شاعري

مهدي ٿيو مهندار ; ڪلامِ مھدي سائين

هي ڪتاب ”مهدي ٿيو مهندار“ سنڌ جي صوفي شاعر مهدي سائينءَ جي ڪافين تي مشتمل آهي جيڪو هادي مهدي اڪيڊميءَ پاران ڇپايو ويو آهي.اسان ٿورائتا آهيون سوڀيدري سان تعلق رکندڙ علم ۽ ادب دوست شخصيت سائين شاهنواز سومري صاحب جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
  • 4.5/5.0
  • 4201
  • 865
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book مهدي ٿيو مهندار ; ڪلامِ مھدي سائين

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (137) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”مهدي ٿيو مهندار“ سنڌ جي صوفي شاعر مهدي سائينءَ جي ڪافين تي مشتمل آهي جيڪو هادي مهدي اڪيڊميءَ پاران ڇپايو ويو آهي.

اسان ٿورائتا آهيون سوڀيدري سان تعلق رکندڙ علم ۽ ادب دوست شخصيت سائين شاهنواز سومري صاحب جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني. سائين شاهنواز سومرو سنڌي ڪمپيوٽنگ جي شروعاتي ڏينهن کان ئي سنڌي ڪتابن جي ڪمپوزنگ وارو ڪم ڪندو رهيو آهي. سندس ڪاوشون ساراهه لائق آهن جو ڪمپيوٽر تي ٻوليءَ جي ترقي لاءِ سدائين جاکوڙيندا رهيا آهن.

اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com

ڪافي ۱ - (راڳ ڪوشڪ ڌني) اڏيان اوتارو نه آھ آشيان- مظھر منھنجو مئخانه.

۱- اصل آشيانه اِھو منھنجو آھي- جتي نالو ٻيو ڪو ناھي-
نيارو آھيان نيشان-
۲- راز رنگيلي آھيان رنگ ۾- عشق عجائب اصلي انگ ۾-
شاھي مٿان شاميان-
۳- قائم قرب ڪُلي تي قائم- دم دم درسن دم آھ دائم-
فرمودي فرقان-
۴- سير صفاتي آيس سانگي- لاحد واري لنگھي لانگھي-
’مھدي‘ ٿي مھمان-

ڪافي ۲ - اونڌي ڪنڌ اداسي- اِسم ٿا اورين.

۱- پايو منھن مونن ۾- سمرڙيون سورين.

۲- عـدل ۽ انصاف جا - ويٺا تِـرَ تورين.

۳- رَندن واري راھ ۾ - گھوريو سِر گھورين.

۴- اندر ٻاھر ھڪڙو- ٻيو نه چـپ چورين.

۵- ’مھديءَ‘ جي ميلاپ لئي - ويٺا ڏک ڏورين.

ڪافي ۳ - آءٌ قرباني ٿيان تن- جامو پھرايو جن،

آءٌ قرباني ٿيان تن- جامو پھرايو جن،
موھي من مستان ڪيو- مرڪي محبوبن.

۱- پھري پيش وازي- ڪيون روح راضي،
برھ بيرنگ بازي- ڇيريون ٿيون ڇمڪن.

۲- نورا ننگي دار- گھنگھرو ڪن گھڻڪار،
ٻاھين ٻيڙيدار- بازون بند بدن.

۳- مُنڊيون مَنڊ ھڻن- خوشيءَ مان سي کڻن،
ڪنگڻن جون قطارون- ٻانھن منجھ ٺھن.

۴- ’مھدي‘ ساڻ ملن- کليو سي خوش ٿين،
باھيون ٿيون ڀڙڪن- اڱڻ محب اچن.

ڪافي ۴ - الله آھي پرواھ ناھي ، قالو بلا ڏس قول کي ڪاھي-

الله آھي پرواھ ناھي ، قالو بلا ڏس قول کي ڪاھي-

۱- انحد عشق الـٽ اشارو- لاحد وارو لاھ به آھي.

۲- صحي سڃاڻج سُخن انھيءَ کي- بيرنگ برھ بقاءُ آھي

۳- طالب توڪل ٻڌ توحيد ترھو- وحدت ريءَ ٻي واھ به ناھي

۴- ظاھر زيب زماني ’مھدي‘- قائم قرب ڪلاھ به آھي

ڪافي ۵ - آھيان عبديت جي اولي- ڳجھي ڳالھ لڌم ڳجھ ڳولي-

آھيان عبديت جي اولي- ڳجھي ڳالھ لڌم ڳجھ ڳولي-

۱- احديت آ اقرار اسانجو- قالو بلا واري قولي-

۲- پاڻ سڃاتم پاڻ کي ڄاتم- ٻولڻ وارو ٿو ٻولي-

۳- صحي سڃاتم ثابت سُر کي- ڀَـوَ ڀڃي سڀ ڀولي-

۴- مظھر ۾ اٿم نالو ’مھدي‘- خيال ڏٺم خود کولي.

ڪافي ۶ - انھيءَ منھنجي ڳالھ سچيءَ تي- اوھان ڪيو ويساھ-

انھيءَ منھنجي ڳالھ سچيءَ تي- اوھان ڪيو ويساھ-

۱- اندر ٻاھر باطن ظاھر- آھي پاڻ الله.

۲- جيڏھون ڪيڏھون آھي اُھوئي- قول ڪلام الله.

۳- الله طالب فقير جو آھي- سُرَ مون پيم سماءُ.

۴- مولا جا طالب مور نه مڙندا- تن کي ڪير ڪري گمراہ.

۵- مظھر ۾ آھي ’مھدي‘ ماھر- حيدرِ ڪرارُ ھمراھ.

ڪافي ۷ - اھي آڌوتي الف پڙھن، عاشقن ٻارڻ ٻاريو،

اھي آڌوتي الف پڙھن، عاشقن ٻارڻ ٻاريو،
وھ واھ جوڳي ناٿ جلن.

۱- ڄر ڄيراٽي ڄيري کايا، اُلا ڄڀيون برھ بڇايا،
اُھي معشوقن جا ماريا، منزل مدد رسن.

۲- اَلّ عشق نارالله لاتئون لالي- مچ محبت جو نوبت شاھي،
آڻن چاڙھن پاڻ سپاھي- ٻيا سڀ ورق وسارن.

۳- ’مھدي‘ اُنھن گھر آيو، خوديءَ کي جن پاڻ جلايو،
پرينءَ تن کي پاڻ پسايو، اُھي آڙھ منجھ اچن.

ڪافي ۸ - نقل کي وڃي نام نفي ڪيو، اصل ٿيو اثبات.

نقل کي وڃي نام نفي ڪيو، اصل ٿيو اثبات.

۱- قلبي قرب قرارو قائم- وحدت وائي وات.

۲- سِريءَ سير سڃاتم سارو- مورت جي محلات.

۳- روحيءَ ۾ آھي رھبر رايو- ڏسڻ واري ڏات.

۴- خفيءَ ۾ آہ خيال خماري- ڪُسڻ واري ڪات.

۵- اخفا جو آھي اُلٽ اشارو- انحد واري اوقات.

۶- ظاھر باطن ھادي ’مھدي‘ - مولا واري مصلات.

ڪافي ۹ - بني ھاشمي نُور نِرِمَلُ نرالي-

بني ھاشمي نُور نِرِمَلُ نرالي-
ڏيونِ اُٺ قطاران بيشڪ بخشڻ والي.

۱-
پنجان وچ جو پڌرا عليؑ مرتضىٰ ھي،
خيبر ھڪ ھڪل نال اُٺايائين اڪيلي.

۲- حَسَن دي زھر دا، آکان ڪيا قَھَر دا،
حُسينڻ حيدر دا، ڪُٺا ڪَلھ قبيلي.

۳- عابد دي بيماري، عاشق دي اظھاري،
ھٿين اُٺ مھاري، سنبريا سفر سويلي.

۴- حقي حق ڄاڻين، ٻارھان ڪون سڃاڻين،
مئي جي موج ماڻين، ’مھديءَ‘ واري ميلي.

ڪافي ۱۰ - بيقراري قرار برھ بھادر لائي بھاري-

بيقراري قرار برھ بھادر لائي بھاري-

۱- اَڻ ڏِٺي جي ڪر اثباتي- ڏٺا سڀ وسار.

۲- ھمہ اُوست حال ڍڪايو ڍولڻ- مٿئون مينگھ ملھار.

۳- دم کان سواءِ دم آ خالي- لھ دم جي سُرِتِ سنڀار.

۴- ڊَپَ ۽ ڊاوَ ڇڏيائين سڀ ڊاھي- ’مھدي‘ ٿيو مھدار.

ڪافي ۱۱ - ٻَڌل آھيان ٻول ٻول ، پنھنجي محبوب سان.

ٻَڌل آھيان ٻول ٻول ، پنھنجي محبوب سان.

۱- ڪالھ ڪالھوڻي ويڙھل وچ ۾- ڪري آيس قول قول،

۲- مُکُ ميزان جي منصف وچ ۾- محبت وارا ميل ميل.

۳- ساعـت توريءَ ڪانه سري ٿي- وٿي وجھان ڪيئن ويل ويل.

۴- موج مدامي ’مھديءَ‘ ميلي- گھڙيءَ گھڙيءَ ٿيان گھول گھول.

ڪافي ۱۲ - تنھنجي نام بنا ٻيو نه نام وڻي-

تنھنجي نام بنا ٻيو نه نام وڻي-
تنھنجي محبت ۾ آھن مٺاڻ مڻي.

۱- تنھنجي من ۾ محبت آھي مِٺَلَ-
تنھنجي قربن جا آھن ڪيئي ڪُٺَلَ.
تنھنجي ماڻن جا آھن ڪيئي مُٺَلَ-
آءٌ ٿيل خريد آھيان ڳـڌل ڳڻي.

۲- تنھنجي من ۾ محبت آھي مدا-
تنھنجي سِڪڙي سيني ۾ آھي سدا.
ڪڏھن ڪين ٿيندس توکئون يار جدا-
تنھنجي پيل پُکي آھيان قرب ڪڻي.

۳- تون ’مھدي‘ آھين مھدار مِٺا-
توکئون دم نه ٿيان ھڪ ڌار مِٺا.
توکئون وٿي نه وجھان وچؤن وار مٺا-
توريءَ سڏڙا سڪايلَ جا ڪير سڻي.

ڪافي ۱۳ - پاڻ وڃائي پاڻ ٿي آيس- پنھن جو آھيان پاڻ.

پاڻ وڃائي پاڻ ٿي آيس- پنھن جو آھيان پاڻ.

۱- ڪير آھين ڪنھن کي ٿو ڳولين- سڀ ڪجھه توسان ساڻ.

۲- منصور واري مام تي محڪم- ڪوھ ڪڍئون ڪنھنجي ڪاڻ.

۳- اِھو انصاف عشق جو آھي- چؤَ طرف چانڊاڻ.

۴- مظھر ۾ ٿي آيس ’مھدي‘- ھر سان ھِڪ ھِڪاڻ.

ڪافي ۱۴ - پيالو پيتل ھجي، گھوڙو ڪونتل ھجي-

ڪافي ۱۴
پيالو پيتل ھجي، گھوڙو ڪونتل ھجي-
حسن ھوٽل ھجي، اُتي کيچل نه ھجي.

۱- سڀ ھجن سالڪ سراسر، پرت جي پيمان ۾-
پرين پل پل ھجي، وائي وصل نه ھجي.

۲- پٽ پٽيھر ڪيمخاب، بوسڪيون بيشمار-
کٿو کُٿل ھجي، اُتي ململ نه ھجي.

۳- سڀ ھجن صوبا سدا، صاحب سلامت سربسر-
خنجر قاتل به ھجي، اُتي جھل جھل نه ھجي.

۴- پوءِ ٿين پڌرا پَتا، عشق جي انصاف جا-
’مھدي‘ محفل به ھجي، اُتي اٽڪل نه ھجي.

ڪافي ۱۵ - پُر پيالو پريئن پياريو- پيئڻ سان پروان.

پُر پيالو پريئن پياريو- پيئڻ سان پروان.

۱- ڪوثر ڪيفُ ڪلالي قائم- سوره سر سلطان.

۲- ڏنئون جام جلالي جَنگي- مانجھي پي آيا ميدان.

۳- سيني سير سڃاتم سارو- ’مھدي‘ جي ميخان.

ڪافي ۱۶ - پَٽَ پِرت جا پياريَوَ- نشا نينھن جا چڙھيا،

پَٽَ پِرت جا پياريَوَ- نشا نينھن جا چڙھيا،
ثابت سجود سر کي- نه آر ٻي اڙيا.

۱- شوق جا شيشا شرابي- برھ پياريا بيحجابي،
نانگا پي ٿيا نايابي- لاحد ڏي لڙيا.

۲- ڪيفي ڪيف ڪلال تي- جذب جوش جلال تي،
وحدتي وصال تي- اُھي مانجھي ڪونه مڙيا.

۳- ڪيفي ڪُوزا قھر جا- ظاھر پياريَوَ زھر جا،
لاحد واري لھر جا- قابو قرب ۾ ڪڙيا.

۴- ڏني ساقيءَ سرڪ سوائي- عطا ٿيو عشق الاھي،
مولا ’مھديءَ‘ سان ملائي- مَئي موج ۾ مڙھيا.

ڪافي ۱۷ - پنھنجي پاڪ پسيم پيشاني- لٿا خوف خطر خفقاني.

پنھنجي پاڪ پسيم پيشاني- لٿا خوف خطر خفقاني.

۱- ھئڻ حجاب ھليو ويو ھڪدم- نور رھيو نوراني.

۲- رنگ ڇڏي بيرنگ رھياسي- لاحد ۾ لاثاني.

۳- ساھه صدق سر گھورڻ گھوريان- ’مھديءَ‘ اڳيان مھماني.

ڪافي ۱۸ - پنھن جو پاڻ سڃاڻين، حق ڄاڻين-

ڪافي ۱۸
پنھن جو پاڻ سڃاڻين، حق ڄاڻين-
تون سارو سبحان آ، ٻيو نه گمان آ.

۱- اَلِ انسان سري وانا سرھو- اِن تي اعتبار آڻين-

۲- وفي اَن فسڪم واري فرمودي- رمز رھبر جي رھاڻين-

۳- حال ھمه ۾ ھججان ھردم- ٻي سڀ ڪوڙ ڪھاڻين-

حال حلاجي حڪم ھلائي- موج ’مھديءَ‘ جي ماڻين-

ڪافي ۱۹ - جيڪي آھي ھِتِ ، ھُتِ ڇا ھوندو،

جيڪي آھي ھِتِ ، ھُتِ ڇا ھوندو،
ھِتان کڻي اڳتي الائي ڇا ھلندو؟!

۱- ھِتِ ھُتِ الله، ٻي ڪانھي ڪا واھ-
صبر جھڙي صلاح، انھيءَ راھ رسندو.

۲- جن ڏٺو ھِتِ، تن کي جِتِ ڪِٿِ-
وچئون ناھي وٿِ، ھڪو ھڪ ھوندو.

۳- ھتئون جو حال، ڪر نه ڪنھن کي سوال-
اٽڪل ساڻ الله، ڪڏھن ڪين ملندو.

۴- ’مھدي‘ منھنجو امام، سجدو جنھن کي سلام-
گڏيائون ھيءُ غلام، وٺيون نال ويندو.

ڪافي ۲۰ - جاني جانب يار، دل کي دام وڌا تو.

جاني جانب يار، دل کي دام وڌا تو.

۱- مونکي ڪين وسارج مولا- سگھڙي لھج سنڀار.

۲- راتيون ڏينھان روح اندر ۾- طلب اوھان جي تار.

آءُ اڱڻ تي منھنجي- سائين، ’مھدي‘ ٿي مھدار.

ڪافي ۲۱ - جيڏو شاه مردان جو شان ڏٺم-

جيڏو شاه مردان جو شان ڏٺم-
ايڏو ٻئي نه ڪنھن جو مان ڏٺم.

۱- ھيڪل ھردم ڪري ھسواري- چؤڪنڊين چؤَ طرف چوڌاري،
نالو سندس آ نَرُ نِرواري- ضعيفن جو زمان ڏٺم.

۲- عاشقن ۾ عاشق اعليٰ- بي سر بيخود بيشڪ بالا
ڪٿي مظھر ڪٿي مولا- ھر جاءِ سندس آشيان ڏٺم.

۳- پنجن ٻارھن ۾ آھي پڌرو- چئن چوڏھن ۾ آھي چھرو،
ڇونه ڳايان مان سندسِ سھرو- صوبن ۾ سلطان ڏٺم.

۴- احد احمد انور،’مھدي‘ محمد منور- ثابِت سراسر سرور،
ساقي عليؑ سبحان ڏٺم.

ڪافي ۲۲ - ڇو ٿو پاڻ لڪائين ، ڇڏ عاشقن سان اٽڪل-

ڇو ٿو پاڻ لڪائين ، ڇڏ عاشقن سان اٽڪل-
اٿئي طالبن جي توڪل.

۱- اندر ويٺو آھين،ڪيئن چوان ته ناھين ،
دم دم حڪم ھلائين، واھ وڻيا تنھنجا ول ڇل.

۲- عاشقن اندر ۾، ثابت ڪيئي سر ۾،
ظاھر زير نه زبر ۾، ٿئي راض سان رلمل.

۳- ڪُلَ تي آھين قادر، ظالمن تي زابر،
صابرن تي صابر، جھٽ پٽ ڍڪين ٿو جھل جھل.

۴- اچي ڪيئي اظھاري ، بيرنگ بيک بھاري ،
مولا ’مھديءَ‘ جي مھداري ، ڀڳا ڀؤ مڙوئي ڀل ڀل.

ڪافي ۲۳ - ڇڏ ٺڳيءَ جا ٺاھ - آھين تون پاڻ اﷲ.

ڇڏ ٺڳيءَ جا ٺاھ - آھين تون پاڻ اﷲ.

۱- ذات صفات سموري تنھنجي- رکُ نوري نظر نگاھ.

۲- ميم جو مولھيو اَٿي مٿي تي- قائم قربُ ڪلاھ.

۳- لا الله واري ڪر اثباتي- ويسه وجھل الله.

۴- وچ درياہ وحدت جي- ’مھدي‘ ٿيو آ ملاح.

ڪافي ۲۴ - حال حسيني حاضر ناظر، حيدر جي ھمراھي، بي پرواھي-

حال حسيني حاضر ناظر، حيدر جي ھمراھي، بي پرواھي-

۱- دم دم ديد دروني درسن- چشمن جي ته چٽائي، صاف صفائي.

۲- مانجھي مرد ميدان ۾ مرڪي- سورھ آيا سپاھي، اھا آھي ادائي.

۳- در دربان عليءَؑ جي دائم- رھبر راز رسايئي، ٿورو لايئي.

۴- اھي ڀلايون عشق جون ڀايان- ’مھديءَ‘ ساڻ ملايئي، توڙ رسايئي.

ڪافي ۲۵ - دم ريڌا وتئون دم دم سان- ڪار ناھيون ڪم ڪم سان.

دم ريڌا وتئون دم دم سان- ڪار ناھيون ڪم ڪم سان.

۱- نانگا نيارا آھيون نُوري- جوڙ ناھيون جم جم سان.

۲- عشق اَمُرَ جا عاشق آھيون- صورت واري ثم ثم سان.

۳- معرفت آھي ماڳ اسان جو- حقيقي ھم ھم سان.

۴- ’مھديءَ‘ واري مام تي محڪم- گڏيل ناھيون غم غم سان.

ڪافي ۲۶ - ديد دروني پايون، ٻيونه ڀايون ،

ديد دروني پايون، ٻيونه ڀايون ،
جيڪي لکيل قرآن ۾، جملي جھان ۾.

۱- فذۡڪروني اذۡڪرڪم کي، سيني منجھه سمايون.

۲- وفي اَن فُسڪم واري فرمودي، گيت انّ الحَقُ الايون.

۳- تار توحيدي ھر جاءِ حق حق- گھٽيءَ ڳليءَ ۾ ڳايون.

۴- موج ’مھديءَ‘ جي محڪم ماھر- ناتو نينھن نباھيون.

ڪافي ۲۷ - ڏِس اُھو جيڪو توکي ڏِسي ٿو-

ڏِس اُھو جيڪو توکي ڏِسي ٿو-
ٻيا ڏِسڻ ڪھڙا ڏِسندين ڏِسندين.

۱- کول گھونگھٽ کي ٿي پئه غازي ،
پرواني جيئن پچندين پچندين.

۲- سِر تريءَ تي اڏيءَ جي آڏو ،
ڪات خنجر سان ڪُسندين ڪُسندين.

۳- پُرجھي پيھي پس تون پاڻ ۾،
رمز انھيءَ سان رسندين رسندين.

۴- موج ’مھديءَ‘ جي ڏس تون ماڻين ،
وحدت سان جڏھن وسندين وسندين.

ڪافي ۲۸ - راءُ آيو پنھنجي رعيت ۾، ڪري راڄن ساڻ رھاڻيون.

راءُ آيو پنھنجي رعيت ۾، ڪري راڄن ساڻ رھاڻيون.

۱- صدقي صدقي يار سڄڻ تان ، مال مڏيون مھمانيون.

۲- ڪونسل ڪورٽ قرب ڪمائي- ھر سان ھڪ ھڪاڻيون.

۳- ظاھر باطن ھادي ’مھدي‘ - موج مدامي ماڻيون.

ڪافي ۲۹ - سڌو پنڌ صورت جو- ٻيون واٽون ڪل وَر-

سڌو پنڌ صورت جو- ٻيون واٽون ڪل وَر-
ڏورين ڇو ڏونگر.

۱- مال مڏيون محبوب تان- گھوري گھمائج گھر-

۲- لاھي ڏيج لڱن تان- ماس ھـڏن جو ڳَـرُ-

۳- لاھي لاڳاپا لوڪ جا- صدقي ڪجانءِ سِرُ-

۴- زھد عبادت زاريون- ڪرين جو ھر ھر-

۵- محڪم رھ انھيءَ موج ۾- ’مھديءَ‘ سان ماھر.

ڪافي ۳۰ - سِر جو سانگو لاھ، ڀلي پوءِ عشق کي ھٿڙو لاءِ.

سِر جو سانگو لاھ، ڀلي پوءِ عشق کي ھٿڙو لاءِ.

۱- اول لاھج سر جو سانگو- گوڙ گلا جو پائج گانگھو،
ڪُڏي ڪُڏي ڪنڌ ڪپاءِ-------------
۲- منصور مرڻ کان مور نه مڙيو- سِرُ سوليءَ تي ساجھر چڙھيو،
ان الحق الاءِ ڀلي ------------------
٣- ڪار قتل کان ڪنڌ نه ڪڍائج- ڪربل وارو قرب ڪمائج،
اُتي اک اٽڪاءِ ------------------
۴- ڇڏي غلامي ٿي تون غازي- رمز رنديءَ ۾ رھ تون راضي،
’مھدي‘ مَن مِلاءِ ------------------

ڪافي ۳۱ - ساقيءَ سارو سُرُ سمجھايو- گيت ان الحق ڳائڻ جو.

ساقيءَ سارو سُرُ سمجھايو- گيت ان الحق ڳائڻ جو.

۱- دم دم درسن ڪر ويٺو دم جو- چشمن چوٽ چلائڻ جو.

۲- ھڪدم حال حلاج ھلائي- سوريءَ سِرُ سلائڻ جو.

منصوري معراج ماڻائي- اناالحق الائڻ جو.

۴- عشق اچڻ سان حڪم ھلايو- ’مھديءَ‘ جي ملائڻ جو.

ڪافي ۳۲ - سوگھو ساھ ٿي ويو منھن جو توسان صنم،

سوگھو ساھ ٿي ويو منھن جو توسان صنم،
مونکان نٿو وسري تنھن جو اسم جسم.

۱- لکيو لوھ قلم ۾ لکجي ويو- اِھو انگ الستي رکجي ويو،
آھي سر ته اوھانجي جو يار قسم-
۲- پيوند پيچ پريت جو پئجي ويو- قابو قرب ڪڙيءَ ۾ ڪڙجي ويو،
ڇونه لاھي لڱن تان ڏيان ھي لحم-
۳- صنم ساھ سدا توکي ساري ٿو- گھڙي دم نه يار وساري ٿو،
مونکئون وسري ويو آ ٻيو ڪلئي وَھَمُ-
۴- اِھا موج مدامي ماڻين تون- وري طرف نه ٻئي ڪنھن تاڻين تون،
اِنھيءَ مامَ ’مھديءَ‘ واري ھُجُ محڪم-

ڪافي ۳۳ - سڀئي ڀڳيون سي حدون- ڪاھي پيا آھيون قصور ۾.

سڀئي ڀڳيون سي حدون- ڪاھي پيا آھيون قصور ۾.

۱- انھيءَ قصور ۾ پيا آھيون ڪاھي- جو قصور منصور مارائي،
اڃا به سورن جون سڌون- ھر دم آھيون حضور ۾.

۲- ڪٿي عاشق آھيون عذابي- ڪٿي صوفي صاف ثوابي،
ڪٿي برابر بدون- آھيون نسوري نُور ۾.

۳- حد لاحد کان لنگھي اڳاھون- ٻيا وري ڪھڙا پنڌ پڇايون،
صورت واريون سڌون- گھايل آھيون (انھيءَ) گھور ۾.

۴- ڪٿي احدي ڪٿي احمد- ڪٿي 'مھدي' ڪٿي محمد،
ڪٿي مَئي پيون ٿا مدون- پل پل آھيون (انھيءَ) پور ۾.

ڪافي ۳۴ - شاھ نور ڏٺم نروارا- سٽيم سانگ سري دا سارا-

شاھ نور ڏٺم نروارا- سٽيم سانگ سري دا سارا-

۱- پتلا بنائي خاڪي- اِٿان آڻ ٿياھي اوطاقي-
چشما دا چمڪارا-

۲- رنگ محل دي رائي- پرين پنھنجو پاڻ پسائي-
اھي آھن عشق جا آرا-

۳- ’مھدي‘ مھدار امام مڪائون- ٻئي جو اِھـڙو شان نه ڪيائون،
آيا ٿي ته اچارا-

ڪافي ۳۵ - صورت سر کي سَؤ سَؤ سجدو-

صورت سر کي سَؤ سَؤ سجدو-
ڪھڙو اسان جو ڪعبي ڪم.

۱- صورت صاف سڃاتم سھڻي- ميم ملي آ مورت مھڻي،
درسن آھي دائم دم.
۲- تن طواف ڪرن ٿا طالب- وحدت ورد وجودي واجب،
اور اندر ۾ الف اسم.
۳- ڪعبو قدسي آھي اندر ۾- سھي سڃاتم ثابت سر ۾،
عشق الاھي آھي عُظم.
۴- عشق امام ’مھدي‘ ٿي آيو- جنھن ھُو جو ھوڪو ھُلُ ھلايو،
غازِن کي وري ڪھڙو غم.

ڪافي ۳۶ - طلب طمع کي طالب ترڪن، وحدت واري واہ سان،

طلب طمع کي طالب ترڪن، وحدت واري واہ سان،
ويساہ سان.

۱- ٻوڙي ٻائـڙ ٻيائي ٻاري- لاحد واري لاھ سان- ويساہ سان-

۲- ڪربل ڪوڪ ڪنائي قائم- قرب قتل واري ڪاھ سان- ويساہ سان-

۳- ھڪدم حال حلاج ھلائي- رھبر واري راھ سان- ويساہ سان-

۴- پيوند پيچ پريت جو پائي- ’مھدي‘ مورت ماھ سان- ويساہ سان-

ڪافي ۳۷ - عاشق ٿي ته اسير، آيو عشق امير-

عاشق ٿي ته اسير، آيو عشق امير-
پڙھي فرض فنا جو، فالم ٿي ته فقير-

۱- عشق آھ عالم، سبق ڏئي سالم-
منجھئون منجھه معلم، آھي پاڻ اڪسير.

۲- عشق آھي امُل، جنھنجو ناھي ڪو مُلھ-
سِر جو سودو سَلِ، ثابت ٿي سير.

۳- عشق جنھن سِرِ آئي، رنگ تنھن سر لائي-
نالو ذات ڇاھي، سيد ھجي توڙي پِير.

۴- ’مھدي‘ محمد ھڪ، لاھي ڇڏيائين شڪ-
ڏئي دئي کي ڌڪ، پياري شراب ۽ شير.

ڪافي ۳۸ - عاشقن اثبات ڪيو، آھي، امانت ڪنھن ڪنھن،

عاشقن اثبات ڪيو، آھي، امانت ڪنھن ڪنھن،
ثابت صورت سير جي آھي، سلامت ڪنھن ڪنھن.

۱- زاھد زماني ۾ ٿيا قيدي ڪروڙين ڪيترا،
ھن حقيقت حال جي، آھي ھدايت ڪنھن ڪنھن.

۲- سير ساري کي ڪندا، صادق سراسر ڪي سھي،
انحدي اقرار جي، آھي عنايت ڪنھن ڪنھن.

۳- الله کي اثبات ڪيو، اصل کان عاشقن،
وحدتي ويساہ جي، آھي ولايت ڪنھن ڪنھن

۴- نُور کي نروار ڪيو، نانگن نظاري نام سان،
’مھدي‘ مھدار جي، آھي ملاوت ڪنھن ڪنھن.

ڪافي ۳۹ - عشق آندو آھي اُتي- اصل واري آشيان تي.

عشق آندو آھي اُتي- اصل واري آشيان تي.

۱- عشق آشيان ڏيکاريو اصلي- واہ ويراڳ وڻيو آ وصلي،
پنھنجو پاڻ ۾ پتي-

۲- عشق جي منزل عاشق ڄاڻن- سر سھائي سير سڃاڻن،
راض رھبر جي رتي-

۳- مَئي محبت موج مچائي- وحدت ڪثرت ڪل وڃائي،
’مھدي‘ ميلي متي.

ڪافي ۴۰ - فنا بقا جو سير ڪيوسي- لاشڪ ٿي لاثاني گوھرُ گياني-

فنا بقا جو سير ڪيوسي- لاشڪ ٿي لاثاني گوھرُ گياني-

۱- اصلي ذات الاھي آھين- اولو ٿئي انساني-

۲- چوڏھن طبق تماشو تنھن جو- تون آن شاھ شاھاني-

۳- ستين عرش عظيم کان اڳتي- عاشق ٿيو آشياني-

۴- مظھر ۾ ٿي آيس ’مھدي‘- صوفي صاف سيلاني-

ڪافي ۴۱ - گَھِرو ويس گلابي غازن- پرت منجھارون پھريو آ-

گَھِرو ويس گلابي غازن- پرت منجھارون پھريو آ-

۱- اَمر اڏيءَ تي آيا امالڪ- صوفن ڳايو سھرو آ-

۲- مَردن پنھن جو حق سڃاتو- چشمن سان ٿيو چھرو آ-

۳- مَردن ميدان ملھايو ’مھدي‘- نينھن نباھيو نھرو آ-

ڪافي ۴۲ - گھورِي وڃان مان گھوري- آءُ پيارل اوري-

گھورِي وڃان مان گھوري- آءُ پيارل اوري-

۱- ويھان ڪيئن ويڙھن ۾- ٿر چڙھيس تنھنجي ٿوري-

۲- کائڻ ڏيان خوشيءَ مان- ماس ھڏن جو ڪوري-

۳- ’مھدي‘ ماڳ مارن جو- الله ڪندو شل اوري-

ڪافي ۴۳ - ''لا'' ٿي لاحَد لِڪُ لڪايم- عشق ڪري اظھاري- حق حقداري-

''لا'' ٿي لاحَد لِڪُ لڪايم- عشق ڪري اظھاري- حق حقداري-

۱- حد لاحَـد جو مالڪ آھيان- سورھ سِرُ سرواري، خيال خماري-

جذب منجھارون جامون پاتم- جيڏن ۾ جنساري، حال ھزاري-

۳- ڪربل ڪاھي قدم ڪڏائي- آيس ٿي اختياري، قول قراري-

۴- نيھي ناتو نينھن نباھي- ’مھديءَ‘ جي مھداري، مئي مختياري-

ڪافي ۴۴ - مسافر ھِن ماڳ تـؤن ، پَلي ويا پنھن جو پاڻ.

مسافر ھِن ماڳ تـؤن ، پَلي ويا پنھن جو پاڻ.

۱- وڃي وسايؤن ويراڳ کي- وصل وارو وٿاڻ-

۲- ساري نه نيائون ساٿ سان- ڇـڏي ويا ڇاڪاڻ-

۳- راتيون ڏينھان روح ۾- روئڻ ڏئي ويا رھاڻ-

۴- ’مھدي‘ مون مسڪين سان- سدا سيد ساڻ.

ڪافي ۴۵ - مرڻ جيئڻ وس منھنجي- قضا کي ڪھڙي قدرت-

مرڻ جيئڻ وس منھنجي- قضا کي ڪھڙي قدرت-
وسري وئي وحدت-

۱- مو تون ٿي ڏٺـڙم موت کي- انت موتو آيت-

۲- سر ڏنوسين سڪ مان- سامھون ڪري صورت-

۳- پرجھي ڏٺـڙم پاڻ ۾- آڏو نه عبرت-

۴- ظاھر ڪيڙم ذات ۾- ’مھديءَ‘ جي مورت-

ڪافي ۴۶ - محب مٺا مونسان ڪر نه ماڻان- اڏج اندر ۾ اوطاق.

محب مٺا مونسان ڪر نه ماڻان- اڏج اندر ۾ اوطاق.

۱- حجت ھرگز ڪانه ھلي ٿي- مِھِرَ پوئي من ماڪَ.

۲- جيئري جانب ڪر نه جدائي- ماريو ٿا مشتاق.

۳- ڪر ڪوھيارل ڳوپ ڳنڍڻ جو- وک نه پوي ھڪ واڪَ.

۴- ساھ سيلاني ساري ’مھدي‘- پاڻ پسائج پاڪ.

ڪافي ۴۷ - ماندو مفت مران ٿو- موٽج منھنجا يار-

ماندو مفت مران ٿو- موٽج منھنجا يار-

۱- سنڌم سور پرايو- واڪا ڪن ٿا وار-

۲- ڌڻ ڌنارن ڇيڙيا - پرچن شال پنھنوار-

۳- سنجھي ساٿ سنڀريائون- اِھا پاڙيچن ھئي پچار-

۴- ’مھدي‘ مون مسڪين جي- سيد لَھُ تو سنڀار-

ڪافي ۴۸ - مون ته منھنجو قوتُ- طلب ته ٻئي ڪنھن طعام جي ناھي.

مون ته منھنجو قوتُ- طلب ته ٻئي ڪنھن طعام جي ناھي.

۱- مون ماري مات ڪئيسون- ھڪل ھڪ ھاھوت.

۲- مون مارڻ مان ھٿ ڇا آيئي- مليو ملڪ ملڪوت.

۳- مون ماري ٿياسون ماھر- نـظر رک ناسوت.

۴- مظھر ۾ آھي ’مھدي‘ ماھر- لنگھي ويو لاھوت.

ڪافي ۴۹ - نينھن پڙھائي نماز- وَقت واجب ويا ڪل وسري.

نينھن پڙھائي نماز- وَقت واجب ويا ڪل وسري.

۱- پنجئي وقت پڙھياسي پورا، نابودي ۽ نياز-
گوڏا گسن تي پيا آھن گسري.

۲- نظر نور نظاري نيھي،فرض نڪي فياض-
عشق الاھي آيو اُسري.

۳- مام انھيءَ تي محڪم ماھر، الستي آواز-
نسنگ نانگا ٿيا آھيون نسري.

۴- موج ’مھديءَ‘ جي ماڻج محڪم - صورت واري ساز-
يڪا ياڪي آھيون ياور يُسري.

ڪافي ۵۰ - نام مولا جو ڪيمَ وسار- ھر دم بندا رھ ھوشيار-

نام مولا جو ڪيمَ وسار- ھر دم بندا رھ ھوشيار-

۱- صورت سھڻل جي رَکُ تون سيني- قائم قرب قرار.

۲- دم دم درسن ڪر ويٺو دم جو- اندر پنھنجو يار اُجار.

۳- وڻج وھائج يار نه ٻيو ڪو- وحدت جو ڪر واپار.

۴- آخر اميدون عشق پڄايون- ’مھديءَ‘ مرسل ھٿ مھار.

ڪافي ۵۱ - ھر صورت ڏانھن يارجدائي، عشق ڪرائي آ.

ھر صورت ڏانھن يارجدائي، عشق ڪرائي آ.

۱- ريھَ ڪجل جي رنگي رائي- گھٽي گھٽي ته گھمائي آ.

۲- لعل لبان تي لالي لاحد- سوريءَ سر سنبائي آ.

۳- پياس پيارل جي ڪيو آ پڌرو- ’مھدي‘ موج مچائي آ.

ڪافي ۵۲ - حجت حسن سان ناھي چڱي- ھرڪو بيھي پري ڀڄي.

حجت حسن سان ناھي چڱي- ھرڪو بيھي پري ڀڄي.

۱- حجت حُسن سان جن ڪئي- تن وڃائي ويھي وھي،
انھيءَ ريجھ ۾ ويڙا رھي- تن کان سرت وئي ساري سڄي.

۲- حجت جو جن ھلاءُ ڪيو- اثبات تن نه الله ڪيو،
تن ڪفر جو ڪلاھ ڪيو- سي لاف ۾ ٿيڙا لڄي.

۳- عاشق انصاف آ- صورت سر کي طواف آ،
وٺي وحدت وارو واس آ- نه ته خان ويا ڪيئي کڄي.

۴- ’مھدي‘ اسان جو امام آ- سجدو جنھن کي سلام آ،
قائم اِھوئي ڪلام آ- ويا سي راض رھبر جي رَڄي.

ڪافي ۵۳ - عشق الاھيءَ ڪيو احسان- ڪونه پڙھيوسين ڪلمو قرآن.

عشق الاھيءَ ڪيو احسان- ڪونه پڙھيوسين ڪلمو قرآن.

۱- ساقيءَ سارو سُرُ سمجھايو- سجدو صورت سِر سبحان.

۲- لااِلٰہَ وارا لٿا لاڳاپا- الاالله واري آھيون ايوان.

۳- مسجد مندر حق ھيڪڙائي- لاھي ڇـڏيائين شڪ گمان.

ذڪر فڪر جي ڪلـڙي نه ڪائي- ’مھدي‘ واري آھيون ميخان.

ڪافي ۵۴ - عشق وارن کي عشق ريءَ آرام ناھي-

عشق وارن کي عشق ريءَ آرام ناھي-
قرب وارن کي قرب ريءَ ٻيو ڪام ناھي.

۱- موھيا وتن مخمور، ٿيا مستان مخفي-
طالبن کي طلب ريءَ، ٻيو طعام ناھي.

۲- ناموَرَ ناميان، نفي، نيزي نظر ٿيا-
نينھن وارن کي، نينھن ريءَ ٻيو نام ناھي.

۳- ’مھدي‘ و مھدار مظھر، مئي مندر ۾-
گُر سڃاڻڻ، گفتگو ئي عام ناھي.

ڪافي ۵۵ - آيو عشق مولا ، لکين لائق ڀانيان،

آيو عشق مولا ، لکين لائق ڀانيان،
سبب ڪھڙي سرتيون ، لوڪ کان لڪايان.

۱- ھٿن ۾ ھزارين ڳچيءَ ڳل مون ڳانا،
اِھا ڇير سورن جي، پيرن مؤن نه لاھيان.

۲- مسرور ڪيو آ اوھان يار حبيبن،
اِھو ڏاج ڏکـڙن ، برھ بوند ڀانيان.

۳- بيدل کي بڇايو برھ يار باري،
تنھنکي ڪيو مان ڪڇ ۾، ويٺو ورھ وسايان.
----------------------------------------------------------
( مذڪورہ ڪلام فقيرپاڪ (مھدي مولا) جو آھي- ليڪن نالو بيدل فقير
جن جو آھي، جيڪو مالڪن پاڻ ڪلام ۾ رچايو آھي )

ڪافي ۵۶ - عشق اﷲ ريءَ عمر اجائي ، ويھي وقت وڃايئي،

عشق اﷲ ريءَ عمر اجائي ، ويھي وقت وڃايئي،
ھٿ ڇا آيئي.

۱- نينھن نماز کان ٿيئڙين نابِرُ،
پنھنجو پاڻ پڏايئي، ھـٿ ڇا آيئي-

۲- فرض فنا کان ٿيئڙين فارغ،
ٻوڙيئي ڪين ٻيائي، ھـٿ ڇا آيئي-

۳- مئي مھتاب علي مستانو چوي،
سچو سخن سڻايئي، ھـٿ ڇا آيئي-
--------------------------------------------------------
( ھي مٿيون ڪلام فقير پاڪ مھدي مولا جن جو آھي، پر نالو مھتاب علي جن جو آ جيڪو فقير مالڪن جو طالب درويش ھو، جيڪو ذات جو وڳڻ آھي )