شاعري

هينئڙي منجهه هڳاءُ

هي ڪتاب ”هينئڙي منجهه هڳاءُ“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر مخمور رضا جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي. سائل پيرزادو لکي ٿو ”مخمور جي شاعريءَ جي آرسي به پنهنجي دور جي درد جا ڪيئي عڪس سانڍيون بيٺي آهي. مخمور جي شاعراڻي نگاهه ڏاڍي حُسناڪ آهي، هن وٽ شئن کي ڏسڻ، ۽ بيان ڪرڻ جو هڪ پنهنجو انداز آهي، جيڪو هن پنهنجي ننڍڙي شاعراڻي ڄمار ۾ حاصل ڪري ورتو آهي، اهو شايد هن جي جنون جو معجزو آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 5436
  • 776
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book هينئڙي منجهه هڳاءُ

ترتيب

---

حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

ڪتاب نمبر (24)

ڪتاب جو نالو: هينئڙي منجهه هڳاءُ
موضوع: شاعري
شاعر: مخمور رضا
ڇاپو: جولاءِ سال 2016ع
ڪمپوزنگ/ لي آئوٽ: شنڪر لال سُکواڻي
ٽائيٽل: رضوان گل
ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
سيد آرڪيڊ آفيس نمبر 8 عبرت گهٽي گاڏي کاتو حيدرآباد

ملهه: 200 روپيا

Heinare munjh hugah
(Poetry)
By: Makhmoor Raza
Sambara Publication Hyderabad
Cell: 03003513966-03163068979

ڪتاب ملڻ جا هنڌ:
ڀٽائي ڪتاب گهر حيدرآباد،. فڪشن هائوس حيدرآباد
ادبي بورڊ بڪ اسٽال تلڪ چاڙهي حيدرآباد
قليچ ڪتاب گهر سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد
ڪنگ پن بڪ هائوس پريس ڪلب حيدرآباد
ڪامريڊ بڪ اسٽال ڄامشورو. رابيل ڪتاب گهر لاڙڪاڻو
مهراڻ ڪتاب گهر لاڙڪاڻو. وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر. تهذيب بڪ اسٽور خيرپور ميرس
ٿر ڪتاب گهر مٺي. الفتح نيوز ايجنسي سکر.

ارپنا

ارپنا

هي ڪتاب
پياري ماما سائين
الطاف حسين ميمڻ
جي نانءِ
جنهن زندگيءَ جي هر موڙ تي
رهنمائي ڪري،
جيئڻ جو انداز ڏنو آهي.

اداري پاران

مهين جي دڙي جي مٽي لافاني قدرن واري تهذيب آهي، جنهن کي دنيا جي عالمن، اديبن، شاعرن ۽ سياحن سجدا ڪيا آهن. دنيا جي عظيم تهذيب جي پرورش هن مٽيءَ جو ڪرشمو آهي. لاڙڪاڻو پنهنجي شاعراڻي واسَ وَنَ سان سڄي سنڌ ۾ سڃاتو ويندو آهي. جديد سنڌي شاعري پنهنجو معراج ماڻيو آهي، سنڌي شاعري ۾ سڳداسي شاعريءَ جهڙو هڳاءُ بخشيندڙ ڪشنچند بيوس، شيخ اياز ۽ نئين ٽهي جديد سنڌي شاعريءَ کي جوڀن بخشيو آهي.
مخمور رضا غزل جي اڻانگي صنف ۾ پنهنجي ڪوتا جا ڪل رنگ ڀريا آهن. هو جديد سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي ٽهيءَ جو سگهارو ۽ نرالو ڪوي آهي، هن جو غزل فن جي حسناڪين سان مخمور آهي، فڪري طرح مخمور رضا پختو ۽ سڀاءُ وارو شاعر آهي. جماليات جو اظهار ڀرپور انداز سان ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو.
سنڌي شاعريءَ ۾ غزل جا ايترا رنگ نکريا آهن، جنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته ڏات جي هٿ تي مينديءَ رتا غزل سرجندا رهيا آهن، شاعري حسناڪين جا سمورا پنڌ ڪري چڪي آهي، اندر جي سنهين ڳلين کان گذرندي زندگيءَ جهڙو ساءُ ۽ ويساهه بخشي ٿي. شاعري ساهه جي تار آهي ۽ پرينءَ جي گفتار آهي. جنهن جي مهڪ مخمور رضا جي هن ڪتاب ۾ موجود غزلن مان به محسوس ٿئي ٿي.
سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران سنڌي ادب کي سينيئر اديبن جي ڪتابي اشاعت سميت نوجوان شاعرن، اديبن ۽ ليکڪن کي به وقت به وقت پذيرائي ڏيڻ جي مشق کي جاري رکندي لاڙڪاڻي جي هن نوجوان ڪوي مخمور رضا جي پهرين شعري مجموعي ”هينئڙي منجهه هڳاءُ“ ڇپرائي نهايت سرهائي محسوس ڪئي پئي وڃي، اميد ته هميشه جيان ساڳي موٽ ملندي.

ساجد سنڌي
سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
03003513966

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (302) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”هينئڙي منجهه هڳاءُ“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر مخمور رضا جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي.
سائل پيرزادو لکي ٿو ”مخمور جي شاعريءَ جي آرسي به پنهنجي دور جي درد جا ڪيئي عڪس سانڍيون بيٺي آهي. مخمور جي شاعراڻي نگاهه ڏاڍي حُسناڪ آهي، هن وٽ شئن کي ڏسڻ، ۽ بيان ڪرڻ جو هڪ پنهنجو انداز آهي، جيڪو هن پنهنجي ننڍڙي شاعراڻي ڄمار ۾ حاصل ڪري ورتو آهي، اهو شايد هن جي جنون جو معجزو آهي.“
هي ڪتاب سامروٽي پبليڪشن حيدر آباد پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست ساجد سنڌيءَ جا جنهن سمبارا پبليڪيشن پاران ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي، قرب مخمور رضا جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پنهنجي پاران

منهنجي آمد لئه بابا ۽ اميءَ سان گڏ هڪ وڏي ڀيڻ ۽ ٻه ڀائر منتظر هئا.خير سان انهن جي آسپوري ٿي 2 مارچ 1996ع تي ناناڻي گهر محله الله آباد لاڙڪاڻي ۾ نيڻ کوليا ڇٽيءَ جو نالو وڏن ڀائرن غلام اصغر, غلام اڪبر جي نالن جي طرز تي غلام رضا مالڪن رکيو.
بابا سائين حاجي علي گوهر ڳوٺ وليداد گابر ۾ ڪڙمت ڪندو هيو. پنهنجي ننڍڙي فيمليءَ سان گڏ ات ئي رهندا هئاسين. ايترو خوشحال وقت ڪو نه هُيُو اهو هڪ غربت گهر ۾ وري اوچتو منهنجي سخت بيمار ٿيڻبابا کي ته اصل وڏو پريشان ڪري ڇڏيو هيو. بابا پَرَ حوصلو نه هاريو قرض کڻي ڪري به هن مونکي لاڙڪاڻي ,رتوديرو جي ڪافي ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو پر ڪو فائدو نه پيو. نيٺ ڪراچي جناح اسپتال تائين پهتاسين جتي ڪافي مهينا علاج هليو مونکي چڱي طرح ياد آهي ته ٽيبليٽ نه کائيندو هيس ته بابا ڪيلي ۾ اندر وجهي کارائيندو هيو۽ جناح اسپتال جي علاج مان ڪافي فائدو پيو پر مرضن اڄ ڏينهن تائين جان ناهي ڇڏي.
2002ع ۾ اباڻي ڳوٺ وليداد گابر کي ڇڏي سڄي ڳوٺ کي روئاري پاڻ لاڙڪاڻي لڏي آياسينپنهنجو گهر نه هئڻ ڪري پنهنجي ناناڻي گهر ۾ ئي رهي پياسين. جتي اڄ به رهون پيا. شاعريءَ پاڻ ڏي مونکي ڪيئن ايترو مائل ڪيو اها مونکي به خبر نه آ بس ايتري ڄاڻ اٿم ته من ايترو مخمور هو جيترو زليخا جو يوسف ڪاڻ هو، نيٺ ان جنون استاد وشال وٽ اچي پهچايو استاد وٽان ڪافي ڪجهه پرايم هڪ ڏينهن شاعر دوست شيخ نديم ڀائو عجب شيخ سان ملاقات ڪرائي جنهن مون ۾ جنون جي انتها ڏسي ٻاجهه جو هٿ مٿي تي رکيو ڀائو عجب گهڻو ڪجهه سيکاريو اڄ آئون جهڙا به غزل لکي رهيو آهيان ان ۾ ان شخص جي وڏي محنت شامل آهي، ڀائو عجب جا اهي احسان آئون عمر ڀر نه لاهي سگهندس، شاعريءَ سان منهنجو پراڻو نه بلڪه ويجهڙ جو تعلق آ پر پوءِ به ايئن لڳندو اٿم ته سنگم جنمنجو آ ڄڻ آئون ازل کان شاعر آهيان.شاعريءَ جي راهه تي ڪنهن شاعرهه کي به ايترين مشڪلاتن سان مُنهن ڏيئڻو نه پيو هوندو شايد جيترين سان مونکي مُنهن ڏيئڻو پيو آهي. گهر ڀاتين جي خلاف هجڻ ۽ هر وقت ٽوڪجڻ ۽ ويجهو رهندڙ شاعر دوستن جو مونکي شاعر قبول نهڪرڻ جي باوجود ڀي مون ڪڏهن به حوصلو نه هاريو آ ۽ نه ئي پوئتي وک ڪا هٽائي آ. مون کي سمجهه ۾ اڄ تائين نه آيو آ ته مان ماڻهن کي ڪيئن سمجهايان تهشاعري منهنجو شوق نه پر منهنجيزندگي آ، ديوانگي آ، عاشقي آ، چاهت آ، محبوبا آ، همسفر آ، ڌرتين منجهه ڇانورا ۽ اونداهين منجهه سهائي آ.
شاعريءَ جا مون تي وڏا وڙ آهن جنهن هر قدم تي حوصلا ارپيا آهن
هي جنم ته ڇا اگر خدا ٻيو جنم به ڏنو ته ان ۾ به شاعر ٿيڻ پسند ڪندس.
اڄ منهنجي جيڪا به سڃاڻپ آهي اها صرف ۽ صرف شاعريءَ جي ڪري آ
مان ڪنهن وڏي شاعر ٿيڻ جي ڊوڙ ۾ بلڪل به نه آهيان بس منهنجي لئه اهو ئي وڏو اعزاز آ جو آئون شاعر سڏيو وڃان.
مونجيڪا به شاعري سرجي آ ان لئه ڪا دعوي' نه ٿو ڪيان ۽ نه ئي ڪنهن خوشفهيءَ ۾ آهيان 20 سالن جيعمر ۾ جيڪي ڪجهه ڀوڳيو اٿم اهو ئيشعرن ۾ سرجيو اٿم.آئون سنڌ جي اديب, ليکڪن, شاعر دوستن جو بي حد ٿورائتو آهيان جن هن مهل تائين ايترو پيار ڏنو آهي جنهن جي لائق آئون بلڪل به نه آهيان ۽ اميد ڪريان ٿو ته هواهڙو پيار ساري ڄمار ڏيندا رهندا.ميڊم رخسانه پريت جو آئون انتهائي شڪر گذار آهيان جنهن " هينئڙي منجهه هڳاءُ " جو اهڙو سهڻو بئڪ ٽائيٽل لکي مون ناچيز کي ايترو مانُ بخشيوسائين سائل پيرزادو جا به لک ٿورا جنهن پنهنجي قيمتي وقت مان وقت ڪڍي " هينئڙي منجهه هڳاءُ" جو اهڙو خوبصورت مهاڳ لکيو
۽ پنهنجي محبوب دوست غوث پيرزادو جا به لک احسان جنهن منهنجي ڪچي ڦڪي شاعريءَ تي هڪ سهڻو ۽ لونءَ ڪانڊاريندڙ تاثر لکيو. ۽" هينئڙي منجهه هڳاءُ " جو قدرتي نظارن جهڙو خوبصورت ۽ سندر ٽائيٽل ٺاهيندڙ سائين رضوان گل جا وڏا وڙاوهان پرين پيارن جي ڪومل هٿن تائين ڪتاب پهچائيندڙ سمبارا پبليڪيشن جي سرواڻ ساجد سنڌي جا لک ٿورا جنهن ڪتاب لائق نه هئڻ باوجود مونکي صاحبِ ڪتاب بڻايو آسنڌ جي برجستي شاعر سائين سعيد ميمڻ ۽نيئن ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر ڀائو عجب شيخ جا به لک ٿورا جيڪي ڪتاب جي ساري مرحلن ۾هر پل ٻانهن ٻيلي رهيا۽ آخر ۾ مان پنهنجي مانڊيءَ جو پڻ ٿورائتو آهيان
جنهن ڪتاب ڇپرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

مخمور رضا
الله آباد لاڙڪاڻو

مهاڳ : مورَ جي کَنڀ جهڙي شاعري....!

مورَ جي کَنڀ جهڙي شاعري....!

شاعري سماج جي آرسي هوندي آهي، جنهن ۾ سماج اندر رونما ٿيندڙ واقعن، حادثن، رنج رُسامن، ملڻ وڇڙڻ، رُسڻ پرچڻ جا عڪس پنهنجي پُوري سچائيءَ سان پَسي سگهجن ٿا، سماج اندر داخلي توڙي خارجي سطح تي ٿيندڙ تبديلين جا هڪ حساس شاعر تي تمام گَهرا اثر پوندا آهن، ۽ هُو جڏهن انهن کي لفظن جو پهراڻ پارائيندو آهي، ته شاعري برٿ بڻجي پَوندي آهي، هر حساس ماڻهو شاعر هجي اهو ضروري ناهي، پر ڪو شاعر حساس نه هجي، اهو ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته شعر رچڻ لاءِ رڳو وزن بحر جو پورائو نه پر جذبي جي شدت پڻ درڪار هوندي آهي، جيڪا احساس کان سواءِ حاصل ٿي نه سگهندي آهي.
شاعري، شاعر جي شعور جي قرن ڦُل مان قطرو قطرو ٿي نڪرندڙ گُلاب جو عرق هوندي آهي، جنهن جي سُرهاڻ ڪيترا ئي من واسي ڇڏيندي آهي، شاعري شيشن تي رقص ڪرڻ جو فن آهي، اهڙن ئي احساس جي شيشن تي رقص ڪندڙ هي سانورو نوجوان مخمور رضا اُتر سنڌ جي دل جهڙي شهر لاڙڪاڻي سان تعلق رکي ٿو.
جهولن ۽ لُڪن جي سرزمين تي پلجندڙ هن شاعر پنهنجي شاعريءَ جي ڪتاب جو نالو ”هينئڙي منجهه هُڳاءُ“ رکيو آهي، سوچيان ٿو سندس هنئين ۾ هُڳاءُ ڪهڙو آهي؟ لاڙڪاڻي جي ڪنهن ڪڻڪ رنگائين جوڀن جو يا پنج هزار سال پُراڻي سنڌو تهذيب جو؟ ان سُوال جو جواب ڳولڻ لاءِ اسان کي سندس شاعريءَ جي روح ۾ لهڻو پوندو.
شاعريءَ جي سفر ۾ هُو غزل جي رَٿَ تي سُوار ٿيو آهي، غزل جي صنف سنڌي شاعريءَ ۾ تمام گهڻي لکي ويندڙ صنف آهي، مان غزل جي ارتقا جي ڊگهي تاريخ ۾ وڃڻ نٿو چاهيان، ڇاڪاڻ ته اها هاڻي ڪنهن کان به ڳُجهي ڪون رهي آهي، اسان جي سينئر شاعرن غزل کي محبوبا جي تواف مان ڪڍي ڌرتيءَ جي ثقافت سان ڳنڍي غزل جي موضوعاتي ڪينواس کي تمام وسيع ڪري ڇڏيو آهي، سندن باريڪ ڪم جو ئي نتيجو آهي، جو سنڌي غزل گيڙو ويس غزل سڏجي ٿو، ۽ غزل جا کوڙ سارا شاعر، شاعريءَ جي دل جي ڌڙڪن بڻيل آهن.
ڪنهن به شاعر جي شاعريءَ کي پرکڻ لاءِ ان جي دور ۾ ٿيندڙ شاعريءَ تي نظر وجهڻ لازمي آهي، نه ته هونءَ سندس معيار جي خبر نه پوندي، مخمور جنهن دور ۾ غزل لکي رهيو آهي، اهو سنڌي غزل جو شاهوڪار دور آهي، جنهن دور ۾ ننگر پارڪر کان جيڪب آباد تائين سنڌ ۾ ڀرپور غزل لکجي رهيو آهي، کوڙ سارا روشن نانوَ غزل جو نالو وٺندي ئي ذهن جي اُفق تي جڳمڳائڻ لڳن ٿا، فني توڙي فڪري حوالي سان غزل حيرت جي حد تائين حَسين لکجي رهيو آهي، جديد غزل ۾ جيڪا خيال جي اُونچي اُڏار آهي، ان جي لاءِ هڪ جُدا تحقيقي پيپر جي ضرورت آهي، پر هتي پاڻ کي مخمور جي غزل بابت ڳالهيون ڪرڻيون آهن، سو سندس غزل تي راءِ ڏيڻ کان اڳ ۾ مان ضروري ٿو سمجهان ته سندس دور تي هڪ نظر وجهي پوءِ پاڻ اچون ٿا مخمور جي غزل ڏي:

هي شهر گهر مٽيءَ جا ۽ ديس دُونهين جهڙو،
منظر اُداس عورت، هڪ گام جو تصور.
(حسن درس)
آئون اُڊڙي اَڌُ ٿي آهيان وئي،
رنگ تنهنجي پيار جو ناهي لٿو.
(وسيم سومرو)
منهنجي گهر جُون ڀتيون ڀُتيون آهن،
گهر اُجاڙي نظر نه اينداسين.
(سعيد ميمڻ)
ٿڌڙي هوا بارش هُئي، موهن ڀڳت هو وجد ۾،
ڪنهن ڀٽ تان گونجي صدا، هي پل مسافر ٿا لڳن.
(اياز جاني)
اسان جيئن به جيئي ڀلا ڪو جهان ۾،
سدائين نشان تي، سدا امتحان ۾.
(حليم باغي)
نِگاهون تو تان ٽاريون ٿا ، پنهنجو ڄڻ پاڻُ ماريون ٿا،
اَسين سُورج مُکي آهيون ، ڏِسي تو کي جيئون ٿا پيا.
(ماڻڪ ملاح)
خيال ميڙي ڳنڍي ٿو هڪ ٻئي سان،
ذهن موچيءَ جي آر وانگر آ.
(گدا خاصخيلي)
زخم جا آواز لفظن ۾ ڀري،
ڪير تارن کي ٻُڌائيندو رهيو؟
(احمد سولنگي)
کيس چئجو نئين جواني آ،
شام جي پهر تي قهر نه ڪري!
(اقبال رند)
بنسي به وڄي، مور نچي، ڊيل ڪا ڊوڙي،
گهنگهور گهٽا گهاءِ، ته برسات وسي پئي.
(علي زاهد)
وشال نيڻن جي وسعتن ۾، پيام هو پر اسان نه ڄاتو،
چپن جي ڦڙڪڻ ۾ آڇ هُئي، ڪو سلام هو پر اسان نه ڄاتو.
(ساحر راهو)
سانجهه ٿي آ ديپ ٻاري پوءِ هلون،
ترس ٿورو هُوءَ نهاري پوءِ هلون.
(ايوب کوسو)
هُوءَ سوچ ۾ پهتي ساجن وٽ،
۽ پُڙ سڙيا پئي مانيءَ جا.
(حاجي ساند)
جنگ جو اعلان هو يا هُئي ڌمال،
رقص ۾ رمجهول هئا ۽ سنڌ هُئي.
(غوث پيرزادو)
هڪ پکيءَ پئي برف باريءَ ۾ وطن کي هينئن چيو،
ڪاش منهنجا سائبيريا، سنڌ جهڙو ٿي پوين!
(روحل ڪالرو)
اڙي ڪلا اسان کي ڇو تو ڪرب جون اکيون ڏنيون؟
دنيا جو درد ٿي لُڇي آ، پنهنجي ذات اي پرين!
(اظهر ٻانڀڻ)
بوند پاڻيءَ جي ڪيئي حاصل، ته ٿي ويندين فنا!
زندگيءَ جي جستجو آ، پياس کي مارين متان.
(بخشل باغي)
هونئن بظاهر ته بند هئي ساري،
پوءِ به دل مان ڪو دڳ ڏٺو هو مون!
(حبدار سولنگي)
جاڳيس ته پنهنجي خون ۾ وهنتل هيس سڄو،
هوءَ خواب مان نڪري مون کي خنجر هڻي وئي.
(رحمت پيرزادو)
ڪنڌيءَ تان عشق واجهائي،
مان لهرن زور ۾ آهيان.
(روبينه ابڙو)
ثواب تنهنجو نفيس چولو، اسان اُڻيو آ عذاب ڪاٽي،
اسان مسلسل گُناهه ڪيا هن، تڏهن ته تو ۾ نکار آهي.
(جعفر جاني)
اوهان سان عشق ٿو ڪريان، اوهان جو ساٿ ٿو گهرجي،
وڏو ڪو فلسفو ناهي، قصو هي مختصر آهي.
(مسرور پيرزادو)
متان اچين تون بنا وضوءَ جي اسان جي دل جي مقام اندر،
اتي اسان جو عشق، بزرگ، شهيد، صوفي ٿيل دفن ٿئي.
(روشن ظفر راهو)
نئين نئين روز تون لڳين ٿي، نئين ڪا توکي سُڃاڻ گهُرجي،
گلاب جهڙي، نه چنڊ جهڙي، اهي پُراڻا مثال آهن.
(امر پيرزادو)

مون بنهه ٿورا مثال ڏنا آهن، ڇاڪاڻ ته هي سنڌي غزل جو اڀياس نه پر هڪ نوجوان شاعر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو مهاڳ آهي، نه ته سنڌي شاعريءَ جي بيگن ويليا ته رنگبرنگي گُلن سان جهنجهي پئي آهي، مٿين مختصر مثالن مان پتو پئي ٿو ته جديد غزل ڪيڏي اونچي پد تي بيٺل آهي، مون مختلف موضوعن جا شعر ڏيڻ جي ڪوشش ان ڪري به ڪئي آهي ته جيئن سنڌي غزل ۾ موضوعاتي ويرائٽي جي به خبر پئجي سگهي، ۽ مٿين شعرن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌي غزل جو ڇاته شاندار معيار جڙيو آهي، ۽ غزل جي ان دور ۾ مخمور رضا پنهنجي اظهار لاءِ غزل کي ئي چُونڊيو آهي، اها خود هڪ وڏي جرئت ۽ اعتماد آهي، آئون کيس هروڀرو ڪنهن مهان شاعر جو متبادل ڪوٺي اڀرڻ کان اڳ ئي مارڻ جو گناهه نٿو ڪري سگهان، هو مون لئه سنڌي غزل جو نئون آواز مخمور ئي آهي، مون سندس آواز جي حُسناڪيءَ کي پنهنجي دل جي ڳليءَ ۾ ڪيئن محسوس ڪيو آهي، اهو اوهان جي سامهون بيان ڪيان ٿو.
هي دور جنهن دور ۾ اسين جي رهيا آهيون، اهو دور حادثن ۽ المين جو دور آهي، انساني بيحسيءَ جي تاريخ جو رَت آلود باب آهي، هر روز داخلي توڙي خارجي سطح تي، انسان ڀَڃَ ڊاهه کي منهن ڏئي رهيو آهي، جيئن شروع ۾ چئي آيا آهيون ته شاعري پنهنجي دور جي آرسي هوندي آهي، جنهن ۾ حالتن جي شڪل شبيهه چٽي نظر ايندي آهي، اسان جي هن نوجوان جي شاعريءَ جي آرسي به پنهنجي دور جي درد جا ڪيئي عڪس سانڍيون بيٺي آهي:

آهي ٻوڙن جو شهر شايد جو،
دل جون چيخون ٻُڌي نه ٿو ڪوئي!
يا
مون کان پوءِ ڀي نه سا اُجهڻ ڏجو،
مون جا سُورن سان لاٽَ ٻاري آ.

جڏهن به قومن تي مايوسيءَ جا ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويندا آهن، تڏهن شاعري سج جي ڪرڻن جيان، انهن جو سينو چيري ان مان اُميد جي روشنائي پکيڙيندي آهي، جيئن:

ايئن مايوس ٿي نه ويهي رهه،
حالتن سان اُٿي لڙائي ڪر!

مخمور جي شاعراڻي نگاهه ڏاڍي حُسناڪ آهي، هن وٽ شئن کي ڏسڻ، ۽ بيان ڪرڻ جو هڪ پنهنجو انداز آهي، جيڪو هن پنهنجي ننڍڙي شاعراڻي ڄمار ۾ حاصل ڪري ورتو آهي، اهو شايد هن جي جنون جو معجزو آهي:

جنهن جي سامهون پاڻ ٺاهيندي هُئيئن،
پدمڻي! سا آرسي غمگين آ!
بادلن ۾ سج لڪو پل کن وڃي،
ٿي ويو سورج مکي غمگين آ.

هر ڪامياب شاعر پنهنجون جڙون پنهنجي ڪلاسيڪل سان ڳنڍي رکندو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪلاسڪ شيون اهي ئي بڻبيون آهن، جن جا انساني ارواحن تي اڻ مٽ اثر هوندا آهن، مخمور به پنهنجي ڪلاسِڪ سان پنهنجو ناتو ڳنڍڻ جا جتن ڪندي نظر اچي ٿو:

ڏٺي ڪائي حسينا مون، گهڙي سان گڏ نديءَ ويجهو،
لڳو سُهڻي محبت ۾ وري مخمور ٿي وئي آ.

هن شعر ۾ سُهڻي ڪلاسيڪل ڪردار آهي، ۽ ان جو مخمور ٿي وڃڻ جديديت آهي، يا اڃا به سائين تاج جويي جي لفظن ۾”جديد ڪلاسيڪيت“ آهي.
مخمور جي غزلن ۾ کوڙ سارا اهڙا شعر آهن، جيڪي پڙهڻ سان دل مخمور ٿيڻ لڳي ٿي، ان نئين مڌ مان ڪجهه پيگ (شعر) اوهان جي نظر به ڪجن ٿا:

باهه پويان ۽ اڳيان گهري ندي آ،
موڙ اهڙي تي هي بيٺي زندگي آ!

تنهجي نظرن ۾ او دادلا دلربا!
جڳ سياڻو فقط هڪ چريو آ رضا!

رول جذبن ۽ دل هن نڌڻڪيءَ جي،
اجنبي ڪو ڪري وارثي آ ويو.

مون ٿي ڄاتو انب جان جن کي مٺو،
ٽُوهه جيان ليڪن اهي ڪوڙا هئا.

مور جي کنڀ جهڙي ماڻهوءَ تي،
دل مخمور ٿيڻ لڳي آهي.

ٻارڙن کي ڏسي چدا هٿ ۾،
ياد ماضي اچڻ لڳي آهي!

جهُومي سُرَ پيا،چپن،
بانسريءَ کي ڇُهيو!
واسجي ويو بدن،
جيئن ڪليءَ کي ڇُهيو!

ايئن هن جي شاعريءَ جا رَڇَ ڪُجهه ڪچا ته ڪجهه پڪا آهن، جيڪي پڪا آهن، اهي حسناڪ آهن، جيڪي ڪچا آهن انهن کي اڃا مطالعي ۽ مشاهدي جي آويءَ ۾ پچڻو آهي، هن جا کوڙ سارا خيال احساس کي ڇُهندي نظر اچن ٿا، چوندا آهن ته ” سلو سو ڀلو جو انگورئين ڀلو“ سو هي سانورو نوجوان جيڪو انگورئين ڀلو آهي، ان مان ڀلي جي اُميد چوڏهينءَ جي چنڊ جيان پڙي هنيون بيٺي آهي، سندس اوجاڳن جو هي پهريون گلدستو ”هينئڙي منجهه هڳاءُ“ پنهنجي سُرهاڻ سان ڪيئي مَنَ واسي ڪيئي دليون مخمور ڪري سگهي ٿو.

[b] سائل پيرزادو
[/b] سڪرنڊ
17جون 2016ع

مخمور رضا ۽ موهن جي دڙي جيڏي اداس شاعري

شاعر مخمور رضاجو شاعراڻو سفر ڪو ايڏو ڊگهو ناهي پر سندس تخليقي سفر تمام پراڻو آهي. سندس شاعريءَ اندر موجود اداسي کي پڙهندي جڏهن هن جي تخليقي سفر جي پيرا کڻجن ٿا ته اهي اسان کي پنج هزار سال پراڻي تهذيب موهن جي دڙي جي کنڊرن ۾ وٺي وڃي ٿا بيهارين. هي لاڙڪاڻي جو ڳڀرو شاعر جنهن جي اڃان ڪرڪيٽ راند کيڏڻ جي عمر آهي. جنهن جي اڃان اها عمر آهي ته ڪنهن هڪ جيڏيءَ سان اک ملائي کيس ملڻ لاءِ ٻانهون ٻڌندي پڪڙجي پئي ۽ دانهن سندس پيءُ تائين اچي پهچي اهڙي عمر ۾ هن شاعري سان دل لڳائي جوکم جو ڪم کنيو آهي. ڪير سمجهائيس ته ڇا رکيو آهي هن شاعريءَ جي دنيا ۾؟ هتي ته رڳو درد آهي. هتي ته رڳو سڏڪا آهن هتي ته رڳو پيڙا آهي ۽ پوءِ اهي سموريون شيون ملي ڪري اياز جاني وانگر ڪنهن دل جي وارڊ تائين پهچائينديون آهن يا نيورو سرجن وٽ رسائينديون آهن يا وري ڪو رولاڪين جو ڊگهو سمنڊ ارپي ڇڏينديون آهن. تون موٽي اچ ان ڏک جي دنيا مان ان دنيا ۾ جتي رڳو ماني کائڻ لاءِ جيئبو آهي.
مخمور توکي مبارڪ هجي ته تو درد سان لنئون لاتي آهي ۽ اهو درد ئي توکي شاعري جي سفر ۾ ڪائنات جا ڳجهه ڳولڻ ۾ مدد ڪندو ۽ تنهنجي تخليقي سفر کي ڏينهون ڏينهن نئون وجدان عطا ڪندو. تنهنجي شاعري اسان جي زندگين جو روزنامچو آهي. خوشي رڳو ان ڳالهه جي اٿم ته تنهنجي شاعري ٺلهي لٻاڙ بدران تنهنجي پنهنجن جذبن جو اظهار آهي. تون زندگيءَ جي ان خطرناڪ موڙ تي بيٺو آهين جنهن موڙ تان رومانس روح مان ڦوٽهڙو ڪري ٻاهر نڪرندو آهي ۽ خوشبو بڻجي چوڏس ڦهلجي ويندو آهي ۽ پوءِ ڌرتيءَ جي آڪاس تي ڏينهن ۾ تارا ٽمڪندي نظر ايندا آهن ان عمر ۾ آئيني سان دوستي چوٽان چوٽ هوندي آهي ۽ ماڻهو پاڻ کي ٺاهيون پيو ٺاهيندو آهي. جنهن سان دل جو پيچ ڳنڍجي ويندو آهي ان کان ماڻهو پيو لڪندو آهي، محبوب جي موجودگي جي خبر ٻڌي دل جو ڌڙڪو وڌي ويندو آهي. جنهن سان اکيون ملندي ماڻهو شرمائڻ لڳندو آهي. پر مخمور جون اهي سموريون وارتائون سندس شاعريءَ پڌريون ڪري وڌيون آهن. هن سانوري جوڳيءَ جي دل جون ۽ ڪنهن سان نه سلڻ واريون ڳالهيون هن جي شاعريءَ کوليءَ وڌيون آهن. هن جو ته اهڙو ڪوبه راز هاڻي نه رهيو آهي جو فاش نه ٿي چڪو هجي.

جنهن تي مخمور جان واري هوءَ
شخص سو مان هجان تمنا آ
يا
هوا ڪومل بدن تنهنجو ڇهي مخمور ٿي وئي آ
گهٽا اڄ ٽهڪڙا تنهنجا ٻڌي مخمور ٿي وئي آ
يا
وري چويس ٿو ته:
گلابي يار ساڙهيءَ ۾ بدن تنهنجو هي بادامي
ڏسي چنچل جواني آرسي مخمور ٿي وئي آ

محبوبه کي مذڪر ڪري پيش ڪرڻ سچ به مونکي ذاتي طور تي تمام گهڻو وڻندو آهي. هيڏي سچي ۽ هيڏي ميچوئر شاعري پڙهي دل گلاب جو گل بڻجي ٿي پئي ۽ هن سنهڙي سيپڪڙي شاعر سان حسد ٿي پئي ٿو ۽ دل ۾ خيال ٿو اچي ته سنڌ جي سمورن ادبي ٺيڪيدارن سان ساز باز ڪري هن لاءِ ادب جي رستن ۾ ڪنڊا وڇائڻ جو ڪم تيز ڪري ڇڏجي نه ته هي اسان نام نهاد شاعرن کي ته ٿوري ئي عرصي ۾ گهڻو پوئتي ڇڏي ويندو. ذهن ۾ هڪ سوال پيدا ٿيو آهي ته آخر هن شاعر هي ڳالهيون ڪرڻ ڪٿان ۽ ڪيئن سکيون آهن. هي دور جنهن ۾ فيس بوڪ شاعريءَ جون ٽنگون ٻانهون ڀڃي کين لولو لنگڙو ڪري ڇڏيو آهي ته پوءِ مخمور هن دور ۾ هن قسم جي شاعري ڪيئن سرجي آهي؟
اسان جهڙن سماجن ۾ جتي عشق جي سزا گولي هجي، جتي پيار ڪرڻ عيب هجي اهڙن سماجن ۾ دوست ئي مضبوط پناهه گاهون هوندا آهن جن جي ٽهڪن سان ٽهڪ ملائي سماج سان بغاوت ڪرڻ آسان هوندو آهي. دوست ئي هوندا آهن جن سان راتيون ويهي اڇيون ڪبيون آهيون. جن سان اسان حقيقت ۾ به عشق ڪندا آهيون.

سرد راتين ۾ توساڻ او سانورا
مچ تي جي ڪچهريون ڪيون ياد هن

وقت سهڻو هو ڀاڪر ئي ڀاڪر هئا
روز ڏيندو هئين تون چميون ياد هن.

رومانوري منظرن جي انتها آهي. مخمور جهڙا شاعر ئي هوندا آهن جيڪو پڙهندڙ کي ٿڪائڻ وارو گناهه نه ڪندا آهن. سندن شاعري جو لفظ لفظ سچ هوندو آهي تنهن ڪري ئي هو پڙهندڙ جي دلين تي قبضو ڪرڻ جي سگهه رکندا آهن. هن جي دل به هن جيان شرارتي آهي. بس ڪنهن کي چاهي ويهي ٿي رهي. کيس ان جو ڪو الڪو ناهي ته شيشي کان به نازڪ آهي ڪٿي ٽٽي نه پئي.

نيڻ مرڪي جڏهن به کڻندين آن
سنڌ جهڙي حسين لڳندين آن
يا
هڪڙي چهري ۾ سوين چهرا ڏٺا
جاڳ توڙي ننڊ ۾ دوکا ڏٺا

لاڙڪاڻو شهيدن جي ڌرتي آهي. هن ڌرتيءَ مان ڦٽندڙ گلن جي خوشبو ماڻهوءَ کي باغي بڻائي ڇڏيندي آهي. هن ڀونءِ تي جنم وٺندڙ ماڻهو ڪمپرومائيز نه ڪندا آهن. تنهن ڪري هو تخته دار تي ويندي به ڳاٽ کي اوچو رکندا آهن. تنهن ڪري شاعريءَ جي اندر هيءَ بغات مخمور کي ورثي ۾ ملي آهي. هن ڌرتي جي تخليقي جوهر جو حصو مخمور جي جهول ۾ به پيو آهي. لاڙڪاڻي جي شاعرن جي دهريءَ ۾ مخمور به هڪ لڙهيءَ جيان سمائجي چڪو آهي جنهن دهريءَ۾ غفار تبسم,واجد، سعيد ميمڻ، اياز جاني، غلام نبي گل، وشال، جواد جعفري، محمدعلي پٺاڻ، ربينه ابڙو، رضا بخاري، ۽ ٻيا ڪيترا انيڪ شاعر اڳ ئي جرڪا ڏئي رهيا هئا اتي مخمور جو واڌارو عيد جي چنڊ جيان آهي.
مخمور رضاپنهنجي شاعري ۾ منظرن سان ڳالهائي ٿو. هو مصوريءَ سان شاعري ڪري ٿو.

ڏٺي ڪائي حسينا مون گهڙي سان گڏ نديءَ ويجهو
لڳو سهڻي محبت ۾ وري مخمور ٿي وئي آ

مان ته نظر اندار ڪري به ڇڏيان مخمور جي تخليق جي اتم پد کي پر ڇا تاريخ هن کي نظر انداز ڪري سگهي ٿي؟ ته جواب اچي ٿو ته ڪڏهن به نه ڇو ته هن چيو آهي ته لڳو سهڻي محبت ۾ وري مخمور ٿي وئي آ. ها! مخمور چوي ٿو ته سهڻيون بار بار جنم وٺنديون آهن. اهو ته ڪنهن به نه سوچيو هو ته سهڻي ڇو دريا ۾ لٿي هئي پر مخمور ٻڌائي ٿو ته ان وقت هوءَ ميهر جي عشق ۾ مخمور هئي. هاڻي مون ۾ سگهه ناهي ته وري ان مخمور لفظ جي به وضاحت ڪريان نه ته جيڪر ڳالهه اڃان اڳتي وڃي.
مخمور رضا پنهنجي شاعريءَ ۾ تمام گهڻو وسيع آهي. هن جي شاعري سموري ڪائنات ۾ ڦهليل آهي. هو ڪنهن به هڪ موضوع ۾ قيد ناهي. ڇو ته هو حقيقي آرٽسٽ آهي سو هو دل کي هٿن ۾ کڻي گهمي ٿو جتي به ڪو ٿاٻو اچيس ٿو ته لکي وٺي ٿو. پر هن جي شاعريءَ ۾محبوبا، وطن دوستي، سماجي انياءَ ءَ دوستن جون ڳالهيون خاص اهميت سان اظهاريل نظر اچن ٿيون.

پنهنجي نيڻن جو شعاءُ ڳولي ٿي
گمشده ٻار ماءُ ڳولي ٿي
يا
چرٻٽن جي ازل کان نگريءَ ۾
ڪا اياڻي نياءُ ڳولي ٿي

جن به ماڻهن جو ڳوٺاڻي زندگيءَ سان تعلق رهيو آهي تن جي تخليقن ۾ ٻوليءَ جو جهان چٽو نظر آيو آهي. مخمور رضا جي شاعريءَ جي ٻولي به ڀرپور آهي ۽ اسان جي ثقافتي رنگ سان رچيل به آهي. مخمور رضا جي شاعري کي جيترو به گهرائيءَ سان پڙهبو ان ۾ ايترو اسان کي تخليق جي گهرائيءَ جو اندازو ٿيندو. ڌرتيءَ جي ڳالهه ڪري ٿو ته اها به ڪنهن دليل کانسواءِ نه ٿو ڪري. هو چوي ٿو:
واٽ پوندئي سڄي سنهري ٿي
پنهنجو رهبر پرين! ڀٽائي ڪر

هاڻي هو نعريبازيءَ جو شڪار ٿيندي ڪنهن سياسي رهبر جو ذڪر به ڪري پئي سگهيو پر هو ڀٽائيءَ کي رهبر بنائڻ واري ڳالهه ڪري اسان جو ڌيان ڇڪائي ٿو ته سنڌ جو فڪري رهبر شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهي ۽ جيستائين اسان هن کي هيئين سان نه هنڊائينداسين اسان جي منزل پنهنجي منطقي انجام تائين نه پهچندي. مخمور رضا جي شاعري ۾ وطن جي سڪ ته موجود آهي پر ان سڪ کي رڳو هو سڪ نه ٿو بڻائي پر ان ڳالهه کي اڳتي به وڌائي ٿو:

بکايل جي ڳڀي جي لئه هجي جنهن وٽ نه ڪجهه ڀي پر
شرابن ۽ رنڊين تي لک لٽائي جو سو ڏوهي آ

اهائي مذاحمت آهي جيڪا شاعر سماج هرفورم تي ڪري ٿو ۽ هو هڪ گس ڏيکاريندو رهي ٿو ته آخر مسئلن جو حل ڇا آهي. هن سمجهي ورتو آهي ته ڪٿي ڪٿي ۽ ڪهڙي ريت جبر جي تاريخ لکبي رهي ٿي ۽ ان کي هن مٿئين شعر ۾ واضح ڪري لکيو آهي. هن حسين شاعر جي شاعري به سلو پوائزن جيان ماڻهوءَ جي وجود ۾ لهندي ٿي وڃي ۽ آخر ۾ ڄڻ ته ماري وجهي ٿي. هي شاعر جنهن سان به مليو ان جو ٿي ويو ۽ جنهن سان نه مليو اهو هن جو ٿي ويو آهي. ان ڳالهه ۾ ڪا عربي فارسي ناهي پر هن جي تخليق جو ئي ڪمال آهي جو هو جن جو آهي تن جو به آهي جن جو ناهي تن جو به آهي. دل ٿي چوي ته پيڙا هن جو وجود جو حصو جيڪر نه هجي! پر! ڇا ڪجي حقيقتن کي ڪيترو لڪائي سگهبو ۽ هڪ ڪوي ته اهڙو گناهه ڪري نه ٿو سگهي:

لتن هيٺان ڪي گل چٿبا ڏسي تڪليف ٿيندي آ
آ لڇندي لونءَ، سوچن ۾ وڏي تڪليف ٿيندي آ
يا
اماڻيا جي اوهان ميسيج هئا انڪار جا سائين
خدا ڄاڻي اهي اڄ ڀي پڙهي تڪليف ٿيندي آ

هي سموروڪتاب بي حسيءَ خلاف دک جي معصوم ايف آءِ آر آهي جنهن کي هن جا ويجها دوست ئي غور سان پڙهن ۽ سمجهن ته هي معصوم انسان ڪهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي. هن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، ڇوته ڪيترائي مثال آهن جو اسان دوستن جو معصوم ڳالهيون هوائي توائي ڪري ڇڏيندا آهيون:

ڪنهن ڏهاڙي هتان لڏي وڃبو
هيءُ ميلو متل ڇڏي وڃبو
يا
رات آهيون وٺون سڪون لاهي
صبح ٿيندي ٻي پار ڏي وڃبو

سو اچو ته هڪٻئي کي سمجهون ۽ مخمور رضاجا سمورا دوست هن جي مام ڀريل پر صاف لفظن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ڇو تههي رڳو لفظ ناهن. هي اسان جي سماج جي المين جو ننڍيون ننڍيون پينٽنگس آهن. پر انهن پينٽنگس کي ڏسي انهن مان رڳو لطف ماڻڻ بدران انهن جي ازالي لاءِ به ڪجهه ڪري سگهون.

[b]غوث پيرزادو[/b]

شاعري

---

قصيدو

چنڊُ ۽ آسمان حيدرعه جو،
آ سڄو هي جهان حيدرعه جو.

رب جي ذات جي مٿان قربان،
آ ٿيو خاندان حيدرعه جو.

ان ڪري در تي آ سجايو جو،
هي علم آ نشان حيدرعه جو.

ٿو گواهي ڏئي هي خود آذان،
ٿيو نه سجدو آ ذيان حيدرعه جو.

ربّ جو قسم هر جهانن کان،
رتبو آ مهان حيدرعه جو.

ڄاڻي پرور ٿو مؤمنن جي آ،
لونءَ لونءَ ۾ مڪان حيدرعه جو.

جو به "مخمور!" آهي اڄ مون وٽ،
سو مليل آهي دان حيدرعه جو.

نوحو

لال ڪربل ۾ ڪُهائي ٿو حسينعه.
دينِ رب کي رنگ لائي ٿو حسينعه.

وحشتن جي انڌياري منجهه ديپ،
ماڻهپي جو ڪو جلائي ٿو حسينعه.

ڀاءُ غازيءَ جي شهادت جو ٻُڌِي،
ٿيڙ صحرا منجهه کائي ٿو حسينعه.

دور آهيان مان وڃڻ وارو هي ڳالهه،
ڌيءُ سڪينهعه کان لڪائي ٿو حسينعه.

مون کان پو توتي ستم ٿيندا گهڻا،
پُٽ عابدعه کي ٻڌائي ٿو حسينعه.

حق جو پرچم ڪري بلند رضا،
نانءُ باطل جو مِٽائي ٿو حسينعه.

ڪجهه ته اڳتي وڌان تمنا آ

ڪجهه ته اڳتي وڌان تمنا آ
چنڊ! تو تي رسان تمنا آ

تنهنجي نزديڪ شال سانئڻ! مان
سائي وانگي رهان تمنا آ

دوستن جي انڌير نگريءَ ۾
ديپ بڻجي ٻران تمنا آ

تنهنجي تهذيب تي او سنڌڙي! مان
پيو لکان پيو لکان تمنا آ

تنهنجي آغوش ۾ مٺي آيل!
ٻارَ جان جهٽ سمهان تمنا آ

جنهن تي مخمور جان واري هوءَ
شخص سو مان هجان تمنا آ

پنهنجي نيڻن جو شعاءُ ڳولي ٿي

پنهنجي نيڻن جو شعاءُ ڳولي ٿي
گمشده ٻارُ ماءُ ڳولي ٿي

چرٻٽن جي ازل کان نگريءَ ۾
ڪا اياڻي نياءُ ڳولي ٿي

مون کي ڏيڻ لئه شڪست منهنجي ئي
روز تقدير داءُ ڳولي ٿي

تو کان وڇڙي او من جي ملڪه!، دل
سرخ چپڙن جو ساءُ ڳولي ٿي

ناءُ خود تان تنهنجو مِٽائڻ لئه
دلّ ڪوئي اپاءُ ڳولي ٿي

تنهنجي! نيڻن ۾ منهنجي پياسي ديد
سمنڊ يا ڪو تلاءُ ڳولي ٿي

وطن تان جان گهورڻ کان لنوائي جو، سو ڏوهي آ

وطن تان جان گهورڻ کان لنوائي جو، سو ڏوهي آ
نه پنهنجي قرض ڌرتيءَ جو چُڪائي جو، سو ڏوهي آ

اسان جي سنڌ ڌرتيءَ جي پوتر پاڪ نقشي ڏي
ڏسي ميرين نگاهن سان چِتائي جو، سو ڏوهي آ

رنڱيل جنهن جا هجن هٿڙا غريبن جي لهوءَ ۾ ۽
انهيءَ ظالم جي هٿ سان هٿ ملائي جو، سو ڏوهي آ

ظلم ڌرتيءَ سان ڪيڏو هو ۽ ڪيڏو آ، ڪوي جي هيءَ
حقيقت پنهنجي شعرن ۾ لڪائي جو، سو ڏوهي آ

بکايل جي ڳڀي جي لئه هجي جنهن وٽ نه ڪجهه ڀي پر
شرابن ۽ رنڊين تي لک لُٽائي جو، سو ڏوهي آ


ٽڙن گلڙا محبت جا جتي سهڻا سهانا ٿا
اُتي نفرت جي ٻوٽن کي لڳائي جو، سو ڏوهي آ

امن لئه ٿورڙو ڀي ڪين سوچي ۽ وري رهندو
مٿان فتنن فسادن کي وڌائي جو، سو ڏوهي آ

ڀلي پرتي هجي ڪيڏو مگر دل ۽ نگاهن تان
سڄڻ، ساڻيهه جو نقشو مِٽائي جو، سو ڏوهي آ

لُڏن ڪنهن لام تي ويٺا اگر ڪي پيار جا پنڇي
گلوليءَ سان ڇڏي تن کي اُڏائي جو، سو ڏوهي آ

جهالت جي انڌيري کي ڏيڻ لئه مات چئي "مخمور"
نه ٿو ڪو علم جو ڏيئو جلائي جو، سو ڏوهي آ

هوا ڪومل بدن تنهنجو! ڇُهي مخمورُ ٿي وئي آ

هوا ڪومل بدن تنهنجو! ڇُهي مخمورُ ٿي وئي آ
گهٽا اڄ ٽهڪڙا تنهنجا! ٻُڌي مخمورُ ٿي وئي آ

گلابي يار! ساڙهيءَ ۾ بدن تنهنجو هي بادامي
ڏسي چنچل جواني آرسي مخمور ٿي وئي آ

هوائون گيت ڳائن ٿيون نچي ٿي لام وڻ وڻ جي
لڳي ٿو ايئن ڄڻ دنيا سڄي مخمور ٿي وئي آ

ڏٺي ڪائي حسينا مون گهڙي سان گڏ نديءَ ويجهو
لڳو سُهڻي محبت ۾ وري مخمور ٿي وئي آ

رکيو جيئن پيرُ تو پنهنجو پرين! موهن جي آڳر تي
فضا موهن جي مهڪي ۽ مٽي مخمور ٿي وئي آ

نظر اهڙو الائي ڇا اسان ۾ هن کي آيو آ
اسانجي جو محبت ۾ سکي مخمور ٿي وئي آ

اسانجي ڪيتري مخمور! آ معصوم هي دلڙي
وري ڪنهن ڪاغذي گل تي چري مخمور ٿي وئي آ

ڪيڏا لاچار هون، ڳالهه سمجهن نه ٿا،

ڪيڏا لاچار هون، ڳالهه سمجهن نه ٿا،
سک الئي ڇو اسان ساڻ پرچن نه ٿا؟

عشق جا جي چٽيل چِٽَ هن دل مٿان،
ڪيترا وس اٿم ڪيا سي مِٽجن نه ٿا.

ڇا ٿيو آهي جو آ هوا سوڳ ۾؟
ٻهڪندڙ ۽ هي منظر به ٻهڪن نه ٿا.

منهنجا مولا! رڳو ڏات ئي ڏات ڏي،
پاڻ کي تاج سونا ڪي گهرجن نه ٿا.

ٻاجهه آهي ڀٽائيءَ جي جن جي مٿان،
آدمي سي خدا ڄاڻي وکرن نه ٿا.

ٿو ٻڌي اڻ ٻڌا ٿو ڪري يا وري،
منهنجا سڏڙا خدا تائين پهچن ٿا.؟

تن کي ڪهڙو ڏجي ناءُ "مخمور" چئي؟
جيئڙا جي پرِينِ ڪاڻ تڙپن نه ٿا.

بهارن اجاڙيو، خزائن نه هو،

بهارن اجاڙيو، خزائن نه هو،
ڏنو فائدو ڪو وفائن نه هو.

اسان جو وڌيو حوصلو هو اڃان،
اسان کي جهڪايو سزائن نه هو.

ڇڏيو پنهنجو پيڇو خدا جو قسم،
سڄي زندگاني دغائن نه هو،

اسان کي ڪيو خوش گلابي اکين،
طبيبن، حڪيمن، دوائن نه هو.

ڏسي سخت جلندي اُسن ۾ بدن،
ڪيو ڇانورو ڪو گهٽائن نه هو.

اسان جو هو من سادگيءَ موهيو،
شرارت ڀرين ڪن ادائن نه هو.

اسان جي محبت جو مخمور! ديپُ
زماني اجهايو، هوائن نه هو.

پنهنجي وچ ۾ جي فاصلا آهن،

پنهنجي وچ ۾ جي فاصلا آهن،
ڇا مقدر جا فيصلا آهن؟

دل ڏکائي وري مٿان مرڪڻ،
اڄ جي ماڻهن جا مشغلا آهن.

قُرب جيڏو به ڏين پر پو ڀي،
دوست پرپٺ ڪندا گلا آهن.

پنهنجي منزل تي ويو پُڄي رهبر،
ويا رُلي راهه قافلا آهن.

آئون ڏاريان پيو ڏاڍ جا ڏونگر،
ڏات ارپيان هي حوصلا آهن.

ڪنگ اجرا ڪٿي اڏامي ويا؟
ڪپ تي وڻ هي هيڪلا آهن.

دور "مخمور" جي نگاهن کان،
سارا منظر هي ڌنڌلا آهن.

ڪونه سمجهي ٿي دل ڳهيلي آ،

ڪونه سمجهي ٿي دل ڳهيلي آ،
زندگاني به ڄڻ پهيلي آ.

جس دلڙيءَ کي آ ازل کان جا،
حالتن سان وڙهي اڪيلي آ.

ٿي اچي آٿتون ڏئي ڪيڏيون،
ساهه جي سار ڄڻ سهيلي آ.

هي جيئي جيءُ صرف تو لئه ٿو،
تو نه ڄاتو ڪڏهن ڇو ٻيلي! آ.؟

ڪاش ان کي ملي سزا جيڪر،
پيار جي پوک جنهن به ڀيلي آ.

تنهنجي! ايندا قريب پنڇي ڇو؟
تو ته هٿ ۾ کنئي گليلي آ.

ياد مخمور کي اڃان تائين،
تنهنجي! هر هڪ ادا هٺيلي آ.

ڪانه بدلي تازگي گلدان جي،

ڪانه بدلي تازگي گلدان جي،
سوچ مٽجي وئي مگر انسان جي،

ڪيترا نقصان وئي آهي ڪري،
يا خدا! هڪڙي گهڙي طوفان جي.

رات لوڙي ڪو مري مفلس ويو،
سئينَ هڻندي درد جي درمان جي.

بس نه لفظن جي رڳو ڀرجي سگهي،
باقي ڀرجي چوٽ وئي هر ڪان جي.

نيڻ ڀرجي ويا، اندر تڙپڻ لڳو،
ڳالهه ڇيڙي ڪنهن جڏهن زندان جي.

نيٺ لائيندي او *رهبر! رنگ ڪي،
رائگان محنت نه ويندي *خان جي.

حالتن بيحس مروڙي آ ڇڏي،
ڇو ڳچي مخمور جي ارمان جي؟


* رهبر: سائين جي ايم سيد.
* خان: بشير خان

رهزنن کي اچو! ڀوءَ مان اڄ تڙيون،

رهزنن کي اچو! ڀوءَ مان اڄ تڙيون،
قاتلن کي اچو! ڀونءَ مان اڄ تڙيون.

جن کي لوئيءَ جي ڪا لڄ ناهي رهي،
تن انڌن کي اچو! ڀونءَ مان اڄ تڙيون.

جي چمن کي لتاڙڻ گهرن ٿا، انهن،
جاهلن کي اچو! ڀونءَ مان اڄ تڙيون.

دوستيءَ جا سچا ڪي ورائي وچن،
دشمنن کي اچو! ڀونءَ مان اڄ تڙيون.

محبتن کي پناهون ڏئي دوستو!
نفرتن کي اچو! ڀونءَ مان اڄ تڙيون.

سورمو، پهلوانو ۽ جوڌا اُٿي،
ڪانئرن کي اچو! ڀونءَ مان اڄ تڙيون

هڪ جهڙي سڀئي، سوچ سهڻي رکي،
بيوڙن کي اچو! ڀونءَ مان اڄ تڙيون.

جن ڏنا گهاءُ مخمور! احساس کي،
تن ڪنڊن کي اچو! ڀونءَ مان اڄ تڙيون.

ڇو ۽ ڪنهن جي ڪاڻ اڃان آ؟

ڇو ۽ ڪنهن جي ڪاڻ اڃان آ؟
لونءَ لونءَ ۾ جا تاڻ اڃان آ.

هن هينئڙي کي ويڙهيل تنهنجي!
سپنن جي سرهاڻ اڃان آ.

تنهنجي چاهت جهڙو من ۾،
موجن ۾ مهراڻ اڃان آ.

دل پاڳل آ گهاءَ اندر کي،
ڏيندي رهندي پاڻ اڃان آ.

تو کان! پوءِ به اوسيئڙو آ،
نيڻن ۾ آلاڻ اڃان آ.

آخر ڪيئن تبديلي ايندي،؟
ذهنن ۾ گدلاڻ اڃان آ.

ڪيرُ آ رهبر، ڪيرُ آ رهزن،
ڪانه اِها پئي ڄاڻ اڃان آ.

ڪنهن ڏهاڙي هتان لڏي وڃبو،

ڪنهن ڏهاڙي هتان لڏي وڃبو،
هيءُ ميلو متل ڇڏي وڃبو.

رات آهيون وٺون سڪون لاهي،
صبح ٿيندي، ٻي پار ڏي وڃبو.

شهر ننڍڙو ڇڏي هميشه لئه،
هاڻ صحرا پيو سڏي وڃبو.

ڇو رٺل هن اسان کان، پر چائڻ،؟
اڄ خوشين جي هلي تڏي وڃبو.

خوبصورت اوهان جي! نيڻن ۾،
چاهتن جو جهڳو اڏي وڃبو.

هڪڙي چهري ۾ سوين چهرا ڏٺا،

هڪڙي چهري ۾ سوين چهرا ڏٺا،
جاڳ توڙي ننڊ ۾ دوکا ڏٺا.

هو نه ايندو اٿ هلئون خود کي چيو،
جيئن لهندي سج جا پاڇا ڏٺا.

هن زماني ۾ الائي ڪيترا،
ديد هوندي آدمي انڌا ڏٺا.

جت ٽهوڪا مورَ نچندڙ جا هئا،
اڄ اتي نانگن جا مون پيٽا ڏٺا.

هئا خوشيءَ جا لڙڪ نيڻن ۾ تريس،
ٻارَ جيئن گند تي سڪل ڍوڍا ڏٺا.

ڀروسي جي هنياءُ ۾ خنجر کتل،
پاڻ وک وک تي هتي ڪيڏا ڏٺا.

جنهن مهل گل پئي ڇنا ويا، تنهن مهل،
پوپٽن جي ديد ۾ ڳوڙها ڏٺا.

لتن هيٺان ڪي گلَ چٿبا ڏسي تڪليف ٿيندي آ،

لتن هيٺان ڪي گلَ چٿبا ڏسي تڪليف ٿيندي آ،
آ لڇندي لونءَ سوچن ۾ وڏي تڪليف ٿيندي آ.

جتي آباد سهڻو ڪو چمن هوندو هو تتلين جو،
ڏسي ڏينڀن جي اڄ اتڙي مڳي تڪليف ٿيندي آ.

امن جا گيت ڳائيندڙ هوائن ۾، ڏسي مولا!
ڪُٺل آکيرڙن ۾ هي پکي تڪليف ٿيندي آ.

اماڻيا جا اوهان ميسيج هئا انڪار جا سائين!
خدا ڄاڻي اُهي اڄ ڀي پڙهي تڪليف ٿيندي آ.

جڏهن کان هن تڙيو آهي اسان کي دل جي آڳر مان،
تڏهن کان هر گهڙي، هر پل پئي تڪليف ٿيندي آ.

اسان کي جيئن آ تڪليف ٿيندي دور تو کان ٿي،
ڇا تو کي ڀي اسان کان دُور ٿي تڪليف ٿيندي آ.!؟

اسان جي دل ڳهيليءَ جو حسين خوابن جو ڪو جهوپو،
جڏهن مخمور آ پوندو ڊهي تڪليف ٿيندي آ.

اوندهه منجهه شعاءُ نه آ،

اوندهه منجهه شعاءُ نه آ،
دل ٺاريندڙ واءُ نه آ.

هر پاسي انياءُ رڳو،
ڪنهن پاسي به نياءُ نه آ.

مرضيءَ سان هارايو آ،
وقت هنيو ڪو داءُ نه آ.

جنهن کي آ جيون ارپيو،
ان کي ڪو به لڳاءُ نه آ.

پاڇي وانگر گڏُ جي آن!
من ۾ ڪو سوداءُ نه آ.

چاهت آ نالي جي بس،
ان ۾ ساڳيو ساءُ نه آ.

نيٺ اسان سان ڇو مخمور؟
خوشين جو سرچاءُ نه آ.

شرابن کان توي گهڻو دور ٿياسين،

شرابن کان توي گهڻو دور ٿياسين،
خمارن ۾ ويڙهيل تڏهن ڀي رهياسين.

اوهان جون هيون ساڻ سارون اسان سان،
بظاهر اڪيلا اڪيلا هئاسين.

اسان جي نه ڌرتي، نه ئي آسمان هو،
ته ڇا؟ خوابَ سارا اجايا ڏٺاسين.

مُدو زندگيءَ جو اڃان ڪجهه رهيل هو،
اڳي وقت کان پو اسان ڇو مئاسين؟

ٽٽاسين به اهڙو اسان او خدايا!
وري پاڻ کي ڪونه جوڙي سگهياسين.

مٿان پاڻ لهرن جي هلندا رهياسين،
خبر ئي نه پئي ڪا ٻڏي ڀي وياسين.

اسان کي ڌڪو عرش تان هو ڏنو ويو،
اسان پاڻ مخمور ڪاٿي ڪرياسين؟

خوابَ جي شهر ۾ رُلي ويا هن،

خوابَ جي شهر ۾ رُلي ويا هن،
نيڻ رستا وري ڀُلي ويا هن.

مان اڏُامان ٿو وقت! ڏس ٻيهر،
پَرَ منهنجا ٻڌل کلي ويا هن.

آهي سارو چمن ٻُسو ٿي ويو،
گل مرجهائجي ڪُلي ويا هن.

ڏس! ڪکاوان جهڳا جُهري ويا سڀ،
تيز طوفان ڪي گهُلي ويا هن.

تنهنجو چهرو حسين پسي پوپٽ
پيچرا باغ جا ڀُلي ويا هن.

عشق مخمور کي ڪيو مئڪش،
چرچا چوڌار هي هُلي ويا هن.

نيڻ مرڪي جڏهن به کڻندين آن!

نيڻ مرڪي جڏهن به کڻندين آن!
سنڌ جهڙي حسين لڳندين آن!

اهڙو ڇاهي؟ ڀلا اسان ۾ جو،
پئي دعائون خدا کان گهرندين آن!

دل کڻي ڪيئن نفيس شيشي جي،؟
پٿرن جي شهر ۾ جيئندين آن!؟

ڇو نه ايندين آن روح جي ويجهو،
دور ايڏو خوشي! ڇو رهندين آن؟

مُنهن سامهون ملڻ پري ٿيو پر،
خواب ۾ ڀي ڪڏهن نه ملندين آن!

خار لڳندي آ تو کي ڪوڙن تي،
ڪوڙ کي سچ ڪونه چوندين آن!

اجڙي وستي سڄي سا ويندي آ،
جت به نفرت! قدم تون رکندين آن.

خواب آهن دربدر،

خواب آهن دربدر،
کين ناهي ڪو به گهر،

منزليون وسري ويون،
دور ٿيو جيئن همسفر،

هڪ ماڻهونءَ جي پٺيان،
ٿي ٻُسيو ويو آ شهر،

رات ڪيڏي رات ڀي،
چنڊ لئه هئي منتظر.

هينئڙي کي پيو ڏنگي،
وقت بڻجي ڪو کپر.

هڪ جهڙا هون سڀئي،
ڪو به ناهي معتبر.

ديد تنهنجي جي مٿان،
آ سڄو "مخمور" تر.

گلَ پتيون روز ٿيندي ڏسون ٿا اسان،

گلَ پتيون روز ٿيندي ڏسون ٿا اسان،
حيف آ، ماٺ پو ڀي رهون ٿا اسان.

مورَ جي ڪو ٻچي جا ڪري ويو ڳڀا،
روز اخبار ۾ هي پڙهون ٿا اسان،

وقت ٽوڙي ڇڏي ٿو ڪا ٺوڪر هڻي،
جيئنءَ ئي او خدايا! جڙون ٿا اسان.

ڪونه ڪوئي کپر ٿو کڻي ڪَرُ اتي،
وک پنهنجي جتي ڀي رکون ٿا اسان.

حقَ ان کان سمورا اڏڻ جا کسي،
ڪونج کي قيد ڇا لئه ڪيون ٿا اسان.

ڪو به دل تي رکي هٿ ٻڌائي اهو!
هي به جيئڻ آ، جيڪو جيئون ٿا اسان.

ڏات جو آ سهارو اڙي دوستو!
مستين ۾ تڏهن ئي ڪُڏون ٿا اسان.

پاڻ کي تو کان پويان! اجڙيل صفا
ڪوٽڏيجي قلعي جان لڳون ٿا اسان

زندگيءَ جي شهر مان اڇي ويس ۾
اڻ ڏٺي پار ڏي اڄ وڃون ٿا اسان.

جر تي سرهو واءُ رهي ٿو،

جر تي سرهو واءُ رهي ٿو،
ڪونجن جو پڙلاءُ رهي ٿو.

جيجل ڌرتيءَ جي سيني تي،
ڀاءُ کي ڪهندو ڀاءُ رهي ٿو.

اڄ ڀي اوندهه کي آزادي،
اڄ به قيد شعاءُ رهي ٿو.

منهنجي جيون تي دردن جي،
سورج جو ڇو تاءُ رهي ٿو؟

ڪنهن سهڻي گل جي يادن جو،
'هينئڙي منجهه هڳاءُ` رهي ٿو.

حسن به ڄڻ بازيگر آهي،
داءُ تي هڻندو داءُ رهي ٿو.

روز ڪپهه جيئن ڪنئوري من کي،
ڏيندو جڳُ ايذاءُ رهي ٿو.

ماڳ ڪٿي مخمور! آ تنهنجو؟
سوچن تي سوداءُ رهي ٿو.

جيءُ ڪنهن لئه جڏهن ديوانو هو،

جيءُ ڪنهن لئه جڏهن ديوانو هو،
وقت لڳندو تڏهن سهانو هو.

آس جو دل منجهان ويو ڊاهي،
ڪوئي طوفان آ ستانو هو.

مون تلا شيو زمين ۽ اڀ ۾،
منهنجي ڪٿ ڀي نه آشيانو هو.

زندگانيءَ جو هو مُدو پورو،
خودڪشي بس رڳو بهانو هو.

جنهن ۾ چشما ها پيار جا وهندا،
ڪهڙو آخر اهو زمانو هو؟

ڀالو بڻجي هو روح ۾ لڳندو،
دوست ڏيندو جڏهن ڪو طعنو هو،

جنهن کي "مخمور" پنهنجو ڄاتو هو،
سو پرائو اصل خزانو هو.

تو پڄاڻان زندگي غمگين آ

تو پڄاڻان زندگي غمگين آ
پت ڪرين جي هر گهڙي غمگين آ

جنهن جي سامهون پاڻ ٺاهيندي هئينءَ!
پدمڻي! سا آرسي غمگين آ

لاش وَرَ جو رات شاديءَ جي ڏسي
لعلُ جوڙي ۾ وني غمگين آ

بادلن ۾ سج لڪيو پل کن وڃي
ٿي ويو سورج مُکي غمگين آ

ويو مري فنڪار آ تنهن جي پٺيان
دهل، باجو، بانسري غمگين آ

مان ڇڙو مخمور! ناهيان ڏيهه ۾
هرڪو هتڙي آدمي غمگين آ

شهر هن جو قريب پهتو آ

شهر هن جو قريب پهتو آ
ٿي ويو تيز دل جو ڌڙڪو آ

ساڀيان! انتظار ۾ تنهنجي
ٿي ويو جوان خوابُ پوڙهو آ

زندگانيءَ جي ڏار تان اُڏندي
ٿيو خوشين جي پکين کي عرصو آ

جهڙو شاعر جو آهي شعرن سان
سُونهن سان منهنجو اهڙو رشتو آ

ڪونه منزل تي سو رسي سگهندو
جنهن جو من ٿورڙو به ميرو آ

رنگُ مخمور! تنهنجي نيڻن جو
پت ڪرين جي بهار جهڙو آ

سونهن سان سنڌ سان سچائي ڪر!

سونهن سان سنڌ سان سچائي ڪر!
عمر تون ايئن سڄڻ سجائي ڪر!

واٽ پوندئي سڄي سُنهري ٿي
پنهنجو رهبر پرين! ڀٽائي ڪر.

جنهن سان انسان کي ڪو پهچي ڏکُ
ڳالهه اهڙي نه يار ڪائي ڪر!

پٽُ يا ڌيءُ ڏين اکين تي رب!
بس اولاد جي سڻائي ڪر!

ايئن مايوس ٿي نه ويهي رهه!
حالتن سان اُٿي لڙائي ڪر!

مان سهي جيتري سگهان ساجن!
ايتري تون ڊگهي جدائي ڪر!

بعد ۾ جوڙ سٽ، ڪوي پهريان،
دُور خود مان تون! هر بُرائي ڪر.

هن غزل جي مطلع استاد بخاري جي هڪ غزل جي مطلع کان متاثر ٿي لکيل.

مُدت کان مولا! تڙپن ٿا

مُدت کان مولا! تڙپن ٿا
ساڀيان لئه سپنا تڙپن ٿا

روز اوهان جي درشن خاطر
هي نيڻ نماڻا تڙپن ٿا

غربت آهي گهر ۾ ايڏي
پيا بک تي ٻچڙا تڙپن ٿا

برسات! ڪٿي آهين تون لئه
ٿرُ ۽ ٿروارا تڙپن ٿا

خاموشيءَ جي عالم ۾ هي
آوارا جذبا تڙپن ٿا

احساس شمع! اي ڪر ٿورو
ڪيڏو پروانا تڙپن ٿا

ڪاون جي رستن تي هلندي
هي پيرَ اگهاڙا تڙپن ٿا

باهه پويان ۽ اڳيان گهري ندي آ،

باهه پويان ۽ اڳيان گهري ندي آ،
موڙ اهڙي تي هي بيٺي زندگي آ.

ديوَ جهڙي هن وڇوڙي کان ڇڏائڻ،
جانَ پنهنجي ٿي پئي ڏاڍي ڏکي آ.

نيڻ منهنجا ئي رڳو ڏوهي نه هن پر،
سونهن لئه هر اک هتي آسائتي آ.

دل اسان جي ڍنڍ آ جنهن ۾ اوهانجي،
ياد جي ٻيڙي سدا ترندي رهي آ.

سرخ خوابن جي لڳي تعبير پويان،
زندگاني موت جي ويجهو پڳي آ.

باک جهڙي ڇوڪري! مخمور جي هن،
دل ۾ تنهنجي چاهتن جي روشني آ.

اک اک کي ڇُهي رهي آهي

اک اک کي ڇُهي رهي آهي
لونءَ ڪانڊارجي رهي آهي

منهنجي من ۾ تکي ڪنڊي وانگر
ياد تنهنجي! چڀي رهي آهي

جيڏو ويجهو وڃان ٿو هن جي مان
دُور اوڏو وڃي رهي آهي

پنهنجي من ۾ لڪائي ماتم کي
ناچڻي ڇو نچي رهي آهي؟

بي وفائي دنيا سموريءَ ۾
مرض وانگي وڌي رهي آهي

تنهنجي دردن کان تنگ ٿي آخر
دل ڪري خودڪشي رهي آهي

چنڊ جون چلوِلايون، ڪتيون ياد هن

چنڊ جون چلوِلايون، ڪتيون ياد هن
گڏ اوهان! سان گذاريل گهڙيون ياد هن

سَردُ راتين ۾ توساڻ او سانورا!
مچ تي جي ڪچهريون ڪيون ياد هن

هر جنم ڏينهن منهنجي جلائيندو هئين!
رنگ رنگي ميڻ جون سي بتيون ياد هن

وقت سهڻو هو ڀاڪر ئي ڀاڪر هئا
روز ڏيندو هئين تون! چميون ياد هن

منهنجو گهر تنهنجي مرڪن سان هو مهڪيل
رونقون، رنگ ۽ سي خوشيون ياد هن

لاڙڪاڻي شهر مان اوهان لئه سکي!
سوکڙيون مون وتيون هون سڳيون ياد هن

جن کي ڏسندي ٿي مخمورُ ويندو هُيس
مڌ جهڙيون اڃان سي اکيون ياد هن

عشق هن سان جڏهن کان ڪيو آ رضا!

عشق هن سان جڏهن کان ڪيو آ رضا!
حادثن مان گذرڻو پيو آ رضا!

رُوح منهنجو اڃارو ازل کان وٺي
زندگيءَ جي ڳلين ۾ رُليو آ رضا!

تنهنجي نظرن ۾ او دادلا دلربا!
جڳ سياڻو فقط هڪ چريو آ رضا!

جيءُ سانڍي سدا سوکڙين جان پيو
درد جو دوستن کان مليو آ رضا!

سوڳ ۾ پيو اچي باغ سارو نظر
ڪوئي پوپٽ لڳي ٿو مئو آ رضا!

ڪونه اٿندو هي مخمورُ هاڻي ڪڏهن
ننڊ اهڙي وڃي ڪا سُتو آ رضا

مينهن، کنوڻ ۽ گاج گجي ٿي

مينهن، کنوڻ ۽ گاج گجي ٿي
سانئڻ! تنهنجي ياد اچي ٿي

تو کان پو او پڳلي! اڪثر
تنهائي نزديڪ رهي ٿي

دوريءَ جي ساگر ۾ دل جي
آشائن جي ناوَ ٻڏي ٿي

قهر ڏسي ڌرتيءَ ڄاون تي
لونءَ لڇي ۽ جند جُهري ٿي

کنڀَ ڪري آلا پاڻيءَ ۾
ڪٻري ڪپ تي رقص ڪري ٿي

*فياض! اوهان تي ديد پوڻ سان
نيڻن کي آسيس ملي ٿي

هوريان هوريان روز حياتي
برف جيان مخمور ڳري ٿي

* فياض: نئين ٽهيءَ جو اڀرندڙ شاعر فياض حسين جتوئي

ظلم جو ڏونگر ڏاري وڃبو،

ظلم جو ڏونگر ڏاري وڃبو،
انجام اهو پاري وڃبو.

طوفان اُجهائي جو نه سگهي،
اهڙو ڏيئو ٻاري وڃبو.

دشمنُ پنهنجي ٻوليءَ جو هر،
ڳولهي ڳولهي ماري وڃبو.

ڪارو، ڪاريءَ جي رسمن جو،
هتڙان گند ٻُهاري وڃبو.

دوکي بازن جي چهري تان،
گونگهٽ هاڻ اتاري وڃبو.

سنڌڙي! تنهنجي تهذيبن تان،
سر ڀي پنهنجو واري وڃبو.

فاصلن کان ڊڄي رهي آ دل

فاصلن کان ڊڄي رهي آ دل
ويجهڙايون گهُري رهي آ دل

جن جي تعبير ئي نه آ ڪائي
خواب اهڙا ڏسي رهي آ دل

ڪونج جهڙا پرين! پڄاڻان تو
لمحي لمحي لُڇي رهي آ دل

پنهنجي دردن جا عڪس شعرن ۾
روز منهنجي چِٽي رهي آ دل

تو کي پنهنجي ڏسي اکين آڏو
ناچڻيءَ جان نچي رهي آ دل

ديوتا دوستن کي سمجهي ۽
تن جي آڏو جُهڪي رهي آ دل

هو جو چنچل اکين سان ڇُهي آ ويو

هو جو چنچل اکين سان ڇُهي آ ويو
جو صدين جو هيو ٿڪ لهي آ ويو

تنهنجي چاهت جي خوشبوءِ ۾ سانورا!
روح جو روح ڀي واسجي آ ويو

رولُ جذبن ۽ دل هن ننڌڻڪيءَ جي
اجنبي ڪو ڪري وارثي آ ويو

نفرتن جي هلي راهه تي ٿو ڏسان
پيار جو پيچرو جڳُ ڀلي آ ويو

جي قيامت نه آهي ته ڇا هي، خدا!؟
ٻارُ معصوم ڪوئي ڪهي آ ويو.

گهر جي غمگين مخمور! آڳر مٿان،
رات خوشين جو بادل وسي آ ويو.

بوند سنهڙي وسڻ لڳي آهي،

بوند سنهڙي وسڻ لڳي آهي،
آرزو هر لڇڻ لڳي آهي.

هجر ۾ هير ڀي ٿڌي مونکي،
جهولي جهڙي لڳڻ لڳي آهي.

سڪّ، اوسيئڙي جي موسم ۾،
ماس ڪوري ڪپڻ لڳي آهي.

پيٽ جي نانگ کي هو پالڻ لئه،
شرم وڪڻي نچڻ لڳي آهي.

ٻارڙن کي ڏسي چدا هٿ ۾،
ياد ماضي اچڻ لڳي آهي.

مُورَ جي کنڀ جهڙي ماڻهوءَ تي،
دلّ مخمور ٿيڻ لڳي آهي.

راهه ۾ وکريل سوين ڪاوا هئا،

راهه ۾ وکريل سوين ڪاوا هئا،
۽ اسان جا پير ڀي ننگا هئا،

منهنجي پيرن جي هئا هيٺان ڪنڊا،
تنهنجي! قدمن ۾ مگر تارا هئا.

کيچلايون ڪيتريون هئاسين ڪندا،
جُوانُ هي دل جا جڏهن جذبا هئا.

مون ٿي ڄاتو انب جان جن کي مٺو،
ٽوهه جان ليڪن اُهي ڪوڙا هئا.

ان وڃان هان ڏينهن مان جيڪر مري،
ٿيا جڏهن دل جا قتل سپنا هئا.

روز چپ شدت سان هئي چمندي سکي!
ڪيترا دلڪش اُهي لمحا هئا.

تنگ ها ڪيترا،

تنگ ها ڪيترا،
عشق جا پيچرا.

خواب ڏاڍو اڏيا،
پر نه اڀ تي پڳا.

لوڪ لئه شعر ها،
درد مون جي چٽيا.

ڏک اڏوهيءَ جيان،
جند کائي ويا.

ساهه مومل ڏنو،
رات راڻي بنا.

ويا پگهاري پٿر،
وقت جا حادثا.

تنهنجا! مخمور کي،
درد ڀي دادلا.

پدمڻيءَ کي ڇُهيو،

پدمڻيءَ کي ڇُهيو،
ڄڻ خوشيءَ کي ڇُهيو.

واسجي ويو بدن،
جيئن ڪليءَ کي ڇُهيو.

رات مون خواب ۾،
هڪ پريءَ کي ڇُهيو.

جهومي سُرَ پيا، چپن،
بانسريءَ کي ڇُهيو.

مشڪلاتن آ ڇو؟
آدميءَ کي ڇُهيو.

ڄاهي وانگي لڳي،
دوستيءَ کي ڇُهيو.

غربتن جي ڪري،
خودڪشيءَ کي ڇهيو.

سرمئي آسمانُ جيڏو آ،

سرمئي آسمانُ جيڏو آ،
دردَ جو ڀي جهانُ ايڏو آ.

موت جو ڀي ٻُڌي نه آيو آ،
اڄ خبر پئي پڪو هو ڪيڏو آ.

ساهه کان ڀي قريب سمجهيم سو،
جنهن رکيو فاصلو هي هيڏو آ.

جيڏو يوسف سان هو زليخا جو،
عشق هن ساڻ منهنجو تيڏو آ.

حسرتن جو سفر نه ٿو نبري،
روح ٿڪجي پيو هي ڪيڏو آ.

سنڌ جو سڏ ٻُڌِي نه ٿو ڪوئي،

سنڌ جو سڏ ٻُڌِي نه ٿو ڪوئي،
ننڊ پيو آ اُٿي نه ٿو ڪوئي.

روز آثار پيا وڃن مِٽبا،
ڌيان ليڪن ڌري نه ٿو ڪوئي.

چپ سبيل اٿن يا ظالم جي،
خوف خاطر ڪڇي نه ٿو ڪوئي.

آهي ٻوڙن جو شهر شايد جو،
دل جون چيخون ٻُڌي نه ٿو ڪوئي.

منهنجي بي رنگ هن حياتيءَ ۾،
وقت کان رنگ ڀري نه ٿو ڪوئي.

چورَ، بدماش ٿا لڳن هي سڀ،
مونکي رهبر لڳي نه ٿو ڪوئي.

ڪيترو دوري ڏکائي پئي خدا!

ڪيترو دوري ڏکائي پئي خدا!
روح تي ٽانڊا وسائي پئي خدا!

ايئن لڳو بي رنگ ٿي دنيا وئي
جنهن پهر هوءَ موڪلائي پئي خدا!

منهنجي من جي دادلي هر خواب کي
تشنگي رڃ ۾ رُلائي پئي خدا!

ڪنهن اڌوري آس جي تصوير دل
روز نيڻن ۾ سجائي پئي خدا!

جهارِ اُلڪن جي ڪٿان آهي لٿي؟
فصل مرڪن جو وڃائي پئي خدا!

ڪنهن مٽيءَ جي مورتيءَ کي ڪيترو
شاعري هستي بڻائي پئي خدا!

خوشبو، خوشبو واٽ سڄي آ،

خوشبو، خوشبو واٽ سڄي آ،
شايد گذري هوءَ وئي آ.

ڪومل ڪومل هٿڙن سان هوءَ،
رات به وئي سپني ۾ ڇُهي آ.

سيوهاڻيءَ جي ميلي تان مون،
تو لئه آندي هيل سڳي آ.

آزاديءَ جا خوابَ ڏسي ڪا،
قيدياڻي پئي هاڻ ٿڪي آ.

جيڏي ڌرتيءَ ۽ آ اڀ ۾،
ايڏي پاڻ ۾ يار! وِٿي آ.

تو کان پو ڀلجي ڀي نه صورت،
درپن جي مون يار! ڏٺي آ.

هن جي نيڻن ۾ نه سگهيو ڪا،
ٺاهي هي مخمور جهڳي آ.

تنهنجون سارون به ڄڻ سُيون آهن،

تنهنجون سارون به ڄڻ سُيون آهن،
ٽنبجي روح ۾ پيون آهن.

دل دکيءَ جون سڀئي صدائون ٿي،
گم پولار ۾ ويون آهن.

اُڀ تي رقص ۾ هوائون ۽،
هيٺ جهومي رهيون ڪليون آهن.

ڇو ازل کان وٺي زنجيرن ۾؟
سوچون جڪڙي اسان رکيون آهن؟

هڪ پٿر جي مجسمي ۾ تو!
ڇو؟ اميدون رکيون وڏيون آهن.

جيڪي احساس کان هجن پرتي،
ڪهڙي ڪم جون سي زندگيون آهن.

ڪو نه ٿڪيو هان پنڌ جاري آ

ڪو نه ٿڪيو هان پنڌ جاري آ
بارُ توڙي ڪلهن تي ڀاري آ

مون کان پو ڀي نه سا اجهڻ ڏيجو!
مون جا سورن سان لاٽ ٻاري آ

عشق تنهنجي! جا مون تي وڙ آهن
منهنجي جنهن زندگي سنواري آ

پيار جي آءُ! لالٽين ٻاري
منتظر تو لئه رات ڪاري آ

تو کي ايئن ڇو لڳي ٿو تو کان وڌ؟
مونکي منهنجي حيات پياري آ

دل ورتاءُ ٿي ڪري اهڙو
پنهنجي ناهي ڪا ڄڻ ته ڌاري آ

دل! تنهنجي حسين سپنن جي
ساڀيان رڃ، صحرا، واري آ

وقت جي فرش تي ڪري عينڪ،

وقت جي فرش تي ڪري عينڪ،
ڀروسي جي پئي ٽٽي عينڪ

تو کي ساريندي او سڄڻ سائين!
مونسان هئي رات ڀي رني عينڪ.

ڪيئن؟ ميسيج مان پڙهان هن جا،
گهر جو آيو هان مان ڀُلي عينڪ.

ڪيڏي اهميت ٿي سا رکي مون لئه،
تو جا! تحفي ۾ آ ڏني عينڪ.

کير جهڙي سفيد چهري تي،
ڪيڏي سندر لڳي پئي عينڪ.

مون تلا شي گهڻي زماني ۾،
ماڻهپي جي نه پر ملي عينڪ.

روهڙي شهر مان ننڍي هوندي،
بابا هڪ هئي ڏني وٺي عينڪ.

جيءُ جهوري رهيو هڪ سدا خوف آ،

جيءُ جهوري رهيو هڪ سدا خوف آ،
ٿي نه مونکان وڃي تون! جدا خوف آ.

جا مون غلطي ڪئي ئي نه آهي ڪڏهن،
زندگي ڏي نه ان جي سزا خوف آ.

جيڪا يوسف سان پنهنجن ڪئي زيادتي،
مونسان ڀي ڪن نه پنهنجا اُها خوف آ.

منهنجي آهي ڪکائين ٺهيل جهوپڙي،
توکان ٿيندو تڏهن ئي هوا! خوف آ.

نيڻ مون ڏي کڻي ايئن نه ڏس او سکي!
ٿي نه دل جا پون حادثا خوف آ.

ڪوڪ ڪويل! نه ڪر، منهنجي من جي سُتل،
ڪا نه جاڳي پوي ڀاونا خوف آ.

ڍُورَ وانگي پيا ماڻهون، ماڻهون ڪُهن
تنهنجو ڪاٿي رهيو ڏَسِ خدا! خوف آ

ايترو منهنجي مخمور! ويجهو نه آءُ
ٿي نه مون کان پوي ڪا خطا خوف آ

روشنين کان اسان رٺل آهيون،

روشنين کان اسان رٺل آهيون،
رات جي خواب ۾ ستل آهيون.

ڪونه نڪري سگهياسون ٻاهر ڏسُ،
غار ۾ ئي اڃان پيل آهيون.

ڪيترو تون اسان کي جوڙيندي!
هنڌ، هنڌ کان اسين ٽٽل آهيون.

نينهن وسري ويو نگاهن کان،
ايڏو ڪم ڪار ۾ رڌل آهيون.

پنهنجي جوانيءَ کي سنڌ تان گهوري،
ٿي ويا ڪيترا سڦل آهيون.

وک اڳتي نه ٿي اسان کان ٿي،
ايترا پاڻ اڄ ٿڪل آهيون.

وقت مخمور! شاهدي ڏيندو،
خارَ آهيون يا پاڻ گلَ آهيون.

تو! ڇُهيو جيئن دل-ڪلي مرڪي پئي،

تو! ڇُهيو جيئن دل-ڪلي مرڪي پئي،
زندگيءَ جي هر ڳلي مهڪي پئي.

ڪنهن ڇنڊيا پئي زلف آلا خوابَ ۾،
ننڊ آڌيءَ رات آ ڇرڪي پئي.

تو! رکيو جيئن پيرُ دل جي چانئٺ تي،
جوت جذبن ۾ نئين جرڪي پئي.

سونهن جي ڦاٿس ڍٻيءَ ۾ ايئن مان،
ڄڻ ته ڦاسي آهي ڪا جهرڪي پئي.

مدتن کان چين جي ڳولا ڪندي،
زندگاني نيٺ آ سهڪي پئي.

تنهنجي! هن مخمور جوڀن کي ڏسي،
حسرتن جي آڳ آ ڀڙڪي پئي.

ديد سان ديد ڪا ملي آ اڄ،

ديد سان ديد ڪا ملي آ اڄ،
مدتن بعد دل کِلِي آ اڄ.

وقت کان پوءِ منهنجي آڳر تي،
اوچتو پئي خوشي ڀُلي آ اڄ.

مون وڏي جستجو کان پو آخر،
دوست حاصل ڪيو دلي آ اڄ.

تنهنجي! اکڙين ۾ عڪس منهنجو آ،
ڳوٺ ۾ ڳالهه هيءَ هُلي آ اڄ.

دؤر آدم کان ٻوٽيل هس پر،
اک انسان جي کُلي آ اڄ.

ڪيڏو تنهنجي بهار! آمد تي،
شبنمي خوش ڪلي، ڪلي آ اڄ.

هاڻ تنهنجو ڪڏهن نه کڻندي ناءُ
دلّ مخمور! مون پلي آ اڄ.

درد جو پنڌ نيٺ کٽڻو آ،

درد جو پنڌ نيٺ کٽڻو آ،
ماڳ سک جو ڪڏهن ته اچڻو آ.

ڪوششون رائگان نه وڃڻيون هن،
ديپ طوفان منجهه ٻرڻو آ.

زندگيءَ جي اداس ڪونڊيءَ ۾،
ڪو ته مرڪن جو گل ٽڙڻو آ.

سرخ نيڻن ۾ جنهن پناهه وتي،
موت تنهن کي ڪڏهن نه اچڻو آ.

هاڻ مومل نه ڪا جنم وٺندي،
۽ نه راڻو به ڪوئي ڄمڻو آ.

ڪيستائين؟ خلا ۾ دم ڏيندو،
نيٺ چنڊ تي چڪور رسڻو آ.

وقت ڪيڏو حسين هوندو هو،

وقت ڪيڏو حسين هوندو هو،
انڊلٺ جان رنگين هوندو هو.

تو کان پو هن ڀريي زماني ۾،
روح گوشه نشين هوندو هو.

تن ئي خنجر هنيان پٺيءَ ۾ ها،
جن تي پختو يقين هوندو هو.

هن کي حاصل ڪرڻ جو هن من ۾،
عزم ڪيڏو متين هوندو هو.

تخت جنهن تي آ چَورُ اڄ ويٺو
تنهن تي اڳ ۾ امين هوندو هو.

اُت چرٻٽ ڏٺا مون گهمندي اڄ،
فرد هر جت ذهين هوندو هو.

سونهن، سينگار کان مٿي آهي،

سونهن، سينگار کان مٿي آهي،
سنڌڙي يار کان مٿي آهي.

پورهيت جي پگهر جي خوشبو هر،
مند مهڪار کان مٿي آهي.

ذائقو پيار ۽ محبت جو،
شهد جي لار کان مٿي آهي.

پنهنجي نظرن ۾ عشق جو رتبو،
ساري سنسار کان مٿي آهي.

هن جي نظرن ۾ ڀي دنيا وانگر،
پيسو هن پيار کان مٿي آهي.

منهنجو مخمور! هي قلم تنهنجي،
تير، تلوار کان مٿي آهي.

ڪيتري تڪليف ڏين ارمان ٿا،

ڪيتري تڪليف ڏين ارمان ٿا،
ٿي قتل جڏهين وڃن ارمان ٿا.

ٿي وڃي ٿي زندگي پوءِ غمزده،
جي نه منزل تي رسن ارمان ٿا.

رات کان ڏسجان پڇي تو بعد ڙي!
ننڊ دل جا ڪين ڪن ارمان ٿا،

تنهنجي! هن اوسيئڙي جي آڳ ۾،
منهنجي نيڻ جا جلن ارمان ٿا.

هن جي چپڙن کي چمڻ جا روح ۾،
اڄ به ايڏا ڇو رهن ارمان ٿا؟

ويجهڙو منهنجي اچي ٿي هوءَ جڏهن،
مست ٿي جهومي پون ارمان ٿا.

تنهنجي هڪڙي جهلڪ ڏسندي ئي پرين!
ٿي سُڪا، ساوا وڃن ارمان ٿا.

ٿي ويو ايترو ڇو ڊگهو وقت آ؟

ٿي ويو ايترو ڇو ڊگهو وقت آ؟
آيو ڇا لئه اسان تي ڏکيو وقت آ؟

پنهنجي دل جا ڪرڻ خوابَ سارا قتل،
ڪاتُ هٿ ۾ کڻي ڏِسُ! پڳو وقت آ.

ديپ وانگي ٻريس پئي هوائن ۾ مان،
واءُ بڻجي اجهائي ويو وقت آ.

روز ڪيڏا پيو روح کي ڏنڀ ڏي،
بي رحم ٿي پيو ڪيترو وقت آ.

ڏينهن سارو چندن ساڻ هُس کيڏندو،
ياد ايندو اڃان ڀي اهو وقت آ.

ماءُ جي هنج ۾ پٽَ جو لاش آ،
۽ مٿان رت روئي رهيو وقت آ.

ايترو ٿا گهرون گڏ گهارڻ خدا!
ڌار گهاريو اسان جيترو وقت آ.

پنهنجي شعرن جي پڃري ۾ مخمور! مون
توسان گهاريل پرين! قيد ڪيو وقت آ.

ڪنهن کي ڏيون هي وڃي دانهن سنسار ۾،

ڪنهن کي ڏيون هي وڃي دانهن سنسار ۾،
ڪيئن گهايل ٿياسين اسين پيار ۾.

مشڪ، عنبر، کٿوريءَ کان آ ڪيتري،
منفرد تنهنجي خوشبو پرين!سار ۾.

ساهه منهنجي ڪئي جيئن ئي الوداع،
ڳوٺ پئجي سڄو ويو هو، سڏڪار ۾.

هو لُٽي چونڪ تي لڄ هو ڪنهن جي رهيو،
۽ ٽڪيل نيڻ سڀ جا ها بدڪار ۾.

ذهن آزاد ناهن اڃان ٿي سگهيا،
۽ اڃان سنڌ ڌرتي آ آزار ۾.

هُنَ جي والا ڪنن ۾ ٿا جهومن ايئن،
ڄڻ لڏن سرخ ٿا گل حسين ٽار ۾.

آهي آسيس ڪيڏي ته پرور رکي،
ماءُ جيجل جي مخمور! ديدار ۾.

ورقَ ماضيءَ جا ورائي دل پئي،

ورقَ ماضيءَ جا ورائي دل پئي،
دردَ کي ننڊ مان جڳائي دل پئي.

ڪيتريون سپنن جون تصويرون سندر،
روز نيڻ ۾ سجائي دل پئي.

باز چاهت کان اچي ئي ڪانه ٿي،
روز توڙي چوٽ کائي دل پئي.

هڪ ته هي سوڙهيون ڳليون ۽ ٻيو وري،
حوصلو ڇو اڄ وڃائي دل پئي.؟

ڪنهن جي اکڙين جي قفس ۾ پاڻ کي،
ڇو؟ پکيءَ وانگي ڦسائي دل پئي.

تو پڄاڻان! مئي سوا ڄاڻي خدا،
هر قدم تي لڙکڙائي دل پئي.

جيئن جتن لئه ها سسئيءَ جهاڳيا جبل،
عشق ۾ ايئن ئي رلائي دل پئي.

توسوا مخمورَ! هيکل سمنڊ تي،
شام دردن سان ملهائي دل پئي.

اسان جا خواب رولاڪو رلن ڇو پيا اڃان تائين؟

اسان جا خواب رولاڪو رلن ڇو پيا اڃان تائين؟
مگن ڳولا ۾ وکريل هي رهن ڇو پيا اڃان تائين؟

ڪٿي آهين، ڪٿي آهين دلين جي رئيسياڻي تون!
اسان جا تو کي جذبا ٻُڌ سڏن ڇو پيا اڃان تائين؟

ڪراڙي هوءَ به ٿي وئي آ، ڪراڙو مان به ٿي ويو هان،
مگر ٻئي جيءَ جهوريءَ ۾ جُهرن ڇو پيا اڃان تائين.

جوانيءَ ۾ هئا ساجن رکيا جت، جت قدم سهڻا،
حسين اُتِ اُتِ گلابي گل ٽڙن ڇو پيا اڃان تائين؟

ويا جاڪون اٿس پنڇي اڏي، تاڪون انهن لئه نيڻ،
سڪل هڪ لام جا ٽنگيل رهن ڇو پيا اڃان تائين؟

ڪي ئي طوفان آيا ويا ۽ پنهنجو زور لائي ويا،
مگر هي ڏيئڙا ائين ئي ٻرن ڇو پيا اڃان تائين؟

اڳي پٽ ويا هئا ظالم، ڪُهي جنهن جو امڙ تنهن کي،
سوين دورا بيهوشيءَ جا پون ڇو پيا اڃان تائين؟

الائي ڪيترا رهزن قسم سان پير مرشد ٿي
اياڻي قوم پنهنجي کي ٺڳن ڇو پيا اڃان تائين؟

نه آ سرهاڻ ساڳي ۽ نه آ سا تازگي گل ۾،
تڏهن ڀي ڇو مٿن ڀونرا مڙن ڇو پيا اڃان تائين.؟

ننڍي هوندي پٽڻ ڏوڪا کجين تي هُس چڙهي ويندو،
اُهي لمحا اکين آڏو ڦرن ڇو پيا اڃان تائين؟

الفتن جي پٺيان روح روليو گهڻو،

الفتن جي پٺيان روح روليو گهڻو،
حسرتن جي پٺيان روح روليو گهڻو.

ڪنهن حسين رات ۾ هن سان گهارڻ لئه، چند،
ساعتن جي پٺيان روح روليو گهڻو.

جن جو ڪوئي ٺڪاڻو نه ۽ ٿاڪ هو،
پاڻ تن جي پٺيان روح روليو گهڻو.

جيڪي ملڻيون نه هون پاڻ کي پو به تن،
راحتن جي پٺيان روح روليو گهڻو.

ڄاڻ هئي هِنِ منافق تڏهن ڀي اسان،
دوستن جي پٺيان روح روليو گهڻو.

ڪين ڪجهه ڀي ڪڇڻ اسان ڄاڻيون،

ڪين ڪجهه ڀي ڪڇڻ اسان ڄاڻيون،
ماٺ ۾ ڏک سهڻ اسان ڄاڻيون.

پنهنجي پيارن کان دور ٿي ڪيڏو،
تلخ آهي جيئڻ اسان ڄاڻيون.

دوست، پيارن ۽ دل گهرين جي لئه،
آڳ ۾ ڀي پوڻ اسان ڄاڻيون.

ڪيڏو سپنن جي آ رليو رڃ ۾،
هينئڙي جو هرڻ اسان ڄاڻيون.

ڀل هجن ڍينگهرن جا رستا پر،
منزلن تي رسڻ اسان ڄاڻيون.

سڪ، ساڻيهه ۽ سڄڻ خاطر،
سر ڏيڻ ۽ وٺڻ اسان ڄاڻيون.

سنڌ لئه جا ڪري زبان بڪ، بڪ،
پاڙ کان سا وڍڻ اسان ڄاڻيون.

ٿيا ڪڏهن ڪم نه حوصلا پرور!

ٿيا ڪڏهن ڪم نه حوصلا پرور!
سخت توڙي جو پنڌ ها پرور!

زندگيءَ جي سفر م وک وک تي،
منتظر حادثا هئا پرور!

مان اڏامڻ جڏهن به چاهيو آ،
وقت هن پَرَ ڪٽي ڇڏيا پرور!

لاش جوڌن جا روز ڍوئيندي،
ٿڪجي آهن ڪلها پيا پرور!

مان به تو کان رهيس رٺل هر پل،
تون به مون کان هئين خفا پرور!

ڏوهه مخمور جو نه هو ايڏو،
جيڏي تو هس ڏني سزا پرور!

تنگ جيون جي ڳلي ڪيڏي هئي،

تنگ جيون جي ڳلي ڪيڏي هئي،
ساهه کي تڪليف ٿي ڪيڏي هئي.

بس ۾ ويٺل اسان جي روح کي،
وئي وڻي ڪا پدمڻي ڪيڏي هئي.

هن جو نيڻن تان مِٽائڻ لاءِ عڪس،
جستجو ڪرڻي پئي ڪيڏي هئي.

سمنڊ تي مون ڪالهه ڪا ناري ڏٺي،
مون جيان سا هيکلي ڪيڏي هئي.

روز هئي درياهه ٽپندي محب لئه،
سهڻي واقعي بي ڀئي ڪيڏي هئي.

پيءُ سا هٿ سان ڪٺي ڪاري ڪري،
ڌيءُ جا ان کي مٺي ڪيڏي هئي.

بخشرائي مالڪن قرآن کي،
ڪئي ستيءَ سان زيادتي ڪيڏي هئي.

ڍينگهرن تي زندگي گهارڻ رضا!
آئون ڄاڻيان ٿو ڏکي ڪيڏي هئي.

وقت سان مُنهن ڏيڻ ڏکيو آهي،

وقت سان مُنهن ڏيڻ ڏکيو آهي،
حادثن ۾ جيئڻ ڏکيو آهي.

توکان! پرتي سگهان ٿو جي ليڪن،
دور سنڌ کان رهڻ ڏکيو آهي.

تنهنجي آيل! دعا سوا منهنجو،
منزلن تي رسڻ ڏکيو آهي.

سخت پٿر جيان بڻي جا دل،
ميڻ تنهن جو ٿيڻ ڏکيو آهي.

لونءَ ڪانڊارجي پڙهي جنهن کي،
شعر اهڙو لکڻ ڏکيو آهي.

چُپ ڪري ويهه او چڪور! چريا،
تنهنجو چنڊ تي پڄڻ ڏکيو آهي.

خوابَ مخمور! خوابَ ئي رهندا،
پورو تِنِ جو ٿيڻ ڏکيو آهي.

چاهه مان مرڪي نهاري پدمڻي،

چاهه مان مرڪي نهاري پدمڻي،
خوابَ مرده وئي جياري پدمڻي.

پلوڙي تان حسن جا خنجر تکا،
وئي اسان کي ڪا اُلاري پدمڻي.

ديد جي ماڻن سان منهنجي ديد جا،
هوش وئي پل ۾ اڏاري پدمڻي.

وقت جي ايذاءَ هس دل کي ڏنا،
وئي اُهي روئي گذاري پدمڻي.

ياد ڪنهن جيءَ جي حسين ساگر اندر
پاڻ ٿي ٻوڙي ۽ تاري پدمڻي.

خودڪشيءَ جي ويجهڙو پهتي وڃي،
زندگانيءَ کي ڌڪاري پدمڻي.

هوءَ پيسن جي گرم آويءَ اندر،
لڄ ڇڏي پنهنجي ٿي ٻاري پدمڻي.

ٿي وڃي "مخمور" ٿو ماحول هي،
زلف ٿي جنهن پل سنواري پدمڻي.

خار يادن جا من ۾ چُڀن ٿا پيا،

خار يادن جا من ۾ چُڀن ٿا پيا،
لڙڪ دل جي اکين مان وهن ٿا پيا.

تو! پڄاڻان پرين گهر جي ڀاتين جيان،
ويجهڙا درد منهنجي رهن ٿا پيا.

او پرين! هن وڇوڙي جي درياهه ۾،
خوابَ دل جا سمورا ٻڏن ٿا پيا.

ڪيو عطا نور نيڻن کي جن هو، ڪيون،
سي ئي نابين مون کي وڃن ٿا پيا.

مان اڃان هارَ جي سوڳ ۾ هان خدا!
هو کٽڻ جو اڃان ڪن جشن ٿا پيا.

پنهنجي محبت پوتر مٿان شخص هي،
ڪيڏا الزام گندا هڻن ٿا پيا.

ڪيڏا مخمور کي اوپرا اوپرا،
اڄ پاڇا به پنهنجا لڳن ٿا پيا.

باغ، خوشبو، هوا ڪويتا آ،

باغ، خوشبو، هوا ڪويتا آ،
پنهنجي من جي غذا ڪويتا آ.

پوپٽن، گلَ، پکين ۽ هر رُت کان،
خوبصورت خدا! ڪويتا آ.

ڪنهن سان گهاريل حسين لمحن جي،
ياد جِي ڪا فضا ڪويتا آ.

موهي من کي ڇڏي ٿي پل ۾، ڄڻ،
سانوريءَ جي ادا ڪويتا آ.

پيار وارِن دلين جي چپڙن جي،
ڪا پوتر دعا ڪويتا آ.

بي زبانن، غريب مظلومن،
جي اندر جي صدا ڪويتا آ.

ڌرتتين منجهه منهنجي لئه مولا!
ڇانورا ڇانورا ڪويتا آ.

مونکي مخمور چئي پئي ڏيندي،
هر قدم حوصلا ڪويتا آ.

هر گهڙي هوءَ ڀاڪر ۾ رهندي هئي،

هر گهڙي هوءَ ڀاڪر ۾ رهندي هئي،
اُڀ جيڏو پري پو به لڳندي هئي.

دل جي ڪونڊيءَ ۾ گلڙا ها پوندا ٽڙي،
ديد منهنجي جڏهن هن کي چمندي هئي.

اڄ به خوابن ۾ مون کي ستائي پئي،
هو جا ڪاليج ۾ مونسان پڙهندي هئي.

تنگ ٿي نيٺ آخر اُجهائي ڇڏيم،
تنهنجي يادن جي دُونهين جا دکندي هئي.

سورَ ان پل جنم ڪيڏا وٺندا هئا،
ماءُ بابت جڏهن ڌيءُ پڇندي هئي.

مينڌرا! تو رٺي بعد ڄاڻي خدا!
ڪاڪ سان گڏ هي مومل به روئندي هئي.

اڄ قفس ۾ هڻي پئي ٿي ڦٿڪا اُها،
اڀ تي جا اڳي ڪونج اڏندي هئي.

شال "مخمور"! ماڻين حياتي وڏي،
هوءَ ميسيج ۾ ايئن لکندي هئي.

چنڊ ۽ آسمان روئي ٿو،

چنڊ ۽ آسمان روئي ٿو،
ڇو خدايا! جهان روئي ٿو؟

پير خالي جتيءَ کان، تن ميرو،
ٻارُ ڳوليندي نانُ روئي ٿو.

نوڪريءَ جي ڊُڪي، ڊُڪي پويان،
ديس جو هر جوان روئي ٿو.

غفلتن ۾ ڪري سڄي پنهنجي،
ڪو حياتي ذيان روئي ٿو.

ڪنهن جو ڀيلي پڪل فصل سارو،
هاڻي ڇا لاءِ سانُ روئي ٿو؟

پنهنجا مخمور! ساري وارث اڄ،
خالي خالي مڪان روئي ٿو.

منهنجي نيڻن ۾ اڄ چهچٽو آ سکي!

منهنجي نيڻن ۾ اڄ چهچٽو آ سکي!
خوابَ سندر جنم ڪنهن وتو آ سکي!

دل جي مهڪي پئي هر ڳلي، دل ۾ جيئن،
عشق پنهنجو رکيو پيرڙو آ سکي!

لڙکڙائڻ لڳي آ سڄي ڪائنات،
زلف آلن کي تو جيئن ڇنڊيو آ سکي!

سنڌ ڌرتيءَ ۽ تنهنجي محبت مان من،
ٿي نه واندو ڪڏهن ڀي سگهيو آ سکي!

واءُ ۾ جيترو ڪو ٻري ڏيئڙو،
منهنجو توبن سفر ايترو آ سکي!

ايترو جلد ئي دل تان چاهت جو نقش،
تو! مٽائي ڇڏيو معجزو آ سکي!

لڙڪَ ڪوِلين جان نيڻن مان نڪري پيا،
تنهنجو رستي تي گهر جيئن ڏٺو آ سکي!

تنهنجو فوٽو لڳايو ڇا ديوار تي،
ڪمرو مخمورُ بڻجي ويو آ سکي!

زلف ڇوڙيا سکيءَ ڊگها دلڪش،

زلف ڇوڙيا سکيءَ ڊگها دلڪش،
رنگ ٿي رات جا ويا دلڪش.

ٽهڪَ جيئن تو پرين! ڏنا ٿي وئي،
رُت رنگين ۽ فضا دلڪش.

هن کي اڄ مينهن ۾ ڏسي ڀڄندو،
پيا پون دل تي اولڙا دلڪش.

تنهنجي هنج ۾ امان! گذاريا جي،
ڇا ته لمحا اُهي هئا دلڪش.

تو! زهر جا ڏنا ڪٽورا جي،
مونکي امرت جيان لڳا دلڪش.

خوابَ جيڏا حسين هئا، ايڏي،
ساڀيان ڪونه هئي رضا! دلڪش.

ضبط جو بند ٽٽي پيو آهي،

ضبط جو بند ٽٽي پيو آهي،
آب اکڙين وهي پيو آهي.

هو ڇا آهي رٺو لڳي ٿو ائين،
ڄڻ خدا ڀي رسي پيو آهي.

مدتن کان سمونڊ کي ڳولهي،
روح پياسو ٿڪي پيو آهي.

ڪونه آيس ڪو، نيٺ آڌيءَ هو،
در ورائي سمهي پيو آهي.

مينهن جي گپ تي ڪنهن جو ترڪي ڪو،
ٻارُ ننڍڙو ڪِري پيو آهي.

لاش چچريل ڏسي جوانن جا،
جيءُ سنڌ جو جُهري پيو آهي.

گهر ۾ هڪڙو ئي آ ڪمائيندڙ،
سو به بيمارُ ٿي پيو آهي.

عشق جي رنگ ۾ رنڱيل آهي،

عشق جي رنگ ۾ رنڱيل آهي،
روح اڄ رقص ۾ رڌل آهي.

خوبصورت بلا! هتي تنهنجو،
آدمي آدمي ڏنگيل آهي.

ڪنهن ته جيجل جي ٺارُ نيڻن جو،
گند جي ڍير تي ستل آهي.

ساٿ تون ڀي ڇڏيون وڃين ٿو ۽،
همسفر! پنڌ ڀي ڳپل آهي.

بي رحم وقت منهنجي جيون جو،
خواب هر هڪ ڪيو قتل آهي.

تون ڳڙو ٿو خدا! وسائين ۽،
فصل ڀي ڪڻڪ جو پڪل آهي.

جو نه ٿو پاند ماڻهپي جو ڇڏي،
زندگيءَ ۾ اهو سڦل آهي.

هن جو مخمور! اهڙو جوڀن آ،
انب جهولي جو ڄڻ رسيل آهي.

جيئن اونداهه ٿي، ٿي ٻرن ٿا بلب،

جيئن اونداهه ٿي، ٿي ٻرن ٿا بلب،
گهر گهٽين ۾ نظر پو اچن ٿا بلب.

دل جي کنڊر حواليءَ ۾ تنهنجي پرين!
سار جا پيا سدائين ٻرن ٿا بلب.

چورَ چوري ڪرڻ ۾ ته مصروف هن،
ڳوٺ جا پر انهن کي ڏسن ٿا بلب.

منهنجي محبوب جي چهري سان ڪيترا،
هوبهو پارَ تنهنجا ملن ٿا بلب!

محفلن، پارٽن، شادين هال ۾،
سونهن خاطر لڳايا وڃن ٿا بلب.

زندگيءَ ۾ ٿي ڪيڏي ٿي اوندهه وڃي،
ڀروسي جا اگر جي اجهن ٿا بلب.

هيلَ ڀي دل ڏکائي ڊسمبر! وئين،

هيلَ ڀي دل ڏکائي ڊسمبر! وئين،
فاصلن کي وڌائي ڊسمبر! وئين.

جاڳ چنتا ۽ الڪن جا انبار ڏئي،
ننڊ دل جي ڦٽائي ڊسمبر! وئين.

تون اڀاڳن هوائن سان ڇو آس جا؟
ڏيئڙا هي اجهائي ڊسمبر! وئين،

تون هميشه جيان هن دفعي ڀي بُريون،
کوڙ خبرون ٻڌائي ڊسمبر! وئين.

لڙڪ ڪوسا اسان جي اکين کي ڏئي،
سرد خوشيون بڻائي ڊسمبر! وئين.

ڏنڀ مخمور کي هيل ڀي ڪي ڏئي،
جيئڙي کي جلائي ڊسمبر! وئين.

هينئڙي ۾ ڪير هي آيو هو؟

هينئڙي ۾ ڪير هي آيو هو؟
جنهن لونءَ لونءَ کي مهڪايو هو.

تو کي! معلوم نه آ ڪيڏو،
تو کان پو ڇانو جلايو هو.

قسمت جو ڏوهه نه هو ڪوئي،
دشمن پنهنجو ئي سايو هو.

چاهت جو جهوپو ڊاهي ويو،
ڇوهو نفرت جو آيو هو.

چَندُ خوشين جي بعد عمر ڀر،
دردن سان جيءُ بهلايو هو.

ڇير ٻڌائي مجبوريءَ جي،
هن کي حالات نچايو هو.

ڪنهن سرخ چپن جي ڪاري تر،
من کي مخمور بڻايو هو.

اسانجي ٽڪر ۽ ڳڀا زندگي آ،

اسانجي ٽڪر ۽ ڳڀا زندگي آ،
رڳو حادثا حادثا زندگي آ.

لڳو عشق جو مرض هو جو ازل کان،
انهيءَ ۾ اڃان مبتلا زندگي آ.

وڏو ڪو ته درياهه ناهي حياتي،
فقط دوست! ٻٽڙي ڦڙا زندگي آ.

سفر ڇو نه ٿو هي کٽڻ جي ڪري ڪا،
ٿڪي ڪيترو پئي خدا زندگي آ.

جڏهن کان ڇڏيو ساٿ سانول اسان جو،
تڏهن کان اسان کان خفا زندگي آ.

پئي روز صحرا اندر سمنڊ ڳولهي.
پياسي نه ڪيڏي رضا! زندگي آ.

هر قدم تي ٿو ٿاٻڙان،

هر قدم تي ٿو ٿاٻڙان،
پو به پنڌ کان نه ٿو مڙان.

پنهنجي تهذيب کان مٿي،
جان ڪيئن ٿو ڪري سگهان؟

امن موٽي وري اچي،
ٿو دعا هر گهڙي گهران.

آئون يوسف نه هان، هي دل،
جو حسن کان پلي سگهان.

ڪنهن پراڻي قلعي جيان،
هوريان هوريان پيو ڊهان.

سال مخمور لئه نئون،
درد آيو کڻي نوان.

دل جي رڃ ۾ رلن پيا سپنا،

دل جي رڃ ۾ رلن پيا سپنا،
پياسا پياسا لڳن پيا سپنا.

ساڀيائن جا چپ چمڻ جي لئه،
مدتن کان سڪن پيا سپنا.

ڪو حقيقت جو ويس اوڍڻ لئه،
خواب ڪيڏا ڏسن پيا سپنا.

جاڪون آهيون جدا ٿيا، تاڪون!
اجنبي سڀ لڳن پيا سپنا.

نرتڪي! ايئن نه ڇير کي ڇمڪاءِ،
منهنجا ننڊ مان اٿن پيا سپنا.

تو پڄاڻان پرين! رکيون مون کي،
جيئرو هي اچن پيا سپنا.

گهاءُ اندر جا گهرا آهن،

گهاءُ اندر جا گهرا آهن،
پو به چپن تي سهرا آهن.

جيڏا ڏونگر يار! ڏسو ٿا،
ڏک ڀي ٿيندا ايڏا آهن.

پيار محبت ۽ ڇو سچ جا؟
ڍينگهر ڍينگهر رستا آهن.

ڌرتيءَ تي ٿيندو ظلم ڏسي،
اڀ جي اک ۾ ڳوڙها آهن.

آئينن جي وستيءَ ۾ هي،
پٿر ڪاٿان آيا آهن.؟

لونءَ لونءَ ۾ "مخمور" جي اڄ ڀي،
ساجن! تنهنجا ديرا آهن.

حسن جي شهر ۾ سڀ ڪجهه لُٽائي پاڻ آياسين،

حسن جي شهر ۾ سڀ ڪجهه لُٽائي پاڻ آياسين،
هٿن سان خواب جيون جا جلائي پاڻ آياسين.

هئا گهر کان کڻي جيون جي جا تصوير نڪتاسين،
الائي؟ راهه ۾ ڪٿ سا وڃائي پاڻ آياسين.

نه ٻجهندي سمنڊ اوتڻ سان به جا هئي پياس جوڀن جي،
اُها اڄ پياس قطري سان ٻجهائي پاڻ آياسين.

سچا ڌرتيءَ سان ڪيڏا هون وڃي مقتل ۾ ئي ڏسجو!
گواهي خون ڏيندو جو وهائي پاڻ آياسين.

اسان شعرن بدولت ئي فقط شعرن بدولت ئي
ستل ها قوم جا جذبا جڳائي پاڻ آياسين.

دل ٗمنافق اگر رکان هان مان،

دل ٗمنافق اگر رکان هان مان،
پو سڀن کي گهڻو وڻان هان مان.

مونکي ڀي اڄ هجن هان بنگلا جي،
نفس وڪڻي اگر ڇڏيان هان مان.

گهائي سينو وڃن نه هان گوليون،
سچ کان جي اگر مڙان هان مان.

مونکي ڪوئي نه هان، سڃاڻي اڄ،
شاعريءَ سان نه جي ملان هان مان.

ڪو اٿاري نه هان، کلن هان سڀ،
راهه ۾ جي اگر ڪِران هان مان،

تنهنجو ٿورو به جي هجي هان ڊپ،
ڏوهه ايڏا خدا! نه ڪيان هان مان.

ٿي نه هان پيٽ ۾ جي منهنجو موت،
رنگ دنيا جا سڀ ڏسان هان مان.

اڄ الئي ڇا هجان هان مان مخمور!،
تنهنجي ويجهو اگر رهان هان مان.

بي وڙن سان منهنجو ڪو رشتو نه آ،

بي وڙن سان منهنجو ڪو رشتو نه آ،
بزدلن سان منهنجو ڪو رشتو نه آ.

پيار آهي پاپ جن جي ديد ۾،
يار! تن سان منهنجو ڪو رشتو نه آ.

آ قسم امڙين جي خالي هنج جو،
قاتلن سان منهنجو ڪو رشتو نه آ.

جي وڃن ئي ڪونه ٿا اسڪول تن،
ٽيچرن سان منهنجو ڪو رشتو نه آ.!

او ڀٽائي! ڀونءَ تنهنجيءَ جي سڀن،
دشمنن سان منهنجو ڪو رشتو نه آ.

موهه سان ٻٽيهه دليون آهن مگر،
نفرتن سان منهنجو ڪو رشتو نه آ.!

منهنجا خارن ساڻ هن رشتا گهڻا،
پر گلن سان منهنجو ڪو رشتو نه آ.!

زندگي ڇا هي ڪو ته سمجهائي؟

زندگي ڇا هي ڪو ته سمجهائي؟
هيءَ اولجهن اسان جي سلجهائي.

گندي پاڻيءَ جي گٽر ۾ ڄاول،
ٻار ڇو آ ويو ڪو اڇلائي؟

ظلم مظلوم سان آ ٿيو ڏاڍو،
روڊ تي خون پيل ٿو ڳالهائي.

تنهنجي يادن جي اڄ ڀي سمبارا،
ڇير من ۾ پئي ٿي ڇمڪائي.

مرض اُتري وڃن هان منهنجا سڀ،
صرف سيني سان هوءَ هان لائي.

ڪوششون ڪيتريون ڪيون تو بعد!
پر سگهيس من ڪٿي نه بهلائي.

پنهنجي "مخمور"! دل جي سپنن جا،
لاش ٿڪجي پيو هان دفنائي.

ڪيئن ڏسيان؟ ڪيترو، رات هو دير سان،

ڪيئن ڏسيان؟ ڪيترو، رات هو دير سان،
درد دل ڀوڳيو رات هو دير سان.

جسم کي هيڪلو بستري تي ڇڏي،
روح ڪاڏي ويو رات هو دير سان؟

هن کي شاديءَ جو تحفو ڏيڻ لئه، چري،
دل غزل هڪ لکيو راتِ هو دير سان.

ياد ناجائزيون وقت جون سڀ ڪري،
پيرسن ڪو رنو رات هو دير سان.

ڳالهه ان جو لڪُڻ آهي مومل! گواهه،
آيو هِتِ مينڌرو رات هو دير سان.

زال جي چوڻ تي پيءُ کي پٽ گهران،
ڏئي ڌڪا ڪي ڪڍيو رات هو دير سان.

دور آيو نه "مخمور" کان ٿي جيئڻ،
نيٺ دم مون ڏنو رات هو دير سان.

ادا مخمورُ هر هن جي ڀلائڻ آءُ چاهيان ٿو،

ادا مخمورُ هر هن جي ڀلائڻ آءُ چاهيان ٿو،
سفر هن عشق جو اِت ئي کٽائڻ آءُ چاهيان ٿو.

پوين! جي ٿورڙو ترسي ته تو کي پنهنجي اڄ سارا،
سبب جيون جي اجڙڻ جا ٻڌائڻ آءٌ چاهيان ٿو.

زمانو رنڊڪون ايڏيون ڪري ڇا لاءِ پيدا ٿو؟
جڏهن ڀي وک ڪا اڳتي وڌائڻ آءُ چاهيان ٿو.

اڙي او موت! مون کي اڄ نه وڃ خود سان وٺي، ڇو جو؟
پرينءَ سان انتها تائين نڀائڻ آءُ چاهيان ٿو.

نه مونکي چنڊ گهرجي ۽ نه ئي گهرجن ڪتيون، تارا،
مگر هن جي اکين ۾ گهر بڻائڻ آءُ چاهيان ٿو.

جڳن کان منهنجي لونءَ لونءَ ۾ ٻرن ٿا پيا جي سپنن جا،
اُهي مخمور! فانوسا اجهائڻ آءُ چاهيان ٿو.

پيار وارا پيچرا ڪاڏي ويا؟

پيار وارا پيچرا ڪاڏي ويا؟
رنگ دنيا مان خدا! ڪاڏي ويا؟

ڪاڪ پنهنجي منهن سان آ ڀڻڪي رهي،
موملون ۽ مينڌرا ڪاڏي ويا؟

دل جي زخمن جي هو مرهم پاڻ سان،
گڏ کڻي جانيئڙا ڪاڏي ويا؟

وچ ساگر ۾ اتاري ٻيڙيون،
رب ڄاڻي ناخدا ڪاڏي ويا؟

دل ۾ يادن جا ڇڏي آهيرڙا،
سانورا سي بربلا ڪاڏي ويا؟

مونکي اوندهه جي ڇڏي ڪمري اندر،
دوست هاجي ڏيئڙا ڪاڏي ويا؟

من جي مورتي جي ٽٽندي آ،

من جي مورتي جي ٽٽندي آ،
ڇانو ڀي، اُس تتل پو لڳندي آ.

توکان پو دل جي باغ ۾ ساجن!
ڪا به حسرت ڪلي نه ٽڙندي آ.

منهنجي قسمت ڀي دوستن وانگر،
ويرَ مون لاءِ من ۾ رکندي آ.

پلوڙي ۾ ڪري سکي گرکو،
راهه ڪنهن جي الائي؟ ڏسندي آ.

هوءَ اڄ ڀي سفيد جوڙي ۾،
گل رابيل جهڙي لڳندي آ.

مان ته هوندو ستل هان بستر تي،
سوچ منهنجي مگر پئي رُلندي آ.

ياد ايندي آ پنهنجي آزادي
ڪونج اڀ تي جڏهن ڪا اڏندي آ،

چهرو پيءُ جو لهي آ ڇو ويندو؟
ڌيءَ ان کي اگر جي ڄمندي آ.

جيءُ جرڪي آ پنهنجو پوندو جي،
هٿ منهن تي ڏئي هو کلندي آ.

رات "مخمور" آهي ٿي ويندي،
وار کولي جڏهن هو سمهندي آ.

ڊوهُه ڊاهڻ لاءِ اڳتي پيرُ ڪر!

ڊوهُه ڊاهڻ لاءِ اڳتي پيرُ ڪر!
اُٿ! ثابت پاڻ کي دليرُ ڪر.

رَت پنهنجيءَ ساڻ ٻاري ڏيئڙا،
دور هي گِهرو هتان انڌيرُ ڪر!

سنڌ تي هن جن رکيون نظرون پليد،
دشمنن تن جا لُڻي سر ڍيرُ ڪر!

جن کي ڪو ايذاءُ ناهي ديس جو،
تن سان ناتا ٽوڙ، تن کي غيرُ ڪر!

جو ازل کان تنهنجي آهي ذهن ۾،
صاف اي انسان سو اڄ ميرُ ڪر!

چوطرف دشمن ويا گهيري اٿس،
منهنجي سنڌڙيءَ جو خدايا! خيرُ ڪر.

پيو ٿو سانڍيون اچان يڪي تنهنجا!

پيو ٿو سانڍيون اچان يڪي تنهنجا!
خواب تحفا ڏنل سکي! تنهنجا،

ننڊ منهنجي کي هن ستائيندا،
خيالَ اڄ ڀي پرين! اچي تنهنجا،

معاف مونکي ڪجان او پياري دل!
گهاءُ سگهيس نه جو سبي تنهنجا،

عشق رڻ ٿي وڏو رُلي، ان ۾،
پير پوندئي چريا! ٿڪي تنهنجا.

توکي هيکل ڇڏي ويا آهن،
ڪاڏي مالڪ او جهوپڙي! تنهنجا.؟

پار ڪهڙي الئه پنهون! مونکان،؟
دور تو کي ويا وٺي تنهنجا.

روح مخمور ٿي ويو منهنجو،
نيڻ "مخمور" هي ڏسي تنهنجا!

پيچرو هوءَ مٽڻ پئي چاهي،

پيچرو هوءَ مٽڻ پئي چاهي،
مونکي جيئري لٽڻ پئي چاهي.

تلخ لهجي جي هوءَ ڪينچيءَ سان،
تند سڪ جي ڪٽڻ پئي چاهي.

پيار جي کيت ۾ ڇو نفرت جو؟
ٻج دنيا ڇٽڻ پئي چاهي.

جي کڙيون ئي نه هن اڃان مکڙيون،
سي ڇو دنيا پٽڻ پئي چاهي.

سادگي هن جي باز جان منهنجي،
هينئڙي کي جهٽڻ پئي چاهي.

منهنجي "مخمور"! خوش حياتيءَ کي،
درد جي ول وٽڻ پئي چاهي.

منهنجي لئه، تنهنجي! اکين ۾ پيار هو،

منهنجي لئه، تنهنجي! اکين ۾ پيار هو،
ها تڏهن وڻندو سڄو سنسار هو.

منهنجي جيون کي رهيو جڪڙيل خدا!
حسرتن جو زندگي ڀر ڄار هو.

هوءَ آئي ڀي تڏهن موٽي جڏهن،
ڪو مٿي ۾ ڪونه ڪارو وار هو.

ڪنهن نرالي ۽ حسين گل جو رهيو،
عمر ڀر هينئڙي اندر هٻڪار هو.

عشق جو توڙي اڙانگو هو سفر،
پر نه ٿيو هي من ڪڏهن بيزار هو.

چيز هر هن کي ڪئي پرور عطا،
پر نه ڪيو هن کي عطا ڪو ٻار هو.

عمر ڀر سپنن جا آلا نيڻ ها،

عمر ڀر سپنن جا آلا نيڻ ها،
ڪنهن نه ڄاتو من جا آلا نيڻ ها.

حسرتن جي باغ اجڙڻ بعد، هن،
هر گهڙي جيون جا آلا نيڻ ها.

حالَ منهنجي تي ها دشمن ڀي رُنا،
پر نه ٿيا پنهنجن جا آلا نيڻ ها.

منهنجو راهن منجهه ٿڪجڻ جو ٻُڌي،
ٿي ويا ماڳن جا آلا نيڻ ها.

تنهنجي او سهڻي! ٻڏڻ جي سوڳ ۾،
جهومندڙ لهرن جا آلا نيڻ ها،

او خزان! آمد تي تنهنجي ٿي ويا،
سبز ڇو پن پن جا آلا نيڻ ها؟

لڄ ڪنهن جي رات ڏسندي لٽجندي،
ٿيا نه ڇو تارن جا آلا نيڻ ها.؟

پنهنجي آهيري ۾ ڪاريهر ڏسي،
ٿي ويا پنڇن جا آلا نيڻ ها.

تو کان پو مون جي لکيا مخمور تن،
مون جيان شعرن جا آلا نيڻ ها.

هر پهر ۽ هر قدم تي ڪيترا،

هر پهر ۽ هر قدم تي ڪيترا،
عشق ارپيندو رهيو آ حوصلا.

منهنجي اونداهيءَ حياتي ۾ اچي،
ڏات چمني ٿي ڪيا هن سوجهرا.

منهنجي لونءَ لونءَ ۾ ٽڪي آهي پئي،
لاڙڪاڻي شهر جا ڪا اپسرا.

ڪيترو عرصو اسان سانڍي رکيا،
انڊلٺ جهڙا اکين ۾ خواب ها،

هڪ ٻئي کان ها لڳا زياده ڏکيا،
زندگانيءَ جا سمورا مرحلا.

ايترا دل ۾ اسان جي درد هن،
اڀ ۾ تارا ڏسو ٿا جيترا.!

هڪ ڪاٽي ئي نه آ "مخمور" ۽،
ٻي مٿان آ منتظر بيٺي سزا.

ٿي وڇوڙا ويا ملڻ کان اڳ،

ٿي وڇوڙا ويا ملڻ کان اڳ،
نيڻ نم ٿي ويا کلڻ کان اڳ.

سار سانول جي اڄ ڀي پهتي آ،
اڀ تي چنڊ جي کڙڻ کان اڳ.

منهنجي اجڙي وئي خدا ڄاڻي،
زندگاني سڦل ٿيڻ کان اڳ.

روح تڪليف ۾ نه هو ايڏو،
عشق جي ويجهڙو اچڻ کان اڳ.

دل ڳهيليءَ جا هن قتل ٿي ويا،
خوابَ سارا حسين ڄمڻ کان اڳ.

آ هلي، ملڪه منهنجي لونءَ لونءَ جي،
گُهَنجَ چهري مٿان پوڻ کان اڳ.

اڄ به پنهنجي ئي ڀونءَ ۾ آهي،
مور ماريو ويو ٽلڻ کان اڳ.

منهنجو "مخمور" ڪونه هو هينئڙو،
لب نازڪ، نرم چمڻ کان اڳ.

ننڊ جو ڏس نه ڪو پتو آهي،

ننڊ جو ڏس نه ڪو پتو آهي،
تلخ جاڪون هي وقت ٿيو آهي.

ڏک جا روز ٿو سهي ڏونگر،
يا خدا! آدمي پڪو آهي.

ساٿ اڌراهه ۾ ڇڏي، دوکو،
جسم سان ساهه ڪيو وڏو آهي.

منهنجي لئه آ ڏکيو ٻڌائڻ هي،
عشق هن ساڻ ڪيترو آهي.

روح جي ڳوٺ ۾ پرين! اڄ ڀي،
عشق تنهنجي جو جهوپڙو آهي.

ڏوهه سارو خدا! نگاهن جو،
دل معصوم ڀوڳيو آهي.

سڀ سهڻا ۽ سيبتا آهن،
بس "مخمور" ئي ڪسو آهي.

ڪلهه به مخمور هيڪلو هو ۽،
اڄ به مخمورُ هيڪلو آهي.

نگاهن ۾ لڪائين هان!

نگاهن ۾ لڪائين هان!
امر مون کي بڻائين هان!

ٻين کي ڏين نه هان، ڏک آ،
خنجر خود ئي هلائين هان!

رڪاوٽ دڳ جي هُس تنهنجي!
ته تون بي شڪ هٽائين هان.

هجين هان جي سڄڻ اي دل!
ته ڇو ايڏو رلائين هان.؟

اچين! هان خون ۾ رنڱجي،
نه سر ليڪن جهڪائين هان.

اکيون مخمورَ! هجنين هان،
ته دوکا ڪونه کائين هان.

پوتر نيڻ ٻئي تنهنجا! چمڻ لئه من اُٻهرو آ،

پوتر نيڻ ٻئي تنهنجا! چمڻ لئه من اُٻهرو آ،
گهڙي کن مست ۽ مخمور ٿيڻ لئه من اُٻهرو آ.

اٻهري عشق ۾ ميهار جي سهڻي هئي جيڏي،
انهيءَ کان ڀي اسان جو وڌ سڄڻ لئه من اُٻهرو آ.

جڏهن کان ڳوٺ جانان لئه چڙهيو آهيان مان لاريءَ ۾،
تڏهن کان ڪيترو هن سان ملڻ لئه من اُٻهرو آ.

ڳڙي تنهنجي! رهيا آهن اکين مان جي مڻين جهڙا،
اُهي رخسار تان ڳوڙها اگهڻ لئه من اُٻهرو آ.

لڪايون جنهن ۾ ويٺي آ حسين چهرو، اهو وَرَجو،
پري دلهن جو سوگو نگهٽ ڪرڻ لئه من اُٻهرو آ.

اسان جي پيار جي نازڪ ڳَلي کي ايترو مولا!
زماني بي رحم جو ڇو گهٽڻ لئه من اُٻهرو آ؟

اتاري بندياڻيءَ کان زنجيرون ڪر رِها بند مان،
عمر! مارن ڏي مارئي جو وڃڻ لئه من اُٻهرو آ.

جڏهن کان ديد ۾ هن جي ڏٺي نفرت آ پنهنجي لئه،
تڏهن کان پاڻ کي ڦاهي ڏيڻ لئه من اُٻهرو آ.

شماعن جا ٺڪاڻا جو پڇائيندو وتي ٿو پيو،
پتنگڙي جو لڳي ٿو اڄ جلڻ لئه من اُٻهرو آ.

نه هٽندو پير ڪو پُٺِ تي، قتل جلاد! ڪر ڀلجان،
اسان جو سنڌ ڌرتيءَ تان ڪسڻ لئه من اُٻهرو آ.

آس جي مکڙي نه آ مهڪندي،

آس جي مکڙي نه آ مهڪندي،
دور تو کان! ٿي نه آ دل مرڪندي.

کيس مون پاران وڃي هي ڪير چئي؟
تيز تو لئه دل اڃان آ ڌڙڪندي،

تو! لڳائي جا اکين سان مرڪندي،
باهه لونءَ لونءَ ۾ اڃان آ ڀڙڪندي

اڄ اُها ڏسجي ٻُسي ٿي ڪيتري
گج وانگر ڪالهه هئي جا ٻهڪندي،

خوابَ ساڀيائن جي لئه ايئن ٿا لڇن،
جيئن مڇي جر کان سوا آ ڦٿڪندي،

سچ کي منزل کان روڪڻ لاءِ هيءَ،
ڪيستائين سازشون دنيا ڪندي.؟

هوءَ نه ايندي هاڻ جيون ۾ وري،
۽ نه ئي قسمت اسان جي چمڪندي.

گل مکڙين، پوپٽن جهڙا هئا،

گل مکڙين، پوپٽن جهڙا هئا،
خوابَ نيڻن جا چمن جهڙا هئا.

ڪنهن پڇو ڪيڏا مٺا تو کي ها هو،
مون چيو مٺڙا وطن جهڙا هئا.

جن کي ڄاتو سي زنجيرن کان اٽوٽ،
ناتا سي نڪتا سڳن جهڙا هئا.

دل، چريءَ جي چوڻ تي جي ها لکيا،
شعر سي پيارا ٻچن جهڙا هئا.

وارَ ها ڪندا پٺيءَ پو يار لڪي،
سڀ دشمن دوستن جهڙا هئا.

لوڪ تن کي ڀيٽ خارن سان ڏني،
آدمي جيڪي گلن جهڙا هئا.

ياد جو ڪو گيت ڳائي روح ٿو،

ياد جو ڪو گيت ڳائي روح ٿو،
ٺوٺ اکڙين کي ڀِڄائي روح ٿو.

روز ڪنهن ساروڻين جي شهر ۾،
رات جو خود کي رلائي روح ٿو.

پيچرا ٽانڊن جا آهن عشق جا،
ڄاڻ هوندي وک وڌائي روح ٿو.

هن جي اڄ سيني تي هان توڙي ستل،
ڇو نه پو ڀي مسڪرائي روح ٿو؟

هوءَ اٿي آ وڃڻ لئه، ايئن ٿو لڳي،
جسم کان ڄڻ موڪلائي روح ٿو.

ماءُ پاليندي آ جيئن پنهنجا ٻچا،
درد تنهنجا تيئن نپائي روح ٿو.

ڪنهن حسين "مخمور" خيالن ۾ پيو،
هر گهڙي ويٺو لڀائي روح ٿو.

جيئن چنڊ لٿو هو ساگر ۾،

جيئن چنڊ لٿو هو ساگر ۾،
هو موهه وڌي ويو منظر ۾.

هڪ سهڻا تو ۾ ساهه ۽ ٻيو،
آ ساهه منهنجو سنڌو جر ۾.

هي ڪهڙو دؤر خدا! آهي؟
محفوظ نه ماڻهو آ گهر ۾.

هو خنجر خوابن ڪو نه ڏٺو،
ساڀيان جو لڪايو هو ور ۾.

ڪنهن ڀلجي ڄاتو ڪو نه ڪڏهن،
هو روڄ جو منهنجي اندر ۾.

واسينگ ڪٿان هي آيا ها؟
او مولا! مورن جي تر ۾.

گل تنهنجي جهوليءَ منجهه رکي،
مون خار کنيا ها ڀاڪر ۾.

مونکي ماضي جيان پڪاري ٿي،

مونکي ماضي جيان پڪاري ٿي،
ياد هن دل ڳنڍيل کي ڏاري ٿي.

بعد تو! مئڪدي وڃڻ خاطر،
دل ڪري ضد هي شام ڌاري ٿي.

پيچرا ويا رسي حقيقت جا،
دل جيئي خواب جي سهاري ٿي.

تنهنجي! تصوير پرس ۾ ڏسندي،
روز هن روح کي روئاري ٿي.

پيار مان جي نه، ڪلفتن مان ئي،
ڪيئنءَ به مون ڏي ته هوءَ نهاري ٿي.

ديوتا کان به سو اتم هوندو،
جنهن تي هوءَ جان پنهنجي واري ٿي.

ويو ٻچا ٿس جڏهن کان کائي نانگ،
لڙڪ ڪٻري تڏهن کان هاري ٿي.

تبديلي نيٺ ته اچڻي آ

تبديلي نيٺ ته اچڻي آ
هي خاڪ کٿوري ٿيڻي آ

ڪيسين رهندي ڪونج قفس ۾؟
هڪ ڏينهن ته آخر اڏڻي آ

ناهي جنهن ۾ محبت سا دل
وکري واٽن تي وڃڻي آ.

بگهڙن جي چڙهي ور وئي اڄ ڀي،
ڪا هيسيل هيسيل هرڻي آ.

هي واسينگن جي وستي آ،
سنڀالي وک وک رکڻي آ.

عيسيٰ جان ٽياس تي ٽنگيو ڀل،
پر سچ جي چيچ نه ڇڏڻي آ.

سنڌ افضل هئي، سنڌ افضل آ،
۽ افضل ئي سنڌ رهڻي آ.

مخمور لکي ٿڪجي پوندو،
واکاڻ نه سنڌ جي کٽڻي آ.

ڪنهن تيز هوا جيئن گذري وڃ،

ڪنهن تيز هوا جيئن گذري وڃ،
او پيار! پراڻا وسري وڃ.

ڪا سار لهڻ لئه جيجل جي،
اڄ ڳوٺ اڏامي شهري وڃ.!

جنهن ديس جو آهين ساهه! پکي،
تنهن ديس ڏي واپس اڏري وڃ.

هن قوم جي واڳ وٺي رهبر!
ڪنهن پار امن جي اڪري وڃ.

هي پير کڻي ميرا پنهنجا!
منهنجي ڌرتيءَ تان نڪري وڃ.

ڇو ٽوهه جيان ٿو ٿين ڪؤڙو،
ٿي ماڻهون! مٺڙو مصري وڃ.

اياز جاني جي نانءِ

روح توکي پيو سڏي جاني!
راهه ۾ ڇو وئين ڇڏي جاني!

منهنجي من ۾ حسين يادن جا،
ڪيترا گهَر وئين اڏي جاني!

مون نه سوچيو هئو اچانڪ هيئن،
جلد ويندين هتان لڏي جاني!

توکي ڳوليون ٿا، تون ڪٿي آهين؟
وئين هليو ڪهڙي ماڳ ڏي جاني!

سنڌ تنهنجي حسين روئي ٿي،
شام سُڏڪي پئي سڏي جاني!

سمبارا پبليڪيشن جا شايع ٿيل ڪتاب

سمبارا پبليڪيشن جا شايع ٿيل ڪتاب

1. هاءِ هٺيلا هوڏي پريتم (مضمون/تاثر) ساجد سنڌي
2. سمنڊ ۾ سپ (شاعري) سرڪش سنڌي
3. اڌوري رچنا (شاعري) منظور سمون
4. ٻاراڻي ادب جو مسيحا (مضمون/تاثر) هاشم لطيفي
5. شاهه عبداللطيف ڀٽائي (مضمون/معلومات) غلام شبير پيراهين
6. هوائن جي هندوري ۾ (شاعري) وفا عظيم جلباڻي
7. اوجاڳيل آڱريون (شاعري) امر منصور چوهاڻ
8. مُرڪون محبوبن جون (شاعري) ”شاد“ جلباڻي
9. رڻ رڙيون ٿو ڪري (شاعري) نسرين الطاف
10. غلطي معاف (مضمون) جاويد جوکيو
11. شاهه لطيف جا شيدائي (تحقيق) راهب لاڙڪ
12. ڪٺيس ڪويڄن (تنقيد/تحقيق) مبارڪ علي لاشاري
13. دادلوءِ: تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيق) پروفيسر فدا حسين”فدا“
14. سويرن جا اُلڪا (شاعري) ملزم سومرو
15. لفظ هوا ۾ خوشبوءِ (ريڊيو اسڪرپٽ) جبار آزاد منگي
16. مٽيءَ جو آسمان (شاعري) علي اظهار
17. ڇا؟ (شاعري) منظور سمون
18. سار جا رستا (شاعري) فرحان اڄڻ
19. اکين ۾ مند ميهنوڳي (شاعري) سائل پيرزادو
20. سُڌِ سچل جي (تحقيق) علي حسن سرڪي
21. بچهڙي آنکهه کا ماتم (اردو ناول) ساجد سومرو
22. ٻانڌي جي تاريخ (تحقيق) شبير احمد عباسي
23. پياسيءَ جون پڪارون (شاعري) شاهن ”پياسي“ گبول
24. هينئڙي منجهه هڳاءُ (شاعري) مخمور بخاري

ايندڙ ڪتاب

25. مان اکيون چپن سان پڙهندو آهيان (ڪهاڻيون) عزيز قاسماڻي
26. اُماس راتيون اداس رستا (شاعري) فهميده شرف بلوچ
27. ................ (شاعري) خالد چانڊيو
28 . سمبارا (شاعري) ساجد سنڌي
29. ٻهه ٻهه ڪندڙ ٻالڪ (ٻاراڻي شاعري) اويس ڀٽو
30. ڪوي ڪشمور جا (گڏيل شاعري) ساحر سليم اوڳاهي