ڪالم / مضمون

تبديلي ڪڏهن نه ٿڪبو

هن مجموعي جو ليکڪ ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جو سرواڻ محمد علي قاضي آهي.
” هن ڪتاب ۾ 2010ع کانپوءِ لکيل صرف اهي مضمون شامل آهن، جيڪي تبديليءَ جي تصور سان جڙيل آهن، ۽ هڪ فرق اهو به آهي ته، اهو ڪتاب صرف تبديليءَ کي پسند ڪندڙن لاءِ ئي ناهي، بلڪه سنڌ کي ماءَ جي هنج جيان بنائڻ لاءِ عملي قدم کڻندڙ يعني تبديلي آڻيندڙن لاءِ به آهي، جيڪي شايد ظاهري طرح نظر نه ايندا هجن پر اهي لکن جي انگ ۾ اڄ اسان جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ موجود آهن ۽ انشاالله هڪ ڏينهن وري آئون انهن لکن تبديلي آڻيندڙن جي وچ ۾ موجود هوندس. “
  • 4.5/5.0
  • 2653
  • 675
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book تبديلي ڪڏهن نه ٿڪبو

سنڌ سلامت پاران :

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”تبديلي : ڪڏهن نه ٿڪبو“ اوهان اڳيان پيش آهي. ڪالمن جي هن مجموعي جو ليکڪ ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جو سرواڻ محمد علي قاضي آهي.
” هن ڪتاب ۾ 2010ع کانپوءِ لکيل صرف اهي مضمون شامل آهن، جيڪي تبديليءَ جي تصور سان جڙيل آهن، ۽ هڪ فرق اهو به آهي ته، اهو ڪتاب صرف تبديليءَ کي پسند ڪندڙن لاءِ ئي ناهي، بلڪه سنڌ کي ماءَ جي هنج جيان بنائڻ لاءِ عملي قدم کڻندڙ يعني تبديلي آڻيندڙن لاءِ به آهي، جيڪي شايد ظاهري طرح نظر نه ايندا هجن پر اهي لکن جي انگ ۾ اڄ اسان جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ موجود آهن ۽ انشاالله هڪ ڏينهن وري آئون انهن لکن تبديلي آڻيندڙن جي وچ ۾ موجود هوندس. “
هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2013ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبليڪيشن جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پبلشر نوٽ

سينوارجي ويل سماجي قَدرن کي بدلائڻَ، سماجَ ۾ تحرڪُ ۽ گهڻ رخي هاڪاري تبديلي پيدا ڪرڻ، هر سوچيندڙ ذهنَ جو خوابُ هوندو آهي. اهڙو ئي خوابُ جڏهن ڪنهن قلمڪار جي اکين ۾ واسو ڪندو آهي ته اُهو کيس ورِچي ويهڻ ناهي ڏيندو. سنڌي پرنٽ ميڊيا کي نئين دڳ لائيندڙ ۽ سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا جو بنياد رَکي، سموري دنيا ۾ سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جو ڳاٽُ اوچو ڪندڙ، سنڌ جي جاکوڙي ڪردارَ محترم علي قاضيءَ جي اکين ۾ جڏهن سِنڌ ۾ تبديليءَ جي خُوابَ ڪَر مُوڙيا، تڏهن هُنَ اِنهيءَ پنڌ ۾ گهڻ رُخي جدوجهد شروع ڪَئي. انهيءَ جدوجهد ۾ قاضي صاحب روزاني ”ڪاوش“ ۾ وقت به وقت لکيل ڪالمن به اهم ڪردار ادا ڪيو/ ڪري رهيا آهن.
اهڙن ڪالمن جو پهريون ڪتابُ ”تبديلي پسندن جو ڪتابَ“ جي نالي سان ڇَپيو ۽ سنڌ جي جھر جنگَ تائين پهتو . انهيءَ ئي سلسلي ۾ علي قاضي صاحب جي بعد ۾ لکيل ڪالمن جو مجموعو ”تبديلي: ڪڏهن نه ٿڪبو“ جي نالي سان اوهان جي هٿن ۾ آهي.
اسان لاءِ اِها تمام گهڻي خوشي، اطمينان ۽ فخر لائق ڳالهه آهي ته، قاضي صاحب پنهنجي سون ورني فِڪرَ سان سينگاريل هي ڪتابُ پوپٽ پبلشنگ هائوس پاران شايع ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو ـــ اسان کي اُميدَ آهي ته هي ڪتاب پڻ سنڌ جي هر واهڻَ، وستيءَ تائين رَسي، سنڌُ واسين ۾ سُڄاڳيءَ جي لهرَ پيدا ڪَندو.

قربان منگي
چيئرمين
پوپٽ پبلشنگ هائوس ــ خيرپور ، سنڌ

مهاڳ

اُهي 33 ڏينهن .....
انهن 33 ڏينهن پويان مختلف هنڌن تي وڌيڪ نه ته به گهٽ ۾ گهٽ 33 هزار ڀيرا پڇيل سوال، هجت مان ڪيل مطالبا هئا، جيڪي مون سان ڪيا ويا، ڏوراپا هئا، جيڪي گذريل ڪيترن سالن کان مونکي ڏنا ويا. جن ۾ بنيادي نقطو اهو هو ته، تبديلي رڳو ڳالهائڻ سان نه ايندي، بلڪه ان لاءِ آئون ڪو عملي قدم کڻان. اها ڳالهه مون سان سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ٿيل پروگرامن، ذاتي ڪچهرين، خطن/اِي ميلز ..... غرض ته هر هنڌ ٿيندي هئي، جنهن جو مون وٽ هڪ ئي جواب هو ته جيستائين سنڌ جا لکين ماڻهو تبديليءَ لاءِ عملي طور تي پاڻ ميدان ۾ نه ايندا، تيستائين مون هڪڙي جي کڻڻ کان هي بنڊ ڳرو آهي. جنهن جي جواب ۾ مون کي اهو ٻڌايو ۽ سمجهايو ويندو هو ته سنڌ جا ماڻهو عمل جي ميدان ۾ اچڻ لاءِ بلڪل تيار آهن، ۽ جنهن ڏينهن کين ڪو سڏ ڏنو ويو ته اهي انهيءَ سڏ کي ڀرپور موٽ ڏيندا ..... ۽ نيٺ ٿيو به اهو ئي ته خلق خدا جي راءِ آڏو هٿيار ڦٽا ڪري 22 جنوري 2012ع تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي اڱڻ ۾ گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنم. ائين به ناهي ته ڪو ميڊيا ذريعي اهڙو سڏ ڏئي آئون گهر ويهي رهيس پر سياري جي مند ۾ شهر شهر، وسندي وسندي، ماڻهن جي زندگين ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ ماڻهن وٽ ئي جهول جهلي نڪري پيس.
13 ڊسمبر 2011ع تي سڄي سنڌ جي شروع ڪيل ان سفر جي شروعات ۾ رڳو گهوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ- ڪشمور ضلعن ۾ ڪجهه پروگرامن جي دعوت مليل هئي، باقي مڙيوئي خير هو ۽ ممتاز بخاري، جيڪو ان سفر ۾ مختلف هنڌن تان ملندڙ دعوتن ۽ پروگرامن کي ترتيب ڏئي رهيو هو، ۽ آئون اهو سوچي رهيو هيس ته اگر ميزبان ئي نه هوندا ته وڃبو ڪنهن وٽ؟ پر پوءِ جڏهن سفر شروع ٿيو ته ايتريون ته دعوتون ملڻ شروع ٿيون، جو هر دعوت ۾ وڃڻ مشڪل ٿي پيو ۽ ڪجهه مهربانن کي رنج به پهتو ته اسين انهن وٽ نه پهچي سگهياسين ۽ هڪ ڏينهن ۾ ڇهه کان اٺ عوامي ميڙاڪا ٿيڻ لڳا، جيڪي روڊن رستن تي بيهي ٿيندڙ آجياڻن کانسواءِ هئا ۽ انهن 33 ڏينهن ۾ 187 پروگرامن ۾ شرڪت ڪري کين ڀٽ شاهه تي اچڻ جو سڏ ائين پئي ڏنم ته، اهو منهنجو سڏ نه پر ٽي سئو سال اڳ تبديليءَ جو تصور ڏيندڙ ڀٽائيءَ جو سڏ آهي ۽ ان ڪاڄ جو ميزبان آئون نه پر هر سنڌ واسي آهي. ان سفر دوران ماڻهن منجهه ڌرتيءَ لاءِ ڪجهه ڪري گذرڻ لاءِ نظر ايندڙ جذبو تمام گهڻو اتساهيندڙ هو ۽ ننڍن ننڍن شهرن ۾ به ٿيل ميڙاڪن ۾ هزارن جي تعداد ۾ گڏ ٿيندڙ ماڻهو ڪٿان پئي آيا ۽ کين ڪير وٺي پئي آيو! اهو به سمجهه ۾ نٿي آيو ته انهن 187 ميڙاڪن جي ميزباني ڪندڙن جي اڪثريت، بلڪه 80 سيڪڙو اهي ماڻهو هئا، جن کي پاڻ ڪنهن به ريت “با اثر شخصيت” نه پيا چئي سگهون، جن پنهنجي اثر هيٺ ماڻهن کي پنهنجي ٽرانسپورٽ ۾ ويهاري آندو هجي. سو جيڪي ماڻهو انهن ميڙاڪن ۾ آيا پئي، اهي پنهنجي خوشي ۽ راضپيءَ سان آيا پئي. ٻي دلچسپ ڳالهه اها آهي ته انهن ميڙاڪن جي ميزباني ڪندڙن مان 90 سيڪڙو مهربانن سان منهنجي اڳ ۾ ڪڏهن ملاقات ٿيل نه هئي، پر اسين سڀ هڪ خيال ذريعي هڪ ٻئي سان جڙيل هئاسين ته سنڌ ۾ خوشحالي اچڻ کپي. آئون 187 ميڙاڪن مان ڪهڙي جو ذڪر ڪري ڪنهن جو ڪريان. آئون ڪرمپور يا ڪنڌڪوٽ جي ڳالهه ڪريان يا ڏهرڪي يا لاڙڪاڻي يا راڻيپور يا عمرڪوٽ يا بدين جي ..... غرض ته هر هنڌ ماڻهن جو جذبو ڏسڻ وٽان هو ۽ اهي منظر ڏسي سرويچ سجاوليءَ جي چيل اها سٽ بار بار ذهن ۾ اچي ويندي هئي ته،
اي دوست، پنهنجي سنڌ جا ڇيڙا سرا جاڳي پيا
33 ڏينهن جي ان سفر دوران مون لکين ماڻهن جي نج ۽ نبار محبت به ڏٺي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي منافقي ۽ ڪجهه ڌرين جو ڪروڌ به ڏٺو پر ڪروڌ ڪندڙ ڌرين منجهه خوف به تمام گهڻو هو، جو کين ڊپ هو ته اگر سنڌ بدلجي وئي ته انهن جا ڪڌا ڌنڌا به بند ٿي ويندا ..... پر مون اهڙا صاحب لوڪ به ڏٺا، جيڪي بند ڪمرن ۾ سالن کان مون کي اڳتي وڌڻ لاءِ زور ڀريندا هئا پر انهن 33 ڏينهن دوران اهي سڀ ائين غائب ٿي ويا، ڄڻ سڃاڻندا ئي نه هجن. بهرحال انهن 33 ڏينهن ۾ مون سنڌ سان روبرو ملاقات ڪئي، جيڪا ملاقات شايد ٿورن ماڻهن کي نصيب ٿي هجي.
22 جنوري 2012ع تي اسين ڀٽ شاهه ۾ وقار شاهه صاحب جي اوطاق تي ويٺا هئاسين. ان ڏينهن مون کي 103 ڊگري بخار به هو. سڄي سنگت جو اصرار هو ته، ڇاڪاڻ ته تمام گهڻي ٿڌ آهي ۽ مهانگائي پڻ تمام گهڻي آهي، جو ڏورانهن علائقن مان لکين ماڻهو اچي سگهن، سو اگر ٽيهه هزارن کان وڌيڪ ماڻهو گڏ ٿين ته به مستقبل جي لائحهء عمل جو اعلان ڪرڻ کپي، پر منهنجو اصرار هو ته جيستائين گهٽ ۾ گهٽ ٻه لک ماڻهو آئون پنهنجي اکين سان نه ڏسندس، تيستائين اڳتي نه وڌبو. ڪلاڪ کن جي انتظار کانپوءِ سنگت اچي ٻڌايو ته پنڊال ۾ به ماڻهو اچي ويا آهن ۽ ٻاهر روڊ تي به هزارين ماڻهو بيٺل آهن. سو پنڊال ڏانهن روانگي ڪئي وئي ۽ اسٽيج تي پهچي مون کي اندازو ٿيو ته 25 کان 30 هزار ماڻهو پنڊال ۾ موجود هئا ۽ 8 کان 10 هزار ماڻهو ٻاهر روڊ تي موجود هئا. منهنجو اندازو آهي ته چاليهه هزار کن ماڻهو جمع ٿيا هئا. ياد رهي ته ڪراچيءَ جي نشتر پارڪ ۽ ڀٽ شاهه جي ملاکڙا گرائونڊ ۾ به 30 کان 35 هزار ماڻهو مس اچي سگهن ٿا، سو چاليهه هزار ماڻهن جو پنهنجي خرچ ۽ ڀاڙي تي اتي اچڻ، معجزي کان گهٽ نه هو ۽ اهو هر لحاظ کان تمام وڏو جلسو هو پر بدقسمتيءَ سان اهو ايترو وڏو نه هو، جيتري وڏي تبديلي سنڌ کي گهربل آهي. اگر ڪا سياسي پارٽي ڪروڙين رپيا خرچ ڪري 20 کان 25 هزار ماڻهو به گڏ ڪري ٿي ته ان کي لکين ماڻهن جو سمنڊ قرار ڏين ٿا، پر 22 جنوري 2012ع تي ڪنهن تنظيم جو جلسو نه هو پر ان خيال هيٺ ماڻهن کي گڏجڻو هو ته هو پنهنجي قسمت جا فيصلا پاڻ ڪرڻ لاءِ ڪو محور جوڙين، پر ان لاءِ ماڻهن جو گهربل انگ، جيڪو منهنجي خيال ۽ توقع موجب ٻه لک آهي، اتي نه اچي سگهيو، پر ان جو مطلب گهٽ ۾ گهٽ منهنجي نظر ۾ اهو بلڪل به ناهي، ته سنڌ ۾ تبديليءَ لاءِ جذبو يا تڙپ موجود ناهي ۽ اها ڳالهه به رڳو ڊائلاگ طور نه پيو هڻان، بلڪه ان دعويٰ جو بنياد انهن 33 ڏينهن جو اهو سفر آهي، جنهن ۾ مون تبديليءَ لاءِ تڙپ ۽ خواهش لکين ماڻهن جي اکين ۾ ڏٺي. سو تبديلي آڻڻ جي لاءِ ڪوششن تان مون نه اڳ ۾ هٿ کنيو هو ۽ نه ئي وري هاڻ کڻبو ۽ استاد بخاري چواڻي ته:
ڪجهه جاچ ڪبي، ڪجهه سوچ ڪبي، ڪجهه ماٺ ڪبي، ڪجهه شور ڪبو
ڪجهه هوش ڪبو، ڪجهه جوش ڪبو، ڪجهه غور ڪبو، ڪجهه زور ڪبو
هر حالت ۾ ، هر صورت ۾، هن حالت کي هونئن ڪرڻو آ
جي هيئن نه ٿيو ، پوءِ هونئن ڪبو، جي هونئن نه ٿيو، ڪجهه اور ڪبو
تبديلي ۽ محبت جو گرامر به ذري گهٽ هڪ جهڙا هجن ٿا، ڇاڪاڻ ته تبديليءَ جي تڙپ به محبت جيان پهرين دل ۾ پيدا ٿئي ٿي، پوءِ دل اهڙو سگنل دماغ کي موڪلي ٿي. اگر تبديلي يا محبت لاءِ صرف دماغ کان ڪم وٺبو ته تمام گهڻيون مصلحتون رنڊڪ بڻجي سامهون اچي وينديون آهن ۽ اهي مصلحتون ماڻهوءَ کي اڳتي وڌڻ کان روڪيو ڇڏين. آئون ڄاڻان ٿو ته ڏهاڪن کان ڀوتارڪي ڪلچر ۾ پيسجندڙ اسانجو سماج مختلف ڏکن ۽ سورن جي ور چڙهيل آهي، جنهن سبب اهو ڪو وڏو عملي قدم کڻڻ کان اڳ منجهي پوي ٿو پر هڪ چيني چوڻي آهي ته:
You can not stop the birds of sadness from flying over your head, but you can stop them from nesting in your hair.
(توهان اداسيءَ جي پکين کي ته پنهنجي مٿي مٿان اڏامڻ کان روڪي نٿا سگهو، پر انهن کي پنهنجن وارن ۾ آکيرا ٺاهڻ کان روڪي سگهو ٿا.)
سنڌ واسين کي گهرجي ته ڏکن ۽ سورن سبب منجهن پيدا ٿيل مايوسي ۽ نراسائيءَ کي پنهنجي سماج ۾ تبديلي آڻڻ جي تڙپ ۾ بدلائي ڇڏين. اسان وقتي فائدا حاصل ڪرڻ ۽ وقتي نقصان کي ٽارڻ لاءِ سمجهوتا ڪريون پيا، جن سمجهوتن سان اسانکي دائمي نقصان پهچي پيو ۽ اهڙن سمجهوتن سبب اسان تبديليءَ جي عمل کي هٿ سان ملتوي ڪندا پيا اچون. اها ڳالهه پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته سنڌ جي خوشحاليءَ واري تبديلي ڪنهن روايتي سياست ذريعي ممڪن ناهي، جنهن ۾ ڀوتار ڏوڪڙ خرچ ڪري ماڻهن کي ٽرڪن ۾ ويهاري جلسن ۾ آڻي ٿو يا، اٽڪلون ڪري ووٽ وٺي، اسانجي اڄ ۽ اسانجي سڀاڻي کي يرغمال ڪري ڇڏي ٿو. اسانکي تبديلي ان سياسي ڪلچر ۾ آڻڻي آهي ۽ اهو تڏهن ممڪن آهي، جڏهن تبديليءَ جا سفير ان ڪاروان کي جاري و ساري رکن. آئون تبديلي پسندن کي اهو چوڻ چاهيان ٿو ته هاڻ کين پنهنجو ڪردار صرف تبديلي پسندن طور نه پر تبديلي آڻيندڙ طور ادا ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي ۽ ڊسمبر 2011 کان 22 جنوري 2012ع جي 33 ڏينهن ۾ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين تبديليءَ لاءِ جيڪو جشن ٿيندي سڄي جهان ڏٺو، اهو جشن اڃا جاري آهي ۽ اهي ماڻهو، جيڪي سمجهن ٿا ته علي قاضي سوڌو لکين تبديليءَ جا پروانا، ديوانا هاڻ ٿڪجي پيا آهن ته کين عرض آهي ته، تبديليءَ جو اهو ڪاروان، جيڪو جيجل ڌرتيءَ جي خوشحاليءَ جو خواب اکين ۾ کڻي نڪتو هو، اهو ڪڏهن نه ٿڪبو.
2010ع ۾ شايع ٿيل منهنجي پهرئين ڪتاب ’تبديلي پسندن جو ڪتاب‘ ۾ ۽ هن ڪتاب ۾ ڪجهه فرق آهن، هڪ قيمت جو گهٽ هجڻ، ته جيئن هي ڪتاب وڌ ۾ وڌ هٿن ۾ پهچي سگهي. ٻيو اهو ته، پهرئين ڪتاب ۾ مختلف موضوعن تي منهنجا لکيل ڪالم شامل هئا، پر هن ڪتاب ۾ 2010ع کانپوءِ لکيل صرف اهي مضمون شامل آهن، جيڪي تبديليءَ جي تصور سان جڙيل آهن، ۽ ٽيون فرق آهي ته، اهو ڪتاب صرف تبديليءَ کي پسند ڪندڙن لاءِ ئي ناهي، بلڪه سنڌ کي ماءَ جي هنج جيان بنائڻ لاءِ عملي قدم کڻندڙ يعني تبديلي آڻيندڙن لاءِ به آهي، جيڪي شايد ظاهري طرح نظر نه ايندا هجن پر اهي لکن جي انگ ۾ اڄ اسان جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ موجود آهن ۽ انشاالله هڪ ڏينهن وري آئون انهن لکن تبديلي آڻيندڙن جي وچ ۾ موجود هوندس.


علي قاضي
26 ڊسمبر 2012

دعا آهي ته ڪهاڻي حقيقت بڻجي وڃي

هو بيٺو ته نياز ۽ ارشاد سان گڏ هو پر سندس اکيون ميلن تائين پکڙيل پاڻيءَ ۾ ائين کپيل هيون، ڄڻ هو ڏهاڪن کان اتي بيٺو ائين ئي پاڻي ڏسي رهيو هجي، ڄڻ ان پاڻيءَ سان ظهير جو ڪو خاص رشتو هجي، شايد محبت جو، يا شايد برباديءَ جو. ظهير جي ايندڙ مهيني آڪٽوبر جي 12 تاريخ تي شادي رٿيل هئي، گلان، جيڪا سندس محبت هئي، سندس زندگي هئي، هو ۽ گلان هڪ مهيني کانپوءِ شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ وارا هئا پر ..... هو ٽئي ڄڻا ائين خاموش بيٺا هئا، ڄڻ هڪ ٻئي کي سڃاڻندا ئي نه هجن، صرف پاڻي جي وهندڙ وهڪري جو آواز اچي رهيو هو. اوچتو نياز سانت ٽوڙيندي چيو: ”ارشاد، چاچي لقمان جو ته سڄو ويڙهو ئي ويران ٿي ويو، سڄو مال به لڙهي ويس ۽ جوان پٽ به ڪرنٽ لڳڻ سبب مري ويو.“ ارشاد ٿڌو شوڪارو ڀري آسمان ڏانهن آڱر جو اشارو ڪندي چيو ته، ”بس يار، جيڪو قدرت کي منظور“. پوءِ نياز ڏانهن نهاريندي، ”2010ع کي ٻه سال گذري ويا پر امان کي اڃا ڀاءُ منطور جو موت نٿو وسري.... ماءُ آهي نه!“ ارشاد جي اکين ۾ پاڻي تري آيو ۽ اهو ڏسي نياز کيس وڌي وڃي آٿت ڏيندي چيو: ”بس جيڪو نصيب ۾ هو.“ ظهير پاڻي ڏانهن ئي اکيون رکندي (تلخ لهجي ۾)، ”قدرت کي منظور يا جيڪو ڀوتارن کي منظور؟!“ ارشاد سندس اشارو سمجهندي ڏک ڀري مرڪ سان: ”ظهير ڀائو، اهي ڀوتار به ته اسان جي نصيب جو حصو آهن نه.“ ظهير، ارشاد ڏانهن مڙندي، ”يار، ڄٽن واريون ڳالهيون نه ڪر، اهي ڀوتار قدرت اسان مٿان نه مڙهيا آهن، بلڪه اسان پاڻ وڏن کان وٺي انهن کي پاڻ مٿان ٿاڦيو ويٺا آهيون.“ نياز بيوسي واري انداز ۾ ڪنڌ هيٺ ڪندي، ”پر اسين ڪري به ڇا پيا سگهون، ظهير؟“ پرعزم انداز ۾ نياز جي ڪلهي تي هٿ رکندي، ”گهڻو ٿي ويو، هاڻ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوندو“. پيشانيءَ تي هٿ رکندي، ارشاد: ”پر پاڻ ڇا ٿا ڪري سگهون؟“ ”پاڻ گهڻو ڪجهه ڪري پيا سگهون“ ظهير جي آواز ۾ صرف ڪاوڙ نه پر عزم به هو، ”پاڻ کي پنهنجا بند مضبوط ڪرڻا آهن، برساتي پاڻي جي نيڪال جو نظام بهتر ڪرڻو آهي، امن و امان ٺيڪ ڪرڻو آهي، تعليم، صحت، روڊ، رستا - غرض ته هر شئي سڌارڻي آهي“. نياز بي تڪلفي واري انداز ۾ کلندي: ”ارشاد، هن جو دماغ ڦريو آهي، شادي ڇا ملتوي ٿي اٿس، مڙس صفا وائڙن واريون ڳالهيون پيو ڪري“. ارشاد به مرڪندي ظهير جي پٺي ٺپريندي طنز واري انداز ۾: ”ظهير ڀائو، حوصلو، جذباتي نه ٿي، پاڻ ٽي ڄڻا ڀلا اهو ڪيئن ٿا ڪري سگهون؟ پاڻ وٽ ڪهڙي حڪومت آهي، جو هي سڀ ڪجهه سڌاري ڇڏيون؟“ ٻنهي جي ٽوڪ ۽ مذاق کي نظر انداز ڪندي، ظهير مضبوط آواز ۾ چيو: ”پوءِ اچو حڪومت کي هٿ وس آڻيون“. سندس ڳالهه ٻڌي ارشاد ۽ نياز ويتر زور سان کلڻ لڳا ۽ جڏهن بس ڪيائون ته ظهير سنجيده لهجي ۾ چيو ته، ”جيستائين اسان پنهنجي بربادي تي صرف روڄ پٽڪو ڪندا رهنداسين ۽ ان جي حل لاءِ ڪوششون وٺندڙن تي چٿر ڪندا ۽ کلندا رهنداسين، تيستائين هي تباهي ۽ بربادي اسانجي مقدر بڻيل رهندي“. ظهير جي سنجيدگي ڏسي هي ٻئي به سنجيده ٿي ويا ۽ نياز سوال ڪيو ته، ”يار، ناراض نه ٿي، حڪم ڪر، اسان ڇا ٿا ڪري سگهون؟ سنگت سان سر لڳي.“ ظهير افسوس واري تاثر سان، ”ڀائو، ڪجهه ڪرڻو آهي ته پنهنجي لاءِ ڪريو، مون تي يا ڪنهن ٻئي تي ٿورو نه ڪريو“. ارشاد ٿورو بيزار ٿيندي، ”ها، ها ..... پر ٻڌائي ته سهي ته ڪرڻو ڇا آهي؟“ ظهير ٻنهي ڏانهن نهاريو، جيڪي هاڻ سنجيده نظر اچي رهيا هئا ۽ کين ٻڌائڻ لڳو.
ٽن ڏينهن کانپوءِ مامي گلوءَ جي چانهه جي هوٽل تي ٽيهارو کن ماڻهو گڏ ويٺل هئا ۽ ظهير انهن آڏو بيٺو ڳالهائي رهيو هو: ”توهان سڄي سنگت کي خبر آهي ته پاڻ اتي ڇو گڏ ٿيا آهيون! تنهنڪري آئون ورجاءُ نٿو ڪريان پر اهو ضرور چوان ٿو ته اگر پاڻ مڙسي ڪريون، ايڪتا ڪريون ته منزل ضرور ماڻي ٿا سگهون. ظهير جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي ڪچهري ۾ موجود هڪ 35، 40 سالن واري همراه رڙ ڪري چيو ته، ”ٿيڻ واريون ڳالهيون ڪر، پنجويهه، ٽيهه ماڻهو ڪهڙي به مڙسي ڪري وٺون، اهو ڪم ڪيئن ٿيندو؟ بابلا اهو بنڊ ڳرو آهي“. ظهير مرڪي ارشاد ۽ نياز ڏانهن ڏٺو ۽ ارشاد اٿي بيٺو: ”ادا رجب خان! مون ۽ نياز به ساڳئي ڳالهه ڪئي هئي پر ٽي ڏينهن اڳ اسان ڪُل ٽي ڄڻا هئاسين ۽ اسان ٽنهي ڏهه، ڏهه ماڻهو راضي ڪري اڄ اتي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اڄ اتي اسين ٽن بدران ٽيهه ڄڻا ويٺل آهيون. سو اگر اڄ اسان مان هر ڪو اهو طئي ڪري اٿي ته ايندڙ گڏجاڻي ۾ هو ڏهه ٻيا دوست ۽ هم خيال آڻيندو ته پوءِ ايندڙ ڪچهري ٽيهه نه پر ٽي سئو دوستن جي هوندي.“ ارشاد ته ويهي رهيو پر سنگت ۾ ٿوري دير لاءِ خاموشي اچي وئي. نيٺ اڇي مٿي تي ڪارو پٽڪو ٻڌل بزرگ چيو ته، ”بابا، اهو ته ٺيڪ پر پنهنجي اڳواڻي ڪير ڪندو؟“ ان تي نياز اٿي چيو ته، ”چاچا شمعو، توهان منهنجي والد مرحوم جا دوست آهيو، وڏا آهيو، توهان اڳواڻي ڪندو، آئون ڪندس، پاڻ سڀ ڪنداسين، اسين انهن ڀوتان کان به ويل آهيون ڇا؟“ جنهن تي پويان ويٺل ڪنڌار مڙس مڇن کي وٽ ڏيندي چيو، ”نياز ڇو بابا، اسان ۾ ڪهڙي کوٽ آهي، پنهنجا سورنهن جريب آهن، پنهنجي دال ماني ڪريون ٿا، ٻارنهن جماعتون به پاس ٿيل آهن. پاڻ ڇا ۾ گهٽ آهيون؟“ ظهير مرڪندي: ”اتي رک ڀائو نورل... اهو ئي حوصلو کپي“. نورل اڃا مڇن کي وٽ ڏيندي، ”پوءِ ٻي گڏجاڻي ايندڙ جمعي تي رکجي؟“ ظهير (موٽ ۾)، ”جيڪا سنگت جي صلاح ..... پر پاڻ سڀني کي جمعي واري ڪچهري ۾ڏهه، ڏهه نوان دوست به گڏ آڻڻا آهن، انهن ڏهن ۾ دوست يار، مٽ مائٽ -غرض ته پنهنجي خيال سان جڙيل ڪير به ٿي پيو سگهي پر شرط اهو آهي ته اُن جو تعلق انهيءَ چونڊ تڪ سان هجي، جنهن سان پاڻ سڀني جو تعلق آهي. اگر سڀني کي قبول آهي ته ايندڙ جمعي تائين موڪلايون ٿا.“ سڄي سنگت هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏي ٿي ۽ اٿڻ لڳن ٿا ته ڪو شرارتي انداز ۾ رڙ ٿو ڪري ته، ”ڀائو، رڳو خشڪ ڪچهري ڪئي اٿوَ، ڪو چانهه جي ڪوپ جي صلاح به نه هنئي اٿوَ“. ”ادلو، هي منهنجي ذاتي دعوت هجي ها ته سئو چانهه جا ڪوپ پر هي سڀني جي دعوت آهي، تنهن ڪري آئون توکي ٿو چانهه پياريان، تون منهنجي چانهه جا پئسا ڏجان.“ ظهير جي ڳالهه تي سڀ کلن ٿا.
”اشوڪ تنهنجو پِتا جي ٻڌندو ته ڏاڍو ناراض ٿيندو“. اشوڪ ماءُ جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهليندي، ”پر امان ڪهڙو خراب ڪم پيو ڪريان، جو بابا ناراض ٿيندو؟“ ماءُ هٿ ڇڏائيندي بيزارگيءَ وچان: ”پٽ! پاڻ ڪمزور جاتي جا ماڻهو....“ ڳالهه ڪٽيندي، اشوڪ: ”اسين ڪمزور ان ڪري آهيون، جو ڇڙ وڇڙ آهيون، هاڻ دير پئي ٿئي، مونکي آشيرواد ڏي“. اهو چئي ماءُ جي پيرن تي هٿ رکي ٻاهر نڪري سائيڪل تي مامي گلو جي هوٽل تي پهچي ٿو، جتي سئو کان مٿي ماڻهو گڏ ٿيل آهن ۽ اڃا آمد جاري آهي. اشوڪ کي ڏسي نورل تڪڙ ۾ اچي سندس هٿ جهلي وڃي نياز وٽ پهچي ٿو، جيڪو هڪ رجسٽر ۾ نالا لکي رهيو آهي. ”ڀائو نياز، هي اشوڪ ورما آهي، ان جو نالو لک ۽ ڳڻي وٺ منهنجا ڏهه ماڻهو پورا ٿيا“، ٽپهريءَ جي نماز ختم ٿيڻ کانپوءِ هوٽل تي 270 ماڻهن جا نالا لکجي چڪا هئا ۽ صلاح اها بيٺي تي گڏجاڻي شروع ٿئي. نياز ڳالهائڻ لاءِ اٿڻ لڳو ته ظهير کيس اشاري سان روڪيو ۽ اڳتي وڌي چاچي شمعو کي ڳالهائڻ لاءِ اڳتي وٺي آيو. ”بابا، سچي پڇو ته مونکي پڪ نه هئي ته اڄ اسين ٽي سئو نه به پر ايڏي وڏي انگ ۾اتي جمع ٿينداسين.....“ چاچي شمعو ظهير ۽ نياز ڏانهن ڏسندي، ”پر انهن نوجوانن مون اڇي مٿي واري کي حيران ڪري ڇڏيو آهي ۽ منهنجي اکين ۾ اميد جو ڪرڻو جاڳي پيو آهي ته اسان چاهيون ته گهڻو ڪجهه ڪري سگهون ٿا....“ مٿي تان پگهر اگهندي، ”پر مون زمانو ڏٺو آهي، تنهن ڪري خبردار پيو ڪريان ته اڄوڪي هن گڏجاڻي کي ڏسي ڀوتارن ۾ ڦڦڙي مچي وئي هوندي ۽ هو توهانجي ٻڌيءَ کي ٽوڙڻ لاءِ وسان نه گهٽائيندا ۽ کوڙ رنڊڪون وچ ۾ آڻيندا...“ اڃا چاچو شمعو ڳالهائي رهيو هو ته تيز آواز ۾ ڪنهن چيو، ”هي سڄو ڊرامو آهي، ڪجهه نه ٿيندو“. ۽ هڪ سانوري رنگت رکندڙ چشمو پاتل 40/45 سالن جو همراهه اٿي بيٺو، ”اسانجا ابا ڏاڏا ڏهاڪن کان ڀوتار جا گولا غلام رهيا آهن، هو اسانکي ٻچن وانگر ڀانئي ٿو، توهان وري ان جي خلاف ٿي بيٺا آهيو.“ ارشاد جواب لاءِ اٿڻ لڳو ته چاچي شمعو کيس اشاري سان منع ڪندي، ”ها ڀائو خميسا! تون ڳالهه پوري ڪر....“ خميسو ڄڻ آپي کان ٻاهر ٿي ويو، ”ڀوتار اسانجي ڇپر ڇانوَ آهي، توهان ان خلاف سازش پيا ڪريو، جنهن کي اسين راڄن جا ماڻهو ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين..... اٿو ڀائو پاڻ هلون“. خميسي سان گڏ ماڻهو اٿي وڃڻ لڳا ۽ ظهير خاموشي سان خميسي سان گڏ ويندڙن جو انگ ڳڻيو جيڪو ويهه هو ۽ کيس ڄاڻ هئي ته باقي بچيل ماڻهن جو انگ 250 آهي. ”اڃا به ڪنهن کي وڃڻو آهي ته هو وڃي سگهي ٿو....“ ظهير وڏي واڪ اعلان ڪيو پر ڪير به نه اٿيو. ”اسانجي ڪنهن فرد سان ذاتي دُشمني ناهي...“ ظهير ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”پر اسانجي دُشمني انهن بدترين حالتن سان آهي، جن ۾ اسانکي رهڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو آهي. اسانجو جهيڙو هن جمود سان آهي، جنهن اسانجي نسلن جو رت نپوڙيو آهي...“
لوڊشيڊنگ سبب چوطرف ٿيل اونداهي ۾ چنڊ جي روشني برساتن سبب جمع ٿي ويل پاڻي تي پوڻ سبب ائين محسوس پئي ٿيو، ڄڻ هو ڪينجهر ڍنڍ تي ويٺل هجي ۽ منظر جي دلڪشي ان پاڻي سبب آيل تباهي به ڪجهه لمحن لاءِ کيس وسري وئي ۽ هن موبائيل فون تي چيو، ”گلان، ڪاش تون ان مهل مون سان گڏ هجين ها....“ ظهير اهو چئي پنهنجيون اکيون بند ڪري ورتيون ۽ فون تان گلان جي ڳائڻ جو آواز اچڻ لڳو، ”منهنجي توکان سوا سري نٿي... دل چوي ٿي ته تون مونکان پري نٿي، منهنجي توکانسوا.....“ پوءِ ڪجهه گهڙين لاءِ ٻئي ماٺ ٿي ويا. ”ظهير، تون هي جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهين، اهو خطرناڪ آهي، آئون توکانسواءِ مري وينديس......“ ”گلان آئون هڪ ناهيان، انشا الله پنجن ڏينهن کانپوءِ شهر جي ”حاضر چوڪ“ تي ٽي هزار ظهير بيٺل هوندا ان عزم سان ته تباهي ۽ بربادي اسانجو نصيب ناهي، بلڪه تبديلي اسانجو مقدر آهي.“
سومهڻي جو وقت هو ۽ ”حاضر چوڪ“ تي ماڻهن جو رش وڌڻ لڳو هو ۽ ميڊيا جي ٽيمون به پهتل هيون. نياز، ارشاد، اشوڪ ۽ نورل تيزيءَ سان ماڻهن جا نالا رجسٽر ۾ لکي رهيا هئا پر صحافي پاڻ ۾ ان سوال تي منڌل هئا ته هي ماڻهو ڪير آهن ۽ اتي ڇو پيا جمع ٿين؟ نيٺ هڪ صحافي نياز کي ٻانهن مان جهلي چيو ته، ”هي ڇا پيا ڪريو؟!“ نياز نالا لکڻ جو ڪم جاري رکندي ظهير ڏانهن اشارو ڪندي کائنس پڇڻ جو چيو. ”ادا، هي ميڙ ڇا جو آهي؟“ صحافي جي سوال تي ظهير مرڪندي چيو ته، ”هي پيپلز اسيمبلي آهي ۽ جنهن مهل ان جا ٽي هزار ميمبر اتي جمع ٿي ويا، اسيمبلي جي ڪارروائي شروع ٿي ويندي.“ ٻئي صحافيءَ وڃي اشوڪ کي پاسو ڏنو، ”ان ميڙ جو اڳواڻ ڪير آهي؟“ اشوڪ مرڪندي چيو، ”آئون به آهيان، هي به، هو به ..... مقصد ته اسين سڀ اڳواڻ آهيون...“ صحافي کيس حيرت مان ڏسندي: ”سڀ اڳواڻ، ته پوءِ پوئلڳ ڪير آهي؟“ اشوڪ رجسٽر بند ڪري پين کيسي ۾ وجهندي: ”اسين سڀ اڳواڻ آهيون ۽ سڀ ان خيال جا پوئلڳ آهيون ته خوشحالي آڻڻ لاءِ اسانکي گڏجي عمل جي ميدان ۾ لهڻو پوندو. اچو اسيمبلي جي ڪارروائي شروع پئي ٿئي......“
”اسان جڏهن شروعات ڪئي هئي ته اسين ٽي ڄڻا هئاسين ۽ اڄ .....“ ظهير مائيڪ تي ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”هتي پنهنجو انگ ٻه هزار اٺ سئو ڇهه آهي، هي پنهنجي صوبائي اسيمبلي جي چونڊ تڪ جي 2806 ماڻهن جي اسيمبلي آهي، هن چونڊ تڪ تان سدائين ڀوتار 24 يا 25 هزار ووٽ وٺي ڪامياب ٿيندو آهي ....“ ظهير ڳالهائيندو رهيو، ”اگر اتي موجود 2806 ماڻهن مان هر ڪو طئي ڪري ته اسين ايندڙ چونڊن ۾ ڏهه، ڏهه ووٽر پولنگ اسٽيشن تي آڻينداسين، پنهنجي اميدوار کي 28 هزار ووٽ ملندا ۽ هو ڪامياب ٿي ويندو. اچو ته ڏهاڪن کان خانداني ماڻهو جو ٺپو هڻي اسان تي مسلط رهندڙ سامهون اسين ان تڪ جا ووٽر هڪ خاندان ٿي، روايتي خانداني اميدوار آڏو پنهنجي خاندان جو اميدوار بيهاري کيس ڪامياب ڪريون.....“ ظهير جي ان جملي تي دير تائين تاڙيون وڄنديون رهيون..... ”اچو اڄ هن پيپلز اسيمبلي ۾ طئي ڪريون ته ايندڙ چونڊن ۾ اسين پنهنجين نياڻين کان به ووٽ ڏيارينداسين .... اڄوڪي پيپلز اسيمبلي جي اجلاس ۾ اسين طئي ڪريون ته ايندڙ عام چونڊن ۾ ايم پي اي طور ڪنهن روايتي خانداني اميدوار آڏو اسان جي تڪ جي خاندان جو ڪير اميدوار هوندو... آئون پنهنجي طرفان ڊاڪٽر بشير احمد، اشوڪ ورما ۽ چاچي شمعو جا نالا تجويز ڪريان ٿو....“ پيپلز اسيمبلي ۾ ٻيا به ٽي نالا تجويز ڪيا ويا ۽ پوءِ ووٽنگ ٿي، جنهن ۾ ڊاڪٽر بشير احمد کي وڌ ۾ وڌ ووٽ 21 سئو مليا ۽ ٻئي ڏينهن اخبار ۾ خبر ان ريت آئي: ”چونڊ تڪ 786 ۾ روايتي اميدوارن ۾ شديد پريشاني، پيپلز اسيمبلي ڊاڪٽر بشير کي ايندڙ چونڊن لاءِ پنهنجو اميدوار نامزد ڪري ورتو.....“
  

هيءَ هڪ ڪهاڻي هئي، جنهن کي صرف ڪهاڻي سمجهي هڪ پاسي رکي به سگهجي ٿو پر اها ڪا جادوئي قصي يا سائنس فڪشن تي ٻڌل به نه آهي، جنهن کي ناممڪن قرار ڏئي ڇڏجي، بلڪه هي ڪهاڻي اسانجي هر تڪ ۾ حقيقي واقعي طور سامهون اچي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته اسانجي هر تڪ ۾ تڪليفون به آهن ته بدحالي به پر گڏوگڏ ظهير، ارشاد، نياز، اشوڪ، نورل جهڙا نوجوان به آهن ته چاچي شمعو جهڙا بزرگ ۽ ڌرتي سان جڙيل مائرون ۽ ڀينرون به آهن. منهنجي دُعا آهي ته هن ڪهاڻيءَ ۾ حقيقت جا رنگ ڀرڻ لاءِ، پنهنجي زندگين ۾ خوشحالي جي خوشبو آڻڻ لاءِ نوجوان، بزرگ، خواتين سڀ عملي طور ميدان ۾ لهندا، جيئن اڄوڪي ڏکن ڀريل سماج جي درد ڀريل ڪهاڻي اسانجي ايندڙ نسلن لاءِ صرف هڪ ناقابل يقين ڀوائتي ڪهاڻي بڻجي رهجي وڃي.

جمع 21 سيپٽمبر 2012ع

ٻوڏ کان پوءِ تبديل ٿيل سنڌ

ڪجهه ٻين بيمارين مان هڪ بيماري، جنهن جو نالو Herpes zoster (هرپيس زوسٽر) آهي، اها ڪنهن ماڻهو کي تڏهن ورايو وڃي، جڏهن انسان جو Immune system (مدافعاتي نظام) ڪمزور ٿيو پئي. ڊاڪٽرن چواڻي ته ان بيماري جو وائرس انسان جي اندر سالن يا ڏهاڪن تائين موجود هوندي به انسان کي تيستائين بيمار نٿو ڪري، جيستائين ان ماڻهو جو مدافعاتي نظام ڪمزور نٿو ٿئي. ان بيماري ۾ جسم جي ڪجهه حصن تي داڻا ٿيڻ سان گڏ شديد سور به ٿئي ٿو ۽ ڪا به دوا وٺو، پر اها بيماري 21 ڏينهن پنهنجو مدو پورو ڪري ختم ٿئي ٿي. انسان جو مدافعاتي نظام ڪمزور ٿيڻ جي ڪيترن ئي سببن مان ٻه اهم ڪارڻ گهٽ غذائيت واري کاڌ خوراڪ ۽ گهڻو ذهني دٻاءُ، ٽينشن، پريشاني وغيره ٻڌايا وڃن ٿا. ان بيماري جو ذڪر صرف ان ڪري نه پيو ڪريان، جو اهو مضمون لکڻ مهل آئون پاڻ گذريل ڇهن ڏينهن کان ان بيماري ۾ ورتل آهيان پر ڏٺو وڃي ته سڄي سنڌ به اهڙي ئي بيماري سبب شديد تڪليفون ۽ سور برداشت ڪري پئي، ڇاڪاڻ ته ڏهاڪن کان موجود سنڌ جي اقتداري توڙي انتظامي نظام کي ڪرپشن ۽ خراب حڪمراني ايترو ته کوکلو ڪري ڇڏيو هيو ۽ ان جو مدافعاتي نظام ايترو ته ڪمزور ٿي ويو هيو جو درياهه ۾ آيل وڏي وهڪري سنڌ جي سڄي وجود کي ان بيماري ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي ۽ الميو اهو آهي ته ماڻهو کي ته اها بيماري 21 ڏينهن ۾ پاڻمرادو ڇڏي ويندي آهي، پر سنڌ کي ان بيماري جا اثر سالن جا سال رهندا ۽ بيماري جو ڪارڻ يعني مدافعاتي نظام جي ڪمزوري، يعني خراب حڪمراني به الائي ڪيترو عرصو اڃان باقي رهندي؟ آئون پهرين ڏينهن کان اهو چوان ٿو ته سنڌ ۾ آيل تازي تباهي درياهه ناهي آندي، بلڪه ڪمزور بندن آندي آهي ۽ ڪمزور بندن جو ذميوار آبپاشي کاتو آهي ۽ آبپاشي کاتي جي خراب ڪارڪردگي معنيٰ خراب حڪمراني. ساڳئي ريت جيڪي سوين ٻوڏ متاثر گيسٽرو يا ٻين بيمارين سبب فوت ٿيا آهن، يا بيمار ٿيا آهن ته ان جو ذميوار درياهه ڪيئن ٿيو، بلڪه ان جو ذميوار صحت کاتو آهي. يعني حڪومت آهي، بلڪل ايئن ئي جيڪڏهن ماڻهو ٽرانسپورٽ نه هجڻ سبب دربدر آهن يا کاڌ خوراڪ لاءِ پريشان آهن ته ان جو ذميوار درياهه ڪيئن ٿيو، ان جي ذميوار ضلعي انتظاميا آهي، يعني خراب گورننس/حڪمراني.
هرپيس زوسٽر جي بيماري به ماڻهو جي کاٻي يا ساڄي يعني ڪنهن هڪ پاسي کي متاثر ڪندي آهي ۽ هن مهل سنڌ ۾ به پاڻ کي وڌيڪ تباهي درياهه جي ساڄي پاسي تي ٿيندي نظر آئي آهي، پر جيئن ته مٿي چئي آيو آهيان ته ماڻهو هجي يا صوبو يا ملڪ جيڪڏهن ان جو مدافعاتي نظام ڪمزور هوندو ته پوءِ ڪو وائرس، ڪا ٻوڏ يا ٻئي قدرتي توڙي هٿ سان آندل آفت سڄي وجود کي شديد سور ۽ تڪليف ۾ وجهي ڇڏي ٿي. اسان کي سنڌ ۾ امن و امان جي خراب حالت، برادرين جا جهيڙا، شهرن ۾ ٽارگيٽ ڪلنگز، ميرٽ جي لتاڙ، انصاف ملڻ مهانگو ۽ مشڪل، ترقياتي ڪمن ۾ ڪرپشن وغيره غرض ته خراب سياسي ڪلچر سبب، خراب حڪمراني سبب ڏهاڪن کان هلندڙ معاملا اهي واضح علامتون هيون، جن ظاهر پئي ڪيو ته اسان جي حڪومتي سرشتي جو مدافعاتي نظام بنهه ڪمزور ٿي چڪو هيو/آهي. جنهن بابت رڙيون دانهون ڏهاڪن کان ڪيون پئي ويون، پر ان کي ”مخالفن“ جي ”اجائي تنقيد“ جو نالو ڏئي ڪنهن به نه ٻڌو ۽ نيٺ ٽوڙي بند ۽ پوءِ ٺٽي جي بندن جي گهارن آڏو اهو حڪومتي مدافعاتي نظام ائين ڊهي پيو، ڄڻ اهو ڪڏهن هو ئي نه!! جيڪي دوست مون سان ورهين کان اهو بحث ڪندا هئا ته سنڌ جي سورن جو حل سٺي حڪمراني ناهي. منهنجو خيال آهي ته 50 لک کان وڌيڪ سنڌ واسين جي دربدري، لکين گهرن جي ڊهڻ، کربين رپين جي پراپرٽي جي ٿيل نقصان، سوين ماڻهن جي بيمارين وگهي فوت ٿيڻ کي ڏسي شايد هاڻ کين به چٽي ريت سمجهه ۾ اچي ويو هوندو ته جڏهن سياسي ڪلچر ۾ تبديلي وسيلي سٺي حڪمراني لاءِ دانهون ڪبيون هيون ته ان جو مطلب ڇا هيو؟ جيڪڏهن اڃان به ڪو خدا جو بندو اهو چئي ته تباهي وڏي ٻوڏ سبب ٿي آهي ۽ ان جو خراب حڪمراني سان ڪهڙو تعلق؟ ته ان الله جي نيڪ بندي لاءِ گذارش اها آهي ته ٽوڙي يا ٺٽي جا بند ان ڪري ٽٽا جو انهن جي ڏهاڪن کان ڪنهن به سار نه لڌي هئي. ظاهر آهي ته انهن جي سار سنڀال جو ڪم آبپاشي کاتي جو هيو، سو انهن بندن جو ٽٽڻ ظاهر آهي اسان جي خراب حڪمراني جو نتيجو هيو. ساڳئي ريت ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ٻيڙين جي اڻاٺ يا ٽرانسپورٽ جي اڻ هوند يا ٻوڏ هيٺ آيل شهرن مان ڦرلٽ يا مرضن جي ور چڙهيل ماڻهن جي علاج ۾ ڪوتاهي يا کاڌ خوراڪ جي کوٽ غرض ته اهو سڀ ڪجهه ظاهر آهي ته خراب گورننس جي ڪري ئي ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته ڏهاڪن کان اسان جي سرڪاري مشينري ڪرپشن، سياسي پسند ناپسند، ميرٽ جي لتاڙ، پڇاڻي جي کوٽ وغيره سبب ايتري زنگيل ۽ فرسوده ٿي چڪي هئي، جو ايتري وڏي چيلينج کي منهن ڏيڻ جي قابل ئي نه هئي.
ان پاڻي جي ٻوڏ جتي لکين ماڻهن کي بي گهر ڪيو، سندن الهه تلهه لوڙهي ڇڏيو، پنهنجن جو وڇوڙو ڏيکارڻ سان گڏ ڏکن ۽ تڪليفن جي هزارين قصن کي جنم ڏنو، اتي ئي ماڻهن منجهه سٺي ۽ خراب حڪمراني بابت شعور چٽو ۽ گڏوگڏ ووٽ وٺي وڏن شهرن ۾ پنهنجن وڏن بنگلن ڏانهن روانو ٿي ويندڙ ڀوتار جڏهن هِن ڀيري به بي يارومددگار لکين ماڻهن کي ٻڏندي ڇڏي تڪڙ ۾ انهن علائقن، ڳوٺن ۽ شهرن کي ڇڏي ڀڳا، جن علائقن کي هو پنهنجي جاگير ۽ اتي رهندڙن کي پنهنجو راڄ، برادري وغيره سڏيندا هئا ته هاڻ ماڻهن کي اها پڪ ٿي وئي ته جنهن کي هو پنهنجو ڀوتار سمجهندا هئا، اهو ان ڏکيءَ گهڙي ۾ ساڻن ڪو نه بيٺو. ان ٻوڏ جتي صدي جي وڏي ۾ وڏي تباهي آندي، اتي ئي ان ٻوڏ ماڻهن جي تمام وڏي انگ جي ذهنن ۾ ڏهاڪن کان موجود ان فرسوده سياسي توڙي حڪومتي نظام بابت خوشفهميون به لوڙهي ڇڏيون آهن ۽ گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بيراج مان 10 کان 12 لک ڪيوسڪ جي غير معمولي سطح جي وهڪري ماڻهن جي سوچڻ ۽ شعور جي سطح ۾ به غير معمولي طور اضافو ڪيو آهي ۽ هينئر ظاهر آهي ته ماڻهو پنهنجي افراتفري ۽ دربدري ۾ ورتل آهن، پر پاڻ سڀ ڏسنداسين ته وقت سان گڏ ماڻهن جي شعور جي مٿي آيل ٻوڏ ۾ هي روايتي، بلڪه فرسوده سياسي ۽ انتظامي سرشتو لڙهي ويندو. هِتي اها وضاحت ڪندو هلان ته ظاهري طرح ٻوڏ درياهه جي ساڄي پاسي وارن علائقن کي وڌيڪ نقصان پهچايو آهي، پر سنڌو درياهه جي کاٻي پاسي رهندڙن به پنهنجن سنڌ واسين سان ٿيندڙ ان الميي کي ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي ۽ کين اها ڄاڻ آهي ته اڄ ساڄي پاسي آهي ته (خدا نه ڪري) سڀاڻي هي يا اهڙي ٻي ڪا آفت کاٻي پاسي به اچي سگهي پئي، سو ائين چئجي ته قطعي غلط نه ٿيندو ته اسان مان هڪڙن اها آفت پاڻ ڀوڳي سکيو آهي ۽ ٻين ڏسي سکيو آهي.
تبديلي جي حوالي سان ورهين کان لکيل پنهنجين لکڻين ۾ اڪثر وقت تي زور ڀريندو هيس ته اسان وٽ وقت گهٽ آهي، ظاهر آهي ان مهل مون کي اها ڄاڻ ته نه هئي ته ڪو ٻوڏ ايندي ۽ اسان جا بند ٽٽڻ سبب ايڏو وڏو الميو جنم وٺندو، پر اها حقيقت پڌري پٽ هئي يا چئجي ته سامهون ڀت تي لکيل نظر آئي پئي ته اسان جي فرسوده سياسي ڪلچر مان جنم ورتل خراب حڪمراني ڪنهن به سياسي، معاشي، انتظامي آفت يا مشڪل يا چئلينج کي منهن ڏيڻ جي قابل نه رهي آهي ۽ اهو سمجهڻ ان ڪري ڏکيو نه هيو ته عام حالتن ۾ به اسان جي حڪومتي/انتظامي مشينري جا افعال پاڻ سڀ ڏسندا آيا آهيون. سو ظاهر آهي ته غير معمولي حالتن ۾ اها مشينري ڇا پئي ڪري سگهي؟ مثال طور پاڻ ڏٺو آهي ته سوڪهڙي واري موسم ۾ ڪئنالن يا بندن کي گهارا لڳيو وڃن ته پوءِ وڏي ٻوڏ ۾ گهارا نه لڳڻ ڪيئن ممڪن هيو؟ عام حالتن ۾ صحت کاتي جي ڪارڪردگي پاڻ سڀني آڏو رهندي آئي آهي ته پوءِ غير معمولي صورتحال ۾ ان کان ڪنهن بي مثال ڪارڪردگي جي اميد ڪيئن پئي رکي سگهجي؟ ساڳئي ريت امن و امان هجي يا رليف جو ڪم روينيو کاتي کي ڏنل هجي، انهن سڀني جو حال اڳ ۾ ئي پاڻ کي سُجهي پيو، سو هاڻ ڇا توقع ڪجي ها؟ سو جڏهن لکندو هيس ته وقت گهٽ آهي ته سئو سيڪڙو اها پڪ نه هئي ته آفت جي نوعيت ڇا هوندي، پر اها پڪ ضرور هئي ته اسان جي ڏهاڪن کان تيزي سان خراب ٿيندڙ گورننس ڪنهن به آفت کي منهن نه ڏئي سگهندي، تنهن ڪري ڪنهن وڏي تباهي کان اڳ تبديلي آڻجي.
اڳ ۾ تبديلي پسندن جو وڏو انگ اسان جي وڏن، ننڍن شهرن، ٽائونز، وڏن ڳوٺن ۾ پيدا ٿي رهيو هيو، پر هاڻ ان ٻوڏ يقينن انهن ننڍين وسندين ۽ ڪچي جي ڳوٺن ۾ رهندڙن تائين تبديلي جي خواهش کي شديد انداز ۾ اڀاريو هوندو، جنهن تائين ميڊيا جي به رسائي نه هئي ۽ آئون وري چوان پيو ته اها هڪ ٻوڏ جي تباهي پاڻ ڀوڳي آهي، بلڪه ڀوڳيون پيا، پر ايندڙ سال (خدا نه ڪري) وري درياهه ۾ ٻوڏ اچي پئي سگهي، سڀاڻي شهرن ۾ دهشتگردي جي ٻوڏ، وبائي بيمارين جي ٻوڏ، وڏا ڊيم ٺاهڻ جي آفت، ٻوڏ متاثرين جي بحالي جي نالي ۾ ڪرپشن جي ٻوڏ، سنڌ کي ورهائڻ جي سازش جو زلزلو. مهانگائي جو طوفان، غرض ته آفتون، مصيبتون، ٻوڏون ڪهڙيون به هجن، اهي تڏهن ئي وڌيڪ هاڃيڪار ثابت ٿين ٿيون، جڏهن اسان جو مدافعاتي نظام ڪمزور هجي، يعني خراب گورننس هجي، خراب سياسي ڪلچر هجي، سو تبديلي پسندن وٽ وقت سوڙهو ٿيندو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته وقت به درياهه جي پاڻيءَ جيان ڪنهن جي عمل جو انتظار نه ڪندو ۽ جيڪڏهن ان کي سولو رستو نه مليو ته هو پنهنجو رستو پاڻ ٺاهي وٺندو آهي. ساڳئي ريت اڄ جنهن نئين سنڌ ۾ اسين رهون پيا، جنهن ۾ ماڻهن جي سوچ ۽ جذبن جو وهڪرو تمام مٿانهين درجي تي ويهي رهيو آهي، جيڪڏهن تبديلي پسندن ان کي بروقت صحيح رستو نه ڏنو ته اهو وهڪرو به بندن کي ٽوڙي وڏي تباهي جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو.
گذريل سال اپريل ۽ مئي جي مهينن ۾ هڪ ٻئي جي پويان ٻه مضمون ”وقت جي ٽڪ ٽڪ“ ۽ ”جاڳندا رهجو“ ۾ وقت جي اهميت تي زور ڀريو هيم ۽ اڄ ٻوڏ جي تباهه ڪاري کانپوءِ ڪا ڊگهي ڳالهه ڪرڻ بدران صرف ان ساڳئي نقطي تي زور ڀريان پيو ته سنڌ واسي گهڻو ڪجهه وڃائي چڪا آهن ۽ ان کان اڳ جو (خدا نه ڪري) وڃائڻ لاءِ باقي ڪجهه به نه بچي تبديلي پسند ماڻهو عملي طور ڪردار ادا ڪن، جيئن سنڌ واسين جي شعور ۽ جذبن جون موجون هڻندڙ درياهه خير خوبي سان تبديلي جي سمنڊ تائين پهچي ۽ اسين هڪ خوشحال سنڌ ۾ رهي سگهون، جنهن ۾ جيڪڏهن سڀاڻي وڏي موجن سان سنڌو درياهه اچي ته سنڌ واسي پريشاني ۽ خوف ۾ وٺجڻ بدران يا بندن تي ڊپ وچان راتيون گذارڻ بدران درياهه ڪناري پڪنڪ ڪندي، درياهه جي موجن جو مزو وٺندي ٽي وي اسڪرينز تي نظر اچن، ۽ اهو سئو سيڪڙو ممڪن آهي ۽ جڏهن لکين، ڪروڙين سنڌ واسي اهو عزم ڪري ميدان عمل ۾ آيا ته کين تبديل ٿيل سنڌ کپي ته انشاءَ الله اسين پنهنجين اکين سان اها ڏسنداسين. (آمين)

اڱارو 31 آگسٽ 2010ع

خوف کي فتح ڇو نه ڪجي؟

وڏي شهرت ماڻيندڙ ڪتاب 48 Laws of power (اقتدار جا اٺيتاليهه قانون) جي ليکڪ رابرٽ گريني پنهنجي نئين ڪتاب The 50th law(پنجاهون قانون) جو موضوع ان نقطي کي بڻايو آهي ته خوف جو احساس ڪيئن نه انسان کي ڪمزور، جمود پسند ۽ ناڪامي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي رکندو آهي ۽ جڏهن ماڻهو پاڻ کي خوف، ڊپ جي احساس کان آجو ڪري ٿو، تڏهن ئي هو طاقتور، تخليقي ۽ ڪامياب ٿئي ٿو. واقعي به انسان هر مهل ڪنهن نه ڪنهن ڊپ ۾ورتل هجي ٿو، جنهن سبب هو ڪيترائي اهڙا ڪم نٿو ڪري، جيڪي سندس هٿ وس هجن ٿا ۽ جنهن سبب سندس زندگي به بدلجي سگهي ٿي، پر هو مختلف نوعيت جي ڊپن سبب نٿو ڪري. ڪڏهن کيس ناڪامي جو خوف هجي ٿو، ڪڏهن کيس نقصان رسڻ جو ڊپ هجي ٿو، ڪڏهن ڪنهن جي ناراضگي ته وري ڪڏهن پنهنجي اهليت/سگهه جي گهٽ هجڻ جو وسوسو. انسان پنهنجي اندر لڪل کوڙ سارين صلاحيتن کي سڄي ڄمار پنهنجي اندر ئي ٺاهيل ڊپ جي صندوق ۾ تالو هڻي بند رکي ٿو، جو ڪجهه به ڪرڻ کان اڳ نانگ بڻجي سندس اندر ويٺل خوف ڦڻ کڻي کيس هر نئين ڪم ڪرڻ کان روڪي ٿو. پاڻ اڪثر همراهن کي چوندي ٻڌون ٿا ته، ”يار، محفل ۾ ائين ضرور چوان ها، پر ڊپ هئم ته متان سنگت منهنجو مذاق اڏائي“، يا ”اظهار محبت ڪرڻ لاءِ ته بيقرار آهيان، پر خوف اٿم ته هو انڪار نه ڪري ڇڏي.“ يا ”ڪاروبار ڪريان ته سهي پر ڊپ آهي ته ناڻو ٻڏي نه وڃي“ وغيره وغيره. ڪجهه ڊپ اهڙا به انسان منجهه گهر ڪري ويهي رهن ٿا، جن لاءِ ماڻهوءَ وٽ ڪو منطقي سبب نٿو هجي، اهي خوف انسان جي لاشعور ۾ هجن ٿا، جن جو ٻين سببن سان گڏ هڪ ڪارڻ ننڍي هوندي جو ڪو واقعو به ٿي پيو سگهي، جيڪو ائين ته شايد ماڻهو کي وسري به ويو هجي، پر ان واقعي سبب ننڍي هوندي دل ۽ دماغ تي رهجي ويل دهشت يا اثر انسان کي سڄي ڄمار خوف ۾ رکي ٿو. جيئن، اڪثر ماڻهو اونداهيءَ کان ڊڄن ٿا يا وري ڪجهه ماڻهن کي اڪيلائيءَ کان خوف ٿو ٿئي، وغيره پر جڏهن ڪو شخص پنهنجي اندر ويٺل ڪنهن شعوري يا لاشعوري خوف کان آزادي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته منجهس بي پناهه خود اعتمادي اچي ٿي ۽ سندس سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيتن ۾ پڻ تمام گهڻو اضافو ٿئي ٿو ۽ هو شخص پوءِ ڪو فيصلو يا عمل ڪرڻ مهل يا نه ڪرڻ مهل ان فيصلي يا عمل جي ميرٽ کي ڏسي رهيو هجي ٿو ۽ هڪ Positive (مثبت) ائپروچ اختيار ڪيل هجي ٿو، نه ڪي خوف جي Negative (منفي) انرجي سندس فيصلن يا عمل تي ڇانيل هجي ٿي. سو ماڻهوءَ کي ڪو ڪم، عمل يا فيصلو ڪرڻ مهل خوف جي احساس کان پاڻ کي آجو ڪرڻ گهرجي. اتي ان سڄي ڳالهه مان اهو هرگز مطلب ناهي ته ڪو ماڻهو ڏهه ماڙ واري بلڊنگ تان بي خوف ٿي ٽپو ڏئي ڇڏي ته کيس ڪجهه ڪو نه ٿيندو يا ڪو وڃي نانگ جي ٻِرَ ۾ هٿ وجهي ۽ سوچي ته بي خوف ٿي ائين ڪبو ته ڪجهه ڪو نه ٿيندو يا اگر بي خوف ٿي ڏوهه جي ڪارروائي ڪري ۽ سمجهي ته هو قانون جي گرفت ۾ ڪڏهن نه ايندو، وغيره. بلڪه پاڻ ڳالهه پئي ڪئي خوف ۽ ڊپ جي انهن قسمن جي، جيڪي انسان کي اڳتي وڌڻ، ڪجهه نئون سوچڻ يا ڪرڻ وغيره کان روڪي رکن ٿا ۽ ماڻهو سڄي ڄمار هڪ جمود واري ڪيفيت ۾ رهي به ٿو ۽ نه چاهيندي به ان جمود کي بچائيندو رهي ٿو، صرف ان ڊپ جي ڪري ته اگر اهو جمود ٽٽي پيو ته متان سندس زندگيءَ جون حالتون سندس هاڻوڪي حالتن کان ويتر خراب ٿي وڃن.
سنڌ جي پڪي جي علائقن ۾ بند ٽٽڻ سبب آيل ٻوڏ (ائين ان ڪري لکان پيو، جو آئون ان کي قدرتي طور آيل دريا جي ٻوڏ نٿو مڃيان) کان اڳ سنڌ واسي به ڏهاڪن کان جمود هيٺ آيل نظام ۾ زندگي گهاري رهيا هئا، جنهن نظام جا بنياد ڀوتارڪي سياسي ڪلچر، ڪرپشن، ميرٽ جي لتاڙ، غرض ته خراب حڪمراني تي بيٺل هئا، پر اسان جي سماج وٽ ان جمود کي ٽوڙڻ جي رستي ۾ مختلف قسم جا ڊپ رڪاوٽ بڻيل هئا. ڪنهن کي ڊپ هو ته جمود کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي ويندي، ڪنهن کي ڀوتارن جو ته وري ڪنهن کي اسٽيبلشمينٽ جو ڊپ، غرض ته سماج ۾ تبديلي جي شديد خواهش هوندي به ماڻهو مختلف انديشن ۽ خوف سبب ان فرسوده نظام ۾ رهڻ ۾ پنهنجي عافيت سمجهن پيا، پر هڪ ڏينهن اوچتو ڪنڌ ڪوٽ - ڪشمور ضلعي ۾ ٽوڙي بند ٽٽي پيو، جنهن اڌ سنڌ کي ٻوڙي ڇڏيو. وري هڪ ڏينهن ٺٽي ۾ بند ٽٽي پيو، وري منڇر جا بند ٽٽي پيا. سو اسان جيڪي خوف وچان هاڻوڪي فرسوده نظام سان گڏ هلندا پئي آياسين ته متان ان ۾ تبديلي آڻڻ سان اسان جي زندگيءَ ۾ ڪي بحران اچي وڃن، پر ٿيو ان جي ابتڙ، يعني ڪرپشن ۽ خراب حڪمرانيءَ جي ان نظام اسان کي ايتري وڏي بحران ۾ آڻي ڇڏيو، جنهن جو تاريخ ۾ ڪو مثال ئي نٿو ملي. سو بندن جي ٽٽڻ ڪري هاڻ اهو خوف به ٽٽڻ گهرجي ته هاڻوڪو نظام اگر ٽُٽو ته ڪا قيامت اچي ويندي، ڇاڪاڻ ته اگر اسان وٽ سٺي حڪمراني اڳ ۾ اچي چڪي هجي ها ته يقينن اسين اهو سڀ ڪجهه نه ڀوڳيون ها، جيڪو اسان کي اڄ ڀوڳڻو پئجي ويو آهي.
اڄڪلهه اقتداري ايوانن ۾ هلندڙ وٺ وٺان جي باريڪين جو تجزيو ڪرڻ بدران ساڳئي نقطي يعني خوف جي Element (عنصر) کي آڏو رکي معاملي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ته ڳالهه بنهه سادي آهي ته حڪومت کي سندن اقتدار وڃڻ جو ڊپ آهي، پر سوال اهو آهي ته پ پ ۽ سندس اتحادي حڪومت عوام کان ووٽ وٺي آيا هئا ته پوءِ کين ٻيهر عوام کان ووٽ نه ملڻ جو ڊپ آهي ڇا، جو هو ايترا پريشان ۽ بتال ٿين پيا؟ جيڪڏهن اهو ڊپ ناهي ته پوءِ حڪومت ته کين ٻيهر به ملي پئي سگهي، سو ٻيهر ماڻهن ۾ اچڻ کان ڇو پيا لنوائين ۽ مختلف رياستي ادارن کان پنهنجو حڪومتي مدو وڌائڻ لاءِ منٿ ميڙ ڇو پيا ڪن؟ آئون ڪا انوکي ڳالهه نه پيو ڪريان، بلڪه دنيا جي جمهوري ملڪن ۾ اڪثر حڪومتون مدو پورو نٿيون ڪري سگهن ۽ پوءِ سياسي پارٽيون ٻيهر عوام ڏانهن وڃن ٿيون، اتي اها ڳالهه به جائز آهي ته اسان جي ملڪ ۾ بحران جي پويان سازشن جي نوعيت اسريل جمهوري ملڪن کان مختلف آهي. ڪارڻ ڀلي مختلف هجن پر علاج وري به ساڳيو ئي آهي، يعني عوام جي سگهه ۽ حمايت لاءِ عوام ڏانهن اچڻ. مون کي ڪڏهن ڪڏهن سمجهه ۾ نٿو اچي ته، اسان جون وڏيون سياسي پارٽيون، جيڪي ڏهاڪن کان اقتداري سياست ۾ آهن، اهي چوڻ جي حد تائين ته ٺيڪ پر عملي طور عوام جي سگهه ۾ يقين ڇو نٿيون آڻين؟ آخر انهن وٽ ٻي اهڙي ڪهڙي طاقت آهي، جو اهي اسٽيبلشمينٽ جهڙي طاقتور اداري جي طاقت آڏو پنهنجي حيثيت مڃرائي سگهن؟ بند ڪمرن ۾ جوڙ ٽوڙ، آمريڪا بهادر جي آشيرواد وغيره وقتي طور تي کين حڪومت ڏيارڻ ۽ حڪومتي مدي ۾ واڌاري جا سبب بڻجي سگهن ٿا، پر ڊگهي مدي ۾ سياسي قوتون مائنس عوام ڪهڙي حيثيت ٿيون رکن، سو اسان جي سياسي ڌرين کي اهو ڊپ ڇو ٿو ورائي وڃي ته اگر اڄ حڪومت وئي ته پوءِ ڪڏهن نه ملندي؟ ظاهر آهي ان جو سبب سادن لفظن ۾ اهو ئي آهي ته سندن ڪارڪردگي ايتري خراب هجي ٿي، جو کين عوام مان موٽ نه ملڻ جو ڊپ هجي ٿو. سو اگر ٻن ٽن قوتن کي راضي رکڻ ۾ رڌل حڪمران عوام کي راضي رکڻ واري سوچ ڌارين ها ته کين ڪڏهن به حڪومت وڃڻ جو خوف نه هجي ها.
حڪومت مخالف سياستدان، صحافي وغيره اڄڪلهه اها ڳالهه ڪندي خوشيءَ وچان ڳاڙها ٿيو وڃن ته، ”سنڌ ڪارڊ“ تازي ٻوڏ ۾ پسي ويو آهي. ڪجهه چون ٿا ته اهو ڪارڊ لڙهي ويو، ڦاٽي پيو وغيره. آئون هڪ کان وڌيڪ ڀيرا سنڌ جي احساسن، جذبن ۽ حقن جي شعور کي هڪ ڪارڊ قرار ڏيڻ واري روش ۽ ذهنيت کي بدنيتي قرار ڏيندو رهيو آهيان، پر اتي ان اصطلاح کي اڄڪلهه جي اقتداري سياست جي حوالي سان سمجهڻ خاطر بحث هيٺ آڻيون ٿا. دراصل پي پي مخالف قوتن پنهنجو ذهن ائين ٺاهيو آهي ته اگر پي پي سان ڪجهه ٿيو ته سنڌ وفاق خلاف ٿي ويندي ۽ پي پي پاڻ به اهڙي سوچ کي همٿائي ٿي ته اگر انهن جي حڪومت سان ڪجهه ٿيو سنڌ ۽ وفاق وچ ۾ وڇوٽيون وڌنديون، جنهن جي جواب ۾ اسٽيبلشمينٽ ماضيءَ ۾ ڪڏهن پير صاحب پاڳاري تي، ڪڏهن ڪنهن قومپرست تي، ڪڏهن ٻين ڀوتارن جو سهڪار حاصل ڪري، کين متحده قومي موومينٽ سان جوڙي سنڌ ۾ پي پي جي متبادل طور پيش ڪندي آئي آهي. ظاهر آهي ته اهي ڳٺ جوڙ بنهه مصنوعي هوندا هئا ۽ خراب حڪمرانيءَ جا اعليٰ مثال هئا، تنهن ڪري نه انهن مان سنڌ جي عام ماڻهوءَ کي ڪو رليف ملندو هو ۽ نه ئي سنڌ جي مجموعي مفادن جو تحفظ انهن جي ترجيحن ۾ ڪڏهن شامل رهيو. سو جڏهن به ماڻهن کي موقعو مليو ته انهن پي پي کي وڏي انگ ۾ ووٽ ڏنو، پر بدقسمتيءَ سان پي پي به سنڌ کي واقعي به صرف ڪارڊ سمجهي ورتو آهي، جيڪو ڏيکاري هو اسلام آباد جي اقتداري ايوانن ۾ داخل ٿي سگهن. شايد اهو ئي سبب آهي جو پي پي سنڌ جي مجموعي حقن بابت ڪجهه ڪرڻ کان اهو چئي پاسو ڪندي رهي ته، ”اسين وفاقي پارٽي آهيون“. سو سنڌ واسين آڏو ڏهاڪن جي اقتداري راند ڏسڻ کانپوءِ اهو نتيجو آيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جڏهن ايندي ته اها خراب حڪمرانيءَ شاهڪار رڪارڊ رکندڙن اهڙن ماڻهن کي آڻيندي، جن جو عام ماڻهوءَ جي راءِ کان ويندي سنڌ جي اجتماعي حقن سان ڪو واسطو نه هجي ۽ اگر پي پي ايندي ته ان وٽ به سنڌ هڪ ڪارڊ کان وڌيڪ حيثيت نه رکندو ۽ ان وٽ به سٺي حڪمراني ترجيحي ته نه هوندي. سوال اهو آهي ته سنڌ واسي پاڻ سان ٿيندڙ اهو لقاءُ ڪيستائين خاموشي سان ڏسندا رهندا؟
دُعا جي عمل ۾ جتي انسان جي خيالن ۾ چٽائي اچي ٿي، اتي ئي سندس من اندر موجود مختلف خوف ۽ ڊپ به غائب ٿيو وڃن ۽ وٽس عمل ڪرڻ جو حوصلو ۽ فهم به پيدا ٿئي ٿو. اچو ته گڏجي سنڌ ۾ هڪ حقيقي تبديليءَ لاءِ دعا گهرون، جيئن اسان جي اندر تبديلي آڻڻ جي عمل لاءِ حوصلو پيدا ٿئي ۽ تبديليءَ کان سنڌ واسين کي ڊيڄاريندڙ پاڻ سنڌي ماڻهن جو گڏيل فهم، حوصلو ۽ بي خوف عمل ڏسي خوف وچان غائب ٿي وڃن.

اڱارو 28 سيپٽمبر 2010ع

آپشن جي ڳولا!

پاڪستان جي هڪ اڳوڻي سفير، جيڪو سنڌي آهي، ڪنهن ڪچهري دوران سنڌ جي سماج ۾ تبديليءَ جي حوالي سان چيو ته، ”اسان جو عام ماڻهو بنهه اٻوجهه آهي، ڀلي ڪجهه به ٿي پوي، پر هو ڀوتارن جي پيرن ۾ ئي ويهندو، سو اهو سمجهڻ ته عام ماڻهو اسان جي معاشري ۾ ڪا تبديلي آڻيندو، مڙئي خواب آهي.“ ان موصوف جي ڳالهه ٻڌي موٽ ۾ چيومانس ته، ”اڄ کان 22 سال اڳ نه ميڊيا ايتري سگهاري هئي، نه ئي سنڌي ماڻهو جو سياسي شعور ان سطح تي هو، جتي اڄ آهي، پر ان مهل جڏهن چونڊون (88ع واريون چونڊون) ٿيون ته هر ڪنهن ڏٺو ته پير صاحب پاڳاري، غلام مصطفيٰ جتوئي ۽ محمد خان جوڻيجي مرحوم کان ويندي وڏا وڏا نالا هارائي ويا. سو، چوڻ جو مقصد اهو آهي ته سنڌي ماڻهو جڏهن پنهنجي تي لهي اچن ٿا ته پوءِ سندن گڏيل فهم ۽ گڏيل حوصلو ڏسڻ وٽان هجي ٿو ۽ ان جي حقيقي پروڙ نه ڪندي ان کي Underestimate ڪرڻ زيادتي هوندي. باقي اهو الڳ بحث آهي ته سنڌي ماڻهو ڪهڙي ڳالهه، ڪهڙي نقطي تي ڪنهن مهل وڃي Convince (آماده) ٿين ٿا.“
ان اڳوڻي سفير صاحب جي ڳالهه ڪنهن هڪ فرد جي سوچ نه پر اسان ڀوتارن جي ذهنن ۾ موجود گڏيل تاثر آهي، پوءِ اهي ڀوتار پ پ ۾ هجن يا پ پ جا مخالف هجن، يا اسان جا ڪجهه دانشور ۽ ڪجهه قومپرست اڳواڻ به اهو سمجهن ٿا ته سنڌي ماڻهن جو سياسي شعور اڃا ايترو ناهي، جو هو ڏهاڪن کان جاري ان ڀوتارڪي ڪلچر مان آجا ٿي سگهن. آئون سمجهان ٿو ته اهي صاحب لوگ ڀليل آهن، ۽ يقينن 1988ع وارين چونڊن کان ڪجهه ڏينهن اڳ تائين به ڪنهن کي اهو يقين نه اچي ها ته سنڌي ماڻهو ڇا ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. ساڳي ريت 27 ڊسمبر 2007ع تي محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪندڙن، توڙي ٻين ڌرين کي شايد اهو اندازو ئي نه هو ته سنڌي ماڻهن جي گڏيل ڪاوڙ جا شعلا ايترا ڀڙڪي اٿندا، جو ڪراچي کان ڪشمور تائين رڳو باهه ئي باهه هوندي. حيرانگيءَ ۾ ته اڪثر ڌريون 6 ڊسمبر 2009ع ۽ 24 جنوري 2010ع تي به وٺجي ويون هونديون، جڏهن لکين، لکين سنڌ واسين پنهنجي ثقافت، پنهنجي معيشت ۽ پنهنجي قومي جاڳرتا جي ثبوت طور ايڪتا جو مظاهرو ڪيو. انهيءَ ريت، اڄ ڪير مڃي نه مڃي، پر سماج ۾ معياري تبديلي لاءِ جڏهن به سنڌ واسين پنهنجو گڏيل فهم ۽ حوصلو ڪتب آندو ته هاڻوڪي فرسوده سياسي ڪلچر جا امين ٻيهر دنگ رهجي ويندا.
اڄڪلهه اقتداري دُنيا جي ڄاڻو حلقن ۾ بحث ان ڳالهه تي وڌيڪ آهي ته اقتداري ايوانن ۾ هلندڙ ان وٺ وٺان جو انجام ڪٿي بيهندو ۽ بنهه سولي سنڌي ۾ ته ڇا ان جو انجام ڪنهن ٻئي سولين سيٽ اپ، جنهن ۾ پارليمينٽ اندران تبديلي، ٻيهر عام چونڊن وغير جهڙو انجام ٿيندو يا مورڳو سڌي يا اڻ سڌي ريت فوجي راڄ اچڻ هوندو؟ ان سوال جي جواب ۾ به پاڻ ڪو ڳورو ۽ ڳنڀير تجزيو ڪرڻ بدران سولي ڳالهه ڪيون ٿا ته ”جيڪڏهن پارليمينٽ اندران تبديلي آئي ته اها نئين حڪومت ميان نواز شريف جي محتاج هوندي، پر ميان نواز شريف اسان جي اسٽيبلشمينٽ ۽ آمريڪا وٽ وڌيڪ سخت گير شخصيت طور سڃاتو وڃي ٿو پر بهر حال پي پي کانپوءِ ٻئي وڏي پارٽي نواز ليگ ئي آهي، پر نواز ليگ جي خواهش مڊ-ٽرم چونڊون آهي، پر مڊ-ٽرم چونڊن جي حق ۾ اسٽيبلشمينٽ نظر نٿي اچي، ۽ سڌي يا اڻسڌي ريت مارشل لا جي حق ۾ وري بين الاقوامي حالتون ناهن.“ سو جيڪڏهن ان تجزيي سان پاڻ اتفاق ڪيون ته ڳالهه اتي بيهي ٿي ته هاڻوڪي سيٽ اپ جي وڃڻ جي راهه ۾ وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ ڪو موزون متبادل نه هجڻ آهي، پر اها ڳالهه به غلط نه چئبي ته جڏهن ڪو به بحران ڊگهو وقت برقرار رهي ٿو ته هڪ اهڙو وقت به اچيو وڃي، جڏهن ڪنهن سوچيل سمجهيل آپشن بدران ان بحران جو هر صورت خاتمو خود هڪ آپشن بڻجيو وڃي. ٻئي طرف ڪجهه تجزيا نگارن جو خيال ان جي ابتڙ آهي ۽ انهن جو چوڻ آهي ته اقتداري سرشتي ۾ ڪا به تبديلي نه ايندي، پر اقتداري دنيا ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ به برقرار رهندي ۽ حڪومت باقي بچيل سوا ٻن سالن جو مدو به پورو ڪندي. اهي تجزيي نگار ان صورتحال کي ”چيڪ اينڊ بيلنس“ جو پاڪستاني ماڊل طور قرار ڏيندي ڪجهه ان ريت چون ٿا ته، ”عدليا ۽ حڪومت جو هڪ ٻئي مٿان ۽ ٻنهي جو اسٽيبلشمينٽ مٿان ۽ اسٽيبلشمينٽ جو انهن ٻنهي مٿان اهو چيڪ اينڊ بيلنس پيدا ٿيل آهي ۽ اها صورتحال آمريڪا بهادر کي به پسند پئي اچي!!“.
جتي اقتداري دنيا ۾ حڪومت مخالف ڌريون ڪو موزون آپشن/متبادل نه هجڻ سبب هلندڙ سيٽ اپ کي ئي برداشت ڪندي نظر اچن پيون، اُئين ئي سنڌ ۾ ڏهاڪن کان هلندڙ فرسوده سياسي ڪلچر جا مخالف تبديلي پسند ڪو آپشن/متبادل نه هجڻ ڪري انهيءَ ڪلچر کي ڀوڳڻ لاءِ مجبور نظر اچن ٿا، پر انهن وٽ اهو بحث زور و شور سان جاري آهي ته جمود پسندن کان جند ڪيئن آجي ڪرائجي؟ تبديلي پسند ماڻهن منجهه به هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ ڀوتارڪي سياسي ڪلچر جو متبادل ڳولهڻ جي تڙپ وڌندي پئي وڃي. تازو سنڌ جي مختلف علائقن ۾ تمام گهڻن ۽ مختلف شعبن سان لاڳاپيل شهرين ۽ ڳوٺاڻن سان ڪچهريون ٿيون، ائين ناهي ته اهو ڪو پهريون ڀيرو ٿيو آهي، بلڪه ان کان اڳ ماضي ۾ به کوڙ ڀيرا سنڌ جي مختلف علائقن ۾ اهڙيون ڪچهريون ڪندو رهيو آهيان، پر هِن ڀيري جيڪا ڳالهه خوشگوار، پر حيرت انگيز حد تائين مختلف نظر آئي، اها هئي ماڻهن جي تبديلي جي تصور سان شناسائي. هِن ڀيري ماڻهن جي اڪثريت کي ان ڳالهه جي چٽي ريت پروڙ هئي ته جڏهن سياسي ڪلچر ۾ معياري تبديلي جي ڳالهه ٿئي ٿي ته ان جو سڌو مطلب عام ماڻهن جي معيارِ زندگي ۾ بهتري اچڻ هجي ٿو. جيتوڻيڪ ماڻهن جي ذهنن ۾ ان ڏس ۾ مختلف سوال هئا/آهن، پر تبديلي جي تصور سان اجنبيت جو خاتمو منهنجي نظر ۾ خود هڪ وڏي تبديلي آهي.
اڄ کان چاليهه سال اڳ جڏهن بند ڪمرن ۾ سياست وارو ڪلچر رائج هيو ته ان مهل هڪ شخص ذوالفقار علي ڀٽو اُن مهل جي سياسي ڪلچر ۾ تبديلي جي ڳالهه ڪئي ۽ عوامي شرڪت واري ڪلچر کي عوام ۾ متعارف ڪرايو. هن پارٽي سياست ۽ پاپولر سياست جي ويسٽ پاڪستان ۾ شروعات ڪئي، جنهن جي ڪاميابي 40 سال اڳ واري سياسي ڪلچر ۾ ذري گهٽ ناممڪن تصور ڪئي ويندي هئي، پر ان مهل عوام ان تبديلي جي سڏ کي ورنايو ۽ بعد ۾ باوجود آمريتي حڪومتن جي ڪير به ان تبديليءَ جي ٻج کي عوام منجهان پاڙ مان اکيڙي نه سگهيو، پر بدقسمتي سان بعد جي 40 سالن ۾ ان عوامي سياست واري ڪلچر ۾ نه صرف ڪا بهتري نه اچي سگهي، بلڪه سگهارين ڌرين ۽ سگهارن فردن ان عوامي سياسي ڪلچر جي بنيادي روح کي مٽائي ڀوتارڪي سياسي ڪلچر ۾ مٽائي ڇڏيو. سو اڄ جڏهن آئون سياسي ڪلچر ۾ خلقِ خدا جي طاقت ذريعي تبديلي اچڻ جي ڳالهه ڪريان ٿو ۽ ڪجهه اڪابر اهڙي تبديلي کي ناممڪن قرار ڏين ٿا ته انهن جي خدمت ۾ عرض اهو آهي ته جيڪڏهن 40 سال اڳ جڏهن سياسي شعور ايترو پختو به نه هو، تڏهن سياسي ڪلچر ۾ تبديلي جو عمل عوام ڪري ڏيکاريو ته اڄ جڏهن سماج ۾ جاڳرتا به اڳ کان وڌيڪ آهي ته پوءِ سياسي ڪلچر ۾ تبديلي اچڻ ڪيئن ناممڪن چئجي؟
گذريل سال جيان هن سال به ڊسمبر ۾ جڏهن سنڌ واسي ايڪتا ۽ جاڳرتا جو ڏهاڙو ملهائيندا ته منهنجي خواهش آهي ته لکين ڪروڙين سنڌي مرد توڙي خواتين پنهنجي ثقافتي رنگ ۾ رنگجي ڪراچي کان ڪشمور تائين هڪ انساني زنجير جو ڏيک ڏين ۽ پاڻ سان، پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي واسين سان محبت جي اظهار جي ان خوشين ڀري ڏهاڙي تي هڪ منٽ لاءِ اکيون بند ڪري پنهنجي پاڻ سان وچن ڪن ته، ”اسين سماج ۾ معياري تبديلي ضرور آڻينداسين.“

خميس 28 آڪٽوبر 2010ع

محبت جي زنجير

پنهنجي شاگرديءَ واري دور ۾ آئون ڪو پوزيشن هولڊر ته نه هئس، پر صفا ويل شاگرد به نه هئس، پر جيڪو سبجيڪٽ مون کي سدائين منجهائيندو هو، اهو حسابن جو مضمون هو. جيتوڻيڪ حساب منهنجي لاءِ اڄ به هڪ ڏکيو موضوع آهي، پر جنهن مهل مون کي انگن جي چڱي ريت سمجهه اچي وڃي ٿي ته منهنجي ان ۾ دلچسپي وڌي وڃي ٿي. جيئن آئون سياسي ڪلچر ۾ تبديليءَ جي ممڪن هجڻ جو دليل انگن ذريعي ڏيان ٿو ته سنڌ اسيمبليءَ لاءِ سڌيءَ ريت 130 تڪن تي چونڊون ٿين ٿيون، جنهن ۾ ڪنهن ڌر کي سادي اڪثريت حاصل ڪرڻ لاءِ 66 ميمبر ڪامياب ڪرائڻا هجن ٿا. اسان وٽ سراسري طور هڪ سيٽ تي ڪاميابي ماڻيندڙ اميدوار 17 هزار کان 23 هزار ووٽ کڻي ٿو، يعني سراسري طور 20 هزار ووٽ. سو اگر 20 هزارن کي 66 سان ضرب ڪبي ته نتيجو تيرهن لک ويهه هزار بيهندو. اسان وٽ سنڌ ۾ رجسٽرڊ ووٽن جو انگ هڪ ڪروڙ 90 لک آهي، پر اگر پاڻ چئون ته انهن مان سنڌي ڳالهائيندڙ ووٽن جو انگ هڪ ڪروڙ ويهه لک آهي ته انهن مان 11 سيڪڙو ووٽر يعني 13 لک 20 هزار ووٽر پنهنجي ۽ سڄي سنڌ جي تقدير بدلائي سگهن ٿا. ڪجهه ماڻهو پڇن ٿا ته اهي 13 لک ووٽر ڪهڙا هوندا؟ ته ظاهر آهي، منهنجو جواب اهو ئي هجي ٿو ته اهي هر طبقي، هر علائقي جا هوندا، پر مثال طور اگر پاڻ صرف سنڌ جي مختلف يونيورسٽين ۽ پروفيشنل ڪاليجن ۾ پڙهندڙ شاگردن جو انگ ڏسون ته اهو انگ خود ان سوال جو جواب آهي ته 13 لک تبديلي پسند ڪٿان ايندا؟ صرف سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ريگيولر، پرائيويٽ ۽ يونيورسٽيءَ سان الحاق رکندڙ ڪاليجز ۾ پڙهندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو تعداد هڪ لک کان مٿي آهي ۽ ظاهر آهي انهن جي عمر 18 سال يا ان کان مٿي هوندي. ساڳي ريت شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور، زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو، لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ڄامشورو، مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۽ ٻيون کوڙ ساريون سرڪاري توڙي پرائيويٽ يونيورسٽيون ۽ پروفيشنل ڪاليج ان کانسواءِ آهن. سو اگر اتي پڙهندڙ سمورا شاگرد پنهنجو ووٽ رجسٽر ڪرائين ته اهو انگ ئي ٽن لکن کي وڃي پهچندو. هتي اها وضاحت ڪندو هلان ته منهنجو مقصد اهو هرگز ڪونهي ته شاگرد پنهنجي تعليم تان ڌيان هٽائي عملي سياست ۾ اچن پر اهو به طئي آهي ته کين پنهنجي تعليم مڪمل ڪري اڄ يا سڀاڻي عملي زندگيءَ ۾ پير پائڻو آهي ۽ سماج ۾ موجود ڪرپشن، ميرٽ جي لتاڙ، مهانگائي، امن امان سوڌو انيڪ مسئلا انهن آڏو ايندا. سو هو اگر اڄ ٻيو نه پر بهتر ۽ خوشحال مستقبل لاءِ پنهنجي ٿوري وقت جي سيڙپ ڪن، يعني پنهنجو ووٽ رجسٽر ڪرائين ۽ چونڊن واري ڏينهن ان ووٽ کي تبديليءَ لاءِ ڪتب آڻين ته سندن اها ڪاوش سندن لاءِ ۽ سندن ايندڙ نسلن لاءِ بهترين سيڙپ هوندي.
ڪنهن به معاشري ۾ تبديليءَ جو تصور عورتن جي شموليت بنا ممڪن نٿو هجي. اسان جي سماج ۾ آدمشماريءَ موجب عورتن جو ڳاڻيٽو مردن کان وڌيڪ آهي، پر ووٽن جي اعتبار کان به ڏٺو وڃي ته اسان جي سنڌي ڳالهائيندڙ خواتين ووٽرز جو تعداد ڪنهن به ريت 50 لک کان گهٽ نه هوندو. سو اگر اسان جون مائرون ۽ ڀينرون هڪ دفعو پنهنجي لاءِ، پنهنجي ٻچن لاءِ، پنهنجي ڀائرن لاءِ، پنهنجي سنڌ لاءِ ووٽ جي سگهه استعمال ڪن ته يقينن تبديلي اچي سگهي ٿي. معصوم نياڻين کي ڏنڊ، سڱ چٽيءَ ۾ ڏيڻ، غيرت جي نالي ۾ عورتن جو قتل عام، وغيره جهيڙا انيڪ ناسور ختم ٿي سگهن ٿا. سو انگن جي حساب سان ته سياسي ڪلچر ۾ تبديليءَ وارو سوال سمجهه ۾ اچي ٿو، پر اتي ڪو اهو چئي سگهي ٿو ته سياست رڳو انگن اکرن جي راند ناهي هوندي، پر ڇا اها حقيقت ناهي ته تبديلي ڀلي چونڊن وسيلي يا ڪنهن ٻئي پرتشدد انقلاب ذريعي اچي پر آخر ۾ ڳالهه اچي انگن تي ئي بيهي ٿي ته چونڊن ۾ ڪنهن کي ڪيترا ووٽ مليا يا انقلاب لاءِ ڪيترا ماڻهو عملي طور ميدان ۾ لٿا. سياسي ڪلچر ۾ تبديليءَ جي حوالي سان ٿلهي ليکي ٻه سوال ڦيرائي گهيرائي ٿين ٿا. هڪ سوال جو تت اهو هجي ٿو ته اسان جي ڀوتارڪي ڪلچر ۾ تبديلي ممڪن ڪانهي، پر ٿوري دير کانپوءِ ساڳيو سوال نما فتويٰ ڏيندڙ پاڻ اهو چوندي يا لکندي نظر اچي ٿو ته ڪنهن ليڊر، محور يا سياسي پارٽيءَ کانسواءِ تبديلي اچڻ ممڪن ناهي. اگر توهان ٻنهي ڳالهين تي غور ڪريو ته انهن ۾ تضاد موجود آهي، ڇاڪاڻ ته اگر ڀوتارڪي ڪلچر ۾ تبديلي اچڻ ممڪن ئي ڪانهي ته پوءِ ڪو ليڊر يا سياسي پارٽي ڇا ڪري سگهندي؟ ڇاڪاڻ ته ايڏي وڏي تبديلي ڪا سياسي پارٽي وڏي عوامي سگهه ۽ حمايت کانسواءِ ڪيئن پئي آڻي سگهي؟ سو منهنجو خيال آهي ته اهو سوال يا بحث هاڻ پراڻو ٿي ويو آهي ته تبديلي نٿي اچي سگهي، ڇاڪاڻ ته سماج ۾ ان ڳالهه تي ذري گهٽ اتفاق راءِ موجود نظر اچي ٿو ته جنهن ڏينهن خلق خدا چاهيو ان ڏينهن معياري تبديلي سئو سيڪڙو ممڪن آهي، باقي ان سوال تي سوچجي يا بحث ضرور ڪجي ته خلق خدا ۾ ان تبديليءَ لاءِ عملي ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪا تڙپ موجود آهي يا نه؟ اگر اها تڙپ يا خواهش موجود آهي ته ان جي شدت ڪيتري آهي؟ ڇاڪاڻ ته ڪنهن ليڊر يا سياسي محور جي پيدا ٿيڻ وارو معاملو به سڌي ريت ان تڙپ يا خواهش يا طلب سان جڙيل آهي، ڇاڪاڻ ته ان سياسي محور يا پارٽيءَ سان جيستائين 13 لک 20 هزار ووٽر پنهنجي پوري تڙپ، جذبي ۽ تبديليءَ جي طلب سان شامل نه ٿيندا، تيستائين اهو سياسي محور به کوڙ سارين ٻين پارٽين جيان هڪ ٻئي پارٽيءَ کان وڌيڪ ڪجهه ڪونه هوندي. منهنجي هڪ دوست منهنجي ان ڳالهه تي تبصرو ڪندي چيو ته، ”پهرين سياسي محور ٺهي يا پهرين 13 لک 20 هزار ماڻهو تبديلي آڻڻ لاءِ تيار ٿين، ڪجهه اهڙو بحث بڻجندو پيو وڃي ته دنيا ۾ پهرين ڪڪڙ آئي هئي يا بيضو؟“ جواب ۾ چيومانس ته، ”شايد ڪڪڙ ۽ بيضي کان اڳ انهن جي طلب پيدا ٿي هئي“. سو چوڻ جو مقصد اهو آهي ته، اگر ڏهه، پندرهن ماڻهو پاڻ ۾ ملي تبديلي پسند پارٽي ٺاهي وٺندا ته ان مان ڪجهه حاصل نه ٿيندو، پر اگر 13 لک 20 هزار ماڻهن گڏجي اها پارٽي ٺاهي ته پوءِ گهڻو ڪجهه ٿي ويندو. اتي وري ڪجهه دوست اعتراض اٿارين ٿا ته 13 ماڻهو گڏبا ته انهن جي چوگرد 13 لک ماڻهو به گڏ ٿي سگهندا، ڇاڪاڻ ته پنهنجي منهن 13 لک ماڻهو ڪيئن گڏجي سگهن ٿا؟ اهو اعتراض غير معقول ناهي پر گذريل سال ايڪتا واري ڏهاڙي يا سنڌو دريا واري ڏهاڙي تي لکين لکين ماڻهو (جيڪي 13 لکن کان تمام وڌيڪ هئا) 13 ماڻهن جي چوگرد گڏ نه ٿيا هئا، بلڪه لکين سنڌ واسي هڪ سوچ جي چوگرد گڏ ٿيا. هو پنهنجي ثقافت خلاف ڏهاڪن کان هلندڙ ڪروڌ، تعصب ۽ چٿر وارن روين خلاف گڏ ٿيا هئا. هو پنهنجي ڌرتيءَ، پنهنجي دريا ۽ پنهنجن حقن لاءِ گڏ ٿيا هئا. هو ايڪتا جي اظهار لاءِ گڏ ٿيا هئا. هو پنهنجي ڌرتيءَ، پنهنجي پاڻ سان محبت ۾ گڏ ٿيا هئا. ساڳي ريت جڏهن ڪنهن سماج ۾ ڪا سوچ، ڪا خواهش، ڪو جذبو پختو ٿي وڃي ٿو ته ان خواهش جي عملي صورت ڏسڻ لاءِ تڙپ ۽ طلب به پيدا ٿئي ٿي ۽ جڏهن اها طلب تمام وڌي وڃي ٿي ته پوءِ سماج جي ان طلب مان ئي 13 ته ڇا 13 سئو ماڻهو سامهون اچيو وڃن، پر شرط آهي انهن جي پويان سماج جي لکين ماڻهن جي شدت سان طلب موجود هجي.
هن سال 5 ڊسمبر تي هڪ ڀيرو ٻيهر سڄي دنيا ۾ موجود سنڌ واسي ايڪتا جو ڏينهن ملهائڻ وڃن پيا. منهنجي خواهش آهي ته ان ڏينهن ٻيا جشن ملهائڻ سان گڏ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين انساني زنجير ٺهي. اسين پنهنجي ثقافتي رنگ ۾ هاءِ ويز جي ڪناري هٿ هٿ ۾ ڏئي، ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين هڪ زنجير جيان نظر اچون، جنهن کي پنهنجا پراوا، ”محبت جي زنجير“ جو نالو ڏين. منهنجي خواهش آهي ته 5 ڊسمبر تي لکين سنڌي مرد، عورتون، ٻار، وڏا، غرض ته سڀ هڪ لڙيءَ ۾ پوئيل نظر اچون ۽ ان لاءِ هر شهر، ڳوٺ ۽ علائقي جا ماڻهو پنهنجي ذميواري محسوس ڪن ته اها محبت جي زنجير اتان ٽٽل نظر نه اچي، جتي هو رهن ٿا. ٿي سگهي ٿو منهنجي ان خواهش کي وري ڪير ديوانگيءَ جو نالو ڏئي پر کين صرف ايترو چوندس ته آئون پنهنجي دل جي به ٻڌندو آهيان ۽ محبت صرف دماغ سان نه ڪبي آهي ۽ اگر اکيون بند ڪري دل ۽ دماغ سان اهڙي ڪنهن محبت جي زنجير جو تصور ڪجي ته اکين ۾ پاڻي اچي وڃي ٿو. ڇا اهڙي زنجير ٺهڻ ناممڪن آهي؟ بلڪل نه، اهو بلڪل ممڪن آهي، پر ڇا ائين ٿيندو؟ ان جو جواب لکين سنڌ واسين وٽ آهي ته هو ڪنهن هڪ وقت ٿوري دير لاءِ ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين هاءِ ويز جي ڪناري ايتري پرامن انداز ۾ ٿوري دير لاءِ هڪ زنجير جي صورت ۾ بيهي سگهن جو ٽريفڪ به بند نه ٿئي. سو ائين ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ظاهر آهي ته ماڻهن جو آهي، پر اگر آئون اهڙي خواهش رکان ٿو ته اهو منهنجو رومانس آهي، پوءِ ڀلي ان کي ڪير ڪهڙو به نالو ڏئي. آئون ان ڳالهه ۾ يقين رکان ٿو ته محبت، همت، جذبو، سگهه ماڻهوءَ منجهه هوندي آهي ۽ ان کي ٻاهر ڳولهڻ بدران پنهنجي اندر ڳولهڻ گهرجي ۽ ساڳي ڳالهه ڪنهن سوسائٽي/سماج تي به لاڳو ٿئي ٿي ته اهو پنهنجن سورن ۽ تڪليفن جي خاتمي لاءِ ٻاهر نه پر پنهنجي اندر اها محبت، جذبو ۽ سگهه ڳولهي لهي، جيڪو سندن دردن جي دوا بڻجي پر جيئن ڪو هڪ فرد به جيستائين پنهنجي منفي سوچ ۽ خيال کان دل ۽ دماغ کي پاڪ ڪري يڪسوئي سان پنهنجي اندر جهاتي نٿو پائي، تيستائين کيس پنهنجي اندر وڃڻ جو رستو نٿو ملي. ساڳي ريت سماج کي به هڪ ٿي خالص جذبي سان پنهنجي اندران ان سگهه کي ڳولهي لهڻو آهي، جيڪا ان جي مصيبتن جو تدارڪ ڪري سگهي ۽ شايد ئي ڪو ان ڳالهه کان انڪار ڪري ته ڪنهن سماج جي سڀني کان وڏي سگهه ان جي ايڪتا هجي ٿي ۽ وقت اچڻ تي ان سگهه جي اظهار جو جذبو ڪنهن به سماج کي ان تبديليءَ جي تعبير ڏانهن وٺي وڃي ٿو، جنهن جو خواب اڄ لکين سنڌ واسين جي اکين ۾ آهي.

آچر 7 نومبر 2010ع

جڏهن سموري سنڌ گڏيل فهم جو اظهار ڪندي چيو ته، “گهڻو ٿيو!”

صوفي جي منزل تائين پهچڻ لاءِ جيڪي ڪشٽ ڪٽڻاپون ٿا ان بابت صوفي ازم جي مختلف سوچ (School of thoughts) وٽ مختلف طريقا ۽ رستا ٻڌايا وڃن ٿا پر صوفي جي منزلت تائين پهچڻ لاءِ ٽن ڳالهين کي هرڪو ضروري سمجهي ٿو. جنهن مان هڪ سوچڻ اچي، ٻيو انتظار ڪرڻ اچي، ۽ ٽيون بک ڪاٽڻ اچي. جيتوڻيڪ اهي ٽئي ڳالهيون هر ڪو ڪري ٿو پر صوفي ازم ۾ سوچڻ مان مراد يڪسوئي سان قدرت جي رمزن تي ڌيان ڏيڻ هجي ٿو. ايترو ڌيان، جو ماڻهو کان پنهنجو پاڻ وسري وڃي، يعني آئون، آئون نه رهان ۽ تون، تون نه رهين ۽ اهڙي ڌيان کي Meditation به چئبو آهي. ساڳي ريت انتظار ته عام ماڻهو به ڪري ٿو، پر ان انتظار ۾ غرض ۽ بي چيني شامل هجي ٿي ۽ جڏهن انتظار ڊگهو ٿيو وڃي ته اسانکي ڪاوڙ ۽ چڙ وٺجي ٿي، پر جنهن انتظار کي صوفي Practice ڪن ٿا، ان ۾ منزل ملڻ جو انتظار خود انتهائي سُک ۽ خوشي ڏيندڙ بڻجي وڃي ٿو ۽ بُک ڪاٽڻ مان مراد صرف کائڻ پئڻ جي طلب تي ضابطو نه، پر پنهنجي نفس، پنهنجي انا ۽ پنهنجي منفي خواهشن تي ضابطو آڻڻ هجي ٿو. آئون جڏهن برما جي فوجي جنتا سان مهاڏو اٽڪائيندڙ خاتون اڳواڻ آنگ سانگ سوچي کي هڪ صوفي جيان قرار ڏيان ٿو ته ان جو سبب اهو ئي آهي ته سوچي کي سوچڻ به اچي ٿو، انتظار ڪرڻ به ۽ هو بک ڪاٽڻ به ڄاڻي ٿي ۽ 21 سال قيد ۾ آزادي جو ۽ هاڻ الائي ڪيترا ٻيا سال برما ۾ جمهوريت جو انتظار ڪندڙ سوچي وٽ ايتري سگهه ڪنهن ڪروڌ يا نفرت ذريعي يقينن نه آئي هوندي، پنهنجن ٻچڙن کان پري رهڻ جو حوصلو منجهس ڪنهن ردِعمل نه پيدا ڪيو هوندو، بلڪه پڪ سان ايتري شڪتي، ايترو حوصلو منجهس محبت جي جذبي پيدا ڪيو آهي. اها محبت جيڪا ايتري خالص آهي، جنهن ۾ محبوب/منزل سان محبت ايتري خالص ٿيو وڃي جو محبوب/منزل ملڻ يا نه ملڻ ثانوي ٿيو وڃي. بلڪه ماڻهو تعلق سان جڙي رهڻ جي ڪيفيت ۾ ئي ڪمال لذت ماڻي ٿو. سوچي جي پنهنجن ماڻهن سان محبت ايتري خالص ٿي وئي آهي، جو سندس ڌيان انهن کان هٽي ئي نٿو جو کيس قيد جا ڏهاڪا ۽ منزل تي پهچڻ جو انتظار منجهائي يا سندس ممتا جو جذبو سندس عوام سان محبت جي جذبي کي مات ڏيئي وڃي.
دنيا جا ڏاها ان ڳالهه تي متفق آهن ته ڄاڻ يا تعليم ڪو ماڻهو ٻئي کي ڏئي يا سيکاري سگهي ٿو، پر فهم يا ڏاهپ ڪو ٻئي کي سيکاري يا ڏئي نٿو سگهي. آئون اڪثر سوچان ٿو ته جيڪڏهن فهم ڪنهن کي ڏئي يا سيکاري نٿو سگهجي ته پوءِ ڪنهن فرد يا سماج ۾ ڪيئن فهم پيدا ٿئي ٿو؟ منهنجي خيال ۾ جڏهن فرد يا سماج ۾ پنهنجي اندر بابت ۽ چوطرف ٿيندڙ مختلف معاملن بابت حقيقي Realization پيدا ٿئي ٿي ته پوءِ ئي منجهس فهم به جنم وٺي ٿو. انگريزي لفظ Realization کي اردو يا سنڌي ۾ ڪنهن هڪ لفظ سان ترجمو نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته اسين انگريزي جو اهو لفظ تڏهن به استعمال ڪريون ٿا، جڏهن چوڻ جو مقصد اهو هجي ته، ”فلاڻي ماڻهو کي هاڻ احساس Realize)) ٿيو آهي.“ پر اهو لفظ تڏهن به استعمال ڪبو آهي، جڏهن چئون ٿا ته ”فلاڻي ماڻهو کي هاڻ ڳالهه سمجهه ۾ Realization)) آئي آهي.“ سو ان انگريزي لفظ کي احساس ٿيڻ ۽ سمجهه ۾ اچڻ ٻنهي صورتن ۾ استعمال ڪبو آهي. پر پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته جڏهن لفظ احساس استعمال ٿئي ٿو ته ان کي پاڻ دل سان جوڙيون ٿا ۽ سمجهه جو لفظ صرف دماغ سان جڙيل هجي ٿو. مثال طور پاڻ چئون ٿا ته فلاڻي جو دل سان احساس آهي، نه ڪي پاڻ چئون ته فلاڻي جو دماغ سان احساس آهي. ساڳي ريت پاڻ چئون ٿا ته فلاڻي جي ڳالهه هاڻ دماغ ۾ سمجهه آئي آهي. سو اها سڄي ڳالهه ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته فهم تڏهن ئي ڪنهن فرد يا سماج ۾ پيدا ٿئي ٿو، جڏهن هو پنهنجي اندر توڙي ٻاهر جي حالتن ۽ معاملن کي هڪ ئي وقت دل ۽ دماغ ٻنهي سان سمجهي ۽ محسوس ڪري رهيو هجي ۽ ان لاءِ بنيادي شرط اها آهي ته ڪا ڳالهه ٻڌڻ مهل، ڪا ڏسڻ مهل ۽ محسوس ڪرڻ واريءَ مهل ۾ هو مڪمل طور تي موجود هجي ته پوءِ ئي سندس دل ۽ دماغ گڏيل طور ان ڳالهه، واقعي يا جذبي کي پسي سگهندا.
5 ڊسمبر تي سنڌ جي سماج جنهن اجتماعي فهم جو مظاهرو ڪيو، اهو فهم يقينن اسان جي سماج ۾ ڏهاڪن کان ٿيندڙ حالتن ۽ معاملن کي هڪ ئي وقت دل ۽ دماغ سان پسي پيدا ٿيو آهي، ۽ ان جا مختلف وقتن تي مختلف انداز سان اسان جو سماج اظهار به ڪندو رهيو آهي. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن سڄو ملڪ ڊڪٽيٽر جنرل ضياءُالحق جي فاشسٽ اندازِ حڪمراني کي پنهنجي نصيب جو حصو سمجهي ماٺ ڪيل هيو ته سنڌي سماج 1983ع ۾ اٿي رياستي ادارن آڏو احتجاج ڪندي چيو ”گهڻو ٿيو.“ پوءِ ضياالحق ۽ ان کانپوءِ رهندڙ باقيات پاران سڄو زور لڳائڻ باوجود سنڌي سماج 1988ع جي چونڊن ۾ پنهنجي گڏيل فهم جي سگهه سان وڏن وڏن ڀوتارن کي هارائي شهيد بينظير ڀٽو کي ڪامياب ڪيو، جڏهن ته ٻين صوبن ۾ ايتري هڪ طرفي حمايت پي پي کي نه ملي سگهي. مختلف حڪومتن جيان ڊڪٽيٽر پرويز مشرف پاران پورو زور لڳائڻ باوجود سنڌي سماج پنهنجي گڏيل فهم جي سگهه آڌار ڪالا باغ ڊيم جي منصوبي کي روڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو. اسان سوڌو سڄي دُنيا 27 ڊسمبر 2007ع تي سنڌي سماج جي گڏيل سگهه جو مظاهرو ڏٺو، جو سنڌ ڪراچي کان ڪشمور تائين سراپا احتجاج بڻجي وئي. پوءِ 6 ڊسمبر 2009ع تي ۽ 24 جنوري 2010ع تي به لکين، ڪروڙين سنڌ واسين جنهن فهم ۽ سگهه سان پنهنجي ڌرتي، پنهنجي درياءَ ۽ پنهنجي پاڻ سان محبت جو اظهار ڪيو ته ان تي دنيا دنگ رهجي وئي ۽ وري تازو 5 ڊسمبر تي باوجود مختلف ڌرين پاران سماج کي منجهائڻ، رنڊڪون وجهڻ جي سماج پنهنجي فهم سان جيڪو ايڪتا جو مظاهرو ڪيو، اهو قابل رشڪ آهي. ۽ اهو ڏسڻ بعد ڪو پنهنجو يا ڌاريو هاڻ شايد ئي ائين چوڻ جي همت ڪري سگهي ته ”سنڌي سماج ڀوتارن وٽ يرغمال ٿيل هڪ هيڻو ۽ اٻوجهه سماج آهي، جنهن کي جڏهن چاهبو ۽ جيئن چاهبو، تيئن مڃرائي وٺبو“!! ڇاڪاڻ ته 5 ڊسمبر تي ايڪتا ظاهر ڪري سنڌي سماج اهڙي سوچ رکندڙن کي اهو چٽو نياپو موڪليو آهي ته ”هاڻ گهڻو ٿيو.“
انهن جو تعداد ٿورو ئي آهي، پر ڪجهه دوست 5 ڊسمبر جي ايڪتا واري ڏينهن تي سماج پاران ظاهر ڪيل موٽ بابت سطحي قسم جون تشريحون ڪن ٿا. شايد انهن وٽ سنڌي سماج جي فهم کي سمجهڻ لاءِ گهربل فهم ئي ڪونهي، پر سماجيات جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو يقينن اهو سمجهن ٿا ته ڏهاڪن کان ٿيندڙ بي انصافين، ڏاڍاين ۽ زيادتين خلاف سنڌي سماج 5 ڊسمبر تي گڏجي چيو ته ”گهڻو ٿيو.“ هر چوٿين ڏينهن ڪنڌڪوٽ، ڪشمور مان ڪنهن معصوم جي اغوا تي ماڻهن 5 ڊسمبر تي چيو ته ”گهڻو ٿيو“، گهوٽڪي ۾ مختلف ادارن ۾ اتان جي نوجوانن کي روزگار نه ڏيڻ جي روش خلاف ماڻهن چيو ”گهڻو ٿيو“، غوثپور، ٺل، ڪي اين شاهه، سجاول سوڌو ٻوڏ ۾ تباهه ٿي ويل شهرن ۽ ڳوٺن جي واسين چيو ”گهڻو ٿيو“، برادرين جي نالي ۾ يرغمال بڻيل اسان جي سماج چيو ته ”گهڻو ٿيو“، پنهنجي ئي پراپرٽي تي قبضا مافيا پاران ٿيندڙ قبضي کي بي واس ٿي ڏسندڙن چيو ته ”گهڻو ٿيو“، ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ داخلائون نه ملندڙ سنڌي شاگردن چيو ته ”گهڻو ٿيو“، سڄو ڏينهن پنهنجي مڙس، ڀاءُ، پٽ جي خيرعافيت سان گهر موٽڻ تائين پريشان رهندڙ مائرن، ڀينرن چيو ته ”گهڻو ٿيو“، وياج، منشيات ۽ جوا جي اڏن ۾ ڦاٿل سماج چيو ته ”گهڻو ٿيو“، علاج جي اڻهوند، تعليم جي ڪرندڙ معيار، امن و امان، روڊن، رستن جي تباهي غرض ته 5 ڊسمبر تي هر سنڌ واسي پاڻ سان ٿيندڙ انيڪ زيادتين جي اڻ کٽ سلسلي خلاف هڪ آواز ٿي چيو ته ”بس، هاڻ گهڻو ٿيو“. جڏهن ڪو فرد يا سماج پاڻ سان ٿيندڙ زيادتين کي نصيب جو حصو سمجهڻ بند ڪري ان کي تبديل ڪرڻ جو خواب اکين ۾ سانڍي وٺي ٿو ته ان خواب جي ساڀيان پوءِ پري نٿي رهي. آئون اڳوڻن ڪامريڊن جيان انقلاب جي ڪا تاريخ نٿو ڏئي سگهان، پر 5 ڊسمبر جي ڏينهن سنڌي سماج ۾ تبديلي جي طلب صفا چٽي نظر اچي رهي هئي، سو اها ڳالهه اعتماد سان ضرور چئي سگهجي ٿي ته جيڪڏهن اها طلب/خواهش سماج ۾ اڃان شدت اختيار ڪندي وئي ۽ تبديلي بابت فهم به اڃان پختو ٿيندو ويو ته پوءِ اسان جو ڀوتارڪو ڪلچر ان گڏيل فهم آڏو بيهي نه سگهندو.
آچر 2 ڊسمبر 2010ع

عام ماڻهن جي “سنڌ ايجنڊا”

ميان نواز شريف پاران ڏنل يارنهن نقطن تي ٻڌل ايجنڊا کي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني قبولي ورتو، ان کان اڳ حڪومت پاران متحده قومي موومينٽ جا ظاهري طرح ڪيل مطالبا توڙي عوام آڏو ظاهر نه ڪيل مطالبن واري لسٽ به قبولي ورتي آهي، پر مون کي ڪنهن به ايجنڊا يا مطالبن جي لسٽ ۾ ڀان سيد آباد مان اغوا ٿيل نوجوان وقاص ميمڻ، گمبٽ مان اغوا ٿيل معصوم ٻارڙي سائره عالماڻي، بخشاپور مان اغوا ٿيل معصوم روشني ۽ ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل شويم ڪمار سوڌو ڪيترن ئي اغوا ٿيلن جي بازيابيءَ جو نقطو يا مطالبو نظر نٿو اچي. مون کي مخالف ڌر جي نواز ليگ توڙي حڪومتي اتحادي ايم ڪيو ايم جي پيش ڪيل ايجنڊا توڙي مطالبن ۾ هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جي موذي مرض ۾ ورتل لکين سنڌ واسين جي علاج جو نقطو نظر نٿو اچي.
ساڳئي ريت بندن جي ٽٽڻ سبب آيل ٻوڏ جي ڪري دربدريءَ جي ور چڙهيل شديد ٿڌ کي منهن ڏيندڙ هزارين ڪٽنبن جي بحاليءَ جو نقطو به ڪنهن ايجنڊا، مطالبن جي ڪنهن لسٽ ۾ نظر نٿو اچي. سنڌ جي زرعي زمين، سم، ڪلر ۽ ٻين صوبن مان ايندڙ زهريلي پاڻيءَ سبب تباهه پئي ٿئي، تعليم جو حال هيڻو آهي، روڊ، رستن جي زبون حالي سوڌو انيڪ مسئلا، جن ڪروڙين سنڌ واسين جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن، آخر ڇو ڪنهن جي ايجنڊا، ڪنهن جي مطالبن جي لسٽ ۾ آخري نمبرن واري نقطي جيتري ترجيح به حاصل نه ڪري سگهيا آهن.
اردو جي شاعر افتخار عارف جي ان شعر ته:
اي خدا مجهه ڪو اتنا تو معتبر ڪر دي
مين جس مڪان مين رهتا هون، اسي گهر ڪر دي


جي تشريح ته ڊگهي ٿي سگهي ٿي، پر بنيادي طرح شاعر مڪان ۽ گهر جي وچ جو فرق اهو بيان ڪرڻ چاهيو آهي ته گهر ۾ رهندڙن وٽ احساس ۽ جذبا هجن ٿا ۽ ان کان اهم اتي رهندڙن کي ان چار ديواري ۽ اتي رهندڙن سان جڙڻ ۽ مالڪيءَ جو جذبو هجي ٿو. پاڻ سڀ به اهو چئون ۽ مڃيون ٿا ته سنڌ اسان جو گهر آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن محسوس ائين ٿو ٿئي ته اسين گهر ڌڻي ٿيڻ ۽ ان لاءِ گهربل ڪردار ادا ڪرڻ کان نابري واري بيٺا آهيون. ڇا سنڌ کي اسان گهر بدران مڪان سمجهڻ شروع ڪري ڏنو آهي؟ اها ميار عام ماڻهن مٿان لاڳو ٿيڻ کان وڌيڪ اسان جي سماج جي ان ڪلاس يا طبقي مٿان وڌيڪ ٺهي ٿي، جيڪو ڏهاڪن کان ان سماج جي سار سنڀال ۽ اڳواڻي ڪندڙ آهي، پوءِ اهي سياسي فرنٽ تي هجن يا وڏن سرڪاري عهدن تي ويٺل ڪامورا هجن، ڇاڪاڻ ته ڪنهن ننڍڙي يا وڏي گهر ۾ حالتن جي وڌيڪ ذميواري ان گهر جي وڏن جي افعالن تي منحصر هجي ٿي، نه ڪي ان گهر جي ٻارن تي. سو ڏهاڪن کان جيڪي سنڌ جا وڏا هجڻ جا دعويدار رهيا آهن، کين ضرور پاڻ کان سوال ڪرڻ کپي ته ڇا انهن دلي طور سنڌ کي گهر سمجهڻ بند ڪري ڇڏيو آهي؟ ان سان گڏوگڏ سنڌ جي عام ماڻهن کي به ضرور سوچڻ گهرجي ته جن کي هو وڏو ڪيو ويٺا آهن، انهن ڪٿي ”ٻيو گهر“ ته وسائي نه ڇڏيو آهي؟ مطلب ته اسان جي اڪثر ”وڏن“ وٽ ٻين ملڪن جي شهريت يا ٻين ملڪن ۾ اربين رپين جي ملڪيت ٺهيل آهي، جن جا ٻار به ٻاهر پڙهن ٿا. سو اسان جا عام ماڻهو جن وٽ هڪڙو ئي گهر (سنڌ) آهي، تن کي ضرور سوچڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اگر هو نه سوچيندا ته ميار صرف گهر جي ”وڏن“ تي نه رهندي، ڇاڪاڻ ته اسان جا عام ماڻهو به بهرحال ڪي ٻار ته ناهن ۽ ٻي ڳالهه ته ”وڏن“ جي افعالن جي ڪري گهر جي ابتر حالتن کي ڀوڳڻو به ته عام ماڻهوءَ کي ئي پوي ٿو، نه ڪي ”وڏن“ کي. اسان جي جن اسڪولن ۾ ڪڪڙن جا ميل ٿين پيا، اتي ”وڏن“ جي ٻارن کي ته ناهي پڙهڻو. جن سرڪاري اسپتالن ۾ ڪتا ۽ ٻليون پيون گهمن ۽ سهولتن جي اڻاٺ آهي، اتي علاج لاءِ ”وڏن“ کي ناهي اچڻو. ڌاڙيلن جي چنبي ۾، ظاهر آهي، عام ماڻهو ئي ڦاٿل آهي. ساڳئي ريت ڪرپشن، بيروزگاري، وياج خوري وغيره وغيره، وغيره وغيره، انهن سڀني وغيران جو شڪار عام ماڻهو ئي آهي، نه ڪي اسان جا ”وڏا“. ان ڏس ۾ وڏو مثال تازو بندن جي ٽٽڻ سبب آيل ٻوڏ جو ڏئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ 95 سيڪڙو عام ماڻهن کي شديد تباهي ۽ بربادي کي منهن ڏيڻو پيو، ڇاڪاڻ ته اگر ڪٿي ”وڏن“ جي ڪجهه سيڪڙي کي ٻوڏ سبب تڪليف آئي به ته اهي پنهنجي ڳوٺ واري حويليءَ کي ڇڏي ڪراچي يا اسلام آباد واري بنگلي ۾ اچي ويا، پر غوثپور جهڙن کوڙ سارن علائقن مان لڏ پلاڻ ڪندڙ عام ماڻهن کي ته سکر، حيدرآباد يا ڪراچي وغيره ۾ اهڙين ڪئمپن ۾ اچي ترسڻو پيو، جتي اهي کاڌ خوراڪ بنا پنهنجن ننگن جي مٿان ڇت کانسواءِ دربدر ٿيندا رهيا ۽ اڃا اهي ان سخت سياري جي موسم ۾ به واهر لاءِ پنهنجن ”وڏن“ ڏانهن واجهائي رهيا آهن. سو چوڻ جو مقصد اهو آهي ته اهو عام ماڻهو ئي هو، جنهن ان ٻوڏ جي تباهه ڪارين کي ڀوڳيو ۽ هاڻي جڏهن وري امڪاني طور دريا ۾ وڏن وهڪرن جي اچڻ ۾ لڳ ڀڳ باقي 165 ڏينهن وڃي بچيا آهن ۽ اسان جي ٽُٽي ويل بندن کي ٻيهر ٺاهڻ ۽ ڪمزور ٿي ويل بندن کي مضبوط ڪرڻ وارو ڪم ٿيندي نظر نٿو اچي، ته وري اهو سوچي وار ڪانڊارجي وڃن ٿا ته خدا نه ڪري، وري ڪا تباهي آئي ته ان جو شڪار وري به عام ماڻهو ئي ٿيندو ۽ ”وڏا“ وري آٿت ۽ دلاسا ڏيندي نظر ايندا ۽ عام ماڻهو وري مدد لاءِ ايلاز، منٿون، احتجاج ۽ رڙيون ڪندي يا وري ”وڏن“ کي ميارون ڏيندي نظر ايندا!! پر آخر ائين ڇو؟ ڇو نه عام ماڻهو پنهنجي گهر جي پاڻ مالڪي ڪن ۽ ٻئي ڪنهن جو انتظار ڪرڻ بدران اڄ ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، يعني پڇاڻو ڪن ته ڪهڙو بند ڪهڙي حالت ۾ آهي، ڪٿي ڪم ٿئي پيو، ڪٿي نه پيو ٿئي؟ جيڪا نگراني، جيڪا چوڪسي، جيڪا محنت جوهي، شهدادڪوٽ، دادو، هالا وغيره جي شهرين ٻوڏ اچڻ بعد ڪئي پئي، اها اڄ کان ڇو نه ڪجي! ٺوڙي يا سجاول، جتان بند ٽُٽا يا جتي روڻيون لڳيون، اتي ڪم جي صورتحال بابت اڄ ڇو نه سجاڳ ٿجي؟ جتي اريگيشن کاتو ڪم ڪري پيو، اتي انهن جي مدد لاءِ اڳتي اچجي، پر جتي ڪم نه پيو ٿئي، يا ناقص پيو ٿئي، اتي ان خلاف آواز اٿارجي، ڇاڪاڻ ته هي گهر پنهنجو آهي ۽ ان ۾ رهندڙن جي اڪثريت عام ماڻهن جي آهي ۽ مختلف مشڪلاتن کي ڀوڳي به اهو ئي عام ماڻهو ٿو، تنهن ڪري اهو انتظار ڪرڻ ته ڪو ٻيو پنهنجي ايجنڊا ۾ يا مطالبن جي لسٽ ۾ سنڌ جي عام ماڻهن جي هاڃن جي تدارڪ جو ڪو نقطو يا مطالبو شامل ڪندو يا ڏهاڪن کان سماج جي ”وڏي“ ٿيڻ وارو ڪردار ادا ڪندڙ ڪردار، گهر کي مڪان نه پر گهر سمجهندا، بدران هاڻ عام ماڻهو کي پنهنجي گهر، جنهن سان ان جو حال ۽ مستقبل جڙيل آهي، کي سنوارڻ لاءِ پنهنجي ايجنڊا ٺاهڻ گهرجي ۽ عام ماڻهو ان ”سنڌ ايجنڊا“ کي ٺاهڻ مهل اهو هرگز نه وساري ته ان ايجنڊا تي عمل ڪو ٻيو نه ڪرائيندو، بلڪه ان عام ماڻهن جي ايجنڊا تي عمل لاءِ عام ماڻهن کي ئي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته هي گهر سندن پنهنجو آهي ۽ هو ٻار ناهن، بلڪه وقت جي تقاضا آهي ته هو پنهنجي گهر، پنهنجي سماج، پنهنجي سنڌ جا پاڻ وڏا ٿين.

خميس 13 جنوري 2011ع

انتظار ڇا جو آهي؟

مصر، تيونس، اردن وغيره جهڙن ملڪن جون حالتون ڪو صفا اسان واريون ناهن، اتي تمام ڊگهي عرصي کان شخصي آمريتون قائم هيون/آهن، پر اسان وٽ آمريتن جا روپ مٽبا رهيا آهن ۽ آمرن جا چهرا به پر جيڪي ٻه ڳالهيون انهن ملڪن ۽ اسان جي حالتن ۾ ساڳيون نظر اچن ٿيون، اهي آهن عوام ۾ فرسٽريشن جو وڌي وڻ ٿيڻ، ۽ ٻي ڳالهه آهي سياسي ويڪيوم جو هجڻ. توهان اگر تيونس يا بعد ۾ مصر ۾ تبديليءَ لاءِ عوامي ردِعمل جو جائزو وٺو ته اهي لکين ماڻهو ڪنهن سياسي پارٽي جي سڏ تي يا ڪنهن ليڊر جي پويان نه نڪتا، بلڪه ڏهاڪن کان سور سهندڙ عوام چئوطرف کان مايوس ٿي پاڻمرادو روڊن تي نڪري آيو ۽ مصر ۾ به البرادي يا اخوان المسلمين بعد ۾ ظاهر ٿيا آهن. پر مصر ۾ تبديلي لاءِ احتجاج ڪندڙ، انهن جي چئي ۾ ناهن. ماضي ۾ دنيا جي ڪنهن ملڪ يا سماج ۾ وڏي تبديلي ڪنهن ليڊر يا پارٽي جي پويان لڳي، اتان جي عوام حاصل ڪئي آهي، پر گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ بدلجندڙ دنيا، جنهن ۾ ڄاڻ جا ذريعا تمام گهڻو موثر ٿي ويا آهن، مان اها توقع هر سمجهه واري کي هئي ته عوامي ردِعمل پاڻمرادو به ٿي پيو سگهي ۽ تيونس ۽ مصر ان جا تازا مثال آهن.
جڏهن ڪنهن سماج ۾ آمريت يا خراب حڪمراني سبب ڪرپشن ۽ مهانگائي وغيره جهڙا عذاب وڌي وڃن ٿا، ته اتان جو عوام هڪ وقت ۽ هڪ حد تائين اهو سڀ ڪجهه برداشت ڪندو آهي، پر جڏهن اهي عذاب ۽ سور برداشت جي حد کان ٽپي وڃن ٿا ۽ عوام کي ان جي حل لاءِ ڪنهن سياسي پارٽي يا ليڊر جي صورت ۾ ڪا واٽ به نٿي سجهي ته عوامي فرسٽريشن هڪ جارحاڻي صورت اختيار ڪري وٺي ٿي ۽ اهو عوامي ردعمل ڪنهن ليڊر يا پارٽي جي سڏ بدران اجتماعي عوامي فهم جي سڏ تي ٿئي ٿو. سولي سنڌي ۾ جڏهن عوام جي اڪثريت چئوطرف کان مايوس ٿي، ڪنهن مسيحا جو انتظار ڪرڻ بدران اهو طئي ڪري وٺي ٿي ته ”هاڻ گهڻو ٿيو“ ته پوءِ اهو ئي ٿئي ٿو، جيڪو تيونس ۽ مصر ۾ ٿئي پيو.
پاڪستان ۾ پنجاب، خيبر پختونخوا، بلوچستان جي صورتحال سنڌ کان مختلف آهي، جيتوڻيڪ مهانگائي، بيروزگاري جهڙا مسئلا ساڳيا آهن. پر سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سياسي جاڳرتا هجڻ هڪ حقيقت آهي، جنهن سبب سنڌ کي پنهنجن سياسي ۽ معاشي حقن لاءِ سدائين سوڙهو رکڻ سان گڏ اتان جي سياسي فهم کي ڪچلڻ ۽ ان کي ڪنفيوزڊ رکڻ جا به جتن ٿيندا رهيا آهن. جيتوڻيڪ بلوچستان ۾ به گذريل ڏهاڪي کان ”لٺ ۽ چٺ“ وارو فارمولو استعمال ٿئي پيو، پر بلوچستان جي گهٽ آبادي، سياست ۾ قبائلي سردارن جي اڳواڻي وغيره جهڙا ڪيترائي ٻيا فيڪٽر سنڌ واري صورتحال کان ڪافي مختلف ڪريو ڇڏين (ان تي تفصيل سان ڪنهن موقعي تي لکبو) پر سنڌ ۾ باوجود ان جي ته اسٽيبلشمينٽ ڏهاڪن کان لساني، گروهي ۽ فرقيواراڻي سياست کي همٿايو آهي ۽ اتي امن و امان، برادرين جي تڪرارن وارا اشوز جيئرا رکيا آهن، پر سنڌ جي ماڻهن جي گڏيل فهم کي اڃان مڪمل طور منجهائي نه سگهيا آهن ۽ سنڌي سوسائٽي جو اگر ڪو به غير جانبدار ٿي جائزو وٺندو ته کيس اتي سنڌ جي اجتماعي مسئلن ۽ حقن جو ادراڪ عام ماڻهو کان ويندي هڪ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو ۾ نه صرف نظر ايندو، بلڪه فرسوده سياسي ڪلچر کان بيزارگي ۽ ان ۾ تبديلي جي گڏيل خواهش به نظر ايندي ۽ گڏوگڏ ان خواهش جي تڪميل لاءِ تڙپ به نظر ايندي. سو چوڻ جو مقصد اهو آهي ته لڳ ڀڳ 4 ڪروڙ ماڻهن واري سماج وٽ، اگر پنهنجن مسئلن ۽ حقن بابت گڏيل ادراڪ به هجي ۽ تبديلي لاءِ خواهش ۽ تڙپ به هجي ته اهڙي سماج ۾ ڪا چڻنگ حالتن کي غير معمولي موڙ ڏئي سگهي ٿي. آئون اڪثر 27 ڊسمبر 2007ع جو مثال ڏيندو آهيان، جنهن ڏينهن محترمه بينظير جي شهادت جي خبر نشر ٿيڻ جي ڪجهه منٽن کانپوءِ ئي سڄي سنڌ ٻرندي نظر آئي ۽ سڀ ڄاڻون ٿا ته اهو عوامي ردِعمل ڪنهن پارٽي يا ليڊر جي سڏ تي نه ٿيو هيو، ۽ ان کانپوءِ 6 ڊسمبر 2009ع، 24 جنوري 2010ع ۽ پنج ڊسمبر 2010ع تي لکين ڪروڙين سنڌ واسين جيڪي ايڪتا طور ڏهاڙا ملهايا، اهي به ظاهر آهي، ڪنهن پارٽي جي سڏ تي نه هئا. اهي سڀئي مثال ڏيڻ جو مقصد اهو هو ته سنڌي سماج به انهن ٿورن سماجن مان هڪ آهي، جنهن ۾ سياسي ويڪيوم هجڻ سبب سماج جي اڳواڻي جو ڪردار خود سماج جو گڏيل فهم ادا ڪري رهيو آهي.
انٽرنيشنل فيڊريشن آف ريڊڪريسينٽ (هلال احمر) جي صدر ٽائيڊريو ڪوني تازو ڀارت جي دوري دوران ڳالهائيندي ڪجهه ان ريت چيو آهي ته ”پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ کاڌ خوراڪ جي کوٽ سبب وڏي پيماني تي عوامي بي چيني پيدا ٿيل آهي، جنهن سبب پاڪستان ۾ به تيونس جهڙيون حالتون پيدا ٿي سگهن ٿيون ۽ اگر ايندڙ ڪجهه سال مسلسل فصل تباهه ٿيندا رهيا ته اهي حالتون سماجي انتشار ۽ سياسي ڀونچال ڏي ڌڪي سگهن ٿيون. مون کي ڄاڻ ناهي ته هو اهي حالتون ڪيستائين سنڀالي سگهندا، پر اگر حالتون اهي رهيون ته ڪا ننڍڙي شيءِ (چڻنگ) به وڏو ممڻ مچائي سگهي ٿي، جيئن تيونس ۾ ٿيو“. (ذريعو: ريوٽرز)
ٽائيڊريو ڪوني جو اهو بيان ته پاڪستان لاءِ آهي، پر پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته گذريل سال آيل ٻوڏ ۾ وڌ ۾ وڌ تباهي سنڌ ۾ آئي هئي ۽ اڃان ٻوڏ متاثرين جو وڏو انگ دربدر آهي، پر ان ڳالهه کان هٽي ڪري سندس بيان جو اهو حصو سوچڻ بلڪه فڪرمند ٿيڻ تي مجبور ڪري ٿو ته ”اگر ايندڙ ڪجهه سال مسلسل فصل تباهه ٿيا ته اها صورتحال سياسي ڀونچال آڻي سگهي ٿي“!! ڇاڪاڻ ته ٻوڏ ۾ اسان جا فصل ان ڪري تباهه ٿيا، ڇاڪاڻ ته اسان جا بند ٽُٽا، سو ڇا مسٽر ٽائيڊريو ڪوني کي به ٻيهر بند ٽٽڻ جو خدشو آهي؟؟ ٻين صوبن جي صورتحال ته مختلف آهي، پر سنڌ ۾ بند ٽٽڻ وارو سوال ئي ناهي، ڇاڪاڻ ته گذريل سال جيڪي بند ٽُٽا هئا، اهي ٺاهيا ئي نه ويا آهن ته ٽٽندا ڇا؟

اربع 9 فيبروري 2011ع

آدمشماري: هڪ ڪميٽيءَ جي ضرورت!

تازو عمرڪوٽ ۾ مختلف طبقن ۽ مختلف خيالن سان تعلق رکندڙ شهرين سان ڪچهري دوران ڪجهه دوستن مختلف لفظن ۾ اهو ساڳيو سوال اٿاريو ته، ”اگر سماج ۾ تبديلي لاءِ ڪا ڪاوش ٿي ۽ اُها ناڪام ٿي وئي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟“ اهڙي خدشي سان ڀريل سوال ٻين مختلف هنڌن تي به اٿاريو وڃي ٿو ۽ منهنجو جواب ان ڏس ۾ بنهه سولو هجي ٿو ته، اگر تبديلي آڻڻ جي عوامي سطح تي ڪا ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي ته اول ته ان جي ناڪامي جو امڪان نه هجڻ برابر آهي، پر جيڪڏهن اهڙي ڪا ڪوشش ناڪام به ٿي وئي ته جهڙا آهيون، تهڙا ته رهنداسين نه؟ سو جنهن بڇڙين حالتن ۾ رهون ٿا، ان کي تبديل ڪرڻ جي هڪ ڀرپور ڪاوش ڪري ڏسجي ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ اهو ارمان نه رهجي وڃي ته اسان حالتون مٽائڻ لاءِ دل ۽ دماغ سان ڪا ڪوشش به نه ڪئي، اسان پنهنجي ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن جي زندگين ۾ معياري تبديلي آڻڻ لاءِ ڪا جاکوڙ به نه ڪئي. آئون ذاتي طرح Inaction (بي عملي) جي خلاف آهيان، ڇاڪاڻ ته ان صورت ۾ ڪو انسان هجي يا سماج، اهو ٻئي جي رحم و ڪرم تي رهجي وڃي ٿو، پر جڏهن ڪو انسان/سماج نيڪ نيتي ۽ همت سان عمل ڪري ٿو ته حالتن ۾ تبديلي ضرور اچي ٿي، پر جيڪڏهن تبديلي نه به اچي، تڏهن به انسان اهو سوچي ڪنهن حد تائين مطمئن ضرور ٿئي ٿو ته هن پنهنجي خواهش جي تڪميل لاءِ پنهنجي وس آهر ڀرپور ڪوشش ڪئي. آئون سمجهان ٿو ته هٿ تي هٿ رکي مرڻ کان بهتر آهي ته ماڻهو بچڻ لاءِ هٿ پير هڻندي مري. سنڌ ۾ معياري تبديلي آڻڻ جي خواهش رکڻ باوجود ناڪامي جي خدشي سبب Inaction (بي عملي) جو شڪار ٿيل ماڻهن کي ان نقطي تي ضرور غور ڪرڻ گهرجي ته جيڪا ابتري واري زندگي اسين گهارڻ تي مجبور آهيون ۽ جيڪا اسان پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ ڇڏي وينداسين، ان کي بدلائڻ لاءِ فهم ۽ همت سان ضرور عمل ڪجي، ڇاڪاڻ ته اهڙي عمل/ڪاوش سان جيڪو به ٿيو هو، صرف فائدو ئي هوندو، نه ڪي نقصان. ڇاڪاڻ ته جهڙين حالتن ۾ رهون پيا، اگر اهي سڌري پيون ته زبردست، پر جيڪڏهن ڪجهه نه ٿيو ته به اسين پنهنجي پاڻ کي اها ميار نه ڏينداسين ته، ”ڪاش ڪجهه ڪيون ها ته من ڪجهه بهتر ٿي وڃي ها“.
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ مختلف ماڻهن سان ٿيندڙ ڪچهرين ۾ هڪ ٻيو سوال به اڪثر اٿاريو وڃي ٿو ته جيستائين اسان جي عام ماڻهن ۾ تعليم نه ايندي، تيستائين کين تبديلي آڻڻ بابت شعور نه ايندو!! ان سوال جي جواب ۾ خود هڪ بنيادي سوال اهو اڀري ٿو ته اسان جي تعليمي معيار جي ابتري جو ڪير ذميوار آهي ۽ تعليم عام ڪير ٿو ڪري سگهي؟ ان سوال جو ڪو ٻار به جواب ڏئي سگهي ٿو ته ان جي ذميوار حڪومت آهي ۽ سڌاري به حڪومت سگهي ٿي. هاڻ اتي دلچسپ ڳالهه اها آهي ته آئون چوان ٿو ته اسان جي 90 سيڪڙو مسئلن جنهن ۾ تعليم جو غير معياري هجڻ به شامل آهي، جو سبب خراب حڪمراني آهي ۽ جيستائين انداز حڪمراني ۾ معياري تبديلي نه ايندي، تيستائين تعليم جي غير معياري هجڻ سوڌو ٻيا مسئلا حل نٿا ٿي سگهن ۽ اها تبديلي عوام آڻي سگهي ٿو، پر ڪجهه دوست چون ٿا ته جيستائين تعليم نه سڌرندي، تيستائين عوام تبديلي لاءِ تيار نه ٿيندو. ٻين لفظن ۾ اهي دوست اهو سمجهن ٿا ته نه حڪومتون تعليم ڏانهن رويو مٽائينديون، نه ئي عوام ۾ تبديلي جو شعور ايندو، تنهن ڪري ماٺ ڪري ويٺا هجو، ڇاڪاڻ ته ڪجهه نه ٿيندو!! تعليم کي تبديلي سان مشروط ڪندڙ اهڙي ئي هڪ صاحب کي ميرپورخاص ۾ ڪچهري دوران چيم ته 13 کان 14 لک ووٽرز اگر تبديلي لاءِ ووٽ ڏين ته سندن مطلب جي حڪومت اچي سگهي ٿي ته ڇا سنڌ جي چار ڪروڙ ماڻهن مان 13 کان 14 لک ماڻهو به پڙهيل لکيل ناهن!!؟
هي مضمون لکڻ مهل اهو خيال به ذهن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اچي پيو ته مٿي جيڪو لکي آيو آهيان يا جيڪو 15 سالن کان لکان پيو، اهو ڇو پيو لکان؟ 15 سالن کان تبديلي، سياسي ڪلچر جي تبديلي، سماج ۾ معياري تبديلي، حڪمراني جي انداز ۾ تبديلي، عوام جي سوچڻ جي انداز ۾ تبديلي، غرض ته هڪڙي ئي ڳالهه تي بار بار ڇو لکان ٿو؟ ڇو نه آئون به ٻين صحافين يا مضمون نگارن جيان صرف اقتداري سياست جي اٿل پٿل، حڪومتن جي سطحي قسم جي تعريف يا مٿن تنقيد، سنڌ جي انيڪ مسئلن جو ذڪر ۽ ان تي ماتم ڪرڻ وغيره کي پنهنجي مضمونن جو محور رکان؟ سمجهه ۾ نٿو اچي ته لکڻ شروع ڪريان ٿو، اقتداري سياست بابت پر ڳالهه وري اچي بيهي ٿي ته سنڌ جي صحت تي ان جا ڪهڙا اثر پوندا؟ مصر ۽ تيونس جي حالتن تي لکندي لکندي از خود سنڌ جي سماج جو ذڪر نڪريو اچي ۽ منهنجي اکين ۾ هڪ تبديل ٿيل سنڌ جو خواب تريو اچي ۽ آئون ن-م راشد جي انهن سٽن جيان
خواب لے لو ، خواب
صبح ہوتے چوک میں جاکر لگاتا ہوں صدا
جيان هوڪا ڏيڻ شروع ڪريان ٿو، جنهن تي ڪٿان ٽوڪ ٻڌان ٿو ته ”هي ديواني جو خواب آهي“ ته وري ڪير چوي ٿو ته ”هي خواب مفت ۾ ڇو پيو ڏي، ضرور هي خواب جعلي هوندو“. ته ڪٿان سرٻاٽ اچي ٿو، ”مفت ۾ خواب ڏيندڙ جو ضرور ڪو پنهنجو مفاد هوندو“، ڪي جمود پسند ڊپ وچان چون ٿا ته ”ترسو، تڪڙ نه ڪجو، هي خواب متان حقيقت نه ٿي وڃي“ ۽ ڪي ماڻهو ته ڳڻتي ۾ سوچين ٿا ته ”اگر هي خواب ساڀيان ٿي ويو ته پوءِ ايندڙ نسلن تائين جمود برقرار رکڻ واري سندن خواب جو ڇا ٿيندو؟“ پر آئون انهن طنز ڀريل جملن، الزامن ۽ بهتانن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ان خواب سان جاڳندو رهان ٿو، ڇاڪاڻ ته مون کي هاڻ اهو خواب لکين سنڌ واسين جي اکين ۾ به نظر اچڻ لڳو آهي. اهڙو خواب جيڪو ننڊ ۾ نه، پر جنهن خواب سبب ننڊ نه اچي. چون ٿا ته ڪو هڪ ماڻهو مري سگهي ٿو، پر ان شخص جو خواب ڪڏهن به ناهي مرندو، پر جيڪر اهو خواب لکين، ڪروڙين ماڻهن جو هجي ته پوءِ اهڙي خواب کي ڪير ڪيئن ٿو ماري سگهي. احمد فراز چواڻي:
خواب مرتے نہیں
خواب دل ہیں نہ آنکھیں نہ سانسیں کہ جو
ریزہ ریزہ ہوئے تو بکھر جائیں گے
جسم کی موت سے یہ بھی مرجائیں گے
خواب مرتے نہیں

ملڪ ۾ ڊگهي عرصي کانپوءِ آدمشماري ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن جو پهريون مرحلو اپريل ۾ شروع ٿيندو. پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته سنڌ جي معاشي ۽ سياسي ڪيس جو وڏو بنياد آدمشماري آهي، تنهن ڪري ان ڳالهه کي يقيني بڻائجي ته هر سنڌي پنهنجي ۽ پنهنجي هر گهر واسي جي ڳڻپ ضرور ڪرائي ۽ ڳڻپ ڪندڙ عملو پوءِ انهن جو تعلق تعليم کاتي سان هجي يا روينيو يا ٻئي ڪنهن سان ان ڪم کي صرف رواجي سرڪاري ڪم جيان نه، پر قومي ڪم سمجهي ڪري ۽ ان سڄي ڪم جي مانيٽرنگ يا نگراني لاءِ سنڌ جي ڪجهه بزرگن ۽ نوجوانن تي ٻڌل ڪميٽي ٺاهي وڃي ۽ ان ڪميٽي کي وڌيڪ اثرائتو ڪرڻ لاءِ نه صرف سياسي توڙي سماجي پارٽين/تنظيمن جا ڪارڪن، ان ڪميٽي سان سهڪار ڪن، بلڪه ان ڪميٽي جي ٻانهن ٻيلي ٿيڻ لاءِ سڄي سنڌ مان رضاڪار اڳيان اچن، جيئن سنڌ جو ڪو گهر، ڪو فرد ڳڻپ کان رهجي نه وڃي. سرڪاري اعلان موجب آدمشماري جو پهريون مرحلو گهر شماري اپريل ۾ ٿيندو، پر آدمشماري آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي مهينن ۾ ٿيندي. گذريل سال آگسٽ، سيپٽمبر جي مهينن ۾ ٻوڏ سبب لکين ماڻهو گهرن کان دربدر هئا ۽ هن سال اڃان تائين بندن کي ٺاهڻ ۽ مضبوط ڪرڻ وارو ڪم شروع ناهي ٿيو، سو خدا نه ڪري اگر هن سال به بندن جي نه هجڻ ۽ ڪمزور هجڻ سبب سنڌ ۾ وري ڪو انساني الميو پيدا ٿيو ته سنڌ واسي ان وٺ وٺان واري حالت ۾ جانيون بچائيندا يا آدمشماري ۾ ڳڻپ ڪرائيندا؟ سو ڇا 12 سالن جي عرصي کانپوءِ ٿيندڙ آدمشماري وري ٻوڏ جو سبب ڄاڻائي ملتوي ڪئي ويندي؟ ۽ اگر ملتوي نه ڪئي وئي ته ڇا سنڌ جي صحيح آدمشماري ممڪن ٿي سگهندي؟ هيءَ هڪ ڳنڀير صورتحال آهي، جنهن کي ڇڙوڇڙ ٿي منهن ڏيڻ بدران ڪنهن هڪ محور جي گرد ٿي منهن ڏيڻ جي ضرورت تمام گهڻي آهي، تنهن لاءِ سنڌ جي غير تڪراري پر ساڃاهه وند بزرگن ۽ نوجوانن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙڻ جي صلاح رکان پيو، ان اميد سان ته ان جي پويان ڪي ٿيوريز ۽ سازشون ڳولهڻ بدران ڳالهه جي روح کي محسوس ڪيو ويندو، پر جيڪڏهن اها صلاح سمجهه ۾ نٿي اچي، تڏهن به آئون ان ڪري مايوس نه ٿيندس، جو آئون ان ڳالهه ۾ يقين رکان ٿو ته سنڌ جو گڏيل فهم پاڻ سنڌ جي اڳواڻي ڪندي ماڻهن کي ڪنهن هڪ محور جي گرد اڄ يا سڀاڻي ضرور آڻي بيهاريندو.
خواب تو حرف ہیں، خواب تو نور ہیں
خواب سقراط ہیں، خواب منصور ہیں
خواب مرتے نہیں
خواب مرتے نہیں

آچر 13 فيبروري 2011ع

اچو ته ڀٽائيءَ جي تصور واري بدليل سنڌ ڳولهي لهون!

جيتوڻيڪ هڪ آمراڻي ۽ هڪ چونڊيل حڪومت ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق هجي ٿو، پر هڪ بنيادي فرق اهو به هجي ٿو ته هڪ آمر جڏهن اقتدار تي قبضو ٿو ڪري ته هو پنهنجي اقتدار سان هر قيمت ۽ هر صورت ۾ چنبڙيل رهڻ چاهي ٿو، ڇاڪاڻ ته آمر کي اها پڪ نٿي هجي ته اقتدار تان لهڻ بعد ان سان ڪهڙو حشر ٿيندو ۽ ٻيو اهو ته، ان کي اها به پڪ هجي ٿي ته اگر هڪ ڀيرو هو اقتدار تان لٿو ته کيس ٻيهر ڪڏهن به اقتدار نه ملندو، جيئن هن وقت لبيا جو معمر قذافي هزارين ماڻهو ماري به اقتدار سان چنبڙيل رهڻ جي ڪوشش پيو ڪري، پر هڪ چونڊيل حڪومت جو اصولي طور تي اهو مسئلو نٿو هجي، ڇاڪاڻ ته اها چونڊيل حڪومت سياسي پارٽيءَ جي هجي ٿي، جنهن وٽ اها سوچ هجي ٿي ته ان اڄ اگر حڪومت ڇڏي به ڏني ته سڀاڻي وري عوام جي سگهه سان ٻيهر حڪومت ۾ اچي وڃبو. آئون سمجهان ٿو ته آمريتن ۽ جمهوري حڪومتن واري ان بنيادي فرق کي اسان جي ملڪ ۾ ايندڙ سويلين حڪومتون وساري ويهن ٿيون ۽ سندن خواهش هر صورت ۾ اقتدار سان چنبڙيل رهڻ هوندي آهي ۽ انهيءَ سبب جي ڪري سندن فيصلا ۽ قدم اٻهرائپ وارا ۽ ڪنهن حد تائين فهم کان وانجهيل هجن ٿا، جنهن ڪري انهن بابت وقت کان اڳ اڳڪٿي ڪرڻ يا تجزيو ڪرڻ هروڀرو ڏکيو نٿو هجي. سو ان پس منظر ۾ اگر پاڻ هاڻوڪي اقتداري سياست ۾ هلندڙ رساڪشيءَ جو جائزو وٺنداسين ته نظر اهو ايندو ته موجوده حڪومت هر صورت ۾ پنهنجو اقتدار برقرار رکڻ چاهي ٿي، جڏهن ته ٻيون قوتون ايندڙ سال مارچ ۾ ٿيندڙ سينيٽ جي چونڊن کان اڳ حڪومت جي رخصتي چاهين ٿيون. ان ڇڪ ڇڪان ۾ ظاهر آهي ته اهو امڪان وڌي وڃي ٿو ته متان رسو ئي نه ٽُٽي پوي، يعني ڪا غير سويلين قوت مداخلت ڪري ۽ وري ڪهاڻي الف، ب کان شروع ٿئي. آئون سمجهان ٿو ته واشنگٽن ۽ راولپنڊيءَ وچ ۾ هلندڙ نرمي گرميءَ وارو مامرو به جلد ئي وڃي هنڌ ڪندو ۽ راولپنڊي ٿوريون شرطون پنهنجيون مڃرائي ۽ وڌيڪ شرطون واشنگٽن جون مڃي وٺندي ۽ واشنگٽن-راولپنڊي تعلقات معمول تي اچي ويندا، جنهن کان پوءِ راولپنڊي پنهنجو پورو ڌيان اسلام آباد تي ڏيندي. ساڳئي ريت عدالتي فرنٽ تان به اڃان مختلف فيصلا اچڻا آهن، جنهن کانپوءِ آهستي آهستي نواز ليگ جو لانگ مارچ، ڪنهن موقعي تي ايم ڪيو ايم جو حڪومت مان ڌار ٿيڻ، جنرل سيلز ٽيڪس جو لاڳو ٿيڻ ۽ اڃان ڪن ٻين غير معمولي واقعن جو ظهور پذير ٿيڻ، اهڙي ماحول ۾ متوقع آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ مون کي ان تي ڪا حيرت نه ٿيندي.
اقتداري سياست بابت تجزيا لکندي ڪڏهن ڪڏهن نيو سعيد آباد جي ويجهو نيشنل هاءِ وي تي ٺهيل چانهه جي هوٽل تي بوٽ پالش ڪرڻ وارو ٽٽل برش ۽ ميرو ڪپڙو هٿ ۾ کڻي هر ڪنهن کي بوٽ صاف ڪرائڻ لاءِ منٿ ڪندڙ 6 يا 7 سالن جي اُن معصوم ٻار جي صورت منهنجي اکين ۾ تري اچي ٿي، جنهن جي اکين ۾ صاف نظر اچي رهيو هو ته هو جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي، اهو هو ڪرڻ نٿو چاهي. ڪجهه مهينا اڳ سکر مان حيدرآباد ايندي ان هوٽل تي چانهه پيئڻ لاءِ ترسيو هئس، پر ايترا مهينا گذرڻ باوجود اهو ٻار ۽ سندس اکين ۾ موجود بيوسي مون کي هر اُن مهل ياد اچي ٿي، جڏهن آئون جمهوريت، فوجي انقلاب، مفاهمت، مڊٽرم چونڊون وغيره لاءِ سياستدانن جا اخباري بيان پڙهان ٿو ۽ سوچيان ٿو ته پنهنجن پتڪڙن هٿن ۾ بوٽ پالش کڻي هوٽلن تي ماڻهن جون ڇڙٻون کائيندڙ اهو معصوم اسان جي اقتداري سياست ۾ ايترو Irrelevent (غير واسطيدار) ڇو آهي؟ حڪومت جي تبديليءَ سان ان ٻارڙي جي زندگيءَ ۾ ڪيتري تبديلي ايندي؟ اهو ٻار ڪهڙي سياسي پارٽيءَ جي ايجنڊا تي آهي؟ اقتداري سياست ۾ ڏينهن رات گذاريندڙ، ماڻهو ٿي سگهي ٿو ته، منهنجي ان ڳالهه کي هڪ جذباتي ڳالهه قرار ڏئي رد ڪري ڇڏين، پر منهنجي خيال ۾ جنهن ماڻهوءَ وٽ جذبا نٿا هجن، اهو هڪ ڪاٺ جو ماڻهو هجي ٿو، تنهن ڪري آئون وري اصرار ٿو ڪريان ته اگر نيو سعيد آباد جي هوٽل تي ستن سالن جي عمر ۾ ست سئو مسئلن جو بنڊ مٿي تي کڻي هلندڙ ان ٻار جهڙا هزارين ٻار جيستائين اقتداري سياست ڪندڙن جي ايجنڊا تي نٿا اچن، تيستائين اهڙي سياست عام ماڻهن لاءِ به هڪ کيل تماشي کان وڌيڪ ڪا اهميت اختيار نه ڪري سگهندي. اگر اقتداري راند جي رانديگرن وٽ عام ماڻهوءَ جو درد صرف هڪ جذباتي مسئلو آهي ته پوءِ عام ماڻهن وٽ به حڪومتي بحران ۽ اقتداري سياست سان ڪو جذباتي تعلق ڪيئن جڙي ٿو سگهي؟ اگر ڪنهن جا ڳوڙها توهان لاءِ صرف اکين مان وهندڙ نمڪين پاڻي آهن، ته توهان لاءِ ڪير پنهنجا رت جا ڳوڙها ڇو ڳاڙيندو؟ ڇا اقتداري سياست جو مطلب صرف ٽوڙ جوڙ ڪري چونڊجي اچڻ ۽ پوءِ پنهنجن کي نوازڻ ۽ مخالفن کي ايذائڻ آهي؟ ڇا اقتدار صرف ڏوڪڙ ڪمائڻ ۽ داٻو قائم ڪرڻ جو نالو آهي؟ اقتداري سياست ۾ ڏهاڪن کان ان روش تي هلندڙ آخر پنهنجي سوچ تبديل ڇو نٿا ڪن؟ پر اگر اهي پنهنجي روش تبديل نٿا ڪن ته پوءِ انهن کي چونڊرائيندڙ عام ماڻهو، جيڪي ڏهاڪن کان هيڻي حالتن ۾ آهن، اهي پنهنجي روش ڇو نٿا تبديل ڪن؟
منهنجي نظر ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فلسفي ۾ ڀرپور انداز ۾ تبديليءَ جو سڏ ڏنل آهي. هڪ اهڙي سنڌ ٺاهڻ جو سڏ، جيڪا آباد هجي، خوشحال هجي ۽ اهو ئي سبب آهي ته منهنجي نظر ۾ سنڌ جي هر وڏي، ننڍي شهر، هر وڏي ننڍي ڳوٺ، غرض ته يونين ڪائونسل جي سطح تي جيڪي تبديلي پسند آهن، انهن جي گڏجڻ لاءِ سڀني کان موزون هنڌ ڀٽ شاهه آهي، جيئن هڪ ڏينهن سڀ تبديلي پسند شاهه لطيف سان اچي ملون، سندس فلسفي کي ٻيهر سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون، ان فلسفي کي پنهنجي مستقبل لاءِ پنهنجو محور بڻايون. لطيف جي واٽ وٺندي تبديليءَ واري واٽ جا پانڌيئڙا بڻجون. آئون ڪو ڀٽائيءَ جو محقق ناهيان، پر منهنجي نظر ۾ شاهه سائين پاڻ خود هڪ تبديلي پسند هئا ۽ سندن فلسفو تبديليءَ جي علامت آهي. سو سوين سال اڳ تبديليءَ جو فهم ڏيندڙ ڀٽائيءَ جي ڀونءِ تي تبديليءَ جي تڙپ رکندڙ لکين ماڻهن جو اهو ميڙاڪو جڏهن به ٿيو، اهو ڏينهن بدليل سنڌ جي خواب جي ساڀيان ڏانهن سفر جو آغاز هوندو. اهو سفر، جيڪو محبت جو سفر هوندو، جنهن جي پانڌيئڙن جي دلين ۾ خالص جذبو ۽ اکين ۾ خواب هوندو ۽ دنيا جي تاريخ پڙهي ڏسي وٺو ته جنهن سفر جي پانڌيئڙن وٽ خالص جذبو ۽ خواب هجي، انهن پانڌيئڙن کي پنهنجي منزل تائين پهچڻ کان ڪير به روڪي ناهي سگهندو…... اچو ته ڀٽائيءَ جي تصور واري بدليل سنڌ ڳولهي لهون!
جمع 18 مارچ 2011ع

تبديليءَ جا سفير

تيونس، مصر ۽ ٻين عرب ملڪن ۾ خلقِ خدا جنهن همت ۽ جرئت سان پنهنجين زندگين ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ جنهن عملي جاکوڙ جو مظاهرو ڪري رهي آهي، تنهن بابت ڪچهري ڪندي هڪ صحافي دوست مون کي چيو ته ”گذريل ڏهه، پندرهن سالن کان تبديلي بابت توهان لکيو ۽ ڳالهايو ته سنڌي ۾ آهي، پر لڳي ٿو ته عربن کي توهان جي ڳالهه اسان کان اڳ ۾ سمجهه ۾ اچي وئي آهي.“ هن دوست ڳالهه مذاق واري انداز ۾ ڪئي، تنهن ڪري کلي پياسين ۽ ڳالهه آئي وئي ٿي وئي، پر جڏهن ڪچهري ختم ٿي ته موڪلائڻ مهل ان دوست کي چيم ته ”ائين ناهي ته سنڌين وٽ تبديلي جو تصور چٽو ناهي ٿيو، يا وٽن ان بابت جاڳرتا پيدا ناهي ٿي، اها يقينن ٿي آهي، پر آئون پير ٻڌي يقين سان اهو چوڻ کان في الحال قاصر آهيان ته هو ان تصور کي حقيقي روپ ڏيڻ لاءِ عملي طور ڀرپور ڪردار ادا ڪندا يا نه؟“ منهنجي ڳالهه تي مرڪندي هن وراڻيو ته ”ان ڳالهه جي پڪ ته تڏهن ئي ٿيندي، جڏهن سنڌي پنهنجي ڪنهن التحرير چوڪ تي گڏ ٿيندا“.
5 اپريل کان گهر شماري جي شروعات ٿي رهي آهي، جيڪا 19 اپريل تائين جاري رهندي. سنڌ جي مختلف حلقن ۽ ماڻهن پاران ان ڏس ۾ مختلف تحفظات به ظاهر ڪيا پيا وڃن. مون به مهينو ڏيڍ اڳ ۾ انهن ئي خدشن سبب اها تجويز ڏني هئي ته گهر توڙي آدمشماري جي سڄي عمل جي نگراني لاءِ هڪ ڪميٽي جڙڻ گهرجي. ان ڏس ۾ مختلف قومپرست پارٽين هڪ ڪميٽي جوڙي آهي، جيڪا هڪ سٺي ڳالهه آهي، پر ان تي بس نه ٿيڻ گهرجي، بلڪه هر ڳوٺ ۽ پاڙي جي سطح تي ڪجهه ماڻهو پاڻمرادو ان قومي ڪم ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، جيڪو گهر شماري جي مرحلي ۾ بنيادي طور تي اهو آهي ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته گهر شماري ڪندڙ عملو سندن ڳوٺ-پاڙي ۾ اچن ۽ سمورن گهرن جي ڳڻپ ٿئي ۽ اگر اهو عملو اتي ناهي آيو ته آخري تاريخ جو انتظار ڪرڻ بدران اڳ ۾ ئي اهڙي ڄاڻ سرڪاري اداري کي ڏين ۽ ان لاءِ آواز اٿارين، جيئن ڪو گهر ڳڻپ کان رهجي نه وڃي ۽ ان ڏس ۾ نوجوانن جو ڪردار اهم بڻجي ٿو. ائين ته سڄي سنڌ ۾ ان عمل جي نظرداري ٿيڻ گهرجي، پر ڪراچي ۽ حيدرآباد جيڪي سنڌ جا وڏا شهر آهن، اتي به خصوصي ڌيان جي ضرورت آهي.
تازو قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه ۾ شاگردن جي تنظيم سيلف جي سڏ تي وڃڻ ٿيو، جتي انهن نوجوانن جي اکين ۾ بي پناهه محبت به نظر آئي ته گڏوگڏ سندن اکين ۾ هڪ عجيب چمڪ به نظر آئي. عجيب ان ڪري پيو چوان ته ڪڏهن اها چمڪ ڪجهه ڪري گذرڻ واري تڙپ جو ڏيک ڏئي رهي هئي، ته وري ڪڏهن اها چمڪ ان باهه جي ٽانڊي جيان پئي لڳي ڄڻ صدين جي زيادتين سبب ڪاوڙيل هجن. يونيورسٽي ۾ هڪ نوجوان مون کان اهو سوال به اٿاريو ته ”توهان چئو ٿا ته جيڪا محبت صرف دل سان ڪجي، ان جذبي کي محبت نٿو چئي سگهجي، بلڪه صحيح محبت به اُها هجي ٿي، جنهن ۾ دل ۽ دماغ جو توازن هجي. اها ڳالهه ڪيئن درست آهي، ڇاڪاڻ ته محبت ته صرف دل سان ڪجي ٿي؟“ ان نوجوان کي اتي به جواب ڏنم، پر مون کي لڳو ته هو منهنجي جواب مان مطمئن نه ٿيو ۽ اڪثر ٻيا نوجوان به مطمئن نه ٿيندا آهن. شايد اها عمر ئي اهڙي هجي ٿي، پر ٿورو سوچيو ته اگر ڪي ٻه ماڻهو هڪ ٻئي سان بي پناهه محبت ڪندڙ هجن ۽ اوچتو ڪنهن دماغي بيماري، سبب ٻنهي مان هڪ جو دماغ خراب ٿي وڃي، ٻين لفظن ۾ چريو ٿي وڃي ته ڇا اهو ذهني توازن وڃايل ماڻهو پوءِ به پنهنجي محبوب سان محبت ته پري جي ڳالهه سڃاڻي به سگهندو؟ ٿي سگهي ٿو ڪو ان ڳالهه جو جواب اهو ڏي ته پوءِ به هن ماڻهو جي دل پنهنجي محبوب سان ئي جڙيل هوندي. آئون ان ڳالهه کي مڃي به وٺان ته به ظاهر آهي ته اهو محبت جو رشتو بنا دماغ جي اوهڙو ساڳيو نه هوندو، جهڙو دماغ جي موجودگي ۾ هوندو. اسان ڪجهه ڳالهين بابت اڳواٽ ذهن ٺاهي ويهندا آهيون، تنهن ڪري ٿوري مختلف ڳالهه هضم ڪرڻ ڏکي لڳندي آهي. جيئن اسان اهو پڪو خيال ٺاهي ويٺا آهيون ته دماغ استعمال ڪرڻ جو مطلب ئي منافقي ڪرڻ، بي ايماني ڪرڻ وغيره وغيره هجي ٿو، پر ضروري ڇو آهي ته دماغ کي صرف غلط ڪمن لاءِ ڪتب آڻجي؟ ڇا جيڪي چڱا ڪم دنيا ۾ ٿيا، جيڪي وڻندڙ خيال، فلسفا، شاعري، شاهڪار مصوري، شاندار موسيقي وغيره وغيره، ڇا اهي سڀ دماغ کان سواءِ ممڪن هئا؟ يقينن نه، پر اها ڳالهه به سئو سيڪڙو صحيح آهي ته اهي ڪم صرف دماغ سان به ممڪن نه هجن ها، بلڪه اهڙا نفيس خيال يا جذبا ڪنهن انسان وٽ تڏهن ئي اچڻ ممڪن آهن، جڏهن سندس دل ۽ دماغ انتهائي خالصيت سان هڪ توازن ۽ هڪ ربط ۾ اچي وڃن. سو پير ٻڌي چوڻ ته ڪنهن به جذبي ۾ اگر دماغ شامل هوندو ته اهو جذبو خالص نه هوندو، ڪا منطقي ڳالهه نه چئبي، بلڪل ائين جيئن پاڻ اڪثر پير ٻڌي چئون ٿا ته سياست خراب شيءِ آهي. آئون سمجهان ٿو ته اها راءِ قطعي طور صحيح ناهي، ڇاڪاڻ ته دنيا جي مختلف سماجن ۾ جيڪي چڱايون آيون آهن، اهي سياست ذريعي آيون آهن. سو خراب سياست ناهي، بلڪه خراب سياست ڪندڙ آهن، پر جيڪر سياست ڪندڙن ۾ محبت جو جذبو ڀرجي اچي، جيڪر سياسي ڪلچر مان منافقي، ڪرپشن، ڏاڍ مڙسي وغيره جهڙا منفي لاڙا ختم ٿي وڃن، جيڪر سياست واقعي عوام لاءِ ۽ عوام جي هجي ته ڇا پوءِ به سياست کي خراب چونداسين؟ هاڻ اتي وري ڪو سوال اٿاري پيو سگهي ته اسان جي سياسي ڪلچر ۾ اهي چڱايون ڪٿان ٿيون اچي سگهن، ته جواب ۾ عرض آهي ته ائين ٿيڻ سئو سيڪڙو ممڪن آهي، پر ائين ڪرڻ جي سگهه صرف اُن خاموش اڪثريت وٽ آهي، جيڪا سياست کي خراب سمجهي پاڻ پاسيرو ٿي ويٺل آهي ۽ سڄو سماج ڏهاڪن کان ان خراب سياست سبب عذاب ڀوڳي پيو، تنهن ڪري سياست کي خراب سمجهڻ بدران خرابي کي چڱائي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ خلقِ خدا کي پاڻ سياست ۾ اچڻو پوندو، پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، جيڪي تبديلي چاهين ٿا انهن کي پاڻ ان لاءِ وک وڌائڻي پوندي.
جڏهن کان مون ان خواهش جو اظهار ڪيو آهي ته ڀٽ شاهه تي سڄي سنڌ ۾ موجود لکين تبديلي پسندن جو ميڙاڪو ٿيڻ گهرجي ته اڪثر اهو سوال ٿئي ٿو ته اهو ميڙاڪو ڪڏهن ٿيندو ۽ آئون ان جي تاريخ جو اعلان ڇو نٿو ڪريان؟ ان ڏس ۾ منهنجو عرض اهو آهي ته اهو ڪو منهنجو ذاتي ڪاڄ ناهي، جو آئون پنهنجي منهن ويهي ڪنهن تاريخ جو اعلان ڪري ان جي لاءِ انتظامن جو بندوبست شروع ڪري ڏيان. آئون سمجهان ٿو ته اهو هر اُن سنڌ واسي جو ڪاڄ هوندو، جيڪو تبديلي چاهي ٿو، جيڪو ڌرتي سان محبت ڪري ٿو، جيڪو ڏهاڪن کان فرسوده سياسي ڪلچر کان بيزار آهي، جيڪو مهانگائي، بيروزگاري، ڪرپشن، امن و امان غرض ته انهن سمورن ناسورن کان پنهنجي سماج کي پاڪ ٿو ڏسڻ چاهي. جيڪو سنڌ کي ماءُ جي هنج جيان ڏسڻ چاهي ٿو، جنهن ۾ سُک، شانتي ۽ محبت هجي. سو اهو ڪاڄ انهن لکين سنڌ واسين جو آهي، جن وٽ هڪ خوشحال سنڌ جو خواب به آهي ۽ ان خواب جي ساڀيان لاءِ همت ۽ جذبو به آهي، سو اِن ڪاڄ کي اگر ڪرڻو آهي ۽ اگر ڪامياب ڪرڻو آهي ته اها ذميواري ڪنهن هڪ شخص جي نه هجڻ گهرجي، بلڪه ان لاءِ لکين سنڌ واسين کي پنهنجي پنهنجي پتي جو ڪم ڪرڻو پوندو، جنهن مان هڪ آئون به هوندس. منهنجي خيال ۾ اهڙي ميڙاڪي جي سمورن معاملن کي سنڀالڻ لاءِ سڄي سنڌ مان رضاڪارن کي سامهون اچڻ گهرجي، جنهن کي پاڻ ”تبديلي جا سفير“ (Ambassadors of Change) به چئي پيا سگهون. جيڪي محبتن جي ان ميڙاڪي جي انتظامي طور ميزباني جو فرض ادا ڪن، ڇاڪاڻ ته ائين ته اتي آيل هر سنڌ واسي پاڻ مهمان ۽ پاڻ ميزبان هوندو. پر تنهن هوندي به ايڏي وڏي ميڙاڪي جي معاملن کي سنڀالڻ جو ڪم ”تبديلي جي سفيرن“ کي ڪرڻو پوندو ۽ منهنجي صلاح آهي ته سڄي سنڌ مان اهي سفير پاڻ کي ڪنهن هڪ هنڌ رجسٽر ڪرائين، جيئن تبديلي پسندن جي ميڙاڪي کي گڏيل صلاح ۽ مشاورت سان هڪ اهڙو تاريخي Event (موقعو) بڻائين، جيئن ڏهاڪن کان جمود پرستي واري ٻوساٽيل فضا کي تبديلي جي ڪا تازي هوا ٽوڙي ڇڏي.

آچر 27 مارچ 2011ع

“ڇو” جو جواب دل کان به وٺجي!

هر ماڻهو سڄي ڏينهن ان خفي ۾ وڌيڪ ورتل هوندو آهي ته فلاڻو ڪم ڪيئن ڪجي، فلاڻي کي ڪيئن راضي ڪجي، فلاڻي کي ڪيئن مات ڏجي، ڪامياب ڪيئن ٿجي ڪيئن تمام گهڻو ناڻو، نالو ڪمائجي، ڪيئن اقتدار حاصل ڪجي، وغيره پر تمام ورلي اسين اهو سوچڻ جي زحمت ڪريون ٿا ته اهو سڀ ”ڇو“ (WHY ) ڪجي؟ يعني اسان وٽ هر وقت ”ڪيئن“ (HOW) حاوي رهي ٿو ۽ ان ”ڪيئن“ HOW)) جو جواب ڳولهڻ لاءِ حڪمت عملي، پلاننگ، تدبيرون ڪرڻ ۾ اسانجو دماغ رڌل هجي ٿو پر توهان نوٽ ڪيو هوندو ته ڪا گهڙي اهڙي به اچي ٿي، جڏهن دل پنهنجو آواز اٿاري ٿي ۽ دماغ کي سگنل موڪلي ٿي ته، ”او دماغ ڀائي صاحب، رڳو پيا سوچيو ته ڪيئن ڪجي، پر اهو ته احساس آڻيو ته ڇو ڪجي؟“ دل ۽ دماغ منجهه جڏهن توازن جي اها گهڙي اچي ٿي ته اها تمام نفيس ۽ سڪون ڏيندڙ هجي ٿي ۽ انسان پاڻ کي بنهه هلڪو ڦلڪو، حرص ۽ لالچ کان آزاد محسوس ڪندو آهي. اتي اها وضاحت ڪندو هلان ته ”ڇو ڪجي؟“( WHY )دماغ به پڇندو آهي، پر ان ”ڇو“ جو جواب ڇاڪاڻ ته صرف دماغ کي ئي ڏيڻو هجي ٿو، ان ڪري اهو ان لاءِ منطقي يا غير منطقي دليل ڳولهي لهندو آهي ته فلاڻو عمل هو ڇو ڪري پيو يا ڇو نه پيو ڪري، پر جڏهن ”ڇو“ جو احساس دل مان جنم وٺي ٿو ته ان جا پئمانا ۽ معيار ٻيا هجن ٿا. ان ڳالهه کي اڃان واضح ڪرڻ لاءِ پاڻ مسٽر ”الف“ ۽ مسٽر ”ب“ جا مثال ٿا وٺون. مسٽر ”الف“ کي ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ هڪ ڪروڙ روپيا مليا آهن. هن ان ڪروڙ روپين مان 50 لک روپيا هڪ پاسي ڪري ورتا آهن. هن ائين ڇو ڪيو آهي، ان ”ڇو“ جو جواب کيس سندس دماغ اهو ڏنو ته 50 لک روپين مان 25 لک روپيا ته کيس اُن صاحب کي موٽائي ڏيڻا آهن، جنهن کيس ڪروڙ روپيا ورهائڻ لاءِ ڏنا ۽ باقي 25 لک روپيا ان ڪري جو کيس پنهنجن ٻارن ٻچن لاءِ به ته ڪجهه ڪرڻو آهي. هاڻ اچو مسٽر ”ب“ ڏانهن، جيڪو ٻن ڪمرن جي گهر ۾ پنهنجن ڇهن گهر ڀاتين سان رهي ٿو ۽ مهيني ۾ 10 کان 15 هزار روپيا ڪمائي ٿو پر ٻوڏ سبب بي گهر ٿيل ڇهن ماڻهن تي ٻڌل هڪ ٻئي خاندان کي به پاڻ وٽ ترسائڻ جو فيصلو ٿو ڪري. اگر مسٽر ”ب“ به مسٽر ”الف“ وانگر صرف دماغ سان پاڻ کان پڇي ته هن ائين ڇو ڪيو آهي ته ظاهر آهي وٽس اها سوچ ايندي ته ٻن ڪمرن ۾ اڳ ۾ سوڙهه ٿئي ٿي، وڌيڪ 6 ماڻهو ڪيئن رهندا؟ 10 کان 15 هزارن ۾ پنهنجو گذارو ئي ممڪن ڪونهي، ٻين جو جهان ڪيئن هلندو؟ وغيره. هن مسٽر ”ب“ جيان هڪ مسٽر ”ث“ به آهي، جيڪو ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ نه صرف گهران خرچ ڪري ٿو پر پنهنجو ڪم ڪار ڇڏي ڏينهن رات انهن متاثرن جي خدمت ڪري ٿو. هتي ٻوڏ متاثرن جو ذڪر تي صرف حوالو هو پر مقصد ڳالهه جو اهو آهي ته مسٽر ”الف“ جيان مسٽر ”ب“ ۽ ”ث“ وٽ به دماغ آهي پر جڏهن هو پنهنجي دل کي Allow (اجازت) ڪن ٿا ته هو کين ٻڌائي ته هو ائين ”ڇو“ (WHY ) ڪري رهيا آهن ته سندن عمل مسٽر ”الف“ کان بنهه مختلف هجي ٿو. بلڪل ائين، جيئن صرف دماغ کان ڪم وٺندي اڪثر ليڊر صاحبان معافيون وٺي جيل مان آزادي ماڻي وٺن ٿا پر منڊيلا ۽ سوچي جهڙا اڳواڻ ڪمپرومائيز ڪرڻ بدران ڏهاڪن جا ڏهاڪا قيد ۾ رهڻ جو فيصلو ڪن ٿا. هڪڙا صاحب موت کان ائين ڊڄندا آهن، ڄڻ هو رهندي دنيا تائين رهندا پر ذوالفقار علي ڀٽي جهڙا انسان تاريخ ۾ زنده رهڻ لاءِ موت قبولي وٺن ٿا. وري ڪجهه صاحبن کي اقتدار ايترو عزيز هجي ٿو، جو ان لاءِ اهي ڌرتيءَ ۽ ماڻهن جا حق ۽ مفاد تين وال ڪرڻ ۾ دير ئي نٿا لڳائين پر برطانيا جي بادشاهه ايڊورڊ دي XIII تاريخ جو حصو آهي، جنهن پنهنجي محبت لاءِ بادشاهت ڇڏي ڏني ۽ تاريخ اهڙن کوڙ سارن سياستدانن جي ذڪر سان ڀري پئي آهي، جن جڏهن حڪومت يا دنيا ڇڏي ته هر ماڻهوءَ جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. سو اهي سڀ مثال ۽ حوالا ڏيڻ جو مقصد اهو هو ته ماڻهوءَ کي هر عمل جي ڪرڻ کان يا نه ڪرڻ کان اڳ صرف دماغ پاران مليل ”ڇو“ جو جواب ٻڌڻ بدران دل کي به ٻڌڻ کپي ته هو ان ”ڇو“ بابت دماغ کي ڪهڙو سگنل ٿو موڪلي ۽ يقين رکو ته جيڪو عمل دل ۽ دماغ ۾ پيدا ٿيندڙ مخصوص قسم جي توازن مان جنم وٺي ٿو، اهو عمل نه صرف خالص هجي ٿو ۽ سُک ڏيندڙ هجي ٿو پر ان جا چوطرف سک ڏيندڙ مثبت اثرات پون ٿا، جنهن سان قدرت به راضي ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته قدرت هر گدلاڻ کان پاڪ ۽ خالص آهي ۽ جڏهن ڪو بندو به پنهنجي اندر خالصيت پيدا ڪري ٿو ته هو قدرت جي صفت اپنائي ٿو ته کيس قدرت پاڻ ڏانهن ويجهو ڪري ٿي.
ڏاها چون ٿا ته حقيقي صوفيءَ جو ڪم منزل تائين پهچائڻ نٿو هجي پر اصل منزل ڏانهن ويندڙ گس جي ڄاڻ ڏيڻ هجي ٿو. صوفي صرف اشارو ٻڌائي ٿو ته فلاڻي واٽ تي هلڻ سان منزل ملندي.
Sufi is the one, who points the arrow.
شايد منهنجي ذهن ۾ به تبديلي پسندن جي ميڙاڪي لاءِ ڀٽ شاهه جو هنڌ انهيءَ خيال سبب آيو هجي ته سوين سال اڳ تبديليءَ جو گس ٻڌائيندڙ شاهه لطيف جي ويجهو گڏ ٿي اڄ جا تبديلي پسند ان قافلي جو آغاز ان منزل ڏانهن ڪن، جنهن ڏانهن وڌڻ جو ڏس سوين سال اڳ شاهه لطيف ڏنو هو.
ڪجهه ڏينهن اڳ تبديليءَ جي سفيرن طور رجسٽريشن جي صلاح رکي هيم، جنهن کان پوءِ بئريسٽر ضمير گهمري پاران لکيل مضمون ۾ انهن سفيرن کي رجسٽرڊ ڪرڻ لاءِ ڪجهه موبائل نمبر ڏنا ويا هئا، جنهن تي ماڻهو پاڻ کي تبديليءَ جي سفير طور رجسٽر ڪرائين پيا. اهو سڄو عمل اسانجي روايتي طريقي ڪار کان هڪ بنهه مختلف ۽ بدليل عمل آهي ۽ اهو ڏسي خوشي ان ڳالهه جي به ٿئي ٿي ته اسان ان نقطي تي اتفاق ڪري ورتو آهي ته جيڪا تبديلي ماڻهن لاءِ اچڻي آهي، ان تبديليءَ لاءِ ماڻهن کي پنهنجو ڪردار به ادا ڪرڻو پوندو. جيتوڻيڪ تبديليءَ جي تڙپ لکين ماڻهن وٽ آهي پر منهنجي خواهش آهي ته ان تڙپ، ان خواهش، ان تبديليءَ جي خواب جي ساڀيان لاءِ عملي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ به لکين سنڌ واسي پاڻ کي تبديليءَ جي سفير طور رجسٽر ڪرائين.
آئون اهو ڄاڻان ٿو ته تبديليءَ جي سفيرن واري ڳالهه تي ڪجهه ماڻهن جي دماغ ۾ ”ڇو“ جو سوال اڀرندو هوندو، ڪنهن جو دماغ چوندو هوندو ته اهڙي عمل سان ڪهڙو فرق پئجي ويندو؟ يا تبديليءَ جي سفير طور لکين ماڻهن جي نالي لکرائڻ سان ڪيئن تبديلي اچي ويندي؟ يا ڪجهه دماغ ان عمل جي پويان ڪا ڳنڀير سازش ڳوليندا هوندا يا ڪنهن جو دماغ چوندو هوندو ته ڀٽ شاهه تي لکين ماڻهن جي گڏجڻ سان به تبديلي نه ايندي، وغيره. انهن سڀني سوالن يا ”ڇو“ (WHY) جا ڪيترائي جواب ڏيندو آيو آهيان ۽ آئندي به ڏيئي پيا سگهجن پر انهن دوستن کي اڄ صرف ايتري صلاح ڏيندس ته، ٻيلي پنهنجي دل کي به وارو ڏيو ۽ اگر دل مان سگنل دماغ تائين اهو پهچي ٿو ته اهو عمل ڪرڻ گهرجي، ته ڪريو ۽ اگر نه، ته فيصلو پوءِ به دل جو هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهو قافلو انهن پانڌيئڙن جو جڙي پيو، جيڪي ڏهاڪن کان ٿيندڙ ناانصافين کان بيزار آهن، جيڪي پنهنجي سماج ۾ امن ۽ خوشحالي ڏسڻ لاءِ بيقرار آهن، جيڪي پنهنجين زندگين ۾ هڪ معياري تبديليءَ جا ڳولهائو آهن، جيڪي پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت ڪندڙ آهن ۽ منهنجو اهو پختو خيال آهي ته محبت صرف دماغ سان نٿي ڪري سگهجي، بلڪه اهو جذبو خالص ٿئي ئي تڏهن ٿو، جڏهن دماغ ۽ دل ۾ خوبصورت توازن پيدا ٿئي ٿو. سو محبت ڪندڙن جي ان قافلي ۾ جيڪو ماڻهو صرف دماغ سان شامل ٿيو، اهو ان پنڌ ۾ جلد ٿڪجي پوندو پر جيڪو تبديليءَ جو سفير بڻجڻ جو فيصلو دل ۽ دماغ سان ڪندو ته پوءِ ان گهڙيءَ هڪ گهنٽيءَ جيان اها سِٽَ سندس دل ۽ دماغ ۾ وڄندي ته، ”اٿو سنڌ جا وارثو، سنڌ کي بچايو“.

ڇنڇر 9 اپريل 2011ع

اَهنج علاج سان ختم ٿيندا، روئڻ سان نه!

ڳالهه ڪٿان شروع ڪجي ۽ ڪنهن جي ڪري، ڪنهن جي ڪجي؟ ڇاڪاڻ ته ڳالهيون مڙئي ڳالهيون ٿي وينديون، هي ليک ۽ لکڻيون وقت گذرڻ سان پراڻي اخبار جيان سڀني کي وسري وينديون، پر ٺل ۾ رهندڙ اُن ماءُ جي اکين مان وهندڙ لڙڪ ڪيئن سڪن، سندس اندر ۾ موجود ڦٽ ڪيئن ڀرجي، جو سندس جگر جي ٽڪر سندس چئن سالن جي نياڻيءَ فضيلا سرڪيءَ کي هاڻ اغوا ٿئي چار سال گذري ويا آهن. فضيلا جيڪب آباد پوليس کي ته وسري سگهي ٿي، حڪومت کي به وسري سگهي ٿي، پر هوءَ ته ماءُ آهي نه، هوءَ ڪيئن ڏينهن جي ڪنهن به مهل ۾ پنهنجي سڪيلڌي ڌيءَ کي وساري سگهي ٿي؟ سال اڳ ٽوڙي بند ٽٽڻ شرط سڌو ٻوڏ جي منهن ۾ آيل ڪيترن ئي ڳوٺن جيان ڳوٺ قيس ڀيو ۽ ڳوٺ جتوئي چاچڙ جي ڳوٺاڻن کان پنهنجي ڳوٺن جي خوشحاليءَ وارا ڏينهن ڪيئن وسري وڃن؟ ڀلي سرڪار پنهنجيون اکيون بند ڪري وٺي، پر جيڪب آباد جي ويجهو ڳوٺ چاڪر جوڻيجي جي ٻوڏ متاثرن جون اکيون اڄ به واهر لاءِ واجهائين پيون. ڀلي ڊي سي او، ڪشمور-ڪنڌڪوٽ لاءِ پراڻي انڙ شاخ جا گهارا بند نه ٿيڻ ڪو مسئلو نه هجي، پر اتي موجود هزارين ڳوٺاڻا اڄ به ٻيڙين ۾ پنهنجي ڳوٺن ڏانهن سفر ڪندي جنهن اذيت کي ڀوڳين ٿا، اها کين ڪجهه به وسرڻ نٿي ڏئي. ائين به ماضيءَ جي ڪنهن ڳالهه، ڪنهن حادثي، ڪنهن ڏک کي وساري سگهجي ٿو، پر زهر جهڙو کارو پاڻي واپرائڻ جيڪب آباد واسين لاءِ ماضي به هئو، حال به آهي ۽ شايد مستقبل به رهندو، سيوهڻ کان لاڙڪاڻي تائين يا لاڙڪاڻي کان شڪارپور يا قمبر يا جيڪب آباد کان ڪنڌڪوٽ تائين يا سکر شهر سوڌو اسان جي شهرن جي روڊن جي تباهه ٿيل حالت اسان جو ماضي به هئو ۽ حال به آهي. سو انهن تباهه ٿيل رستن تي سفر ڪندڙ لکين ماڻهو ان عذاب کي روز ڀوڳين ٿا ۽ انهن مان ڪجهه ڪچهرين ۾ ڪڏهن ڪڏهن پنجاب جو چڪر هڻي موٽڻ کانپوءِ اتي ٺهيل شاندار روڊن رستن جي تعريف ڪري اڻ سڌيءَ طرح پنهنجن روڊن جي حالت کي نصيب جو حصو سمجهي ٿا وٺن ۽ وري انهن ٽٽل رستن تي سفر ڪندي نظر اچن ٿا، جنهن کي ڪنهن زماني ۾ شايد روڊ چيو ويندو هو، پر اگر آئون لاڙڪاڻي مان قمبر روڊ يا موئن جو دڙو ويندڙ روڊ يا مختلف ضلعن کي جوڙيندڙ هاءِ ويز يا شهرن جي تباهه ٿيل روڊن رستن تان گذرندي ڪنهن کان پڇان ٿو ته ادا هي روڊ ڇو نٿا ٺهن؟ ته ڪٿي جواب ملي ٿو ته ان روڊ جو ٺيڪيدار بليڪ لسٽ ٿي ويو آهي، تنهن ڪري اڍائي سالن کان ڪم بند آهي. ڪو چئي ٿو ته اتي جو ٺيڪيدار حادثي ۾ فوت ٿي ويو. وري اڪثر هنڌن تي ٻڌايو وڃي ٿو ته سرڪاري فنڊز جي کوٽ جي ڪري ڪم نٿو ٿئي ۽ آئون اچرج ۾ اچيو وڃان ٿو ته اگر ٺيڪيدار هيٺ مٿي ٿي ويو ته ماڻهن ڪهڙو ڏوهه ڪيو، جو اهي سالن جا سال هن تڪليف جي ور چڙهيل آهن؟ ساڳئي ريت فنڊن جي کوٽ جو معاملو به سمجهه کان مٿانهون آهي، ڇاڪاڻ ته هلندڙ سال سنڌ جي سالياني ترقياتي بجيٽ 126-ارب رپيا هئي، پر سرڪاري طرح جاري ڪيل انگن اکرن موجب، اپريل مهيني تائين اِنهن 126-ارب رپين مان صرف 26-ارب رپيا خرچ ٿي سگهيا. ساڳئي ريت آڪٽراءِ ٽيڪس جي عيوض تعلقن ۽ يوسيز کي سڌي ريت وفاق مان الڳ پئسا اچن ٿا، جيڪي ڪراچيءَ کي ڇڏي ڪري باقي 117 تعلقن کي سراسري طور 20 کان 22 ڪروڙ رپيا ساليانو ملن ٿا. سو اگر پاڻ اندازو هڻڻ لاءِ هڪ سراسري ڪاٿو لڳايون ته 20 ڪروڙ رپيا في تعلقو في سال ۽ اگر ان مان 5 ڪروڙ رپيا پگهارن ۽ ٻئي غير ترقياتي خرچن جي مد ۾ ڪٽي وٺون ته باقي 15 ڪروڙ رپيا بچن ٿا ۽ اگر 15 ڪروڙ رپين کي 117 تعلقن سان ضرب ڪريون، ته سال ۾ 1755 ڪروڙ رپين جا ترقياتي ڪم تعلقي سطح تي ٿيڻ گهرجن. ساڳي ريت ڪراچيءَ کي ڇڏي ڪري باقي سنڌ ۾ موجود لڳ ڀڳ يارنهن سئو يوسيز کي پڻ 24 لک رپيا في يوسي ملن ٿا، يعني ٻه ارب 64-ڪروڙ رپيا اهي ملن ٿا. (واضح رهي ته ضلعي حڪومتن ۽ صوبائي حڪومت جا ترقياتي اربين رپيا ان کانسواءِ آهن) سو اهي انگ اکر ڏسي عقل دنگ رهجيو وڃي ته اربين رپيا هجڻ جي باوجود اسان جي روڊ، رستن، اسڪولن، اسپتالن وغيره جي اها حالت ڇو آهي؟ ڪنڌڪوٽ جي اناج منڊي، جنهن ۾ روزانو 80 کان 90 ڪروڙ رپين جو واپار ٿئي ٿو ۽ هو لکين رپيا ٽيڪس ڏين ٿا ته اها منڊي ايڏي زبون حالي ۾ ڇو آهي؟ سال گذري وڃڻ جي باوجود فنڊز نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي اسان جا بند ٻڌڻ ۽ انهن کي مضبوط ڪرڻ جو ڪم ڇو نه ڪيو ويو، جو اڄ ٻوڏ ٻيهر اچڻ جي امڪان ۽ بندن جي ڪمزور هجڻ سبب ماڻهو خوف ۾ ورتل آهن؟ آخر ڇو سنڌ جا ضلعا، تعلقا توڙي ننڍا شهر ۽ وسنديون روڊ رستن، پيئڻ جي صاف پاڻي، ڊرينج وغيره جهڙين بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهن ۽ اتي جا ماڻهو تڪليف واري زندگي گهاري رهيا آهن؟
تازو ڪنڌڪوٽ ۾ ڪنهن مون کي چيو ته، ”اسان جي ضلعي جو وڏو مسئلو برادرين جو تڪرار آهي“، سندس ڳالهه ٻڌي مون کي ياد آيو ته اهڙي ئي ڳالهه مون کي شڪارپور ۾ به ٻڌڻ ۾ آئي هئي، پر وري ياد آيو ته صرف شڪارپور ڇو؟ اها ڳالهه ته گهوٽڪي، خيرپور، قمبر، سکر ويجهو ڪنڌرا ۽ ٻين هنڌن تي به ٻڌڻ ۾ آئي هئي، سو اِن ڪنڌڪوٽ واسيءَ کي چيم ته، برادرين جي تڪرار جو ناسور هجي يا امن و امان جي خراب حالت يا تعليم يا صحت، رستن جي حالت يا ڪرپشن يا ٻين انيڪ مسئلن ۾ ٿوري گهڻي فرق سان سڄي سنڌ وڪوڙيل آهي، سو يا ته اهي مسئلا سڄي سنڌ ۾ حل ٿيندا يا اهي ڪٿي به حل نه ٿيندا، تنهن ڪري اسان کي اگر پنهنجو شهر يا ضلعو سڌارڻو آهي ته سڄي سنڌ ۾ بهتري آڻڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته ڪو به علائقو جزيرو نٿو ٿي سگهي ته چوطرف برائين جو گهيرو هجي ۽ وچ ۾ خرابين ۽ برائين کان پاڪ هڪ آئيڊيل قسم جو علائقو قائم ٿي سگهي، سو اگر بدلائڻو آهي ته ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين سڀ ڪجهه بدلائڻو پوندو.
ڪجهه ڏينهن اڳ جنهن مهل قمبر-شهدادڪوٽ بار ۾ وڪيل صاحبان سان ڪچهري پئي ڪيم، اُن مهل گرميءَ جو پد 50 ڊگري هو، سو سوچڻ لڳس ته گرميءَ کي ته اسان قدرت جو فيصلو سمجهي قبولي ورتو آهي، پر 10 کان 14 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ، ڪرپشن، بنيادي انساني حقن جي چوطرف ٿيندڙ لتاڙ، انصاف ڏيڻ لاءِ ٺهيل ادارن مان ملندڙ بي انصافي-غرض ته زيادتين ۽ تڪليفن جي ان سڄي ماحول کي به ڇا اسان گرم ۽ سرد موسم جيان پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ قدرت جو فيصلو سمجهي قبولي ورتو آهي؟ ڀوتارڪي ڪلچر سبب تڪليفون ڀوڳيندڙ ماڻهو غوثپور جو هجي يا مٺيءَ جو، ٺٽي جو هجي يا ڪراچيءَ جو، هو موسم ته نٿو بدلائي سگهي پر ڇا اهو ڏهاڪن کان جاري ڀوتارڪي راڄ کي مٽائي نٿو سگهي؟ پر اهو تڏهن ٿيندو، جڏهن سنڌ واسي پنهنجي گڏيل فهم سان پنهنجي گڏيل سگهه استعمال ڪندا ته پوءِ اهو ڀوتارڪو راڄ اچي پَٽ پوندو ۽ جنهن مهل سنڌ واسي پنهنجي ٻولي، پنهنجن وسيلن، جي مالڪي ڪندي پنهنجا بنيادي حق گهرڻ لاءِ ميدان ۾ آيا ته پوءِ ”سور نه رهندا ساڳيا“.آئون سمجهان ٿو ته رڳو ڏک سور پٽڻ ۽ ان تي ماتم ڪرڻ بدران انهن ڏکن، سورن جو درمان ڪرڻ کپي، علاج ڪرڻ کپي، حل ڪڍڻ کپي ۽ اهو علاج، اهو حل ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ يا قوت وٽ ناهي، بلڪه اهو حل ۽ علاج سنڌ جي ماڻهن جي پنهنجي گڏيل قوت ۾ آهي. منهنجو خواب آهي ته سنڌ جي گڏيل فهم جي علامت شاهه عبداللطيف ڀٽائي وٽ ڪنهن هڪ ڏينهن لکين سنڌ واسي اچي گڏ ٿي پنهنجو پاڻ کي به ۽ ڀوتارڪي راڄ جي حامين کي اهو نياپو ڏين ته سنڌ واسي اهو فرسوده ۽ ڏاڍ تي جڙيل نظام بدلائڻ چاهين ٿا ۽ هو ائين ڪرڻ جو جذبو ۽ سگهه به رکن ٿا.

خميس 2 جون 2011ع

سور اوريندڙ جيجل!

هونئن ته انگريزي لفظ سرينڊر جو عام طرح استعمال هٿيار ڦٽا ڪرڻ يا پيش پوڻ لاءِ ڪيو وڃي ٿو، پر ظاهر آهي ته ماڻهو هٿيار ڦٽا يا ڪٿي پيش مجبوري وچان پوي ٿو، پر اگر پاڻ غور ڪريون ته ڪنهن ٻئي سان حقيقي طور جڙڻ لاءِ به ماڻهو کي اُن ٻئي آڏو سرينڊر ڪرڻو پوي ٿو، جنهن مان مراد پنهنجي ڪوڙي اَنا، منافقي، بي ايماني وغيره جي خول کي لاهي ڦٽو ڪرڻ ۽ پاڻ کي خالص ڪري ٻئي جي حوالي ڪرڻ هجي ٿو، ڇاڪاڻ ته تعلق جي ان منزل کي تڏهن ئي ماڻي سگهجي ٿو. جنهن منزل کي ماڻڻ سڀني جي خواهش هجي ٿي. اسان هر تعلق ۾ پنهنجي پسند، ۽ پنهنجي خواهش جي پورائي، پنهنجي مفادن جي تحفظ، پنهنجي اَنا جي تسڪين جا گهرجائو هجون ٿا، پر گهڻي ڀاڱي اسان ڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار ناهيون هوندا، سواءِ انهن شين جي جيڪي ڏيڻ جي اجازت اسان کي اسان جو نفس يا انا ڏي ٿي يا وري اسان تعلق جي هر قسم ۾ هڪ هوشيار ڪاروباري ماڻهو جيان سوديبازي ۾ مصروف ٿيو وڃون ۽ ڄاڻائي يا اڻ ڄاڻائيءَ ۾ اسان تعلق ۾ ڏي ۽ وٺ جو ڪاٿو لڳائيندا رهون ٿا، پر اگر تعلق محبت جو هجي ته ڏي ۽ وٺ وارو فارمولو ڪيئن ان تعلق کي خالص بڻائي سگهي ٿو؟ پر جيڪو ماڻهو پنهنجي پاڻ کي سرينڊر ڪري ٿو، معنيٰ مڪمل طور پاڻ کي دل ۽ دماغ سان ڪنهن جي حوالي ڪري ٿو ته پوءِ هو ڏي ۽ وٺ واري خفي کان آجو ٿي وڃي ٿو ۽ سڀ ڪجهه ڏئي دراصل هو سڀ ڪجهه حاصل ڪري وٺي ٿو. اگر پاڻ کي حوالي ڪرڻ يا سونپي ڇڏڻ واري نفيس خيال کي ذهن ۾ رکندي بندي جي پنهنجي پالڻهار آڏو مٿي ٽيڪڻ واري عمل تي غور ڪريون ته سرينڊر ڪرڻ جو مفهوم سولائيءَ سان سمجهه ۾ ايندو، ڇاڪاڻ ته سجدو صرف هڪ جسماني ايڪشن ناهي، بلڪه اگر اهو خالص پڻي سان ڪيو وڃي ٿو ته اهو عمل بندي کي پنهنجي خالق جي ويجهو آڻي ٿو، ڇاڪاڻ ته خالص پڻي سان ٿيل سجدو اُن بندي جو اعتراف هجي ٿو ته هو ڪجهه به ناهي ۽ جيڪو آهي، سو صرف اهو مالڪ آهي، جيڪو سڀني جو ڌڻي آهي. ظاهر آهي رب ڌڻيءَ سان ماڻهو جي تعلق جون منزلون دنياوي محبتي تعلقن کان مٿانهيون ۽ الڳ هجن ٿيون، پر ان ڳالهه کان شايد ئي ڪو انڪار ڪري ته جنهن بندي کي پاڻ جهڙن ٻين بندن سان تعلق جوڙڻ نٿو اچي، اهو شايد ئي سڀني جي خالق سان تعلق جي اها منزلت ماڻي سگهي، جنهن جي خواهش سڀني کي هجي ٿي.
ڪنهن فرد، ڪنهن گروهه، ڪنهن سوچ يا ڪنهن عقيدي سان تعلق ته هر ڪو قائم ڪري وٺي ٿو، پر تعلق جي ان منزلت تائين پهچڻ جو اعزاز تمام ٿورا ماڻهو ماڻي سگهن ٿا. جنهن مقام تي ”آئون“ ختم ٿي صرف ”تون“ رهجي وڃي، جتي ڪو فرد پاڻ کي ٻئي سان ان ريت جوڙي ڇڏي جو کيس پنهنجو پاڻ به ٻئي ۾ نظر اچي. سو اصل نقطو آهي ئي جڙڻ جي ڏانءُ اچڻ جو، ۽ ان لاءِ آئون سمجهان ٿو ته بنيادي ڏاڪو پنهنجي پاڻ سان جڙڻ هجي ٿو. پنهنجي پاڻ سان جڙڻ جو مطلب خود غرضي سمجهڻ ناداني چئبي، ڇاڪاڻ ته ماڻهو پنهنجي پاڻ سان حقيقي طور جڙي ئي تڏهن ٿو سگهي، جڏهن هو پنهنجي انا، خود غرضي، منافقي، ڪوڙ، ڪروڌ وغيره جا پاتل خول لاهڻ ۾ ڪامياب ٿئي، تڏهن ئي هو پنهنجي حقيقي روپ سان متعارف ٿي، اُن سان جڙي سگهي ٿو ۽ اگر ڪو ماڻهو پنهنجا خول لاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو، ته پوءِ ئي منجهس اهو خالص جذبو پيدا ٿئي ٿو. جيڪو ڪنهن ٻئي سان حقيقي طور جڙڻ جي شڪتي ڏي ٿو. ڪير اتي اهو نقطو به اُٿاري سگهي ٿو ته خوف ۽ لالچ جهڙا احساس به ماڻهن کي هڪ ٻئي سان جوڙين ٿا. اها ڳالهه ڪنهن حد تائين درست آهي، پر خوف وغيره سبب جڙڻ ائين ئي هجي ٿو، جيئن ڪنهن هڪ شيءِ کي ٻئي سان ڪچي ڌاڳي سان ٽانڪو هڻي جوڙي ڇڏبو آهي، پر هلڪي ڇڪ ان ٽانڪي کي ٽوڙي ٻنهي کي ڌار ڪريو ڇڏي، پر جنهن جڙڻ واري منزل جي پاڻ مٿي ڳالهه پيا ڪريون، اهو ان پاڻي جي ڦڙي جي ڪنهن تلاءَ ۾ ڪرڻ وارو ميلاپ هجي ٿو، جنهن کي ڌار ڪرڻ ممڪن نٿو هجي.
ڪراچي کان ڪشمور تائين جنهن به ننڍي وڏي شهر يا ڳوٺ ۾ وڃڻ ٿئي ٿو ۽ اتي ماڻهن جون ڳالهيون ۽ سور ٻڌان ٿو ته مون کي اهي مسئلا ان علائقي جا نٿا لڳن، بلڪه اهي سڄي سنڌ جا مسئلا لڳن ٿا، ڇاڪاڻ ته ملير جي علائقي ۾ جيڪي مسئلا ٻڌان ٿو، اهي ٿوري گهڻي فرق سان سڪرنڊ يا ڪنڌرا يا چڪ يا ٺل ۽ ٻين هنڌن تي به ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ۽ محسوس ائين ٿو ٿئي ته ڄڻ سڄي سنڌ سور اوري پئي. ٺل جي فضيلا سرڪي جي ماءُ جيان سنڌ ڌرتي به پنهنجن ٻچڙن جي حالت زار تي لڙڪ هاري پئي ۽ ماءُ جي اکين ۾ ڳوڙها ڏسي ڪير پٿر دل ماءُ جي درد سان جڙڻ کان رهجي سگهي ٿو، سو آئون به هر هنڌ اهي ڳوڙها، اهي دانهون، اهي سور ٻڌي ڏکائيندڙ ڪيفيت ۾ اچيو وڃان ٿو، ته ان کي ڪيئن ريجهايان، ڪهڙي تسلي ڏيان جو ڌرتي رت جا ڳوڙها ڳاڙڻ روڪي ڇڏي، ڇاڪاڻ ته منهنجا تسلي جا لفظ فضيلا جي ماءُ لاءِ يا ڌرتي ماءُ کي ڪيئن آٿت ٿا ڏئي سگهن؟ منهنجا ٻه هٿ مختلف قسمن جا سور سهندڙ لکين مائرن جا لڙڪ صاف ڪرڻ لاءِ ناڪافي آهن، پر منهنجا ٻه هٿ ان دُعا لاءِ ضرور اٿندا آهن ته ”يا پروردگار هر ماءُ جي ٻچن کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رک ۽ هر اولاد کي پنهنجي ماءُ جي اکين ۾ لڙڪ ڏسڻ کان محفوظ رک (آمين)“. مون کي يقين آهي ته اهڙي دعا لاءِ رڳو منهنجا هٿ نه کڄندا هوندا، بلڪه هر اُن سنڌ واسي مرد توڙي عورت جا هٿ به پنهنجي جيجل سنڌ لاءِ دُعا لاءِ کڄندا هوندا، جيڪو حقيقي معنيٰ ۾ پنهنجي پاڻ سان، پنهنجن ماڻهن سان ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان جڙيل آهي، ڇاڪاڻ ته ڪروڙين سنڌ واسي پنهنجي ٻولي، پنهنجي ثقافت، پنهنجي قوميت جي حوالي سان هڪ ٻئي سان جڙيل آهن، پر زماني کان ملندڙ سورن اسان کي هڪ ٻئي جي ايترو ويجهو آندو آهي، جو اسين درد جي ڌاڳي ۾ سڀ هڪ ٻئي سان جڙي رهيا آهيون. اِها الڳ ڳالهه آهي ته اسان کي ذات، برادري ۽ علائقن جي نالي ۾ هڪ ٻئي کان پري رکڻ جا جتن جاري آهن، پر درد جو رشتو ڪراچي کان ڪشمور تائين ماڻهن کي هڪ ٻئي سان جوڙي پيو ۽ فرق صرف اهو آهي ته اسان مان ڪجهه کي ان رشتي جي چڱي ريت پروڙ اچي وئي آهي ۽ ڪجهه اڃان ان کي سمجهڻ جي عمل ۾ آهن.
مون کي ڪراچي کان ڪشمور تائين مختلف هنڌن تي ملندڙ ماڻهن جي اکين ۾ موجود پيڙا، بي وسي ۽ ڪجهه بدلجڻ جي تڙپ ۾ هڪجهڙائي صاف نظر آئي پئي ۽ هر ٻئي اک ۾ مون کي 12 سال اڳ لکيل پنهنجي ڪالم جو عنوان لکيل نظر آيو پئي ته، ”آهي ڪو جيڪو سنڌ جي واهر ڪري“. سو آئون درد ۽ پيڙا جي قائم ٿيل ان رشتي کي ائين سمجهيو آهيان ته اسان کي پنهنجي مسئلن ۽ تڪليفن جو ادراڪ به آهي ۽ اسين انهن دردن جو درمان به چاهيون ٿا، پر غوثپور واسي يا سجاول واسي يا ٽوڙي بند ڀرسان موجود ڳوٺ جا واسي يا ڪڍڻ جا ماڻهو غرض ته هرڪو چاهي ٿو ته سندن مسئلا فوري طور پنهنجي منهن حل ٿي وڃن، پر تلخ حقيقت اها آهي ته مسئلا حل ٿيندا ته سڄي سنڌ جا ٿيندا، نه ته ڪو هڪ علائقو اڪيلي سر ڏکن ۽ تڪليفن کان آجو نٿو ٿي سگهي، سو جڏهن آئون جڙڻ جي ڳالهه ڪريان ٿو، ان جو مقصد به اهو ئي هجي ٿو ته گهوٽڪي واسي کي بدين واسي ۽ بدين واسي کي جيڪب آباد واسي، غرض ته ڪراچي کان ڪشمور تائين ماڻهن کي پاڻ ۾ جڙڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته جڏهن مرض ساڳيو آهي ته علاج به ساڳيو ٿيندو، جڏهن ڳوٺن جا مسئلا ساڳيا آهن، پوءِ اهي ڳوٺ لاڙ جا هجن، وچولي جا، اتر جا ته پوءِ انهن جو حل به ساڳيو ئي هوندو، ائين نٿو ٿي سگهي ته ٺٽي جي تعليم سڌري وڃي ۽ دادو جي خراب رهي يا شڪارپور ۾ امن و امان خراب رهي، باقي لاڙڪاڻي ۾ ڏوهه ختم ٿي وڃن، يا ڪراچي ۾ ڪرپشن جي ڌم لڳي پئي هجي ۽ حيدرآباد جو سرڪاري وهنوار ڪرپشن کان پاڪ ٿي وڃي. سو ڀوتار ڀلي سرڪاري خرچ تي علائقي ۾ ”باب“ ٺهرائي، ماڻهن کي هڪ ٻئي سان جڙڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪن، پر ماڻهن کي هڪ ٻئي سان جڙڻ گهرجي، پنهنجن دردن جي خاتمي جي سوچ سان جڙڻ گهرجي، پاڻ سان ٿيندڙ ناانصافين جي خاتمي جي جذبي سان جڙڻ گهرجي، ان خواهش سان جڙڻ گهرجي ته ڪو وقت اهڙو آڻڻو آهي جو ٻيو ڀوتار ڪو ”باب“ نه رهي، بلڪه صرف ”باب سنڌ“ هجي.
منهنجي ديوانگي چئو يا محبت جو جنون، پر منهنجو خواب آهي ته ڪنهن هڪ ڏينهن آئون ڀٽ شاهه تي وڃان ۽ اکيون بند ڪري رب ڌڻي کان هٿ مٿي ڪري هڪ تبديل ۽ خوشحال سنڌ لاءِ دعا گهران ۽ ان ڏينهن اُن مهل دعا لاءِ رڳو منهنجا ٻه هٿ نه، پر اتي موجود ٻيا لکين هٿ به دُعا لاءِ گڏ کڄن، انهن سڀني جا هٿ جيڪي ڌرتي کي پنهنجي جيجل سمجهن ٿا ۽ جيجل جي اکين مان لڙڪ اُگهڻ چاهين ٿا ۽ جيڪر اهي لکين هٿ خالص جذبي سان هڪ خواهش جي تڪميل لاءِ هڪ ٻئي سان جڙي ويا ته پوءِ اهي هٿن ۾ هٿ جهلي، لکين ماڻهن جا قدم تبديلي جي منزل ڏانهن هڪ اهڙو ڪاروان بڻجي روانا ٿيندا، جنهن کي ڪو ”باب“، ڪو ڀوتارڪو ڪوٽ، ڪا ڏاڍ جي ديوار روڪي نه سگهندي ۽ سندس منزل اها ئي هوندي، جنهن جو خواب ٻلهڙيجي جي پراڻي ڪامريڊ کان ويندي ڪنڌڪوٽ جي گوليمار واري علائقي جي نوجوان جي اکين ۾ آهي، هڪ اهڙي سنڌ جو خواب، جيڪا ماءُ جي هنج جيان هجي.

اربع 15 جون 2011ع

سنڌ کي بنا مقابلي هارائڻ نه گهرجي!

هاڻوڪي چونڊيل قومي اسيمبلي جو آئين موجب پنج سال وارو مدو مارچ 2013ع ۾ ختم ٿي ويندو، جنهن ۾ لڳ ڀڳ هاڻ هڪ سال ۽ 8 مهينا يعني 20 مهينا باقي وڃي بچيا آهن، جنهن کانپوءِ مارچ ۾ جڙندڙ نگران حڪومت آئين موجب ٻن مهينن اندر چونڊون ڪرائيندي، سو اگر سڀ ڪجهه ائين جو اِئين هليو، جيئن هلي پيو ته اسان جي ملڪ ۾ مئي 2013ع ۾ عام چونڊون ٿينديون، پر اسان جي ملڪ جي چونڊن جي تاريخ کي نظر ۾ رکندي ان ڳالهه جو امڪان رکي سگهجي پيو ته مئي جي گرم موسم سبب حڪومت مئي جي گرم موسم بدران فيبروري ۽ مارچ 2013ع ۾ عام چونڊن جو فيصلو ڪري، سو اگر ائين ٿيو ته ڊسمبر 2012ع ۾ نگران حڪومت اچي ويندي، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته هاڻوڪي حڪومت وٽ باقي ڏيڍ سال بچيو آهي، پر پاڻ کي يعني هڪ عام ماڻهو کي اهو خفو ناهي ته عام چونڊون 6 يا 8 مهينن کان پوءِ ٿينديون يا 20 مهينن کانپوءِ، ڇاڪاڻ ته پاڻ کي اهڙي ڪا سرپرائيز ملڻ جو آسرو ته آهي ڪونه ته 6 مهينن يا 20 مهينن دوران ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگز، دهشتگردي وغيره بند ٿي ويندي، اتي جي نجي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ لاءِ تعليم کاتو ڪي اپاءَ وٺندو يا سپر هاءِ وي وفاق کان واپس سنڌ حوالي ٿي ويندو يا حيدرآباد ضلعو پنهنجي اصل حالت ۾ بحال ٿي ويندو يا سنڌي کي قومي ٻولي جو درجو ملي ويندو يا ڌاڙيل گردي ختم ٿي ويندي، اسان جي تعليم توڙي صحت وارن شعبن جي حالت بهتر ٿي ويندي، سو اهي ۽ اهڙا انيڪ مسئلا پاڻ سان برقرار رهندا، پوءِ چونڊون 6 مهينن کان پوءِ ٿين ٿيون يا 20 مهينن کانپوءِ. ان بابت اونو يا ڳڻتي اُنهن کي ٿئي، سو ٿئي جن جا ذاتي مفاد حڪومت سان جڙيل آهن، باقي خلقِ خدا جي اڪثريت ان اقتداري سياست کان اِئين ئي لاتعلق نظر اچي ٿي، جيئن اسان جي اقتداري سياسي ڌريون خلق خدا جي اصل اشوز کان لاتعلق بڻيل آهن. سوچڻ اهو گهرجي ته اقتداري سياسي ڌريون ۽ خلق خدا جي اڪثريت هڪ ٻئي کان ڇو لاتعلق بڻيل آهن؟
منهنجي نظر ۾ ان جو بنيادي ڪارڻ اهو آهي ته عام ماڻهو کي اهو صاف نظر اچي رهيو آهي ته نه صرف ايندڙ 6 مهينن يا 20 مهينن ۾ ڪجهه نه بدلبو، بلڪه ايندڙ 6 مهينن يا 20 مهينن کانپوءِ ٿيندڙ چونڊن ۾ به وري ساڳيون اقتداري ڌريون ٿوري گهڻي فرق سان ڪامياب ٿي، حڪومت ۾ اچي وينديون، ڇاڪاڻ ته هاڻ ته اهو چٽو اعلان ٿي چڪو آهي ته پ پ توڙي ايم ڪيو ايم توڙي ٻيا ننڍا ننڍا گروپ سنڌ ۾ هڪ ٻئي سان اتحاد ۾ چونڊ وڙهندا. سو عام ماڻهو لاءِ جهڙي صورتحال اڄ آهي، اُها ڪجهه چهرن جي تبديلي سان ايندڙ عام چونڊن بعد به ساڳي رهندي، تنهن ڪري سندن لاتعلق نظر اچڻ تي حيرت نٿي ٿئي. ساڳي ريت ڏهاڪن کان ڀوتارڪي سياست ڪندڙ اسان جا اقتداري سياسي رانديگر به اهو سمجهڻ لڳا آهن ته جڏهن هو سڀ پاڻ ۾ ونڊ ورڇ ڪري (سيٽ ايڊجسٽمينٽ ذريعي) چونڊن ۾ بهرو وٺندا ۽ پاپولر ووٽ جو تصور ختم ٿي رهيو آهي ته اِنهن کي عوام جي اڪثريت کي راضي رکڻ لاءِ وڏا ڪشٽ ڪاٽڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. اگر چونڊن ۾ سامهون ڪو مضبوط مقابلو ئي نه هوندو ته ڪجهه ووٽ ماڻهن کي وجهرائبا، باقي ٺپا هڻي سيٽ ڪڍي وٺبي، سو ڇا جي لاءِ ماڻهن کي ووٽ لاءِ ايلاز منٿون ڪجن؟!!
چار ڀيرا کان چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ هڪ ڀوتار ڪچهري ۾ چيو ته ”هِن ڀيري سنڌ ۾ بنا مقابلي عام چونڊون ٿينديون“. چيومانس ته ”ماڻهن ۾ تبديلي جو شعور اچي پيو، هو ائين ڪيئن توهان کي بنا مقابلي چونڊون ڪرڻ ڏيندا.“ موٽ ۾ طنز ڪرڻ واري انداز ۾ چيائين ”قاضي صاحب، توهان ڀلي تبديلي تبديلي جي تبليغ ڪندا رهو، پر جيڪڏهن ايندڙ چونڊن ۾ ”اسين سڀ“ گڏ هونداسين ته اسان جي مقابلي ۾ ڪير هوندو، جو ماڻهو اُن کي ووٽ ڏئي تبديلي آڻيندا ۽ ٻيو اهو ته ڇاڪاڻ ته سامهون ڪو وڏو مقابلو نه هوندو، ته اسان کي به گهڻن ووٽن جي ضرورت نه هوندي، ڇاڪاڻ ته هونءَ ئي اسين 20 يا 25 هزار ووٽن تي ايم پي اي ٿيون ٿا، ته هاڻ اگر ووٽرز جي اڪثريت ٻاهر نه به نڪتي ته به اسين 4 يا 5 هزار ووٽر آڻي باقي 4 يا 5 هزار ٺپا لڳرائي ڏهه هزار ووٽن تي چونڊجي وينداسين!!“ اِن ڀوتار جون ٻه ڳالهيون مسلسل منهنجي ذهن ۾ ڦرن پيون، هڪ سندس اهو چوڻ ته ”بنا مقابلا عام چونڊون“ ۽ ٻيو ته ”چونڊن ۾ اسين سڀ گڏ هونداسين.“ منهنجي ذهن ۾ اهي سوال ڦرن پيا ته ”هي سڀ“ ڪنهن جي خلاف پاڻ ۾ اتحاد پيا ڪن؟ ڇا سندن اتحاد جمود کي برقرار رکڻ ۽ تبديلي کي روڪڻ لاءِ آهي؟ ۽ اگر عام چونڊن ۾ عام ماڻهو جي اهميت نه هوندي ۽ پاپولر ووٽ جو تصور نه هوندو ته ڇا ان ڪري ڀوتارڪي سياسي ڪلچر جا حامي ان کي ”بنا مقابلا عام چونڊون“ قرار ڏين پيا؟ ٻين لفظن ۾ ڀوتارن کي پڪ ٿي وئي آهي ته هِن دفعي سندن مقابلو عوامي راءِ سان نه ٿيندو، تنهن ڪري ڀوتار ۽ عوام جي ان مقابلي ۾ ڀوتار ”بنا مقابلي“ ڪامياب ٿي ويندا؟ شايد ائين ئي ٿيڻ ڏانهن حالتون وڃن پيون. شايد هِن ڀيري ڪراچي کان ڪشمور تائين رهندڙ عام ماڻهو مقابلي کانسواءِ ئي هارائي ويندا، شايد ٻه يا ٽي سئو ڀوتار سنڌ کان بنا مقابلي جي ڪامياب ٿي ويندا، محبت، انصاف، امن ۽ خوشحالي لاءِ اڃايل هيءَ ڌرتي اڃايل ئي رهجي ويندي ۽ سُک ۽ شانتي ڀريل بدليل سنڌ جو خواب شايد هڪ خواب ئي رهجي وڃي ۽ اهڙو خواب اکين ۾ سجائي هلندڙ پنهنجيون اکيون سدائين لاءِ بند ٿيڻ کان اڳ اهو خواب پنهنجن پونئيرن کي ان وصيت سان حوالي ڪن ته ”هن خواب جي پارت اَٿوَ، هن جو ڌيان رکجو، بنهه نازڪ آهي، ڪٿي ٽُٽِي نه پوي.“
ڇا آئون مايوسي جون ڳالهيون ڪريان پيو؟ ظاهري طرح لڳي ائين ئي پيو، پر ڇا ڪجي ماڻهن جو اندر جي موسم سندس لکڻين ۽ اظهار تي اثرانداز ته ٿيندي آهي نه، ۽ آئون يا سنڌي ماڻهن جي اڪثريت مايوسيءَ جو شڪار ٿئي پئي ته ڪوڙا ڊائيلاگ ڇا جي لاءِ هڻجن؟ پر سوال اهو آهي ته اسان جي اندر جي موسم مايوسي واري ڇو پيو ٿئي، ڇاڪاڻ ته عام طرح ڪو فرد يا سماج مايوسي جي وَر تڏهن چڙهي ٿو، جڏهن هو ڪا ڪاوش، ڪا ڪوشش ڪري ٿو، پر اُن ۾ کيس ناڪامي ملي ٿي، پر اسان جي ڪهڙي ڪوشش ناڪام وئي آئي، جو اسين پيا مايوس ٿيون؟ اسان جو سماج هن فرسوده سياسي ڪلچر کي مٽائڻ لاءِ اجتماعي طور تي ڪڏهن ميدان ۾ لٿو آهي، جو چئجي ته جمود پرست ميدان ماري ويا آهن ۽ هاڻ سماج مايوسي جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسي پيو آهي؟ سو آخر پوءِ اها مايوسي جي موسم ڪٿان اچي وئي آهي؟ ڏاها چون ٿا ته جڏهن ماڻهو ڪو فيصلو ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي وچ ۾ ڦاٿل هوندو آهي ته به مٿس مايوسي جي ڪيفيت ايندي آهي، ڇاڪاڻ ته هو جيئن هوندو آهي، ائين هو وڌيڪ رهڻ نه چاهيندو آهي، پر جيئن ٿيڻ چاهيندو آهي، اُئين ٿيڻ لاءِ هو مڪمل طور همت ڌاري ناهي سگهندو، ۽ ڊگهو عرصو ان ٻڏتر ۾ رهندي مٿس مايوسي جي ڪيفيت طاري ٿيندي آهي، سو لڳي ٿو ته سماج (جنهن جو آئون به هڪ فرد آهيان) جي نراسائي واري ڪيفيت جو ڪارڻ اهو ئي آهي ته اسان اهو سڀ ڪجهه جيڪو اڄ اسان سان ٿئي پيو، کليل اکين سان ماٺ ڪري ڏسون پيا ۽ جيڪو سڀاڻي ٿيڻو آهي، اُن جو به خاموشيءَ سان انتظار پيا ڪريون، پر ظاهر آهي ته اسان نه پنهنجي حال مان خوش آهيون، نه اهڙو ئي مستقبل چاهيون ٿا، پر ان هوندي اهڙو ڪجهه به في الحال نه پيا ڪريون، جيڪو عمل اسان جي مستقبل کي سنواري سگهي ۽ اها Indecisiveness (فيصلو نه ڪري سگهڻ) ۽ Inaction (عمل نه ڪرڻ) واري صورتحال سماج کي مجموعي طرح مايوسي واري ڪيفيت ۾ مبتلا ڪري رهي آهي. سو هڪڙو طريقو اهو آهي ته اسين ڪجهه ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ جي ٻڏتر سبب مسلسل مايوسي جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسندا وڃون ۽ ٻيو اهو آهي ته سماج پنهنجي اکين ۾ سجايل بدليل سنڌ جي خواب جي ساڀيان لاءِ ميدان ۾ لهي ۽ اندر ۾ اهو حوصلو ۽ عزم آڻي ته پنهنجي پونئيرن لاءِ خوشحال سنڌ جو خواب ڇڏي وڃڻ بدران ان خواب جي ساڀيان يعني ترقي ورتل سُک ڀري سنڌ ڇڏي وڃجي. اهو فيصلو سنڌ کي ڪرڻو آهي ته هو ”بنا مقابلو“ هارائي وڃي يا پنهنجي گڏيل سگهه ۽ گڏيل محبت جي اهڙي ٻوڏ آڻي، جنهن ۾ ڪروڌ ۽ ڏاڍ جا سمورا بند لڙهي وڃن. اُن سگهه، اُن خالص محبت ۽ فهم کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ڏينهن ڪراچي کان ڪشمور تائين رهندڙ سنڌ واسين کي ڀٽ شاهه تي گڏجڻ گهرجي ۽ اگر ڪنهن هڪ ڏينهن سنڌ ڀٽ شاهه تي گڏجي پئي ته پوءِ سنڌ کي بنا مقابلا هارائڻ تي هڪ پاسي پر سنڌ جي بنا مقابلي ڪاميابي يقيني ٿي ويندي.

ڇنڇر 25 جون 2011ع

اچو ته اظهار ڪرڻ جو ڏانءُ سکون!

جڏهن روح انسان جي بدن کي ڇڏي هليو وڃي ٿو ته مردو ٻين جي وس ٿيو وڃي ۽ پونئيرن کي چوندا ٻڌندا آهيون ته ”ائين نه ڪيو ان سان مردي کي تڪليف ٿيندي“ يا ”ائين ڪرڻ سان مڙهه کي آرام ملندو“، وغيره. پر اهو سڀ ڪجهه پويان رهجي ويندڙ چوندا آهن، ڇاڪاڻ ته ڪڏهن به ڪنهن مردي نه ٻڌايو آهي ته کيس ڇا سان راحت ۽ ڇا مان تڪليف ٿئي ٿي، سو اگر پاڻ ان ڳالهه کي ائين چئون ته غلط نه ٿيندو ته اهو روح ئي هجي ٿو، جيڪو جسم کي ڇهندڙ ايذاءَ يا راحت بابت اظهار ڪري ٿو ۽ جڏهن روح ئي جسم جو ساٿ ڇڏي وڃي ٿو ته پوءِ جسم ڪجهه به اظهار نٿو ڪري سگهي. ساڳيءَ ريت منهنجي نظر ۾ ڪنهن به جذبي جو اگر اظهار نٿو ٿئي ته اهو جذبو به ان روح کانپوءِ بدن جيان هجي ٿو ۽ اگر پاڻ ائين چئون ته غلط نه ٿيندو ته اگر جذبو بدن آهي ته اظهار ان جو روح آهي. (اها وضاحت ضرورڪندو هلان ته اتي آئون مثبت ۽ خالص جذبن ۽ اظهار جي مهذب طريقيڪار جو حوالو پيو ڏيان) اسين پنهنجي ايندڙ ڏهاڪن تائين کوڙ سارن جذبن کي سانڍي رکون ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهي جذبا اسان جي جسم سان گڏ وڃي مٽي جي هيٺ دفن ٿيو وڃن، پر انهن جو اظهار نه ڪري سگهندا آهيون، پوءِ اهو جذبو ڪنهن لاءِ محبت جو هجي، پاڻ ساڻ سان ٿيندڙ ڪنهن زيادتي يا ناانصافي جي احساس جو هجي يا ٻيو ڪجهه پر اسان مان اڪثر ان جو اظهار نه ڪري ان جذبي کي هڪ مڙهه جيان وقت جي دز ۾ دفنائي ڇڏيندا آهيون. پنهنجي جذبن جو اظهار نه ڪرڻ جا ڪيترائي ڪارڻ هجن ٿا، جنهن ۾ اظهار جو حوصلو نه هجڻ ۽ اظهار جو ڏانءُ نه اچڻ وارا سبب ماڻهن جي گهڻائي کي اظهار کان روڪين ٿا، پر وري ڪجهه ماڻهو اهڙا به هجن ٿا، جن کي پنهنجي اصل جذبي جي پروڙ ئي نٿي هجي، سو جڏهن کيس پنهنجي من جي جذبي جي صحيح واقفيت ئي نٿي هجي ته هو ان جو اظهار ڪيئن ڪندو؟ سو منهنجي نظر ۾ ماڻهو کي پهرين پنهنجي اندر جي ڇنڊڇاڻ ڪري اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ کپي ته سندس اندر ڪهڙو حقيقي جذبو پلجي رهيو آهي ۽ اگر ان جذبي جي کيس شناخت ٿي وڃي ته پوءِ ان جي اظهار جو حوصلو به آڻڻ گهرجي ۽ گڏوگڏ اظهار جو ڏانءُ به اچڻ گهرجي.
سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ٿيل ڪچهرين ۾ مون کي اهو صاف نظر آيو پئي ته ماڻهو پنهنجي چئوطرف حالتن کان شديد بيزار ۽ ناراض آهن. احساس ڪمتري ۾ ورتل ڪجهه سنڌين کي ڇڏي ڪري سنڌين جي 99 سيڪڙو آبادي وٽ پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت جو جذبو به موجود آهي، پر آئون سمجهان ٿو ته سنڌ واسي پنهنجي حالتن تي ڪاوڙ وارو جذبو توڙي ڌرتيءَ سان محبت واري جذبي جي اظهار واري طريقي تي ضرور غور ڪن، ڇاڪاڻ ته صرف I Love Sindh (مون کي سنڌ سان پيار آهي) چوڻ يا ڪنهن مسئلي تي وقتي احتجاج ڪرڻ يا ڪنهن حق تلفي تي وقتي ڪاوڙ وغيره جو اظهار اهو حقيقي اظهار ناهي، جنهن اظهار جي اسان جي ڌرتي گهرجائو آهي. اسان وٽ اجگر جيترن مسئلن جي خاتمي لاءِ جيترو وڏو جذبو موجود آهي، اُن جذبي جو اظهار به نه صرف اُن سطح جو هجڻ گهرجي، بلڪه اهو اظهار صحيح رخ ۾ به هجڻ گهرجي. مثال طور اسان جي تعليمي تباهي جو اونو اسان سڀني کي آهي ۽ اسان وٽ ان کي سڌارڻ جو جذبو به آهي ۽ ان جو پاڻ اظهار به ڪريون ٿا، پر اظهار طور ڪجهه لکڻ يا ڳالهائڻ ڪافي آهي؟ ڇا اها تعليمي تباهي سيمينار ڪرائڻ يا گڏجاڻيون ڪوٺائڻ سان ختم ٿي سگهي ٿي؟ ڇا ڪراچي ۾ جاري دهشتگردي يا سڄي سنڌ ۾ موجود ڌاڙيل گردي ميڊيا يا عدليه ختم ڪرائي سگهي ٿي؟ ڇا ڪرپشن سبب ڪمزور بند، اسپتالن ۾ علاج جي ناقص حالت، تباهه ٿيل روڊ، غير معياري ٻج ۽ ڀاڻ جو مارڪيٽ ۾ کليل وڪرو، جعلي دوائن جو وڪرو وغيره وارو جهان ڪنهن جي ڀاشڻ ڏيڻ يا تبليغ ڪرڻ سان ٺيڪ ٿي سگهي ٿو؟ منشيات جو وڪرو هجي يا وياج جو ناسور، پوليس جون ڏاڍيون هجن يا جيل ۾ ٿيندڙ ٽارچر، بيروزگاري هجي يا مهانگائي جو راڪاس ڪراچي جي نجي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي نه پڙهائي وڃي يا سنڌي شاگردن جي داخلا جو مسئلو هجي، سنڌ جي وسيلن تي مالڪيءَ جو اشو هجي يا سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي وارو درجو نه ملڻ جو معاملو هجي، اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته انهن سڀني مسئلن جو حل ڪنهن جي هٿ وس آهي، پر پوءِ به اسان مان ڪجهه دوست انهن مسئلن جي حل بابت اظهار ڪندي پنهنجو رخ صحيح نٿا رکن، تنهن ڪري ڏهاڪن کان سنڌ ۾ اِنهن مسئلن جو ادراڪ ۽ اِنهن جي خاتمي لاءِ جذبو هجڻ باوجود، اِنهن جو نه صرف خاتمو نه اچي سگهيو آهي، بلڪه اهي روز بروز وڌندا پيا وڃن، ڇاڪاڻ ته اِنهن جو حل اندازِ حڪمرانيءَ جي تبديلي ۾ لڪل آهي. اهڙي حڪومت، جيڪا ماءُ جيان هجي، جنهن کي پنهنجو عوام پنهنجي ٻچڙن جيان پيارو هُجي، ڇاڪاڻ ته اهڙي ڪا حڪومت ئي سنڌ کي ماءُ جي هنج جيان بڻائي پئي سگهي، پر اهڙي حڪومت نه آسمان مان ڪٿان لهندي ۽ نه ئي زمين مان اوچتو ڦٽندي، بلڪه اهڙي حڪومت تڏهن ايندي، جڏهن لکين سنڌ واسي خوشحال سنڌ ٺاهڻ واري جذبي جو اظهار ووٽ ذريعي ڪندا.
سنڌ اسيمبلي جي ڪُل 168 سيٽن مان 38 مخصوص سيٽون هجن ٿيون، معنيٰ ڪُل 130 تڪن تي سڌي ريت چونڊون ٿين ٿيون ۽ جيڪا ڌر 66 سيٽن تي ڪاميابي ماڻي ٿي، اها حڪومت ٺاهيندي آهي. اسان جي صوبائي اسيمبلي جو تڪ سراسري سوا لک کان ڏيڍ لک ووٽرن تي ٻڌل هجي ٿو ۽ ڪامياب ٿيندڙ اميدوار سراسري طور 18 کان 25 هزار ووٽ کڻي ڪامياب ٿئي ٿو، پر جيڪر سوا لک ووٽرز جي تڪ مان پنج سئو ماڻهو اهو طئي ڪن ته هر ماڻهو 50 ووٽرز کي راضي ڪري پولنگ اسٽيشن تي آڻيندو ته 500 کي 50 سان ضرب ڪجي ته 25 هزار جو انگ بيهندو، معنيٰ اگر سوا لک کان وڌيڪ ووٽرز تي ٻڌل هڪ تڪ مان صرف پنج سئو ماڻهو سندرو ٻڌي بيهي رهن ته هو پنهنجو اميدوار ڪامياب ڪرائي سگهن ٿا. سنڌ اسيمبلي ۾ اڪثريت ٺاهڻ لاءِ 66 ميمبر گهربل آهن ۽ هڪ تڪ تي پنج سئو ماڻهو گڏجي 25 هزار ووٽ وجهرائي اميدوار ڪامياب ڪرائي سگهن ٿا ته پوءِ حساب ان ريت بيهي ٿو ته 66 ضرب 500 معنيٰ سڄي سنڌ مان 33 هزار ماڻهو طئي ڪن ته هو پنهنجي پسند جي حڪومت ٺاهي سگهن ٿا. پاڻ هڪ تڪ ۾ سوا لک ووٽرز ٻڌي اُنهن کي 66 سان ضرب ڪريون ته جواب ٻياسي لک بيهي ٿو، سو اِنهن ٻياسي لک ماڻهن مان 33 هزار ماڻهو مڙسي ڪن ته في تڪ 25 هزار معنيٰ 66 تڪن تي ساڍا سورنهن لک ووٽرن کي موبلائيز ڪري هڪ اهڙي ڪاميابي ماڻي سگهن ٿا، جيڪا ڏهاڪن کان هلندڙ فرسوده سياسي ڪلچر جو منهن مهانڊو تبديل ڪري ڇڏيندي. مٿي ڏنل انگ اکر اڳ ۾ به ڪيترائي ڀيرا بيان ڪري چڪو آهيان، پر اِنهن جي ورجاءَ جو مقصد اهو آهي ته ڪجهه عرصي کان وري ڪجهه دوستن جا خيال ٻڌڻ ۽ پڙهڻ ۾ آيا پئي ته ڀوتارن کان چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ ڏکيو، بلڪه ناممڪن آهي، سو سنگت کي سمجهڻ گهرجي ته اگر سنڌ واسي ڪرڻ چاهين ته ائين ٿيڻ ناممڪن نه، بلڪه عين ممڪن آهي ۽ اهو ٿي سگهي ٿو، پر ان لاءِ لکين سنڌ واسين وٽ جذبو ۽ ان جو اظهار اهو هجڻ گهرجي ته: We can do it and we shall do it (اسين ڪري سگهون ٿا ۽ اسين ضرور ڪنداسين). اتي ان ڳالهه جي ٻيهر وضاحت ضروري آهي ته 66 تڪن تي ڇڙ وڇڙ 500 ماڻهو ڪو مانائتو لاڀ حاصل نه ڪري سگهندا، بلڪه 66 تڪن جي 33 هزار ماڻهن کي ڪنهن هڪ محور، ڪنهن هڪ مرڪز سان جڙيل هجڻ گهرجي. ان ڏس ۾ هڪ روايتي انداز اهو آهي ته 50 يا 100 ماڻهو گڏجي هڪ پارٽي ٺاهين، جيڪي ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر وڃي ماڻهن کي ان پارٽي ۾ شموليت لاءِ راضي ڪن، پر ان روايتي انداز کي تبديل ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ معياري تبديلي جو خواب صرف 50 يا 100 ماڻهن جو خواب ناهي، ته پوءِ هي ڇو صرف ڪا هڪ پارٽي ٺاهين، بلڪه دل ۾ خوشحال سنڌ جو جذبو رکندڙ لکين ماڻهو گڏجي هڪ پارٽي ٺاهي پنهنجي جذبي جو اظهار ڪن، اگر ڪنهن هڪ ڏينهن، هڪ هنڌ لکين ماڻهو گڏجي پنهنجي محور جو فيصلو ڪندا ته پوءِ اها روايتي انداز ۾ جڙيل ڪا تنظيم يا جماعت نه هوندي، ڇاڪاڻ ته اها ڪجهه ماڻهن پنهنجي منهن ويهي نه ٺاهي هوندي، بلڪه ان جو بنياد لکين، لکين ماڻهن پاڻ وڌو هوندو. تنهن ڪري ان ۾ جيڪو گڏيل فهم ۽ جيڪا گڏيل سگهه شامل هوندي، اُن جي آڏو اسان جو فرسوده ڀوتارڪو ڪلچر بيهي نه سگهندو.
آخر ۾ اهو وري ورجائيندس ته جذبو بنا اظهار جي اُن بدن جيان آهي، جنهن ۾ روح نٿو هجي ۽ هاڻ وقت ڀرجي آيو آهي ته جنهن جيجل سان بي پناهه محبت جو جذبو رکون ٿا ته اُن محبت جي جذبي جو اظهار به ڪريون، ڪنهن هڪ ڏينهن کي جيجل سان محبت جو اهڙو ڏهاڙو ڪري ملهايون، جنهن ڏهاڙي مان اهي خوشين ڀريا ڏينهن، مهينا ۽ سال ڦٽي نڪرن، جن کي ڏسڻ جو خواب اسان جي اکين ۾ ڏهاڪن کان آهي.

اربع 6 جولاءِ 2011ع

حالتن جي سمنڊ ۾ بنا مانجهيءَ جي بيٺل سنڌ جي ٻيڙي

گذريل مهيني ڏيڍ کان جيڪو ڪجهه ڪراچيءَ ۾ ٿي رهيو آهي، ان کي پاڻ ڪهڙو نالو ڏيون؟ ڇا اهو سڀ ڪجهه امن و امان جو معاملو آهي، جنهن ۾ ڊرگ مافيا يا لينڊ مافيا يا ڏوهارين جا ڪي گروپ گينگ وار ڪري رهيا آهن يا پاڻ ان کي سياست جو حصو قرار ڏيون. اگر اها گينگ وار آهي ته سرڪار ڪٿي آهي ۽ اگر سياست آهي ته اها ڪهڙي سياست آهي؟ ڇا اها ملڪي سطح جي سياست آهي، يا لساني بنيادن تي سياست آهي؟ اگر اها ملڪي سطح جي سياست آهي ته پوءِ ڪراچي جهڙيون حالتون لاهور، گجرات ۽ پشاور وغيره ۾ ڇو نه آهن ۽ اگر اها سياست لساني بنيادن تي ٿي رهي آهي ته پوءِ ظاهري طرح ٽڪراءَ ۾ آيل پارٽين پاڪستان پيپلز پارٽي، متحده قومي موومينٽ ۽ عوامي نيشنل پارٽي جا نالا به ڪجهه ان ريت هجڻ گهرجن ها، سنڌي پيپلز پارٽي، مهاجر قومي موومينٽ ۽ پختون نيشنل پارٽي پر جڏهن اهي ڌريون ملڪي سطح جون پارٽيون هجڻ جون دعويدار آهن ته پوءِ اهي ٻولي جي بنياد تي ڪيئن نمائندگي جون دعويدار ٿين ٿيون؟ اگر معاملي کي اقتداري سياست جو ليبل هڻون ته ويتر فرسٽريشن ۾ اضافو ٿيو وڃي ته اها ڪهڙي اقتداري راند آهي، جنهن کي برقرار رکڻ لاءِ سوين انسانن جي رت جي قرباني ڏني پئي وڃي؟ عجيب تماشو جاري آهي جو ڪڏهن جنم جنم جو ساٿ نڀائڻ جا واعدا ٿين ٿا وري رساما ٿين ٿا، وري پرچاءُ ٿئي ٿو، وري جذباتي ڊائيلاگ هنيا وڃن ٿا، وري معافيون ورتيون وڃن ٿيون، وري سرچاءُ ٿئي ٿو، وري مخالفت، وري مفاهمت!! غرض ته هڪ اڻ کٽ ڦيرو آهي، جنهن ۾ سنڌ ڦري پئي، ڇاڪاڻ ته نه ئي عام سنڌ واسي جي زندگي ۾ مفاهمت ڪو ٻوٽو ٻاريو، نه ئي مفاهمت نه هجڻ سان فرق پيو، سواءِ ان جي ته ڪراچي جي امن و امان جي صورت ڪجهه بنهه اگهاڙي حالت ۾ نروار ٿي وڃي ٿي، پوءِ ان کي منٿ ميڙ ۽ ”مذاڪرات“ جا ڪپڙا ڪجهه عرصي لاءِ پارائي ڇڏبا آهن، پر ملين ڊالرز جو سوال اهو آهي ته ڪنهن مفاهمتي پاليسي يا جذباتي بيانن سان نه ڪنهن کي ٻن ويلن جي ماني ٿي ملي، نه ئي ڪشمور کان ڪراچي تائين امن ٿو ملي، ويتر سنڌ جا ڊگهي مدي وارا مفاد ڪمپرومائيز ٿيندا پيا وڃن ۽ گڏوگڏ معاملات ايترا منجهندا پيا وڃن، جنهن جا سنڌ جي مستقبل تي ناڪاري اثر پئجي پيا سگهن.
چون ٿا ته عظيم ليڊر پيدا ٿيڻ لاءِ ٽي ڳالهيون ضروري هجن ٿيون، هڪ ليڊر جو غير معمولي ماڻهو هجڻ، ٻيو قوم جو عظيم هجڻ ۽ ٽيون حالتن جو غير معمولي هجڻ، پر جيڪڏهن ڪا هڪ ڳالهه به کُٽل هوندي ته مشهور يا ڪامياب سياستدان يا اڳواڻ ته شايد پيدا ٿي وڃي پر عظيم ليڊر نٿو پيدا ٿي سگهي. مثال طور دنيا تي حڪمراني ڪندڙ برطانوي قوم به هئي، ونسٽن چرچل تمام ڏاهو دور انديش اڳواڻ به هيو، پر اگر ٻي جنگ عظيم نه لڳي ها ته ونسٽن چرچل برطانوي تاريخ ۾ هڪ عظيم ليڊر طور نه اڀري اچي ها، ساڳئي ريت توهان دنيا ۾ گذريل سمورن عظيم ليڊرن تي اهو فارمولو لاڳو ڪري ڏسندئو ته نظر ايندو ته هو پاڻ به غير معمولي شخصيت جا مالڪ هئا ۽ سندن قوم جي به هڪ ڊگهي تاريخ ۽ تهذيب هئي، پر گڏوگڏ غير معمولي حالتن سبب اهي ليڊر اڀري سامهون آيا. ٻيهر وضاحت ڪندو هلان ته آئون هِتي ڪامياب يا پاپولر سياستدان جي ڳالهه نه پر عظيم ليڊر جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، جيڪو قوم لاءِ هجي ٿو ۽ قوم هن لاءِ هجي ٿي، جيڪو پنهنجي فهم سان ڏکين حالتن ۾ قيادت ڪندي قوم کي هڪ اهڙي گس ڏانهن وٺي هلي ٿو، جيڪو رستو تڪليفن ۽ سورن کان نجات جو هجي ٿو. اهو ليڊر ڪنهن ٻئي هنڌان نازل ناهي ٿيندو، بلڪه انهيءَ قوم ۾ ئي هجي ٿو، پر ڪو وقت اچي ٿو ته قوم کيس ڳولهي/سڃاڻي وٺي ٿي ۽ هو (ليڊر) پنهنجي قوم جي دردن جو درمان ڳولهي لهي ٿو. عام طور اهو به چيو وڃي ٿو ته توهان ڪنهن جي تربيت ڪري کيس ليڊر نٿا ٺاهي سگهو، بلڪه حقيقي ليڊر ڄائي ڄم کان ليڊر هجي ٿو ۽ اها صلاحيت قدرت جي ڏات هجي ٿي. دنيا جي تاريخ اهڙن ليڊرن سان ڀريل آهي، جن پاڻ اڳتي اچي پنهنجي قوم جي اڳواڻي جو ذمو کنيو ۽ قوم کين مڃتا ڏني، پر تاريخ ۾ اهڙا مثال به ملن ٿا، جڏهن قومن پاڻ پنهنجي ليڊر کي اڳتي آندو ۽ پوءِ انهيءَ ليڊر قوم جي رهبري ڪئي.
شايد ئي ڪو مون سان اختلاف ڪري ته سنڌ هِن مهل هڪ Leaderless (قيادت کان وانجهيل) سوسائٽي آهي، جنهن کي مختلف سياسي اڳواڻ پنهنجي پنهنجي دڳ تي وٺي وڃڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن، پر سنڌين جي اڪثريت هڪ راءِ ٿي ڪنهن هڪ سان ڳنڍيل نظر نٿي اچي، جنهن جا انيڪ سبب آهن، پر شايد بنيادي سبب اهو آهي ته سنڌ واسين جي اڪثريت کي هڪ اهڙي ليڊر جي ڳولها آهي، جنهن منجهه کين سنڌ واسين جي گڏيل ڏاهپ ۽ حوصلي جو عڪس نظر اچي. جيتوڻيڪ اسان وٽ ڪيترائي سياسي اڳواڻ پاڻ کي سنڌ واسين آڏو هڪ ليڊر طور پيش به ڪن ٿا ۽ انهن جي دعويٰ به اها ئي هجي ٿي ته هو ئي سنڌ جا حقيقي ليڊر آهن (۽ آئون سندن اهڙي دعويٰ کي رد نه ڪندس) پر الف يا ب سببن جي ڪري سنڌ واسين جي اڪثريت کين اهڙي مڃتا ناهي ڏني. شايد اهو ئي ڪارڻ آهي جو سنڌ اُن ٻيڙي جيان حالتن جي سمنڊ ۾ تري پئي، جنهن جو ڪو مانجهي نه هجي ۽ واقعن ۽ حالتن جون موجون ڪڏهن ٻيڙي کي هڪ رخ ۽ ڪڏهن ٻئي رُخ ڏانهن ڌڪينديون رهن ٿيون ۽ پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته وچ سمنڊ ۾ بنا مانجهي جي ٻيڙي منزل نٿي ماڻي ۽ ان جي ٻڏي وڃڻ جو امڪان هر وقت موجود هجي ٿو، سو حالتن جي لهرن جي رحم و ڪرم تي هلندڙ اسان جي ٻيڙي کي پار ڪير لڳائيندو؟ ڇا پنج ڪروڙ کان وڌيڪ سنڌ واسي پنهنجي ٻيڙي جي (خدا نه ڪري) ٻڏڻ جو انتظار پيا ڪن؟
ڪجهه ٽرڪن يا بسن جي پويان لکيل هوندو آهي ته، ”نه انجن ڪي خوبي، نه ڊرائيور ڪا ڪمال، بس چلي جا رهي هي قدرت کي سهاري“. سو اسان وٽ ٿيندڙ سياست جو اگر غور سان جائزو وٺون ته ساڳئي صورتحال نظر ايندي. اسان وٽ ڪم ڪندڙ سياسي پارٽين/گروپن جو اگر انگ ڪڍبو ته شايد اهو باقي ٽن صوبن ۾ ڪم ڪندڙ سياسي ڌرين جي گڏيل انگ جيترو بيهندو ۽ اسان وٽ هرڪو پاڻ کي سنڌ جو هڏ ڏوکي ۽ همدرد قرار ڏي ٿو. (جنهن تي آئون شڪ نٿو ڪريان) ۽ هر ڪو ڏهاڪن کان سنڌ جي خوشحالي لاءِ سياسي جدوجهد ڪرڻ جو دعويدار آهي. اِنهن ۾ ڪن کي سنڌ جي ماڻهن ووٽ جو مئنڊيٽ به ڏنو ۽ ٻين جي اخلاقي حمايت ڪئي، پر اهو سوال مون سوڌو ڪيترن ئي ماڻهن جي من اندر آهي ته ڏهاڪن جي سياسي جدوجهد باوجود آخر اسين خوشحال سنڌ ته ٺهيو، پر هر ڏينهن بدحال سنڌ ڏانهن ڇو ڌڪجي رهيا آهيون؟ آخر اها جدوجهد نتيجو ڏيندڙ ڇو نٿي ٿئي؟ ڇو سنڌ کي سندس جائز حق نٿا ملن، ڇو ڪنهن کي سنڌ جي وحدت سان هٿ چراند ڪرڻ واري سوچ اچڻ جي همت ٿئي ٿي، جو اسان جي جان ۽ مال محفوظ ناهي، ڇو اسان جي ڳچ آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ مفلسي ۾ زندگي گهاري رهي آهي، ڇو گهر جي چلهه ٻارڻ لاءِ مجبور ٿي سفيد پوش گهراڻن جون نياڻيون جسم فروشي جهڙي ڪرب مان گذرن پيون، ڇو منشيات اسان جي سماج جي رڳن ۾ تيزي سان وڌي پئي، ڇو وياج خورن سماج کي گروي ڪري ڇڏيو آهي، ڇو اسان جي ٻولي کي مڃتا نٿي ملي، ڇو اسان جي تعليمي ادارن جي ڊگرين کي مڃتا نٿي ملي، ڇو اسان جا نوجوان بيروزگاري جي باهه ۾ سڙن پيا، ڇو برادرين جي تڪرار جي نالي ۾ سماج کي يرغمال ڪيو ويو آهي؟ اهي ۽ اهڙا ٻيا کوڙ سارا ”ڇو“ آهن، جن جا جواب نٿا ملن. اسان جي سياسي مارڪيٽ ۾ چوطرف کان مختلف ڳالهيون، مختلف نعريٰ، مختلف وعدا ۽ مختلف آسرن جا هوڪا ٻڌجڻ ۾ اچن ٿا ۽ هر ڪو ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ جي ڪوشش ڪري پيو، پر ماڻهن جي وڏي اڪثريت لاتعلق نظر اچي ٿي، ائين ڇو آهي؟ ان جا هر ڪنهن وٽ پنهنجا پنهنجا جواز ۽ تشريحون هونديون، پر تلخ حقيقت اها ئي آهي ته خلق خدا جي وڏي اڪثريت پاڻ کي پاسيرو رکيو ويٺي آهي، پر اها به حقيقت آهي ته مسئلا انهيءَ اڪثريت جا آهن ۽ اهي مسئلا حل به سياسي قيادت ئي ڪري سگهي ٿي ۽ اها قيادت آسمان مان به اوچتو نازل نه ٿيندي ته پوءِ ۽ نيٺ ڇا ٿيندو؟
ان جو هڪ جواب اهو آهي ته بنا مانجهي جي ٻيڙي جيان سنڌ حالتن جي رحم و ڪرم تي جيترو هلي سگهي، اوترو هلندي رهندي، ڪو ان کي هڪڙي پاسي ڌِڪڻ جي ڪوشش ڪندو ڪو ٻئي پاسي، وري ٽيون ٽئين پاسي. اگر چونڊون ٿيون ته به اسان وٽ ڀوتار اينڊ ڪمپني بلا مقابلا سنڌ کان کٽي ويندي. اگر ايندڙ عرصي ۾ ڪي ٻيون مصيبتون نازل ٿيون ۽ سازشون رٿيون ويون ته ڇڙ وڇڙ سماج وٽ ڪا اهڙي فهم ڀريل قيادت جنهن وٽ عوام جي اڪثريت جي سگهه هجي، يعني مينڊيٽ هجي نه هوندي، جيڪا ان مصيبتن کي عقل ۽ حوصلي سان منهن ڏئي سگهي، باقي روزاني جي بنياد تي عام ماڻهو جيڪو ڀوڳي پيو، اُنهن ڀوڳنائن ۾ گهٽتائي بدران واڌارو ئي ٿيندو ويندو. ٿي سگهي ٿو ته ڪير اهو سوچي ته آئون مايوسي ڀريل منظرنامو پيش ڪري رهيو آهيان، پر آئون بي رحم ٿي ”نيٺ ڇا ٿيندو؟“ واري نقطي جو تجزيو پيو ڪريان، پر ان تجزيي جو بنياد ان ڳالهه تي آهي ته ٻيا سمورا فيڪٽرز Constant (ساڳيا) رهن، پر جيڪر سماج ۾ سياسي طرح وڏي اٿل پٿل آئي ته يقينن منظرنامو مٽجي ويندو، اگر خلق خدا جي اڪثريت جيڪا هِن مهل ڇڙ وڇڙ ۽ سياست کان لاتعلق بڻيل آهي، گڏجي ڪنهن هڪ محور سان جڙي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ته پوءِ اهو ڪجهه ٿيندو، جيڪو ٿيڻ ۽ ائين ٿيندي ڏسڻ جي خواهش هر سنڌ واسي جي آهي. سنڌ کي خوشحال ۽ ترقي ورتل ٿيندي ڏسڻ جي خواهش ظاهر آهي ته هر سنڌ واسي جي من ۾ آهي، پر ان منزل تائين پهچڻ جي صحيح واٽ اسان کي ڪنهن ٻئي کان پڇڻ بدران پنهنجي پاڻ کان پڇڻ گهرجي. سنڌ کي پنهنجي اجتماعي چڱائي جو گس پنهنجي ئي اجتماعي فهم مان ڳولهڻو پوندو. آئون سمجهان ٿو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جي اجتماعي ڏاهپ ۽ فهم جو Icon (علامت/سڃاڻپ) آهي، تنهن ڪري ڪنهن هڪ ڏينهن سڄي سنڌ کي اتي گڏجي پنهنجي گڏيل فهم سان ان واٽ ڏانهن سفر جو آغاز ڪرڻ گهرجي، جنهن جي منزل هڪ خوشحال سنڌ آهي. سو ”نيٺ ڇا ٿيندو؟” جي سوال جو هڪ جواب هٿ تي هٿ رکي حالتن جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏيڻ آهي، ۽ ٻيو رستو پاڻ پنهنجي قسمت جي ڌڻي ٿيڻ جو آهي، هاڻي فيصلو سنڌ واسين کي ڪرڻو آهي ته هو ڪهڙي واٽ وٺن ٿا.

ڇنڇر 30 جولاءِ 2011ع

هڪ سنڌ، هڪ خواب!

سمجهه ۾ نٿو اچي ته مضمون جي شروعات ڪٿان ڪريان؟ ڇاڪاڻ ته چوڻ ۽ لکڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي، پر منجهان پيو ته ڪهڙي ڳالهه اڳ ۾، ۽ ڪهڙي پوءِ ڪريان، ڪٿان شروع ڪري ڪٿي ختم ڪريان؟ پنهنجي پرائي جو خيال ڪرڻ کانسواءِ بي رحم قسم جو تجزيو ڪريان يا پنهنجن جذبن جو اظهار ڪريان، ڇاڪاڻ ته تجزيو اُن معاملي جو ڪبو آهي، جيڪو منڌل ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ هجي پر جيڪو ڪجهه مهيني ڏيڍ کان سنڌ ۾ وهي واپري پيو، اُن کي سمجهڻ ڪهڙي عربي فارسي آهي، ڪنهن کي نه سمجهه ۾ ايندو ته اهي سڀ معاملا عوام جي خواهشن، جذبن ۽ مفادن کي پاسيرو رکي انتهائي سطحي قسم جي اقتداري راند جو حصو آهن. هن قسم جي سياست جو مقصد اڄ اقتدار برقرار رکڻ ۽ ماڻهن کي ٻولي ۽ ٻين نالن ۾ ورهائي جذباتي ڪري سڀاڻي ووٽ وٺڻ کان سواءِ ٻيو ڇا آهي؟ پاڻ سادا آهن يا ماڻهن کي بنهه سادو سمجهيو ٿو وڃي، جو هڪ ڏينهن ناظمي نظام ختم ڪري ڪمشنري نظام لاڳو ڪري ماڻهن کان جهمريون پارايون وڃن ٿيون، پر وري رات جي اونداهيءَ ۾ سنڌ جي ٻن شهرن ۾ ناظمي ۽ 21 ضلعن ۾ ڪمشنري نظام لاڳو ڪري هڪ سنڌ ۾ ٻه نظام لاڳو ڪيا وڃن ٿا، پر وري واپس سڄي سنڌ ۾ ناظمي نظام لاڳو ڪيو وڃي ٿو. سمجهه ۾ نٿو اچي ته 64 سالن دوران 52 سال ڪمشنري نظام دوران عام ماڻهن کي ڪهڙيون پڳون پارايون ويون هيون، ۽ 12 سالن جي ناظمي واري دور ۾ ماڻهن جي زندگي تي ڪهڙو مثبت اثر پئجي ويو؟ سنڌ جي شهرن ۾ دهشتگردي ۽ سڄي سنڌ ۾ ڌاڙيل گردي جو آغاز 1983ع جي تحريڪ کانپوءِ ۽ ضياءُ الحق دور ۾ سنڌ کي سزا ڏيڻ لاءِ شروع ٿيو، سنڌ ۾ لسانيت ۽ مذهبي فرقن جي بنياد تي تنظيمن جو جڙڻ ۽ انهن کي سرڪاري سطح تي همٿائڻ وارو عمل 80ع ۽ 90ع وارن ڏهاڪن ۾ ٿيو، ڇا اُن دور ۾ ڪمشنري نظام نه هيو؟ سو ماڻهن کي ڪنهن نظام جو لالي پاپ ڏيڻ جي ڪوشش دراصل اصل ۽ بنيادي اشو تان ٽارڻ جي ڪوشش آهي، ڇاڪاڻ ته اصل اشو آهي هڪ شفاف، سٺي ۽ موثر انداز حڪمراني. اگر حڪمراني سٺي هجي ته پوءِ ٻنهي مان ڪو به نظام هجي، اُن ۾ ماڻهن جي ڀلائي ٿي سگهي ٿي. اگر قانون جي حڪمراني هجي ته ڪراچي ۾ ڪنهن ڌر، ڪنهن مافيا، ڪنهن گروهه جو قبضو هجڻ بدران قانون جي گرفت ٿي پئي سگهي. اگر مفاهمت جي نالي ۾ مصلحتون نه هجن ته پوءِ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين ڪنهن به دهشتگرد يا ڏوهاري کي جهلڻ کان ڪو به نظام نٿو روڪي، اگر حڪومت وٽ سياسي حوصلو هجي ته ڪنهن کي به ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ ميرٽ جي بنياد تي تعليم لاءِ روڪي نٿو سگهجي. اگر حڪمراني چڱي هجي ته ڪو به علائقو ترقي کان وانجهيل نه رهي، پوءِ ڀلي اهو علائقو لياري هجي يا ملير يا گڏاپ هجي. معنيٰ ڪياماڙي کان ڪشمور ۽ لياري کان لاڙڪاڻي تائين سڄي سنڌ هڪ آهي ۽ اگر حڪمراني جو انداز هڪ ماءُ جيان هجي، جنهن لاءِ سڀ ٻار هڪجهڙا هجن ٿا ته هڪ ئي وقت سڄي سنڌ ۾ ترقي کان حڪومت کي ڪو نظام نٿو روڪي، سو مسئلو بي روزگاري جو هجي يا امن و امان جو، مسئلو مهانگائي جو هجي يا سنڌ جي اڪثريت جي حق حڪمرانيءَ جو اهي مسئلا ڪمشنري يا ناظمي نظام سان جڙيل ناهن، بلڪه اِنهن جو حل انداز حڪمراني جي بهتر ٿيڻ يعني گڊ گورننس سان آهي.
ڪمشنري يا ناظمي وارن نظامن بابت جڏهن سخت جذباتي بحث ٿيندي ٻڌان ٿو ته مون کي لڳي ٿو ته ڄڻ سوشلزم جي نظام يا ڪئپٽلزم واري نظام تي بحث ٿي رهيو هجي، جيئن ڪنهن وقتن ۾ ڪامريڊ، سوشلزم جي نظام لاءِ وڏا بحث ڪندا هئا، سو سوال اهو آهي ته ڇا جنرل (ر) ايوب خان جو ڏنل ڪمشنري نظام يا جنرل (ر) مشرف جو ڏنل بلدياتي نظام ڪي اهڙا نظام آهن، جنهن سان عوام جي ڀلائي يا بهتري کي مشروط ڪري سگهجي؟ منهنجي نظر ۾ سنڌ واسين جو هنن نظامن جي حوالي سان بنيادي Concern (ڳڻتي) اها آهي ته ڪنهن به نظام مان اهو تاثر نه اُڀرڻ گهرجي ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ صوبائي حڪومت جي متوازي ڪو ٻيو نظام هلي پيو. پر هِتي پڙهندڙن جي يادگيري لاءِ اهو لکندو هلان ته مشرف دور کان اڳ به ڄام صادق مرحوم، مظفر حسين شاهه ۽ پوءِ لياقت جتوئي دور ۾ ڪمشنري نظام هوندي به ڪراچي ۾ صرف اهو ئي ٿيندو هيو، جيڪو ايم ڪيو ايم چاهيندي هئي. بهرحال ڳالهه ڪيم پئي ته ڪراچي، جنهن سان سنڌ واسين جي دل ڌڙڪي ٿي، بابت ڪو اهڙو فارمولو آڻجي، جنهن سان متوازي نظام جو تاثر ختم ٿئي. مثال طور ڇا اِئين نٿو ٿي سگهي ته ڪراچي ۾ ٻيهر پنج ضلعا جوڙي هر ضلعي جو ناظم الڳ ڪجي يا اگر سٽي ناظم ٿيڻو آهي ته باقي پنجن ضلعن جا ناظم، مرڪزي ڪائونسل ۾ عهدي جي لحاظ کان نائب ناظم هجن يا ڪراچي کي ٽن حصن ۾ ورهائي ڪو نئون سيٽ اپ جوڙجي وغيره. سو آئون نه ئي ناظمي يا ڪمشنري وارن سرشتن کي سوشلزم يا ڪئپٽلزم جهڙن نظامن وارو بحث سمجهان ٿو، نه ئي ان بابت جذباتي ٿي جهمريون پائي سگهان ٿو، ڇاڪاڻ ته اصل ۽ بنيادي اشو مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتن جي گڊ گورننس جو آهي ۽ جيستائين اها نٿي اچي، تيستائين صرف سياسي نعرا ئي هڻي سگهجن ٿا، پر خلق خدا کي ڪو رليف نٿو ملي سگهي.
اڄ پ پ کي اگر ايم ڪيو ايم کي اقتداري مصلحتن سبب راضي رکڻ لاءِ ناظمي نظام آڻڻو پيو آهي ته مهرباني ڪري اِن کي چٽو ڪري چون، باقي خراب حڪمراني کي ڪمشنري يا ناظمي جي نظام جي هجڻ يا نه هجڻ پويان نه لڪائين. ساڳيءَ ريت قومپرست يا ايم ڪيو ايم ۽ پ پ جي مخالف سياست ڪندڙ ٻين ڌرين کي به ڪمشنري يا ناظمي جي نظام جي بحالي جي مطالبي ۾ منطق ضرور ڏسڻ گهرجي ۽ اهو سوچڻ گهرجي ته مثال طور اگر ڪمشنري نظام حڪومت ٻيهر سڄي سنڌ ۾ لاڳو ڪري ڇڏجي ته ڇا پ پ جا ورڪر ۽ قومپرست ڪارڪن پوءِ گڏجي جهمريون پائيندا!؟ پر مون سوڌو سنڌ جا عام ماڻهو ڇا تي جهمر پائيندو؟ ملير کان ويندي گهوٽڪي يا ٿر کان ويندي ڪاڇي يا ڪراچي کان ويندي ڪشمور تائين رهندڙ ماڻهن جي زندگين ۾ ان سان ڪهڙو فرق پئجي ويندو؟ اُئين ته ٿيڻ نه گهرجي، پر ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن جي ذهن ۾ اهو سوال اڀري ته اگر آئون ڪمشنري يا ناظمي نظام کي سنڌ جي ماڻهن جي قسمت جي حوالي سان ڪا اهميت نٿو ڏيان ته پوءِ 7 آگسٽ جي حڪومتي فيصلي جي ايتري مخالفت ڇو ڪيم ته اُن جو سبب سڌو هيو ته اُن رات جي فيصلي هيٺ هڪ سنڌ ۾ ٻه نظام لاڳو ڪيا ويا هئا ۽ مون سوڌو ڪو به ڌرتي ڄائو ڌرتي ماءُ جي انتظامي ورهاڱي تي چادر اوڍي سمهي نه پيو سگهي ۽ منهنجو جذبو اُن مهل به اهو هيو، اڄ به آهي ۽ سڀاڻي به رهندو ته ”هڪ سنڌ هڪ نظام“ باقي آئون گهٽ ۾ گهٽ ڪمشنري يا ناظمي نظام جي حق ۾ نعرا نٿو هڻي سگهان، ڇاڪاڻ ته جيستائين اسان جي سياسي ڪلچر ۾ تبديلي نه ايندي، جنهن مان چڱي حڪمراني جنم وٺي، تيستائين جيڪو به نظام لاڳو رهيو، اهو مجموعي طور سنڌ واسين کي ڪجهه ڏئي نه سگهندو.
منهنجي خيال ۾ جنهن پنهنجن يا پراون کي سنڌ جي ماڻهن جي اجتماعي فهم بابت ٿورو گهڻو شڪ رهجي ويو هيو، اهو 8 آگسٽ بعد سنڌ واسين جو گڏيل ردِعمل ڏسي ختم ٿي ويو هوندو ۽ شايد هاڻ هو مون سان اتفاق ڪندا ته سنڌ واسين جو گڏيل فهم قابل رشڪ آهي ۽ ڪير به اِنهن کي For granted (کيسي ۾ پيل) نٿو وٺي سگهي ۽ ان تبديل ٿيندڙ سنڌ کي ڏسي ۽ محسوس ڪري خوشي مان اکين ۾ پاڻي ٿو ڀرجي اچي، پر وري سوچ ۾ گم ٿي وڃان ٿو ته ان قوم، ان سماج کي اهو سڀ ڪجهه ڪڏهن ملندو، جيڪو هن کي پنهنجي سياسي فهم جي ميرٽ تي ملڻ گهرجي، جيڪو هن قوم جو حق آهي، جنهن ترقي ۽ خوشحالي جي هي ڏهاڪن کان گهرجائو آهي، جيڪي هن جا حق آهن ۽ جنهن کي حاصل ڪرڻ جو فهم به اٿس ۽ سگهه به، پر ڇو اڃان، هن قوم کي، هن سماج کي اهو سڀ ڪجهه حاصل نه ٿي سگهيو آهي؟ سماج ۾ سوچ جي جنهن تبديلي لاءِ پندرهن سالن کان پرچار ڪري رهيو هئس، اُن تبديلي جو عڪس ته اڄ صاف نظر اچي رهيو آهي، پر آئون خوشحال سنڌ واري خواب جي ساڀيان جو منتظر آهيان. منهنجيون اکيون ڀوتارڪي سياسي ڪلچر جي خاتمي جون منتظر آهن. آئون اهڙي ترقي ورتل سنڌ کي ڏسڻ لاءِ واجهائي رهيو آهيان، جنهن جي ترقي ۽ خوشحالي جو مثال، تاريخ ۾ هڪ مثال بڻجي وڃي. آئون اُن مضبوط سنڌ جو سپنو ڏسان پيو، جنهن جي وحدت، جنهن جي ٻولي، جنهن جي ثقافت ڏي ڪو ميري اک وجهڻ کان اڳ پاڻ ڏڪي وڃي. آئون محبت ۽ شانتي سان ڀريل پنهنجي جيجل جو طلبگار آهيان. آئون ان سنڌ جو ڳولهائو آهيان، جنهن ۾ رهندڙن کي ماءُ جي هنج وارو سک ۽ پيار ملي ۽ منهنجو اهو پختو خيال آهي ته اهو خواب ماڻهن جي گڏيل فهم ۽ سگهه سان آيل سٺي حڪمراني جي صورت ۾ پورو ٿي سگهي ٿو، سو آئون سمجهان ٿو، ”هڪ سنڌ، هڪ نظام“ وارو نعرو لکين سنڌ واسين جي جڏهن ڌڙڪن بڻجي ويو ته انهن ان خواب جي تعبير 24 ڪلاڪن ۾ ممڪن بڻائي ڇڏي، بلڪل اِئين اگر سنڌ واسين هڪ سنڌ، هڪ خواب کي پنهنجي دل ۾ وسائي ورتو ته هو پنهنجي فهم ۽ سگهه سان ان خواب جي تعبير به جلد حاصل ڪري وٺندا.
تازو موبائيل فونز تي ايس ايم ايس جي ڀرمار ۾ مهتاب اڪبر راشدي هڪ ايس ايم ايس موڪليو، جنهن ۾ چيل هو ”هن ڏکئي صورتحال ۾ رب ڌڻي ٻاجهه ڪري، جو اسان وٽ ڪا اهڙي قابل قيادت ڪونهي جنهن وٽ سياسي فهم هجي“. سندس ميسج پڙهي ٻه هفتا اڳ لکيل پنهنجو مضمون ياد آيم، جنهن ۾ لکيو هيم ته سنڌ مصيبتن جي منجهدار ۾ ترندڙ اُن ٻيڙيءَ جيان لڳي ٿي جنهن جو ڪو وانجهي نه هجي، اسان حالتن جي رحم و ڪرم تي آهيون ڪڏهن ڪو اوچتو فيصلو اچي ٿو، ڪڏهن ڪو اوچتو اعلان ٿئي ٿو، ڪٿان ڪا مصيبت نازل ٿئي ٿي يا ڪا ڇپ ڪري ٿي ته سنڌ ان تي خوشي يا ڪاوڙ جو اظهار ڪري ٿي، پنهنجو ردِعمل ظاهر ڪري ٿي، پوءِ اها مصيبت ٻوڏ يا طوفاني برساتن جي صورت ۾ نازل ٿئي يا سنڌ جي وحدت سان هٿ چراند جي ڪوشش جي صورت ۾ هجي ته سنڌ اُن آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ عمل ۾ اچي ٿي، پر ايمانداري سان تجزيو ڪجي ته اهو عمل دراصل حالتن جي پيدا ٿيڻ جي بعد جو ردِعمل هجي ٿو نه ڪي انهن آفتن کي روڪڻ لاءِ ڪيل اڳواٽ عمل. ڪنهن مصيبت يا تڪليف اچڻ مهل وقتائتي ۽ موثر انداز ۾ ردِعمل ظاهر ڪرڻ ظاهر آهي هر فرد يا سماج جي لاءِ بنهه ضروري هجي ٿو پر ان کان به اهم ۽ ڪارائتو طريقو اهو آهي ته فرد يا سماج مصيبتن ۽ تڪليفن جي پيدا ٿيڻ کان اڳ رٿا بندي ڪندي ڪا حڪمتِ عملي ٺاهي ۽ اُن تي عمل ڪري جيئن انهن تڪليفن کي پيدا ٿيڻ کان اڳ ختم ڪري سگهجي ۽ اُن لاءِ ضروري آهي اُن فهم رکندڙ قيادت جي، جيڪا مصيبت پيدا ٿيڻ کانپوءِ نه صرف ردِعمل ظاهر ڪرڻ جي صلاحيت رکندي پر اڳواٽ عمل ڪري مصيبتن کي ٽارڻ جو به ارادو رکندي هجي.
ايندڙ عرصي ۾ ڪراچيءَ جي حالتن بابت ڳڻتي وڌندي پئي وڃي ۽ سنڌ واسي اهو ذهن ۾ رکن ته جيڪو ڪجهه هتي ٿئي پيو يا ٿيڻ ڏانهن وڃي پيو، ان راند ۾ رڳو مقامي رانديگر ناهن، بلڪه پرڏيهي رانديگر به شامل آهن، سو معاملو ايڏو سولو ناهي، جيئن ظاهري طرح نظر پيو اچي. پر آئون مايوس ناهيان، ڇاڪاڻ ته مون کي رب ڌڻيءَ کان پوءِ سنڌ جي گڏيل فهم تي هميشه ڀروسو رهيو آهي، جنهن جو حوالو آئون ورهين کان ڏيان ٿو، ۽ تازو هڪ ڀيرو وري سنڌ جنهن گڏيل جاڳرتا ۽ گڏيل فهم جو مظاهرو ڪيو، اُها قابلِ رشڪ آهي پر جيئن مٿي لکي آيس ته آئون اڃا مصيبتن ۽ تڪليفن جا انيڪ ڪارا ڪڪر ٺهندي ڏسان پيو انهيءَ ڪري سنڌ جي گڏيل فهم کي اهو سڏ پيو ڏيان ته هو انهن کي اڳواٽ روڪڻ لاءِ عمل ۾ اچي، سنڌ واسي پنهنجي فهم ۽ سگهه جو ڪو محور جوڙين جيئن مصيبتن جي انهن ڪارن ڪڪرن جي وسڻ کان پوءِ صرف ردِعمل نه، پر انهن کي ٽارڻ لاءِ عمل به ٿي سگهي. آخر ۾ آئون ان بدليل ۽ جاڳندڙ سنڌ لاءِ اهو ضرور لکندس ته، I Love You Sindh .
هي جا پرهه پيدا ڪئي، پڙ ۾ ڪڏي پاڏن پٽن
هو هاڻ ڪيئن سگهندو بچي، هي هيترا جاڳي پيا
اي دوست، پنهنجي سنڌ جا ڇيڙا سرا جاڳي پيا
آسون ڪر موڙي اٿيون ۽ آسرا جاڳي پيا

سومر 15 آگسٽ 2011ع

جمود جو شڪار سياسي ڪلچر

مهينو ڏيڍ اڳ ڪي ٽي اين نيوز جي پروگرام ۾ مون چيو هيو ته، ”ڪراچيءَ ۾ جيئن معاملا هلن پيا، اهي ائين جو ائين هاڻ هلڻ ممڪن ناهن، ڇا ٿيندو ڪيئن ٿيندو، ان جي خبر خدا کي پر معاملات ايئن نٿا هلي سگهن.“ اهو چوڻ مهل مون کي خبر نه هئي ته سپريم ڪورٽ ڪراچي حالتن جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي يا ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پنڊورا باڪس کولي ڇڏيندو يا اهو سڀ ڪجهه جيڪو پاڻ ايندڙ ڏينهن ۾ ڏسنداسين، پر اهو طئي هيو ته جيئن معاملا هلائڻ جي ڪوشش ٿي رهي هئي، يا هاڻ به جيئن ايڊهاڪ ازم جي بنياد تي معاملن کي اينگهائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، ايئن اهو قصو هلي نه سگهندو ۽ هاڻ صاف نظر اچي پيو ته حالتون منطقي انجام ڏانهن وڌي رهيون آهن. ڪراچي صورتحال کي ٻن Layers (تهن/پڙن) ۾ ڏسي سگهجي ٿو. هڪ اتي موجود مافيا انداز جون تنظيمون ۽ اُنهن پاران پنهنجو سياسي ۽ مالي داٻو برقرار رکڻ لاءِ هڪ ٻئي سان ويڙهه، لسانيت، ڀتا خوري، قتل و غارتگيري وغيره جيئن ڪنهن زماني ۾ شڪاگو، نيويارڪ ۾ مختلف انداز ۾ هيو يا ممبئي ۾ اڄ به ٿوري فرق سان موجود آهي، پر ڪراچي معاملي جي ٻئي Layer (تهه/پُڙ) هن کي ممبئي يا دنيا جي ٻئي ڪنهن وڏي شهر ۾ موجود مافيائن ۽ گينگ وارز کان مختلف ڪريو ڇڏي، اها هي ته هي شهر هاڻ سڄي ملڪ جي سالميت جي حوالي سان پرڏيهي قوتن لاءِ هڪ Tool (اوزار) بڻجندو پيو وڃي. آمريڪا توڙي برطانيا ماضي ۾ به اسان جي اقتداري سياست ۾ اثرانداز ٿيندا رهيا آهن، پر هاڻي ڳالهه وڃي اتي پهتي آهي جو ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال هجي يا ڪنهن ڌُر کي ڪڏهن حڪومتي اتحاد ۾ هجڻ گهرجي ۽ ڪڏهن موڪلائي هليو وڃڻ گهرجي تي به انهن پرڏيهي قوتن جي وڌندڙ گرفت يقينن اسان جي اسٽيبلشمينٽ لاءِ برداشت جوڳي ڳالهه نه هوندي ۽ خاص طرح جڏهن اسان جي اسٽيبلشمينٽ ۽ آمريڪا وچ ۾ ماضي وارو قرب ڀريو رشتو به نه رهيو هجي. ڪو وقت هيو جو اسان جي اسٽيبلشمينٽ ڪابل جي حڪومتي جوڙجڪ تي پشاور مان اثرانداز ٿيندي هئي، هاڻ اهو ته ويو، پر مرڳو ڪراچي ڪڏهن جام ٿي وڃي، ڪڏهن ڪراچي پورٽ بند ٿي وڃي، ڪڏهن ڪير حڪومت ۾ اچي وڃي ۽ وري هليو وڃي، اگر ان تي به اسٽيبلشمينٽ پاڻ کي محتاج ٿيندي محسوس ڪندي ته ظاهر آهي اها ڪيئن خاموشي سان اهو تماشو ڊگهو عرصو ڏسندي رهندي ته سندس معيشت ۽ ڪراچي پورٽ جي صورت ۾ ملڪ جي شهه رڳ تي ڪنهن ٻئي قوت جو پير هجي!! ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن ٽي وي پروگرام جي وچ ۾ اشتهارن جي وقفي جيان ڪراچي ۾ امن جو وقفو اچي به وڃي، پر اهو وقفو ئي هوندو، ڊرامي جو خاتمو نه هوندو.
تازو ميڊيا ۾ وڏي جڳهه ولاريندڙ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جا بيان، الزامات، انڪشافات وغيره جي جُذبات يا باريڪين تي اڳتي هلي ٿا تبصرو ۽ تجزيو ڪريون پر ڊاڪٽر مرزا جي ڳالهين کي پاڻ 64 سالن واري فرسوده ۽ جمود تي ٻڌل سياسي ڪلچر خلاف دانهن ۽ شاهدي طور به ڏسي سگهون ٿا ته اهو سياسي ڪلچر ڪيڏو ڌپ ڪري ويل ۽ عوام لاءِ هاڃيڪار آهي ۽ جيتوڻيڪ ڊاڪٽر صاحب جي ان سياسي ڪلچر خلاف شاهدي ۾ ڪا بنهه نئين ڳالهه ڪونهي پر ماڻهو اهي ڳالهيون ان ڪري غور سان ٻڌي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته ان سياسي ڪلچر بابت هڪ اهڙو شخص ڳالهائي پيو، جيڪو زندگي جو ڳچ عرصو پاڻ انهيءَ ڪلچر جو حصو رهيو آهي. ڊاڪٽر مرزا جڏهن اهو چئي ٿو ته هو اقتدار ان ڪري ڇڏي ٻاهر نڪتو آهي ته جيئن ماڻهن جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪري سگهجي ته ان جو سڌو مطلب اهو ئي آهي ته فرسوده سياسي ڪلچر مان جنم وٺندڙ اقتداري سياست ۾ عوام جي ڀلائي يا چڱائي ممڪن ناهي. گذريل ڏيڍ ڏهاڪي کان جنهن سياسي ڪلچر کي تبديل ڪرڻ جي آئون تبليغ ڪري رهيو هئس لڳي ٿو ته هاڻ اهو سياسي ڪلچر شايد ايترو ڌپ ڪري ويو آهي جو اُن ڪلچر ۾ ڏهاڪا رهندڙ ماڻهن جو به ان ۾ دم گهٽجڻ لڳو آهي ۽ هو ان خلاف ظاهر ظهور شاهد بڻجي رهيا آهن. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي تازي ڪيل پريس ڪانفرنس يا انٽرويوز بابت ان بحث کانسواءِ ته هن کي ايئن ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي ۽ هن جا الزام صحيح آهن يا ناهن، پاڻ صرف ڪجهه بنيادي نقطن تي فوڪس ڪريون ٿا، جنهن مان هڪ اهو ته ڊاڪٽر صاحب ڪراچي جي حالتن جو ذميوار ايم ڪيو ايم کي قرار ڏنو آهي، جيڪا پي پي حڪومت ۾ سوا ٽن سالن کان اتحادي هئي ۽ هاڻ جلد ٻيهر اتحادي بڻجڻ واري آهي. متحده ان ڪري اتحادي هئي، جو صدر زرداري صاحب ”مفاهمت“ واري پاليسي تي گامزن هئا/آهن. پر هاڻ به ڊاڪٽر مرزا صاحب چون ٿا ته زرداري صاحب سندن وڏا آهن، محسن آهن ۽ اگر هو (زرداري صاحب) چون تي هي (مرزا صاحب) کوهه ۾ به ٽپو ڏئي ڇڏيندا، سو سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته اگر سڀاڻي وري زرداري صاحب، مرزا صاحب کي وزير بڻائي، ايم ڪيو ايم سان گڏ ڪابينا ۾ ويهڻ جو حڪم ڪندا ته ڇا مرزا صاحب انڪار ڪري ڇڏيندا؟ اگر سڀاڻي زرداري صاحب پنهنجي پراڻي دوست کي رحمان ملڪ سان پرچڻ جو حڪم ڏنو ته ڇا ڊاڪٽر صاحب انڪار ڪري ڇڏيندا؟ ڊاڪٽر مرزا اعلان ڪيو آهي ته هو سياست کي خير آباد ڪري رهيا آهن، پر ساڳئي وقت هو چون ٿا ته ڪراچي ۾ هو ماڻهن کي گڏائي حالتون بهتر ڪندا، سو ڇا اها سياست نه هوندي؟ اگر سندن مراد هٿياربند جدوجهد سان آهي ته اُها به جڏهن مخصوص حالتن کي بدلائڻ لاءِ ڪبي آهي ته ان کي به سياست جو هڪ انداز ئي چئبو آهي، پر انهن سڀ ڳالهين کان وڌيڪ اهم ۽ قابل غور ڳالهه جنهن کي آئون ڊاڪٽر مرزا صاحب جي سموري پريس ڪانفرنس ۽ انٽرويوز جو تت سمجهان ٿو، اها هي آهي ته ڊاڪٽر مرزا چيو ته، ”آئون مرڻ گهڙي تائين پي پي ۾ رهندس ۽ منهنجي ڪري پي پي کي (ايندڙ عام چونڊن) ۾ اڃان وڌيڪ ووٽ ملندا.“ سوال اهو ٿو اڀري ته سندن ڪاوڙ، تنقيد ۽ الزامن جو محور ايم ڪيو ايم کي حڪومت ۾ گڏ رکڻ، ان جي خلاف مرزا صاحب چواڻي ڪو ايڪشن نه کڻڻ وغيره جو ڪارڻ پي پي قيادت جي پاليسي آهي، جيڪا مرزا صاحب جي احتجاج باوجود جاري ساري آهي ۽ رهندي، ساڳئي ريت مرزا صاحب ڪاوڙ جو ٽارگيٽ نمبر ٽو رحمان ملڪ کي سنڌ مان سينيٽ جي چونڊ کٽرائڻ، کيس وزير داخلا جو عهدو ڏيڻ، مٿس حد درجي جو اعتماد پي پي قيادت ڪيو آهي ۽ جيڪو پڻ جاري رهندو، سو مرزا صاحب چواڻي ته هو ايندڙ چونڊن ۾ ٻيهر پي پي کي وڌيڪ ووٽ وٺرائي ڏيڻ جو سبب بڻبو ته ان جو سڌو مطلب اهو ئي ٿيو ته سندس اها خواهش آهي ته ايندڙ حڪومت به پي پي جي هجي ۽ جنهن جو مطلب ظاهري طرح اهو ئي ٿيندو ته جيڪو اڄ آهي، اهو ئي سڀاڻي به هوندو، ڇاڪاڻ ته جنهن سببن جي ڪري زرداري صاحب مفاهمتي پاليسي اڄ اختيار ڪيل آهي، اهي سبب سڀاڻي ايندڙ پي پي حڪومت ۾ ڇو ختم ٿي ويندا؟ اگر اڄ زرداري صاحب لاءِ رحمان ملڪ ڀروسي جوڳو ماڻهو آهي ته سڀاڻي ٺهندڙ حڪومت ۾ ڇو مٿس ڀروسو ختم ٿي ويندو؟ اگر اڄ بابر اعواڻ اچي رات جي پيٽ ۾ سنڌ کي ٻن انتظامي حصن ۾ ورهائڻ جو اعلان ڪري ٿو وڃي، جنهن بابر اعواڻ لاءِ ڊاڪٽر مرزا جو چوڻ آهي ته هو کيس سياستدان به نٿو مڃي، ته سندس مڃڻ يا نه مڃڻ سان ڪهڙو ٿو فرق پئي، ڇاڪاڻ ته زرداري صاحب جي نظر ۾ تو هو لائق سياستدان آهي ته سڀاڻي ٻيهر پي پي حڪومت ۾ بابر اعواڻ کي سنڌ جا فيصلا ڪرڻ کان ڪير روڪيندو؟ ڊاڪٽر مرزا ڪالهه اها ڳالهه به ڪئي آهي ته هو گورنر عشرت العباد، رحمان ملڪ ۽ بابر اعواڻ خلاف تحريڪ هلائيندو. هي اهي ماڻهو آهن، جيڪي حڪومت جو حصو آهن، ۽ حڪومتي ماڻهن خلاف تحريڪ جو مقصد حڪومت خلاف تحريڪ هجي ٿو، ۽ مٿين سطح تي حڪومتي واڳون ته وري به ان ئي آصف زرداريءَ جي هٿ ۾ آهن، جنهن جا هٿ ڊاڪٽر مرزا مضبوط ڪرڻ چاهي پيو، پوءِ ان جي حڪومت خلاف هو تحريڪ ڪيئن هلائيندو؟ ۽ انهن سوالن سان گڏ سئو ملين ڊالرز جو سوال اهو آهي ته مرزا صاحب جنهن پي پي کي ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ وٺرائي ڏيڻ لاءِ خواهشمند آهي، اُن پي پي جو سربراهه آصف علي زرداري صاحب آهي ۽ پاليسي اُها ئي هلندي، جيڪا زرداري صاحب چاهيندو، پوءِ اها هاڻوڪي حڪومت هجي يا ايندڙ ٺهندڙ حڪومت هجي، سو ڊاڪٽر مرزا صاحب کي ماڻهن کي اها منطق ضرور سمجهائڻ گهرجي ته هو پي پي حڪومت جي هاڻوڪي پاليسين کان سخت ناخوش به آهي، پر گڏوگڏ هو چاهي ٿو ته ساڳئي حڪومت ٻيهر اچي!! ڳالهه سمجهه کان زور آهي.
چون ٿا ته سياست ۾ ڪو به مستقل دوست يا مستقل دشمن ناهي هوندو، بلڪه سياست ۾ مستقل صرف مفادات هوندا آهن، پر ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ آصف زرداري صاحب جي ته 40 سالن جي پراڻي گهاٽي دوستي رهي آهي، تنهن ڪري اگر سڀاڻي ڊاڪٽر مرزا رسامو ختم ڪري ٻيهر پارٽي ۾ سرگرم ٿي ويو ته گهٽ ۾ گهٽ مون کي ڪا حيرت نه ٿيندي، ڇاڪاڻ ته اسان جي اقتداري سياسي ڪلچر ۾ ايئن ٿيڻ ڪا عجب ڳالهه ناهي هوندي، پر اها به تلخ حقيقت آهي ته ڪنهن حڪومت جي اچڻ يا وڃڻ، ڪنهن جي پرچڻ يا رُسڻ، ڪنهن جي ڪنهن الزام يا انڪشاف سان سنڌ جي مجموعي صورتحال تي ڪو به اثر نه پئجي ويندو. جيستائين هي فرسوده مدي خارج سياسي ڪلچر نٿو مٽجي، تيستائين منظر ۽ ڪردار بدلبا رهبا، پر بدليل سنڌ نظر نه ايندي. اڍائي سال اڳ لکيل هڪ مضمون ”جاڳندا رهجو“ ۾ سنڌ جي وحدت خلاف سازشن جي حوالي سان سنڌ واسين کي خبردار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئم، جيڪو اڄ پاڻ ٿيندي ڏسون پيا. اڄ وري حالتن جي رحم و ڪرم تي سازشن ۽ سطحي قسم جي سياسي ڪلچر ۾ بنا وانجهي جي سنڌ جي ٻيڙي جي (خدا نه ڪري) ٻڏڻ جو ڊپ ورائي بيٺو آهي. آئون وري سنڌ جي اجتماعي ڏاهپ ۽ فهم کي سڏ پيو ڏيان ته پنهنجي ٻيڙي جا وانجهي ٿيو، بچائي سگهو ته بچائي وٺو، پنهنجي گڏيل سگهه سان اهو عمل ڪيو، جنهن عمل کان پوءِ ڪنهن ردعمل ڪرڻ جي ضرورت نه پئي، ڇاڪاڻ ته جنهن تيزيءَ سان وقت جي ٽِڪ ٽِڪ ٿئي پئي، اُن ۾ اگر سنڌ پنهنجي گڏيل عمل جو مظاهرو ڪندي حالتن جون واڳون پنهنجن هٿن ۾ نه ورتيون ته پوءِ شايد ردعمل ظاهر ڪرڻ جو وقت به نه بچي.

ڇنڇر 3 سيپٽمبر 2011ع

سنڌ پاڻمرادو نوٽيس وٺي

اڄ کان سوا ٻه سال اڳ 15 جون 2009ع تي لکيل هڪ مضمون ”سنڌ جي سياسي زمين ۾ نئون ٻج ڇٽڻ جون تياريون“ جو هڪ حصو ڪجهه هن ريت هو، ”سنڌ ۾ موجود سياسي موڊ کي انهن لفظن ۾ بيان ڪجي ته غلط نه هوندو ته سنڌ جي سياسي زمين ۾ اڄڪلهه کيڙي ٿئي پئي ۽ ان زمين تي لڳل پراڻا فصل هاڻ لڻجي چڪا آهن يا لڻجي رهيا آهن. جيتوڻيڪ ان سياسي زمين جي کيڙيءَ جو ڪم جديد انداز يا تيزيءَ سان نه پيو ٿئي، پر بهرحال جيئن ڪنهن زرعي زمين ۾ نئون ٻج ڇٽڻ کان اڳ زمين کي هموار ڪرڻ، بچيل ٻوٽا پٽي انهن کي ٻاهر ڪڍڻ وغيره وارو کيڙيءَ جو ڪم ٿيندو آهي، ساڳيءَ ريت اسان جي سياسي زمين به ڪنهن نئين فصل جي پوکڻ لاءِ تيار ٿئي پئي، پر اهو پڪ سان چوڻ ڏکيو آهي ته نئين فصل جي پوکائيءَ لاءِ تيار ٿيندڙ ان زمين ۾ ڪهڙو سياسي ٻج ڇٽيو ويندو يا مرڳو ان ۾ پاڻمرادو ڦٽي ايندڙ جهنگ جا ٻوٽا ڦٽي ايندا. هن وقت سنڌ جي سياسي زمين کي خالي ٿيندي ڏسي ٽن قسمن جون ڪوششون ٿيندي نظر اچن پيون. هڪ، اڳ ۾ ئي موجود سياسي ڌريون پنهنجو وجود اڃا ساڳئي انداز ۾ برقرار رکڻ لاءِ سرگرم ٿي رهيون آهن. ٻيو، ڪجهه ڌريون/فرد جيتوڻيڪ اڳ ۾ به سياسي ميدان ۾ هئا، پر هو هاڻ نئين انداز ۽ نئين روپ ۾ نروار ٿيڻ چاهين پيا ۽ هڪ ٽيون لڏو ڪا نئين سياسي قوت طور ميدان ۾ لهڻ چاهي پيو، جڏهن ته ٻئي پاسي ٿنڪ ٽينڪس ٺاهڻ لاءِ به ڪوششون ٿي رهيون آهن. علم سياست بابت ٽڪي پئسي جيتري ڄاڻ رکڻ سبب اهو سڀ ڪجهه چوڌاريءَ ٿيندي ڏسي مون کي اهو سڀ ڪجهه دلچسپ محسوس ٿئي پيو ته دنيا جي ٻين ملڪن ۽ سماجن ۾ آيل Transformation (نئين جوڙجڪ) بابت جيڪو پڙهيو ۽ ٻڌو هئوسين، اهو ڪجهه فرق سان شايد هاڻ پنهنجي اکين سان پنهنجي سماج ۾ ٿيندي ڏسي سگهبو ۽ شايد اسان جي جنريشن (پيڙهيءَ) کي تاريخ ۾ ان جنريشن طور ياد ڪيو ويندو، جيڪا سماج ۾ آيل اٿل پٿل ۾ پاڻ حصيدار به هجي ۽ گواهه به. پر وري جڏهن ملڪ ۾ وڌندڙ دهشتگردي ۽ ڪراچيءَ جي حالتن ڏانهن حڪمرانن جو ”وقت ٽپايو“ ٽائپ رويو ۽ ڪراچي ۽ بلوچستان بابت پرڏيهي قوتن سان منسوب ٿيل ٿيوريز ٻڌجن ٿيون ته خيال اچي ٿو ته ڇا ايترو وقت بچيو آهي، جو هڪ ڊگهي عرصي جي Process (عمل) ۾ هڪ وڏي تبديلي اچي ۽ ان تبديليءَ جو ڪارڻ بڻجندڙ سياسي قوت، جيڪا سنڌ جي ظاهر آهي ته سياسي محور جو مقام رکندي، اها اچي چوطرف گهيري ۾ آيل سنڌ جي مفادن کي حوصلي ۽ ڏاهپ ذريعي تحفظ ڏئي سگهي؟ سولي سنڌيءَ ۾ اهو پيو چوان ته جنهن فوري نوعيت جا مسئلا ۽ ايندڙ وقت ۾ جيڪو ڪجهه رٿيو پيو وڃي، ان کي ڇڙ وڇڙ احتجاج سان شايد ئي منهن ڏئي سگهي، بلڪه ان کي هڪ نمائنده سياسي قوت يا سياسي محور ئي منهن ڏئي سگهندو. پر اهڙو ڪو محور ڪڏهن ٿو وجود ۾ اچي ۽ ان ۾ گهڻو ٿو وقت لڳي، ان جي ڪا خبر ناهي. پر سنڌ جيڪي مسئلا اڄ ڀوڳي پئي ۽ جيڪي اڃا ٻيا رٿيا پيا وڃن، انهن جو وقت ڀرجي آيو آهي. چيو وڃي ٿو ته ”وقت وڏو ظالم هجي ٿو“. آئون سمجهان ٿو ته وقت ظالم يا رحمدل نٿو هجي، پر اڄ جي وقت ۾ نه رهندڙ پاڻ پنهنجي مٿان ظلم ڪندڙ هجن ٿا. سو سنڌ جي ووڪل ڪلاس کي اهو سمجهڻو پوندو ته هِن مهل وقت اهم فيڪٽر آهي ۽ اها خوش فهمي ڪنهن کي به نه هجڻ کپي ته ڪو هو وقت کي ان مهل تائين بيهاري ڇڏيندو، جيستائين ان وٽ ڪجهه ڪرڻ لاءِ وقت هوندو. کيڙي ٿيندڙ سنڌ جي سياسي زمين کي ڏسي ساڳيو خواب اکين ۾ تري اچي ٿو ته شل ان زمين ۾ مثبت تبديلي جو ٻج پوکجي، جنهن مان امن، خوشحالي ۽ بهتر مستقبل جو فصل پيدا ٿئي، جنهن فصل کي سنڌ واسين پنهنجن اکين جي ڳوڙهن ۽ پگهر سان سيراب ڪيو هجي، جنهن فصل کي سنڌين پنهنجي محنت ۽ حوصلي جو ڀاڻ ڏئي سرسبز ڪيو هجي، جنهن فصل کي سنڌ واسين پنهنجي ڏاهپ ۽ هوشياري سان ڪا بيماري يا جيت لڳڻ کان بچايو هجي ۽ جنهن فصل مان اسين ۽ اسان جو ايندڙ نسل لاڀ حاصل ڪري سگهي.“
ان مضمون جي لڳ ڀڳ سال کانپوءِ 2 جولاءِ 2010ع تي پنهنجي هڪ ٻئي مضمون ”تبديلي جو ٻج“ جي آخر ۾ ان ريت لکيو هيم، ”سال اڳ هڪ مضمون ۾ لکيو هيم ته سنڌ جي سياسي زمين جو ڏيک هڪ کيڙي ٿيل زمين جو نظر اچي ٿو، جيڪا ظاهري طرح اٿل پٿل ٿيل نظر اچي ٿي، پر اها هڪ نئين سياسي ٻج جي پوکي لاءِ تيار آهي. ساڳئي مضمون ۾ ان خدشي جو اظهار به ڪيو هيم ته جيڪڏهن کيڙي ٿيل زمين ۾ ڪو سٺو ٻج نه پوکيو ويو ته ان ۾ ڊڀ ڦٽي ايندا، جنهن کي پاڻ سياسي طور سياسي انارڪي جو نالو ڏئي سگهون ٿا، جيڪو اسان جي لاءِ تمام هاڃيڪار هوندو. اڄ جڏهن چئوطرف نظر ڦيرائجي ته اها تسلي ضرور ٿئي ٿي، ته اسان جي سياسي زمين ۾ ”تبديلي جي ٻج“ جي تيزي سان پوکي جاري آهي، پر جيئن ڪنهن پوکي کان پوءِ ان کي ڇڏي نه ڏبو آهي، ساڳئي ريت تبديلي جي فصل حاصل ڪرڻ لاءِ ڌيان جو ڀاڻ ۽ محبت جو پاڻي ڏيڻ اشد ضروري آهي ۽ گڏوگڏ شعور جو ڦوهارو به وقت به وقت ڪرڻ ضروري آهي، جيئن فصل کي جمود پسندي جو جيت نه لڳي وڃي.“
اڄ 8 سيپٽمبر 2011ع تي هي مضمون لکڻ مهل انهن پراڻن مضمونن جا حوالا ڏيڻ جو مقصد اهو هو ته سماج ۾ اڄ جيڪو سياسي انتشار، اٿل پٿل نظر اچي پئي ۽ ان سان گڏوگڏ اجتماعي طور جيڪا سياسي جاڳرتا ڏسي سگهجي پئي، اُها ڪا اوچتي نروار ناهي ٿي، بلڪه اها هڪ پراسيس ۽ تسلسل جي ڪري اسان جي آڏو آهي، بلڪل اُئين ئي جيئن اسان جي آڏو اجگر جيڏا وڏا ٿي ويل مسئلا ڪنهن اوچتي آفت طور ناهن آيا، بلڪه اهي به هڪ ڊگهي وقت ۾ متواتر وڌڻ سبب اڄ اسان لاءِ ناسور جيان بڻيل نظر اچن ٿا، پوءِ اهي مسئلا ڏيهي ۽ پرڏيهي قوتن ۾ مفادات جي ويڙهه سبب اسان جي ڪراچي ۾ رت جي راند جو هجي يا بندن جي ٽٽڻ يا سم نالن سبب شهرن، ڳوٺن ۽ فصلن جي ٻڏڻ جو هجي. ڪنهن به سماج ۾ مسئلن جو وڌي وڻ ٿي وڃڻ جو سڌو ۽ واحد ڪارڻ اتي موجود Doer's (جيڪي ڪجهه ڪرڻ جو اختيار رکن ٿا) پاران ڪجهه نه ڪرڻ يا بي عملي جو شڪار هجڻ هجي ٿو، جنهن ۾ سياستدان، بيوروڪريسي اهم هجن ٿا ۽ اهڙي مستقل بي عملي جو تماشو ڏسي ڏسي نيٺ سماج ۾ هڪ وڏو سياسي ويڪيوم/خلا پيدا ٿئي ٿو ۽ اِها ئي اُها Stage (مقام) هجي ٿو، جتان ڪو سماج شاندار مستقبل ڏانهن رخ موڙي ٿو يا وري بنهه اونداهي ۾ غرق ٿي وڃي ٿو. ڪو فرد هجي يا سماج، جڏهن کيس چوطرف کان مايوسي ٿئي ٿي ته پوءِ هو پاڻ عمل جي ميدان ۾ سندرو ٻڌي لهندو يا بنهه مايوس ٿي ويتر تباهه ٿي ويندو آهي. سو ڪنهن سماج ۾سياسي ويڪيوم جي پيدا ٿيڻ جو سادو مطلب اهو ئي آهي ته عوام جي وڏي اڪثريت پنهنجن ”ڪرتا ڌرتائن“ جي بي عملي سبب مايوس ٿي وڃي ٿي، پر اگر سماج ۾ پنهنجن اهنجن بابت اجتماعي شعور ۽ جاڳرتا هجي ٿي ته هو سڀ ڪجهه بدلائڻ لاءِ پاڻ پنهنجي منزل طئي ڪري اُن ڏانهن وڌڻ شروع ڪندا آهن. سوا ٻه سال اڳ جڏهن لکيو هيم ته سنڌ جي سياسي زمين ۾ کيڙي شروع ٿي وئي آهي ته ٿي سگهي ٿو، اُن مهل ڪجهه ماڻهن کي اها ڳالهه دل سان نه لڳي هجي، پر اڄ شايد ئي ڪو هجي جيڪو ان راءِ سان اختلاف ڪري ته سنڌ ۾ هڪ وڏو سياسي خلا موجود آهي ۽ اهو خدشو سوا ٻه سال کان هاڻ وڌيڪ محسوس ٿئي ٿو ته ان سياسي خلا يا جنهن کي کيڙي ٿيل زمين چئون پيا، ۾ ڪو ڊڀ ته نه پيو ڦٽڻ شروع ٿئي، جنهن کي سياسي انارڪي چئبو آهي ۽ اڄ جڏهن سنڌ جي نالي ۾ ”سلطان راهي“ ٽائيپ ڊائيلاگ ٻڌان ٿو يا ماڻهن کي هٿيارن جي سياست ڪرڻ لاءِ همٿائڻ وارا بيان ڏئي جذباتي ڪرڻ وارين ڪوششن کي ڏسان ٿو يا بنا منزل ۽ بنا حڪمت عملي وارين جاکوڙن جا درس ٻڌان ٿو ته اهو خدشو وڌيو وڃي ته سنڌ کي اهي سڀ معاملا ويتر منجهائي بحرانن جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيندا، ان سان گڏوگڏ ڏيهي ۽ پرڏيهي قوتن جي ٽڪراءُ ۾ ڦاٿل سنڌ جي ٻيڙي جيڪا بنا وانجهيءَ جي حالتن جي رحم و ڪرم تي آهي، ان طوفان ۾ ڪيئن پار لڳي سگهندي؟ توهان پاڻ اندازو لڳايو ته جنهن صوبي ۾ برسات لکين ماڻهن کي تباهه ۽ دربدر ڪري ڇڏي ۽ اُن جي راڄڌاني ڪلاچي، جتي هڪ انتهائي منڌل ۽ ڳنڀير راند ٿي رهي هجي ۽ ان جي مالڪي ڪرڻ وارو ڪير نه هجي ته ان ڌرتي جو مستقبل ڇا بيهندو؟ ڇا ڪلاچي جو حل سنڌ کان الڳ ٿي ڳولهي سگهجي ٿو (يا ڳولهڻ گهرجي)؟ ڇا ڪراچي جو حل اهو آهي، جيڪو رحمان ملڪ اينڊ ڪمپني اسان کي ٻڌائي ٿي يا ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي بيانن سان اهو حل ٿي ويندو؟ ڇا ڪراچي ۾ پچندڙ مسئلن جي ديڳ ۾ آمريڪا، برطانيا، اسان جي اسٽيبلشمينٽ، ڏوهاري مافيا، حڪومتي ۽ سياسي مفادات، لساني ۽ گروهي تڪرار وغيره سڀ ان ۾ شامل ناهن؟ يقينن اهي سڀ مصالحا هن ۾ شامل آهن، پر اگر ڪجهه شامل ناهي ته اهو آهي سنڌ جو گڏيل مفاد ۽ اُن جو بنيادي ڪارڻ اهو آهي ته سنڌ وٽ اڄ ڪو به اهڙو سياسي محور ڪونهي، جنهن سان جڙي ڪري سنڌ پنهنجي گڏيل سگهه ۽ ڏاهپ جو مظاهرو ڪندي، ڪلاچي کان گولاڙچي ۽ لياري کان لاڙڪاڻي تائين ماڻهن جي واهر ڪري، اِنهن جي ڏکن ۽ اهنجن جو سد باب ڪري سگهي. آئون سمجهان ٿو ته ڪراچي جي امن و امان جي نالي ۾ سنڌ جي وحدت خلاف ٿيندڙ ڳنڀير سازش، بند ٽٽڻ يا سم نالن سبب ٿيندڙ تباهي، اغوا، ڦرن، ڪرپشن، صحت ۽ تعليم جي تباهي، منشيات توڙي وياج خوري جي وڌندڙ لعنت، ڀوتارگيري توڙي ادارن جي داداگيري وغيره خلاف هاڻ خود سنڌ کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ ان ڏس ۾ ظاهري طرح ذميوار ۽ لاڳاپيل اختيارين بدران سنڌ کي، ان ۾ رهندڙ ڪروڙين واسين کان پڇاڻو ڪرڻ گهرجي ته هو هي سڀ زيادتيون ۽ جبر برداشت ڪندي آخر ٿڪجن ڇو نٿا؟ آخر هو هي سڀ ڪجهه بدلائڻ لاءِ اڳتي ڇو نٿا اچن، ڇاڪاڻ ته سنڌ سان جيڪو ڪجهه اڄ ٿئي پيو ۽ جيڪو سڀاڻي ٿيڻ وڃي پيو، اُن کي هينئر به عام ماڻهو ڀوڳي پيو ۽ سڀاڻي به اهو ئي ڀوڳيندو، ان ڪري سنڌ پاڻمرادو نوٽيس وٺي رينجرز يا پوليس يا اريگيشن يا تعليم يا صحت کاتي وغيره کان پڇاڻو ڪرڻ بدران اتي رهندڙ انهن لکين ماڻهن کي نوٽيس جاري ڪري، جيڪي تبديلي لاءِ بي چين آهن، پر ان لاءِ اڃان ميدان ۾ ناهن نڪتا، ڇاڪاڻ ته سرڪاري مشينري يا انتظاميا حڪومت جي هٿ وس هجن ٿا ۽ حڪومت ٺاهڻ عوام جي هٿ وس هجي ٿو، تنهن ڪري سنڌ کي پاڻمرادو نوٽيس جاري ڪندي، ان ۾ لکڻ گهرجي ته، ”جنهن ڌرتي کي پنهنجي جيجل چئو ٿا، ان جي چادر ڳاڙهي رت ۽ منڍيون ڪپيل لاشن سان ڀرجي چڪي آهي، پوءِ به توهان ماٺ آهيو ڇو؟ جنهن ڌرتي کي ماءُ ٿا چئو، اُن جا وار (ٻيلا) ڪٽڻ وارا هٿ توهان نٿا روڪيو ڇو؟ منهنجي اندران نڪرندڙ تيل، گئس، قيمتي پٿر، وغيره کي ناغي کانسواءِ ڪڍيو ٿو وڃي، پر لکين خاندان ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن، توهان اهو تماشو ڏسو پيا پر پوءِ به ماٺ آهيو ڇو؟ مون هزارين سالن ۾ جيڪا ٻولي توهان کي سيکاري، اُها نجي اسڪولن ۾ نٿي پڙهائي وڃي، پر توهان خاموش آهيو ڇو؟ توهان کي ان نوٽيس ذريعي پاڻ ۾ گڏ ٿي حالتن جو جواب ڏيڻ (تبديل ڪرڻ) لاءِ نوٽيس ٿو ڏجي.“
سنڌ پاران پاڻمرادو نوٽيس جو مٿي لکيل فرضي Draft (متن) ۾ به دراصل اهو سڀ ڪجهه آهي، جنهن جي پندرهن سالن کان تبليغ ڪريان پيو، يعني سنڌ جي دردن جو درمان ڪنهن ٻئي وٽ نه پر خلق خدا جي وس ۾ آهي، پر سندن اهو وس تڏهن ئي هلندو، جڏهن هو ڪنهن هڪ محور سان گڏجي سڀ ڪجهه بدلائڻ لاءِ سندرا ٻڌي سياسي ميدان ۾لهندا. سنڌ جي کيڙي ٿيل سياسي زمين ۾ معياري تبديلي جي ٻج جي پوکي ۾ اڃان تيزي آڻڻ ۽ ان جي فصل جي سار لهڻ لاءِ محنتي ۽ محبتي هارين کي گڏجي اڳتي اچڻو پوندو، جنهن جي گڏيل هارپي/پورهئي سان سنڌ جي سياسي زمين مان تبديلي جو فصل تيار ٿي سگهندو، پر اگر ائين نه ٿيو ته فرسوده سياسي ڪلچر جا سم نالا اسان جي سياسي زمين کي ائين ئي زهريلو ۽ بنجر ڪندا رهندا، خوشحالي هڪ سپنو ۽ بربادي هڪ ڀوائتي روپ ۾ اسان کي نظر ايندي رهندي.
منهنجي خواهش آهي ته ڪنهن هڪ ڏينهن سنڌ جا لکين، لکين ماڻهو اچي ڀٽ شاهه تي گڏ ٿين ۽ پاڻ ۾ گڏجي هڪ اهڙو سياسي محور/پليٽ فارم جوڙين، جيڪو عوام جي سگهه ۽ فهم سان وجود ۾ اچي ته جيئن هو حالتن جو رخ موڙي سگهي. عام طرح 40 يا 50 ماڻهو پاڻ ۾ ملي ڪري ڪو سياسي پليٽ فارم يا پارٽي وغيره ٺاهي وٺندا آهن ۽ پوءِ عوام کي ان جي حمايت لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، پر سنڌ جن غير معمولي حالتن مان گذري پئي، اُن ۾ غير معمولي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اُهو غير معمولي ڪم ڪرڻ جو فهم سنڌ واسين وٽ موجود آهي، يعني سنڌ جو سياسي محور ڪجهه ماڻهو نه پر لکين عوام گڏجي ٺاهين. آئون سمجهان ٿو ته هڪ ڏينهن ڀٽ شاهه تي هر اهو ماڻهو اچي، جيڪو اڃان پنهنجي پاڻ مان مايوس ناهي ٿيو. هر اهو ماڻهو، جنهن جي اکين ۾ برف ناهي ڄمي، جنهن وٽ پنهنجي پاڻ لاءِ، پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ واسين جي چڱائي جو جذبو موجود آهي. آئون سمجهان ٿو ته سنڌ جي ان محور کي ٺاهڻ جو ڪم صرف سياسي ذهن رکندڙن جو نه هجڻ گهرجي، بلڪه ان کي ٺاهڻ لاءِ سياست کان لاتعلق ۽ سياست کان بنهه پري ٿيل ماڻهن کي به شامل ٿيڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته فرسوده سياسي ڪلچر سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن کي ڀوڳي هر ماڻهو ٿو، ته حل به سڀني کي گڏجي ڳولهڻو پوندو. ان محور جوڙڻ لاءِ مختلف ننڍن وڏن سياسي گروپس، سماجي ڪم ڪندڙ تنظيمن، برادرين جي نالي ۾ ٺهيل فورمز، پيشوراڻي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سوڌو هر شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن کي اڳتي اچڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته مسئلا اسان جا آهن ته حل لاءِ به ڪنهن مسيحا جو انتظار ڪرڻ بدران پاڻ گڏجڻو پوندو .... منهنجو خواب آهي ته ڪنهن هڪ ڏينهن ڀٽ شاهه تي لکين ماڻهو خوشحال سنڌ جو خواب اکين ۾ سجائي گڏ ٿين، جنهن کي ڏسي هر ڪو چئي ته: ”ڏسو، سنڌ گڏجي ٿي“.

خميس 8 سيپٽمبر 2011ع

ڪاوڙ کي محبت ۾ بدلائڻ جي ضرورت!

ڪو ماڻهو پنهنجي پاڻ کان ڪڏهن ۽ ڇو ناراض ٿيندو آهي، ان جو ڪو ٺوس جواب نٿو ڏئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته ان جو دارومدار ماڻهو جي ضمير، سهپ، خودداري ۽ شعوري سطح سان هجي ٿو ته هو ڪنهن ڳالهه کي پنهنجي ضمير ۽ خودداري جي خلاف ڪيتري وقت تائين برداشت ڪري ٿو ۽ کيس پاڻ سان ٿيندڙ زيادتي بابت ادراڪ/شعور ڪيترو آهي. عام طرح سمجهيو وڃي ٿو ته ماڻهو کي پاڻ تي ڪاوڙ ان مهل ايندي آهي، جڏهن هو ڪا غلطي ڪندو آهي يا ڪو اهڙو ڪڌو ڪم ڪري ويهندو آهي، جنهن جو احساس کيس بعد ۾ ٿيندو آهي ته کيس ان ناداني ڪرڻ تي پنهنجو پاڻ تي ڪاوڙ ايندي آهي، پر آئون سمجهان ٿو ته عام طرح غلطي بعد ماڻهو ۾ ندامت/شرمندگي جو احساس حاوي هوندو آهي، نه ڪي ڪاوڙ جو، پر جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ٻئي هٿان بيوقوف بڻجي وڃي يا پنهنجي جذبن آڏو بيوس ٿي رضاڪارانه طور ڪنهن ٻئي جي هٿن ۾ کيڏجي وڃي ۽ اگر کيس بعد ۾ پاڻ سان ٿيل دوکي جو اندازو ٿئي ته پوءِ کيس پنهنجي مٿان ئي ڪاوڙ اچي ٿي ته هو ايترو نادان ڇو هيو، جو بنا سوچڻ سمجهڻ جي ٻئي جي هٿان خوار ٿيو يا بيوقوف بڻجندو رهيو؟ جڏهن ڪو شخص پنهنجي پاڻ کان ناراض ٿئي ٿو ته اُن مٿان عمومي طور ٻه ڪيفيتون طاري ٿين ٿيون، هڪ پنهنجي پاڻ کي ئي سزا طور جسماني يا روحاني تڪليف پهچائڻ جنهن ڪيفيت ۾ اگر انسان ڊگهو عرصو رهي ٿو ته هو نفسياتي مريض ٿيو وڃي يا پوءِ ٻي ڪيفيت اها هجي ٿي ته هو پنهنجي اندر جي ڪاوڙ کي مثبت رخ ڏانهن موڙي ٿو ۽ پاڻ سان ٿيل زيادتي/جٺ کي هڪ سبق طور ڪتب آڻي ان مان سکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ڪنهن هڪ فرد جيان سماجن ۾ به ڪاوڙ/ناراضگي پيدا ٿئي ٿي ۽ آئون سمجهان ٿو ته سنڌي سماج به هِن مهل شديد ناراضگي جي ڪيفيت ۾ ورتل آهي، جنهن جو ڪارڻ رڳو گذريل سال بندن جي ٽٽڻ سبب ۽ هن سال سم نالن ۽ پاڻي جي نيڪال نه هئڻ سبب ٿيندڙ تباهي ناهي، بلڪه ان جو ڪارڻ ڏهاڪن کان اجتماعي سطح تي سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين کان ويندي اتي جي عام ماڻهن سان ٿيندڙ انفرادي ڀوڳنائون آهن، پر گذريل سال سنڌ جي هڪڙي اڌ ۽ هن سال باقي بچيل اڌ سنڌ ۾ آيل تباهه ڪاري ماڻهن ۾ نڌڻڪي هجڻ جو احساس بنهه وڌائي ڇڏيو آهي ۽ هو هاڻ ڪاوڙ ۾ ان ڪري آهن، جو جن کي اِنهن پنهنجي ڇپر ڇانوَ سمجهيو پئي، اهي کين بچائي نه سگهيا، جن کي اِنهن پنهنجو سمجهيو هيو، انهن ان گهڙي ۾ پنهنجائپ جو مظاهرو نه ڪيو.
ڏهاڪن کان هلندڙ سياسي تعلقداري ٽٽڻ سان سماج ۾ ڪاوڙ سان گڏ سياسي افراتفري پيدا ٿيڻ هڪ فطري امر هجي ٿو، پر اڄ جڏهن سنڌ انتهائي مخصوص حالتن مان گذرڻ سان گڏوگڏ ايندڙ ڏينهن ۾ ويتر ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ وڌي رهي آهي، ان صورتحال ۾ ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته ڇا سنڌ وٽ اُها گهربل تياري موجود آهي، جنهن سان هو انهن حالتن مان پار لڳي سگهندي؟ اڄ جڏهن ڏيهي ۽ پرڏيهي قوتن جا مفاد راڪاس بڻجي جيئن اسان مٿان لامارا ڏئي رهيا آهن، ڇا ڪا قوت اسان وٽ اهڙي آهي، جو انهن کان بچاءَ جو ذريعو بڻجي سگهي. جيڪي حالتون اسان کي اڄ نظر اچن پيون، اُنهن ۾ اهڙي ڪهڙي نئين شيءِ ٿيندي ڏسون پيا، جنهن جو ٿلهي ليکي اندازو پاڻ کي سالن کان نه هيو ۽ ساڳيءَ ريت جيڪو ڪجهه ايندڙ مستقبل ۾ ٿيڻ وڃي پيو، ڇا پاڻ کي ان جو اڄ اندازو ڪونهي؟ پر حقيقت اها آهي ته جيئن پاڻ اڄ جي مسئلن کي گذريل ڪالهه ۾ روڪڻ جي ڪا ڪوشش نه ڪئي، ساڳئي ريت سڀاڻي ايندڙ هاڃن کي ٽارڻ لاءِ اسان اڄ به ڪا تياري نه پيا ڪريون. چئوطرف هڪ افراتفري آهي، ڪو ٽائير پيو ساڙي، ڪو مظاهرو پيو ڪري، ڪو مطالبا ڪندي پيو نظر اچي ته وري ڪو ڪتابي قسم جي بحث مباحثي ۾ رڌل آهي، ڪٿي همراهه ڪرسي بچائڻ ۾ هٿ پير پيا هڻن، ته وري ٻيا ڪرسي ماڻڻ جي خوابن ۾ مست آهن، ڪٿي حرام جا نوٽ ٻورين ۾ ڀرڻ ۾ مصروف ماڻهو نظر اچن پيا، ته وري ٻيا وري پنهنجا جمع ڪيل ٻورا لڪائڻ ۾ پورا نظر اچن ٿا، غرض ته هي تماشو روز، زور شور سان جاري و ساري آهي ۽ سنڌ خاموشي سان اهو تماشو ڏسي رهي آهي، پر جيڪي ماڻهو سماجيات جي موضوع جي ڄاڻ رکن ٿا، کين اها چڱي ريت ڄاڻ هوندي ته ڪو سماج جڏهن هڪ ڊگهي سانت اختيار ڪري وٺي ٿو ته سندس اندر هڪ لاوا پچي رهيو هوندو آهي ۽ اها خاموشي دراصل خاموشي نه پر هڪ اهڙي ڪاوڙ جي باهه هجي ٿي، جنهن کي اگر ڪنهن هنڌان هلڪي چڻنگ لڳندي آهي ته پوءِ اهو سماج پنهنجي ماٺ ٽوڙي ڦاٽي پوندو آهي. مون کي سنڌ جي خاموشي ۾ اُها ڪاوڙ نظر اچي پئي، جيڪا ڪنهن به وقت اگر ڦاٽي ظاهر ٿي ته اُن ڪاوڙ جي باهه ۾ گهڻو ڪجهه سڙي ويندو.
گذريل پندرهن سالن کان گڊ گورننس (چڱي حڪمراني) بابت لکيو ۽ ڳالهايم پئي ته ٿي سگهي ٿو ته منهنجو خيال يا منهنجو منطق ڪجهه ماڻهن کي سمجهه ۾ نه به ايندو هجي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهڙا به ماڻهو هجن، جن وٽ گورننس جي انداز ۾ تبديلي وارو پيغام نه به پهتو هجي، پر گذريل سال آگسٽ ۽ هن سال آگسٽ يعني هڪ سال اندر سڄي سنڌ ڏهاڪن کان هلندڙ خراب حڪمراني سبب گڏيل طور سڌي ريت جيترو ڀوڳيو آهي، اُن کانپوءِ هاڻ شايد ئي ڪنهن کي تر جيترو به شڪ بچيو هجي ته اسان جي 90 سيڪڙو اهنجن ۽ تڪليفن جو اڪيلو ڪارڻ خراب انداز حڪمراني آهي ۽ ان جو حل به سواءِ ان جي ٻيو ڪو ڪونهي ته ان اندازِ حڪمراني کي تبديل ڪجي ۽ ظاهر آهي ته اها تبديلي پاڻمرادو نه اچي ويندي، ان لاءِ سنڌ جي لکين ماڻهن کي گڏجي پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، لکين ماڻهن کي تبديلي آڻڻ لاءِ هڪ محور سان جڙڻو پوندو ۽ اُن لاءِ صدين کان اسان جي روحاني ۽ شعوري اڳواڻي ڪندڙ شاهه عبداللطيف جي اڱڻ کان وڌيڪ موزون ٻيو ڪهڙو هنڌ ٿي سگهي ٿو ۽ جيئن ڪڏهن اڳ به لکيو هيم ته ڀٽائي کان وڌيڪ تبديلي پسند ٻيو ڪير آهي، تنهن ڪري سنڌ واسين کي ان افراتفري کي ڇڏي ڀٽائي وٽ گڏ ٿيڻ لاءِ سنڀرڻ گهرجي، جتي هو پاڻ ۾ به ڳالهائين ۽ ڀٽائي جي سوچ ۽ فلسفي کان رهنمائي وٺندي پنهنجو هڪ محور جوڙين، اهڙو محور جيڪو نه صرف کين ڏهاڪن کان هلندڙ فرسوده سياسي ڪلچر ۽ خراب حڪمراني مان جان ڇڏرائي سگهجي، بلڪه جيڪو ڏيهي توڙي پرڏيهي سازشن ۽ انهن سازشن سبب پيدا ٿيندڙ حالتن کي منهن به ڏئي سگهي ۽ سنڌ واسين جو ڀرجهلو به ٿي سگهي. آئون سمجهان ٿو ته سنڌ واسين کي پنهنجي ڪاوڙ کي محبت جي جذبي ۾ مٽائي ڀٽائي جي اڱڻ ۾ جمع ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ڪاوڙ کان وڌيڪ سگهه محبت ۾ هجي ٿي ۽ اگر لکين سنڌ واسين پنهنجي گڏيل محبت سان پنهنجو ڪو محور جوڙيو ته تبديلي اڻٽر ٿي ويندي. ڪو به فرد يا سماج تيستائين نڌڻڪائپ جو شڪار رهي ٿو، جيستائين هو پنهنجو ڌڻي پاڻ نٿو ٿئي، سو سنڌ واسين کي به پنهنجو ڌڻي پاڻ ٿيڻو پوندو.
اٿو سنڌ جا وارثو، سنڌ کي بچايو.

خميس 29 سيپٽمبر 2011ع

سنڌ، جيڪا اسين آهيون!

جڏهن ڪو نوجوان پنهنجي محبت جي اظهار لاءِ پنهنجي محبوب کي خط، اي ميل يا ايس ايم ايس ڪندو آهي ته اُن جي اندر جي ڪيفيت سمجهڻ تمام ڏکيو هجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هڪ ئي وقت کيس اها اُميد هجي ٿي ته سندس محبوب سندس جذبن جي اظهار کي سچ سمجهندي محبت ڀريل موٽ ڏيندو پر اهو خوف به هجيس ٿو ته متان هو کيس نه قبولي، وري بار بار سوچي ٿو ته اظهار لاءِ جيڪي لفظ چونڊي پيو اهي سندس جذبن جي صحيح ترجماني ڪن به پيا يا نه؟ وري خيال اچيس ٿو ته اظهار سبب هو (محبوب) خفا نه ٿي وڃي. غرض ته محبت جو اظهار ڪرڻ واري وقت جيڪا ڪيفيت هجي ٿي، ان کي سمجهڻ ڪو سولو ڪم ناهي، ڇاڪاڻ ته مقصد محبت کي حاصل ڪرڻ هجي ٿو پر اظهار کانسواءِ اهو ممڪن نٿو هجي، ۽ اظهار جي صورت ۾ وري انڪار جو خوف هجي ٿو، پر ڏاها اهو چئي ويا آهن ته محبت حاصل ڪرڻ جو نالو نه، پر محبت Share ڪرڻ (ورهائڻ) ۽ ان جذبي ۾ رهڻ جو نالو آهي پر جيڪو ان جذبي جو اظهار پنهنجي محبوب سان نٿو ڪري اهو خالص محبت جي جذبي ۾ نٿو هجي پوءِ ڀلي هو ان کي پنهنجي بزدلي جو نالو ڏئي يا ٻيو ڪجهه، پر وٽس محبت جو خالص جذبو موجود ئي نٿو هجي، ڇاڪاڻ ته جنهن وٽ اهو جذبو خالص هجي ٿو اهو بزدل ٿي ئي نٿو سگهي. جيڪي صوفي بزرگ حقيقي مالڪ جي محبت ۾ سندس ڳولا لاءِ نڪتا هئا، ته انهن کي ڪڏهن به ان ڊپ نه ورايو هوندو ته هو پنهنجي جستجو ۽ لگن ۾ ناڪام ٿي ويندا. محبت ”ڏي ۽ وٺ“ جو نانءُ نه آهي، بلڪه جذبي ۾ آيل اُن ڪيفيت جو نانءُ آهي، جنهن ۾ سڀ ڪجهه ڏئي به سڀ ڪجهه ملڻ جو احساس ٿئي. محبت حقيقي مالڪ جي هجي يا ان جي ٺاهيل ڪنهن بندي سان، پنهنجي مٽن مائٽن، دوستن سان هجي يا پنهنجي ڪم سان، ان جو خالص ٿيڻ تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن ان ۾ Care (خيال) ڪرڻ جو عنصر حاوي هجي. جيڪڏهن ڪو شخص پنهنجي ماءُ سان محبت جو دعويدار هجي پر ماءُ جي جذبن، ضرورتن ۽ ان جي خوشيءَ جو ڌيان نه رکي ته ان کي ڪيئن خالص محبت چئي سگهجي ٿو؟ ساڳئي ريت جيڪي ڌرتي کي ماءُ چئي ان سان محبت جا دعويدار هجن ٿا، اهي به جيڪڏهن ڌرتي جي اهنجن، سورن ۽ تڪليفن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڌيان نٿا ڏين ته پوءِ سندن جذبو ٻيو ڪجهه ٿي پيو سگهي پر گهٽ ۾ گهٽ ان کي پاڻ خالص محبت جي زمري ۾ نٿا آڻي سگهون. مون اڳ به ڪڏهن لکيو هيو ته جيڪڏهن محبوب جي پيٽ ۾ شديد سور هجي ۽ ساڻس محبت جو دعويدار نوجوان سندن تڪليف کان بي پرواهه ٿي سندس اکين جي سونهن جي واکاڻ ڪندي اهو فرمائي رهيو هجي ته ”آئون توسان بي انتها محبت ٿو ڪريان“ ته اها لاپرواهي تي ٻڌل محبت، محبت جي اصل وصف کان الڳ ڪا شئي ته ٿي پئي سگهي، پر گهٽ ۾ گهٽ محبت نه. آئون نٿو ڄاڻان ته محبت ڪيئن ٿي ويندي آهي پر ايترو سمجهان ٿو ته جڏهن به محبوب ڏي ڌيان پختو ٿيڻ شروع ٿئي ٿو ۽ دل ۽ دماغ هڪ نفيس توازن ۾ اچي پنهنجي محبوب کي حاصل ڪرڻ بدران محبوب جو ٿي وڃڻ واري جذبي ۾ اچيو وڃي ته شايد ان کي محبت جو جذبو پيدا ٿيڻ جي شروعات چئي سگهجي ٿو. اهي ماڻهو مون کي تمام وڻندا آهن، جيڪي محبت جي جذبي ۾ اچڻ کانپوءِ ان ۾ مستقل رهڻ ڄاڻن ٿا، ڇاڪاڻ ته ڪجهه ماڻهو ان جذبي ۾ ٿورو ئي عرصو رهڻ بعد ان مان ٻاهر نڪريو اچن، ڇاڪاڻ ته ان جذبي جي خالصيت کي ڊگهو عرصو برقرار رکڻ به سولو نٿو هجي. 2009ع ۾ لکيل پنهنجي هڪ مضمون ۾ ڪجهه هِن ريت لکيو هيم:
”ڪنهن جڏهن مون کان اهو سوال ڪيو ته، ”ڇا اکين ۾ برف ڄمي سگهي ٿي؟“ ته ان سوال تي ڪافي دير تائين سوچ ۾ پئجي ويس ۽ مون کي سوين اهڙيون اکيون ياد اچي ويون، جن ۾ برف ڄمي وئي هئي ۽ منجهي پيس ته انسان جي اها ڪهڙي ڪيفيت هجي ٿي، جڏهن سندس اکين ۾ برف ڄمي وڃي ٿي؟ شايد ڪن جي اکين جو پاڻي تڏهن برف ٿيو وڃي، جڏهن سندس اکين ۾ اها حدت يا گرمي نٿي رهي، جيڪا پاڻيءَ کي برف ٿيڻ کان بچائي سگهي ۽ مظهرالاسلام چواڻي ته، ”محبت جو ٻج ته پوکيو ئي اکين جي پاڻيءَ سان ويندو آهي.“ ڇا محبت خدا سان ٿي سگهي ٿي، خلقِ خدا سان نه؟ ڇا محبت هڪ فرد سان ڪجي، سڄي انسانيت سان نه؟ ڇا محبت رڳو پنهنجي ڪٽنب سان، سڄي سماج ۽ معاشري سان نه ڪجي، جنهن جو اهو ڪٽنب هڪ ننڍڙو حصو آهي؟ اگر رڳو I love you ۽ I miss you چوندڙن کي محبتي ماڻهو چئبو آهي ته پوءِ خلقِ خدا سان، ڌرتيءَ سان ۽ پنهنجي معاشري سان محبت ڪندڙن کي ڪهڙو نانءُ ڏجي؟ پوءِ ڇا مدر ٽريسا کي، عبدالستار ايڌيءَ جهڙين شخصيتن کي صرف سماج سيوڪ چئي/ قرار ڏئي انهن جي اندر موجود انسانيت لاءِ اٿاهه محبت کي نظرانداز ڪري ڇڏجي؟ ڇا دنيا جي انهن انيڪ ماڻهن، جن پنهنجي حياتي ڌرتيءَ جي محبت ۾ وڃائي ڇڏي، کي صرف نظرياتي ماڻهو قرار ڏئي انهن جي لازوال محبت کان اکيون بند ڪري وٺون، صرف ان ڪري جو انهن صرف ليليٰ يا صرف هير، صرف سسئي يا ڪنهن هڪ محبوب لاءِ نه، پر لکين ڪروڙين ماڻهن سان محبت ڪئي؟ اگر لوڪ داستانن ۾ ڪنهن عاشق پنهنجي محبوب جي ڳولا ۾ سختيون سٺيون، ته نيلسن منڊيلا ۽ اڄ برما جي سوڪي به لکين ماڻهن جي محبت ۾ قيد و بند جون صعوبتون برداشت ڪري پئي، اتي مقصد مجنون بمقابلا نيلسن منڊيلا يا سسئي بمقابلا سوڪي ناهي، پر چوڻ ايترو چاهيان ٿو ته اهي سڀ محبت ڪندڙ ماڻهو هئا/ آهن ۽ ڪنهن محبت ڪندڙ کي سڀ کان وڌيڪ پيڙا ٿئي تڏهن ٿي، جڏهن سندس محبت جي جذبي کي ڏسندڙ جي اکين ۾ برف ڄمي وڃي، پوءِ اهو ڏسندڙ ڪو هڪ شخص هجي يا سماج هجي، ڇاڪاڻ ته جيئن مٿي چئي آيس ته جڏهن ڪنهن فرد يا سماج جي اندر جو هيٽر گهربل گرمي پيدا ڪرڻ بند ڪري ڇڏي ته اکين ۾ محبت کي ڏسڻ ۽ پيدا ڪرڻ وارو پاڻي ڄمي وڃي ٿو ۽ انسان مرزا غالب جي ان شعر جيان ٿيو وڃي:
ہوا جب غم سے بے حس تو غم کیا سر کے کٹنے کا
نہ ہوتا تن سی جدا تو زانوں پر دھرا ہوتا !
آئون جڏهن چڪ شهر ۾ چئن نوجوانن جي بي درديءَ سان قتل واري ڏکوئيندڙ خبر ٻڌان ٿو ته سوچ اچي ٿي ته سنڌ ڌرتي جا اهي ٻچا ايترا غير محفوظ ڇو هئا، جو ڪنهن رهزن اک ڇنڀ ۾ کين پنهنجن کان سدائين لاءِ جدا ڪري ڇڏيو، پنهنجي ڌرتي تي پنهنجن جي ئي بي وسي ۽ نڌڻڪائپ جو تصور ڪندي اکين ۾ پاڻي ٿو ڀرجي اچي. ڳوڙها ته فضيله سرڪي جي ماءُ جا سڏڪا ٻڌي ۽ عمران جوکيو جي امڙ جون رڙيون ٻڌي به روڪي نٿا رڪجن، جيڪي پنهنجن ٻچن سان ملڻ جي آس ۾ جيئري هوندي به ڄڻ مري چڪيون هجن. بند ٽٽڻ ۽ سم نالا اٿلڻ سبب ٿيل لکين، لکين ماڻهن جي دربدري، مفلسي ۽ بي وسي پسي وري من اندر اهو خيال اچي ٿو ته هي ديس واسي ايترا نڌڻڪا ڇو ٿي ويا آهن ۽ انهن جي واهر ڇو نٿي ٿئي ته دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي ٿي. اُن نوجوان جي اها ڪيفيت سوچي ڪري ئي وار ڪانڊارجي وڃن ٿا، جڏهن هو بي روزگاري سبب مايوسي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسجي پاڻ مٿان پيٽرول هاري تيلي ڏئي رهيو هجي ٿو، جڏهن ڪا ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ جي نوڪري لاءِ رشوت جا پيسا گڏ ڪرڻ لاءِ پنهنجي هٿان پاڻ پنهنجي عزت جو سودو ڪري رهي هجي ٿي يا جڏهن گهر جي در تي اوڳاڙيءَ لاءِ آيل وياج خور جون گاريون ٻڌي به پيرسن پيءُ پنهنجو پٽڪو اُن جي پيرن تي رکي ڪجهه ڏينهن جي مهلت گهري رهيو هجي ٿو. اکيون ته تڏهن به ڀرجي اچن ٿيون، جڏهن پنهنجي مينهن يا ڍڳو وڪڻي پيسا کڻي پنهنجي پٽ جو علاج ڪرائڻ لاءِ شهر پهتل همراهه کي اسپتال وارا اهو ٻڌائي رهيا هجن ٿا ته ايترن پيسن ۾ تنهنجي پٽ جو علاج ممڪن ڪونهي، ان کي واپس ڳوٺ کڻي وڃ يا هڪ ماءُ کي اها خبر پئي ٿي ته برادري جي تڪرار ۾ مارجي ويل سندس ڳڀرو پٽ جي خون جو معاوضو جرڳي ۾ ٿيل فيصلي ۾ ڀوتارن سوا يا ڏيڍ لک روپيا مقرر ڪيو آهي، يا اُن ماءُ پيءُ تي ڇا گذرندي هوندي جن وٽ پنهنجي اولاد جي علاج لاءِ پيسا ته هئا، پر سندن معصوم ڌيءُ يا پٽ ان ڪري هي جهان ڇڏي هليو ويو، جو علاج لاءِ استعمال ڪيل دوائون نقلي هيون.
چئوطرف انيڪ درد ڪهاڻيون ڏسون ۽ ڀوڳيون پيا ۽ انهن اڻ کٽ درد ڪٿائن کي ڏسندا ئي وڃون پيا، ڄڻ اهو سڀ ڪجهه اسان جي نصيب جو حصو آهي. اسان پنهنجن تباهه ٿيل روڊ رستن جي ڪري ٿيندڙ انساني جانين جي نقصان کي حادثا چئي ان کي به نصيب چئون ٿا، اهو سوچڻ بدران ته جيڪڏهن اسان جا هائي ويز ۽ روڊ رستا سٺي حالت ۾ هجن ته اهي حادثا نه ٿيڻ جي برابر رهجي وڃن، جيڪڏهن حڪومتي پاليسي ٺيڪ هجي ها ته يوريا جي ٻوري ٻه هزار رُپين ۾ وڪرو نه ٿئي ها، جعلي زرعي دوائون ۽ ٻج مارڪيٽ ۾ نه وڪرو ٿين ها. جيڪڏهن ڊرينيج جو نظام ٺيڪ هجي ها ته برساتن جو پاڻي اسان جي شهرن، ڳوٺن ۽ ٻنين ۾ بيٺل نه هجي ها، سم نالا نه اُٿلجن ها، جيڪڏهن ڪرپشن جي ٻوڏ نه هجي ها ته بند نه ٽٽن ها، جيڪڏهن قانون جي حڪمراني هجي ها ته ڪراچي ۾ ٻورين ۾ بند لاش نه ملن ها ۽ نه ئي ڀتا خوري ٿئي ها ۽ ڪنهن ۾ همٿ نه هجي ها ته سنڌي شاگردن کي ڪراچي ۾ داخلائون وٺڻ کان روڪي سگهي. اسان جي صوبي ۾ هفتي کن کان ڪو به نظام ڪونهي، پر حڪمران چون ٿا اسان وٽ عوام جو مينڊيٽ آهي، جيڪو وڻي اهو نظام ڏينداسين ۽ وڻي ته مرڳو ڪو به نظام نه ڏينداسين، پر اهو معاملو هجي يا اهڙا ٻيا انيڪ مسئلا، ناانصافيون ۽ ڏاڍايون هجن، اسان اهو سڀ ڪجهه، اهو سڄو تماشو خاموشي سان ڏسي رهيا آهيون. پر اسان ڪير آهيون؟ اسان اهي آهيون، جيڪي عدالتن ۾ انصاف لاءِ ڌڪا کائي رهيا آهيون، اسين جيڪي اسپتالن ۾ معياري علاج ۽ اسڪولن ۾ معياري تعليم لاءِ واجهائي رهيا آهيون، اسين اهي آهيون جيڪي حڪومتي نااهلي سبب پنهنجا شهر ۽ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچڻ سبب امدادي ڪيمپن ۾ مانيءَ ڳڀي لاءِ هٿ ٽنگي رهيا آهيون، اسين جيڪي پوليس، روينيو يا ايريگيشن کاتي مان جائز ڪم وٺڻ لاءِ به ڀوتار جي اوطاق ۾ پٽ تي ڀوتار جي اچڻ جو انتظار ڪندڙ آهيون، جيئن ڀوتار چٺي لکي ڏي يا فون ڪري ته اسان جو جائز ڪم ٿي سگهي ۽ موٽ ۾ اسين ڀوتار جي پيرن تي هٿ رکي ايندڙ نسلن تائين سندس ٿورن جي بار ۾ دٻجي وڃون، اسين اهي آهيون جيڪي پنهنجي ڇهن سالن جي نياڻي کي سڱ چٽي ۾ ڏيڻ وارو ڀوتارڪو حڪم مڃڻ لاءِ پابند آهيون، اسين اهي آهيون جيڪي ڀاءُ، سوٽ، ماسات، چاچي يا مامي جي ذاتي دُشمني پاڙڻ لاءِ هر وقت بندوق يا ڪهاڙي جي وار هيٺ اچي ڪاري ٿيڻ لاءِ تيار هجن ٿيون. اسين اهي مائرون آهيون جنهن جا ٻچا ڌاڙيلن وٽ يرغمال آهن، اسين اهي ئي آهيون جيڪي دهشتگردن هٿان ماريل ڳڀرو پٽن جا لاش پنهنجن ڪلهن تي کڻي دفن ڪري اچون ٿا، اسين اهي معصوم ٻار آهيون، جنهن جي هٿن ۾ ڪتابن بدران بسڪٽن جو ٿال يا بوٽ پالش ڪرڻ جو دٻو آهي، اسين اهي نوجوان آهيون، جنهن جي اکين ۾ مايوسي ڇانيل آهي. اسين هڪ قوم آهيون، اسين هڪ سماج آهيون، پر اهڙو سماج جيڪو خوشحالي ڏانهن وڌڻ بدران ڏينهون ڏينهن خراب حڪمراني جي عذاب سبب بدحاليءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسجندا پيا وڃون.
مٿي بيان ڪيل اسان جي اڄ جي احوال کان شايد ئي ڪو انڪار ڪري، پر ان ڳالهه کان به ڪير انڪار نه ڪندو ته اسان جو ماضي ائين نه هيو، پر اهو ماضي هيو ۽ اڄ جون حالتون اهو ٻڌائين ٿيون ته جيڪڏهن اسان اڄ اهو بدلائڻ نه اٿياسين ته هر ايندڙ سڀاڻي اسان جي حالتن کي ويتر بدحالي وارين حالتن ڏي ڌڪيندو ويندو. اسين اڄ رُڳو هڪ ٻئي سان حال ۽ سور اوري رهيا آهيون پر سور ۽ تڪليفون ونڊڻ سان دل جو بار ڀلي گهٽجي پر ان سان مسئلا ختم ناهن ٿيندا. اسان کي پنهنجو اڄ سڌارڻو پوندو، جيئن سڀاڻي اسان کان ڪير پڇي ته توهان ڪير آهيو ته جواب اهو هجي ته ”اسين اهي آهيون جتي ڪرائيم ريٽ (ڏوهاري ڪارروائيون) نه هجڻ برابر آهن، جتي تعليم جي شرح 90 سيڪڙو کان مٿي آهي، جتي غربت جي ليڪ کان هيٺ هڪ سيڪڙو به ماڻهو ناهن، جتي ڪاري ڪامڻ، ٽي بي، پوليو وغيره بيماريون ناهن ۽ اسپتالن ۾ معياري علاج ٿئي ٿو. اسين اهي آهيون جتي عورتن سان متڀيد وارو رويو ناهي رکيو ويندو، غرض ته اسين هڪ پرامن ۽ خوشحال ڌرتي جا خوشحال ماڻهو آهيون.“
آئون به ان اڄوڪي ”اسين“ جو حصو آهيان ۽ اهو منهنجو خواب آهي ته آئون سڀاڻي هڪ ترقي ورتل ۽ خوشحال سماج جو حصو هجان. آئون سمجهان ٿو ته اهو رڳو منهنجي اڪيلي جو خواب ناهي ۽ نه ئي ان جي خواب جي ساڀيان ڪنهن هڪڙي فرد جي وس جي ڳالهه آهي، تنهن ڪري منهنجي خواهش آهي ته ڪنهن هڪ ڏينهن اهو خواب اکين ۾ کڻي سنڌ جي خوشحالي جي دعا گهرندڙ شاهه لطيف جي اڱڻ ۾ اسين لکين ماڻهو ڀٽ شاهه تي گڏجون ۽ جيڪڏهن اتي موجود لکين ماڻهن کان ڪير پڇي ته توهان ڪير آهيو ته هو سڀ اهو چون ته، ” اسين ڪراچي کان ڪشمور تائين رهندڙ سنڌ واسي آهيون، جيڪي هِتي پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت جو اظهار ڪرڻ آيا آهيون، ڇاڪاڻ ته اسان ڄاڻون ٿا ته محبت ۽ ايڪتا ۾ وڏي قوت هجي ٿي، جنهن آڏو ڏاڍ ۽ زيادتين جا جبل بيهي نه سگهندا. اسين اهي آهيون، جيڪي ڏهاڪن کان ٿيندڙ ڏکن ۽ دردن جي ڪهاڻي جي پڄاڻي چاهيون ٿا. اسين خوشحال سنڌ جي خواب جي ساڀيان واري منزل جا پانڌيئڙا آهيون، اسين سنڌ کي ماءُ جي هنج جهڙي تحفظ، شانتي ۽ محبت ڀريل سماج ۾ بدلائڻ جا علمبردار آهيون.“ ننگرپارڪر، ڪاڇي، ناري وارن علائقن کان ويندي اسان جي ننڍن وڏن ڳوٺن ۽ شهرن مان مرد، عورتون، ٻار، ٻڍڙا، قافلن ۽ ٽولين جي صورت ۾ هڪ ئي خواب کڻي لکن جي انگ ۾ هڪ هنڌ گڏجڻ کي ٿوري دير لاءِ تصور ئي ڪبو ته هر اُن سنڌ واسي جي اک ۾ خوشي جا لڙڪ لڙي ايندا، جنهن جي اکين ۾ برف ڄمي نه هوندي، ڇاڪاڻ ته محبتين جو اهو ميڙاڪو سنڌ سان محبت جي اهڙي شروعات هوندي، جنهن جي پڄاڻي تي سنڌ جي خوشحالي ٿيندي ۽ سنڌ ڪير؟ سنڌ جيڪا آئون به آهيان، سنڌ جيڪا توهان به آهيو، سنڌ جيڪا اسين آهيون.

خميس 10 نومبر 2011ع

اعلان هزارين مان نه رڳو!

ڪير اگر مون کان پڇي ته مون پنهنجا گذريل 33 ڏينهن ڇا ڪندي گذاريا؟ ته منهنجو جواب هوندو ته، اهو ئي، جيڪو گذريل 15 سالن کان ڪريان پيو. پندرهن سالن کان به ن - م راشد چواڻي: ”خواب لي لو، خواب، مفت لي لو“ جا هوڪا ڏيندو رهيو آهيان، پر ماضيءَ ۾ اهي هوڪا اخباري ڪالمن يا ٽي وي اسڪرين تي ويهي ڏيندو هوس، پر 33 ڏينهن ۾ اهو هوڪو سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ وڃي ڪري ڏنو اٿم. سڄي سنڌ جي 187 هنڌن تي انهيءَ خواب جي ڀري کڻي پهتس ۽ نااميد ۽ نراس ٿي ويل لکين اکين ۾ اميد جو خواب سجائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم ۽ ان سفر دوران ملندڙ محبتون ۽ دعائون جهول ۾ ميڙي آيو آهيان. ان سفر دوران مون کي لکين اکين ۾ ڌرتيءَ سان محبت، پنهنجي حالتن جو درد ۽ خوشحاليءَ جي تڙپ نظر آئي. انهن اکين ۾ اهو جذبو پيدا ٿيندي نظر آيو ته هو پنهنجين زندگين ۾ حقيقي ۽ معياري تبديلي چاهين ٿا ۽ جڏهن به اِنهن اکين ۾ ڏسندو هئس ته خيال ايندو هئم ته هاڻ جڏهن اسان جا سياسي ڀوتار اِنهن اکين ۾ ڏسندا ته کين سڌو نياپو ملندو ته، ”سنڌ گهري ٿي تبديلي“. جتي سنڌ واسين جي دلين ۾ تبديليءَ جي وڌندڙ خواهش تي راحت ڀريو احساس اڀري ٿو ته اتي ئي ڀوتارڪي سياسي ڪلچر جي حامين ۾ لفظ تبديليءَ سان چڙ ۽ خوف ڏسي منهنجو اهو ايمان پختو ٿئي ٿو ته خلق خدا جي گڏيل راءِ اگر جڙي ٿي ته اُن آڏو اها ڀوتارڪي ذهنيت رکندڙ ڪيترا ڪمزور ٿي وڃن ٿا. ”ڀوتار“ مان منهنجي مراد ڪڏهن به آبادگار نه رهيا آهن، بلڪه اهو هڪ ذهنيت جو نالو آهي، جنهن جا حامي ماڻهو عوام کي پنهنجو محتاج رکڻ گهرن ٿا. ان ذهنيت جو ماڻهو ڪو زميندار به ٿي سگهي ٿو ته ڪو واپاري به، ڪو ڪامورو يا صحافي يا وڪيل يا ڊاڪٽر به. غرض ته منهنجي نظر ۾ عوام کي پنهنجي مرضيءَ جو محتاج رکندڙ ذهنيت جا ماڻهو ڀوتار هجن ٿا، پوءِ اها ذهنيت ڪراچيءَ ۾ بند ٻورين ۾ لاش ڀريندڙ هجن يا قاسم آباد ۾ ڀتا خوري ڪندڙ هجن يا پنهنجن مخالفن کي رياستي مشنري وسيلي يا ڏوهارين هٿان تڪليف ڏيندڙ هجن. آئون سمجهان ٿو ته سنڌ جي خوشحاليءَ وچ ۾ وڏي ۾ وڏي رنڊڪ ڏهاڪن کان هلندڙ اهو ڀوتارڪو سياسي ڪلچر آهي ۽ ان کي تبديل ڪرڻ جي جاڳرتا سالن کان آڻڻ جي ڪوشش ڪريان پيو، جيڪا گذريل 33 ڏينهن دوران پڻ ماڻهن جي وچ ۾ وڃي ڪيم. اڳ ۾ به منهنجو ايمان هو ته اها تبديلي ڪو هڪ فرد نه پر لکين سنڌ واسي آڻي سگهن ٿا ۽ آئنده به ان خيال سان جڙيل رهندس ته، جيڪا تبديلي عوام لاءِ اچڻي آهي، اُها گڏيل سگهه سان عوام ئي آڻي سگهي ٿو ۽ ان جو پرامن ۽ مهذب طريقو ووٽ ذريعي آهي. 33 ڏينهن دوران 187 هنڌن تي ٿيندڙ ميڙاڪن ۾ ڪٿي ٽي سئو ماڻهو هئا ته ڪٿي 3 هزار ته وري ڪٿي ميڙاڪن ۾ پنج هزار کان وڌيڪ ماڻهو شريڪ هئا. سو سراسري طور 5 کان 6 ميڙاڪا روز ٿيا ۽ سراسري طور اگر هر ميڙ ۾ هڪ هزار ماڻهن جي شرڪت جو حساب هڻون، ته لڳ ڀڳ هڪ لک 87 هزار ماڻهن سان روبرو ملاقات ٿي، جن ۾ بزرگ توڙي نوجوان ۽ خواتين هيون. غرض ته سڄي سنڌ ۾ هڪ جاڳرتا جي لهر اڀري آئي ۽ اسان جي سماج ۾ سياست جا موضوع جيڪي وڃي صرف اهي بچيا هئا ته حڪومت وڃي ٿي يا نٿي وڃي، يا ايندڙ اليڪشن ۾ فلاڻو ڀوتار بيهندو يا سندس ڀاءُ يا پٽ بيهندو يا سياست معنيٰ ڪوڙ ۽ ٺڳي. ٻين لفظن ۾ اسان جو سماج جنهن تيزي سان Depoliticise (غير سياسي) ٿي رهيو هو، ٻيهر سياسي طور تي واپس سرگرم ٿيو ۽ سياست ۾ جيڪو چڱائيءَ جو رومانس هو، اهو واپس موٽندي نظر اچي پيو. هن جاڳرتا مهم دوران مون کي محسوس ٿيو ته اسان جي سياست، جيڪا ڀوتارن يا نعرن وٽ يرغمال ٿي چڪي هئي، اها ان مان اگر مڪمل طور آزاد نه به ٿي ته به اهڙي سياسي ڪلچر کي ڌڪ ضرور لڳو آهي. ماڻهن جو سياست جي نالي ۾ اجائي لٻاڙ بدران اصل اشوز کي فوڪس ڪرڻ جو رجحان وڌيو آهي. بنا ڪنهن تنظيم جي 33 ڏينهن ۾ 187 عوامي ميڙاڪا ٿيڻ هڪ ڀيرو وري ظاهر ڪيو ته سنڌ جا ماڻهو ڏهاڪن کان موجود ان جمود جي شڪار سماج مان شديد بيزار ٿي چڪا آهن ۽ تبديليءَ لاءِ واجهائي رهيا آهن ۽ ٻوساٽيل ماحول مان نڪري کليل ماحول ۾ ساهه کڻڻ چاهين ٿا، جنهن جو اظهار اِنهن 22 جنوريءَ تي پنهنجي فڪري امام شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي اڱڻ ۾ جمع ٿي ڪيو. اهو اظهار هو پنهنجي ڌرتيءَ، پنهنجي پاڻ ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن سان محبت جو. اهو ميڙ واضح اعلان هو ته، ”هاڻ گهڻو ٿيو“. اهو هڪ دلفريب منظر هو، ڇاڪاڻ ته اهو ڌرتيءَ جي ڌڻين جو ميڙ هو، جنهن ۾ ڪو به ڪنهن ڀوتار جي ٽريڪٽر ٽرالي يا بس يا ٽرڪ ۾ زوريءَ ڀري نه آندو ويو، جنهن ۾ ڪنهن کي به داٻو ڏئي يا بار وجهي يا آسرو ڏئي يا منٿ ڪري نه آندو ويو هو. جنهن ۾ سنڌ جي ڪنهن هڪ علائقي جا نه پر سڄي سنڌ مان ماڻهو اکين ۾ خوشحال سنڌ جو خواب کڻي آيا هئا، جنهن ميڙ ۾ چوطرف صرف محبت ئي محبت هئي ۽ ٻين لفظن ۾ هي محبتين جو ميڙ هو. منهنجي هڪ دوست چواڻي: 22 جنوري ”جيب“ (کيسي) ۽ جذبي ۾ مقابلي جو ڏينهن هو. سندس چوڻ هو ته هن مهانگائيءَ ۽ بيروزگاري جي جهان ۾ پنهنجي خرچ تي ان ٿڌ واري موسم ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ايڏي انگ ۾ ماڻهن جو نڪري اچڻ اهو ثابت ڪري ٿو ته ”جذبو، جيب کان کٽي ويو“.
آئون ان ڳالهه جو سدائين حامي رهيو آهيان ته ڪا به ڳالهه اگر ڪجي ٿي ته هو هوا ۾ گم نه ٿي ويندي آهي، بلڪه ايندڙ وقتن ۾ ان جا اثرات فرد يا مجموعي طور سماج تي ضرور پوندا آهن. ساڳئي ريت 15 سالن کان جڏهن ڀوتارڪي سياسي ڪلچر کي تبديل ڪرڻ جي ڳالهه ڪيم پئي ته تنقيد ڪندڙن جو چوڻ هو ته هي مڙئي ڳالهيون آهن، ان جو ڪو اثر نه پوندو، پر گذريل سوا مهيني ۾ جيڪا هلچل ماڻهن منجهه نظر آئي آهي، ان کي ڏسي شايد ئي ڪو چئي سگهي ته، اسان جي سماج ۾ تبديليءَ جو تصور مڙيئي ڪا هوائي ڳالهه آهي. تبديليءَ جو خواب هاڻ هڪ سوچ ۽ تصور ٿي اُڀريو آهي، جيڪو صرف شهرن ۾ رهندڙ پڙهيل لکيل ماڻهن نه پر اهو تصور مون ڪچي ۽ پڪي جي ڳوٺن جي ڳوٺاڻن ۾ پڻ ڏٺو آهي ۽ جن دوستن جو خيال هو ته ماڻهن کي ڪنهن تنظيم يا پليٽ فارم کان سواءِ هڪ سوچ سان سلهاڙڻ واري علي قاضيءَ جو خيال ديوانگي آهي، اهي هاڻ شايد مون کي ڏاهو نه به سمجهن، پر ان ديوانگيءَ ۾ موجود يقين جي سگهه سان ضرور سهمت ٿيا هوندا. اهو يقين ته سماج ۾ تبديليءَ لاءِ پهرين هڪ سوچ سان سلهاڙجڻ ضروري هجي ٿو آئون ان راءِ جو مخالف نه پر وڏو حامي آهيان ته ڪنهن به سوچ ۽ جذبي کي وڌيڪ سگهارو ۽ اثرائتو بنائڻ لاءِ تنظيم يا محور اشد ضروري هجي ٿو، پر سدائين اصرار اهو ڪندو رهيو آهيان ته اهو محور عوام جي خواهش تي، عوام پاران جڙڻ گهرجي ته جيئن اهو محور ڪنهن شخص جو محتاج نه هجي ۽ عوام ان محور جي مالڪي ڪري، ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه بار بار چوان ٿو ته اگر تبديلي ماڻهن لاءِ اچڻي آهي ته اها آڻڻي به ماڻهن کي پاڻ پوندي. سنڌ ۾ اگر يوسي سطح تي نه به، تڏهن به تعلقي ۽ ضلعي سطح تي تبديلي پسندن جون گڏجاڻيون ٿيڻ گهرجن ته جيئن جيڪو فيصلو ٿئي، اهو ماڻهن جي گڏيل صلاح ۽ مشاورت سان ٿئي.
سنڌ جي گڏيل فهم کان سدائين انڪاري رهندڙ صاحبن کي يقينن گذريل سوا مهيني دوران مايوسي ٿي هوندي، پر سڄي سنڌ ۾ اميد جي هڪ نئين لهر اُڀرندي هر ڪو ڏسي سگهي پيو. لطيف جي اڱڻ ۾ اڀرندڙ نئين سنڌ جي اميد جو جيڪو سج اڀريو آهي، ان جا ڪرڻا سڄي سنڌ کي خوشحاليءَ جي روشنيءَ سان انشاءَ الله ضرور روشن ڪندا. اها دعا به آهي، خواب به آهي ۽ عزم به آهي، پوءِ ڀلي ڪير ڪيترا به الزام هڻي، طعنا ڏئي يا رنڊڪون وجهي، پر ان محبت جي سفر ۾ هاڻ اڳتي ئي هلڻو آهي، ڇاڪاڻ ته محبت جي ڪيفيت ۾ ماڻهوءَ کي اڳتي، اڃان به اڳتي، اڃان به اڳتي جو ڌيان رهي ٿو. جيستائين ”تون“ ۽ ”مان“ جو فرق مٽجي وڃي، جڏهن عاشق ۽ محبوب هڪ ٿي وڃن. ڌرتيءَ کي محبوب سمجهندڙن جو ڪاروان جاري و ساري رهندو، جيستائين محبوب جو سُک، اُن جي سونهن، اُن جي خوشحاليءَ واري منزل نٿي ماڻجي ۽ اڄ ان منزل جو پانڌيئڙو ڪو هڪ نه آهي، جنهن کي ديوانو چئي جمود ۽ مايوسي پرست خوش ٿي وٺن، بلڪه اڄ اهي ديوانا هزارن لکن جي تعداد ۾ آهن، جن پنهنجي محبوب سان وچن ڪيو آهي ته هو اُن کي ماءُ جي هنج جيان بڻائيندا، جنهن ۾ سُک، محبت ۽ شانتي هوندي.

خميس 26 جنوري 2012ع

عمل ڪرڻ سان ئي نتيجو ملندو!

چون ٿا ته ڪنهن هڪ علائقي جي ماڻهن منجهه اها خواهش شدت سان پيدا ٿي ته اِنهن وٽ اهڙو کوهه هجي، جيڪو کير سان ڀريل هجي، نه ڪي پاڻي سان، سو ماڻهن منجهه موجوده خواهش ڏسي اُتان جي بادشاهه هڪ کوهه کوٺرايو ۽ سڀني واسين کي چيائين ته، سڀ گهران کير جو هڪ هڪ وٽو ڀري ان کوهه ۾ وجهي وڃن، ڇاڪاڻ ته خواهش ماڻهن جي پنهنجي ئي هئي، تنهن ڪري سڀني ماڻهن خوش ٿي ائين ڪرڻ جي حامي ڀري. ٻئي ڏينهن بادشاهه ۽ ٻين ماڻهن وڃي ڏٺو ته کوهه برابر ڀريل هيو، پر کير سان نه پر پاڻي سان، سڀني کي اچرج ٿيو ته اهو ڇا ماجره آهي، ۽ جاچ ڪرڻ تي خبر پئي ته هر ماڻهو اهو سوچي ڪري ان کوهه ۾ وٽو پاڻي جو ڀري وجهي ويو ته ٻيا سڀ ته اُئين ئي کير وجهندا، هڪ منهنجي پاڻي وجهڻ سان ڪهڙو فرق پئجي ويندو پر دراصل هر ڪو ٻئي جي آسري تي پاڻي وجهندو ويو ۽ اهو کير بدران پاڻي جو کوهه ٿي ويو.
چون ٿا ته ڪنهن هنڌ ڪو جابر ۽ ظالم قسم جو ماڻهو هيو، جنهن وٽ بندوق جنهن ۾ ٻه گوليون هونديون هيون، هڪ ڏينهن سندس زيادتين کان تنگ ٿي، اتي رهندڙ هڪ هزار ماڻهن گڏجاڻي ڪري فيصلو ڪيو ته اهو ظالم هڪ ۽ اسان جو انگ هڪ هزار آهي، هلي کيس سوگهو ڪري هن مان پنهنجي جند آجي ٿا ڪريون ۽ هر ڪنهن اڳيان ٿي اڳڀرائي ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي، پر جڏهن هو هن ظالم کي سوگهو ڪرڻ جي لاءِ گڏجي نڪتا ته هر ڪنهن جي ذهن ۾ اها ڳالهه هئي ته هن جي بندوق ۾ ٻه گوليون آهن، معنيٰ ٻن ماڻهن کي ته حياتي تان هٿ کڻڻو پوندو، سو هرڪو ڪوشش ڪرڻ لڳو، ته ڪي ٻيا ٻه ڄڻا اڳتي ٿين ۽ بعد ۾ جڏهن ٻه گوليون ختم ٿي وينديون ته باقي رهيل 998 ماڻهو ان ظالم کي دسڻ ۾ دير ئي نه ڪندا. سو ٿيو اهو ته هرڪو ٻئي کي اڳتي ڪرڻ ۾ لڳي ويو ۽ اهو ظلم جي خاتمي لاءِ نڪتل قافلو اڳتي چري ئي نه سگهيو ۽ هڪ ماڻهو ۽ سندس ٻن گولين واري طاقت آڏو هڪ هزار ماڻهو هارائي ويا.
مٿي بيان ڪيل ٻه لوڪ قصا ضرور سماجيات جي شعبي ۾ دلچسپي رکندڙ لوڪ ڏاهپ رکندڙن ٺاهيا هوندا. پر اِنهن قصن ۾ موجود نصيحت اڄ به سماج جي مجموعي نفسيات کي سمجهڻ ۾ مدد ڏي ٿي. اسين سڀ چاهيون ٿا ته کير جو کوهه هجي، پر پنهنجي حصي ۾ آيل کير جو وٽو ڏيڻ لاءِ تيار نٿا هجون. اسان اهو سمجهي وٺون ٿا ته اهو ڪم ضرور ٻيا اسان کي ڪري ڏيندا، اسان جي پاران ڏکيو، قرباني گهرندڙ ڪم ڪو ٻيو ڪندو ۽ پوءِ سولو ڪم اسين ڪنداسين. گذريل ڳچ سالن کان سنڌ جي سماج جي رجحانن بابت اپٽار ڪندو آيو آهيان ۽ اِنهن ٻن نقطن تي اصرار به ڪندو آيو آهيان، بلڪه انهن خيالن جو پرچار ڪندو آيو آهيان ته اگر سماج ۾ حقيقي ۽ معياري تبديلي لاءِ تڙپ پيدا ٿي آهي ته اهڙي تبديلي ڪو مسيحا نه آڻي ڏيندو، بلڪه اها ماڻهن کي پاڻ آڻڻي پوندي، يعني ٻين لفظن ۾ پنهنجي پنهنجي حصي جو کير هر ڪنهن کي پاڻ وجهڻو پوندو. ساڳئي ريت جنهن ٻي نقطي تي سالن کان اصرار ڪندو آيو آهيان، اهو هي ته سماج کي مجموعي طرح اهو خوف دل مان ڪڍڻو پوندو ته ڏهاڪن کان سماج کي يرغمال بڻائي رکندڙ اهي ٽي يا چار سئو ڀوتار چار ڪروڙ ماڻهن کي کائي ويندا. دراصل اسان اُنهن ڀوتارن کان نه پر پنهنجي اندر نسل در نسل پلجندڙ اُن خوف مان خوفزده آهيون ته ٽي يا چار سئو ڀوتارن جو جوڙيل سياسي نظام جو خاتمو بنهه ڏکيو ۽ خطرناڪ آهي، تنهن ڪري چاهيون ٿا ته سامهون ڪو ٻيو ٿئي، جيئن شروعاتي نقصان هن جو ٿئي. توهان پنهنجي علائقي جي ڪنهن گڙنگ قسم جي ڀوتار جي سگهه جو اندازو اگر ان ريت لڳايو ته هن وٽ اهڙا ڪيترا بندوق بردار هوندا، جيڪي سندس حڪم تي مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿي وڃن يا ضرورت مهل رياستي مشينري سان ڀوتار جي اشاري تي وڙهڻ لاءِ بيهي رهن؟ 50 هوندا، سئو هوندا يا وڌ ۾ وڌ ٻه سئو ماڻهو وٽس اهڙا هوندا ته ڇا ان ڀوتار جي ڀرپاسي ۾ رهندڙن هزارين هزارين ماڻهو انهن پنجاهه يا ٻه سئو ماڻهن کان ڊڄي اُن جي داٻي ۾ زندگي گهارڻ لاءِ مجبور هجن ٿا؟ يقينن نه، بلڪه اهي هزارين ماڻهو پوليس، روينيو، اريگيشن، غرض ته رياستي مشينري کان ڊنل هجن ٿا، جيڪا مشينري ڀوتارن جي هٿ وس هجي ٿي، پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اها مشينري جيڪا هڪ هٿيار جيان عام ماڻهن جي خلاف ئي استعمال ٿئي ٿي، اهو هٿيار خود عام ماڻهو ئي ووٽ ذريعي انهن ڀوتارن جي حوالي ڪن ٿا، سو سوال اهو ٿو اُڀري ته جيڪا طاقت (رياستي مشينري) عوام جي داٻي ۾ رکڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿي، اها طاقت اِنهن ڀوتارن کي پليٽ ۾ رکي عوام ڇو ٿو ڏي؟ نسل در نسل پيرن ۾ پيل سنگهر ڪنهن ٻئي نه، پر اسان پاڻ پنهنجن پيرن ۾وجهي ويٺا آهيون ۽ جنهن ڏينهن ووٽ ذريعي ماڻهن پنهنجا اهي سنگهر ٽوڙڻ جو فيصلو ڪيو، اُن ڏينهن هو ان ڀوتارڪي سياسي ڪلچر کان آجپو حاصل ڪري وٺندا.
َفون، خط، ايس ايم ايس ذريعي يا روبرو ماڻهو اهو سوال اٿارين ٿا ته 22 جنوري تي ڀٽ شاهه تي ٿيل ميڙ کان پوءِ علي قاضي ماٺ ڇو ٿي ويو آهي؟ وري ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته علي قاضي چيو هيو ته هو ڀٽ شاهه تي نئين پارٽي جو اعلان ڪندو، پر هن ائين ڇو نه ڪيو؟ ڪجهه دوستن جو خيال آهي ته ڀٽ شاهه تي گڏ ٿيندڙن جو انگ ٽيهه هزار هيو، ڪجهه جو چوڻ آهي ته اهو انگ پنجاهه هزار هيو، پر علي قاضي کي توقع هئي ته ٻه لک ماڻهو پنهنجي خرچ تي پاڻمرادو اتي ايندا. ڪجهه ماڻهن جي راءِ آهي ته علي قاضي ماڻهن کي مايوس ڪيو آهي ۽ ڪجهه جو خيال آهي ته ماڻهن کيس مايوس ڪيو آهي. انهن ۽ اهڙن ٻين دلچسپ ۽ ڪڏهن ڪڏهن کل ڏياريندڙ راين ۽ تبصرن تي ڪاوڙ يا افسوس ان ڪري نٿو ٿئي، جو گذريل 22 سالن واري پنهنجي ڪيريئر ۾ مختلف موقعن تي مختلف قسم جا رايا، طعنا ۽ الزام ايترا دفعا ۽ ايترا گهڻا ٻڌا ۽ پڙهيا اٿم، جو هاڻ اهڙي ڪا ڳالهه ٻڌي چپن تي مرڪ اچيو وڃي. مثال طور ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ايس ايم ايس آيو، جيڪو پڙهي توهان به مرڪي پوندئو. ايس ايم ايس ڪجهه ان ريت هيو، ”پنهنجي پاڻ کي تبديلي پسند سڏائيندڙ ۽ تبديلي جي هام هڻندڙ علي قاضي جواب ڏي ته سنڌ يونيورسٽي ڇو ڏيڍ مهيني کان بند آهي ۽ هو ان کي کولرائي ڇو نٿو... “ آهي نه دلچسپ ڳالهه، ڄڻ يونيورسٽي علي قاضي بند ڪرائي آهي ۽ ڄڻ علي قاضي گورنر يا چيف منسٽر لڳل آهي، جو ان جي حڪم تي کلي ويندي!! اهو ته سنڌ يونيورسٽي جو معاملو هيو، پر ڪڏهن ڪنهن برادري جي تڪرار جو مسئلو کڻي، ڪڏهن برساتي پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ جو جواز ڄاڻائي ڪڏهن بيروزگاري جي اشو تي، ڪڏهن ڪنهن جي اخباري ڪوريج سندس مرضي موجب نه ٿيڻ تي ميسيج اچي ٿو، تبديلي جي ڳالهه ڪندڙ علي قاضي هي مسئلا ڇو نٿو حل ڪرائي!! مون کي ڊپ آهي ته ڪنهن ڏينهن ڪو اهڙو ميسيج نه اچي ته، ”منهنجو دوست مون کان ناراض ٿي هليو ويو آهي، پاڻ کي تبديلي پسند سڏائيندڙ علي قاضي اڃان هٿ تي هٿ رکي ڇو ويٺو آهي، ان کي واپس موٽرائي ڇو نٿو آڻي“! سائين منهنجا اسان جا 95 سيڪڙو مسئلا خراب حڪمراني جي ڪري آهن ۽ اهي حل به ڪا حڪومت ئي ڪري سگهي ٿي، ڪو فرد نه ۽ انهن خراب حڪمراني ۾ تبديلي به ڪو هڪ فرد نه پر عوام آڻي سگهي ٿو، اها ئي ڳالهه گذريل پندرهن سالن کان ڪيان پيو ۽ ڪندو رهندس. آئون ماٺ نه 22 جنوري کان اڳ ٿيو هيس، نه ئي اڄ ٿيو آهيان ۽ ڀٽ شاهه تي ٽيهه هزار ماڻهن جو ميڙو هيو يا 50 هزار جو، اهي ماڻهو ڪنهن پارٽي يا ٽرانسپورٽ کانسواءِ پنهنجي خرچ تي ٿڌ واري موسم ۾ هڪ سوچ سان گڏ ٿيا هئا، اهو هڪ تمام وڏو انگ هيو. سو ڪيئن چئبو ته ماڻهن علي قاضي کي مايوس ڪيو، پر جيڪڏهن اتي پنج سئو ماڻهو به هجن ها، تڏهن به سوال ئي نٿو پيدا ٿئي جو آئون تبديلي واري سوچ تان هٿ کڻان ها. ڪجهه سڄڻن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ٽرانسپورٽ جو بندوبست ٿيل هجي ها ته ڀٽ شاهه تي ٻن لکن کان وڌيڪ ماڻهو موجود هجن ها. پر منهنجو چوڻ اهو آهي ته جيڪڏهن روايتي طرح ٽرانسپورٽ ڏئي ماڻهن کي آندو وڃي ها ته پوءِ ان ۾ ۽ هڪ روايتي سياسي پارٽي جي جلسي ۾ ڪهڙو فرق هجي ها. جيستائين سوال آهي پارٽي جي اعلان جو ته مون کي ڪير اهو ٻڌائي، منهنجو ڪو هڪ بيان يا تقرير جو حصو ٻڌائي، جنهن ۾ مون چيو هجي ته آئون 22 جنوري تي پارٽي جو اعلان ڪندس، باقي اهو سدائين چوندو هيس ۽ اڄ به چوان ٿو ته اها پارٽي جيڪا ماڻهن جي زندگين ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ ٺهندي، اُها ٺاهڻي به ماڻهن کي پوندي ۽ مون اهو ئي چيو هيو ته اگر لکن ۾ ماڻهو ڀٽ شاهه تي گڏ ٿي پارٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ته اُها ضرور ٺهڻ گهرجي. ڪنهن دوست کان پڇيم ته هي پارٽي وارو اعلان مون ڪڏهن ڪيو هو، ته هن موٽ ۾ چيو ته، ”اسان وٽ ايترو ڪوڙ ۽ ڊائيلاگ هنيا وڃن ٿا، تنهن ڪري ماڻهن سمجهيو ته علي قاضي پارٽي ٺاهڻ جو پڪو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، باقي مڙئي ڊائيلاگ ٿو هڻي ته لکن ۾ ماڻهو اچي پاڻ فيصلو ڪن وغيره.“ هن دوست هڪ ٻي ڳالهه به ڪم جي ڪئي ته ”تبديلي جي خواهش ته لکين ماڻهن کي هئي ۽ آهي، پر هر ڪنهن سوچيو پئي ته ڀٽ شاهه ٻيا لکين اُئين ئي ضرور گڏ ٿي ويندا، هڪ آئون نه ويس ته ڪهڙو فرق پئجي ويندو، سو اسين ٽي وي تي ويهي ڏسي ٿا وٺون.“
اها ڳالهه ڪجهه عرصو اڳ به لکي هيم ته ايندڙ چونڊون جنهن ۾ هاڻ شايد ڪجهه مهينا ئي وڃي بچيا آهن، جو جيڪو هڪ منظر جڙندي نظر اچي پيو، اُن کي هڪ سٽ ۾ ائين بيان ڪري پيو سگهجي ته، ”اهي چونڊون ڀوتار بمقابلا سنڌ هوندي“ ڇاڪاڻ ته ورهين کان پارلياماني سياست ڪندڙ تقريبن سمورا ننڍا وڏا گروپ، فرد ۽ پارٽيون سڀئي مفاهمت جي ڏور ۾ ٻڌل آهن ۽ امڪان اهو ئي آهي ته هي سڀ پاڻ ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪري اليڪشن ۾ بيهندا، سو ايڪڙ ٻيڪڙ جاين کي ڇڏي باقي هنڌن تي اليڪشن کان وڌيڪ سليڪشن ٿيندي، جيئن تازو سينيٽ جي چونڊن ۾ ٿيو، پر اگر انهن مفاهمتي پارٽين مان ڪجهه پارٽيون ڪنهن ”نظرياتي اختلاف“ سبب هڪ ٻئي جي سامهون بيهي به رهيون ته ماڻهن جي مجموعي زندگي تي ڪهڙو اثر پئجي ويندو. سو سنڌ ۾ جيئن معاملا ڏهاڪن کان هلن پيا، لڳي ٿو ته گهڻي ڀاڱي ساڳيو حال ايندڙ چونڊن کانپوءِ به جاري رهندو، سو ڳالهه وڃي اتي هنڌ ڪري ٿي ته اگر مجموعي طرح ماڻهو اهڙي سياسي ڪلچر مان خوش ۽ راضي آهن ته ٺيڪ، پر اگر ان ۾ تبديلي جا خواهشمند آهن ته اُن لاءِ پنهنجي حصي جو عملي ڪم به ڪرڻو پوندو. ٻين لفظن ۾ کير سان کوهه ڀرڻو آهي، ته هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي حصي جو کير ته ان ۾ وجهڻو پوندو. آئون سنڌ جي اجتماعي فهم کان نه ڪڏهن اڳ مايوس ٿيو آهيان، نه ئي اڄ آهيان ۽ تبديلي جي سوچ سنڌ جي گڏيل فهم جو حصو آهي. هاڻ رڳو ڏسڻو اهو آهي ته هو ڪڏهن ان سوچ کي عملي جامو پارائڻ لاءِ گڏيل عمل جو اظهار ڪن ٿا.
آئون جذبن ۾ Purity (خالصپڻي) ۾ يقين رکان ٿو ۽ جڏهن جذبو شفاف ٿيو وڃي ته پوءِ انتظار بي قراري جو سبب ناهي بڻجندو، بلڪه من اندر هڪ قرار اچي وڃي ٿو ته هو محبوب سان ملڻ جي انتظار جي عمل مان گذري پيو. چون ٿا ته Emotions are always alcoholic (جذبا هميشه نشيدار هجن ٿا) ۽ هر ڪنهن لاءِ اهي هضم ڪرڻ ڏکيو ٿي وڃن ٿا ۽ هو اهو نشو برداشت نه ڪري سگهڻ سبب الٽيون شروع ڪري ٿا ڏين، پر جيڪو شخص پنهنجن جذبن جي نشي کي هضم ڪري وڃي ٿو، اهو ان جذبي ۾ اهڙي شفافيت آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو وڃي، جنهن ۾ منزل ماڻڻ واري سُک جيترو ئي سُک ان منزل لاءِ سفر ۾ محسوس ٿئي ٿو.


جمع 24 فيبروري 2012ع

وقت جي ٽِڪ ٽِڪ - II

ڪيفيتون جڏهن ڪنهن شخص کي يرغمال بڻائي وٺن ٿيون ته اهو شخص ورلي ئي پنهنجي وس ۾ رهي ٿو. ڪڏهن ڪا ڪيفيت حالات ۽ واقعات سبب نه چاهيندي به ڪنهن شخص مٿان طاري ٿيو وڃي، ته وري ڪڏهن ڪو فرد رضاڪاراڻي طور تي پاڻ کي ان ڪيفيت حوالي ڪريو ڇڏي پر رضاڪاراڻي طور تي هجي يا نه چاهيندي هجي، خوشي ۽ سُک ڏيندڙ هجي يا ايذائيندڙ هجي پر جنهن مهل ماڻهو ڪنهن ڪيفيت ۾ مڪمل طور تي وڪوڙجي وڃي ٿو ته پوءِ ان مان نڪرڻ ڪو سولو ڪم نٿو هجي. جڏهن ڪو چئي ٿو ته فلاڻو ماڻهو جنون جي ڪيفيت ۾ هو يا فلاڻو مدهوشيءَ واري ڪيفيت ۾ هو يا فلاڻو ڏکايل ڪيفيت ۾ هو، ته سمجهڻ اهو گهرجي ته جنون، مدهوشي، غم يا خوشي ان لمحي ۾ گڏ گڏ موجود هجن ٿا، جنهن لمحي ۾ ماڻهو ان ڪيفيت ۾ مبتلا ٿئي ٿو. توهان نوٽ ڪيو هوندو ته ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو ڪا تمام وڻندڙ يا اڻوندڙ شئي ڏسي ٿو يا ڳالهه ٻڌي ٿو پر ان جو مٿس ڪو خاص اثر نٿو پئي پر ڪڏهن ڪا ڳالهه يا واقعو توهانکي زندگي ڀر ياد رهي ٿو، شايد ان جو وڏو ڪارڻ اهو هجي ٿو ته ان مهل، ان لمحي ۾ ماڻهو مڪمل طور موجود هجي ٿو، تنهن ڪري هو جيڪو ڏسي يا ٻڌي يا پڙهي ٿو، هو ان ڪيفيت ۾ هليو وڃي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن اها ڪيفيت وقتي هجي ٿي يا ڪڏهن ڪڏهن بنهه ڊگهي، تمام طويل عرصي لاءِ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته زندگي ڀر لاءِ.
ڪنهن محبت ۾ ورتل ماڻهوءَ کان اگر پڇجي ته توکي اها محبت ڪهڙي گهڙيءَ ۾ ٿي؟ ته ڪجهه ماڻهو ان جواب کانسواءِ ٻيو ڪو جواب نه ڏئي سگهندا ته، ”بس پهرين نظر ڏسندي ئي مونکي محبت ٿي وئي“. اهو جواب مونکي ڪڏهن به سمجهه ۾ نٿو اچي ۽ Love at first sight (پهرين نگاهه ۾ ئي پيار) واري دعويٰ مون لاءِ هضم ڪرڻ سدائين ڏکي ڳالهه هجي ٿي پر ان تي ڪنهن ٻئي موقعي تي بحث ڪنداسين ۽ واپس ان نقطي ڏانهن اچون ٿا ته ڇا ماڻهو اٿاهه محبت جي باوجود ان گهڙيءَ يا لمحي بابت ٻڌائي سگهي ٿو، جنهن لمحي ۾ هو ڪنهن سان محبت جي ڪيفيت ۾ مبتلا ٿيو هجي ٿو!؟ هڪ پراڻي هندوستاني گاني ۾ ڪجهه سٽون هن ريت آهن ته:
اک بار وقت سے لمحہ گرا کہیں
وہاں داستان ملیں، لمحہ کہیں نہیں
سو ڪڏهن ڪڏهن وقت مان ڪرندڙ هڪ لمحو فرد مٿان ڪا اهڙي ڪيفيت آڻي ڇڏي ٿو، جنهن لمحي مان پيدا ٿيل داستان ته ياد رهجيو اچي پر اهو لمحو پوءِ هٿ نٿو اچي. بلڪل ائين جيئن ڪو پاڻيءَ جو ڦڙو توهان ڍنڍ ۾ وجهندوء ته اهو ڦڙو ان ڍنڍ يا تلاءُ جو حصو ٿي ويندو پر اگر اهو ڦڙو ڪنهن گلاب جي پنکڙيءَ تي ڪيرائيندوء ته اهو پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکي سگهندو.
اگر اسين سنڌ جي سماج جو مٿين ٿيل ڳالهين جي پس منظر ۾ جائزو وٺون ته لڳي ائين ٿو ته مجموعي طور سماج مايوسي ۽ ”ڪجهه نه ٿيندو“ واري ڪيفيت ۾ ورتل آهي. اها ڪيفيت سماج ۾ معروضي حالتن سبب پيدا ٿي آهي يا ٻين فيڪٽرز زوريءَ ان ڪيفيت کي هٿي وٺرائي پر شايد ئي سماج ۾ موجود ان مايوسيءَ واري ڪيفيت کان ڪير انڪار ڪري سگهي ۽ ان لاءِ ڪجهه ماڻهو اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار، ڪجهه سياسي پارٽين جي ڪارڪردگي ۽ ڪجهه وري اسان جي دانشور ۽ ساڃهه وند ڪلاس کي ذميوار قرار ڏين ٿا ۽ ذميواري ڪنهن جي مٿان به وجهون پر حقيقت اها ئي آهي ته اسانجو سماج مايوسيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، بلڪل ائين، جيئن ڪو ٽرڪ يا ٽرالر گپ يا واريءَ ۾ ڦاسي پئي ٿو پر فرق اهو آهي ته ان ڦاٿل ٽرڪ يا ٽرالر کي ڪڍڻ لاءِ وري ٽريڪٽر گهرايا ويندا آهن، جيڪي رسا ٻڌي ان کي ڇڪي ٻاهر ڪڍندا آهن پر مايوسي جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل اسان جي سماج کي ان ڪيفيت مان ڇڪي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪي به ٽريڪٽر نظر نه پيا اچن، بلڪه اگر ڀُل چُڪ ۾ ڪو ٽريڪٽر ان ڪم لاءِ سندرو ٻڌي ٿو ته اسان مان ئي ڪجهه ڀائي لوگ ان ٽريڪٽر کي اهڙي عمل کان روڪڻ لاءِ تن من سان سرگرم ٿيو وڃن. سماجيات جي موضوع جا شاگرد ان ڳالهه کان به انڪار نه ڪندا ته جڏهن ڪو سماج مجموعي طور ”ڪجهه نه ٿيندو“ واري ڪيفيت ۾ اچيو وڃي ته، ان سماج ۾ اجتماعي معاملات سان لاتعلقيءَ وارو رجحان به وڌيو وڃي. شايد اهو ئي ڪارڻ آهي ته، اسان وٽ گهڻي ڀاڱي ذاتي مسئلن ۽ اشوز کي ڇڏي ڪري اجتماعي اشوز تي فارغ وقت ۾ ويهي حال احوال کانسواءِ ڪو عملي ڪم ٿيندي گهٽ ٿو نظر اچي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهو سوچي ڳڻتي ٿئي ٿي. پاڪستان جي تاريخ ۾ مختلف سياسي تحريڪن کي جنم ڏيندڙ ۽ سياسي جاڳرتا رکندڙ طور سڃاڻپ رکندڙ اسانجو سماج جنهن تيزيءَ سان Depoliticise (غير سياسي بڻجڻ) ٿئي پيو، اهو ڪو مثبت رجحان ناهي، ڇاڪاڻ ته سماج ۾ صرف اهو بحث ڪرڻ ته، فلاڻو هن ڀيري اليڪشن ۾ بيهندو يا نه، ۽ فلاڻو کٽندو يا نه يا اقتداري سياست ۾ ٿيندڙ اٿل پٿل جو نتيجو ڇا نڪرندو؟ کي سياسي حالات حاضرا تي تبصرو ڪرڻ ته چئي پيو سگهجي پر ان کي سياسي جاڳرتا، جنهن مان ڪنهن سماج جي اجتماعي مفادات جو تحفظ ٿئي، قرار نٿو ڏئي سگهجي. پر اقتداري سياست ڪندڙن جي محفل هجي يا ٻاڪڙا هوٽل تي ٿيندڙ ڪچهري، انهن ڪچهرين ۾ ذاتي نوعيت جي موضوعن کانپوءِ سياست تي بحث عام ٿين ٿا، جنهن جو گهڻي ڀاڱي دائرو اقتداري سياست ئي هجي ٿو. حڪومت ۽ عدليا جي ٽڪراءُ جو انت ڇا ٿيندو؟ وزير اعظم استعيفيٰ ڏيندو يا نه، وغيره پر ورلي توهانکي سنڌ جي اجتماعي صورتحال بابت منطقي قسم جو بحث ٻڌڻ لاءِ ملندو ۽ اگر سنڌ جي اجتماعي حالتن بابت گفتگو ٿي به رهي هوندي ته ان ۾ مسئلن جي اپٽار ۽ انهن تي هاءِ گهوڙا وڌيڪ ٿيندي ٻڌي سگهبي، نه ڪي ان جي حل بابت سنجيده ۽ منطقي ڳالهه ٻولهه. ٿي سگهي ٿو ته ڪير اتي اهو نقطو اٿاري ته سماج ۾ موجود گهڻ طرفي مسئلن جي حل جي ته گهڻي ڀاڱي سڀني کي ڄاڻ آهي ته اهي مسئلا سٺي حڪمرانيءَ سان ئي حل ٿي سگهن ٿا، تنهن ڪري ان تي روز روز ڇا ڳالهائجي؟ آئون ان نقطي کي رد ڪرڻ کانسواءِ هڪ ٻيو نقطو اٿارڻ ٿو چاهيان ته اگر سماج مجموعي طور پنهنجي انيڪ مسئلن جو ادراڪ کانپوءِ واري ڏاڪي يعني ان جي حل بابت ته ڄاڻ حاصل ڪري چڪو آهي ته به ملين ڊالرز جو سوال اهو ئي رهي ٿو ته هو اهو حل يا علاج تائين پهچندو ڪيئن؟ ظاهر آهي ته جڏهن علاج سٺي حڪمراني آهي ته اها ڪا سماجي تنظيم ته آڻي نٿي سگهي، بلڪه ڪا سياسي تنظيم اليڪشن ذريعي ان علاج کي سماج لاءِ حاصل ڪري سگهي ٿي. سو اگر پاڻ ايندڙ اليڪشنز ۾ جڙندڙ منظر نامي جو جائزو وٺون ته سنڌ ۾ امڪاني طرح صورتحال ڪجهه هن ريت هوندي ته پي پي پنهنجن اتحادين سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ سان چونڊن ۾ بهرو وٺي رهي هوندي، جن اتحادين ۾ ايم ڪيو ايم، فنڪشنل ليگ، اي اين پي ۽ ”ق“ ليگ کان ويندي ٻيا ڪجهه آزاد اميدوار هوندا. ياد رهي ته اهي اتحادي ماضيءَ ۾ پي پي جي مخالفت ۾ اتحاد جوڙي چونڊن ۾ بيهندا هئا پر انهن جو پاڻ ۾ اتحاد ڪرائڻ ۾ بنيادي ۽ اهم ڪردار اسٽيبلشمينٽ جو هوندو هو، جيڪا انهن سڀني کي هڪ هنڌ ويهڻ تي مجبور ڪندي هئي پر اسٽيبلشمينٽ سان پراڻو واسطو رکندڙ همراهن جو چوڻ آهي ته، سردست اسٽيبلشمينٽ صفا پرڀرو ٿي بيٺل آهي، تنهن ڪري هر ڪو پنهنجي منهن فيصلا ڪري پيو ۽ اگر عام چونڊن جي اچڻ تائين به پس پرده قوتون سياسي جوڙ توڙ کان پاسيريون رهيون ته ماضيءَ ۾ پي پي مخالف رهندڙ قوتن کي گڏجڻ لاءِ ڪو محور نه ملندو ۽ هو گهڻي ڀاڱي پي پي جي اتحادي طور ئي چونڊن ۾ لهنديون.
ان سڄي صورتحال ۾ اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ نواز ليگ جي ميان نواز شريف سنڌ جي سياسي ميدان ۾ لٿو آهي، جيڪو پڻ اتي پي پي ۾ وڃڻ کان رهجي ويل با اثر ماڻهن کي پاڻ سان ملائڻ ۾ رڌل آهي. هڪ قومپرست پارٽي سنڌ نيشنل فرنٽ ته نواز ليگ ۾ مرڳو ضم ٿي وئي آهي. ٻين قومپرست پارٽين/گروپس سان نواز ليگ جون چونڊ اتحاد لاءِ ڳالهيون هلندڙ آهن. سو سنڌ ۾ ايندڙ عام چونڊن ۾ هڪ پاسي پي پي ۽ سندس اتحادي ۽ ٻئي طرف نواز ليگ ۽ سندس اتحادي آمهون سامهون هوندا پر پي پي جي حلقن مان ملندڙ خبرن موجب، پي پي عام چونڊن کان اڳ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جو ارادو رکي ٿي ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ اهڙو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، پر ان ۾ وڏي رنڊڪ سندس اتحادي ايم ڪيو ايم پاران نئين بلدياتي نظام جي حوالي سان وڌل شرط آهن. اگر اهي شرط جيئن جو تيئن پي پي قبولي ٿي وٺي ته سندس سنڌي ووٽ بينڪ تي تمام ناڪاري اثر پوندو پر اگر نٿي مڃي ته ايم ڪيو ايم راضي نه ٿيندي.
عام چونڊون هلندڙ سال جي آخر ۾ ٿين ٿيون يا ايندڙ سال، پر نيٺ عام چونڊون ٿيڻون ته آهن ۽ ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ جي مٿي بيان ڪيل امڪاني صورتحال به پنهنجي آڏو آهي ته پوءِ انگريزي جي هن چوڻيءَ جي صحيح هجڻ تي شڪ ٿيو پوي ته، Only Change is constant (صرف تبديلي ئي مستقل آهي) ڇاڪاڻ ته ايندڙ چونڊن جي نتيجي ۾ به ڪهڙي تبديلي سنڌ جي حصي ۾ ايندي؟ پر اسانجي سياسي ۽ مجموعي طور سماج بابت خفو رکندڙن جي سوچ ۾ ان حد تائين تبديلي ضرور آئي آهي ته معاشري جي مجموعي ڀلائي ڪنهن سماجي مهم يا رڳو درس ڏيڻ سان نه ايندي، بلڪه اهو ڪم ڪا سياسي مهم، ڪنهن سياسي تنظيم ذريعي ئي ممڪن آهي. اها تبديلي مثبت آهي، ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ سماج بابت اپٽار ڪندڙن جي اڪثريت تبديليءَ بابت غير سياسي نسخا ٻڌائيندا هئا پر هاڻ اگر سماج جو Critical Mass (نقاد فرد) ان هڪ نقطي تي پاڻ ۾ سهمت ٿئي پيو ته حقيقي ۽ معياري تبديلي ڪنهن سياسي تحريڪ کانسواءِ ممڪن ناهي ته يقينن اها هڪ چڱي پيش رفت آهي پر ملين ڊالرز جو سوال اهو ئي رهي ٿو ته اهڙي ڪا تحريڪ يا تنظيم ٺاهڻ لاءِ اهو ساڃاهه وند طبقو ڪڏهن پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪندو؟
ٽن سالن کان رڙيون ڪيم پئي ته سنڌ جي وحدت تي وار لاءِ سانباها ٿي رهيا آهن پر شايد منهنجي ڳالهين سان سماج ائين Sensitize (حساسيت پيدا ڪرڻ) نه ٿي سگهيو، جيئن ٿيڻ گهرجي ها ۽ پاڻ ڏٺو ته جيڪا نيت ڌرين جي دلين ۾ هئي، اها ڦاٽ ڦاڙي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڀتين ۽ هورڊنگ بورڊز تي سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ وارن نعرن ۽ نقشن جي صورت ۾ نظر آئي ۽ جيڪو ڪجهه 22 مئي تي سنڌ جي وحدت سان، محبت جو پيغام کڻي نڪتل ماڻهن سان ٿيو، اهو هڪ کليل نياپو هو ته ڪراچيءَ ۾ جيڪو به سنڌ سان محبت جي ڳالهه ڪندو، ان جي آواز کي گولين جي گونجار ۾ خاموش ڪيو ويندو. ڪراچي ۾ پنهنجي ڌرتي، پنهنجي ماءُ، پنهنجي سنڌ جو جيڪو نالو کڻندو، اهو موت جو حقدار هوندو ۽ 22 مئي تي 13 کان وڌيڪ ماڻهن کي شهيد ڪري اهو نياپو وڏي واڪي ڏنو ويو ته سنڌ جي وحدت کي خطرو هاڻ صرف ڪا خيالي ڳالهه نه پر هڪ ڀيانڪ حقيقت آهي. ڇا سنڌ جي وحدت بابت سماج ۾ حساسيت 13 شهيدن جي رت کانپوءِ به پيدا نه ٿيندي؟ ڇا اڃا به اقتداري يا گروهي مفادات ۾ ورتل اسانجي سياسي ڪلچر ۾ تبديلي نه ايندي؟ ڇا ”ڪجهه نه ٿيندو“ واري ڪيفيت ۾ ورتل سماج کي 22 مئي جو سانحو لوڏي ”ڪجهه ڪرڻ کپي“ وارو احساس پيدا ڪرڻ لاءِ ڪافي ثابت نه ٿيندو؟
8 اپريل 2009ع تي لکيل پنهنجي هڪ مضمون ”وقت جي ٽڪ ٽڪ“ (اهو مضمون منهنجي ڪتاب ۽ روزاني ڪاوش جي ويب سائيٽ تي پڙهي سگهجي ٿو) جو هڪ حصو ٻيهر موضوع جي مناسبت سان هيٺ ڏجي ٿو:
”تازو ڪنهن باخبر سنڌ دوست بزرگ مهربان شام جي ڪچهري جي پڄاڻي وارا ڍڪ گلاس مان ڀريندي چيو ته، ”اسان جو ته وقت پورو ٿيڻ وارو آهي، پر سنڌ جي پارت اٿوَ ڇاڪاڻ ته خطرا انيڪ آهن، پر هاڻ وقت سنڌ وٽ به ٿورو بچيو آهي!“ اهي جملا چوڻ مهل سندس اکين مان صاف محسوس ٿي رهيو هيو ته هو ڪنهن خمار ۾ نه، پر پنهنجي معلومات ۽ تجربي آڌار انتهائي تڪليف وچان چئي رهيو هو. ان بزرگ مهربان کي ته اهو چئي آٿت ڏنم ته سنڌگدڙن ناهي کاڌي، پر سندس اهو جملو ته ”وقت ٿورو بچيو آهي“ ڪيتري عرصي کان Haunt (لڳاتار پيڇو) پيو ڪري. ڪڏهن پاڻ کي اهو چئي دلاسو ڏيان ٿو ته سنڌ ته هزارن سالن کان رهندي پئي اچي، هاڻ وري ڇا ٿي ويندو؟ پر وري پاڻ کان ئي سوال ڪريان ٿو ته هزارن سالن کان سنڌ هڪ جهڙي جاگرافيائي صورت ۾ ته ناهي رهي، سو هاڻ ڇا ٻيهر....؟ وري چوان ٿو ته نه نه جيڪڏهن خدا نه ڪري سنڌ کي ڪو دک رسائڻ جي ڪوشش ڪندو ته ڪروڙين سنڌي ماڻهو ان کي روڪڻ لاءِ نڪري ايندا، پر وري سوال من اندر اچي ٿو ته، ”ڪٿي نڪري ايندا ۽ ڇا ان وقت ڇڙ وڇڙ ٿي نڪري اچڻ سان ڪو گهڻو ڪجهه حاصل ٿي سگهندو“؟ پرڏيهي قوتون جيڪو هن خطي بابت رٿي رهيون آهن، انهن بابت جيڪي سرٻاٽ يا انٽرنيٽ تي ايندڙ نقشا جيڪو ڏس ڏئي رهيا آهن، انهن ۾ ڪراچي يا بلوچستان سان لڳندڙ سنڌ جي علائقن لاءِ جيڪو ڄاڻايو پيو وڃي، اهو ڪنهن ڀوائتي خواب کان گهٽ ڪونهي. آئون وري پاڻ کي تسلي ڏيان ٿو ته اهو سڀ ڪوڙ ۽ بڪواس آهي ۽ سنڌڙي صوفين ۽ بزرگن جي ڌرتي آهي، ان کي نه ئي ڪا لهر ايندي ۽ نه لوڏو! پر وري ڪنڌ کي جهٽڪو ڏئي چوان ٿو ته ”معنيٰ قاضي صاحب، سنڌ کي وقت جي سهاري ڇڏي ڏجي ته جيڪر ڪجهه نه ٿئي ته خير، پر خدا نه ڪري ڪجهه ٿيو ته وري اهو جملو ميار طور چئي وٺبو ته، ”جيڪڏهن وقت وفا ڪري ها ته اسان جي حالت اهڙي نه هجي ها!! جڏهن اهڙا جملا پڙهڻ ۽ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ته ڪراچي ”اسين“ سنڀالي وٺنداسين باقي سنڌ جو ڇا ٿيندو؟ يا اي اين پي سنڌ جي صدر شاهي سيد جو بيان ته ”ملڪ ترقي ڪري يا ٽُٽي، پر ڪراچي ۾ پٺاڻن جو برابر جو حصو آهي.“ ته اهڙن بيانن کانپوءِ سنڌ ۽ سنڌين جي صورتحال ڪيڏانهن پئي وڃي، اهو سمجهڻ لاءِ ڪو وڏو مفڪر يا ڏاهو هجڻ ته ضروري ناهي! ساڳئي ريت جيڪو ڪجهه آزاد علائقن کان ويندي سوات ۽ اسان سان گڏيل صوبي بلوچستان ۾ ٿي رهيو آهي ۽ ان صورتحال مان پرڏيهي قوتون جيڪو حاصل ڪرڻ جو رٿي رهيون آهن، ڇا سنڌ تي ان جا ڪاپاري اثر نه پوندا؟ جيڪو اهو سمجهي ٿو ته ڇاڪاڻ جو سنڌ انهن معاملن کان پري آهي، تنهن ڪري ان کي فڪر ڇو ڪرڻ کپي ته اهڙي سوچ رکندڙن کي يا انتهائي معصوم يا پوءِ کليل اکين سان گهري ننڊ ۾ ورتل ماڻهو چئي سگهجي ٿو. “
22 مئي تي شهيد ٿيندڙ سنڌ جي نياڻي غزالا صديقي سوڌو سمورن شهيدن کي سلام، زخمي ٿيندڙن کي سلام، جيجل ماءُ سان محبت جي اظهار لاءِ ڪولاچي ۾ ريلي ڪڍندڙ محبتين کي سلام، دهشتگردن جي فائرنگ دوران ڪوريج ڪندڙ صحافين کي سلام- پر ڇا صرف سلام موڪلڻ سان ڌرتيءَ جي وحدت تي ميري اک رکندڙ مڙي ويندا؟ ڇا 22 مئي جي سانحي تي لاڙڪاڻي يا بدين ۾ مظاهرا ڪرڻ سان اهي سازشون ڪندڙ ڊڄي ويندا؟ ڇا ڪنهن حڪمت عملي کانسواءِ ٿيندڙ ڇڙ وڇڙ احتجاج آئينده ڪولاچي ۾ سنڌ سان محبت جي اظهار جي مخالف دهشتگردن کي روڪڻ لاءِ ڪافي هوندو؟ ڌرتي جي وحدت لاءِ اجتماعي طرح سماج کي حساس ٿيڻو پوندو ۽ اسين چاهيون يا نه پر وقت جي ٽڪ ٽڪ ته هلندي رهندي ۽ ڪٿي، خدا نه ڪري، سڀاڻي ڪنهن وقت ۾ اسين اهو نه چئي رهيا هجون ته، ”ڪاش اسان ڪجهه ڪريون ها ته ائين نه ٿئي ها.“

خميس 24 مئي 2012ع

ٽين اک سان ڏسڻ جي ضرورت

هڪ ڏينهن اک کلي ته چوطرف عجيب و غريب منظر هو، سمجهه ۾ نه آيو ته آئون ڪٿي ۽ ڪهڙي جهان ۾ اچي ويو آهيان. سوچيم ته، ”ڪٿي آئون پٿر جي دور ۾ ته نه اچي ويو آهيان؟“ پر موبائيل فون، ڪمپيوٽر وغيره تي نظر پئي ته اهو خيال رد ڪري ڇڏيم. وري ڪيلينڊر تي نظر پئي ته ان تي 2012ع لکيل هو، سوچيم ته، ”آئون انهيءَ سال ۾ ته ستو هئس، پوءِ سڀ ڪجهه اجنبي اجنبي ڇو پيو لڳي؟“ ۽ پاڻ کان وري پڇي ويٺس ته، ”هي ڪهڙو دور آهي؟“ چوطرف ٺڪا ٺُڪي جا آواز ڇو پيا اچن؟ ٽي وي تي، اخبارن ۾، رشتن ۾، محبتن ۾ - غرض ته هر هنڌ ماڻهو واڍڪو ڪم ڪندي ۽ واڍن وارا اوزار کنيو ڦرن پيا. ڪو پنهنجي حڪومت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪوڪا ٺوڪي پيو ته وري ڪو پنهنجي ڪاروبار کي سگهارو ڪرڻ لاءِ مترڪي سان ٽجوڙيءَ کي ٺوڪي پيو، ته ڪٿي ڪو محبت ڪندڙ پنهنجي محبوب مٿان پيل شڪ ۽ مفادن جي خول کي آريءَ سان ڪٽڻ ۾ رڌل آهي، ته ڪٿي ڪنهن تعلق جي ٽٽل ٽَنگ کي ڪوڪا هڻي وري بيهارڻ جي ڪوشش ٿئي پئي. غرض ته چوطرف واڍڪو ڪم ٿيندي نظر اچي ٿو. سوچيم ته، ”ڇا هي ڪاٺيءَ جو دور آهي؟“ اها سوچ اچڻ کانپوءِ اهو چئي نٿو سگهان ته پوءِ واقعي به منهنجي اک کلي وئي، ڇاڪاڻ ته پڪ سان نٿو چئي سگهان ته جيڪو ڪجهه مٿي لکي آيو آهيان، اهو مون سمهندي خواب ۾ ڏٺو آهي يا کليل اکين سان روز ڏسڻ باوجود هڪ ڏينهن ٽين اک سان ڏٺو، جيڪا اک هر ڪنهن وٽ هجي ضرور ٿي، پر اها گهڻو ڪري بند هجي ٿي. ٽين اک جي مختلف ماڻهو مختلف تشريحون ڪندا آهن پر منهنجي خيال ۾ انسان پنهنجو پاڻ کي جنهن گهڙيءَ آرسي کانسواءِ به ڏسي سگهي، ته چئبو هن شخص جي ٽين اک کليل آهي.
اسانجي سماج ۾ ستر سيڪڙي جي لڳ ڀڳ ماڻهو بنهه غريب (غربت جي ليڪ کان هيٺ رهندڙ) يا غريب آهن، جيڪي روز جي بنياد تي پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهيا آهن. جن وٽ نه ئي ايتري فرصت آهي، نه ئي ايتري طاقت آهي، جو اهي ويهي سماج جي بدتري (جنهن جا هو پاڻ وڌ ۾ وڌ شڪار آهن) بابت غور ڪن ۽ ان کي سڌارڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙين. انهن لاءِ وڏي ۾ وڏو ڪم صرف جيئڻ (Survive) جا جتن ڪرڻ ۽ ٻن ويلن جي ماني جي حاصلات آهي. اها مخلوق هڪ ئي وقت مهانگائي جي راڪاس کان ويندي بدامني، سرڪاري مشينري جي مار موچڙي وغيره جهڙن محاذن کي منهن ڏيڻ ۾ پوري آهي. تنهن ڪري انهن کان سندن ئي بهتري يا سماج جي مجموعي چڱائيءَ لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪرڻ جي خواهش ڪرڻ زيادتي هوندي ۽ نه ئي وري انهن وٽ پنهنجي روز جي ڳالهه ٻولهه جو اهو موضوع ئي هجي ٿو پر سماج جي باقي ٽيهه سيڪڙو آبادي، جيڪا معاشي طور ٿوري سگهه ڀري ۽ تعليم جي حوالي سان ڪجهه اڳڀري آهي، انهن ماڻهن کي پاڻ ٿلهي ليکي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا: هڪ اهو، جيڪو هن موجوده جمود (Status quo) جو حامي آهي ۽ ان جا Beneficiary (مستفيض ٿيندڙ) آهن پر اهو حصو ايڏو وڏو ڪونهي، بلڪه ٻيو حصو تمام وڏو آهي، جيڪو سماج جي متواتر بدتري سبب سخت پريشان آهي ۽ ڪاوڙيل به آهي، ڇاڪاڻ ته هو به سماج جي غريب ستر سيڪڙو آبادي وارن مان انيڪ مسئلن کي پاڻ به منهن ڏئي رهيو هجي ٿو. جيتوڻيڪ انهن وٽ ٻن ويلن جي ماني جو اشو نٿو هجي پر امن و امان، صحت، تعليم، ڪرپشن وغيره جهڙن انيڪ عذابن کي ڀوڳي ٿو پر اها حقيقت آهي ته سماج جو اهو طبقو به سماج ۾ ڪنهن اجتماعي چڱائي لاءِ ڪو گڏيل ڪردار ادا نه پيو ڪري.
ائين ناهي ته ڪي فرد يا گروپ ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا نه ڪندا هجن پر آئون اجتماعي ڪردار جي ڳالهه پيو ڪريان. اگر پاڻ سنڌ جي آبادي ساڍا پنج ڪروڙ ٻڌون ۽ انهن مان سنڌي ڳالهائيندڙن جي آبادي ساڍا ٽي يا چار ڪروڙ ۽ ان مان ستر سيڪڙو يعني ٻه ڪروڙ اسي لک ماڻهن کي غريب يا بنهه غريب هجڻ واري کاتي ۾ وجهون ته به هڪ ڪروڙ ويهه لک ماڻهو باقي ٽيهه سيڪڙو ٿين ٿا ۽ اگر انهن مان ڏهه لک ماڻهو موجوده نظام مان سڌي يا اڻسڌي طره فائدو وٺندڙ طور مائنس ڪريون ته به هڪ ڪروڙ ڏهه لک ماڻهن جو انگ بچي ٿو. پر اڃا ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ پنهنجي سماج جي مخصوص حالتن کي نظر ۾ رکندي اسي کان نوي لک خواتين، بزرگن ۽ ٻارن جي کاتي ۾ وجهي هڪ پاسي ڪريون ته به پويان ويهه لک ماڻهو بچن ٿا. سو سوچڻ اهو گهرجي ته اهي ويهه لک ماڻهو ڇا ڪو گڏيل رول ادا ڪن پيا؟ سو ملين ڊالرز جو سوال اهو آهي ته چار ڪروڙ سنڌي سماج جو هي پنج سيڪڙو يعني ويهه لک ماڻهو ڪٿي آهن ۽ ڇا ڪري رهيا آهن؟ انهن ويهه لک ماڻهن کي پاڻ ٽن حصن ۾ ورهائي پيا سگهون: (I) اهو حصو سماج جي مجموعي حالتن مان بيزار هجڻ باوجود شديد نراسائي ۾ ورتل آهي ۽ انهن جو خيال آهي ته ڪجهه به ڪري وٺجي پر ٿيندو ڪجهه نه، تنهنڪري ڪوشش ڪرڻ ئي اجائي آهي. (II) هي طبقو به اٿندي ويهندي حالتن بابت روڄ راڙو ڪري ٿو پر هي بري طرح پنهنجي Ego Trap (انا جي اسيري) ۾ ورتل آهن، انهن جي انا کين اجازت نٿي ڏي ته هو اُن خيال يا سوچ جي به کليل حمايت ڪن، جنهن سان هو دلي طور سهمت هجن، ڇو جو اهو خيال يا سوچ ڪنهن ٻئي پاران ظاهر ڪيل هجي ٿي. سو سندن انا کين مجبور ڪري ٿي ته هو هر اُن خيال يا سوچ يا عمل جي مخالفت ۾ دليل ڏين، جيڪا ڪنهن ٻئي پاران ظاهر ڪئي وڃي ۽ جيئن ڪو ٻيو ڪجهه چئي يا ڪري ٿو ته کين پنهنجي علمي ۽ دانشمندي چيلينج ٿيندي محسوس ٿئي ٿي. (III) سماج جي ويهه لکن ماڻهن جي ٽئين حصي ۾ Initiative (پيشرفت ڪرڻ) جي کوٽ شدت سان آهي. هو پنهنجي پاڻ ڏانهن ڏسڻ بدران هيڏانهن هوڏانهن ڏسي رهيا هجن ٿا ته ڪو ٻيو سامهون اچي ۽ سماج جي مسئلن جو تدارڪ ڪري ۽ موٽ ۾ کيس دعائون ڏجن ۽ سندس اخلاقي حمايت ڪندي سندس پٺي ٺپرجي.
سو اگر ويهه لک ماڻهن کي مٿي ڄاڻايل ٽن تعارفن کي برابر برابر ورهائجي ته هر حصي ۾ تقريبن ڇهه لک، سٺ هزار ماڻهو ايندا ۽ اگر پاڻ نراسائي ۾ ورتل ۽ پنهنجي انا جي ڄار ۾ ڦاٿل ماڻهن واري حصن ۾آيل تيرنهن، ساڍا تيرنهن لک ماڻهو هڪ پاسي به ڪريون ته باقي ڇهه، ساڍا ڇهه لک ماڻهو جيڪي Initiative (پيشرفت) جي جذبي جي کوٽ ۾ورتل آهن، مان اميد برقرار رکڻ کپي ته هو دير سوير پنهنجو ڪو گڏيل ڪردار ادا ڪندا.
اتي شايد ڪو اهو سوال اڀاري ته چار ڪروڙ ماڻهن جي سماج ۾ هڪ ڏيڍ سيڪڙو (ساڍا ڇهه لک) ماڻهو ڪيئن ڪو وڏي تبديلي آڻي سگهندا؟ ته اهڙو سوال اڀاريندڙ دُنيا جي مختلف سماجن ۾ آيل وڏين تبديلين جو جائزو وٺي ڏسن ته اتي تبديلي لاءِ عملي بهرو اتي جي هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آبادي ورتو پر کين اخلاقي حمايت يقينن اتان جي عوام جي اڪثريت جي هئي. تازو تيونس يا مصر ۾ هليل عوامي تحريڪن ۾ عملي بهرو وٺندڙ عوام جو انگ هڪ سيڪڙو به ڪونه هو ۽ اهي به اُهي، جن کي ٻن ويلن جي ماني جي پريشاني نه هئي. التحرير چوڪ تي پيرين اگهاڙن ۽ پويان ٻارن کي بکيو ڇڏي ايندڙن جو انگ نه هجڻ برابر هو، بلڪه اُنهن مان اڪثريت ٽويٽر يا فيس بُڪ استعمال ڪندڙ هئا، معنيٰ ڪنهن حد تائين معاشي طور بهتر هئا، پر حسني مبارڪ دور جي اونداهين مان ٻاهر نڪرڻ جي جذبي کين ڪنهن ليڊر يا اڳواڻ جي اڳواڻيءَ ۾ اڳتي اچڻ واري خواهش کان مٿڀرو ڪري اجتماعي طور گڏيل عمل ڪرڻ جي همت ڏني ۽ هو ان خواب/خيال جي اڳواڻي ۾ ته، کين حسني مبارڪ دور جي پڄاڻي آڻڻي آهي، گڏيل طور ميدان عمل ۾ لهي پيا. ياد رهي ته التحرير چوڪ يا سڄي مصر ۾ عملي طور تحريڪ هلائيندڙن جو انگ مصر جي ڪُل آباديءَ جو هڪ سيڪڙو به نه هو، بلڪه مبارڪ سرڪار جي مشينري ۽ ان نظام جي حامين سان گڏ تحريڪ سبب مصر جي ٽوئرزم متاثر ٿيڻ سبب معاشي طور متاثر ٿيندڙ ان تبديلي جي خواهش رکندڙ ماڻهن جا مخالف به هئا پر تنهن هوندي به ثابت قدمي سان بنا ڪنهن هڪ ليڊر جي هليل اها عوامي هلچل نيٺ ڪامياب ٿي ۽ اهو حسني مبارڪ، جنهن پنهنجي عهدي جي خاتمي کان صرف ڏيڍ مهينو اڳ هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته، ”منهنجي ضدي پڻي ۾ پي ايڇ ڊي ڪيل آهي“ کي مصر جي هڪ سيڪڙي کان به گهٽ ماڻهن ضد ۽ ٽيهه سالن جي اقتدار کان لوهي سيخن جي پويان بيهاري ڇڏيو.
آئون سمجهان ٿو ته سماج جي انهن ڇهه، ساڍا ڇهه لک ماڻهن کي گڏيل عمل ذريعي ڪجهه نه ڪرڻ لاءِ انهن دليلن کي پاسيرو ڪرڻو پوندو ته جيستائين عوام جي اڪثريت ڪجهه نه ڪندي، تيستائين ڪجهه نه ٿيندو يا جيستائين ڪو ليڊر يا اڳواڻ اڳتي نه ايندو، تيستائين ڪجهه ٿيڻ ممڪن ناهي.
بلڪه پنهنجي ٽين اک سان ڏسڻ جي ضرورت آهي ته ڇا اسان ۾ سماج ۾ بهتري ۽ خوشحالي جو جذبو ايترو پختو ٿي ويو آهي، جنهن جذبي جي شڪتي سان ڏهاڪن کان اسانجي سماج کي يرغمال ڪيل ڀوتارڪي سياسي ڪلچر کي پاڙن کان پٽي ٻاهر اڇلائي سگهجي؟ يا پوءِ اهڙي ئي سماج ۾ زندگي گهاريندا رهون جيئن گلزار لکيو آهي ته:

یہاں جینا بھی جادو ہے
یہاں پر خواب بھی ٹانگوں پہ چلتے ہیں
یہاں دل خرچ ہوجاتے ہیں اکثر ۔ کچھ نہیں بچتا
سبھی چاٹے ہوئے پتل ہوا میں اڑتے رہتے ہیں
کبھی سند باد بھی آیا تو ہوگا اس جزیرے پر
یہ آدھی پانی اور آدھی زمین پر
دیکھ کر، حیران ہوا ہوگا !

جمع 17 آگسٽ 2012ع

طرِز حڪمرانيءَ جو قومن جي ترقي ۽ تنزل ۾ ڪردار

دُنيا جي مختلف قومن بابت مختلف Perceptions (تاثر) جڙندا رهيا آهن ۽ جڙيل آهن. ڪنهن قوم لاءِ عظيم، ته ڪنهن لاءِ وڏي ويڙهاڪ، ته ڪنهن لاءِ سست ۽ بزدل وغيره جهڙا تاثر..... پر تاريخ اهو ٻڌائي ٿي ته اڪثر قومن پاڻ بابت جڙيل تاثر کان وقت اچڻ تي بنهه مختلف انداز ۾ عمل ڪيو ۽ نئون پروفائل جوڙيو پر اهو تڏهن، جڏهن سندن اڳواڻي ڪندڙن کين همٿايو. مثال طور؛ جاپاني قوم، جنهن کي پنهنجي باري ۾ اهو گهمنڊ هو ته کين ڪابه دنياوي قوت شڪست نٿي ڏئي سگهي ۽ سندن بادشاهه سج ديوتا جو پٽ آهي. اها قوم ان غلط فهميءَ جو ايڏو شڪار هئي، جو هيرو شيما ۽ ناگا ساڪي تي ايٽم بم ڪرڻ کانپوءِ به هار مڃڻ لاءِ تيار نه هئي، پر جڏهن سندن بادشاهه کين هٿيار ڦٽا ڪري نئين جاپان جي اڏاوت لاءِ ترغيب ڏني ته اڄ جاپان جو شمار نه صرف دُنيا جي سڀني کان وڌيڪ اسريل، پر اهڙي ملڪ طور ٿئي ٿو، جيڪو دُنيا ۾ ڪنهن ويڙهه يا جنگ بدران امن جو علمبردار آهي پر ساڳئي وقت جڏهن هٽلر ۽ سندس ٽيم جرمن قوم منجهه اهو تاثر ويهارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ته جرمن دُنيا جي عظيم ترين قوم آهي ۽ دُنيا تي حڪمراني ڪرڻ سندس حق آهي، ته ان اڳواڻ (هٽلر) جي عمل ۽ روش جي ڪري جرمن قوم ڏهاڪن جا ڏهاڪا ٻين قومن جي قبضي هيٺ رهڻ جي انجام تي پهتي. ساڳي ريت ٻيا کوڙ سارا مثال ڏئي پيا سگهجن، جن مان اهو واضح ٿيندو ته هر قوم ۾ هڪ ئي وقت انيڪ خوبيون ۽ انيڪ خرابيون هجن ٿيون. نه ئي ڪا قوم سدائين عظيم يا جنگجو يا ٻيو ڪجهه رهي ٿي، بلڪه شرط اهو آهي ته ڪهڙي دور ۾ سندس اڳواڻي ڪهڙي ليڊر شپ وٽ آهي ۽ ليڊر صرف اهو ناهي، جيڪو نعرا هڻي ۽ هڻائي يا قوم کان تاڙيون وڄرائڻ وارا فيصلا ڪري، بلڪه ليڊر اهو هجي ٿو، جنهن وٽ قوم جي اڄ ۽ سڀاڻي بابت ويزن هجي. ڏکڻ افريقا جڏهن گورن جي تسلط کان آزادي ماڻي ته اِنهن جي اڳواڻي نيلسن منديلا ڪري رهيو، جنهن ڪاري رنگ واري پنهنجي چاهيندڙن کي خوش ڪرڻ لاءِ گورن کي ڏکڻ افريقا مان نيڪالي ڏيڻ يا سندن قتلِ عام ڪرائڻ بدران ڏکڻ آفريقا جي قوم جو نئون تصور اڀاريو، جنهن قوم ۾ڪارا ۽ گورا ٻئي گڏ هئا، ۽ ان لاءِ منڊيلا ڪيترائي قدم کنيا، ويندي ڏکڻ آفريقا جي ”رگبي“ راند، جنهن ۾ صرف گورا رانديگر هئا ۽ جنهن ٽيم سان ڪاري رنگت وارن کي شديد نفرت هئي پر منديلا ان ٽيم کي همٿايو ۽ پوءِ وقت آيو ته رگبي جي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ ڪاميابيءَ تي گورن ۽ ڪارن گڏجي هڪ قوم طور جشن ملهايو. سو چوڻ جو مقصد اهو آهي ته ڪنهن به قوم جي ڪاميابي ۽ ترقي يا ناڪامي ۽ بدحاليءَ لاءِ سڄي قوم کي هڪ نالو/تاثر ڏئي ذميوار قرار ڏيڻ درست نٿو هجي، بلڪه ڏسڻو اهو هجي ٿو ته ان قوم جي اڳواڻي ۽ سندن مسئلن جي مئنجمينٽ ڪندڙ ٽيم ڪهڙي آهي.
بدحاليءَ جي ور چڙهيل قومن جي ترقي نه ڪري سگهڻ بابت به مختلف ٿيوريز پيش ٿينديون رهيون آهن، جن ۾ قومن جي نفسيات مٿان جاگرافيائي اثر، موسم جو اثر وغيره شامل آهن پر حقيقت انهن ٿيوريز جي ابتڙ آهي ۽ ان موضوع جو حوالو ڏيندي تازو مارڪيٽ ۾ آيل ڪتاب WHY NATIONS FAIL (قومون ناڪام ڇو ٿيون ٿين؟) ۾ مختلف مثال ڏئي اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته هڪ قوم ساڳي موسم، ساڳي ٻولي، ڪلچر، جاگرافي، بلڪه سڀ ڪجهه ساڳيو هوندي به اڌ قوم خوشحال ۽ اڌ قوم بدحال ڇو ٿي هجي. آمريڪا ۽ مئڪسيڪو جي بارڊر جو شهر نوگيلس جو اڌ آمريڪا جي رياست ايريزونا ۾ اچي ٿو ۽ اڌ ميڪسيڪو جي سونورا ۾ اچي ٿو. ٻنهي ملڪن ۾ ورهايل ان شهر جي شهرين ۾ نه ٻولي، نه ڪلچر، نه موسم، نه ئي ٻئي ڪنهن شئي جو فرق آهي پر اگر ڪو فرق آهي ته خوشحالي ۽ بدحاليءَ جو، يعني نوگيلس جو جيڪو حصو آمريڪا ۾ آهي، اتي ماڻهو ٻين آمريڪي شهرين جيان خوشحال آهن پر جيڪو حصو مئڪسيڪو ۾ آهي، اتي شهرين جا حال پوئتي پيل آهن. سو سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته ٻنهي ۾ اهو فرق ڇو آهي؟ ته ان جو مختصر ۽ سادو جواب اهو آهي ته آمريڪا ۾ سٺي حڪمراني آهي ۽ ميڪسيڪو ۾ نه. اهڙو ئي مثال ڏکڻ ڪوريا ۽ اتر ڪوريا جو ڏئي پيو سگهجي، جيڪا ساڳي قوم هجڻ باوجود هڪ ٻئي کان مختلف انداز ۾ زندگي گذارين پيا، ڏکڻ ڪوريا جي ڳڻپ دُنيا جي سُکئي ملڪ طور ٿئي ٿي ۽ اتر ڪوريا جو دُنيا جي غريب ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو.
تازو منهنجو جرمني وڃڻ ٿيو ۽ برلن شهر ۾ برلن جي ديوار جي باقي بچيل آثارن کي ڏسندي خيال آيو ته جڏهن اها ديوار بيٺل هئي ته به ٻنهي پاسي جرمن ئي آباد هئا، ته پوءِ اوڀر جرمني ۾ ڇو ايتري غربت هئي ۽ ڇو اتان جو ماحول ايترو ٻوساٽيل هو، جو ڪيترن هزار ماڻهن اوڀر جرمني مان برلن جي ديوار ٽپي اولهه جرمني اچڻ جي خواهش ۾ پنهنجي حياتي وڃائي ڇڏي ۽ اڄ جڏهن اها ديوار ٽٽي هڪ ڏهاڪي کان مٿي عرصو گذري ويو آهي ته مون وانگر پهريون دفعو برلن آيل ماڻهوءَ کي ته ٻنهي پاسن ۾ ڪو فرق ئي محسوس نه پيو ٿئي، ته ان سوال جو به صرف هڪ ئي جواب سمجهه ۾ آيو ته خراب طرز حڪمراني اوڀر جرمني کي پوئتي رکيو ۽ جڏهن برلين جي ديوار ٽٽي ته اولهه جرمني ۾ رائج سٺي حڪمراني سبب موجود خوشحالي اوڀر جرمني کي به پاڻ وانگر ئي خوشحال ڪري ڇڏيو.
تاريخي طور سنڌ جي جاگرافيائي حد ڪيستائين هئي، اُن بابت تي تاريخ جا شاگرد ئي ڪا مستند ڳالهه ڪري سگهن ٿا پر چچ نامي ۾ سنڌ جي سرحد سان ڪشمير رياست جي جهنڊن جو ذڪر ملي ٿو، پر اها پڪ ناهي ته هاڻوڪو پنجاب جو ڪيترو حصو سنڌ ۾ هو ۽ ڪيترو ڪشمير ۾. پر پنجاب، جيئن ته نالي مان ئي ظاهر آهي ته بطور رياست، بعد جي پيداوار آهي، پر اهو به سنڌو ماٿر جي تهذيب جو حصو آهي. سنڌ ۽ پنجاب ۾ ٻولي ۽ ڪلچر جي فرق باوجود ٻئي گهڻي ڀاڱي زرعي سماج آهن، ٻئي گذريل 64 سالن کان هڪ ئي ملڪ جو حصو آهن پر ٻنهي صوبن ۾ امن و امان، روڊ رستن يعني انفرا اسٽرڪچر ۽ معيشت ۾ ايڏو فرق ڇو آهي؟ اهو سوال گذريل ڳچ سالن کان مختلف هنڌن تي تبديليءَ جي حوالي سان ڪيل ڪچهرين، ليڪچرز ۽ ڪي ٽي اين جي پنهنجن پروگرامن ۾ به اٿاريندو رهيو آهيان ۽ اهو مثال به ڏيندو آيو آهيان ته اگر ڪو ماڻهو گاڏيءَ ذريعي پنجاب مان سنڌ اچي رهيو هجي ته سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جي خبر کيس ڪو بورڊ پڙهي نه پوندي پر اگر اوچتو گاڏيءَ کي جهٽڪا ۽ لوڏا اچڻ شروع ٿين ته مطلب اهو ٿيو ته هو سنڌ ۾ داخل ٿي چڪو آهي!! سڄي ڳالهه ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته ڪنهن به سماج جي ترقي يافته هجڻ يا ترقي پذير هجڻ سان اتان جي جاگرافي يا موسم يا ٻئي ڪنهن شئي جو تعلق نٿو هجي، بلڪه اڪيلو فيڪٽر هي هجي ٿو ته سماج جي مينجمينٽ ڪندڙ ٽيم ڪيتري ايماندار، ڪيتري باصلاحيت ۽ ڪيترو فهم رکندڙ آهي. سولي سنڌيءَ ۾، ڪٿي حڪمران پنهنجي عوام کي هڪ صاف، شفاف ۽ بهترين گورننس/حڪمراني مهيا ڪن ٿا ۽ ڪٿي نٿا ڪن.
سنڌي سماج بابت ڌاريا ته ڇڏيو پر پنهنجا ٻن قسمن جي انتها وارا تجزيا ڪن ٿا، جن تجزين جي آڌار تي سنڌي قوم کي يا ته انتهائي عظيم ويڙهاڪ ۽ جاکوڙيندڙ قوم قرار ڏنو وڃي ٿو يا پوءِ بنهه سُست، هڪ ٻئي جون ٽنگون ڇڪيندڙ وغيره قوم چيو وڃي ٿو. ٻئي انتها تي ٻڌل خيال ظاهر ڪندڙ پنهنجن انهن راين جو بنياد سنڌ جي تاريخ، زرعي معاشرو هجڻ، اتان جي موسم وغيره جهڙن بنيادن تي ڏين ٿا، جيڪا ڪا گهڻي منطقي ائپروچ ناهي، ڇاڪاڻ ته ڪابه قوم هر دور ۾ انتهائي ذهين، بهادر يا چُست به نٿي هجي ۽ نه ئي انتهائي بيوقوف، بزدل يا سُست وغيره هجي ٿي، بلڪه وقت، حالات ۽ اُن مهل ان قوم ۽ سماج جي مئنجمينٽ (اڳواڻي) ڪندڙ عقلمند يا بيوقوف، بهادر يا بزدل وغيره هجن ٿا. ان پس منظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت اها آهي ته سنڌي سماج جنهن ريت اڄ پوئتي پيل آهي ۽ ترقي بدران تنزلي جو شڪار آهي، ان جو ڪارڻ ان جي غلط مئنجمينٽ ڪندڙ آهن، ڇاڪاڻ ته اسانجي قوم يا سماج ۾ به اهو سمورو Potential (سگهه/ قوت) موجود آهي، جيڪو ڪنهن سماج کي ترقي وٺرائڻ لاءِ گهربل هجي ٿو پر وري ملين ڊالرز جو سوال اڀري اچي ٿو ته سٺي مئنجمينٽ ڪندڙ قيادت ڪٿان اچي؟
ٻي مهاڀاري جنگ جي خاتمي تي اتحادي فوجن جي ڪاميابيءَ جو گهڻي ڀاڱي ڪريڊٽ برطانيا جي تڏهوڪي وزير اعظم ونسٽن چرچل کي ڏنو پئي ويو پر جنگ جي خاتمي کانپوءِ برطانيه ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ برٽش قوم ونسٽن چرچل کي هارائي ڇڏيو ۽ انگريز قوم جي اهڙي فيصلي جي اُن مهل تشريح اها ڪئي وئي ته انگريز قوم کي جنگ دوران برطانيا جي قيادت ڪرڻ لاءِ چرچل جهڙي ليڊر جي ضرورت هئي پر امن جي ڏينهن ۾ کين چرچل جي قيادت گهربل نه هئي. سو مٿي ڪيل سڄي بحث مان حاصل مطلب اهو ڪڍي پيو سگهجي ته ڪنهن قوم جي اجتماعي ذهانت يا فهم جو ماپو وقت ۽ حالات موجب پنهنجي قيادت جي انتخاب مان لڳائي سگهجي ٿو ۽ ان قوم ۽ سماج جي بدحالي يا خوشحالي جو ڪارڻ به جاگرافي يا موسم يا خصلتن مان ڳولهڻ بدران ان نقطي جي چوطرف ڳولهڻ گهرجي ته هن قوم يا سماج ڪهڙي قيادت جي چونڊ ڪئي. مصر جي التحرير چوڪ تي گڏ ٿيندڙ اشتهاري ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ 24 سالن جي ناري نوحا حاميد پنهنجي پيغام ۾ لکيو هو ته، ”اسان ڪرپشن، ڏاڍ ۽ خراب تعليم کي ڀوڳي رهيا آهيون، اسان هڪ ڪرپٽ نظام ۾ زندگي گهاري رهيا آهيون، جيڪا هاڻ تبديل ٿيڻ گهرجي.“ اسان جي سماج ۾ به لکين، ڪروڙين ماڻهن جي خواهش آهي ته فرسوده ڪرپٽ نظام ۾ تبديلي اچي پر فرق اهو آهي ته مصر جي نوحا، ۽ ان جهڙين لکين عورتن ۽ مردن صرف خواهش جو اظهار نه ڪيو، بلڪه نظام جي تبديلي لاءِ هو عملي طور ميدان ۾ لٿا ۽ اڄ مصر نه صرف حسني مبارڪ جي جبر واري دور مان ٻاهر نڪتل آهي، بلڪه مصر جي سياست تي مصر جي فوج جي تسلط واري جهان جي به پڄاڻي آڻي رهيا آهن. سو تبديلي آڻڻ لاءِ باصلاحيت ۽ ايماندار قيادت ڪندڙ مئنجيمنٽ ڪندڙن جي ضرورت هجي ٿي پر انهن کي اڳتي آڻڻ جي ذميواري قوم مٿان هجي ٿي. سو ڏسڻو اهو آهي ته اسانجي سماج ۾ ماڻهو ان ڏس ۾ عملي ڪردار ڪڏهن ادا ڪندا.

ڇنڇر 15 سيپٽمبر 2012ع

پيپلز اسيمبلي ۽ سنڌ سان وفاداريءَ جو حلف

”آئون حلف ٿو کڻان ته جيڪر تڪ جي ماڻهن مون کي ووٽ ڏئي ايم پي اي طور ڪامياب ڪيو ته آئون،
(1) سنڌ جي وحدت خلاف سڌي سازش يا ٻن انتظامي نظامن ذريعي اڻ اعلانيل ورهاڱي جي مخالفت ڪندس. (2) ڪراچيءَ جو اصلوڪو نالو ڪلاچي بحال ڪرائڻ لاءِ اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ پيش ڪندس/حمايت ڪندس.
(3) ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن ۾ سنڌ جي ٻين علائقن جي شاگردن جي داخلا لاءِ قانون سازيءَ جي حمايت ڪندس. (4) سرڪاري نوڪرين جي ڪوٽا اسيمبلي ميمبرن کي ڏيڻ ۽ ميمبرن پاران پنهنجن کي يا ڏوڪڙن عيوض نوڪريون ڏيڻ واري روايت جي مخالفت ڪندس، ته جيئن نوجوانن کي نوڪريون ميرٽ تي ملن. (5) تڪ ۾ ترقياتي ڪمن ۾ پنهنجي، پرائي جو متڀيد نه ڪندس ۽ انهن ڪمن جي ٺيڪن ۽ ٻين معاملن ۾ مداخلت نه ڪندس. (6) پوليس کاتي ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ قانونسازيءَ لاءِ اسيمبليءَ ۾ بل پيش ڪندس/ان جي حمايت ڪندس.
(7) نه صرف پنهنجي تڪ، بلڪه سڄي صوبي ۾ تعليم ۽ صحت جو معيار بهتر ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندس. (8) برادرين جي نالي ۾ جاري قتل و غارتگري ختم ڪرائڻ لاءِ حڪومت تي زور ڀريندس. (9) خانگي طور هلندڙ وياج خوريءَ جي سرشتي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندس. (10) ڪنهن به ڏوهاريءَ جي پٺ ڀرائي نه ڪندس ۽ ڏوهن جي جهان کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت تي دٻاءُ وجهندس. آئون وچن ٿو ڪريان ته صوبي ۾ سٺي ۽ انصاف ڀرئي حڪمراني قائم ڪرڻ لاءِ عمل ڪندڙن جو ساٿ ڏيندس ۽ اگر آئون ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي ان حلف/وچن کان ڦري وڃان ته مون تي لازم هوندو ته آئون اسيمبليءَ جي ميمبريءَ تان استعيفا ڏئي ڇڏيان. اهو حلف آئون تڪ جي پيپلز اسيمبليءَ آڏو پنهنجي هوش ۽ حواس ۾ کڻان ٿو.“
ٿورو تصور ڪريو ته اگر اهڙي نوعيت جو حلف اسان جي مختلف چونڊ تڪن جا اميدوار چونڊن کان اڳ تڪ سطح تي جڙيل پيپلز اسيمبلين جي آڏو کڻي چونڊجي اچن ته ڇا سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪا اهڙي قانون سازي ٿيڻ ممڪن هوندي، جنهن سان سنڌ جي وحدت يا مفادن کي نقصان رسي سگهي؟ يقينن نه، ڇاڪاڻ ته اهڙو حلف رڳو خانه پوري نه هوندي، ڇاڪاڻ ته اگر تڪ جي ٽن هزار ماڻهن تي ٻڌل پيپلز اسيمبلي، جيڪا پنهنجي اميدوار جي چونڊ ڪري کيس عام چونڊن ۾ ڪامياب ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ته ان اسيمبليءَ آڏو کنيل حلف کان ڦرڻ ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ ذري گهٽ ناممڪن هوندو، ڇاڪاڻ ته وري کيس تڪ ۾ به اچڻو هوندو. جتي تڪ جي پيپلز اسيمبليءَ جا ميمبر ان سان گهٽ نه ڪندا. اصل قوت آهي گڏجڻ ۾ پر ان ۾ به باريڪي اها آهي ته اسان ڪنهن خيال يا جذبي سان سلهاڙجي يا گڏجي وڃون ٿا پر ان لاءِ گڏجي ڪو عملي قدم نٿا کڻون، بلڪه اڪثر گهر ويٺي ان جي حمايت يا مخالفت ڪئي ويندي آهي، بجاءِ پنهنجي پتيءَ جو عملي ڪم ڪرڻ جي. سو ساڳئي طرح ايم پي اي جي تڪ جي لڳ ڀڳ ڏيڍ لک ووٽرن مان اڪثريت ڏهاڪن کان هلندڙ ڀوتارڪي سياسي ڪلچر کان بيزار آهي، پر ان ڏيڍ لک مان صرف ٽي هزار ماڻهن جي گڏجي پيپلز اسيمبلي ٺاهي وٺڻ وارو تصور اسان کي بنهه مشڪل ٿو لڳي، ڇاڪاڻ ته هر ڪو چاهي ٿو ته تبديلي اچي ضرور پر ان لاءِ عملي قدم ڪو ٻيو کڻي. پر جيئن مٿي عرض ڪري آيس ته جيستائين گڏيل عمل لاءِ ماڻهو تيار نٿا ٿين، تيستائين صرف ڪنهن خيال يا خواهش سان سهمت هجڻ سان ڪا تبديلي نه ايندي.
مون کي ياد آهي ته جڏهن ڏهه، يارنهن مهينا اڳ ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين سوين ڳوٺن ۽ شهرن ۾ سنڌ جي خوشحالي، سنڌ جي ماڻهن کان ئي گهرڻ لاءِ جهول جهلي نڪتو هئس ته ڪنهن دوست مون کان پڇيو ته، ”جهر جهنگ وڃي ماڻهن جي محبت ۽ تبديليءَ جي لاءِ جذبو ڏسي ورتو اٿوَ، هاڻ کين هڪ ڏينهن ڀٽ شاهه تي گڏجڻ جو ڇو پيا سڏ ڏيو؟“ موٽ ۾ چيومانس ته، ”حقيقي تبديلي آڻڻ لاءِ صرف تڙپ يا خواهش ڪافي ناهي هوندي، بلڪه تبديلي آڻڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ جي حوصلي جي ضرورت هجي ٿي. سو ڏسڻو اهو آهي ته پنهنجي ڳوٺ يا شهر ۾ ويهي تبديليءَ جي خواهش رکندڙ پهريون عملي قدم کڻندي ڀٽ شاهه تي وڏي انگ ۾ جمع ٿين ٿا يا نه، ڇاڪاڻ ته ڀٽ شاهه تي پهچڻ ڪو اهڙو ڏکيو يا ناممڪن ڪم نه آهي پر بهرحال اهو هڪ عملي قدم ضرور آهي.“
مون کي اهو به ياد آهي ته جڏهن ڀٽ شاهه تي 22 جنوري جي جلسي لاءِ گرائونڊ جي چونڊ ڪري رهيا هئاسين ته اڪثر ساٿين جي صلاح هئي ته اهو جلسو ملاکڙا گرائونڊ ۾ ڪجي، جنهن ۾ اڪثر جلسا ٿيندا آهن پر جڏهن ان گرائونڊ جي ماپ ڪرائي وئي ته خبر پئي ته ان ميدان ۾ ڇڪي ٻڌجي ته به 35 هزار ماڻهو اچي سگهن ٿا، ان کان وڌيڪ نه. سو هڪ ٻئي خالي ميدان جي چونڊ ڪئي وئي، جنهن ۾ ٽي لک کان وڌيڪ ماڻهو اچي پئي سگهيا. منهنجي اڪثر ساٿين کي ايڏي وڏي ميدان جي چونڊ تي اعتراض هو ۽ سندن چوڻ هو ته ان ۾ 50 يا 70 هزار ماڻهو به تمام ٿورا نظر ايندا ۽ جلسي جي ناڪاميءَ جو تاثر اڀرندو پر منهنجو اصرار اهو هو ته مون کي ڪنهن تاثر يا طنز يا تنقيد کان وڌيڪ حقيقت ڄاڻڻ جو فڪر آهي ته آخر سنڌ ۾ اهي ڪيترا ماڻهو آهن، جيڪي تبديليءَ جي خواب جي ساڀيان لاءِ پنهنجي خرچ ۽ پنهنجي خوشيءَ سان پنڌ ڪري اتي اچن ٿا. هڪ صحافي دوست سوال ڪيو هو ته، ”ٽي لک ماڻهن جو پنهنجي خرچ تي هڪ هنڌ گڏجڻ ته هڪ اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي، آخر توهان پنهنجو ٽارگيٽ ايڏو وڏو ڇو رکيو آهي؟“ موٽ ۾ چيومانس ته سنڌ ۾ اگر سنڌين جو انگ گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڪروڙ آهي ته ڇا ان آباديءَ جي هڪ سيڪڙو يعني ٽي لک ماڻهن جو هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ جي سوچ ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه چئبي ۽ ٻي ڳالهه تي پاڻ ڏهاڪن کان مضبوط ٿيل ڀوتارڪي نظام کي ووٽ ذريعي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪريون ٿا، سو اگر ٽي لک ماڻهو سيڙجي ڀٽ شاهه تي آيا ته يقينن پوءِ اهي هڪ محور ۾ جڙجي ويندا ۽ اهو محور انهن ٽن لکن ماڻهن جي سگهه کي ايندڙ چونڊن ۾ ٽيهه لک ووٽرن جي صورت ڏئي سگهندو. آئون اڄ به ان خيال جو آهيان ته اگر ڀٽ شاهه تي ٽي لک ماڻهو پنهنجي گڏيل سگهه جو مظاهرو ڪن ها ته ان طاقت کي تبديلي آڻڻ لاءِ ڪير به روڪي نه سگهي ها.
تازو سنڌ اسيمبليءَ مان لوڪل باڊيز واري تڪراري بل پاس ٿيڻ کانپوءِ سياسي محاذ تي پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم هڪ پاسي، ته فنڪشنل ليگ، نواز ليگ، اين پي پي ۽ سنڌ بچايو ڪميٽي وارا ٻئي پاسي بيٺل آهن ۽ سخت گرما گرميءَ واري ماحول جو انت عام چونڊن واري ڏينهن تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي، (پر ان وچ ۾ حڪومت جي پنهنجن پراڻن اتحادين سان ٻيهر مفاهمت ٿي وئي ته خدا خبر) ظاهري طرح پي پي جو موڊ ڪجهه هن ريت لڳي پيو ته اها هڙتالن ۽ مظاهرن کان وڌيڪ متاثر نه ٿي آهي، تنهن ڪري سردست اها بل واپس وٺڻ جو ڪو به ارادو نٿي رکي ۽ پي پي جو خيال آهي ته اگر ان بل سان سندس پاپولر اميج کي ڪو ڌڪ رسيو به آهي ته ان سان عام چونڊن تي ڪو اثر نه پوندو، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ اليڪشني سياست ۾ سندن ڪو به متبادل ڪونهي. پي پي جي قيادت ان خيال جي آهي ته اگر چونڊن ۾ ٿورو گهڻو فرق پيو به ته ايم ڪيو ايم ۽ پي پي وري به گڏجي سنڌ ۾ حڪومت ٺاهي وٺندا. پي پي جي اهڙي تجزيي جو بنياد اليڪشني سياست جي تاريخ تي ٻڌل آهي، ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ فنڪشنل ليگ يا اين پي پي وغيره ڪجهه ضلعن ۽ تڪن تائين محدود رهيون آهن ۽ کين پنهنجي سر ڪا وڏي ڪاميابي ڪڏهن به ناهي ملي. ساڳي ريت قومپرستن به قومپرستيءَ جي نالي ۾ ڪڏهن ڪا سيٽ ناهي کٽي پر ڏسڻو اهو آهي ته پنجن ڇهن مهينن کانپوءِ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ به تاريخ ورجائبي يا سنڌ ۾ بل مخالفت ۾ گڏ ٿيل ڌريون ڪو چونڊ اتحاد ٺاهي هڪ پليٽ فارم تان چونڊ وڙهنديون ۽ اگر اهي گڏجي چونڊ وڙهيا، تڏهن به مختلف الخيال اهي ڌريون مخصوص اليڪشني سياست ۾ پي پي کي ڪيترو ڌڪ رسائي سگهنديون؟ باقي اگر هن تڪراري بل جي واپسيءَ جو معاملو ڏسجي ته مون کي نٿو لڳي ته هلندڙ احتجاج يا ايس ايم ايس مهم وغيره سان پي پي حڪومت اهو بل واپس وٺندي. بلڪه منهنجو خيال ساڳيو ئي آهي ته جيستائين ماڻهن جو وڏو انگ هڪ هنڌ گڏجي عمل جي ميدان ۾ نه لهندو، تيستائين ڪجهه ٿيڻ ڏکيو ٿو لڳي. ڇا منهنجي ان ڳالهه کان ڪير انڪار ڪندو ته اگر پورو هڪ لک ماڻهو انتهائي پرامن انداز ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪنهن هڪ هنڌ گڏ ٿي هڪ آواز ٿي چون ته کين اهو بل منظور ناهي ته ان عوامي دٻاءُ آڏو ڪنهن جو ضد هلي سگهندو؟ پر شرط اهو آهي ته ماڻهن جو انگ واقعي به هڪ لک هجي، نه ڪي پنج اٺ هزار ماڻهن کي لکين ماڻهو چوڻ واري سياسي روش. سو سوال اهو آهي ته ڇا هڪ سئو هزار يعني هڪ لک ماڻهو ڪراچيءَ ۾ ڪنهن هڪ هنڌ، ڪا سياسي ڌر آڻي سگهي ٿي؟ ان جو جواب آئون ”ها“ يا ”نه“ ۾ ڏيڻ بدران اهو ڏيڻ بهتر سمجهندس ته هڪ سئو هزار يعني هڪ لک کان تمام گهڻا سنڌي ماڻهو ٻيو ته ٺهيو صرف ڪراچيءَ ۾ رهن ٿا ۽ هو اگر چاهين ته اهڙو عمل ڪري به سگهن ٿا پر هو ائين ڪرڻ چاهين ٿا يا نه، اها سندن مرضي. اسان وٽ ماڻهن جي گڏجڻ واري صلاح تي هميشه اهو سوال اٿاريو وڃي ٿو ته جيستائين اڳواڻي ڪندڙ سامهون نه ايندو، تيستائين ماڻهو پاڻمرادو ڪيئن نڪرندا؟ ان سوال جي جواب طور اگر سياسي ميدان ۾ اڳ ۾ ئي موجود ڪيترن ئي اڳواڻن جو حوالو ڏجي ٿو ته ماڻهن جي گهڻائي انهن بابت پنهنجن مختلف تحفظات جو اظهار ڪري ٿي پر ڪو به منڌل سُٽ کي کولڻ وارو ڏس نٿو ڏي ته پوءِ نيٺ ڇا ٿئي؟ جيتوڻيڪ آئون ان راءِ سان مڪمل طور سهمت ناهيان ته ڪنهن اڳواڻ کانسواءِ خلقِ خدا پاڻمرادو عمل جي ميدان ۾ نٿي نڪري سگهي ۽ ان ڏس ۾ مصر جي التحرير چوڪ تي لکين ماڻهن جو بنا اڳواڻ جي گڏ ٿيڻ واري مثال کان پاسو ڪندي خود سنڌي سماج ۾ ٿيل تازن ٽن اهم واقعن جو ذڪر ڪندس، جنهن ۾ لکين ماڻهن جو عمل بنا ڪنهن ليڊر جي پاڻ کي ٿيندي نظر آيو. پهريون واقعو پاڻ 27 ڊسمبر 2007ع تي محترما بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ ٿيل رد عمل جي صورت ۾ ڏٺو. ان ڏينهن جي عوامي ڪاوڙ جي اڳواڻي ڪير ڪري رهيو هو؟ پر سال کانپوءِ 6 ڊسمبر تي ايڪتا جي ڏهاڙي ته سڄي سنڌ محبت، ٽهڪن ۽ خوشين سان ٽمٽار ٿيل نظر آئي. ان ڏينهن لکين مرد، عورتون ۽ ٻار جهمريون پائيندي گهران نڪري آيا. اُن عوامي Jubilation (جشن) جي اڳواڻي ڪير ڪري رهيو هو؟ وري سنڌو درياءَ سان محبت واري ڏهاڙي تي لکين ماڻهو درياءَ جي پيٽ ۾ اچي بيٺا. ڇا اُنهن لکين ماڻهن کي ڪير اڳواڻي ڪري اتي وٺي آيو هو؟ پاڻ سڀني کي خبر آهي ته اِنهن ٽنهي موقعن تي لکين ماڻهن جي اڳواڻي سندن جذبو ۽ ڪجهه ڪري گذرڻ جو حوصلو ڪري رهيو هو.
سماجيات جي شعبي سان واڳيل همراهن جو چوڻ آهي ته جڏهن ڪنهن حادثي، واقعي يا عمل تي مجموعي طور سماج کي شديد ڏک رسي ٿو يا انتهائي خوشي ٿئي ٿي ته اهو ڪنهن جي سڏ يا اڳواڻيءَ جو انتظار ڪرڻ کانسواءِ پنهنجو رد عمل ظاهر ڪري ٿو. منهنجو خيال آهي ته سماج سان هڪ تسلسل ۾ ٿيل بي واجبين کي وقت گذرڻ سان گڏ سماج ۾ ڪاوڙ شدت اختيار ڪندي ويندي آهي ۽ پوءِ ڪو هڪ واقعو يا ڳالهه چڻنگ وانگر سماج ۾موجود خاموش ڪاوڙ کي زبان ڏئي ڇڏيندي آهي ۽ عام ماڻهو بنا ڪنهن ليڊر جي پاڻ عمل جي ميدان ۾ نڪريو اچي ۽ اگر اُها صورتحال انارڪي ڏي نه وڃي ته پوءِ ان پراسس ۾ عوام جي نئين ليڊر شپ اڀري اچي ٿي. ...... سنڌ جون حالتون ڪيڏانهن وڃن پيون، جيڪو ڪجهه ٿئي پيو ۽ جيڪو ڪجهه ٿيڻ وڃي پيو، آئون اُن بابت ڪوبه ڳورو تجزيو ڪرڻ نٿو چاهيان، ڇاڪاڻ ته جيڪو ڪجهه اڄ ٿي رهيو آهي، اهو ڪجهه سال اڳ ۾ ئي صاف نظر آيو پئي ۽ جيڪو ڪجهه سڀاڻي ٿيڻ وارو آهي، اهو اڄ صاف نظر اچي پيو. سو اها صورتحال ان ڳالهه جي گهرجائو آهي ته، ماڻهو پيپلز اسيمبليون ٺاهي پنهنجن نمائندن کان سنڌ سان وفا جو حلف وٺن يا ٻي ڪنهن حڪمت عمليءَ ذريعي تحرڪ وٺن، نه ته دعا جو در ته هر وقت کليل هجي ٿو ته، ”يا خدا سنڌ تي پنهنجي ٻاجهه فرماءِ! (آمين) “.

جمع 12 آڪٽوبر 2012ع

کبیرا کھڑا بجار میں لیے

کبیرا کھڑا بجار میں لیے لو کاٹھی ہاتھ
گھر بارے جو اپنا ، چلے ہمارے ساتھ

اڳوڻن وقتن ۾ جڏهن ڪو ماڻهو سفر لاءِ روانو ٿيندو هو ته پنهنجي هٿ ۾ لٺ ضرور کڻندو هو، جيئن سفر دوران ڪنهن جانور، نانگ وغيره کان پاڻ کي محفوظ رکي سگهي. مٿي ڏنل بيتَ ۾ ڀڳت ڪبير چئي ٿو ته، آئون لٺ جھليو سفر لاءِ تيار بيٺو آهيان. اگر ڪو ٻيو به پنهنجو گهر ڇڏي ته ڀلي مون سان گڏ هلي. اتي گهر ڇڏڻ مان مُراد پنهنجو گهر ۽ گهر وارا ڇڏڻ ناهي، بلڪه ڪبير چئي ٿو ته، نئين سفر تي هلڻ لاءِ پنهنجي ذاتي مفادن کي ڇڏڻو پوندو. سماجَ ۾ حقيقي تبديلي آڻڻ واري سفر تي نڪرڻ کان اڳ پنهنجن پراڻن خيالن، سوچن جي روايتي سياسي اندازَ، ”ڪُجهه نٿو ٿي سگهي“ جو خوف وغيره، سڀ کي ”خير باد“ چوڻو پوندو، نئين سفر مان مُراد ان منزل طرف وڌڻ آهي، جتي تبديلي اسان جو انتظار پئي ڪري.