شيخ اياز جي هن ڪتاب ”پن ڇڻ پڄاڻان“ ۾، ٽه- سٽن تي ٻڌل ”هائيڪا“ ڏنل آهن. سنڌي شاعريءَ جي صنف ۾، هي هڪ نئون ۽ قابلِ حسين واڌارو آهي. اهي ٽه- سٽا، ڪٿي مڪمل نظر ته ڪٿي وائيءَ جو تاثر ڏين ٿا. هر ٽه- سٽي ۾، بيت جي ڏيڍ سٽ جيتريون ماترائون ڪم آندل آهن.
ڪتاب 1985ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي نئين سر ڪمپوزنگ عبداللطيف انصاري صاحب ڪئي آهي.
ٻئين ايڊيشن لاءِ مصنف جو مهاڳ
برصغير ۾ خصوصاً ۽ دنيا ۾ عموماً شاعر جا هم عصر گهڻو ڪري هن جا حاسد ۽ بدخواهه رهيا آهن. غالب کي ايترو تنگ ڪيو ويو هو جو هن مجبوراً لکيو هو:
”تو اي که محو سخن گسترانِ پشين
مباش منکر غالبَ که در زمانِ تُسَت“
(ترجمو: تون جو اڳين شاعرن ۾ محو آهين، غالب کان اِن ڪري منڪر نه ٿيءُ جو تنهنجي دؤر جو شاعر آهي.)
مون به هڪ هنڌ لکيو آهي: ”هم عصر جيستائين هم اثر نه آهي تيستائين تُنهنجو دشمن آهي“ منهنجو هڪ نوجوان دوست، جو منهنجو همدرد ۽ خيرخواهه آهي، ڪجهه وقت اڳ مون سان مليو هو ۽ مون کي چيو هئائين، ”تنهنجا ڪي هائڪو به ترجمو آهن. مون هُن کي چيو هو ته ائين ٿي سگهي ٿو. تون مهرباني ڪري مون کي اهي لکي موڪل ته مان وضاحت ڪري ڇڏيان“ هو به ڪافي مصروف ماڻهو آهي ۽ مون سان ان موضوع تي اڃا خط و ڪتابت نه ڪئي اَٿائين. دراصل گهڻو مطالعو تحت الشعور ۾ ڇُپي وڃي ٿو ۽ جڏهن شاعري ۾ اظهارجي ٿو ته پتو نه ٿو پوي ته اهو مصنف جو آهي يا ٻي ڪنهن جو شعر هن جي تحت الشعور ۾ تَرِي آيو آهي يا هُن اهو خيال نظمايو آهي جو هن ڪٿي پڙهيو آهي. مون کي اهڙا ڪيئي مثال آهن. گوئٽي جو مثال ته مون اڳي ئي ڪٿي ڏنو آهي. هيٺ غالب، ڀٽائي ۽ ٻين جا مثال ٿو ڏيان. غالب جو هڪ نهايت خوبصورت شعر آهي:
بوئي گل، نالهء دل، دودِ چراغِ محفل
جو تري بزم سي نکلا سو پريشان نکلا
بيدل دهلوي جو هن کان ڪيترو وقت اڳي مري ويو هو، اُن جو فارسي شعر آهي:
بوئي گل، نالهء دل، دودِ چراغِ محفل
هرکه از بزمِ تو برخاست پريشان برخاست
بنهه لفظي ترجمو آهي. پر غالب بيدل کان وڏو شاعر هو ۽ مان اهو نٿو مڃان ته هن بيدل تان شعوري ترجمو ڪيو هو. فيض جي هڪ سٽ آهي:
يه داغ داغ اُجالا، يه شب گزيده سحر
اردو جي ٿور-پڙهيل نقادن کي اها هيڊ ڳڙي هٿ اچي وئي ته پساري ٿي پيا ۽ بار بار لکيائون ته ’شب گزيده سحر‘ ٽي.ايس.اليٽ جي استعاري ’night-bitten morn‘ جو لفظي ترجمو آهي.
خواجه مريد جي هيٺين ٻه دوهن تان ڀٽائيءَ ٻه بيت کنيا آهن:
ان تان ”حسرت موهانيءَ“ جي شعر ۾ پوئين سِٽ اچي وئي آهي:
وفا تجهه سي اي بي وفا چاهتا هون
”مري سادگي ديکهه ڪيا چاهتا هون“
اهڙا ٻيا سوين مثال آهن جي اُردوءَ جي چوٽيءَ جي شاعرن ۾ ملن ٿا، ڇا اِن ڪري غالب، مير ۽ اقبال جي ساري شاعري مسترد ڪري ڇڏبي؟
مون بيدل دهلويءَ، غالب ۽ اقبال جو تقابلي مطالعو ڪيو هو، ته هنن جي ڪيترن شعرن ۾ خيال ساڳيا ها. هن ڪتاب ۾ آندل هائڪو به مون تڏهن لکيا ها، جڏهن مان وائيس چانسلر هوس ۽ انتظامي امور جي بي انتها مصروفيت سبب، مون ۾ آمد جي ساڳي ڪيفيت نه رهي هئي جا اڳ هئي.
مان هڪ ٻي ڳالهه به چوڻ چاهيان ٿو. جيئن منهنجي غزل جو فارم فقط اردو ۽ فارسيءَ تان ورتو ويو آهي باقي ان ۾ معاڪات، استعارا، تشبيهون، قافيا، رديفون وغيره ٺيٺ سنڌي آهن ۽ ڪجهه ابتدائي غزل ڇڏي، هر غزل تي منهنجي مهر لڳل آهي، ائين هر هائڪؤ تي منهنجي مُهر لڳل آهي ۽ انهن جي ڪيفيت جپاني هائڪوءَ سان ورلي ملي ٿي. ٻين جا سنڌي هائڪو جپاني هائڪو جو پڙاڏو آهن. مون هر صنف ۾ اجنبيت جي عنصر کي رد ڪري، اُن کي ٺيٺ سنڌي بڻايو آهي. اها منهنجي خامي آهي يا خوبي آهي، ان جو فيصلو پڙهندڙن تي ڇڏيان ٿو.
حاصلِ مطلب اهو آهي ته جيڪڏهن اوهان کي هائڪو جي خيال يا ٻوليءَ ۾ توارد نظر اچي، ته اُها ڪوشش شعوري نه آهي، لاشعوري آهي. باقي حسد کي ته پيلون اکيون آهن، اُهي ’اڪ جي نيرڙين ڦلڙين جي سونهن‘ ڇا سمجهي سگهنديون؟
[b]شيخ اياز
[/b]10-12-93ع
پهرين ايڊيشن لاءِ پيش لفظ
سال 1984ع شايد، سنڌي ادب ۽ خود شيخ اياز لاءِ، انتهائي اهميت لائق آهي، جو فقط اِن هڪ سال اندر سنڌ جي هن شاعر، پنج ڪتاب لکي پورا ڪيا آهن. جن مان هي ٽيون ڪتاب، سنڌ اڳيان پيش ٿي رهيو آهي. شايد وائس چانسلر واري دؤر (1976ع کان 1979ع) جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ، هن جي قلم ۾ تيزي آئي آهي يا لهندڙ سج جي احساس سبب، هن ڌنوڻيءَ کي وڌيڪ ڌنويو آهي يا اڃا ئي رتو بنهه پچي راس ٿي پيو آهي. بهرحال، ڇا به هجي، هي شخص بنا ڪجهه وٺڻ جي، سنڌ کي، سنڌي ادب کي، گهڻو ڪي ڏئي رهيو آهي- نئين سوچ، نئون انداز، نئين واٽ، نئين لاٽ- جا آزاديءَ جي احساس تي کُٽي ٿي.
هن شخص، پنهنجي پورهئي مان 76- 1979ع دوران، ڪجهه وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس هٿ ڦٽجي پيا، دل ڏارَ هڻي ويس ۽ هانُ هڄي اُٿيس- ڄڻ ته هاٿيءَ جي پيرن هيٺان آيو هجي. دل جو دورو پيس- اسپتال داخل ٿيو. بهرحال، اهي زخم هو اڃا نه ڇُٽائي سگهيو آهي.
اسان وٽ، سنڌ ۾، ماڻهوءَ جي ڏات ڦاهيءَ جي ڦندي سان ماپي ويندي آهي يا ان کي گهاڻي مان گذرڻو پوندو آهي. هي ڏات جو ڏيهه، جڏهن راضي ٿئي ۽ جنهن کي به پنهنجوڪري تهان پوءِ محبت ۽ مانَ جا پاٽَ ڀري ڏيندو آهي. اياز لاءِ اڃا ڪئين آزمائشون رکيون آهن. پر ايترو يقين آهي ته هن شاعر جي لائي سجائي ٿيندي.
زير نظر ڪتاب ۾، ٽه- سٽن تي ٻڌل ”هائيڪا“ ڏنل آهن. سنڌي شاعريءَ جي صنف ۾، هي هڪ نئون ۽ قابلِ حسين واڌارو آهي. اهي ٽه- سٽا، ڪٿي مڪمل نظر ته ڪٿي وائيءَ جو تاثر ڏين ٿا. هر ٽه- سٽي ۾، بيت جي ڏيڍ سٽ جيتريون ماترائون ڪم آندل آهن. اسان بيحد خوشي ۽ فخر سان سنڌي شاعريءَ جو سجايل هي نئون گلدستو، سنڌ آڏو پيش ڪيون ٿا. شل سنڌ، هن جي سرهاڻ سان سدائين سرهي ۽ ستابي رهي.
[b]- ناشر
[/b]
شاعري
---
1
ميان! مان ڄاڻان،
ٿيندو ڇا گُل مهر سان
پَن ڇَڻ پڄاڻان.
*
ائين نه مرندي ڪُونجَ،
جيسين پُورين روهه ۾
اُن جي پُوري گونجَ.
*
رهجي ويئي پَتِ،
هيل پيا جو مينهڙا
جُهڳيءَ نيري ڇَتِ.
*
چئُه، چُئه چيهي کي،
مٽيءَ هاڻا پيرڙا
ٽانِگر تي نه رکي!
*
جمڙائؤَ جو تَڙُ-
ريون پاڻي پيئندي
ڀَرِ تي گهاٽو بَڙُ..
*
مار نه ٻاٽيٻَرُ
جنهن جي اکڙين ۾ ڇُلي
ٿو سارو ڪينجهَرُ!
*
مٿان ڪُنڍيءَ سِڱَ،
ويهِي پکي ٻولڻو
ڪانڊاري ٿو لِڱَ.
*
تتر ٻولن ٿا،
ڪي دروازا ڌُنڌ ۾
مون ليءِ کولن ٿا.
ڪوئي نانءُ نه وَلِ،
پوءِ به اُن جا گُلڙا
پيارا ڀَلئوُن ڀَلِ!.
*
تو به سٽون جوڙيون،
پر هي شفقَ واٽ تي
انبلکيون گهوڙيون!
*
ڌرتيءَ ڪَئي دَڪِ دَڪِ،
جَڙ کي جهونجهاڙي وئِي
ڪاٺَ ڪُٽي ٺَڪِ ٺَڪِ
*
هي جي واريءَ ڍيرَ،
ڪهڙي پَکيءَ پيرڙا
تن تي ڇَڻيل ٻيرَ؟
هي جي پَڙ پائن،
ڀلا ڪنهن کي جيئري
ڇاتيءَ سان لائن؟.
*
جيئري جهميلا،
سدا ٿيا سنڌ ۾
مُئن تي ميلا!
*
صدين هڪ انسانُ،
سوبه ته موهن جي دڙي
وانگر ٿيو ويرانُ!
*
وڻجاريون وايون-
هيل به اڪيچار تو
ٻوليون ٻُرايون.
*
ڀٽائيءَ تي باسَ
”ٿر ٻاٻيهو ٿي مران
شال نه ٻُجهي پياسَ!“
*
وَڄن پيا سنکَ،
هي منهنجا ٽئگور جئن
پويان ’مرتيوءَ پنکَ‘.
*
جڏيِ جياپي،
رڙهِي چڙهي روههَ تي
سَرَهه سَراپي.
*
رَنڍا روڙهي ڪَتِ،
ڪَنُ نه ڪاپو ڪندي
پاڙي کي پورهَيتِ!
*
مون سان ماڙَ نه ڪر!
ها، هن گهايل گَڊ سان
جبل جاڙَ نه ڪر!.
*
گهيڙَ نه ساڳيان گهٽَ،
نوان پنڌ پهاڙ جا
پيرا ڪونهن پَٽَ!
*
اڳُ نه هي لهرون!
نه هئن پرينءَ پار ڏي
پوياڙيءَ پهرون!
*
پانڌي نه پيرو،
جڏهن جبل چوٽ تي
ڏهاڳڻ ڏيرو!
ڏاتِ مڱان ڏاتار،
ڪيڙي ڪَڻ رسائين
سڀ جا پالڻهارَ!
*
اسان تو آهارَ!
ڏونگر ڏاري ٿو رکين
اَڙين جا آڌارَ!
*
توتي لَڄ لکن!
جهوپا جهورن اوڙڪون
پکا پنوهارَن.
*
اَٽل وتائون،
سِجُ تُراڙي ۾ وجهي
مون کي توريائون!
*
ناهيان ڌارَ اَبا!
روءُ نه منهنجي رَتُ تي
اکين ٺارَ اَبا!
*
جڏهن جنجهوڙيــن!
توکي ماريِ موت جا
ڪوڙڪيون ڪوڙيــن!
*
اسان ڇا آهيون؟
ڪاريون راتيون، روهڙي
بيڪس جون باهيون.
*
مُرڪن نه مُرڪن،
ڏِسي صورت گهوٽَ جي
ڄاڃيئَڙا ڄَرڪن
آءُ درازا هَل!
تنهنجا سارا مولوي
منهنجو هڪ سَچَلُ!
*
تنهنجو منهنجو ٺاههُ،
جي تو سچل سنگتي
۽ مون بلي شاههُ
*
ماري ٿو ماري،
جهڙا سنڌوءَ تي پکي
تهڙا راوِيءَ تي
*
هاڻي سڀ باتيون،
هو گيتا ۽ راج سان
لنڊن جون راتيون!
*
مون کي سڀ ڪجهه ياد،
توکي ٺاهيو ميڻ مان
ڄڻ مادام تُسادِ
*
مون مَنُ مڇلي گهرُ،
رنگبرنگي سمرتيون
تارِ هجي يا ترُ!
*
آءٌ ابو سينا،
هوٽل، وڊُڪا، رات جو
روسِي ارِينا
*
چڱو گل رخسار!
مون جهڙا ٻيا نَر سوين
تو جهڙي ڪا نار؟
*
ڄڻ مون جهڙو دَر،
هي جو لينن گراڊ ۾
دوستو وسڪيءَ گهر.
*
پنهنجو روسي نانءُ،
مائڪو وسڪي چؤنڪ تي
پڙهان پيو آنءُ.
*
ساڳا اوسيئڙا،
منهنجي ڇاتيءَ ۾ هُئي
پُشڪن جي پيڙا.
*
پشڪن جو پيالو،
خالي؟ جنهن جي ڳيت سان
ايڏو اُجالو!
*
نيوا ٿي چمڪي،
ڪٿ هو پُشڪن جون اکيون
جن ۾ جَرُ جِهمڪي؟
*
او منهنجي تقدير!
ڏس ته هيءَ آهه سمالني
ماڻهوءَ جي تدبير.
*
ڦاسيءَ کاڌل سُوٽَ،
۽ قيدين جون جيل ۾
پيرڪڙيون ۽ بوٽَ.
*
پيارا لرمنتوف
موت ته مون ليءِ راند هو
هي مون ڪهڙو خوف؟
ٻولڙيا ٻولِن،
ڪونجون ڪُڻڪي پاڻ کي
روههَ اندر رولِن
*
هو جي جَنَ نه ڪَنِ،
او شل پَون مينهڙا
گونگا واههَ گجنَ
*
هيڏو سارو مَنڊُ،
تو بڙڇين جي ڇانوَ ۾
ڏٺو سجُ نه چَنڊُ.
*
ٽنگڙ ٽَهه ٽَهه ڪن،
اڄ نه ڏٺم واٽ تي
گهوٽ مٿي گهوڙن.
*
دودو ڳول نه تون،
سارو رَتُ چُهي وئِي
وَڳهه سندي ڀُون
*
ڪارِجَ تون ڪُوڙو،
ڪنهن ڳَل ڏيان ٻانهڙي
رَتُ رڱيان چوڙو!
*
پاڻ نه پڻُيِن ها،
مون جا ڪَئي ڳالهڙي
سا جي سُڻين ها
*
مارِي ساري تَرِ،
پر جي اُڏڙين ڪُونجڙِي
لمو ڳاٽ نه ڪَر!
ٿاڻي مٿان وڄُ -
آکي وردي وائڙي
”هَٿَ ڪڙيءَ کان ڊڄ!“
*
آجو ڀانءِ نه تون،
ڪَنڊو تنهنجي قرض جو
ڌرتي چُڀي مون!
*
آءٌ، مياڻيءَ جَنگ،
ڇا هي مُنهنجو لاش هو
هاريل هوشوءَ سنگ؟
*
ڪٿي سي ڳياڙيون؟
وجهو وَر وَڻن ۾
ڪَرڪن ڪوراڙيون!
*
ڪهڙا سفر سانگَ!
اڳتي رڻُ راڙا ڪري
ڪِرنگهَن مٿان ڪانگَ!
*
پدما تي پرڀات،
رَوي! تون به ڇڏي وئين
مون کي آڌيءَ رات!
*
ياد آيو ڇو هاءِ،
مون کي ديرادون ۾
تنها ايم. اين. راءِ!
*
سَرتا، هي سِرَ ڌَڙَ!
وَٽيو پينگهون پَٽَ جون
لُڏُ نه اوچي بَڙ!
*
8
ايڏو اڳي ڪيئن،
ڪاڪِ ڪڪوري ڪاپڙيءَ
ڏٺي دنيا هيئَن!
*
اڄ به عين بين،
حسن بن صباح جا
ساڳيا حشيشين!
*
ڪيڏي لنبي چيخ،
هي صدين جو سلسلو
هيءَ تنهنجي تاريخ!
*
گَئلِيلو کي مارِ،
پوءِ به ڌرتي سج جي
وڃڻي آ چوڌارِ!
*
ماني ۽ ارزنگُ،
پر نه امرتا شير گل
ڇا ڇا وڇونءَ ڏنگُ!
*
ساڳي فاشي چال،
آءٌ ته آندري مالرو
تون ناهين ڊي گال.
*
ڌرتيءَ جو گولو-
ميڪسيڪو ۾ ٽراٽسڪي
مٿو، واهولو!
*
ڳاڙها گُلُ گهگهنِ،
جن، سي گهوٽ گهگيريون
تو وٽ شال اگهن!
*
ڏينهن تتــي تي پاڇو،
ڪنهن ڪاريءَ ڪوراڙ جو
کائي ٿو ڪاڇو
*
تيشو تپايان،
پو بربط ڪُهسار جو
ويهي وڄايان!
*
ڪو پَلُ ٽاڻو ٽارِ،
ٿيلهه نه ٿڪا انگڙا
ڪَرهي ڪَام نه مارِ
*
اڄ به آ ساڳيو،
مون مَنُ سائِرَ لهر جئن
وڇوڙي واڳيو.
ڪِن جي لاءِ لِيا؟
ويندا پرينءَ پار ڏي
ٻيڙا ئي ٻيا!
*
اَڄُ نه مون اوڏا،
ڪلهه جي ڪنڌيءَ ڪُڻڪيا
تَڙن تي توڏا.
*
آيل نه آيا!
ڪيڏيون تنوارون ڪيون
پتڻ پڇايا!
*
ڪهڙي ڏوههَ ڏَڪن؟
اڄ نه اُتر سامجهان
مَنَهن ماڙيچن!
*
رُڳو واريءَ ڍيرَ،
نه هُو راهي رُڃَ جا
نه هُو مِرگهه مٿيرَ!
*
رُڳو واريءَ ڍير،
نه ڪــي اوٺي آئيا
نه ڪا ڇمڪي ڇيرَ!
*
ڪيڏي سُنَ سَويرَ!
نه سي راوَت روهه ۾
نه سو ڀُڻڪو ڀيـٖـرَ!
*
هِت نه پِريَن پيرُ،
کڻ ناتاريون ناکئا
ڪَنڌيءَ هاڻي ڪيرُ.
*
واري وئي وِيرَ،
هُو جي کوها خواب جا
سارِ نه تن کي سِيرَ!
*
هُو ندن حياتي،
موٽي ميڙائو ڪندا
ڀُنءِ تنهنجا ڀاتي!
*
مَڌُ جي ماٽي کي،
آڌيءَ رات اُپَٽئين
جي چؤواٽي تي!
*
ڪئين ڍڪين وَڍٽَ،
هي جو لهندي سِجَ کي
ڦوڙائي جو ڦَٽُ!
دودي جا ڌاڪا،
ٽينگر ٽهڪا ڪَن پيا
وَڏ ڦڙي واڪا!
*
ڀُنءِ تي ٿا ڀيلين،
ڳُتيون ڳُتيرن جون
چوٽا چُوڙيلين.
*
ڪيٽيءَ جن سان ڏيٺِ،
ٻُڏا سي ٻيڙائتا
ڪاري ڇَمر هيٺِ.
*
گهوُر نه ساڳيو گهَٽُ،
روز نه گوريون گَج سان
ڳاڱين تي ڳاهٽُ!
*
وِچِ نه ايندو ويرُ،
پُسيءَ گلن اوڏڙو
مارُن سوا ڪيرُ!
*
اهو ڏينهن نه ڏُور،
مڙنديون ماکيءَ جون مکيون
انبن ايندو ٻُورُ!
*
تو جنهن سانوڻ سارَ،
گُڙِي گجِي آئيا
ڪَڪر ڪارونڀارَ.
*
هِيرَ گهُلي، هاڙهو،
سورج نڪري آئيو
ڳاڱين تي ڳاڙهو.
*
ڌرتي ماءُ مڃانءِ،
سانگي جي سَنمُکُ ڪرين
لڙڪن هارَ وِجهانءِ!
*
ڏاڍا ڏينهن پيا،
نيٺ اباڻا ڦَليا
آخر مينهن پيا.
*
ايءَ نه راڄَن ريت،
چارڻُ چاڙهي چيئِن تي
گاريون ڏيو گيت!
*
اُف! هي ڪچا ڪانَهن،
اُڀَ ڪَپي اوڙاهه مان
ڪَنڌيءَ پڳي ٻانَهن.
هيءُ نه ڪانِئَر ڪاڄُ،
هي جو ريٽ رَت ۾
رَتو سارو راڄُ.
*
ڪيئن ڀَڄائن ڪانگَ،
وَڻ وَڻ تان ’ڪان‘ ’ڪان‘ ڪَريٖ
هِي جي نِهرا نانگَ؟
*
ڏِسُ نه چَريءَ چُڪَ،
ڪر ڪا دُعا سنڌ کي
کَڻُ ٻاجهارا ٻُڪ!
*
ڏِسُ، ڏِسُ سِجَ لٿــي،
ميندي ڇا نه ملير جي
هنيم هٿن کي!
*
تو بن چاههُ نه چَسُ،
سُپنا منهنجي ساهه جا
تون جو هِيئيــن هَسُ!
*
مون سي سيباڻا،
هو جي تارن ڇانوَ ۾
ڀِٽَن تي ڀاڻا!
*
ماڻهو اَياڻا!
اڌ لوئيءَ مون انگ تي
اڌ ۾ اباڻا.
*
هُو جي جوفي جا،
اڄ تائين ڀؤنڪن پيا
ڪُتا ڪوفي جا.
*
رعد رُنو جئن پيءُ،
سِرُ ڏيئي سرهو ٿيو
جبل جيڏو جيءُ..
*
تون سان گڏ آئون،
ڄڻ ڪنهن گهايل گڊ تي
ڇَپر جون ڇائون.
*
سپني ۾ سارُون،
پنهوارن جي پيار جون
تَڙن تنوارُون.
*
سُپني تانگها تَڙ،
ڪيئي ڪوراڙيون لُڏن
ڀر تي گهاٽا بَڙَ.
هوتَ لنگهيا هاڙهو،
سِجُ انهيءَ ئي مرم ۾
اڃا آ ڳاڙهو.
*
گُوندر! ڪهڙو گَسُ؟
اڄ مون وندُر واٽ جو
وَڻُ نه ڏيَن ڏَسُ!
*
ميلا ڙي ميلا!
اکين سان اوٺي ڏٺا
ساجهُر سَويلا.
*
پَڊ نه پاٿاريون،
نه سي ڪينجهر ڪنڌئين
ڀوريون ڀٽاريون.
*
جهونا ڳڙهه جَنجارُ،
نه تو مَٿو اوپرو
نه مان مڱڻهار!
*
گهوڙن مٿــي گهوٽَ،
ها، پر ڏيههُ ڏياچ جو
چَڙهين ڏئي چوٽ.
*
سُرندا سجايا،
هي جو ڏيهه ڏياچ جو
اُن ۾ اجايا.
*
ڪنهن کي قلعي ڪَرَ؟
ڪوٽ نه پَسجي ڪُنگرو
نه ڪي پکيءَ پَرَ!
*
نه سو رَنڪُ نه راءُ،
ڪوٽ نه پسجي ڪُنگرو
مٿان تَتيءَ تاءُ.
*
ماڻهو جهڙا مَڙَهه،
ڪوٽَ نه پسجي ڪُنگرو
ڳاٽُ اُتاهون ڳَڙهه.
*
سُرندي ساٿُ نه سارَ،
گَٿِ پروڙيءِ گَڊَ جي
ميان مڱڻهار؟
*
ڀڃي مانيءَ کَنُ،
لوڪَن روئن اکيون
۽ پو منهنجو مَنُ.
*
توسان نه توريان،
توتان ساريون مارئي
گهگهيريون گهوريان.
*
ڀوري ڪئن بَهلِي؟
مينڍا ماروئڙن بنا
ڳُتي ٿي ڳَهلِي!
*
ڪارونڀار ڪَڪَر،
ڪارا ڪُرا لاڙ جا
ٻيڪُون ڪَن ٻَڪر!
*
ڪَڪر ڪارونڀار،
نه سي تاڙا تانگهه ۾
نه سا تَڙَ تنوار!
*
لؤڻا سارا لَٽَ،
آيل! اَڄُ نه جهُليا
ڇُڳيرن تي ڇَٽ.
*
نه هُو ٻانهوٽا،
نه هُو ڦُلن واسَ سان
چوڙيلين چوٽا!
*
هُلَ نه سا هُونگارَ،
ڀڄي وَا ڀَوَ کان
ڇڏي پَٽَ پو نهارَ.
*
وَڻِ وَڻِ وِسوُڙيون،
ڳاڙهن ڳانن واريون
سِڱرن سنڀوُڙيون.
*
تڙن تاساريون،
ڪنهن ڏي لڙن لُوههَ ۾
ڪُنڍيون ڪانگهاريون.
*
مون کي ٿيون مارين،
سنگهارن جي سانگ جون
ڳالهيون ٿيون ڳارين.
*
عُمر توسان آنءُ؟؟؟
وَنهين ويڙهيچن جو
توڙي واريان نانءُ!
*
ڪَٺا ڪَيائُون،
ماري، واري مارئي
سِڱر ۽ سائون.