شاعري

اکر ڪٿا

هي ڪتاب ”اکر ڪٿا“ محترم نند جويري صاحب جي ڪويتائن جو مجموعو آهي.
هي ڪتاب ساهت سنڌو پبليڪيشن بمبئي پاران 2012ع ۾ ڇپايو ويو.
  • 4.5/5.0
  • 5764
  • 699
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book اکر ڪٿا

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (151) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”اکر ڪٿا“ محترم نند جويري صاحب جي ڪويتائن جو مجموعو آهي.
هي ڪتاب ساهت سنڌو پبليڪيشن بمبئي پاران 2012ع ۾ ڇپايو ويو.
اسان ٿورائتا آهيون سائين نند جويري صاحب جا جنهن سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com

ارپڻا

ارپيان ٿو اُن کي
جيڪو
سدا کان آهي
سدائين رهندو
نرگڻ نِشبدُ جو درياهُ
جنهن کي ور ور مان
شبدن جا ڪنارا ڏيندي
پنهنجي پاڻُ کي
پائڻ جو
جتن ڪريان ٿو

” اَکر ڪٿا “ اوندهه ۾ روشنيءَ جو اَڪيلو اهڃاڻ : لڇمڻ ڀاٽيا ڪومل

دنيا جو ڪو به دانشور، ويندي اُستاد اَرسطوءَ جهڙو ڏاهو شخص به شاعريءَ جو صحيح ۽ چٽو مفهوم پيش نه ڪري سگهيو آهي. ڪن پارکن شاعريءَ کي اندر جي اڌمن جو آواز ڪري ڪوٺيو آهي. ڪن شاعريءَ کي پيغمبريءَ جو درجو ڏيئي پير پرستيءَ ڏانهن مائل ڪيو آهي. ۽ ڪن روايتي انداز ۾ جذبن جي پلٽ پلٽان کي سٽن ۾ سرجڻ جو سلسلو ڪري ڄاڻايو آهي. پر خالص شاعري انهن معنائن، مفهومن ۽ مطلبن کان گهڻو مٿي ۽ مختلف آهي.
شاهه لطيف جي رسالي تقليد پوواري ۾ اڄ وري شاعري رسالت جو روپ وٺي رهي آهي. ۽ نئين ٽهيءَ جا ڪي شاعر پنهنجيءَ ڪُليات کي رسالو سڏائڻ جي خام خياليءَ ۾ پڙهندڙن کي ڇرڪائي رهيا آهن. کين شايد ڄاڻ ناهي ته شاعريءَ ۾ رسالت جي رسائي تڏهن ئي ٿي سگهندي آهي جڏهن اها پيغمبريءَ جي حدن کي ڇهندي آهي.
منهنجي نظر ۾ پڻ مختلف گهڙين ۾شاعريءَ جا الڳ الڳ رخ ۽ وهنوار پئي رهيا آهن. جيڪي مبهم ۽ اڻ چٽيا رهيا آهن جو مختلف دورن ۾ شاعريءَ جا رنگ روپ ۽ نّظريا به وقت جي وهڪرن سان وهندا رهيا آهن. انڪري جداجدا دورن جي شاعري رڳو پنهنجي دورن ۽ وقت جي تقاضا پوري ڪندي رهي آهي.
انهيءَ پس منظر ۾ مان نئين شاعريءَ جي نمائينده شاعر نند جويريءَ جي منهنجي سامهون رکيل ”اکر ڪٿا“ جي مسودي جو اڀياس ڪندي جڏهن انهن سٽن تي پهتو آهيان ته مونکي ڪنهن حد تائين شاعريءَ جي ويجهي ۾ ويجهي مفهوم ۽ ان جي روح تائين رسائي ٿيڻ لڳي آهي.
هنن ٽن سٽن ۾ شاعريءَ جي روح کي
اوندهه ۾
منهنجي
ساهه پساهه جو
اڪيلو آواز
روشنيءَ جو
اڪيلو ڏس
ڇهي سگهجي ٿو ۽ ان جي سرير جا سڀ وڳا ۽ وستر لاهي ڦٽا ڪري سگهجن ٿا.
ٽن سٽن ۾ مڪمل شاعريءَ جو نئون اُجاڳر روپ ۽ نند جويريءَ جي شاعري،. ائين به نند جويريءَ جي شاعري هندوري ۾ لولي ڏيئي ننڊ ڪرائڻ واري شاعري ناهي، باوجود ان حقيقت جي ته ترنم واري شاعريءَ جي پورب جي شاعريءَ جي دنيا ۾ تمام گهڻي اهميت رهي آهي، جو ان لاءِ ساڌنا ڪرڻي ٿي پوي پر اڄ جي هن افرا تفريءَ واري دور ۾ ترنم جي روانيءَ هيٺ ايندڙ ننڊ کان وڌيڪ اهميت جاڳ کي آهي ۽ ان جاڳ جو سنئو سڌو تاثر هڪ شاعر جي جلاوطنيءَ جي ڀوڳيل عذاب ۽ پيڙا سان آهي. جلاوطني هڪ اها باهه آهي، جيڪا ساڙيندي گهٽ آهي لهسائيندي وڌيڪ آهي. ۽ ان لهس مان ’ آهه ‘ ۽ ’ دانهن ‘ ته اڀري سگهندي آهي. پر گيت وارو ترنم پئدا نه ٿي سگهندو آهي.
هيءُ گيت ناهي
جنهن کي
سُر ۾ سجائي ڳائي سگهجي
پر پوءِ به
ڪيترن جو
هيءُ گيت پئي رهيو آهي
جنهن کي ڪيترن
پنهنجي پنهجي سُر سان
پنهنجي پنهنجي
جيون جي
سريلن ۽ بي سرن
پلن ۾
پئي ڳاتو آهي.
سدا کان
ڏاهن ۽ ڏڏن
پنهنجي پنهنجي قوت سان
پي ڪويتا ڳاتي آهي
پنهنجي پنهجي راه
پڻ پاتي آهي.
ڪويتا سدا کان
جيون جي چيل
پر پوءِ به اڻ چيل
گاٿا پئي رهي آهي
جلاوطنيءَ جي شاعري فلسطيني شاعر محمود درويش ۽ آرميني شاعر وليم فيرويان ۽ ترڪيءَ جي ناظم حِڪمت جي ترنم واري شاعري، وقت جي اها تقاضا پوري نه ڪري سگهي، جيڪا هنن جي نثري شاعريءَ اڳتي هلي پوري ڪئي جو ڪڏهن ڪڏهن نثري شاعريءَ ۾ پڻ خيال جي اها گهرائي ۽ ڇتائي پئدا ٿي وڃي ٿي، جيڪا ڪنهن رواني ۽ موزونيت جي محتاج ناهي.
جنهن باغ ۾
گلاب کي ڳولهي
خوشبوءِ کي
پنن ۾ قيد ڪيو
جنهن اکر کي
اکر سان اُڻي
شاسترن جو
نرماڻ ڪيو
هو شاستري هو
جنهن
گنجي ٽڪر جي
اَڻ لکيل پنن کي پڙهي
ڀٽ تي ناچ نچيو
هو
ستيم شوم سندرم جو پوڄاري
لطيف هو
(شاستري ــ شاسترن جو رچيندڙ)
نند جويريءَ جي هيءَ ڪوتا روانيءَ سان پُرِ هوندي به ستيم شوم سندرم جي روپ، رخ ۽ رويي کي لطيف جر روپ سان هم آهنگ ڪري خود لطيف جي سُر منڊل واري شاعريءَ کي سرهاڻ بخشي ٿي.
نند جويريءَ جو وطن جي سارڻي (Nostalgia) وارو نظم ”او شڪارپور“ سنڌي شاعريءَ جو هڪ اهڙو شاهڪار نظم آهي، جو نند ان نظم کان سواءِ ٻيو ڪو به نظم يا ڪوتا ڪونه لکي ها ته به هن کي سنڌي شاعريءَ ۾ اهو رتبو حاصل ٿئي ها، جيڪو رام پرساد بسمل هن جي هڪ ئي نظم
سرفروشي ڪي تمنا اب هماري دل ۾ هئه
ديکنا هئه زور ڪتنا بازؤ قاتل ۾ هئه
جي ڪري اردو شاعريءَ ۾ حاصل آهي. پر جيئن ته نند جو اهو نظم هن جي پهرين مجموعي ”چوواٽي تي“ ۾ شامل آهي ۽ شيخ اياز ان تي تفصيل سان پنهنجي عالماڻي تجزيي ۾ پيش ڪيو آهي. ان ڪري مان ان تي تفصيلوار لکڻ کان محروم رهجي ويو آهيان.
اڄ جو شاعر بند ڪمري ۾ ويهي رڳو شاعراڻي تخليق ۽ تصور جو سهاري پنهنجن ڪويتائن رچنا نٿو ڪري. پر هو پنهنجي آس پاس اُڻيل ڄار کان ٻاهر نڪري، کليل اکين سان هر اسرار نه رڳو ڏسي رهيو آهي، پر ان جي هر عذاب کي شدت سان محسوس ڪندي ڀوڳي به رهيو آهي ۽ ” معرفت جي ماٺ سين “ پنهنجي پيرا جو علامتي انداز ۾ اظهار ڪري رهيو آهي.
طوطو
لفظ رٽي
مرچ ڪمائي ٿو
حافظ
پنن ۾ پيهي
پاٺ پچائي ٿو
ساکي
مونن ۾ منهن پائي
ماٺ کي به
ماٺ ۾ رکي
معرفت سين
ڏيساندر ڏوري ٿو

نند جويريءَ جي هيءَ ڪويتا پنهنجي ظاهر ۾ ته ڪو احساس جو چٽو ڏيک نٿي ڏئي، پر پنهنجي اندر ۾ هڪ طوطي جي علاامت بڻجي آيو آهي، جتي هو طوطي جيان لفظ رٽي مرچ ڪمائي ٿو ۽ ان مرچ جي آرام واري ڪمائي ڪندي ڪندي هن کي پنهنجي پڃري سان ايترو ته پيار ٿي ٿو وڃي جو جيڪڏهن هن کي پڃري کان ٻاهر ڪڍي تاڙي وڄائي اڏائڻ جي ڪوشش به ڪجي ٿي ته هو آزاديءَ جي اُڏام کان به ڪيٻائي ٿو. ۽ پنهنجا کنڀ کوهي پڃري ۾ آزاديءَ سان مرچ ڪمائڻ پسند ڪري ٿو.
ساڳي حالت هڪ حافظ جي پڻ آهي، جيڪو پنن ۾ پيهي پاٺ پچائي رتبو ڪمائي ٿو ۽ ساکي مونن ۾ منهن پائي معرفت ذريعي وسياندُ (وشواس) رکي ڏوري رهيو آهي. اهو ئي اڄ جي انسان جو الميو (Tragedy) آهي. ۽ ان الميي جو جي اظهار لاءِ نند جويري جي اندر ۾ ويٺل شاعر جو الميو پڻ اجاگر ٿي گهٽ ۾گهٽ شبدن ۾ هن جي اشبد واري ڪوتا جو آڀاس ڪهاڙيءَ جي ڌڪن جهڙن لفظن کان به وڌيڪ چوٽ رسائي ٿو.
جڏهن اَرٿ
ارٿ هيڻ ٿي پوي ٿو
اِڪ ارٿي شبد
بهو ارٿي نشبد ٿي پوي ٿو
سگڻُ شبدُ
نرگڻُ نشبدُ ٿي پوي ٿو
مورت اَمورت ٿي پوي ٿي
اَپاتر سُپاتر ٿي پوي ٿو
جڏهن ارٿ
ارٿ هيڻ ٿي پوي ٿو
هر دورَ جو ادبي مزاج نون نظرين ۽ نون اشتعارن جي تلاش ۾ نون چهرن کي تراشڻ جو هڪ روان دوان عمل پي رهيو آهي. ۽ ٻئي طرف هر دور جو آواز گذري ويل دور جو سڏ ۽ پڙاڏو ئي ناهي پر ان سڏ ۽ پڙاڏي جي گونج کي پنهنجي اندرسمائي هڪ نئون آواز بڻجي اڀري ٿو. انهيءَ گونج طرف سجاڳ نند جويريءَ جي اندر ويٺل شاعر کي اهو احساس آهي ته پراڻن ادبي وهڪرن ۾ ۾ وري وري وهنجڻ سان شاعريءَ جو جسم ڄڻ ڄمي يخ ٿي وڃي ٿو ۽ ان ۾ نئين چُرپُر جي قوت ۽ صلاحيت پڻ پوڻي پئجي ٿي وڃي.
انهيءَ جاچنا هيٺ نند جويريءَ جي هن نئين شعري مجمعوئي جي مَسودي کي پڙهندي مون اڳيان اها حقيقت چٽي ٿي بيٺي آهي ته نند جي ’چوواٽي تي‘ ۾ شامل شاعريءَ کان هن مجموعي جي شاعريءَ تائين ڪيتري مسافت طيءِ ڪري آيو آهي. نند جي ٻن مجموعن واري شاعريءَ وچ ۾ ٻن ڏهاڪن جي وٿي آهي. انهن ٻن ڏهاڪن ۾ هڪ شاعر جي سوچ ڪيترو اڳتي وڌي آهي ۽ گڏو گڏ هو ڪيترو پٺتي پڻ ڇڏي آيو آهي.
ديوار تي
برسات جو پاڻي
اسيم ارٿن سان
اسيم شڪليون جوڙي ٿو
ايندڙ ويندڙ هر ڪوئي
پنهنجي پنهنجي نظر سان
پنهنجي پنهنجي قوت سان
ديوار تي پاتل شڪل ۾
پنهنجي پنهنجي ارٿ سان
پنهنجو پنهنجو سچ پائي ٿو
ديوار تي هڪ شڪل
مون به ڏٺي آهي
پنهنجي ئي ارٿ سان
پنهنجي ئي سچ سان
شايد هڪ شڪل
تو به ڏٺي هوندي
پنهنجي ئي ارٿ سان
پنهنجي ئي سچ سان
۽ هڪ سچ سرجاتا ديوار جو به هوندو
پنهنجي ئي ارٿ سان
مٿين ڪوتا ۾ مختلفت علامتي شڪليون به آهن، عڪس به آهن، پرتوَ () Images به آهن ۽ هر هڪ عڪس جا پنهنجا پنهنجا ارٿ، معنائون، مفهوم ۽ مطلب به آهن. پر جتي شاعر جي اندر جو آئنو اجرو آهي، اتي انهن اسيم ارٿن ۽ اسيم آڪارن جا پنهنجا پنهنجا سچ، پنهنجي ئي ارٿ سان، پنهنجي ئي سچ سان صاف سٿرا ٿي ذهن ۾ کِنوڻ جيان پل جي چمڪاٽ ته ڪن ٿا پر اتي شاعر جي من ۾ هڪ اڄاتو خوف اهو به اُڀري اچي ٿو ته سڀاڻي وري نئين سر برسات پوندي ته سڀ آڪار ۽ شڪليون خوه سچ ۽ ڪوڙ بدلجي ويندا، جن کي برسات جو پاڻي پاڻ سان گڏ لوڙهي ويندو.
هن مشيني دور ۾ هر سک درسي سوچ ڪنهن اڄاتل خوف جي پاڇن جو پيڇو ڪندي پنهنجي ئي پاڇي کان خوف کائڻ ٿو لڳي. پر پوءِ به نند جويريءَ جي اندر ويٺل شاعر وٽ ان نئين ايندڙ برسات جو اوسيئڙو اوس آهي، جو هڪ ڪوتا ۾ اهڙي ئي سوچ جو سلسلو جوڙيندي نند وٽ ڪي قائم دائم قدر اوس آهن.
پاڻي پاڻيءَ ۾ تري
ته جنم چوائي
پاڻي پاڻيءَ ۾ ٻڏي
ته موت چوائي
تري به پاڻي پاڻيءَ ۾
ٻڏي به پاڻي پاڻيءَ ۾
سوئي الهام قدرت جو
قائم آهي قديم
قادر
قائم رکي پاڻ کي
پاڻيءَ ۾ ٻڏي
پاڻيءَ ۾ تري

نند جويري جنهن دورَ ۾ لکڻ شروع ڪيو ان وقت تائين ترقي پسنديءَ واري دورَ جو زور گهڻو گهٽجڻ لڳو هئو ۽ ٻئي طرف نند ترقي پسندن جي وچ ۾ رهندي به انهن کان بنھ الڳ ٿلڳ ئي شاعريءَ ۾ ڪن مخصوص نظرين کان هٽي پنهنجو هڪ رخ اختيار ڪيو جنهن جي نمائيندگي نند جي هيءَ ڪوتا ڪري ٿي.

راڳ ويراڳ جي چونڊ ۾
تو راڳ چونڊي به
راڳ چونڊيو
مون ويراڳ چونڊي به
راڳ چونڊيو
تون
راڳ جي خيمي ۾
راڳ جو ڀوڳي
راڳ جو قيدي
مان ويراڳ جي خيمي ۾
ويراڳ جو ڀوڳي
ويراڳ جو قيدي
هووتراڳي
ناقصئا نڱيو
نه راڳي نه ويراڳي
چئي ويو ساکي

ان هنگامي دورَ ۾ جتي رڳو نئين روشن صبح ۽ انقلاب جون ڳالهيون ۽ لعل نشان جي چمڪڻ جون نعريبازون هيون اُتي نند پنهنجي ذهن جي ڳڙڪين کي کليل رکي تازي هوا جي ڪن نون جهونڪن جو ئي انتظار ڪيو ۽ شايد اهو ئي ڪارڻ آهي جو نند شعر و ادب جي دنيا ۾ پنهنجا قدم تمام دير سان پختا ڪري سگهيو. پر جڏهن هن دير آيت درست آيت واري سچائيءَ سان ڪوتا جي ڪاڪ محل ۾ قدم رکيو ته هن جي شاعريءَ نه ترقي پسنديءَ واري گهن گرج هئي ۽ نه ڪو پيغام پهچائڻ وارو مقصد ــ هن وٽ رڳو خالص شاعري رهجي ويئي. هن سليل کان سليل ٻوليءَ جي دائري ۾ رهندي پنهنجي شاعراڻي اظهار ۾ ڪُل جزو ڪُل جو هڪ نئون Concept (سوچ جي نئين ڌارا) ڏنو.
مان ۽ تون
مان سرير آهيان
ته پڪ سان
تون منهنجو
مالڪ آهين
ڇو جو
تنهنجو ئي ڏنل آهي
هيءُ سرير

مان آتما آهيان
ته پڪ سان
تون منهنجو
پرماتما آهين
ڇو جو
مان ئي تنهنجو جزو آهيان

مان تت آهيان
ته پڪ سان
مان اُهو ئي آهيان
جيڪو تون آهين

مان تت آهيان
هيءَ ڌرتي منهنجو گهر ناهي
مان ڌرتيءَ جو گهر آهيان

نند جويريءَ جي شاعري ڪٿي ڪٿي اُن آبشار جيان به لڳندي آهي جتي ڪنهن جبل تان ڪرندڙ آبشار جو ٻه مختلف ڏسن ۾ وهندڙ ڌارائون ڌرتيءَ تي پهچي پاڻ ۾ ملي هڪ نديءَ جو روپ وٺي اڳتي وڌنديون آهن. نند جو اهڙيون ٻه ڪويتائون ’الهام قائم آهي‘ ۽ ’اڄ به‘ ان وهڪري جو عمدو مثال آهن.

جو ڪجهه
ڪرشڻ چيو گيتا ۾
۽ جو ڪجهه
ڪرشڻ ڪونه چيو
گيتا ۾
سو ئي ٻُڌ چيو ڌمپد ۾
جو ڪجهه ٻُڌ
چيو ڌمپد ۾
۽ جو ڪجهه ٻڌ
ڪونه چيو ڌمپد ۾
لطيف چيو بيت ۾
جو ڪجهه لطيف
ڪونه چيو بيت ۾
هرواٽي تي
سنڌ چيو سنڌيءَ ۾
نرگڻ جيون ڌارا
دائم قائم آ
اڄ به وحي
سنڌ تنهنجي ماٺ ۾
ــــــــــــــ
جو ڪجهه هن چيو
۽ جو ڪجهه هن ڪيو
سڀ پنن ۾ موجود آهي

جو ڪجهه هن ڪونه چيو
يا ڪونه چئي به چيو
اُهو ڪٿي آهي
جو ڪجهه هن ڪونه ڪيو
يا ڪونه ڪري به ڪيو
اُهو ڪٿي آهي

جو ڪجهه
هن جي حاضريءَ
ڪونه چيو
يا ڪونه چئي به چيو
اُهو ڪٿي آهي

جو ڪجهه
هن جي غير حاضريءَ
ڪونه چئي به چيو
اُهو ڪٿي آهي

هن جي اَڻ چيل پر چيل کي
هن جي اَڻ ڪيل پر ڪيل کي
پنن ۾ آڻڻ جو
اسان وٽ ڪو اُپاءُ ناهي

پر پوءِ به اُھو سڀ
عام جي رڳن ۾
عام جي جيون ۾
نرگڻ ڌارا بڻجي
وهي رهيو آهي
اُهو اصُلُ
پڪ سان
عام جي نرگڻ جيون ۾
وقت جي اُبتي وهڪ ۾
رڳن ۾ ساه بڻجي
وهي رهيو آهي

ته پوءِ
ڌرتيءَ جو عام
پنهنجي سجاڳ سُرِتِ سان
سگڻ بيتن کي
هڪ طرف رکي
پنهنجي نرگڻ پاڻ ۾ پيهي
اڻ چيل اڻ ڪيل
کان انڪار ڇو ڪري

پنهنجي ئي جيون ۾ وهندڙ
نرگڻ جيون جي وهڪ کان
انڪار ڇو ڪري
بيتن جي نرگڻ ڀاوَ کان
انڪار ڇو ڪري

چاهيندي نه چاهيندي
اڄ به ڌرتي رنڱيل آهي
هن جي چيل اَڻ چيل
هن جي ڪيل اَڻ ڪيل
هن جي حاضريءَ
غير حاضريءَ سان

لطيفي رنگ ۾
ڌرتي رڱيل آهي

نند جويريءَ جي شاعريءَ جا مٿيان ٻه مختلف پهلو الڳ الڳ احساسن جي ترجماني ڪندي به هڪ ٻئي سان ايترو ته لاڳاپيل آهن جو ٻنهي جي رسائي پڙهندڙن جي روح تائين رچجي بسجي ٿي وڃي. پهرين ڪوتا ’الهام قائم آهي‘ ۾ الهامي ڪتاب گيتا ۾ ڪرشڻ طرفان رهجي ويل اڌياءُ اڄ جو احساس آهي. گيتا کي قران، بائبل يا زندهه وبسته جيان آسماني ڪتاب ڪري نٿو مڃي جو اها آسمان مان الهام جيان نازل نه ٿي آهي بلڪ ڪرکيتر جي جنگ جي ميدان تي ڪرشڻ وٽان واتي ويڻي چيل آهي. پر لطيف جو آيتون به سنڌ جي ڌرتيءَ تي واتي ويڻي ئي چيل آهن ۽ وچ ۾ هزارن سالن جو وقفو آهي. نند جي شاعراڻي جاچنا موجب جيڪو ڪرشڻ ڪرکيتر ۾ نه چئي سگهيو اهو لطيف پنهنجي رسالي ۾ چئي ويو. ۽ جيڪي لطيف رسالي ۾ نه چئي سگهيو هر واٽي تي وقت چئي رهيو آهي. ۽ وحي اڄ به دائم قائم آهي. ڪرشڻ هڪ ديومالائي (Mythological)ڪردار آهي ۽ ٻڌ ۽ لطيف تاريخي ڪردار آهن. پر ٽنهي ڪردارن ۾ جي وچ ۾ وقت جو فاصلو آهي. ان کان هن جڳ جي جوڙيندڙ جي پهرين لفظ ’ڪن فيڪون‘ ۽ ’اوم‘ کان اڄ تائين خواهه ازل کان ابد تائين وقت طيءِ ڪندو رهيو آهي. ۽ نند جويريءَ جي الهام قائم آهي جهڙي ڪوتا وقت جي تقاضا پوري ڪري رهي آهي.
اسلام جي وڏي دانشور امام غزالي جو قول آهي ته ”زندگي جي ڪنهن موڙ تي وقت جو سائنسي تقاضائون قران ڪريم جي تعليم جي اڳيان اڏ بڻجن ته سائنس کي درگذر ڪري قران شريف جي پيروي ڪيو. “
اهڙي عظيم دانشور جو قول کي قران ڪريم جي نزول ٿيل نبيءَ بابت ڏس نند جويريءَ جي ڏس ڪوتا ڪيترو نه نفي (Negate)ٿي ڪري.
ڏسُ
رسول
جاهل کي
ماڻهوءَ جو ڏس ڏنو
ته جاهل
مسلمان ٿي پيو
لطيف
سسئيءَ کي
پنهونءَ جو ڏس ڏنو
ته سسئي
پنهون ٿي پيئي

بهرحال نند جويريءَ جي جي شاعري خوبصورت آهي يا خواب صورت ان جو فيصلو ته ذهين پاٺڪ ڪندا. پر مونکي رڳو ايترو چوڻو آهي ته هيءُ مجموعو نند جويريءَ جي شاعريءَ جو ڇيہُ آهي، جو هن جي شاعريءَ جي ترڪش ۾ اڃا گهڻائي تير محفوظ آهن.

نشبد

نٿو ڄاڻا مان
ڪنهنجو انش آهي
هيءُ شبد جو جنڪ
نشبد
شايد ڇايا آهي
اُن جي
جنهن اَنام کي
نانءُ ڏنو آهي

نشبد هڪ آهي

نرگڻ هڪ آهي
سگڻ انيڪ
نشبد هڪ آهي
شبد انيڪ
انيڪ ڪهاڻيون
انيڪ ڪويتائون
انيڪ روپ
انيڪ احساس
انيڪ
سرشٽيءَ ۽ سرشٽا جا راز
سڀ ملن ٿا شبد ۾
جڏهن
شبد ۾ ملي ٿو
نشبد

اکرُ سڀ جي جنني

شروعات ۾
رڳو ناه هئي
۽ ناه واري ماٺ هئي
نه ڌُني هئي
نه اکر هو
جنهن سبب
نه ئي ڪو نانءُ هو

نه کنڊ هو
نه ئي اکنڊ هو
پر پوءِ به
سڀ هئا
سڀ اَنام سان اَنامُ هُئا
جل ٿل جيؤ اَجيؤ
سڀ هُئا
سڀ
نشبدَ سان نشبدُ هئا

يگن جا يگَ
ناہِ به اَنام هئي
ناہِ کي جتائڻ واري
سُرِتِ به ڪونه هئي

نه هئي احديت
نه هئي وحدت
ته نه هئي ڪثرت
ڪائنات ڪونه هئي
پر پوءِ به
سڀ هُئا
سڀ اَنامَ سان اَنامُ هُئا

ناه جي ماٺ مان
پهرين ڌُنيءَ جو جنم ٿيو
۽ جنهن ڌُنيءَ مان
اَکر جو جنم ٿيو
اُهو پهريون اکر
مان هئو
جنهن مان ئي
مان جي ڇٺي ڪئي
اهو مان ئي هئو
جنهن پاڻ سڃاڻي
باقي کي تون جتايو
۽ هن ئي
تون جي ڇٺي ڪئي
تنهنتي تنهن کِنَ ئي
اکنڊ
کنڊ کنڊ ٿي ويو
هڪ خالق بڻيو
ته ٻيو
مخلوق ٿي پيو
۽ اکر
سڀ جي جنني ٿي پيو

ڏڦير جو جنم

شروعات ۾
جڏهن هو اَنامُ هُئو
ته هو سَڀَ سان سَڀُ هُئو
پر جيئن ئي
هن اَنام کي نانءُ مليو
ته هو اَنامُ
کنڊُ کنڊُ ٿي ويو
هڪ کنڊ .... پرم ايشور
ته ٻيو گاڊ دي گريٽ
ته ٽيون الله اڪبر
ٿي پيو
هڪُ مندر ۾
ٻيو گرجاگهر ۾
ٽيون مسجد ۾
وڃي سوگهو ٿيو
جڏهن اَنامَ کي نانءُ مليو
نانءُ
ڏُڦيڙُ جي
جنني ٿي پيو


5
پاڪ ــ ناپاڪ

جڏهن هڪ بي معنى اکر
ٻئي بي معنى اکر سان جڙي ٿو
ته هڪ مقرر محدود معنى وارو
لفظ ٿي پوي ٿو

جڏهن
هڪ مقرر محدود معنى وارو لفظ
هڪ مقرر محدود معنى واري
لفظ سان جڙي ٿو
ته هڪ مقرر محدود معنى وارو
جملو ٿي پوي ٿو

جڏهن
هڪ مقرر محدود معنى وارو جملو
هڪ مقرر محدود معنى واري
جملي سان جڙي ٿو
ته هڪ مقرر محدود معنى وارو
ڪتاب ٿي جنمي ٿو

جڏهن جنميو
ڪنهن رنگين
نظر سان سان جڙي ٿو
ته جنميو
پاڪ .... يا ناپاڪ
ٿي پوي ٿو

پاڪ ۽ ناپاڪ
سدا کان ڪونه هُئا
ته پوءِ
سدائين ڪيئن رهندا
ائين ئي ٿيو آهي
ائين ئي ٿيندو

اَکر جي دهِشَتَ

نِرِگڻَ جي گرڀ مان
جنمي ٿو سگڻُ
مقرر محدود معنى سان

نِشبد جي گرڀ مان
جنمي ٿو شبدُ
مقرر محدود معنى سان

مقرر ۽ محدود معنى مان
جنمي ٿو ڀيدُ
تون ۽ مان جو ڀيد

ڀيد جي گرڀ مان
جنمي ٿو ڏرُ
ڏرُ .... مونکي تو وٽان
توکي مون وٽان

ڏر جي گرڀ مان
اُٿي ٿو ڏاڍُ
ڏاڍُ .... تو لاءِ مون وٽان
مون لاءِ تو وٽان

ڏاڍ جي گرڀ مان
اُٿي ٿي دهشت
دهِشتَ ..... گهر گهر
جڏهن اَکرُ
هر من

هيءُ اَکر جو گهر آهي

در دريون دروازا
سڀ بند آهن
در درين دروازن تي
گهڻو ڪجهه لکيل آهي
۽ گهڻي ڪجهه لکيل تي
ڇت به قائم آهي
هيءُ اکر جو گهرُ آهي

اکر سان اکر سَٽيل آهي
نه چُري ٿو سگهي
نه مُڙي ٿو سگهي
هيءُ ڪتاب جو گهر آهي

اَکرن جي اُڻتِ ۾
خوف آهي نرڪ جو
ته لالسا آهي جنت جي
پر ڪو ڏس ناهي ٻاهر جو

بس اکر آهي
اکر ئي اکر آهي
هيءُ اکر جو مڪان
اکر ... ۽ ... اکر سان
مضبوط آهي

هِتِ
حاڪم حُڪم
بندُ باندي پناهه
سڀ اکر ئي آهي

ساهُ پساهُ
جيئڻ موت
اکر سوءِ ممڪن ناهي

ڏاڍ آهي اکر جو
دهشت آهي اکر جي

هن ايمان جي خيمي ۾
شبد جي ڪُکَ مان
جنمي ٿو شبدُ
نِشَبدُ بانجُ آهي

سڌانت آهي
بس سڌانت ئي سڌانت آهي
اَسڌانت لاءِ ڪا جاءِ ناهي
هن اکرن جي ڄار ۾

بنا ضد
جئي رهيو آ ... اکرُ
بس پاڻ سان
............. پاڻ لاءِ

پانڌي پنڌ منزل
سڀ اَکرُ ئي آهي
هِتِ
ابي ڏاڏي جي ڪائيءَ سان
ٻڌل آهي ماڻهوءَ جي سُرِتِ
ويساه سان ٻڌل آهي
ماڻهوءَ جي ٻُڌي
هن اکرن جي خيمي ۾
ماضي زنده آهي
حالُ جنمي نٿو سگهي
آئيندهَ جو ڏور
ماضيءَ سان ٻڌل آهي

هوا جي تازگيءَ کي
سُرِتِ جي سجاڳيءَ کي
ڪو وجود ناهي خيمي ۾
خيمي جو قانون مظبوط آهي
... مظبوط آهي ... مظبوط آهي

هت اَکر پڙهي ٿو
اکر جي آڪار کي
۽ نِرِاکرُ نٻل آهي

اَڀئه آهي اکرُ
ڀر ۾ ويٺل اَکر کان
پر اَکر کي ڀؤ سو آهي
در جي
تاڪ جي
چير مان
ليئو پائيندڙ
پِرَههَ ڦٽيءَ جي باک کان

دڙي جو اکر

يُگ آيا يُگ گذري ويا
دڙي جي اکرَ سڀ ڏٺو آ
هر يُگ جو هو شاهد آ

دڙي جي اَکرَ
ايمان کي
آسمان مان لهندو ڏٺو آ
ايمان کي
مهراڻ ۾ لُڙهندو ڏٺو آ

دڙي جي اکر
ڪفر کي .... ايمان ۾ ڏٺو آ
۽ ايمان کي ..... ڪُفر ۾ ڏٺو آ

اڄ دڙي جو اکرُ سانت آهي
سانت آهي .... سانت آهي
سانت هن جي چئي رهي آ
نه اکر سچ آهي
نه اکر ۾ سچ آهي
راهه ڪا به
سچ ڏانهن نٿي وڃي

اَزل کان

ازل کان
شُڀ ۽ اَشڀ
جي يوگ سان
سرشٽيءَ جو نرماڻ
پي ٿيو آهي

قبول آهي ...
قبول آهي ...
قبول آهي ...
ٻن اکرن جي ورجاوَ سان
تنهنجو منهنجو يوگ بڻيو هو
جنهن يوگ تي
ٻن اکرن جي ستا
مهر هَڻي
توکي مونکي هڪ ڪيو هو

ٻن اکرن جي سَتا هيٺ
مون توکي ماڻيو
تو مونکي ماڻيو
وقت ۾
پدارٿ جي سنسار ۾

شايد
ٻن اکرن جي سَتا
نرماڻ ستا کي
شئه ڪري ڇڏيو
وقت ۾
پدارٿ بازار ۾

ائين ئي ٿيو آ
ائين ٿي ٿيندو
اکر ستا جي راڄ ۾
هن پدارٿ جي سنسار ۾

سڀاڻي وري
ٻن اکرن جي ستا
ناقبول ناقبول
جي ورجاوَ سان
شُڀ اَشڀ جي ازلي اَدويت کي
دويت ڪري ڇڏيندي
پاڪ سَتا
ناپاڪ ٿي پوندي
ائين ئي ٿيو آهي
ائين ئي ٿيندو
اکر سَتا جي راڄ ۾

هن اکر ستا جي راڄ ۾
ملهه ڏيئي
ماڻڻ جو رواج آهي

ازل جي نرماڻ ستا
اکر جي ستا جي داسي آهي
هت پيار ازل جو جيئڻ ناهي

پوئين پني تي

کليل مُٺيءَ تي
نچندو آهي آسمان
بند مٺيءَ مان
ڇڏجي ويندو آهي
سارو جهان
اکرن جي اُڻتِ مان
ڇڻجي چڪو آ سَچُ
اَڻَ لکيو
پڙهيو اٿم
پاڪ ڪتاب جي
پوئين پني تي

اَنام جيون ڌارا

هر پل
اکرُ ڪروٽ بدلي
هڪ معنى کي کوهي
ٻئي معنى کي پائي ٿو

جيڪو پني تي
پڙهيو ٿو وڃي
سجيو سمجهو ٿو وڃي
۽ بي پڙهيو
دڙي جو اکر
مردو مڃيو ٿو وڃي

اتهاس جا ڪيئين پنا
دڙي جو اکر
پنهنجي سيني ۾ ڌٻائي
ويٺو آ
چاهيندي به
مان هن کي
دفنائي نٿو سگهان

شايد ـــ سڀاڻي
دڙي جو اکر
تنهنجي يا منهنجي
نشبد مان ستا پائي
سجيو ٿي پوندو
پڙهيو ويندو
ڪنهن معنى سان
وقت پڄاڻي
معنى کوهي
وري ڪنهن دڙي جو
نشبد ٿي بيهندو

نشبد کان شبدُ
شبد کان نشبدُ
هن اَنام جيون ڌارا کي
جڏهن ڪوئي سُڃاڻندو
ته شبد ۽ نشبد جو هيءُ دويتُ
اَدويتُ ٿي پوندو
تڏهن شايد ڪوئي
پاڪ ڪتاب جي
اَڻ لکي شبدَ کي پڙهندو
۽ پاڪ ڪتاب جو
لکيل شبد
اَڻ لکيل نشبد جو
ساکي ٿي بيهندو

اکر ڪٿا

صدين کان
دڙي جو اکر
نِرِاکر جي سموري سگهه سان
اَچل ۽ سانت آهي

سانت کي به سانت رکي
ايڪانت سموريءَ کي سَميٽي
هو ايڪانتو
مونن ۾ منهن پائي
انتر هرديه جي سفر تي آ
موٽندو
ته ٻوليندو
جنم موت جو بيان ڪندو
ويد جو آغاز ٻڌائيندي
ٻال رگويد جي
طوطلي زبان جو
ورجاءُ ڪندو
جڏهن دڙي جو اکر ٻوليندو

حق خاموش آ

خدا
نه ويجهو آهي
نه پري آهي
پاڻُ سڃاڻي
ڄاتو هو منصور
ـــــــ منصور کي

تنهن تي
دوزخ جي ڌڙڪي
جنت جي دلاسي
ماري ڇڏيو منصور کي

اکر جو خطرو
اڄ به قائم آهي

شايد تنهنتي
حق
ڪنهن نٻل جي
آسري خاموش آهي

گاٿا ڪويتا جي

شبد جي اَرٿ پار
نشبد جي اَرٿ سان
پرڪاش جي مورت
ڪويتا انڌڪار آ
راهه آهي
منزل به آهي
پر راهه جو منزل ڏانهن
ڪو ڏس ناهي پانڌيءَ لاءِ

شبد جي اَرٿ پار
نشبد جي اَرٿ سان
ڪويتا اَمورت انڌڪار آ

ڪوئي نشان ناهي
پانڌيءَ جي کنيل قدم جو
پر پوءِ به
نشبد مان
شبدن جو هيءُ جوڙ
ڪيترن جي
راهه پئي رهيو آهي
ڪيترن بنا قدم کڻڻ جي
اِتان
پنهنجي پنهنجي منزل
پئي پاتي آهي

هيءُ گيت ناهي
جنهن کي
سُر ۾ سجائي ڳائي سگهجي
پر پوءِ به هيءُ
ڪيترن جو
گيت پئي رهيو آهي
جنهن کي ڪيترن
پنهنجي پنهنجي سُر سان
پنهنجي پنهنجي
جيون جي
سُريلن ۽ بي سُريلن
پَلن ۾
پئي ڳاتو آهي
سدا کان
ڏاهن ۽ ڏڏن
پنهنجي پنهنجي قؤت سان
پي ڪويتا ڳاتي آهي
پنهنجي پنهنجي راه
پڻ پاتي آهي

ڪويتا سدا کان
جيون جي چيل
پر پوءِ به اَڻَ چيل
گاٿا پي رهي آهي

ڪويتا سچ ٿي آهي

ڪويتا لکندي
نه تون هئين
نه مان هوس
نه ئي ڪوئي شبد هو
رڳو منهنجو
نرگڻ مان هُئو
تڏهن ته
ڪويتا سچ ٿي آهي

۽ هاڻ
ڪويتا پڙهندي
جڏهن مان نه هوندس
نه تون هوندين
نه ئي ڪوئي شبدُ هوندو
هوندو ته رڳو تنهنجو
نرگڻ مان هوندو
ته ڪويتا
ازخود
سچ ٿي پوندي

مون ڪٿي چيو هو

مون ڪٿي چيو هو
ته تون
منهنجي پُٺيان اچ
شايد تون منهنجي
اُچاريل شبدن کي ٻڌي
منهنجي پُٺيان آيو آهين

پر شبد ته
سَڀَ جا سَڀُ
ٺَڳَ ٿيندا آهن
مقرر معنى سان هوندي به
تنهنجي منهنجي احساسن سان
الڳ الڳ راند پيا رمندا آهن

نراڪار ڪجهه ٿي سگهي ٿو
ته صرف آڪار ئي ٿي سگهي ٿو
پر پوءِ به
آڪار ڪڏهن به نراڪار نٿو هجي
ته پوءِ ڀلا
منهنجو سَگڻ شبد
نِرگڻُ نِشبد
ڪيئن ٿي سگهي ٿو

مون شبد کي
اُچاريو ضرور هو
پر اُهو منهنجو
نرگڻ نشبد ڪون هئو

مون ته صرف
نرگڻ ڪويتا جو پاٺ ڪندي
ڪجهه شبدن کي
گنگنايو هو
ڪوري ڪاغذ تي
ڪجهه ليڪون ليڪي
نشبدَ کي شبدَ سان
چٽڻ جوجتن ڪيو هو
نرگڻ جي چاهه رکندي
سگڻ ڪويتا اُچاري هئي
پنهنجي نرگڻ پاڻُ کي پائڻ لاءِ

شبدن ۾
جو ڪجهه مون چيو هو
اُهو منهنجو نشبد کي
پائڻ جو جتن ئي ته هُئو
نشبد ڪويتا ڪون هئي
۽ جنهن شبد کي تو پاتو هو
اُهو تنهنجي ئي
نشبد ڪويتا جو پڙاڏو هو

مان
هوس ئي ڪٿي
جڏهن ڪويتا جو
نرماڻ ٿيو هئو

نه مان هوس
نه تون هئين
نه ئي ڪوئي شبد هو
هُئو ته رڳو
منهنجو نرگڻ مان هُئو
نشبد هُئو

۽ هاڻ
ڪويتا پاٺ ۾
جڏهن تون نه هوندين
نه مان هوندس
هوندو ته رڳو تنهنجو
نرگڻ مان هوندو
ته ڪويتا
ازخود
سچ ٿي پوندي

مان شبد کي اُچاري
نشبد کي پائي به
پائي نٿو سگهان
پنهنجي نرگڻ پاڻُ کي
پائي به پائي نٿو سگهان
ته توکي
پنهنجو نشبد
ڏيئي ڪيئن سگهان ٿو
۽ تون
منهنجي ڪويتا کي
پائي ڪيئن سگهين ٿو

سيمِتِ مورت
اَسيم اَمورت کي پاڻ ۾
سمائي نٿي سگهي
اکر نراکر کي پائي
اکر ئي رهي ٿو
اَپاتر اَکر
اَپاتر ئي رهي ٿو

سسُئي پاڻُ وڃائي
پنهونءَ کي پائي سگهي ٿي
اکر
رڳو پاڻ وڃائي
نِراکر کي پائي سگهي ٿو

تون منهنجي
شبد کي ٻڌي
پنهنجي ئي نشبد ڏانهن
مُڙيو هئين ـــ موٽيو هئين
باقي ته
مون ڪٿي چيو هو
ته تون منهنجي پٺيان اچ

اَرٿ هيڻ ڪويتا

جڏهن اَرٿُ
اَرٿَ هيڻ ٿي پوي ٿو
اِڪَ اَرٿي شبدُ
ٻهو اَرٿي نشبدُ ٿي پوي ٿو
سگڻُ شبدُ
نرگڻ نشبدُ ٿي پوي ٿو
مورتَ اَمورتَ ٿي پوي ٿي
اَپاترُ سُپاترُ ٿي پوي ٿو
جڏهن اَرٿُ
اَرٿَ هيڻ ٿي پوي ٿو

سڀ پدارٿ ۽ اَپدارٿ
وجود ۽ لاوجود
سڀ مُڪت ٿي
پورڻ ناه ۾
پورڻ ٿي وڃن ٿا
جڏهن اَرٿُ
اَرٿ هيڻ ٿي پوي ٿو

پر پوءِ به اَلائي ڇو
مُڪتي اَرٿ هيڻ نه ٿي ٿئي
مُڪتي اَرٿ سان ئي رهي ٿي
وقت ۾

پر شايد
نشبد ڪويتا
وقت کي ڳرڪائي
مڪت ڪري ٿي
اَسيم اَرٿن کي
وقت ۾

هر طرف کان

گل جي خوشبوءِ
هوا جي رُخ کي لتاڙي
مون وٽ
اَچي نٿي سگهي

جڏهن ته
ڪويتا
هر برطرف
رخ کي لتاڙي
مون وٽ آئي آهي

جڏهن ڪويتا ايندي آ

آس پاس کي سميٽي
جڏهن جڏهن
ڪويتا
مون وٽ ايندي آهي
مان اڪثر هن کان
پُڇندو آهيان
ڇا ڏيڻ آئي آهين
۽ ڇا کسڻ آئي آهين
موٽ ۾
ڪويتا
ايترو ئي چوندي آهي
جو تو وٽ تنهنجو ناهي
اُهو کسڻ آئي آهيان
۽ جو تو سان تنهنجو آهي
سو ئي تو کي
ڏيڻ آئي آهيان

اڌوري ڪويتا

شايد
ڪڏهن ڪڏهن
نثر پورڻ هوندو آهي
ڪوتا
سدا اڌوري هوندي آهي

ڪويءَ جي ڪويتا تي
واه واه
سِڌو سِڌو
ڪويءَ تي حملو آهي
شايد ڪڏهن ڪڏهن
ڪوئي ڪوي
حملي ۾ ساکي رهندو آهي

ڪوي جيڪو
انعامي تير سان
مرندو آ
اُهو ڄاولُ هوندو آهي

باقي ته
ڪوي
نه جنم وٺندو آهي
نه مرندو آهي
هو رڳو
ڪڏهن ڪڏهن
نشبد جي درياه ڪناري
سئر تي نڪرندو آهي

نه ڪوي
نه ڪوي جي ڪوتا
ڪڏهن به پورڻ هوندي آهي

پورڻ ڪوي
سدا
اَڻپورڻ ڪويتا سان
امر ٿيندو آهي

ڪويتا سدائين
اَپورڻ هوندي آهي
۽
اَپورڻ ئي پڙهي ويندي آهي

اَڻ لکيل

مورت سدا
بي حرڪت
مردي سمان هوندي آ
سو ئي
اکر پني تي
مورت سمان هوندو آ

مورت تي مران
ته مردي تي مران
مورت ته مئل ٿيندي آ

سجيو
رڳو اکرن جي اُڻت کان ٻاهر
اڻ لکيل ويد هوندو آ
باقي ته
لکيل ويد به
مورت ئي هوندو آ

مان نه لکندس ويد
چيو هو ويدوياسَ کي
اڳين ويدوياسَ
مورت تي مران
ته مردي تي مران
مورت ته
مئل ٿيندي آ
سجيو رڳو
اکرن جي اُڻت ٻاهر
اڻ لکيل ويد هوندو آ

آواز کي تياڳي

آواز ته گهڻو پوءِ آيو
ماٺ اَنادي آهي

ڪويتا ماٺ ۾ هئي
ماٺ ۾ آهي
ماٺ ۾ رهندي
ماٺ ۾ موٽندي
آواز جي پڃري کي تياڳي

ڪويتا
ماٺ ۾ رهندي
پورڻ ٿيندي آ
اَپورڻ
آواز کي تياڳي

ڪويتا جو ملهه

جڏهن جڏهن تو
ڪويتا پڙهندي
پاڻُ وڃائي
پاڻُ پاتو آهي
تڏهن تڏهن مون
ڪويتا جو ملهه
پاتو آهي

ڪوتا ۾

جڏهن ڪويتا ۾
چوڻ لاءِ
ڪجهه نٿو بچي
نه چوڻ وارو ٿو بچي
نه ٻڌڻ وارو ٿو بچي
رڳو ماٺ ٿي بچي
تڏهن ڪويتا
ٻُڌَ جي ماٺ کڻي
جِتِ به پهچي ٿي
اُتِ اُها پراٿنا
پراٿنا رهي به
نٿي بچي

ڪويتا جو اصلُ

جو ڪجهه
چئي سگهيس ٿي
ڪويتا ۾
چيو آهي

پر اصلُ
ڪويتا جو
اڻ چيل
شبدن جي وچ ۾
وهندڙ
نشبد درياه ۾
رهجي ويو آهي

سُڪل هڏي

ڪُتو
بي رسُ
سُڪَلَ هڏيءَ کي
چوسي چوسي
پنهنجي پاڻُ مان ئي
رَتُ پائي ٿو
سُرڳ رَسُ پائي ٿو

مان
ڪويتا جي
بي معنى
بي رسُ
اکرن کي
ڀاوَ رسُ اَرپي
ڪويتا مان
موڪش رسُ
پايان ٿو

هو صوفي هو

برهمانڊ جي
وشالتا کي
ڄاتو هو آئيسٽاين
هو برهمڻ هو
جنهن نه ڄاتو هو
اندر جي وشالتا کي

اندر جي وشالتا کي
ڄاتو هو لطيفَ
هو صوفي هو

ڪوفي ــ لاڪوفي

ڪوفي اکر پڙهي
اکر کي ڳائي ٿو
صوفي اکر وساري
اکر پار
اندر جي
الف کي پائي ٿو

ڪوفي
اکر کي اکر سان جوڙي
پنن مان
درسي علم پائي ٿو
صوفي ورق وساري
اَکر پار
نِرِ اَکر کي پائي ٿو

ڪوفي پاٺ رَٽي
حافظ ٿئي ٿو
لاڪوفي پاٺ وساري
ڏڏُ ٿئي ٿو

ڪوفي پاڻُ ڍَڪي
وصل وڃائي ٿو
صوفي پاڻُ اُگهاڙي
وصال ماڻي ٿو
ڪوفي پير وڌائي
هڪ جاءِ وڃائي
ٻيءَ جاءِ کي پائي ٿو
لاڪوفي
اَڪِرِتو پاڻُ وڃائي
پنهون کي پائي ٿو

شاستري

هن
جنهن گلاب کي ڳولهي
خوشبوءِ کي
پنن ۾ قيد ڪيو
جنهن اکر کي
اکر سان اُڻي
شاسترن جو
نرماڻ ڪيو
هو شاستري هو

جنهن
گنجي ٽڪر جي
اَڻ لکيل پنن کي پڙهي
ڀٽ تي ناچ نچيو
هو
ستيم شوم سندرم
جو پوڄاري
لطيف هو

نه عاشق نه معشوق

جيڪو سدا کان آهي
سدائين رهندو
جنهن جي نه هئڻ جو
ڪو امڪان موجود ناهي
اُهو سچ آهي ... اُهو حق آهي

هو جيڪو سدا کان آهي
سدائين رهندو
ماٺ ۾ هو
ماٺ ۾ آهي
ماٺ ۾ رهندو
ٻوليندو
ته
تو مون جهڙو ٿي پوندو
پوءِ
سدائين ڪيئن رهندو

پيار ٻوليندو
ته ها ڪندو يا نه ڪندو
ها ڪندو ته راڳ ڀوڳيندو
نه ڪندو ته ويراڳ ڀوڳيندو
ڀوڳ جي بار هيٺ
ڪري پوندو
تو مون جهڙو ٿي پوندو
پوءِ سدائين ڪيئن رهندو

ته پوءِ
مان ڪيئن چوان
ته مان موٽي ايندس
تو وٽ ٽڪندس
تو سان پيار ڪندس

نه مان عاشق
نه تون معشوق
رڳو عشق ئي عشق آهي
الله ئي الله آهي
ڀِٽُ عشق
ڀٽائي عشق
قادر پنهنجي
قدرت سين
عشق ماڻي عشق ۾

چئي ويو وِتراڳي

راڳ ويراڳ جي چونڊ ڪندي
تو راڳ چونڊي به راڳ چونڊيو
مان ويراڳ چونڊي به راڳ چونڊيو

تون راڳ جي خيمي ۾
راڳ جو ڀوڳي ... راڳ جو قيدي
مان ويراڳ جي خيمي ۾
ويراڳ جو ڀوڳي ... ويراڳ جو قيدي

هو وِتراڳي
ناقصئا نڱيو
نه راڳي نه ويراڳي
چئي ويو ساکي

ديوواڻي

جڏهن
ديو واڻي اَٻول هئي
ته اُها
نه پاڪ هئي
نه ئي ناپاڪ هئي
پر جيئن ئي ديوواڻي
ٻول ۾ آئي
ته اَمورت مان
مورت ٿي پئي
هڪ مورت تنهنجي ٿي
ٻئي مورت منهنجي ٿي
منهنجي مورت پاڪ ٿي
تنهنجي مورت ناپاڪ ٿي

مورت
سدا کان ڪونه هئي
ته پوءِ
سدائين ڪيئن رهندي

صوفي مورت پار
مونن ۾ منهن پائي
ڏيساور ڏوري معرفت جا

18 جو 63

گيتا ۾
ڪرشڻ چيو ارجن کي
وساري منهنجي چَئي کي
پرکجِ منهنجي چَئي کي
پيهي پنهنجو پاڻ ۾
پائجِ منهنجي سَچَ کي

صوفي
ڪري روح رهاڻ
پنهون پائي پاڻ ۾

بوند کي

بوند کي
ساگر ۾ ڪِرڻ ڏي

سُرَ اڪيلي کي
ڪُلُ سُرَ سان
ملڻ ڏي

وجود کي
لاوجود سان
ٻولڻ ڏي

جزي کي
ڪُلَ ۾
سمائڻ ڏي

تِهان مَنجھيئِي، پارِکَ
پَرِکِجِ حَقَ کي

سا سَسُئي

سا سسئي
ته اگياني هئي
جنهن پنهون سان
پيار ڪيو

سا سسئي
گياني هُئي
جنهن روح سان
رهاڻ ڪئي

سا سسئي
لاوجود هئي
جيڪا پنهونءَ سان
پنهون ٿي ويئي

پُڇي نه پُڇان

ڪنهن کان پُڇي پُڇان
پُڇَڻ ته پَرَ جو ٿيندو آ
جڏهن
ملڪ مڙيوئي منصور آ
لهان ته ڪنهن کي لهان
پنهون پائي پاڻ ۾
امر ٿيو ساکي

طوطو ... حافظ ... ساکي

طوطو
لفظ رَٽي
مرچ ڪمائي ٿو

حافظ
پنن ۾ پيهي
پاٺ پچائي ٿو

ساکي
مونن ۾ منهن پائي
ماٺ کي به
ماٺ ۾ رکي
معرفت سين
ڏيساور ڏوري ٿو

ڪُويساهي سُويساهي

مندر جو راڳي
سُويساهي
مورت جو ڀوڳي

مندر جو تياڳي
ڪُويساهي
مورت جو ويراڳي

ڀوڳي ۽ ويراڳي
ٻئي ٿيا ڀوڳي
پنهنجي پنهنجي
ويساه جا
چئي ويو ساکي

تنهن جاءِ

جِتِ ناهي ڪو اُڀ
جو جنهن ۾
ممڪن ٿئي عرشُ
جِتِ ناهي ڪو عرشُ
جنهن مان
ممڪن ٿئي اَختيارُ
جِتِ ناهي ڪو اَختيارُ
جنهن مان
ممڪن ٿئي احديت
جِتِ ناهي ڪا احديت
جنهن مان
ممڪن ٿئي وحدت
جِتِ ناهي ڪا وحدت
جنهن مان
ممڪن ٿئي ڪثرت
جِتِ ناهي ڪا ڪثرت
جو ممڪن ٿئي قيامت
جتِ ناهي ڪا قيامت
جو ممڪن ٿئي
دوزخ جو ڌڙڪو
جنت جو دلاسو
جت ناهي ڪو دوزخ
ناهي ڪا جنت
جو ممڪن ٿئي ايمان
تنهن ناه تي
صوفيءَ وڇايو مصلو
نماز لاءِ
ساکي سي ٿيا
جن ڪين کئين پاڻ سان

ڪير جاڳيو ڪير جنميو

ڀَؤ جاڳي
ته ڀڳوان جنمي

دک جاڳي
ته مورت جنمي

جاهل جاڳي
ته ماڻهو ٿئي

ماڻهو جاڳي
ته پنهو ٿئي

اهو ئي
قدرت جو قانون
ساکي چيو نيهن سان

عبد تنهنجو اصلُ

عَبدَ تنهنجو اصلُ
روح اي ڪُلَ جو حصو

اصلُ موٽندو
اصلَ ڏانهن
چئي ويو رسول

ته پوءِ
ڪهڙِي عبد جي ابتدا
ڪهڙِي عبد جي انتها

ڏسڻ ڏسين جي
همھ کي حق چئين
صوفيءَ پاتو قرآن ۾

وحدت ال وجود

سنڌوءَ جي ڪناري
رگويد جي رشيءَ چيو
هڪ تَتُ جيڪو ٿيو آ سڀُ

راويءَ جي ڪناري نانڪ چيو
اِڪِ نور سي جڳ اُپجيا

مڪي جي رسول چيو
مڃُ نور اي الاهي
ورجائي تنهنکي
لطيف ڳاتو
نرتون منجهان نيهن
مڃُ محمد ڪارڻي
ڏسڻ ڏسين جي
همہ کي حق چئين

وقت پار

ابي ڏاڏي کي گهوري
هو ٿيو ـــ ايڪانتو
پاڻ گهوري پرين تان
هو ٿيو ـــ آتموان
آتموان ٿي
هو ٿيو ـــ وقت پار
وقت پار ٿي
هو ٿيو ـــ آنندوان
آنندوان ٿي هو ٿيو
ـــ جنم مرڻ کان پار
جنم مرڻ کان پار ٿي
هو ٿيو ـــ منصور
منصور ٿي
هو ٿيو ـــ پوجنيه
هو ٿيو ـــ پوڄاري
سا ئي وحدت سا ئي ڪثرت
اڳي پوءِ
سڀ مڙيوئي احديت
چئي ويو ساکي

راند

يگن کان
شاسترن ۾ لکيل
گنڀيرتا کي
صوفيءَ هڪ کن ۾
احديت واري الف سان
راند بڻائي ڇڏيو
اکر پڙه احديت مان
ٻيا ورق سڀ وسار

ڪٿي ڪوئي

روشني
جيڪا گهٽ
گهڻو گهڻو گهٽ
اوندهه آهي
۽ اوندهه
جيڪا گهٽ
گهڻو گهڻو گهٽ
روشني آهي
روشني ۽ اوندهه جي
دويت کي
ڪٿي ڪوئي گرديو
ڪٿي ڪوئي لطيف
اَدويت سِڌِ ڪري ٿو

نچيو هو لطيف

مردو کي ڏسي
رُڪيو هو گوتم
ٻوڌُ بخشي گوتم کي
نچيو هو ٻُڌُ

انڌي کي ڏسي
رُڪيو هو عيسى
نور بخشي انڌي کي
نچيو هو عيسى

روح ڏسي
رُڪيو هو سَيدُ
پنهون بخشي سسئيءَ کي
نچيو هو لطيف

ناچ ۾ لطيف مري

ناچ ۾ ــ ناچو مري
ته ناچ ممڪن ٿئي
سُرُ ۾ ـــ سُرَ مري
ته سنگيت ممڪن ٿئي
ڪويتا ۾ ـــ ڪوي مري
ته ڪويتا ممڪن ٿئي
سچ ۾ ـــ منصور مري
ته حق ممڪن ٿئي
روح ۾ ـــ سسئي مري
ته پنهون ممڪن ٿئي
ناچ ۾ ـــ لطيف مري
ته ساکي ممڪن ٿئي

بيت اَڻچيا

ازل جي
سموري سگهه کڻي
مونن ۾ منهن پائي
هن نماز پڙهي
ماٺ واري

سگهه سموري ازل جي
اندر ئي رهجي ويئي
بيت اڻچيا
ماٺ سان ماٺ ٿي
اندر ئي رهجي ويا

سفر پنهنجو پنهنجو

پنهون
عرش تان لهي
فرش تي آيو
ته وڃي
ساه جي رڳ ۾
جاءِ ٿيو

سسئي
روح ۾
جاءِ ڪري
عرش جو
پنهون ٿي پئي

قدرت جو قانون ــ 1

پاڻي پاڻي ۾ تري
ته جنم چوائي
پاڻي پاڻيءَ ۾ ٻڏي
ته موت چوائي

تري به پاڻي پاڻيءَ تي
ٻڏي به پاڻي پاڻيءَ ۾

سوئي قدرت جو قانون
قائم آهي قديم

قادر
قائم رکي پاڻ کي
پاڻيءَ ۾ ٻڏي
پاڻيءَ تي تري

قدرت جو قانون ــ 2

شيهن گاهه کائي
ته روڳ ڪمائي
گهوڙو ماس کائي
موت ڪمائي

سسئي پيار ڪري
ته سورَ ڪمائي
۽ پاڻُ وڃائي
پنهون کي پائي

قدرت جو قانون
قائم آهي قديم

الهام قائم آهي

جو ڪجهه
ڪرشڻ چيو گيتا ۾
۽ جو ڪجهه
ڪرشڻ ڪونه چيو
گيتا ۾
سو ئي ٻُڌ چيو ڌمپد ۾

جو ڪجهه ٻُڌ
چيو ڌمپد ۾
۽ جو ڪجهه ٻڌ
ڪونه چيو ڌمپد ۾
لطيف چيو بيت ۾

جو ڪجهه لطيف
ڪونه چيو بيت ۾
هر واٽي تي
سنڌ چيو سنڌي ۾
نرگڻ جيون ڌارا ۾
دائم قائم آ
اڄ به وحي
سنڌ تنهنجي ماٺ ۾

لطيف جي ڌرتي

جو ڪجهه هن چيو
۽ جو ڪجهه هن ڪيو
سڀ پنن ۾ موجود آهي

جو ڪجهه هن ڪونه چيو
يا ڪونه چئي به چيو
اُهو ڪٿي آهي

جو ڪجهه هن ڪونه ڪيو
يا ڪونه ڪري به ڪيو
اُهو ڪٿي آهي

جو ڪجهه
هن جي حاضريءَ
ڪونه چيو
يا ڪونه چئي به چيو
اُهو ڪٿي آهي

جو ڪجهه
هن جي غير حاضريءَ
ڪونه چئي به چيو
اُهو ڪٿي آهي


هن جي اَڻ چيل پر چيل کي
هن جي اَڻ ڪيل پر ڪيل کي
پنن ۾ آڻڻ جو
اسان وٽ ڪو اُپاءُ ناهي

پر پوءِ به اُھو سڀ
عام جي رڳن ۾
عام جي جيون ۾
نرگڻ ڌارا بڻجي
وهي رهيو آهي
اُهو اصُلُ
پڪ سان
عام جي نرگڻ جيون ۾
وقت جي اُبتي وهڪ ۾
رڳن ۾ ساه بڻجي
وهي رهيو آهي

ته پوءِ
ڌرتيءَ جو عام
پنهنجي سجاڳ سُرِتِ سان
سگڻ بيتن کي
هڪ طرف رکي
پنهنجي نرگڻ پاڻ ۾ پيهي
اڻ چيل اڻ ڪيل
کان انڪار ڇو ڪري

پنهنجي ئي جيون ۾ وهندڙ
نرگڻ جيون جي وهڪ کان
انڪار ڇو ڪري
بيتن جي نرگڻ ڀاوَ کان
انڪار ڇو ڪري

چاهيندي نه چاهيندي
اڄ به ڌرتي رنڱيل آهي
هن جي چيل اَڻ چيل
هن جي ڪيل اَڻ ڪيل
هن جي حاضريءَ
غير حاضريءَ سان

لطيفي رنگ ۾
ڌرتي رڱيل آهي

ڏسُ

رسولَ
جاهل کي
ماڻهوءَ جو ڏسُ ڏنو
ته جاهل
مسلمان ٿي پيو

لطيف
سسئيءَ کي
روح جو ڏس ڏنو
ته سسئي
پنهون ٿي پئي

ڪاڪ ڪڪوري

نه عاشق نه معشوق
نه خالق نه مخلوق
نه ئي هو آهي لڊاڻو

نه ڏيک
نه ڏسڻ
نه ئي آ ڏسندڙ
سڀ مايا جو آ محل

مايا ماري مَتِ سڀ جي
باقي ته
راڻو ۽ راڻو، رِءَ راڻي ٻيو ناهِ ڪو.

دويت ــ اَدويت

دويت کان اَدويت جي سفر ۾
پاڻي، مٽي ۽ رنگ کڻي
ايمان جوڙيو گڻپتي
پر پوءِ به
اَدويت جو راز
راز ئي رهيو

اَڌويت کان دويت جي سفر ۾
ٻڌيءَ
پاڻي مٽي رنگ کي
کنڊ کنڊ ڪري ڇڏيو
پر پوءِ به
راز دويت جو
راز ئي رهيو

هڪ تت ٿيو آ سڀ
جيئن ئي مڃيو لطيف
ته صاحب ٿيو سامهون

اکر پڙهه الف جو

اگيانءَ کي
ڪتاب مليو
ته اگياني رڪجي
گياني ٿي پيو

گيان ۾ رڪيل گياني
الف کان وانجهيل رهيو
راز الف جو
راز ئي رهيو

سچ تنهنجو چهرو

اَگيان کي
ڪجهه خبر ناهي
گيان ٻڌائي به
ٻڌائي نٿو سگهي
پاڪ ڪتابن ۾ رڳو
منهنجون هنجون
قبوليتون درج ٿيل آهن
سوال سچ جو
اُتِ به قائم آهي

ته پوءِ
ڪهڙو چهرو سچ تنهنجو
قبول ڪريان مان

چهرو جيڪو
پرليه کان اڳ جو آهي
يا پرليه کان پوءِ جو چهرو
جيڪو ناه ۾ ناه ٿي ويندو
يا ماڳوهي اُهو چهرو
جيڪو وري ناه مان
ظاهر ٿيندو

ڪٿي ناهِ ئي ته ناهي
سچ تنهجو چهرو
جيڪو
سڀ وجودَ ۽ لاوجود لاءِ
جوابدار آهي

نراڪار ڪجهه ٿي سگهي ٿو
ته رڳو آڪار ئي ٿي سگهي ٿو
آڪار ڪجهه ٿي سگهي ٿو
ته رڳو نراڪار ئي ٿي سگهي ٿو

جيڪو ڪالهه هُئو
اڄ ناهي
جيڪو اڄ آهي
سڀاڻي ڪون رهندو

اڄ جو آڪار
نراڪار ٿيڻ لاءِ
تيار آهي
سڀاڻي نراڪار
وري آڪار ٿيندو
ازل کان
اهو ئي سلسلو
قائم آهي

سواءِ هڪ بدل جي
ڪجهه به ته دائم قائم ناهي
ڇا سناتن بدل ئي
سچ تنهنجو چهرو آهي

ناه ۾ ڪا ڪِرِتِ ناهي
رڳو هوند ۾ ئي ڪرت آهي
پر اهو به ته ائين ناهي
ناه ۾ به ته
لڳاتار بدل قائم آهي

هيءُ
ڪِرِتِ اَڪِرِتِ جو کيل
دُويت آهي يا اَدويت
ٻڌاءِ سچ تون ٻڌاءِ
هن دويت ۾
ته تون ڪٿي آهين
تون ڪِرِتِ سان آهين
يا اَڪِرِتِ سان آهين
هن ڪِرِتِ اَڪِرِتِ جي راند ۾

ڇا ائين ته ناهي
تون ئي اَڪِرِتِ کان خفي ٿي
ڪِرِتِ ۾ اچين ٿو
تون ئي ڪِرِتِ کان ٿڪجي
اَڪِرِتِ ۾ ليٽين ٿو

ڪا پَلَ
پڪڙ ۾ اچي نٿي
وهڪَ وقت جي
رُڪي نٿي

ته پوءِ ڪهڙو چهرو
سچ تنهنجو
قبول ڪريان مان

ٻڌاءِ سچ ٻڌاءِ
ڪِرِتِ کان اَڪِرِتِ
اَڪِرِتِ کان ڪِرتِ
تنهنجي عادت آ
يا تنهنجي فطرت آ

ڇا هيءُ گولاڪار سلوڪُ ئي ته
تنهنجو چهرو ناهي

ڇا ائين ته ناهي
هيءُ گولاڪار سلوڪ
تنهنجي ڇايا آهي
يا تون
هن گولڪار سلوڪ جي
ڇايا آهين

ڪهڙو چهرو
سچ تنهنجو
قبول ڪريان مان

سچُ

اُهو جيڪو
سدا کان آهي
سدائين رهندو
جنهن جي نه هئڻ جو
ڪو امڪان موجود ناهي

نه ٻڌي ٿو
نه ٻڌائي ٿو
نه ئي ڪجهه ڪري ٿو
رڳو هجي ٿو
ته سڀ ٿي پوي ٿو
حق هجي ٿو
ته سڀ ٿي پوي ٿو

پوتر پاڪ
سج جو ڪرڻو
پاڻيءَ تي پوڻ
ته ترشو ٿي وڃي
سچ ٻول ۾
ته اَسچ ٿي ٿو پوي

هڪ ڇِتِ
چار ديوارون کڻي
مان انڌڪار کي
ته پالتو بڻائي ٿو سگهان
پر روشني
اندر اچڻ سان ئي
مري ٿي وڃي
سچ ڪتاب ۾
هندو يا مومن بڻجي
رهجي ٿو وڃي

راه سچ ڏانهن
ڪا نٿي وڃي
راه مون ڏانهن
ڪا نٿي اچي

ٻڌُ ۽ سچُ

ٻڌ جي بيٺل بُتَ
ٻڌ جي ويٺل بُتَ
کي چيو
هِتِ به ته سچ ناهي
شايد اڃان اڳتي
سفر ڪرڻو پوندو
سچ اڃان اڳتي آهي

ويٺل ٻُڌ
ٻُڌي به نه ٻُڌو
رشيءَ وانگر
چئي به نه چيو
مُنيءَ وانگر

تنهنتي
بيٺل به
ويهي رهيو
ويٺل سان
اَڪِرِتِ

ڪهڙو سچ

ڪاغذ تي ليڪون
ليڪجن ٿيون
نقشن تي سرحدون
چٽجن ٿيون
پر ڌرتي
کنڊ کنڊ نٿي ٿئي
ڌرتي اَکنڊ ئي رهي ٿي

ته پوءِ ڪهڙو سچُ
سو سچُ آهي
جيڪو ڌرتيءَ تي
ديوارون کڻي ٿو

ڌرتيءَ تي
ديوارون کڄن ٿيون
آسمان تي ليڪون پون ٿيون
پر آسمان
کنڊ کنڊ نٿو ٿئي

ته پوءِ ڪهڙو سچُ
سو سچُ آهي
جيڪو آسمان ۾
ليڪون ليڪي ٿو

اسيم آسمان کي
مُٺ ڀر آسمان
بڻائي ٿو
منهنجي اُڏام کي
مٺ ڀر اُڏام بڻائي ٿو

ماڻهو ته ماڻهوءَ جيان
جنمي ٿو
پر ماڻهو ماڻهوَ جيان
نٿو جيئي
نه ماڻهو ماڻهوءَ جيان
مري ٿو
ته پوءِ
ڪهڙو سَچُ سو سَچُ آهي
جنهن سان ماڻهو جنمي ٿو
جنهن سان ماڻهو جيئي ٿو

شُڀَ کان اڳ

شڀ لاءِ
ضروري ٿو بڻجي
اَشڀ
شڀ کان اڳ حاضر هجي
جيئن شڀ جي سڃاڻپ ٿي سگهي

ايمان لاءِ
ضروري ٿو بڻجي
ڪفر
ايمان کان اڳ حاضر هجي
جيئن ايمان جي سڃاڻپ ٿي سگهي

خيمي ۾
ايمان باقي رهي
جنهن لاءِ ضروري ٿو بڻجي
ته ڪفر به پنهنجي زمين سان هجي

بت شڪن نماز پڙهي
اُن کان اڳ
ضروري ٿو بڻجي
بت جو پوڄڻ ٿئي

ڪيترو نه سولو آ

قدامت کان ماڻهو
مُٺِ ڀيڪوڙي
مڪتيءَ لاءِ
ڊُڪي رهيو آهي

جڏهن ته
مڪتي پيهي چُڪي آ
ڊُڪَ ۾
۽ ماڻهو ڊُڪي رهيو آهي
جيئڻ لاءِ
ايمان پنهنجي جيئاپي لاءِ
ماڻي رهيو آ
ماڻهوءَ کي
مڪتيءَ جي مٺائيءَ تي

ڪيترو نه ڏکيو آ
مُٺ ڀيڪوڙي ڊڪڻُ
جڏهن
ڪيترو نه سولو آ
مٺ کي کولي رکڻ
هن کِنَ ... هر کِنَ

رِءَ راڻي ٻيو ناهِ ڪو

ايمان سان
هو هڪ آهي
اعلى آهي
اعلى رهندو

ايمان سان
مان ٻيو آهيان
ٻيو رهندس
سوال آهي
ٻئي سواءِ
هڪُ ممڪن آهي
گهاٽيءَ سواءِ
چوٽي ممڪن آهي
ناچ سواءِ
ناچو ممڪن آهي
خلق سواءِ
خالق ممڪن آهي
هاڻ
هن هڪ کي
هڪ جي جاءِ تي رهڻ ڏيو
مون ٻئين کي
ٻئين جي جاءِ تي رهڻ ڏيو
ان ايمان سان
راڻو ۽ راڻو، رِءِ راڻي ٻيو ناهِ ڪو

خدا جو ڊپ

ويساهيءَ کي
ڊپُ آ خدا جو
ڇو جو
جيون خدا کان آهي

بي ويساهيءَ کي
ڪو ڊپ ناهي خدا جو
پر پوءِ به هن سان جيون آهي

خدا جو ڪو خدا ناهي
پر خدا کي
خدائيءَ جو ڊپ آ
انهيءَ لاءِ ته
خدا سان
مون سان
جيون آهي

مان ۽ تون

مان سرير آهيان
ته پڪ سان
تون منهنجو
مالڪ آهين
ڇو جو
تنهنجو ئي ڏنل آهي
هيءُ سرير

مان آتما آهيان
ته پڪ سان
تون منهنجو
پرماتما آهين
ڇو جو
مان ئي تنهنجو جزو آهيان

مان تت آهيان
ته پڪ سان
مان اُهو ئي آهيان
جيڪو تون آهين

مان تت آهيان
هيءَ ڌرتي منهنجو گهر ناهي
مان ڌرتيءَ جو گهر آهيان

اکرَ مهرَ جي راند ۾

اکرَ مُهرَ جي راند ۾
تو مُهر کٽي ـــ ته ڇا کٽيو
مون اکر کٽيو ـــ ته ڇا کٽيو
بازار ۾ ـــــ اڪيلي سَرِ
نه تنهنجي مُهر هلي
نه منهنجو اکر هليو
نه پرشُ جنميو نه پرڪرتي

اکر مُهر جي راند ۾
تو مُهر کٽي ـــ ته ڇا کٽيو
مون اکر کٽيو ـــ ته ڇا کٽيو

پنهنجي پنهنجي فطرت آ

بهشت جي
باقي بچيل
ٽنگڙي ڪباب جي
بچيل سڪل هڏي کي
دوزخ جي ڪوڙي ڪچڙي ۾
ڦٽو ڪيو ويو
تنهنتي ڪتن
بهشت مان هجرت ڪري
وڃي دوزخ ۾ گهر ڪيو
اهو ئي
ڪُتا شاستر ۾
لکيل ملي ٿو

ٻلين به ڪجهه ائين ڪيو
جڏهن دوزخ ۾
ڪوئن جي برسات پيئي

پنهنجو پنهنجو نرڳُ آ
پنهنجو پنهنجو سرڳ آ

شينهن گاه کائي
بهشت وڃائي ٿو
گهوڙو ماس کائي
دوزخ پائي ٿو
هر ڪنهن سان
پنهنجي پنهنجي فطرت آ
پنهنجو پنهجو مذهب آ

گل کان آزادي

مون خوشبوءِ کي
گل کان آزاد ڪري
ناه ۾ پوکيو آ

عبادت کي
عبادت گاه کان آزاد ڪري
ناه ۾ پوجيو آ

الف کي
هستيءَ مان آزاد ڪري
نيستيءَ ۾ پڙهيو آ

مون خوشبوءِ کي
گل کان آزاد ڪري
ناه ۾ پوکيو آهي

پکي آسمان ۾

منزل سان جڙيل راه
راه سان جڙيل راهي
منزل ... راه ... راهي
سڀ باندي

نه منزل
نه راه
نه راهي
مڪت آهي
اُڏام لاءِ

پکي آسمان ۾
اسيم منزل ڏانهن
اسيم اُڏام سان
اڏندو ٿو رهي
بنا ڪنهن نشان کي
پٺيان ڇڏيندي

سناتن لڳاتار
سرجڻ ڪندي
ڪو نشان
پٺيان نٿو ڇڏي

ايشوري ڪڻ

هڪُ اَنام تَتُ
جيڪو ٿيو آ سَڀُ
الڳ الڳ ڏيک کڻي
الڳ الڳ نالن سان

مڪي جي رسول
اُن کي نور مڃيو
عيسا اُن کي شبد چيو
ويد اُنکي چيتنُ چيو
هڪ تت جيڪو ٿيو آسڀ

صاحب سامهُون

ويدَ تنهنجي
پورڻتا کي ڏسي
توکي پورڻ چيو

ٻُڌ تنهنجي
ڪين کي ڏسي
توکي ڪين چيو

شنڪر تو کي
سڀ ۾ ڏسي
توکي مايا چيو

ورجائيندي
لطيف چيو
جيڏانهن ڪريان پرک،
تيڏانهن صاحب سامهُون.

شُڀُ ــ اَشُڀُ

هڪ وقت کان
تنهنجي قائم
شڀ تصور کي کڻي
مان ڊڪندو ٿو رهان
تنهنجي پٺيان
جڏهن ته
پاڻي پاڻيءَ کي ٻوڙي
اسيم اَڻ ڳڻتِ سرحدون
لتاري چڪو آ
نه ندي
نه نديءَ ۾ منهنجا پير
هڪ کن اڳ جي
احساس کي
پائي سگهن ٿا

پر عجب اهو آهي
تون شُڀُ رهي به
شُڀُ رهيو آهين آد کان
جڏهن ته اَشڀُ سدا
شُڀَ جو پورڪ پي رهيو آهي
آد کان

حقيقتان
اَشڀ اَول جنميو هو
جيئن شڀ جي
سڃاڻپ ٿي سگهي
سندس جنم تي

پر عالمُ
اَشڀَ کي لتاري
شڀ جو عادي
ٿي چڪو آهي
جڏهن ته
شُڀَ جو احساسُ
ٿي نٿو سگهي
اَشڀ جي احساسَ سواءِ
پرڪاش کي
ماڻي نٿو سگهجي
انڌڪار جي احساس سواءِ

ڏسان ٿو
تنهنجو اَشڀ سروپُ
ڊڪي رهيو آ
تنهنجي شڀ سروپ پٺيان
ڌيمي رفتار سان
شايد مونکي
رڪڻو پوندو
ڊڪ کان ٻاهر
پرليه کي
ڀوڳڻو پوندو
تنهنجي اَدويت کي
مائڻ لاءِ

ايمان ۽ ڪفر

اميءَ جو نُسخو سولو هو
ايمان جو ڊوز مِٺو هو
عادتان
مون ايمان کي قبول ڪيو
پر فطرتان
بوتل سان نباهڻ ڏکيو ٿو لڳي

مون ور ور
اميءَ کان
سوال پي ڪيو آهي
ائين ڇو آهي
ڪفر
ايمان کان اڳ
جنم ورتو آهي
شايد ايمان
اڳين ايمان کي ماري
پاڻ کي سِڌ ڪيو آهي

ته پوءِ
اُهو ڪهڙو ايمان هوندو
جيڪو بهشت کي ماڻيندو
ڪهڙو ڪفر هوندو
جيڪو دوزخ کي ڀوڳيندو

عادتان اَمي خاموش آ
ايمان کي غرور آ
هر پني تي
هو موجود جو آ

فطرتان
ڪفر پنهنجي مشڪ سان
ايمان جي سڃاڻپ لاءِ
بهشت ۾
اڳ ئي موجود آ

ديوار تي

ديوار تي
برسات جو پاڻي
اَسيم ارٿن سان
اَسيم شڪليون جوڙي ٿو
ايندڙ ويندڙ هر ڪوئي
پنهنجي پنهنجي نظر سان
پنهنجي پنهنجي قوت سان
ديوار تي پاتل شڪل ۾
پنهنجي پنهنجي اَرٿُ سان
پنهنجو پنهنجو سچ پائي ٿو

ديوار تي
هڪ شڪل
مون به ڏٺي آهي
پنهنجي ئي اَرٿ سان
پنهنجي ئي سچ سان

شايد هڪ شڪل
تو به ڏٺي هوندي
پنهنجي ئي ارٿ سان
پنهنجي ئي سچ سان

۽ هڪ سچُ
سرجاتا ديوار جو به هوندو
پنهنجي ئي ارٿ سان


تنهنجي منهنجي
سچ ڪوڙ کي سانڍي
تنهنجي منهنجي سچ ڪوڙ جي
حرڪتن کي سانڍي
حرڪت هيڻ ديوار بيٺي آهي
نِر جيو ديوار بيٺي آهي

سچ ڪوڙ جو ٻج بڻي
سچ ڪوڙ جي ڪُکَ بڻي
نرجيو ديوار بيٺي آهي
تنهنجي منهنجي سچ ڪوڙَ کي
ڪُلهو ڏيندي
نرجيو ديوار بيٺي آهي

سڀاڻي
وري برسات پوندي
پڪ سان
سڀ آڪار مٽجي ويندا
سڀ شڪليون بدلجي وينديون
سڀ سچ ـــ سڀ ڪوڙَ
بدلجي ويندا
نه منهنجو سَچُ رهندو
نه تنهجو سَچُ رهندو
سڀ کي کائي ويندو
برسات جو پاڻي
تنهنجي منهنجي
قبوليت سواءِ
سچ ڪوڙ کي کائي ويندو
برسات جو پاڻي

پوءِ به
اَچيتن نرجيو ديوار
بيٺي هوندي
پنهنجي ئي
گوچر اَگوچر سچ سان
تنهنجي منهنجي
چيتن جي سچ جو
آڌار بڻي
اَچيتن ديوار بيٺي هوندي

جيئن
پرڪرتي بيٺي آهي
پرش جو آڌار بڻي

سُلوڪُ

صَليبُ
شَهادتَ جي نشاني
قَبر
جيون جي پُڄاڻي
وڻُ
جنم موت جنم
گولاڪار جيون جي
گتيءَ جو
سناتن سُلوڪُ

بي سبب

بي سبب
سج اُڀري ٿو
بي سبب انُ پچي ٿو
بي سبب
هوا لهرائي ٿي
بي سبب
سرشٽي ساه کڻي ٿي

بي سبب
بادل بوند بوند ٿي
پاڻ وڃائي
نير نديءَ جو بڻجي ٿو
برسي ٿو

بي سبب ئي ندي
ساگر ۾ سمائي ٿي

بي سبب ساگر
ڌرتي تياڳي
بادل بڻجي
برسي ٿو

بي سبب سرشٽيءَ جو
ستيم شوم سندرم

بي سَبَبَ هن پيار ڪيو
بي سبب ئي
پيار هن جو مري ويو
پر ڪنهن سبب وس
هن پيار جو سِراڌُ ڪيو
سبب وس
تاج جوڙي
هن پيار جو اظهار ڪيو
جنهن کي
تو ۽ مون
ستيم شوم سندرم
چيو
شايد ڪنهن سبب وس

سندرتا

روشنيون جيڪي
اونداهيون کڻي اچن

اوندهيون جيڪي
روشنيون کڻي اچن

اهڙي نرآڌار سندرتا ۾
نه رهي ڪوي
نه رهي ڪويءَ جي ڪويتا
نه رهي خالقُ
نه رهي خالقَ جي خلقَ
اهڙي سناتن سندرتا ۾
گم ٿي وڃي ٿو
ڏيکُ
ڏسڻ
ڏسندڙ

شِوالو

چئن ديوارن
۽
هڪ ڇت کان سواءِ
شوالو
ممڪن ڪٿي آ

پُرش
پرڪرتيءَ کانسواءِ
مڪمل ڪٿي آ

قادر
قدرت کانسواءِ
مڪمل ڪٿي آ

ائين ئي آهي
هر ڪوئي
پنهنجي پنهجي چڍيءَ ۾
سرشٽيءَ جو ٻجُ
کڻي گهمي ٿو

اَساڌ جي جنم سان

اَساڌ جي جنم سان
جنمي ٿو ساڌُ

رام جي جنم سان
جنمي ٿو ڌوٻي

ڌوٻيءَ جي جنم سان
سڌ ٿئي ٿو رام راجيه

اوندهه جي جنم سان
جنمي ٿو پرڪاش

دويت
سِڌِ ڪري ٿو
اَدويت کي

موٽڻ

ڌيري ڌيري
اوندهه
گهٽجي
ٿئي ٿي روشني

ڌيري ڌيري
روشني
گهٽجي
ٿئي ٿي اوندهه

آد کان
بي وٿيءَ
قائم آهي
هيءُ سلسلو

نه زمين
نه زمان ئي
ليڪي سگهيو آ
ڪا ليڪ

ڪير آ جنني
ڪير آ جنميو
نه پرڪاش کي
نه ئي اوندهه کي
آهي ڪا ڄاڻ

نه اوندهه کي آ ابتدا
نه پرڪاش کي آ انتها

شايد
پاڇو آ هيءُ سلسلو
ڪنهن سناتن جو

نفرت جي احساس سواءِ
پيارَ جو احساس
ٿي نٿو سگهي
پيار جي احساس سواءِ
نفرت جو احساس
ٿي نٿي سگهي

نفرت گهٽجي ... ٿئي ٿو پيار
پيار گهٽجي ... ٿئي ٿي نفرت
سناتن آ
هيءُ سلسلو
شايد پاڇو آ
ڪنهن سناتن جو

ته پوءِ مان
ڪيئن چوان
ته مان تو وٽ ايندس
تو وٽ ٽڪندس
تو سان پيار ڪندس

جڏهن ته
سناتن کان ٻاهر
منهنجو وڃڻ
ممڪن ٿيو ئي ناهي
ته پوءِ
منهنجو موٽڻ ڪيئن
ممڪن ٿي سگهي ٿو

ته پوءِ
ڪيئن چوان
ته مان موٽي ايندس
تو وٽ ٽڪندس
تو سان پيار ڪندس
جڏهن ته منهنجو وڃڻ
ٿيو ئي ناهي

آسمان کي نچڻ ڏيو

هڪ وقت هو
رام ـ رحيم کي
ڪلهن تي کڻي
نچيو هئو مهاتما
ليلا هئي ... پوري ٿي
منچ تان
لهي ويا سڀ ڪلاڪار

شطرنج جي گماسان ۾
هن مهرا گهڻئي هلايا
ٿڪجي پيو
کيس خبر ڪونه هُئي
شطرنج ۾
ڌوتي ڏيڊ گهر
ته لونگي
ساڍا ٽي گهر
هلي سگهندي آ

اڄ وقت
بدلجي چڪو آ
لونگيءَ وارن کي
لونگيءَ ۾ نچڻو آهي
ڌوتيءَ وارن کي
ڌوتيءَ ۾ نچڻو آهي
۽ مونکي
ننگو ٿي نچڻو آ

نچڻ ڏيو هنن کي
لونگيءَ ۾ .... ڌوتيءَ ۾
مونکي ننگو ٿئي نچڻ ڏيو

رام کي .... رحيم کان
رحيم کي .... رام کان
مڪت ڪريو

هر ڪنهن کي
پنهنجي پنهنجي
پوشاڪ ۾ نچڻ ڏيو
پنهنجي پنهنجي ليلا
رچڻ ڏيو

خيمي جي
مٺ ڀر آسمان کي
خيمي مان مڪت ڪريو
مونکي ننگو ٿي نچڻو آهي
مونکي ننگو ٿي نچڻ ڏيو
آسمان جي وشالتا کي
ماڻڻ ڏيو
مونکي ننگو ٿي نچڻ ڏيو

کليل مُٺِ تي
نچندو آهي آسمان
بند مُٺي مان
ڇڏجي ويندو آ سارو سنسار

مڃتا جا باندي

هاڻ
اسين سڀ آزاد آهيون
نه تُنهنجي گهر تي
ڪو پهري آهي
نه مُنهنجي گهر تي
ڪو فوجي آهي
هاڻ اسين سڀ آزاد آهيون

ڌاريا ڀڄي چڪا آهن
ڳالهه ٻول تي ڪا روڪ ناهي
اچ وڃ لاءِ مڪت آهيون

هاڻ
تنهنجا سپنا ... تنهنجا آهن
منهنجا سپنا ... منهنجا آهن

هاڻ
نه تنهنجي سپني ۾
منهجو ڪرشڻ ايندو
نه منهنجي سپني ۾
تنهنجو عيسى ايندو
هر ڪنهن جي گهر تي
پنهنجو پنهنجو پهري هوندو

هاڻ اسين سڀ
مُڪت آهيون
پنهنجي پنهنجي
پاڪ ڪتاب سان
پنهنجي پنهنجي
مُٺِ ڀر ايمان سان
پنهنجي پنهنجي
مُٺِ ڀر آسمان ۾
مُٺِ ڀر اُڏام لاءِ
اسين سڀ آزاد آهيون

گڏه ۽ ماڻهو

گڏهه
جيئن جنمي ٿو
گڏهه رهي ئي جيئي ٿو
گڏهه رهي ئي مري ٿو
هو ڪڏهن به
گهوڙو نٿو ٿئي
نه خچر ئي ٿئي ٿو

گڏهه
جنهن پورڻتا سان
جنمي ٿو
اُن سان جيئي ٿو
اُن سان مري ٿو

ماڻهو
جنهن پورڻتا سان
جنمي ٿو
اُنَ پورڻتا سان
نٿو جيئي
نٿو مري

هو
ماڻهو ٿي جنمي ٿو
يا هندو يا مومن
ٿي جيئي ٿو
۽ مري ٿو

خدا جو خليفو
مڪت ٿي جنمي ٿو
باندي ٿي جيئي ٿو
باندي رهي مري ٿو
پورڻ ماڻهو
اَپورڻتا سان مري ٿو

مون

نِرڌنَ
ڌَنوان جي ڌن کي
نه ڪري
ڌنوان کي
نِرڌنُ بڻائي ڇڏيو

مون
مندر جي پرساد کي
ها ڪري
مورتيءَ کي
ڀڳوان بڻائي ڇڏيو

طوطي
اکرن کي رَٽي
پاڪ ڪتاب کي
درسي ڪتاب بڻائي ڇڏيو
۽ مون
درسي ڪتاب کي چُمي
ديوواڻي بڻائي ڇڏيو

سڦلتا ڏانهن

هر قدم جي
وڦلتا کي کڻي
مون ور ور اڳتي
قدم وڌايو آ
اِن سچ سان
ته راهه
اِها ئي آهي
سڦلتا ڏانهن

پوئين پني تي

گهڻو ڪجهه لکيل آ
پاڪ ڪتاب جي
اڳين پننَ تي

مول لکيل آ
پاڪ ڪتاب جي
اڻ لکي
پوئين پني تي

آسمان مان لهندي
ڪرڻو
پاڻيءَ تي پَئي
ترشو ٿي وڃي ٿو

سچ
آسمان تان لهندي
پنن تي
هندو يا مومن
ٿي پوي ٿو

منهنجو رتُ

ڪتابن ۾
لکيل ائين ئي ملي ٿو
ته جنت مٿي آهي
۽ دوزخ هيٺ آهي
هر ڪنهنجو سفر
هيٺ کان
مٿي ڏانهن آهي

پر منهنجو
اَڻ پڙهيل رَتُ
هيٺ کان مٿي
مٿي کان هيٺ
سفر ڪندو ٿو وتي
جنت کي ماڻيندو
دوزخ کي ڀوڳيندو ٿو وتي
ڪتاب جي لِکي کي
غلط ڪندو ٿو وتي

منزل

سمجهيو هو
منزل جنهن کي
ڇُهڻ سان
پَڙاءُ ٿي پيئي

چاه
مڪتيءَ کي
لتاري نه سگهي
جت به
چاهت سان پيو پير
پٺتي ئي پيو
مڪتي اڳيان
۽ اڳيان وڌنڌي ويئي

اوندهه ۾

اوندهه ۾
منهنجي
ساهه پساهه جو
اڪيلو آواز
روشنيءَ جو
اڪيلو ڏَسُ

هاڻ به

ور ور
للچائي رهيو آ
آسماني ڪتاب
وِکَ کڻ
منهنجي پٺيان اچ
تنهنجي مڪتي
پڪ سان
مون سان آهي

جڏهن ته مان
مڪت ئي آهيان
وک کڻڻ اڳُ
هاڻ به

ڇانوَ

رڻ پٽ جي
تيز تراري اُس ۾
ڇانوَ لاءِ
ڀٽڪي رهيو هوس مان
جڏهن ته
منهنجي ئي پاڇي کي
ماڻي رهيو هو
هڪ رڻ پٽ جو ڪيڙو

اَڪثر
ائين ئي ٿيندو آ
ماڻهو قبر ۾
ڪيڙي جو
ڀوڄن ٿيندو آ

پوجاري مندر ۾
ڀڳوان جو ڀوڄن ڪندو آ

جيڪو آهيان

تون پڪ سان
پنهنجي سمجهه سان
پنهنجي سمجهه وٽ
مون کي باندي بڻائي
رکي سگهين ٿو
پر
تنهنجي سمجهه پار
مان
پنهنجي فطرت سان
اُهوئي آهيان
اُهوئي رهندسُ
جيڪو آهيان
جيئين آهيان

ها باقي تون
پنهنجي فطرت سان
مونکي
پنهنجي ڀاڪر ۾
ماڻي سگهين ٿو

ائين ئي آهي

جڏهن جڏهن مون
ثواب سڃاڻي
ڪو دان ڪيو آهي
ته واپار ئي ڪيو آهي

جڏهن جڏهن مون
جاءِ سڃاڻي
حج ڪيو آهي
ته سئر ئي ڪيو آهي

جڏهن جڏهن مون
توکي سُڃاڻي
نماز پڙهي آهي
ته اُها
نٻلتا پڙهي آهي
۽
سٻلتا ٻڌي آهي

جڏهن جڏهن مون
تن کي به تن تان لاهي
تو سان پيار ڪيو آهي
پاڻُ سان
پيار ڪيو آهي

اِهو ئي رواج آ

منهجي ديهانت تي
پهرين ته
ڪاٺيون ٻرنديون
پوءِ منهنجي ديھ
اهو ئي رواج آ
ائين ئي ٿيو آ
ائين ئي ٿيندو

تنهنتي
جڏهن ڪوئي
روئي روئي ٿڪبو
ٻه ڍڪُ پاڻيءَ جا پيئندو
تنهنتي ڪوئي چوندو
اڪيلو آيو هو
اڪيلو هلي ويو
اڪيلو ڇڏي ويو
ائين ئي ٻڌبو آ
ائين ئي ٻڌبو

ائين ئي ٿيو آ
ائين ئي ٿيندو

جڏهن مان
ڪو روپ بدلي
پنهنجي ئي شِراڌ تي
شِراڌ کائڻ ايندس

تون
هڪ وشواس وس
ڀوڄن ڪرائيندي
روڪڙ ڳڻيندي
ڏکڻا ڏيندي
دان ڪندين
پنهنجي کي
اوپرو ڪندين

ائين ئي ٿيو آ
ائين ئي ٿيندو

هر سال
پنهنجي در تي ايندس
اوپرو ٿي موٽندس

ائين ئي ٿيو آ
ائين ئي ٿيندو
اهو ئي رواج آهي

توکي ڄاڻي

توکي ڄاڻي
جو توکان مون پيار پاتو
اُهو ڄاتل ئي هو
اَڻ ڄاتل پيار
اڃان ته باقي آهي

توکي ڄاڻي به
ڄاڻي نه سگهيس
اوپرو ئي رهيس
تنهنجين ٻانهن ۾

سچ جو سچ

منهنجو سچ اهو آهي ته
راند راند ۾
مون ڄاتو
مون کٽيو
ــ تو هارايو

تنهنجو سچ اهو آهي ته
راند راند ۾
تو ڄاتو
تو کٽيو
ــ مون هارايو

سچ جو سچ اهو آهي ته
راند راند ۾
مون توکي ماڻيو
تو مونکي ماڻيو
نرماڻ جي راند ۾
انادي سچ

سڀ بي انتُ

بي اَنتُ جي
گهيري ۾ آهي
اَٿاه

اَٿاه جي
گهيري ۾ آهي
ٿاهُ

ٿاهُ جي
گهيري ۾ آهي
زرو

زري جي
گهيري ۾ آهي
تَتُ

تَتَ جي
گهيري ۾ آهي
بي انتُ

هڪُ تتُ
جيڪو ٿيو آ سڀ

وڃڻ کان اڳ

وڃڻ کان اڳُ
مهاتما چيو هو
منهنجي سَرَ تي
جيڪي به ايندا
هر ڪنهن کي
پنهنجو پنهنجو
سبب هوندو

مان به
ڪنهن سبب وَس
ارٿيءَ تي سوار هوندس

بي سبب
ڪوئي هوندو
ته
اُها ڪاٺي هوندي
چڻگ هوندي
جنهنکي
بي سبب هوا
ڦوڪي ڀنڀٽ ڪندي
۽ سو ئي ڀنڀٽ
بي سبب مونکي ساڙي
ناه سان ناه ڪندو
پر پڪ اَٿم
تون
ڪنهن سبب وَس
منهنجي سَرَ تي ايندين
منهنجي ياد ۾
ڪنهن سبب وَس
ڪو يادگار کڙو ڪندين
۽
منهنجي پتلي تي
ڪيئين ڪبوتر ايندا
منهنجي سِرَ تي وهندا
۽ وِٺيون لاهيندا
بي سبب

وڃڻ کان پوءِ

وڃڻ کان پوءِ
مهاتما چيو
منهنجي پڳڙين تي
سڀ هئا
چنگهو منگهو
لُچ لوفر ــ پيادا سوار
راجا رنڪ ــ سڀ هئا
مان به هوس
سڀ آيا
سڀ موٽي ويا
منهنجي نالي جي
ٽوپي سان
پنهنجي پنهنجي
جُتيءَ سان

منهنجي جُتي
جِتِ هُئي
اُت ئي رهجي ويئي
نه راجا کنئين ــ نه رنڪ کنئين
نه چور ئي چوري ڪئي
منهنجي پڳڙين تي
منهنجي جُتي
جِتِ هُئي
اُت ئي رهجي ويئي

گونگو پيار

منهنجي مٺڙي ماءُ
مان من ئي من
ڳائي ته سگهان ٿو
پر اُچاري نٿو سگهان
تنهنجا پيار
تنهنجا قرب
او منهنجي مٺڙي ماءُ

شايد تون به
مون وانگر لاچار آهين
کيتن ۾ نچين ته سگهين ٿي
سنڌو ساڻ ڳائي ته سگهين ٿي
ٿر جي تپت سان
روئي ته سگهين ٿي
منهن ۾ ٿڃ ڏيئي
پيار ڪري ته سگهين ٿي
پر جتائي نٿي سگهين
ائين ڇو ڪيو آ
گونگي پرماتما
شايد لاچار آ پرماتما
ٻولي به
ٻولي نٿو سگهي
تو وانگر
مون وانگر

هيءُ ڪهڙو
دويت آ پريم جو
جنهن ۾
دُويت هوندي به
دُئي ناهي
هيءُ ڪهڙو آهي پيار
جنهن ۾ شبد
نشبد آ
نه هن جي
نه تنهنجي
نه منهنجي
زبان تي
ڪو اقرار آ
شايد
اهو ئي ته پيار ناهي
جنهن کي اُچارڻ منع آهي
ابتدا کان

مان من ئي من
ڳائي ته سگهان ٿو
پر اُچاري نٿو سگهان
تنهنجا پيار تنهنجا قرب
او منهنجي مٺڙي ماءُ

ائين ئي آهي

ڪاغذ جي گلن تي
اعتبار ڪري
ڪوئي ڪيئن ٿو
بهار کي پائي سگهي

نقشي تي
اختيار پائي
ڪوئي ڪيئن ٿو
ملير کي
ماڻي سگهي

مان پَلَ پَلَ جو پانڌي

هر کن نئين هئي
مقابلو نشچت هو

پيسو پٽ تي پيو نه هو
پيسو پٽ ۾ پوريل هو
مون هٿَ هلائي
پيسو ڪڍيو پٽ مان
پيسي ورتم گاهُ
ڪجهه گاهُ ڏنو گانءِ کي
گانءِ ڏنو کير
کير ڏنم اَما کي
اَما ڪئي آسيس

ڪجهه گاهُ ڏنم پيٽ کي
پيٽ ڏني همٿ
همٿ ۽ آسيس سان
مون کنيو ڇَٻو
ڇَٻي کان پِڙي
پِڙيءَ کان هٽڙي
هٽڙيءَ کان هٽُ
مون هٽُ جوڙي
جوڙيا اسڪول ڪاليج
۽ انيڪ اسپتالَ
اسڪول ڪاليج ۽ اسپتال
مون ڏنا پرجا کي
پرجا ڪونه ڏنو ڪو گهوڙو
مون به
ڪٿي چاهيو ٿي گهوڙو
هر کن نئين جو هئي
مقابلو نشچت جو هو

کِنَ سُڃاڻي
نِتُ ڇڏي
مان اَنِتَ جو پانڌي ٿيس
اَنِتَ ۾ مون
نِتَ جو نرماڻ ڪيو
اَسُرَ ۾ سُر جو نرماڻ ڪيو

شَرنارٿي هوس
پر پُرشارٿ جي ڇانوَ ۾
آشرم جو نرماڻ ڪيو
پنهنجي پرائي
ويساهي ۽ بي ويساهي
سڀني کي شرڻ ڏني

اڄ به
نِتُ آهي ڪٿي
چوطرف
اَنِتِ جو ئي عالم آهي

هر پل نئون آهي
مقابلو قائم آهي

پوءِ ڇا جي
مونکي ڌرتي ناهي
پوءِ ڇا جو
ڪو اَجهو ناهي
جِت جِت منهنجا پير آهن
سا ئي منهنجي ڌرتي آهي
سا ئي منهنجي سنڌ آهي

جِتي جِتي مان آهيان
اُتي اُتي مان اَجهو اڏيو آ
پُرشارٿ سان
نِتِ نئون سنڌ اڏيو آ

مان اَنت ۾
نِتَ جو ناچو آهيان
مان اَنِتَ ۾
نِتَ جو سوداگر آهيان
مان سنڌي آهيان
سنڌي آهيان
سنڌي آهيان

ڪهڙي سوچ

ڪاغذ تي ليڪون
ليڪجن ٿيون
نقشن تي سرحدون
چٽجن ٿيون
پر ڌرتي
کنڊ کنڊ نٿي ٿئي
پوءِ ڪهڙي سوچ
سا سوچ آهي
جيڪا ڌرتيءَ تي
ديوارون کڻي ٿي

ڌرتيءَ تي
ديوارون کڄن ٿيون
آسمان تي ليڪون
پون ٿيون
پر آسمان
کنڊ کنڊ نٿو ٿئي
ته پوءِ
ڪهڙي سوچ
سا سوچ آهي
جنهن مونکان
منهنجو اُڏڻ کسيو آ

ڪٿي آهي اَنتُ

اڄ
سرحد پار کان
آيو آ هڪ خط

خط ۾
سوال آهي ... جواب آهي
سوال ۾ ئي ........ جواب آ
جواب ۾ ئي ........ سوال آ

اڄ
سرحد پار کان
آيو آ هڪ خط

ڪٿي آهي اَنتُ
سڀ ته
موٽي رهيو آ اُتي
جيڪو اُتي
هاڻ هتِ آهي ئي ڪونه

ڄاڻ اٿم ….
تون ناهين مونسان
ڄاڻ اٿم
تون خوش به آهين اُتي
اڳي کان اڳتي جو آهين

ڄاڻ اٿم ....
تون سمجهين ٿو
ته مان دکي آهيان هتي
ان خيال سان
ته تون ناهين مونسان

پر ائين ناهي
منهنجا دوست
مونکي به سنتوش آ
جو ڄاڻ اٿم
ته تون موٽي ايندين

ڪٿي آهي اَنتُ
سڀ ته
موٽي رهيو آ اُتي
جيڪو اُتي
هاڻ هِتِ آهي ئي ڪونه

منهنجا دوست
تو اِهو ڪيئن سمجهيو
تون جتي به آهين
اُتي ئي رهندين
جڏهن ته سڀ نِتُ
اَنِتَ ۾
پنهنجي جاءِ سان آهي

موت به آهي اگر
ته جيون ۾ آهي
جنم به آهي اگر
ته جيون ۾ آهي

جنمُ ۽ موتُ
جيون گتيءَ جا
ٻه پير ئي ته آهن

ڪالهه وارو ـــ تنهنجو وڃڻ
سڀاڻي وارو ـــ تنهنجو موٽي اچڻ
آڪاسي کن جي
هڪ انش جو
انش ئي ته آهي
ڌرتيءَ جي کن کي
ڪو وجود ناهي
لڳاتار جيون جي کِنَ ۾

ڪٿي آهي اَنتُ
سڀ ته موٽي رهيو آ اُتي
جيڪو اُتي
هاڻ هِتِ آهي ئي ڪونه

منهنجا دوست
جڏهن تون موٽي ايندين
مان نه هوندس هتي
مان به
اڳي کان اڳتي هوندس
۽ شايد تون
دکي ٿيندين
پر پڪ اٿم
سنتوش اٿم
تون ائين ئي چوندين
ڪٿي آهي اَنتُ
سڀ ته موٽي رهيو آهي اُتي
جيڪو اُتي
هاڻ هِتِ آهي ئي ڪونه

اڄ
سرحد پار کان
آيو آ هڪ خط
خط ۾

اُڃايل سنڌ

رات جي
اُڃايل پَهرَ ۾
در تي ٿئي آهي
ٺڪ ٺڪ
سوالي اکين سان
مون در کوليو
ڏٺل چهرو
اُڃايل چهرو
سامهون هو
تون ؟
چيائين ها
اُڃايل آهيان
ٻه ڍُڪَ پاڻيءَ جا ڏي
صدين کان مون
تنهنجي اُڃ ٻجهائي آهي
هاڻ مان اُڃايل آهيان
ٻه ڍُڪَ پاڻيءَ جا ڏي
منهنجي اُڃ ٻُجھاءِ

پر ..... تون ..... ؟
مون وري سوال ڪيو

ها مان
سنڌو آهيان
پر سنڌ ۾ ناهيان
ايمان جو بار کڻي کڻي
ٿڪجي پيئي آهيان
ايمان جي
بند مان مڪت ٿي
مان جڳ جنني
ٿيڻ ٿي چاهيان
نچڻ ٿي چاهيان

اُڃايل آهيان
ٻه ڍُڪَ پاڻيءَ جا ڏي

دڙي جي لاش ۾
ساه ڦوڪي
اُتر کان ڏکڻُ
اوڀر کان اولهه
سموري سرشٽيءَ ۾
اوائلي نيم کي
قائم ڪرڻ ٿي چاهيان

اُڃايل آهيان
ٻه ڍُڪَ پاڻيءَ جا ڏي

ايمان کان مڪت ٿي
قادر جي قدرت سان
جيئڻ ٿي چاهيان