ڪتاب ”زنگجي ويل ننڊ“ نوجوان شاعر ”جاويد جبار“ جو پهريون شاعراڻو پورهيو آهي. جاويد جبار مختصر عرصي ۾ تمام سٺي شاعريءَ ذريعي توجهه ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، سندس هي ڪتاب شاعراڻي صنف ”سانيٽ“ تي مشتمل آهي. سانيٽ اصل ۾ انگريزي ادب مان اسان وٽ آئي آهي ڪجهه صدين کان پرڏيهين ۾ مروج هن صنف ڪافي ترقي ڪري مقبوليت حاصل ڪئي آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ هي صنف سانيٽ انگريزي دؤر ۾ آئي هُئي هڪ صدي ۾ سنڌي ٻولي جي تمام ٿورڙن شاعرن هن صنف ۾ لکيو آهي، جاويد جبار نوجوان شاعرن ۾ پهريون شاعر آهي جنهن سنڌي ٻوليءَ ۾ سانيٽ تي هي مڪمل ڪتاب لکيو آهي اها تمام سٺي علامت آهي.
شاعري
زنگجي ويل نِنڊ
- 5.0/5.0
- 4951
- 913
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (325) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”زنگجي ويل ننڊ“ خوبصورت شاعر جاويد جبار دائودپوٽي جي شاعريءَ جي صنف سانيٽ جو مجموعو آهي.هي ڪتاب نوجوان اڀرندڙ شاعر ”جاويد جبار“ جو پهريون شاعراڻو پورهيو آهي. جاويد جبار مختصر عرصي ۾ تمام سٺي شاعري ذريعي توجهه ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، سندس هي ڪتاب شاعراڻي صنف ”سانيٽ“ تي مشتمل آهي. سانيٽ اصل ۾ انگريزي ادب مان اسان وٽ آئي آهي ڪجهه صدين کان پرڏيهين ۾ مروج هن صنف ڪافي ترقي ڪري مقبوليت حاصل ڪئي آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ هي صنف سانيٽ انگريزي دؤر ۾ آئي هُئي هڪ صدي ۾ سنڌي ٻولي جي تمام ٿورڙن شاعرن هن صنف ۾ لکيو آهي، جاويد جبار نوجوان شاعرن ۾ پهريون شاعر آهي جنهن سنڌي ٻوليءَ ۾ سانيٽ تي هي مڪمل ڪتاب لکيو آهي اها تمام سٺي علامت آهي.
هي ڪتاب سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪار پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري پرڪاش ڪرمواڻيءَ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي، ٿورا جاويد جبار صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ شيئر ڪرڻ جي اجازت ڏني.
[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
ڪتاب بابت وڌيڪ:
- ليکڪ جاويد جبار دائودپوٽو
- ڇپيو ويو 2016
- ڇپائيندڙ سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 13/Oct/2017
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 913 ڀيرا