ڪالم / مضمون

چار مقالا

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”چار مقالا“ اوهان اڳيان پيش آهي. سنڌي مضمون نويسي تي مشتمل هن اهم ڪتاب جو ليکڪ ناميارو اديب محمد اسماعيل عرساڻي صاحب آهي، جنهن ۾ چئن اهم مقالن ناول، ڊرامي، افساني ۽ سنڌي مضمون تي تفصيلي لکيو ويو آهي.
هي ڪتاب پهريون دفعو ته 1955ع ۾ ڇپيو پر پوءِ 1974ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو ۽ ادبي بورڊ جي ويبسائيٽ تان کڻي شاگردن جي فرمائش تي پي ڊي ايف ۽ ڪمپوزايبل فارميٽ ۾ پيش ڪري رهيا آهيون، ڇو ته هي ڪتاب ايم اي سنڌي جي نصاب ۾ رفرنس طور ڪار آمد آهي.
Title Cover of book چار مقالا

سنڌي افسانو

مختصر افسانو اسان جي پنهنجي زماني جي پيداوار آهي. ان جي بناوت تي نظر ڪنداسون ته معلوم ٿيندو ته اختصار ان جي سڀ کان زيادهه نمايان خصوصيت آهي. چون ٿا ته يورپ ۾ جڏهن ارڙهين صديءَ بعد مشيني دﺆر جو آغاز ٿيو، تڏهن عام انساني زندگي تمام مصروف بنجي ويئي ۽ ان هماهميءَ ۽ عديم الفرصتيءَ جي دﺆر ۾ طويل ناولن پڙهڻ جي فرصت ڪانه ٿي ملي سگھي، جن جو ان دﺆر ۾ رواج هو اها ضرورت ئي هئي. جنهن نثري ادب ۾ هن مختصر صنف کي جنم ڏنو ۽ ادبي صفحن ۾ مستقل طرح سان مروج ٿي. چنانچه افسانو جنهن جنهن زماني جي چيز آهي، ان زماني جي سموري مزاج جي خصوصيت ان ۾ سمايل آهي، ڏسڻ ۾ ايندو ته افساني ۾ فن جي نزاڪت به آهي. ته ان سان گڏ مختصر ۽ دلچسپ آهي. تفصيل کان زياده منجهس تصور آفريني آهي. افسانو، پڙهندڙ جي جذبات تي انتهائي تيزي سان اثر اندار ٿئي ٿو. ازانسواءِ هن جي تخيل کي عمل جو موقعو ڏئي ٿو. هڪ مصروف انسان جنهن کي پڙهڻ لاءِ گھڻو وقت ميسر نه آهي، تنهن لاءِ هڪ عمدي ذهني غذا آهي. گويا افساني اڄ جي انسانن جون ادبي گھرجون ۽ تقاضائون پوريون ڪيون آهن. اهوئي سبب آهي جو افسانو اڄ جي سڀني اصناف ادب ۾ گهڻو مقبول آهي. ان ڪري عوام جي سڀني طبقن ۾ گھڻي شوق سان پڙهيو وڃي ٿو.
افسانو ان ڪري لکيو وڃي ٿو ته ان کي ئي نشست ۾ پڙهي پورو ڪري سگھجي. اهوئي سبب آهي، جو بعض نقادن فني تشريح ۾ ان اختصار واريءَ خصوصيت کي ٻين سڀني کان مقدم رکيو آهي. ايڊ گرايلن پـﺆ آمريڪن افساني نگار، جنهن جي هٿان ابتدا ۾ افساني کي گھڻي تقويت پهتي، تنهن به هن فن جي تعريف ڪجھ اهڙي انداز سان ڪئي آهي، جا تمام ٿورن الفاظن ۾ سادي سودي فهم ۾ آهي. هو چوي ٿو ته ”نثر جي اها ڪهاڻي، جيڪا پڙهندڙهڪ ئي نشست ۾، اڌ ڪلاڪ يا زياده هڪ يا ٻن ڪلاڪن اندر پڙهي پورو ڪري سگھي ته ان کي افسانو سمجھڻ گھرجي. اهو اختصار يا مختصر هجڻ افساني جي سڀ کان وڏي سڃاڻپ آهي. ازان سواءِ پلاٽ، ڪردار ۽ واقعات کان سواءِ افساني جا ٻيا به ڪيترائي جزوي پهلو آهن. هتي آءٌ مختصر طرح سان افساني جي فني خصوصيتن جو ذڪر ڪريان ٿو.
انساني زندگي بيشمار واقعات ۽ گوناگون تجربات جي حامل آهي. ليڪن افساني نگار ان مان هڪ واقعي يا ڪنهن هڪ ڪردار کي انتخاب ڪري پنهنجي افساني جو اساس قرار ڏئي ٿو. هو ڪنهن هڪ تحريڪ کان متاثر ٿي قلم کڻي ٿو ۽ ان جو ڀرپور تاثر پڙهندڙن تائين پهچائڻ لاءِ ڪوشش ڪري ٿو. هن جي ذهن ۾ واقعات جو ذخيرو محفوظ رهي ٿو. ليڪن ان مان هو رڳو ان واقعي جو انتخاب ڪري ٿو. جنهن جو سندس تحريڪ سان سڌو سنئون تعلق ٿئي ٿو. چنانچه افساني لکڻ وقت افساني نگار جي ذهن ۾ صرف هڪ منزل هڪ خيال ۽ هڪ نقطئه نظر هوندو آهي، جنهن کي هو پهرئين جملي کان وٺي آخر تائين قائم رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ڇو ته مقصد ۽ منزل جي ڪثرت هجڻ سبب افساني جي وحدت کي صدمو رسي ٿو، جنهن ڪري هڪ منزل ۽ هڪ تحريڪ کان وڌيڪ ان ۾ مطلب ڪڍڻ نه گهرجي ته افساني ۾ صرف هڪ واقعي جي عڪاسي ٿي سگهي ٿي. حقيقت ۾ مکيه يا اهم واقعو صرف هڪڙو ئي هوندو آهي. ۽ ٻيا ننڍا ننڍا واقعا يا حادثا به افساني ۾ ٿيندا آهن ليڪن اهي سڀ ان مکيه واقعي جون ڪڙيون هونديون آهن، جي ان کي اجاگر ڪنديون آهن ۽ افساني جي تڪميل ۾ مدد ڪنديون آهن. انهن ننڍڙن واقعن ۾ به زندگيءَ جي مختلف پهلوئن جي تصوير ڪشي ڪئي ويندي آهي. ليڪن مختصر افساني ۾ بيڪار بحث مباحثا، بيسود نظرين جو پرچار يا فضول واقعن جو ذڪر ڪونه هوندو آهي، تنهن ڪري ئي اهو مختصر ٿئي ٿو.
افساني ۾ اتحاد زمان، اتحاد مڪان ۽ اتحاد عمل به موجود هوندو آهي، جا خصوصيت افسانوي ادب جي ٻين صنفن ۾ پڻ لازمي طور ٿيندي آهي. اتحاد زمان جو مفهوم اهو آهي ته افساني جي واقعات ۽ وقت جو پاڻ ۾ مطابقت نه هوندو ته افساني ۾ تضاد پيدا ٿي پوي ٿو. اتحاد عمل به افساني ۾ هوندو آهي يعني ته ڪردار جي مختلف افعالن ۽ عملن ۾ مطابقت هوندي آهي. ڪردار جي فطرت ۾ جا به تبديلي ايندي آهي، سا، واقعن جي اثر کان رفتي رفتي ٿيندي آهي. مگر هڪ ئي وقت ۾ ساڳيو ئي ڪردار متضاد عادتن وارو نه هوندو آهي، ڇاڪاڻ جو ڪوبه انسان به يڪ وقت ايماندار ۽ بي ايمان، ظالم ۽ همدرد ٿي نٿو سگهي.
افساني جا ڪردار به حقيقي انسان لڳن ٿا. ڪردارن جي خاص طرز عمل، جا افساني نگار منتخب ڪري ٿو، سا بلڪل فطري نظر اچي ٿي ۽ پڙهندڙ کي يقين ٿي وڃي ٿو ته انهيءَ ماحول ۾ جيئرا جاڳندا ڪردار صرف اهوئي ڪري سگهيا ٿي ۽ انهيءَ فضا ۾ رڳو اهي ئي واقعا رونما ٿي سگهيا ٿي.
ڪردارن وانگر مڪالمن ۾ به حقيقت جو رنگ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. مڪالما نه صرف موقعي ۽ مهل جي لحاظ کان مناسبت رکندا هوندا آهن، بلڪ ڪردارن جي شخصيت کي هڪ طرف اجاگر ڪندا آهن ته قصي جي رفتار کي ٻئي طرف وڌائيندا آهن. مخصوص طبع، عمر ۽ صنف وارا جدا جدا ڪردار پنهنجي اصلي زندگيءَ ۾ ڳالهائيندا ٻڌڻ ۾ ايندا آهن، جن جي زبان هر لحاظ کان فطري ٿيندي آهي.
افساني جي عمل ۽ ڪردار نگاريءَ ۾ هڪ توازن هوندو آهي، جا نهايت ضروري چيز آهي. ان جا سڀئي جزا پاڻ ۾ ڳنڍيل ۽ ڳتيل ٿيندا آهن ۽ ڪهاڻي پنهنجي پوري سلسلي سان ختم ٿيڻ واري مقرر هنڌ ڏانهن آهستگي سان هلندي رهندي آهي.
آغاز ۽ انجام ٻيئي افساني جا اهم جزا آهن، ليڪن ان لاءِ ڪوبه شرط مقرر ڪونه آهي، ڇاڪاڻ جو ڪي افساني نگار افساني کي پلاٽ جي خاتمي کان شروع ڪندا آهن. خاتمي کان ابتدا ڪرڻ ۾ خاتمي جو بلڪل فڪر نٿو رهي، ڇو ته افسانو پنهنجي منزل مقصود کان سفر جو آغاز ڪري ٿو ۽ اهو افساني نگار جيڪو وچ مان قصو کڻي ٿو، سو پوري اعتماد ۽ اختصار سان گڏ اڳتي وڌندو رهي ٿو. هن کي هر منزل تي پنهنجي آخري منزل جو پورو پورو احساس رهي ٿو.
افساني جي ڪن پهلوئن تي روشني وجهڻ بعد آءٌ سنڌي افساني جي تاريخ تي قلم کڻان ٿو، جو منهنجي مضمون جو اصل مقصد آهي.
سنڌي ادب تي نظر وجهڻ سان سر دست ڪابه اهڙي حقيقت معلوم نٿي ٿي سگهي ته صحيح معنيٰ ۾ افساني جي ابتدا ڪڏهنکان ٿي، ليڪن هن کان اڳ ۾ جيئن ته ٻين مقالن ۾ ذڪر ڪري آيو آهيان، ته سنڌي زبان ۾ هر ڪنهن جديد صنف، ناول، ڊرامي ۽ مضمون وغيره جي ابتدا انگريزي جي دؤر کان ٿي آهي، تنهن ڪري هن صنف کي پڻ ساڳئي دؤر جي پيداوار سمجهڻ گهرجي.
اڄ کان تقريباً هڪ صدي اڳ ۾ سنڌي نثر ۾ ڪهاڻين لکڻ جو رواج پيو. راءِ ڏياچ ۽ سورٺ، شهزادي ماڻڪي جي ڳالهه، ڀنڀي زميندار جي ڳالهه، سڌاتورو ۽ ڪڌاتورو ۽ ٻيون ڪي ڪهاڻيون 1851ع ڌاري لکيون ويون. انهن مان پويون ٻه ڪهاڻيون وڏي اهميت رکن ٿيون، ڇاڪاڻ جو هنن قصن جو پلاٽ اخلاق ۽ نيڪيءَ تي رکيل آهي. سنڌي زبان ۾ شايد اهي پهريون ئي ڪهاڻيون آهن جن ۾ روزمره واري زندگيءَ جا واقعات ۽ حقيقي ڪردار پيش ڪيا ويا آهن ۽ منجهن مقامي رنگ به سمايل آهي. ليڪن انهن کي اسان باقاعدي “مختصر افسانو” ڪونه چونداسون، ڇاڪاڻ ته اهي افساني جي فني اصولن ۽ لوازمن کان گهڻو دور آهن. البت انهن کي “سنڌي افساني” جي هڪ اوائلي صورت چئي سگهجي ٿو. سنڌي رسم الخط عام ٿيڻ بعد ٻيا به ڪيترائي ڪهاڻين جا مجموعا شايع ٿيڻ لڳا. ميران محمد شاهه جو “مفيد الصبيان” مرزا قليچ بيگ جو “دلپسند قصا” ۽ ديوان ڪيولوام جا “سوکڙي ۽ گل” ان سلسلي جون ڪڙيون آهن.
برصغير هندو پاڪ جي گهڻو ڪري سڀني زبانن ۾ افساني جي سچي پچي شروعات ويهين صديءَ جي اوائلي دؤر ۾ ٿي. اسان وٽ به افساني نگاريءَ جو باقاعدي فن نئين تهذيب ۽ نين حالتن جي اثر ماتحت رائج ٿيو. ان جا ڪامياب تجربا 1915ع جي لڳ ڀڳ شروع ٿيا هئا. جنهن کي بلاشبه اسان افساني جو اوائلي دؤر چئي سگهون ٿا. هن دؤر جا افسانا سماجي مسئلن معاشرتي بڇڙاين ۽ ٻين انيائن خلاف لکيا ويا آهن. ان وقت هندستان ۾ سماج سڌار تحريڪن جي هڪ ملڪ گير مهم هلي هئي. جنهن سڀني زبانن جي ادب تي گهاٽو اثر ڇڏيو. چنانچه سنڌي ادب به ساڳين حالتن هيٺ لکجڻ لڳو.
شايد ڪوڙو مل پهريون ئي اديب هو. جنهن جي هٿان اهڙن افسانن جي لکڻ جو آغاز ٿيو. هن بينگالي ليکڪ بنڪم چندر چئٽرجيءَ جا سماجي افسانا سهڻيءَ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا، جن مان “ٻه منڊليون” (1914ع) ڪافي مشهور آهن. هن ٻين به ڪيترن هندستاني ۽ بينگالي افساني کي سنڌيءَ جي روپ ۾ آندو. پرمانند جي دل بهار (1912ع) جا چار ڀاڱا شايع ٿيا. جن ۾ مزيدار ۽ دل وندرائيندڙ آکاڻيون هيون. ساڳئي مصنف جا ڪن سماجي مسئلن تي به مفيد افسانا شايع ٿيا. جن مان “لڇڻ ڪين لڌو” هڪ طبعزاد افسانو آهي. ازانسواءِ “هيري جي منڊي” پڻ هڪ سماجي افسانو آهي اهو به سندس لکيل هو. نانڪرام ڌرمداس به معاشر تي ۽ اخلاقي افسانا “ڌرم راءِ جي وهي” ۽ “جيوت جو جس” (1915ع) ۾ لکيا هئا.
1914ع ۾ سنڌي ساهت سوسائٽي جا رسالا شايع ٿيڻ لڳا، جن ۾ پڻ مختصر افسانا اچڻ لڳا. ازان سواءِ پهرين عالمگير جنگ (1914ع) کان پوءِ به ڪي رسالا نڪتا. مثلن:“لٽڪا چٽڪا”، “ماهوار گلشن”، “ماهوار راجپوت” وغيره جن ۾ افسانا اچڻ لڳا. هنن رسالن ۾ به اديبن سنڌي عوام ۾ صحيح سماجي شعور پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سنڌي معاشري جي اوڻاين مثلاً عورتن جي پيڙا ۽ بيوسي، گڏيل ڪٽنبن جا مسئلا، زوريءَ شادي، ننڍپڻ جي شادي، هڪ کان گهڻين شادين ۽ ٻين انيڪ گهرو ريتين رسمن ۽ رواجن جي صحتمند معاشري جي تعمير لاءِ رڪاوٽ بنيل هئا، تن کي ظاهر ڪيو ويو. انهن موضوعن تي هيٺين ليکڪن چند اثر دار افسانا لکيا.
لالچند امر ڏنو مل جو “ڪشنيءَ جو ڪشت” هڪ درد ناڪ ۽ دل ڀِڄائيندڙ افسانو آهي، جنهن ۾ سنڌي گهرو زندگيءَ جو هڪ خاڪو آهي. سندس ٻيا مشهور افسانا “ڏکن ڏڌي زندگي” ۽ “ننڍڙي نينا” آهن. جن جو پلاٽ به ساڳين مسئلن تي ٻڌل آهي.
ڄيٺمل پرسرام جا افسانا 1923ع ۾ “چمڙا پوشيءَ جون آکاڻيون” جي نالي سان شايع ٿيا. هن صاحب پڻ پنهنجي باريڪ بين نظرن سان سماجي براين کي عيان ڪيو. هن ٻين سماجي مسئلن سان گڏ سنڌي سرمائيدارن ۽ وڏيرن جي گناهن تان به پردو کنيو هو. جي پنهنجي ڏاڍ سان غريب عوام کي پيڙيندا رهندا هئا. ازان سواءِ هن صاحب “نئين سنڌي لئبريري” ۽ “ستو هندو ساهت مالا” جي نالي سان ٻه ڪتابي سلسلا شروع ڪيا، جن ۾ ناول ۽ افسانا وغيره سڀ اچي وڃن ٿا. خود ڄيٺمل صاحب مغرب جي ڪيترن مشهور ناولن ۽ طويل ڪهاڻين کي سنڌي زبان ۾ مختصر طرح سان ترجمو ڪري افسانن جو روپ ڏنو، جن ۾ “مونا وانا”، “ٻال هتيا”، جو ٽالسٽاءِ جو ڊرامي power of darkness تان ورتل هو ۽ گل بلاس، جو هڪ مشهور “اسپين جي سفر” واري ناول تان کنيل هو ۽ ٻيا ڪيترائي افسانا اچي وڃن ٿا.
پرڀداس ڀيرو مل به ڪيترائي گهرو زندگيءَ متعلق افسانا لکيا، جي طنز و مزاح سان ڀرپور هئا. “اندر جا اڌما” ۽ “هير- جواهر” سندس افسانن جا ٻه مجموعا شايع ٿي چڪا هئا.
“علمي دنيا” ماهوار رسالو به لڳ ڀڳ ان دؤر ۾ نڪرندو هو، جنهن ۾ ٻين سان گڏ ٻن مشهور مسلمان اديبن: مسٽر عبدالله “عبد” ۽ محمد عثمان حبيب الله ڏيپلائيءَ جا افســانا اينــدا رهــــيا ٿــي. عــبدالله صــــاحب جــــي افســانن ۾ “ماسترياڻي” ۽ “اتفاق” امتيازي حيثيت رکن ٿا.
افسانن جو ٻيو دؤر 1925ع کان 1940ع تائين قائم رهيو. جنهن کي “ترجمي” جو دؤر چئي سگهجي ٿو. اهو زمانو عالمگير جنگين جو هو. سموري دنيا جون سياسي حالتون نهايت ڪشيده بنجي چڪيون هيون. خود هندستان ۾ به آزاديءَ جي تحريڪ شروع ٿي چڪي هئي، جنهن جو اثر سنڌي ادب تي به نمودار ٿيو. هيءُ ئي دؤر هو، جنهن ۾ هندستان جي مختلف زبانن: هندي، اردو، بنگالي، گجراتي، مرهٽي ۽ ٻين ٻولين مان سوين افسانا سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيا، جن مان ڪي ته هوبهو ترجمو هئا ۽ ڪن افسانن ۾ صرف ماحول ۽ ڪردار نگاريءَ کي ٿورو تبديل ڪري، سنڌي حالتن مطابق بنايو ويو هو. ايترا سارا افسانا جي ڪيترن ئي مشهور ادارن جي طرفان شايع ٿيندڙ سلسليوار ڪتابن ۾ ڇپيا هئا تن مان چند هيءُ آهن، سندر ساهتيه 1914ع، مسلم ادبي سوسائٽي 1931ع، رتن ساهتيه منڊل 1934ع. ازانسواءِ 1939ع کان 1943ع جي وچ ۾ ڪهاڻي، ڀارت جيون ۽ آشا، ٽي ماهوار رسالا نڪرندا هئا، جي ادبي حلقن توڙي عوام ۾ گهڻو مقبول ٿيا. انهن مڙني ڪتابي سلسلن ۽ رسالن سنڌي ادب جي گهڻي خدمت ڪئي. انهن جي مد نظر هميشه اها ڳالهه هئي ته سنڌي ادب ۾ جا کوٽ آهي. تنهن کي ڌارين زبانن جي ڪهاڻين سان مالا مال ڪجي. چنانچه مختلف هندستاني زبانن جي جن مشهور ليکڪن جا افسانا سنڌيءَ ۾ آيا، تن مان ڪن جا نالا هي آهن:
پريم چند، ٽئگور، ڪرشن چندر، ڪشور ساهو، رڻبيرسنگهه، ڪوراناٿ، سدرشن، ڪملاڪانت ورما، ترشچندر گپتا، سانڪر نياپن، ڪنيا لعل منشي، اختر حسين، رشيد جاويد، عشرت رحماني، احمد عباس، ابراهيم جليس، احمد نديم قاسمي وغيره.
هندستاني افسانن کان علاوه يورپ جي به جڳ مشهور افساني نگارن جا افسانا سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا. جن مان ڪي هي آهن:
چيخوف، گورڪي، ٽالسٽاءِ، ترجينوف (روسي)، پشڪن، موپاسان (فرانس)، اوهينري، پرل بڪ (آمريڪا)، گالسوردي ۽ ماري ڪاريلي (انگلنڊ)، پال هين (جرمن)، الاسڪان (اسپين) وغيره.
ترجمي جي هيڏي ساري عظيم ڪم ۾ ڪيترن ئي اديبن جو حصو آهي، جن پنهنجا فرائض نهايت ئي ڪاميابيءَ سان بجا آندا. هندو ليکڪن مان جڳت آڏواڻي، ميلارام منگترام، آهوجا، گوبند مالهي، ديو سنڀاڻي، ليکو تلسياڻي، وديارٿي، هيرانند عبدناڻي، ۽ مسلمان مصنفن ۾ دوست علي، اميد علي ۽ دلدار حسين موسوي ان حلقي ۾ شامل آهن.
مٿئين سموري عرصي ۾ سڀ کان قابل ذڪر رسالو “ماهوار سنڌو” آهي، جو جديد ادب خصوصن افساني جي ترويج ۽ ترقيءَ ۾ سڀني کان اڳرو رهيو. اهو جريده 1932ع ۾ اول شڪارپور ۽ بعد ۾ جيڪب آباد مان شايع ٿيڻ لڳو ۽ ملڪ جي ورهاڱي ٿيڻ تائين باقاعدگيءَ سان نڪرندو رهيو. هن جي نمايان خوبي اها آهي جو ان ۾ ترجمي ۽ نقل جي بجاءِ اصلوڪن افسانن کي به گهڻو فروغ مليو. مرزا قليچ بيگ جي لائق فرزند نادر بيگ، لطف الله بدوي، آسانند، مامتورا، تاراچند ڦٽيل، گوبند مالهيءَ ۽ ٻين جا معياري افسانا ان ۾ شايع ٿيندا رهندا هئا.
هاڻي چند شهرت يافته فنڪارن ۽ سندن افسانن تي روشني وجهي هن دؤر کي اختتام تي رسايان ٿو. هنن جو فن اصل ڪو original هئڻ سبب قابل داد آهي ۽ انسان جي ادب ۾ ان کي نهايت اهم مقام حاصل آهي.
مرزا نادر بيگ جي افسانن ۾ “اڇوت”، “مس رستمجي”، ،“ماهه جو قهر”، “موهني”، “عينڪ جو آزار” ۽ “ڀاڄائيءَ” جي مضمون نوشيءَ کي گهڻي شهرت حاصل ٿي. هن ڪن افسانن ۾ طنز و مزاح واري انداز ۾ معاشري جي اوڻاين کي ظاهر ڪيو آهي.
لطف الله بدويءَ جي افسانن ۾ وري “غربت” ۽ “خوفناڪ بدلي” کي خاص مقام حاصل آهي. اهڙيءَ طرح آسانند مامتورا جا افسانا هڪ خاص رنگ جا حامل آهن. هن جي افسانن جا ٻه مجموعا “آرسين” ۽ “پاپ ۽ پريم جون ڪهاڻيون” ورهاڱي کان اڳ شايع ٿيا هئا. هو پنهنجي ڪردارن جو نفسياتي تجزيو ڪندي، جنسي مونجهارن جي ڇندڇاڻ ڪري ٿو. هن جي بهترين تسليم ٿيل ڪهاڻي “ڪڪي” آهي، جا هندي، انگريزي ۽ اطالوي زبانن ۾ ترجمو ٿي، داد حاصل ڪري چڪي آهي. هن جا ٻيا ناليوارا افسانا “وڏيرو رمضان” ۽ “ڳنوارڻ” آهن.
هن دؤر جي مقبول فنڪارن ۾ امر لعل هنگوراڻيءَ جو نالو به پيش پيش آهي. هن 1930ع ۾ پنهنجو رسالو “ڦلواڙي” ڪڍيو هو. جنهن ۾ سندس افسانا شايع ٿيندا هئا. هو وڪيل هو ۽ افسانن جا موضوع پڻ پنهنجي ڌنڌي مان ئي چونڊيندو هو، جن کي تمام وڻندڙ ۽ اصلاحي انداز سان پيش ڪندو هو.
“ادو عبدالرحمان”، “لکيو ڪين ٽريو”، “ٻڍيءَ جي ڳالهه”، “هيءَ به رانجهوءَ سندي رمز”، “رام رحيم”، “گوئي جو گناهه” وغيره سندس بهترين افسانا مڃيا وڃن ٿا. “ادو عبدالرحمان” ته ڪيترن ئي دنيا جي زبانن ۾ ترجمو ٿيل آهي. يونيسڪو طرفان به شايع ٿي چڪو آهي.
مرحوم عثمان علي انصاريءَ به ان دؤر جي افساني نگارن ۾ خاص مقام رکي ٿو. هن جو “پنج” افسانن جو مجموعو 1937ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ پنج مختصر افسانا ڏنل آهن، جن مان وري “ململ جو چولو” داد جي لائق آهي. انصاري صاحب جي افسانن جا واقعات نهايت دلنشين، عبارت سليس ۽ پيشڪش جو انداز دلڪش ۽ وڻندڙ آهي.
1940ع کان 1947ع تائين افساني جو ٽيون ۽ انگريزي راڄ جو آخرين دؤر آهي. هن عرصي جي اها خصوصيت آهي، جو ٻين سڀني اصناف ادب کان افسانا گهڻا شايع ٿيا. هن دؤر جي ادبي اظهار جو مکيه وسيلو هو ئي افساني نوسي. هيءُ سڄو زمانو هنگامن سان ڀرپور هو. آزاديءَ جي تحريڪ برصغير ۾ عروج کي پهچي چڪي هئي. چؤ طرف سياسي ۽ سماجي هلچل ۽ تحريڪن جو ملڪ ۾ هڪ مانڌاڻ متل هو. چنانچه هن دؤر ۾ 90 سيڪڙو افسانن ۾ آزاديءَ جو جذبو ڪار فرما آهي، جن ۾ ڌارينءَ حڪومت خلاف باغيانه خيالات ملن ٿا. سواءِ هن زماني کان ٿورو اڳي ڪيترن بين الاقوامي تحريڪن جهڙوڪ سوشلزم ۽ ڪميونزم وغيره جو اثر به سنڌي ادب تي پيو جو هندستاني ادب جي معرفت اسان جي ادب تي اثر انداز ٿيو. هن دؤر جي افسانن جو موضوع سياسي، سماجي، معاشي ۽ اخلاقي مسئلن مان کنيل آهي. ڌارين جي حڪومت خلاف نفرت، هندو مسلم ايڪتا، شاهوڪار شاهي ظلم، غريبن جي بدحالي ۽ اقتصادي ڦُرلٽ وغيره. اهي ئي مسئلا اسان جي افسانن جو موضوع بنيل هئا. هن دؤر ۾ تمام گهڻا افسانا لکيا ويا، ليڪن اڪثريت اهڙن جي آهي، جن ۾ فنڪاريءَ جو لحاظ نه رکيو ويو آهي، فني حسن، انهن ۾ ناپيد آهي. افساني جي لوازمن ۽ اصولن کي بالائي طاق رکيو ويو آهي. محض جذبات، جوش و خروش، تقرير و تبلغ ۽ پروپئگنڊا انهن مان ظاهر ٿئي ٿي، مگر اسان ان دؤر جي ليکڪن کي قصور وار ٺهرائي نٿا سگهون، ڇاڪاڻ جو اهو دؤر ئي ڪشمڪش جو هو. حالات نهايت ئي سنگين هئا. اسان کي اهڙي ادب جي ضرورت هئي جو قوم جي ستل جذبن کي يڪدم جاڳائي. تنهن ڪري ڪيترا نوان لکندڙ فني اصولن جي ڄاڻ کان سواءِ ئي صرف اندر جي جذبي ۽ اتساهه کان لکندا هئا. باقي جيڪي پخته قلمڪار هئا، جن جا افسانا گهڻي قدر ڪامياب چئي سگهجن ٿا، تن جو ۽ بعض انهن ڪتابي سلسلن ۽ رسالن جو ذڪر هتي ڪريان ٿو، جن ۾ هن دؤر جو اهو ادب قلمبند ٿي چڪو آهي. هيٺين افساني نگارن جو فن هر وجهه کان قابل ذڪر آهي:
گوبند پنجابي، گوبند مالهي، ڀڳوان لالواڻي، شيخ عبداستار، آنند گولاڻي، سڳن آهوجا، رام امر لعل، جيوت نرياڻي، ڪشن کٽواڻي، ڪماري نانڪ گدواڻي، مائيداساڻي، آسن اتمچنداڻي، هرو سدا رنگاڻي، ليکو تلسياڻي، ڀون پنجواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، شيخ اياز، لڇمڻ راجپال، ڀوڄراج موٽواڻي ۽ ٻيا.
“سرد آهون”، “پرهه ڦٽي”، “ريگستاني ڦول”، سنڌي ڪهاڻيون ۽ سفيد وحشي وغيره ان دؤر جي افسانن جا مجموعا آهن، جي نئين دنيا پبلڪيشن، زندگي پبليڪيشن، باغي منڊل ۽ ٻين ادبي اشاعت گهرن جا شايع ڪرايل هئا. انهن مجموعن ۾ هن دؤر جا ڪم و بيش سڀئي شهره آفاق افسانا اچي وڃن ٿا. ازانسواءِ 1940ع اندر ڪيترائي ماهوار رسالا ۽ ڪتابي سلسلا علم و ادب جي ميدان تي ظهور پذير ٿيا، جن ۾ به ڪيترن ننڍن وڏن اهم ۽ غير اهم افسانن جو ذخيرو ڇپجي چڪو آهي.

[b] افساني جو نئون دؤر
[/b] پاڪستان قائم ٿيڻ بعد يڪايڪ حالتون بدلجي ويون ۽ سنڌي ادب جي اشاعت به گهڻي ڀاڱي روڪجي ويئي، ڇاڪاڻ جو اشاعتي ذريعن ۽ ادب تي گهڻي ڀاڱي قبضو هندن جو هوندو هو. ٿوري مدت بعد جيتوڻيڪ حالتون ڪجهه معمول تي موٽي آيون هيون ۽ سنڌي ادب جي اشاعت بدستور جاري رهي، مگر افسوس جو افساني جو فن ڪابه ترقي ڪري نه سگهيو. سواءِ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن افسانن جي، ڪي به اهڙا افسانا شايع نه ٿيا جي قابل ذڪر هجن. ان جو سبب اهو آهي ته سنڌي زبان جا افساني نگار ۽ فنڪار گهڻو ڪري هندو اديب هوندا هئا، جنهن ڪري نين حالتن پيدا ٿيڻ سبب هيءَ فن بلڪل ختم ٿيڻ تي وڃي رسيو هو. ان هوندي به قيام پاڪستان کان اڳ افساني کي سنڌي ادب ۾ بلند ۽ واضح مقام حاصل هو ۽ ادبي اظهار جو مکيه وسيلو افسانو ئي هوندو هو. ڪجهه عرصي جي خاموشيءَ بعد ڪيترن ڪتابي سلسلن ۽ ماهوار رسالن جو اجراءُ ٿيو. 1950ع ڌاري اهڙيون ادبي ڪوششون نظر اچن ٿيون، جن جو مطمع نظر افساني جي ترقي هو. “پرهه ڦٽي” ۽ “اڳتي قدم” رسالن ۾ افسانا ايندا هئا. ازان سواءِ ٻه_ ٽي افسانن جا مجموعا به شايع ٿيا، جن ۾ “ڊاڪ بنگلو”، “پنهل کان پوءِ” ۽ “گل ۽ مکڙيون” خاص طرح سان مشهور ٿيا. مسٽر حيدر بخش جتوئي سوشلسٽ تحريڪ جي اثر ۾، قيام پاڪستان کان اڳ تقريباً 1936ع ڌاري افسانا لکڻ شروع ڪيا هئا. پاڪستان قائم ٿيڻ بعد پڻ هن جا ڪي افسانن جا مجموعا شايع ٿيا آهن، جي هاريءَ جي مظلوميت ۽ زميندارن جي ظلمن بابت آهن. “فردوس”، “اسان جي منزل”، “ادا”، “رهنما” ۽ ٻيا به ڪيترا رسالا انهيءَ زماني کان شايع ٿيڻ لڳا، جن مان هن وقت تائين ڪوبه زنده رهي نه سگهيو آهي. انهن ۾ افسانا ايندا رهيا ٿي، ليڪن گهڻائي اهڙن جي هئي جي فڪر و فن کان بلڪل خالي هئا. اهي گهڻو ڪري غير معروف ۽ سيکڙاٽ اديبن جا لکيل هئا، جن ۾ ڪابه جان نه هئي. غير حقيقي ۽ غير دلچسپ واقعات، پلاٽ گهرگلا، فني ترتيب معدوم ۽ زبان جي لذت نه هوندي هئي. انهن ۾ افسانا هڪ رواجي ڪهاڻيءَ جي عام پيرايي ۾ بيان ٿيل هوندا هئا. انهن افسانن کي ڏسي ائين لڳندو هو ته سنڌي افسانو ارتقا جون هيتريون ساريون منزلون طئي ڪري وري يڪدم پوئتي هٽي ابتدائي مرحلي ۾ وڃي داخل ٿيو آهي. الله تعاليٰ جل شانہ جا لک احسان آهن، جو سنڌي افسانو انهيءَ حالت ۾ گهڻو وقت ڪونه رهيو ۽ جلدي مسلمان اديبن جو هن پٺتي پوندڙ صنف ڏانهن توجهه ڇڪيو ۽ ان تي خاص خيال ڏيڻ لڳا. سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ طرفان ادبي ڪلاس جو اهتمام ڪيو ويو، جن ۾ افسانا پڙهيا ويندا هئا ۽ ٻيا اديب ۽ نقاد ان تي تنقيد ڪندا هئا. ليڪن جا به خيال آرائي ۽ راءِ زني ٿيندي هئي، سا تعميري نوعيت جي هوندي هئي ۽ ان ۾ افساني جي ترقي جو جذبو ڪارفرما هو.
سنڌي افساني جي نمايان ۽ حقيقي ترقيءَ ۾ جيڪي سو ماهوار نئين زندگيءَ ۽ سماهي مهراڻ اضافو ڪيو. چوٽيءَ جي افساني نگارن جون ڪاوشون ۽ فن جي لحاظ کان عروج تي پهتل افسانا، اول اول انهن ئي جريدن جي صفحن جي زينت بنيل آهن.
1950ع کان 1960ع تائين ڏهن سالن جي قليل عرصي ۾ سنڌي افساني توقعات کان وڌيڪ ترقي ڪئي ۽ ڪن افساني نگارن جو فن ته ادب جي آسمان تي پوري آب و تاب سان چمڪڻ لڳو. هن مختصر ادبي دؤر ۾ ڪيترن ئي اديبن جا افسانا شايع ٿيا، مگر آءٌ صرف انهن چند فنڪارن جا نالا هيٺ ڏيان ٿو، جن جو فن هن دؤر تي پوريءِ طرح سان مسلط رهيو آهي.
جمال ابڙو، غلام رباني، شيخ حفيظ، سراج، بشير مورياڻي، رشيد ڀٽي، ڊاڪٽر غلام حسين جعفري، ابن حيات، اياز قادري، ڪريم بخش خالد، علي بخش ميمڻ، ڪروڙ پتي، خواجه سليم، جمال رند، ع_ق شيخ، مرزا مراد علي، ثميره زرين چنو، بيگم زينت ۽ علي احمد بروهي وغيره. انهن مان رشيد ڀٽي، محمد حسين، ڪروڙ پتي ۽ علي احمد بروهيءَ جو نالو مزاحيه افساني نگارن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. هن دؤر ۾ چند هندستاني اديبن جا پڻ سنڌي افسانا، سنڌ جي مختلف رسالن ۾ شايع ٿيا هئا، جن ۾ ڪيرت ٻاٻاڻي، گورڌن محبوباڻي ۽ موهن ڪلپنا جا افسانا خاص طرح سان ساراهيا وڃن ٿا.
هتي آءٌ اهو به ضروري سمجهان ٿو ته هر ڪنهن افساني نگارجي ڪن چند مقبول افسانن جا نالا پڙهندڙن کي ٻڌايان، تاڪ جيڪي شائقين ۽ باذوق حضرات آهن، تن کي مطالعي ۾ مدد ملي سگهي.
جمال ابڙو: بد معاش، خميسي جو ڪوٽ، پشو پاشا، منهن ڪارو، مان مڙد، مهرباني ۽ شاهه جو ڦر.
غلام رباني: بري هن ڀنڀور ۾، نئون مڙدو، شيدو ڌاڙيل، پن ٻوڙي پاتال ۾، هوندا سي حيات ۽ آبحيات،.
بشير مورياڻي: چهڙي، پريم، ٽڪري ۽ زندگيءَ جو روڳ.
سراج: ٻهڻي، ديوتا ۽ انسان، زندگي جي ڪنارن تائين ۽ چنڊ گرهڻ.
شيخ حفيظ: ٻه ڳوڙها، ٽه واٽو، ٻه پاڇا، مبارڪون ۽ پن ٻوڙين پاتال ۾.
رشيد ڀٽي: ميرل، ڍءَ بنا ڍوليا ڪانهي ساڃهه سونهن جي ۽ بَڻ.
ڊاڪٽر جعفري: بدلو.
خواجه سليم: الا ڪنهن پر ۽ انٽريسٽ.
اياز قادري: فرشتو، بلو دادا، هي ليڊر، امڙ مان به ڪندس، ڀوڪ ۽ هاجرا.
ابن حيات: واهه وڏيرا.
ع_ق شيخ: لکيل جواب، پريشان انسان.
ثميره زرين: دروازو ۽ پلؤ پايو سچ.
1960ع کان هن وقت تائين، سنڌي افسانو ترقيءَ جا مختلف مرحلا نهايت تيزيءَ سان طي ڪري چڪو آهي. ترقيءَ جي لحاظ کان افساني جي حق ۾ هيءُ دؤر انتهائي خوشگوار ۽ انقلاب آفرين سمجهڻ گهرجي. افسوس جو ڪيترن سٺن افساني نگارن جن جو ذڪر هن کان اڳ ۾ ڪري چڪو آهيان، افسانا لکڻ ڇڏي ڏنا آهن، نه ته هنن جو فن اڃا به ترقي ڪري ها. ان هوندي به مختصر عرصي ۾ سنڌي زبان ۾ بلند پايي جا افساني نگار پيدا ٿيا آهن. هنن مان گهڻن جيتوڻيڪ 1940ع کان گهڻو اڳ لکڻ شروع ڪيو هو، ليڪن سندن فن پوري نشو و نما پائي هن وقت پخته بنجي چڪو آهي. ڪن ناميارن فنڪارن جا نالا هيٺ ڏيان ٿو، جن مسلسل مشق ۽ محنت سان پنهنجي فن لاءِ سنڌي ادب ۾ مستقل طرح سان جاءِ پيدا ڪئي آهي.
آغا سليم، نسيم کرل، غلام نبي مغل، علي بابا، نذير شيخ، طارق اشرف، حميد سنڌي، غياث جوڻيجو، ذوالفقار راشدي، امرجليل، قمرشهباز، رشيده حجاب، الهبچايو لغاري، شوڪت راهي ۽ عبدالقادر جوڻيجو وغيره.
ازانسواءِ ٻيا به ڪيترائي نوجوان افساني نگار ان فن ۾ پنهنجي طبع آزمائي ڪري رهيا آهن. جن جي فن نؤمولود هوندي به، فني لحاظ کان ڪافي سٺا افسانا پيش ڪيا آهن. انهن جو هن وقت ذڪر ڪرڻ قبل از وقت ٿيندو.
سنڌي زبان ۾ هن وقت تائين سوَن جي تعداد ۾ افسانا شايع ٿي چڪا آهن، جي مختلف رسالن ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن، مگر افسوس جو ڪابه اهڙي پبلشنگ ڪميٽي نه آهي جا مختلف مصنفن جي ڌار ڌار افسانن کي يڪجا ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇپائي. جن چند افساني نگارن جا مجموعا شايع ٿي چڪا آهن، سي هي آهن:

1. پشو پاشا_ جمال ابڙو
2. آب حيات_ غلام رباني
3. بلو دادا_ اياز قادري
4. سونهن، پٿر ۽ پيار_ طارق اشرف
5. نئون شهر_ غلام نبي مغل
6. . عبرت ڪده (ٻه ڀاڱا)_ ابراهيم خليل
7. گهڙيءَ گهڙيءَ هڪ گهاءُ_ رشيد ڀٽي
8. اي درد هلي آءُ_ سراج
9. چنڊ جا تمنائي_ آغا سليم
10. مهراڻ جون ڇوليون (مختلف اديبن جي افسانن جو مجموعو (مطبوعه پاڪستان پبليڪيشن).
11. ڪنول ڪنول، شبنم شبنم_ نسيم کرل
12. اداس واديون_ حميد سنڌي

هن دؤر ۾ غير ملڪي زبانن جي افسانن کي پڻ سنڌيءِ جو ويس پهرايو ويو آهي ۽ ڪيترن ئي عالمي شهرت رکندڙ اديبن جي افسانن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ چند مجموعا پڻ شايع ٿي چڪا آهن.

1_ آمريڪي ڪهاڻيون_ پبلشر سنڌي ادبي بورڊ
مترجم: سراج ۽ غلام رباني.
2_ ديس ديس جون ڪهاڻيون_ مترجم: ميمڻ عبدالحميد سڌي
3_ سپون_ خليل جبران جي افسانن جو ترجمو.
4_ دنيا جا عظيم افسانا_ سنڌي ادبي بورڊ.

آخر ۾ پڙهندڙن کي ايترو ذهن نشين ڪرائڻ چاهيان ٿو ته سنڌي افسانو هينئر ترقيءَ جي شاهراهه تي گامزن ٿي چڪو آهي. سنڌي افسانن نه رڳو اردو ۽ هند و پاڪ جي مختلف زبانن ۾ ترجمو ٿي داد حاصل ڪيو آهي، بلڪ انگريزي، جرمني ۽ فرينچ ٻوليون ۾ ترجمو ٿيا آهن.
قيام پاڪستان کان اڳ جي افسانن ۾ فني عناصر يا ته عدم پيدا هئا يا ته ڪين جهڙا هوندا هئا. ازانسواءِ اهي نعريبازي ۽ ڪنهن خاص نظريي جي تبليغ ساڻ ڀريل هوندا هئا. ان جي برعڪس فني لحاط کان اڄوڪو افسانو نهايت ئي پختو ۽ منجهس سنجيدگي ۽ متانت آهي. اڳي نقل تي زور هوندو هو هاڻي “اصليت” پيش پيش آهي.
هاڻوڪي سنڌي افساني ۾ ماحول جي ڀرپور عڪاسي ٿيل آهي. سنڌي معاشري جا انيڪ مسئلا ان ۾ آندل آهن. انهن ۾ سنڌي ڪردار پنهنجي سٻاجهي انداز ۾ فطري ۽ نج زبان سان مخاطب آهن. ازانسواءِ مقصد جي لحاظ کان سياسي، اخلاقي ۽ ٻين قومي ۽ بين الاقوامي مسئلن بابت انهن ۾ صحتمند انداز فڪر ملي ٿو. ليڪن اهو سڀڪجهه فنڪارانه انداز ۾ ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ نڪو تصغ آهي ۽ نڪي فني اصولن کان تجاوز ڪيل آهي. مواد ۽ فن جي لحاظ کان اڄوڪو سنڌي افسانو گذريل دؤرن جي افسانن کان گهڻو ترقي يافته آهي. هيئت (form) جي لحاظ کان به انيڪ قسمن ۾ سنڌي افسانا لکيا ويا آهن. سڄي دنيا ۾ افساني نويسيءَ جا جيڪي به ڍنگ مروج آهن، تن سڀني ۾ سنڌي افسانو لکيو ويو آهي. مثلاً: مسئلن وارا افسانا، واقعن وارا افسانا، ڪردارنگاريءَ وارا افسانا، ماضيءَ تي روشني وجهندڙ افسانا، مونولاگ ۾ لکيل افسانا وغيره ازانسواءِ طويل مختصر افسانا ۽ ڪامياب فئنٽيون به لکيون ويون آهن، ۽ هاڻي بلاشبه اها دعويٰ ڪري سگهجي ٿي ته “اهو وقت پري نه آهي جڌهن سنڌي افسانو به قدر ۽ معيار جي لحاظ کان دنيا جي بهترين ادب سان همسري ڪري سگهندو.”