ناول

ھمہ اوست

”همہ اوست“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار آغا سليم جو مشهور ناول آهي. هي ناول 1985ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو هو.
اسين ٿورائتا آهيون محترم شاهنواز سومري صاحب جا جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۽ فيسبوڪ جي آنلائين ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 4578
  • 1934
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ھمہ اوست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر اٺياسي (88) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”همه اوست“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار آغا سليم جو مشهور ناول آهي. هي ناول 1985ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو هو.
اسين ٿورائتا آهيون محترم شاهنواز سومري صاحب جا جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۽ فيسبوڪ جي آنلائين ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي.
اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com

اداري پاران

آغا سليم جو نئون ناول ’ھمه اوست‘ اوھانجي آڏو آھي. ھن ناول کان اڳ سندس ٻه ڪتاب ’اونداھي ڌرتي روشن ھٿ‘ ۽ ’ڌرتي روشن آھي‘ کي شايع ڪرڻ جو شرف به نيو فيلڊس کي حاصل رھيو آھي. انشاالله جلدي سندس ڪجھه ٻيا ڪتاب به شايع ڪبا. اسان کي پوري اميد آھي ته ’ھمه اوست‘ ناول سندس گذريل ٻن ڪتابن کان به وڌيڪ مقبوليت حاصل ڪندو.


ادارو

حصو پهريون

شام لٿي ۽ نيڻ نھار تائين پکڙيل ٻيلو شفق جي رنگن ۾ جرڪڻ لڳو.
ٻيلي جي پاسي کان وھندڙ سنڌوءَ جي ميرانجھي پاڻيءَ ۾ شفق رنگ پئجي ويا.
ھوا جو تيز جھوٽو لڳو ۽ ڪپر سان بيٺل ٻيڙن جا اڇا اڇا سڙہ شفق جي ڳاڙھاڻ ۾ ڦڙڪڻ لڳا.
آسمان ۾ ڪَنگن جي قطار لنگھي.
ابابيل اُڏاڻا ۽ ڪا ولر کان وڇڙيل ڪُونج ڪرڪي.
وچ سِير ۾ ترندڙ ٻيڙيءَ ۾ ڪنھن راڳ ڳائڻ شروع ڪيو ۽ سندس ڏکويل آواز زخمي ڪونج وانگر ڦٿڪڻ لڳو.
آھستي آھستي رات پنھنجا پلوَ پکيڙيا ۽ ٻيلي سان لڳ وارياسي ميدان ۾ مچ، مشعلون ۽ فانوس ٻَري پيا.
اڄ سجاول خان سمي، ٺٽي جي مغل نواب سيد لطف عليءَ کي پنھنجي شڪارگاھه ۾ شڪار لاءِ سڏايو ھو ۽ درياھه جي ڪپر کان پرڀرو، ٻيلي سان لڳ، وارياسي ميدان ۾ ڄڻ ته شھر ٻَڌجي ويو ھو. مَنھه، ڇنا، تنبو. جھُلن وارا ڀٽارا ڏاند، سنجيل اُٺ ۽ گھوڙا، ڍڳي گاڏيون ۽ ڇڪڙا، اچ وڃ ۽ چوٻول. ديڳيون ٿي دميون ۽ ھرڻن جون سجيون ٿي تيار ٿيون. رکي رکي ٻيلي ۾ واءُ گھوگھٽ ٿي ڪيا، گدڙ اونائڻ ٿي لڳا ته زنجيرن سان ٻڌل شڪاري ڪتن ٻيلي ڏانھن رومڙ ٿي ڪئي ۽ پوءِ بي وس ٿي ڀؤنڪڻ ٿي لڳا. گھوڙن ٽاھه کائي، نرا کڻي ھڻڪار ٿي ڪئي.
منھن، ڇنن ۽ تنبن کان پرڀرو، درياھ طرف، نواب جو ڪاري رنگ جو ريشمي تنبو لڳل ھو. تنبوءَ جي چئني ڪُنڊن تي مشعلون ٿي ٻريون ۽ زرھه بڪتر سپاھين ڀالا جھلي، پھرو ٿي ڏنو. مشعلن جي اُھاءَ ۾ پھريدارن جي زرھن ۽ ڀالن چمڪاٽ ٿي ڪيا.
نواب جي تنبوءَ کان ٿورو پرڀرو سجاول خان سمي، سندس پُٽ علي خان ۽ ڀائٽي سارنگ خان جا تنبو لڳل ھئا.
نواب سارو ڏينھن ٻيلي ۾ ھرڻن، ڦاڙھن، سوئرن ۽ تترن جو شڪار ڪيو ھو. شام جو وچ ميدان ۾ سوئر ۽ رڇ ڪتن جي ويڙھه ڏٺي ھئائين ۽ ملھن جي ميل ۾ مَلھن کي انعام ڏنا ھئائين. ھاڻي ٻيلي ۾ شام لٿي ھئي ۽ رات جي مانيءَ جي رڌ پچاءَ جون تياريون شروع ٿي ويون ھيون.

چنڊ چڙھيو ته درياھه ۾ چانڊاڻ وھڻ لڳي. ٿوريءَ دير اڳ اوندہ ۾ ويڙھيل ٻيلي تي چانڊاڻ وڇائجي وئي ۽ شاھي ٻيڙن جا اڇا اڇا سڙھه چانڊاڻ ۾ جرڪڻ لڳا. تنبوءَ جو ريشمي پردو ھٽيو ۽ چوڏھينءَ جي چنڊ اندر ليئو پاتو. ڦوٽھڙي جي واءُ جا جھوٽا اندڙ گھڙي آيا. واءُ ۾ ڦوٽھڙي جي ھٻڪار ھئي جيئن ڪنھن ڪنواري بدن ۾ ڦٽندڙ جوانيءَ جي ھٻڪار! نواب اونھون ساھه کنيو ۽ اندر ڦوٽھڙي جي اڻ لکي ھٻڪار سان ھٻڪارجي ويو. ھو پريان ٻيڙن جي سڙھن ۾ اٽڪيل چنڊ ڏانھن نھارڻ لڳو. چنڊ ھن کي ھميشہ ڪنھن اڻ ڏٺي پرينءَ جا پار ڏيندو ھو. اھڙو غم ۽ اھڙي اداسي ڏيندو ھو جنھن جو ڪو سبب نه ھو. دل ڄڻ سنگ مرمر جي اھڙي ويران مسيت جنھن ۾ نه قرآتون نه آيتون ۽ نه ڪڏھن ڪنھن سجدو ڪيو ھجي ۽ جنھن جي گنبذن ۽ مُنارن تي چنڊ چمڪندو ھجي.
نواب لطف عليءَ چنڊ کي تاج محل تي چمڪندو ڏٺو ھو. شاھي مسجد تي مُنارن تي چمڪندو ڏٺو ھو. گنگا جي پاڻيءَ ۾ تاج محل جي اولڙي سان کيڏندو ڏٺو ھو. پر سنڌ جي چنڊ ۾ عجيب اداسي ۽ سونھن ھئي. چنڊ کي مڪليءَ جي مقبرن تي چمڪندو، سنڌوءَ جي سِير ۾ لھرن ۾ لڙھندو ۽ ڪينجھر ۾ ڄام تماچيءَ جي ڊونڊيءَ وانگر ترندو ڏسي ھن جي دل الائجي ڇو اُداس ٿي ويندي ھئي. ھينئر ڦوٽھڙي جي چنڊ کي ليئو پائيندو ڏسي ھن جي دل اُداس ٿي وئي. ھن ڳيت ڏيئي جام خالي ڪيو ۽ مسند جي ڀر ۾ ويٺل ڪنيز ڏانھن نھاريو. ڪنيز جو چھرو چنڊ وانگر ٿي ٻريو. ھن کي سنھڙو ريشمي لباس پاتل ھو جنھن مان سندس بدن جي چانڊاڻ جھلڪا ٿي ڏنا. نواب کي پاڻ ڏانھن نھاريندو ڏسي ڪنيز بند مکڙيءَ وانگر کڙي پئي. نواب جون نظرون ڪنيز جي زلفن سان وچڙنديون، ڳلن کي ڇھنديون، خمدار ڳچيءَ تان ترڪنديون، سندس ريشمي چوليءَ مان ڪَني ڪڍندڙ چَنڊن تي کُپي ويون. ڪنيز يڪدم رسيل ميوي سان جھنجھيل ٽاريءَ وانگر جھڪي آئي ۽ نواب جو خالي جام ڀرڻ لڳي. نواب اونھون ساھه کنيو. ڪنيز جي زلفن مان مُشڪ، لڱن مان صندل ۽ ھٿن مان حِنا جي خوشبوءِ ٿي آئي. پر ھن جي پنھنجي خوشبوءِ ڪٿي ھئي. انسان ۾ پنھنجي به ته ھُٻڪار ٿيندي آھي، پنھنجي سڀاءَ جي سڳنڌ ھوندي آھي. اھو اڻ ڏٺو پرين ڪٿي آھي جنھن جي بدن ۾ انبن جي ٻُور جي کٽڙي کٽڙي خوشبوءِ ھئي ۽ جنھن جا پار چنڊ ڏيندو ھو.
نواب ڪنيز تان نظرون ھٽائي، مسند جي ڀر ۾، بخمل جي قالين تي، ريشمي طول وھاڻن کي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ميزبانن ڏانھن نھاريو. مسند جي ساڄي پاسي سجاول خان سمون ويٺو ھو. قداور مڙس، منھن تي مڙساڻي ڏيا ۽ نھٺائي. اڇي ڏاڙھي، اڇي پڳ ۽ اڇو سوٽي وڳو. نواب ھميشہ ماڻھوءَ کي ھن جي اکين مان پرکيندو ھو جو اکيون انسان جي روح جا روشندان ھونديون آھن. سجاول خان جون اکيون وڏيون ۽ ڪاريون ھيون. سندس اکين کي ڏسي اھڙي ڍَنڍ ٿي ياد پئي جنھن تي ڪائي ڄمي ويئي ھجي.
ڪنھن زماني ۾ ان ڍَنڍ جو پاڻي به نيرو ۽ اجرو ھوندو. ان ۾ به ڪنول کِڙيا ھوندا ۽ چنڊ لھرن ۾ لڏيو ھوندو، لھرن آسمان ۾ چمڪندڙ چنڊ ڏانھن اُلرون ڏنيون ھونديون ۽ ڪنارن کان اُٿلون کائي جھنگ بر به ٻوڙيا ھوندا. پر ھاڻي ته ڪنڌيءَ جا ڪانھن ٿي سُڪا ۽ ھر طرف چپ چپات ھئي.
نواب جي کاٻي پاسي سجاول خان جو پٽ علي خان ويٺو ھو. سھڻو، شھزادو، بھادر، خوش لباس، خوش گفتار ۽ خوش اخلاق. سندس ڳالھائڻ ٻولائڻ، اٿڻ ويھڻ صفا سجاول خان جھڙو ھو. عليءَ کي ڏسي سجاول خان جي جواني ٿي ياد پئي. عليءَ جون اکيون به پيءُ جي اکين جھڙيون وڏيون ۽ ڪاريون ھيون جن ۾ عجيب اطمينان ھو. ھن جي اکين کي دولت، شھرت يا اعليٰ رتبي جي ڪا بُک ڪانه ھئي. علي نواب جو منصبدار ھو ۽ نواب ھن جي ڪارڪردگيءَ کان خوش ھو. پر جي ھو نواب جو منصبدار نه به ھجي ھا ته به ھن جي اکين ۾ اھڙوئي اطمينان ھجي ھا. ھن جي اکين ۾ اطمينان سان گڏ عجب لذت پرستي ھئي ڄڻ ھن زندگيءَ مان سڀني لذتن کي نيپوڙڻ ٿي گھريو. ھينئر به ھن رکي رکي ائين ٿي ڪنيز ڏانھن نھاريو جو سندس نگاھن ڪنيز جي سَنڌ سَنڌ کي ليمي وانگر ٿي نيپوڙِيو.
عليءَ سان گڏ ھن جو سوٽ سارنگ ويٺو ھو. ڊگھو قد، سنھي چيلھه، ڀريل پٺا، ڪڻڪائون رنگ، ھلڪي ڪاري ڏاڙھي جيڪا سندس منھن تي ڏاڍي ٿي سونھين. ھن جون اکيون وڏيون ۽ عقابي ھيون جن ۾ عجيب بي چيني ھئي. ھن جي اکين کي ڏسي ائين ٿي لڳو ڄڻ ٻه عقاب شڪار لاءِ ڇپ ھڻي ھڻي ويٺا آھن ۽ وارو ملڻ سان ڀڙڪو ڏيئي شڪار کي چنبن ۾ ڀڪوڙي چيري ڦاڙي ڇڏيندا. ھن جي اکين ۾ شھرت، جاہ پرستي ۽ عظيم ڪارناما انجام ڏيڻ جا عزم ھئا. سارنگ کي منصبداري ڏيارڻ لاءِ سجاول خان نواب کي شڪار لاءِ سڏايو ھو. نواب سارنگ کي ڏسڻ سان اندازو لڳايو ته سارنگ جھڙو اقتدار پرست ماڻھو ھن لاءِ نھايت ڪارآمد ثابت ٿيندو.
نواب جي سامھون، چنڊ کي پُٺي ڏيئي چارڻن جا ٻه ٽولا ويٺا ھئا. سڀني کي ڪاريون پڳون ۽ اڇا وڳا پاتل ھئا. سڀني کي ڪاريون ڀنڀيون ڏاڙھيون، رڳو سندن اڳواڻ سانوڻ چارڻ جي ڏاڙھي اڌ اڇي ۽ اڌ ڪاري ھئي. سانوڻ جي اکين ۾ نھارڻ سان لڳو ٿي ڄڻ انھن اکين جي ھن پار اھو ميدان ھو جت دودي ۽ الادين جي جنگ لڳي ھئي.
ھوا جو جھوٽو لڳو. واءُ وڻن ۾ واڪا ڪيا، واءُ جي جھوٽي سان فانوسن جي وٽ ٿيڙ کاڌا، دھل تي ڌڪ لڳو ۽ چارڻن ڳالھه شروع ڪئي.

لک لڙيا لکنوءَ کان، لک اُلٽيا اوھيئڙا
پورب جيئن پلٽي پيا، جئن واڪا ڪري واءُ
الادين به آئيو، جت آلا ڪاٺ ٻرن
پوربي ۽ پڇمي، جتي ڪوھستاني به ڪڏن
ايران ۽ توران جا، کنا خوب کڙن
ڪڪا، ڪارا، ڪابلي، انت نه اُمرائن
نوَ لک، ڏہ ڇليون، اچي سنڌ وڪوڙي تن.

دُھل جو ڌڌڪو بند ٿيو. سانوڻ چارڻ واتين ويڻين ڳالھه شروع ڪئي. سندس گجندڙ آواز سانت جي سيني ۾ پڙاڏجڻ لڳو.
ننگرپار سڏايا
يارن جا نمونا ھوندا آھن
ھڪڙا جاني يار
ٻيا وري ائين سنگت ۾ ٺلھا يار ھوندا آھن
ننگر اٿيو
تراڙ کڻي، ليڪو ڪڍي، تراڙ اڇلايائين
”ادا، ھيءَ تراڙ آھي ننگ جي
ھتي شھپر کير ۾ ٻوڙيو
سڀاڻي جنگ جي ميدان ۾ رت ۾ رڱبا
زور نه آھي
جيڪو رضا خوشيءَ سان اچي.“
۽ پوءِ جيڪي جاني يار ھئا سي ٽپي پيا
ننگر پھلوان يار وٺي خوشيءَ وچان چاچي ڏي روانو ٿيو
ننگر چاچي کي پارت ڪئي
ننگر پارت ڪري جيجل ماءُ جي
فقير بيت جو بيان ڪري ٿو
ھي بيت شاعر ماڻھوءَ جي ڄمڻ جو ٺاھيو آھي

صاحب لاوي ساوڻي، درس چڙھي درياہ
ٻيلا ٻڏن ٻوڏ ۾، واھڙ وھي واہ
ساري حضرت شاہ کي، ھاري چڙھن نار
ٻج ڇٽي ٻنيءَ ۾، ڪري الہ توھار
سلا نپائجن ننڍڙا، ھڙيان ھڪلن جھار
ڪڏھين چونڪ ڍوڍي گل ڦاڙيا، سنگ نڪري ٿيا نروار
اچي پيڙن ڳاہُ فراق جو، ٿيا ڪڻا ڪڻي کان ڌار
ڪونڌر ھي ڪُسندو وڃي، تنھن الادين اڳيان
تنھنجي جيجل جوڳياڻي ٿيندي، جنھن جو پُٽ نه ڪو ڀاءُ

چنڊ کي اوچتو ڪاري ڪڪري ويڙھي ويئي، سنڌوءَ ۾ ڪنھن ڪڙڪا ڪيا. ٻيلي ۾ واءُ جا گھوگھٽ، چارڻن جو گجندڙ آواز.

وڙھيا ڪٽارين، ڪاتئين. بڙڇيون ڀال ھڻن
مَردن مٿان رُڪ جون تاوَ تراڙيون ڪن
مَرُ سي مائن ڄائيا، جي اورانگھيو به اچن
ڌڙ تنھين جا ڌوڙ ۾، سڀ للھنگ ٿا ليٽن
عضوا امرائن جا، لوھوءَ منجھه لڙھن
ھڻ وٺ وائي وات ۾، ٻولي ٻي نه ڪن
ننگر سنديءَ جنگ کان ٿا توبہ توبه ڪن.

دھل جو ڌمچر. چارڻن جو عرش جي ڪونگرن کي ڪيريندڙ آواز، واءُ جا گھوگھٽ، فانوسن جي ڏڪندڙ وٽ، چارڻن جون ڏڪندڙ ڪاريون ڀنڀيون ڏاڙھيون، چمڪندڙ تارا ۽ منھن تي سندن اُڌمن جو اُھاءُ.....! نواب کي ائين لڳو ڄڻ ھو جنگ جي ميدان ۾ بيٺو آھي. چوڌاري تراڙن جا تاؤ، ڀالن جا ڀڀڪا، ڪونڌر پيا ڪُڏن، ڪنڌ پيا ڪرن، للھنگ پيا ليٽن، رت جا ريلا، دانھون ڪوڪون...... ساري سنڌ جنگ جو ميدان ھئي. ھر طرف راتاھا، جنگيون، بغاوتون ۽ ماڻھن جو ڪوس! نواب لطف علي شاعر ھو. ھن جي دل ڪنھن سھڻي صورت کي ڏسي چنڊ ڏانھن اُلرون ڏيندڙ چڪور وانگر اُلرون ڏيندي ھئي. ھن به راتين جو چنڊ سان رھاڻيون ڪيون ھيون ۽ چنڊ کان پنھنجي اڻ ڏٺي پرينءَ جا پار پتا پڇيا ھئا. ڪنيز جي چوليءَ مان چنڊن کي ڪَني ڪڍندو ڏسي ھن کي پنھنجو پرين ياد پيو ھو جنھن پرينءَ جا پڙلاءَ ھن حافظ جي شاعريءَ ۾ ٻڌا ھئا. دنيا ۾ انسانن جا رنگ روپ جدا آھن پر ڏک سُک ساڳيا آھن. پوءِ ھي رتوڇاڻ ۽ انساني ڪوس ڇالاءِ؟ رڳو ڪنھن ھڪڙي انسان جي اقتدار کي قائم رکڻ لاءِ. اميرن امرائن، سردارن، نوابن ۽ جاگيردارن جي رتبن کي دوام بخشڻ لاءِ. سنڌ ته آھي ئي بيداد نگري. پراوا حاڪم، پرايون عدالتون، پرائي فوج. رڳو ڏاڍ ۽ ڏھڪاءُ. جيترو لٽجي اوترو ٿورو. ھر شيءِ تي ڳاٽي ڀڳا محصول. ھڪ ڳوٺ مان ٻئي ڳوٺ ۾ وڃڻ لاءِ راھداري ۽ محصول. ٻنيءَ مان اَن لھي نه لھي پر سڄي زمين تي ڍل. ھڪڙي ڍل وري داڻي بندي جيڪا حاڪمن ۽ جاگيردارن خرارن جي حساب سان ٿي ورتي. جدا جدا پرڳڻا جاگيردارن کي ٺيڪي تي ڏنل ھئا جن پنھنجي مرضيءَ سان ماڻھن تي ڍل ٿي مڙھي. ماڻھو بيزار ٿي ڳوٺ ٻنيون ۽ گھرگھاٽ ڇڏي جبلن ۽ جھنگن ۾ ھليا ٿي ويا ۽ اتان شاھي فوجن ۽ جاگيردارن تي حملا ٿي ڪيائون. ھڪ بغاوت اقتدار لاءِ ھوندي آھي ۽ ٻي بغاوت ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف احتجاج ھوندي آھي. سنڌين جون بغاوتون ظلم جي خلاف احتجاج ھيون. سرڪار انھن بغاوتن کي ختم ڪرڻ لاءِ ھرطرف ڪوس لائي ڏنو ھو. نواب سيد بايزيد جي ايام ڪاريءَ ۾، درٻيلي پرڳڻي ۾ راڄپرن، بھڻن ۽ سميجن بغاوتون ڪيون. مغل فوج ساڻن پڄي نه سگھي ته عيد جي ڏينھن جڏھين سڀني عيدگاہ ۾ نماز ٿي پڙھي تڏھين مغل فوج ”ڪافرن“ کي عيدگاہ ۾ نماز پڙھندي ڪُٺو. ھرطرف ظلم ھو، ڏاڍ ھو ۽ انياءُ ھو. ظلم جڏھين حد کي رسندو آھي تڏھين ڪو مسيحا پيدا ٿيندو آھي. شاھه عنايت سنڌ جو مسيحا ھو جنھن چيو ھو ته زمين الله جي آھي ۽ اَن اُن جو آھي جيڪو اُپائي ٿو. پر مسيحا سوليءَ تي لڙڪندو آھي. شاھه عنايت به سوليءَ تي لڙڪندو.

اچي پيڙن ڳاہ فراق جو، ٿيا ڪڻا ڪڻي کان ڌار،
ڪونڌر ھي ڪُسندو وڃي، تنھن الادين اڳيان.

نواب ھٿ جو اشارو ڪيو. دھل يڪدم بند ٿي ويو. چارڻن جو آواز سندن نڙيءَ ۾ گھُٽجي ويو ۽ تنبوءَ ۾ سانت ڇانئجي وئي. نواب اشرفين جي ڳوٿري ساوڻ ڏانھن اڇلائي. سانوڻ ڳوٿري کڻي چمي اکين سان لاتي ۽ ھٿ ٻڌي چيائين:
”سائين جيئدان ملي ته ھڪڙو عرض ڪيان.“
”چئه....“
”سائين اسان جو رواج آھي ته اسين دودي شھيد جي ڳالھه جي بخشش نه وٺندا آھيون. اھو ڏينھن اسان لاءِ ماتم جو ھوندو آھي ۽ اسين ڪاريون پَڳون پائي دودي شھيد جي ڳالھه کڻندا آھيون.“
”اسان توکي دودي جي ڳالھه ٻڌائڻ ڪري نه پر ھونئن ئي بخشش ڏني آھي.“
ساوڻ سجاول خان ڏانھن نھاريو. سجاول خان ھن کي اشارو ڪيو سانوڻ ڳوٿري قبول ڪئي. سڀ چارڻ اٿي بيٺا ۽ ھٿ ٻڌي، ڪنڌ نوائي، سلام ڪري، ھڪ ھڪ ٿي تنبوءَ کان ٻاھر ھليا ويا. تنبوءَ ۾ سانت ڇانئجي وئي. اوچتو سانت ۾ پازيب ڇمڪيا ۽ عنايتي لنگھياڻي اندر آئي. ھن ھٿ ٻڌي نواب کي سلام ڪيو ۽ قالين تي ويھي رھي. عنايتيءَ جو رنگ ڪڻڪائون ۽ بدن ماسيرو ھو. سندس بدن کي ڏسي سارين جي اھڙي پڪل پوک ٿي ياد پئي جنھن ۾ اڃا لابارو نه پيو ھجي. عنايتيءَ ھلڪي کنگھڪار ڪري نڙي صاف ڪئي. سازن ساہ کنيا ۽ عنايتيءَ بيت ڏنا.

سَر نِسريا پاند، اُتر لڳا آءُ پرين
مون تو ڪارڻ ڪانڌَ! سھسين سُکائون ڪيون
سَر لوھيڙا ڳڀيا، ’ڪسر نِسريا
تو ڪئن وسريا، ڍوليا! ڏينھن اچڻ جا.

بيت ٻڌي سڀني جي دلين ۾ اُتر واءُ گھُليو ۽ درد جا سَر نِسريا. عنايتيءَ ڪافي شروع ڪئي:

آيل، ڪريان ڪيئن، منھنجو نيھن آپليو نه رھي
اُڏوھيءَ جيئن ڏکڙا، چڙھيا چوٽيءَ سينءَ
گوندر مٿان جندڙي، دريا دلين جيئن
منھنجو نيھن آپليو نه رھي.

ڪافي پوري ٿي ته سڀني جي دلين کي گوندر جون وليون وڪوڙي ويون ۽ ڏکڙا چوٽيءَ تائين چڙھي ويا. نواب ھيري جي منڊي لاھي عنايتيءَ کي ڏني ۽ عليءَ کان پڇيائين:
”ھي ڪنھنجو ڪلام آھي؟“
”سائين ھڪڙي سيدزادي جو ڪلام آھي. چون ٿا ته ويراڳي آھي. جوڳين سامين سان جبل جھاڳيندو ٿو وتي. مخدوم معين وٽ ٺٽي ۾ ايندو آھي.“
”سيدزادي جي شاعريءَ ۾ ڪيڏو نه درد آھي.“
”سائين ھڪڙي مغل شھزاديءَ جي عشق ۾ شاعر ٿيو آھي. چون ٿا ته مغل زاديءَ جي چيچ ڏسي مٿس عاشق پيو ۽ سندس چيچ جھلي چيائين ته جنھن جي چيچ سيد جي ھٿ ۾ تنھن کي لھر نه لوڏو.“
نواب سوچيو ته اھي به ڪھڙا نه خوش نصيب انسان آھن جيڪي چيچ ڏسي پرينءَ کي سڃاڻي ٿا وٺن. مان ته سھڻن سھڻن چھرن جي جھنگ ۾ ان چھري کي ڳوليندو ٿو وتان جنھن جا پار چوڏھينءَ جو چنڊ ڏيندو آھي. سجاول خان عنايتيءَ کي اشارو ڪيو. عنايتي ٻاھر ھلي وئي. نواب تي اڃان سيدزادي جي ڪلام جا خمار ھئا.
”اسان وڏن وڏن ڳائڻن کان شاعرن جو ڪلام ٻڌو آھي. پر سيدزادي جي ڪلام جو انداز ئي نرالو آھي. سندس ڪلام ۾ سنڌ جي ساري سونھن ۽ سارا سور ٿا جھلڪن. اسين سيدزادي سان ملڻ ٿا گھرون.“
”اوھان جو حڪم اکين تي پر سائين چون ٿا ته خاڪ نشين گدڙي پوش آھي ۽ ٺٽي جي مخدوم معين کان سواءِ ڪنھن سان نه ملندو آھي.“
”درويشيءَ تان ڳالھه ياد پئي. درويش شاہ عنايت جو ڇا معاملو آھي؟“
”شاہ عنايت صوفي درويش آھي. درگاہ جي خرچ پکي لاءِ سرڪار جيڪي زمينون کيس عنايت ڪيون آھن سي بنا بٽئيءَ جي ھارين کي ٿو ڏئي. تر جا ھاري زميندارن کي ڇڏي شاہ عنايت جون زمينون ٿا کيڙن ۽ زميندارن کي ھاري نٿا ملن، ان ڪري بلڙيءَ جا سيد ۽ پليجا زميندار دانھين ٿيا آھن.“
”اسان ٻڌو آھي ته شاہ عنايت جي تحريڪ سياسي تحريڪ آھي. سارنگ! تنھنجو ڇا خيال آھي؟“
”سرڪار مان شاہ عنايت جي باري ۾ ڪجھه چئي نٿو سگھان پر اھا حقيقت آھي ته ھر سياسي تحريڪ مذھب جي مورچي ۾ ويھي ھلائي ويندي آھي. مختار ثقفيءَ جي تحريڪ، مھدوي تحريڪون، سکن جي تحريڪ ۽ اتر سنڌ ۾ ڪلھوڙن جي درويشيءَ واري تحريڪ، اھي سڀ تحريڪون اقتدار حاصل ڪرڻ جون سياسي تحريڪون ھيون جن تي مذھبي رنگ چڙھيل ھو. منھنجي خيال ۾ اھڙي قسم جي ڪنھن به تحريڪ کي وڌڻ کان اڳ ختم ڪرڻ گھرجي.“
”ان معاملي ۾ دين ڇا ٿو چئي؟“
”دين سياست جي تابع آھي. امام حسين ؓ سياست کي دين جي تابع ڪرڻ ٿي گھريو ان ڪري شھيد ٿيو. نبي پنھنجي دور جي، غلط بنيادن تي قائم ٿيل معاشري جا بنياد ڪڍي، ان کي ڊاھي ان مان ھڪ ڌوتل پوتل معاشرو ٺاھيندو آھي. پر ھر شيءِ پنھنجي ابتڙ شيءِ جي وجود سان قائم آھي. نبيءَ جي قائم ڪيل معاشري ۽ انجي ابتڙ معاشري ۾ رڳو تر جيتري وٿي ھوندي آھي ۽ ڪو يزيد ان تر جيتري وٿيءَ کي ختم ڪري، ملڪيت ۽ ملوڪيت وارو معاشرو قائم ڪندو آھي. امام حسينؓ کان وٺي شاہ عنايت تائين جيڪي به يزيد جي ملڪيت ۽ ملوڪيت واري معاشري سان ٽڪرايا آھن سي ختم ٿيندا آيا آھن. اسانجو معاشرو نبي صلعم جي قائم ڪيل معاشري جي ابتڙ ملڪيت ۽ ملوڪيت وارو معاشرو آھي ۽ جيڪڏھن شاہ عنايت جي تحريڪ امام حسينؓ جي تحريڪ آھي ته پوءِ اسان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اسان جو ملڪيت ۽ ملوڪيت وارو معاشرو قائم رھي يا شاہ عنايت صوفي.“
شاہ عنايت جو نالو ٻڌي نواب جي اکين آڏو صوفين ۽ درويشن جا ٽولا اچي ويا جن سنڌ کان بنگال تائين خانقاھون ۽ مَٺ قائم ڪيا. انھن خاڪ نشين گدڙي پوش صوفين مراقبي مان منھن مٿي ڪري ”ھمه اوست“ جو نعرو ٿي ھنيو ته ڪائنات ڪنبي ٿي ويئي ۽ سڀ ھيٺاھيون مٿاھيون ھڪ ٿي ٿي ويون، جن سماع ۾ آھسته خرام رقص ڪندي قدم ٿي کنيون ته سندن قدم آسمان تي ٿي پيو. سڀ عربي ۽ فارسي دان ھئا پر سڀني مقامي زبان ۾ مقامي محاوري ۾ انساني ھڪ جھڙائي ۽ ڀائپيءَ جو پرچار ڪيو ۽ برھڻ بڻجي الله سان عشق ڪيائون. ڪاجي محمود درياڻي، ڪاجي ڪاجن، حجرت نجام الدين اوليا، بوعلي قلندر، بھاؤالدين باجن.
ڪاجي محمود، ڪاجل ڊالون ڪرڪرا، سرمه سھيونه جاءِ
جن نينن ۾ ڀي بسي، دوجا اور نه سمائي.

بوعلي قلندر: سجن سکيري جائينگي، نين مرينگي روءِ،
بدنا ايسي رين ڪرو، ڀور ڪدي نه ھوءِ.
بابا فريد شڪر گنج: ڪاگا سب تن کائيو، چن چن کائيو ماس،
اي دو نين نه کائيو، پيا ملن ڪي آس.
امير خسرو: ھي، اي مان! رنگ ھي
ايسو پيو پايو نجام الدين اوليا
جگ جياريو، مين تو ايسو رنگ اور نه ديکوري
ديس بديس مين تو ڍونڍ ڦري ھون
تورا رنگ نھين پايو اي
نجام الدين اوليا.

امير کسرو تان پوري جون تارون ڇيڙي، تارن جي ارتعاش مان نڪرندڙ ”تنڪ“ جو آواز جيڪو پرٻنڌ جو چوٿون انگ، تن تنا جي ورجاڻي ۽ اندروني طور برھما جو تصور ھو، تنھن کي صوفين جي سماع لاءِ تلانه جو روپ ڏنو.
يارِ من بيا بيا، در تنم تاديم
(منھنجا پرين اچ اچ، منھنجي تن ۾ اچ)
تانن، تاناديم، توم تا نانانا
(ڇاڪاڻ ته مان تنھنجو آھيان)

به لبم رسيدہ جانم، تو پياڪ زندہ ھانم- پس ازان ڪ من نه مانم، به چه ڪار خواھي آمد.
(منھنجو ساہ چپن تي اچي ويو، تون اچ ته جيئرو ٿي پوان. جڏھن مان نه ھوندس ته پوءِ تنھنجو اچڻ ڪھڙي ڪم جو)

حصو ٻيو

ٺٽي جي علي شيرازي ۽ شاہ ڪريم بلڙيءَ واري جون سماع جو محفلون! ھن سنڌ، گجرات ۽ مارواڙ ۾ سنٿ پنٿي اسماعيلي ڏٺا جن جي رھڻي ڪھڻي ھندن جھڙي ھئي ۽ گپتي ٿي سڏيا ويا ۽ جن ڳوٺ ڳوٺ وستيءَ وستيءَ ۾ الله جي ھيڪڙائي ۽ عشق، ماڻھن جي ھڪ جھڙائي ۽ ڀائپيءَ جا اسلامي ڀڄن ٿي ڳايا ۽ ذات پات واري برھمڻ سماج جي ڌڪاريل انسانن جا ٽولا اچي ساڻن شامل ٿي ٿيا. ھاڻي سنڌ جا، مغلن، جاگيردارن ۽ ڏاڍ جا ماريل، ھاري ناري، ڪڙمي ڪاسبي ٽولن ۾ جھوڪ ڏانھن ٿي ويا جتي ھنن جو مسيحا ھو! ڪھڙي خبر ته مان به تاريخ جي جبر جو شڪار ٿيان ۽ جھوڪ وارو مسيحا منھنجي ھٿان مصلوب ٿئي. نواب کي پنھنجو پاڻ مان، پنھنجي مسند مان، بخمل جي لباس مان، ھيرن جواھرن مان، صندل، حنا ۽ مشڪ جي خوشبوئن مان انساني رت جي بوءِ اچڻ لڳي. ھن يڪدم جام چپن تي آندو ۽ ڳيت ڏيئي پي ويو. زبان چپن تي ڦيريندي ھن سارنگ کان پڇيو.
”تنھنجو تصوف جي باري ۾ ڇا خيال آھي.“
سارنگ به جام خالي ڪيو ۽ چپ اگھندي چيائين.
”تصوف اسلام جي عجمي صورت آھي.“
”ڪيئن؟“
”بغداد ۾ جڏھن سنڌ جي پنڊتن ۽ اخوان الصفا عالمن ھندوستان ۽ يونان جي ڏاھپ کي عربي زبان ۾ آندو ته عربن جي ذھني دنيا ۾ انقلاب اچي ويو. عقل ۽ عقيدي ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي ۽ معتزله جو طبقو وجود ۾ آيو جنھن عقيدي کي عقل سان پرکڻ شروع ڪيو. معتزله چيو ته خدا شڪل ۽ صورت کان پاڪ آھي ان ڪري اھو عقيدو صحيح نه آھي ته قيامت ۾ خدا جو ديدار ٿيندو. قيامت جي ڏينھن ڪو ڪنھنجي شفاعت نه ڪندو ڇاڪاڻ ته جيڪو خدا جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ٿو ڪري تنھن کي ڪنھن جي شفاعت تي بخشي ڇڏڻ عدل ۽ انصاف جي خلاف آھي. ابليس نفس امارہ ۽ ماڻھوءَ جي غضب ۽ شھوت جي قوت آھي. جبرائيل نبيءَ جي پنھنجي ئي جبرائيلي قوتن جو نالو آھي ۽ وحي نبي پنھنجي ذات مان ئي فيض حاصل ڪندو آھي. ھر ظاھر پنھنجي باطن مان نڪري ٿو ۽ ظاھر باطن جو ظاھري روپ آھي. ظاھر تنزيل ۽ باطن تاويل آھي. اسماعيلي، قرامطي ۽ فاطمي باطنيه ھئا.“
سارنگ ٿوري دير لاءِ ماٺ ٿي ويو. ھن غور سان نواب جي اکين ۾ نھاريو. نواب جي اکين ۾ اشتياق ھو. ھن ڳالھه جو سلسلو جاري رکندي چيو.
”اخوان الصفا اسڪندريه جي يوناني ڏاھپ کي ھڪڙي رسالي جي صورت ۾ آندو ۽ اھا ڏاھپ، اھو نظريو اسلامي تصوف جو فيلسوفياڻو بنياد ٺھيو. ان نظريي مطابق ذاتِ احد مان پھرين عقل نڪتو. عقل ڪل مان روح ڪل ۽ روح ڪل مان ٻيا روح نڪتا. روح جڏھين مادي ڏانھن جھڪيو ته ادنيٰ ٿي پيو. ذات احد سج مثال آھي جنھن مان نُور جو نيڪاس ٿيندو ٿورھي. عقلِ ڪل، روح ڪل ۽ اعليٰ ۽ ادنيٰ روح، ذات احد مان ائين ڇلڪي نڪتا جيئن سج مان نُور ڇلڪي نڪرندو آھي. مادو تاريڪ آھي جنھن تائين نُور جو شعاعون پڄي نه سگھيون. پر مادو ڪائنات جي سڀني شين جو بنياد آھي ۽ روح مادي کي جدا جدا شڪليون ۽ صورت ڏيندا آھن. روح مادي جي اونداھي جھان مان نڪري پنھنجي حقيقي محبوب ۽ اصل مصدر ڏانھن وڃڻ لاءِ بيتاب آھي. اھو عشق آھي.
ويدانتيءَ ذات احد کي ادويتا يعني جيڪو ٻه نه آھي سڏيو. ذات احد کي پرم ۽ برھم سڏيو. برھم مان ئي ڪائنات نڪتي. جيو آتما (انساني روح) پرم آتما (روح ڪل) کان جدا ٿي. جڏھن آتما تي مايا جي ڪثرت جو فريب ظاھر ٿيندو آھي تڏھين آتما، پرم آتما سان ملڻ لاءِ بيتاب ٿيندي آھي. جيو آتمان جو پرم آتما ۾ جذب ٿيڻ نروان ۽ مڪتي آھي. اسلامي تصوف جي ساري فيلسوفياڻي عمارت ان نظريي تي بيٺل آھي. ان ڪري تصوف کي مان اسلام جي عجمي صورت ٿو سڏيان ڇاڪاڻ جو اسلام وجود جي وحدت جو نه پر وجود جي دوئيءَ جو قائل آھي.
سارنگ ماٺ ٿي پنھنجي گفتگوءَ جو ردعمل ڏسڻ لاءِ نواب جي اکين ۾ نھاريو. ھن جي ڳالھه ٻڌي نواب مُرڪڻ لڳو.
”اسلام جو بنيادي عقيدو وحدانيت آھي ۽ تون دوئيءَ جي ڳالھه ٿو ڪرين.“ نواب چيو.
”مان الله جي وحدانيت جي ڳالھه نٿو ڪيان پر وجود جي وحدت جي ڳالھه ٿو ڪيان. اسلام ۾ الله جي وحدانيت آھي پر وجود جي وحدانيت ڪانھي. خالق ۽ مخلوق جا جدا جدا وجود آھن، جڏھين ته صوفي خالق ۽ مخلوق، الله ۽ ڪائنات جي وجود کي ھڪ ٿا مڃين. حضرت بايزيد بسطاميءَ جي محفل ۾ تخليق جو مسئلو بحث ھيٺ آيو. ھڪڙي مُريد چيو ته ڪو وقت اھڙو ھو جو رڳو خدا جو وجود ھو ۽ ٻيو ڪجھه نه ھو. بايزيد وراڻيو: ھاڻي ڇا آھي. ھاڻي به ته صرف خدا جو وجود آھي. ابنِ عربيءَ ذاتِ احد کي حسنِ ازل ۽ عقلِ اول کي حقيقتِ محمديه جو نالو ڏنو. اسلام ۾ ابليس لعنتي آھي پر صوفين ابليس کي خدا جي جلال جو مظھر سمجھيو ۽ ابليس جو اشتقاق تبليس مان ڪيو. ابليس کي آدم کي سجدو ڪرڻ لاءِ چيو ويو ته ابليس سوچيو ته جيڪڏھن آدم کي سجدو ڪيم ته غيرالله کي سجدي جو گنھگار ٿيندس ان ڪري ھن سجدي کان انڪار ڪيو ۽ ابليس سڀ کان وڏو موحد سڏيو ويو.
صوفي حضور ڪريم جن جون ٻه حديثون نقل ڪندا آھن ته علم ۽ نيڪي مومن جي وڃايل ميراث آھي ۽ صوفين کي جتان به پنھنجي وڃايل ميراث ملي تنھنکي پنھنجو ڪيائون. حضور ڪريمؐ جي ٻي حديث اھا نقل ڪندا آھن ته عبادت کان سواءِ ھر بدعت رذالت آھي ۽ صوفين پنھنجن روحاني تجربن جي آڌار تي عبادتن جا نوان نوان طريقا جاري ڪيا.
سارنگ ماٺ ٿي ويو. سجاول خان ۽ عليءَ سارنگ جي ڳالھين جو ردعمل ڏسڻ لاءِ نواب ڏانھن نھاريو. ٻاھر چنڊ سنڌوءَ جي وچ سير مٿان ٽِڪ ٻڌي بيٺو ھو ۽ نواب جي اکين تي مڌ جا کيپ چڙھي ويا ھئا. نواب چيو.
”نوجوان توسان وڌيڪ ڪچھريون ھاڻي ٺٽي ۾ ٿينديون.“
----------------------------


سارنگ اڄ ڏاڍو خوش ھو. ھن کي ٺٽي جي نواب وٽ منصبداري ملي ھئي. ھو خوشيءَ ۾ عرش تي ٿي اُڏاڻو. تارا ڪتيون ھن جي لتڙ ۾ ھئا. ھن تصور ۾ پنھنجو پاڻ کي نواب جي درٻار ۾ ويٺل ڏٺو، مغل طرز تي ٺھيل محلسراءِ، در تي ڀير ۽ علمُ، غلام گردشن ۾ گشت ڪندڙ چوبدار، سنگ مرمر جي ھال ۾، ھالن جي ھندوري ۾، سنڌو ويٺي ھئي. ڪنيزن ھندورو ٿي لوڏيو ۽ کيس مورڇل ٿي ھنيون. اڙيل ڪميت گھوڙي ھنجي ران ھيٺان ھئي. ھو ھٿ ۾ ڀالو جھلي، ڪھڪشان کي گھوڙيءَ جي سنبن سان لتاڙي، تارن جي کينھن سان چوگان ٿو کيڏي..... ماڻھن جا ميڙ ھئا. ھو ۽ ھن جو ويري گھوڙن تي ھڪ ٻئي جي سامھون ھئا، ٻنھي جي ھٿن ۾ ڀالا ھئا. ٻنھي گھوڙا ڊوڙايا، ھڪ ٻئي تي وار ڪيا. ھن ڀر ڪڍائي ڀالو ھنيون، ڀالو ويريءَ جي وجود مان آرپار ھليو ويو. ھن سٽ ڏيئي ڀالو ويريءَ جي ھانوَ مان ڪڍي آسمان ڏانھن اڇلايو ته عرش جا ڪونگرا ڪري پيا.... نواب ھن کي باغي قبيلن جي سرڪوبيءَ لاءِ موڪليو. ھن اوچتو باغين جي لشڪر تي حملو ڪيو ۽ سندن ڪنڌ لُڻي ڇڏيائين. نواب ھن کي خلعت پارائي ۽ ھند سنڌ ۾ سندس ھاڪار ٿي وئي.
انسان اقتدار ۽ طاقت کانسواءِ ڇا آھي. ھن کٽ تي پاسو ورائيندي سوچيو: آچر، سومر يا چاچو سانوڻ، جنھن سان ملي، ھٿ ٻڌي، نِوڙي، سلام ڪري. نوڙت ۾ سندس چيلھه ئي چٻي ٿي وئي ھئي. نوڙت چڱي آھي. پر ان صورت ۾ جڏھين ماڻھوءَ ۾ ٻين کي نوڙائڻ جي طاقت ھجي. چاچي سانوڻ جي نوڙت ته ھنجي سماجي مجبوري آھي. طاقت سان ماڻھوءَ کي نوڙائڻ، سرڪش ۽ آڪڙيل ڪنڌن کي طاقت سان جھڪائڻ ۾ به عجيب مزو آھي. طاقت ئي اھڙي نيڪي آھي جنھن مان سڀ نيڪيون ڦُٽن ٿيون، ماڻھو الله جي اڳيان ان ڪري ٿو جھڪي جو الله قھار ۽ جبار آھي. ماڻھءَ ۾ ڪا ڳالھه آھي جو ھو قھر ۽ جبر کي پوڄي ٿو ۽ قھر ۽ جبر سان پاڻ کي پوڄائي ٿو.
علي ھن جو سوٽ ھو. علي ھن کان ڪنھن به ڳالھه ۾ وڌ نه ھو. سپھه گيري توڙي علم ۽ ادب، ھر ميدان ۾ ھو عليءَ کي پٺتي ڇڏي ويندو ھو. چاچو سجاول خان به ھن کي عليءَ کان وڌيڪ ڀائيندو ھو. راڄ ۽ تَر جا سڀ ماڻھو ھن کي عليءَ کان وڌيڪ ڀائيندا ھئا. پر جڏھين کان عليءَ کي ٺٽي جي مغل نواب وٽ نوڪري ملي ھئي تڏھن کان سڀ ھن کي نظرانداز ڪري، عليءَ جي ڪڍَ ڪڍَ پيا گھمندا ھئا. انسان جي عزت لياقت سان نه پر رتبي سان آھي ۽ رتبو طاقت آھي، طاقت نيڪي آھي، محبت آھي. سڀ لڳ لاڳاپا ڪنھن نه ڪنھن ضرورت، غرض يا مطلب سان ڳنڍيل آھن. رڳا ڪي ڪي رشتا غرض ۽ مطلب کان مٿاھان ھوندا آھن جيئن منھنجو ۽ سنڌوءَ جو رشتو!
سنڌو الائجي ڪڏھن ايندي. صبح ٿئي، سنڌو اچي ته ھن کي پنھنجي سرڪاري عھدي جي ڳالھه ٻڌايان. ھوءِ ڪيڏي نه خوش ٿيندي. اڄ منھنجا ماءُ پيءُ ھجن ھا ته اھي به ڪيڏا نه خوش ٿين ھا..... ھن جا ماءُ پيءُ ننڍي ھوندي ئي مري چڪا ھئا. ھن کي سندن شڪل به ياد ڪانه ھئي. ماضيءَ کي ياد ڪندي ڪندي اوچتو ويسر جي اونداھي سرحد شروع ٿي ويندي ھئي. اونداھي جي سرحد جي ھن پار ھنجو ننڍپڻ ھو. ننڍپڻ جون يادون ھيون، ھن جي پيءُ ماءُ جا چھرا ھئا. ھو جيئن جيئن اونداھيءَ جي سرحد کي ٽپڻ جي ڪوشش ڪندو ھو ته ھن کي مٿي ۾ سور ٿيڻ لڳندو ھو. سور وڌندو ويندو ھو. مٿو ڦٽ وانگر ڏکندو ھو ۽ ھو کٽ تي مڇيءَ وانگر ڦٿڪندو ھو. وڏن وڏن حڪيمن ۽ ويڄن کان علاج ڪرايو ھئائين پر سندس مٿي جي سور جو ڪنھن وٽ علاج نه ھو. ان وقت رڳو سنڌوءَ جي ھنج ھن کي آرام ڏيندي ھئي. ھو سنڌوءَ جي ھنج ۾ مٿو رکندو ھو. سنڌو ھن جي نرڙ تي پنھنجا پٽ پٽيھر ھٿ ڦيريندي ھئي ۽ ھن کي ننڊ وٺي ويندي ھئي.
چاچي سجاول خان ۽ چاچِي ماھرو جي محبت سڪ ۽ لاڏ ڪوڏ ھن کان پنھنجا سڳا ماءُ پيءُ ئي وسارائي ڇڏيا ھئا. ٻَئي کيس پنھنجي سڳي پٽ علي ۽ ڌيءَ ’درل‘ کان به وڌيڪ ڀائيندا ھئا. عليءَ به ھن سان ڪڏھين ساڙ نه ڪيو. علي ته پاڻ ھن تي فخر ڪندو ھو.ٻئي ذري گھٽ ھم عمر ھئا. ٻئي جھڙا سڳا ڀائر! ڀائرن کان وڌيڪ دل گھريا دوست. ’درل‘ ته ھن کي سڳيءَ ڀيڻ کان وڌيڪ ڀائيندي ھئي. سنڌوءَ کان به وڌيڪ ھن جو خيال رکندي ھئي. نوڪرياڻين ۽ ٻانھين ھوندي سوندي پنھنجي ھٿن سان ھن لاءِ مغلي طعام پچائيندي ھئي.شِوَ جو پھريون پلو مرندو، ساٽياڻي پلو کڻي ايندي ۽ درل ڏاڍي پيار سان پلو سئي، سنڌوءَ جي ھٿ ھن ڏانھن موڪليندي ھئي. سڳي ڀيڻ کان به وڌيڪ سڪ ۽ پيار ھوندي به درل ھن کان ڌارين وانگر ايڏو حجاب الائجي ڇو ڪندي ھئي. شرميلي ته ننڍي لاءِ کان ھئي. جوان ٿي ته ھن جي منھن تي چڙھڻ ئي ڇڏي ڏنائين. اجرڪ ۾ پاڻ کي ويڙھي سيڙھي ھن کان لڪندي وتندي ھئي. اوچتو بي خياليءَ ۾ سارنگ جي نظر پئجي ويندي ھيس ته شرم ۾ ڳاڙھي ٿي ويندي ھئي.
سجاول خان ھن جو آدرش ھو. ماڻھو جوانيءَ ماڻي ته سجاول خان جھڙي ۽ جيئي ته سجاول خان وانگر. جوانيءَ ۾ جبل جھڙو مڙس- کھرو، اڻ گھڙيو، ارڏو ۽ اڙٻنگ. ’مڙڻ‘ ته سکيو ئي نه ھو. ڀلا جبل به ڪڏھين ’مڙيا‘ آھن جو سجاول خان مڙي. مغلن سان اھي چوٽون کاڌائين جو ننڊ ۾ به سجاول خان سمي جا ڇرڪ پيا پوندا ھئن.
ھڪ ڀيري مغلن سمن جي ڪنھن ويڙھي تي حملو ڪيو. مڙس ماريائون ۽ ننگ کڻي ويا. تن ڏينھن ۾ سجاول خان جبلن ۾ روپوش ھو. خبر پيس ته شينھن وانگر گجگوڙ ڪري اٿيو ۽ ڏينھن ڏٺي ٺٽي جھڙي شھر ۾، ويرين تي ڪڙڪيو. مڙس ماري، ننگ ڇڏائي، سالار جي ڌيءُ ماھرو کڻي آيو. مغلن وڏا زور آزمايا. فوج ڪشي ڪيائون پر مغل ڌيءُ موٽائي نه سگھيا. آخر راڄ وچ ۾ پيا. ڳالھيون ھليون. مغل پنھنجو ننگ موٽائڻ لاءِ ڏن ڀري ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويا. سالار جي ڌيءُ کي خبر پئي ته ھن مغلن کي چوائي موڪليو ته سمن پنھنجا سَڱ مڙسيءَ سان موٽايا ۽ اوھين ڏن ڀري ٿا ننگ موٽايو. مڙسي اَٿو ته سمن وانگر مڙسيءَ سان موٽايو. باقي ڏن تي مان به نه موٽنديس. ھاڻي مان سجاول خان جو ننگ آھيان.
سجاول خان ماھروءَ سان شادي ڪئي ۽ ھوءَ مڙس سان جبلن ۾ ڀٽڪندي رھي. جبلن ۾ ئي کيس علي ڄائو ۽ پوءِ جڏھين ’درل‘ ڄائي ته سجاول خان جي ڄڻ چيلھه ڀڄي پئي. مغلن سان ٺاھه جون ڳالھيون ڪيائين، مغلن سندس جاگير ۽ سرداري بحال ڪئي. موٽ ۾ ھن کي مغلن جي مدد ڪرڻ لاءِ فوج مھيا ڪري ڏيڻي ھئي. سجاول خان جاگير ۽ سرداري وٺي ويھي رھيو. چاچي ماھرو پوڙھي ٿي وئي ھئي پر سندس منھن ۾ اڃان اھا مغل شھزادين واري سونھن ۽ ڏيا ھئي. سوني ٻانھينءَ واري ٻانھن لوڏي گھمندي ھئي ته ڄڻ راڻي پئي گھمي. پر نه ھَٺُ نه ھوڏ، رڳي سِڪ ۽ پيار.
اوچتو پرھه جي پکيءَ جي لات ھن جي ڪن تي پئي. ھن اکيون ٻوٽي ڇڏيون. پکيءَ جي لات ٻڌڻ لڳو. ھر طرف سانت ھئي. پن به نٿي چريو. ان سانت ۾ پکيءَ جي لات الحامي سُر بڻجي ھن جي وجود ۾ گونجڻ لڳي. قدرت پنھنجا سمورا ڳُجھه ۽ اسرار سَلڻ لڳي ۽ ھن کي پھريون دفعو خبر پئي ته پکي به پيغمبر ٿيندا آھن. ھن آھستي آھستي اکيون کوليون، آسمان ۾ ستارن جا فانوس روشن ھئا. ھير گھلي ۽ پپل جي پنن جا آواز اُڀريا ڄڻ پپل جي وڻ قرآت ٿي ڪئي. مسجد مان ٻانگ جو آواز آيو. الله اڪبر..... ٻانگ جو آواز ستارن سان جڙيل آسمان سان ٽڪرائڻ لڳو. ستارن جي روشني ڏڪڻ لڳي ۽ ھن جي وجود ۾ الله جي عظمت جنھن ۾ دھشت ۽ ڊپ جي بدران نسورو پيار ھو. ان پيار جو ھڪڙو ٽيپو ھن جي دل تي ڪريو ھو ۽ ھن جي ٻوٽيل دل گل وانگر کڙي پئي ھئي جنھن مان سنڌوءَ جي ساھن جي خوشبوءِ ٿي آئي.
ٿوري دير گذري ته ڀر واري شوالي مان گھنڊ جو آواز آيو ۽ شوالي جو ٻاؤ، گرنٿ صاحب مان بابا فريد جا دوھا ڳائڻ لڳو.
ڳلئين چڪڙ، ڏور گھر، نال پياري نينھن
چلان ته ڀڄي ڪملي، رھان ته ٽٽي نينھن.

ڀڄي سڄي ڪملي، الھه ورسايو مينھن
جاءِ ملان تنھان سڄڻان، ٽٽو ناھي نينھن.

ٻائي جو آواز غم جي وڻ ويڙھيءَ وانگر ھن جي روح کي ويڙھي ويو. ھن کي ڇا جو غم ھو. ھو سمن جي سردار جي گھر ۾ پيدا ٿيو ھو. ھن کي سنڌوءَ جو اڻ ميو پيار مليو ھو جنھن ھن جي ذري ذري کي سيراب ڪيو ھو. ھاڻي ھن کي اقتدار به ملڻ وارو ھو پوءِ ٻائي جا ٻول، ٻانگ جو آواز ۽ پکيءَ جي لات ٻڌي ھنجي دل اداس ڇو ٿي وئي ھئي.
شوالي جو ٻاؤ نانڪ پنٿي ھو. سنھڙو، ڊگھو، بت اگھاڙو، اڇي ڌوتي ٻڌل، ڳچيءَ ۾ جڻيون، نرڙ تي تلڪ، مٿو ڪوڙيل ۽ مٿي جي وچ ۾ ڊگھي ڪاري چوٽي. انھن مھانڊن سان به ھن جي منھن مان عجيب سونھن پئي بکندي ھئي. رستي تي لنگھندو ته جيڪا ساھه واري شيءِ ڏسندو تنھن جي اڳيان ھٿ ٻڌي، ڪنڌ نوائيندو ھو. ڪنھن سان ڪونه ڳالھائيندو ھو. اڄ تائين ڪنھن به کيس مرڪندو نه ڏٺو ھو. ھن جي باري ۾ ڳوٺ ۾ اھا ڳالھه مشھور ھئي ته ھو ھڪڙي مستانيءَ جو پٽ ھو.
ڳوٺ ۾ ھر سال سانوڻيءَ ۾ ھڪڙو مست ايندو ھو. قداور، مضبوط ھڏُ ڪاٺ، لڱين اگھاڙو، رڳو ھڪڙو چوتو پاتل ھوندو ھيس. منھن ۽ ساري بت تي رک مليل. سارو مٿو ڪوڙيل رڳو پاسي کان وارن جي چڳ ڇڏيل. اکيون ڳاڙھيون جھڙا جيرا. پير ۾ گھنڊڙي ٻڌل، ھٿ ۾ ڏنڊو جنھن جي مُٺيءَ وٽ گھنگھرن جو ڇڳو. ھلندو ته پير جي گھنڊڙي ۽ ڏنڊي جا گھنگھرو ھڪ ئي لئي سان وڄندا ھئا. ڪنھن سان ڪونه ڳالھائيندو ھو. ڪو ساڻس ڳالھائڻ جي ڪندو يا کيس ماني ٽڪي آڇيندو ھو ته اکيون کڻي خار مان ھن ڏانھن نھاريندو ھو. سندس رت جھڙيون ڳاڙھيون اکيون ڏسي ماڻھن کي ٿڙڪي وٺي ويندي ھئي. ڪنھن کي خبر ڪانه ھئي ته ھو ڪير ھو، ڪٿان ايندو ھو ۽ پوءِ اوچتو ئي اوچتو ڪيڏانھن غائب ٿي ويندو ھو. ھن جو نالو ڇا ھو. پھرين ڳوٺ ۾ آيو ته ڳوٺ جا سڀئي ٻار تاڙيون وڄائيندا ھئا، ”لالو چريو، لالو چريو“ چوندا ھن جي پٺيان لڳا. ان ڏينھن کان ھن جو نالو ”لالو چريو“ پئجي ويو. ٻار ھن کي لالو چريو چوندا ھئا ته پيو مُرڪندو ھو پر جي ڪو وڏو کيس لالو چريو چئي وجھندو ھو ته ھو پنھنجا رت جھڙا ڳاڙھا تارا ڦوٽاري، ڏنڊو اُڀو ڪندو ھو. شروع ۾ ڳوٺ وارن ھن کي ٻھروپيو سمجھيو. ڪن چيو ته مغلن جو جاسوس آھي. ڳوٺ ڳوٺ مان خبرون گڏ ڪري ٺٽي جي نواب کي ڏيندو آھي. ڪن چيو ته ھن جي ماءُ سان ڪنھن زوري ڪئي ھئي، ڄائو ته ماءُ مري ويس ۽ ھاڻي ماءُ جو پلئه ڪرڻ لاءِ ڳوٺن ۾ رلي پيءُ کي ڳوليندو ٿو وتي..... آھستي آھستي ماڻھو ھن کي پھتل سمجھڻ لڳا. ان لاءِ به ڪيئي سبب ھئا. ڪنھن به ھن کي ماني کائيندو يا پاڻي پيئندو نه ڏٺو ھو. ڪڏھين به خيرات نه وٺندو ھو پوءِ به الائجي ڪٿان ٽول آڻي ٻارن ۾ ورھائيندو ھو. ھر سانوڻ ۾ ھو ڳوٺ ايندو ھو، جنھن ڏينھن ڳوٺ پھچندو ھو ان رات سانوڻ جو پھريون مينھن وسندو ھو. ھڪ سانوڻ ۾ نه آيو ته اُن سانوڻ ۾ مينھن ئي نه وٺا. ماڻھو ھن کان من جون مرادون پڇندا ھئا ته ھو ماٺ ڪري، ڪنڌ جھڪائي، ويٺو ھوندو ھو ۽ جنھن ڏانھن اکيون کڻي خار مان نھاريندو ھو ان جي مراد پوري ٿي ويندي ھئي.
لالو ته مندائتو مست ھو، سانوڻ سان گڏ ايندو ۽ سانوڻ سان گڏ ويندو ھو. ڳوٺ جا ماڻھو مرادون ماڻڻ لاءِ وري ايندڙ سانوڻ جو انتظار ڪندا ھئا. ھڪڙي ڏينھن ڳوٺ وارن جو مرادون پڄائڻ لاءِ ھڪڙي جواڻ جماڻ مستاني ڳوٺ ۾ آئي. ھن جي ساري بُت تي کِڻُ ڄميل ھئي، کَل ته نظر نٿي آئي، رڳو ڪاري ڪاري مٽيءَ جا چڪا ٿي سندس ھٿن پيرن ۾ منھن تي چمڪيا. وار به مٽيءَ ۾ ڳنڍيون ٿي ويا ھيس. اکين مان پاڻي پيو وھندو ھوس جنھن ڪري سندس پنبڻيون ڇڻي ويون ھيون ۽ اکيون جھڙا ڦَٽ. وات مان ھر وقت گِگ وھڻ ڪري سندس واڇون به ڳري ويون ھيون. ڳالھائڻ مھل سندس وات مان چچريل اکر ٿي نڪتا جيڪي ڪنھن کي به سمجھه ۾ نٿي آيا. ھندو ۽ مسلمان ٻئي کيس پھتل سمجھڻ لڳا. سڀئي کانئس مَن جون مرادون پڇندا ھئا، ھوءَ چچريل ۽ بي معنيٰ اکر واتان ڪڍندي ھئي ۽ ماڻھو پنھنجي من جي مرادن مطابق ان مان معنائون ڪڍندا ھئا. ھن کي پاڻيءَ کان ڏاڍو ڊپ لڳندو ھو. ڪا عورت کيس وھنجارڻ جي ڪندي ھئي ته نھنڊون ھڻي ھن جو منھن چچري ڇڏيندي ھئي.
ھڪڙي ڏينھن الائجي ڪيئن ھوءَ شوالي ۾ وڃي پڳي. ٻائي ھن کي گُل ۽ ٽول ڏنا، ھوءَ ڦٽن جھڙيون اکيون کڻي شوالي جي ھڪ ھڪ شيءِ کي ڏسڻ لڳي. ھن جي نظر گھنڊ تي پئي. گھنڊ وڄايائين ته کيس مزو اچڻ لڳو. ھوءَ زور زور سان گھنڊ وڄائڻ ۽ ٽھڪ ڏيڻ لڳي. اوچتو ھن جي نظر سامھون ڪالي ديويءَ جي مورتيءَ تي پئي. مورتيءَ کي ڏسي ھن جا تارا ڦاٽي ويا. ھوءَ ڊپ مان مورتيءَ کي ڏسندي رھي ۽ چِيٽ ڪري ڊوڙ پاتائين ۽ وري ٻيھر مندر ۾ نه آئي.
ھڪڙي ڏينھن وري مسيت ۾ وئي ۽ مسيت جي در تي، دڪاڻيءَ تي ويھي رھي. ملان ٻانگ ڏني، ھن ڪنڌ جھڪايو ۽ ماٺ ڪري ٻانگ ٻڌڻ لڳي. ٻانگ جي ٻولن ڄڻ سندس اندر جي ڦٽن تي پھا ٿي رکيا. ٻانگ پوري ٿي ته ھن ڪنڌ کڻي آسمان ڏانھن نھاريو ۽ سندس اکين مان لڙڪ وھڻ لڳا. ھن آسمان تان نظرون ھٽايون ته سامھون ملان نظر آيس. ٿلھو متارو، وڏو پيٽ، دن تائين ڊگھي ڏاڙھي، گھاٽا ڀرون جيڪي سندس وڏين وڏين ۽ ڳاڙھين اکين تي وري آيا ھئا. ملان کي ڏسي ھوءَ وٺي ڀڳي ۽ وري مسجد ۾ نه آئي.
ھڪڙي ڏينھن اھا خبر ماڻھن تي وڄ وانگر ڪري ته مستانيءَ کي پيٽ آھي. جيڪو جتي ھو اتي ڄمي ويو. الا! ماڻھو مستانيءَ مان به نه مڙيا! اھڙو ڪم ڪرڻ وارو ڪير ھوندو، ڳوٺ ۾ ته ڪنھن کي به اھڙو ماڻھو نٿي سُجھيو. ان ڏينھن کان عورتون مستانيءَ جو وڌيڪ خيال رکڻ لڳيون ۽ مڙد ھن جي وڌندڙ پيٽ کي ڏسي پنھنجو پاڻ کان شرمسار ٿيڻ لڳا. ٻار ڄڻڻ کان ٽي ڏينھن اڳ اوچتو مستاني غائب ٿي ويئي. ٽئين ڏينھن تي آڌيءَ رات جو ٻاؤ پنھنجي شوالي ۾ ستو پيو ھو ته چنگھڻ جو آواز ٻڌائين. ھن ٻاھر اچي ڏٺو. مستاني زمين تي ليٽي پئي ھئي ۽ ھن کي سُور ھئا. ٻاؤ ھن کي اندر ڪوٺڙيءَ ۾ وٺي آيو. صبح جو ملان بانگ ڏني ته مستانيءَ کي پٽ ڄائو. ٻار جي اوئان اوئان جو آواز ٻڌي ھن ڪنڌ کڻي ٻار ڏانھن نھاريو. سندس چپن تي مُرڪ تري آئي. ھن ٻائي ڏانھن نھاريو ۽ چچريل اکين ۾ چيائين:- ”لالو چريو......!“ شوالي جو ھاڻوڪو ٻائو اھو ساڳيو ٻار ھو!
سانت جي سيني ۾ ستل زندگيءَ جا آواز ھاڻي جاڳي پيا ھئا. پريان گس کان ڍڳي گاڏيءَ جي چيچاٽن ۽ چڙن جا آواز اچڻ لڳا. گھر مان جنڊ پيھڻ، ڏڌ ولوڙڻ ۽ چرخي ڪتڻ جا آواز اُڀريا. ڪنھن ڏاڍي سُريلي ۽ مٺڙي آواز ۾ تلاوت شروع ڪئي. ھر طرف آواز ئي آواز ھئا، ننڊاکڙا ۽ ننڊ مان ڪر موڙي جاڳندڙ آواز! آسمان ۾ سوجھرو پکڙندو ٿي ويو. اڱڻ جو در کليو ۽ سنڌو اندر آئي. ھن يڪدم اکيون ٻوٽي ڇڏيون ۽ ائين ڇپ ھڻي سمھي پيو ڄڻ اگھور ننڊ ۾ ھو. روز صبح جو سوير سنڌو ھن کي ننڊ مان جاڳائيندي ھئي. ھن جي وارن ۾ آڱريون ڦيريندي ھئي. سنڌوءَ جي آڱرين جو ڇھاءُ ڄڻ ڏکڻ ھير جو ڇھاءُ.... ھينئر به سنڌو ھنجي ڀر ۾ ويھي سندس وارن ۾ آڱريون ڦيرڻ لڳي. ھن اکيون کوليون. سنڌوءَ جو چھرو ھن جي سامھون ھو. ھن سوچيو، پکيءَ جي لات جي ڪا جسماني صورت ٿي سگھي ٿي ته اُھا سنڌوءَ جي صورت آھي. ھن ھٿ وڌائي، ٻنھي ھٿن سان سنڌوءَ جي منھن کي ڇھيو. وارن ۽ پيشانيءَ کي ڇھيو ۽ ھن جو ھٿُ ھَٿ ۾ جھليائين. ھي پَٽ پٽيھر ھٿ جھڙو ڪنول جو گل! ڳاڙھا ڳاڙھا نَنھن، آڱرين جي چھنبڙين وٽ اڀريل ماس. ھن سنڌوءَ جو ھٿ ڇڪي چپن تائين آندو ۽ آڱرين جي چھنبڙين جي اُڀريل ماس کي چپن سان ڇھڻ لڳو. چپن جي ڇھاءَ سان سنڌوءَ جي بت مان ھلڪيون ھلڪيون لھرون اُڀريون. اھي لھرون ڪنھن وحشي ۽ زورآور جذبي جون جھڳ اوڳاڇيندڙ لھرون نه ھيون پر جسم جو ھلڪو ھلڪو جلترنگ ھو. ھن سنڌوءَ کي سيني سان لاتو. سنڌوءَ ھن جي ويڪري ڇاتيءَ تي مٿو رکي ڇڏيو. سانت مان جاڳيل سڀ آواز وري سانت ۾ ٻڏي ويا ۽ ان سانت ۾ ٻن دلين جا پکيئڙا ھڪ ٿي لات لنوڻ لڳا.

”سنڌو.“
”جيءُ.“
”تون خواب ڏسندي آھين؟“
”ھا، ڏسندي آھيان.“
”ڪھڙا خواب ڏسندي آھين.“
”پھريون تون ٻڌاءِ ته تون ڪھڙا خواب ڏسندو آھين؟“
”مان تمام وڏا خواب ڏسندو آھيان. ايڏا وڏا خواب جو آسمان به منھنجي خوابن آڏو ھيچ آھي. مان خواب ڏسندو آھيان ته مان تمام وڏو ماڻھو ٿيندس. ايڏو وڏو ماڻھو جو چارڻ چؤنڪ تي منھنجي مھما ڳائيندا.“
سارنگ جي ڳالھه ٻڌي سنڌوءَ جي دل ڏکوئجي وئي. ھن سمجھيو ھو ته سارنگ ھن جا خواب ڏسندو ھوندو جيئن ھوءَ سارنگ جا خواب ڏسندي ھئي. مڙد ڪڏھين به پنھنجي پوري وجود سان محبت نٿو ڪري. ھن جي وجود جا گھڻيئي ئي مٿاڇرا آھن. عورت جي محبت ھنجي وجود جو رڳو ھڪڙو مٿاڇرو آھي. ٻين مٿاڇرن سان ھو دولت، شھرت، طاقت ۽ جاہ ۽ جلال سان محبت ٿو ڪري. جڏھين ته عورت پنھنجي پوري وجود سان مڙد سان محبت ٿي ڪري. عورت ئي ٿرن برن ۾ پنھونءَ جا پيرا ٿي ڳولھي. تيل ڦليل جا ڏيئا ٻاري راڻي جي راہ ٿي نھاري. عورت عظيم عشقيه داستانن کي جنم ٿي ڏئي ۽ مڙد رزميه داستانن کي!
”مون سمجھيو ھو ته تون منھنجا خواب ڏسندو ھوندين پر تون ته پنھنجي شھرت ۽ طاقت جا خواب ڏسندو آھين.“
”تون مون کان جدا ته نه آھين. منھنجي شھرت ۽ طاقت تنھنجي شھرت ۽ طاقت آھي. مان چاھيان ٿو ته مون کي ايڏو رتبو ملي جو منھنجي رتبي تي فخر ڪرين.“
”عورت مڙد جي رتبي تي نه پر محبت تي فخر ڪندي آھي. ھڪڙي ڳالھه چوانءِ“
”چئه.“
”اھڙا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏي.“
”ڇو؟“
”اھڙا خواب ڏسڻ وارا ڏاڍا ڏک ڏسندا آھن ڏاڍا ڏک ڏيندا آھن. پنھنجي خوابن جي تعبير ماڻڻ لاءِ ھر رشتي ۽ ناتي کي لتاڙي ۽ اورانگھي اڳتي وڌندا آھن.“
”ان جي معنيٰ ته ماڻھو اڳتي وڌڻ جي خواھش نه ڪري.“
”ڇونه ڪري، پر خواھش جو غلام نه ٿئي. اڳتي وک وڌائڻ کان اڳ ڪنڌ جھڪائي ھيٺ ضرور ڏسي ته ڪو رشتو، ڪو ناتو، ڪنھن جو ڪو جذبو، خواب يا خواھش ته لتڙ ھيٺ نٿا اچن.“
”توکي ته چاچي سانوڻ اھڙي ڏاھپ ڏني آھي جو ھن عمر ۾ ئي ويراڳين واريون ڳالھيون ٿي ڪرين. چاچو سانوڻ پاڻ ته ويراڳي آھي توکي به ويراڳي ڪري ڇڏيو اٿائين.ھڪڙي ڏينھن سومرن جي اڳيان دودي جي ڳالھه کنيائين، سومرن کيس انعام ۾ زمين ڏني ته نه ورتائين، وٺي ھا ته سُک جي زندگي گذاري ھا. سومرن کان نه ورتائين ته مونکان وٺي، چاچي سجاول کان وٺي.“
”جنھن نموني سان بابا جيئي ٿو اھو به ته جيئڻ جو انداز آھي. تون ائين ڇو ٿو چاھين ته ٻيا به ان انداز سان جيئن جنھن انداز سان تون پاڻ ٿو جيئين.“
”ھاڻي بحث ختم، ھڪڙي خوشيءَ جي ڳالھه ٻُڌ.“
”ٻڌاءِ.“
”مونکي ٺٽي جي نواب وٽ نوڪري ملي آھي. اڄ نواب ۽ علي ٺٽي ويندا، سڀاڻي مان به ٺٽي ويندس.“
”مونکي ڇڏي ويندين. توکي نوڪري مونکان به وڌيڪ پياري آھي.“
”سنڌو، توکي خبر آھي ته توکان وڌيڪ مونکي ڪا شيءِ پياري ڪانھي. باقي رھي توکان جدا ٿيڻ جي ڳالھه، ٻن چئن ڏينھن ۾ موٽي ايندس ۽ پوءِ شادي ڪري توکي ٺٽي وٺي ھلندس.“
”تون مون سان شادي ڪندين؟“
”ھا ڇو؟ ان ۾ تعجب جي ڪھڙي ڳالھه آھي.“
”سارنگ خان سمون مون چارڻ جي ڌيءُ سان شادي ڪندو.“
”دلين جون پنھنجون پيڙھيون، پنھنجون ذاتيون ۽ پنھنجا شجرا ٿيندا آھن.“
”سارنگ جي ڳالھه ٻڌي سنڌو آھستي جھڪي ۽ ڪنڌ ھن جي سيني تي رکي ڇڏيائين. ھن ڪڏھين سارنگ سان شاديءَ جو سوچيو به نه ھو ۽ اڄ سارنگ سان شاديءَ جو سوچي ھن جو ھنيانءُ ٽڙي پيو ۽ سارنگ جي بُت جي ڇھاءَ سان ھن کي پنھنجو سَنڌ سَنڌ ڏاڙھونءَ گل وانگر کڙندو ٽڙندو محسوس ٿيو.

پوئين تاريخن جو ڀڳل چنڊ آسمان ۾ ٿي لڙڪيو ۽ چنڊ جي پيلي ۽ اڻ پوري روشنيءَ ۾ ساري ڪائنات پراسرار ٿي لڳي. ھوا ۾ ڦڙڪندڙ ٻيڙيءَ جا سڙہ، پنھنجي مستيءَ ۾ سرمست سنڌو، ڇولين سان ٽڪرائيندڙ ٻيڙين جا ونجھه ۽ پرئين ڪناري سان بيٺل وڻ، مھاڻن جون ٻيڙيون ۽ ٻيڙن ۾ ٽمڪندڙ ڏيئا. سڀني گڏجي منظر کي عجيب پر اسراريت بخشي ھئي..... ھاڻي افق وٽ ھلڪو ھلڪو سوجھرو پکڙڻ لڳو ھو ۽ چنڊ جي روشني جھڪي ٿيڻ لڳي ھئي. سامھون ٺٽي جو بندرگاھه ھو. ٺٽو! ھن جي خوابن جو شھر. شھر ۾ فانوسن ھن جي دل ۾ خواھشن وانگر جھرمر ٿي ڪئي. گھرن جا منگھه، مسجدن جا گنبذ ۽ منارا، مندرن جا ڪلس ھن کي آڌر ڀاءُ چوڻ لاءِ ڪر کڻي بيٺا ھئا.
عليءَ جا ماڻھو ڪناري سان سنجيل گھوڙا جھلي بيٺا ھئا. ھو گھوڙي تي چڙھيو ۽ شھر ڏانھن روانو ٿيو. رستي تي اَن ۽ ڀاڄين سان ڀريل ڍڳي گاڏين ۽ اُٺن جا قافلا چڙا وڄائيندا شھر ڏانھن ٿي ويا. رستي جي ٻنھي ڪنارن سان گھاٽن وڻن جون قطارون ھيون. پريان کوھه تي عورتن جي ٽولي پاڻي ٿي ڀريو. کوھه جي چوڌاري کجين جا وڻ الف وانگر اُڀا بيٺا ھئا. ھڪڙي مزار جي گنبذ تان اڇن ڪبوترن جا ولر اڏاڻا ۽ نيري آسمان ۾ پکڙجي ويا. سج ڪني ڪڍي ۽ ھن عليءَ جي حويليءَ وٽ گھوڙو جھليو.

--------------------------------

حصو ٽيون

ماڻڪ پتل جي لوٽي کنئين ۽ انگوڇو ڪلھي تي رکي ڏندڻ ڪندو پنھنجي حجري مان نڪتو ۽ درياھه ڏانھن روانو ٿيو. آسمان ۾ ھلڪو ھلڪو سوجھرو پکڙيل ھو. ستارن پويان پساہ ٿي کنيان ۽ سامھون درياہ سانت سان ٿي وھيو. ماڻڪ وديالي مان نڪري اڳتي وڌيو ۽ ڪنڌ ڦيري وديالي ڏانھن نھاريائين. وديالي جي پراڻي عمارت صبح جي ھلڪي ھلڪي سوجھري ۾ ڪنھن خواب وانگر ٿي لڳي. وديارٿن جا ننڍڙا ننڍڙا حُجرا، اڱڻ ۾ بيٺل انبن، کجين ۽ زيتونن جا وڻ. عمارت جي اڳيان وڏا وڏا ٻارا ھئا جن ۾ وديارٿين ڀاڄيون پوکيون ھيون ۽ عمارت جي پٺيان گھاٽو ٻيلو ھو جنھن جا وڻ صبح جي ٿڌڙي ھِير ۾ ھوريان ھوريان ٿي جھوليا. سامھون درياہ جو تَـڙُ ھو. پڪ سري ڏاڪڻ ٺھيل ھئي ۽ ھن جي ساٿي وديارٿين اشنان ٿي ڪيو. ان تڙ تي ورلي ڪا ٻيڙي ايندي ھئي. ڪو نئون وديارٿي ايندو ھو يا تعليم پوري ڪندو ھو تڏھين ڪا ٻيڙي ان تـڙ سان اچي لڳندي ھئي. ماڻڪ ننڍيون ننڍيون وِکون کڻندو تـڙ کان پرڀرو پپل جي وڻ ھيٺان ويٺو ۽ ڏندڻ ڪرڻ لڳو. ھاڻي سج ڪني ڪڍي ۽ سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ سج جا سون ورنا ڪرڻا جرڪڻ لڳا ۽ ھن جا وديارٿي ساٿي سج جي پوڄا ڪرڻ لڳا. ھنن کي سج جي پوڄا ڪندو ڏسي ماڻڪ سوچيو: ماڻھو فطرت جي عناصر جي پوڄا ڇو ٿو ڪري. جيني ۽ ٻيا ڪيترا رشي ناستڪ ھئا جن انسان کي ديوتائن کان آزاد ڪرايو. گوتم چيو:
”شڪر، تعريف ۽ عبادت سان اوندہ روشنيءَ ۾ مٽجي نٿي سگھي. مراقبي ۽ سماڌيءَ سان سج ظاھر نٿو ٿئي. ڪشالن سان جسم کي نه ايذايو ڇاڪاڻ جو ان مان فائدي جي بدران نقصان ٿو ٿئي. خوني قربانين ۽ نذر نياز سان ديوتائن جي چاپلوسي نه ڪيو ڇاڪاڻ جو اُھي به اوھان وانگر بي وس آھن. جيئن ته سڀ ڪجھه اسان جي جسمن جي باري ۾ آھي ان ڪري اسان کي پنھنجو پاڻ ۾ ڇوٽڪاري جي ڳولھا ڪرڻ گھرجي ۽ پنھنجو پاڻ کان سواءِ ڪنھن تي به ڀروسو ڪرڻ نه گھرجي. ياد رکو، ھر ڪو ماڻھو پٽ جي ڪينئن وانگر پنھنجو قيدخانو پاڻ ٿو اُڻي ۽ سڀ ڪجھه انسان جي پنھنجي عملن جو نتيجو آھي.“
جينيءَ چيو: ”جيو سڀ کان اتم ۽ پوتر آھي. جيو جو احترام ڪيو. ھر ڪارڻ جو ڪونه ڪو نتيجو آھي ۽ ھيءَ ساري سرشتي ڪارڻ ۽ نتيجي جي بي رحم اصول تي ٻڌل آھي. مان جيڪو عمل ڪيان ٿو تنھنجي نتيجي جو ذميوار مان خود آھيان. اھو نتيجو مونکي خود ئي ڀوڳڻو آھي. ڪوبه ديوتا مونکي ان کان بچائي نٿو سگھي. جينيءَ خدا کان انڪار ڪيو ۽ انسان جي عمل ۽ ڪارڻ ۽ انجي نتيجي کي ئي خدا مڃيو. موت، حياتي، ڏک سُک سڀ جو ڪارڻ انسان جو عمل آھي ۽ وجود جي ساري ذميواري انسان تي آھي.“
”ڪھڙن خيالن ۾ ويٺو آھين.“ ھن جي وديارٿي ساٿي موھن ھن جي ڀر ۾ ويھندي چيو.
”سوچيان ٿو ته اسان فطرت جي عناصر کي ڇو ٿا پوڄيون.“
”اھڙي سوچ جي ڪري ته سڀ توکي ناستڪ چوندا آھن.
”اچ ته پراڪرتي (فطرت) جي ۽ ديوتائن جي باري ۾ ڏاڍيان ڏاڍيان سوچيون.“
واءُ جو جھوٽو لڳو ۽ پپل جان پن کڙڻ لڳا.
”پپل جا پن ھوا ۾ ائين ٿا کڙڪن ڄڻ ٻانڀڻ اشلوڪ ٿا اچارن. ’پران وقت تي محيط آھن. ٻيلي ۾ رام ۽ لڇمڻ جي وچ ۾ سيتا ائين ٿي ھلي جيئن انسان ۽ خدا جي وچ ۾ فريبِ نظر. ڪارو ڪارو جھنگ. لڇمڻ ۽ رام اڪيلا ٿا وڃن. ڪارن ڪڪرن ۾ وڄ چمڪي. رام لڇمڻ کي چيو ته ڪارن ڪڪرن ۾ وڄ ائين ٿي چمڪي جيئن ڪنھن خراب ماڻھوءَ جي دل ۾ نيڪيءَ جو خيال. رشين ۽ اوتارن جا ٻول وقت تي محيط آھن.“
”ھيءَ ساري ڪائنات ڪارڻ ۽ نتيجي جي بي رحم اصول تي پئي ھلي. ان کي ھلائڻ وارو ڪو ڀڳوان ڪونھي.“
”ڪو ته ڪارڻن جو ڪارڻ به آھي. ايشور جيڪو برھما جو مظھري روپ آھي.“
”ڪارڻن جو ڪارڻ برھم جو مظھري روپ ايشور نه آھي پر پراڪرتي (فطرت) آھي. انڌي، اونداھي ۽ بي شعور پراڪرتي! ڪوبه ڪارڻ پنھنجي نتيجي کان جدا نه آھي پر پنھنجي نتيجي ۾ سمايل آھي. ڪارڻ ۽ انھن جا نتيجا اڻ ڳڻيا آھن. جيئن ڪارڻن ۽ انھن جي نتيجن جو سلسلو ختم ٿو ٿئي اتي سڀني ڪارڻن جو ڪارڻ شڪل ۽ صورت مان نڪري رڳي قوت ٿو بڻجي.“
”ان کي اسين ايشور سڏي سگھون ٿا جيڪو برھم جو مظھري روپ آھي.“
”اھا قوت ايشور نه آھي پر پراڪرتي آھي جنھن جو تعلق مادي جھان سان آھي. پراڪرتي پاڻ تخليق ڪري نٿي سگھي. تخليق لاءِ ھوءَ پُرش (روح) جي محتاج آھي. پرش (روح) نه ڪارڻ آھي نه نتيجو پر علم آھي. پرش جي ميلاپ سان پراڪرتيءَ ۾ چرپر ۽ حرڪت ٿي پيدا ٿئي ۽ ان چرپر سان شيون وجود ۾ ٿيون اچن. اھڙيءَ ريت دنيا بدلجي ٿي ته عناصر پيدا ٿا ٿين. عناصر جوھر ۾ جوھر قوت ۾ ۽ قوت پراڪرتيءَ ۾ ٿي بدلجي ۽ اھو سلسلو ائين جاري ٿو رھي. پرش پاڻ چرپر ۽ تبديليءَ جو سبب نٿو بڻجي. پرش چرپر ۽ تبديليءَ کان مٿاھون آھي. ھو نه فاعل آھي نه مفعول، نه ڪارڻ ۽ نه نتيجو، سڀني شين تي محيط پر سڀني کان لاتعلق. پرش اڻ ڳڻيا آھن. ڪائنات جي تخليق جو ڪارڻ پراڪرتي آھي. پرش ۽ پراڪرتي جدا جدا آھن پر پرش پراڪرتيءَ جي آئيني ۾ پنھنجو حُسن ڏسي حيران ٿي ويو ۽ ھن جي اھا حيرت زندگيءَ جي صورت ۾ ظاھر ٿي.“
”ڪرشن ڀڳوان چيو: پراڪرتي ۽ پرش کانسواءِ ھڪ ٽين قوت به آھي جيڪا پرش ۽ پراڪرتيءَ کي ملائي ۽ جدا ٿي ڪري. اھا قوت دانا ۽ بينا آھي. سالڪ کي گھرجي ته ان کان مدد گھري ۽ ان ۾ پاڻ کي فنا ڪري.“
”پراڪرتيءَ جا ٽي جوھر آھن“ ماڻڪ موھن جي ڳالھه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪندي چيو، ”ستوہ، تمس ۽ رجس. اھي ٽيئي جوھر ھر شيءِ ۾ موجود آھن. انھن کي رنگن جي مثال سان سمجھائي سگھجي ٿو. ستوہ جو رنگ اڇو آھي. انسان تي ستوہ جو غلبو ھوندو ته ھو نيڪ ۽ داناءُ ھوندو.
تمس جو رنگ ڳاڙھو آھي. تمس جو غلبو ھوندو ته ماڻھو جاھل ۽ سست ھوندو.
رجس جو رنگ ڪارو آھي. رجس جو غلبو ھوندو ته ماڻھو جاھل ۽ سست ھوندو.
اھي ٽي جوھر سڀني موجودات ۾ موجود آھن. ماڻھوءَ تي ڪڏھين ھڪڙي جو غلبو ٿو ٿئي ۽ ٻيا ٻه جوھر لِڪي ٿا وڃن. ڪڏھين ٻئي جو ۽ ڪڏھين ٽئين جو غلبو ٿو ٿئي. درياہ جي ويرن وانگر ڪا وير چڙھي ٿي ته ڪا لھي ٿي. دنيا جي چرپر، حرڪت ۽ تبديلي. شين جو وجود ۽ فنا، بلندي ۽ پستي، سڀ انھن سان آھي.
پراڪرتي ناھڪاري آھي ۽ پرش ھاڪاري. ناھڪار ۽ ھاڪار جي ميلاپ سان اعتدال جي ھڪ نئين صورت ٿي پيدا ٿئي ۽ پراڪرتيءَ جا ٽيئي جوھر عمل ۾ ٿا اچن. سڀ کان پھرين رجس عمل ۾ ايندو آھي ۽ ان جي نتيجي ۾ ٻيا به جوھر عمل ۾ ايندا آھن. ٽنھي جي عمل ۾ اچڻ سان سخت بيچيني پيدا ٿيندي آھي. ٽيئي ھڪ ٻئي تي غلبو حاصل ڪرڻ جي ڪندا آھن. ڪڏھين ھڪ کي غلبو ٿيندو آھي ۽ ڪڏھين ٻئي کي ته ڪڏھين ٽئين کي. شري موھن داس ويدانتي! اھي اٿيئي ھن سرشتيءَ جي ٺھڻ ۽ ڊھڻ جا سبب ۽ ڪارڻ ۽ نتيجي جو سلسلو. ان سلسلي ۾ منھنجو ڀڳوان ته ڪٿي نظر نٿو اچي.“
ڪرشن ڀڳوان چيو ته جيڪڏھن سالڪ پنھنجي نفس کي ماري ته اھي ٽيئي جوھر ھن جا تابع ٿي ويندا. شنڪر چيو ته برھم ڪائنات آھي ۽ ڪائنات برھم آھي. دنيا جي ڪثرت ڪوڙ ۽ اکين جو فريب آھي. مايا ۽ اوديا (جُھل) ھڪ آھي. جيئن برھم ۽ جيو آتما (شخصي روح) ھڪ آھي تيئن آيا ۽ اوديا به ھڪ آھي. برھم جو شعور مايا سان ڳنڍجي وڃي ته ان کي اسين ايشور سڏينداسين ۽ اوديا سان ڳنڍجي وڃي ته ان کي اسين جيو آتما سڏينداسين. مايا ايشور جي شڪتي آھي جنھن سان ھو مادي عالم کي تخليق ڪندو آھي. مايا ايشور ۾ ايئن لڪل آھي جيئن باہ ۾ گرمي لڪل ھوندي آھي.“
”جي دنيا ڪوڙ ۽ فريب آھي ته ظلم، ڏاڍ، انياءُ به ڪوڙ ۽ نظر جو ڌوکو آھي ان ڪري دنيا مان ظلم ۽ انياءُ کي مٽائي دنيا کي جنت بڻائڻ جي ڪوشش اجائي آھي، ڇاڪاڻ ته اھا جنت به ڪوڙ آھي. جيئڻ جو مقصد رڳو ھڪڙو آھي ته ھن ڪوڙي جھان مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙجي. ڪيڏي نه ناڪاري سوچ آھي!
”آستڪ (خدا پرست) ۽ ناستڪ (خدا کان منڪر) ماڻھوءَ جي رويي جا نانوَ آھن. تنھنجو رويو ناستڪ آھي ان ڪري توکي ڏاھي ڪپل جا دليل وڌيڪ وزني ٿا لڳن ۽ منھنجو رويو آستڪ وارو آھي ان ڪري ئي مونکي ڪرشن ڀڳوان ۽ شنڪر جا دليل وڌيڪ وزني ٿا لڳن. ھاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته سچ ڇا آھي.؟“
سچ رڳو گوتم ڳولي لڌو ھو جنھن چيو ته تبديلي ۽ ڦيرگھير جو قانون سچ آھي. تبديلي ئي زمان ۽ مڪان آھي. ڪا شيءِ ھڪ ئي حالت ۾ ھڪ ھنڌ بيٺل ڪانھي. ھر شيءِ بدلجندي ٿي رھي. مذھب، سوچون ۽ سچ، سڀ ڪجھه بدلجندا ٿا رھن. ويدن ۾ برھم جو لفظ شرڌا، دُعا يا عقيدت جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيو آھي ۽ آتما ساھه جي معنيٰ ۾. پر اپشدن تائين پڄندي پڄندي ٻنھي جون معناعون بدلجي ويون. برھم آفاقي قوت يا آفاقي روح ۽ آتما شخصي روح ٿي ويئي. ويدن ۾ آواگان جو تصور ڪونھي پر پوءِ جي رشين آواگان ۽ سنسار چڪر جو تصور آندو جنھن مان ويدانيت ڦٽي نڪتي. سوال آھي ته ھن دنيا کي ڪنھن تخليق ڪيو. تون ۽ مان ڪيئن وجود ۾ آياسين. جيئڻ جو مقصد ڇا آھي. گوتم چيو ته ھي جھان جيڪو اسان کي نظر اچي ٿو اھو پنھنجي تشريح لاءِ ڪنھن به ديوتا، ڀڳوان يا ايشور جو محتاج نه آھي. گوتم پھريون انسان آھي جنھن اخلاق کي مذھب ۽ ڀڳوان کان آزاد ڪرائي نئين سر مرتب ڪيو. پر ھن جو اخلاق شخصي ۽ ناھڪاري آھي جنھن ۾ سماج جي سڌاري جي ڪا ڳالھه ڪانھي. جيئڻ جو مقصد اُھو آھي ته ھن جھان مان ڏاڍ، انياءَ کي ختم ڪري زندگيءَ کي سُندر کان سُندر بنائجي. زندگيءَ جي مقصد جي ڄاڻ رام کي ھئي جنھن وقت جي راوڻ سان جنگ ڪري زندگيءَ جي سپتا کي آزاد ڪرايو، ڪرشڻ کي ھتي جيڪو ڪورو ۽ پانڊن جي جنگ ۾ ارجڻ جو رٿ بان ٿيو، محمد صلي الله عليه وصلعم کي ھتي جنھن جِھل ۽ انياءَ سان پنھنجي سر جنگ ڪئي. مسلمان صوفين جو ھڪڙو طبقو ھو جنھن کي اخوان الصفا چوندا ھئا، اھي باطني ھئا. تن چيو ته جيڪو ماڻھو صداقت تائين پڄڻ گھري انکي سقراط جي بي نيازي، ابن مريم جي ايثار ۽ علي بن ابي طالب جي جوانمرديءَ جا نمونا پنھنجي آڏو رکڻ گھرجن.“
اوچتو پريان کان سَنکن جو آواز آيو.
”شايد جوڳين جو ٽولو ٿو اچي.“ موھن چيو.
”جوڳي به عجيب مخلوق آھن. وڏا گھراڻا، پڙھيل لکيل ماڻھو دنيا تياڳي، انگَ ڀڀوت ڪري، جھنگن بَرن ۾ ڀٽڪي پنھنجو پاڻ کي ايذاءُ ٿا ڏين.“
”ھو ڀڳوان کي ڳولھڻ لاءِ دنيا تياڳيندا آھن.“
”چئبو ته جوڳين جو ڀڳوان ايذاءُ پسند آھي ۽ پنھنجي سالڪن کي ايذاءَ ڏيئي پوءِ ٿو کين ملي. ٻي ڳالھه ته ڀڳوان کي شھرن ۽ وسندين کان ايڏي نفرت ڇو آھي جو شھر ۽ وسنديون ڇڏي جھنگن بَرن ۾ ٿو رھي ۽ سڀ سالڪ کيس جھنگن بَرن ۾ ٿا ڳولين.“
”ھاڻي تون ھتي ماٺ ڪري ويھه ته مان وديالي مان ڪاغذ ۽ ڪِلڪ کڻي اچان.“
”وري ڪو ويدانت تي پستڪ لکڻو اٿيئي ڇا؟“
”ھڪڙو مسلمان صوفي ويراڳي آھي. ڏاڍيون عجب ڪوتاؤن ٿوچئي. جوڳين جي سنگ ۾ گھمندو ٿو وتي. جوڳين جا ٽولا ھن جا بيت ۽ وايون جھونگاريندا ٿا وتن. مان جوڳين کان سندن بيت ۽ وايون ٻُڌي لکي ڇڏيندو آھيان. جوڳين جو ٽولو پيو اچي. ھنن کي صوفي سائينءَ جا بيت ضرور ياد ھوندا.“
موھن وديالي ڏانھن ويو ۽ ماڻڪ اڪيلو ويٺو رھيو. ھن جا وديارٿي ساٿي وڃي چڪا ھئا ۽ ھر طرف چُپ چپات ھئي جنھن ۾ درياءَ جي ڇولين جو ھلڪو ھلڪو آواز ۽ پکين جي لاتِ ٿي گونجي. ايتري ۾ سامھون درياھه مان شاھي ٻيڙا ھاڪاريندا لنگھيا. ٻيڙن جون قطارون ھيون. شايد شاھي فوج ڪيڏانھن ڪوچ ڪيو ھو يا شايد وري ڪنھن باغي قبيلي تي حملو ڪرڻ لاءِ ٿي ويون. وري خونريزي، قتلام ۽ ماڻھن جو ڪوس! سنڌ ۾ ھر طرف بغاوتون ۽ ماڻھن جو ڪوس ھو. ڳاٽي ڀڳا محصول، ظلم، ڏاڍ ۽ ڏھڪاءُ. ماڻھو يا ته ظلم خلاف بغاوتون پيا ڪن يا جوڳي ويراڳي ٿي، دنيا تياڳي، جھنگن بَرن ۾ پيا ڀٽڪن. وري ڪَرم ۽ عمل جو مسئلو سامھون ٿو اچي. جينن ۽ ٻوڌن سچ چيو ھو ته انسان پنھنجي عمل جو پاڻ ذميوار آھي. ڏُک سُک، موت حياتي بلندي پستيءَ جو ڪارڻ ھن جو پنھنجو عمل آھي پر ڇا ماڻھو پنھنجي عمل ۾ آزاد آھي ڇا حالتن جو جبر ماڻھوءَ جي عمل جو تعين نٿو ڪري. ماڻھو ويچارو ته لڳاتار خارجي حالتن جي جبر ۾ آھي ۽ خارجي حالتون ئي ھن کان عمل ڪرائين ٿيون. پوءِ ماڻھوءَ کي پنھنجي عمل جو پاڻ ذميوار ڪيئن چئي سگھجي ٿو.

اوچتو ئي اوچتو ماڻڪ جي دل پڙھائيءَ مان کٽي ٿي پيئي. جنھن اُتساہَ سان سبق ٻڌندو ھو، گيانن ۽ آچارين کان سوال پڇندو ھو. پنھنجي وديارٿي ساٿين سان بحث ڪندو ھو. آھستي آھستي ھن جو اُھو اُتساہُ ختم ٿيڻ لڳو، علم ۽ وديالي کان ھن جي دل کٽي ٿي پئي. ھن کي لڳو ته جتان ھن پنھنجو ذھني سفر شروع ڪيو ھو، اڄ به ھو اتيئي بيٺو ھو. اکرن، خيالن ۽ سوچن جو گھاٽو جھنگ ھو. ھڪ اکر ٻئي اکر کي رد ٿي ڪيو، ھڪ رستي ٻئي رستي کي ٿي ڪٽيو جنھن رستي تي وڃ اھو رستو ڪنھن منزل تي پھچائڻ جي بدران، سوالي نشان بڻجي، اڳيان اُڀو ٿِي ٿَي بيٺو. ڪنھن مھل ھن کي ائين لڳندو ھو ڄڻ ھي وديالو وڏو شمشان آھي جنھن ۾ صديون اڳ جي ڏاھپ ۽ ڏاھن جي سڙيل چِتائن جي رَک ڪتابن ۾ محفوظ رکي آھي. سڀ گياني، اچاريه ۽ پنڊت اُن رک تي ابتا سبتا ۽ بي معنيٰ ليڪا ٿا ڪڍن. اھي گياني ۽ اچاريه ڄڻ قبرستان مان اُٿي آيل مڙدا آھن جيڪي چتائن جي رک ما چپٽيون ڀري ماڻھن ۾ ورھائيندا ٿا وتن. ھر شيءِ چرپر، تبديلي ۽ ڦير گھير ۾ ھئي. ڪائنات ۾ ڀڃ ڊاہ جو ڪھرام متل ھو. ھر پراڻي شيءِ ڊھندي ٿي ويئي ۽ نئين شيءِ جنم ٿي ورتو. پر ھي گياني، اچاريه ۽ پنڊت وقت جي حرڪت، تبديلي ۽ تبديليءَ سان ٿيندڙ ڀڃ ۽ ڊاہ کان بيخبر، صدين کي اُبتو اورانگھي، کنڊرن ۾ گونجندڙ ماضيءَ جا پڙاڏا ٿا ٻڌن ۽ انھن پڙاڏن کي ازلي ابدي سچ ۽ ڏاھپ ٿا سمجھن. ماضيءَ جي ڏاھن پنھنجي پنھنجي دور جي سوالن جا جواب ڏنا ھئا. ھر دور جا پنھنجا سوال آھن. منھنجي دور جا ڪھڙا سوال آھن ۽ انھن جا ڪھڙا جواب آھن.
ڪڏھين ڪڏھين سوچيندو ھو ته ھاڻي وديالي کي ڇڏي پيءُ جو ڪاروبار ۽ ليکي چوکي جي بَندي سنڀاليان. اکرن سان زندگيءَ جي سچاين کي ماپي ڏٺم ھاڻي انگن سان ماپي ڏسان.
ھڪڙي چانڊوڪيءَ رات جو ھو پنھنجي حُجري ۾ ليٽيو پيو ھو ته جوڳين جي سَنک جو آواز ھن جي ڪَن تي پيو. ھن سوچيو. اڄ جوڳين سان رِھاڻ ڪري ڏسان ڪھڙي خبر انھن وٽان ڪا مڻيان ملي وڃي. موھن ڪاغذ ۽ ڪِلڪ کنئين. ھو ٻئي درياہ ڏانھن روانا ٿيا. درياہ جي ڪپ تي پپل جي وڻ ھيٺان جوڳين باھڙي ٻاري ھئي ۽ سڀ دونھينءَ جي چوڌاري ويٺا ھئا. چانڊوڪيءَ ۾ ھنن جا ڀڀوت لڱ، گيڙو ڪپڙا، ۽ ڪَنن ۾ لڙڪندڙ والا ڪيڏا پراسرار ٿي لڳا.انھن جوڳين ۾ اُھو سيد زادو صوفي به ھو جنھن جون ڪوتائون جوڳي ويراڳي ڳائيندا ھئا ۽ موھن لکندو رھندو ھو. عشق جي چوٽ کائي دنيا تياڳي ھئائين. نالو ھيس شاہ عبداالطيف. سھڻو شھزادو. شڪل مان وڏ گھراڻو ٿي لڳو. منھن تي عجيب نُوراني سانت. اکيون وڏيون سھڻيون. ڄڻ ازل جا اسرار پيون ڳولھن. ھن جون اکيون چنڊ ۾ کُتل ھيون. ھن چنڊ تان نظرون ھٽايون ۽ ڪنڌ جھڪائي مونن ۾ منھن وڌائين. اوچتو ھڪڙي جوڳيءَ صدا ھنئين الک نرنجن! ٻئي جوڳيءَ چيو ا .... ھو.... ٽئين جوڳيءَ سُر کنيون. الو.... ميان ۽ چوٿون ڳائڻ لڳو.


جتي عرش نه اُڀ ڪو، زمين ناہ ذرو
نڪو چاڙھو چنڊ جو، نڪو سج سرو
اُتي آديسين جو، لڳو دنگ درو
ڀري پين ٻرو، ناٿ ڏٺائون ناہ ۾.

ھن جي منطقي ذھن قلابازي کاڌي ۽ ھن جو ذھن تصوف ۽ ويدانيت جي ڪاڪ محل ۾ ڀٽڪڻ لڳو. جوڳيءَ ٻيو بيت ڏنو.
رھيا اُتيئي رات، صبح ويندءِ صابري
لُنءَ لُنءَ منجھه لطيف چئي، ڪر تنين جي تات
سندي جوڳيان ذات، ٻئي ڀيري مس مڙي.
جوڳين جو آواز ھن جي ھانوَ ۾ سيرون وجھڻ لڳو. ھن جي ساري وجود ۾ ڪو آسماني غم گونجڻ لڳو. ھن کي پڪ ٿي ته ھزارين سال اڳ سنڌوءَ جي ڪَپ تي رگ ويد جون رچاؤن رچڻ وارن رشين ۽ ڪَوين جي اندر ۾ به آڪاش وائي ائين ئي غم بڻجي گونجي ھوندي. آسمان ۾ چنڊ ٿي چمڪيو ۽ چوڏھينءَ جي اُداس چانڊاڻ ھر طرف پکڙيل ھئي. ھوا ۾ پپل جا پن ٿي کڙڪيا ۽ وديالي جي پويان ٻيلي ۾ وڻن مان واءُ جو آواز ائين ٿي آيو ڄڻ ڪي ڀٽڪيل روح ٿي رُنا. ھن جي پٺيان وديالو ھو. ڏاھپ جو مساڻ! ۽ ھن جي سامھون جوڳي ويٺا ھئا جن نانھن ۾ ناٿ ڏٺو ھو. وچ ۾ باھه ٿي ٻري ۽ باہ جي اُلن جو عڪس جوڳين جي منھن تي ٿي پيو. ھن لاھري بندر کان ڪشمور تائين يڪتاري، چپڙن ۽ جھانجھن جا آواز ٻڌا، نانڪ پنٿن جي واتان گرو نانڪ جا شبد ٻڌا، سنت پنٿي اسماعيلين جا گنان، بابا فريد، شاہ ڪريم ۽ قاضي قاضن جا دوھا ۽ قلندر جي ڌمال ٻڌي. اُھا سنڌ ھئي. صوفين سنتن، سُک سانت جي سنڌ! پر سُک ۽ سانت جي اُن نگريءَ ۾ ڏاڍ جو ڪيڏو نه ڏھڪاءُ ھو. ھر طرف ڪوس ۽ قتلام. جوڳيءَ بيت ڏنو.
اڱڻ آھين اڄ، صبح ويندءِ صابري
ڪج ڪاپڙين سان، روح رچندو رڄ
پير تنين جا پُڄ، متان سِڪين سنياسين کي.

ھن فيصلو ڪيو ته ھو اڄ ئي وديالو ڇڏي، ھن سيدزادي صوفيءَ جو چيلو ٿيندو ۽ سندس سنگ مان دل جو دڳ ڳولھيندو. آڌيءَ رات جو ھو موھن کي جوڳين وٽ ڇڏي، اُٿي آيو. حجري ۾ اچي، پنھنجي سامان جي ڳنڍ ٻڌي، پڙڇ تي آھلي پيو. سوچيائين اَسر جو جوڳين سان گڏ ھليو ويندس. ٿوريءَ دير لاءِ ھن جي اک لڳي ويئي پر پوءِ ھو ڇرڪ ڀري جاڳي پيو. ڳنڍ ڪلھي تي رکي وديالي مان نڪتو ۽ درياءَ جي ڪپر تي اچي ڏٺائين ته اُتي ڪو ڪونه ھو. رات جوڳين جيڪا باھڙي ٻاري ھئي تنھن جي رَک ٿي اُڏاڻي ۽ جوڳيئڙا دلين جا سنک وڄائيندا واٽ وٺي ويا ھئا. ھن ته سوچيو ھو ته ھو اُن سيد زادي صوفيءَ جو چيلو ٿيندو ۽ دل جي دڳ تان نانھن ۾ ناٿ ڏسندو پر سيد زادو صوفي به ھن کي ڇڏي ھليو ويو ھو. ھاڻي ھو ڪيڏانھن وڃين، ڪھڙي واٽ وٺي. وديالي کي ھو ڇڏي آيو ھو جوڳي ھن کي ڇڏي ھليا ويا ھئا. ھاڻي ڪيڏانھن وڃين. ٺٽو! ٺٽي ۾ ھن جو گھر ھو ۽ ٺٽي ھن کي سڏ ڪيا. ٺٽي جي مَنگھن ھن کي صدائون ڏنيون ۽ ٺٽي جي ھوا ھن کي ڀاڪر ۾ ڀرڻ لاءِ ھن ڏانھن ٻانھون ڊگھيريون ۽ ھو ٺٽي ڏانھن روانو ٿيو.
...............................

حصو چوٿون

پادري الفنسو باربوسا عبادت پوري ڪري گرجا مان ٻاھر نڪتو ته مِينھن جي بوند ھن جي منھن تي پئي. ھن اکيون کڻي آسمان ڏانھن نھاريو. آسمان ۾ ڪارا ڪڪر مڙي آيا ھئا ۽ اڇا اڇا ڪَنگ ٿي اڏاڻا، ھوا ۾ چيڪي مٽيءَ جي خوشبوءِ رچيل ھئي. پريان سمنڊ جي کاريءَ وٽان ٽيٽيھر جي ”ٽين ٽين..... ٽين ٽين“ جو آواز آيو. سسٽر ايلز چيو:
”منھنجي خيال ۾ مينھن پوڻ وارو آھي، اڄ ٺٽي نه وڃون.“
”مينھن مونکي ڇا ڪندو. تَنگ ڪيائين ته ڪنھن وسنديءَ ۾ پناہ وٺندس.“
پادري گرجا جي آڳر مان نڪري وسنديءَ ڏانھن روانو ٿيو. سامھون قلعو ھو جنھن جي چئني برجن تي توبون رکيون ھيون. ھن بندر مان ڏيساورن مان آيل مال ٺٽي ويندو ھو ته رستي تي مڪراني ڌاڙيل قافلن کي ڦريندا ھئا ۽ قافلن جي بچاءَ لاءِ مغلن جو ٻِن سَون جو فوجي دستو ان ۾ رھندو ھو. قلعي کان اڳتي لاھري بندر جي وسندي ھئي. مِٽي ۽ ڪاٺ جا اٽڪل ٻه سو ٽي سو گھر ھئا. شروع ۾ ھو جڏھين ھتي آيو ھو ته ماڻھو ھن کي ان وسنديءَ ۾ اچڻ نه ڏيندا ھئا. پر پوءِ آھستي آھستي جڏھين ماڻھن کي خبر پئي ته ھو ڊاڪٽر به آھي ته ماڻھن ھن وٽ اچڻ وڃڻ ۽ کيس پنھنجي گھرن ۾ وٺي وڃڻ لڳا. ھاڻي وسنديءَ جا سڀ ماڻھو، ھڪ ھڪ ٻار، ھڪ ھڪ پوڙھو ۽ ھڪ ھڪ جوان ھن جو چڱيءَ طرح واقف ھو. ھو وسنديءَ ڏانھن ويو. رستي ۽ گھٽين مان لنگھڻ وارن ھن جي کيڪر ڪئي ۽ وسنديءَ جا ڪِنا، ڪوجھا، ڪارا ۽ بُڇڙا ٻار ”فادر اچي ويو.....فادر اچي ويو.“ چوندا ڊوڙندا، ھن جي ڄنگھن سان چنبڙيا. ھن سڀني ٻارن کي پيار ڪيو ۽ کين ٽول ڏنا. ھن وسنديءَ جي ٻن چئن مريضن کي ڏٺو. سڀني کي مليريا ھئي. مليريا کي ماڻھن بيماري ئي نٿي سمجھيو. موسمي تپ چئي ٽاري ٿي ڇڏيائون. پر پوءِ جڏھين بخار سندن ھڏن ۾ ويھي ٿي ويو تڏھين لاچار ٿي طبيب وٽ ٿي ويا جنھن کين گھوٽا ۽ ڪاڙھا ٿي ڏنا. ھن پاڻ سان ڪونين آندي ھئي ۽ ڪونين معجزو ڏيکاريندڙ دوا ھئي. ان ڪونين جي مدد سان ھو ماڻھن جي گھرن ۽ سندن دلين تائين پڄڻ ۾ ڪامياب ٿيو ھو.
وسنديءَ کان واپسيءَ تي ھو کاريءَ واري پاسي کان آيو. کاريءَ ۾ ڏيساور جي ڪنھن جھاز لنگر ھنيون ھو ۽ مزدورن سامان لاٿو ۽ چاڙھيو ٿي. ھو به اِئين ئي پاڻيءَ جي جھاز ۾ گوا مان ھت آيو ھو. ھن ڊيڪ تي بيھي ڪناري ڏانھن نھاريو ھو ۽ آسمان مان مينھن جي بوند ھن جي مُنھن تي پئي ھئي. آسمان ۾ ڪارا ڪڪر ھئا، اڇن ڪنگن جا ولر ٿي اڏاڻا ۽ پريان ٽيٽيھر جي ”ٽين ٽين.....ٽين ٽين.“ جا آواز ٿي آيا.
پادري الفنسو باربوسا اصل پورچوگيزي ھو. تمام غريب گھراڻي ۾ پئدا ٿيو ھو ۽ ھن جا پيءُ ماءُ قسمت آزمائڻ لاءِ لزبن مان پورچوگيزي جھاز تي چڙھي ھندوستان روانا ٿيا ھئا. رستي ۾ جھاز تي ڪا وچڙندڙ بيماري پئي ھئي. اڌ کان وڌيڪ مسافر ان بيماريءَ ۾ مئا ھئا. ھن جا پيءُ ماءُ به اُن بيماريءَ جو شڪار ٿيا ھئا. جھاز ۾ ھڪڙي پادريءَ سفر تي ڪيو. مرڻ وقت ھن جي ماءُ ھن کي پادريءَ جي ھنج ۾ ڏنو ھو ۽ گوا ۾ پادريءَ ھن کي پالي نپائي وڏو ڪيو ھو.
پادريءَ کي ھو پاپا چوندو ھو. پاپا ڏاڍو ماٺيڻو ھو ۽ ڪم جي ڳالھه کانسواءِ اجايو اکر به نه ڳالھائيندو ھو پر ھن سان ننڍڙن ٻارن وانگر ڪچھريون ڪندو ۽ رانديون کيڏندو ھو. پر پوءِ جڏھين ھو وڏو ٿيو ته پاپا ھن سان به گھڻو ڳالھائڻ ڇڏي ڏنو ۽ ٻنھي ۾ ويڇا اچي ويا. پاپا ھن جو آدرش ھو. سنھڙو، ڊگھو ۽ ماٺيڻو. سنھي ڏاڙھي جيڪا کاڏيءَ وٽ ٿوري ڊگھي ٿِي ٿَي وئي. ڊگھو اڇو چوغو مٿي تي ٽِڪڻ وٽ ننڍي اڇي ٽوپي ۽ ڳچيءَ ۾ صليب جي زنجيري. ڊگھا سنھرا وار ۽ اداس اکيون، ماٺ ڪيو پيو گرجا ۽ گرجا جي ساون ساون ٻارن ۾ گھمندو ھو. آچر جي ڏينھن گرجا ۾ عبادت ڪرائيندي انجيل جون آيتون پڙھندو ھو ته ائين لڳندو ھو ڄڻ يسوح مسيح صليب تان لھي، ماڻھن جي سامھون بيھي ماڻھن کي آسماني پيءُ جي محبت جون آيتون ٿو ٻڌائي. ننڍي لاءِ پاپا کي گرجا ۾ عبادت ڪرائيندو ڏسي ھن سوچيو ته جيڪر يسوح مسيح جي بدران ماڻھو پاپا کي صليب تي چاڙھن ھا ته پاپا جي ڪيڏي نه مڃتا ٿئي ھا.
اسڪول جي تعليم پوري ڪري ھو ڪاليج ۾ آيو ته ڪاليجي دوستن سان اٿندي ويھندي ھن کي پنھنجي شخصيت جي ھڪ عجيب اوڻائيءَ جي خبر پئي. ھن کي خبر پئي ته ھن جو سڀاءُ عام ڇوڪرن کان نرالو ھو. ھن جي ذھن ۾ ڪوھيڙو ڇانيل ھو ۽ ھو ھر ماڻھو ۽ ھر چھري کي اُن ڪوھيڙي مان ڏسندو ھو. ھر چھرو، ھر سڀاءُ ڌُنڌ ۾ ويڙھيل، اڻ چٽو ۽ وڻندڙ ھو. ھو ڇڪجي ان چھري ان سڀاءَ جي ويجھو ويندو ھو ته اوچتو ئي اوچتو ذھن مان ڪوھيڙو ختم ٿي ويندو ھو ۽ ھر طرف تيز، تِکي ۽ چُڀندڙ اُس پکڙجي ويندي ھئي جنھن ۾ ھو ماڻھوءَ کي ھن جي آر پار ڏسي سگھندو ھو. ھن جون سڀ خاميون، اوڳڻ ۽ عيب ھنکي چٽا نظر ايندا ھئا. پنھنجي اصل حالت کان ڏھوڻا وڏا، ڄڻ ھن جي اکين تي خوردبيني چڙھيل ھئي ۽ ھر ھڪ شيءِ پنھنجي اصلي حالت کان ڏھوڻي وڏي نظر ايندي ھئي. ماڻھن جو شڪليون ۽ شخصيتون ڏنگيون، ڦڏيون ۽ اڻ وڻندڙ نظر اينديون ھيون. انھن ڏينھن ۾ ھن مصوري سکي. سندس تصويرن ۾ به انساني شڪليون عجيب نموني جون ڏنگيون ڦڏيون ھونديون ھيون. ھن جون تصويرون ماڻھوءَ جي ظاھري صورت جي بدران ھن جي اندر جو عڪس ھيون.
ڇوڪرين جي معاملي ۾ ھن جي ذھن مان ڪڏھين به ڪوھيڙو نه لٿو. ھر ڇوڪري ست رنگي انڊلٺ ۾ ويڙھيل ھئي. ھر جسم ميگھه ملھار ھو جنھن جي وسڪار سان وجود ۾ کٽڻھار کڙي پوندا ھئا. ڪڏھين ڪڏھين ھنکي لڳندو ھو ڄڻ ھو پنھنجي چوڌاري پکڙيل چھرن جي جھنگ ۾ ڪنھن وڃايل چھري کي ڳولھيندو ٿو وتي. ھن جي اندر جي اجنتا ۾ ڪا مورتي اُڪريل ھئي جنھن جا نقش، جنھن جي جسم جا انگ ۽ ونگ ھو ھر چھري ۽ ھر جسم ۾ ڳولھيندو ھو. ڪي اکيون ان مورتيءَ جي اکين جھڙيون ھيون ته ٻيا نقش اوپرا ۽ اڻ سونھان ھئا. جسم سڃاتل ھو ته چھرو اوپرو ھو ۽ چھرو سڃاتل ھو ته جسم اوپرو ھو! ڄڻ ڪنھن ھن جي روح تي اُڪريل مورتيءَ کي ڀڃي ان جا ٽڪرا ماڻھن ۾ ورھائي ڇڏيا ھئا. ڪنھن وٽ اُن جون اکيون ھيون، ڪنھن وٽ چھرو ته ڪنھن وٽ جسم. انھن سڀني ورھايل ٽڪرن کي پاڻ ۾ ملائي مڪمل مورتيءَ کي ھو ڳولھيندو رھيو ھو ۽ پوءِ ھڪڙي ڏينھن سڀ ورھايل ٽڪرا پاڻ ۾ ملي مڪمل صورت اختيار ڪري ويا. ھن اکيون کڻي سامھون نھاريو ھو. سامھون مارگريٽ بيٺي ھئي. جنھن مشنري اسڪول ۾ ھو ماستر ھو اُن اسڪول ۾ ھوءَ ماسترياڻي ٿي آئي ھئي. ڪارو ڪُٺ بدن، ماسيريون ڇاتيون، ڪونج جھڙي ڳِچي، وڏيون وڏيون اکيون، ڄمن جھڙا ڪارا رس سان ڀريل چپ. ڪارو رنگ ھنکي ڏاڍو پراسرار لڳندو ھو. شايد اھو ھندستان جي روح جو رنگ ھو. ڪرشن، رام ۽ مارگريٽ جو رنگ، شايد انسان جي جنسي خواھشن جو رنگ يا ته تکو ڳاڙھو ھو يا وري ڪارو ڪٺ.
مارگريٽ ۽ ھو ٻئي دوست ٿي ويا. ٻئي سمنڊ جي ڪناري، ناريل جي وڻن جي جھنڊ ۾ ڪچھريون ڪندا ھئا. الائجي سندن اندر ۾ ڪيتريون ۽ ڪھڙيون ڳالھيون ھيون جيڪي کٽي نٿي کٽيون ۽ پل پھر کٽي ٿي ويا.
سج لڙيو ۽ گرجا جو صليبي نشان شفق جي رنگن ۾ جرڪڻ لڳو. ڪپر سان بيٺل ٻيڙين جا سڙہ ڦڙڪڻ لڳا. ڪناري سان ڏور تائين پکڙيل ۽ جھنڊ ھڻي بيٺل ناريل جا وڻ جھولڻ لڳا. سائي سائي گاہ تي اڇيون قميصيون ۽ نيريون چڍيون پاتل ٻارن رانديون ٿي کيڏيون. کير جھڙن اُجرن وڳن ۾ ٻه ڪاريون ڪاريون جواڻ جماڻ نرسون الائجي ڪھڙيءَ ڳالھه تي ٽھڪڙا ڏينديون ھنن جي ڀر مان لنگھيون. يورپي طرز تي ٺھيل ڳاڙھي کپريل جي ڇتين وارن ننڍڙن بنگلن جي سائي سائي لان ۾ پورچوگيزي پوڙھا ۽ پوڙھيون آرام ڪرسين تي آھليل ھئا. ھڪڙو ٻاؤ ”اوم پرڀو شانتي“ چوندو ھنن جي ڀر مان لنگھيو. گل فروش پوڙھي گوين ھنن کي گل آڇيا. سمند جي ڪپرن جي آلاڻ ھنن جي وجود ۾ رچجڻ لڳي. ھن ڪنڌ جھڪائي چپ مارگريٽ جي چپن تي رکيا. لھرون کلڪار ڪنديون ڪپر ڏانھن وڌيون ۽ ھنن جي وجود تي وري ويون.
ھن پنھنجي شخصيت جي اظھار لاءِ مصوريءَ جو سھارو ورتو ھو. پر ھن جي تصويرن ۾ انساني صورتون ڏنگيون ڦڏيون ھونديون ھيون. ھاڻي ھن حواسن مان حاصل ٿيل لذتن کي روحاني رنگ ڏنو ۽ يسوح مسيح جي ننڍپڻ جي تصوير ٺاھي. يسوح مسيح ننڍڙي ٻار جي روپ ۾ بِيبي مريم جي ھنج ۾ ھو. بِيبي مريم جي نيڻن مان تقدس ڀري مامتا ٿي ڇلڪي ۽ ھن جي ڀرسان حضرت يحيٰ بيٺو ھو. ھن تصوير مڪمل ڪري تصوير کي غور سان ڏٺو ۽ ھنکي اھو ڏسي تعجب ٿيو ته حضرت يحيٰ جي شڪل پاپا جھڙي ھئي. بيبي مريم جي شبيھه مارگريٽ جھڙي ۽ ٻار جي روپ ۾ يسوح مسيح ھو پاڻ ھو.
ھو مذھبي ماحول ۾ پليو نپنيو ھو. گھر جي ڪٽر مذھبي ماحول ھن جي اندر ۾ مذھب کان بيزاري پئدا ڪئي. ڪتابن ھن جي اندر ۾ عقل ۽ عقيدي جي ڇڪتاڻ شروع ڪئي ۽ ھو مذھب کان پري ٿيندو ويو. مذھبي رسمن ۽ عبادتن ۾ شامل ٿيڻ ۽ گرجا ۾ وڃڻ به ڇڏي ڏنائين. ماڻھو ھن جي عقيدن جي باري ۾ عجيب عجيب ڳالھيون ڪرڻ لڳا. ھو ماڻھن جون ڳالھيون ٻڌندو رھيو ۽ موٽ ۾ ڪجھ نه چيائين. ھن کي رڳو ھڪڙي ڳالھ جي حيرت ھئي ته ماڻھن ته ھن جي عقيدن جي باري ۾ ھيڏيون ڳالھيون ٿي ڪيون پر پاپا ماٺ ھو. ان باري ۾ پاپا ھن سان اکر به نه ڳالھايو ھو. پاپا جي ماٺ ھن کي بي چين ڪري ڇڏيو. ھن چاھيو ٿي ته پاپا ھن سان ھن جي عقيدن جي باري ۾ ڳالھائي. ھن کي سڌي راھ تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري. ھن تي ڪاوڙجي. پر پاپا ماٺ ھو. آخر ھن کان پاپا جي ماٺ برداشت نه ٿي ۽ ھڪ رات ڊائننگ ٽيبل تي ھن پاڻ پاپا سان ڳالھ ڪڍي.
”پاپا، اوھان کي خبر آھي ته مان عقيدو وڃائي ويٺو آھيان.“
”ھا، مونکي خبر آھي.“ پاپا ڏاڍي ڌيرج سان وراڻيو. پاپا جي آواز ۾ نه ڪاوڙ ھئي ۽ نه ڏک.
”اوھان مونکي عقيدي تي آڻڻ جي ڪوشش ڇو نه ڪئي؟“
ھن جو سوال ٻڌي پاپا ھلڪي کنگھڪار ڪري نڙي صاف ڪئي، اھا ھن جي خاص اسٽائيل ھئي.
”عقل جي آڌار تي جيئڻ وارا جڏھين عقيدي جو سفر شروع ڪندا آھن تڏھين رستي تي بي عقيدي جو رڻ پٽ به ايندو آھي ۽ اُھو رِڻ ماڻھوءَ کي اڪيلي سر پار ڪرڻو پوندو آھي.“
”پر پاپا. منھنجي ذھن ۾ ڪي سوال آھن جن جا جواب اوھان کي ڏيڻا آھن. منھنجو سڀ کان پھريون سوال اوھان جي باري ۾ آھي. مونکي ٻڌايو ته اوھان زندگيءَ جي خوشين ۽ خواھشن کي پاڻ تي حرام ڪري راھب ڇو ٿيا؟“
”اُن لاءِ ته يسوح مسيح جي محبت جو پيغام ماڻھن تائين پھچايان.“
”۽ ماڻھن جو اڳيون جھان سنواريان. ائين ني. پر مان اوھان کان پڇان ٿو ته اوھان مذھبي ماڻھن کي انسان جي ھن جھان سنوارڻ جي بدران اڳين جھان سنوارڻ جو اونو ڇو ھوندو آھي. اوھان کي خبر آھي ته ڪيترن ماڻھن لاءِ ھيءَ زندگي ۽ ھي جھان جھنم آھي پر اوھان مان ڪوبه ماڻھوءَ کي زندگيءَ جي جھنم مان بچائڻ لاءِ راھب نٿو ٿئي پر موت کانپوءِ جو جھان سنوارڻ لاءِ راھب ٿو ٿئي. اوھان کي ڪنھن حق ڏنو آھي ته اوھان ڪنھن به ماڻھوءَ کي سندس مذھب ڇڏي، ٻيو مذھب اختيار ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو. ماڻھوءَ کي ڇڏيو ته ھو پنھنجي رنگ ۽ ڍنگ سان جيئي. اوھين رڳو ماڻھوءَ جون مجبوريون، بي وسيون، ڏُک ڏولاوا ڏُور ڪيو، کيس علم جو نُور عطا ڪيو ۽ زندگيءَ جون سچايون ھو پاڻيھي ڳولھي لھندو. گرجائن ٺاھڻ جي بدران اسڪول ۽ اسپتالون تعمير ڪيو ۽ ماڻھوءَ کي زندگيءَ جي جھنم کان بچايو. مان مڃان ٿو ته اوھان گوا ۾ اسڪول ۽ اسپتالون ٺھرايون آھن پر انڪري نه ته ماڻھوءَ سان ماڻھپي جي ناتي سان سندس اھنج ۽ ايذاءَ ۽ جھالت کي ختم ڪيو پر اُن لاءِ ته جيئن ھو زندگيءَ جون سھولتون حاصل ڪري عيسائي ٿئي. اُھا خودغرضي آھي ۽ ان خودغرضيءَ کي خدا ۽ يسوح مسيح به پسند نٿو ڪري. اوھان کي مڃڻو پوندو ته مذھب ماڻھوءَ کي سڌارڻ ۾ ناڪام ٿيو آھي. مذھب جي نالي تي ڪيڏو نه انساني ڪوس ٿيو آھي ۽ ”ھڪ ڳَل تي ڪو چماٽ ھڻيوَ ته ٻيو ڳَل سندس اڳيان جھليو“ جھڙي تعليم ڏيڻ واري يسوح مسيح جا پوئلڳ ھٿن ۾ بائيبل، بادفرنگ ۽ بارود کڻي آفريڪا ۽ ايشيا کي لُٽڻ لاءِ ڪاھي پيا آھن اچو ته مذھب کي رد ڪرڻ کانسواءِ ماڻھوءَ کي سڌارڻ ۽ زندگيءَ کي جنت بڻائڻ لاءِ ڪا ٻي واٽ ڳولھي ڪڍون.
ھو ماٺ ٿي ويو، ھن کي لڳو ته پاپا جي اڳيان ايڏي جوشيلي تقرير ڪري ھن پنھنجي اندر جي ٻار کي اوڳاڇي ڪڍيو ھو. پاپا ھن کي ماٺ ڏسي کنگھڪار ڪري نڙي صاف ڪئي ۽ پھريون کان وڌيڪ تحمل سان چيائين.
”گوتم پنھنجي ڀڪشن کي چيو ھو ته ڪڏھين به ڪنھن سان بحث نه ڪجو ڇاڪاڻ جو سچائيءَ کي رد ڪرڻ لاءِ به ايڏا ئي وزني دليل موجود آھن جيترا سچائيءَ کي ثابت ڪرڻ لاءِ. سرمد کي چيائون ته ڪلمو پڙھ، ھو لااِلالله چئي ماٺ ٿي ويو. قاضين چيس ته اھو ته انڪاري فقرو آھي اڳتي اقراري فقرو ڇونه ٿو پڙھين. سرمد جواب ڏنو ته مان اڃا انڪار جي منزل تي ئي چڱيءَ طرح نه پڳو آھيان ۽ اوھين اقرار جي منزل جون ڳالھيون ٿا ڪيو ۽ قاضين ھن کي اقرار جي منزل تي پڄڻ کان اڳ ئي شھيد ڪري ڇڏيو. تون به اڃا انڪار جي منزل تي آھين ۽ مان بحث ۽ دليلن سان توکي ان منزل تي شھيد ڪرڻ نٿو چاھيان..... ”پاڻ اقرار جي منزل تي ملنداسين. شب بخير!“

چانڊوڪي رات، چوڏھينءَ جو چنڊ گرجا جي صليب ۾ اٽڪي بيٺو آھي. ناريل جا وڻ جھنڊ ھڻي ننڊ ۾ آھن. چوڏھينءَ جي چانڊاڻ ۾ سمنڊ جو سينو ساه کڻڻ سان ھيٺ مٿي ٿو ٿئي ۽ ويرون کلنديون، ڪڏنديون، ڪناري تي اچي وٽڙي ٿيون وڃن. زندگيءَ جي ساري سونھن، خوشبويون، مارگريٽ جو موھ، سندس ڇھاءُ جسم ۾ جاڳندڙ، ڳائيندڙ، جھومندڙ جذبا. منھنجي ھجڻ، منھنجي ھستي ۽ منھنجي وجود جا شاھد آھن. وجود جي ھر مٿاڇري تي حواسن سان مان زندگيءَ کي محسوس ٿو ڪيان ۽ منھنجا حواس، منھنجا احساس ان ڳالھ جا شاھد آھن ته مان آھيان، مارگريٽ ۽ سندس موھ آھي، زندگي آھي. ڪو ازلي ۽ ابدي پيار آھي جنھنجو ھڪ ٽيپو منھنجي ۽ مارگريٽ جو موھ آھي. ڪا ازلي ۽ ابدي سونھن آھي جنھن جي ھڪ ڪرڻي ڪائنات کي ھيڏي سونھن ۽ ھٻڪار بخشي آھي. ڪا ازلي ۽ ابدي نيڪي آھي جيڪا انساني جسم جي صورت ۾ ھن دنيا ۾ اچي ٿي ۽ بڇڙائي ۽ شِر کي ختم ڪرڻ لاءِ صليب تي چڙھي ٿي وڃي. گرجائن جا گھنڊ، پرھ ڦٽيءَ جو ٻانگ جا آواز، مندرن جا جھانجھ ۽ جوڳين جا سنک ان نيڪي، ان سونھن ۽ ان پيار جا پڙلاءَ آھن.
”مارگريٽ، مان لامذھب آھيان پر دھريو نه آھيان. مون رڳو پادرين جي مذھب ۽ سندن مدي خارج رسمن کي رد ڪيو آھي. منھنجا ٻه وجود آھن. ھڪڙو عقلي ۽ ٻيو احساساتي. عقلي وجود مذھب کي رد ٿو ڪري ۽ احساساتي وجود ھر شيءِ ۾ ڪنھن ازلي ۽ ابدي حسن، پيار ۽ نيڪي کي محسوس ٿو ڪري. تنھنجي قرب ۽ تنھنجي ڇھاءَ سان مان ڪنھن ازلي سچ کي پنھنجي وجود ۾ ڌڙڪندو ٿو محسوس ڪيا.“

اسڪول مان موڪل جو گھنڊ وڳو. ٻارڙا ڊوڙندا ڪلاسن مان نڪتا. ھو مارگريٽ سان گڏ اسڪول مان نڪري رستي تي آيو. اڄ مارگريٽ ڪوماڻيل ٿي لڳي. ھن کيس ڇھي ڏٺو. مارگريٽ جو بت باھ وانگر ٿي ٻريو. ھو مارگريٽ کي گھر ۾ ڇڏي، ڊوڙ پائي ڊاڪٽر وٺي آيو. ڊاڪٽر مارگريٽ جو علاج ڪيو پر سندس بخار نه ٽٽو. پوءِ مھينو ھنکي بخار رھيو. ڪڏھين ھن تي غشي ٿي طاري ٿي ته ڪڏھين ھوش ۾ ٿي آئي. ھوش ۾ اچڻ سان مارگريٽ زور سان ھن جو ھٿ ٿي جھليو جيئن ڪو ٻڏندڙ ٻاھر نڪرڻ لاءِ ڪناري تي بيٺل ماڻھوءَ جو ھٿ زور سان جھليندو آھي. بخار ۾ مارگريٽ ڳري ڪنڊا ٿي ويئي. ھن جو ماسيرو بدن سڪي ھڏائون پڃرو ٿي ويو، ڀريل ڀريل ڇاتيون ڪومائجي ويون. ڳَلن ۾ کڏون ۽ اکيون ڏار ڏيئي ويون. ان حالت م ھوءَ پھرين کان وڌيڪ سھڻي ٿي لڳي. ھن مارگريٽ جي ان بيمار سونھن کي ڏسي سوچيو. سونھن ڇا آھي. مارگريٽ جي ظاھري سونھن ختم ٿي ويئي آھي پوءِ به ھوءَ مون کي ايڏي سھڻي ڇو ٿي لڳي. شايد اھا منھنجي جذبي جي سونھن آھي جنھن بيمار مارگريٽ کي ايڏو سھڻو بڻائي ڇڏيو آھي. شايد جذبي جي سونھن ئي سچي سونھن آھي.
مھيني کان پوءِ ھڪڙي ڏينھن مارگريٽ جو بخار ٽٽو. ان ڏينھن ھو ڏاڍو خوش ھو. مارگريٽ به خوش ھئي. ٻئي ڏينھن مارگريٽ صحت جو غسل ڪيو، بھترين وڳو پاتو، وھنجي سھنجي پاڻ سينگاريو، چوٽيءَ ۾ رابيل جو گل سجائي ھن کي چيائين ”مونکي سمنڊ جي ڪناري تي وٺي ھل“
”تون ھيڏي ڪمزور آھين، سمنڊ جي ڪناري تائين ڪيئن ھلي سگھندينءَ؟“
”تنھنجي سھاري سان مان دنيا جي ھُن ڪناري تائين به ھلي سگھان ٿي. ھي ته سمنڊ جو ڪنارو آھي.“
ھن کيس سھارو ڏنو ۽ ٻئي سمند جي ڪناري ڏانھن روانا ٿيا. اڄ به سج لڙيو ۽ شفق جي رنگ ۾ گرجا جي صليب جرڪڻ لڳي. اڄ به دخاني جھاز جا سڙه ڦڙڪڻ ۽ جھنڊ ھڻي بيٺل ناريل جا وڻ جھولڻ لڳا. اڄ به ھڪڙو ٻاؤ ”اوم پرڀو شانتي“ چوندو ھنن جي ڀر مان لنگھيو ۽ پوڙھي گل فروش گوين ھنن کي گل آڇيا. ھو سمنڊ جي ڪناري تي اچي ويٺا ۽ واريءَ جي آلاڻ ۽ نرمي ھنن جي جسمن ۾ لھڻ لڳي. وري چند نڪتو ۽ صليب ۾ اٽڪي بيٺو. سمنڊ ساه کنيان ۽ سمنڊ جو سينو ھيٺ مٿي ٿيڻ لڳو. ويرون نچنديون ٽپنديون، کلڪار ڪنديون ھنن ڏانھن وڌيون ۽ سندن وجودن تان وري ويون.
”ائين تو لڳيم ڄڻ ھي گھڙيون منھنجي تڪميل جون گھڙيون آھن. دل ۾ ڪا حسرت ڪانھي، اکين ۾ ڪو اڻ پورو خواب ڪونھي. ڄڻ سڀ خوشيون ماڻي ڇڏيم. سڀ خواب پورا ٿي ويا. دل ٿي چيو ته ساري منظر کي، تڪميل جي ھنن سمورين گھڙين کي اکين ۾ سانڍي سمھي پوان ۽ اکيون وري نه کوليان. منھنجي ھڪڙي ڳالھ مڃ، مان مري وڃان ته تون يسوح مسيح ڏانھن موٽي وڃجانءِ“
”ڪھڙيون ڳالھيون ٿي ڪرين. اڃا ته اسان کي جيئڻو آھي. تڪميل جون اڃان ڪي ٻيون گھڙيون ماڻڻيون آھن. اڃا ڪيتريون خوشيون آھن جيڪي ماڻي نه سگھيا آھيون، ڪيترا خواب آھن جيڪي جاڳندڙ اکين ۾ ستل آھن. اڃان اسان کي ننڍڙو گھر ٺاھڻو آھي. گھر جي اڱڻ ۾ اسانجا ٻار رانديون کيڏندا ۽ اسين لان ۾ آرام ڪرسين تي آھلي پنھنجي ٻارن کي کلندو ٽڙندو ڏسي خوش ٿينداسين.“
”مون کي پيار ڪر.“
ھن مارگريٽ کي سيني سان لاتو. مارگريٽ ھن کي ائين ٻانھن ۾ ڀڪوڙيو ڄڻ ڪو ھن کي کانئس کسي وٺندو. اڄ تائين ڪڏھين به مارگريٽ ھن کي ايڏي پيار ۽ زور سان نه ڀڪوڙيو ھو، ڄڻ ھن وجودن جي سڀني ويڄن کي ختم ڪرڻ ٿي چاھيو. ھن مارگريٽ جون اکيون چميون، پيشانيءَ تي چپ رکيا ته اوچتو مارگريٽ جون ڀڪوڙيل ٻانھون ڍليون ٿي ويون ۽ ڪنڌ ھڪ پاسي لڙي آيو. ھن ڇرڪي مارگريٽ کي سيني کان ڌار ڪري ھن کي غور سان ڏٺو. مارگريٽ جو بي جان جسم ھن جي ٻانھن ۾ ھو. سمنڊ گجگوڙ ڪندي ھن ڏانھن وڌيو ۽ سڀ ڪجھ ان ۾ غرق ٿي ويو....... ان کان پوءِ ڇا ٿيو تنھن جي ھن کي ڪا يادگيري ڪانه ھئي. ڪيئن مارگريٽ جو لاش گھر پھتو، ڪيئن گرجا جا گھنڊ وڳا، ڪيئن ڪفن ۽ دفن جون رسمون ادا ٿيون. ھن کي رڳو ايترو ياد ھو ته چنڊ گرجا جي صليب تي لڙڪيل ھو ۽ ھو مرمر جي بت وانگر مارگريٽ جي قبر وٽ بيٺو ھو ۽ الائجي گھڻا ڏينھن گذري ويا ھئا. پوءِ پاپا ھن جي ڪلھي تي ھٿ رکيو ھو ۽ کيس سھارو ڏيئي گرجا ۾ وٺي آيو ھو. ھن اکيون کڻي سامھون نھاريو ھو. سامھون وڏي صليب تي يسوع مسيح لڙڪيل ھو. ھن کي ائين لڳو ڄڻ صليب تي يسوع مسيح جي ھٿن ۽ پيرن ۾ کُتل ڪليون ڪنھن ھن جي ھانءَ ۾ ٺوڪيون ۽ پھريون دفعو ھن يسوع مسيح جي صليب تي چڙھڻ جي ايذاءَ کي محسوس ڪيو ۽ اندر جي ايذاءَ مان ھن جي اکين مان لڙڪ وھڻ لڳا ۽ ھو اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو. پاپا ھن کي سيني سان لاتو ۽ ھو پاپا جي سيني ۾ سڏڪندو رھيو. نيٺ جڏھن ھو روئي روئي ساڻو ٿي پيو تڏھين ھن پاپا جي سيني تان ڪنڌ کڻي، اکيون اگھي يسوع مسيح جي مورتيءَ ڏانھن نھاريو ۽ مورتيءَ تان نظرون ھٽائڻ کانسواءِ ھن پاپا کي چيو:
”پاپا، مان پادري ٿيندس.“
پوءِ ھن طب ۽ جدا جدا مذھبن جي تعليم ورتي ۽ باقائدي پادري ٿيو ۽ پاپا کيس تبليغ لاءِ لاھري بندر موڪليو. گوا جي ڀيٽ ۾ لاھري بندر ڏاڍو ويران ۽ اداس ھو. اڳوڻي مشھور بندر ديبل کان پنجن ميلن، ٺٽي کان چاليھ ميلن، سمند کان ويھ ميل اندرئين پاسي، مھراڻ جي ھڪ شاخ جي الھندي ڪناري تي اھو بندر ھو. پڪو قلعو، ڪاٺي ۽ مٽيءَ جا گھر، لاھري بندر ۾ ھن کي عجيب اداسيءَ جو احساس ٿيو. اداس گھر، گھرن تي اداس منگھ، ھوائن ۾ به عجيب بي نانءِ اداسي رچيل ھئي. ماڻھن جي چھرن، سندن مرڪن ۽ ٽھڪن مان به اداسي ٿي بکي. لاھري بندر جون چانڊوڪي راتيون ھن کي ڏاڍيون وڻيون. اداس چانڊوڪين ۽ ھن جي پنھنجي روح جي ويرانين ۾ عجيب ھڪجھڙائي ھئي.
ٽيٽيھر ”ٽين ٽين ......ٽين ٽين ڪندو آسمان ۾ اڏاڻو. پادري خيالن مان جاڳي آسمان ڏانھن نھاريو ۽ مينھن جي بوند ھن جي منھن تي پئي. ڪنگن جي قطار اُڏامندي لنگھي. پادري گرجا ڏانھن روانو ٿيو. گرجا جي احاطي کان ٻاھر وڻ جي ھيٺان نوڪر گھوڙو جھلي بيٺو ھو ۽ سسٽر ايلس ھن سان گڏ بيٺي ھئي. ھن سسٽر ايلس کان مرڪي موڪلائي گھوڙي تي لانگ ورائي ۽ ٺٽي روانو ٿيو.

............................................

حصو پنجون

سارنگ جي دل تي ٺٽي جي حشمت ۽ ھيبت ويٺل ھئي. ٺٽي جا محل ۽ ماڙيون، مسجدون ۽ مندر، بندر ۽ بازاريون، ماضيءَ جي عظمت جا داستان سيني ۾ لڪائي، وقت جي وھڪري مان ڳاٽ اوچو ڪري بيٺل مڪليءَ جا مقبرا ۽ کنڊر، عالم، اديب، شاعر، صوفي ۽ سنت، گھوڙن کي سنجن سان سجائي، غرور سان رستن تي گھمندڙ شاھي ڪامورا ۽ جھولندڙ ھاٿي. قلعه حاڪم نشين مان نوبت جو آواز ٻڌي ھن جي دل دھلجي ويندي ھئي. ٺٽي جي عظمت آڏو ھو پاڻ کي ڪيڏو نه ننڍو ۽ ڪين جھڙو محسوس ڪندو ھو پر ھاڻي ھن جو ڳاٽ ٺٽي کان به اوچو ھو.
ھن حاڪم جي درٻار ۾ عالمن سان علمي بحث ڪيا، درٻاري شاعرن جي شاعريءَ تي تنقيد ڪري سندن بخيا اڊيڙيا. سڀني جي وات تي واه واه ھئي. ھاڻي ھنکي پنھنجي بھادري ۽ شھزوريءَ جا جوھر ڏيکارڻا ھئا ۽ کيس موقعي جي تلاش ھئي. علي ھن جو ڀرجھلو ھو. عليءَ سان گڏ ھن مغل ۽ ترڪ ڳائڻين جا راڳ ٻڌا. شراب، شاعري ۽ شطرنج جي محفلن ۾ پاڻ مڃرايو. چانڊوڪي راتين ۾ مڪليءَ تي کيرسر ۽ کنڊسر تلائن جي ڪَپر تي انگوري ۽ مشڪين شراب جا پيالا پيتا.
علي ھن کي ڪينجھر ڍنڍ گھمائڻ وٺي ويو. چانڊوڪي رات جو ھن ڪينجھر جي ڪپ تي خيمان کوڙيا ۽ رات جو ٻيڙيءَ تي چڙھي وچ ڍنڍ ۾ مَڌُ پيئڻ لڳا. آسمان ۾ چوڏھينءَ جو چنڊ ٽڪ ٻڌي بيٺو ھو ۽ ڍنڍ ۾ ترندڙ چنڊ جي اولڙي سان لھرن راند ٿي کيڏي. ھوا ۾ عجيب بي نانءُ ھٻڪار ھئي. ڪنڌيءَ سان ڪنول ۽ وڻراه! پريان ڪينجھر جي ڪنڌيءَ سان ڪنھن مھاڻي بيت ڏنو. مھاڻي جو آواز لھرن ۾ لڙھندو، چنڊ کي ڇھندو ھنن جي ڪنن سان ٽڪرايو.
ھيٺ جرُ، مٿي مڃر، پاسي کان وڻراه
اچي وڃي وچ ۾، تماچي جي ساءِ
لڳي اتر واءُ، ڪينجھر ھندورو ٿئي.

مھاڻي جو آواز ٻڌي ٻنھي کي پنھنجا پنھنجا ڏک سور ياد پيا. سارنگ پاڻ کي سنڌ جي سلطان ڄام تماچي جي روپ ۾ ڏٺو. ساري ڏيھ ۾ سندس ڏھڪاءُ ھو، سندس گھوڙي جي سُنبن سان ڌرتي ٿي ڪنبي، پر ھن چارڻ جي ڌيءُ کان مات کاڌي. سنڌو ھن سان ٻيڙيءَ ۾ ساڻ ھئي. واھوندا وريا ۽ ڪينجھر کٿوري ٿي.
عليءَ پنھنجو پاڻ کي ڄام تماچيءَ جي روپ ۾ ڏٺو. پر ھن جي ڪا نُوري ڪانه ھئي. ھن ھر جواڻ ۽ سھڻي عورت کي نُوري سمجھي ساڻس عشق ڪيو ھو پر ھر نُوريءَ کان ھن جي دل کٽي ٿي پئي ھئي. ڪاته اھڙي نُوري ھجي جنھن لاءِ ھو پنھنجي خودپرستي ۽ لذت پرستيءَ جي تخت تان لھي، کارو ڪلھي ڪري، مھاڻو ٿي مڇي ماري.
”ڪنھنجو ڪلام آھي؟“ سارنگ پڇيو.
”سيد زادي صوفي، شاھ لطيف جو.“
شاھ لطيف، شاھ لطيف. ساري سنڌ ۾ شاھ لطيف جو نالو ٿي گونجيو. اديون شاھ لطيف چئي. لعلڻ لال لطيف چئي. ھر دل ۾ شاھ لطيف جي نانءَ جي نوبت ٿي وڳي.
”سائينءَ جو ڪلام ٻڌي ائين ٿو لڳي ڄڻ سائينءَ سنڌ جي ڏتڙيل ماروئڙن جي سورن کي زبان ڏني آھي.“
عليءَ جي دل ۾ اڃان مھاڻي جي آواز جا پڙلاءَ ھئا. عليءَ جي ڳالھ ٻڌي سارنگ مرڪيو ۽ چيائين:
”مڃان ٿو ته لطيف سائينءَ سنڌ جي ماروئڙن جي سورن کي زبان ڏني آھي. پر ڇا شاھ جي شاعريءَ سان ڏتڙيل ماروئڙن جا سور ختم ٿي ويندا يا کين ڪو وڌيڪ ڪونه ڏتڙيندو. ڏتڙيل ائين ئي ڏتڙبا رھندا ۽ ڏتڙيندڙ کين ڏتڙيندا رھندا. ھن دنيا ۾ رڳا ٻن قسمن جا ماڻھو آھن. ھيڻا ۽ ڏاڍا. اھو قدرت جو قانون آھي ته ھيڻو ڏاڍي جو کاڄ ٿئي“
”قدرت جا قانون بي رحم آھن.“ عليءَ چيو ” اھو به قدرت جو بي رحم قانون آھي ته ھيڻو ڏاڍي جو کاڄ ٿئي. سيءَ ۾ بيمار ٿيڻ به قدرت جو بي رحم قانون آھي پر انسان قدرت جي ان بي رحم قانون کان بچاءُ جي واٽ ڳولھي لڌي آھي ۽ ڪپھ ۽ اُن مان ڪپڙا اُڻي، سيءَ کان پاڻ کي بچايو آھي. اسان کي قدرت جي ان بي رحم قانون کان ته ھيڻو ڏاڍي جو کاڄ ٿئي، پاڻ کي بچائڻو آھي.“
”نبي ۽ اولياءَ قدرت جي ان قانون خلاف بچاءُ ڳولھيندا آيا آھن پر ماڻھن نبين ۽ ولين جي بچاءَ واري اُپاءَ کي ھٿيار بڻائي ھيڻن جي خلاف استعمال ڪيو آھي. منھنجي خيال ۾ قدرت جي ان قانون کان بچاءَ جي ڪا صورت ڪانھي. ھيڻي جو فنا ٿيڻ قدرت جي عين قانون مطابق آھي. ھن وقت، ھن گھڙيءَ، ڪائنات ۾ فنا ۽ بقا جي جنگ جاري آھي. الائجي ڪيتريون ھيڻيون شيون ھن گھڙيءَ تباھ پيون ٿين ۽ الائجي ڪيتريون توانا ۽ طاقتور شيون وجود ۾ پيون اچن. ھيڻي جي فنا ۽ طاقتور جي بقا جي بي رحم اصول تي تاريخ پئي ھلي. سومرا ڪمزور ٿيا ته سمن کانئن حڪومت کسي ان ڪري جو سومرن جي ڀيٽ ۾ سما وڌيڪ توانا قوم ھئي. سما ڪمزور ٿيا ته انھن کان وڌيڪ توانا قوم ارغونن ۽ ترخانن ھنن کان حڪومت کسي، ارغون ۽ ترخان ڪمزور ٿيا ته مغل آيا. مغل ڪمزور ٿيا آھن ۽ تاريخ ھاڻي ڪنھن ٻي توانا قوم جي تلاش ۾ آھي.“
”سنڌ سان ھيڏو ظلم پيو ٿئي ۽ تون ۽ مان مغلن جي نوڪري پيا ڪيون. ان باري ۾ تنھنجو ڇا خيال آھي.“
”سنڌ فنا ٿيندڙ قوت آھي ۽ مغل بقا جي قوت آھن. انسان کي بقا جي قوتن جو ساٿ ڏيڻو آھي نه ته ھو پاڻ فنا ٿي ويندو. ھن کي فيصلو ڪرڻو آھي ته ھو ڏتڙيل رھي يا ڏتڙيندڙ. ھيڻو ٿئي يا ڏاڍو ۽ اسان ڏتڙيل ٿيڻ جي بدران ڏتيڙيندڙن جي گروه ۾ شامل ٿيا آھيون. رڳو نبي ۽ اولياءَ، صوفي ۽ درويش فنا ٿيندڙ ھيڻن جو ساٿ ڏيئي ڏاڍن سان ٽڪرائيندا يا پاڻ فنا ٿيندا آھن يا ڏاڍ جي معاشري کي فنا ڪندا آھن.“
عليءَ کي خبر ھئي ته سارنگ اقتدار پرست آھي ۽ ھو ھر شيءِ کي انھيءَ نگاه سان ڏسندو ۽ پرکيندو آھي ھن کي اھا به خبر ھئي ته سارنگ ذاتي اقتدار لاءِ سڀئي رشتا ۽ ناتا به لتاڙي سگھي ٿو. ھو عليءَ جي لاش کي لتاڙي به اڳتي وڃي سگھي ٿو پر ته به سارنگ ھن کي پيارو ھو. ڪن ماڻھن ۾ قدرتي طور اھڙي ڪشش ٿيندي آھي جو سندن اوڻاين جي باوجود ماڻھو ھن ڏانھن ڇڪجي ويندا آھن، اھو ڄاڻندي به ته ھي مون کي تباھ ڪندو، ڄاڻي واڻي ھن جي ھٿان تباه ٿيندا آھن ۽ ڪن ماڻھن ۾ لک چڱايون ھونديون آھن پوءِ به ھنن ڏانھن دل نه ورندي آھي.
”سارنگ! سنڌو ياد پوندي اٿئي؟“
اھو سارنگ جي شخصيت جو ٻيو رخ ھو. ھن سنڌوءَ سان اندر جي سچاين سان پيار ڪيو ھو. ساري ڳوٺ کي سنڌو ۽ سارنگ جي پيار جي خبر ھئي پر ڪنھن به ھنن جي پيار کي ميري اک سان نه ڏٺو ھو. سارنگ سنڌوءَ کانسواءِ ڪڏھين به ڪنھن ٻي عورت ڏانھن اک کڻي نه نھاريو ھو. مرد ڪيترو به شريف ڇونه ھجي، عورت جي بدن جي اُس سان اکيون ضرور سيڪيندو آھي. پر سارنگ ڪنھن ڏانھن ڪونه نھاريندو ھو. ھن کي سارنگ جي شخصيت جي ان رُخ سان ريس ٿيڻ لڳي جيڪر ھو به سارنگ وانگر ڪنھن سنڌوءَ سان پيار ڪري سگھي ھا. ھن کي زندگيءَ ۾ گھڻيون ئي نوريون مليون ھيون پر ھو ڪنھن لاءِ به ڄام تماچي ٿي نه سگھيو ھو. ڪيتريون سھڻيون ڪچي گھڙي تي ھن لاءِ درياه ۾ ٽپيون ھيون پر ھو ڪنھن سان به سير ۾ ساڻ نه ھليو ھو. ھن کي پنھنجي زال سڪينه ياد پئي.
سڪينه ھن جي ماسيءَ جي ڌيءُ ھئي. ڪڏھين ڪڏھين اچڻ وڃڻ ٿيندو ھو. سڪينه ڪڏھن به ھن جي سامھون نه آئي. اڇي چادر ۾ ڪو پاڇو ھوندو ھو جيڪو ھيڏانھن ھوڏانھن پيو گھمندو ھو. ھڪڙي ڏينھن ھو ماسيءَ جي گھر جي آڳر ۾ ويٺو ھو. سرءُ جي مند ھئي، اُس مان تيک ختم ٿي ويئي ھئي ۽ اس جو رنگ پيلو ٿي ويو ھو. سڪينه وھنجي غسل خاني مان نڪتي، ھن کي خبر ڪانه ھئي ته ڪو علي آڳر ۾ ويٺو آھي، ھوءَ اُس ۾ وار ڇنڊڻ لڳي. ھن ھيترن سالن کان پوءِ پھريون دفعو سڪينه کي ڏٺو ھو. وار ڇنڊڻ سان جسم ۾ لھرون اڀريون ۽ چڙھيون. انگن جي ونگن تي چڙھيل جوڀن جي ول جا ڇُڳا ٿي ڇِڳا. اوچتو سڪينه جي ھن تي نظر پئي ۽ عليءَ کي پاڻ ڏانھن نھاريندو ڏسي ھن کان دانھن نڪري وئي. ”آئي گھوڙا!“
ان ڏينھن کان پوءِ ھو جڏھين به سڪينه کي ڏسندو ھو، ھن جون اکيون سڪينه ۾ کُپي وينديون ھيون. سڪينه جو سارو بت ٿڙڪڻ لڳندو ھو. ھوءَ به ڊنل ۽ ھيسيل اکيون کڻي ھن ڏانھن نھاريندي ھئي ان شڪار وانگر جيڪو شڪاريءَ کان ڊڄندو به آھي ته ساڳئي وقت شڪار ٿيڻ به چاھيندو آھي. ھڪ ڏينھن سڪينه کان پاڻيءَ جو گلاس وٺندي سڪينه جو ھٿ ھن جي ھٿ کي ڇُھي ويو. سڪينه کي ڄڻ ٽانڊن ڇھي ڇڏيو. ڇرڪي ھٿ ڇڪي ورتائين ۽ پاڻيءَ جو گلاس عليءَ جي لٽن تي ھارجي پيو.
”امڙ ڇا ٿي ڪرين، ڀاءُ جا لٽا آلا ڪري ڇڏيئه.“ ماسيءَ جو آواز آيو.
اڄ به سڪينه جي آڱرين جو ڇھاءُ ھن جي رڳ رڳ ۾ رچيل ھو.
ھن جي سڪينه سان شادي ٿي. پھريان ڏينھن ته ڏاڍي خوشيءَ ۾ گذريا. ھن کي لڳو ٿي ڄڻ ھو ڪنھن ٻئي جھان ۾ ھو. سارو ڏينھن گھر ۾ ويٺو ھوندو ھو. گھر کان ٻاھر نڪرڻ، ڪنھن دوست يا مائٽ سان ملڻ تي دل ئي ڪانه چوندي ھيس. جيڪڏھين دوستن وٽ دير ٿي ويندي ھيس ته سڪينه اڌ اڌ رات تائين بک ۽ اُڃ ۾ اکيون چائنٺ ۾ کپائي ھن جو انتظار ڪندي ھئي. پر پوءِ آھستي آھستي انتظار ختم ٿيڻ لڳا. ھو رات جو دير تائين گھر کان ٻاھر رھڻ لڳو ۽ جڏھين موٽي ايندو ھو ته سڪينه ھن جي وجود کي وساري بي خبر ستي پيئي ھوندي ھئي. محبت جون سڀ کان حسين گھڙيون شروعاتي ھونديون آھن جڏھين آڱرين جو ھلڪو ڇھاءُ مٺڙي ڄر بڻجي رڳ رڳ کي ڄرڪائيندو آھي. جڏھين وار ڇنڊڻ سان وجود جا ونگ ۽ انگ، ونگن تي وريل جوڀن ول ۾ انگور جا ڇڳا اکڙين ۾ اڻ ڏٺل جھان اڏي ڇڏيندا آھن. جسمن جون دوريون ۽ مجبوريون دل کي وڌيڪ ڌتارينديون آھن پر پوءِ جڏھين دوريون ۽ مجبوريون ختم ٿينديون آھن ته سڀ ڪجھ ختم ٿي ويندو آھي. ميلاپ محبت جو موت آھي.
عليءَ ڳيت ڏيئي مڌ جو پيالو خالي ڪيو. سارنگ ماٺ ڪري چنڊ ڏانھن نھاريو. چنڊ جي ڊونڊي آسمان جي ڪينجھر ۾ آھستي آھستي ٿي تري ۽ ھوا ۾ خنڪي رچجڻ لڳي.
”سارنگ، ڇا شاديءَ کان پوءِ محبت مري ويندي آھي؟“
”محبت ڪڏھين نه مرندي آھي.“
”شاديءَ کان اڳ محبت ۾ ڪيڏو نه جوش ھوندو آھي پر شاديءَ کانپوءِ سارو جوش ۽ ساري تڙپ ختم ٿي ويندي آھي. ڇا اھو محبت جو موت نه آھي؟“
”تون جوش، تڙپ ۽ بيتابيءَ کي محبت ڇو ٿو سمجھين. محبت ۾ وڌيڪ گھرائي ۽ وڌيڪ وسعت اچي وڃي ته اھا ڪينجھر وانگر ٿي ويندي آھي. سانتيڪي ۽ ماٺيڻي! درياھ جڏھين پھاڙن جي وچ ۾ ڪنھن سوڙھي لنگھ مان لنگھندو آھي ته ان ۾ ڪيڏي نه بي چيني، بي تابي ۽ شور ھوندو آھي. لھرون پٿرائين ڪنارن سان مٿو ٽڪرائينديون آھن پر جڏھن اھو ساڳيو درياھ ميدانن ۾ ايندو آھي ته ميدانن جي وسعتن ۾ پکڙجي، اڃايل ڌرتيءَ کي سيراب ڪري، ڪيڏي آرام سان وھندو آھي. ميلاپ کان اڳ محبت پٿرائين سوڙھي لنگھ مان وھندڙ درياھ وانگر آھي جنھن ۾ جذبا اُڀري ۽ الري پٿرائين ڪنارن سان مٿو ٽڪرائيندا آھن پر ميلاپ کان پوءِ محبت اڃايل جسمن کي سيراب ڪري، وسعتن ۾ پکڙيل درياھ وانگر ٿي ويندي آھي، سانتيڪي ۽ ماٺيڻي. شاديءَ کان پوءِ محبت مرندي نه آھي پر وڌيڪ گھري ۽ وسيع ٿي ويندي آھي ۽ جن ماڻھن لاءِ اندر جي لوچ، بي تابي، جذبن جو اُلرون ئي محبت آھي. اھي محبت جي وسعت گھرائي ۽ ڌيرج کي محبت جو موت سمجھندا آھن.“
سارنگ سچ ٿي چيو ته محبت مرندي نه آھي پر وڌيڪ گھري ٿي ويندي آھي. عليءَ کي سڪينه ۽ سندس ماٺيڻي محبت ياد پئي. اڄ سارنگ جي ڳالھ ٻڌي ھن سڪينه جي محبت کي ھڪ نئين انداز سان پنھنجو پاڻ ۾ محسوس ڪيو. پر ھن کي خبر ھئي ته جڏھين ھو سڪينه سان ملندو ته ٻن ٽن ڏينھن ۾ ھن جو اھو نئون احساس ختم ٿي ويندو ۽ ھر شيءِ پاروٿي لڳڻ شروع ٿيندي.

..........................................

حصو ڇهون

ٺٽو ماڻڪ جو اباڻو وطن ھو. ٺٽي ۾ ئي ڄائو، نپنو، پليو ۽ پڙھيو ھو. ٺٽي جو ھڪ ھڪ ڏيک ھن جي ھستيءَ جو حصو ھو. پر ھن دفعي ھن کي ائين لڳو ڄڻ ھو پھريون دفعو ٺٽي کي ٿو ڏسي. ٺٽي جا منگھ، محلات، ماڙيون، مسيتون ۽ مندر، باغ بوستان، بندر بازاريون. باغن ۾ ڪيڏي نه رونق ھئي. نصرپور، بکر، پاٽ، چانڊڪا، ملتان ۽ دھليءَ کان قافلا ايندا ھئا. لاھري ۽ ٺٽي بندر تي دخاني جھاز لنگر ھڻندا ھئا ۽ ڏيساورن مان آيل واپاري قسمين قسمين لباس پائي، شھر ۾ خريداريون ڪندا ۽ مال وڪڻندا ھئا. بازارن ۾ سجايل دڪان، بڪالي، بجاج، ڀلاوڻا، مٺائي، شربت ۽ پان جا دڪان. ھن صندل جي شربت جو گلاس پيتو ته رڳ رڳ ٺري پيس. گل فروشن ۽ عطر فروشن جي دڪانن تي ھٻڪارون. ھارون رشيد جي بغداد وانگر رستن تي اڇي اڇي منھن تي ڪارا ڪارا نقاب پائي گھمندڙ مغل ۽ ترڪ عورتون، ھار سينگار ڪري، ھٿن تي مينديءَ جون ڏياٽيون ٻاري ۽ چوٽن ۾ چنبيلي، چمپا ۽ رابيل جا گل سجائي گھمندڙ نچڻيون ۽ وئشايون، پتل جي ٿالن ۾ اَٽي جا ڏيئا ٻاري، مندر ڏانھن ويندڙ پوڄڻ جھڙيون پڄارڻيون. شام جو مڪليءَ جو سير، مڪليءَ تي واءُ جا جھوٽا ڄڻ مَڌُ جا ڍُڪَ!
ھن جو پيءُ وڏو سيٺ ھو. ھو پيءُ سان پيرين پئي مليو ته پڻس ڏاڍي پيار سان کيس ڇڪي ڇاتيءَ سان لاتو. زندگيءَ ۾ شايد پھريون دفعو پڻس کيس ڀاڪر پاتو ھو. ھو پيءُ ماءُ جو سڪيلڌو پٽ ھو پر پڻس ھن سان تمام گھٽ ڳالھائيندو ھو. ڪابه ڳالھ ڪرڻي ھوندي ھيس ته سندس ماءُ سان ڪندو ھو ۽ ماڻس اھا ڳالھ ھن سان ڪندي ھئي. پڻس جيترو پيار جو گھٽ اظھار ڪندو ھو ماڻس اوترو ئي وڌيڪ پيار جو اظھار ڪندي ھئي. ڪڏھين ڪڏھين ته ھو ماءُ جي پيار کان بيزار ٿي پوندو ھو. ماڻھو به عجيب آھي. پيار جو بکيو پر جيڪڏھن ڪو اڻ ميو پيار ڏئيس ته ان کي نه ليکيندو ۽ جيڪو نه ليکيس ان جي پيار لاءِ پيو واجھائيندو. ھن جڏھين وديالي ۾ پڙھڻ جو ارادو ڏيکاريو ته پڻس کيس ماڻس جي معرفت روڪيو، پر ھن ضد ڪيو ته راضي ٿي ويو. ھاڻي ھو وديالي مان موٽي آيو ھو ته پڻس ڏاڍو خوش ھو ماڻس ته ڪپڙن ۾ ڪانه ٿي ماپي. ھر وقت پٽ جي ٽھل ٽڪور ۽ نوان نوان طعام، زوري پئي کيس کارائيندي. پاڙي يا برادريءَ جون مايون اڱڻ ۾ گڏ ٿينديون ته رڳو پئي پٽ جون تعريفون ڪندي ۽ ھو پنھنجون تعريفون ٻڌي دل ئي دل ۾ پيو شڪي ٿيندو ھو.
ٻي ٽي ڏينھن ته ھن جا ھڪ نئين اُتساه ۾ گذري ويا پر پوءِ ٺٽو ۽ ٺٽي جي سونھن، ماڻھن جا منھن ۽ ڳالھيون ھنکي پاروٿيون لڳڻ لڳيون ۽ آھستي آھستي ھن جي چوڌاري اڪيلائيءَ جو رڻ پکڙجي ويو. ھاڻي صبح جو اسر سان ھو جاڳندو ھو ۽ سير ڪرڻ لاءِ جھنگ ڏانھن ھليو ويندو ھو. اڄ به ھو ننڊ مان اٿيو، منھن تي پاڻيءَ جي لپ ھڻي ڏندڻ ڪندو ٻاھر نڪتو. شھر اڃا ننڊ ۾ ھو، منگھن ڄڻ ساه ٿي کنيا، رستا ويڪرا ۽ وائکا ٿي لڳا. رستن جي ڪنارن ۽ گھرن جي اڳيان فانوس ٿي ٻريا، ھو رستن کي اورانگھيندو جھنگ ڏانھن ھليو ويو. حنگ جا وڻ ڄڻ تپسيا ۾ ھڪ ئي پير تي بيٺل جوڳي، رکي رکي واءُ کين ائين ٿي ڌونڌاڙيو جيئن ڪنھن ويراڳيءَ کي ڪڏھين ڪڏھين خواھشون ڌونڌاڙينديون آھن. وڻن سان ٽڪرائيندڙ واءُ سان خوفناڪ آواز ٿي اُڀريا. اڄ ھن کي الائجي ڇو خوف محسوس ٿيو. مان ڪنھن کان ٿو ڊڄان، پنھنجو پاڻ کان، پنھنجي اندر جي خال کان. صوفيءَ چيو ته پھريون رڳو خال ھو نانھن جو خال. نانھن جي ان خال ۾ ”ڪن“ جو آواز گونجيو. پھرين چرپر..... حرڪت ..... تخليق ..... زمان ۽ مڪان. ”لفظ خدا آھي“ ويدانتيءَ چيو. ھو جھنگ کان ٻاھر نڪتو. ھاڻي ھو درياه جي ڪپ تي بيٺو ھو. درياه ۾ ٻيڙيون ٿي تريون، سڙه ٿي ڦڙڪيا ھڪڙي مھاڻي ڳائڻ شروع ڪيو.

اکڙيون ميگھ ملھار، صورت تنھنجي سڀ جڳ موھيو.

مھاڻي جي آواز ھن جي اندر م ستل بي نانءُ سورن کي جاڳائي ڇڏيو. وائيءَ جا ٻول ٻڌي ھو سمجھي ويو ته اھو ھن جي ويراڳي گرو سيد زادي صوفيءَ جو ڪلام ھوندو. ڪلام جي ھڪ ھڪ اکر سان ھن کي چنڊ ڏانھن نھاريندڙ ۽ پوءِ مونن ۾ منھن وجھي ڇڏيندڙ سيد زادي صوفيءَ جي صورت نظر آئي ۽ ھو درياه جي ڪپ تي ويھي ماٺ ڪري مھاڻي جو راڳ ٻڌندو رھيو. مھاڻي جو آواز آھستي آھستي ڏور ٿيندو ويو. ھاڻي رڳو درياه جو آواز ٿي آيو. درياه ڄڻ وقت جو وھڪرو جنھن ۾ ھر شيءِ لڙھندي ٿي وئي. وقت ڇا آھي.....؟ حرڪت، چرپر ۽ تبديلي، حرڪت نه ھجي ته ڪا تبديلي نه ھجي، زمان ۽ مڪان نه ھجي. جيني چئي ٿو ته وقت آھي، تبديلي آھي، پر رڳو مادو تبديل ٿو ٿئي، جان تبديليءَ کان مٿاھين آھي انڪري غير فاني آھي. ٻوڌي چئي ٿو: ھر شيءِ ڦير گھير ۽ تبديليءَ ۾ آھي. ساري ڪائنات ۾ ڪھرام متل آھي، ڪنھن به شيءِ جو ساڳي حالت ۾ رھڻ ناممڪن آھي. ويدانتي چئي ٿو ته حقيقت م ڪا ڦير گھير اچي نٿي سگھي. جنھن کي اسان تبديلي چئون اھو رڳو اسان جو خيال آھي، حقيقت نه آھي. ڇا وقت جو وھڪرو به ائين ڪنھن ازلي ۽ ابدي ۽ بي انت ساگر ۾ ڇوڙ ٿو ڪري جيئن ھي سامھون وھندڙ درياه سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿو ڪري. وري اھي ڇا ۽ ڇو جا ازلي ۽ ابدي سوال – ھو ڪپر تان اُٿيو ۽ گھر ڏانھن روانو ٿيو.
اڻ ڏٺل ۽ اوپرن پيچرن تان ٿيندو ھو گھر جي ويجھو پھتو. سامھون تلاءُ ھو. تلاءَ جي ڪپ تي بڙ جو وڻ ھو جنھن مان پاڙون ڦٽي زمين کي ڇھڻ لاءِ ھيٺ ٿي لڙڪيون. پاسي کان شوالو ھو. شوالي ۾ عورتن ۽ ٻارن ڀڄن ٿي ڳايا. ھو شوالي جي در تي اچي بيٺو. عورتون شايد نانڪ پنٿي ھيون جو بابا فريد جا اشلوڪ ٿي ڳايائون.
ڪاگا! ڪرنگھ ڍنڍوليا، سگلا کايا ماس
اِءِ دو نين نه ڇوھيو، پر ڏيکڻ دي آس.

ڪاگا! کاءِ نه پڃرا، بسي ته اُڏر جاءِ
جس تن ميرا شوه بسي، ماس نه تدو کاءِ

ھن چاکڙيون لاٿيون ۽ شوالي ۾ اندر گھڙيو، شوالي ۾ ٿڌ ۽ ڌوپ ۽ اُگر جي اڻ وڻندڙ بوءِ پکڙيل ھئي. سامھون ڪرشن ڀڳوان ۽ راڌا جون مورتيون رکيون ھيون. مورتين جي سامھون پوڙھن، جوان ۽ ٻارڙن، ھٿ ٻڌي پرارٿنا ٿي ڪئي. ھو مورتين جي ڀر ۾ ڀت کي ٽيڪ ڏيئي ويھي رھيو. ھن ڪنڌ ڀت سان ٽيڪيو ۽ اکيون ٻوٽي ڇڏيون. ھن جي آڏو اونده ڇانئجي وئي. ڪرشن ۽ راڌا جون مورتيون، عورتن ۽ ٻارن جا آواز ۽ بابا فريد جي ٻائيءَ جا ٻول گھڻو پٺتي رھجي ويا. ھر طرف اونداھو خال ھو جنھن ۾ سانت زوزاٽ ٿي ڪيا.
”ماڻڪ ڪيئن آھين؟“
عورت جو آواز ٻڌي ھن اکيون کوليون. ھن جي سامھون ھڪڙي جواڻ جماڻ عورت بيٺي ھئي. ھن کي کير جھڙي اڇي ساڙھي پاتل ھئي. سندس منھن مان پوترتا ٿي بَکي جنھن سندس آتما جي شانتيءَ جو ڏس ٿي ڏنو. سندس اکيون وڏيون، ڪاريون ، وڻندڙ ۽ ڏاڍيون اُداس ھيون ڄڻ اھي اداس ۽ اشانت اکيون ڪنھن ٻئي جون ھيون جن کي ڪنھن شانت ۽ پر سڪون منھن تي جڙي ڇڏيو ھو.
”ٻه ٽي ڏينھن ٿيا آھن.“
”پر توکي ته اڃا وڌيڪ پڙھڻو ھو. تعليم اڌ ۾ ڇڏي آئين ڇا؟“
”ھا......“
”ڇو......؟“
”لفظ جڏھين بي معنيٰ ٿي وڃن ته پوءِ انھن کي پڙھي ڇا ڪبو.“
”پَراڻن ۾ آيو آھي ته لفظ خدا آھي. اوم به ته لفظ ئي آھي ۽ ڪرشن ڀڳوان چيو ھو ته مان ويدن ۾ آيل اوم آھيان.“
”پر قاضي قاضن چيو ته اکر اڳيان اُڀري واڳون ٿي وريام.“
”درويشن جو دڳ وٺ. اھو دل جو دڳ آھي. پوءِ اکر ڏاڍا روشن نظر ايندءِ.“
”عقل جو دڳ کُٽي ته دل جو دڳ وٺان.“
”گيتا پڙھندو ڪر. ڪرشن ڀڳوان دل جو دڳ ڏيکاريندءِ.“
”گيتا ۾ به ته اکر آھن. اکرن کان ڏاڍو تنگ ٿيو آھيان. وديالي ۾ ھڪڙي ڏينھن مون ھڪڙو سيد زادو صوفي ڏٺو، ھو ھندو جوڳين جي سَنگ ۾ ھنگلاج کان آيو ھو. اھڙو شانت ۽ اُجرو مُک مون اڄ ڏينھن تائين نه ڏٺو آھي. شاعر ھو. سندس ڪلام جوڳين ڳاتو ته ائين لڳو ڄڻ ڌرتيءَ جا ڏُک ٽيپو ٽيپو ٿي ھڪ ھڪ اکر مان لڙڪن وانگر ٿا ٽمن. چون ٿا ته عشق جي چوٽ کائي ويراڳي ٿيو ھو. پرينءَ جي چيچ اشھد آڱر بڻجي ھن کي دل جو دڳ ڏيکاريو ھو. دل جا دڳ اکر پڙھڻ سان نه ملندا آھن.“
”روز ھتي ايندو ڪر. ڪنھن نه ڪنھن ڏينھن ڪرشن مھاراج تنھنجي دل جو در ضرور کڙڪائيندو.“ ھن کيس نمسڪار ڪيو ۽ ھلي وئي. ھاڻي شوالي ۾ سانت ڇانئجي وئي. ھن ڪنڌ ڀت سان ٽيڪيو ۽ اکيون ٻوٽي ڇڏيون. شوالي ۾ ڇانيل خاموشي ھن جي وجود ۾ گونجڻ لڳي. لفظ.....لفظ..... لفظ ھو لفظن کان بيزار ھو پر سانت ۾ ته موت آھي. ھن اکيون کوليون ۽ ڪرشن جي مورتيءَ ڏانھن نھاريو. ھن کي گيتا لفظ ياد پيا.
”مان بي انت وقت آھيان، تباھ ڪندڙ موت آھيان. مان رازن جي سانت آھيان.
جھانن جي ابتدا ۽ انتھا آھيان، ويدن ۾ لکيل اوم آھيان“
”انسان ۾ پنھنجو پاڻ پوڄائڻ جي ڪيڏي نه خواھش آھي. ڪيئن نه ڀڳوان بڻجي پنھنجي پوڄا ٿو ڪرائي. ڀڳوان بڻجي نٿو سگھي ته ڀڳوان جو اوتار ٿو ٿئي، رشي ٿو ٿئي، ڪجھ نه ڪجھ ٿي پاڻ ٿو پوڄائي. لفظن جون ڪوڙڪيون ۽ اکرن جو ڄار اُڻي ماڻھن جي ذھنن کي قيد ٿو ڪري، پنھنجي سوچ جا زنجير ٿو پارائي ۽ ھزارين سال گذري ٿا وڃن ۽ ويچارا ماڻھو انھن زنجيرن ۾ جڪڙيل ٿا رھن. موت کي مات ڪرڻ لاءِ، پنھنجو پاڻ کي فريب ڏيڻ لاءِ موت کان پوءِ وري جيئڻ جو تصور آواگان ۽ ان تصور کي اخلاقي بڻائڻ لاءِ ٻئي جنم ۾ ڪرم جو ڦَل!“
ھو يڪدم اُٿيو ۽ شوالي کان ٻاھر نڪري آيو. ٻاھر ھن کي روشني ۽ وائک محسوس ٿي. تلاءَ ۾ مينھن اوڳر ٿي ڪيو ۽ ڏاڍي آرام سان ڪن لوڏي، ڪنن تان مکيون ٿي ھڪليون، بڙ تي ڪانگن ڪان ڪان ٿي ڪئي. ڀر ۾ ڪتو بيٺو ھو ھنکي ڏسي ڪتي ڪن اُڀا ڪيا، گُرڪيو ۽ پوءِ پڇ لوڏيندو ھليو ويو.
گھر اچي ھن ماءُ کان پڇيو.
”امان اڄ شوالي ۾ ھڪ عورت ڏٺم. سڃاتل ٿي لڳي پر مون کيس نه سڃاتو، مون سان ائين ٿي ڳالھايائين ڄڻ منھنجي ڪا پنھنجي ھجي.“
ماڻس ھن جا پار پتا پڇيا، ۽ پوءِ چيائين.
”اڙي گوپيءَ کي نه سڃاتئه. دولت رام شرما جي ڌيءَ ننڍي لاءِ توسان رانديون کيڏندي ھئي. وڏي ڳڻواڻ عورت آھي. ننڍي لاءِ ويچاريءَ جي شادي ٿي ۽ جوانيءَ ۾ ودوا ٿي. مڙسھنس تمام گھڻي دولت ڇڏي ويو پڻس به ترت ئي مري ويو. پيءُ ۽ مڙس جي دولت سان ودوائن، يتيمن ۽ لاچارن لاءِ شوالو ٺھرايو اٿئين. وڏا وڏا دان پڃ ڪندي آھي. وڏن وڏن آچارين کان پراڻ پڙھيا اٿئين.“
ماڻڪ کي آھستي آھستي گوپيءَ جي شڪل ياد اچڻ لڳي. ھو ٻئي باغن مان رابيل جا گل پٽي ڪرشن ڀڳوان جي مورتيءَ تي چاڙھيندا ھئا، رنگ برنگي پرڙن وارن پوپٽن جي پٺيان ڊوڙندا ھئا.
”امان، ھوءَ ودوا آھي ته پوءِ ٻي شادي ڇونه ٿي ڪري؟“
”ھائي ھائي، ڪھڙِون ڳالھيون ٿو ڪرين. ودوا وري ڪيئن ٻيو وھانءُ ڪندي. اڳ ته ودوائون مڙس سان گڏ چتا ۾ سڙي رک ٿينديون ھيون.“

ٻئي ڏينھن گوپي پتل جي ٿال ۾ مصري، کير ۽ گل کڻي ماڻڪ جي ماءُ سان ملڻ آئي.
ماڻڪ جو گھر پَڪ سِرو ھو. اڱڻ ۾ ھڪ پاسي ڳئون ٻڌل ھئي مُندر، ڄنگھن ۾ پتل جي چؤنري ڦاسائي ڳئون ٿي ڏڌي. ڳئونءَ جي ٿڻن مان اڇا اڇا گوھا نڪري ھڪڙي خاص تار سان چؤنري ۾ ٿي پيا. ڀت جي ڀرسان گھڙاونجيءَ تي دلا رکيا ھئا ۽ دلن تي موتئي جي گلن جون ڪنڍيون. ڪنڊ ۾ ننڍڙو مندر ھو جنھن ۾ ڪرشن ڀڳوان ۽ راڌا جون مورتيون رکيون ھيون. مورتين جي آڏو گينڊي جا گل پيا ھئا ۽ اُگر ٿي ٻريو. بورچيخاني ۾ ڳئون جي ڇيڻي جو تازو ليپ ڏنل ھو ۽ پتل جا ڌوتل پوتل ٿانو چم چم ٿي چمڪيا. نوڪرياڻيءَ چلھ تي تئي چاڙھي ھئي ۽ پوريون ٿي تريائين. گرم گرم پورين ۽ گيھ جي خوشبوءِ ساري اڱڻ ۾ پکڙيل ھئي. سامھون ڪنڊ وٽ کُھي ھئي ۽ نوڪرياڻي کھيءَ مان پاڻي ڀري، لٽا ٿي ڌوتا. آڳر ۾ ھالن جو پينگھو رکيو ھو ۽ ماڻڪ ماءُ ھندوري ۾ لڏندي، تکي ۽ کھري آواز ۾ نوڪرياڻين کي جلدي جلدي ڪم اڪلائڻ جون ھدايتون ٿي ڪيون. گوپي چائنٺ ٽپي اڱڻ ۾ پير پاتو ۽ جھٽ پلڪ لاءِ ماٺ ڪري بيھي رھي. گھر......! گھر جو اڱڻ!! گھرن جي اڱڻ ۾ ڪيڏي نه عجيب خوشبوءِ ۽ آواز ھوندا آھن. چؤنريءَ ۾ پوندڙ کير جي گوھن، تئيءَ ۾ ترجندڙ پورين جي شون شون، سوٽيءَ سان ڪپڙن سٽڻ جا آواز، ماڻڪ ماءُ جو تکو ۽ کھرو آواز. ھر طرف زندگي ۽ زندگيءَ جا وڻندڙ، اڻ وڻندڙ، ڪومل ۽ تکا آواز ھئا. گوپيءَ کي ڏسي ماڻڪ ماءُ ٽپ ڏيئي اٿي ۽ گوپيءَ کي ڀاڪر پائي کيس پينگھي سان لڳ موري تي ويھاريائين.
”نچ آئينءَ، جي آئينءَ. مس مس منھن ڏيکاريو اٿئي.“
”ماڻڪ موٽي آيو آھي، سوچيم ته ماسيءَ کي واڌائي ڏيئي اچان.“
”توکي به واڌايون ھجن، ماڻڪ تنھنجو به ته ڀاءُ آھي.“
”ماڻڪ ڪٿي آھي؟“
”ٻاھر گھمڻ ويو آھي“ ماسيءَ جو آواز يڪدم کھرو ۽ تکو ٿي ويو. نوڪرياڻيءَ کي سڏ ڪندي چوڻ لڳي ”اڙي ڇوري لڇمي وارو ڪر، سيرو پوري کڻي آءُ، ڇوري ڏسي نٿين ته ڪير آئي آھي.“ ھاڻي ھن جو آواز يڪدم نرم ٿي ويو ۽ آواز ۾ ميٺاڄ ڀري ھوءَ گوپيءَ کي چوڻ لڳي ”گوپي، ماڻڪ تنھنجي لاءِ پڇيو پئي ته ڪير آھي. ڪالھ توکي شوالي ۾ ڏٺو ھئائين. چوڻ لڳو: امي شوالي ۾ ھڪڙي عورت ڏٺم، صفا ديوي ٿي لڳي، مونسان ائين ڳالھائڻ لڳي ڄڻ منھنجي پنھنجي ھجي. مون پار پتا پڇي چيومانس ته اڙي گوپيءَ کي نٿو سڃاڻين، پنھنجي دولت رام شرما جي ڌيءُ، ننڍي لاءِ توسان رانديون کيڏندي ھئي..... اڙي لڇمي! ڇو ايڏي دير لاتي اٿيئي. جلدي ڪر. چوڻ لڳو: گوپي ته ھيترڙي ھئي، ھاڻي ھيڏي وڏي ٿي وئي آھي. چيومانس ته تون به ته ھيترو ھئين، ھاڻي ڌڻيءَ جي ڪرپا سان ڪيڏو وڏو ٿي ويو آھين. اڙي لڇمي!“ لڇميءَ يڪدم سيرو ۽ پوريون آڻي ھنن جي اڳيان رکيون.
”ڇوري ايڏي دير لائبي آھي. ھاڻي ڊوڙ پائي کير جو گلاس کڻي آءُ. مصري وجھڻ نه وسارجانءِ سمجھيه گوپي، اچي سيرو کاءُ. ھڪڙي ڳالھ ته ٻڌاءِ. ماڻڪ شوالي ۾ مٿو به ٽيڪيو يا نه؟“
”نه ماسي. مٿو نه ٽيڪيائين. ڀت کي ٽيڪ ڏيئي ويٺو رھيو.“
”مان ڀانيان ٿي ڌرم مان نڪري ويو آھي. مان پاٺ ڪندي آھيان ته مونکي ڏسي مشڪندو آھي. تون ڳڻواڻ آھين. وڏن وڏن گيانن کان گيان ورتو اٿيئي، تون ڪو ماڻڪ کي ڌرم تي آڻ“
”ماسي مون وٽ موڪليندي ڪرينس. کيس گيتا جو پاٺ ڪري ٻڌائيدس ته پاڻيھي ڌرم تي اچي ويندو. ڀڳوان جا ٻول ته پٿر کي پاڻي ڪيو ڇڏين، ماڻڪ ته ماڻھو آھي.“
”مان تنھنجي ڏاڍي ٿورائتي ٿيندس. ماڻڪ ھيرو ٿي ھيرو. پر الائجي ڪھڙا پستڪ پڙھيا اٿئين جو ڌرم مان نڪري ويو آھي.“
”ماسي، تون خيال نه ڪر. پاڻيھي سڌي واٽ تي اچي ويندو.،
”خبر ٿي ته ڪالھ ڇا ٿي چيائين. چيائين ٿي ته گوپي جوان جماڻ آھي، سھڻي آھي، پوءِ ٻي شادي ڇونه ٿي ڪري. ھاڻي تون ئي ٻڌاءِ ته جيڪو ماڻھو ڌرم تي ھوندو سو اھڙيون ڳالھيون پڇندو. اڙي لڇمي. مُندر کان کير وٺي چلھ تي چاڙھ ماڻڪ جو ميرو وڳو آڻي مولي ماءُ کي ڏي. مون چيومانس ته چريو ته ڪونه ٿيو آھين جو اھڙيون ڳالھيون پيو ڪرين. ودوا ٻيو وھانءُ ڪيئن ڪندي. ست جڳ ۾ ته ودوائون پتيءَ سان گڏ چتا ۾ سڙنديون ھيون ۽ تون ودوا جي وھانءُ جون ڳالھيون ٿو ڪرين.“
”پوءِ ڇا چيائين؟“ گوپيءَ مشڪندي پڇيو.
”چوندو وري ڇا. مشڪڻ لڳو. ڌرم جي ڳالھ ڪرينس ته مرڪي ٿو. اڙي لڇمي....“
”چڱو ماسي، مان ھلان ٿي.“
”ڪيڏانھن ٿي وڃين. ويھ، ڄاڻ ماڻڪ آيو.“
”آشرم جا ڪم ڪاريون به آھن. ٻئي ڀيري وري ايندس. چڱو.“
”چڱو. ماڻڪ اچي ته مان اڄ ئي ٿي توڏانھن موڪليانس.“

ماڻڪ سير تان موٽيو ته سڌو آشرم ڏانھن ويو. آشرم جي عمارت پڪ سري ھئي. ٻاھران ڀت سان جانورن جي پاڻي پيئڻ لاءِ ٻه ھودا ٺھيل ھئا. دروازي وٽ ٻه ڏاڪا ھئا. ڏاڪا چڙھي چائنٺ ٽپ ته دروازي سان لڳ کُھي ۽ پپل جو وڻ ھو. کاٻي ۽ ساڄي طرف ودوائن، يتيمن ۽ لاچارن لاءِ ننڍيون ننڍيون ڪوٺيون ٺھيل ھيون. سامھون ڇپرو ھو. ڇپري جي ڀت ۾ دروازو ھو. اھا گوپيءَ جي ڪوٺي ھئي. اڱڻ ۾ پاٽڙن ۾ پکين لاءِ داڻو پاڻي پيو ھو ۽ پکين جا ولر داڻو ٿي چڳيا. ھڪڙي ڪوٺڙيءَ ۾ ھڪڙو بيمار پوڙھو کٽ تي ليٽيو پيو ھو، صفا ھڏائون پڃرو. کٽ جي پاٽيءَ سان لڳ سندس پوڙھي زال انگوڇي سان ھن جي منھن تان مکيون ٿي ھڪليون. اڱڻ ۾ ٻارن راند ٿي کيڏي. ڪنھن عورت جنڊ ٿي پيٺو ته ڪنھن چرخو ٿي ڪتيو. گوپي سامھون آڳر ۾ پڙڇ تي ويٺي ھئي ۽ چرخو ٿي ڪتيائين. اوپري ماڻھوءَ کي ڏسي، داڻو چڳيندڙ پکي ولر ڪري اُڏاڻا. گوپيءَ چرخي تان ڪنڌ کڻي ڏٺو. ماڻڪ ھن جي سامھون بيٺو ھو. ماڻڪ کي ڏسي ھن کي اچرج به ٿيو ۽ خوشي به. ھوءَ کيس پنھنجي ڪمري ۾ وٺي آئي. ڪمري ۾ عجيب اداسي ڇانيل ھئي. سامھون واري دريءَ جي ٻاھران انب جو وڻ ھو. کاٻي پاسي ڀت سان کٽ پئي ھئي ۽ ساڄي طرف ننڍڙو مندر رکيل ھو. ساڳيا گينڊي جا گل ۽ اگربتيون. در سان لڳ پاسي کان پڙڇ وڇايل ھو. پڙڇ تي طويل وھاڻو ۽ ويڻا رکي ھئي. ھن پڙڇ تي ويھندي گوپيءَ کي چيو:
”گوپي معاف ڪجانءِ جو ڪالھ مون توکي ڪونه سڃاتو. مونکي کي خبر ئي ڪانه ھئي ته تون اھا ڳاڙھي ڳٽولي گوپي آھين جنھن سان گڏ مان باغن ۾ پوپٽ ڦاسائيندو ھيس. مون سمجھيو ٿي ته تون اڃا اوتري ئي ھوندينءَ پر تون وڏي ٿئينءَ، وھانءُ ڪيئه ۽ ودوا به ٿي وئينءَ. وقت ڪيئن نه اک ڇنڀ ۾ گذري ٿو وڃي.“
”تون پاڻ ڏانھن به ته نھار، ڪيڏو وڏو ٿي ويو آھين. يقين ئي نٿو اچي ته توسان گڏ ڀنڀوريون جھليندي ھيس.“
”تون راڳ ڳائيندي آھين.“
”ڀڄن ڳائيندي آھيان.“
”مون به راڳ جي باقاعدي سکيا ورتي آھي.“
”اڄ ته ڪو ڀڄن ٻڌاءِ.“
”ڪنھن ڏينھن اندر اٿل کاڌي ته پنھنجي گروءَ جي وائي ڳائي ٻڌائيندوسانءِ.“
”شاھ عبداللطيف“
”گيتا ٻڌندين......“
”تنھنجي واتان ڇونه ٻڌندس.“
گوپي گيتا کڻي آئي ۽ پڙڇ تي ويھي، گيتا کي ھنج ۾ رکي پاٺ ڪرڻ لڳي.
””عمل نه ڪرڻ سان انسان کي ڪرم مان نجات ملي نٿي سگھي ۽ نه ڪرم کان بي نياز ٿي ھو مڪمل ٿي سگھيٿو ڇاڪاڻ جو پراڪرتيءَ مان پئدا ٿيل ڳڻن جي اثر ھيٺ انسان لڳاتار عمل ۾ آھي. او آرجڻ! تون ۽ مان گھڻيئي ڀيرا پئدا ٿيا آھيون.،
جيتوڻيڪ مان خدا آھيان پر پنھنجي پراڪرتيءَ تي اختيار حاصل ھجڻ جي ڪري مان پنھنجي مايا جي ذريعي پاڻ وجود ۾ ايندو آھيان.
او ڀرت! جڏھين دنيا ۾ نيڪيءَ جو زوال ٿيندو آھي تڏھين مان پنھنجو پاڻ کي سرير ۾ آڻيندو آھيان ۽ جيڪو منھنجي الاھي پئدائش کي سڃاڻندو آھي اھو پنھنجو سرير ڇڏي وري ٻِھر پئدا ٿيڻ جي بدران مونسان اچي ملندو آھي.
وڏا وڏا ڳڻواڻ سمجھي نه سگھندا آھن ته ڪرم ڇا آھي نہ ڪرم ڇا آھي
جيڪو نہ ڪرم ۾ ڪرم ۽ ڪرم ۾ نہ ڪرم ڏسندو آھي اھوئي اصل ۾ ڳڻواڻ آھي
او ارجڻ! عقل جي باہ ڪرمن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي آھي
او جنارڌن! منھنجي پراڪرتي مٽي، پاڻي، ھوا، آسمان، دماغ، ذھن ۽ انانيت ۾ ورھايل آھي اھا ادنيٰ درجي جي پراڪرتي آھي
او مضبوط ٻانھن وارا راجڪمار! منھنجي اعليٰ درجي واري پراڪرتي وجود ۽ حياتيءَ جي احساس ۽ شعور ۾ موجود آھي جنھن جي آڌار تي ھيءَ ساري سرشتي قائم آھي
مان ئي جھان جي شروعات ۽ مان ئي جھان جو انت آھيان
او ڪنتيءَ جا پٽ! مان ئي پاڻيءَ جو ذائقو ۽ سج ۽ چنڊ جي روشني آھيان
مان سڀني ويدن ۾ لکيل اوم آھيان
مان آسمان جو آواز آھيان
مان انسان جي اجتمائي پاڻ سڃاڻ آھيان
مان زمين جي آتم سڳنڌ آھيان
مان سڀني ساھ وارن جو ساھ آھيان
مان رستو آھيان ۽ شاھدي ڏيڻ وارو، آخري پناه گاه، ابتدا، انتھا، آرام گاه، گنج ۽ ازلي ٻج
او ارجڻ! مان تپش پئدا ڪندو آھيان، مينھن وسائيندو آھيان
مان ابديت آھيان
مان موت آھيان
مان ھجڻ نه ھجڻ آھيان
مان وشنو آھيان
ويدن ۾ مان سام آھيان، ديوتائن ۾ اندر، حواسن ۾ ذھن ۽ خود ساڃہ، درون ۾ شنڪر آھيان.“
پھاڙن ۾ مير ويھاڙ. مان بزرگ ترين ڪاھن برھسپتي آھيان.
سپہ سالارن ۾ سڪندر، پاڻين ۾ مھاساگر، اکرن ۾ اوم، عبادت ۾ جپ، نه چرڻ وارين شين ۾ ھماليه، رشين ۾ نارد، مان ڏاھو ڪپل آھيان.
گھوڙن، ھاٿين ۽ انسانن ۾ منھنجو الڳ الڳ بادشاھي رتبو آھي.
نانگن ۾ اننت، پاڻيءَ جي رھواسين ۾ ورون، فرمان روائن ۾ يم، پئدائش ۾ وقت، جھنگلي جانورن ۾ ببر شينھن، پکين ۾ گرڙ، جنگي جوڌن ۾ رام، درياھن ۾ مان گنگا آھيان.
مان بي انت آھيان
مان تباھ ڪندڙ موت آھيان
مان عورت جي گفتار، ذھانت ۽ رحمدلي آھيان
مان گايتري منتر آھيان
مان کٿ آھيان
مان صوفين ۾ دياس، رتن ۾ سنت، اناجن ۾ جَوَ، مان سنسار جي ابتدا، وچ ۽ انت آھيان
مان رازن جي سانت آھيان
منھنجي الاھيات جا مظاھر بي انت آھن.“

”بس.....بس“ ماڻڪ يڪدم چيو
گوپيءَ ڪنڌ کڻي ماڻڪ ڏانھن نھاريو. ماڻڪ مشڪيو ۽ چيائين:
”دنيا جون سڀ چڱايون ته ڪرشن ڀڳوان پنھنجي کاتي تي چاڙھي ڇڏيون اسان پنھنجي کاتي تي ڪھڙي چڱائي چاڙھيون.“
”اسان لاءِ چڱائي اھا آھي ته اسان ڪرشن ڀڳوان جي الاھي پئدائش ۽ عمل کي سڃاڻون ۽ پنھنجو جسم ڇڏي ٻيھر پئدا ٿيڻ جي بدران ھنن سان ملي وڃون.“
”گوپي مان ڪو سرھو ۽ سکي رھڻ وارو ماڻھو نه آھيان. مونکي زندگيءَ مان مزو وٺڻ نٿو اچي. شايد منھنجي آتما بيمار آھي جو مونکي ڪنھن به شيءِ مان مزو ماڻڻ نٿو اچي. تنھن ھوندي به جنم جنم جو ڦيرو آھي ته مان پئدائش کي ڇڏي ڪرشن ڀڳوان سان ملي وڃڻ جي بدران واري واري سان ھن دنيا ۾ اچي زندگي ماڻڻ ٿو گھران. زندگيءَ جي اشانتي ۽ ڏک ڪرشن ڀڳوان ۾ جذب ٿي حاصل ڪيل شانتي ۽ سُک کان اُتم آھي. ھڪڙي ڳالھ سمجھ ۾ نٿي اچي ته ڪرشن ڀڳوان دنيا جون سڀ چڱايون ۽ چڱيون شيون ته پنھنجي نالي سان منسوب ڪري ڇڏيون پر برائي ۽ شر کي پنھنجي نالي سان منسوب نه ڪيائين. ڪو ڀڳوان ته اھڙو به پئدا ٿئي جيڪو براين جي تخليق جو ذمون پاڻ تي کڻي ۽ ھڪڙي اگيتا لکي ۽ چوي.
مان وئشيا آھيان
مان وياج ۽ ويساھ گھاتي آھيان
مان اھو وِه جو ٽيپو آھيان جيڪو نيل ڪنٺ جي چپن تان ترڪي ھن ڌرتيءَ تي ڪريو ۽ ڪيڪتيءَ جي من ۾ ساڙ ٿي پئدا ٿيو.
مان ڀسم ڪندڙ نفرت آھيان
مان مذھبي تعصب آھيان
مان ڪروڌ ۽ ڪميڻپڻو آھيان
مان ظالم جي تلوار ۽ انساني لاشن تي رکيل بادشاھي تخت ۽ تاج آھيان
او سندر ناري! مان زر، زمين ۽ زن لاءِ قتل ڪندڙ ڪارو اونداھو جذبو آھيان
مان رشين، اوتارن ۽ مذھبي اڳواڻن جا اچاريل اھي اکر آھيان جيڪي ھن يگ ۾ پنھنجي معنيٰ وڃائي ويٺا آھن پر جيڪي چچين وانگر انسانن جي ذھنن ۽ روحن ۾ چنبا کوڙي ويٺا آھن ۽ انسان کي اڳتي وڌڻ ۽ ھڪ ٻئي جي ويجھو اچڻ نٿا ڏين.
مان اھو پنڊت آھيان جيڪو ڌرم جي ٻڌايل چڱاين کي ٽوڙي مروڙي ان مان پنھنجي مطلب جون معنائون ڪڍي، انسانن جي خلاف استعمال ٿو ڪري.
مان مدي خارج رسمون آھيان.
او برھمڻ سندري! مان پتيءَ جي لاش سان گڏ چتا ۾ جلندڙ ودوا جي جيئري جاڳندي جلندڙ ماس جي ڌَپ آھيان.
مان جواڻ جماڻ بيوه جي اُڃايل تَن جون سڪايل ڪامناؤن آھيان.
مان.....“
”بس ڪر.“ گوپيءَ ھن جي وات تي ھٿ رکيو ”تون ڌرم تي ٺٺوليون ٿو ڪرين.“
”ٺٺوليون نٿو ڪيان.“ ماڻڪ ڀڳل ٽٽل آواز ۾ چيو ”پر سوچيان ٿو ته اھي سڀ ڪھڙي ڀڳوان ۽ ڪھڙي خدا جي کاتي تي چاڙھيان. تون چوندينءَ ته مارو يا شيطان انھن براين جو ڪارڻ آھي پر شيطان جي تخليق جو ڪارڻ ڪير آھي. جيڪڏھين برھم يا پرم آتما اديوتيا (جيڪو ٻه نه آھي) آھي ۽ ھيءَ سِرشتي ان جو مظھر آھي ته پوءِ ڇا شيطان، انسان جي اندر جو زھر، برائي ۽ شِر به ان برھم جو ئي مظھر آھي يا آتش پرستن جي عقيدن وانگر ٻه خدا آھن. ھڪ تاريڪي ۽ شِر جو خدا جنھن کي ھو اھريمن سڏيندا آھن ۽ ٻيو روشني ۽ نيڪيءَ جو خدا جنھن کي ھو يزدان سڏيندا آھن. روشني ۽ تاريڪي، خير ۽ شر جي ميلاپ سان ھن ڪائنات ۾ حرڪت، چرپر ۽ ڦيرگھير پئدا ٿي. ان ميلاپ لاءِ شر اڳرائي ڪئي. يعني ته شِر فاعل ۽ نيڪي مفعول آھي. وري به شِر ئي زورآور ۽ اُتم آھي.“
ماڻڪ ڳالھ پوري ڪئي ته ڄڻ ٿڪجي پيو. ھن مٿي تي ھٿ رکيو ۽ مٿو ڀت سان ٽيڪي اکيون ٻوٽي ڇڏيائين. گوپيءَ کي ھو ان ٻار وانگر لڳو جيڪو ڀريل ميلي ۽ ماڻھن جي گوڙ ۾ پيءُ ماءُ کان وڇڙي ويو ھجي ۽ ھيڏانھن ھوڏانھن ڊوڙي پيءُ ماءُ کي ڳولھيندو ڳولھيندو ٿڪجي پيو ھجي. گوپيءَ جي دل چيو ته ماڻڪ کي پنھنجي ھنج ۾ ليٽايان. ھن کي اھو ننڍپڻ وارو ماڻڪ ياد آيو جيڪو نٽھڻ اُس ۾ رنگ برنگي پرڙن وارن پوپٽن جي پٺيان ڊوڙندو ھو. ھو اڄ به رنگ برنگي پوپٽن جي پٺيان ٿي ڊوڙيو ۽ نٽھڻ اُس ۾ ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي پيو ھو. ھن جي اندر ۾ نفرت جي بجاءِ ايذاءُ ھو ۽ ان ايذاءُ تي گوپيءَ کي ڪھل اچي وئي.
”گوپي“ ماڻڪ جو آواز ڄڻ ڪنھن ڏورانھين ھنڌ تان آيو.
”جيءُ“
”توکي منھنجي گرو سائينءَ جي ڪا وائي ياد آھي؟“
”مان ته لطيف سائينءَ جي وائيءَ کي ڪرشن ڀڳوان جي اڳيان ڀَڄن ڪري ڳائيندي آھيان.“
”مونکي سائينءَ جي ڪا وائي ٻڌاءِ.
گوپيءَ گيتا پاسيري ڪري رکي ۽ ويڻا کڻي وڄائڻ لڳي ۽ ڀڄن جي انداز ۾ وائي ڳائڻ شروع ڪيائين:

وسائيندي مينھن، مانَ ملان سڄڻين
آءُ ملنديس پرينءَ کي، راتيون ڏوري ڏينھن
مون پرين ميڙئين، رو جھڙيون ميڙين جيئن
اکين آگم لائيا، ڪر مندائتا مينھن
اديون عبداللطيف چئي، وينديس ساجن سيئن.

ماڻڪ اکيون ٻوٽي ماٺ ڪري وائي ٻڌندو رھيو. گوپيءَ وائي پوري ڪئي. ھن اکيون کوليون ۽ ماٺ ڪري اٿيو ۽ گوپيءَ کان موڪلائڻ کانسواءِ ھليو ويو.
گوپيءَ جي آواز ۽ ھن جي گروءَ جي وائيءَ درد جو ھڪڙو جھان خلقي ڇڏيو ھو. ھو پورا ٽي ڏينھن درد جي ان جھان ۾ رھيو. ھر شيءِ تي درد جو ڪوھيڙو ھو. ھن کي ڪا خبر ڪانه پئي ته ھن جي چوڌاري ڇا ٿو وھي واپري. اھي ٽي ڏينھن ھو گوپيءَ سان به نه مليو. چوٿين ڏينھن مس مس ھن جي دل تان درد جو ڪوھيڙو لٿو ۽ ھو گوپيءَ سان ملڻ ويو. ھاڻي ھن کي گوپيءَ جي سنگ مان عجيب مزو اچڻ لڳو. گوپيءَ جي ساٿ ۾ عجيب ٿڌڪار ھئي ڄڻ نٽھڻ اُس ۾ ھلندي ھلندي اوچتو بادل برسڻ لڳي. ھاڻي ھن گوپيءَ سان بحث ڪرڻ ڇڏي ڏنو. گوپي ڳالھائنيدي ھئي ۽ ھو ماٺ ڪري ھن جي اداس اکين ۾ نھاريندو ھو........ اکڙيون ميگھ ملھار، تنھنجي صورت سڀ جڳ موھيو. ھن جي اڇي ساڙھيءَ کي ڏسي ھن کي درياه ۾ ترندڙ ٻيڙين جا اڇا اڇا سڙه ۽ سڙھن جي مٿان نيري آسمان ۾ اڏامندڙ اڇا ڪَنگ ياد پوندا ھئا.
ڪڏھين ڪڏھين گوپي پڙڇ تي ويھي گيتا يا رامائڻ ھنج ۾ رکي ھن کي پڙھي ٻڌائيندي ھئي. ھڪڙي ڏينھن گوپيءَ گيتا ٿي پڙھي، ھو گوپيءَ سان گڏ پڙڇ تي اکيون ٻوٽي، ڀت کي ٽيڪ ڏيئي ويٺو ھو. ڪمري ۾ سانت ڇانيل ھئي ۽ ان سانت ۾ گوپيءَ جو آواز ڪرشن جي بانسريءَ جي سرن وانگر ٿي تريو.
”مونسان پيار ڪيو. مونسان محبت ڪيو. مان اوھان جو سکو آھيان
ساٿي آھيان، اوھان جو پرين آھيان. مان محبت جو سمنڊ آھيان.
اننگ رنگ سا گرم“

ماڻڪ اکيون کوليون ۽ ھن کي ائين لڳو ڄڻ ڪرشن ڀڳوان جا سر، گيتا جا لفظ انساني سرير ۾ پئجي گوپيءَ جي صورت اختيار ڪري ويا آھن. گوپيءَ جو منھن ڄڻ گيتا ھو. مان عورت جي گفتار، ذھانت، وفاداري ۽ رحمدلي آھيان. مان گايتري منتر آھيان..... سنسار جي ابتدا، وچ ۽ انتھا آھيان.... اننگ رنگ سا گرم! ھن بي ارادي ھٿ وڌايو ۽ گوپيءَ جي ھٿ تي رکيو.
”گوپي!“
گوپيءَ گيتا تان اکيون کڻي ھن ڏانھن نھاريو. گوپيءَ جي اکين ۾ ڪيڏو نه غم ۽ ڪيڏيون نه حسرتون ھيون.
”گوپي، تون ئي سام ويد آھين، ويدن ۾ آيل اکر اوم آھين. سنسار جي ابتدا، وچ ۽ انتھا آھين. تون ئي ' اننگ رنگ سا گرم ' آھين“
گوپيءَ جي منھن تي اداس مُرڪ تري آئي.
”مان ته اھڙي ڌرتي آھيان جنھن تي ڪڏھن ميگھ ملھار نه ٿيا، ڪڏھين بوند نه برسي ۽ ڪڏھن ڪو سلو نه اُسريو.“
”مان پراڪرتي آھيان ۽ تون پرش آھين. پراڪرتيءَ جي آرسيءَ ۾ پرش پنھنجي صورت ڏسي حيران ٿي ويو. پرش جي اھا حيرت شين جي تخليق جو سبب ٿي. منھنجي اکين جي آرسيءَ ۾ نھار.“
گوپيءَ ھن جي اکين ۾ نھاريو. ڪيڏو نه موه ھو ھن جي اکين ۾.
”گوپي، ڇا شانتي ممڪن آھي. سرير ۽ آتما جي ازلي گھرجن کان مڪتي ممڪن آھي. تو جو ھيڏا سال ڪرشن ڀڳوان سان پيار ڪيو ته ڇا تنھنجي آتما کي شانتي ملي، توکي پنھنجي جواڻ جماڻ جسم جي ڪامنائن مان مڪتي ملي، شانتي ۽ اشانتيءَ ۾ ڪو ويڇو ڪونھي. جتي شانتي آھي اتي اشانتي آھي. اسين ڦير گھير، چرپر ۽ تبديلي، جيڪو وقت آھي، تنھن جي سير ۾ آھيون. ھرشيءِ بدلجي ٿي، ھر شيءِ ۾ ان جي ابتڙ شيءِ لڪل آھي. ڌرم ۾ ئي اڌرم آھي، وجود ۾ نه وجود، ڪرم ۾ نہ ڪرم، ھستيءَ ۾ نيستي، خوشيءَ ۾ غم ۽ شانتيءَ ۾ اشانتي آھي مڪمل خوشي، مڪمل شانتي ناممڪن آھي. توکي خبر آھي ته موه ڇا آھي، آتما جي آتما لاءِ ڪشش، ڪامنائن سان ڇلندڙ سرير جي سرير لاءِ ڪشش، پراڪرتيءَ جي پرش لاءِ ڪشش. اھا ڪشش ئي برھم آھي. اننگ رنگ ساگر آھي.“
گوپيءَ اکيون ٻوٽي ڇڏيون ۽ سندس اکين مان لڙڪ وھڻ لڳا.
”مان ودوا آھيان“ ھن جو لڙڪن ڀنل آواز آيو.
”مان جيڪو مان آھيان، مڪمل مان، جسم جي خواھش، ڳڻن اوڳڻن وارو مان، اھو ”مان“ برھم آھي ۽ تون مڪمل تون. ڳڻن اوڳڻن واري ”تون“ برھم آھين. پَراڻن ۾ چيل آھي ته برھم پاڻ کي ٻن حصن ۾ ورھايو ۽ تخليق ڪيائين. تون ۽ مان برھم جا ورھايل ٻه حصا آھيون. اسانجو ميلاپ تخليق آھي. ٻن محبت ڪندڙ جسمن جو ميلاپ آتما ۽ پرماتما جو ميلاپ آھي ۽ اھو ميلاپ ئي ازلي ۽ ابدي مڪتي آھي.“
ھن گوپيءَ کي آھستي ڇڪي ڇاتيءَ سان لاتو. گوپي ھن جي سيني ۾ منھن لڪائي روئڻ لڳي. سندس آتما ۽ سرير جي اُڃ لڙڪن جي صورت ۾ سندس اکين مان وھڻ لڳي. جيئن ٿي ماڻڪ کيس پيار ڪيو تئين ٿي رني. ماڻڪ اڄ تائين رڳو ماڻھوءَ جي اکين کي رئندو ڏٺو ھو اڄ ھن گوپيءَ جي پوري جسم، ھڪ ھڪ سنڌ ۽ ھڪ ھڪ لونءَ کي سڏڪندو ڏٺو. ھوءَ ماڻڪ جي سيني سان لڳي رھي. الائجي ڪيترا جڳ گذري ويا ۽ الائجي ڪيتريون جوڻيون مٽجي ويون. گوپيءَ ساڙھيءَ جي پلوَ سان اکيون اگھيون، روئڻ سان ھن جو جسم خوشبوءِ وانگر ھلڪو ٿي پيو ھو.
”گوپي“
”جيءُ“
”ڇا توکي افسوس آھي جو مون توکي سيني سان لاتو.“
”مون کي ته ائين لڳو ته ڪرشن ڀڳوان، گيتا مان نڪري، مونکي سيني سان لاتو. ميرا ٻائيءَ کي جي ڪنھن ماڻڪ جو موه ملي ھا ته ھوءَ ڪڏھين به پنھنجو موه ڀڳوان کي نه ارپي ھا.“
ماڻڪ وري ھن کي سيني سان لاتو.
”ماڻڪ“
”جيءُ“
”ھڪڙي ڳالھ چوانءِ مڃيندين؟“
”ضرور مڃيندس.“
”واعدو.“
”پھرين مونکي پيار ڪر.“
ماڻڪ ھن جي اکين کي چميو. ھن جي سنڌَ سنڌَ کي چميو. ماڻڪ جي چپن جي ڇھاءَ سان گوپيءَ جو سنڌ سنڌ ٽِڙي پيو.
”ماڻڪ“
”جي.“
”اڄ کان پوءِ ماڻ نه ملنداسين.“
”اھو ڪيئن ٿي سگھي ٿو.“
”مان ودوا آھيان.“
”پوءِ ڇا آھي.“
”بن باس ۾ رام سيتا جي چوڌاري ليڪو ڪڍي چيو ھو ته ان ليڪي کان ٻاھر نه نڪرجانءِ“
”اھو بن باس ھو، ۽ اسين شھر واسي آھيون.“
”شھر به ماڻھن ۽ ريتن ريتن جو بن آھي. ھر عورت جي چوڌاري ليڪو نڪتل آھي ۽ ان ليڪي کان ٻاھر سماج جو راوڻ آھي. مونسان واعدو ڪر ته تون پنھنجو ليڪو نه ٽپندين ۽ مان پنھنجو ليڪو نه ٽپنديس.“
”پر گوپي....“
”توکي منھنجو قسم.“
ھو ماٺ ٿي ويو. گوپيءَ پڙڇ تان گيتا کنئين.
”مونکي ڇُہ“
ماڻڪ وري ھن جي سنڌ سنڌ کي ڇھيو.
”توکي منھنجي آتما ۽ ھن سرير جو قسم ته اڄ کان پوءِ مونسان نه ملجانءِ.“
ماڻڪ ماٺ ڪري ھن کي ڏسندو رھيو. گوپي ڏاڍي ڌيرج سان اُٿي، گيتا وھاڻي جي ڀر ۾ رکيائين ۽ دريءَ وٽ بيھي دريءَ کان ٻاھر نھارڻ لڳي. ٻاھر انبن ۾ ٻور لڳو ھو. ڪوئل ڪوڪي ۽ طوطا ٽيون ٽيون ڪرڻ لڳا.
”ڇا اھو تنھنجو آخري فيصلو آھي؟“
”منھنجو فيصلو نه آھي، پر سماج جو فيصلو آھي.“
ماڻڪ پڙڇ تان اُٿيو ۽ ڪنڌ جھڪائي ٻاھر وڃڻ لڳو. در جي چانئٺ وٽ بيھي ھن ڪنڌ ورائي گوپيءَ ڏانھن نھاريو. گوپيءَ ھن کي پٺي ڏيئي دريءَ کان ٻاھر ٿي نھاريو. ھن ڪجھ چوڻ ٿي چاھيو پر ھاڻي سڀ لفظ بي معنيٰ ٿي ويا ھئا. ھن وِک وڌائي گوپيءَ جي ڪمري جي چائنٺ اورانگھي ۽ ٻاھر نڪري آيو. آشرم جي اڱڻ م ٻارن راند ٿي ڪئي. عورتن جنڊ ٿي پيٺو ۽ چرخو ٿي ڪتيو. ھڪڙي حجري مان ٻار جي روئڻ جو آواز آيو. اڱڻ ۾ داڻو چڳندڙ ڪبوترن جا ولر ڀڙڪو ڏيئي اڏاڻا ۽ آسمان ۾ پکڙجي ويا. اوچتو ڪوئل ڪوڪ ڪئي ۽ مينھن جي بوند ھن جي منھن تي پئي. ھوا جو جھلڪو لڳو ۽ ھوا ۾ رچيل انبن جي ٻور جي کٽڙي خوشبوءِ ھن جي حواسن کي ڇھيو. ھوا ۾ اڄ گوپيءَ جي بدن واري خوشبوءِ ھئي.

-------------------------------------------

حصو ستون

گھوڙي ھڻڪار ڪئي ته پادري الفنسو باربوسا اکيون کڻي سامھون نھاريو. سامھون ٺٽي جو شھر ھو. شھر جي چوڌاري شھر پناھ ھئي ۽ محلن، ماڙين، منگھن، مسيتن جي گنبذن ۽ منارن، مندرن جي ڪلسن شھر پناھ کان ڪر کڻي ٻاھر ليئا ٿي پاتا. ھن گھوڙي جو لغام موڙيو ۽ مڪليءَ ڏانھن روانو ٿيو. مڪليءَ ۾ پوري تاريخ دفن ھئي. ھر مقبرو تاريخ جو باب ھو. ھن ھڪ ھڪ مقبرو ڏٺو. ڄام نِندي ۽ مرزا عيسيٰ ترخان جا مقبرا، سنڌي، گجراتي ۽ ايراني عمارت سازيءَ جا شاھڪار. مڪليءَ جي پيرن ۾ ڍنڍ ھئي، جنھن ۾ ڪنول جا کير جھڙا گل ٿي ٽڙيا. پاسي کان ڪالڪان جو مندر ھو جتي جٽاڌاري جوڳي، مٿي ڪوڙيل ۽ ڊگھي چوٽيءَ وارا ٻي ڊولا ٻاوا. پڄاري، پڙا، کنجريون ۽ بولا پائي ٽلندڙ پڄارڻيون. جتي ڍنڍ ختم ٿي ٿي اتي کجين جا جھند ۽ سروچي وڻن جون قطارون ھيون. شھر پناھ مان نظر ايندڙ عمارتون ۽ منگھ. شام جو ھو شھر ۾ داخل ٿيو. ھي ڪاساين جو پاڙو ھو. ڀائي خان جي پاڙي ۾ شاھجھان مسجد ھئي. شاھجھان مسجد جي اڏاوت ۽ گلڪاري ڏسي ھو حيران ٿي ويو. گنبذن ۽ منارن مان عجيب روحانيت ٿي ٽمين. مسجد سان گڏ مغل نواب جو قلعه حاڪم نشين ھو جنھن ۾ مغل حاڪم ۽ سندس عملي جي ماڻھن جا محل ۽ محلاتون ھيون. ھي مغل واڙو ھو. ڄام فيروز نورگاھي ۽ دولت شاھي مغلن کي سڏائي ھت رھايو ھو جن شاھ بيگ ارغون کي اندرخاني مدد ڪري، سمن جي راڄ جو انت آندو ھو. ھيءَ امير بيگ بازار ھئي. پھرين ھن بازار جو نالو ڪنھن مقامي ماڻھوءَ جي نالي تي ھوندو ھو پر ھاڻي مرزا جاني بيگ ترخان جي بخشي ميرزا امير بيگ جي نالي سان مشھور ھئي. ھيءَ مسجد جامع فرخ ھئي.ھي آڳڙين جو پاڙو ھو. ھيءَ اناج بازار ھئي. ھي علي جان جو واھ ھو جيڪو شھر جي وچ مان ٿي لنگھيو. واھ جي ڪپ تي شھر جي عورتن ڪپڙا ٿي ڌوتا. ٻار پاڻيءَ ۾ ٿي وھنتا ۽ پخالين پخالون ٿي ڀريون. پھرين ان واھ جو نالو خان واھ ھو ۽ ان واھ جي ڪپ تي ئي شاھ بيگ ارغون سان وڙھندي شھيد ٿيو ھو. واھ جي ڪپ سان رھڻ وارن کي خبر ڪانه ھئي ته اھو واھ ڪنھن کوٽايو ھو ۽ ڪير ڪنھن جي لاءِ ھن واھ جي ڪپ تي شھيد ٿيو ھو. وقت ڪيڏو نه ويري آھي ڪيئن نه شھيدن جا نانوَ به لٽي ٿو ڇڏي. ھي مولي جو پاڙو ھو. ھن پاڙي ۾ شراب جون بٺيون ھيون. انگور، کارڪن، وڏف، زعفران ۽ گلاب جي شراب جا مَٽ چِڪندا ھئا. شھر ۾ وِک وِک تي ميخانا ھئا، باغ بوستان ھئا، سرو جي وڻن جون قطارون، انگور جون ڇڳا ڇڳا وليون. گلاب، رابيل، موتئي ۽ ميوي جا باغ، خواجه مير ابوتراب جو باغ. مير سيد علي ثاني شيرازيءَ جو باغ. خورشيد باغ، مشڪين باغ، بي نانءَ باغ! ھوائن ۾سُرھن جي عطر، موتئي، رابيل، گلاب ۽ بٺين ۾ چِڪندڙ شراب جون ھٻڪارون! پادري باربوسا وک وک تي گنج شھيدان ڏٺا. اھي انھن بي گناھ سنڌين جا اجتماعي قبرستان ھئا جيڪي ھن جي قوم جي ھٿان شھيد ٿيا ھئا. ميرزا عيسيً خان ترخان پورچوگيزن کان مدد گھري ھئي ۽ ھو گجرات جي بندرگاھ ديو کان فوجي ٻيڙا ڪاھي ٺٽي پھتا ھئا ۽ ميرزا عيسيٰ جي غير موجودگيءَ ۾ ٺٽي کي لٽيو ۽ ماڻھن کي ماريو ھئائون. ھن جي ھڪڙي ھم وطن تاريخ نويس لکيو ھو ته پورچوگيزن کي ٺٽي مان ايتري دولت ھٿ آئي ھئي جيڪا ھنن کي پوري ايشيا جي ڦرلٽ مان ھٿ نه آئي ھئي ۽ اھا دولت حاصل ڪرڻ لاءِ ھن جمعي جي ڏينھن مسجدن ۽ بازارن ۾ ماڻھن جو ڪوس ڪيو ھو ۽ ھر بازار پاڙي ۽ مسجد جي ڀر ۾ شھيدن جون اجتمائي قبرون ھيون. پادريءَ تصور ۾ واسڪوڊيگاما جي ٻيڙن جي سِڙھن کي ڦڙڪندو ڏٺو. اھي اڇا اڇا سِڙه رت ۾ رڱجي ڳاڙھا ٿي ويا. جنھن به بندرگاه تي انھن ٻيڙن لنگر ھنيون اتي ڦرلٽ ۽ انساني ڪوس ڪيائون. ماڻھن کي تلوار سان زوريءَ عيسائي بڻايائون ۽ جيڪي عيسائي نه ٿيا تن کي ٻين بندرگاھن ۾ غلام ڪري وڪيائون. حج تي ويندڙ جھاز، مسافر بردار جھاز جن ۾ عورتون ۽ ٻار به سوار ھوندا ھئا تن کي گوله باري ڪري ٻوڙيائون. گوا ۽ گجرات جي بندرگاه ديو تي جنگيون، باھيون، ڦرلٽ، انساني ڪوس- اھي سڀ عيسائي ھئا، يسوع مسيح جا پوئلڳ جنھن چيو ھو ته جيڪڏھين ڪو اوھان جي ھڪ ڳل تي چماٽ ھڻي ته اوھين ٻيو ڳل سندس اڳيان جھليو ۽ ان يسوع مسيح جي پوئلڳن ڪيڏو نه ڪوس لائي ڏنو آھي. ڇا واقعي مذھب انسان کي سڌارڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو آھي. دنيا جي ھر نبي، اوتار ۽ رشيءَ امن، شانتي ۽ ڀائپي ۽ نيڪيءَ جو پيغام ڏنو آھي پر انھن ساڳين نبين، رشين ۽ اوتارن جي نالي تي ڪيڏو نه انساني خون وھيو آھي. يھودين، عيسائين جون جنگيون، فرقيوارانه جنگيون، صليبي جنگيون، مسلمانن جون مسلمانن سان جنگيون، مذھبي پيشوائن جا مذھب جي نالي تي ماڻھن سان ظلم، پاپائي روم، قاضي القضات، مفتي اعظم. ھي سڀ ڇا آھي. مان جو ھيڏا ڪوھ لتاڙي، سمنڊ جھاڳي ھتي يسوع مسيح جو پيغام پھچائڻ آيو آھيان ته ڇا مونکي پڪ آھي ته عيسائي ٿيڻ کان پوءِ ھندوستاني، انگريز، پورچوگيزي، ڊچ، اسپيني ۽ فرانسيسين جھڙا ظلم نه ڪندا. ڪرشن يا محمدﷺ، ڪھڙي اھڙي ڳالھ ڪئي آھي جيڪا انسانيت لاءِ ھاڃيڪار ھجي ۽ مان ان کي رد ڪرڻ لاءِ يسوع مسيح جو پيغام کڻي آيو آھيان. ڇا يسوع مسيح کي مڃيندڙ ۽ انساني ڪوس ڪندڙ عيسائيءَ کان نيڪي ڪندڙ، ماڻھن جو ڀلو گھرندڙ ھندو، ٻُڌ، آتش پرست ۽ مسلمان، چڱو نه آھي. چڱائي ڇا آھي. ڇا ڪنھن خاص نبي يا اوتار کي محبت سان الله تي اجاره داري قائم ٿي وڃي ٿي. پادري الفنسوباربوسا! ياد اٿيئي، تو ھڪ دفعي پاپا کي چيو ھو ته پاپا مڃڻو پوندو ته مذھب انسان کي سڌارڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو آھي. ماڻھوءَ کي سڌارڻ لاءِ اسان کي مذھب کي رد ڪرڻ کانسواءِ ڪا ٻي واٽ ڳولڻي پوندي. اھا ٻي واٽ ڪھڙي آھي. ڇا انسان ڪڏھين اھا واٽ ڳولھي لھڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. اسلام امن جو مذھب آھي. رنگ، نسل ۽ سماجي رتبي کان اعليٰ، عالمي ڀائپي ۽ امن جو مذھب. ڇا مغل اسلام جا پوئلڳ آھن جو سنڌ جي مسلمانن تي ڏاڍ، ڏھڪاءَ ۽ ڦرلٽ سان حڪومت پيا ڪرن. مخدوم بلاول وڏو اولياءُ ھو ۽ شاھ بيگ ارغون مسلمان ھو. شاھ بيگ مخدوم بلاول کي گھاڻي ۾ پيڙائي ڇڏيو. صليب تي لڙڪڻ وڏو ايذاءُ آھي پر جيئرو جاڳندو گھاڻي ۾ پيڙجڻ به گھٽ ايذاءُ ڪونھي. پادري الفنسو باربوسا! توکي مڃڻو پوندو ته انسان جي ڀلائيءَ لاءِ رڳو يسوع مسيح ئي صليب تي نه لڙڪيو. پر ڪروڙين گمنام انسان صليب تي لڙڪيا آھن، گھاڻن ۾ پيڙيا آھن ۽ قتل ٿيا آھن جن لاءِ نه گرجائون ٺھيون، نه گھنڊ وڳا ۽ نه سندن ڪي راھب يا راھبائون ٿيون. ھن دنيا ۾ جيڪو ٿورو گھڻو سوجھرو نظر اچي ٿو سو انھن گمنام شھيدن جي رت جي روشني آھي. اڃا ماڻھو قتل ٿيندا، ھيڻو ڏاڍي جا ظلم سھندو، ماڻھن جي لاشن تي بادشاھن جا تخت سجائبا پر ڪو وقت ضرور ايندو جڏھين مذھبي تعصب، قبائلي نفرت، دولت جي ھوس ختم ٿي ويندي، ماڻھو رنگ، نسل ۽ مذھب جي ناتي سان نه ماڻھپي جي ناتي سان سڃاتو ويندو. ڪو ڪنھن کي نه ڌڪاريندو، سڀ پنھنجي رنگ ۽ ڍنگ سان جيئندا ۽ پنھنجي پنھنجي نموني سان خدا جي اڳيان جھڪندا. جڏھين لئبريريون، ليبارٽيريون ۽ مدرسا گرجائون ھونديون، سائنسدان ماستر ۽ طبيب راھب ھوندا. دليون ديوليون ھونديون، تَن ڪعبا ھوندا ۽ ڪوبه دلين جي ديولين ۽ تَن تي ڪعبن جي تقدس کي پامال نه ڪندو.
پادريءَ جھڪي گنج شھيدان جي مٽي کنئين ۽ ان کي پنھنجي ڳلي ۾ لڙڪندڙ صليب تي مليو ۽ اڳتي وڌي مسافر سراءِ جي اڳيان گھوڙو جھليائين.
پادري باربوسا ٺٽي ۾ گيتا نالي وئشيا جو نالو ٻڌو ھو. گيتا ڏاڍي سھڻي ھئي. سندس توبہ شڪن حسن، جواني، ماڻن ۽ مُرڪ کان وڏا وڏا عابد ۽ زاھد به بچي نه سگھندا ھئا. گيتا جو نال ٻڌي الائجي ڇو ھن کي پنھنجي آنٽي صوفيه ياد پئي ھئي. آنٽي صوفيه به ڏاڍي سھڻي ۽ جوان ھئي. لزبن ۾ ھڪڙي ملاح سان پرڻي ھئي. پادريءَ جو پيءُ اڃا ننڍو ھو ۽ آنٽي صوفيه ھن کي پاليندي ھئي. تن ڏينھن ۾ پورچوگيز ملاح نون بندرگاھن جي ڳولھا ۾ ٻيڙا ڪاھي نڪرندا ھئا ۽ يا ته ٻيڙا دولت سان ڀري موٽي ايندا ھئا يا وري ڪڏھين به کين پنھنجي ملڪ جو بندرگاھ ڏسڻ نصيب نه ٿيندو ھو. پھرين پادرين سمجھيو ٿي ته صحرائي اعظم کان اڳتي دوزخ ھو. پر جڏھين پورچوگيزي ملاحن صحرائي اعظم کان اڳتي افريقي بندرگاھ جي ڦرلٽ ڪئي، ماڻھن کي قيد ڪري سون حاصل ڪيو تڏھين کين خبر پئي ته صحرائي اعظم کان اڳتي ته ”سون جو دوزخ“ ھو. آنٽي صوفيه جو مڙس به ٻيڙا ڪاھي ويندو ھو ۽ دولت ميڙي موٽي ايندو ھو. ڏينھن رات شراب پيئندو ھو ۽ شراب جي نشي ۾ انڌو ٿي آنٽي صوفيه کي ماريندو ھو. ھيڏي دولت ھوندي به ھو آنٽي صوفيه کي پائيءَ پائيءَ لاءِ سِڪائيندو ھو. ھڪڙي ڏينھن ھو ٻيڙا ڪاھي ويو ته وري نه موٽيو. ھن جيڪا به دولت ڪمائي ھئي سا الائجي ڪيڏانھن ڪئي ھئائين جو ھن جي مرڻ کانپوءِ آنٽي ويلي ويلي جي محتاج ٿي پئي. آخر آنٽي دولت ڪمائي ايندڙن وٽ اچڻ وڃڻ شروع ڪيو ۽ جسم ۽ جوانيءَ جي عيوضي ۾ زندگيءَ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ شروع ڪيون. ھڪڙي ڏينھن اوچتو ھن کي دُن جي ھيٺان ڦرڙي نڪري آئي. آھستي آھستي ڦرڙيون وڌنديون ويون. ھن کي باد فرنگ ٿي پيو ھو ۽ ھوءَ ان بيماريءَ ۾ ئي مري وئي. ھن پنھنجي ڀاءُ لاءِ ٿوري گھڻي موڙي بچائي رکي ھئي. سندس ڀاءُ وڏو ٿيو. ان موڙيءَ مان ڌنڌو ڌاڙي ڪيائين پر ڪامياب نه ٿيو. آخر ھن قسمت آزمائڻ لاءِ ھندوستان جو رُخ ڪيو. رستي تي جھاز ۾ ڪا وبائي بيماري پکڙي ۽ ھو ۽ سندس زال ٻئي ان بيماريءَ ۾ مري ويا.
صبح جو ننڊ مان اٿي ھن ھٿ منھن ڌوتو ۽ گيتا جي گھر جي پڇا ڪندو، گيتا جي گھر تي اچي پھتو. گيتا جو گھر پڪ سرو ھو. ھن ڪڙو کڙڪايو. اندران نوڪرياڻي نڪري آئي. نڪرياڻي اندر وئي ۽ ٿوري دير کانپوءِ ھن کي وٺي آڻي ھڪڙي ڪمري ۾ ويھاريائين. ڪمري ۾ قالين وڇايل ھو ۽ قالين تي ڀتين سان لڳ طول ويھاڻا پيا ھئا. سامھون ڇپر کٽ رکي ھئي جنھن جي ريشمي بستري تي گلاب ۽ رابيل جون ڪوماڻيل پنکڙيون پيون ھيون. ساري ڪمري ۾ ٿڪل ٿڪل خوشبوءِ پکڙيل ھئي. ڪمري جي ھر شيءِ ٿڪل ۽ ڪومائيل ٿي لڳي. ھو قالين تي طول وھاڻي کي ٽيڪ ڏيئي ويٺو ته نوڪرياڻي پتل جي ٿالھ ۾ شربت جو پيالو، مٺائي، پان ۽ گل آڻي ھن جي اڳيان رکيا. ھن ڪنڌ جھڪائي گل سنگھيا ته کيس تازگيءَ جو احساس ٿيو. شربت پيتائين ته سندس اندر ٺري پيو ٿوري دير گذري ته ٻاھر پازيب جو ڇمڪو ٿيو ۽ گيتا پازيب ڇمڪائيندي اندر آئي. گيتا جا پير ڪنول جي گلن جھڙا ھئا. سندس ھيٺيون ڌڙ ماسيرو ھو ۽ چيلھ وٽ سندس ماس جا ونگ اندر وري ۽ پوءِ ٻاھر تي نڪرندا ڪلھن وٽ ويڪرا ٿي ويا ھئا. سندس ويڪرن ڪلھن تي ڪونج جھڙي ڳچيءَ مٿان ڄڻ ته ڪنھن چنڊ کي مڙھي ڇڏيو ھو. ھن جي سنھي چيلھ ۽ ماسيرين ڇاتين کي ڏسي ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪنھن سنگ تراش سندس چيلھ مان ماس ڪڍي سندس ڇاتين ۾ ھڻي ڇڏيو ھو. ھن کي پَڙو ۽ کنجري پاتل ھئي. کنجريءَ مان ھن جو پيٽ اگھاڙو ٿي ٿيو ۽ سنھي پيٽ کان مٿان اڀريل ڇاتيون ڄڻ کنجريءَ جا بخيا اُڊيڙي ٻاھر اچن لاءِ بيتاب ھيون.
”ڀلي ڪري آيا“ گيتا ھٿ ٻڌي ھن کي کيڪاريو ۽ ھن جي ڀر ۾ ٿي ويٺي. ھن جي بدن مان اھڙي خوشبوءِ ٿي آئي ڄڻ گلاب، رابيل، موتيئي ۽ رات جي راڻيءَ جا گل ھن جي تن ۾ کڙي پيا ھئا ۽ سڀني گلن جي خوشبوئن پاڻ ۾ ملي عجب بھار ٿي ڏني. پادريءَ ٿالھ ۾ رکيل گلن ڏانھن نھاريو، گيتا جي اڳيان ٿالھ ۾ رکيل سمورا گل پاروٿا ٿي لڳا.
”ڇا پيئندؤ....؟“ گيتا جو آواز آيو ۽ پادريءَ کي ائين لڳو ڄڻ ٿوري دير اڳ ھن جيڪو شربت پيتو ھو ان شربت جو ميٺاڄ ڪنھن ھن جي ڪَنن ۾ اوتيو.
”مون اڃا ھاڻي شربت پيتو آھي.“
”شربت جي ڳالھ نٿي ڪيان، مشڪين، انگوري، زعفراني يا......“
“مان شراب نه پيئندو آھيان.“
”شراب نه پيئندا آھيو؟“ گيتا جي آواز ۾ ٻاراڻي حيرت ھئي. پادريءَ سوچيو ته ھيڏي معصوم حيرت واري عورت وئشيا ڪيئن ٿي سگھي ٿي.
”ڪمال آھي، فرنگي ته شراب جا شوقين ٿيندا آھن.“
”مان اھو فرنگي نه آھيان.“
”ڀلا ڪا ٻي خدمت ڏسيو.“
”تو مون کي غلط سمجھيو آھي. مان ڏيساورن مان آيل فرنگي نه آھيان جيڪو ڦرلٽ جو مال تو وٽ لٽائڻ آيو ھجي. مان پادري آھيان، خبر اٿئي ته پادري ڪير ھوندو آھي. ائين سمجھ ته مان پنڊت آھيان. يسوع مسيح جو پنڊت. توکي خبر آھي ته يسوع مسيح ڪير ھو. يسوع مسيح اوتار ھو. ڪرشن ڀڳوان وانگر. ڪرشن ڀڳوان گيتا ۾ چيو آھي ته جڏھين دنيا ۾ نيڪيءَ جو زوال ٿيندو آھي تڏھين مان پنھنجو پاڻ کي سرير ۾ آڻيندو آھيان ۽ جيڪو منھنجي الاھي پئدائش کي سڃاڻندو آھي اھو پنھنجو سرير ڇڏي، وري ٻيھر پئدائش جي بدران مون سان اچي ملندو آھي. يسوع مسيح به ڪرشن ڀڳوان وانگر اوتار ھو. ھن جي پئدائش معجزو ھئي. ھو ڪنواري مريم جي ڪک مان پئدا ٿيو ۽ تنھنجي منھنجي گناھن جي ڪفاري لاءِ صليب تي چڙھي ويو. توکي خبر آھي ته صليب ڇا ٿيندي آھي. ھي منھنجي ڳلي ۾ لڙڪيل واڌوءَ جو نشان ڏسين ٿي، اڳئين زماني ۾ ائين ڪاٺيءَ جي صليب ٺاھيندا ھئا ۽ ان تي ڏوھارين کي لڙڪائيندا ھئا. ھنن جي ھٿن ۽ پيرن ۾ ڪِليون ٺوڪيندا ھئا ۽ ھو صليب تي سور سھي سھي مري ويندو ھو. يسوع مسيح کي به ماڻھن صليب تي چاڙھيو. ھن جو ڏوھ رڳو اھو ھو جو ھو ڪوڙھين کي ڪوڙھ مان ڇٽائيندو ھو ۽ مُڙدن کي جيئرو ڪندو ھو. مان ان يسوع مسيح جو پنڊت آھيان.“
”پنڊت آھين ته پوءِ ڪنھن مندر ۾ وڃ. ھتي ڇالاءِ آيو آھين؟“
”خداوند ۽ خداوند يسوع مسيح جو مندر ماڻھوءَ جو من آھي، دل ديول آھي ۽ تن ڪاشي. دل جي ديولين ۽ تن جي ڪاشيءَ ۾ تنھنجو ڪرشن ڀڳوان ۽ منھنجو يسوع مسيح رھندا آھن پر اسين پنھنجي ڪرم سان، عمل سان ۽ گناھن سان ڪرشن ڀڳوان ۽ يسوع مسيح کي دل جي ديول مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا آھيون. مان يسوع مسيح جو پنڊت آھيان ۽ تنھنجي دل جي جي بند دروازي جو ڪڙو کڙڪائڻ آيو آھيان ته جيئن يسوع مسيح ۽ ڪرشن ڀڳوان کي تنھنجي دل جي ديول ۾ ويھاريان.“
”پنڊت صاحب! جي اوھان وٽ پئسا ڪونھن ته سڌي ڳالھ ڪيو، اجاين ڳالھين ۾ وقت نه وڃايو.“
”مان توکي پئسن سان مالا مال ڪري ڇڏيندس پر توکي منھنجون ڳالھيون ٻڌڻيون پونديون.“
”مان اوھان وانگر ڳالھين جو کٽيو نه کائيندي آھيان. اڄ ٿوريءَ دير ۾ مون وٽ مھمان اچڻا آھن. ڪنھن واندي وقت تي اچجو ته ڳالھيون ڪنداسين.“
”جڏھين تون واندي ٿيندينءَ تڏھين ايندس.“
”چڱو.“
پادري ٻاھر نڪري آيو. ٻئي ڏينھن ھو گيتا وٽ ويو پر گيتا کيس اندر نه سڏايو. شام جو وري ويو پر گيتا وري به کيس اندر نه سڏايو. پورو ھفتو صبح شام ۽ منجھند جو ھن گيتا جو در کڙڪايو پر گيتا ساڻس نه ملي. آخر اٺين ڏينھن گيتا ھن کي سڏايو.
گيتا سمجھيو ھو ته پادري ڪو وڏو فرنگي واپاري آھي جيڪو ھڪ رات رھي ھن جي جھول اشرفين سان ڀري ڇڏيندو پر ھو ته پنڊت نڪتو جيڪو کيس عيسائي بڻائڻ آيو ھو. پھرين ڏينھن ئي پادريءَ جون ڳالھيون ٻڌي ھوءَ بيزار ٿي پئي ھئي ۽ ارادو ڪيو ھئائين وري کيس گھر جي چانئٺ ٽپڻ نه ڏيندي. پر پادري ڏاڍو ڪو ڊٺو ھو جو پورو ھفتو صبح، شام ۽ منجھند جو سندس در کڙڪائيندو رھيو. گيتا سوچيو ته ھو ائين نه مڙندو. ھن سان اھڙي تعدي ڪيان جو وري منھنجي در جو منھن نه ڏسي. ھن کي پنھنجي طاقت جي خبر ھئي ۽ مڙد جي سڀاءَ جي چڱيءَ طرح ڄاڻ ھئي. ھن کي خبر ھئي ته ڪھڙو مرد ھن جي گھور سان گھائبو ۽ ڪھڙو ھن جي مُرڪ سان مات ٿيندو ۽ ڪھڙو ھن جي ڇھاءَ سان ميڻ وانگر پگھرجي ويندو. جيڪي مرد گل گل جو واس وٺي اندران ڍاپيل ھوندا آھن انھن کي جھڪائڻ ڪنھن حد تائين ڏکيو ھوندو آھي پر پنڊت، پادري ۽ مُلان جن جي اندر جا اڃايل جذبا اندر ئي اندر پيا اُٻرندا آھن انھن کي مات ڪرڻ ته سولو آھي. ھن سوچيو ته اڄ پادريءَ جي ان ڊگھي قبا ۽ عبا ۾ لڪل اگھاڙي مرد کي جاڳائينديس ۽ جڏھين ھن جي اندر جو نانگو مڙد ڀالو اُڀو ڪري شڪار تي وار ڪرڻ گھرندو تنھن وقت مان شڪار ٿيڻ کان انڪار ڪنديس. پوءِ ھو ڦٿڪندو، لڇندو، منتون ڪندو، پيرين پوندو پر مان ھن کي ھٿ لائڻ نه ڏينديس. ان وقت کيس ٻڌائيندس ته ھو ڇا آھي ۽ پنھنجي چوڌاري پوترتا جا ڪيڏا نه ڪوڙا ڪوٽ اڏيا اٿئين. پوءِ مان ھن کي ڌڪا ڏيئي گھر مان ڪڍندس ۽ ھو وري ھيڏانھن نه ايندو.
ھن ڇپر کٽ تي گلن جون پنکڙيون پکيڙيون، عطر ۽ عنبير سان تن کي تازو ڪري، پنھنجا ڊگھا ڊگھا وار چنڊ جھڙي منھن تي وکيري ھوءَ ليٽي پئي. پادري اندر آيو ته ھن منھن تي وکريل وارن مان خماريل نيڻ کڻي ھن ڏانھن نھاريو ۽ ننڊاکڙي آواز ۾ چيو.
”ڀلي ڪري آيئه. معاف ڪجو ٻه ٽي ڏينھن مان مصروف ھيس ۽ اوھان سان ملڻ جي واندڪائي نه ملي.“
”ڪا ڳالھ ڪانھي.“ پادري قالين تي ويھڻ لڳو.
”اچو اچو، ھيڏانھن منھنجي ڀر ۾ اچي ويھو.“
پادري ھن جي ڀر ۾ اچي ويٺو.
”رات مان دير سان ستس. مھمان ترسيل ھو. دير تائين مَڌُ پيئندي رھيس. اوھان کي ته خبر آھي ته مرد ڪيڏو نه بکيو ٿو ٿئي. ڍاپجي ئي نٿو. ڍاپجي ٿو ته به سندس ھوس پوري نٿي ٿئي. ڀانئين ته ٻوٽي ٻوٽي پٽي ڇڏي. ڏاڍو ٿڪائي ٿا ڇڏن. پادري صاحب، اسان جي ڪمائي به سَنڌ سَنڌ چيچلائيندڙ پورھئي جي ڪمائي آھي. ڳالھين جو کٽيو نه آھي.“ گيتا ڳالھ پوري ڪري ڪر موڙيا ته سندس جوڀن ڦاٽ کائڻ لڳو. ھن سمجھيو ته پادريءَ لاءِ اھو وارُ ڪافي ھو، پر پادريءَ تي ڪو اثر نه ٿيو. گيتا سڀ حيلا ھلايا، سڀ وار آزمايا پر پادريءَ تي ڪو وارُ ڪارگر نه ٿيو. پادريءَ جي بي حسي گيتا جي حسن ۽ جوانيءَ جي توھين ھئي. گيتا سوچيو ته يا ته پادري نامڙد آھي يا وري اھڙو مڙد جنھن جھڙو نه مون اڄ تائين ڏٺو ۽ نه ڏسنديس. ھن ڦَٽيل نانگڻ جيان اندر ئي اندر وٽ کاڌو ۽ پادريءَ کي چيائين.
”پادري صاحب، اوھان جون ڳالھيون ڀڳوانن ۽ اوتارن جون ڳالھيون آھن. بيھو ته مان پاڪ ٿي اچان پوءِ اوھان جو پوتر ڳالھيون ٻڌندس.“
گيتا ڪمري کان نڪري ٻاھر وئي ۽ پادري اڪيلو رھجي ويو. پادريءَ کي پڪ ٿي ته اڄ گيتا ھن جون ڳالھيون دل سان ٻڌندي ۽ ھن تي منھنجون ڳالھيون ضرور اثر ڪنديون. ھر انسان بنيادي طرح عيسيٰ آھي. پر وقت ۽ حالتون ھن کي الائجي ڇا مان ڇا بڻائي ٿيون ڇڏين. گيتا ڪيڏي نه سھڻي آھي ۽ سونھن نيڪي آھي ۽ گيتا ھيڏي سھڻي ھوندي به وئشيا آھي. جيڪر ڪو مون جھڙو ماڻھو به آنٽي صوفيه کي ملي ھا ته شايد ھوءَ بادفرنگ ۾ نه مري ھا. پر پادري باربوسا! ھڪڙي ڳالھ ته ٻڌاءِ، تون جو گيتا کي چڱائيءَ جي واٽ ڏيکارڻ آيو آھين ته ڇا گيتا جي چڱي ٿيڻ سان معاشرو چڱو ٿي ويندو ۽ ڪا ٻي گيتا ھن جي جاءِ نه والاريندي. اھو ڪو حل ڪونھي. ڪو اجتمائي حل ڳولھ، ڪا اھڙي واٽ ڳولھ جنھن سان سارو معاشرو ڌوپجي وڃي.
پادريءَ اھي ڳالھيون ويٺي سوچيون ته گيتا اندر آئي. گيتا وھنجي آئي ھئي. ھن پڙو پاتو ھو ۽ ھن جي مٿئين ڌڙ تي سنھي ململ جو رئو ويڙھيل ھو. ھن جو بُت آلو ھو ۽ سنھو رئو ھن جي بت کي چھٽي پيو ھو ۽ ھن جون ڇاتيون، پيٽ، ھڪ ھڪ انگ صاف نظر ٿي آيو. گيتا ھن جي ڀر ۾ بيھي وار ڇنڊڻ لڳي. وار ڇنڊڻ سان سندس ڇاتيون ڇلڻ لڳيون.
”پادري صاحب، اتي ويھاڻي جي ھيٺان منھنجي کنجري رکي آھي آھا ته کڻي ڏجو.“
پادريءَ ھن کي کنجري کڻي ڏني. کنجري وٺندي ھن جي بُت تان رئو کسڪي ويو ۽ ھن جي مٿئين ڌڙ جو اڌ حصو اگھاڙو ٿي پيو. پادري آھستي کٽ تان اٿيو ۽ ھن جي بت تان رئو لاٿائين ھاڻي ھن جو مٿيون ڌڙ سارو اگھاڙو ھو. پادريءَ پنھنجي ھٿن سان ھن کي کنجري پارائي ۽ پوءِ رئو سندس بُت تي ويڙھي سندس مٿو ڍڪيائين. ھن کي ٻنھي ٻانھن کان جھلي، ھن جو منھن پاڻ ڏانھن ڪري، ٻنھي ھٿن سان سندس منھن جھلي ھن پنھنجا چپ ھن جي پيشانيءَ تي رکيا.
پادريءَ جي ڇھاءَ سان گيتا جو سارو بدن ۽ روح ڏڪڻ لڳو. ھن کي ائين لڳو ڄڻ پادريءَ جا چپ ھن جي سَنڌ سَنڌ مان گناھن کي ائين ٿا چوسن جيئن جوڳي نانگ جي ڏنگيل جو زھر چوسيندا آھن. ھن اڄ تائين چپن مان لذت کي ٽمندو ڏٺو ھو. ٽانڊن وانگر ٻرندڙ چپ جيڪي سندس سَنڌ سَنڌ کي لذت جا ڏنڀ ڏيندا ھئا، ٻوٽي ٻوٽيءَ مان لذت کي چوسيندا ۽ چَٽيندا ھئا پر ھي چپ ھن جي روح جي ڦَٽن تي پَھا ھئا.
”ڌيءُ شل ڪرشن ڀڳوان ۽ يسوع مسيح توکي سڌي واٽ ڏيکاري.“ پادريءَ جو آواز آيو.
اڄ تائين ڪنھن پوڙھي به ھن کي ڌيءُ نه سڏيو ھو. پوڙھن جون اکيون به چيلاٽن وانگر ھن جي بت کي چھٽنديون ھيون ۽ ان پادريءَ جي واتان ڌيءَ اکر ٻڌي ھن جي روح کي ايتري ته راحت ملي جو ھن جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا. ھوءَ جھڪي ۽ پادريءَ جا پير چميائين. پادريءَ ھن کي ٻانھن کان جھلي، مٿي ڪري سيني سان لاتو ۽ گيتا پادريءَ جي سيني ۾ منھن لڪائي سڏڪڻ لڳي.


...........................................


سارنگ ڪينجھر تان موٽيو ۽ ٻئي ڏينھن باغين جي سرڪوبيءَ لاءِ روانو ٿيو.
کيرٿر جبل ڏانھن ڪن وحشي قبيلن ڦرلٽ لائي ڏني ھئي. سيوھڻ ڏانھن ويندڙ شاھي قافلي ۽ تر جي زميندارن کي لٽيو ھئائون ۽ انھن جي سرڪوبيءَ لاءِ فوج رواني ٿيڻي ھئي جنھن جو سالار ته ھڪڙو تجربيڪار مغل امير ھو ۽ سارنگ نائب سالار ھو، پر اصل سالار سارنگ ئي ھو. نواب ھن کي پاڻ اھا مھم سونپي ھئي. نواب ھن کي ان مغل سالار ۽ ٻين اميرن جي سامھون چيو ھو ته ”اصل سالار تون آھين، توکي ئي جرئت سان جنگ جيتڻي آھي. ھي مغل سالار عمر رسيدو آھي. ساري زندگي جنگين ۾ گذاري اٿئين. ھن جو تجربو ۽ جرئت ۽ بھادري جابلو قبيلن جي پاڙ پٽي ڇڏيندي. ھڪڙي ڳالھ ڌيان ۾ رکجانءِ ته اھي جابلو قبيلا ڏاڍا وحشي آھن. ڪلھوڙن جي فوج به ساڻن پڄي نه سگھي پر اسان کي پڪ آھي ته تون سندن پاڙ پٽي ڇڏيندين.“
”ويري جيترو بھادر، وحشي ۽ جنگجو ھوندو اوترو ساڻس مقابلي ۾ مزو ايندو. اميد ته اوھان جي دعائن سان سندن جڻ ٻچو رولئي ڇڏيندس.“
”اسان کي تو مان اھائي اميد آھي.“
نواب ھن کي مغلن جي خانداني تلوار ڏني ۽ سارنگ مھم تي روانو ٿيو. ھو ڏاڍو خوش ھو. اڄ پھريون ڀيرو ھن کي پنھنجي جرئت، بھادري ۽ جوانمردي ڏيکارڻ جو موقعو مليو ھو.
ان مھم ۾ چار مھينا لڳي ويا. سارنگ واقعي باغين جو جڻ ٻچو رولي ڇڏيو ۽ سڀئي اچي پيش پيا. لُٽ جو سارو مال واپس ڪري ڏن ڀري ڏنائون. ھو ڪاميابيءَ جا نغارا وڄائيندو ٺٽي ۾ داخل ٿيو. نواب مسند تان اٿي، اڳتي وڌي ھن جو آڌرڀاءُ ڪيو. کيس قلعي حاڪم نشين ۾ محلات ملي، خلعت، در تي نوبت ۽ علم عطا ٿيو. ھن سوچيو ھاڻي سنڌوءَ کي وٺي اچان. سنڌو منھنجي بھادريءَ جي ھاڪ ٻڌي ۽ رتبو ڏسي ڪيڏي نه خوش ٿيندي. ھن جا سڀ خواب پورا ٿيندا ٿي ويا. ھن ڳوٺ وڃڻ جي تياري ڪئي ته اوچتو ھن کي ڪنھن ٻي مھم تي روانو ٿيڻو پيو. اتان ڪامياب ٿي موٽيو ته ڪن سرحدي جھيڙن جي نبيري لاءِ کيس ڪلھوڙن جي درٻار ۾ خدا آباد وڃڻو پيو. ھن کي خبر ئي ڪانه پئي ۽ وقت گذرندو ويو ۽ پوءِ جڏھين خدا آباد کان موٽيو ۽ ھوائن ۾ ڦوٽھڙي جي ھٻڪار محسوس ڪيائين تڏھين کيس احساس ٿيو ته ھن کي سنڌوءَ کان وڇڙي سال ٿي ويو آھي. ٺٽي ۾ اچي ھن ڪم ڪار لاٿا، مس مس واندو ٿيو ۽ گھوڙي تي لانگ ورائي ڳوٺ روانو ٿيو. ھاڻي ھن جو آخري خواب پورو ٿيڻ وارو ھو. ھن سوچيو ته وڃڻ سان چاچي سجاول خان سان سنڌوءَ جي سنڱ جي ڳالھ چوريندس. چاچي ڪڏھين منھنجي ڳالھ نه موٽائي آھي. ھاڻي به نه موٽائيندو، سنڌوءَ سان شادي ڪري کيس قلعه حاڪم نشين جي محلات ۾ وٺي ايندس. ٻانھيون کيس ھندوري ۾ لوڏا ڏينديون ۽ مورڇل ھڻنديون. ھو ٻيڙيءَ تان لٿو ۽ گھر وڃڻ جي بدران سڌو وڃي سنڌوءَ جو در کڙڪايائين. اندران چاچي ساوڻ کنگھندي پڇيو ”ابا ڪير آھين؟“
”چاچا مان سارنگ آھيان.“
”ابا اندر اچو، در ته پراون جا کڙڪائبا آھن. ھي ته منھنجي بابي جو گھر آھي.“
سارنگ سوچيو ھو ته منھنجو نالو ٻڌندي ئي سنڌو ھرڻيءَ وانگر ڇال ڏيندي، ڊوڙي اچي در کوليندي. پر سنڌوءَ جي بدران ساوڻ چنگھندو، کنگھندو اٿيو ۽ در ڏانھن وڌيو. سارنگ کي پڪ ٿي ته سنڌو گھر ۾ ڪانھي نه ته ھن مھل تائين ھوءَ ڊوڙي اچي سندس سيني سان لڳي ھا. شايد اسان جي گھر وئي ھوندي. ھن جي دل چيو ته اتان ئي موٽي پنھنجي گھر وڃي سنڌوءَ سان ملي. ايتري ۾ ساوڻ در کوليو. ھو سانوڻ سان نوڙي مليو.
”بابي کي بسم الله چوان...... اچو اچو“
”چاچا سنڌو ڪٿي آھي؟“
”بابا ٻڌايانو ٿو، ٿورو ساھ ته پٽيو.“
ساوڻ ھن کي ڪمري ۾ وٺي آيو. کٽ تي ھنڌ وڇائي ھن کي ويھاريائين.،
”بابي ڏي خير ته آھي؟“
”چاچا سنڌو ڪٿي آھي؟“
سانوڻ ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ سندس پوڙھين اکين ۾ لڙڪ تري آيا.
”بابا ٻڌو ڪونه اٿئي ته :
ڪڏھين چونڪ ڍڍي گل ڦاڙيا، سنگ نڪري ٿيا نروار
اچي پيڙن ڳاھ فراق جو، ٿيا ڪڻا ڪڻي کان ڌار.
”چاچا ڇا ٿيو سنڌوءَ کي؟“ سارنگ جو ھانءُ ٿي ڦاٽو.
”بابن، سنڌو پرديس پرڻجي وئي.“
”سنڌو پرڻجي وئي!؟ ڪڏھن؟ ڪنھن سان؟“
”سنڌوءَ جي وھانوَ کي ته ھاڻي ٻارنھن مھينا اچي پورا ٿيڻ وارا آھن.“
”پر چاچا، ھي سڀ ڪيئن ٿيو، تو مونکي خبر ڇونه ڏني.“
”بابن توسان ملڻ لاءِ ڏاڍا پنڌ ڪيم، پر تون نه ملئين. جڏھن آيس تڏھين ٻڌم ته تون ڪنھن مھم تي ويل آھين. سنڌو تو لاءِ ڏاڍو رني. نسوري باھ ٻاري ڏنائين ته سارنگ کي وٺي آءُ، سارنگ نه آيو ته منھنجو لاش ھن گھر مان نڪرندءِ. ڪو ته مونکي ڏوليءَ ۾ وھارڻ وارو به ھجي. کيس نه ڪو ڀاءُ نه ڀيڻ، نه مِٽ نه مائٽ، تو لاءِ ڏاڍو رُني، ڏاڍو ڦٿڪي.“ ساوڻ ماٺ ٿي ويو. ڳالھين سان سندس ساھ ڀرجي آيو ۽ ھو سھڪڻ لڳو. سارنگ جو ته ڄڻ ڪنھن پيئڻ بلا ساھ پي ڇڏيو ھو.
”سنڌوءَ کان سواءِ منھنجو ته ھانءُ ٿو ڦاٽي.“ ساوڻ وري چوڻ شروع ڪيو. ”پر نياڻيءَ جو وياءُ ڪيستائين پيءُ جي در تي ويھندو. بابل سائين، مون جڏھين سنڌوءَ جي ماءُ سدوريءَ جو سَڱ سندس مائٽن کان گھريو ھو تڏھين بدي ۾ مونکان به ٻانھن گھري ھئائون. اسان جي گھراڻي ۾ ڪا ٻانھن ڪانه ھئي جو بدي ۾ ڏيون. پوءِ راڄوڻو فيصلو ٿيو. مون کان قرآن تي سدوريءَ جو پيٽ لکرائي ورتائون. سدوري مري وئي. مون سنڌوءَ کي ماءُ ٿي پاليو. بابل، سنڌو مون کي ڏاڍي پياري ھئي پر بابا مالڪ اچي وٺي ويس. قرآن تي لکي ڏنو ھيم نه سنڌوءَ کي ڪڏھين به اکين کان پري نه ڪيان ھا.“
سانوڻ جو ھڪ ھڪ اکر ھن جي پوري وجود مان پيئڻ وانگر ساھ پيئندو رھيو ۽ ھو بي جان بوتي وانگر سانوڻ جون ڳالھيون ٻڌندو رھيو. آخر ھن سانوڻ کان موڪلايو ۽ گھر اچي گھر جي سڀني ڀاتين سان کلي ڳالھايو. ھنن کي پنھنجي نوڪري ۽ ڪارنامن جون ڳالھيون ٻڌايائين. رات جو ماني کائي کٽ تي ليٽيو ۽ سندس اکيون ستارن ۾ کپي ويون. آسمان ۾ چنڊ جي ڀڳل ٻيڙي ترڻ لڳي ۽ ڏور سمنڊ ۾ ويرون چڙھيون ۽ ٻيڙن جا سڙھ ڦاٽي پيا. سمنڊ جون لھرون ڪناري جي واريءَ تي وري ويون. ڪينجھر ۾ مھاڻي جو آواز زخمي ڪونج وانگر فضائن ۾ ڦٿڪڻ لڳو اڄ به سانت ۾ ستل زندگيءَ جا آواز جاڳيا. آسمان ۾ سوجھرو پکڙيو پر سنڌو نه آئي.
”تون خواب ڏسندي آھين؟“
”ھا ڏسندي آھيان.“
”ڪھڙا خواب ڏسندي آھين؟“
”پھرين تون ٻڌاءِ ته تون ڪھڙا خواب ڏسندو آھين.“
”مان تمام وڏا خواب ڏسندو آھيان، ايڏا وڏا خواب جو آسمان به منھنجي خوابن آڏو ھيچ آھي.“
”اھڙا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏي.“
”ڇو......؟“
”اھڙا خواب ڏسڻ وارا ڏاڍا ڏک ڏسندا آھن ۽ ڏاڍا ڏک ڏيندا آھن. پنھنجي خوابن جي تعبير ماڻڻ لاءِ ھر رشتي ۽ ناتي کي لتاڙي اڳتي وڌندا آھن...... اڳتي وک وڌائڻ کان اڳ ماڻھو ڪنڌ جھڪائي ھيٺ ضرور ڏسي ته ڪو رشتو، ڪو ناتو، ڪنھنجو ڪو جذبو يا خواب ته لتڙ ھيٺان نٿو اچي.“
”سنڌو....!“ ھن دانھن ڪئي پر آواز سندس نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو. سنڌو..... سنڌو..... سنڌو!! چوڌاري سنڌوءَ جو نانءُ پڙاڏجڻ لڳو. ھو ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ گھوڙي تي چڙھي ٺٽي روانو ٿي ويو.

............................................

حصو اٺون

گوپيءَ ماڻڪ جي چوڌاري ليڪو ڪڍيو ھو. ماڻڪ کي پھريون دفعو احساس ٿيو ته ھر ھڪ ماڻھوءَ جي چوڌاري ليڪو نڪتل آھي ۽ ھر ھڪ ماڻھو دائري ۾ گردش ٿو ڪري. زندگي ويراڳ آھي، بن باس آھي. چوڌاري ماڻھن ۽ ريتن رسمن جو جھنگ آھي، رام ته رڳو چوڏھن سال بن باس ڪاٽيو ھو. ھتي پوري زندگي بن باس آھي. ھن کي اھا به خبر پئي ته وڇوڙي ۾ مزو ويتر وڌي ٿو، گھٽ نٿو ٿئي. ڪڏھين ڪڏھين بي اختياريءَ ۾ ھن جون وکون شوالي يا آشرم ڏانھن کڄي وينديون ھيون پر ھو اڌ تان موٽي ايندو ھو. ڪڏھين ڪڏھين ھن کي لڳندو ھو ته گوپي ھن سان ساڻ ھئي. ھن سان گڏ پڙڇ تي ويٺي ھئي. ھن کي گيتا پڙھي ٿي ٻڌايائين...... اننگ رنگ ساگرم. مان پيار جو ساگر آھيان. گوپيءَ وينا ڇيڙي ۽ ھن جي گروءَ جي وائي ڳائڻ لڳي. مون پرين ميڙيين، روجھڙيون ميڙين مينھن. گوپي ھن جي ساھ ۾ سمايل آھي. گوپي ۽ ھن جا سرير پاڻ ۾ ائين مليل آھن جو خبر ئي نٿي پوي ته ڪھڙو سرير ڪٿي ختم ٿو ٿئي ۽ ڪھڙو ڪٿان شروع ٿو ٿئي. ھن کي پنھنجي گروءَ جو بيت ياد پيو. جيئاريس سنڀار، ڪوه ڪرينديس گڏجي، ويروتار وجود ۾ پرينءَ جي پچار! ويروتار وجود ۾ پرين جي پچار..... ويروتار وجود......
گوپيءَ سان منھنجو موه منھنجي آتما ۽ منھنجي سرير جو موه آھي يا انڌن جذبن جي اٿل پٿل، اڃايل سرير جي اڃايل ڪامنائن جي ازلي اُڃ. مان برھمچاري آھيان. اڄ تائين ڪنھن به عورت جو سريرُ منھنجي سريرَ جي ايترو ويجھو نه آيو آھي جيترو گوپيءَ جو سرير ويجھو آيو آھي. ان ويجھڙائيءَ منھنجي سرير ۾ ستل وحشي جذبن کي جاڳايو، جذبن جون لھرون بند ڀڃڻ لڳيون ۽ مان لھرن جي زور کي موه سمجھي ويٺس. شايد مون کي عورت جي ضرورت آھي. منھنجي اڃايل سرير جي اڃايل ڪامنائن کي اڃ اجھائڻ جي ضرورت آھي. گوپي نه ته ڪا ٻي عورت ئي سھي. عورت ته وسيلو آھي اندر جي اڃ اجھائڻ جو. اھو وسيلو ڪابه عورت ٿي سگھي ٿي. عورت ئي منھنجو درد، دارون ۽ ويڄ آھي. ان ڏينھن کان ھن عورت جي تلاش شروع ڪئي.
پھرين ته ھن سمجھيو ته عورت ملڻ مشڪل آھي پر پوءِ جڏھين ھن عورت جي ڳولھا شروع ڪئي تڏھن ھنکي خبر پئي ته ٺٽي ۾ اناج جي منڊيءَ وانگر عورتن جي به منڊي آھي جتي ھر جنس ملي ٿي. ھو برھمچاري ھو ۽ ھن کي پنھنجو برھمچاريه ختم ڪرڻ لاءِ ڪنواري ڇوڪريءَ جي تلاش ھئي. پر اھڙي ڪنواري عورت حاصل ڪرڻ لاءِ ھن کي ان عورت سان شادي ڪرڻي پوندي. شادي.....؟ ھا شادي! پر اھا شادي سماجي ٻنڌڻ نه ھوندي. ھن کي ڪنوار لاءِ باقائدي ڏيج ڏيڻ، ڳھ ڳـٺا ۽ خرچ پٺو ڏيڻو پوندو. ڪنوار زال جي حيثيت ۾ ھن وٽ مھينو، ٻه مھينا، ڇھ مھينا، جيترو عرصو ھو چاھي، رھندي ۽ پوءِ ٻئي جدا ٿي ويندا. جدا ٿيڻ وقت به کيس زال جي خرچ لاءِ پئسا ڏيڻا پوندا. ھن اھي سڀ شرطون مڃيون. ماءُ کان سوني اشرفين جي ڳوٿري ۽ نصرپور گھمڻ لاءِ مھيني جي موڪل ورتي ۽ پدمڻيءَ سان سندس شادي ٿي.

پدمڻي ڪنوار ٿي، ڳاڙھو گھونگھٽ ڪڍي ھن جي سامھون ڇپر کٽ تي ويٺي ھئي. پاسي کان ٽپائيءَ تي چانديءَ جي گُھگھيءَ ۾ مَڌُ ۽ ٻه خالي پيالا رکيا ھئا. ڪمري ۾ سھاڳ جي خوشبوءِ رچيل ھئي. ھن کي سمجھ ۾ نٿي آيو ته ڇا ڪري، ڪيئن ڳالھ شروع ڪري، ھن جو سارو بُت پگھرجي ويو ھو. ھن يڪدم مڌ جو پيالو ڀريو ۽ ڳيت ڏيئي پي ويو. ھن ڪڏھين به مڌ نه پيتي ھئي ۽ ھنکي لڳو ھن پاڻياٺ باھ پيتي ۽ اھا باھ ھن جي سيني کي ساڙيندي اندر وئي. اندر مان ٻاڦ نڪتي ۽ ھن جي دل ۽ دماغ تي ڇانئجڻ لڳي. ھر شيءِ دونھاٽيل ۽ ڪوھيڙي ۾ ويڙھيل نظر اچڻ لڳي. ھن جي اندر جي ھٻڪ ختم ٿي وئي ھن ھٿ وڌائي ڪنوار جو گھونگھٽ ھٽايو ۽ ڪمري ۾ چوڏھينءَ جو چنڊ کڙي بيٺو. ھن آڱر سان ڪنوار جي کاڏي مٿي ڪئي، ڪنوار آھستي آھستي اکيون کوليون. ھن جي اڇي رنگ تي ڪارا نيڻ ڄڻ ڪنول جي اڇي گل تي ڪارا ڪارا ڀنور. ھن کي گوپي ياد پئي. گوپيءَ ۾ ڇا ھو جو سندس عشق ۾ ڦاٿو ھو. گوپي لھندڙ سج جو تِڙڪو ھئي ۽ ھيءَ ڄڻ سج ڪَني ٿي ڪڍي ۽ سج جي نئين نڪوري اُس ڪائنات تي ڇانيل ميراڻ کي ٿي ڌوتو. گوپيءَ کي ڏسي دل تي درد جي مير ڇانئجي ويندي ھئي ۽ ھن کي ڏسي دل ڌوپجي ٿي پئي.
”تنھنجو نالو ڇا آھي؟”
”پدمڻي.“ سندس آواز مان به ڪرڻا ٿي ڦُٽا.
”منھنجو نالو ماڻڪ آھي. مان برھمچاري آھيان ۽ تو وٽ پنھنجو برھمچاريه ختم ڪرڻ آيو آھيان.“
”برھمچاريه ختم ڪرڻ لاءِ ڪنھن چڱي گھر مان شادي ڇو نه ڪيوَ. ھي پاپ ڇو ٿا ڪيو.“
”مان پاپ ۽ پُڃَ، ڌرم ۽ اڌرم جي چڪر مان نڪري آيو آھيان. خواھشن کان مڪتي محال آھي. جن خواھشن کي ماريو، جن لذتن کي تياڳو ۽ مري ويا، اھي جي ھڪ وار وري ھن دنيا ۾ اچن ته ھڪ ھڪ گھڙيءَ مان لذت کي چوسي وٺن.“
”ماڻھو ھن دنيا ۾ جوڻ مٽائي ايندو ٿو رھي.“
”ھن دنيا مان ويل ماڻھو وري ڪڏھين نٿو موٽي. ھيءَ گھڙي جيڪا موجود آھي، جنھن ۾ تون آھين، مان آھيان، ۽ مڌ آھي، اھا گھڙي سچ آھي، باقي سڀ ڪوڙ آھي.“
ھن جون ڳالھيون ٻڌي پدمڻي دھلجي وئي. شايد ناستڪ آھي.
ھن ھٿ وڌائي پدمڻيءَ جي ھٿ کي جھليو. ھي ھٿ ڪھڙو نه نرم ۽ ڪھڙو نه سھڻو آھي. جھڙو گلاب جو گل. پر ھن ھٿ جي ڇھاءَ مان مون کي گوپيءَ جي ھٿ جي ڇھاءَ واري راحت ڇونه ٿي ملي. پدمڻيءَ جو ڇھاءُ رڳو منھنجي سرير جي تندن کي ٿو ڇھي جڏھين ته گوپيءَ جو ڇھاءُ منھنجي سرير ۽ منھنجي آتما ٻنھي جي تندن کي ڇيڙيندو ھو ۽ منھنجي وجود مان اھي الھامي سُر ڦُٽا ھئا جن کي ڪوبه رشي، ڪوبه مَني، ڪوبه ديوتا اڃان تائين ڪنھن راڳ جو روپ ڏيئي نه سگھيو آھي. ھن وري مَڌ جي وٽي چاڙھي ۽ ھن جي اندر ۾ ويٺل نانگو مرد ڪر موڙي جاڳي پيو. ھن پدمڻيءَ کي سيني سان لاتو ۽ پوءِ ھن مانسرور ڍنڍ م ھنسن جي جوڙي کي ترندو ڏٺو. ھن ڏاڙھونءَ جي مکڙيءَ کي ڳاڙھيون پنکڙيون پکيڙي گل ٿيندي ڏٺو. ڪنول جي گل ماڪ ڀنل پنکڙيون پکيڙيون، ڀنور گل تي ويٺو ۽ ڪنول گل پنکڙين ۾ ڀنور کي ٻوٽي ڇڏيو. وڏڦڙي جي وسڪار ٿي ۽ اڃايل ڌرتيءَ جو ذرو ذرو ٺري پيو. پر اڃان ھن جي وجود ۾، ھن جي اندر جي اونھاين ۾، ھن جي آتما ۾ ڪي واريءَ جون ڀٽون ھيون جن تي بوند به نه برسي ھئي. گوپيءَ جي ڇھاءَ سان ته سڀ کان پھريون انھن ڀٽن تي وسڪار ٿي ھئي. سرير اڃيو ھو پر اندر ۾ ڪيڏا نه ٺار ٿيا ھئا. ائين ڇو آھي، ڇو آھي. پدمڻيءَ جو حسن، پدمڻيءَ جي جوانيءَ مان حاصل ٿيل لذت ھن جي حواسن کي اورانگھي ڇو ھن جي آتما تائين نه پڳي ھئي.

صبح جو ھن جي اک کلي، پدمڻي ھن جي ڀر ۾ ويٺي ھئي ۽ سندس وارن ۾ آڱريون ٿي ڦيريائين. ھيءَ ڪير آھي، مان ڪير آھيان، ڪٿي آھيان. ھن کي راتوڪيون گھڙيون ياد پيون ۽ ھن جي چپن تي مرڪ تري آئي. ھن پدمڻيءَ کي سيني سان لاتو. پدمڻي ھن جي سيني تي مٿو رکي ڇڏيو. گوپيءَ منھنجي سيني تي مٿو رکيو ھو ۽ گوپيءَ جو جسم منھنجي ٻانھن ۾ ھو ان وقت جو ڪجھ مونکي محسوس ٿيو ھو، ھاڻي ڇونه ٿو محسوس ٿئي.
”پدمڻي.“
”جيءُ.“
”تو ڪنھن سان موھ ڪيو آھي؟“
”تون منھنجي زندگيءَ جو پھريون مڙد آھين.“
”پدمڻي، ڇا موھ مان مڪتي نٿي ملي؟“
”موھ مان مڪتي ڪيئن ملندي، موھ ته ڀڳوان آھي. ڀڳوان سان ته نرواڻ ملندو آھي.“
”ڀلا ماڻھوءَ کي موھ ۾ اندر جي ايذاءَ کان ڇوٽڪارو ڇونه ٿو ملي؟“
”اھو ايذاءُ ته نرواڻ جي واٽ آھي.“
”مونکي نه گھرجي تنھنجو نرواڻ، نه گھرجي تنھنجو ڀڳوان. مونکي شرير ۽ آتما جي شانتي گھرجي.“
ھن زور سان پدمڻيءَ کي ڀاڪر ۾ جھليو ۽ سرير جي لذت مان آتما جي شانتي ڳولھڻ لڳو.

پدمڻيءَ ھن کي اڻ ميو پيار ڏنو. ھن به پدمڻيءَ کي پيار ڪيو. پر ٻنھي کي خبر ھئي ته ٻنھي جو پيار جسمن جون سرحدون ٽپي، دلين ۽ آتمائن تائين پڄي نٿي سگھيو. پدمڻي سارو ڏينھن ھن جي خدمت ڪندي ھئي ھن جي ننڍين ننڍين خوشين ۽ خواھشن جو خيال رکندي ھئي. پدمڻي ۽ ھن جو ناتو نه سماج جو ناتو ھو ۽ نه موھ جو ناتو. پوءِ پدمڻيءَ ھن جو ايڏو خيال ڇو ٿي ڪيو. ھن کي خوشيون ڏيڻ لاءِ پاڻ ڇو ٿي پتوڙيو. ھن کي خبر پئي ته جيئن ڪائنات کي ھلائڻ وارو برھم آھي، پراڪرتي، پرش ۽ ڀڳوان آھي. ڪائنات ھن جو مظھر آھي، تيئن ھن سماج کي خلقڻ ۽ ھلائڻ وارو به ھڪ برھم آھي، پرش، پراڪرتي ۽ ڀڳوان آھي ۽ سماج ھن جو مظھر آھي. اھو ڀڳوان، اھو پرش، پراڪرتي ۽ برھم ناڻو آھي. جنھن جو ڪو روپ ڪونھي پر ھزارين روپ آھن. ھو ھي آھي، ھو آھي، ھِتي آھي، ھُتي آھي. محبت، نفرت، لڳ لاڳاپا، نيڪي بدي، ڳڻ اوڳڻ، پاپ ۽ پُن سڀ ان برھم جا روپ آھن. او دوتم. ھو جيڪو ٻه نه آھي. تت سوم اسي، ھو ھي آھي، ھمه اوست ھو سڀ آھي.
آھستي آھستي ھو جسم جي لذتن مان ٿڪجي پيو. لذتن جي ٿَڪ پٺيان ھن جي دل ۽ ھنجي آتما تي گوپيءَ جي درد جي ماڪ ٿي وٺي. جيئن ٿي ھن پنھنجو پاڻ کي جسم جي لذتن ۾ گم ڪيو تيئن ٿي گوپيءَ جي ياد گوپيءَ جي طلب وڌي. ھاڻي ڇوٽڪاري جي ڪھڙي واٽ آھي. ھن کي وديالي جي چنڊ رات ياد پئي جڏھن پپل جي وڻ ھيٺان جوڳين دونھين دکائي ھئي. ھن کي سيد زادو صوفي ياد پيو جنھن جو ڪلام جوڳين ڳايو ھو. اھو سيد زادو صوفي ھن جو غائباڻو گرو ھو. گروءَ تياڳ جي واٽ ورتي ھئي مان به گروءَ جي واٽ وٺان ته شايد پنھنجي گروءَ وانگر سُک ۽ شانتي ملي. تياڳ ۽ سنياس!
ھن پدمڻيءَ کان موڪلايو. پدمڻي روئڻ لڳي.
”ايترو جلد دل ڀرجي ويئه. اڃان ته ھٿن تان ميندي به ڪانه لٿي آھي. لڱن مان سھاڳ جي خوشبوءِ به ڪانه وئي آھي، اڃان ته سھاڳ جو جوڙو به ميرو نه ٿيو آھي.“
”دل ڀرجڻ جي ڳالھ نه آھي پدمڻي. پر من جي شانتيءَ جي ڳالھ آھي. تو جھڙي سھڻي ۽ سلڇڻي ڇوڪري ته ورلي ڪنھن خوش نصيب کي ملندي. مان بدنصيب آھيان جو تنھنجي پيار، سِڪ، سونھن ۽ ڳُڻن مان به خوشي ماڻي نه سگھيس. شايد منھنجي آتما روڳي آھي جو تو وٽان مليل سک مان به کيس شانتي نٿي ملي. ھن خوشيءَ جي پٺيان ڪو غم ڇپ ھڻي ويٺو آھي ۽ لذت ۾ بيزاري آھي.“
”موھ نه ھجي ته سرير جي لذت مان ماڻھوءَ کي بيزاري ٿيندي آھي. مونکي پھرين رات ئي خبر پئجي ويئي ته توکي ڪڏھين به مونسان موھ نه ٿيندو ۽ پھرين رات ئي مونکي توسان موھ ٿي ويو. مون سوچيو پرارٿنا ۽ پوڄا ۽ ڀڳتيءَ سان ڀڳوان جو موھ به ملي ٿو وڃي، تون ته ماڻھو آھين، تنھنجو موھ ڇونه ملندو. پر اڄ خبر پيم ته پرارٿنا، پوڄا ۽ ڀڳتيءَ سان ڀڳوان جو موھ ته ملي سگھي ٿو پر ماڻھوءَ جو موھ ملي نٿو سگھي. ماڻھوءَ جو موھ يا مفت ملندو آھي يا مُور نه ملندو آھي.“ ڳالھائيندي ڳالھائيندي پدمڻيءَ جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا. ماڻڪ ھن جا لڙڪ اُگھيا ته ھن ڪنڌ ماڻڪ جي ڪلھي تي رکي ڇڏيو.
”پدمڻي مون وٽ توکي ڏيڻ لاءِ ڪجھ ڪونھي. سچ پڇ ته مان توکي زندگي ڏيئي سگھان ٿو پر سچو موھ ڏيئي نٿو سگھان.“
”مونکي ائين لڳندو ھو ڄڻ تنھنجا ٻه شرير آھن. ھڪ شرير مونسان آھي، منھنجي شرير مان لذتون ٿو ماڻي ۽ ٻيو شرير پري تمام پري ڀورن بادلن جي ھن پار آھي ۽ مان تنھنجي ان شرير کي ڪڏھين به حاصل ڪري نه سگھندس.“
”پدمڻي مون ذھن ۽ جسم جي واٽ تي ھلي شانتي ماڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿيس. ھاڻي دل جو دڳ ڳولھڻ ٿو وڃان. مان سنياس ٿو وٺان.“
”ھن عمر ۾ سنياس وٺندين؟“
”ھا، سنياس وٺندس. ھاڻي اندر جي آنڌ مانڌ برداشت نٿي ٿئي.“
پدمڻيءَ ھن کي گھڻو سمجايو پر ھو نه مڙيو. آخر پدمڻيءَ سھاڳ جو وڳو پاتو. ماڻڪ جي آرتي لاٿي، لڙڪن ۽ گلن جي ڀيٽا چاڙھي، ھن جا پير ڇھي، ھن جي پيرن جي مٽي سينڌ ۾ وڌي ۽ ماڻڪ دل جو دڳ ڳولھڻ لاءِ جھنگن برن ڏانھن روانو ٿيو.

..........................................
سنڌوءَ جي وڇوڙي سارنگ جو سُک کسي ڇڏيو. ھو ته عرش تي اُڏامندو ھو. ھن جي گھوڙي جا سُنب ڪھڪشان تي ھئا پر پوءِ اوچتو بولاٽيون کائي عرش تان فرش تي ڪريو ھو ۽ سڄو ڀڄي ڀري پيو ھو. اندر ۾ عجيب آنڌ مانڌ، چڙ، ڌڪار، ڪروڌ. ڀانئين ته ساري ڪائنات کي ڀيڪوڙي، مروڙي سروڙي اڇلي ڇڏيان. ايڏي ھوڏ ۽ ھٺ جو عليءَ سان به اندر نه اوري. ٻاھران مُرڪ ۽ ٽھڪ ۽ اندر ۾ ڀڃ ڊاھ. شراب پي پي نشي ۾ بدمست ٿي وڃي پر ته به اندر ۾ درد پيو جاڳيس. سون ورنن مغلياڻين سان دل وندرائڻ جي ڪيائين پر دل جھڙي ضدي ٻار جو ضد تان ئي نه لھي. اندر م ايڏو ڪروڌ جو باغين جا ڪنڌ لُڻي، رت ٺينڊيون ڪري وھي تڏھين به کيس آرام نه اچي، ڀانئين ته اڃان رت وھايان. رت سان ھولي کيڏان.
ھڪ رات عليءَ وٽ شراب جي محفل متي. عنايتي لنگھياڻيءَ راڳ ڳاتو. ساڳيا ان ڏينھن وارا بيت ۽ وائي.

سرنسريا پاند، اُتر لڳا آءُ پرين
مون تو ڪارڻ ڪانڌ! سھسين سکاؤن ڪيون
سر لوھيڙا ڳڀيا، ڪسر نسريا
تو ڪنئين وسريا، ڍوليا! ڏينھن اچڻ جا.
اھڙي ئي ڦوٽھڙي جي مُند ھئي. سر نسريا ۽ اُتر لڳا ھئا. ھن کٽ تي ليٽي پرھ جي پکيئڙي جي لات ٻڌي ھئي. سنڌو..... سنڌو..... سنڌو سندس اندر جي ويراني واڪا ڪرڻ لڳي. عنايتيءَ وائي شروع ڪئي.

آيل! ڪريان ڪيئن، منھنجو نينھن اپليو نه رھي.

عنايتيءَ جو آواز ھن جو اندر ڪورڻ لڳو. ھو آھستي اُٿيو ۽ محفل مان نڪري ٻاھر اچي بيٺو. آسمان ۾ پوئينءَ رات جو چنڊ ٿي چمڪيو. ھوا ۾ بھار جي ھٻڪار ھئي، ڄڻ ھوا سنڌوءَ جي بدن کي ڇھي آئي ھئي. اندران عنايتيءَ جو آواز آيو:
اُڀر چنڊ، پس پرين، تو اوڏا، مون ڏور
سڄڻ ستا ولھ ۾، چوٽا ڀري ڪپور
ٻاٻل ڏي نه ٻور، پيرين آءٌ نه پڄڻي.
ھن چنڊ ڏانھن نھاريو. سنڌو ھن چنڊ جي چانڊاڻ ۾ چوٽا چندن سان چڪ ڪري ولھ ۾ ستي پئي ھوندي. ھن جي اندر ۾ سور جي اھڙي سٽ اُڀري جو ھو سھي نه سگھيو. ھن بي اختيار گھوڙي تي لانگ ورائي ۽ رينون ڇڪيون. شام جو جڏھين پکي آکيرن ڏانھن موٽيا ته ھن سنڌو جي گھر جو ڪڙو کڙڪايو.
”ڪير آھي؟“ اندران سنڌوءَ جو آواز آيو. ھن جي اندر جي اونداھين کي چيري ڄڻ پرھ ڦٽي پئي ۽ پرھ پکيئڙو دل جي لام تي لات لنوڻ لڳو. سنڌوءَ در کوليو ۽ سارنگ کي ڏسي ھن جي منھن جو پنو ئي ڇڏائجي ويو. ھوءَ اتيئي ڄمي بيھي رھي. ھن جا اڌ کليل چپ ٿڙڪيا ۽ اکر سندس چپن مان اٽڪندا ٻاھر آيا.
”سارنگ تون!“
پکي آکيرن مان ڀڙڪو ڏيئي اُڏاڻا. آسمان ۾ ولر کان وڇڙيل ڪونج ڪرڪي. پريان مندر ۾ جھانجھ وڳا ۽ پڄاريءَ جو آواز آيو. اي ڏءِ نيڻ نه ڇوھيو، پر ڏيکڻ دي آس.
سارنگ جون آسائتيون اکيون سنڌوءَ ۾ کپي ويون. شاديءَ کان پوءِ سنڌو ڪيتري نه سھڻي ٿي پئي ھئي. ھن جو ڪچي ڪوري ٿانوَ جھڙو ڪچو، ڪورو، ڪنوارو بت، جسماني لذتن جي کوري ۾ پچي سون ٿي پيو ھو. جسماني لذتن ھن جي انگ انگ ۾ رس ڀري ڇڏيو ھو. سندس ڇاتيون ماسيريون ۽ انگور جي رسيل ڇڳن جھڙيون ٿي پيون ھيون. سارنگ سوچيو ھو ته ھن جي وڇوڙي ۾ سنڌو آلي ڪاٺيءَ وانگر اندر ئي اندر دُکي رک ٿي وئي ھوندي جيئن ھو پاڻ سنڌوءَ جي وڇوڙي ۾ اندر ئي اندر سڙي رک ٿي ويو ھو. پر سنڌو ته ان گل وانگر ٿي پئي ھئي جيڪو پرھ ڦٽيءَ مھل، ماڪ ڦڙا پي، ٽڙي پوندو آھي. پريان مندر مان پڄاريءَ جو آواز آيو.

لڪڙي جل ڪوئله ڀئي، ڪوئله جل ڀيو راک
مين برھن ايسي جلي، ڪوئله ڀئي نه راک.

ڪوڙ..... نسورو ڪوڙ! ڪو ڪنھن لاءِ ائين نٿو جلي جو جَلي نه ڪوئلو ٿئي نه رک.
”ٻاھر ڇو بيٺو آھين. اندر اچ.”
سارنگ سنڌوءَ جي گھر جي چانئٺ ٽپي ۽ ھن جي پٺيان ھلڻ لڳو. سنڌو ھن کي ڪمري ۾ وٺي آئي. سنڌوءَ جو مڙس چارڻن جي ٽولي سان ڪيڏانھن ويل ھو. سندس سَسُ ڀر واري ڪمري م ليٽي پئي ھئي. ڪمري ۾ ٻه کٽون وڇايل ھيون ۽ کٽن سان گڏ ننڍڙو پينگھو پيو ھو جنھن ۾ ننڍڙو ٻار اگھور ننڊ ۾ ستل ھو. سانجھي ٿي ھئي ان ڪري ڪمري ۾ ھلڪي ھلڪي اوندھ پکڙيل ھئي. سنڌو کٽ تان ٽڙيل پکڙيل ڪپڙا کڻي يڪدم رلي وڇائي ۽ سارنگ کي کٽ تي ويھاري پاڻ ڏيئو ٻارڻ لڳي ۽ پوءِ موٽي اچي ھن جي سامھون ٻي کٽ تي ويٺي. ٻئي ماٺ ھئا، ڪمري ۾ بي چين ڪندڙ ۽ چڀندڙ ماٺ ڇانئجي وئي. ڀر واري ڪمري مان سنڌوءَ جي بيدار سس جي کنگھ جو آواز اُڀريو. سارنگ در کان ٻاھر نھاريو. ٻاھر آسمان ۾ شفق جا رنگ کڙيل ھئا ۽ ابابيل ٿي اڏاڻا، اڱڻ ۾ نم جي وڻ ۾ آکيرن ڏانھن موٽندڙ پکين چِر چِر لائي ڏني ھئي.
”ڪيئن آھين؟“ سنڌوءَ جو آواز ڄڻ ڪوھن جي مفاصلي تان ھن جي ڪن تي پيو.
”ٺيڪ آھيان“ ھن کي پنھنجو آواز به ڪوھن تان ايندو محسوس ٿيو.
”مٿي جو سور ڪيئن اٿيئي؟“
”ٺيڪ آھي.“
ھاڻي وري ڪمري ۾ چڀندڙ ۽ ٽڙڪندڙ خاموشي ڇانئجي وئي.
”تون ڪيئن آھين؟“
”ٺيڪ آھيان.“
”نئين زندگي ڪيئي ٿي گذرئي.“
”ڏاڍي سٺي ٿي گذري.“
وري ماٺ.
”ڳوٺ ڏي ته خير ھو؟“
”ھا، سڀ خير ھو.“
”اڄ ڪيئن ھيڏانھن ڀلجي پئين؟“
”مھل تي پڄي نه سگھڻ واري ڀل برداشت نه ٿي، ان ڪري ھليو آيس.“
”مھل گذري وئي، ھاڻي ڇا ٿيندو. تنھنجا سڀ خواب پورا ٿيا. عرش کان به اوچا خواب ڏسندو ھئين.“
”پر خوابن جو خواب ته اڻ پورو ئي رھيو.“
”ھڪڙي خواب پوري نه ٿيڻ سان ڇا ٿو ٿئي. ڪي ويچارا ماڻھو ته زندگيءَ ۾ رڳو ھڪڙو خواب ڏسندا آھن ۽ سندن اھو ھڪڙو خواب به پورو نه ٿيندو آھي.“
”تو ڪنھن ماڻھوءَ کي مرڻ وقت سڪرات جي حالت ۾ ڏٺو آھي. نه مرندو آھي نه جيئندو آھي. مان به زندگي ۽ موت جي وچ ۾ لڙڪيل آھيان. نه مران ٿو، نه جيئان ٿو. مان يا جيئڻ ٿو چاھيان يا مرڻ.“
”ڪو ڪنھن لاءِ ڪونه ٿو مري. مون ڀانيو ھو ته مان به مري وينديس پر جيئان پئي ۽ ڏاڍو خوش پئي جيئان.“
”مان تنھنجي ڳالھ نٿو ڪيان، پنھنجي ڳالھ ٿو ڪيان. مان سڪرات ۾ جيئڻ نٿو چاھيان.“
”ھاڻي ڪجھ به ٿي نٿو سگھي.“
”سڀ ڪجھ ٿي سگھي ٿو. تون پنھنجي مڙس کان آزاد ٿي سگھين ٿي. تنھنجي آزاديءَ جو ملھ جيڪو به ھو گھرندو مان کيس ڏيندس.“
سارنگ جي ڳالھ ٻڌي سنڌوءَ جي چپن تي مُرڪ تي آئي.
”اڃان تائين طاقت ۽ دولت سان ماڻھن جا ڪنڌ جھڪائڻ مان ڪونه ڍاپيو آھين. مون سمجھيو ھو ته منھنجو پيار تنھنجي اندر کي پگھاري نه سگھيو ته منھنجي وڇوڙي جو غم تنھنجي اندر کي پگھاري سون ڪري ڇڏيندو. پر تنھنجو اندر ته اھوئي ڪٽ چڙھيل لوھ آھي. توکي خبر ئي ڪانھي ته تنھنجي وڇوڙي جي غم مونکي ڇا ڪي ڏنو. تنھنجي وڇوڙي جي غم مونکي ماڻھن سان موھ ڪرڻ سيکاريو. توکان وڇڙڻ کان پوءِ مونکي ائين لڳو منھنجو سارنگ سڀ ۾ سمائجي ويو آھي. ڪير ٿو چئي ته منھنجو سارنگ مونکان وڇڙيو آھي. ھو ته ھر گھڙي، ھر ويل مونسان سان ساڻ آھي. ھن جا ڪيئي روپ آھن. ڪڏھين ھو عرش کان اوچا خواب ڏسندڙ ۽ اقتدار پرست آھي. ڪڏھين دل جي اونھاين مان مونسان محبت ڪندڙ منھنجو مڙس آھي ۽ ڪڏھين منھنجي ئي ڪک مان جنم وٺندڙ منھنجو ٻار آھي. ان ڪري ئي مون پنھنجي ٻار جو نالو سارنگ رکيو آھي.“
اوچتو پينگھي ۾ ستل ٻار روئڻ شروع ڪيو. سنڌو بي تاب ٿي وئي، ٽپ ڏيئي اٿي ۽ ٻار کي سيني سان لائي پرچائڻ لڳي پر ٻار روئڻ بند نه ڪيو. سنڌو کٽ تي ويٺي ۽ ٻار کي ھنج ۾ ليٽائي کير پيارڻ لڳي. سارنگ ماٺ ڪري ھن کي ڏسندو رھيو. پوءِ ھو آھستي کٽ تان اٿيو، ڪلھن تان اجرڪ لاھي سنڌوءَ جي مٿي تي وڌائين ۽ ڪنڌ جھڪائي سنڌوءَ جي پيشاني چميائين. الائجي ڇو سندس اکيون آليون ٿي ويون ۽ سنڌو سان ڳالھائڻ ۽ موڪلائڻ کانسواءِ تکيون تکيون وکون کڻندو ٻاھر ھليو ويو.

آسمان م چنڊ لاش وانگر ٿي لڙڪيو. چنڊ جي ٿڪل ۽ بيمار چانڊوڪي چؤطرف پکڙيل ھئي. ھوا سان وڻ جوڳين وانگر ٿي جھوليا. سارنگ گھوڙو ڊوڙائيندو ٿي ويو. ھن جو گھوڙو ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي پيو ھو. ھن پاڻ به ٿڪ ٿي محسوس ڪيو. ھن سوچيو ته ڪنھن وسنديءَ ۾ پاڻ به ٿَڪ پٽيان ۽ گھوڙي کي به ٿڪ پٽايان. پر پري پري تائين ڪو ڳوٺ، ڪا وسندي نظر نٿي آئي. ھر طرف سانت، ٿڪل ۽ بيمار چانڊوڪي، سانت جي سيني ۾ گونجندڙ گھوڙي جي سنبن جو آواز. ھو ٿورو پنڌ ھليو ته ھن کي پريان روشني نظر آئي. سمجھيائين ته شايد ڪو ڳوٺ يا ڪا وسندي آھي. ھن گھوڙي جي رفتار تيز ڪئي. ويجھو وڃي ڏٺائين ته ھڪڙي ڦِٽل مڙھيءَ ۾ مچ ٿي ٻريو. مچ جي ڀر ۾ ھڪڙو جٽادار جوڳي ويٺو ھو ۽ ڏاڍي سريلي آواز ۾ بيت ٿي پڙھيائين. مڙھيءَ سان لڳ کُھي ھئي ۽ کھيءَ سان ساڻ پپل جو وڻ ھو. ھن گھوڙو پپل جي وڻ سان ٻڌو ۽ ماٺ ڪري جوڳيءَ جو بيت ٻڌڻ لڳو.

برو ھو ڀنڀور، آرياڻيءَ اجاريو
ڇوريون ڇرڻ سکيون، پنھون ڪياؤن پور
لاٿو تنھين لوڪ تان، ھاڙھي ڌڻيءَ ھور
آيو سو اَتور، ڏکيون ڏک ويھاريون.

ھو مڙھيءَ ۾ اندر ويو. سامھون ڀت تي ڪاليءَ جي تصوير ڇاپيل ھئي. ڪارو رنگ، وات مان وھندڙ ڳاڙھو ڳاڙھو رت، ھڪ ھٿ ۾ ماڻھوءَ جي منڍي، ٻئي ھٿ ۾ تراڙ، ڳچيءَ ۾ ماڻھن جي کوپرين جو ھار ۽ پيرن ۾ ماڻھوءَ جو لاش. جوڳي مورتيءَ کي پٺي ڏيئي ويٺو ھو. ھن جي اڳيان مچ ٿي ٻريو. مچ جو ڏڪندڙ عڪس جوڳيءَ جي منھن تي ٿي پيو ۽ جوڳيءَ جي پاڇي ڪالي ديويءَ جي ھيبتناڪ مورتيءَ تي رقص ٿي ڪيو. ڪيڏو نه خوفناڪ منظر ھو. سارنگ ماٺ ڪري جوڳيءَ جي سامھون ويٺو ۽ مونن ۾ منھن وجھي جوڳيءَ جا بيت ٻڌڻ لڳو.

اڃان تو منجھانءِ، ڪک ڇٽي رت نڪري،
منھن ۾ محبوبن جا، ڪئين جھليندين گھاوَ،
سو تون ڪڄاڙياءِ، سڪڻ جون سڌون ڪرين.

جوڳيءَ گيت پورو ڪيو. مڙھيءَ ۾ ماٺ ڇانئجي وئي. رڳو ڪاٺين جا باھ ۾ ٽڙڪڻ جا آواز ٿي آيا. اوچتو جوڳيءَ جي آواز سانت کي ٽوڙيو.
”مھان آھن آھي انسان جن پريت ڪئي. مھان آھن اھي انسان، جن جي دلين ۾ پريت درد جي دونھين دکائي، مھان آھي اھو درد جيڪو اشھد آڱر بڻجي سچ جي واٽ ٿو ڏيکاري.“
”ڪير فيصلو ڪري ته ڪھڙي واٽ سچي آھي ۽ ڪھڙي کوٽي.“ سارنگ مونن مان منھن مٿي ڪري چيو.
”من. ماڻھوءَ جي من کي سچ ۽ کوٽ جو فيصلو ڪرڻو آھي. ماڻھوءَ جو من جنھن کي پريت جو دک ڌوئي اجرو ڪندو آھي ۽ پوءِ ھر شيءِ، سچ ۽ کوٽ، ٻئي ڌوتل پوتل نظر ايندا آھن. پريت جو دک مھان آھي.“
”۽ خوشي؟“
”مھان آھي ماڻھوءَ جو من ۽ تن جي خوشي. مھان آھن انسان جون صالح خواھشون. مھان آھي انھن خواھشن مان حاصل ٿيندڙ راحت ۽ لذت.“
”پر تنھنجي ھڪ رشيءَ چيو ھو ته ماڻھو پَٽَ جي ڪينئين وانگر خواھشن جو ڄار اُڻندو ٿو رھي. رغبت مان خواھش ۽ خواھشن مان عمل پئدا ٿيندو آھي. رغبت جي فنا خواھش جي فنا آھي. خواھش جي فنا عمل جي فنا آھي ۽ عمل جي فنا ڏک ۽ رنج جي فنا آھي.“
”خواھشن جي حسن ۽ رنگارنگيءَ کان ڊنل شھزادو سڌارٿ! خواھشون زندگي آھن ۽ زندگي ڏک ۽ سک جي اُس ۽ ڇانوَ. ھن زندگيءَ کان اڳتي ڪجھ ڪونھي. ڪا نئين زندگي، ڪو نئون جنم، ڪا نئين جوڻ ڪانھي. سڀ ڪجھ ھيءَ زندگي آھي. خواھشن کان انڪار زندگيءَ کان انڪار آھي. خواھشن جو اپمان زندگيءَ جو اپمان آھي.“
”دھريو آھين.“
”تون مون کي ڪجھ به سڏي سگھين ٿو. دھريو، ناستڪ، ملحد، سچ جو ڳولائو، ھن ڪائنات، ھن سِرشتيءِ کان ٻاھر ايشور ڪونھي. ايشور ھن ڪائنات ۾ جاري ۽ ساري آھي. قدرت جا نيم ۽ قانون جي تي ھن سِرشتيءَ جو نظام ٻڌل آھي، اھي نيم ۽ قانون ايشور آھن. موت، حياتي، شين جو فنا ٿيڻ ۽ نئين سر وجود ۾ اچڻ، قدرت جي ڪن ازلي ۽ ابدي نيمن ھيٺ پيو ٿئي. دعائن ۽ عبادتن سان اھي نيم نٿا مٽجن. قدرت ڪارڻ ۽ نتيجي جي بي رحم اصول تي پئي ھلي ۽ ڪارڻن ۽ نتيجن جو سلسلو اڻ کٽ آھي.“
”۽ ڪارڻن جو ڪارڻ ڪير آھي؟“
”تون ان کي سھولت لاءِ ايشور سڏي سگھين ٿو جيڪو برھما جو مظھري روپ آھي. پر ھو به قدرت جي نيمن ۽ قانونن جو پابند آھي. تنھنجي منھنجي دعائن يا عبادتن سان ھو پنھنجا قانون نٿو مَٽائي. جيڪڏھين ڪو معجزو ٿو پيش اچي ته اھو پڻ قدرت جي ڪن نيمن پٽاندر ٿو پيش اچي ۽ ڇاڪاڻ ته اسين انھن نيمن کان اڻ ڄاڻ ھوندا آھيون ان ڪري ان کي معجزو سڏيندا آھيون. ھن سرشتيءَ جي ھر شيءِ ۾ ھڪ انڌي قوت موجود آھي جنھن کي اسين سرجڻ جي قوت سڏي سگھون ٿا. اھا قوت عدم مان ڦٽي وجود ۾ اچي ٿي ۽ وجود ۾ اچڻ کان پوءِ اڳتي وڌي ٿي. سمنڊ جي لھرن وانگر جيڪي ھڪ ٻئي کان اڳ کٽڻ لاءِ ھڪ ٻئي تي چڙھنديون، ڪمزور لھرن کي فنا ڪنديون اڳتي وڌنديون آھن، ائين ئي شين ۾ سرجڻ جي قوت جون لھرون طاقتور ھونديون آھن. اُھي اڳتي وڌڻ ۾ ڪامياب ٿينديون آھن ۽ جن ۾ سرجڻ واريون لھرون ڪمزور ھونديون آھن اھي فنا ٿي وينديون آھن. اھا ارتقا آھن.“
”ان جي معنيٰ ته اھو فطرت جو قانون آھي ته ھيڻو ڏاڍي جو کاڄ ٿئي.“
”ھا. پر انسان فطرت جي ان قانون سان وڙھندو ٿو اچي. فطرت جي انڌن ۽ بي رحم قانونن کان بچاءَ جا وسيلا ڳولھڻ تھذيب ۽ ترقي آھي. فطرت اڃان اڻ پوري آھي ۽ پورائيءَ ڏانھن وڌندي پئي وڃي. ارتقا جو عمل جاري آھي. ماده جي ارتقائي صورت حياتي آھي. حياتيءَ جي ارتقائي صورت شعور آھي. شعور کان اڳتي به ڪنھن اڻ چٽي وصف جو ڏس ملي ٿو جنھن جو شعور سان اھڙوئي تعلق آھي جھڙو شعور جو حياتيءَ سان ۽ حياتيءَ جو ماده سان. ان وصف کي اسين ايشوريت يا خدائيت سڏي سگھون ٿا.“
”جيڪڏھن تنھنجو ايشور ڪائنات کان ٻاھر ڪونھي ۽ ڪائنات ۾ جاري ۽ ساري آھي ته پوءِ ايشور به ڪائنات وانگر اڻ پورو ۽ نامڪمل آھي. ھوڏانھن ڪائنات مڪمل ٿي ختم ٿي ويندي ۽ ھيڏانھن تنھنجو ايشور مڪمل ٿي ختم ٿي ويندو يعني ته جيستائين ايشور نامڪمل حالت ۾ آھي تيستائين موجود آھي پر جڏھين مڪمل ٿيندو تڏھين ختم ٿي ويندو.“
”ڪائنات جي ارتقا جو عمل ڪڏھين به ختم نه ٿيندو.“
”ته پوءِ تنھنجو ايشور به ڪڏھين مڪمل نه ٿيندو.“
”جن نيمن ۽ قائدن تي ھي سرشتي قائم آھي ۽ ارتقا جو سفر پئي ڪري، اھي نيم ۽ قائدا ايشور آھن. انھن نيمن جي عمل سان ھر شيءِ مڪمل ٿيندي پئي وڃي ۽ انسان به ڪامل ٿيڻ جي جدوجھد ۾ آھي. مسلمان صوفي چئي ٿو ته ذاتِ احد، جنھن کي ويدانتي پرم ۽ برھم ٿو سڏي، تنھن جو نزول يعني ھيٺ اچڻ جو عمل ٽن مرحلن ۾ ٿيو جن کي ھو احديت يعني ھڪ ھجڻ، ھويت يعني ھو ھجڻ ۽ انيت يعني مان ھجڻ چئي ٿو. انسان اصل ۾ آفاقي عقل آھي جيڪو رت ۽ گوشت جي صورت ۾ ظاھر ٿيو آھي ۽ ھو ذاتِ احد کي ھن طبعي عالم سان ڳنڍي ٿو. صوفي انھن مرحلن مان لنگھي صعود يعني بلندين ڏانھن وڃڻ جو رستو اختيار ڪندو آھي ۽ ڪامل انسان بڻجي، صفتن کان مٿان اُڀري، ٻيھر ذاتِ احد ۾ جذب ٿيندو آھي. مون کي اھڙي ڪامل انسان جو ڏس مليو آھي.“
سارنگ کي جوڳيءَ جي واتان صوفين جي نظرين بابت ڳالھيون ۽ عربي ۽ فارسيءَ جا اکر ٻڌي ڪا حيرت نه ٿي. ھن ڪيترا ھندو عالم ڏٺا ھئا جن باقائدي تصوف جي تعليم ورتي ھئي ۽ فارسيءَ جا شاعر ھئا.
”جيني ۽ ٻوڌي انسان کي سندس عمل جو ذميوار ٿا ڪن.“ جوڳيءَ وري چوڻ شروع ڪيو. ”انسان جو عمل ئي سندس ڏک سک راحت ۽ مصيبت جو سبب آھي. پر ڇا انسان پنھنجي عمل ۾ آزاد آھي. ڇا انسان جو عمل ۽ عمل جو ارادو ھن جبر واري سماج جي حالتن جي دٻاءَ مان پئدا نٿو ٿئي. جيڪڏھين انسان مسلسل جبر ۾ آھي ته پوءِ پنھنجي عمل جو پاڻ ذميوار ڪيئن آھي. انسان جي ڏک ۽ رنج، نيڪي ۽ بديءَ جو ذميوار سماج آھي ۽ مونکي اھڙي ڪامل انسان جو ڏس مليو آھي جنھن انسان کي سماج جي جبر مان آزاد ڪيو آھي.“
”تنھنجو مطلب آھي شاھ عنايت صوفي.“
”ھا. مان ان ڪامل انسان جي سڏ تي ٿو وڃان.“
”تنھنجي خيال ۾ شاھ عنايت پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيندو؟“
”سوال ڪاميابي يا ناڪاميءَ جو نه آھي، پر نيڪ ۽ صالح قوتن جي ساٿ ڏيڻ جو آھي. نيڪيءَ کي وڏي واڪي ٻڌائڻو آھي ته بديءَ جي ھيڏي وڏي سماج ۾ مان موجود آھيان.“
”شاھ عنايت صوفي جيڪو سماج قائم ڪندو ڇا ان سماج ۾ يزيد پئدا ٿيڻ جو امڪان نه آھي.“
”يزيدن سان وڙھي ته اھو سماج قائم ڪرڻو آھي ۽ جيڪڏھين اھو سماج قائم ٿي ويو ته پوءِ دولت ۽ اقتدار ٻئي بي معنيٰ ٿي ويندا ۽ نتيجي طور يزيد به بي معنيٰ ٿي ويندو.“
جوڳيءَ جون تصور پرستيءَ واريون ڳالھيون ٻڌي سارنگ مرڪي ڏنو. ھن جي ذھن ۾ ڪيترا سوال ۽ جوڳيءَ جي سوالن جا ڪيترا جواب ھئا پر ھو ماٺڙي ڪري اٿيو ۽ جوڳيءَ کان موڪلايائين. جوڳيءَ چيو:
”موڪلاڻي ڪھڙي، پاڻ جھوڪ ۾ ملنداسين.“
”جھوڪ ۾!؟ جوڳي مھاراج مان جھوڪ نه پر ٺٽي ٿو وڃان.“
”تون اڄ جي ڳالھ ٿو ڪرين، مان سڀاڻي جي ڳالھ ٿو ڪيان.“ جوڳيءَ اکيون ٻوٽيون ۽ وائي جھونگارڻ لڳو.

جيئس جيئس مان ته جيڏيون، لالڻ آيو پيھي،
لالڻ آيو پيھي، ويَڙا سورَ سڀيئي.

............................................

حصو نائون

جبل جي نومڙين ۽ برفتين مغلن جي ڍل اڳاڙڻ لاءِ مقرر ڪيل جاگيردار جي آڻ نه مڃي ھئي، جاگيردار کين سيکت ڏيڻ لاءِ ٺٽي جي نواب کان مدد گھري ۽ سارنگ مغلن ۽ سنڌين جي فوج وٺي جبل ڏانھن روانو ٿيو.
رات سنڌ جي قسمت جھڙي ڪاري ھئي. ڪارن ڪارن بادلن مان ڪجھ ستارا سنڌ لاءِ ساھ ڏيڻ وارن سرفروشن وانگر ٿي چمڪيا. وڻن ۾ واڪا ڪندڙ واءُ ڄڻ مظلوم جو فرياد...... اوچتو سارنگ ڳوٺ تي حملو ڪيو. باھيون، رڙيون دانھون، گھوڙن جون ھڻڪارون. سارنگ ڳوٺ جي چڱي مڙس جي گھر ۾ گھڙيو. چڱي مڙس تراڙ کڻي سارنگ تي وار ڪيو. سارنگ جي مغل ساٿيءَ ڀالو سندس هانوَ ۾ ھنيو. پرئي مڙس جي زال پنھنجي ٻار کي سيني سان لائي پريان ڪنڊ ۾ بيٺي ھئي. ھن دانھن ڪئي ۽ ٻار کي ھيٺ لاھي، ڊوڙي اچي مڙس کي چنبڙي. سارنگ جي مغل ساٿيءَ مڙس جي مٿان جھڪيل عورت کي پٺيءَ ۾ ڀالو ھنيو. عورت دانھن ڪئي، ڪنڊ ۾ بيٺل ٻار چيٽ ڪئي امان....! ٻار جي چيٽ ساري وجود ۾ پڙاڏجڻ لڳي. امان.... امان.... امان!!! ھن جي ماضيءَ جي ويسر جي سرحد جي ھن پار صداؤن گونجڻ لڳيون. امان.... امان.... امان!!! ۽ ويسر جي اونداھيءَ ۾ وڪوڙيل ھر شيءِ روشن ٿيڻ لڳي.... ائين ئي مغلن ھن جي راڄ تي حملو ڪيو ھو. ائين ئي ھن جي پيءُ جي ھانوَ ۾ ڀالو لڳو ھو. ائين ئي ھن جي ماءُ دانھن ڪري پنھنجي مڙس سان چنبڙي ھئي. ائين ئي مغل ھن جي ماءُ جي پٺيءَ ۾ ڀالو ھنيو ھو ۽ ائين ئي ھن چيٽ ڪئي ھئي. امان.....! ۽ پوءِ ھو بيھوش ٿي ويو ھو.... ھن کي الائجي ڇا ٿي ويو. ڄڻ ھن جي اندر ۾ نفرت ۽ انتقام جو ٻرندڙ جبل ڦاٽو. ھن تراڙ سان پنھنجي مغل ساٿيءَ جو ڪنڌ لاٿو ۽ پوءِ رت ٽمندڙ تلوار سان پنھنجي ئي فوج ۾ ڪاھي پيو. ھن کي خبر ئي ڪانه پئي ته ھن ڇا ٿي ڪيو. سندس تلوار وڄ وانگر وراڪا ٿي ڏنا ۽ ھن جي پنھنجي فوج جي سپاھين جا ڪنڌ ٿي ڪريا. ھن کي جڏھين ھوش آيو ته ھو سجاول خان سمي جي سامھون بيٺو ھو ۽ ھن جو سارو لباس رت ۾ ڳاڙھو ھو.
”چاچا مان ڪير آھيان.“
سجاول خان ھن جي حالت ڏسي ڊڄي ويو.
”بابل تون سارنگ آھين، منھنجو ڀائٽيو، ٻيو ڪير آھين.“
”نه چاچا، مون کي ٻڌاءِ ته مان ڪير آھيان. منھنجو پيءُ ڪير ھو ۽ مغلن ھن کي ڇو ڪُٺو ھو.“

سارنگ پاڻ سوڍو ھو. ھن جو گھراڻو سوڍن جي سردار رڻمل سوڍي جي گھراڻي مان ھو جيڪو سارنگ خان سمي، درياءَ خان جي پٽن محمود خان ۽ مٺڻ خان سان گڏ شاھ بيگ ارغون سان وڙھندي شھيد ٿيو ھو. سوڍا پڳون لاھي ھڪ ٻئي جي چيلھن سان ٻڌي، شيھي جي ڀت بڻجي، ارغونن جي منھن مقابل ٿيا ھئا ۽ ڪي ارغونن جي ھٿان شھيد ٿيا ھئا ۽ جيڪي بچيا ھئا تن درياھ ۾ ٽپو ڏيئي آپ گھات ڪئي ھئي پر ارغونن جي آڻ نه مڃي ھئائون، تنھن کان پوءِ سوڍا جابلو پَٽن ۾ وڃي رھيا ھئا. سارنگ جو پيءُ ولھار سوڍو، سوڍن جو سردار ھو.
ڳوٺ ۾ ٿوري وڻڪار ھئي باقي چوڌاري نيڻ نھار تائين اڃايل پٽ ۽ اڪ، ٿوھر ۽ ديويءَ جا ٻوٽا ھئا. ھر سال سانوڻ ۾ ھر ڏيئي آسائتيون اکيون کڻي آسمان ڏانھن نھاريندا ھئا. جھڙ ڦڙ ٿيندي ته اڃايل پٽن تي جوئر جا سنگ جھولندا ھئا ۽ ڳوٺاڻن جون جندڙيون جھومنديون ھيون. ڳوٺ ۾ ڪو وڏو زميندار نه ھو. پَٽ الله جا ھئا ۽ اپت ھر ھلائڻ واري جي ھئي. سڀ ھڪ جھڙا، ڏک سک جا ساٿي ۽ ھڪ ٻئي جا ڀرجھلو. لابارا ٿيندا ته سڀ اچي گڏ ٿيندا ھئا ڄڻ سڀ ھڪ ئي ڪٽنب جا ڀاتي ھئا. ٻه ٻه ٽوليون ٺھنديون، وچ ۾ دھلاري بيھندا، ڀير تي ڏونڪو لڳندو ۽ سڀ الله توھار ڪري لاباري کي جنبي ويندا ھئا. پير مڙدن جي ”شابي..... شابي“ پئي پوندي تان جو ھڪڙي ٽولي کٽندي. پوءِ ٽھڪڙا ۽ ھوڪرا، ڦنڊرون ڪسبيون، ديڳيون دمبيون. ڳاھ کان پوءِ اَن ديري ۾ ايندو ته جوڳي فقيرن جا ٽولا مرليون وڄائيندا پھچي ويندا. ھر ھڪ کان گوگي چھاڻ جي نالي جو ٽويو وٺندا. بابا فريد گنج شڪر جا مريد گھوڙن تي، فريد جي دلي کڻي ايندا. بابا فريد جا ڏوھيڙا ڳائي سندس نانوَ جا ٽويا وٺندا ھئا.

بره بره آکيئي، برھا، تون سلطان
جنھن تن بره نه اوپجي، سو تن ڄاڻ مساڻ.

زالون چونديون ھيون ته بابا فريد گنج شڪر جي نالي جيترو خير ڏيبو اوتري پاڻ ۾ ميٺ وڌندي. چوڌر ساوڪون، کير جا گوھا،، مکڻ جون چاڏيون، ان جون گُنديون!
جنھن سال مينھن نه وسندو ھو ۽ اَن جون گنديون خالي ٿي وينديون ھيون ته ڳوٺاڻا، لڏا پٽي، ڏاند ڊڪائي، اُٺ پلاڻي، مال ڪاھي، ڪنھن آباديءَ واري ھنڌ اچي لڏا لاھيندا ھئا. ٻنين ۾ پورھيو، محنت مزوري، سنھو سڪو واپار ڪري پيا ڏينھن گذاريندا ھئا. پر تن من ۾ پنھنجن پکن جي تانگھ کين سُک سان ويھڻ نه ڏيندي ھئي. ساوڻ جي پھرين ڇنڊي سان لڏا پٽي، لوڙاؤ ڳائيندا، ڳوٺ ڏانھن روانا ٿيندا ھئا. وري اھي ساڳيا سُک ۽ سرھايون، چانڊوڪي راتين ۾ ونجھ وٽي، ٻلھاڙا، ملاکڙا، جھوپڙي جھٽ، ڪافيون وايون، نڙ بيت. ڪڏھين ناچن جي ٽولي ايندي. سھڻا سھڻا ڳڀرو ڇورا، زنانا ويس ۽ رنن وارا ناٽ ڪري، راڳ ڳائيندا.
اڄ اڱڻ ۾ يار منھنجو، ٻانھن لوڏيندي ڏٺم ڙي.

ڳوٺ ۾ مٺڻ خان چارڻ رھندو ھو. سو سال کائي چڙھيو ھو پر اڄ به جوانن کان وڌيڪ جوان ھو. ڊگھو قد، سنھون بت، کير جھڙا اڇا ۽ ڊگھا وار، اڇي چاپئين ڏاڙھي، اڇا گھاٽا ڀرون جيڪي سندس اکين تي وري آيا ھئا. ڳالھ کڻڻ جو ڏاڍو ڏانءُ ھيس. دودو چنيسر، عمر مارئي، ڍولو مارو. ٻه جواڻ پٽ ھيس. ساوڻ ۽ ساجن. مٺڻ ڳالھ کڻندو ھو ساجن دھل ۽ ساوڻ سرندو وڄائيندو، ۽ پوءِ ٽيئي گڏجي ڳاھ ڳائيندا ھئا. مٺڻ خان ڳالھ شروع ڪندو ته ٻڌڻ وارا پنڊ پھڻ ٿي ويندا، ھن جي آواز جي لاھين چاڙھين ۽ داستان گوئيءَ جي منڊ ۾ منڊجي ويندا. ھو سندن اتساھ وڌائڻ لاءِ ڳالھ کڻندي کڻندي يڪدم ماٺ ٿي ويندو. ھروڀرو به پيو کنگھندو ۽ ماٺ کي انگھائيندو. ٻڌڻ وارا بي چين ٿي ويندا. بي چينيءَ سان پاسا ورائيندا، آخر ڪو چوندو.
”چاچا، پوءِ ڇا ٿيو؟“
”ابا ساھ ته پٽڻ ڏي، نِڙي ته آلي ڪرڻ ڏي.“
ڪو ھمراھ ٽپ ڏيئي پاڻيءَ جو ٽڀو ڀري ايندو. مٺڻ آھستي آھستي پاڻيءَ جا ڍڪ پيو ڀريندو. ماڻھن جي بي چيني ويتر وڌندي ويندي. آخر مٺڻ پاڻي پي، کنگھڪار ڪري ڳالھ شروع ڪندو.
”ھا سو ڳالھ ٿي ڪيم.....“
مٺڻ ساري سنڌ گھميو ھو. سنڌ جي ھڪ ھڪ راڄ، ھڪ ھڪ گھراڻي جي کيس خبر ھئي. زمانا ڏٺا ھئائين، سنڌ جي جيئري جاڳندي، گھمندي ڦرندي تاريخ ھو. سنڌ جي سورھين جي مھما ڳائيندو ھو ته ٻڌڻ وارن جي لونءَ ڪاندارجي ويندي ھئي. ڪيئن اتر ۾ ڌاريجا، ماڇي ۽ ٻروچ ارغونن سان وڙھيا ھئا. سيدن ۽ مھرن جي سردار لالو مھر وچ ۾ پئي، ارغونن سان سندن ٺاھ ڪرايو ھو ۽ ڪيئن ارغونن قاضي قاضن جي صلاح سان کين ڪُٺو ھو. ڪيئن جھانگير جي زال نورجھان جو ڀائيٽو مرزا احمد بيگ سيوھڻ جو حاڪم ٿي آيو ھو. ڪيئن ھو سارو ڏينھن شراب ۽ رنن سان رنگ رچائيندو ھو ۽ سندس ڀاءُ مرزا يوسف بيگ ڦرلٽ ۽ ظلم مچائي ڏنو ھو.

ھڪ دفعي ٻه سال ساندھ مينھن نه وٺو. ٽئين سال مس مس مينھن پيو ۽ ويران پَٽ آباد ٿيا ته سرڪاري ڪامورا ڍل اوڳاڙڻ لاءِ بنديون کڻي پڄي ويا. گذريل ٽن سالن ۽ ھلندڙ سال جي ڍل جو حساب ڪري سارو فصل ضبط ڪرڻ لڳا. ولھار خان سوڍو سياڻو مڙس ھو. ھن سرڪاري ڪارندن کي سمجھايو ته اسان سرڪار کي ڍل جي معافيءَ جي درخواست ڏني آھي، جي ڍل معاف ٿي ته واه، نه ته بيشڪ اچي ضبطيون ڪجو. ڪارندا واپس ھليا ويا. شام جو ولھار خان ساري راڄ کي سڏايو. صلاح اھا بيٺي ته ڍل ۾ ان ۽ مال ضبط ڪرائڻ جي بدران نومڙين، جوکين ۽ ڪھيرن وانگر جبل ۾ پناھ وٺون ۽ مغلن سان منھن ڏيون. بي عزتيءَ سان جيئڻ ۽ بک مرڻ کان وڙھي مرڻ چڱو. رات جو ھو فيصلو ڪري ستا ۽ آڌيءَ رات جو مغلن راتاھون ھنيون. باھيون، دانھون، ڪوڪون، سارنگ جي پيءُ کي ھنياوَ ۾ ڀالو لڳو. سارنگ جي ماءُ دانھن ڪري مڙس جي مٿان جھڪي. ھن جي پٺيءَ ۾ به ڀالو لڳو. سارنگ دانھن ڪئي ۽ سندس ذھن ۾ اونداھي ڇانئجي وئي. مٺڻ چارڻ ۽ سندس وڏو پٽ ساجن مارجي ويا. سندس ننڍو پٽ سانوڻ ۽ سانوڻ جي ڌيءُ سنڌو بچي ويا. سانوڻ سنڌوءَ کي کڻي ولھار جي گھر آيو ۽ اتي ولھار خان ۽ سندس زال کي مئل ڏٺائين. سارنگ بيھوش پيو ھو. ساوڻ سارنگ کي کنيون ۽ لڪندو ڇپندو سجاول خان سمي وٽ اچي پھتو ۽ سارنگ جي ٻانھن سجاول خان کي ڏنائين. سجاول خان سارنگ کي پالي نپائي وڏو ڪيو.

چاچي ماھرو ۽ درل ھن جا ڦٽ ڌوئي ملم پٽي ڪئي ۽ سارنگ اٿي بيٺو.
”مان وڃان ٿو.“
“ڪيڏانھن.“
”جيڏانھن منھن آيو تيڏانھن ويندس.“
سجاول خان ھن کي گھڻوئي جھليو، چيائينس ته اھڙي ھنڌ اماڻيندوسانءِ، جتي مغل ته مغل پر پکي به پر ھڻي نه سگھندا. پر سارنگ نه مڙيو. ھن کي پنھنجي پناھ پاڻ ڳولھڻي ھئي. چاچي ماھرو ھن کي پلوَ وڌا، دُرل جيڪا حجاب کان ھن جي سامھون نه ايندي ھئي، کيس ڀاڪر ۾ جھليو پر سارنگ نه مڙيو. سجاول خان ۽ چاچي ماھرو کان پيرين پئي موڪلايائين. ماھروءَ کيس ڀاڪر پاتو. سڀ روئڻ لڳا. ھن گھوڙي تي لانگ ورائي گھوڙي کي انڊي ھنئين، گھوڙو واءُ سان ڳالھيون ڪرڻ لڳو. ھن ڳوٺ کان گھڻو پري وڃي، گھوڙي جي رفتار ڍري ڪئي ۽ پنھنجو پاڻ کان پڇيو ته ھاڻي ڪيڏانھن وڃان. رستي مان رستو ٿي ڦٽو، جھنگ، بر، وسنديون، ويران برپٽ، ھو ھلندو رھيو. بک، اڃ ۽ ٿَڪ، ڦٽ مان رت وھڻ لڳو. شام جا پاڇا لڙيا ته ھو ھڪڙي وسنديءَ جي ويجھو پھتو. وسنديءَ کان ٻاھر ڀرو کوھ ھو ۽ کوھ تي عورتن پاڻي ٿي ڀريو. ھن گھوڙو کوھ جي ڀرسان جھليو ۽ گھوڙي تان لھي ھڪ جواڻ جماڻ نينگريءَ کان پاڻي گھريائين. ھن ٻڪ جھليو، نينگريءَ ڏول اونڌو ڪيو. ھو ذري گھٽ سارو ڏول پي ويو. پاڻيءَ جو ٻڪ اکين تي ھنيائين ته سندس اکيون ٺري پيون. ھن ٺريل ۽ آلين اکين سان نينگر ڏانھن نھاريو. نينگر صفا سنڌوءَ جھڙي ٿي لڳي. شايد ھن نينگر جو نالو به سنڌو ھوندو ۽ ھن جو جاه پسند سارنگ سندس اکين کي اورانگھي، خوابن کي لتاڙي منصبداريءَ جي شوق ۾ ٺٽي ويو ھوندو. نينگر ھن جي رت لڳل شلوار کي ڏسي چيو:
”ادا، توکي ته ڌڪ لڳل آھي. گھر ھل، بابو جراح آھي، تنھنجي ملم پٽي ڪندو.“
ھن ٿورائتي اکين سان نينگر ڏانھن نھاريو ۽ سندس چپن تي ٿورائتي مُرڪ تري آئي.
”ادي، تنھنجا اکر ئي منھنجي ڦَٽن جا پھا آھن.“
ھو پٺتي مڙيو ته ھن جي ڄنگھ مان سُور جي سٽ نڪتي. ھن ٻنھي ھٿن سان ڄنگھ کي جھليو ۽ منڊڪائيندو منڊڪائيندو ڏاڍي ڏکيائيءَ سان گھوڙي تي چڙھيو ۽ وسنديءَ کان پاسو ڪري جھنگ ڏانھن ھليو.
جھنگ ۾ ڪاري رات لٿي، ڪا واٽ نظر نٿي آئي. ڄنگھ مان سور جي سٽ ٿي نڪتي جيڪا سندس سَنڌ سَنڌ ۾ پکڙجي ٿي وئيي. ٿَڪ، بک ۽ سور. اوچتو جھنگ ختم ٿي ويو. سامھون درياھ ھو. درياھ جي ڪپ سان ٻيڙيون بيٺيون ھيون جن ۾ ڏيئا ٿي ٽمڪيا. ھن گھوڙو جھنگ ۾ ڇڏيو ۽ منڊڪائيندو ھڪڙي ٻيڙيءَ ڏانھن ھليو. اونداھيءَ رات ۾ درياھ ڪيڏو نه ڀوائتو ٿي لڳو. ٻيڙيءَ ۾ گھر ٺھيل ھو. پڙڇ تي ھڪڙي پير مڙد ۽ سندس جواڻ جماڻ ڌيءَ مڇيءَ جي ڄار جا ڇڳل ڌاڳا ٿي ڳنڍيا.
”ڪير آھين؟“ پير مڙد رعبدار آواز ۾ پڇيو.
”مھمان آھيان.“
”ڀل آئين، جي آئين. اڙي يار، تنھنجي ڄنگھ ته ڦٽيل آھي. اچ ھتي ويھ.“
پوڙھي ھن کي سھارو ڏيئي پڙڇ تي ويھاريو.
”نوري وارو ڪر. مڇيءَ جو تيل ڪوسو ڪري وٺ ۽ پلو به تري وٺ.“
ٻيڙيءَ ۾ کِکيءَ جي ڌپ ھئي. ھن جو ساھ ٻوساٽجڻ لڳو. پوڙھي ھن جي ملم پٽي ڪئي ۽ نوري پلو تري آئي. ھن پلي ۽ ڳاڙھن چانورن جي مانيءَ جو گرھ کنيون ته گرھ سندس وات ۾ اٽڪي پيو. پاڻيءَ جي ڍڪ سان گرھ اندر ڪيائين. پيٽ ڀري ماني کائي ھو ٿورو آھليو ته کيس ننڊ کڻي وئي.

صبح جو ھن کي ٿوري سجاڳي ٿي ته ھن کي ائين لڳو ڄڻ ھو مڇيءَ جي ڍير ھيٺان پوريل ھو. ڌپ ۾ سندس ساھ ٿي ٻوساٽيو. پاڻيءَ جي شانءِ شانءِ، ٻيڙيءَ سان ٽڪرائيندڙ ڇولين ۽ درياھي پکين جا آواز، ھن يڪدم اکيون کوليون. سامھون کارو ٽنگيل ھو جنھن مان ريڳاڙا ٿي ڪريا. کاري سان گڏ ميرا چِڪ ڪپڙا ۽ ڄارا ٽنگيل ھئا ۽ ھو پڙڇ تي ليٽيو پيو ھو. ھن اکيون مھٽي چوڌاري نھاريو. پاسي کان درياھ ٿي وھيو. درياھ جي سِير ۾ ٻيڙي ٿي لنگھي جنھن جا سڙھ ٿي ڦڙڪيا. ڪپر سان بيٺل ٻيڙن مان ھڪ ٻيڙيءَ ۾ مھاڻيءَ وار ٿي ڇنڊيا. ٻي ٻيڙيءَ ۾ ڪپڙا ٿي ڌوتا. ھڪڙي ٻيڙيءَ ۾ ماءُ پنھنجي شل اگھاڙي ٻار کي پٽيندي مار ٿي ڏني. ٻار ماءُ کان پاڻ ڇڏايو، ماءُ کي اگھاڙي گار ڏنائي. ماڻس کيس جھلڻ لاءِ اڳتي وڌي ته ھن درياھ ۾ گھُت ھنئين. ڏور کان مھاڻي جو آواز آيو. آواز ڏاڍو مٺو ھو.

بندر جان ڀئي ته سکاڻيا! مَ سُمھو
ڪپر ٿو ڪُن ڪري، جئن ماٽيءَ منجھ مھي
ايڏا سور سھي، ننڊ نه ڪجي ناکئا!

مھاڻي جو ڏوھيڙو ٻڌي ھن جي بُت مان سيسراٽ نڪري ويا. ھاڻي مھاڻي وائي شروع ڪئي.

سائين ننڌا بار، وو! تن پانڌين ننڌا بار
توکي آرس اکڙين ۾!
پاتا پاڙيوارين، پڳھ منجھ پاتار
توکي آرس اکڙين ۾
پتڻ ٿو پور ڪري، آئي تنھنجي وارَ

مھاڻي جو آواز آھستي آھستي دور ٿيندو ويو. اوچتو ھن جي پٺيان چانديءَ جي ڪنگڻن جو آواز آيو. ھن ڪنڌ ڦيري ڏٺو. ھڪڙي تِکي سانوري رنگ جي جواڻ جماڻ ڇوڪري، کارو مٿي تي رکي ٻيڙيءَ ۾ اندر آئي. ھن جي چيلھ سنھي ۽ ڇاتيون ماسيريون ھيون ۽ بنا ٽيڪ جي ائين ڪر کڻي بيٺيون ھيون ڄڻ ٻه ڪارڙا تتر ڀڙڪو ڏيئي اڏامڻ وارا ھجن. اکيون وڏيون، پنبڻيون ڊگھيون ۽ وريل. ھيءَ ڪير ھئي؟ ھن کي يادگيري پئي ته ھيءَ اھا ساڳي نوري ھئي جنھن رات ھن کي پلو تري کارايو ھو. نوري ھن کي ڏسي مرڪي. سندس تکي سانوري رنگ تي اڇا اڇا ڏند چمڪڻ لڳا. ھن کي لڳو ڄڻ نوريءَ جي مُرڪ ۾ موتيئي جا گل ٿي کڙيا.
”ھاڻي ڪيئن آھين؟“ سندس آواز به ڪيڏو نه مٺو ھو.
”ٺيڪ آھيان.“
”رات ته سارو بت ٿي سرۡڪيئه، ڦٽ ڪيئن اٿيئي؟“
”ھاڻي سور ڪونھي.“
”ٿورو آرام ڪر، مان ڳوٺ مان ٿي اچان ٿي.“
”مونکي ته وڃڻو آھي.“
”بابي جي موڪل کانسواءِ ڪيئن ويندين. بابو جھلي ويو آھي ته جيسين مان نه اچان تيسين نه ڇڏجائينس، مان ڳوٺ ۾ مڇي ڏيئي موٽي ٿي اچان. مولي واڻئي کان اٽو، گيھ ۽ ڳڙ وٺي اچان. بابي چيو آھي ته بصري پچائي کارائينس. ڪو وڏ گھراڻو ٿو لڳي. رات پلو ۽ چانورن جي ماني ٿي کاڌائين ته گرھ ٿي نڙيءَ ۾ اٽڪيس.“
”تنھنجي ھٿ جي تريل پلي ۾ اھڙو مزو ھو جو مغلي طعام ئي وسري ويا.“
”سچي!“ ھوءَ خوشيءَ ۾ ٽڙي پئي. مٿي تان کارو لاھي ھيٺ رکيائين ۽ ھن جي ڀر ۾ اچي ويٺي. ھن جي ساري بدن مان کِکيءَ جي ڌپ ٿي آئي پر ھن جي ڳالھين ۾ مرڪ ۽ موتيئي جي ھٻڪار ھئي. ھن جي ڪنن ۾ جھُلندڙ چانديءَ جي پنڙن، نڪ جي ڦليءَ ۽ ڪراين جي ڪنگڻن ڄڻ کلڪار ٿي ڪيا.
”عبدل کي به منھنجي ھٿ جو تريل پلو ڏاڍو وڻندو آھي.“
”عبدل ڪير آھي؟“
”عبدل کي نه سڃاڻين؟ سچي. تون ته ھن سان مليوئي نه آھين. صبح بابي کي وٺڻ آيو ته تون ننڊ ۾ ھئين. سانجھيءَ جو بابي سان گڏ موٽندو. ملندينس ته دل خوش ٿي ويندءِ.“
”تنھنجو ڇا لڳي؟“
”ڇا لڳي! سوٽ لڳي ۽ ٻيو.... ٻيو“ ھوءَ ماٺ ٿي وئي ۽ سندس سانورن ڳلن تي حياءَ جي لالي ٽڙي پئي.
”توکي بک لکي ھوندي. نيرن به ڪانه ڪئي اٿيئي. جيسين بصريءَ لاءِ سودو وٺي اچان تيسين دير ٿي ويندي پلو تري ٿي کارايانءِ.“
ھن ھرڻيءَ وانگر ڇال ڏنو ۽ سندس ڪارڙن تترن ڀڙڪو کاڌو. ھوءَ چلھ جي ڀرسان وڃي ويٺي پلو ڇلي صاف ڪري، ترڻ لڳي. سارنگ ماٺ ڪري ھن کي ڏسندو رھيو. ھي به جيئڻ جو ڪھڙو نه عجيب انداز ھو. ھيٺ وڇايل پڙڇ، ٺڪر جو ڪُنيون، ٻه ٽي ٿانوَ، ڄارا ۽ کارا، اھائي ھنن جي ڪائنات ھئي.
نوري اک ڇنڀ ۾ تريل پلو ۽ چانورن جي ماني آڻي ھن جي اڳيان رکي. رات گرھ کنيون ھئائين ته نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو ھيس پر ھينئر ھنکي پلي ۽ چانورن جي مانيءَ عجيب مزو ڏنو.
”تو اھو ته ٻڌايو ئي ڪونه ته ڪير آھين.“
”مسافر آھيان، ٻيو ڪير آھيان.“
”مسافر آھين پر ڪٿان آيو آھين، ڪيڏانھن ٿو وڃين. پاڻ ڪير آھين، نالو ڇا اٿيئي. ڪو گھر گھاٽ، ٻار ٻچا، ماڻھو پورا احوال ڏي.“
”پورا احوال ھي آھن ته منھنجو نالو سارنگ آھي، ذات جو سوڍو آھيان. ٻار ٻچا، گھر گھاٽ ڪونھي. ٺٽي مان آيو آھيان ۽ مغل فوج منھنجي پٺيان آھي.“
”آئي گھوڙا. مغل فوج تنھنجي پٺيان آھي! پوءِ ڇا ڪجي؟“
”يڪدم درياھ پار ڪري مونکي ڪيڏانھن ڀڄي وڃڻ گھرجي.“
”پر بابي چيو ھو ته جيسين مان نه اچان تيسين نه ڇڏجائينس.“
”شام تائين ترسيس ته پوءِ سمجھ ته منھنجو خير نه آھي. مغل فوج ھتي پھتي ته مونکي جيئرو نه ڇڏيندي.“
”پوءِ ڇا ڪيون؟“
”مونکي ھينئر جو ھينئر پار پھچاءِ.“
”ھل ته ھلون.“
”تون مونکي پار وٺي ھلندينءَ؟“
”ھا. ان ۾ اچرج جي ڪھڙي ڳالھ آھي.“
ھو ٿوري دير لاءِ ھٻڪيو پر پوءِ نوريءَ جي اکين ۾ اعتماد ڏسي ھو اٿيو ۽ نوريءَ جي پٺيان ھلڻ لڳو. ڪپر سان گڏ ننڍي ٻيڙي ٻڌل ھئي. ھو ٻئي ٻيڙيءَ ۾ ويٺا، نوريءَ ونجھ سنڀاليا ۽ ٻيڙي وچ سير ڏانھن نيئڻ لڳي. ھن ڪڏھين اڳتي جھڪي ۽ ڪڏھين پٺتي وري ونجھ ٿي ھلايا. سندس سارو بُت درياھ وانگر ٿي ڇليو. ھن کي ڇولين جي ڇوھ، سيرَ جي سٽن ڪُنن جي ڪڙڪن جي ڪا پرواھ ڪانه ھئي. نوريءَ کي ونجھ ھلائيندو ڏسي سارنگ سوچيو ته سونھن به ڪھڙي نه اضافي شيءِ آھي. ڪيئن نه ڪاراڻ ۽ ڪوجھائڻ ۾ به موتئي گل وانگر ٽڙي ٿي پوي. ھاڻي ھن کي اھا ڳالھ سمجھ ۾ آئي ته ڪيئن سنڌ جي سمي سلطان ڄام تماچيءَ مھاڻيءَ لاءِ ڄار ڪلھي ڪيو ھو. نوريءَ جو عبدل به ته ڄام تماچي ھو. ڪارو، ڪوجھو ۽ مور نه موچارو! پٻڻ جنھن جي پوشاڪ ھئي ۽ جنھن ککين ھاڻيون کاريون ۽ ڇڇن ھاڻا ڇڄ ڪلھي ڪري، زندگيءَ جي ڪُنن مان ٻيڙي پار ٿي پڄائي. ان ڪني، ڪاري ۽ ڪوجھي مھاڻي ڄام تماچيءَ لاءِ ڪنھن شاعر ڪاموڏ ڇونه لکيو؟
ٻيڙي ڪنڌيءَ سان لڳي. ھن ڪنڌيءَ تي لھي، نوريءَ کان موڪلايو.
”چڱو نوري، ھاڻي موڪلاڻي.“
”چڱو الله تو آھر“ نوريءَ مرڪ سان رابيل جي گلن جي ورکا ڪئي.
”نوري، تنھنجي مرڪ مونکان ڪڏھين به نه وسرندي. تنھنجي مرڪ جا رابيل ھميشہ ھانءَ ۾ ٽڙندا رھندا.
نوري پنھنجي تعريف ٻڌي ٽڙي پئي ۽ ونجھ ھلائيندي، ٻيڙي ڪاھي، سِير ڏانھن ھلي وئي. ھو ڪپر تي بيھي ھن کي ويندو ڏسندو رھيو. نوري جڏھين اکين کان ڏور ٿي وئي تڏھين ھن سوچيو ته ھاڻي ڪيڏانھن وڃان. نه ڪا منزل نه ماڳ، نه اوھي نه واھي. ھن وک وڌائي ۽ اڻ سونھن پيچرن تي پير رکيائين.

.........................................

حصو ڏهون

سارنگ جي اک کلي. سامھون ڀت تي بيبي مريم، ننڍڙي عيسيٰ ۽ حضرت يحيٰ جي تصوير ٽنگيل ھئي. ان تصوير سان گڏ پٿر جي صليب تي حضرت عيسيٰ جي مورتي لڙڪيل ھئي. سامھون دروازي تي سوٽي پردا ٿي لڙڪيا. ساڄي پاسي واري دريءَ مان نيرو آسمان ۽ وڻن جون سايون ٽاريون ٿي نظر آيون. ڀر ۾ ٽپائي پئي ھئي جنھن تي دوايون، ميوو ۽ کير پيو ھو. ھن کاٻي پاسي ڪنڌ ورايو. ھن جي سامھون ڀت سان لڳ، آرام ڪرسيءَ تي سنڌو ويٺي ھئي.
”سنڌو.....!؟“ ھن کان ذري گھٽ دانھن نڪري وئي.
”مان سنڌو نه آھيان. مان گيتا آھيان.“
”تون ڪير آھين، مان ڪٿي آھيان؟“
”تون لاھري بندر ۾ پادري باربوسا جي گھر ۾ آھين.“
”مان ھتي ڪيئن پھتس؟“
”تون درياھ جي ڪپ سان جھنگ ۾ بيھوش پيو ھئين. پاپا سير ڪرڻ ويو ته توکي ڏٺائين ۽ توکي ھتي کڻي آيو.“
سارنگ کي ياد پيو ته نوريءَ کان جدا ٿيڻ کانپوءِ ھو درياھ جي ڪپ سان جھنگ جي پيچرن تي ھلي ھلي ٿڪجي پيو ھو. ھن کي بک لڳي ھئي پر پسگردائيءَ ۾ ڪا وسندي ڪانه ھئي. ھن جي ڦٽ مان وري رت وھي ڇڙيو ھو. پر ھلندو رھيو ھو ۽ پوءِ آخر ٿڪجي ساڻو ٿي ھو ھڪ وڻ جي ھيٺان ليٽي پيو ھو.
”بابا طبيب آھي. ھن تنھنجي ملھم پٽي ڪئي آھي. توکي سخت بخار ھو. ھاڻي ڪيئن آھين؟“
”ٺيڪ آھيان.“
گيتا ڪرسيءَ تان اٿي ھن جي نرڙ تي ھٿ رکيو. گيتا جي ھٿ جي ڇھاءَ سان ھن کي سنڌو ياد پئي.
”ڌڻيءَ جو شڪر آھي جو بخار لھي ويئه.“
ايتري ۾ ھڪڙو قدآور ماڻھو اندر آيو. ھن کي ڊگھي قبا پاتل ھئي. اڇو ڳاڙھو رنگ، سنھا ۽ ڊگھا وار، نيريون اکيون ۽ ھلڪي ھلڪي ڏاڙھي جيڪا کاڏيءَ وٽ وڌيڪ گھري ٿي ٿي وئي.
”منھنجو نالو الفانسو باربوسا آھي. گيتا منھنجي ڌيءُ آھي.“
سارنگ حيرت مان گيتا ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ پادريءَ ڏانھن ڏسڻ لڳو.
”عمر ۾ ھيءَ منھنجي ڌيءُ نٿي لڳي. ڪي ڪي رشتا عمر جي قيد کان آزاد ھوندا آھن. گيتا منھنجي دين جي ڌيءُ آھي. پر ائين نه سمجھجانءِ ته مون گيتا کي عيسائي بڻايو آھي. دين ڌرم کان ھٽي به ماڻھوءَ جو ماڻھوءَ سان رشتو ٿي سگھي ٿو. مان رڳو يسوع مسيح جو پادري نه آھيان. پر ڪرشن مھاراج ۽ حضرت محمد صلعم جو به پادري آھيان. مان ھر ان انسان جو پادري آھيان جنھن چڱائي ڪئي ۽ چڱائيءَ جي سکيا ڏني پوءِ اھو ماڻھو دھريو يا ناستڪ ئي ڇونه ھجي. ان رشتي سان تون به منھنجو ڀاءُ آھين.“ گيتا.
”جيءُ.....“
”ھن لاءِ يخني کڻي آءُ.“
گيتا يخني کڻڻ لاءِ وئي. ھن سارنگ کان پڇيو.
”تنھنجو نالو ڇا آھي؟“
”منھنجو نالو سارنگ آھي. مان.....“
”وڌيڪ تعارف جي ضرورت ڪانھي. تون ھتي پنھنجو پاڻ کي محفوظ سمجھ.“
گيتا يخني کڻي آئي. ھن گرم گرم يخني پيتي ته ھن جو سارو ٿَڪ لھي ويو. ماني کاڌائين ته ھن جي اکين تي ننڊ جا کيپ چڙھڻ لڳا.

پادريءَ جي شفقت ۽ گيتا جي سڪ ۽ محبت مان ھن جي روح کي عجيب راحت ملي. پادري ھن جو دوست ٿي ويو. ٻئي پھرن جا پھر ويٺا ڳالھيون ڪندا ھئا. پادريءَ جون ڳالھيون نون جھانن جون ڳالھيون ھيون. ھن سمنڊ جي ھُن طرف به ڪيڏيون نه دنياؤن آباد آھن. اتان جي ماڻھن جا به ساڳيا دک سور اھنج ۽ ايذاءَ آھن. سڀ ماڻھو ماڻھپي جي مٿاڇري تي ھڪ آھن. پر ھنن ۾ ڪيڏا نه ويڇا ۽ فاصلا آھن.
پادريءَ چيو:
”ڪڏھن ڪڏھن قومن جي خوشحالي ۽ خودڪفالت سندن لاءِ مصيبت جو سبب ٿي پوندي آھي. خوشحاليءَ جي ڪري ڌاريون بکيون ۽ لالچي قومون مٿن حملا ڪنديون آھن ۽ خود ڪفالت جي ڪري ھنن ۾ نيون ايجادون ڪرڻ جي قوت ۽ نيون واٽون ڳولھڻ جي ضرورت ختم ٿي ويندي آھي. سنڌ ھميشہ خودڪفيل رھي آھي. پھرين صديءَ ۾ جڏھين ھڪڙي يونانيءَ موسمي ھوائون ڳولھي لڌيون ته سامونڊي سفر ۾ سھولت پيدا ٿي. سنڌ جي پاتار بندر ۽ ھندوستان جي مالابار جي موچيري بندر جو مغربي ملڪن سان تعلق پيدا ٿيو. اٺين صديءَ جي شروع ۾ سامونڊي واپار تي عربن جو قبضو ھو جيڪي ھتان مال سان ٻيڙا ڀري، قاھره، تيونس ۽ بصره نيندا ھئا. ڳاڙھي سمنڊ ۽ سويز مان اھو مال قاھره، اسڪندريه ۽ اتان اٽليءَ جي بندرگاھ وينس پھچندو ھو. وينس ھندوستاني مال جي مغربي ملڪن سان ڏيتي ليتيءَ مان مالدار ٿيو ۽ وينس ۾ واپاري طبقو پيدا ٿيو جنھن ادب، آرٽ، سائنس ۽ علمي دنيا ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. آھستي آھستي مغربي ملڪ نئين تھذيب ۾ داخل ٿيڻ لاءِ پاڻ پتوڙڻ لڳا. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ تي اھو به الزام ھو ته ھوءَ ھندوستان مان عيش جو سامان آڻي انگريزن جو نه رڳو اخلاق ئي خراب ٿي ڪري پر انگلستان جو سون به ھندوستان کي ٿي ڏئي. انگلستان ھندوستان جي مال جي منڊي ھو ۽ انگلستان جو پرڏيھي واپار ختم ٿي ويو. انگريز ھنرمندن پارليامينٽ کي درخواستون ڏنيون ته اسان کي تباھيءَ کان بچايو وڃي. انگلستان ۾ سوديشي تحريڪ زور ورتو. عورتن کي اپيل ڪئي وئي ته ھو ھندوستاني مال نه واپرائن. انگريز ڪورين ھڪ دفعو ڪمپنيءَ جي دفتر تي حملو ڪيو. ڪپڙو اڻيندڙ عورتن پارليامينٽ جو گھيرو ڪيو.
ھوڏانھن واسڪوڊي گاما سامونڊي واپار جو نئون رستو ڳولھي لڌو ۽ ھاڻي وينس جي بدران لزبن ھندوستاني مال جو مرڪز ٿيو. ان پرڏيھي واپار ۾ ھندوستان کي سون ملندو رھيو جنھنجي ڪري گھرجون ختم ٿي ويون. گھرج ايجاد ڪرائيندي آھي. گھرج نه رھي ته ايجاد جي ضرورت به ڪانه رھي. اھوئي سبب آھي جو ھند ۽ سنڌ ۾ مھاڀارت جي دور وارو ھرڦار ۽ اوزار استعمال ٿا ٿين. جڏھين ته مغربي ملڪن م ضرورتن کانئن نيون نيون ايجادون ڪرايون. سوداگرن جو طبقو پيدا ٿيو جنھن جاگيرداري ۽ آپيشاھي نظام جو خاتمو ڪيو، ۽ نئين دور جي نئين انسان جنم ورتو. ان نئين انسان جو سڀ کان وڏو ڪارنامو پريس جي ايجاد آھي. ھڪڙي جرمن ڏاھي پندرھين صديءَ جي وچ ڌاري متحرڪ ٽائيپ سان پھريون ڪتاب ڇاپيو. علم تان ڪليسا جي ھڪ ھٽي ختم ٿي ۽ روشن خيال ماڻھن کي پنھنجي خيالن جي روشنيءَ کي عام ماڻھن تائين پھچائڻ جو موقعو مليو. آسماني ستارن ۽ سيارن جي چرپر، دل جي حرڪت ۽ خون جي گردش جا قانون، گئئس جي دٻاءَ جو قانون، خوردبيني، دوربيني، ٿرماميٽر، بئروميٽر، ھوائي ليمپ، پئنڊوليم سان ھلندڙ گھڙيال، نئين انسان جو نئون سفر. اڳتي، اڳتي ۽ اڃان اڳتي!
ھندوستان جي بندرگاھن تي مغرب جي نئين ۽ ھندوستان جي پراڻي انسان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي. ڪرناٽڪ جي جنگ ۾ ھندوستان جي ڏھ ھزار فوجين فرانس جي نوَ سؤ فوجين کان شڪست کاڌي. ھندوستان جي مقدر جو فيصلو ٿي چڪو. تاريخ طاقتور ۽ توانا قوم کي ڳولھي لڌو. فرانسيسي ۽ انگلستاني فوجن مان جيڪي وڌيڪ طاقتور ثابت ٿيندي اھا ھندوستان تي قبضو ڪندي.“

ھاڻي سارنگ وري سفر جي تياري ڪئي.
آسمان ۾ چوڏھينءَ جو چنڊ کڙيل ھو ۽ ھوائن ۾ ٿڌڪار ۽ ھٻڪار رچيل ھئي. رات جي ماني کائي سارنگ ۽ گيتا وکون کڻندا گرجا جي آڳر واري ڇٻر تي اچي ويٺا. ٻارين ۾ گل ٿي مُرڪيا پر اڄ گيتا ڏاڍي اداس ھئي.
”سارنگ“
”جيءُ“
”ڇا سڀاڻي تون ھليو ويندين؟“
”ھا.“
”ڪيڏانھن ويندين؟“
”مونکي پاڻ خبر ڪانھي ته ڪيڏانھن ويندس.“
”ھتي ڇو نه ٿو رھي پئين.“
”اندر جي بي چيني ڪٿي به سک سان ويھڻ نٿي ڏئي.“
”ھڪڙي ڳالھ پڇانءِ“
”پڇ.....“
”سنڌو ڪير آھي؟“
”اڻ پورو خواب“
”ڇا ان خواب جي ڳولھا ۾ ٿو وڃين؟“
”نه. اھو خواب گھڻو پٺتي رھجي ويو. مان پٺتي نه پر اڳتي وڃڻ ٿو گھران.“
”ڪنھنجي ڳولھا ۾؟“
”شايد پنھنجي ڳولھا ۾.“
”ڇا پنھنجو پاڻ وڃائي ويٺو آھين؟“
”پنھنجي سڃاڻپ وڃائي ويٺو آھيان.“
”توکي خبر آھي ته مان وئشيا ھيس؟“
”مون لاءِ تون پوتر گيتا آھين.“
”مان پنھنجي آتما وڃائي ويٺي ھيس. پادريءَ مونکي منھنجي آتما جو احساس ڏياريو ۽ توکي ڏسي منھنجي آتما سٽ کاڌي ۽ مون پنھنجي آتما ڳولھي لڌي. منھنجي آتما کي ڇڏي نه وڃ ته متان وري پنھنجي آتما وڃائي نه ويھان.“
”ھڪ دفعو آتما ڳولھي لھجي ته پوءِ نه وڃائبي آھي. سنڌوءَ چيو ھو ته وڇوڙي کان پوءِ به منھنجو سارنگ ھر وقت مونسان ساڻ آھي. ھو سڀ ۾ سمائجي ويو آھي. ڪڏھين ھو منھنجو مڙس آھي ۽ ڪڏھين منھنجي ئي ڪُک مان جنم وٺندڙ منھنجو ٻار آھي. مان به ھاڻي ان منزل تي پڄندو ٿو وڃان. ھڪ رات مھاڻن وٽ پناھ ورتم. اتي ھڪ ڪاري ڪوجھي مھاڻيءَ ۾ مونکي سنڌو نظر آئي. وري جڏھين توکي ڏٺم ته تو ۾ به سنڌو نظر آئي. اھا آتما کي ڳولھي لھڻ واري منزل آھي.“
”جي توکي مون ۾ سنڌو نظر آئي ته پوءِ سنڌوءَ کي ڇڏي ڇو ٿو وڃين؟“
”ائين ٿو لڳيم ڄڻ عرش تان ڪريو آھيان ۽ وچ پولار ۾ اٽڪي پيو آھيان. ڪو اڻ چٽو آواز آھي جيڪو مونکي پاڻ ڏانھن ٿو سڏي. اھو آواز ڪنھنجو آھي، ڪٿان ٿو اچي، ڪيڏانھن ٿو سڏي، ۽ ڇو ۽ ڇالاءِ ٿو سڏي، تنھنجي مونکي ڪا خبر ڪانھي. مان رڳو اوڏانھن ڇڪبو پيو وڃان. مونکي ان آواز کي ڳولھي لھڻو آھي.“
”۽ ان آواز ۾ توکي ڪنھنجي آتما جو آواز به ٻڌڻ ۾ نٿو اچي.“
”ڪھڙي خبر ته اھوئي تنھنجي آتما جو آواز ھجي.“
ٻئي ڏينھن صبح جو ھو اتان روانو ٿيو. پادريءَ ھن کي گھوڙو ڏنو ۽ جڏھين ڀاڪر پائي موڪليائين ته سارنگ کي ائين لڳو ڄڻ پادريءَ جي وجود جي ساري شفقت ھن جي وجود ۾ سمائبي پئي وڃي. گيتا ھٿ ٻڌي ھن کي پرنام ڪيو. سندس اکيون لڙڪن ۾ آليون ھيون. ھن گھوڙي تي لانگ ورائي ۽ اڻ ڏٺل منزل ڏانھن روانو ٿي ويو.
ھو جھنگن برن ۾ ڀٽڪندو رھيو. ھن ٻاليشاھن جي پَکن ۾ پناھ ورتي. ٻاليشاھن مردار گوشت آڻي ھن جي اڳيان رکيو. ھن کي الٽي اچي وئي. ڪارا ڪارا ٻاليشاھي، پيلا پيلا ڏند ڪڍي کلڻ لڳا. کلڻ سان سندن ڪَنن جا والا ٿي لڏيا. ھو وٺي ڀڳو. مردار گوشت جي ڌپ ۽ ٻاليشاھن جا ٽھڪ ھن جو پيڇو ڪندا رھيا. ھن ڀيلياڻيون، ڪولھڻيون ۽ اوڏڻيون ڏٺيون. ڳاڙھا پَڙا ۽ گھاگھريون. گھاگھرن تي ڀرٿ ۽ ڪوڏيون جڙيل، ڪارن ڪارن ٻانھن ۾ اڇيون اڇيون ٻانھيون. چانديءَ جا ھس، پنڙا، واليون،. سندن ڪارا ڪارا بت اُس ۾ جھرمر ٿي جرڪيا. ڀر ڪڍائي ڪوڏر ٿي ھنيائون ته مٽيءَ جو ھانءُ ڪڍي ٿي ڇڏيائون. ھن کي سميون، سومريون، سوڍيون ۽ مغلياڻيون ياد پيون جن جا بدن ڪنول جھڙا ڪومل ھئا جن کي ھٿ لاءِ ته ڀانءِ ته ڪومائجي وينديون. انھن جي ڀيٽ ۾ ھي ڪارا ڪِٺُ بدن زندگيءَ جي کوري ۾ پچي ٻاھر نڪتا ھئا.
ھن ڪن ڦاڙ ناٿ پنٿي جوڳي ڏٺا جن کي خبر ئي ڪانه ھئي ته جوڳ چاريه ڇا ھو. ناگر برھمڻ جيڪو ڪنشڪ جي نورتنن ۾ شامل ھو ۽ گيڙو الفي پائي ٻڌ ڌرم م شامل ٿيو ھو ۽ ٻڌ ڌرم جي مھاين فرقي جو بنياد وڌو ھئائين، اھو ڪير ھو. مھاين فرقي ۾ يوگ چاريه جو بنياد وجھندڙ منتريه ناٿ ڪير ھو. ھنن کي ٻڌ ڀڪشن وارا گيڙو ڪپڙا پاتل ھئا ۽ پنھنجي گوگي چوھاڻ پير کي ياد ڪري، ڪنھن مگل ٻوليءَ جا منتر اُچاري نانگ ٿي ڦاسايائون ۽ نانگ جي ڏنگيل جو زھر ٿي چوسيائون. ھو سڀ ھندو ھئا پر ھنن جي منترن ۾ الله ۽ رسول جو نالو ھو.
لا الا لله
سور لاه
درد لاه
محمد رسول الله
ھن ھڪڙي ڪن ڦاڙ جوڳيءَ کي باھ جي اُلن جي اولڙي ۾ منتر پڙھندي ڏٺو.
بِس ڪالي، بس ڪملي
بِس ڪا انت نه ڀيد
(وِهُ ڪارو آھي، وه چٽ ڪمرو آھي، وه جو نه ڪو انت آھي نه ڀيد)
ھتي وه برھم ھو جنھن جو نه ڪو انت ھو نه ڪو ڀيد ھو. ھيءَ وه جي ويدانت ھئي.
ھن مُندن جا رنگ ڏٺا. لڪون ۽ جھولا، کورن وانگر ٻرندڙ ڏينھن، لُڪن ۾ لوساٽيل _ڏٻرا ڏيل.
سرءُ جي پن ڇڻ، پيلا پن، پيليون صبحون، پيليون سانجھيون ۽ پيلا چھرا
سياري جا سيءَ ۽ پارا، ماڻھو لڱين اگھاڙا، نه گندي نه گبرو.
سارنگ ساٺ ڪيا، کنوڻيون کٽڻھار جيان کڙيون، بوندن جي بھار ٿي ۽ درد وندن جو ديس وسي پيو. ھن کوري ۾ ٻرندڙ ڏينھن ۾ لوھارن کي ڌنوڻين جي ڌان ڌان ۾ ھٿوڙا ھڻي، ھر ڦار، ڏاٽا ۽ ڪوڏريون ٺاھيندي ڏٺو. ڪنڀر! جن چاڪ تي مٽيءَ جا بي ڊولا چاڻا رکي انھن کي ڇھيو ٿي ته بي ڊولي ۽ بي شڪل مٽيءَ کي نت نيون شڪليون ٿي ملي ويون.
ڪوري، جن ڇڳل ڌاڳا ڳنڍي، ماڻھن جي اوگھڙ ٿي ڍڪي. اھي به ته ڍڪڻھار ھئا.
ھاري، جن ڌرتيءَ مان سونا سنگ ٿي اُپايا، اھي به ته پالڻھار ھئا.
ھر طرف پورھئي جا آواز ھئا. جنڊَ، چرخا، آڏاڻا، مترڪا، ڌنوڻيون. پورھئي جي انھن آوازن پاڻ ۾ ملي ھڪ نئين نغمي کي جنم ٿي ڏنو ۽ ھڪڙي ڏينھن بڙ جي وڻ جي ڇانو ۾ ويھي ھن پورھئي ۾ پاھ ٿيل، ڌڪيل، لتاڙيل ۽ انسانيت جي رتبي تان معزول ڪيل، ڪارن، ڪوجھن ۽ ڪِين جھڙن انسانن جا ھٿ ڏٺا جن مان تھذيب جو نُور ٿي ڦٽو. ھزارين، لکين ۽ ڪروڙين ھٿ جيڪي ھن ڌرتيءَ جي بي ڊولي، بي شڪل مٽيءَ جي چاڻي کي کڻي بيٺا ھئا ۽ ان کي چاڪ تي چاڙھي ڇھيائون ٿي ته ڌرتي سھڻي ۽ لسي صورت اختيار ڪندي ٿي ويئي ۽ انھن سرجڻھار ۽ صورت گر ھٿن جي ھجوم ۾ ھن صوفيءَ کي ڏٺو جنھن مراقبي مان منھن مٿي ڪري انھن پالڻھار ھٿن ڏانھن آڱر کڻي چيو.

ھمه اوست، سبحاني، ما اعظم شاني

سارنگ سوچيو تصوف ڇا آھي. اڄ تائين ھن جيڪو به علم پرايو ھو سو پنھنجي ھَٺ ۽ اَنا لاءِ پرايو ھو. اڄ ھن پھريون ڀيرو علم کي پنھنجي ھَٺَ سان ھنيون ۽ پنھنجو پاڻ کان پڇيو ته تصوف ڇا آھي. ھمه اوست ڇا آھي، سبحاني ما اعظم شاني ڇا آھي. مان ڪير آھيان. منھنجو ھن ڌرتيءَ جي ڏڪاريلن سان ڪھڙو رشتو آھي الست بربڪم جڏھين منھنجي ڪن پيو ھو ۽ مون قلب سان قالو بليٰ الله چيو ھو تڏھين، تنھن ويل، مون ھنن ويڙھيچن سان وچن ڪيو ھو. اھو وچن ڇا ھو ۽ مون ڇو وساريو ھو. اھو سارنگ ڪير ھو جنھن پنھنجي ويڙھيچن تي راتاھا ھڻي، طاقت سان سندن باغي ڪَنڌن کي مغلن جي اڳيان جھڪايو ھو. ۽ ھي سارنگ جيڪو مان آھيان، مڪمل مان، اھو ڪير آھي. شايد مون جوڻ مٽائي آھي، نئون جنم ورتو آھي. پھرين منھنجي ذھن ۾ اوندھ جون سرحدون ھيون ۽ منھنجو ”مان“ انھن اونداھن سرحدن جي ھن پار ھو. ھاڻي مون پنھنجي ”مان، کي ڳولھي لڌو آھي ۽ مون کي ويڙھيچن سان ڪيل وچن ياد پيو آھي.
غار حرا مان گونجندڙ آواز ھن جي ڪن تي پيو جنھن انسانن جي وچ جا سڀ ويچا ميٽي ۽ ريٽي ڇڏيا. جنھن ڌرتيءَ تي ڪريل انسانن کي کڻي سيني سان لاتو ۽ چيو ته حسب، نسب، رنگ نسل، مال دولت ۾ ڪو ڪنھن کان مٿاھون نه آھي. عجميءَ کي عربيءَ تي ۽ عربيءَ کي عجميءَ تي ڪا فوقيت ڪانھي. سڀ انسان ڀائر آھن. انسانن جو مالڪ صرف الله آھي ۽ الله کانسواءِ ڪو الله ڪونھي. پر اُمين ملڪيت ۽ ملوڪيت وارو معاشرو قائم ڪيو ۽ ان معاشري کي قائم ڪرڻ لاءِ حجاج بن يوسف کي ھڪ لک ويھ ھزار مسلمان شھيد ڪرڻا پيا. ظلم ۽ ڏاڍ جي ان عمل سان فڪري سطح تي ٻه تحريڪون اڀريون. ھڪ مرجيه ۽ ٻي قدريه. مرجيه وارن چيو ته انسان مجبور آھي. جو ڪجھ به ٿئي ٿو سو خدا جي طرفان ٿئي ٿو ان ڪري ھر حالت ۾ شڪر ڪجي. مرجيه وارن اُمين جا ھٿ مضبوط ڪيا.
قدريه وارن چيو ته جيڪڏھين انسان کي مجبور مڃيو وڃي ته پوءِ خدا عادل ۽ منصف نٿو رھي ڇاڪاڻ ته انسان جيڪو بري ڪم ڪرڻ، ظلم سھڻ ۽ ظلم ڪرڻ لاءِ مجبورآھي، تنھن کان سندس ڪمن جي پڇا ڪري نٿي سگھجي. خدا عادل آھي. خدا نه ظلم ڪري ٿو ۽ نه ظلم کي پسند ڪري ٿو. انسان پنھنجي عمل ۾ آزاد آھي ۽ پنھنجي عمل جو پاڻ ذميوار آھي. ظالم کي خدا مقرر نه ڪيو آھي پر ھو پاڻ پنھنجي ظلم سان اقتدار ۾ آيو آھي ۽ ظالم سان وڙھڻ، کيس اقتدار تان لاھڻ، ھر ھڪ مسلمان جو فرض آھي.
ٽيان اھي صوفي درويش پئدا ٿيا جن ظلم جي پوري معاشري کي ڇڏي ڇڏيو ۽ گوشه نشيني اختيار ڪئي. سندس گوشه نشيني رھبانيت نه ھئي پر ظلم جي خلاف احتجاج ھئي. ھنن انسانيت جي رتبي تان معزول ڪيل انسانن کي ربوبيت جو درجو ڏنو ۽ ھي جو حضرت جنيد بغداديءَ چيو ته سبحاني، ما اعظم شاني. ته اھو ڪو سندس ذاتي انا جو آواز نه ھو پر مظلوم انسانن جي اجتمائي انا جي عظمت جو اعلان ھو.
حضرت جنيد چيو ته مون الله کي مديني جي گھٽين مان حاصل ڪيو. مان مديني جي غريبن وٽ وڃي رھيس ۽ مون ڏٺو خدا انھن ۾ آھي.
ھر اوتار، نبي ۽ درويش ملڪيت ۽ ملوڪيت کان انڪار ڪيو. حضرت عيسيٰ جي ملڪيت ھڪڙو پاڻي پيئڻ جو آبخورو ۽ ھڪڙي ڦڻي ھئي. ھڪڙي ڏينھن ڏٺائون ته ھڪڙو ماڻھو ٻڪ ۾ پاڻي ٿو پيئي ته پاڻ آبخورو اڇلائي ڇڏيائون ۽ ٻئي دفعي ڏٺائون ته ھڪڙو ماڻھو آڱرين سان وارن ۾ ڦڻي ٿو ڏئي ته ڦڻي اڇلائي ڇڏيائون.
حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جي پيرن ۾ دنيا جي خزانن جون ڪنجيون رکيون ويون پر پاڻ سڳورن دعا گھري ته ”اي الله! مونکي ھڪ ويلو پيٽ ڀري ماني کاراءِ ۽ ٻيو ويلو بکيو رک.“
ھمه اوست جو آواز غارِ حرا مان اٿيل آواز جو پڙاڏو آھي جنھن انسانن جي وچ جا سڀئي ويڇا ريٽي ۽ ميٽي ڇڏيا آھن. ھمه اوست..... ھمه اوست..... ھمه اوست. ھن کي پَن پَن مان اھي پڙلاءَ ٻڌڻ ۾ آيا. ھو ٿَڪ ۾ چور، واھيءَ جي ڪپ تي اچي ويٺو. واھيءَ مان ٻڪ ڀري پاڻي پيتائين. ھن کي اھا نينگر ياد پئي جنھن ھن کي کوھ تي پاڻي پياريو ھو.س ھن کي نوريءَ جي مرڪ جا رابيل ياد پيا ھن کي گيتا جي قرب جي چانڊاڻ ياد پئي. ھن کي سنڌو ياد پئي جنھن ھر ڪنھن ۾ پنھنجي پرينءَ کي ڏٺو ھو. پرھ جي پکيئڙي جي لات ھن جي ڪن تي پئي. آذان جا ٻول فضا ۾ گونجيا. الله اڪبر، الله اڪبر! ٻانگ جو آواز آسمان سان ٽڪرايو، ستارا ٿڙڪڻ لڳا ۽ ھن جي اندر ۾ الله جي عظمت گونجڻ لڳي اھڙي عظمت جيڪا نسورو نينھن ھئي، جنھن نينھن سان ھن جو وجود ٽمٽار ٿي ويو ۽ ھن ساري سنڌ ۽ سنڌ جي بکين ڏکين کي پنھنجو پاڻ ۾ جذب ڪيو.
ھمه اوست .... ھن آھستي چيو.
ھو الائجي گھڻي دير تائين واھيءَ جي ڪپ تي وڻ کي ٽيڪ ڏيئي، اکيون ٻوٽي ويٺو رھيو. ھن اکيون کوليون صبح جو سوجھرو ھر طرف پکڙجي ويو ھو ۽ سائن سائن ٻنين جي ھن پار جھوڪ جا منگھ ڪر کڻي ھن جي انتظار ۾ بيٺا ھئا.

..................................

حصو يارهون

سارنگ جڏھين جھوڪ ۾ داخل ٿيو ته ھن کي عجيب سڪون محسوس ٿيو. چوڌاري غريباڻا ڪچا گھر، نه محل نه ماڙيون. الله جو گھر به ماڻھن جي گھرن جھڙو ڪچو، سادو ۽ نماڻو ھو. نه سنگ مرمر نه ڪاشي، ڪچي سرن ۽ گاري سان ٺھيل مسيت. ڪنھن گھر ۾ چرخو ٿي چُريو ته ڪنھن گھر مان ڌنوڻ جي ڌون ڌون ۽ مترڪن ۽ آڏاڻن جا آواز ٿي آيا. گھٽين ۾ گھمندڙ ماڻھن جي منھن تي عجيب سک ۽ شانت ھئي. سارنگ کي لڳو ڄڻ ساري سنڌ ڏک جو ڇلندڙ ساگر ھئي ۽ ان ساگر ۾ جھوڪ سُک جو ٻيٽ ھو. ڇا ڏک جي ھيڏي وڏي ساگر ۾ سُک جو ھي ننڍڙو ٻيٽ قائم رھي سگھندو.
مسيت سان گڏ خانقاھ ھئي جتي شاھ عنايت صوفيءَ نماز کان پوءِ درس ٿي ڏنو. ھو به خانقاھ ۾ گھڙيو. پڙڇن تي ماڻھو ويٺا ھئا ۽ انھن ۾ صوفي سائينءَ جو آواز ٿي آيو.
وجود ڇا آھي ۽ وحدة الوجود ڇا آھي؟
ڪابه شيءِ نيستيءَ مان ھستيءَ ۾ ۽ نانھن مان وجود ۾ اچي نٿي سگھي. وجود جو سبب وجود آھي ۽ اھو واجب الوجود آھي. واجب الوجود اھو آھي جيڪو پنھنجي ھجڻ لاءِ ڪنھنجو محتاج نه آھي ۽ ممڪن الوجود اھو آھي جيڪو پنھنجي ھجڻ لاءِ ڪنھن ٻئي وجود جو محتاج آھي. واجب الوجود، ممڪن الوجود جو ڪارڻ آھي. ڪارڻ نتيجي ۾ سمايل ھوندو آھي ۽ واجب الوجود ممڪن الوجود ۾ سمايل آھي.
منصور چئي ٿو ته ڪائنات جي تخليق کان اڳ خدا پنھنجي شان، جلال، حمد ۽ توصيف م ٻڏل ھو. اھا توصيف عشق آھي. پنھنجي وحدانيت جي حالت ۾ ھن جي دل ۾ عشق پيدا ٿيو ۽ ھن پنھنجي ذات جي اظھار ۾ خوشي محسوس ڪئي ۽ آدم پيدا ٿيو. لاھوتَ (خدا جي خدائي) ناسوتَ (آدم) ۾ حلول ڪيو. ان حلول کي ھن ھُوَ ھُوَ سڏيو. انسان ڪامل ھُوَ ھُوَ آھي ۽ اھو رسولِ عربي آھي.
ابن عربيءَ چيو ته ڪابه شيءِ عدم، نيستي ۽ نانھن مان وجود ۾ اچي نٿي سگھي انڪري ھي عالم ازل کان موجود آھي. ھن عالم جون سڀ موجود شيون ڪنھن نه ڪنھن ڳالھ ۾ ھڪ ٻئي کان مختلف آھن. انھن ۾ رڳي ھڪ ڳالھ جي ھڪ جھڙائي آھي ۽ اھا ھڪ جھڙائي وجود جي آھي. انڪري اسان کي وجود جي وحدة کي مڃڻو پوندو.
قديم اھو آھي جيڪو ازل کان موجود آھي ۽ حادث اھو آھي جيڪو پيدا ڪيو ويو آھي. قديم حادث جو سبب ٿي نٿو سگھي انڪري حادث جو وجود حقيقي نه آھي. حقيقي وجود رڳو ھڪ آھي جيڪو قديم آھي. اھو حقيقي وجود خدا آھي جيڪو عالم جي ھر شيءِ ۾ موجود آھي.
قرآن ۾ آيل آھي ته جڏھين خدا ”ڪن“ چيو ته ٿيءُ ڪائنات ٿي پئي (فيڪون) ابن عربي پڇي ٿو ته خدا ڪنھن کي چيو ته ٿي پئه. خدا جو مخاطب ڪير ھو. ڇا خدا مادي کي حڪم ڏنو ته ٿي پئه. ڇا مادو ان وقت موجود ھو. جي مادي کي موجود مڃبو ته پوءِ مادي کي به قديم مڃڻو پوندو ۽ خدا جي ذات کانسواءِ ڪنھن به شيءِ کي قديم مڃڻ شرڪ آھي. ابن عربي چوي ٿو ته خدا پنھنجي صفتن کي حڪم ڏنو ته ٿي وڃ ۽ سندس صفتون ڪائنات جي شڪل اختيار ڪري ويون. انڪري ڪائنات ذات کان جدا نه آھي. خدا جون صفتون خدا جي ذات کان جدا نه آھن، ڪائنات صفتن مان ٺھي، انڪري ڪائنات ذاتِِ خداوندي کان جدا نه آھي.
سالڪ کي جڏھين ذات ۽ ڪائنات جو عرفان ٿيندو آھي تڏھين ھن جي وات مان ڪي اھڙا جملا به نڪري ويندا آھن جن کي اھلِ ظاھر شطحيات يعني خلافِ شريعت چوندا آھن.
حضرت علي رضه خطبو ڏيندي فرمايو:
مان ئي اسم الله جي طرفان لفظ آھيان
مان ئي الله جو جنب آھيان جنھن ۾ اوھان گھٽ ۽ وڌ ڪئي آھي
مان ئي قلم آھيان مان ئي لوح آھيان
مان ئي ست آسمان آھيان
مان ئي ست زمينون آھيان
امام زين العابدين فرمايو:
اي منھنجا رب! جيڪڏھين مان علم جا جوھر ظاھر ڪيان ته مونکي چيو ويندو ته تون انھن مان آھين جيڪي بُتن کي پوڄيندا آھن.
امام جعفر رضه کان ڪنھن پڇيو ته اوھين متڪبر ڇو آھيو؟ پاڻ فرمايائون ته منھنجو تڪبر ۽ پندار ھليو ويو ۽ حق تعاليٰ جو تڪبر اچي ويو.
شيخ معروف عرضيءَ چيو:
وجود ۾ الله کان سواءِ ٻيو ڪو ڪونھيئ
شيخ بايزيد بسطاميءَ چيو:
سبحاني ما اعظم شاني. مان سبحان آھيان منھنجو شان اعليٰ آھي.

سھيل بن عبدالله شتري چيو:
زبان سان ذڪر ڪرڻ بڪواس آھي. دل ۾ ذڪر ڪرڻ وسوسو آھي. صوفي اھو آھي جنھن جو قتل حلال ۽ مال مباح آھي.
حسين بن منصور چيو:
عارف تيستائين مومن نٿو ٿئي جيستائين ھو ڪافر نه ٿي وڃي. ڪنھن پڇيس ته ڇا تون پيغمبريءَ جي دعويٰ ٿو ڪرين. وراڻيائينس:- افسوس تو منھنجو شان گھٽائي ڇڏيو، مان ته خدائيءَ جي دعويٰ ٿو ڪريان.
احمد غزاليءَ چيو:
رسول ٿيڻ اسان جي سنت آھي ۽ خدا ٿيڻ اسان جو فرض آھي.
حضرت محبوب سبحاني شيخ عبدالقادر جيلانيءَ فرمايو:
جنھن خدا جي وصال کان پوءِ عبادت ڪئي تنھن تحقيق خدا سان شرڪ ڪيو.
شاھ عالم کان ڪنھن پڇيو:
”اوھان جو نالو ڇا آھي؟“
چيائين ”محمد“
”اوھان جو حال ڇا آھي؟“
چيائين ”الله الصمد“
”اوھان جي صفت ڇا آھي؟“
چيائين ”لم يلد ولم يولد“
”اوھان جو قدر ڇا آھي؟“
”لم يڪن لہ ڪفوا احد“

ڪائنات جي ھر شيءِ واجب الوجود يا حسنِ ازل ڏانھن حرڪت ٿي ڪري. انھيءَ عشق سان ئي ڪائنات جو تناسب قائم آھي. عشق ئي ھن ڪائنات جي تخليق ۽ اسان جي روحاني تڪميل جو سبب آھي. حواسن کان سواءِ به عشق جي ھڪ ڪيفيت آھي ۽ جڏھين ان ڪيفيت ۾ تون ۽ مان جا ويڇا ختم ٿي ويندا آھن تڏھين سالڪ جي واتان اھڙا اکر نڪرندا آھن جن کي اھل ظاھر شطحيات چوندا آھن.
سارنگ ڪنڌ جھڪائي صوفي سائينءَ جو درس ٻڌندو رھيو ۽ پوءِ جڏھين خانقاه مان نڪتو ته ھن کي ساري ڪائنات بدليل نظر آئي. ھر طرف کان ھمه اوست جون صدائون ٿي آيون. ھر دل ڪعبة الله ھئي ۽ ھر انسان کي ربوبيت جو رتبو حاصل ھو.
سارنگ پنھنجي خيالن ۾ ھو ته ڪنھن ھن جي ڪلھي تي ھٿ رکيو. ھن ڪنڌ ڦيري ڏٺو. ھن جي سامھون ھڪڙو نوجوان بيٺو ھو. ڪاري ڏاڙھي، وڏا وار، گيڙو ڪپڙا، چپن تي مرُڪ.
”مونکي سڃاتئه؟“
”نه“
”منھنجو نالو ماڻڪ آھي. مان اھو جوڳي آھيان جيڪو ھڪ رات توسان ڦِٽل مڙھيءَ ۾ مليو ھو ۽ جنھن اڳڪٿي ڪئي ھئي ته پاڻ جھوڪ ۾ ملنداسين. اڄ مان تنھنجو ھتي آڌرڀاءُ ٿو ڪيان.“
ماڻڪ سارنگ کي پنھنجي جھڳيءَ ۾ وٺي آيو. ھن کي پڙڇ تي ويھاري، ٺڪر جي ڪُنيءَ ۾ ساڳ ۽ چانورن جي ماني پچائي آڻي ھن جي اڳيان رکيائين. ٻئي ماني کائي رھاڻ ڪرڻ لڳا.

ھاڻي صبح جي نماز کانپوءِ خانقاه ۾ صوفي سائينءَ جو درس ٻڌي ھو ٻنيءَ ۾ ڪم ڪار ڪرڻ ويندا ھئا. ٻنھي رڳو قلم ھلايو ھو. سارنگ تلوار به ھلائي ھئي پر ھاڻي کيس خبر پئي ته ھر ھلائڻ ٻنھي ڪمن کان ڏکيو ھو. ڪوڏر ته چيلھ ٿي ورتي. ٻئي پرائي پورھئي تي پليا ھئا ۽ ھاڻي پاڻ پورھيو ڪيائون ته کين خبر پئي ته پورھيو به عبادت آھي. ٻئي ٿورڙو ڪم ڪرڻ سان ٿڪجي پوندا ھئا. پر ان ٿَڪ ۾ به عجيب مزو ھو. زندگيءَ جا سمورا سُور وسري ويندا ھُين. آھستي آھستي کين ڪم ڪرڻ جي عادت پوندي وئي. ھرڦار ھلائڻ به سکي ويا. اڻ سڌي زمين سڌي ٿي. اڃايل مٽيءَ پاڻي پيتو ۽ ساوا ساوا سَلا اُسريا ته ٻنھي جا ھانوَ ٽڙي پيا. اھو سندن پگھر جو پورھيو ھو.

شاھ عنايت ڏکويل، ايذائيل ۽ ڏاڍ جي ماريل سنڌ جو مسيحا ھو. ظلم کان ڀڄي، گھرگھاٽ ساڙي، برن ۾ ڀٽڪندڙ سنڌين جا راڄ، پنھنجي مسيحا جي سڏ تي، قافلن ۾ جھوڪ اچڻ لڳا. اُٺن، گھوڙن، گڏھن، بيل گاڏين تي ۽ پنڌ، جبل جھاڳيندا، جھوڪ ٿي پھتا. سڀني گڏجي سندن سامان ٿي لاٿو. رات جو لنگر ۾ رھائي صبح جو مَنھ ٺاھي ٿي ڏنائون ۽ پوءِ سڀني کي سندن وِتَ آھر ٻني ٿي ملي. ھاري ناري، واڍا، لوھر، ڪوري، موچي سڀ اچي گڏ ٿيا. ھنڌ ھنڌ ھوڪارا ۽ تڙ تڙ تي تنوار ھئي ته جھوڪ ھلو.
ھڪڙي ڏينھن جبل تان نومڙين جو قافلو لٿو. مڙسن جا ڏونگرن جھڙا ڏيل، ڀنڀيون ڏاڙھيون، وٽيل شھپر، اکين ۾ اھڙي حشمت جو گھوري نھارين ته ڪنبڻي وٺي وڃي پر جي سِڪ سان ڏسن ته اندر ۾ قربن جا ڪوٽ اڏجي وڃن. جبل جيڏي آن، ارڏا ۽ اڻموٽ. پر مٺڙو ڳالھائجين ته مکڻ وانگر پگھري پون. ماکيءَ کان به مٺا، ٻاھران کھرا ۽ اڻ گھڙيل پر اندران نسورا پَٽُ. سندن زالن کي ڏسي جابلو پٽن جون چانڊوڪيون ٿي ياد پيون. سندن جوڀن ڄڻ چانڊوڪيءَ ۾ جھلندڙ ٻاجھريءَ جون ٻنيون ۽ سندن سَتُ ۽ عصمت ڄڻ چانڊاڻ ۾ جبل جون اڀيون چوٽيون جيڪي پنھنجيون محافظ پاڻ ھيون.
سڀئي گڏجي نون آيل مھمانن جو سامان لاھڻ لڳا. سارنگ ۽ ماڻڪ به ھڪڙي بيل گاڏيءَ جي ڀر ۾ اچي بيٺا. بيل گاڏيءَ تي رکيل سامان جي مٿان زالون ويٺيون ھيون. زالون لٿيون. آخر ۾ ھڪڙي جواڻ جماڻ ڇوڪري ٽپ ڏيئي لٿي. ھن جي بت ۽ منھن تان چني ترڪي وئي. پازيبن ۽ ڪنگڻن جو ڇمڪو ٿيو. پنڙا لڏيا ۽ ڇوڪريءَ ڇرڪي سارنگ ڏانھن نھاريو. سارنگ جون اکيون سندس اکين ۾ کپي ويون. دل جي لام تي پره پکيئڙو لات لنوڻ لڳو. پکين جا ولر اڏاڻا ۽ ڪونجون ڪرڪڻ لڳيون. عنايتيءَ جو آواز آيو. سر لوھيڙا ڳڀيا...... اتر لڳا آءُ پرين...... آيل ڪريان ڪينئن، منھنجو نينھن اُپليو نه رھي.

سياري جي چوڏھينءَ جو چنڊ سھاڳڻ جي جوڀن جھڙو ٿي لڳو. چنڊ کي ڏسي سارنگ کي سنڌو ياد پئي. شاديءَ رات سنڌو به چنڊ جھڙي لڳندي ھوندي. وري ھن کي مھاڻيءَ جي موتئي جھڙي مُرڪ ۽ گيتا جو قرب ياد پيو. ھن کي اھا جابلو ڇوڪري ياد پئي جنھن کي ڏسي ھن جي دل جي لام تي پره پکيئڙي لات لنوڻ شروع ڪئي ھئي.
”سارنگ.....!“ ھن جي پٺيان آواز آيو. ھن ڪنڌ ڦيري ڏٺو. ماڻڪ ھن جي پٺيان بيٺو ھو.
”اندر ھل، ٻاھر سيءُ نه لڳي وڃيئي.“
ماڻڪ ھن کي منھ ۾ وٺي آيو ۽ باھ ۾ ڪاٺيون وجھي، مچ مچائي، بت کي کٿو ويڙھي، وھاڻي کي ٽيڪ ڏيئي سارنگ کان پڇيائين:
”ڇا واقعي تنھنجو ان جابلو ڇوڪريءَ سان موھ ٿي ويو آھي؟“
سارنگ ھن کي جواب نه ڏنو ۽ ماٺ ڪري باھ جي مچ ڏانھن ڏسندو رھيو.
”ماڻھو ڪڏھين ڪڏھين پنھنجي جذبن کان دوکو به کائيندو آھي. ڪي اکيون، ڪا صورت جيءَ ۾ جڙجي وينديون آھن. پر ماڻھو رڳو سھڻيون اکيون ۽ سھڻي صورت ته نه آھي. ماڻھو ننڍيون ننڍيون ڪميڻ پايون، ڪوتاھيون، اوڻائيون، اوڳڻ ۽ عيب به آھي. اکڙين يا صورت جي سونھن ماڻھوءَ جي شخصيت جو رڳو ھڪڙو رخ آھي. ھن جي شخصيت جا ٻيا به گھڻا رخ آھن. سھڻا ۽ بڇڙا، اُجرا ۽ ميرا، وڻندڙ ۽ اڻ وڻندڙ، بلند ۽ پست. پر محبت ڪرڻ وارو پرينءَ جي اکڙين ۽ صورت کي ئي ھن جو پورو وجود سمجھندو آھي پر جڏھين پرين پنھنجي وجود جي سموري خامين ۽ خوبين، چڱائين ۽ مندائين سان حاصل ٿيندو آھي ته محبت ڪرڻ وارو سندس مندائين کي قبول نه ڪندو آھي ۽ پوءِ پرينءَ جون انساني مندائيون، پرينءَ جي سونھن تي حاوي ٿي وينديون آھن ۽ پريت ختم ٿي ويندي آھي. دنيا جي ساري عظيم شاعري پرينءَ کي حاصل ڪرڻ جي تڙپ ۽ حاصل نه ڪري سگھڻ جي بي وسيءَ مان ڦٽي آھي. روح ۽ جسم جڏھين ڍاپجي ٿو تڏھين ڪجھ ڪونه ٿو رھي. عشق مجازيءَ کان عشق حقيقيءَ جو سفر به ان ڪري آھي ۽ عشق حقيقي اھڙي طرح حاصل نٿو ٿئي جو ماڻھوءَ جو روح ۽ جسم ٻئي ڍاپجي وڃن. ميران ٻائيءَ جي شاعري اڃايل آتما ۽ اڃايل جسم جي شاعري آھي. جيڪڏھين ميران کي ڪرشن جسماني روپ ۾ ملي ھا ته ميرا جو تصور ڪنھن ٻئي تصوراتي ڪرشن جي مورتي تراشي ان جي پوڄا ڪري ھا. جيڪڏھين واقعي توکي ھن سان موھ ٿي ويو آھي ۽ اھو موھ جذبن جو فريب نه آھي ته پوءِ مان سڀاڻي ئي نومڙين سان سڱ جي ڳالھ ڪندس.“
ٻئي ڏينھن ماڻڪ چار چڱا گڏ ڪري نومڙين سان سڱ جي ڳالھ ڪئي. ھنن کي ڪھڙي ناھڪار ٿي ٿي سگھي. ھتي ڪو ڪنھن کان مٿڀرو نه ھو. ڪو بدو، عيوضو نه ھو. ڪو ذات پات ۽ ننڍ وڏائيءَ جو ويڇو نه ھو. ھنن ھاڪار ڪئي ۽ سڀني وات مٺو ڪيو.
سارنگ جو ڪو مِٽ مائٽ نه ھو. ڪا ڀيڻ يا ڀاڄائي نه ھئي جيڪا شاديءَ جا سگن ساٺ ڪري. پر سارنگ ڏٺو ته ھتي سڀ ھن جا مائٽ ھئا. سڀ زالون ڀينر ڀاڄايون ھيون. سھاڳڻين ڳيچ ڳائي ھن کي ميندي لاتي. سُجاتيءَ جي سڳي، لوھ جي ٽن ڇلڙن ۽ سُرھي موڙيءَ وارو ڳاڙھو ڳانو ھن جي ڪرائيءَ ۾ ٻڌو. سرھي تيل ۽ ماکيءَ ۾ آڱريون ٻوڙي، سندس مٿي سان ڇھي، کيس منجيءَ تي ويھاري، ساٺ ڳيا ڳاتائون. دوستن ھنکي ڏک ويھاريو. ڪيسريي ۽ ڀرٿ ڀريل بوڇڻي جي ٻٽ ڪرائي کيس موڙ ٻڌائون.
ڄڃ رواني ٿي. ڍڳي گاڏيون، اُٺ، گھُوڙا. ڍڳن کي موڙ، سِڱن ۾ مھرا ۽ ڳچين ۾ چنگ. مھري اٺن کي جھلون ۽ جھاٻا، گوڏن ۾ ڇيريون ۽ گھنگھرا، گھوڙا پنج سنجيءَ سان سينگاريل. سارنگ گھوٽ ٿي ماڻڪ سان گڏ مھري اٺ تي ويٺو. ڪنواريتن ۾ چئن سھاڳڻين گھوٽ مٿان چادر جھلي ۽ ٻيون سھاڳڻيون ڳيچ ڳائينديون گھوٽ کي ڳوٺ کان ٻاھر ڀرو وٺي ويون. گھوٽ ڪنڊي وڍي ۽ وڍيل ڪنڊي ڪنواريتن جي در تي آڻي کوڙيائون..... آڌيءَ رات جو نڪاح پيو. زالون ڳيچ ڳائينديون، گھوٽ جا ڪپڙا، تيل ۽ ميٽ ڇني ۾ ڏيئي ويون. گھوٽ وھنجي سھنجي ڪپڙا پائي، ڪلھن تي اجرڪ ۽ مٿي تي پَڳ پاتي. ماڻڪ ھن کي ڇڪي سيني سان لاتو ۽ ٻنھي جون اکيون آليون ٿي ويون.
گھوٽ کي ڪنوار جي در تي، منجيءَ تي ويھاريائون ۽ سندس ٻُٽ لاھي وڃي ڪنوار جي مٿان وڌائون. گھوٽ چانئٺ ٽپيو ته ھڪڙي سھاڳڻ پنھنجي چنيءَ جي ڇانوَ ھن جي مٿان ڪئي. ڏانوڻ ڏائڻ ۽ ٻيا ٻرٻ پورا ڪري گھوٽ ڪنواز لائون لڌيون ۽ پوءِ کين منھ ۾ نويڪلو ڇڏي آيا.
ٻاھر ٿر مان چارڻ فقير آيا ھئا تن ڄاڃين جي وندر لاءِ ڍولا ماروءَ جي ڳالھ کنئين. اندر گھوٽ ۽ ڪنوار سھاڳ ٿي ماڻيون ۽ ٻاھر چارڻن جو آواز ٿي اُڀريو:

آسلوند اُتاريئه، ڌڻ ڪنچوو گلانھ
گھوميئه پڙيا ھنسڙا، ڀولا مانسرانھ

سڄڻ مليا، من امنگيئه، اوڳڻ سہُ گلياه
سوڪ اڻاسو سو پالھويا، پالھويا ڦلياه

سيج رمتا ماروي، کن مليھڻي مَ جاءِ
ڄاڻ ڪو ڪسي ڪيتڪي ڀمرو نيئه آءِ

مھين تي جونبيا ڍوليا، لونگي لڪڙبيہ
مھاني پرءُ جو ماريا، چمپاري ڪليہ

مھين تي ڍوليا جونبيا، مھانون آوي ريس
چو وا ڪيري ڪونپلي، ڍولي صاحب سيس

پھلي پوھري ريڻ ڪي، ڍولا انبر ڊول
وڻ کستوري ھئه رھي، پرو چمپا رئه ڦول

دوجئه پوھري ريڻ ڪي، مليت گٿا گڌ
ڌڻ ٻالي، پيته با ڪريئه، ڌن ڀلا پڙ يڌ

تريجي پوھري ريڻ ڪي، مليا تيھا تيھ
ڌن تنھن ڌرتي ھئه رھي، ڪنت سھاوي ميھ

چوٿي پوھري ريڻ ڪي، ڪوڪر ميلي زال
ڌڻ سنڀاليئه ڪنچوري، پري موڇان رابال

پنچمي پوھري ديھريءَ، سا ڌڻ ديئه بھار
رم جھم رم جھم ھئه رھي، ھئه ڌڻ تيري جھار.

ڍولي اُڪير ۽ آس منجھان ماروءَ جي گلي مان کنجري لاٿي ھئي ته ٻه ھنج ھئا جن کان مانسرور وسري وئي ھئي سڄڻ مليا، من ۾ اُمنگ جاڳيا، عيب اوگڻ ختم ٿيا سوڪ زمين آلي ٿي ۽ آلي ڦلاري
مارئيءَ کي سيج مان اھڙو مزو اچي ويو جو پل لاءِ به سيج نٿي ڇڏي
ڀانءِ ته ڪيتڪي ڦٽي آھي ۽ ڀنورو منجھس ويٺو آھي
مونکي ڍولو لونگ جي ٽاريءَ سان جنبي ويو
مونکي پرينءَ چمپا جي مکڙيءَ سان مار ڏني
مونکي جو ڍولو ائين جنبي ويو، مونکي به ريس آئي
مون به رسيل ڪونپل سان صاحب جو مٿو ڌوڻيو
رات جي پھرين پھر ۾ آسمان ٿي لڏيو
ڪنوار کستوري ۽ پريتم چمپا گل ٿي پيو
رات جي ٻي پھر ۾ ٻئي جنبي ويا
ڪنوار پيدل، گھوٽ سوار، لڙائي لڳي
رات جي ٽئين پھر ۾ ھو پاڻ ۾ ائين ملي ويا
جو ڪنوار ڌرتي ٿي پئي ۽ گھوٽ مينھن
رات جي چوٿين پھر ۾ ڪڪڙ ٻانگ ڏني
ڪنوار پنھنجي چولي سنڀالي ۽ گھوٽ مڇن جا وار وٽڻ لڳو
پنجين پھر ۾ ڪنوار ھار جا ڇڳل داڻا پئي ٻھاري
سندس پيرن جا پازيب پيا رم جھم ڪن. اي ڪنوار!
توکي سلام.
..........................................

حصو ٻارهون

ويريءَ واءُ گھليو
وقت پاسو ورايو
تاريخ پنھنجو پاڻ ورجايو
فقير بيت بيان ڪيو:
لک لڙيا لکنؤ کان، لک الٽيا اوھيڙا
پورت جئن پلٽي پيا، جئن واڪا ڪري واءُ
پوربي ۽ پڇمي، ٿا ڪوھستاني به ڪُڏن
ڪي ايران ۽ توران جا، کنا خوب کڙن
جنھن تنھن وائي وات ۾، پيا دودو ڪن
الادين به آئيو، جتي آلا ڪاٺ ٻرن
ڪڪا، ڪارا، ڪابلي، انت نه اُمرائن
نو لک ڏھ ڇليون، اچي سنڌو ڪوري تن.

اڄ به ساڳيو ڏيک ھو لکين لکنؤ کان لڙيا ھئا. ساڳيا ايران ۽ توران جا کٿا کڙيا ھئا. پوربي ۽ پڇمي امرائن جو ڪو انت نه ھو. ڪڪا، ڪارا ۽ ڪابلي، ڪڏندا آيا ھئا ۽ نو لک ڏھ ڇلين جھوڪ کي وڪوڙيو ھو. اڄ الادين جي بدران ٺٽي جو نواب اعظم خان آيو ھو، آلا ڪاٺ ٿي ٻريا ۽ دودي جي بدران ”جنھن تنھن وائي وات ۾ پيا صوفي صوفي ڪن“ خدا آباد مان ڪلھوڙي حاڪم جو ڀاءُ ۽ سندس سپھ سالار مير شھداد خان ٽالپور ۽ سنڌين ۽ ٻروچن جو لشڪر وٺي آيا ھئا. بلڙيءَ جا سيد ۽ پليجا به پنھنجا راڄ وٺي پڄي ويا ھئا. جيستائين نگاھ ٿي وئي رڳا فوجي سپاھين جا مٿا ھئا. پر ماڻھن ۾ ڪو ڊپ ڊاءُ نه ھو. سندن منھن تي ساڳيو سُک سانت ھو. ساڳيا جنڊ پيھڻ، چرخي ڪَتڻ، ڏڌ جي چاڏين جي ولوڙڻ جا آواز گيت بڻجي ٿي گونجيا. ڌنوڻن جي ڌون ڌون ۽ آڏاڻن جي ٺڪ ٺڪ! صوفي سائينءَ جا ساڳيا درس. لفظ لفظ ڄڻ ڏيئو جنھن اونداھي اندر کي روشن ڪري ٿي ڇڏيو.
سارنگ ماڻھن ۾ ايڏي سک ۽ سانت کي ڏسي سوچيو ته جيڪڏھين ماڻھوءَ جي آڏو ڪو اعليٰ مقصد آھي ته پوءِ جيئڻ ڪيڏو با معنيٰ ۽ موت ڪيڏو نه بي معنيٰ ٿيو وڃي. ھن کي مخدوم بلاول ياد پيو جيڪو ھن دردوندي ديس لاءِ گھاڻي ۾ پيڙجي ويو. گھاڻي ۾ پيڙجڻ جو ايذاءُ ان ماڻھوءَ کان سواءِ جيڪو ان ايذاءَ مان لنگھي ٿو، ٻيو ڪوبه محسوس ڪري نٿو سگھي. جيڪڏھين جيئڻ با معنيٰ ھجي ته پوءِ موت ۽ موت جو ايذاءُ بي معنيٰ ٿيو وڃي. ھن تصور ۾ مخدوم بلاول جي منھن تي سُک ڀري سانت ڏٺي، اھڙي سانت ھن ھتي صوفي سائين ۽ جھوڪ جي ھڪ ھڪ ماڻھوءَ جي منھن تي ڏٺي. ھن کي منصور ياد پيو جيڪو سوليءَ کي ڏسي ٽھڪ ڏيڻ لڳو ھو جڏھين ھن جا ھٿ وڍيائون ته پنھنجي روٺن ٻانھن مان وھندڙ رت پنھنجي منھن تي مَلڻ لڳو. ماڻھن پڇيس ته ائين ڇو ٿو ڪرين. چيائين ته رت وھڻ سان منھنجو منھن ھيڊو ٿي ويو ھوندو ۽ ماڻھو سمجھندا ته شايد موت جي ڊپ کان مان ھيڊو ٿي ويو آھيان.

مون کي قتل ڪيو ته جيئن اوھان کي انعام ۽ مونکي سڪون ملي
اوھين خدا جي راھ ۾ مجاھد ھوندؤ ۽ مان شھيد ھوندس.

موت ڇا آھي. موت جو ايذاءُ ڇا آھي. ڇا ماڻھو موت ۽ موت جي ايذاءَ کان به مٿاھون ٿي ٿو وڃي. ھن کي سيدزادي صوفيءَ جو بيت ياد پيو جيڪو ھڪ رات ماڻڪ ھن کي ٻڌايو ھو:

اڃان تو منجھانءِ، ڪک چٽي رت نڪري
منھن ۾ محبوبن جا، ڪنئين جھليندين گھاءَ
سو تون ڪڄاڙياءِ، سِڪڻ جون سڌون ڪرين.

صوفي سائينءَ پھرين ته انساني رت وھائڻ کان جھليو پر پوءِ جڏھين مغلن فصلن کي باھيون ڏنيون ۽ بي ھٿيار ھارين نارين، ڪمن ڪاسبن ۽ فقيرن درويشن جو قتلام ڪيو تڏھين صوفي سائينءَ بچاءَ جي جنگ وڙھڻ جي موڪل ڏني. ظلم برداشت ڪرڻ ۽ ظلم جو مقابلو نه ڪرڻ به ته ظلم آھي. ھاڻي فقيرن ۽ درويشن رات جو ڪوٽ مان نڪري، اسم اعظم جا نعرا ھڻي، مغلن تي راتاھا ھڻڻ شروع ڪيا.
ھڪ رات سارنگ ۽ ماڻڪ درويشن جي جٿي سان راتاھو ھنيون. ھنن کي سنڌين جي فوج تي راتاھو ھڻڻو ھو جو پنھنجا پنھنجن کي مارڻ آيا ھئا. درويش دشمن جا ڪنڌ لڻيندا، ڪلھوڙي ۽ سندس سالار مير شھداد جي خيمن تائين پھتا. ڪلھوڙو زخمي ٿيو ۽ مير شھداد بچي ويو. ان حملي سان مغل فوج ۾ ھراس پئجي ويو.
سارنگ ۽ ماڻڪ جڏھين درويشن سان واپس وريا ۽ سارنگ ڏيئي جي وٽِ مٿي ڪئي ته ڏٺائين ته ماڻڪ جا ڪپرا رت ۾ ڳاڙھا ھئا. ھن کي پاسي ۾ تراڙ جو گھاءُ لڳو ھو. سارنگ ڊوڙ پائي حڪيم ۽ جراح وٺي آيو. جراح ڦٽ کي ٽاڪا ھنيا ۽ ملم پٽي ڪئي. پر ماڻڪ کي اوچتو بخار ٿي پيو. سارو بت تنور وانگر ٻرڻ لڳو. اوچتو ھن کي کنگھ ٿي ۽ سندس ڦٽ جا ٽاڪا ٽٽي پيا، رت ٺينڍيون ڪري وھڻ لڳو وري جراح آيو، ملم پٽي ڪيائين پر ماڻڪ جي حالت خراب ٿيندي وئي. ھوڏانھن سارنگ جي زال کي عورتن اچي سنڀاليو ۽ ھو ماڻڪ سان ويٺو رھيو. ماڻڪ تي رکي رکي غشي ٿي طاري ٿي. غشيءَ ۾ ماڻڪ ڏٺو ته مساڻن ۾ ڪالي ديوي ناچ ٿي ڪري. ھو تمام ننڍڙو ٿي ويو آھي. ھو ماءُ جي ھنج ۾ آھي ۽ چنڊ کي ڏسي ڳٽڪي ٿو..... ھو وديالي ۾ آھي. وديالي جي پراڻي عمارت، گيانن ۽ آچارين جا سانتيڪا چھرا. ڪتابن جا ڍير. اوچتو ڪتابن مان انھن جا مصنف نڪتا ۽ پنھنجي انا جي مينار تي ويھي ٽھڪ ڏيڻ لڳا.
اسان پنھنجي عقل ۽ علم جي زور تي پاڻ کي ڀڳوان ڪري مڃرايو. ڀڳوان جا اوتار، رشي ۽ نمائندا ٿي ماڻھن کي پنھنجي پوڄا لاءِ مجبور ڪيو.
اسان جا اکر جيتوڻيڪ پنھنجي معنيٰ وڃائي ويٺا آھن ته به وقت تي محيط آھن. ماڻھن جي دلين ۽ ذھنن ۾ جڪڙيل آھن.
اسان جا مندر قائم ٿيا، مورتيون ٺھيون ۽ اسانجي پوڄا ڪئي وئي.
اسان عقل ۽ علم جي زور تي ھن سرشٽيءَ مان ڀڳوان جي وجود کي خارج ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ ڀڳوان ٿي ويٺاسين. اسان لاءِ گھِنڊ پيا وڄن ۽ ڀڄن پيا ڳائجن.
اھا ذھني ۽ روحاني پرمار آھي..... ھن دانھن ڪئي. ھن جي دانھن ٻڌي ھو سڀ کلڻ لڳا.
ھرڪو پرمار ٿو ڪري. جنھن وٽ طاقت آھي اھو طاقت سان، جنھن وٽ سونھن آھي اھو سونھن سان، جنھن وٽ عقل ۽ علم آھي اھو عقل ۽ علم سان پرمار ٿو ڪري. ھرڪو پاڻ پوڄائي ٿو. پوڄائي نٿو سگھي ته پوڄي ٿو..... ھو سڀ پنھنجي پنھنجي ھٺ ۽ وڏائيءَ جي منارن تي بيھي ٽھڪ ڏيڻ لڳا. اوچتو سنک وڳا. چپڙن ۽ پڪ تارن جا آواز آيا. الک نرنجن..... الو ميان..... درويشن جا ٽولا، ويدانتن جا سنک. تون ئي تون....اننگ رنگ ساگرم.... تت سوم اي.... (تون ھو آھين).... اھم برھم اسي (مان برھم آھيان).... سڀ نچندا، آھسته آھسته خرام رقص ڪندا ٿي آيا. ھاري ناري، ڪمي ڪاسبي، ڪولھي، ڀيل ۽ ٻاليشاھي، تون ئي تون..... ھمه اوست سنکن، جھاجھن، چپڙن، يڪتارن ۽ درويشن جي نعرن جي صدائن سان ساري ڪائنات ملياميٽ ٿي وئي. ان الحق.... سبحاني، ما اعظم شاني.... وجود ۾ الله کانسواءِ ٻيو ڪو ڪونھي.
گوپي ھن جي ھنج ۾ ھئي. سندس سَنڌ سَنڌ ٿي سُڏڪيو..... چوڌاري رابيل جا اڇا اڇا گل کڙيل ھئا جن تي رنگ برنگي پوپٽ ٿي اُڏاڻا. ماڻڪ ۽ گوپي پوپٽن جي پٺيان ٿي ڊوڙيا. اوچتو گوپي پوپٽ بڻجي اڏامي وئي. گوپي.... گوپي.... گوپي!
ھن جي اک کلي وئي. ھن جو سارو بت ڦَٽ وانگر ٿي ڏکيو. نڙيءَ ۾ اُڃ جا ڪنڊا. چپ سڪل. وات سڪل. ھن پاڻي گھريو پر اکر سندس نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا. سارنگ ھن جي چپن جي چرڻ مان سمجھي ويو ته ھو پاڻي ٿو گھري. ھن کيس پاڻي پياريو.
”ھاڻي ڪيئن آھين؟“
”ٺيڪ آھيان.“ ھن ھٿ وڌائي سارنگ جي ھٿ کي جھليو. ”سارنگ ھاڻي خبر پئي اٿم ته ڀڳوان ڇا آھي. مُڪتي ڇا آھي، شانتي ۽ نرواڻ ڇا آھي. گوتم جي آتما کي به شايد مرڻ مھل اھري شانتي نه ملي ھوندي جيڪا مون کي ملي آھي. مان ناستڪ ھيس ۽ مون ماڻھن جي ڏکن ۽ ماڻھن جي موھ ۾ ڀڳوان کي سڃاتو. صوفي سائين شھيدٿيندو. سائينءَ کانپوءِ سائينءَ جي نالي تي درگاھون ٺھنديون، مجاور ويھندا، اوڳاڙيون ٿينديون، سائينءَ جي نالي تي روحاني پرمار ٿيندي ۽ ماڻھو سائينءَ جي پيغام کي وساري ويھندا. ھڪڙو تارو اڀريو ھو. ھاڻي اھو به ٽٽڻ وارو آھي. ھاڻي ته صدين تائين اونداھي آھي.“
اوچتو ڀر واري ڪمري مان تازي ڄاول ٻار جي اوئان اوئان جو آواز آيو. ماڻڪ جي چپن تي مُرڪ تري آئي. ھن سارنگ جي ھٿ کي زور ڏنو، ڪجھ چوڻ لاءِ چپ چوريائين ۽ سندس ڪنڌ ھڪ پاسي لڙي ويو.

درويشن اسم اعظم جا نعرا ھڻي مغل فوج جا ڳپل لاھي ڇڏيا. مغل فوج ۾ ھراس پکڙجي ويو. ھر رات ھنن لاءِ موت جو پيغام ھئي. درويش تعداد ۾ ٿورا ھئا پر سندن جذبي آڏو جبل به بيھي نٿي سگھيا ۽ سمنڊ وانگر ڇوليون ھڻندڙ فوج جھوڪ جو ڪوٽ فتح ڪري نه سگھي. آخر اعظم خان شاھ عنايت ڏانھن قرآن موڪليو. کيس قرآن جو واسطو ڏيئي پاڻ وٽ سڏايائين..... اسان وٽ اچو، اسان جو فيصلو ھاڻي قرآن ڪندو. قرآن ته ڪڏھين جو فيصلو ڪري ڇڏيو ھو. جيڪو غلط ھو تنھن کي غلط ۽ جيڪو صحيح ھو تنھن کي صحيح قرار ڏيئي چڪو ھو. وڌيڪ قرآن تي ڪھڙو فيصلو ٿيڻو ھو. پر شاھ عنايت اعظم خان وٽ وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويو. درويشن دانھون ڪيون: ”سائين اھو دوکو آھي، دولاب آھي. اعظم خان ان بھاني اوھان کي پاڻ وٽ سڏائي شھيد ڪرائڻ ٿو گھري.“ درويشن جي ڳالھ ٻڌي سائينءَ مُرڪي ڏنو.
”اوھين سمجھو ٿا ته جيڪو اوھان سمجھيو آھي سو مان نٿو سمجھان. مان سڀ سمجھان ٿو. اسان کي اعظم خان نه سڏايو آھي، اسان کي پنھنجي پرينءَ سڏايو آھي ۽ اسان جي ڪيڏي نه عزت افزائي ڪئي آھي جو اسان کي سڏائڻ لاءِ پرينءَ پنھنجو ڪلام موڪليو آھي. اوھان جي مرضي آھي ته اسان پرينءَ جي سڏ تي نه وڃون. مون جيڪا دونھين دکائي آھي تنھن کي وسائڻ نه ڏيجو. منھنجي پيش پوڻ کان اڳ ڪجھ درويش ھتان ھليا وڃن، ڪي اولھ، ڪي اوڀر، ڪي اتر، ڪي ڏکڻ. چئني ڪُنڊن تي دونھيون دکايو. ڪڏھين ته اھي دونھيون مچي مچ ٿينديون.“

سارنگ به انھن درويشن مان ھو جن کي شاھ عنايت جي پيش پوڻ کان اڳ جھوڪ مان نڪري وڃڻو ھو. ھن شاھ عنايت کان پيرين پئي موڪلايو. زال کان موڪلايائين. پنھنجي ننڍڙي کي ھنج ۾ کنيائين. ننڍڙي ڪر موڙيا ۽ ننڍڙيون اکيون کولي پيءُ کي ڏسڻ لڳو. سارنگ کي سنڌو ۽ سندس ٻار ياد پيو. ھن ٻارڙي کي پيار ڪري ٻار موٽائي زال کي ڏنو. ٻار وٺڻ مھل زالھنس جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا.
سج ٻڏتر ۾ ھو جو جلاد جي تراڙ وڄ وانگر وراڪو ڏنو ۽ شاھ عنايت جي سِسي ڌڙ کان ڌار ٿي. سارنگ جي زال دانھن ڪري پنھنجي ٻارڙي کي سيني سان لاتو. ڀِٽ تي شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ ڇرڪ ڀري مراقبي مان منھن مٿي ڪري آسمان ڏانھن نھاريو. درويش دنبوري تي ضرب ھنئين ۽ دانھن ڪئي.

ملڪ مڙيوئي منصور، ڪُھي ڪھندين ڪيترا.

سارنگ جي سيني مان سور جي سٽ نڪتي. ھن رين مان ھٿ ڪڍي دل تي ھٿ رکيو. گھوڙي ڇرڪ ڀري ھڻڪار ڪئي ۽ نرا کنيان. سارنگ ڪرندي ڪرندي بچيو. ھن آسمان ڏانھن نھاريو. آسمان ۾ شفق جا رت جھڙا ڳاڙھا رنگ کڙيل ھئا ڄڻ آسمان مان جيئرو جاڳندو رت ٿي ٽميو ۽ ساري ڪائنات رت جي رنگ ۾ رنڱجي وئي ھئي.
آھستي آھستي شفق جي ڳاڙھاڻ ختم ٿيندي وئي ۽ ڪائنات ۾ ڪاري ڪاري رات لٿي. سارنگ گھوڙي تي لانگ ورائي. ھن کي پرھ جو سفر ڪرڻو ھو صدين تائين راوڻ رات پکڙيل ھئي.

6- آڪٽوبر 1984
سڪردو
ٻارنھن وڳا رات.