم شاعرن (جن جا ترجما ڪيا اٿم) کي پڙهيو ته ائين محسوس ٿيو ڄڻ انهن سان ڪو روحاني رشتو هجي ۽ انهن جا شعر مونکي پنهنجي اندر جو آواز لڳا. شايد ائين آهي ته انهن شاعرن ئي مونکي هي ڪم ڪرڻ لاءِ اُتساهيو ۽ ترجمو ڪرايو. انهن جي مدد کان سواءِ هي ڪم نه ٿي سگھي ها!
مون اهو به نه سوچيو هو ته جن شاعرن جي ڪلام جو ڪجھه حصو پنهنجي مُوڊ ۾ ترجمو ڪيو اٿم، ان ڪم کي ڪڏهن ڪتابي صورت ۾ به آڻيندس. پر جڏهن رومي، منصور حلاج، پابلونرودا ۽ نزار قابانيءَ جي شعرن جا ترجما مختلف اخبارن، رسالن ۾ ڇپيا ۽ فيس بُڪ تي پوسٽ ڪيا ته ڪيترن ئي دوستن ان ڪم کي ساراهيو ۽ ان سان مون کي به ڄڻ ته وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي شڪتي ملي وئي. پوءِ اڳتي هلي ڪجھه ٻين شاعرن جي ڪلام کي پڻ سنڌيءَ جو روپ ڏئي ڪم کي وڌايم ته محسوس ٿيو ته هي ڪم ڪتاب جيترو ٿي ويو آهي. ۽ اهڙي طرح ارادو ڪيم ته پنهنجي هن پيار جي پورهئي کي ڪتابي صورت ۾ آڻجي.
شاعري مون لاءِ مترنم خيال (LYRICAL *HOUGH*) آهي. ان ڪري ئي مون هي ترجما منظوم ڪيا آهن. بحر وزن جو خيال رکي انهن شاعرن جي خيالن سان انصاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، سواءِ هڪ شاعر (محمود درويش) جي ترجمن کان سواءِ (جيڪي نثري نظم ۾ آهن) مون باقي سڀني شاعرن جي ڪلام کي پابند يا آزاد نظم ۾ ترجمو ڪيو آهي. اهو به ان ڪري جو محمود درويش جا اهي نظم خط، ڪهاڻي يا ڳالهه ٻولهه واري انداز ۾ آهن. منظوم ترجما ڪرڻ جو سبب اهو ئي آهي ته منهنجو مزاج نثري نظم وارو نه پر موزون شاعريءَ وارو آهي. آئون سمجھان ٿو ته شاعريءَ لاءِ ترنم، نغمگي، سُر، بحر وزن، ڇند ضروري آهي. انهن شين جي ڪري ئي خيال، فڪر وڌيڪ خوبصورت، پُر اثر ۽ شاعراڻو ٿئي ٿو ۽ اهي ئي خوبيون شاعريءَ کي ٻين نثري صنفن کان وڌيڪ اهم پُر اثر ۽ خوبصورت بڻائين ٿيون. باقي ته سٺيون ۽ دانش سان ڀرپور ڳالهيون، اقوال زرين جي ڪتابن، ناولن، ڪهاڻين ۽ فلسفي جي ڪتابن ۾ به ڀريون پيون آهن، پر انهن ڳالهين کي شاعري ته نه ٿو چئي سگھجي.
هي ترجما انگريزي ۽ اردو ٻولين ۾ ٿيل ترجمن مان سنڌيءَ ۾ ڪيا اٿم. سڀ کان پهرين مون ڀرتري هري ۽ ٻين سنسڪرت جي شاعرن جا ترجما ڪيا هئا. مون جڏهن پنهنجي دوست اعجاز منگيءَ جي ڪتابن مان “POEMS FROM SANSKRI*” کڻي پڙهيو ته ان ڪتاب مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ ان مان پوءِ ڪجھه شعر مون ترجمو ڪيا. ائين پوءِ ترجما ڪرڻ جو سلسلو هلي پيو. مولانا روميءَ جي شعرن جا ترجما ڪرڻ وقت مون فهميده رياض جي ڪتاب ”يه خانه آبِ گل“ ۽ انٽرنيٽ تي موجود هن جي شاعريءَ مان مدد ورتي. منصور حلاج جي شعرن جا ترجما ڪرڻ وقت مون مظفر اقبال جي ترجمو ڪيل هن جي ڪتاب ”ديوان“ مان مدد ورتي. پابلو نرودا جا شعر مون کي هن جي ڪتاب “Book Of Ques*ions” ۽ اديبات جي هڪ شماري ۾ مليا، جتان مون پنهنجي پسند جا شعر ترجمو ڪيا. ٽئگور جا گيت ترجمو ڪرڻ وقت مون W.B.YEA*S جو ترجمو ڪيل گيتانجلي به پڙهيو ۽ ان ئي ڪتاب جو اردو ترجمو جيڪو فراق گورکپوريءَ ڪيو هو ۽ سنڌي ترجمو جيڪو ڊاڪٽر گل ڪيو هو، اهي به پڙهيا. ناظم حڪمت جا نظم پڻ ادبيات جي هڪ شماري مان مليا، جڏهن ته وري ڪجھه نظم انٽرنيٽ تان کني ترجما ڪيم. قاضي نذر السلام جي شاعريءَ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب هٿ آيو، جنهن مان هي نظم ترجما ڪيم. نزار قابانيءَ جي شاعريءَ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيل ڪتاب “ON EN*ERING SEA” پڻ اعجاز منگيءَ وٽان کڻي پڙهيم ۽ ان مان ئي نظم ترجما ڪيم. جڏهن ته هن ڪتاب ۾ موجود قابانيءَ جا ڪجھه نظم وري هڪ ٻئي انگريزي ڪتاب مان ترجمو ڪيم. منهنجي خيال ۾ قابانيءَ کي سنڌيءَ ۾ پهريون ڀيرو اعجاز منگي ئي متعارف ڪرايو، جڏهن هن شايد 1998ع ۾ هڪ اخبار ۾ هن جي شاعريءَ تي هڪ خوبصورت ڪالم لکيو هو. رسول حمزاتوف جا جيڪي مون نظم ترجما ڪيا آهن سي هن جا نظم نه پر هن جي نثري شاهڪار ڪتاب ”منهنجو داغستان“ جا ٽڪرا آهن. جن کي مون شعرن جو روپ ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته محمود درويش جا نظم مونکي مُنو ڀائيءَ جي ترجمو ڪيل ڪتاب ” فلسطين فلسطين“ مان مليا. جن مان ڪجھه ترجمو ڪيا. انهن ڪتابن کان علاوه انهن سڀني شاعرن جي شاعري ۽ زندگيءَ بابت انٽرنيٽ تي موجود مواد پڻ پڙهيم ۽ ان مان مدد ورتم.
سائين امداد حسينيءَ جون وڏيون مهربانيون، جنهن غور سان سڄو مواد پڙهي شعرن کي بهتر ڪرڻ لاءِ مفيد صلاحون ڏنيون ۽ بهترين مهاڳ پڻ لکيو. جڏهن امداد صاحب ايس ايم ايس ڪري ٻڌايو ته ”مهاڳ لکي ڇڏيو آهيم“ ته جواب ۾ لکيو مانس ”وڏي مهرباني!“ جنهن تي هن وري ميسيج ڪري لکيو ته ”مهرباني ڪنهن جي؟ تنهنجي؟ منهنجي؟ يا انهن لافاني شاعرن جي؟“
پياري جمال مصطفيٰ سيد جا پڻ ٿورا مڃبا جنهن هن ڪتاب جي ڇپائيءَ لاءِ مون کي پئي همٿايو. منهنجي خواهش آهي ته سائين جمال جي به ترجمن جو ڪتاب جلد اچي، ڇو ته هن به سٺي شاعريءَ جا خوبصورت ترجما ڪيا آهن.
مهتاب مڱريي جي به مهرباني جنهن ڪتاب جي ڇپائيءَ دوران ڊُڪ ڊوڙ ڪئي. آخر ۾ پنهنجي گھر واريءَ، پٽ، امان ۽ ٻين گھر ڀاتين جون مهربانيون، جن مون کي گھر ۾ لکڻ، پڙهڻ جو هميشه سٺو ماحول ڏنو.
مسرور پيرزادو
masroorpirzado@yahoo.com
مولانا رومي: عظيم صوفي شاعر
مولانا جلال الدين روميءَ کي دنيا جو عظيم صوفي شاعر مڃيو وڃي ٿو. عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ لاءِ به چوندا آهن ته هو ”مثنوي مولانا روم“ وارو ڪتاب اڪثر پاڻ سان رکندو هو ۽ ان مان پيو ”مطالع محبت“ ڪندو هو. شاهه سائينءَ تي مولانا روميءَ جو ڪافي اثر آهي، جيڪو سندس بيتن مان ظاهر آهي.
روميءَ بلخ شهر ۾ جنم ورتو جيڪو هينئر اُتر افغانستان ۾ آهي. ڄم جي تاريخ بابت ڪتاب ٻڌائين ٿا ته رومي هن دنيا ۾ 6 ربيع الاول 604 هه (30 سيپٽمر 1207ع) واري ڏينهن آيو. ارڙهن ورهين جي ڄمار ۾ رومي قديم شهر لارند (جنهن کي هينئر ڪرمان چيو وڃي ٿو) ۾ رهندو هو. ۽ اتي هن پهرين شادي ڪئي جنهن مان هن کي ٻه پُٽ ڄاوا جن جا نالا سلطان ۽ علاءالدين محمد رکيا ويا. روميءَ جو پيءُ پڻ پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ صوفي هو جنهن کي سلطان العلماء جو خطاب پڻ مليو.
چوويهن سالن جي عمر ۾ رومي قونيا ۾ آيو. وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ شام ويو. هو چار سال دمشق ۾ رهيو جتي سندس ملاقات شيخ محي الدين عربيءَ (ابن عربي) سان ٿي جيڪو پڻ ڪمال جو صوفي ۽ شاعر هو. ڪتاب اهو به ٻڌائين ٿا ته دمشق مان ئي رومي واپس قونيا طرف وريو جتي هن جي علم ۽ شاعريءَ جي گهڻي مشهوري ٿي. هن جا هزارين شاگرد هئا.
28 نومبر 1244ع ۾ شمس تبريز قونيا آيو ۽ روميءَ سان مليو. ان کان پوءِ قونيا ۾ سڀڪجهه تبديل ٿي ويو. روميءَ جي شخصيت ۾ ڦيرو اچي ويو ۽ شمس تبريز هن کي نئون روپ بخشي ڇڏيو. شمس تبريز روميءَ جو مرشد ۽ محبوب هو. ديوان شمس تبريز انهيءَ عشق جو داستان آهي. شمس تبريزي رومي صاحب تي اهڙو ته جادو ڪيو جو هن علم ۽ تدريس جا دفتر ويڙهي ڇڏيا ۽ رقص ۽ موسيقيءَ طرف راغب ٿي ويو ۽ ”مي رقصم“ جون صدائون هڻندو رهيو. پوءِ هن کي ڪائنات جي هر ذري ۽ شمس تبريزيءَ ۾ خدا جو جلوو نظر اچڻ لڳو. قونيا جي ماڻهن کي اها ڳالهه بلڪل ڪين وڻي. هو سڀ ان ڳالهه تي پريشان ۽ اَرها هئا ته شمس تبريز (جيڪو ان وقت گهڻو معتبر ماڻهو نه سمجھيو ويندو هو) روميءَ جهڙي عالمِ دين ۽ پرهيز گار ماڻهوءَ کي خراب ڪري ڇڏيو. اهو سڀڪجهه ڏسندي قونيا جي ماڻهن شمس تبريز جي سرعام بي عزتي ۽ توهين ڪرڻ شروع ڪري ڏني، جنهن کان پوءِ شمس تبريز چپ چاپ قونيا ڇڏي هليو ويو.
هن جي وڃڻ کان پوءِ روميءَ جو جيءُ جدائيءَ جي آڳ ۾ جلڻ لڳو ۽ ان عشق جي آتش ۾ هو شعر لکڻ لڳو. روميءَ کي جڏهن پتو پيو ته شمس تبريز دمشق ۾ آهي ته هن ان ڏانهن پنهنجا اهي غزل اُماڻيا جيڪي روميءَ هن جي فراق ۾ لکيا ھئا. روميءَ جي پُٽ سلطان وڏي جاکوڙ کان پوءِ شمس تبريز کي قونيا واپس آندو. هن جو اچڻ روميءَ جي زندگيءَ ۾ ڄڻ زندگيءَ جو واپس اچڻ هو. پنهنجو مرشد ۽ محبوب ڏسي، روميءَ ۾ ڄڻ ته نئون ساهه پئجي ويو. پر اهو دور گهڻي دير نه هليو ۽ قونيا جي ماڻهن شمس تبريز کي ايڏو تنگ ڪيو، جو هو اُتان ويو ۽ وري واپس نه وريو. ڪجھه ڪتابن ۾ ائين به لکيل آهي ته شمس تبريز کي ماريو ويو ۽ سندس لاش کوهه ۾ ڦٽو ڪيو ويو.
ان کان پوءِ روميءَ شمس تبريز جي ياد ۾ جيڪي غزل لکيا اُهي ”ديوان شمس تبريز“ جي نالي سان مشهور ڪتاب ۾ موجود آهن. 1245ع ۾ تبريز جي وفات کان پوءِ رومي هڪ نئون صوفياڻو، درويشاڻو سلسلو قائم ڪيو جنهن کي تصوف جي اصطلاح ۾ ”سماع“ چيو وڃي ٿو.
شاهه سائينءَ وانگر روميءَ پڻ آيتن جهڙا بيت ۽ شعر لکيا. جن ۾ هن اهو شعر پڻ لکيو ته:
”مثنوي و مولوي و معنوي
هست قرآن در زبان پهلوي“
روميءَ قونيا ۾ ئي وفات ڪئي. هن جي آخري آرام گاهه شمس تبريز جي مزار جي ويجھو آهي.
مان اماوس آهِيان، جو ماهه کان ٿيو آ خفا،
مان گدا آهيان اهو جو شاهه کان ٿيو آ خفا.
مهربان هو ٿو سڏي، گهر ڏانهن مون کي بار بار،
مان ڀُليل هر دم رهيس جو راهه کان ٿيو آ خفا.
*
فنڪار ڪو مان آهيان، بُت روز بڻايان ٿو،
ڊاهيان ٿو سڀئي جڏهين، تو ڏانهن نهاريان ٿو.
سَوَ نقشَ بڻائي پوءِ، ٿو جان وجھان تن ۾،
پر حُسن ڏسي تنهنجو، سڀ نقش جلايان ٿو.
منصور حلاج: اناالحق جي نعرو هڻندڙ صوفي شاعر
منصور حلاج سن 244هه ۾ البيقاء جي علائقي الطور ۾ پيدا ٿيو. هن جو نالو حسين رکيو ويو. سندس پيءَ جو نالو منصور هو جيڪو فرات نديءَ جي ڪناري تي قائم ٿيل علائقي ۾ اُن جي اُڻت جو ڪم ڪندو هيو ۽ ان پيشي جي ڪري انهن کي “الحلاج” چيو ويو.
منصور حلاج 265هه ۾ بغداد ويو جتي هو جنيد بغداديءَ سان مليو ۽ ان کان ڪجهه سوال پڇيائين. بغداد جي ان دانشمند صوفيءَ هن کي ڪو جواب نه ڏنو، صرف هڪ مختصر ڳالهه ڪيائين، جيڪا ٻڌي اتي ويٺل سڀ ماڻهو حيران ٿي ويا. هن منصور کي چيو ته “اهو ڏينهن جلد اچڻ وارو آهي جڏهن تون ڪاٺ جي هڪ ٽڪري کي پنهنجي خون سان ڳاڙهو ڪري ڇڏيندين”.
جڏهن منصور حلاج جي عمر چويهه سال هئي ته هو مڪي ڏانهن ويو. هڪ سال جي قيام دوران حلاج حرم ۾ هڪ جڳهه عبادت لاءِ چونڊي جتي هو قلب جي صفائيءَ جي مشڪل مرحلن مان گذريو. انهن ئي ڏينهن دوران عمر بن مڪيءَ ۽ منصور حلاج جي لاڳاپن ۾ ڏار پوڻ شروع ٿيا، جنهن کان پوءِ صوفين جو هڪ گروهه هن کي ناپسند ڪرڻ لڳو. اهو دور ئي دراصل هن جي شهادت جي ڪارڻ جي شروعات سمجھيو وڃي ٿو.
272هه ۾ هو پنهنجي زال ۽ ڀاءُ سان تستر لڏي ويو ۽ اتي ٻه سال تبليغ ڪيائين. انهن ئي سالن دوران هن جي ٻن پٽن عبدالله ۽ سليمان ۽ هڪ نياڻيءَ جي پيدائش ٿي. ٻن سالن کان پوءِ حلاج پنهنجي خاندان کي اُتي ڇڏي طويل سفر تي روانو ٿيو.جڏهن هو واپس آيو ته سندس ٽئين پُٽ جي ولادت ٿي. انهن ڏينهن ۾ هن جون تحريرون تمام گهڻو مشهور ٿي چڪيون هيون ۽ ماڻهن ۾ هڪ ولولو پيدا ڪري چڪيون هيون جنهن جي ڪري ان وقت جي شيعا عالمن هن تي الزام لڳايا ۽ هن سختين کي سهڻ شروع ڪيو. چون ٿا ته حلاج کي فقط انڪري دار تي نه لٽڪايو ويو هو جو هن ”الحق“ جو نعرو هنيو هو، پر هن جي شهادت جي پويان سياسي سازشون پڻ هيون. انهن ئي ڏينھن ۾ هڪ مسجد ۾ منصور حلاج ابوبڪر شبليءَ جي سامهون هي لفظ چيا هئا ته:
”اناالحق والحق، للحق حق“ جنهن جي معنيٰ آهي ته مان حق آهيان ۽ حق، حق سان گڏ حق آهي.
سندس اهي ئي لفظ هئا جن هن کي دار تائين آندو ۽ تاريخ ۾ امر ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ تنهن وقت جي حڪومت هن کي 301هه ۾ گرفتار ڪيو ۽ هن تي مقدمو هلايو ويو ۽ هن تي الزام هنيو ويو ته هو ڪعبي تي حملو ڪرڻ جي سازش ۾ ملوث آهي. هو اٺ سال جيل ۾ رهيو ۽ پوءِ 25 ذوالقعد 309 هه تي هن کي دار تي لٽڪايو ويو ۽ هن ڪاٺ جي ٽڪر کي پنهنجي خون سان ڳاڙهو ڪري ڇڏيو. ماڻهن هن تي پٿر اڇلايا پر شبليءَ هن ڏانهن پٿر نه پر هڪ گُل اُڇليو. چون ٿا ته اهو گل جڏهن منصور حلاج کي لڳو ته هن هلڪي دانهن ڪئي. هن کان پڇين ته ”پٿر لڳڻ وقت تو دانهن نه ڪئي ۽ گل لڳڻ وقت تو دانهن ڪئي، ان جو ڇا سبب آهي؟“ ان تي منصور حلاج جواب ڏنو ”پٿر ته اهي ماڻهو پيا هڻن جن کي منهنجي خبر نه آهي. انڪري انهن ماڻهن جي پٿرن جو مون تي اثر نه ٿو ٿئي پر شبليءَ جي اُڇليل گل جو اثر انڪري ٿيو ڇو ته هو ته مون کي سڃاڻي ٿو.“
*
تو کي آنءُ سڏيان ٿو يا تون مون کي سڏين ٿو پيو؟
مون هو پُڪاريو”تون ئي آن“ يا ”مان ئي هان“ تو چيو؟
ڪيئن ڪيان مان، هن محبت جو آخر ڪريان ڇا؟
منهنجا موليٰ! ويڄ به سارا ٿي بيزار ويا.
ويڄ چون ٿا، بيماريءَ سان ڪر تون پنهنجو علاج،
ها پر يارو! بيماريءَ سان ٿيندو ڪيئن علاج؟
منهنجي موليٰ ڪاڻ محبت مون کي ڪِيو بيمار،
پنهنجي موليٰ ساڻ ڪيان ڪئن هاڻي هي اظهار!
جيئن ڏٺو مون هن کي منهنجي قلب سڃاڻي ورتو،
ڪين بيانُ، اشارن بن پر ممڪن آهه ٿيو.
روحَ رنجايو روحُ سندم، ها روح رنجايو آ،
پاڻَ ڏنو هي ڏُک آ خود کي، درد پرايو آ.
غائب هوندي ظاهر آ هُو، اکڙين کان اوجهل،
ها پر پوءِ به ڏسي ٿي هن کي دل منهنجي پاڳل.
****
هڪڙو علم اجايو آهي ۽ ٻيو علم سجايو،
هڪڙي ساگر ٻوڙي ڇڏيو ۽ ٻئي پار پُڄايو.
وِک کڻڻ بن ڀي مان پهتو آهيان اُتڙي،
باقي سڀ لئه ڪونهي ممڪن پهچڻ جتڙي.
ڪين گِهڙڻ بن ساگر جي گهرائي سمجھيم،
ڪين پِيڻ بن پاڻيءَ جي هيءَ اُڃَّ اُجهايم.
****
[b]آرزوءَ جي انتها!
[/b]
آرزوءَ جي انتها!
توتي، پنهنجو پاڻ تي
مان گهڻو حيران آهيان.
قرب تو مون کي ڏنو
مون ته سمجھيو
تون ته ”مان“ ئي آهِيان.
زندگي منهنجي به تون
۽ رڳو تون آنهه نعمت،
دفن کان پو آنهه بس
تون ئي منهنجي لاءِ راحت.
تون ئي منهنجو خوف آهين،
تون ئي مون لئه امن آهين.
تو اڳيان منهنجو سمورو
آهه هي محدود فن
۽ اگر ڪنهن شيءِ جي مان
آرزو ڪائي ڪيان،
سا به تون ئي آنهه بس،
تون ئي منهنجي
آرزو ڪُل آنهه بس!
****
زمين ڪهڙي سندءِ آ وجود کان خالي؟
جو آسمان ۾ توکي تلاش ٿا هُو ڪن.
ڏسين ٿو تون ته انهن کي، ڏسن ٿا جي تو ڏي،
مگر هو ڪين ڏسن ٿا جو هُو انڌا آهن.
****
پنهنجي رب کي دل جي اک سان آهه ڏٺو مون،
مون پڇيو ”تون ڪير؟“، وراڻيو هُن ته ”تون“!
تنهنجي لاءِ ”ڪٿي“ جو هاڻ سوال نه آهي،
تنهنجي لاءِ ”ڪٿي“ ڀي هاڻ ڪٿي ناهي!
منهنجي فنا ۾ منهنجي فنا جي آهه فنا،
منهنجي فنا مان آنهه مليو تون مون کي سدا.
****
منهنجا رب، اي منهجا موليٰ! مون سان رهه ويجھو،
ڏاڍو آءٌ اڪيلو آهيان
ڏاڍو، ها ڏاڍو.
****
جيڪڏهن منهنجي تباهيءَ ۾ سندءِ آهي آ رضا،
پوءِ ان تي مان به راضي آهِيان،
ڇو ته تنهنجو انتخاب،
آهه منهنجو انتخاب.
****
جنهن کان ڊڄجي،
تَنهن جي ئي بس،
ويجھو وڃجي.
****
مُحبت جي هن ساگر ۾
ڪين ڇڏيو مون آهه ترڻ.
لهر کڻي ٿي مون کي مٿي
ڀرتري هري پنهنجي دور جو هڪ وڏو عالم، گرامر جو ماهر ۽ بادشاهه هو. هن پنهنجي زندگي شهزادن جيان عيش ۽ آرام ۾ گذاري پر پوءِ هڪ ڏينهن جڏهن هن کي پتو پيو ته سندس زال (راڻي) ڪنهن ٻئي مرد جي محبت ۾ چري آهي ته هن همراهه تخت، تاج، عيش آرام ۽ بادشاهت ڇڏي وڃي ويرانا وسايا ۽ اميري ڇڏي وڃي فقيريءَ جي راهه ورتي. هو تپسيا ڪرڻ ۾ لڳي ويو ۽ يوڳي (جوڳي) ٿي پاڻ کي دنيا جي آسائشن ۽ لذتن کان پري ڪيو. هن جا ڪيترائي شعر ان تياڳ جي حوالي سان آهن، جيڪو هن دنيا کان ڪنارا ڪشي اختيار ڪري ڪيو هو. هو چوندو هو ته:
هر مزي ۾ بيماريءَ جو خوف آهي، هر شان، مان ۾ بي عزتيءَ جو خوف آهي، دولت ۾ غربت جو خوف آهي، طاقت ۾ دشمنن جو خوف آهي، حُسن ۾ مخالف جنس جو خوف آهي، ڄاڻ ۾ ناڪاميءَ جو خوف آهي، جسم کي موت جو خوف آهي پر جيڪڏهن ڪنهن شيءِ کي خوف نه آهي ته اهو آهي تياڳ.
ڀرتري هريءَ جي شعرن ۾ دنياوي مزن کان ويندي تياڳ جي سڪون واريون سڀ ڪيفيتون آهن.
دنيا جي ٻين عظيم شاعرن وانگر ڀرتري هريءَ جي باري ۾ به مون کي پهريون ڀيرو شيخ اياز جي ڪتابن ۾ ئي ڄاڻ ملي. اياز نه فقط جديد سنڌي ادب جو عظيم تخليقار هو پر هو عظيم ادب متعارف ڪرائڻ وارو اهم ماڻهو به هو. هن جي ڪتاب “رڻ تي رم جهم” ۾ موجود محبت جي احساسن ۾ ٻُڏل هڪڙو ڇهه سٽو ڀرتري هريءَ جي ذڪر سان به آيل آهي. اهو هيئن آهي ته :
ڀرتري هريءَ وانگر،
ڪالهه هي چيو هو مون،
”رات جيڪا گذري وئي،
چاندنيءَ ۾ چمڪي،
ڄڻ ته لهر سنڌوءَ جي،
سمنڊ ڏانهن موٽي وئي.“
۽ ان کان پوءِ وري علامه اقبال وٽان ڀرتري هريءَ جو هي نهايت سهڻو شعر مليو:
ڦول ڪي پتي سي ڪٽ سڪتا هي هيري ڪا جگر،
مردِ نادان پير ڪلامِ نرم و نازڪ بي اثر!
ان شعر کان پوءِ منهنجي دل ۾ ڀرتري هريءَ کي پڙهڻ جي تمام گهڻي خواهش پيدا ٿي ۽ ڪافي وقت کان پوءِ مون کي سنسڪرتي شاعريءَ جو انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب Poems from *he Sanskri* مليو جنهن مان مون ڀرتريءَ هريءَ جي شعرن مان پنهنجي ان خواهش جي اُڃ اُجهائي. ان منجھان ئي هي ڪجهه ترجما مون ڪيا آهن، جيڪي پڙهندڙن آڏو پيش ڪجن ٿا.
****
هن جيون ۾ سُکُّ ڪٿي آ ؟
ننڍڙي آهي هيءَ حياتي،
۽ اُن جو ڀي اَڌُ وڃي ٿو،
ننڊ ڪرڻ، آرام ڪرڻ ۾،
بيڪار رهڻ، بيمار رهڻ ۾،
باقي جيڪو وقت بچي ٿو،
سو به اجايو ڄڻ ته وڃي ٿو،
ٻالڪپڻ، پوڙهائپ وارن،
گمنام، اجاين خوفن ۾.
۽ جوڀن ڀي جو گذري ٿو،
سو به جُداين منجھه جھُري ٿو،
پئسي لاءِ پريشانيءَ ۾،
وقت سمورو هي گذري ٿو،
ٻارن ۽ گهر وارن جي ڀي،
ڳڻتيءَ ۾ هي وقت وڃي ٿو.
هاڻي يار! ٻُڌاءِ مون کي،
هن جيون ۾ سُکُّ ڪٿي آ؟
جنهن ماڻهوءَ ڏي هوءَ ڏسي ٿي،
تنهن جي دلڙي چورائي ٿي،
پر جي ڪنهن ڏي ڪين ڏسي ٿي،
تنهن کي ويتر تڙپائي ٿي.
[b]( ڌرماڪرتي)
[/b]
****
جنهن پل تون گڏ آهين مون سان،
تو ۾ هر شيءِ آنءُ ڏسان ٿو،
پر جنهن پل تون دوُر هجين ٿي،
توکي هر شيءِ منجھه پسان ٿو.
[b](هارسا)
[/b]
****
اڄڪلهه شاعر ويٺا ڪن پرچار رڳو،
يا بس پنهنجا سُور سلن ٿا،
پر هي منهنجا شعر نه ڪائي،
ڪوشش ڪن ٿا،
ڪنهن کي ڪجهه سيکارڻ يا سمجھائڻ جي،
هي ته رڳو بس شعرن جو ئي لطف ڏين ٿا.
[b]( ڪاليداس )
[/b]
****
سَو دفعا مون فلسفي پنهنجي منجھان
آهي سِکيو،
هي ته پنهنجي عشق تي،
خواب ۽ پڇتاءَ جي ساري سبب تي،
۽ سڄي خالي- پڻي تي ڪين سوچيان.
ها مگر ڪو فلسفو
منهنجي دل کي،
عشق کان روڪي سگهيو آ ڪينڪي،
حُسن کان روڪي سگهيو آ ڪينڪي.
[b]( ڌرماڪرتي )
[/b]
پابلو نرودا : چليءَ جو نوبل انعام يافته شاعر
دنيا جي تاريخ ۾ جن شاعرن کي جيئري تمام گهڻي مڃتا ملي، انهن ۾ چليءَ جو عظيم شاعر پابلو نرودا پڻ شامل آهي. هو شاعر سان گڏوگڏ ڪميونسٽ پارتيءَ جو ڪارڪن پڻ هو. هو شاعر طور ايترو ته مقبول هو جو جڏهن سياسي جلسي ۾ تقرير ڪندو هو ته جلسي ۾ موجود عوام هن کي اصرار ڪندو هو ته هو تقرير نه پر شعر ٻڌائي. اها چليءَ جي عوام جي شاعريءَ لاءِ قدرشناسي هئي الائي نرودا جي شاعراڻي عظمت!
هڪ ڀيري هو ڪنهن جلسي ۾ عوام جي پُرزور فرمائش تي پنهنجا نظم پڙهي رهيو هو ته ڪنهن هن کي ان نظم پڙهي ٻڌائڻ جي فرمائش ڪئي جنهن جو عنوان ”اڄ رات مان لکي سگهان ٿو“ (*onigh* I can wri*e) آهي. پر انهيءَ وقت پابلو نرودا عوام سان معذرت ڪندي چيو هيو ته ”اهو نظم مون کي هن وقت سڄو ياد ناهي، باقي توهان مان ڪنهن کي اهو نظم ياد هجي ته اسٽيج تي اچي پڙهي ٻڌائي“ ان کان پوءِ ڪيترائي ماڻهو، جن کي اهو نظم سمورو ياد هو، اسٽيج تي چڙهي آيا.
فرانس جو عظيم فلسفي ۽ ليکڪ زان پال سارتر پڻ پابلو نرودا جي شاعري ۽ ڪردار مان متاثر هيو ۽ جڏهن نوبل پرائز لاءِ سارتر جي نالي جو اعلان ٿيو تڏهن سارتر چيو هو ته ”نوبل انعام جو مون کان وڌيڪ حقدار نرودا آهي.“
پابلو نرودا جي شاعريءَ جو رومانوي پاسو محبت جي معصوميت ۽ عورت جي بدن جي لذتن ۽ خوبصورتين جو بي ساخته بيان آهي. هن جو هڪ نظم ”عورت جو بدن“ (body of a woman) پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته هڪ شاعر لاءِ بهادراڻو پر شاعراڻو بيان ڪيترو نه ضروري آهي.
هن جي مزاحمتي شاعري پڻ پنهنجي ملڪ توڙي دنيا جي مظلوم عوام جي دردن جي سچي ۽ فنڪاراڻي ترجمان آهي. توڙي جو هو هڪ سياسي ڪارڪن به هو ۽ جلسن جلوسن ۾ پنهنجي شاعري به پڙهندو هو، پر تنهن هوندي به هن جي شاعري ٺلهي سياسي نعري بازيءَ کان تمام گهڻي مٿي، فن ۽ فڪر سان سجايل آهي. هو جڏهن تقرير ڪندو هو تڏهن هو سو سيڪڙو سياسي ڪارڪن هوندو هو ۽ جڏهن شعر لکندو هو تڏهن سو سيڪڙو شاعر هوندو هو.
پابلو نرودا 12 جولائي 1904ع تي چليءَ جي شهر پرال ۾ پئدا ٿيو. هن جو اصل نالو نضتالي رڪارڊو رائس بسالتو هيو. پابلو نرودا هن جو قلمي نالو آهي. 1971 ۾ هن کي ادب جو نوبل انعام مليو. عظيم ليکڪ گارشيا مارڪيز هن کي ويهين صديءَ جو، ڪنهن به ٻوليءَ جو، عظيم ترين شاعر چيو ھو. نرودا جا يادگار نظم ”ماچو پچو جون اُوچايون.“
(*he heigh*s of macho picho) ۽ ڪجهه نثري شهپارا هن جي موت کان پوءِ شايع ٿيا. هو 23 سيپٽمبر 1973 ڪينسر وگهي گذاري ويو. هن جي ياد گيرين جو ڪتاب توڙي جو نثر ۾ آهي، پر ان جو روح شاعراڻو آهي.
شاعريءَ کي اندر جي گهرائين جو آواز سڏيندڙ پابلو نرودا هڪ هنڌ لکي ٿو ته ”مون انسانن جي سمنڊ مان گهڻو سکيو آهي. اهو انسانن جو سمنڊ جنهن کي هر ڪو شاعر پڙهي ناهي سگهندو ۽ جڏهن ڪو پڙهي سگهندو آهي ته هن جي شاعري ان سمنڊ جي ڀرسان ڦُٽل گاهه ۽ ٻوٽن جيان ٿي پوندي آهي.“
[b]ٻُڌاءِ مون کي!
[/b]
ٻُڌاءِ مون کي!
اگهاڙو هي ڇا
گلاب آهي؟
اهو يا هن جو
لباس آهي؟
ٻُڌاءِ مون کي،
لڪائيندا وَڻ
ڀلا ڇو آهن،
جڙن جو جيڪو،
جمال آهي؟
منهنجا ٻچڙا!
جڏهين تن جو مُکُ چمان ٿو،
تڏهين ٿو معلوم ٿئي،
ته پرهه ڦُٽيءَ جي سُجهندي ۾،
اُڀ منجھا ڪئن نڪري ٿي،
نهر خوشيءَ جي.
منهنجا ٻچڙا!
منهنجا ٻچڙا!
****
پنهنجي گيتن ساڻ توکي عمر ساري،
آنءُ ڳوليندو رهيس.
گيت، جيڪي هئا مون کي در در وٺي ويا،
گيت، جن مون کي پَسايو پنهنجو پاڻ،
گيت، جن دنيا کي ڳوليو .
گيت منهنجا جن مون کي سارا سبق
آهن پڙهايا،
تن مون کي ڏيکاريا رستا ڳجھا،
تن ئي سمجھايو مون کي،
ڏُکُ ڇاهي!
سُکُ ڇاهي!
تن مون کي اسرار سمجھايا سمورا،
نيٺ گيتن
زندگيءَ جي شام جو،
آهه پهچايو مون کي،
تنهنجي شاهي محل آڏو.
ناظم حڪمت : ترڪيءَ جو رومانوي، انقلابي شاعر
ناظم حڪمت ران 15 جنوري 1902 ۾ ڄائو. هو ترڪ شاعر، ڊرامانويس، ۽ ناول نگار هو. هن سترهن ورهين جي عمر ۾ ئي شاعري ڪرڻ شروع ڪئي.
هن کي پابلو نرودا وانگر عشق ۽ انقلاب جو شاعر چيو وڃي ٿو. اهڙي ئي قسم جو شاعر فيض احمد فيض به ناظم حڪمت مان گهڻو متاثر هيو ۽ هن ان جا ڪجهه شعر اردوءَ ۾ ترجمو پڻ ڪيا. جيڪي امداد حسينيءَ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا آهن ۽”تنهنجي ساگر نيڻن ۾“ ڪتاب ۾ شامل آهن. امداد هن جو اهو نظم به ترجمو ڪيو آهي جيڪو هن پنهنجي روسي زال ”ويرا“ لاءِ لکيو هو. امداد جو ترجمو مان هتي ڏيان ٿو:
هن چيو آءُ
۽ هن چيو ترس،
۽ هن چيو مُرڪ،
۽ پوءِ چيائين مري وڃ!
آنءُ آيس،
۽ ترسيس،
۽ مُرڪيس،
۽ پوءِ مري ڀي ويس!
ناظم حڪمت کي پهريون جديد ترڪ شاعر چيو وڃي ٿو ۽ هن جو شمار سڄي دنيا ۾ ويهين صديءَ جي بهترين شاعرن ۾ ٿئي ٿو. هن جي گهڻي شاعري طبقاتي تضادن ۽ سماجي انصاف جي موضوعن تي آهي. نظرياتي طور تي هو هڪ ڪميونسٽ، سوشلسٽ هو جنهن ترڪ شاعريءَ کي پنهنجي فن ذريعي انقلابي رنگ ڏنو. پنهنجي سياسي وابستگيءَ جي ڪري هو ڪيتروئي عرصو جيل ۾ رهيو ۽ جلاوطن رهيو. هو روس ۾ به چڱو وقت رهيو جتي هن ڪافي شاعري ۽ ٻيا ليک لکيا. هو 3 جون 1963 تي دنيا ڇڏي ويو.
ناظم حڪمت هيرو شيما ۾ آمريڪا هٿان هنيل دنيا جي پهرئين ايٽم بم خلاف هڪ ڇوڪريءَ جي زباني هڪ شاندار نظم لکيو هو جيڪو سڄي دنيا جي ماڻهن کي هڪ اپيل آهي. ان نظم ”هيروشيما جي ٻارڙي“ ۾ هو لکي ٿو ته:
مان هر دورازي تي اچي دستڪ ڏيان ٿي،
پر منهنجي خاموش آواز کي ڪوبه نه ٿو ٻُڌي،
مان دروازا کڙڪائيندي رهان ٿي ۽
ماڻهن کي نظر نه ٿي اچان،
ڇاڪاڻ جو مان مري چُڪي آهيان.
مان فقط ستن سالن جي هيس،
جڏهن مان مري وئي هيس،
گهڻو اڳ هيرو شيما ۾،
مان اڃا تائين ستن سالن جي آهيان،
ڇو ته جڏهن ٻار مري ويندا آهن،
تڏهن انهن جي عمر ناهي وڌندي.
پهريون بارودي باهه منهنجا وار ۽ ڪپڙا ساڙيا هئا
۽ پوءِ منهنجو سڄو وجود،
پوءِ منهنجا هڏا رک ٿي ويا.
مون کي ميوا ۽ ماني نه کپي،
نه ئي مون کي مٺيون شيون کپن،
مان ته مُئل آهيان،
مون کي پنهنجي لاءِ
ڪجهه به نه کپي.
مان فقط اهو ٿي چاهيان ته،
توهان امن لاءِ اُٿو ۽ وڙهو،
ته جيئن هن دنيا جا ٻيا ٻار،
خوشيءَ سان رهن،
وڌن ۽ ويجهن، کلن ۽ کيڏن.
****
[b]گيت[/b]
گيت انسان جا انسان کان سهڻا آهن،
گيت انسان جا اُميّد ڀريا، درد ڀريا،
گيت انسان جا انسان کان وڌ جيئن ٿا،
گيت انسان جا دائم ٿا رهن، آهه مگر فاني هُو.
پيار انسان کان به مون گهڻو ڪيو آهي
هن جي گيتن سان، سندس شعرن سان.
گيت زندهه ٿا رهن ڀل وڃي ماڻهو به مري،
گيت ناهن جتي، جيون به اتي ڪونهي ڪو
مون کي دوکو نه ڪڏهن گيت ڏنو جيون ۾،
جنهن به ٻوليءَ ۾ هجي آنءُ اهو سمجھان ٿو،
گيت جي آهه سدا هِڪَّ ئي ٻولي هوندي،
جا خوشي مون کي ملي آهه هتي گيتن مان،
سا خوشي ٻي نه ڪنهنين شيءِ مان ملي آ مون کي،
کاڌي پيتي جي ڪنهين شيءِ مان نه ئي سير منجھان،
گيت ئي سڀ کان وڏي آهه خوشي جيون جي.
****
[b]زال ڏانهن خط
[/b]
توڙي جو مان جيل ۾ هان ، پر
منهجي تخيّل ٻاهر هر هڪ
شيءِ کي دل ۾ سمايو آهي.
منهنجون نگاهون شاخون آهن
جن تي کڙن ٿا سهڻا گل.
تون جا منهنجو جيون آهين،
منهنجي پياري جيون ساٿي!
توکي سڀ ۾ مان ڳوليان ٿو،
توکي سمندر ۾ ڳوليان ٿو،
توکي ستارن ۾ ڳوليان ٿو،
مان راتين جي خاموشين ۾،
اڪثر سوچن ئي سوچن ۾،
پنهنجي وطن ۾ ويندو آهيان،
۽ يارن جي وچ ۾ ويهي،
ٻرندڙ مچ جي روشنين ۾،
تنهنجو سهڻو مُنهن ڏسندو هان.
انسانيت سان محبت آهي،
مون کي ماڻهن سان محبت آ،
محبت آ تحريڪن ۽ تحريرن سان،
محبت آهه بلند ارادن سان،
۽ تن سڀني چيزن سان ئي،
تون به جڙيل آن منهنجي ملڙي،
منهنجي پياري جيون ساٿي!
مون کي توسان محبت آهي.
****
[b]آزاديءَ جو خواب
[/b]
سَٺّ ورهين جي عمر ۾ ڀي مان،
ساڳيو پراڻو خواب ڏسان ٿو.
ان جي پويان آنءُ وڃان ٿو،
جيڪو خواب نَون سالن جي،
عمر ۾ آنءُ ڏٺو هو.
هجر کسيو آ ڇا ڇا مون کان!
ڪيڏيون آسون ۽ درد کسيا،
جن ۾ ڦڻي ڏيندو هوس آئون،
سي وار کسيا،
جن سان هٿ ملائيندو هوس،
سي هٿ کسيا.
خواب انهيءَ ۾ مون گُهميو هو،
يورپ، ايشيا ۽ افريڪا،
پر امريڪا انڪار ڪيو ۽ ويزا ڪين ڏنو،
سارو جهان گُهمڻ ۾ مون کي،
درياهن، صحرائن ۽ جبلن کان وڌ
انسانِ وڻيا،
محبت ساري مون انسانن سان ئي ڪئي.
قيد ۾ آزاديءَ جو ڪِرڻو،
خواب رهيو سو منهنجي لاءِ،
منهنجي جلاوطنيءَ ۾ سو هو،
سُڪّل مانيءَ جو ساٿي به بڻيو،
جڏهين راتيون ٿينديون آهن،
صبح نوان ايندا آهن،
منهنجي وطن جي آزاديءَ جو،
خواب، جو ننڍ پڻ منجھه ڏٺو هو،
منهجي آڏو ايندو آهي!
قاضي نذرالسلام : بنگال جو انقلابي شاعر
قاضي نذرالسلام ، ٽئگور کان پوءِ بنگال جي شاعريءَ جو تمام وڏو نالو آهي. هن تڏهن لکڻ شروع ڪيو جڏهن بنگالي ٻوليءَ ۾ ٽئگور پنهنجي شاعريءَ جي جادوگريءَ سان ماڻهن کي حيران ڪندو هو. ٽئگور جي سحر ۾ جڪڙيل بنگال بين ڪيترن ئي (ان دور جي شاعرن) طرف ڪو خاص ڌيان ئي نه پئي ڏنو. بس اهڙي صورتحال ۾ قاضي نذرالسلام ئي ماڻهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هن جا پُرزور انقلابي ۽ رومانوي شعر ڏاڍا مقبول ٿيا ۽ هن کي پذيرائي ملي.
نذرالسلام 24 مئي 1899 تي بنگال جي هڪ مسلمان گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. هو ننڍپڻ کان ئي ڏاڍو غريب، محروم، ڏکن جو سٽيل پر تخليقي ۽ باغي ماڻهو هو. ننڍپڻ ۾ ئي هن جو پيءَ هن کان وڇڙي ويو، جنهن جي ڪري هو غريب رهيو ۽ چڱي طرح اسڪول جي پڙهائي به حاصل نه ڪري سگهيو. هو ننڍپڻ ۾ ٻه ڀيرا گهران ڀڄي ويو هو ۽ ٻئي دفعا وري واپس به موٽي آيو. غربت سبب هن هڪ هنڌ بورچي ٿي پڻ پيٽ پاليو.
1922 ۾ هن جو مجموعو ”باغي“ شايع ٿيو، جنهن کان پوءِ هو تمام گهڻو مشهور ٿيو. ان مجموعي ۾ هن جو آواز گهڻو مزاحمتي هو ۽ هن انهن سڀني ماڻهن کي پنهنجو ڪردار بڻائي پيش ڪيو جيڪي سماج ۾ اڻ برابريءَ جو شڪار آهن. جيڪي مزدو، هاري ۽ پورهيت آهن. هن جي شاعري مظلوم ماڻهن کي اُتساهيندڙ هئي ۽ انهن جي حقن جي ترجمان پڻ. هن هڪ رسالو به ڪڍيو، جنهن ۾ هن جا انقلابي گيت ۽ لکڻيون هونديون هيون. هڪ ڀيري پوليس ان رسالي جي دفتر تي ڇاپو هڻي هن کي گرفتار ڪيو. هن جيل واري عرصي ۾ پڻ ڪافي شاعري ڪئي.
قاضي نذرالسلام جي زندگيءَ ۾ هڪ تبديليءَ جو موڙ تڏهن آيو جڏهن هن جي ماءُ ۽ هن جو پُٽ ”بُلبل“ فوت ٿي ويا. انهن ٻنهي ويجھن رشتن جي وڇوڙي هن کي صفا جھوري وڌو ۽ هو هڪ انقلابي ۽ باغي ماڻهوءَ مان تبديل ٿي هڪ صوفي ۽ ديندار ماڻهو ٿي ويو. هن جي زال کي فالج ٿي پيو جنهن جي ڪري پڻ هو ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ هن جي علاج لاءِ هن پنهنجي لائبريريءَ جا ڪتاب ۽ گرامافون چار سئو روپين جي عيوض گروي رکيا. ٽئگور جي وفات پڻ هن کي وڏو دلي صدمو رسايو. مطلب ته هو سڄي عمر ڏکن ۾ گذاريندو رهيو ۽ شعر لکندو رهيو.
هن هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”مان شاعر آهيان. خدا مون کي هن دنيا ۾ ان ڪري موڪليو آهي ته جيئن مان اهو ڪجهه بيان ڪري سگهان جيڪو بيان ناهي ٿي سگهيو. منهنجي شاعريءَ مان جيڪي آواز نڪرن ٿا، اهي خدا جو پيغام آهن. خدا کي فقط شاعر جي آواز منجھان ئي ٻُڌي ۽ سمجھي سگهجي ٿو.“
****
[b]باغي[/b]
آنءُ باغي آهِيان!
آنءُ باغي آهِيان!
هُو هماليا ڀي جھُڪائي
ڪنڌ ٿو منهنجي اڳيان.
آنءُ ڪو سيلاب آهيان،
ڪا تباهي آهِيان،
رحم ڪونهي ڪو به مون کي،
مان ڀڃان ٿو،
ٽوڙِيان ٿو،
جو به مون آڏو اچي ٿو،
ڪين منهنجو قاعدو آ،
ڪين ڪو قانون آهي،
مان اصولن، قاعدن کي ،
پنهنجي پيرن سان چِٿيان ٿو!
هَٿَّ ۾ هڪڙي سُريلي بانسري آ،
هَٿَّ ۾ ٻئي آهه منهنجي
جنگ جو ڪوئي بگل.
آنءُ ڪومل پيار آهيان،
سورنهَن سالن جي سهڻي سانوريءَ جو،
آنءُ بيوهه زائفان جي دل سندو
لڙڪ لاڙيل آهِيان،
بدنصيبن جو ٿڌو مان ساهه آهيان،
بي گهرن ۽ دربدرن
جو ڪوئي مان درد آهيان،
ڏکُّ آهيان،
سُور آهيان،
جو سلي ٿوڪين سگهجي،
ڪنهن ڪنواري ڇوڪريءَ جو ڇرڪ آهيان،
پهريون ڀيرو جو ڇُهڻ تي هوءَ ڀري ٿي،
آنءُ هن جي چوڙين جي ڇڻڪ آهيان،
آنءُ برقعي مان به گُهوريندڙ نگاهون آهِيان،
ڳوٺ جي مان ڪا لڄاري چوڪري هان،
جا ڊڄي ٿي پنهنجي سامايل وهيءَ کان،
آنءُ ڪو بي هوش آهيان روح ۾
ڪنهن هوش وانگر.
آنءُ ٻيلي جي اَجهل ڪا باهه آهيان،
مان زمين ۽ آسمان ڏي
هان کڻي پيغام ويندو انقلابن جا سدا.
آنءُ آسانيءَ سان پاڙئون پٽيندس،
هيءَ ڌرتي
۽ ڪندس تخليق ٻي ڪا ڪائنات،
امن جي ۽ آشتيءَ جي ڪائنات!
آنءُ باغي آهيان!
آنءُ باغي آهيان!
(قاضي نذرالسلام جي نظم ”باغي“ جي ڪجهه بندن جو ترجمو)
****
[b]پتنگ[/b]
عشق جي هر دم نشي م چُور آهيان،
۽ سڄي دنيا کان آئون
بي خبر ۽ دُور آهيان.
مون ڇڏي مسجد، ٻُڌو جڏهين خدا جو سَڏُ يارو!
مون ڇڏيو روزو ۽ جنّت جو تصور هاڻ سارو.
جيئن شيرينءَ سان ڪندو فرهاد هو،
تيئن ڪيان ٿو
عشق مان پنهنجي خدا سان
پاڻُ پنهنجو مان وڃائي،
بس انهيءَ سان ئي ملان ٿو،
۽ انهيءَ جي عشق ۾ دنيا کان ٿيو هان بي خبر،
مان پتنگ آهيان وڃي جو مَچَ ۾ ٿو،
موت کان ڀي ڪين، ها جيڪو ڊڄي ٿو.
****
[b]تون نه وڃ!
[/b]
ڪير آهين؟
جا اڪيلي ٿي گهُمين هن باغ ۾؟
گُلّ پنهنجو پاڻ توتي ٿا ڪِرن،
پنهنجون پَتيون تنهنجي هر هڪ ئي قدم تي ٿا ڇٽين،
تنهنجي وارن جي مٺي! اڄ واس ۾،
باغ ڪمتر پاڻ کي ڀانئي پيو،
هيرَ گلڙن سان نه ٿي کيڏي مگر
تنهنجي وارن سان اچي کيڏي پئي.
هيءَ شفق آڪاس تي تو لاءِ ڄڻ ڪو آ لباس،
تنهنجي پيرن ساڻ چُنبڙن،
ٿيون وليون ساريون هتي،
ڪين سي چاهن پيون،
تون هتان واپس وڃين!
باغ جو ماحول سارو ٿو چوي،
تون هتان واپس نه وڃ!
تون هتان واپس نه وڃ!
نزار قاباني: جديد عربي شاعريءَ جو سرتاج
نزار قاباني جديد عربي شاعريءَ جو سُريلو ۽ نرالو آواز آهي. هي رومانس ۽ انقلاب جو عظيم شاعر 21 مارچ 1923 ۾ دمشق ۾ پيدا ٿيو. سندس ڪاليج وارن ڏينهن ۾ ئي هن بيحد خوبصورت شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. انهن ئي ڏينهن ۾ هن جو پهريون شعري مجموعو پڻ شايع ٿيو، جنهن ان وقت جي وڏن وڏن ۽ مشهور سينيئر شاعرن جو پڻ ڌيان ڇڪرايو ۽ کين متاثر ڪيو.
نزار قاباني جڏهن عمر جي پندرهين سال ۾ هو تڏهن هن جي ڀيڻ هڪ بي جوڙ شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ جڏهن هن تي اها شادي ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ويو ته هن خودڪشي ڪري ڇڏي. پنهنجي جوان ڀيڻ جي مرتئي قابانيءَ جي زندگي کي هڪ نئون موڙ پڻ ڏنو. ڀيڻ جي مرتئي تي قابانيءَ پنهنجو پاڻ سان واعدو ڪيو ته هو عورتن جي حقن لاءِ لکندو ۽ سماج ۾ موجود ناانصافين ۽ مدي خارج ريتن رسمن خلاف بغاوت ڪندو. ان کانپوءِ آخر تائين هن جي شاعري انهن سڀني سماجي بڇڙاين خلاف هڪ مزاحمتي آواز رهي.
مزاحمت سان گڏوگڏ هن جي شاعري عشق جو اهڙُو خوبصورت آبشار آهي جنهن کي ڏسندي ۽ پڙهندي حيران ٿي وڃجي ٿو. قابانيءَ جي عشقيه شاعري عورت ۽ مرد جي جسماني لاڳاپن ۽ جسم جي خوبصورتين جو پڻ بيان آهي. ان ڳالهه جو مقصد قطعي طور اهو ناهي ته هن وٽ عشق جو تصور فقط جسم جي مزن تائين محدود آهي. پر هن وٽ عشق حضرت عيسيٰ جي صليب تان رت ڳڙڻ واري عمل جهڙو پڻ آهي. هڪ نظم ۾ هن لکيو آهي ته “ منهنجي پياري! اها ڳالهه صحيح آهي ته منهنجي زندگي ۾ ڪيتريون ئي عورتون آيون آهن. پر ڇا توکي اها خبر آهي ته فقط تنهنجي عشق ۾ مون عيسيٰ وانگر رت ڳاڙيو آهي؟”
نزار قابانيءَ جنهن دور ۾ شاعري تخليق ڪئي سو دور عرب دنيا ۾ عشق ۽ آزاديءَ جي قيد جو دور هو. هن هڪ ڀيري چيو هو ته ”عرب دنيا ۾ عشق قيدي آهي. مان ان کي آزاد ڏسڻ ٿو چاهيان“. عشق جي آزاديءَ لاءِ هن جيڪي شعر لکيا اهي عرب دنيا جي عورتن ۽ مردن جي چپن ۽ دلين ۾ اڄ به موجود آهن. ان کان علاوه هن جا انقلابي شعر به ڄڻ ته عربن جي حقيقي آزاديءَ جا ترانا آهن جن مان هينئر به اتساهه وٺي، عرب پنهنجي منزل طرف پنڌ ڪن ٿا. هن جڏهن پنهنجي وطن کي رت ۾ وهنجدي ڏٺو تڏهن هن لکيو هو ”اي منهنجا محبوب وطن! تو مون کي هڪ پيار جي شاعر مان بدلائي هڪ رت روئندڙ محب الوطن شاعر بڻائي ڇڏيو آهي. “
عشق ۽ انقلاب جي موضوعن تي دنيا جي تمام گهڻن شاعرن لکيو آهن، پر انهن مان ڪجهه شاعرن کي پايندگي حاصل ٿي سگهي آھي. نه ته انقلابي شاعرن وٽ اڪثر ڪري ڇڙي نعري بازي ڏسڻ ۾ آئي آهي. نزار قابانيءَ جو شمار عشق ۽ انقلاب جي خوبصورت سنگم جوڙڻ وارن انهن شاعرن ۾ ٿئي ٿو جن ۾ فيض احمد فيض، شيخ اياز، پابلو نرودا، ناظم حڪمت، قاضي نذر السلام، محمود درويش وغيره شامل آهن.
نزار قابانيءَ ٻه شاديون ڪيون. ٻي شاديءَ هن هڪ عراقي خاتون بلقيس الراويءَ سان ڪئي. جيڪا پوءِ هڪ بم ڌماڪي ۾ فوت ٿي وئي. هن جي جدائيءَ قاباني کي گهڻو زندهه رھڻ نه ڏنو ۽ هو 30 اپريل 1988ع تي دل جي دوري پوڻ سبب هيءَ دنيا ڇڏي ويو. چيو وڃي ٿو ته عرب دنيا هن جي موت جو سوڳ ائين ڪيو هو جيئن ڪنهن ويجهي مائٽ ۽ محسن جو ڪبو آهي.
محمود درويش 13 مئي 1942 ۾ فلسطين جي علائقي ۾ هڪ ڳوٺ البروا ۾ پيدا ٿيو. اهو خوبصورت ڳوٺ سهڻين پهاڙين ۽ سرسبز وادين سان ڀريل هو. جڏهن هو ڇهن سالن جو ٻار هو تڏهن اسرائيلي فوج رات جي اونداهيءَ ۾ ٻين ڳوٺن سان گڏ محمود درويش جي ڳوٺ کي به ڍير ۾ بدلائي ڇڏيو. ٻين گهراڻن وانگر هن جو خاندان پڻ لڪي ڇپي، لڏي وڃي لبنان پهتو جتي ٻين فلسطيني مهاجرن وانگر اقوامِ متحده جي خيرات ۽ ريڊڪراس جي راشن تي هُن هڪ سال کان وڌيڪ وقت ڪاٽيو. محمود درويش پيدائشي شاعر هيو ۽ اهي واقعا هن جي ڪچڙي ذهن تي سڄي عمر لاءِ نقش ٿي ويا ۽ ان وقت جي اذيت ۽ ڪاوڙ هن جي سڄي زندگيءَ ۾ ملي ٿي. هن هڪ هنڌ لکيو آهي ته:
”هڪ دفعي منهنجو پيءُ مون کي لڪ ڇپ ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ وٺي هليو هو. اسين انهن کنڊرن وچان لنگهيا سين. مان اٺن سالن جو هوس پر اهو ڄاڻان پيو ته وطن ۾ بي وطن هجڻ جي اذيت ڇا ٿيندي آهي. پنهنجي گهرن ۾ چورن وانگر اچڻ ڪيڏو نه تڪليف ڏيندڙ هوندو آهي! مون کي پنهنجي پيءُ جي خاموشي اڃا تائين ياد آهي. انهيءَ رات منهنجو ٻالڪپڻو ختم ٿيو هو ۽ مان زندگيءَ جو پهريون شعر لکيو هو. اهو شعر پنهنجي مقتول وسنديءَ سان لاڳاپيل يادن بابت هو. عام سٽون هيون پر انهن ۾ منهنجو ڏک ۽ منهنجا لڙڪ هئا. انهيءَ رات مان ٻار مان تبديل ٿي هڪ شاعر ٿي ويس.“
درويش جو پهريون شعري مجموعو ”پَرن کان سواءِ پکي“ ان وقت ڇپيو هو جڏهن هن جي عمر اڻويهه سال هئي. هن جي شاعري مظلوم طبقي جو آواز بڻجي وئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي فلسطيني عوام هن جي شاعريءَ کي پنهنجي جلسن ۽جلوسن ۾ پڙهڻ لڳو ۽ نعري وانگر ڪم آڻيندو رهيو. اڪثر جيل ۾ رهندڙ ۽ پنج سال پنهنجي گهر ۾ نظر بند رهندڙ هي انقلابي شاعر پوءِ به ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سرگرمين ۾ شامل هوندو هو. 1973 ۾ هن ياسر عرفات جي تنظيم ۾ شموليت اختيار ڪئي. هي عظيم فلسطيني اڳواڻن جارج حباش ۽ ليليٰ خالد جي ويجھن دوستن منجھان هو. محمود درويش اردو ٻوليءَ جي عظيم ۽ ترقي پسند شاعر فيض احمد فيض جي پڻ ويجھو رهيو. توڙي جو هو فيض صاحب کان ٽيهه سال ننڍو هو پر پوءِ به فيض هن جي شاعراڻي عظمت جو اعتراف ڪندو هو ۽ هن جي عزت ڪندو هو.
بيروت تي حملي دوران جڏهن فلسطين جو انقلابي ريڊيو هلائي رهيو هو تڏهن هو پاڻ فلسطيني مجاهدن سان گڏ اسرائيلي فوج سان جنگ ۾ مصروف هو. هو فقط لفظ لکندڙ نه پر خون ڏيندڙ شاعر به هو ۽ فقط ڪنهن ڪمري ۾ ويهي نظم نه لکندو هو پر عملي طور تي پڻ انقلاب لاءِ جدوجهد ڪندو هو. درويش پاڻ به چيو هو ته هو شاعرن جي ان خاندان سان تعلق رکي ٿو جنهن ۾ روس جو ماياڪو وسڪي، ترڪيءَ جو ناظم حڪمت، چليءَ جو پابلو نرودا، اسپين جو لورڪا ۽ پاڪستان جو فيض احمد فيض شامل آهن.
9 آگسٽ 2008 تي محمود درويش دل جي دوري ڪري هيءَ دنيا ڇڏي. هن جي وڇوڙي تي فلسطين ۾ ٽي ڏينهن سرڪاري طور تي سوڳ ملهايو ويو.
[b]شناختي ڪارڊ
[/b]
ها، لک!
مان هڪ عرب آهيان
۽ منهنجي ڪارڊ جونمبر
پنجاهه هزار آهي،
منهنجا اٺ ٻار آهن،
نائون هن سال ٿيندو.
ان ۾ ڪاوڙ ڪرڻ جي
ڪهڙي ڳالهه آهي؟
ها، لک!
مان هڪ عرب آهيان،
پٿر ڪُٽيندڙ مزورن سان گڏ،
ڪم ڪندو آهيان،
مون کي اٺ ٻار آهن
انهن لاءِ ٽڪرين منجھان ماني ،
ڪپڙا ۽ لکڻ جون ڪاپيون،
تراشيندو آهيان،
تنهنجي در تي پنڻ ناهيان ويندو،
مون کي ڪمتر نه سمجھه،
ان ۾ ڪاوڙ ڪرڻ جي
ڪهڙي ڳالهه آهي؟
ها، لک!
مان هڪ عرب آهيان،
ڪنهن نالي، ڪنهن لقب کان بغير،
هڪ اهڙي شهر ۾ آهيان،
جتي هر شيءِ
ڪاوڙ جي ڪُن ۾ زندهه آهي،
منهنجون پاڙون،
وقت جي پيدائش کان اڳ،
زمانن جي شروع ٿيڻ کان اڳ،
صنوبر ۽ زيتون جي وڻن کان اڳ،
ٻج ڦٽڻ کان اڳ،
قائم هيون،
منهنجي پيءُ جو تعلق،
“هل” خاندان سان هو،
ڪنهن وڏي گهراڻي سان نه.
منهنجو گهر چوڪيدار جي
جھڳي آهي،
ڪکن ۽ ڪانن جي ٺهيل،
منهنجو رتبو ڄاڻي وئين؟
مان هڪ نانءُ آهيان،
بغير ڪنهن ذات جي.
ها، لک!
مان هڪ عرب آهيان،
وارن جو رنگ - ڪارو،
اکيون- ناسي،
منهنجو پتو، هڪ ڳوٺ،
ڏورانهون، وسريل ڳوٺ،
جنهن جون ڳليون،
بي نام آهن،
رهائش، ٻنين ۽ کاڻين ۾
ان ۾ ڪاوڙ ڪرڻ جي
ڪهڙي ڳالهه آهي؟
ها، لک!
مان هڪ عرب آهيان،
تو منهنجي وڏڙن جون،
ٻنيون چورايون،
جنهن ۾ اسين ان اپائيندا هئاسين،
تو منهنجي پوٽن ۽ پوٽين لاءِ
ڪجهه به ناهي بچايو،
انهن ٽڪرين کان سواءِ
جن بابت چوندا آهن ته،
توهان جي حڪومت واپس وٺندي.
ها، لک!
مان ماڻهن کان نفرت ناهيان ڪندو،
مان ڪنهن جي به علائقي
مان ناهيان گذرندو،
پر جيڪڏهن مون کي بُک لڳي،
ته غاصب کي ڪچو
کائي ويندس.
ڊڄ، ڊڄ!
منهنجي بُک کان،
منهنجي ڪاوڙ کان.
**
[b]جلاوطن سياسي ڪارڪن جو ماءُ ڏانهن خط
[/b]
تنهنجي لاءِ تمام گهڻو پيار
۽ نيڪ تمنائون،
ٻيو ڀلا ڇا ٿو چئي سگهان؟
ڪٿان شروع ڪيان ۽
ڪٿي ختم ڪيان؟
وقت تيزيءَ سان گذري رهيو آهي
۽ هن جلاوطنيءَ ۾،
مون وٽ
سواءِ ماني، اداسي ۽
محرومين سان ڀريل هڪ ڪتاب جي،
ڪجهه به نه آهي.
ڪٿان شروع ڪيان ؟
اهي سڀ ڳالهيون جيڪي
چيون ويون آهن يا
چيون وينديون،
مون کي منهنجي گهر نه وٺي وينديون،
نه مِينهن وسائي سگهنديون،
۽ نه ئي ٿڪل ۽ وڇڙيل پکين کي
نوان پَرَ ڏئي سگهنديون.
ريڊيو تي هڪ پيغام،
هن کي ٻُڌايو ته مان ٺيڪ آهيان،
مان جھرڪيءَ کي چوان ٿو،
جيڪڏهن تون اُتان گذرين،
ته منهنجو نياپو نه وسارجان!
هن کي ٻڌائجان ته مان ٺيڪ آهيان،
ٺيڪ آهيان، ها ٺيڪ آهيان.
منهنجي نظر اڃا ٺيڪ آهي.
مان ڏسي سگهان ٿو.
آسمان اڃا چنڊ کان محروم ناهي ٿيو.
منهنجا پراڻا ڪپڙا.
اڃا منهنجي جسم تي موجود آهن.
ڪٿان ڪٿان ڦاٽي ضرور پيا هئا،
پر مان سبي ڇڏيا هئا.
هاڻي بلڪل ٺيڪ آهن.
مان هاڻي ويهه ٽپي چڪو آهيان،
امان! مون کي ڪڏهن ڏس!
مان مردن وانگر،
زندگيءَ جو بار کڻي رهيو آهيان،
هڪ هوٽل تي ڪم ڪندو آهيان،
ٿانءَ ڌوئندو آهيان،
گراهڪن لاءِ چانهہ ٺاهيندو آهيان،
اداس مُنهن تي مصنوعي مرڪ،
اوڍي رکندو آهيان،
ته جيئن هو آرام سان ويٺا رهن.
مان هاڻي ڀت کي ٽيڪ ڏئي،
جوان ڇوڪرين کان حال احوال پڇندي،
سگريٽ به پيئڻ لڳو آهيان.
ڇوڪريون نه هجن ها ته
زندگي برداشت ڪرڻ کان ٻاهر هجي ها.
منهنجا دوست هڪ مانيءَ جو
سوال ڪندا آهن،
ان ماڻهوءَ جي به ڪهڙي زندگي،
جيڪو رات جو،
هر رات جو بکئي پيٽ سمهي.
مان ٺيڪ آهيان،
مون وٽ ماني آهي
مانيءَ سان گڏ ٻوڙ به آهي،
مون ريڊيو تان جلاوطن ساٿين جا
پيغام ٻڌا،
سڀ ائين ئي چوندا آهن،
ته ”اسين ٺيڪ آهيون.“
ڪير به ائين ناهي چوندو ته
”اسين ناخوش آهيون “.
بابا جا ڪهڙا حال آهن؟
ڇا هُو اڃا تائين نمازون پڙهندو آهي؟
ڇا هو اڃا تائين ٻارن سان،
زمين سان ۽ زيتون جي ٻوٽن سان،
محبت ڪندو آهي؟
۽ منهنجا ڀائر ڪيئن آهن؟
ڇا اهي ماستر ٿي ويا آهن،
جيئن بابا چاهيندو هو؟
امان! توکي خبر آهي ته
منهنجون اکيون ڇو آليون ٿي وينديون آهن؟
فرض ڪر ته مان ڪنهن شام جو،
بيمار ٿي پوان
ته ڇا رات مون تي ترس کائيندي؟
ڇا ان وڻ کي،
جنهن جي هيٺان مان ڪرندس،
هي معلوم ٿيندو،
ته هي مردو به ڪڏهن انسان هو؟
ڇا هو منهنجي لاش کي ڳجھن کان بچائي سگهندو؟
[b]اداس لهجي ۾ ٻڌائي ويندڙ هڪ ڪهاڻي
[/b]
اسان جي ملڪ ۾،
نهايت اداس لهجي ۾ ٻڌائي ويندي آهي،
منهنجي ان دوست جي ڪهاڻي،
جيڪو ويو ۽ وري واپس نه آيو.
هن جو نالو------
هن جو نالو وٺڻ جي ضرورت ناهي،
لفظن کي سيني ۾ سلامت رکو،
نه ته انهن کي هوا،
خاڪ وانگر اڏائي ويندي،
انهن کي دلين ۾ ئي رهڻ ڏيو،
هو هڪ اهڙو زخم آهي جيڪو،
شفا جي پهچ کان پري آهي.
منهنجا عزيزو! مان پريشان آهيان،
ڪٿي اسين هن جو نالو،
وساري نه ويهون،
ياد رهجي ويندڙ انهن نالن جي
کوٽ ۾،
ڪٿي اسين هن کي وساري نه ويهون،
مون کي انديشو آهي،
سردين جي بارش ۾، طوفان ۾،
ڪٿي اسان جي دلين جا زخم،
سُمهي نه پون.
هن جي عمر-----
هو ته هڪ مکڙي هو جنهن کي،
هڪ به برسات ياد ناهي،
هن ڪڏهن چانڊوڪي رات ۾،
ڪنهن محبوبا جي ديوار جي ويجھو بيهي،
ڪو گيت نه ڳايو هو،
هن جون نگاهون ڪڏهن ڪنهن گذرندڙ،
خواھش جي پويان نه ڊوڙيون هيون،
ھن ڪڏهن ڪنهن ڇوڪريءَ کي چميو يا
ڪڏهن محبت جو اظهار نه ڪيو هو.
زندگيءَ ۾ صرف ٻه ڀيرا هن هڪ ڇوڪريءَ
کي ڏسي ٿڌو ساهه ڀريو هو،
پر هن مُڙي هن ڏانهن نه ڏٺو هو،
هو ڏاڍو ننڍو هو،
هوءِ ڇوڪري ۽ اها اُميد،
هن جي پهچ کان ٻاهر هئي.
اسان جي ملڪ ۾ هن جي ڪهاڻي
ٻڌائي ويندي آهي،
هن وڃڻ وقت پنهنجي ماءُ کان نه موڪلايو هو،
دوستن کي به نه ٻڌايو هو،
ڪو پيغام به نه ڇڏيو هو،
انديشن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ،
ڪا ڳالهه نه ڪئي هئائين،
پنهنجي ماءُ لاءِ ڊگهن راتين کي،
وڌيڪ طويل ڪري ويو،
جيڪا هاڻي،
آسمان سان، هن جي شين سان،
هن جي هنڌ سان، هن جي سُوٽ ڪيس سان،
ڳالهيون ڪندي رهي ٿي.
اي رات، اي ستارا، اي خدا، اي ڪڪر!
ڇا توهان منهنجو اهو اڏندڙ پکي ڏٺو آهي؟
هن جون اکيون ٻه چمڪندڙ ستارا هيون،
هن جا هٿ گلدستا هئا،
هن جو سينو چنڊ ستارن جو وهاڻو هو،
هن جا وار هوا ۽ گلن وانگر لهرائيندا هئا،
ڇا توهان ڪو اهڙو مسافر ڏٺو،
جيڪو اڃا سفر جي قابل به نه ٿيو هو؟
۽ جيڪو پاڻ سان گڏ ماني به نه کڻي ويو هو،
هن جي بک جي ڪنهن کي ڳڻتي هوندي؟
هن سان ڪير همدردي ڪندو؟
هو اجنبي آ، اوپرو آ،
هتي ڪيترا حادثا ٿين ٿا،
منهنجا پُٽ! منهنجا پُٽ!
اي رات، ستارو، راهون، ڪَڪر!
ان ماءُ کي ٻڌايو ته،
اسان وٽ ڪوبه جواب ناهي،
زخم لڙڪن کان وڏو هوندو آهي،
افسوس ۽ ڏک کان به وڏو،
تون حقيقت برداشت نه ڪري سگهندينءَ،
ڇو ته تنهنجو پُٽ مري چڪو آهي،
اي امڙ!
پنهنجي لڙڪن کي نه پَٽ!
لڙڪن جون به پاڙون هونديون آهن،
انهن لڙڪن کي هر شام لاءِ بچائي رک،
جڏهن رستا لاشن سان ڀرجي وڃن،
۽ تنهنجي پُٽ وانگر،
مسافرن کي رستو نه ملي،
تون پنهنجا لُڙڪ اُگهي وٺ!
۽ انهن پيارن ۽ اجنبين جي يادگار طور،
ڪجهه لڙڪ محفوظ ڪري وٺ،
جيڪي هن کان اڳ شهيد ٿي ويا آهن،
پنهنجا لڙڪ نه پٽ!
انهن لڙڪن کي بچائي رک!
شايد سڀاڻي هن جي پيءَ لاءِ،
هي جي ڀاءُ لاءِ، هن جي دوستن لاءِ،
انهن جي ضرورت پوي،
اسان جي ايندڙ ڏينهن لاءِ
ڪجهه لڙڪ بچائي رک!
اسان جي ملڪ ۾ هن جي ڪهاڻي
ٻڌائي ويندي آهي،
جيڪو ويو ۽ وري واپس نه آيو،
هن ڪيئن جان ڏني،
ڪيئن گوليون هن جي مُنهن ۽ سيني ۾،
کُپي ويون،
ان جي وضاحت نه ڪر!
مان هن جا زخم ڏٺا آهن،
زخمن جي گهرائي ڏٺي آهي،
پر مان ٻين ٻارن جو سوچي رهيو آهيان،
۽ انهن جي هٿن ۾ ٻارن جون گاڏيون آهن،
پيارا دوستو!
اهو نه پڇو ته هو ڪڏهن واپس ورندو،
فقط ايترو پڇو ته،
ماڻهو هن جي ڳولا لاءِ ڪڏهن نڪرندا؟
ڪڏهن اُٿندا؟؟