ديس جو ڌراوڙ
خواب نيڻن ۾ اُڻي،
درد ساري ديس جو،
پنهنجي ڪُلهي- سِرَ تي کڻي،
لوڪ کي هِن ديس جو،
سمجهي ڌڻي.
آمرن جي اکين ۾، اکيون وجهي،
فاتحاڻي مُرڪَ سان،
جو کين گهوريندو رهيو.
ٽانڊا ٽانڊا ٽهڪ جنهن جا،
آمرن جي اندر ۾ جو،
آڳ اوتيندو رهيو.
شهر شهر،
ڳوٺ ڳوٺ،
ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾،
ننڊ ۾ گهيريل،
آياڻي لوڪ جي،
جاڳ جا ۽ ڀاڳ جا،
در ڳوليندو ۽ کوليندو رهيو.
جنهن جي گلابي جسم جي،
نيرين رڳن ۾،
سنڌوءَ جو پاڻي لڙاٽيل،
رت بڻجي ڍوڙون پائيندو رهيو،
هو جو ڌراوڙ ديس جو واسي هيو،
جو آمرن جي اَندر ۾
ڪنهن اَڄاتي خوف واري ڪانَ جان،
کُکندو رهيو، کپندو رهيو.
جو ڪڏهن “پروميٿس” جيان،
لوڪ کي “ڏاهپ” ڏيڻ جي ڏوهه ۾،
مڪار پهريدارين جي ڊوهه ۾،
اڻ ڪيل ڪنهن وارتا جي آڙ ۾،
سيني اندر سانڍيل ڪنهن پراڻي ساڙ ۾،
جو زندان ۾ واڙيو ويو،
ديس جي دستور کي ڦاڙيو ويو،
سونهن کي ساڙيو ويو،
چاهُه چيهاڙيو ويو.
لوڪ شاهي راڄ جي،
مقدس ايوان ۾،
خاڪي ورديءَ وارو ڪو،
بد روح ويهاريو ويو.
هو جو پنهنجي سماجي رَوِش ۾،
منصور ڪو سرمد ڪوئي،
ڄڻ ڪوئي دارا شڪوهه،
وقت اورنگزيب آڏو،
ڄڻ ڪوئي هالار،
ڪوئي کير ٿر،
ڄڻ ڪو ڪارونجهر هيو،
هو جو “رُڪ” هيو، ريشم هيو،
هو جو “پٿر” هيو پشم هيو،
هو جو ڪڏهين وهه وٽيون،
جو ڪڏهن ماکيءَ جي ڌارا هيو،
هو نوجوانيءَ جا انگل آرا هيو.
نٽهڻ ۾ ڇانورن جو،
اڻ ميو احساس هيو،
ٻاجهه جو ڪوئي ڪڪر،
اُميد هو، وشواس هيو،
هو چيٽ جي چانڊاڻِ هيو،
ڄڻ سانوڻيءَ جو مينهن هيو،
ڪنهن ننڍي نيٽي جو،
ڪنهن ننڍيءَ نيٽيءَ سان ڪوئي،
نئون نڪورو نينهن هيو،
هو اُڃاري ڀونءِ جي ڀڙڀانگ،
ڪنهن ڌرتتيءَ جي دانهن هيو،
لوڪ شاهي راڄ جي وراند واريءَ ويڙهه ۾،
هو ڄڻ ته ڪوئي احتجاجي ڏينهن هيو،
تاريخ جي ڌڪي لڱن مٿان ملجندڙ،
هوڪائي “مرهم” هيو،
ٻوڙن ڪنن ۾ گونجندڙ ڪا چيخ،
گونگن ڪاڻ اِشارن جي زبان،
لوڪ گيتن ۾ سمايل،
ڪنهن “المياتي” درد جو آلاپ هو.
آٿتن ۽ پارتن جو آبشار،
ماڻهپي جي ماڳ جو راهي هيو،
جو ڪنهن ڪراڙي جي،
پراڻي نينهن جو نياپو هيو،
هو جو ڪڏهين ڪوٽ ڪنگرو،
چيلهه سندرو ۽ ڪڏهن پٽڪي جو ورُ،
ڪنهن ناريءَ کي اوڍيل،
ڄڻ چُنيءَ جو چِٽُ هيو،
ڪنهن سانوريءَ جي،
گَج جو شيشو هيو.
ڪنهن جي سنهڙيءَ چيچ ۾،
پاتل ڪوئي چانديءَ ڇلو،
ڪنهن مٿي جي موڙ جو مڻيو هيو.
هو ماءُ جي اُميد جو “سورج”،
ڪنهن ڀيڻ جي آسيس جو “چنڊ”،
هو جمالا، جهمريون، هو ناچ هيو،
ساز، ٻيجل يا ته ڪوئي ڏياچ هيو.
هو درياهي وهڪرن جي،
اور هيو، پرار هيو،
تاريخ جي ڪا تيغ هيو، ترار هيو،
جو همالي جي اُتاهين،
هيو ڪڏهين،
جو ڊيلٽائن جي هيٺاهين هيو.
سچ ڪنهن سنگين آڏو
سِر جهڪايو ڪونه هيو،
هُن به ڪنهن سنگين سامهن،
سِرُ نوايو ڪونه هو،
آمريت جي جهنگ ۾،
هو ته ڪوئي شينهن هيو،
هو ته اهڙو شينهن هيو،
جو رات جي بگهڙن هٿان،
ويساهه ۾ ماريو ويو،
جو ديس پنهنجي جي مٿان،
ويڙهاند ۾ ماريو ويو.
هو جو هڪڙو شخص هيو،
جو هزارين سورمن جو،
خوبصورت عڪس هيو.